مولانا رومي مثنوي ۾ واقعو بيان فرمايو آهي ته هڪ شخص ٻڪرار
هو ان جي دل ۾ الله تعالي جو عشق پيدا ٿيو ته ان سان مِلان موسى عليه السلام هن
وٽان لنگهيو ان کي ٻڌايائين ته جيڪر الله تعالي مون وٽ اچي ته وهنجاريانس ڪپڙا
ڌوانس جون ڪڍانس ڦڻي ڏيانس وغيره
موسي عليه السلام فرمايو ته الله تعالي انهن شين کان پاڪ
آهي اهي ڪفر جون ڳالهيون آهن ائين نه ڪر هو پريشان ٿي ويو روئڻ لڳو ته مون وڏي
غلطي ڪئي آهي معافي ملندي يا نه جڏهن موسى عليه السلام ڪوهه طور تي الله تعالي سان
هم ڪلام ٿيو ته الله تعالي فرمايس ته منهنجي ٻانهي کي پريشان ڪيو اٿئي مون کان جدا
ڪيئي هو ته منهنجي عشق ۽ محبت ۾ هو مولانا رومي ان جو بيان فرمايو آهي.
تو برائ وصل کردن آمدی نے
برائ فصل کردن آمدی
(تون ته مون سان ملائڻ آيو آهين جدا ڪرڻ نه )
هن کي تو مون کان جدا ڪري ڇڏيو.
قل اللهم مالک الملک تؤتي الملک من تشاء وتنزع الملک ممن
تشاء وتعز من تشاء وتذل من تشاء بيدک الخير انک على کل شيء قدير.
(توهان چئو اي الله ملڪ جا بادشاهه جنهن کي چاهين ان کي
بادشاهي ڏين ۽ جنهن کان چاهين ان کان بادشاهي کسين جنهن کي چاهين عزت ڏين ۽ جنهن
کي چاهين ذليل ڪرين تنهنجي هٿ ۾ ڀلائي آهي بيشڪ تون هر شي تي قادر آهين).
ڊاڪٽر حافظ شبيراحمد چنا
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
پنهن جي راء هتي لکو