Friday, May 13, 2016

وال پيپر ؛ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه به اميدن تي پورو نه لٿو!

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه به اميدن تي پورو نه لٿو!
شهناز شيخ

سنڌ ۾ لا قانونيت عروج تي آهي . توهان سنڌ جي ڪنهن به ننڍي وڏي شهر ۾ ڏسندئو ته بد امني عروج تي آهي . ڪاروڪاري ۽ قبيلائي تڪرار ، عورتن توڙي معصوم ٻارڙن سان زيادتين جا واقعا هر روز رپورٽ ٿي رهيا آهن . آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه جڏهن آءِ جي چارج ورتي هئي ته سنڌ جي عوام ۾ اميد جاڳي هئي ته اي ڊي خواجه بد امني تي ضابطو آڻيندو پوليس ۾ سڌارو آڻيندو . پر اي ڊي خواجه آءِ جي ٿيڻ کان پوءِ ڄڻ ته پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون آهن . فضيلا سرڪي جي امڙ کي ان ڏينهن آسرو ٿيو هيو جنهن ڏينهن اي ڊي خواجه سنڌ جو آءِ جي مقرر ٿيو هيو ۽ هن کي پڪ ٿي هئي ته اي ڊي خواجه منهنجي ڌيءَ فضيلا سرڪي کي بازياب ڪرائي ڏيندو پر شايد فضيلا سرڪي اغوا ۾ حڪمران ڌر 
 جا ماڻهون ملوث هجڻ جي ڪري انهن جي اڳيان بيوس بڻيل آهي . ۽ فضيلا جي امڙ سڪينا به آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه مان پنهنجون اميدون لاهي ويٺي آهي . ڪجهه ڏينهن کان اخبارن ۾ آيل اها معصوم ٻارڙي جي تصوير جنهن ۾ معصوم ٻارڙي جو لاش ڪمند جي فصل ۾ پيل آهي . ۽ اها تصوير هر دل ۾ رکندڙ جنهن به انسان ڏٺي هوندي ان کي تڪليف ٿي هوندي . ۽ افسوس ٿي رهيو آهي .
امن جي ڌرتي سنڌ ۾ اهڙا لڱ ڪانڊاريندڙ واقعا ٿي رهيا آهن . پر پوءِ به انهن واقعن کي ڪو روڪڻ وارو نه آهي . سنڌ جي اڪثر شهرن توڙي ٻاهراڻين ۾ کوڙ اهڙا واقعا ٿي رهيا آهن . جنهن جي ٻڌڻ توڙي ڏسڻ سان تڪليف ٿي رهي آهي . پر افسوس ٿئي ٿو . ته سنڌ جي پوليس ڇو پنهنجو اکيون بند ڪري ويٺل آهي . هونءَ به سنڌ ۾ پوليس گردي رهي آهي . پوليس وڏيرن ۽ سياسي ماڻهن جي ڪمداري ڪندي ڪيترا ئي اهڙا غلط عمل ڪيا آهن . جن سان قانون مذاق بڻيو آهي سنڌ جو ماڻهون پوليس مان بيزار هوندو هيو . ڪڏهن به پوليس مان انصاف جي اميد نه رکندو هيو پر اي ڊي خواجه جي اچڻ کان پوءِ ڪجهه اميد پيدا ٿي هئي اها به وقت سان ختم ٿي وئي آهي.

 http://sindhsujag.blogspot.com 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو