غلام حسين لغاري
پ پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو صاحب خميس ڏهاڙي ضلعي ڪائونسلن ۽ ميونسپل ڪائونسلن جي چيئرمنن ۽ وائيس چيئرمنن جي پارٽي اميدوارن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن مان صاف ظاهر آهي ته سنڌ جا مڪاني ادارا جيڪي عوام جي هيٺين سطح جا سماجي خدمت وارا ادارا آهن سي هڪ ڀيرو ٻيهر وڏيرڪي ذهنيت رکندڙ سنڌ جي وڏيرن ڏانهن هليا ويا آهن جيڪا ڳالهه پ پ پ جي عوام دوست پاليسين ۽ دعوائن جي بلڪل ابتڙ آهي. جيڪڏهن هن ڀيري به نامزد وڏيرا پنهنجي عوامي ۽ سماجي خدمت ڪرڻ ۾ ناڪام وڃن ٿا ته پوءِ شايد 2018 جي ايندڙ عام چونڊن ۾ ڪنهن حد تائين پ پ نقصان هيٺ هلي وڃي.پ پ ته پنهنجي جاءِ تي پر جتي ٻين سياسي جماعتن جي اڪثريت آهي اتي به وڏيرڪي ذهنيت رکندڙ اميدوار ئي مک عهدن تي سامهون آهن جن جي ڪامياب ٿيڻ جا به چٽا امڪان آهن.جن به اميدوارن کي ٽڪيٽون مليون آهن سي سياسي ورڪرن کي گهٽ پر گهڻو ڪري اسيمبلين ۽ وزارتن ۾ ويٺل سرندي وارن وڏيرن ۽ عوامي نمائندن جي پٽن ۽ دوستن کي ئي مليون آهن هيٺين سطح جا پارٽي ورڪر جيڪي ڏکئي وقت پارٽي لاءِ قربانيون ڏين ٿا ۽ انهن جا ڀرجهلا ٿين ٿا سي بنهه نظرانداز ڪيا ويا آهن جنهن سان به سياسي پارٽين جي عوامي هجڻ واري دعوائن جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي .هاڻ جڏهن مڪاني ادارن جي مک عهدن تي وڏيرڪي ذهنيت رکندڙ اميدوار چونڊجي اچي پنهنجيون ڪرسيون سنڀاليندا اتي ڪهڙي قسم جي عوامي ۽ سماجي خدمت جي اميد ڪري سگهجي ٿي؟ هاڻ به اهو ئي ڪجهه ٿيڻ وڃي رهيو آهي جيڪو ماضي ۾ ٿي گذريو آهي ۽ ڪنهن به چڱائي جي اميد ڪري نٿي سگهجي.
دنيا جي ترقي يافته ملڪن جي مڪاني نظام ۽ هتان جي ملڪي نظام ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي جتي وڏيرا چوڌري ، خان ۽ سردار سدائين مسلط رهيا آهن جن ڪڏهن به عوام کي دل ۽ جان سان وٽان ناهي قبوليو ۽ ووٽ وٺڻ کانپوءِ انهن کي پنهنجي ويجهو اچڻ نٿا ڏين ۽ جيڪي به ترقياتي ڪم ٿين ٿا سي به ڪنهن ذاتي مفاد وٽان ناهن هوندا.جيڪڏهن سنڌ جي وڏن شهرن ۽ ڳوٺن جو جائزو وٺبو ته اهي تباهه و برباد لڳا پيا آهن ، اتان جا روڊ رستا ته ٽٽل نظر ايندا پر ڊرينيج سسٽم ته ڪڏهن به درست نظر نه ايندو.اسٽريٽ لائيٽس ٻرندي به نه ملندي جنهن سان رات جي وقت چورين ۽ ڦرن جا واقعا ٿيندا رهن ٿا.هن ڀيري فرق رڳو انهي حد تائين آهي جو وڏيرڪي ذهنيت پنهنجي جاءِ تي پر اڪثريت نوجوان ۽ پڙهيل ڳڙهيل چونڊيل نمائندن جي ڏسڻ ۾ پئي اچي جن ۾ ڪجهه ته اميد ڪري سگهجي ٿي پر گهڻي اميد ڪرڻ اجائي ٿيندي.ترقي يافته ملڪن جي مڪاني ادارن ۾ اڪثريت عام ماڻهن جي هوندي آهي جن وٽ عوامي خدمت جي رٿابندي ۽ عزم هوندو آهي جيڪي حاصل ڪيل ووٽ کي مان ڏين ٿا ۽ عوام سان ڪيل وعدا پاڙين ٿا.چونڊيل نمائندن کي ڪرسيون سنڀالڻ کان اڳ ۾ مڪاني ادارن جي نظام ۽ جوابدارين بابت مڪمل سکيا ڏني ويندي آهي ته جيئن کين سندن فراضن جي ڀلي ڀت خبر پئجي سگهي.اهڙي طرح ڪنهن به ترقياتي ڪم يا ٻي ڪنهن سماجي خدمت لاءِ تڪ جي ماڻهن جو سهڪار ورتو ويندو آهي ۽ هر ڪم انهن جي صلاح سان پايه تڪميل تي پهچندو آهي جيڪا ڳالهه اسان وٽ وري قابل قبول يا عمل هيٺ ناهي هوندي ۽ هر ڪم پنهنجي ذاتي مرضي موجب ڪرايو ويندو آهي.جڏهن هر ڪم پنهنجي مرضي سان ٿيندو ته اهو عوام جي اميدن وٽان ڪهڙو هوندو جنهن لاءِ هتي به پاڻ کي هر ترقياتي ڪم يا ٻي ڪا رٿابندي لاءِ شهرين کي به شامل ٿيڻ گهرجي پر وڏيرڪي ذهنيت ان ڳالهه جي ڪڏهن به اجازت نه ڏيندي.هن ڀيري مڪاني ادارا سياست جي ور به چڙهيل آهن جو اهي پارٽي بنيادن تحت ڪم ڪندا ۽ جيڪڏهن ڪو به عملي ڪم نه ٿيو ته لاڳاپيل سياسي پارٽي تي الزام لڳندو.ٻيو ته ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته هر شهر ، ڳوٺ ۽ وسندي ۾ جيڪو به ترقياتي ڪم ٿيندو اهو سياسي بنيادن تحت ڪرڻ جي ڪوشش ٿيندي جنهن کان به ٻاهر نڪرڻ گهرجي ۽ هر ترقياتي ڪم ۾ عام ماڻهن جي صلاح کي به شامل ڪرڻ گهرجي.
هن ڀيري هڪ ڳالهه اها به خوش آئنده آهي جو سنڌ جي وڏ وزارت سنڌ جي برک سياسي اڳواڻ سيد مراد علي شاهه جي حوالي آهي ۽ کيس ٻن سالن جو ٿورو وقت سنڌ جي عوام جي خدمت لاءِ مليل آهي.پاڻ دنيا جي اڪثر ملڪن جي مڪاني نظام جو جائزو پڻ وٺي چڪو آهي سنڌ جي مڪاني ادارن کي پنهنجي سطح تي مانيٽرنگ ڪندو رهندو ۽ انهن جي مضبوطي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو ته جيئن سنڌ جا اهي بنيادي ادارا ڪنهن به امڪاني ڪرپشن کان پري رهن ۽ اهي حقيقي عوامي خدمت جو محور بڻجن. هن ڏس ۾ مڪاني ادارن جي ترقياقتي ڪمن ۽ عوامي خدمتن جي مانيٽرنگ ڪرڻ لاءِ صوبائي سطح تي با اختيار ڪميشن جڙڻ گهرجي جيڪا انهن جي ڪارڪردگي جو باقائدي جائزو وٺندي رهي ۽ منظرعام تي ايندڙ عوامي شڪايتن جو نه صرف ازالو ڪري سگهي پر بدعنواني ۾ ملوث نمائندن خلاف ڪارروائي به ڪري سگهي. خدا وري به چڱي ڪندو ۽ هن ڀيري مڪاني ادارن تي چونڊجي آيل مک عهديدار ۽ ڪائونسلر هيٺين سطح تي عوامي ۽ سماجي خدمت لاءِ سياست کان هٽي ڪري پنهنجو ڀرپور عوامي ڪردار ادا ڪندا ته جيئن سنڌ جون وسنديون ، ڳوٺ ۽ شهر مثالي بڻجي سگهن ۽ مٿن وڏيرڪي ذهنيت واري لڳندڙ تاثر هميشه لاءِ پاڙون پٽجي وڃي.
(روزاني عوامي آواز)
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
پنهن جي راء هتي لکو