حضرت لقمان فرمايو: اي منھنجا پٽڙا ! جيڪڏھن واري جي دا ڻي
جيتري )سٺائي يا برائي( ھجي پوء اھا پٿر
اندر ھجي يا آسمانن زمين جي گهرائين ۾ ھجي ته اللھ قيامت جي ڏينهن سامهون آ ڻيندو،
بيشڪ اللھ باريڪ بين خبر رکندڙ آھي.
حضرت لقمان چئي رهيا آهن: پٽ اگر نيڪ يا برا اعمال ايستائين
جو واري جي وزن برابر هجن، پٿر جي اندر يا آسمان جي ڪنهن ڪنڊ يا زمين جي گهرائين ۾ڪنهن
به جڳهه هجن، اللھ ان کي قيامت جي ڏينهن پنهنجي عدالت ۾حاضر ڪندو ان جو حساب ڪتاب وٺندو
. اهو
سڀ انهيَء ڳالهه جي طرف اشارو آهي ته نيڪ بد عمل جيترا به ننڍا گھٽ ڀلي واري جي
وزن برابر هجن، ڪنهن به ڪنڊ ڪڙڇ ۾لڪيل هجن، پالڻهار جيڪو (لطيف) باخبر آهي، جيڪو
عالم هستي کان آگاهه ۽ باخبر آهي( ان نيڪ يا بد عمل کي حساب ڪتاب جي سڀني ننڍين
توڙي و ڏين شين جي جزا سزا لاء حاضر ڪندو، بيشڪ ڪابه شي هن کان غائب ناهي ٿيندي.
انسان جي عملن کان پالڻهار جو آگاهه هئڻ ،تمام نيڪين ۽برائين جو پروردگار عالم جي ڪتاب علم محفوظ رهڻ
،هن ڪائنات جي ڪنهن به شي جي نابود (برباد) نه ٿيڻ جي طرف توجهه ڪرڻ، سڀني انفرادي
اجتمائي چڱائين جو بنياد، ڀلائين جي طرف وٺي وڃڻ جو طاقتور سبب آهي، برائين کان روڪڻ
جي و ڏي طاقت رکندڙ آهي.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
پنهن جي راء هتي لکو