Wednesday, January 10, 2024

ھي ڪٿان جي عقلمنديء وارو مطالبو آھي؟

 

شفيق الرحمان شاڪر

جمع جي ڏينھن سينيٽ جي اجلاس ۾ ڪجھ سينيٽرز پاران عام چونڊون ملتوي ڪرائڻ جي حق ۾ ھڪ قرارداد پيش ڪئي ويئي جيڪا بعد ۾ اڪثريتي راء سان منظور بہ ٿي ويئي.انھن سينيٽر صاحبان جي خيال مطابق ھن وقت ملڪ جون حالتون چونڊن لاء سازگار ناھن ان ڪري جيڪر چونڊن کي ڪجھ عرصي لاء ملتوي ڪري ڇڏجي تہ ڪا قيامت نہ ايندي.انھن صاحبن پنھن جي ان راء جي حق ۾ ٻہ وڏا دليل پيش ڪيا آھن. پھريون اھو تہ ھن وقت ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ سخت سردي آھي جنھن ڪري ماڻھو ووٽ ڏيڻ لاء پولنگ اسٽيشنن تي پھچي نہ سگهندا.ٻيو دليل اھو تہ ملڪ ۾ امن امان ۽ سلامتيء واري صورتحال نھايت ئي ڳڻتيء جوڳي آھي جنھن ڪري چونڊون وڙھندڙ اميدوارن جي زندگين کي خطرو آھي،اھڙي صورتحال ۾ چونڊون ڪرائڻ وارو عمل ماڻھن ۽ خاص طور تي چونڊون وڙھندڙ اميدوارن جي زندگين کي خطري ۾ وجهڻ جي برابر ٿيندو.

جيڪڏھن ڏٺو وڃي تہ سندن انھن ٻنھي دليلن ۾ ڪو بہ وزن محسوس نٿو ٿئي بلڪ اھا ڪنھن ڊرامي جي ڪڙي معلوم ٿئي ٿي.ڊرامو اھو آھي تہ ڪجھ ڌرين بلڪ اڪثر سياسي جماعتن جي بہ اھا ئي خواھش آھي تہ ڪنھن نہ ڪنھن طرح چونڊن کي ملتوي ڪرايو وڃي.انھن جي اھا خواھش ڇو آھي، انھيء تي اڳتي ھلي روشني وجهنداسين پر پھريان انھن معزز سينيٽر صاحبان جيڪي پنھن جو پاڻ کي سياسي ڪارڪن ۽ جمھوريت جا دعويدار چورائين ٿا جي دليلن تي غور ڪريون ٿا تہ انھن ۾ ڪيترو وزن آھي؟

جيستائين موسم جي خرابي ۽ سخت سرديء جو سوال آھي تہ پارليامينٽ کي گهرجي تہ اھا آئين ۾ ترميم ڪري اھو نقطو آئين ۾ شامل ڪري ڇڏي تہ ملڪ ۾ چونڊون ڪڏھن بہ سياري جي موسم ۾ نہ ٿينديون.ان کان پوء جيڪر ملڪ جي نھايت ئي گرم علائقن سان تعلق رکندڙ سياسي اڳواڻ اعتراض ڪن تہ اھا ترميم بہ ٿيڻ گهرجي تہ چوڻدون گرميء جي موسم ۾ بہ نٿيون ڪرائي سگهجن.اھڙيء طرح برساتن جي موسم ۾ تہ ھونئن ئي ڪرائي نٿيون سگهجن.مطلب تہ چونڊون صرف ان وقت ٿيڻ گهرجن جنھن وقت اصل واڳ ڌڻي چاھين يا وري جڏھن سياسي ڌرين کي چونڊون کٽڻ لاء سندن حق ۾ ”سازگار“ حالتون نظر اينديون ھجن.ھي ملڪ آھي يا مسخري! اڳي ڪيترا ڀيرا چونڊون فيبروريء جي سخت سرديء ۽ جولاء جي سخت گرميء ۾ نہ ٿي چڪيون آھن ڇا؟

ھاڻي اچون ٿا ملڪ جي سلامتي ۽ امن امان جي صورتحال سبب چونڊون ملتوي ڪرائڻ واري مطالبي تي،سوال اھو آھي تہ ملڪ ۾ امن امان جي بدتري ۽ دھشتگرديء وارين ڪاروائين يا خطرن جي جيڪا ڳالھ ڪئي پيئي وڃي، ڇا اھا صورتحال رڳو اڄ ڪلھ پيدا ٿي آھي يا گذريل ڪيترن ئي ڏھاڪن کان جاري آھي؟2008غ جي عام چونڊن دوران ملڪ جي امن امان ۽ سلامتيء واري صورتحال ڇا ھئي؟ ڇا ان وقت اھي دھشتگرد ڪاروائيون ۽ خطرا موجود نہ ھئا؟ محترمہ بينظير صاحبہ ان وقت دھشتگرد ڪاروائين جو نشانو نہ بڻي ھئي؟ عوامي نيشنل پارٽيء جا ڪيترا ڪارڪن ۽ اڳواڻ انھن دھشتگرد ڪاروائين جو شڪار نہ ٿيا ھئا ڇا؟ حالتون اڄ وڌيڪ خراب آھن يا گذريل چونڊن يعني 2008ع ۽ 2013ع جي وقت وڌيڪ خراب ھيون؟ وري ان ڳالھ جي ڪھڙي ضمانت آھي تہ ايندڙ ڪجھ عرصي دوران ملڪ جون حالتون سڌري وينديون ۽ دھشتگرد ڪاروائين کي بلڪل ئي ٻنجو اچي ويندو.

اصل ڳالھ اھا آھي تہ اھي معزز سينيٽر صاحبان انھن ئي ناٽڪي ڪردارن سان سامھون آيا آھن جيڪي ناٽڪ ماضيء ۾ بہ جمھوريت جي نالي تي ھن ملڪ ۾ ٿيندا رھيا آھن.ھي ڪھڙي جمھوريت جا علمبردار آھن جيڪي پارليامينٽ جيڪا ھن وقت اڻپوري آھي ان جي تڪميل جي عمل ۾ رنڊڪون وجهي رھيا آھن.دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ چونڊون جنگ جي حالتڻ ۾ بہ ٿينديون رھن ٿيون ڇو تہ جمھوري عمل ۾ ڪنھن بہ قسم جي دير، رڪاوٽ يا ٽال مٽول مسئلا حل ڪرڻ بدران ھميشہ مسئلا وڌيڪ منجهائي ٿي.لڳي ٿو تہ اسان جي مقتدر ڌرين توڙي سياسي رانديگرن اڄ تائين پنھن جي تاريخ مان ڪو سياسي سبق ناھي سکيو.تجربن جي فيڪٽري اڄ بہ ساڳئي ڪم ۾ رڌل نظر اچي ٿي.اھو ئي ”ون مين شو“ جاري آھي.توڙي جو سندن ماضيء جون سموريون ”دانشمنداڻيوڻ“ پاليسيون ھاڻي سندن نڙيء جي اھڙي ھڏي بڻجي چڪيون آھن جنھن کي نہ تہ ڳوري سگهجي ٿو ۽ نہ ئي ٻاھر ٿوڪي ٿو سگهجي.انھن ”دانشمنداڻين“ ڪاروائين مان ھڪڙي ” عمران خان پروجيڪٽ“ بہ آھي جنھن انھن سان اھڙو تہ حشر ڪيو آھي جو کين ڪجھ بہ سمجھ ۾ نٿو اچي تہ ان ”مسخري“ مان جان ڪيئن ڇڏائجي.بدقسمتيء سان عوام جي اڪثريت اڄ بہ اھو ٿي سمجهي تہ خان صاحب سندن حقن جي جنگ وڙھي رھيو آھي.ھنن جي خيال ۾ اسٽيبلشمينٽ ۽ ٻيون سياسي ڌريون پاڻ ۾ ملي ڪري خان صاحب تي قھر ۽ ستم جا جبل ڪيرائي رھيا آھن پر خان صاحب نھايت بھادريء سان ”اينٽي اسٽيبلشمينٽ“ نظريي تي قائم ۽ دائم بيٺل آھي.جيئن تہ اسان جي ملڪ ۾ اھو نظريو عوام ۾ گهڻو مقبول آھي ان ڪري عوام خاص طور تي نوجوانن جي اڪثريت اڄ بہ خان صاحب کي مظلوم سمجهندي ساڻس گڏ بيٺل نظر اچي ٿي.اھو ئي خوف آھي جيڪو اصل واڳ ڌڻين کي ڪا ھڪڙي منصوبابندي مڪمل نموني عمل آڻڻ ۾ رڪاوٽ بڻجي رھيو آھي.اھي خان صاحب کي ھر صورت ۾ سياسي عمل کان ٻاھر رکڻ گهرن ٿا پر ڪھڙيء طرح؟ ھڪ طرف عوامي مقبوليت وارو گراف ھيٺ لھڻ جو نالو ئي نٿو وٺي تہ ٻئي طرف خود اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليا بہ ورھايل ۽ منجهيل نظر اچي ٿي.ٻين مکيہ سياسي جماعتن جي حالت اھا آھي تہ انھن وٽ خان صاحب جي مضبوط بيانيي جي ڀيٽ ۾ نہ تہ ڪو بھتر بيانيو آھي ۽ نہ ئي سندن گذريل سورھن سالن واري حڪومت جي ڪا قابل بيان ڪارڪردگي.ان ڪري مقتدر ڌرين سان گڏوگڏ اھي بہ ڪنھن نموني ڪجھ عرصي لاء چونڊن کان فرار اختيار ڪرڻ گهرن ٿا.شايد ان وقت تائين خان صاحب جو سياسي پتو پوريء طرح صاف ٿي وڃي ۽ ھنن ويچارن جي راھ ۾ ڪا بہ رڪاوٽ باقي نہ رھي.خواھشون تہ سٺيون آھن پر ماضيء ۾ بہ اھڙين ئي حسين خواھشن ملڪ ۽ قوم جو ٻيڙو غرق ڪيو آھي!

(روزاني عوامي آواز 8 جنوري 2024ع)

Saturday, January 6, 2024

ملڪ کي درپيش بحرانن ۾ ايندڙ حڪومت لاء چيلينج.

 

شفيق الرحمان شاڪر

ملڪ ۾ ايندڙ چونڊن جي حوالي سان اڃا تائين مونجھارا ۽ مختلف انومان موجود آھن.ڪجھ تجزيي نگار تہ ملڪ ۾ نئين مارشل لا جون اڳڪٿيون بہ ڪري رھيا آھن توڙي جو سپريم ڪورٽ پنہن جي واضح رويي ذريعي اھو اشارو ڏيئي چڪي آھي تہ چونڊون ھر حالت ۾ پنہنجي مقرر وقت تي ئي ٿينديون.اصل مسئلو اھو ناھي تہ چونڊن ۾ ڪھڙي جماعت اقتدار ۾ ٿي اچي پر سڀ کان اھم سوال اھو آھي تہ ڇا ھاڻوڪي ماحول ۾ جڏھن سياسي ماحول ۾ تمام گهڻي گرمي آھي ۽ خاص طور تي ھڪڙي سياسي جماعت رياست،نگران حڪومت توڙي اليڪشن ڪميشن تي جانبداريء جا مختلف قسم جا الزام ھڻي رھي آھي ان ماحول ۾ ڇا چونڊن جي نتيجن کي دل ۽ جان سان قبول بہ ڪيو ويندو؟۽ جيڪر نتيجن کي قبول نٿو ڪيو وڃي تہ ان جا ايندڙ سياسي نظام تي ڪھڙا اثر پوندا؟ڇا ملڪ جيڪو اڳيئي ڪيترن ئي سياسي، سماجي،معاشي ۽ سلامتيء وارن بحرانن جي ور چڙھيل آھي، ايندڙ حڪومت ان کي انہن بحرانن مان ٻاھر ڪڍي سگهندي؟ ايندڙ حڪومت لاء ڪھڙا سنگين ۽ سخت قسم جا مسئلا، مشڪلاتون ۽ بحران اڳيئي انتظار ڪري رھيا آھن انہن جو ڪجھ جائزو وٺڻ ضروري آھي.

ملڪ کي ھن وقت سڀ کان وڏو مسئلو معاشي بحران جو آھي جنہن کي حل ڪرڻ ڪنہن بہ حڪومت لاء ايترو آسان ڪم نہٿيندو.پاڪستان ھڪ زرعي ملڪ ھوندي بہ پنہنجي قومي ناڻي جو ھڪ وڏو حصو کاڌي جون شيون ٻاھران گهرائڻ تي خرچ ڪري رھيو آھي.زراعت جي ميدان ۾ گذريل ڪيترن سالن کان جيڪا تباھي آئي آھي ان جو تدارڪ ڪرڻ لاء ڪنہن بہ جماعت وٽ ڪو واضح پروگرام نٿو ڏسجي.ملڪي صنعت اڳيئي برباد ٿي چڪي آھي.ڪرپشن قومي ادارن کي کوکلو ڪري ڇڏيو آھي.احتساب جو ڪو منصفاڻو نظام قائم ڪرڻ ڪنہن بہ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل نہرھيو آھي.احتساب لاء قائم ڪيل نام نہاد ادارو نيب ھر دور ۾ سياسي بليڪميلنگ جي ھٿيار طور استعمال ٿيندو رھيو آھي.انہن سمورين حقيقتن جي روشنيء ۾ ملڪ جون معاشي حالتون ڪھڙيء طرح درست ٿي سگهن ٿيون،سمجھ کان ٻاھر آھي.نتيجي طور تي اسان سڀ آئي ايم ايف جي در تي اکيون اٽڪايو ويٺا آھيون جيڪو ڏينہون ڏينہن اھڙا سخت شرط لاڳو ڪري رھيو آھي جن سان غريبن جي ستيا ناس ٿي چڪي آھي ۽ ماڻھو خودڪشيون ڪرڻ تي  مجبور آھن.

ٻيو اھم مسئلو ننڍن صوبن ۾ احساس محروميء جو آھي جتي ماڻھو سمجهن ٿا تہ کين ملڪي ڪار وھنوار توڙي صلاح مشوري ۾ شامل نٿو ڪيو وڃي. سندن وسيلن،زمينن ۽ ذريعن تي رياست ناجائز قبضو ڪري رکيو آھي ۽ حق گهرڻ جي ڏوھ ۾ ماڻھن کي کنڀي کنيو وڃي ٿو ۽ بعد ۾ انہن جا چچريل لاش وصول ٿين ٿا.محروم قوميتن ۾ اھا بيچيني ڏينہون ڏينہن وڌندي ٿي وڃي پر نہتھ رياست ۽ نہئي ڪنہن حڪومت انہن معاملن تي سنجيدگيء سان سوچ ڪئي آھي.ڇا ايندڙ حڪومت ان پوزيشن ۾ ھوندي جو ننڍين قوميتن جي ان اھم مامري کي منہن ڏيڻ لاء سنجيدگيء سان ڪي قدم کڻي سگهي؟ ظاھر آھي تہ قدم تڏھن ئي کڄي سگهي ٿو جڏھن حڪومتن توڙي رياست وٽ سچي نيت بہ موجود ھجي.

ٽيون اھم مسئلو ملڪ کي درپيش دھشتگرديء جو آھي.اھي ماڻھو ۽ گروھ جن کي رياستي سرپرستيء ۾ پالي وڏو ڪيو ويو اھي ھاڻي رياست لاء ناسور بڻجي چڪا آھن.رياست توڙي مختلف حڪومتون ان معاملي ۾ سدائين عظيم مونجھاري جو شڪار رھيون آھن ۽ اڄ تائين دھشتگرديء جي خاتمي لاء ڪا متفقہ ۽ موثر منصوبابندي نہجڙي سگهي آھي.نيشنل ايڪشن پلان ھڪ سٺو قدم ھو پر بدقسمتيء سان انہيء تي اڄ تائين عمل نہٿي سگهيو آھي.ٻاھريان خطرا پنہن جي جڳھ تي پر ھن وقت ملڪ اندروني طور تي سلامتيء جي جن بحرانن سان وڪوڙيل آھي انہيء کي منہن ڏيڻ اڪيلو ڪنہن حڪومت جي وس جو ڪم ئي ناھي.افسوس اھو جو ان اھم معاملي تي بہ سياست واري راند کيڏبي رھي آھي.دھشتگرديء واري معاملي سان ڳنڍيل ھڪ ٻيو معاملو عدم برداشت ۽ انتھا پسنديء جو آھي.گذريل ڊگهي عرصي تائين رياستي سرپرستيء ۾ نوجوانن جي جيڪا ذھن سازي ڪئي ويئي انہيء کي رڳو طاقت ذريعي ڪنٽرول ڪري نٿو سگهجي.انہيء لاء ھڪ ڊگهي ۽ موثر تعليمي ۽ تربيتي نظام جي ضرورت آھي ۽ اھو بہ تہ سماج مان ناانصافين کي ھر ممڪن حد تائين گهٽايو وڃي جو اھي ناانصافيون نوجوانن کي دھشتگرديء ۽ انتھا پسنديء جي اوڙاھ طرف ڌڪو ڏين ٿيون.ان سموري معاملي ۾ ماڻھن کي مناسب معاشي موقعا مھيا ڪرڻ، قانوني سماجي برابري قائم ڪرڻ ۽ ماڻھن کي زندگيء جون بنيادي سھوليتون مھيا ڪرڻ بنيادي حيثيت رکن ٿا.ظلم ڪنہن بہ سطح تي ھجي اھو ماڻھن ۾ بغاوت، بيزاري،نفرت ۽ انتھا پسنديء جو ٻچ ڇٽي ٿو.ايندڙ حڪومت لاء اھو بہ چيلينج ھوندو تہ اھا انہن مسئلن کي منہن ڏيڻ لاء ڪھڙي ٿي حڪمت عملي اختيار ڪري؟

اسان جي ملڪ جي آباديء جو ھڪ وڏو حصو غربت واري لڪير کان ھيٺ زندگي گذاري رھيو آھي جن کي نہتھ مناسب کاڌ خوراڪ ميسر آھي،نہصحت جون سھولتون ميسر آھن ۽ نہ ئي تعليم جو ڪو مناسب بندوبست ٿو نظر اچي. سڀ کان وڌيڪ خراب حالت ٻارڙن جي آھي جن جي اڪثريت اڄ بہ اسڪولن کان ٻاھر روڊن رستن تي پنندي، سخت پورھيو ڪندي يا وري منشيات استعمال ڪندي نظر اچي ٿي.جيڪر عالمي ادارن جون رپورٽون ٿيون پڙھجن تہ لڱ ڪاڊارجيو وڃن. ڪروڙين ٻار اھڙا آھن جن کي مناسب کاڌو مھيا نہھئڻ ڪري اھي مختلف بيمارين جو شڪار ٿين ٿا ۽ انہن مان ھر سال لکين ٻار بنان ڪنہن علاج جي مريو وڃن.اڄ ايڪويھين صديء مان ھر ايندڙ حڪومت لاء اھو سوال نہايت ئي اھم آھي تہ ڇا ڪنہن سڌريل سماج ۾ معصوم ٻارڙن جو مستقبل اھو ئي ھوندو آھي جيڪو اسان جي ملڪ ۾ آھي؟

 (روزاني عوامي آواز 5 جنوري 2023ع)