Tuesday, August 9, 2016

سنڌ حڪومت جي نِڙيءَ ۾ اٽڪيل ڪَنڊو


اثر امام
رينجرز کي اختيار ڏجن يا نه؟ ڪهڙا ۽ ڪيترا اختيار ڏيڻ گھرجن؟ ڇا ڪرڻ گهرجي جو رينجرز وڃي اسان جي دشمنن جي ڳچيءَ ۾ پوي پر اسان جي دوستن کي هٿ نه لائي؟ ڪهڙيءَ ريت رينجرز منجهان جانِ آجي ڪرائجي؟ وغيره اهڙا سوال آهن جيڪي سنڌ حڪومت جي پريشانيءَ جو فوري سبب بڻيل آهن. حقيقت اها آهي ته اها پريشاني هاڻي ايتري شديد ٿي وئي آهي جو ان کي سنڌ جي موجوده يا ماضي قريب واري حڪومت جي مرڻ جيئڻ جو مسئلو چئجي تڏهن به ڪو وڌاءُ نه ٿيندو.
ان تي تمام گھڻو لکيو ۽ ڳالهايو ويو آهي ته سنڌ اندر وڏي وزير جي تبديليءَ جا ڪهڙا نتيجا نڪرندا؟ يا ڪهڙيون بهتريون نظر اينديون؟ برطانيا جي ميڊيا ڊيوڊ ڪيمرون جي استعفا تي ايترو بحث نه ڪيو هئو. ٽي. وي. چينلن پنهنجو ايئر ٽائيم ان مسئلي تي ڳالهائيندي ۽ بحث ڪندي نه گذاريو هئو جيترو اسان وٽ وڏي وزير جي تبديليءَ جي خبر جاءِ والاري آهي. آئون نه ڪي قنوطي ۽ نه وري هروڀرو پُراميد رهڻ وارن منجهان آهيان. ان ڪري آئون ان تبديليءَ تي گھڻو لکڻ به نه ٿو چاهيان. منهنجي خيال ۾ سنڌ جي نئين وڏي وزير ۾ ڪي گھڻيون اميدون نه رکڻ گھرجن. ڇاڪاڻ ته پراڻي نظام ۽ پراڻي مشينريءَ هوندي نوان ماڻهو (ڀل اهي ڪيترا به خوبصورت، ذهين، اعلى تعليم يافتا وغيره وغيره ڇو نه هجن) ڪو خاص ٻُوٽو نه ٻاري سگهندا آهن. ڇو ته پراڻو نظام ۽ مشينري کين ڪي مخصوص حدون طئي ڪري ڏيندي آهي جن کي اورانگهڻ انهن خوبصورت ماڻهن جي لاءِ به زندگي ۽ موت جو سوال بڻجي ويندو آهي.
ها پر اهو سوال ضرور اهم آهي ته پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ جو وڏو وزير تبديل ڪرڻ جي ضرورت پيش ڇو آئي؟ ڇا پراڻي وڏي وزير جي ڪارڪردگي ٺيڪ نه هئي؟ پر اها ته 2008 کان ئي ائين هئي! ڇا ان ڪري جو پراڻي وڏي وزير جي صحت ٺيڪ نه هئي؟ پر اها ته 2008 کان ائين ئي هئي. ته پوءِ نيٺ ڇا ٿيو جنهن ڪري پيپلز پارٽيءَ جي قيادت کي اهو فيصلو ڪرڻو پيو ته سنڌ ۾ وڏي وزير کي تبديل ڪيو وڃي؟
توهان کي اسد کرل نالي همراهه جي گرفتاريءَ لاءِ رينجرز جي پهرين ڪوشش ته ياد هوندي؟ جنهن ۾ کيس ڪاميابي نه ملي سگهي هئي. اخبارن ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا واضح طور تي لکيو هئو ته اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿيو هئو جو طارق سيال نالي همراهه پنهنجا هٿياربند ماڻهو وٺي رينجرز جي منصوبي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو هئو. طارق سيال سنڌ جي اڳوڻي گھرو وزير (جيڪو هاڻي پوکي راهيءَ جو وزير آهي) جناب سهيل انور سيال جو نيڪ بخت ڀاءُ آهي. جيتوڻيڪ طارق سيال يا سندس ماڻهن جو موقف به غلط نه هئو. انهن چيو پئي ته اسد کرل کي گرفتار ڪرڻ لاءِ آيل اهلڪار ڪٿان به اهلڪار نه پئي نظر آيا. نه انهن کي سرڪاري يونيفارم پهريل هئو نه انهن وٽ کاتي جا سڃاڻپ ڪارڊ هئا نه سندن گاڏين تي نمبر پليٽ يا ڪا ٻِي سڃاڻپ موجود هئي. ان ڪري اهڙي اڻ ڄاتل مخلوق کي اسين پنهنجو ماڻهو ڪيئن گرفتار ڪرڻ ڏيون ها؟ ڪهڙي خبر ته ڪجهه ڏينهن بعد اسد کرل جو چچريل لاش ڪنهن ويران جڳهه تان هٿ اچي. يا ان جي آزاديءَ لاءِ ڪي اڻڄاتل ڌاڙيل ڀونگو گھرن ها. يا شايد اڃان ڪا ٻِي واردات ٿي وڃي ها. پر جيئن ته اهي اهلڪار ڪي ٻهروپي نه هئا ۽ انهن جو واقعي به رينجرز سان تعلق هئو ان ڪري سيال ڀائرن جي اها “گستاخي” معاف ڪرڻ کان چڙهيل هئي. اصولي طور تي رينجرز جيئن ته سنڌ ۾ سنڌ حڪومت جي گھرج ۽ گذارش تحت آيل آهي ۽ کيس سنڌ اندر سنڌ حڪومت خاص ڪري ان جي گھرو وزارت جي ماتحت ڪم ڪرڻو آهي. پر جيئن ته قانون قانون ٿيندو آهي ان ڪري اوهان ڏٺو ته رينجرز جنهن گھرو وزير جي ماتحت هئي ان ئي گھرو وزير جي گھر جو گھيراءُ ڪري ويٺي ۽ بندوقن جا منهن پنهنجي ان آقا ڏانهن ڪري ڇڏيائين. خير، تيسيتائين اسد کرل ته “ڀڄي وڃڻ” ۾ ڪامياب ٿي ويو. ڪجهه تڪڙن ٽي. وي چينلن ته اها خبر به هلائي ڇڏي ته هُو ڀڄڻ جي معاملي ۾ ايترو تيز رفتار ثابت ٿيو هئو جو هن وقت تائين ملڪ منجهان ٻاهر هليو ويو هئو. جڏهن ته حقيقت ۾ اسد کرل ڪڏهن به ميراٿن جو ڀاڄوڪڙ نه رهيو آهي. نتيجي ۾ اوهان جلد ئي سندس ملڪ منجهان گرفتاريءَ جون خبرون ٻڌيون پڙهيون.
خير، جهڙيءَ ريت اسان وٽ طاقتور ڀائر موجود آهن، اهڙي نموني الله حياتي ڏئين طاقتور ڀينرون به موجود آهن. رينجرز پنهنجي بيعزتي وسارڻ لاءِ تيار نه هئي نه وري انگريزي ٻوليءَ جو هڪڙو لفظ Sorry ڪنهن ڪم جو هئو. ٻئي پاسي جڏهن توهان وٽ ادن سان گڏ اديون به موجود هجن ته پوءِ سائين قائم علي شاهه جهڙو بي ضرر وڏو وزير پنهنجي ڪابينا منجهان ڪنهن وزير کي هٽائڻ جي گستاخي ڀلا ڪيئن ڪري سگهندو. هُو آخري عمر ۾ پارٽيءَ سان بيوفائيءَ جو ڪيئن ٿو سوچي سگهي. ان ڪري جيڪي ڪابينا ۾ ڦير ڦار چاهين پيا انهن پنهنجا مطالبا اڳي کان اڳرا ڪري ڇڏيا. هاڻي معاملو رڳو اسد کرل جي ٻانهن ڏيڻ سان نه نبرڻو هئو. هاڻي معاملو رڳو ڪابينا ۾ ڦير ڦار سان حل نه پيو ٿئي. هاڻي خود وڏي وزير کي ئي موڪلائڻو پيو پوي ته جيئن نه رڳو اسد کرل، اختيارن ۾ واڌارو ۽ ڪابينا ۾ ڦير ڦار ٿي سگهي پر ادا اديون به ڪجهه سِڌائيءَ ۾ آڻجن. اهو ئي سبب آهي جو نئين وڏي وزير جي شروعاتي بيانن منجهان هڪڙو اهو به هئو ته هُو اهو تاثر ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته سنڌ ۾ وڏو وزير ڪو هڪڙو هوندو آهي ۽ حڪومت ڪا ٻِي هلائي رهي هوندي آهي.
ان کان پوءِ اوهان ڏٺو آهي ته هن وقت تائين سنڌ جي نئين وڏي وزير جي موجودگيءَ کي ميڊيا به تمام وڏي طمطراق سان پيش ڪري رهي آهي. ڪڏهن هُو سيڪريٽريٽ تي ڇاپا هڻي رهيو آهي، ڪڏهن ٽيبل تان بُل ڏئي پنهنجي ڦڙتيءَ جو اظهار ڪري رهيو آهي ته ڪڏهن وري واٽس ايپ ذريعي پنهنجي عملي ۽ سمورن سيڪريٽرين کي ضابطي ۽ رابطي ۾ رکڻ جي شروعات ڪري رهيو آهي جنهن سان سندس هوشياري، ڦُڙتي، بلند شعوري سطح ۽ اهليت جو اظهار ٿئي ٿو. ظاهر آهي ته اڳوڻي وڏي وزير جي موجودگيءَ ۾ اهڙيون ڪرامتون ڏسڻ لاءِ نه ملنديون هيون. ٿورن لفظن ۾ هيءُ ته هاڻوڪو وڏو وزير سڄي سنڌ کي نظر اچي رهيو آهي. يقينن اها ئي ڳالهه سندس پارٽي قيادت کي پسند نه ايندي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن سنڌ جو وڏو وزير ئي سڀ ڪجهه آهي ته پوءِ پارٽي قيادت ڪهڙي مرض جي دوا آهي؟ عوام يقينن ان باري ۾ سوچيندو. ان هڪڙي نقطي تي ئي مرحوم امين فهيم صاحب وزيرِ اعظم ٿيندي ٿيندي رهجي ويو هئو. پر سنڌ اندر هڪ اهڙو ماڻهو وڏو وزير ٿيو آهي جنهن کي سندس پارٽيءَ جي فيصلي موجب شايد اها سيٽ ڪڏهن نه ملي سگهي ها اهو سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي ته پوءِ هُو ڪهڙي پارٽيءَ جي پاران سنڌ جو وڏو وزير چونڊيو ويو آهي؟ ان سوال جو مختصر جواب اهو آهي ته مراد علي شاهه پيپلز پارٽيءَ جو اهڙو ئي وڏو وزير هوندو جهڙو عشرت العباد ايم. ڪيو. ايم جو گورنر آهي. پڙهيل لکيل ۽ ڦڙت هئڻ ڪري شاهه صاحب کان اڇن پنن تي صحيون نه وٺي سگهبيون. پارٽيءَ کان وڌيڪ فرشتن جي سهڪار سان ان ڪرسيءَ تائين پهچڻ جي ڪري هُو پنهنجو پاڻ کي ذميوار به ان ڌُر ڏانهن سمجهندو جنهن جي سگهاري سهڪار کيس اها ڪرسي عطا ٿيڻ ۾ مدد ڏني.
هڪ ڳالهه هيءَ به ته رينجرز وارا سنڌ ۾ آيا ڀل سنڌ حڪومت جي گھرج ۽ گذارش تي هئا پر ضروري نه آهي ته اهي سنڌ حڪومت جي گذارش تي هتان هليا به وڃن. ڇاڪاڻ ته جنهن هاٿيءَ هڪ ڀيرو هندوستان ڏٺو اهو وري موٽي آفريقا ۾ دربدر ٿيڻ ڇو چاهيندو. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته رينجرز جا اختيار لامحدود نه هجن پر رينجرز ان جي ابتڙ سوچي ٿي. سنڌ حڪومت ته رينجرز کي ڪراچيءَ تائين محدود رکڻ چاهي ٿي پر رينجرز پنهنجو پاڻ کي سڄي سنڌ اندر ڦهلائڻ ۽ بااختيار ڏسڻ جي حامي آهي. هاڻي ته جڏهن ڪنهن الله لوڪ لاڙڪاڻي ۾ رينجرز تي حملو ڪري هڪڙو سپاهي شهيد به ڪري وڌو آهي ته رينجرز نه رڳو اختيارن ملڻ جو انتظار ڪرڻ کان سواءِ لاڙڪاڻي ۽ قمبر ضلعن جي مختلف ڳوٺن ۽ شهرن تي ڪاهون ڪري حقي نا حقي ماڻهن جا انبوهه گرفتار ڪيا آهن بلڪه اها گھرج به پيدا ٿي پئي آهي ته رينجرز کي سڄي سنڌ اندر لامحدود اختيار ڏئي “امن امان قائم ڪرايو وڃي”.
سنڌ حڪومت توڙي پيپلز پارٽي قيادت رينجرز کي سڄي سنڌ اندر اختيارن ڏيڻ جي حامي نه آهي پر عملي طور تي نظر اهو پيو اچي ته رينجرز بنا ڪنهن ڪاغذي ڪاروائيءَ جي جتي ۽ جهڙيون چاهي ڪاروايون ڪري رهي آهي. سو رينجرز کي اختيار ڏيڻ وارو معاملو هڪ اهڙو ڪَنڊو آهي جيڪو پيپلز پارٽيءَ جي قيادت جي ڪاڪڙي ۾ ڦاسي پيو آهي. قيادت ان کي ڳِهي به نه ٿي سگهي ۽ ٻاهر به نه ٿي ڪڍي سگهي.
(عوامي آواز)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو