Friday, July 1, 2016

لـطـيـــــف ؒ جـــــــي لات ؛ توڻي ڪُسَنِ ڪاتِ، ته به ساڳِي سَلَنِ ڪينَ ڪِي.


جي ڀائِين پِرِينءَ مِڙان، ته سِکُ چوران ڪِي ڌاتِ؛
جاڳَڻُ  جَشَنُ  جن کي،   سُکُ    نه      ساري     راتِ؛
اُجِھي   ٻُجِھي    آئيا،    وائي    ڪَنِ    نه         واتِ؛
سَلي    سُوريءَ    چاڙهيا،      بيان     ڪَنِ   نه باتِ؛
توڻي
ڪُسَنِ  ڪاتِ،  ته  به ساڳِي  سَلَنِ  ڪينَ ڪِي.
جي چاهين ته پرينءسان ملان ته چورن جي روش سک،جن کي جاڳڻ ۾ مزوآهي ۽ سڄي رات نٿا سمهن.ڄاڻي ٻجھي به زبان سان حرف نٿا ڪڇن.هڪٻئي سان سلهاڙجيو وڃيو سورن ۾ پون پر ڳالهه نٿا ڪن.ڪسجيو وڃن پر اصل حقيقيت نٿا ٻڌائين!

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو