Tuesday, August 9, 2016

وال پــــيــــپـــــــر ـ الوداع الوداع علي بابا الوداع

سنڌ جو نرالو ۽ باضمير ليکڪ، ڪهاڻيڪار ناول نويس ۽ ڊراما نگار علي بابا ڪالهه سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ جي هڪ خانگي اسپتال ۾ ڊگهو عرصو بيمار رهڻ کانپوءِ سنڌ امڙ کان وڇڙي ويو.
علي بابا سچو، باضمير، اصول پرست ۽ کرو ليکڪ هو، هن پنهنجي لکڻين ۾ ديس جو درد بيان ڪيو، مهين جي دڙي واري ناول کان ويندي دنگيءَ منجهه درياءَ جي شاهڪار ناٽڪ تائين هن جي ابتدا به سنڌ هئي ته انتها به سنڌ، هن پنهنجي لکڻين کي وڪامڻ جو وکرو نه بڻايو، نه ئي وري پنهنجو ضمير وڪيو. تنهن ڪري ئي ته سندس پڇاڙڪا ڏينهن ڏکيا گذريا.
هر ڪنهن کي هي جهانُ ڇڏڻو آهي ۽ علي بابا به هي جهان ڇڏي ويو پر تاريخ جي ورقن ۾ ان کان وڌيڪ ٻيو خراج ڪهڙو ٿي سگهي ٿو ته هن کي سنڌ شناسي، باضمير ۽ ڪڏهن به نه وڪامندڙ ليکڪ طور ياد رکيو ويندو. پنهنجي ارڏائيءَ جي ڪري هن سنڌي ادب جي تاريخ ۾ جيڪو مقام حاصل ڪيو سو هميشه اوچو رهندو. علي بابا ڪوٽڙي جي رند خاندان جو فرد هو، جنهن خاندانعبدالڪريم بلوچ ۽ ساقيءَ جهڙن ڪردارن کي جنم ڏنو، هن جو تعلق جيئن ته هڪ صالح ۽ سلجهيل گهراڻي سان هو، تنهن ڪري هن سچ کي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد بڻايو ۽ جيڪي به لکيو روح سان لکيو ۽ سچائيءَ سان لکيو. عوامي آواز سَٿُ سندس وڇوڙي تي سندس پونئيرن ۽ سنڌ سان تعزيت ڪري ٿو ۽ اميد ڪري ٿو ته سندس پونئير خاص ڪري سندس ٽي نياڻيون ۽ پٽ جيڪي هن سوڳوار ڇڏيا آهن سي سندس پير تي هلندا ۽ قلمي ڪِرِت ذريعي علي بابا جو نانءُ روشن ڪندا رهندا.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو