Tuesday, August 9, 2016

مسئلن جا انبار ۽ نئون وڏو وزير


سيما عباسي
منهنجي سنڌ تنهنجا گنهگار آهيون
تنهنجي ساڳي ڌرتيءَ جي ڏُتڙيل ڪهاڻي
تنهنجو چهرو خاموش اجڙيل ڪو منظر
نه ئي سينڌ تنهنجي سنواري سگهياسين
ها تنهنجا اسان سڀ خطاوار آهيون
منهنجي سنڌ تنهنجا گنهگار آهيون
اهي ٿر جا واسي پڪارن پيا ٿا
ڏُڪر جا ڏتاڙيل روئارن پيا ٿا
نه تن جي ڦٽن تي ڪي مرهمَ رکياسين
لڳي ٿو انهن جا سزاوار آهيون
منهنجي سنڌ تنهنجا گنهگار آهيون
هي دهشت جو راڪاس ڳڙڪائي پيو ٿو
اکيون ڀينرن جون هو روئاري پيو ٿو
منهنجي سنڌ توسان وچن ڪي ڪيا سين
نه پاڙي سگهياسين شرمسار آهيون
منهنجي سنڌ تنهنجا گنهگار آهيون.
(س.ع)
نئون وزير اعليٰ مراد علي شاهه جڏهن بارشن جي ”بيٺل پاڻيءَ“ تي صفائيءَ جا احڪامات ڏيندي ٽي.وي تي نظر آيو ته چپن تي هڪ تلخ مرڪ تري آئي، سوچيو سين هن ”بيٺل پاڻيءَ“ کان وڌيڪ حل طلب منجهل مسئلن جا انبار وڏي وزير جا اڃان اڳتي منتظر آهن جن کي حل ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.
سائين جن کي ضرور آگاهي هوندي ته سنڌ جي سرڪاري ادارن کي ڪرپشن جي اڏوهي کائي کوکلو ڪري چڪي آهي، انهن کي بخوبي تعليمي تباهي جي به خبر هوندي ۽ سنڌ جي خراب امن امان واري صورتحال پڻ انهن کان ڳجهي ڪونه آهي، بحرحال جيڪڏهن ڪجھه مسئلا سائين جن کان ڳجها به آهن ته اسان انهن کي آگاهي ڏياري ٿا وٺون.
سنڌ ۾ ٽرئفڪ جو نظام آئي ڏينهن جڳهه جڳهه تي بلاڪ ٿي احتجاج رڪارڊ ڪرائيندو رهيو آهي، اهو مسئلو ڪنهن سنجيده حل جو گهرجائو آهي، روزانو اخبارن ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون انسانيت سوز خبرون پڙهجن ٿيون جن ۾ قبيلائي جهيڙن جي ڪري معصوم عورتون ذاتي دشمنين جي ور چڙهي، روايتي رسمن جي آڙ ۾ ظلم جو نشانو بڻجن ٿيون. قبائلي جهيڙن سنڌ جي سالميت کي ڪاري ضرب لڳائيندي ڪيتريون ئي جانيون ڳڙڪائي ڇڏيون آهن. ان مسئلي تي پڻ کين فهم فراست وارا قانوني قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هتان جي تعليمي نظام جي تباهي کان سڀئي واقف آهيون، سنڌ جي فرسوده نصابي  سرشتي کي نئين سر ترتيب ڏئي ڪاپي ڪلچر جي ناسور کي ختم ڪرڻ پڻ وقت جي تقاضا آهي ڇو ته ڪاپي ڪلچر جو سڀ کان وڏو نقصان اهو ٿيو آهي ته سفارشي ۽ گهٽ صلاحيتن وارا ماڻهو با صلاحيت ماڻهن جي مقابلي ۾ وڏن وڏن ادارن ۾ ويهاريا ٿا وڃن ۽ پوءِ نتيجو اهو نڪري ٿو ته ادارا اسرڻ بدران ڊهڻ جي سفر ڏي روان دوان ٿي وڃن ٿا.
وڏي وزير لاءِ مهانگائي ۽ بيروزگاري به تمام وڏو چئلينج آهي، جن سنڌ جون معاشي حالتون زبون حال ڪري ڇڏيون آهن. سائين جن جي تبديليءَ ڏي بجليءَ جو شاٽ فال پڻ واجهائي رهيو آهي، جنهن صنعتن کي نقصان پهچائڻ سان گڏو گڏ عام ماڻهن جي همٿن کي پڻ هيڻو ڪري ڇڏيو آهي. مزي جي ڳالهه وري اها ته لوڊ شيڊنگ ۾ جيترو جيترو اضافو ٿي رهيو آهي، بجلي جي بلن ۾ ان کان وڌيڪ اضافو ڏسجڻ ۾ آيو آهي، نتيجي طور اهي ماڻهو جيڪي باقائدگيءَ سان ماهوار بلن جي ادائيگي جا عادي رهيا آهن اهي پنهنجي نقصان کي مدِ نظر رکي ڪُنڍي سسٽم ۽ سولر سسٽم ڏي راغب ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن.
ٻين مسئلن ۾ اسان جيڪڏهن صحت جي ڳالهه ڪيون ته ٻهراڙي ۾ جيڪي ٿوريون ٿڪيون اسپتالون ٺاهيون ويون آهن انهن ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي اڻهوند صحت جي مسئلن کي حل ٿيڻ کان روڪي رهي آهي، شهرن جي سرڪاري اسپتالن سان گڏو گڏ ڳوٺن جي اسپتالن کي پڻ سڌارڻ جي سخت ضرورت آهي. 2010 واري ٻوڏ ۾ تباهه ٿيل روڊن رستن جي ڏتڙيل حالت به نئين سري سان ٺهڻ جي اميد کڻي وڏي وزير جي نظرِ ڪرم ڏي واجهائي رهي آهي.
ٿر جون بدحال زندگيون پڻ سالن کان موت جي ظالم هٿن سان مهاڏو اٽڪائيندي ڪنهن معجزاتي تبديليءَ جون منتظر آهن. سنڌي ٻولي تعليمي ادارن ۾ رائج ڪرڻ لاءِ اڳوڻي وزير اعليٰ ٺلهيون ڳالهيون ڪري جان ڇڏائي هاڻي تبديل ٿيل وزير اعليٰ مان  عوام ان معاملي ۾ به توقع رکي ٿو ته سنڌي ٻولي سنڌ جي هر تعليمي اداري ۾ لازمي مضمون طور پهرين درجي کان رائج ڪرائڻ لاءِ ڪو سگهارو قانون منظور ڪرايو ويندو.
بحرحال سنڌ انيڪ مسئلن جي ڄار منجهھ ڦاٿل آهي جنهن تي روايتي انداز ۾ هلندي غير سنجيدگي سان مسئلن کي حل ڪرڻ جي بجاءِ مستقل بنيادن تي اهميت ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي، جيڪي يقينن برسات جي ان ”بيٺل پاڻيءَ“ کان وڌيڪ سنجيدگيءَ جا متقاضي آهن ڇو ته نفسا نفسي ۽ بيچيني واري هلندڙ هن دور ۾ ماڻهو پنهنجون ڏتڙيل حالتون ڏسي ڪنهن به امڪاني تبديليءَ کان ڄڻ ته لا تعلق ٿي نهايت مايوسي ۾ زندگي گذاري رهيا آهن ۽ اهڙي تڪليف ده صورتحال ۾ نئين وزير اعليٰ جي ”تبديلي“ اچڻ وارن ڏينهن ۾ جيڪڏهن حقيقي تبديلي آڻي ڏيکاريندي ته يقينن سنڌ جي مايوس عوام جون اميدون هڪ دفعو ٻيهر مرڪي پونديون.
(روزاني عوامي آواز)


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو