Monday, August 1, 2016

شاعريءجي زبان ؛ اي ڪاش، اهو تون ڄاڻين ها( شيخ اياز)



اي ڪاش، اهو    تون ڄاڻين ها
آزاد     هوا    ڇا          ٿيندي آ!
اي ڪاش، اهو تون    ڄاڻين ها
پرواهه بنان پر      ڪيئن  هوندا
آزاد    فضا        ڇا       ٿيندي آ!
اي ڪاش،   اهو    تون    ڳائين ها.
ڪالهه رات ڀڳت سنگهه ڦاسيءَ تي
جو    گيت    اڌورو     ڳاتو     هو!
اي ڪاش،    اهو    تون    پائين ها.
جو   هارُ    هوائن     ۾      لڏندي
ڪالهه    تانتيا    ٽوپي    پاتو هو!
تاريخ    جي   خوني    گلين مان
هر وقت    صدا    ڪا    ايندي آ
هر وقت    لهوءَ    جي لاڙن ڏي
ڪا   توکي    ڇڪ ڇڪيندي آ!
ڄڻ  ’او ڊائر‘   جي  ڪا  گولي
اڄ   تائين   توکي    تاڙي     ٿي!
۽ تنهنجا    تنهنجي    مقتل    ڏي
ڄڻ    پير   اچانڪ     لاڙي ٿي.
تاريخ   بُکايل     چيتي     جئن
چؤواٽي   تي     چنگهاڙي    ٿي.
اي ڪاش!   اهو   تون ڄاڻين ها.
ڇا   تن جي   قيمت   ڇا ٿيندي آ
جنهن   آزاديءَ   جا  گيت   چيئي
اي ڪاش!   اِهو    تون ڄاڻين ها
سا    آزادي    ڪٿ     نيندي    آ!
اي ڪاش!    اهو    تون  ڄاڻين ها،
سا   آزادي    ڪيئن      ايندي    آ!

****
شيخ اياز

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو