Friday, August 5, 2016

شاعريء جي زبان؛ سانولڙي جي سار اچي ٿي ، (امر ساهڙ)



سانولڙي   جي سار اچي ٿي ،
لڙيو    لڙُڪن   لار اچي ٿي .
ننڊ اچڻ   سان نيڻن ـ ٿر تي ،
سپنن  جي وسڪار اچي ٿي .
ڪارا ڪارونڀار ڪُلهن تي ،
وينگس ڇوُڙي وار اچي ٿي .
منُد جهُڙالي مينهوڳيءَ جي ،
کڻيو  ننڊ  خمار     اچي ٿي .
تنهائيءَ ۾    ياد پرينءَ جي ،
ٻانهون  ٺاهي  هار اچي ٿي .
“امر”  اگُهاڙي جيون  رڻ ۾ ،
ڏات   پکيڙي     ڏار اچي ٿي .

_____
امر ساهڙ



No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو