Sunday, January 31, 2016

ڪٿي ڪا اميد ڳولهجي!

ڪٿي ڪا اميد ڳولهجي!
شفيق شاڪر


جي سچ پڇو ته پاڪستاني عوام مايوسين جي هڪ وڏي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي.جيڪڏهن نراسائين جي لشڪر مان ڪڏهن ڪا آس جي روشني اٿي به ٿي ته وقت جو ايندڙ لمحو ان کي اجھايو وڃي. انسان جي فطرت ۾ سهپ ۽ برداشت جي به هڪڙي حد ٿيندي آهي پر جڏهن پنهن جي ئي ماحول سان بيزاريون مقرر حدون اورانگھين ٿيون ته پوء يا ته ماڻهو هميشه جي لاء مايوس ٿي ملڪ ۽ رياست جي هر معاملي کان لاتعلق بنجي وڃن ٿا يا وري “ تنگ آيد بجنگ آيد” واري صورتحال پيدا ٿئي ٿي جنهن جو نظارو اسان اڄ وچ اوڀر ۾ پسي رهيا آهيون.اهي ٻئي صورتون يعني عوام جو رياستي معاملن سان لاتعلق بڻجي وڃڻ يا خدانخواسته ڪنهن گھرو ويڙه واري حالت پيدا ٿيڻ، اهي ٻئي شيون ڪڏهن به رياست جي فائدي ۾ نه هونديون آهن.جتي به اهي اڻ وڻندڙ حالتون پيدا ٿينديون آهن جن کي اسان چوندا ته هنگامي يا اتفاقي حالتون آهيون پر اصل ۾ اهي اوچتيون يا اتفاقي حالتون نه هونديون آهن.انهن جي پيدا ٿيڻ جي پويان صدين ۽ سالن جو سفر هوندو آهي.اها به حقيقت آهي ته موجوده حالتن تي عوام کي جيتري مايوسي ۽ پريشاني آهي اسان جي اشرافيا جي حصي ۾ انهن مايوسين ۽ پريشانين جو ذرو به نه آيو آهي. اهي ڏاڍا مطئمن ۽ خوش آهن. ايئن ٿو محسوس ٿئي ته اهي هن ڌرتيء جي نه پر ڪنهن ٻي دنيا جي مخلوق آهن جتي بهارون ئي بهارون آهن ۽ ان نگريء ۾ خزائن جو گذر ئي ڪونهي.معصوم ٻار دهشتگردن جي گولين وگھي مرن يا بک ۽ بيماريء کا ن تڙپي دم ڏين،توهان کي ان اشرافيا جي چهرن تي ڪڏهن ڪنهن ڪرب يا پريشانيء جي ڪا لڪير نظر آئي آهي؟ تازو ٿيل دهشتگرديء جي واقعي کي ڏسو، هڪ بهادر پروفيسر پنهن جي سيني تي شهادت جو نشان سجائي پنهن جو فرض پورو ڪري ويو پر عوام جي ووٽ سان حڪمرانيء جي سيج تي ويٺل وزيراعظم کي پنهن جن ڪاروباري دورن کان ايتري واندڪائي نه ملي جو هو پنهن جي ڏهن ڏينهن جي دوري کي انهن بي گناه شهيدن جي سوڳ ۾ مختصر ڪرڻ جو احسان ئي ڪري وٺي ها.انهن جي اصل صورت اها آهي جنهن کي هو بار بار سياسي مصلحتن سبب لڪائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. سندن فضول قسم جي همدرديء وارن بيانن، دهشتگردن جي چيلھ چٻي ڪرڻ وارن گدڙ ڀڀڪين، واقعن جي مذمتي ٺهرائن ،متاثرين سان دلي همدرديء وارن منافقانا دلاسن ۽فوٽو سيشنن سان عوام کي ڪابه دلچسپي نه رهي آهي. قوم کي لڳندڙ هر نئون زخم ۽ دلين کي درد ۾ ٻوڙيندڙ هر نئون واقعو انهن جي چاپلوسين، ٻٽن معيارن ۽ پنهن جي ئي عوام سان دوکن جي مجرماڻي ذهنيت کي وڌيڪ وائکو ڪري رهيو آهي.اهي پنهن جو پاڻ کي عقل جو عروج ۽ ڊپلوميسيء ۾ دنگ سمجھن ٿا.اهي سدائين خلق خدا جي اڪثريت کي بيوقوف ۽ ڄٽ سمجھڻ جي اجتماعي جهالت جو شڪار رهندا پيا اچن،پر اهي ئي اصل ۾ محروم آهن جو قدرت طرفان عطا ٿيندڙ عظيم تحفي يعني انسانيت جي احساس کان محروم ڪيا ويا آهن.انهن کي بيوسن جون آهون ۽ دانهون ٻڌڻ ۾ نٿيون اچن، انهن کي درد وندن جا درد محسوس نٿا ٿين.انهن کي ٻن ويلن جي مانيء کان محروم مسڪين ڏسڻ ۾ نٿا اچن. قوم کي خود انحصاريء جون پرچارون ڪندڙن کي خودڪشيون نظر نٿيون اچن.ميگا پروجيڪٽ منصوبا جوڙڻ وقت اسپتالن ۾ نانگ جي ڏنگ جي علاج جون اڻلڀ سويون مهيا ڪري ڏيڻ جو خيال نٿو اچي. انهيء ڪري جو انهن جي دنيا الڳ آهي ۽ اسان جي دنيا الڳ. انهن جو پاڪستان ٻيو آهي ۽ اسان جو پاڪستان ٻيو.انهن جي دنيا ۾ ڀلا نانگ ۽ بلائن جو ڪهڙو گذر!سڄي دنيا ۾ تيل جون قيمتون وڃي پٽ پييون پر اسان جي نصيبن ۾ اهڙيون سستايون ڪٿي جو عوام کان پيٽرول تي وصول ڪيل وڌيڪ ڏنڊ مان ئي ته انهن جي گاڏين ۾ پيٽرول ڀرجي ٿو. وڪرو ٿيندڙ قومي ادارن جا مزڊور رڙيون ڪري ڪري هوش وڃائي چڪا ته اسان کي خدا جي واسطي ٻين جي گناهن جي سزا ڏيئي اسان جي ٻچن کي بکن جو شڪار نه بڻايو پر هي ته عالمي ادارن جا زرخريد غلام آهن سو اڳ ۾ ئي انهن سان اهي وعدا وچن ڪيو ويٺا آهن.هي سڀ ڪجھ وڪڻي ڇڏيندا. ڇا جون اسيبمليون، ڪهڙي جمهوريت ۽ کڏ ۾ پوي عوام. پي آئي اي نيلام ٿي چڪي صرف قانوني ڪاروائي باقي آهي، اسٽيل ملز نيلام ٿي ويندي،  پوء فيسڪوپوء حيسڪو مطلب ته نيلامي ئي نيلامي هوندي.2018ع اڃا پري آهي تيستائين عوام کي اهي سڀ درد وسري ويندا ۽ پاڪستان ايشيا جو ٽائيگر بڻجي چڪو هوندو. شينهن ۽ ٻڪري هڪ ئي تلاء تان پاڻي پي رهيا هوندا.بجلي ۽ گئس جو بحران ختم ٿي چڪو هوندو ۽ روزگار جا دريا وهي رهيا هوندا.ان نيلاميء جي عظيم مهم ۾ سنڌ حڪومت به سوچيو آهي ته اها ڇو پوئتي رهي. اسپتالون وڪجن پييون ۽ هاڻي اسڪولن جو وارو اچڻو آهي. ورلڊ بينڪ سان معاهدا ڪيا ويا آهن ته سالن کان پڙهائيندڙ استادن کي ڪنهن نه ڪنهن بهاني نوڪرين مان ڪڍي نوان رنگروٽ ڀرتي ڪيا ويندا جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ تعليم جي ميدان ۾ بلندين جي آسمان تي پهچي ويندي.اهو سڀ ٿي رهندو جو اهي ئي ملڪ جا اصل مالڪ آهن.عوام انهن جو ڪمي،ڪڙمي،ڪاسبي ۽ غلام آهي. غلامن کان سندن مرضي ۽ منشا نه پڇي ويندي آهي.پر ان سڄي ناٽڪ ۾ اسان جا اهي حڪمران جنهن شيء کي وساري ويٺا آهن سو آهي تاريخ جو سبق! تاريخ جيڪا هر اهڙي ناٽڪ جي پسمنظر ۾ نه محسوس ٿيندڙ انداز ۾ پنهن جو پاڻ کي ورجائڻ جو سامان ڪٺو ڪندر رهي ٿي.
روزاني جيجل 31 جنوري 2016ع

Friday, January 29, 2016

هي ڪهڙو سماجي شعور آهي؟

هي ڪهڙو سماجي شعور آهي؟
شفيق شاڪر
جپان دنيا جو هڪ صنعتي ترقي يافته ملڪ آهي ۽ جپان اها ترقي تمام مختصر وقت ۾ ڪئي آهي. جپان جو مشهور هوائي اڏو نيريٽا جنهن کي هاڻي ٽوڪيو  انٽرنيشنل ايئر پورٽ به چيو وڃي ٿو اهو دنيا جي ڏهن وڏن مصروف ترين هوائي اڏن مان هڪ آهي جيڪو جپان جي اٽڪل 50 سيڪڙو هوائي مسافرن جي لاء استعمال ٿئي ٿو پر حيرت جي ڳالھ اها جو اهو هوائي اڏو روزانو رات جو يارهين وڳين کان صبح ڇهين وڳين تائين هر قسم جي هوائي ٽريفڪ لاء بند ٿي وڃي ٿو. اهو ڪنهن سيڪيورٽي رسڪ جي پيش نظر بند نٿو ڪيو وڃي پر ان لاء بند ڪيو وڃي ٿو جو جيئن ته اهو شهري آباديء جي وچ ۾ آهي ان ڪري اتان جي شهري ميونسپل انتظاميه طرفان حڪومت تي اها پابندي لڳل آهي ته رات جو انهن شهرين جي ننڊ ۽ آرام ۾ هرگز رخنو نه پوڻ گھرجي جيڪي سڄي ڏينهن جي محنت کان پوء رات جو ڀرپور ننڊ جا مستحق هوندا آهن ته جيئن ٻئي ڏينهن تي بنان ڪنهن ٿڪاوٽ ۽ بي زاريء جي واپس ملڪ جي ترقيء ۽ بهتريء جي لاء پنهن جون مقرر ڪيل ذميداريون سهڻي نموني ادا ڪري سگھن.جيئن ته اتان جون ميونسپل حڪومتون عوام جي بنيادي حقن جي تحفظ جون ذميدار هونديون آهن ۽ عوام جي جذبن ۽ احساسن جون نمائنده هونديون آهن سو مرڪزي حڪومت کي اهو اختيار ئي ناهي جو اها انهنجي فيصلن کي تبديل يا رد ڪري سگھي.جپان جي ان هوائي اڏي جو مون ذڪر ان ڪري ڪيو جو اسان پنهنجوپاڻ کي عظيم تهذيب جا وارث سڏيندا آهيون ۽ انگريزن توڙي دنيا جي ٻين قومن جا صرف عيب ڪڍندا رهندا آهيون پر انهن جي اختيار ڪيل سهڻن اصولن جي تعصب سبب پيروي ته پري رهي پر جائز تعريف به نه ڪندا آهيون. دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ قانون جي پيروي ڪرڻ اتان جي شهرين جي عادت ۾ شامل ٿي چڪو آهي جڏهن ته قانون کي ٽوڙڻ اسان جهڙن ملڪن ۾ اسان جي قومي سڃاڻپ بڻيل آهي. اهي ڪڏهن به ڏسي وائسي ٽريفڪ سگنل جي خلاف ورزي نٿا ڪن.هنڌ هنڌتي گندگي نٿا ڦهلائين.ٻين شهرين لاء تڪليف ۽ پريشانيء جو سبب نٿا بڻجن.اهو سڀ ڪجھ ڇا آهي؟ انهيء کي شهري يا سماجي شعور Civic Sense چئبو آهي.جنهن قوم ۾ اهو شعور جيترو وڌيڪ پختوهوندو ان معاشري ۾ اوترو ئي وڌيڪ نظم ۽ ضبط ڏسڻ ۾ ايندو ۽ قومون پنهنجي زندگيء ۾ ايندڙ ڏکئي کان ڏکين موڙن ۽ مرحلن جو مقابلو صرف نّظم ۽ ضبط سان ئي ڪري سگھنديون آهن.جنهن معاشري ۾ ماڻهو نه سوچ ۾ منظم هجن،نه جسماني طور تي منظم هجن ۽ نه ئي سماجي طور تي منظم هجن ان معاشري ۾ افراتفري ۽ ڀڃ ڊاھ ته ڏسي سگھجي ٿي پر قومي يڪجهتي، سماجي ايڪتا ۽ سياسي استحڪام جا صرف خوبصورت خواب ئي ڏسي سگھجن ٿا.جنهن سماج ۾ هڪٻئي جي اهنج ۽ ايذاء جو خيال نه رکيو وڃي،ٻئي جي پريشانين ۾ اضافو ڪرڻ کي ڪو ڏوھ ئي نه سمجھيو وڃي ۽ هڪٻئي جي بنيادي حقن جو عملي انڪار ڪيو وڃي ته اهڙي سماج جا  شهري سدائين هڪ ٻئي کان بي زار نظر ايندا.جنهن جو نتيجو آخرڪار سماج ۾ نفرت، بغاوت ۽ تشدد جي صورت ۾ ئي ظاهر ٿئي ٿو. اسان وٽ ته قانون جڙندا ئي ان ڪري آهن ته انهنکي ٽوڙيو وڃي. خود قانون جوڙيندڙ ۽ انهن تي عمل ڪرائيندڙ ئي قانون جا بکيا اڍيڙڻ ۾ اڳيان اڳيان نظر ايندا.ڇا اسان جي ملڪ ۾ پوليس جو ڪو سپاهي وڏين گاڏين ۾ گھمندڙ اشرافيا کي روڪڻ لاء اشارو ڪرڻ جو تصور ڪري سگھي ٿو؟ان ڪري جو اسان اڃا تائين پنهن جي وحشي دور واري تاريخ مان آزاد نه ٿيا آهيون جتي قانون صرف ڪمزورن جي پيرن جي ٻيڙي بنيل هوندو آهي. اها ته ٿي وڏن ماڻهن جي ڳالھ پر اسان مان هرڪو جنهنکي جيترو اختيار آهي قانون ٽوڙڻ ۽ ٻئي جي حق تلفي ڪرڻ ۾ وسان نٿو گھٽائي. اڄ ڪلھ هڪ برگر فيشن به اسان جي معاشري جي سڃاڻپ بڻيل آهي.سمجھ ۾ نٿو اچي ته اها جھنگلي ٻوٽي اوچتو ئي اوچتو ڪٿان پيدا ٿي آهي جنهن پوري سماج کي پنهن جي لپيٽ ۾ آني ڇڏيو آهي. موٽر سائيڪلن جي هٿ سان ڦاڙيل سائلنسرس جو شور،مٿان پريشر هارنن جي ملايل موسيقي ۽ گڏوگڏ انهن تي سجايل اسپيڪرن مان ايم پي ٿري جي ذريعي فل واليوم سان نڪرندڙ سر سنگيت، نه وقت جي پابندي ۽ نه ئي جاء جڳھ جو خيال، بس سفر جاري آهي.ايترو خيال به نٿو ٿئي ته ڪو بيمار سڄي رات تڙپي مس ستو هجي ۽ توهان جي ان شوق ان جي ننڊ زهر ڪري ڇڏي هجي!موٽر سائيڪلن جي ان نرالي شوق ۾ صرف اشرافيا جا ئي ٻار ڪونهن پر عام طور تي ته موٽر سائيڪل هوندي ئي وچين يا هيٺئين طبقي جي ماڻهن وٽ آهي.انهيء انسان آزار ڪلچر جو شڪار صرف جاهل ۽ اڻ پڙهيل ئي نه هوندا آهن پر ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙهندر شاگرد،مدرسن ۾ ديني تعليم حاصل ڪندڙ کٿابي، ايستائين جو ٻارن کي تعليم ۽ تربيت ڏيندڙ ڪجھ استاد به وڏي فخر سان اهڙين موٽرسائيڪلن کي ڊوڙائيندي نظر ايندا آهن.جڏهن ڪنهن معاشري ۾ معزز استاد صاحبان جن کي رول ماڊل سمجھيو ويندو آهي اهي به ان سماجي شعور کان وانجھيل هجن ته پوء سماج جو اهو ئي حشر ٿيڻو آ جيڪو اسان کي نظر اچي رهيو آهي. اسان جي تعليمي ۽ تربيتي نظام ۾ ڪا بنيادي خّامي ضرور آهي جو سماج طرف اسان جا رويا مثبت گھٽ ۽ منفي زياده آهن.اسان پنهن جي گهر جو گند بنان هٻڪ جي ٻئي جي گھر اڳيان ڦٽو ڪري پنهن جي ذميداري پوري ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهيون.پر ٻئي جي گھر جي اڳيان گندگي ڦٽي ڪرڻ جي ڪري جيڪا اذيت انهن گھر وارن کي برداشت ڪرڻي پوي ٿي انهيء جو احساس نه اسان کي پاڻ ٿئي ٿو ۽ نه ڪو ٻيو اسان کي اهو احساس ڏياري ٿو.اهڙيء طرح ڪا شيء کائي يا استعمال ڪري انهيء جي ٿيلي يا ڪاغذ جتي آيو اتي ڦٽي ڪرڻ به اسان جي قومي مزاج ۾ شامل آهي.اهڙيء طرح ڪنهن سرڪاري يا نجي عمارت کي پنهن جي مذهبي، سياسي، سماجي ۽ تجارتي تشهير جو مرڪز بنائڻ کي به ڪو اخلاقي ڏوھ نٿو سمجھيو وڃي.هتان ڪنهن عمارت تي رنگ ٿيو ناهي هتان انهيء تي ان عمارت جي مالڪ جي مرضيء سوا انهيء تي رنگ برنگي اشتهار،مذهبي گڏجاڻين جون دعوتون، سياسي جلسن جون ڪوٺون، مختلف حڪيمن جاڏس پتا، ايستائين جو نفرت پکيڙيندڙ نعرا ۽ گار گند جو وسيع ذخيرو پڙهڻ لاء نظر ايندو. ظاهر آهي ته اهو ڪم اڻ پڙهيل ته ڪري نٿا سگھن،اهي سڀ پڙهيل لکيل مخلوق جا سونهري ڪارناما هوندا آهن.اهو سڀ ڪجھ اسان ان عمارت کي پنهنجي ذاتي ملڪيت سمجھي ڪندا آهيون ۽ عمارت جي مالڪ جي بنيادي حقن جواسان کي ذرو به خيال نه ايندو آهي.موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ جي سهوليت ته اسان آسانيء سان حاصل ڪري ورتي پر انهن کي به ڪنهن تعميري ۽ مثبت رخ ۾ استعمال ڪرڻ بدران اڪثر ٻين جي آزار جي لاء استعمال ڪيو وڃي ٿو ۽ انهن شين جي استعمال جي بنيادي اخلاقيات اسان اڃا تائين نه سکي سگھيا آهيون.نيٽ تي اڻ وڻندڙ زبان جو استعمال ۽ موبائيل جي استعمال ۾ وقت ۽ موقعي جو خيال نه رکڻ ۽ ڪنهن جي آرام وقت فضول قسم جا ميسيج موڪلڻ ،انهن شين کي اسان شهري شعور جي خلاف ڪڏهن سمجھيو ئي ناهي.شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪروڙن جي خرچ سان ٺهيل بنگلا ۽ عمارتون ته اسان کي ٺهيل نظر اينديون پر ان بنگلي مان ڊرينج سسٽم جو ٻاهر نڪتل پائيپ ان ڪري اتي جو اتي ڇڏي ڏيندا آهيون جو اسان اها ذميداري ٽائون يا ميونسيپل ڪميٽي جي سمجھندا آهيون ته اها انهيء کي ڪنهن گٽر سان ملائي ڇڏي.جيئن ته اسان جي ملڪ ۾ سرڪاري ادارا پنهنجو مقرر ڪم ايترو تيزيء ۽ آساني سان ڪندا ناهن انڪري اهي کليل پائيپ گھٽين ۾ گندگي جو ڍير ۽ ڪني پاڻي جو سمنڊ ڪٺو ڪندا رهندا آهن حالانڪه جڏهن بنگلي تي ڪروڙين روپيا خرچ ڪري سگھجن ٿا ته ٻه ٽي هزار ان جي مناسب ڊرينيج تي به خرچ ڪري سگھجن ٿا.پر جيئن ته اسان  تهادارا پري رهيا ،پنهن جي گھر جي گھٽيء جي به مالڪي ڪرڻ لاء تيار ناهيون ان ڪري اها صورتحال پيدا ٿئي ٿي.هر شيء ۽ هر خرابي جيڪر حڪومت جي کاتي ۾ وجھڻ سان اسان جو ڪو مسئلو حل ٿئي ٿو ته پوء ايئين به ڪيون پر سڀ مسئلا صرف حڪومتون ئي حل ڪري نٿيون سگھن. هڪ ننڍڙي مثال مان سمجھون. مثال ڪا ميونيپل ڪميٽي ڪنهن گھٽيء۾ پاڙي وارن جي سهوليت لاء ڪا بتي لڳائي ٿي پر ان پاڙي جا ٻار ان بتيء کي پٿر هڻي ٽوڙي ڇڏين ٿا . ميونسيپل طرفان بار بار اها بتي بدلائي وڃي ٿي ۽ بار بار ان پاڙي جا ٻار انهيء جو ساڳيو حشر ڪن ٿا. نه پاڙي جو ڪو ماڻهو ان بتيء جي مالڪي ڪري ٿو ۽ نه ئي ٻارن کي ان حرڪت کان منع ڪري ٿو ته پوء آخر ميونسيپل ڪميٽي ڇا ٿي ڪري سگھي.اهو ننڍڙو مثال آهي پر ٻين معاملن کي به ان مثال ذريعي سمجھي سگھجي ٿو. اسان جون سماجي تڪليفون تيستائين گھٽجي نه سگھنديون جيستائين اسان ۾ سماجي شهري شعور بيدار نه ٿيندو ۽ اهو شعور تيستائين بيدار نه ٿيندو جيستائين اسان انهن شين جي مالڪي نه ڪنداسين.اهي جملا ته توهان پڙهيل لکيل ماڻهن جي وات مان اڪثر ٻڌندا رهندا آهيو ته
“ سرڪاري مال آهي اسان جي گھران ڇا ٿووڃي!”

جڏهن اسان پنهن جي فائدي لاء قائم ڪيل ادارن ۽ شين کان لاتعلقيء وارو رويو اختيار ڪيون ٿا ته پوء پبلڪ پارڪن ۽ قومي لائبريرين جو به اهو ئي حشر ٿئي ٿو!
روزاني جيجل 29 جنوري 2916ع

Thursday, January 28, 2016

يمن ۾ ڀڙڪيل باھ تي تيل ڪير پيوهاري ؟

يمن ۾ ڀڙڪيل باھ تي تيل ڪير  پيوهاري ؟
شفيق   شاڪر
مارچ 2015ع کان سعودي عرب طرفان يمن تي ڪيل بمباري جي نتيجي ۾ هن وقت تائين اٽڪل ڏھ هزار ماڻهو مري چڪا آهن جن ۾ 630 ٻار به شامل آهن.هن وقت تائين اها انساني حقن جي حوالي سان ٿيل تمام وڏي خلاف ورزي آهي جو مرندڙن جو تعداد ڏينهن ۾ 43 بيهي ٿو جڏهن ته روزانو مرندڙ ٻارن جو تعداد ڏھ آهي.يونيسيف جي چوڻ مطابق ٽيهتر سيڪڙو ٻارن جي موت جو سڌو سنئون سبب سعودي عرب طرفان ٿيندڙ اهي هوائي بم حملا آهن.شهري حدفن کي بار بار نشانو بنايو وڃي ٿو.هڪ پناهگير ڪيمپ کي به نشانو بنايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ 40 ماڻهو مري ويا جڏهن ته 200 کن زخمي ٿيا. گذريل آڪٽوبر ۾ هڪ اسپتال کي به نشانو بنايو ويو هو.انهيء کان سواء اسڪول،مارڪيٽون، اناج جا گودام، هوائي اڏا ۽ هڪ شيشي جي فيڪٽري به انهن حملن جو نشانو بڻجي چڪي آهي.انهيء ۾ ڪو شڪ ناهي ته بين الاقوامي قانون هيٺ اهي سڀ جنگي ڏوھ شمار ڪيا وڃن ٿا.شهري آبادين کي بمن جو نشانو بنائڻ جي ڏوھ سان گڏوگڏ ٻيو سنگين ڏوھ اهو ٿي رهيو آهي جو اهڙو ملڪ جيڪو پنهنجي کاڌي جون نوي سيڪڙو شيون ٻاهران گھرائي ٿو، ان جي ٻاهران ايندڙ سڀ رسد بلاڪ ڪئي ويئي آهي جنهن ڪري اتي تمام وڏو انساني الميو جنم وٺي رهيو آهي.گذريل آگسٽ ۾ آڪسفيم خبردار ڪيو هو ته اٽڪل هڪ لک ٽيھ هزار ماڻهو بک کان بدحال بنجي کاڌي جي لاء ڪا نه ڪا شيء ڳولهي رهيا آهن.اهو بک وگھي تڙپندڙ ماڻهن جو وڏي ۾ وڏو تعداد آهي جيڪو اڄ تائين سامهون آيو آهي.آڪٽوبر 2015ع ۾ انٽرنيشنل ريڊ ڪراس جي سربراھ يمن تي تبصرو ڪندي چيو هو ته “ جيڪا حالت شام جي پنجن سالن ۾ ٿي آهي يمن جي اها حالت صرف گذريل پنجن مهينن ۾ بڻجي ويئي آهي.”
انهيء کان ايندڙ مهيني يعني نومبر ۾ اقوام متحده جي جاري ڪيل رپورٽ مطابق
“ يمن ۾ هڪ لک چاليھ هزار ماڻهو اهڙا آهن جيڪي بيمار آهن پر انهن کي علاج جي ڪا سهوليت ميسر ڪانهي ۽ پوري آباديء جا اسي سيڪڙو يعني ٻه لک ڏھ هزار ماڻهو انساني امداد جا محتاج آهن. خدشو آهي ته اٽڪل هڪ لک نوي هزار ماڻهو پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ صفائيء جي سهوليتن کان محروم ٿي چڪا آهن ۽ اٽڪل پنجويھ لک ماڻهو پناهگير بڻجي چڪا آهن.”
برطانوي حڪومت طرفان اهڙا بيان سامهون اچن ٿا ته جن مان ايئن ٿو لڳي ته انهن کي يمن جي حالتن تي شديد ڳڻتي آهي ۽ ان کي اتان جي مصيبت ۾ ڦاٿل عوام سان وڏي همدردي آهي پر اهو معاملي جو صرف هڪ منافقاڻو رخ آهي.حقيقت اها آهي جو جنهن ڏينهن تي سعودي حڪمرانن يمن تي اها ڪاروائي شروع ڪئي هئي ان کان ٻئي ڏينهن تي برطانوي وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمرون سعودي بادشاھ کي ذاتي طور تي فون ڪري کيس يمن ۾ سندس انهيء ڪاروائيء تي مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو هو.پوين ايندڙ مهينن ۾ برطانيه طرفان سعودي عرب کي وڏي پيماني تي انهيء ڪاروائيء جي لاء جنگي هٿيار وڪڻڻ واري معاملي ان حقيقت تان پردو کڻي ڇڏيو ته دنيا ۾ انساني حقن جي چيمپيئن سڏائيندڙ برطانيا کي يمن جي معصوم ٻارن جي جان کان وڌيڪ فڪر پنهن جا بم ۽ هٿيار کپائڻ جو آهي ۽ هو ان معاملي ۾ آمريڪا کي به اڪيلو ڇڏي ويو.يمن تي بمباري شروع ٿيڻ کان پوء برطانيا هٿيار ملڪ کان ٻاهر موڪلڻ جا هڪ سو کان مٿي  نوان لائسنس جاري ڪري چڪو آهي ۽ صرف 2015ع جي پهرين ڇهن مهينن ۾ برطانيا پوڻن ٻن بلين پائونڊس جا هٿيار سعودي عرب سان وڪيا.انهن هٿيارن ۾ گھڻائي ايئر ڪرافٽس ۽ فضائي ميزائيلن جي آهي ۽ انهن ۾ هزار کان مٿي بم به شامل آهن، انهي کان سواء سعودي ايئر فورس جو اڌ حصو برطانيا جي ٺهيل جيٽ جهازن تي مشتمل آهي. انڊپينڊنٽ اخبار موجب“ برطانيا طرفان مهيا ڪيل جهاز ۽ برطانيا جا ٺهيل ميزائيل ئي يمن ۾ سعودي قيادت هيٺ ڪاروائي ڪندڙ نون ملڪن جي فوج طرفان ٿيندڙ روزمره جي حملن ۾ استعمال ڪيا وڃن ٿا”
خيراتي ۽ امدادي ادارا ان ڳالھ تي متفق آهن ته يمن جي عوام جي هلاڪتن، مصيبتن ۽ تڪليفن جي لاء برطانوي حڪومت سعودي عرب سان گڏ هڪجهڙي ذميدار آهي.آڪسفيم جي چيف ايگزيڪيوٽو “مارڪ گولڊرنگ ” مطابق “ برطانوي حڪومت يمن ۾ اهڙي بحران تي تيل هاري رهي آهي جيڪو بحران ناقابل برداشت انساني الميي جو سبب بڻجي رهيو آهي.وقت اچي ويو آهي ته برطانوي حڪومت ان جنگ جي حمايت ڪرڻ بند ڪري.”
برطانيا جي ايمنيسٽي انٽرنيشنل جي ڊائريڪٽر،“ڪيٽ ايلن ”جو چوڻ آهي ته “ برطانيا پنهنجن هٿيار وڪڻڻ جي حوس ۾ خود پنهن جي ملڪي قانون توڙي هٿيار وڪڻڻ جي بين الاقوامي معاهدي جي به کلم کلا خلاف ورزي ڪئي آهي جنهن جو هو پنهنجو پاڻ کي چيمپيئن سڏائيندو هو.مختلف قانوني راين ان نڪتي کي پختو ڪري ڇڏيو آهي ته برطانيا طرفان سعودي عرب کي وڏي پيماني تي هٿيار وڪڻڻ غيرقانوني،غيراخلاقي ۽ ناقابل معافي ڏوھ آهي.”
ممتاز قانوندان جن ۾ “فلپ سينڊز” به شامل آهي انهن جو چوڻ آهي ته “ برطانيا اهڙا جنگي هٿيار وڪڻي سڌي سنئين بين الاقوامي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي جڏهن جو هو ڄاڻي پيو ته اهي هٿيار سنگين جنگي ڏوهن لاء استعمال ڪيا ويندا”
هاڻي ڳالھ اها آهي جو برطانيا جا رڳو هٿيار ئي ان جنگ ۾ استعال نه ٿي رهيا آهن پر اسڪائي نيوز مطابق “ برطانيا جا ڇھ وڏا جنگي ماهر به يمن ۾ ٺڪاڻن کي نشانو بنائڻ ۾ سعودي فضائيه سان گڏ ڪم ڪري رهيا آهن.” وڌيڪ اهو به ته اخبار “دي ويڪ” مطابق برطانوي فوج جا چورانوي آفيسر ملڪ کان ٻاهر ڊيوٽين تي مقرر ڪيل آهن،اهي ڪٿي ڪم ڪري رهيا آهن،برطانوي حڪومت انهن جي باري ۾ ڪجھ به ٻڌائڻ لاء تيار ڪانهي.اهو سمجھيو وڃي ٿو ته اهي فوجي آفيسر به سعودي فوج سان گڏ ڪم ڪري رهيا آهن.”
سڄي بحث جو خلاصو اهو ته سعودي عرب طرفان يمني عوام تي ٿيندڙ بمباريء ۾ برطانيا ان جو وڏي ۾ وڏو سهولتڪار آهي.برطانيا هڪ ئي تير سان ٻه شڪار ڪرڻ جي حڪمت عمليء تي ڪم ڪندي نظر اچي ٿو. پنهن جا گھڻي ۾ گھڻا هٿيار وڪڻڻ ۽ سعودي حڪمرانن وانگر ساڳي خواهش هئڻ ڪري ته ڪنهن به طرح ايران کي ڪنڊائتو ڪيو وڃي ۽ ايران جي زير اثرحوثي باغين جي پاڙ پٽي وڃي پوء ڀلي هوثين جي بدران القائده يا داعش اڳيان اچي وڃن،برطانيا توڙي سعودي عرب  مستقبل ۾پيدا ٿيندڙ انهن امڪاني سنجيده خطرن کي في الحال نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي!

 روزاني سنڌ 28 جنوري 2016ع

Wednesday, January 27, 2016

نيشنل ايڪشن پلان تي حڪومت جي سنجيدگيء جو حال!

نيشنل ايڪشن پلان تي حڪومت جي سنجيدگيء جو حال!
شفيق شاڪر
نيشنل ايڪشن پلان جي حوالي سان موجوده حڪومت جيترا گيت ڳائي ٿي ، جيتري ان پلان جي تعريف ڪري ٿي۽ جيترو ان پلان جي اهميت بيان ڪري ٿي ته عوام ان غلطفهميء جو شڪار بڻجي وڃي ٿو ته شايد حڪومت صبح سانجھيء ان پلان تي عمل درآمد لاء پنهنجي ننڊ ڦٽائي ڇڏي آهي ۽ تاثر به اهو ڏنوپيو وڃي ته حڪومت وڏو ڪم ڪري رهي آهي.ميڊيا ۾ به ڪجھ تجزيي نگار بار بار نواز شريف کي ان پلان تي عمل درآمد ڪرائڻ لاء  خراج  تحسين پيش ڪندي نٿا ٿڪن پر حقيقت ان جي خلاف آهي.جيڪر حقيقت پسنديء سان جائزو ورتو وڃي ته نيشنل ايڪشن پلان جي ويهن نڪتن مان صرف پنجن نڪتن تي پورو يا جزوي عمل ٿي سگھيو آهي.ان جو مطلب اهو ٿيو ته پوري پلان جي صرف 25 سيڪڙو نڪتن تي اڄ تائين پورو يا جزوي عمل ٿيو آهي جڏهن ته 75 سيڪڙو نڪتا جيئن جو تيئن بنان ڪنهن اڳڀرائيء جي صرف ڪاغذن جي زينت بڻيل آهن.وري جن نڪتن تي عمل ٿيو به آهي ته انهن جو تعلق سڌو سنئون فوج يا گھرو وزارت سان آهي باقي جن شين جو تعلق خود وزيراعظم سان يا ٻين وزارتن سان آهي انهن تي ذرو به عمل نه ٿي سگھيو آهي. گھڻو ڪم قانون واري وزارت سان به لاڳاپيل آهي پر اڄ تائين حڪومت کي ان وزارت لاء ڪو قابل وزير ئي نٿو ملي. انهيء مان حڪومت جي ان معاملي تي سنجيدگيء ۽ سچائيء جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو.اهي ڪهڙا پنج نقطا آهن جن تي مڪمل يا ڪجھ نه ڪجھ عمل ٿيو آهي.
1.عدالتن مان دهشتگردن کي ٻڌايل سزائن تي عمل ڪيو وڃي .2. دهشتگرديء جي ڪيسن لاء فوجي عدالتن جو قيام. فوجي عدالتون ته بڻجي چڪيون آهن پر انهن ۾ ڪيس حڪومت کي موڪلڻا آهن جنهن معاملي ۾ حڪومت جي ڪارڪردگي تسلي بخش ناهي.3. ملڪ ۾ ڪنهن هٿياربند مليشيا کي برداشت نه ڪيو ويندو.انهيء نڪتي تي فوج عمل ڪري رهي آهي ۽ قبائلي علائقن ۾ فوجي ڪاروائي ان نڪتي سان تعلق رکي ٿي. هن نڪتي تي به جزوي عمل ٿي سگھيو آهي جو ڪيتريون ئي هٿياربند تنظيمون نالا بدلائي ڪم ڪري رهيون آهن.4.اليڪٽرانڪ۽ پرنٽ ميڊيا ۾ دهشتگردن کي پرڪشش انداز ۾ ڪوريج نه ڏيڻ. انهي نڪتي  تي  به جزوي عمل ٿيو آهي جو ايجنسين جي خوف کان ميڊيا وڏي احتياط کان ڪم وٺي رهي آهي.5. ڪراچي۾ ڏوهارين خلاف آپريشن،انهي نڪتي تي به فوج رينجرز جي ذريعي عمل درآمد ڪرائي رهي آهي.
انهن پنجن نڪتن کي ڇڏي ڪري باقي پندرهن نڪتن تي حڪومت ڪوبه عمل درآمد ڪرائڻ لاء بلڪل سنجيده نظر نٿي اچي. اصل ۾ مٿيان پنج نڪتا جن تي عمل ٿي رهيو آهي اهي دهشتگردي جي خاتمي جو مستقل نه پر عارضي حل آهن جڏهن ته باقي رهيل پندرهن نڪتا دهشتگرديِء جي بنيادي سببن سان تعلق رکن ٿا جن تي  ڪوبه عمل نه ڪرڻ باوجود حڪومت عوام ۽ ميڊيا جي اکين ۾ ڌوڙ وجھڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي ته انهن کي نيشنل ايڪشن پلان کان سواء ٻيو ڪجھ به ياد ناهي.باقي پندرهن نڪتن تي حڪومت عمل نه ڪري سنگين ڏوھ جي مرتڪب ٿي آهي ۽ جيڪي به دهشتگريء جا واقعا ٿيا آهن يا خدانخواسته ٿيندا ته انهن جي ذميداري سڌي سنئين وفاقي حڪومت تي عائد ٿئي ٿي جنهن هن  اهم معاملي ۾ سنگين غفلت جو مظاهرو ڪيو آهي. رهيل پندرهن نڪتا هي آهن.
1.دهشتگردي ٽوڙ اداري نيڪٽا کي فعال بنايو ويندو. ان معاملي تي ذري جي به پيش رفت نه ٿي سگھي آهي ايستائين جو وزارت خزانه کي اداري جي لاء جيڪي فنڊ جاري ڪرڻا هئا،اسحاق ڊار صاحب مختلف حيلن بهانن سان ٽال مٽول ڪندو رهيو آهي ۽ اڃا تائين وزارت داخلا کي فنڊ مهيا نه ڪيا ويا آهن.
2.انتها پسنديء جي مواد ۽ تقريرن تي پابنديء جي ڳالھ ڪئي ويئي هئي پر ان تي ڪجھ به عمل نه ٿي سگھيو آهي. 3. بندش پيل تنظيمن جي ٻين نالن سان سرگرمين جي ٽوڙ جي باري ۾ منصوبابنديء لاء چيو ويو هوپر انهن تنظيمن ۾ برابر اضافو ٿي رهيو آهي ۽ حڪومت وٽ ڪابه حڪمت عملي نظر نٿي اچي. 4.اهوچيو ويو هو ته دهشتگرديء جي ٽوڙ لاء هڪ موثر ۽ مستعدد فورس “ ڪائونٽر ٽيريرزم فورس” بنائي ويندي پر اها فورس اڃا تائين ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ نظر نه آئي آهي.5. اهو نڪتو هو ته مدرسن جي رجسٽريشن ۽ ريگيوليشن کي يقيني بنايو ويندو.انهيء نڪتي تي عمل درآمد ته ٺهيو پر اڃا تائين اهو فيصلو نه ٿي سگھيو آهي ته اها ذميداري ڪهڙي وزارت جي آهي!6. فاٽا ۾ سڌارن جو خوبصورت خواب ڏيکاريو ويو هو پر اڃا تائين اهڙي ڪابه عملي سرگرمي ميدان ۾ نظر نٿي اچي. 7.دهشتگردن جي مواصلاتي لاڳاپن جي نيٽ ورڪ کي ٽوڙڻ جي ڳالھ ڪئي ويئي هئي پر اهو معاملو به اتي جو اتي آهي.8. مذهب جي بنياد تي امتياز ۽ استحصال جو خاتمو ڪيو ويندو،انهيء نڪتي تي ڪو ڪم ٿيندي نظر نه آيو آهي. 9. سوشل ميڊيا ۽ انٽرنيٽ جي غلط استعمال کي روڪڻ متعلق هو ته جيئن دهشتگرد انهيء ذريعي کي استعمال ڪري نه سگھن پر انهيء معاملي تي به حڪومت اڃا تائين بيوس نظر اچي ٿي ۽ بندش پيل تنظيمون آزاديء سان انهيء ذريعي کي اڃا استعمال ڪري رهيون آهن. 10..پنجاب مان دهشتگرديء جي پاڙ پٽڻ جي ڳالھ ڪئي ويئي هئي پر جيڪي دهشتگرد ۽ بندش پيل تنظيمون پنجاب ۾ اڳ ۾ فعال هيون اهي هينئر به فعال آهن،اڃا تائين پنجاب ۾ ڪو فيصلائتو آپريشن شروع نه ٿي سگھيو آهي.سڄي دنيا کي خبر آهي ته ڪهڙن سببن ڪري حڪومت پنجاب ۾ انهن تنظيمن تي هٿ هلڪو رکندي ٿي اچي. 11..بلوچستان ۾ سياسي مفاهمت وارو ماحول پيدا ڪرڻ ۽ بلوچ قيادت کي قومي ڌارا ۾ واپس شامل ڪرڻ متعلق نڪتو هو پر حڪومت ان معاملي ۾ عملي قدم کڻڻ بدران الٽوچين پاڪ معاشي راهداريء جي حوالي سان بلوچن جي شڪن ۽ شبهن ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو آهي. 12.فرقا پرستي ۽ مذهبي نفرتون پکيڙيندڙ تنظيمن ۽ گروهن جي سرگرمين کي بند ڪرڻ جي ڳالھ ڪئي ويئي هئي پر اها ڳالھ اڃا تائين فقط ڳالھ ئي آهي ۽ ان ڏس ۾ ڪا به عملي منصوبا بندي سامهون نه آئي آهي. 13.افغانستان مان آيل پناهگيرن متعلق چيو ويو هو ته انهن جي عزت ڀرئي طريقي سان پنهنجي ملڪ واپسيء جي لاء موثر حڪمت عملي جوڙي ويندي پر اهو به اڃا فقط ديواني جي ڪنهن خواب مثل معاملو اتي جو اتي آهي. 14.اهو طيء ڪيو ويو هو ته پوري ڪرمنل جسٽس سسٽم جي نئين نموني تشڪيل ڪئي ويندي پر اڃا تائين ان نڪتي تي به ڪا عملي سرگرمي نظر نه آئي آهي. 15 . دهشتگردن ۽ سندن تنظيمن جي مالي سهائتا روڪڻ ۽ سندن معاشي سهولتڪارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ جو نڪتو به نيشنل ايڪشن پلان جو هڪ اهم ۽ بنيادي نڪتو هو پر بدقسمتي سان حڪومت ان معاملي ۾ به ڪا موثر ۽ منظم ڪاروائي نه ڪري سگھي آهي.

حڪومت جي نيشنل ايڪشن پلان جي باري ۾ سنجيدگيء جي حالت اها آهي جو ميٽرو ۽ اورينج ٽرين جي شاهي منصوبن تي کربين روپيا خرچ ڪري رهي آهي پر فاٽا جي بي گھر ٿيل ماڻهن جي لاءڪجھ ڏوڪڙ به فوجي قيادت جي زور ڀرڻ کان پوء ادا ڪيا وڃن ٿا. ساڳيو معاملو وزارت داخلا سان آهي انهيء کي گھربل فنڊ مهيا نٿا ڪيا وڃن.سنڌ حڪومت الڳ دانهون ڪري رهي آهي ته انهيء کي رينجرز جي خرچن جي مد ۾ وفاقي حڪومت پئسا نٿي ڏئي. نيشنل ايڪشن پلان تي عمل درآمد جي ذميداري صرف گھرو وزارت جي نه هئي پر وزير اعظم،ڪيتريون ئي وفاقي وزارتون ۽ صوبائي حڪومتون به ان پلان تي عمل ڪرائڻ لاء سڌو سنئون ذميدار هيون پر اسيمبلين جي اندر يا ٻاهر ان پلان تي عمل نه ٿيڻ جي معاملي تي صرف گھرو وزير چوڌري نثار کي ئي تنقيد جو نشانو بنايو وڃي ٿو ۽ لڪيل لفظن ۾ عسڪري قيادت سان ان پلان تي صحيح نموني عمل نه ڪرڻ جون شڪايتون ڪيون وڃن ٿيون حالانڪه حقيقت اها آهي ته ان پلان تي عمل درآمد جي ناڪاميء جوپهرئين نمبر تي ذميدار خود وزيراعظم آهي جنهن ان پلان تي درآمد کي يقيني بنائڻ لاء سندس ئي سربراهيء ۾ هڪ ڪميٽي قائم ڪئي هئي پر اڄ تائين وزيراعظم کي غيرملڪي دورن،ميگا پروجيڪٽ منصوبن ۽ ڪاروباري مصروفيتن کان واندڪائي نه ملي آهي جو ان ڪميٽيء جي ڪا گڏجاڻي منعقد ڪري سگھي. بار بار عسڪري قيادت هنن وٽ هلي وڃي ٿي ۽ کين پنهن جا وعدا وچن ياد ڏياري ننڊ مان جاڳائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي پر ننڊ آهي جيڪا هنن کي چهٽي پيئي آهي جو ننڊ ۾ اهي پنهن جي شاندار بادشاهت،وڌندڙ دولت ۽ نه ختم ٿيندڙ اختيارن جا خواب ڏسندا آهن.ان ڳالھ کان بي پرواھ ته ايندڙ وقت جو ڪو بي رحم واقعو وري ڪيترن مائرن کي ڳوڙهن جي سمنڊ ۾ ٻوڙي سگھي ٿو!هنن سنگدل حڪمرانن کان جيستائين سموري سرڪاري سيڪيورٽي واپس نٿي ورتي وڃي،غريب عوام جي سيڪيورٽي جي ڪنهن به پلان تي هي ڪڏهن به سنجيده نه ٿيندا چاهي موجوده نيشنل ايڪشن پلان هجي يا ايندڙ وقت ۾ ٺهندڙ ٻيو ڪو پلان!

Tuesday, January 26, 2016

“سڀ ڪجھ ٺيڪ واري عينڪ”......!!!

“سڀ ڪجھ ٺيڪ واري عينڪ”......!!!
شفيق شاڪر

اسان جي پيارن راجائن جي جيتري پنهنجي رعيت سان پريت ۽ محبت آهي ايتري شايد هير جي رانجھي سان به نه هئي! هنن جي عوام سان عشق جي ديوانگي ته ڏسو جو ڏينهن رات هڪ ئي وائي وات تي اٿن ته ” اسان جو عوام..اسان جو عوام ! “ ٻي طرف هي “سنگدل ۽ ناشڪرو” عوام آهي جو هروڀرو ڏينهن رات سندن شڪايتون ڪندو رهي ٿو. عوام جي محبت ۾ مجبور هي حڪمران آخر ٻيو ڇا ڪن؟ هنن ويچارن ته هر شيء عوام جي نالي ڪري ڇڏي. بک ۽ بدحالي عوام جي نانء، مهانگائي ۽ مصيبت عوام جي نانء ، بجٽ جو سڀ خسارو عوام جي نانء ، سڀ رهزن، لٽيرا ۽ ڌاڙيل عوام جي نانء ، ڪاسائي ڊاڪٽر ۽ بدعنوان ڪامورا  سڀ عوام جي نانء ، عوام جو رت چوسيندڙ انساني شڪل جا سمورا نانگ عوام جي نانء.! پر افسوس هنن ويچارن جي ڪم نصيبي جو پنهنجو سڀ ڪجھ عوام تي گھورڻ کان پوء به ماڻهن جون ميارون نٿيون کٽن! باقي عوام لاء مغز ڦاڙائڻ رهجي ويو آهي سوبه هي ڪري وٺن پر کين وري به عوام جو اونو ايئن ڪرڻ کان روڪي ٿو جو عوام کي اهڙي منفرد مخلوق وري مارڪيٽ مان ڪٿي ملندي! عوام جي محبت ۾ مجنون انهن حڪمرانن ملڪ ۽ قوم جي جيڪا ٻيڙي ٻوڙي آهي انهيء جو مثال ٻئي ڪنهن مهذب ملڪ ۾ مشڪل سان ملندو. انهن مان ڪنهن وڏن بوٽن ۽ ڏنڊي جي زور تي عوام کي دٻائي ۽  هيسائي اقتدار جا مزا ماڻيا ته ڪو وري اميرالمومنين جي ويس ۾ قدرت جو عذاب بڻجي اچي قوم تي ڪڙڪيو.خدا سان محبت جون ايتريون ته دعوائون ڪندو هو جو هڪ ڏينهن زمين تي پهچڻ کان پهرين فضائن  ۾ ئي خود خدا کي پيارو ٿي ويو. اهو اهڙو ته نيڪ حاڪم هو جو خدا جي گنهگار مخلوق کي سرعام ڦاهيون ڏيندو هو ۽ پاپين جي اگھاڙين پٺين تي چهبڪ وسرائيندو هو. انصاف ۾ عدل جهانگيريء کي به پوئتي ڇڏي ويو! پر هن وٽ گنهگار صرف اهي هئا جيڪي هن جي مخالفت جو گناه ڪندا هئا.وچ ۾ ڪجھ چڱا حڪمران به آيا پر انهنجا پويان وارث اهڙا ته صاحب ڪرامت هئا جو غريبن جي قومي خزاني کي آئيسڪريم جو ٿال سمجھي ٿڌو ئي ٿڌو ڪجھ ئي گراهن ۾ ڳڙڪائي ويا.پروري پرائي مال تي به خوددار اهڙا جو نه رڳو پاڻ کاڌائون پر پنهنجن يارن، دوستن ۽ مٽن مائٽن کي اهڙي اک ڀڳائون جواهي به سڀ جا سڀ آئيسڪريم جي دوڪان کي ماڪوڙن جيان چنبڙي ويا. سڄيون بازارون ۽ سمورو عوام اهو ڪرتب ڏسي وات ڦاڙي حيرت ۽ حسرت وچان دنگ رهجي ويا. جڏهن اوڳرائين جو آواز وڃي سئيزرلينڊ پهتو ته انصاف جي ستل ديوي سجاڳ ٿي ۽ احتساب جي راڪاس اک پٽي.ڪاغذ ڪٺا ٿيڻ لڳا ۽ مقدما مچڻ لڳا پرجيئن ته قسمت جو ستارو سدائين سرس رهيوسو اهي فائيل به در در جا ڌڪا کائي آخرڪار سڙي ۽ ڦاٽي ويا.صاحب بهادرباعزت بري ٿي محاذ تان موٽيا.عوام کي اهو سريو جو جيترو عوامي پئسو انهن هضم ڪيو هو انهيء کان ٻيڻو عوامي ڏوڪڙ ان قانوني ڏي وٺ ۽ ٺلهين ٽپالن ۾خرچ ٿي ويو! مٿان آيو شريفن جو وارو! جن پنهنجي بي بها شرافت سان اهڙو ته عوام جو پيٽ ڀري ڇڏيوجو کاڌي پيتي جي ضرورت ئي نه رهي .  مانيء جي بدران شرافت، چانھ جي بدران شرافت، دوائن جي بدران شرافت،تعليم جي بدران شرافت،ڪپڙي لٽي جي بدران شرافت، انصاف ۽ امن جي بدران شرافت، بسن ۾ شرافت ته روڊن تي شرافت، وڏن وڏن بجلي گھرن ۾ به شرافت ڪاهي پيئي.مطلب ته گھر گھر ۽ گھٽي گھٽي شرافت جا چشما بوڙيون ڏيئي ڦٽڻ لڳا ۽ خلق خدا انهن ۾ شرافت جون ٽٻيون هڻن لڳي.حيرت جي ڳالھ اها جو اهي شريف سڄي دنيا ۾ شرافت جا موتي ورهائن کان پوء به پاڻ نه رڳو شريف رهيا پر ان سان گڏ امير ۽ ڪبير بڻجي ويا.اهڙا امير ۽ ڪبير جو سندن سوين نسل اڃا به ان شرافت جي ڇانو ۾ زندگي گذاري سگھن ٿا.  انهن حڪمرانن کي خبر ناهي ڪهڙي جادو جي عينڪ پاتل هوندي آهي جنهن مان انهن کي هروقت موسم مستاني ۽ خوبصورت نظر ايندي آهي.اهي جڏهن حڪومتن کان ٻاهر هوندا آهن ته معاملن ۽ مسئلن جو تجزيو ڪرڻ جا الڳ معيار هوندا آهن پر پاڻ جڏهن اقتدار جي ديويء کي ڀاڪر پائيندا آهن ته پوء عوام انهن کي خوشحاليء جي دريا ۾ ٽٻيون هڻندي محسوس ٿيندو آهي. تازو سنڌ جي ناڻي واري وزير سيد مرادعلي شاه سانا طرفان ڪرايل ڪانفرنس ۾ سنڌ جي ترقيء ۽ خوشحاليء جي باري ۾ جيڪو ڏاهپ ڀريو عظيم تجزيو پيش ڪيو آهي انهيء تي سنڌ جي ماڻهن کي مستيء وچان جھمريون هڻڻ گھرجن جو سائينء جي  ٻڌايل خوشخبريء مطابق سنڌ ترقيء جون سڀ منزلون طيء ڪري چڪي آهي. ڪنهن کي يقين نه اچي ته سائينء جي ڳوٺ وڃي پنهن جن اکين سان ڏسي وٺي ته جتي اڳ۾ صرف ٽي موٽر سائيڪلون هونديون هيون اتي هاڻي خدا جي فضل سان پندرهن موٽر سائيڪلون سيٽيون هڻندي نظر اچن ٿيون.ترقي ٻيو ڇا کي چئبو آهي!ڪجھ سال اڳ جڏهن سيد يوسف رضا گيلانيء کي اقتدار جي عينڪ چڙهيل هئي ته هن به ان قسم جي هڪ بيان جو ميزائيل اڇلي پاڪستاني قوم کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو هو.فرمايو هئائين ته پيپلز پارٽيء جي حڪومت پنهنجي منشور تي نوي سيڪڙو عمل مڪمل ڪري چڪي آهي باقي صرف ڏھ سيڪڙو رهيل آهي.اڄ اهو ساڳيو سيد سڳورو موجوده حڪومت جي نااهلين ۽ عوام جي مصيبتن جو ماتم ڪندي نظر اچي ٿو.سو جيڪر سيوهاڻي سيد کي به سنڌ ۾ سڀ ڪجھ صحيح نظر اچي ٿو .هر طرف سک ۽ سڪون جي بانسري وڄي رهي آهي ته انهيء ۾ شاه صاحب تي چڙڻ جي ڪهڙي ڳالھ آهي، جڏهن اقتدار جي عينڪ لڳل هوندي آهي ته اهو ئي ڪجھ نظر ايندو آهي جيڪو هن وقت شاھ صاحب کي نظر اچي پيو.جڏهن حڪومت وٽن نه هوندي ته پوء کين سنڌ ۾ هر طرف بربادي ئي بربادي نظر ايندي. ڪجھ ذڪر ڪجھ عرصو پهرين آيل هڪ ٻي شرافت واري خبر جو به ڪجي! خبر اها آهي ته ڪنهن ڪاسائي قسم جي ڊاڪٽر ڪنهن ٻارڙيء جو آپريشن ڪرڻ بعد مائٽن طرفان مقرر في ادا نه ڪري سگھڻ تي آپريشن کان تڪڙو پوء ان ٻارڙيء جي پيٽ جا تازا لڳايل ٽانڪا واپس اڌيڙي ڇڏيا! اها خبر جيڪڏهن ٻئي ڪنهن لاء نه ته ان ڊاڪٽر جي والدين جي لاء ضرور ڳڻتيء جوڳي هئڻ گھرجي جن پنهنجي پٽ کي ڊاڪٽري پڙهائي صرف پئسو ڪمائيندڙ مشين ته بنائي ڇڏيو پر اهو نه سيکاريو ته انسانيت به ڪا شيء ٿيندي آهي!

Saturday, January 9, 2016

هن الميي جا اهي ئي اڪيلا ذميدار آهن!

هن الميي جا اهي ئي اڪيلا ذميدار آهن

شفيق شاڪر


يورپ کي هنن ڏينهن ۾ سڀ کان وڌيڪ ويڙهي ويل پريشاني اها آهي ته ٻين ملڪن مان سندن ملڪن ۾ داخل ٿيندڙ لکين پناهگيرن کي ڪيئن روڪيو وڃي.هڪ اندازي مطابق هر سال اٽڪل ٽي لک پناه گير يورپ جو سفر اختيار ڪن ٿا جن مان اڪثريت وچ اوڀر ۽ آفريڪي ملڪن سان تعلق رکي ٿي.انساني حقن جي لحاظ کان انهن لکن انسانن جو پنهنجا گھر ڇڏي در در جا ڌڪا کائڻ تمام اهم معاملو آهي جنهن کان نام نهاد سڌريل دنيا اکيون بند ڪري رکيون آهن.اهو مسئلو ڇو سنگين صورتحال اختيار ڪري چڪو آهي؟ ان جو وڏي ۾ وڏو سبب مغربي ملڪن طرفان ٻين ڪمزور رياستن ۾پنهنجن مڪروه مفادن جي لاء هر طرح جي مداخلت ڪرڻ ٻڌايو وڃي ٿو.مغرب جي اهڙين پاليسين جي نتيجي ۾ انهن ملڪن جون جاگرفيائي حدون تبديل ڪرڻ جون ڪوششون عروج تي آهن انهيء ئي سلسلي ۾ انهن ملڪن ۾ وقت جي حڪمرانن جي خلاف اٿيل نام نهاد بغاوت جو تحريڪون،انهن ملڪن ۾ ٿيندڙ ويڙھ ۽ خانه جنگي توڙي اتي مظبوط ٿيندڙ  دهشتگرد تنظيمون اهو سڀ ڪجھ هڪ ڊگھي گيم پلان جو حصو معلوم ٿئي ٿو.سوچڻ جي ڳالھ اها به آهي ته جن ملڪن ۾ ڪا سياسي عوامي حڪومت پنهنجو ڪم اڃا مس شروع ڪري ٿي ته ان حڪومت کي به بغاوت جي ذريعي ڪيرائڻ جي ڪوشش انهن جمهوريت جي دعويدار ملڪن طرفان ڇو ٿي ڪئي وڃي؟انهن ڪريل حرڪتن جو نتيجو ظاهر آهي ته اهوئي نڪرڻو آهي جو عوام جي حقيقي نمائندگي رکندڙ جماعتون ديوار سان لڳي آئسوليشن ۾ هليون وينديون ۽ انهن جو خال اهي دهشتگرد ۽ انتها پسند ڀريندا يا وري اهڙيون حڪومتون وجود ۾اينديون جيڪي اتان جي عوام جي جذبن ۽ احساسن جي نمائندگي ڪرڻ بدران انهن مغربي ملڪن جي سياسي،سماجي ۽ تجارتي مفادن جي حفاظت لاء پنهن جن ئي ماڻهن تي گوليون وسائينديون هجن.اهڙي معاشري جو ڇا حشر ٿيڻو آهي! اهوئي ته ماڻهن جو محرومي ۽ نفرت جو احساس وڌي وڃي، معاشري ۾ تشدد جا رجحان وڌن ٿا ۽ مانهن جو پنهنجي ئي ملڪ ۾ ساھ گھٽجڻ لڳي ٿو جنهن ڪري لکين ماڻهوپنهنجا ملڪ ڇڏي ٻين ملڪن ۾پناھ ڳولهڻ تي مجبور ٿين ٿا. انهيء دوران اهي ڪهڙي اذيت ۽ آزار واري ڪيفيت مان گذرن ٿا ان جو اندازو انهن نام نهاد سڌريل ملڪن کي هجي ها ته اهي انهن مجبور ۽ مونجهاري جو شڪار بڻيل انسانن جي لاء پنهنجن ملڪن جون سرحدون سيل نه ڪن ها! ماضيء ۾ اها صورتحال ڪمبوڊيا جي ڪيترن ئي حصن ۾ جڏهن آمريڪا بي گناه ماڻهن تي ڪارپيٽ بمن جو وسڪارو لاهي ڏنو هو پيدا ٿي هئي ۽ اهو ئي سڀ ڪجھ هاڻي شام ۾ ٿي رهيو آهي. اهي ماڻهو جن جو سڀ ڪجھ لٽجي چڪو هجي ۽ جيڪي صرف پنهنجي ۽ پنهنجن ٻچن جي جان بچائڻ لاء ٻن وقتن جي مانيء ۽ رهڻ لاء ڪنهن اجھي جي تلاش ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙي رهيا هجن پر دنيا جي نام نهاد مهذب ۽ پنهنجي پر ۾ سڌريل ملڪن طرفان انهن جي لاء در بند ڪرڻ اهڙو غيرانساني ۽ ظالماڻو ڏوه آهي جنهن تي انسانيت جو ڪنڌ شرم وچان جھڪي وڃي ٿو.ٽين دنيا کي انساني حقن ۽ اخلاقي آدرشن جو صبح سانجھيء سبق پڙهائيندڙ انهن عالمي وڏيرن جي اهڙي عظيم منافقت ۽ ٻٽي پاليسيء تي جيترو ماتم ڪجي گھٽ آهي.وري ان معاملي تي اهي اهڙي ته معصوميت سان تشويش ۽ ڳڻتيء جو اظهار ڪري رهيا آهن ڄڻ ته هنن ويچارن کي ڪا خبر ئي ڪانهي ته اهو فصل ڪنهنجي ڇٽيل ٻج مان ڦٽي نڪتو آهي!صرف چند سالن ۾ شام جا اٽڪل ويھ لک پناھگير رڳو لبنان جهڙي ننڍڙي ملڪ ۾ ڌڪا کائي رهيا آهن.لکين شامي عراق.اردن ۽ ترڪيء ۾ سور کائي رهيا آهن. اهڙيء طرح اتر ۽ وچ آفريڪا جي ملڪن مان نڪتل لکين پناهگير سڌو سنئون يورپ جو رخ ڪري رهيا آهن.ڪڏهن ڪڏهن ته ايئن ٿو محسوس ٿئي ته ڄڻ پوري انسانيت نقل مڪانيء جو شڪار ٿي چڪي آهي. شايد مغربي ماڻهن کي اهو اندازو ئي ڪونهي ته انهن جي نام نهاد روشن مستقبل جي خواب جي پويان ايشيا ۽ آفريڪا جي ڪيترن ماڻهن جي زندگين جا ڏيئا وسائبا ٿا وڃن ۽ سندن عيش عشرت جي تاج محل جي هيٺان لکين بي گناه انسانن جالاش دفن ٿيل آهن! مغربي ملڪن جون ٻين ملڪن ۾ مداخلتي ڪاروائيون ڪا اڄ جي ڳالھ ناهي.ڪنهن زماني ۾ ڪانگو ۾ هڪ عظيم عوامي ليڊر پيٽرائيس لامبا جي حڪومت خلاف به اهڙي سازش سٽي کيس قتل ڪيو ويو. اهوئي 1953 ۾ايران، 1965 ۾ انڊونيشيا ۽ 1973۾ چليء ۾ ورجايو ويو.پري نه وڃو،1995 ۾ انهن روانڊا ۽يوگنڊا ۾ ڪهڙا ڪهڙا نه ڪيس ڪيا!حڪومتن کي لاهي ڦٽو ڪيائون ۽ لکين بي گناھ ماڻهن کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيائون. هن وقت دنيا جي ملڪن ۾ پکڙيل ڪانگو جي پناھگيرن جو وڏو الميو آهي.اهي ميڊيا ۽ اخبارن جي دنيا کان پري جانورن کان به بري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.نه ڪو انهن جي چهرن تي ڇانيل بيوسي ڏسي سگھي ٿو ۽ نه ئي انهن جي چور چور ٿيل خوابن جو ئي تجزيو ڪري سگھي ٿو.اهي جيڪي يورپي دنيا جي نظر ۾ پناهگير آهن پر حقيقت ۾ اهي انسانيت طرفان انسانيت تي ڪيل سنگين ظلم جي ڀيانڪ تصوير بڻيل آهن. اهي نپوڙجن پيا،سسڪن پيا،سڏڪن پيا ۽ لٽجن پيا ۽ آخرڪار  سور کائي مري وڃن ٿا. انهن جو ريپ ڪيو وڃي ٿو ۽ انهن کي ڊيڄاريو ۽ هيسايو وڃي ٿو.نه ڪو انهن جي بنيادي حقن جي ڳالھ ڪري ٿو ۽ نه ئي انهن جي لاء ڪنهن معاوضي جي صدا بلند ڪري ٿو.هڪ اندازي مطابق  1995ع کان اڄ تائين ڪانگو جي انهن بي سهارا ماڻهن جي موت جو انگ لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ تائين پهچي وڃي ٿو.اهڙيء طرح سوماليا جي پناهگيرن جي لاء به مغربي ملڪن کي ڪابه ڳڻتي ناهي. اسان جهڙن پوئتي پيل ملڪن کي جمهوريت،اظهار راء جي آزادي ۽ انساني بنيادي حقن جا ڀاشڻ ڏيندڙ مغربي دنيا جا حڪمران خبر ناهي اهو ڪڏهن تسليم ڪندا ته اڄ دنيا جنهن جهنم جو نمونو پيش ڪري رهي آهي اهو نمونو ڪنهن ٻئي نه پر خود انهن جو پنهنجو ڊزائين ڪيل ۽  ٻين  ملڪن ۾پنهنجن غلام حڪمرانن سان گڏجي تعمير ڪيل آهي ۽ انسانيت جي انهن عظيم المين جا اهي ئي اڪيلا ذميدار آهن!
روزاني سنڌايڪسپريس 9 جنوري 2016ع