Monday, April 29, 2019

اها ئي مايوسين جي رات آهي...!



شفيق الرحمان شاڪر
اڄ ڪلهه اسان جو قومي ميڊيا سنجيده قسم جي خبرن کان پري آهي.ڪو ٻار ڪنهن اسپتال ۾ ڪنهن سبب پنهنجي جان وڃائي ويهي، ڪو دوڪان ڦرجي وڃي، ڪنهن جي ڳئون يا مينهن چوري ٿي وڃي، ڪو زبون حال گھر برسات سبب ڊهي پوي،ڪنهن عدالت مان ڪنهن کي ڪو رليف ملي يا نه ملي،ڪاريل گاڏي پٽڙيء تان لهي وڃي،اڻ وقتائتي مون سون شروع ٿي وڃي ۽ انهيء سبب هزارين مڻ ڪڻڪ تباهه ٿي وڃي،پاڪستان جي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻاڙائيء جو لاڙو اچي وڃي،مطلب ته ان قسم جون خبرون ٽي وي چينلن ۽ اخبارن لاء ڪا سنسني نٿيون رکن.هتي ته پوري ڪوريج رڳو سياسي موضوعن کي ئي ملي ٿي.سمورو اليڪٽرانڪ ميڊيا رڳو ٽن سياسي جماعتن جي چوڌاريء گھمي ٿو.بريڪنگ نيوز جو زور آهي.نيب ۾ پيشيون معمول بڻيل آهن.اهي ئي چهرا،اهي ئي وڪيل ۽ اهي ئي عدالتون وري وري اسڪرينن جي سونهن بڻيل آهن.سياسي خاندانن جو آل اولاد هونئن به وڌي ۽ پکڙجي سڄي ملڪ تي ڇانيل آهي.اڃا بلاول جي پريس ڪانفرنس ختم ئي نٿي ٿئي ته حمزا شريف جي شروع ٿي وڃي ٿي.ان جو ڀاشڻ ختم ٿيڻ لڳي ٿو ته تحريڪ انصاف جو ڪونه ڪو اڳواڻ سامهون اچي لفظن باري شروع ڪيو ڏئي.خدا ڀلو ڪري عمران خان جو جنهن پنهنجن پٽن کي پاڪستان ناهي گھرايو نه ته جيڪر اهي به بلاول ۽ حمزا سان گڏ پهرين صف ۾ موجود هجن ها ۽ خبر ناهي ڪهڙو اڌم مچائين ها.
نيب عدالتون ڪنهن کي سزا ٻڌائين ٿيون ته ٻئي ڏينهن اعليٰ عدالتون انهيء کي ضمانت تي آزاد ڪيو ڇڏين ۽ نيب جي سموري ڪمائي زنده دفن ٿي وڃي ٿي.جنهن سياستدان تي ڪو اهڙو ڪيس جڙي ٿو جنهنجو بچاء ڪرڻ ان لاء مشڪل هجي ٿو ته اهو ترت لنڊن جي راهه اختيار ڪري ٿو ۽ پوء واپس نه اچڻ جو قسم کايو وٺي.ايئن سمجھو ته اسان جو سمورو ميڊيا سياستدانن جي چوڌاريء گھمي ٿو.انهن جي هر ادا کي فلم بند ڪرڻ لاء ٽي وي چينلز جون اوبي وينز جون قطارون انهن جي اڳيان پويان ڊوڙن ٿيون.اهي جڏهن به زبان کولين ٿا ته سوين ڪيميرائون انهن جي عڪاسيء لاء وات کولي بيٺل رهن ٿيون.نيب ڪنهن مبينا چور يا ڌاڙيل کي سڏي ٿي ته ان تي ڪو گاهه ئي نٿو وجھي.سياستدان هئڻ هڪ لائسنس بڻجي ويو آهي جنهن جي آڙ ۾ سموريون اڳيون پويون خطائون معاف ٿي وڃن ٿيون ۽ سمورا گناهه ڌوپي وڃن ٿا.پريس ڪانفرنسن جو مينا بازار لڳل رهي ٿو،شام ٿئي ٿي ته پرائيم ٽائيم ٽاڪ شوز جو ڌنڌو چمڪڻ لڳي ٿو.هر چينل تي ٽنهي وڏين سياسي پارٽين جا ترجمان موجود هوندا آهن.اسان جا اينڪر صاحبان بحث مباحثي جي فن ۾ لوڊ سوالن جي عالمي ماهرن ۾ شمار ٿيڻ لڳا آهن.صبح کان شام تائين جيڪا به اهم خبر فليش ٿئي ٿي انهيء تي شام کان اڌ رات تائين تجزيي نگاريء جا ڏونگرا وسايا وڃن ٿا.هر نيوز چينل ٽاڪ شوز ۾ جيڪي اينڪر ڀرتي ڪري رکيا آهن انهن کي تاڪيد ڪيو وڃي ٿو ته چينل جي مالڪن جي کيسن جو خيال رکڻو آهي،سٺ منٽن جي شو ۾ مشڪل سان ٽيهه منٽ ڳالهه ٻولهه ٿئي ٿي ۽ باقي ٽيهه منٽ وري وري اشتهاري ريل هلندي رهي ٿي يعني هڪ ڪلاڪ جي شو ۾ جيڪي ڪمرشلز هلن ٿا انهن کي وري وري ڏسي ڀلي اوهان کي اوٻاسيون اچن يا وري اوهان آواز بند به ڪري ڇڏيو پوء به تصويرون هلنديون رهن ٿيون.سوشل ميڊيا ڏانهن اچو ته انهيء تي قسمين قسمين خبرون وائرل ٿين ٿيون،نقلي ۽ جعلي وڊيوز بنائڻ جو ڪاروبار عروج تي آهي.سائونڊ اينڊ وائيس ڊبنگ جو فن ترقيء جون سڀ حدون لتاڙي چڪو آهي.اڪثرپرنٽ ميڊيا کي ڏسو ته ان جو حال به ڪجهه اهڙو ئي آهي.سوچڻو پوي ٿو ته ” نئين پاڪستان“ ۾ آخر ڇا بدليو آهي؟جنهن لاء تحريڪ انصاف ڌرڻا ڏيئي رهي هئي ۽ جنهن لاء عوام خوابن جي هڪ دنيا وسائي هئي.جيڪر اهي ئي ڏينهن ڏسڻا هئا ته زرداري ۽ شريف ئي صحيح هئا.
ڪڏهن هن ملڪ ۾ به علم،ادب ۽ نظرين جو زمانو هو.اهو زمانو رڳو شعر ۽ ادب جي ترقي پسنديء تائين ئي محدود نه هو،هندستاني سينيما به ان کان متاثر هئي.ساحر لڌيانويء جا غزل،شنڪر جي ڪشن جون ڌنون،سعادت حسن منٽو جا افسانا ۽ ظهير ڪاشميري جا نظم وغيره به ان رنگ ۾ رنگيل نظر اچن ٿا.پاڪستان ۾ مارشلائي دورن جو جبر هڪ طرف رهيو،پر جيڪر عالمي ادب ۽ ثقافت تي به هڪ نظر ڊوڙائي وڃي ته ان زماني ۾ جيڪو عالمي ادب تخليق ٿيو اهو اولهه جي جمهوري سماجن ۾ به عام هو.ڀارت ۾ ڪجهه اهڙيون فلمون به گھڻيون مشهور ٿيون جن ۾ ترقي پسند سوچن،خيالن ۽ ثقافت جا جراثيم اتم درجي ۾ پاتا ويندا هئا.“ دوبيگهه“ ۽ ” سانجهه اور سويرا“ جهڙيون فلمون سينيما گھرن ۾ ڪيترن هفتن تائين هلنديون رهنديون هيون.فلم ”سانجهه اور سويرا“ جيڪا سٺ جي ڏهاڪي ۾ رليز ٿي ۽ جنهن ۾ مينا ڪماري ۽ گورودت ليڊ رول ادا ڪيو هو ان ۾ رفيع ۽ لتا جو اهو دوگانو گھڻي وقت تائين اسٽريٽ سانگ بنيو رهيو؛
”يهي هي وو سانجهه اور سويرا، جس ڪي لئي تڙپي هم جيون ڀر.“
اهو گيت فلم جي ڪهاڻيء ۾ اينٽي ڪلائيميڪس هو يعني هڪ ڊگھي جدوجهد  ۽ ناڪامين بعد هيرو ۽ هيروئن ملي وڃن ٿا ۽ اهو گيت ڳائين ٿا.پر پاڪستان جي هاڻوڪن هيروز ۽ هيروئنز جي نصيبن ۾ اڃا نه اها سانجهه(شام) آهي ۽ نه اهو سويرو (سوجھرو)آهي.هاڻي ته ننڍڙين اسڪرينن جو دور آهي جيڪر ماضيء جهڙين فلمن جو زمانو هجي ها ته سانجهه اور سويرا جهڙيون ڪيتريون ئي فلمون جڙي باڪس آفيس تي هٽ ٿين ها.ڳالهه اها سمجھه ۾ نٿي اچي ته پاڪستاني سماج اڄ جنهن ڪرب،جبر ۽ مايوسين مان گذري رهيو آهي انهيء جو اظهار فلمن ۽ ٽي وي ڊرامن ۾ ڇو نٿو ٿئي ۽ اڄ جو افسانوي ۽ شعري ادب انهن عوامي جذبن جي عڪاسي ڇو نٿو ڪري. تحريڪ انصاف جي اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ جن سماجي بيمارين جو راڄ هو انهن ۾ ڪابه ڪمي نه اچي سگھي آهي.مهانگائيء جو تحفو وڌيڪ بونس آهي جنهن هيٺئين ۽ وچولي طبقي جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي پر حڪومت اصل معاملن طرف ڌيان ڏيڻ بدران ”ڌيان هٽايو مهم“ واري راند کيڏي رهي آهي.جيڪر سمورو گند گذريل حڪومتن تي ئي وجھڻو هو ته پوء ان سوال جو حڪومت وٽ آخر ڪهڙو جواب آهي ته ملڪ جون معاشي حالتون گذريل حڪومتن جي دور کان به وڌيڪ خراب ڇو ٿي رهيون آهن؟عمران خان جو ڳالهيون صحيح هونديون،سندس ايمانداري به کيس مبارڪ پر گذريل اٺن نون مهينن جي گذرڻ باوجود عوام کي ته اهو ”سوجھرو“ نصيب نه ٿي سگھيو آهي جنهن جي اميد هن 18 آگسٽ 2018ع تي ڏياري هئي.هاڻي ته عظيم مايوسي پکڙجي رهي آهي جنهن جو نتيجو خدا نه ڪري ڪنهن انارڪي جي صورت ۾ نڪري.تاريخي طور تي جن سماجن ۾ به انقلاب آيا آهن انهن ۾ مايوسيء جي شدت جي ڪک مان پهريائين انارڪيء جنم ورتو آهي.
تازو وزير اعظم ”نئون پاڪستان هائوسنگ پروجيڪٽ” جي افتتاح جي موقعي تي چيو ته سندس ويزن نهايت واضح آهي ته ملڪ کي بحرانن جي ڌٻڻ مان ڪيئن ٻاهر ڪڍڻو آهي پر عوام جون تڪليفون،مشڪلون ۽ مسئلا ايترا ته گنڀير ٿي چڪا آهن جو هاڻي ان قسم جي بيانن ۽ وعدن تي ڪنهن کي ڪو اعتبار نه رهيو آهي.ماڻهن جي برداشت جي به ڪا حد هوندي آهي ۽ لڳي ٿو عوام هاڻي ان حد تائين پهچي چڪو آهي.هاڻي هتان هتان جون ڳالهيون ڪري يا گذريل حڪمرانن تي ڦٽڪار ڪري يا ڪجهه نمائشي تبديليون ڪري عوام کي وڌيڪ عرصي لاء مطئمن ڪري نٿو سگھجي.انهيء کان اڳ جو اها عظيم مايوسي ڪا اڻ وڻندڙ صورت اختيار ڪري حڪمرانن کي حقيقت پسنديء جو مظاهرو ڪندي ماڻهن کي سٺي حڪمراني مهيا ڪرڻي پوندي.
(روزاني هلال پاڪستان 27 اپريل 2019ع)


Saturday, April 27, 2019

ماضيء جو آئينو؛ نيڪولائي،نجيب،مشرف ۽ مڪافات عمل!




شفيق الرحمان شاڪر
ڪرسمس جو ڏينهن هو جڏهن انهن ٻنهي کي هڪ بڪتربند گاڏيء مان ٻاهر آندو پئي ويو.عوام جو غصو ايترو شديد هو جو فوج جي مداخلت ضروري بڻجي ويئي هئي.پهرين هو بڪتر بند گاڏيء مان نڪتو،هن سڀ کان اڳ پنهنجي ٽوپي لاٿي،پنهنجا وار سنواريا ۽ بنان خوف جي هڪ محافظ سان گڏ هڪ ڪمري ۾ پنهنجي ميڊيڪل چيڪ اپ لاء هليو ويو.هن پنهنجو ڪوٽ لاٿو ۽ ڊاڪٽرن سندس ميڊيڪل چڪاس ڪئي.ان وقت سندس زال ڪجهه خوف ۾ ورتل هئي پر هن جي چهري تي عجيب سڪون هو جهڙو سڪون ڪنهن طوفان بعد سمنڊ ۾ نظر ايندو آهي.اڄ انهن ٻنهي جو ٽرائيل هو ايئن ئي جيئن ڪورٽ مارشل ٿيندو آهي.بند ڪمري ۾ هڪ طرف ٻن ڪرسين تي اهي ٻئي هڪ پينل سامهون ويٺا هئا.دروازي تي بندوق بردار باوردي سپاهي بيٺل هئا.انهن کي خطرو هو ته ڪٿي سندس وفادار فوجي کيس بچائڻ لاء اچي نه وڃن.ملڪ ۾ باهه ئي باهه ۽ رت ئي رت جا منظر هئا.عوام روڊن تي هو.سڀ ڪجهه ٻري ۽ سڙي رهيو هو ۽ اهي ٻئي ان بند ڪمري ۾ ان عدالت کي منهن ڏيئي رهيا هئا.انهن تي هزارين ماڻهن جي قتل جو الزام هو.انهن سامهون ڪا به چارج شيٽ لکت ۾ پيش نه ڪئي ويئي.اها عجيب عدالت هئي جتي انهن ٻنهي کي پنهن جو ڪيس پاڻ وڙهڻو هو.ڪيس پيش ڪيو ويو.الزام لڳو ته انهن ماڻهن کي محروم ڪيو،پهرين انهن جي خواهشن جو قتل ڪيو پوء قومي روح کي ڇيهو رسايو.انهن جي هٿن تي هزارين بي گناهن جو رت آهي. پنهن جي صفائيء ۾ هن ترت ڳالهايو؛ ” اهو سڀ غلط آهي،اهو سڀ نسورو ڪوڙ آهي،اهو رڳو الزام آهي.حب الوطنيء کي بغاوت ۽ وطن جي خدمت کي وطن دشمنيء جو نالو ڏنو پيو وڃي،اهو سڀ ڪوڙ آهي.“ هن سامهون رکيل ميز  تي مڪ هنئي ۽ رڙيون ڪندو رهيو ته اهو سڀ ڪوڙ آهي،اهو سڀ غلط آهي.سڀ بڪواس آهي.نوي منٽن تائين اهو ٽرائيل هلندو رهيو ۽ نوي منٽن تائين هن تي عوام جي قتل،قومي روح ۽ عوام جي استحصال ۽ انهن تي ظلم ۽ جبر ڪرڻ جا الزام لڳندا رهيا.هو هر ڳالهه تي اهڙو ئي جواب ڏيئي رهيو هو جهڙو جواب هو پنهنجي اقتدار جي دور ۾ ڏيندو هو.عدالت ۾ ويٺل سمورا جج اٿيا ۽ پاسي واري ڪمري ۾ هليا ويا.هو بندوق بردار سپاهين ۽ سندس زال سان گڏ ان ئي ڪمري ۾ ويٺو رهيو.هن پنهن جي ڪاري فر واري ٽوپي لاٿي،ميز تي ڇنڊي ۽ مايوس ٿي ويهي رهيو.هاڻي هن کي اندازو ٿي ويو هو ته صورتحال سندس حق ۾ بگڙجندڙ نظر اچي ٿي پر سندس اکين ۾ اڃا به گھمنڊ هو.هڪڙو ڪرنل ڪمري ۾ آيو ۽ هن کي پينل جو فيصلو ٻڌايائين ۽ ڪمري ۾ موجود سپاهين کي انهيء تي عمل ڪرڻ جو حڪم ڏنائين.هو هڪ دفعو وري رڙيون ڪرڻ لڳو؛          ” ايئن هرگز ٿي نٿو سگھي جيڪر اوهان اسان کي سزا ڏيڻ جو فيصلو ڪري ئي ڇڏيو آهي ته پوء الڳ الڳ نه اسان کي هڪ ئي وقت گڏجي ان سزا کي منهن ڏيڻو آهي.“  هن جي زال به ڳالهايو؛            ” ها،اسين ان سزا کي گڏجي منهن ڏينداسين.“ سپاهي پنهن جي آفيسر سان سندن آخري خواهش جو اظهار ڪيو ته آفيسر ڳالهه مڃي ورتي.اهي ٻئي اڃا به ڄڻ ته حڪم ڏيئي رهيا هئا.انهن جي مزاج ۾ اڄ به عجيب چوڌرائپ ۽غرور هو.هڪ سپاهي هنن جا هٿ ٻڌڻ لاء ڪا رسي کڻي آيو ته هو تپي باهه ٿي ويو” اوهان کي شرم نٿو اچي،اوهين اسان جا هٿ ڪيئن ٿا ٻڌي سگھو،اوهان کي اسان جي انساني حقنن جو ڪو خيال ناهي؟ اهو سڀ ڇا آهي؟ اوهين اسان کي رسين ۾ ٻڌي نٿا سگھو،اهو غلط آهي،سراسر غلط!“
هن جي زال چيو؛ ” اوهان ڪجهه ته شرم ڪريو،آئون اوهان جي ماء آهيان،مون اوهان کي پاليو آهي،ڪجهه ته شرم ڪريو.“ اهي گوڙ ۽ رڙيون ڪندا رهيا جڏهن ته سپاهي هنن جا هٿ ٻڌي چڪا هئا  ۽ هڪ سپاهيء چيو؛”هاڻي اوهان کي ڪوبه بچائي نٿو سگھي.اوهان جو اهو ئي آخري انجام آهي.“
سپاهين کي حڪم ٿيو ته اهي بندوقون تيار ڪن.انهن ٻنهي کي ديوار سان گڏ بيهاريو ويو ۽ مٿانئن گولين جو مينهن وسڻ شروع ٿي ويو.پهرين گولي هن جي ٽنگ تي لڳي،ٻي ڇاتيء تي جڏهن ته ٽين هن جي زال کي،فائرنگ روڪڻ جو حڪم ڏنو ويو.هوا ۾ بارود جي هڪ عجيب باغي مهڪ هئي جتي اهي بيٺل هئا اتي هاڻي ٻه لاش ڪريل هئا ۽ زمين تي سندن رت جا ريلا نظر اچي رهيا هئا. هڪ ڊاڪٽر سندن موت جي تصديق ڪئي.اهو ئي انهن جو مقدر هو جنهنجو رستو هنن پاڻ چونڊيو هو. اها ڪا فلمي ڪهاڻي نه پر رومانيا جي ڊڪٽيٽر نيڪولائي چاشسڪو ۽ سندس زال الين چاشسڪو جي انجام جو داستان آهي جن جي زندگين جيان سندن موت به عجيب هو.اهو هڪ اهڙي حڪمران جي ڪهاڻيء جو اختتام هو جيڪو ڪڏهن نهايت ئي ظالم ۽ جابر هو ۽ کيس پنهنجي ذات سواء ٻيو ڪجهه نظر نه ايندو هو.سندس موت جا اهي منظر ٽيليويزن تي ڏيکاريا پئي ويا،ماڻهن جي اکين ۾ ڪرب،درد به هو ته شديد غصو پڻ.ايئن ٿي لڳو ته ڄڻ اهي ان کي هڪ دفعو وري زندهه ڪري کيس وري وري مرندي ڏسڻ گھرندا هجن.لڳو ٿي ته سندس ان سزا مان مظلومن جي دلين کي تسڪين ناهي ملي ء۽ لڳو ٿي ته سندس ان عبرتناڪ انجام مان به ماڻهو اڃا مطئمن نه ٿيا هئا.هڪ هزار کان مٿي ماڻهن جي خاندانن،بيوهه عورتن ۽ يتيم ٻارڙن لاء اهي ڪجهه گوليون ڪافي نه هيون،اهي وري وري پنهنجن پيارن کي ياد ڪندا ٿي ويا ۽ چوندا ٿي ويا ته هن ظالم لاء اها سزا تمام ٿوري آهي. ڊڪٽيٽر نيڪولائي جو پنجويهن سالن وارو دور اتي ختم ٿيو،اهي انقلاب جا ڏينهن هئا ۽ عوام ان انقلاب ۾ هڪ ظالم،جابر ۽ پنهنجو پاڻ کي مضبوط سمجھندڙ ڊڪٽيٽر جي قسمت جو فيصلو ڪري ڇڏيو.هزارين لاشن جي بنياد تي اڀو ٿيل شاهي محل اڄ سنسان ۽ ويران ٿي چڪو هو.هڪ اهڙو فيصلو جنهن کي تاريخ عبرت جي باب ۾ هميشه لاء محفوظ ڪري ڇڏيو.هاڻي اچو ته هڪ ٻيو منظر ڏسون.هتي به هڪڙو جرنيل هو جيڪو پنهنجو پاڻ کي  بهادرڪمانڊو سمجھندو هو.اقتدار جي نشي ۾ مست ٿي جڏهن بيان ڏيندو هو ته سندس آواز ۾ گھمنڊ،غرور ۽ تڪبر جي سختي محسوس ٿيندي هئي جيڪا هر جابر ۽ ظالم جي ريت رهندي ٿي اچي.پاڪستان ۾ نون سالن تائين حڪومت تي قابض رهڻ بعد پرويز مشرف برطانيا مان پنهنجي سياسي سفر ۽ نئين سياسي جماعت جي شروعات جو اعلان ڪري رهيو هو.هو جيڪر پنهنجن ڪجهه غلطين جو اعتراف ڪري به رهيو هو ته ان انداز ۾ جيئن ڪو ضدي ٻار ڪندو آهي ۽ غلطي ڪري اهو چوندو آهي ته ها، مون اها غلطي ڪئي آهي،اوهين منهجو ڇا بگاڙي وٺندا؟لال مسجد،سوات،لوڊ شيڊنگ،ڪرپشن،دهشتگردي ۾ مرندڙ هزارين ماڻهن جي رت ۾ رڱيل پاڪستان ۽ عوام تي ٿيل ظلمن جا داستان،اهي سڀ تمغا پنهنجي سيني تي سجائي مشرف برطانيا ۾ پاڪستاني عوام جي مستقبل کي سنوارڻ جي غم ۾ پنهنجي جماعت جو منشور بيان ڪري رهيو هو،اقبال جي شاهين جون ساراهون ڪري رهيو هو.سمجھه ۾ نٿو اچي ته اهي ڪير ماڻهو هئا جيڪي پرويز مشرف زنده باد جا نعرا بلند ڪري کيس ملڪ جو ايندڙ وزير اعظم ٺاهڻ جا خواب ڏسي رهيا هئا.ڇا انهن کي لال مسجد ۾ معصوم نياڻين جا سڙيل لاش ۽ ڪارگل جي پشيماني وسري ويئي؟پاڪستان جون اهي هزارين بيواهون ۽ يتيم به وسري ويا  جيڪي نون سالن دوران پرويز مشرف جو ڪارنامو بڻيا.ڪارل مارڪس چيو هو؛ ” انسان پنهنجي تاريخ پاڻ جوڙيندا آهن پر ايئن نه جيئن هنن جي مرضي ٿئي ٿي.“
هڪ ٻي ڳالهه جيڪا دلچسپ آهي سا اها ته نيڪولائي رومانيا ۾ رهندو هو ۽ رومانيا جي ماڻهن جي خواهشن جو قاتل هو،شايد پرويز مشرف کي نيڪولائيء چاشسڪو جو انجام نه وڻي.پاڪستان جي پاڙي ۾ ئي هڪ ملڪ افغانستان آهي جتان جا رهواسي پاڪستان جي ڪڻڪ.کنڊ،داليون،چانور ۽ فيڪٽرين جو ٺهيل گيهه استعمال ڪن ٿا ۽ بدلي ۾ پاڪستاني ڀائرن کي سردا،گرما، صوف،پستا، بادام ۽ انگور موڪلين ٿا جيڪي پرويز مشرف به ننڍي هوندي کان ايوان صدر ۾ پنهنجن آخري ڏينهن تائين ضرور کاڌا هوندا.مٽيء جي تاثير ۾ فرق آهي پر جذبن جي گرمي ساڳي آهي.مشرف جيان ڊاڪٽر نجيب الله نالي هڪ شخص ڊگھي عرصي تائين افغانستان ۾ حڪمران رهيو.هو صبح اٿندي ئي سوين ماڻهن جي موت جي پروانن تي صحيحون ڪندو هو ۽ هزارن کي ڪاٺ ۾ وجھائي ڇڏيندو هو.ٻنهي ۾ هڪجهڙائي اها آهي جو ٻنهي جي ننڍپڻ ڪراچيء ۾ گذري ۽ جواني پشاور ۾.ڊاڪٽر نجيب جن ڏينهن ۾ پشاور ۾ ميڊيڪل جو شاگرد هو ته پرويز مشرف  ويجھي ڇاوڻي چراٽ ۾ سندس ڪمانڊو ٽريننگ مڪمل ڪري رهيو هو.ٻئي ڪجهه مفاصلي تي هئا پر ٻئي ڪابل دريا جو پاڻي پيئندا هئا.جڏهن ايوان صدارت ۾ پهتا ته نجيب جي پٺڀرائيء ۾ ڪي جي بي ۽ مشرف جي پٺ تي سي آئي اي جي ديوي بيٺل هئي ۽ ٻنهي جي ساڳي پڪار هئي ته ”ڊو مور“.
افغانستان جي ڏکڻ کان طالبان جو سيلاب اٿي رهيو هو ۽ جنهن رات طالبان ڪابل تي قبضو ڪرڻ وارا هئا ته واشنگٽن مان هڪڙو ديوتا بار بار تجيب الله کي چئي رهيو هو ته تون پنهنجي ڀاء سان نئون لباس پهري تيار رهه ڇو ته طالبان جي قبضي بعد توکي سڀاڻي افغانستان جي صدر طور قسم کڻڻو آهي.پوء ڊاڪٽر نجيب ۽ سندس ڀاء جالاش ڪابل ۾ ٽن ڏينهن تائن هڪ چوڪ تي ٽنگيل رهيا پر واشنگٽن مان ڪابه فون ڪال نه آئي جنهن ۾ چيو وڃي ها ته اهو اوهان جو اڳوڻو صدر آهي.نيڪولائي ۽ نجيب ته پنهنجن انجامن کي پهچي دنيا مان ئي هليا ويا پر جنرل پرويزمشرف اڃا زندهه آهي جنهن جي اڄ ڪلهه حالت ان شڪار جهڙي آهي جنهن کي ڪڇار ۾ ڪڍي شڪاري پنهن جي ڄار ۾ آني چڪا هجن.هو هن وقت ملڪ کان ٻاهر سخت بيماريء واري زندگي گذاري رهيو آهي.ڊاڪٽرن مطابق کيس اهڙي بيماري آهي جيڪا لکن ۾ ڪنهن هڪ ماڻهوء کي ٿيندي آهي.هو پنهنجي ملڪ نٿو اچي سگھي جتي هو ڪڏهن ڪاري ۽ اڇي جو اڪيلو مالڪ هو. دنيا اهو به عجيب منظر ڏٺو ته رات جي آخري پهر۾ اسلام آباد جي ايئرپورٽ تي پاڪستان جو هڪ آمر ڪوئن وانگر ڊوڙي رهيو آهي.پنهنجي قوم کي مڪا ڏيکارڻ واري جي اوقات بس اها هئي،عدالتن ناقابل ضمانت وارنٽ جاري ڪيا،دنيا جو بزدل ترين ڪمانڊو جون ڊوڙون لڳي وييون.آهي ته وڏي عبرت جو جيڪو ماڻهو اقتدار جي نشي ۾ مست ٿي چوندو هو ته آئون ڊڄان وڄان نٿو،جنهن  بلوچستان وارن کي چيو هو ته آئون اوهان کي اهڙي جڳهه تان هٽ ڪندس جو اوهان کي خبر ئي نه پوندي ۽ جنهن جي ڪم عقليء سبب اڌ کان مٿي وطن جنگ جي ميدان ۾ بدلجي ويو،هاڻي ڪيڏو نه بيوس نظر اچي رهيو آهي.

(روزاني هلال پاڪستان 25 اپريل 2019ع)







Thursday, April 25, 2019

ڪپتان، ڪابينا،ڪرپشن ۽ ڪارڪردگي!

شفيق الرحمان شاڪر
ڪجهه ڏينهن پهرين ڪپتان پاران ڪيل سندس ڪابينا ۾ تبديلين سياسي مونجھارن ۽ بي يقينيء ۾ گھٽتائيء بدران اضافو ڪري ڇڏيو آهي.مختلف تجزيي ڪار پنهنجا مختلف تجزيا پيش ڪري رهيا آهن.انهن مان ڪجهه ڪپتان جي ڪرڪيٽ واري زماني جو ذڪر به ڪري رهيا آهن ته ڪيئن نه عمران خان ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ اوچتو ۽ ترت ”بولڊ“ فيصلا وٺي تبديليون ڪندو هو.پر هو اها ڳالهه وساري ٿا ويهن ته ڪرڪيٽ ميچ کيڏڻ ۽ حڪومت هلائڻ ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق هوندو آهي.هڪڙي اينڪر صاحب ته ٽي وي تي اهو چئي عمران خان کي خراج تحسين پيش ڪيو ته عمران خان هميشه پنهن جي” طبيعت“ مطابق فيصلا ڪندو آهي.هاڻي ان اينڪر صاحب کي ڪير سمجھائي ته حڪومت جا نازڪ ۽ سنجيدا معاملا ڪنهن جي طبيعت ۽ موڊ مطابق نه پر حالتن ۽ وقت مطابق هلندا آهن.ڪابينا ۾ جيڪي تبديليون ڪيون وييون آهن انهن جو جواز اڃا تائين واضح نه ٿي سگھيو آهي ته آخر هن وقت انهن تبديلين جي ضرورت پيش ڇو آئي؟ خزاني واري وزير کي هٽائڻ واري مسئلي تي به حڪومت وٽ ڪو معقول دليل موجود ناهي.جيڪر وزيرن کي سندن خراب ڪارڪردگيء جي بنياد تي هٽايو ويو آهي ته پوء انهن کي ٻيا قلمدان عطا ڪرڻ جو ڇا مطلب؟ منجھائن هڪ وزير تي مبينا طور تي ڪرپشن جا الزام بحث هيٺ آهن پر ڇا ان وزير کي رڳو هٽائڻ ئي ڪافي هو يا سندس خلاف نيب ۾ ريفرنس به وڃڻ گھرجي ته جيئن حڪومت جون ڪنهن به ڪرپشن کي برداشت نه ڪرڻ وارين دعوائن جي سچائي ثابت ٿي سگھي.معيشت جي ميدان ۾ حڪومت جي خراب ڪارڪردگيء جو سمورو نزلو اڪيلي اسد عمر تي ڪيرائي عوام  کي مطئمن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پيئي وڃي پر ڳالهه ايتري سادي ناهي. تجزيي نگارن جي خيال مطابق اسد عمر جي هٽائڻ ۾ سندس ڪارڪردگي نه پر عالمي مالياتي ادارن جو عمل دخل آهي جنهن طرف اسد عمر پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ اشارو به ڪري چڪو آهي.ان جو مطلب اهو ٿيو ته اسد عمر جي هٽائڻ ۽ عبدالحفيظ شيخ جي مقرريء ۾ ڪپتان جو ڪوبه عمل دخل ناهي پوء ڪپتان جي ان دعويٰ جو ڇا ٿيندو ته هو ڪنهن کان به ڊڪٽيشن نه وٺندو؟اصل ۾ ڪپتان ۽ سندس حڪومت پهرئين ڏينهن کان سخت مونجھارن واري ڪيفيت ۾ آهن ۽ کين اڃا تائين ملڪي مسئلن متعلق کين ڪو صحيح ادراڪ ئي نه ٿي سگھيو آهي ۽ نه ئي حڪومت ۾ اها صلاحيت ٿي ڏسجي جو اها انهن مسئلن مان سنجيدگي ۽ حڪمت عمليء سان ٻاهر نڪري سگھي.انهيء کان سواء حڪومت ۾ وقت تي مناسب فيصلو ڪرڻ ۽ بعد ۾ ان تي قائم رهڻ واري صلاحيت به نٿي ڏسجي.اهو ئي سبب آهي جو بي وقتائتا  ۽ بنان سوچ سمجھه  جي فيصلا ٿين ٿا ۽ جلد ئي انهن فيصلن کان يو ٽرن اختيار ڪيو وڃي ٿو.ايئن ٿو لڳي ته حڪومتي معاملن ۾ رڳو اهڙن ماڻهن ۽ مشيرن کان صلاحون ورتيون پييون وڃن جن ۾ سياسي بصيرت جي سخت اڻاٺ آهي.تحريڪ انصاف جي حڪومت سان هڪ الميو اهو به آهي جو سندن پنهنجن صفن ۾ سخت اختلاف ۽ ڌڙا بنديون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون.هونئن ته ڌڙا بنديون هر حڪومت ۽ هر سياسي پارٽيء ۾ هونديون آهن پر تحريڪ انصاف جو ان معاملي ۾ قصو ڪجهه نرالو آهي.ايستائين جو پهرين صف جا اڳواڻ ميڊيا ۾ اچي هڪٻئي سان مقابلو ڪري رهيا آهن پر ڪپتان ان معاملي تي اڃا تائين ڪنهن به سنجيدگيء سان نوٽس نه ورتو آهي.حڪومت جي اتحادين جا پنهنجا مفاد ۽ پنهنجون دلچسپيون آهن،اهي هيستائين حڪومت جي مدد ڪرڻ بدران رڳو بليڪ ميلنگ واري سياست ئي ڪندا رهيا آهن.پنجاب ۾ ته حڪومتي وهنوار اٽڪل بيهجي چڪو آهي پر اتان جو وڏو وزير اڃا تائين ڪپتان لاء وسيم اڪرم پلس بڻيل آهي.هاڻوڪين تبديلين جي نتيجي ۾ حڪومت کي رليف حاصل ٿيڻ بدران هيڪاري تحريڪ انصاف جا اندروني مسئلا وڌيڪ منجھي پيا آهن.جن به وزيرن جي قلمدانن ۾ تبديليون ڪيون وييون آهن يا جن کي فارغ ڪيو ويو آهي اهي سڀ ڪپتان کان ناراض نظر اچن ٿا.وفاقي توڙي پنجاب حڪومت اڳيئي رڳو چند ووٽن تي بيٺل آهي ۽ جيڪر ڪپتان پنجاب متعلق ڪو صحيح فيصلو نٿو ڪري ته پنجاب حڪومت سان گڏوگڏ خود سندس وفاقي حڪومت به چند مهينن کان اڳتي هلندي نظر نٿي اچي.بدقسمتيء جي ڳالهه اها جو گذريل اٺن مهينن دوران تحريڪ انصاف جي حڪومتي ريڪارڊ ۾ ڪو اهڙو عوامي ڀلائيء جو ڪارنامو ناهي جنهن کي اها ڪيش ڪرائي سگھي.ايندڙ ڏينهن ۾ حڪومت لاء چيلينج نهايت سخت ٿيندا محسوس ٿي رهيا آهن.جيڪر ڪنهن کي اها غلط فهمي آهي ته نئين وزير خزانه جي اچڻ سان معيشت ٽپا کائي آسمان تي پهچي ويندي ته اها رڳو خام خيالي آهي.ايندڙ ڏينهن ۾ مهانگائي اڃا به وڌڻ واري آهي انهيء سان گڏوگڏ حڪومت مخالف تحريڪن ۽ ڌرڻن جي امڪان کي به رد ڪري نٿو سگھجي.صورتحال اها آهي جو ڪابينا جا اڌواڌ وزير اڻ چونڊيل ماڻهو آهن جن جو ڪپتان جي پارٽيء سان ذري جو به تعلق ناهي.سوال اهو آهي ته جن ماڻهن جو ڪو سياسي اسٽيڪ ئي نه هجي اهي عمران خان جي سياسي سوچ ۽ پاليسين کي اڳتي وڌائڻ ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪري سگھندا ۽ عوام سان ڪيل تحريڪ انصاف جي وعدن کي ڪهڙيء طرح پورو ڪري سگھندا؟تحريڪ انصاف جي حڪومت لاء هڪ وڏو مسئلو اهو به آهي ته نوڪرشاهي ان سان ڪنهن به قسم جو تعاون ڪرڻ لاء تيار ناهي ۽ گھڻا عملدار پنهن جي ان ناقص ڪارڪردگيء جو سبب نيب ڪاروائين کي قرار ڏين ٿا.سو لڳي ٿو ته هاڻوڪي حڪومت هڪ اهڙي ڌٻڻ ۾ ڦاسندي ٿي وڃي جتان نڪرڻ جو رستو في الحال نظر نٿو اچي.معاملن کي رڳو ٽاريو پيو وڃي ۽ جيئن جيئن وقت گذرندو نه رڳو ماڻهن جي مايوسين ۾ واڌارو ٿيندو بلڪه حڪومت مخالف بيانيي کي به هٿي ملندي.احتساب جي نالي تي ٿيندڙ ڪاروائين به حڪومتي ساک کي گھڻو نقصان رسايو آهي جو حڪومت سان لاڳاپيل ماڻهن جي معاملي ۾ احتسابي ادارا گھڻو نرميء جو مظاهرو ڪندي نظر اچن ٿا جنهن مان محسوس ايئن ٿو ٿئي ته هڪ طرفيون ڪاروائيون ٿي رهيون آهن.انهن حالتن ۾ آخر حڪومت وٽ ڪهڙو الادين جو ڏيئو آهي جو سڀ معاملا پاڻهي درست ٿي ويندا.گذريل اٺن مهينن دوران حڪومت هڪڙو به قانون پارليامينٽ مان پاس نه ڪرائي سگھي آهي انهيء جو مطلب ته پارليامينٽ به عملي طور تي غير فعال بڻيل آهي.رياستي معاملن کي گھڻي وقت تائين ان قسم جي ڍر ۽ غير يقينيء جي حوالي ڪري نٿو سگھجي.پنجاب ۾ نيون سياسي صف بنديون ٿي رهيون آهن ۽ جيڪر پنجاب ۾ ڪپتان جي مرضيء خلاف ڪا تبديلي اچي ٿي ته پوء خود ڪپتان لاء وفاق ۾ پنهنجو سياسي توازن برقرار رکڻ ناممڪن بڻجي سگھي ٿو.بهرحال ايندر ڪجهه مهينا هاڻوڪي حڪومت ۽ پاڪستاني سياست لاء نهايت ئي اهم آهن ۽ هتي ڪنهن به وقت ڪابه اڻ ٿيڻي ٿي سگھي ٿي جو هي سدائين ”اڻ ٿيڻين“ جو ديس رهيو آهي.هتي ڪيئي ”پاپي“ پارسا بڻجي ويندا آهن ۽ ڪئين ”پارسا“ پل ۾ پاپي بڻجي وڃن ٿا!
(روزاني هلال پاڪستان 23 اپريل 2019ع)

Tuesday, April 23, 2019

چهرا بدلجن ٿا،سوچ نٿي بدلجي!



شفيق الرحمان شاڪر

ستر سال گذرڻ باوجود رياست ماء جيان نه بڻي،گڏيل شعور اڄ به غالاماڻي ماضيء جي قيد ۾،ماضي جنهن ۾ استعمال لائق ڪابه شيء ناهي،تاريخ غلاميء سان داغدار ٿيل،جاگرافيائي نقشي تي نفرتن ۽ ناانصافين جا پيل ليڪا،عوام ماضيء جي غم ۽ مستقبل جي خوف جو شڪار،بادشاهه ۽ حڪمران دولت جي ديويء جا پوڄاري،بدعنواني،پنهنجا نوازڻ،سفارش،خوشامد ۽ رشوت قوم جو گڏيل مزاج بڻيل،کير ۾ پاڻي،مرچن ۾ ڪٽيل ڳاڙهيون سرون،چانهه جي پتيء  ۾ ٻٻر جو ڇوڏو ملائيندڙ قوم هر وقت ڪنهن مسيحا جي منتظر ۽ ڪنهن امام مهدي جي اچڻ جي آس رکي ٿي.پهرين گھٽ ۾ گھٽ ايترو ته هو جو ماڻهو رشوت وٺي ۽ ملاوت ڪري ڪجهه شرمسار ته ٿيندا هئا پر هاڻي فخر ڪن ٿا،ماڻهن جا سياسي نظريا سندن مذهبي روين تي اثر انداز ٿي چڪا جنهن سان دنيائي مفادن ۽ چنگيزي لاڙن کي مضبوطي ملي.سياسي اشرافيا انهن الا اوڳاڇيندڙ سماجي لاڙن کي بدلائڻ جي سڪت نٿي رکي ۽ تضادن جي طوفان ۾ رڳو پنهنجن مفادن جي تحفظ لاء سندرو ٻڌي بيٺل آهي.ڪمزور،سست،ڦڏائي،ڪاهل ۽ جاهل ماڻهو رڳو اجايا بحث ۽ بي مقصد تڪرار ئي ڪري سگھن ٿا.سندن اهي حق جن لاء کين رياست تي دٻاء وجھڻو آهي انهن تي روزانو ڪنهن نه ڪنهن مجبوريء هيٺ سمجھوتا ڪندا وڃن ٿا.اهي پاڻ جهڙن يا پاڻ کان ڪمزورن سان عمدي طريقي سان وڙهي سگھن ٿا،پاڙيسرين جي نڪ ۾ دم ڪري سگھن ٿا،ڪنهن بي پهچ جو قتل ڪري سگھن ٿا،هڪ ٻئي خلاف نفرت ۽ حسد جي باهه ۾ سڙي سگھن ٿا،پوليس کي رشوت ڏيئي ڪنهن تي ڪوڙو ڪيس جوڙائي سگھن ٿا.اسان جي تاريخ،جاگرافي ۽ سماج  ظلم ۽ ستم جي هڪ اهڙي ڪاري رات کي دوام بخشيو آهي جنهن جي ڪا صبح ناهي.تاريخ مان سبق نه سکڻ،ماضيء جو جبر،خوف،غم،غلامي،دهشتگردي،بدعنوان ۽ سنگدل اشرافيا، آخر اهو سلسلو ڪيستائين هلندو؟ ڪيستائين هي سماج بي حسيء جي برزخ ۾ تڙپندو رهندو؟اسٽيبلشمينٽ بالادست ۽ طاقتور آهي سياسي طبقو نااهل،بدعنوان،بي اصول،پنهنجا نوازيندڙ ۽ اقتدار پرست آهي.هن ملڪ سان سڀ کان وڏو ظلم اهو ٿيو جو قائد اعظم بعد ڪا صحيح قيادت نه ملي.هن پاڻ ئي چيو هو ته سندس کيسي ۾ کوٽا سڪا آهن. قائد اعظم بعد ملڪي قيادت اصل ۾ سول بيورو ڪريسيء جي هٿ ۾ آئي ته هڪ اسرندڙ نظام تي فالج ڪري پيو.جنهن بعد ايوب خان طاقت جي زور تي اچي قوم تي نازل ٿيو.جڏهن وقت ۽ قسمت سندس ساٿ ڇڏيو ته يحيٰ خان به سندس ساٿ ڇڏي ڏنو.1970ع ۾ پهريون آزاداڻيون ۽ صاف شفاف چونڊون ٿيون،نتيجو ڇا نڪتو پاڪستان ٻه ٽڪر ٿي ويو،باقي بچيل پاڪستان تي ذوالفقار علي ڀٽي جو جھنڊو جھولڻ لڳو.مقبول،ذهين پر ڪشش ڀٽو سندس تضادن کان وڌيڪ رياست ۽ سماج جي تضادن جي ور چڙهي ويو.اسلامي ڪانفرنس گھرايائين،اسلامي بم جو بنياد رکيائين جواب ۾ کيس ڦاهيء تي لٽڪڻو پيو.اهي ئي پاڪستان جون واحد چوندون هيون جيڪي نهايت صاف ۽ شفاف هيون پر بدقسمتيء سان انهن جا نتيجا قبول نه ڪيا ويا.اسٽيبلشمينٽ سياست ۾ ڪاهي پيئي،سياست کي سياست کان پاڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ايئن سياست غير جماعتي بڻجندي ويئي.جنرل ضياء سياسي عقيدن کي سعودي شاهي مذهب ۽ امريڪي ڊالرن جو لباس پهرائي ڇڏيو.انتظامي ۽ رياستي مداخلت وڌي ويئي.مذهب فرقن ۾ ورهائجي ڪاروبار بڻجي ويو.رياستي سرپرستيء ۾ مذهب کي سياسي مقصدن لاء استعمال ڪيو ويو.انهيء کان پوء جيڪا سياسي اٿل پٿل نظر اچي ٿي سا جمهوريت جي نالي تي عوام کي دوکي ڏيڻ جو ڪاروبار آهي.جنرل حميد گل ۽ ميان نواز شريف جيڪا آئي جي آئي بينظير ڀٽو کي روڪڻ لاء ٺاهي هئي ان جو نئون روپ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ شريفن لاء هڪ ڊيڄاريندڙ خواب بڻجي ويو آهي.رياست جي طاقتور ادارن جي سرپرستي ۽ ملي ڀڳت سان نواز شريف پنهنجي سياسي عمارت چئڻ ٿنڀن تي اڀي ڪئي هئي.پهريون وڏا وڏا مواصلاتي منصوبا جن ۾ سندس عوامي اميج بهتر ٿئي پر غربت ۾ گھٽتائي،تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ ڪي به عوام دوست ڪم نه ڪيا ويا.ٻيو بيوروڪريسيء ۾ پنهنجن وفادارن جي فوج سمورن قانونن قائدن ۽ ميرٽ بدران رڳو وفاداريء ۽ خوشامد جي بنياد تي ڀرتي ڪئي ويئي ته جيئن اهي سندس ناجائز ڪم به ڪن ته ڪنهن ڏکئي وقت ۾ سندس سهارو به بڻجن.ٽيون بدعنواني۽ڪرپشن کي هڪ سائنس بنايو ويو ۽ سياست کي پيسي ۽ سول بيوروڪريسي جي تحويل ۾ ڏيئي ڇڏيو.ستم ظريفي اها جو جن ماڻهن نون ليگ سان وابستا رهي گذريل ڪيترن سالن کان پنهنجون ٽجوڙيون ڀريون انهن مان ڪيترائي پنهنجي مال جي حفاظت لاء طاقتور ڌرين جي اشاري تي موجوده پي ٽي آي حڪومت جو حصو بڻيل آهن.چوٿون ميڊيا ۾ لفافا صحافت کي هڪ فن جو درجو ڏنو ويو ۽ بيلينس شيٽ صحافت کي ترقي ڏيئي عوام جي باخبر رهڻ واري حق تي ڌاڙو هنيو ويو.پر مزي جي ڳالهه اها جو ايڏي وڏي ڪرپشن باوجود نواز شريف کي ڪرپشن نه پر سياست سبب حڪومتي نظام مان ٻاهر ڪڍيو ويو آهي.هن پاڪستان جي سياسي ڍانچي ۾ انتظاميا،آفيسرن،دولت جي استعمال ۽ ميڊيا مينيجمينٽ ذريعي ايترو اثر رسوخ حاصل ڪري ورتو هو جو هو هاڻي گھڻا فيصلا رڳو پنهنجي مرضيء سان ڪرڻ گھرندو هو.انهيء ڇڪتاڻ ۾ هو ڍير ٿي ويو.نه ته هن جا ٻار 1990ع کان ايون فيلڊ فليٽس ۾ رهيا پئي ۽ احتسابي ادارا ٻئي طرف ڏسي رهيا هئا.ميان صاحب هاڻي به سزا يافتا قيدي هئڻ باوجود في الحال آزاد فضائن ۾ ساهه کڻي  رهيو آهي.
پاڪستاني سماج ٻهراڙي ۽ شهرن ۾ ورهايل آهي.ٻهراڙين ۾ ڀوتارڪي سوچ جو قبضو آهي،شهرن ۾ صنعتي واپاري اشرافيا لينڊ مافيا سان گڏجي دولت جي پيداوار تي قابض آهي.غير قانوني دولت ڪمائڻ لاء شهري اشرافيا عوام دشمن سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن جو سهارو وٺن ٿا ۽ اهي ادارا وري رياست جي هٿ هيٺ هوندا آهن.بدقسمتي آهي جو اسان جي خطي ۾ نه رڳو اسان جي ملڪ بلڪه ٽين دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ ڪي حقيقي عوام دوست ادارا قائم نه ٿي سگھيا آهن.سياسي اشرافيا پنهن جن مفادن جي تحفظ ۽ دولت حاصل ڪرڻ لاء طاقتور ڌرين جي محتاج آهي،اسٽيبلشمينت ان ڪري ئي نااهل ۽ ڪرپٽ سياستدانن جي سرپرستي ڪري ٿي  ته جيئن کين قابو ڪرڻ آسان هجي.ميان نواز شريف هڪ ڊگھي عرصي تائين اسٽيبلشمينٽ جو قابل اعتماد نمائندو رهيو،سندس هاڻوڪي ناڪاميء سان اسٽيبلشمينٽ گھڻو مايوس آهي.عمران خان تي به پورو ڀروسو ڪونهي، پنهن جي سموري پير پرستي ۽ وهمن باوجود اوچتو سندس دل ۾ڪڏهن ڪڏهن وڏن وڏن ادارن کي درست ڪرڻ ۽ عوام دوست ادارا جوڙڻ جو جذبو جاڳي پوي ٿو پر ان ڳالهه جو به پورو پورو بندوبست ڪيو ويو آهي ته کيس عددي حيثيت ۾ ايترو ڪمزور رکيو وڃي جو هو پنهنجي مرضي هلائي نه سگھي.بس جمهوريت جو تماشو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ جاري رهي.
(روزاني هلال پاڪستان 21 اپريل 2019ع)

Sunday, April 21, 2019

سعودي سماج بدلجي رهيو آهي!



شفيق الرحمان شاڪر
شاهي فرمانن هيٺ سعودي عرب ۾ اداراجاتي سڌارن جو عمل هلندڙ آهي.معاشي ۽ سماجي تبديليء لاء جاري هڪ ڊگھي سفر جو هڪ ٻيو سال مڪمل ٿيو.هن رستي ۾ سامهون آيل چيلينجن سان منهن ڏيڻ  ۽ دنيا ۾ ٿيندڙ ترقيء سان پنهنجو پاڻ کي ڳنڍي رکڻ جي گھرجن مطابق ترتيب ڏنو ويو آهي ته جيئن هڪ اهڙي آئيندي جي تصوير جڙي سگھي  جنهن مان رڳو روشني نظر اچي.هڪ اهڙو آئيندو جنهن جي عملي شڪل سامهون اچڻ شروع ٿي ويئي آهي.وزارتون نظم نسق ۽ ڪارڪردگيء جي بنيادن تي ڪم ڪري رهيون آهن.قيادت اڻ برابرين ۽ توازن نه هئڻ طرف نشاندهي ڪري رهي آهي ۽ پوء انهن ۾ سڌارا ڪيا پيا وڃن.هڪ اهڙي ايڪتا واري سماج جي جوڙجڪ ڪئي پيئي وڃي جنهن کي ڪنهن سازش يا غير منصفاڻي مهم ذريعي ڀڃ ڊاهه جو شڪار بنائي نه سگھجي.رياست جي بحث ۾ شهرين کي شاندار خدمتون مهيا ڪرڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي ۽ معاشي ڪارڪردگي جا اشارا هڪ اميد ڀري تصوير پيش ڪري رهيا آهن.سعودي عرب جو بجيٽ خسارو گھٽجي رهيو آهي ۽ ترقياتي خرچن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.ان سڀ کان وڌيڪ اهو ته شهري هڪ بنيادي حق جي طور تي پنهنجي ملڪ جي بهتريء لاء سدائين منتظر رهن ٿا.سعودي عرب بهتريء لاء لاڳيتو بدلجي رهيو آهي ۽ سعودي ان ڳالهه تي يقين رکن ٿا ته سڀ کان وڻندڙ شيء هاڻي اچڻ واري آهي.هاڻي سعودي عرب ۾ عورتون ڪارون هلائيندي نظر اچي رهيون آهن توڙي جو گھڻا ماڻهو اها سوچ رکن ٿا ته اهو ناممڪن آهي.جده،رياض،خوبر،جازان ۽ ٻين سعودي شهرن جي شاهرائن تي عورتون مردن سان گڏ ڪارون هلائي رهيون آهن.عورتن کي جڏهن کان ڪارون هلائڻ جي اجازت ملي آهي تڏهن کان انهن کي ڊيچارڻ يا هيسائڻ جو ڪو واقعو سامهون نه آيو آهي.اها هڪ اهڙي ڳالهه آهي جنهن مان اهو اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته سعودي سماج ڪيئن پنهنجن قدرن ۽ ڪاميابين کي ڇڏڻ سواء هاڪاري انداز ۾ تبديل ٿي رهيو آهي.عورتن کي ڪار هلائڻ جي اجازت ڏيڻ رڳو هڪ اشارو نه هو بلڪه اهو هڪ مثال هو.ڊسمبر ۾ خوبصورت الدرعيا فارمولا اي ڪار ڊوڙ جي ميزباني ڪئي ۽ ان کي پوري دنيا جي اٽڪل اٺ ڪروڙ ماڻهن ٽي وي اسڪرينن تي سڌو سنئون ڏٺو.جيئن ئي ڊوڙ جي ان بين الاقوامي مقابلي جي پڄاڻي ٿي ته “طنطورا ۾ خزان“ جي نالي سان الاولا ۾ ميلو شروع ٿي ويو ۽ دنيا مشاهدو ڪيو ته هي ملڪ ڪهڙيء طرح لاڳيتو جديديت جي رستي ڏانهن وڃي رهيو آهي ۽ مستقبل طرف هڪ ريڪارڊ رفتار سان اڳيان وڌي رهيو آهي جڏهن ته انهيء ان سان گڏوگڏ پنهنجي اصليت کي برقرار رکيو آهي. خود سعودي سماج ۾ ڪجهه سماجي اصطلاحن جي باري ۾ بحث ٿي رهيو آهي.اها هڪ مثبت ڳالهه آهي جو هر ڪنهن کي بيان جاري ڪرڻ ۽ پنهنجي نڪته نظر جي اظهار جو حق حاصل آهي پر جيڪي ماڻهو انهن اصطلاحن کي پسند نٿا ڪن ته پوء انهن کي اهڙن بحثن ۾ حصو وٺڻ جو به حق نه هئڻ گھرجي.اختلاف هڪ پيدائشي حق آهي ۽ ڪنهن کي ان باري ۾ اعتراض ٿي نٿو سگھي.اها هڪ فطري ڳالهه آهي ته سماج جن تبديلين کي ڏسي رهيو آهي اهو ضروري ناهي ته عين ان وقت هرڪو سمجھي سگھي.سماج ۾ اهڙا ماڻهو به موجود هوندا آهن جن کي تبديلين کي هضم ڪرڻ ۾ هڪ ڊگھو عرصو لڳي ٿوتنهن هوندي به اها مڃيل حقيقت آهي ته ڪنهن کي به ٻين تي پنهن جي راء زوريء مڙهڻ جو حق حاصل ناهي.سعودي عرب جي نئين سڃاڻپ جو جڏهن عوامي خيال کان تجزيو ڪجي ٿو ته خبر پوي ٿي ته سعودي ڪهڙيء طرح ان تبديليء جو آڌر ڀاء ڪري رهيا آهن ۽ ڄڻ ته اهي هڪ ڊگھي عرصي کان ان جا منتظر هئا.ڪجهه ئي ڏينهن جي فرق سان ٿيندڙ ٻن واقعن .فارمولا اي ڪار ڊوڙ ۽ ” طنطورا ۾ خزان“ ۾ هزارين ماڻهن جي ڀرپور شرڪت سندن ذوق ۽ شوق جو اظهار آهي ۽ ان سان سندن ملڪ ۾ ٿيندڙ واقعن جي باري ۾ ڏسڻ لائق جوش ۽ جذبي مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو.جڏهن اسان سعودي عرب ۾ معاشي ۽ سماجي سڌارن جي ڳالهه ڪيون ٿا ته گھڻا ماڻهو تبديليء جي ان عمل جو سياسي سڌارن سان ناتو جوڙڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.اصولي طور تي سڌارا هڪ ضرورت آهن پر اهو هڪ ذريعو به آهي ۽ اها تبديليء جي عمل جي ڪا پڄاڻي نه آهي.تنهن هوندي به پنهنجن ترجيحن کي مقرر ڪرڻ هر سماج جي ذميداري ۽ حق آهي.سمورين رياستن لاء ڪو هڪڙو قائدو ناهي جو اهي پاڻ وٽ سڌارن جي منصوبي کي ڪهڙيء طرح عملي شڪل ڏيندا.سماج پنهنجن ضرورتن ۽ ثقافتي گھرجن مطابق اسرندا آهن.جيڪا ڳالهه فرانسي سماج لاء درست آهي ضروري ناهي ته اها امريڪي سماج لاء به مناسب هجي.چين ۾ ٿيندڙ وسيع معاشي سڌارا پوري دنيا ۾ ٿيندڙ معاشي سڌارن جيان ٿي نٿا سگھن ۽ نه انهن کي هئڻ گھرجي.جيڪڏهن ڪجهه پاليسيون يا ايجنڊا ڪنهن سماج تي زوريء مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ۽ جيڪر اهي پاليسيون غير حقيقت پسنداڻيون هجن ته اهي فائديمند ثابت ٿيڻ بدران نقصانڪار ثابت ٿينديون آهن.هر سماج پنهنجن خاص ضرورتن مطابق پنهنجن ترجيحون مقرر ڪرڻ جي صلاحيت جو مالڪ ٿئي ٿو.

(روزاني هلال پاڪستان 19 اپريل 2019ع)

Friday, April 19, 2019

”ففٿ جنريشن وار فيئر“ حقيقت يا فسانو؟



شفيق الرحمان شاڪر
اسان وٽ اهو رواج آهي ته ڪنهن به اصطلاح کي جيڪر وري وري استعمال ڪيو وڃي ته اها ڳالهه ڪيتري به سچي ڇو نه هجي ماڻهو ان جو مذاق اڏائڻ لڳن ٿا.ان جو پهريون سبب ته اهو آهي جو اسان وٽ اهڙن اصطلاحن جي آڙ ۾ مانهن کي بيوقوف بنائڻ جو ناٽڪ جاري رهيو آهي ۽ ٻيو سبب اهو جو اسان وٽ پڙهڻ ۽ کوجنا ڪرڻ جو شوق نه رهيو آهي.”ففٿ جنريشن وار فيئر“ جي اصطلاح سان به ساڳيو سلوڪ ٿي رهيو آهي.ڳالهه تمام سادي آهي ته هاڻي جنگيون وڙهڻ جو انداز بدلجي ويو آهي.اڳ ۾ فوجون هڪ ٻئي تي حملو ڪنديون هيون ۽ جنهن به ملڪ وٽ جيتري گھڻي فوجي قوت هوندي هئي اهو ٻئي کي رام ڪري وٺندو هو،اهو معاملو ميزائلن کان وڌي ايٽم بمن تائين پهچي ويو.بعد ۾ وري معيشت اهميت اختيار ڪئي،سوويت يونين   هزارين ايٽمي هٿيارن باوجود شڪست کائي ويو.ان جا ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويا جو معيشت تباهه ٿي چڪي هئي.عسڪري اصطلاح ۾ اهو سڀ فرسٽ،سيڪنڊ ۽ ٿرڊ جنريشن وار فيئر هو.فورٿ جنريشن وار فيئر ۾ دهشتگرديء جي هٿيار کي استعمال ڪيو ويو.مختلف ملڪن ۾ دهشتگرد تنظيمون پيدا ٿيون يا ڪيون وييون.القائده،داعش،بوڪو حرام،الشباب،ڪجهه ماهرن مطابق روس کي ڪمزور ڪرڻ لاء چيچن هٿياربند مزاحمت جي به مدد ڪئي ويئي.جنريشن جو مطلب وڌيڪ جديد ۽ ايڊوانس ٽيڪنالاجي آهي،جيئن هڪ ميزائيل تيار ٿيڻ بعد ٿوري ئي عرصي ۾ ان جو جديد يعني سيڪنڊ جنريشن ماڊل اچي وڃي ٿو.دوائن ۾ به ايئن آهي.ڪيترين ئي روايتي اينٽي بايوٽڪ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ جديد ٿرڊ جنريشن اينٽي بايوٽڪ اچي چڪيون آهن.بهرحال جڏهن عالمي قوتن کي محسوس ٿيو ته ٿرڊ ۽ فورٿ جنريشن وار فيئر جي ميلاپ باوجود کين ڪجهه هنڌن تي ڪاميابي نه ملي رهي آهي.ڪٿي ڪٿي خراب معيشت،گھٽ فوجي قوت باوجود ملڪ شڪست نه کائي رهيا آهن اتي قوم جي ٻڌي ۽ ايڪتا رڪاوٽ هئي يا وري وطن پرستيء جو مضبوط جذبو رنڊڪ بڻيل هو تڏهن نئون مرحلو آيو جنهن کي ففٿ جنريشن وار فيئر چيو وڃي ٿو.اها نظرين جي جنگ آهي،مختلف نظرياتي،فڪري ۽ مسلڪي معاملا اڀا ڪري ڪنهن قوم کي ورهائڻ،انهن جي وچ ۾ اهڙيون نفرتون پيدا ڪرڻ جنهن سان ڪو خاص مسلڪي،لساني يا علاقائي گروهه يا آبادي ايتري قدر ناراض ۽ بيزار ٿي پوي جو ملڪي سالميت جي جنگ ان لاء اهم نه رهي.مختلف هنڌن تي انهيء جا مختلف ماڊل آزمايا ويا.ڪٿي حڪمران شخصيت يا خاندان خلاف بغاوت جا جذبا پيدا ڪرڻ،ڪنهن ملڪ ۾ حڪمران طبقن يا حڪمران جماعت خلاف نفرت ۽ سخت ڪاوڙ پيدا ڪرڻ جتي هڪ کان وڌيڪ لساني،مسلڪي،علاقائي۽ سياسي قوتون يا ڪميونٽي موجود هجي اتي انهن جي پنهنجن اختلافن کي وڌائڻ،ڇڪتاڻ ۾ ايتري حد تائين اضافو ڪرڻ جو قومي ٻڌي ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃي ۽ قومي موقف يا بيانيي جي ڪابه صورت باقي نه رهي.انهيء وار فيئر جا مختلف هٿيار آهن.جتي اخبارن،ٽي وي چينلز وغيره کي مانيٽر ڪرڻ آسان آهي اتي گھڻي گڙ ٻڙ نٿي ٿي سگھي جو گھڻي حد تائين معاملا سنسر يا ڪنٽرول هيٺ رهن ٿا ان ڪري ان مقصد لاء سوشل ميڊيا ۽ سائيبر ميڊيا کي وڌيڪ آسانيء سان استعمال ڪيو وڃي ٿو.نفرت ڀريل مواد ۽ زهريلا وڊيو ڪلپس پکيڙيندڙ ويب سائيٽس ان وار فيئر جو اهم حصو آهن.سوشل ميڊيا سائيٽس جيئن ٽويٽر،فيس بڪ وغيره ذريعي اهو ڪم ڪرڻ نهايت ئي سولو آهي جو ڪنهن به ملڪ ۾ ويهي بيشمار ڪوڙا اڪائونٽ جوڙي سگھجن ٿا ۽ انهن کي بند ڪرڻ به ڪو سولو ڪم ناهي.انهيء وار فيئر جي پس منظر ۾ اسان جي آسپاس گذريل ٻن ڏهاڪن کان ڪيترائي واقعا گذريا آهن جن کي مثال طور پيش ڪري سگھجي ٿو.2001ع ۾ آمريڪا ۾ نائين اليون جو واقعو ٿئي ٿو،خود آمريڪين جي دعويٰ مطابق اهو حملو القائدا ڪيو پر ان جي باوجود القائدا جو پيڇو ڪرڻ بدران افغانستان تي حملو ڪيو وڃي ٿو جتي طالبان جي حڪومت ختم ڪئي وڃي ٿي ۽ اساما بن لادن آسانيء سان فرار ٿي وڃي ٿو. ان کان پوء اولهه ۾ رهيل ڪجهه مشڪوڪ ماڻهو سامهون اچي انڪشاف ڪن ٿا ته عراق وٽ تباهي پکيڙيندڙ ڪيميائي هٿيار آهن جنهن کي جواز بنائي آمريڪا پنهنجن اتحادين سميت عراق کي نشانو بنائي ان تي قبضو ڪري ٿو جيڪي هٿيار اڄ تائين هٿ نه اچي سگھيا آهن.عراقين کي ان جنگ مان ڇا مليو؟ عراقي عوام هڪ ٻئي نفرت ڪندڙ مسلڪي گروهن ۾ ورهائجي ويو.نائين اليون کان اڳ عراق بيشمار معاشي پابندين باوجود مستحڪم ملڪ جڏهن ته اڄ جو عراق هڪ تباهه حال ملڪ آهي.جڏهن عراق جهڙو ناٽڪ ٻيهر ورجائڻ ممڪن نه رهيو ته ”عرب بهار“ جي نالي سان ”عوامي سجاڳي“ جي تحريڪ شروع ٿئي ٿي جنهن ۾ پوري دنيا جا ”تبديلي پسند“ ۽ ”آمريت مخالف“ ماڻهو جوش وچان ان جي حمايت ۾ لکن ۽ ڳالهائين ٿا.هل لهر آئي جنهن مصر،تيونس ۽ يمن ۾ حڪمران بدلائي ڇڏيا.مصر ۾ اخوان جي ڪاميابيء سان پاڪستاني اسلام پسند به خوش ٿيڻ لڳا پر انهن کي خبر نه هئي ته اصل منصوبو اخوانن کي ذبح ڪرڻ جو هو.فرانس ۾ جنگي قوت استعمال ڪري قذافيء جي حڪومت ختم ڪئي ويئي.ڪرنل قذافي ته قتل ٿي ويو پر ان ننڍڙي پرسڪون ۽ خوشحال ملڪ ۾ شروع ٿيل گھرو ويڙه جيڪو نفرت جو زهر پکيڙيو سو اڄ به موجود آهي.يمن تي ستٽيهن سالن کان حڪومت ڪندڙ آمر جي هٽڻ تي سڄي دنيا ۾ خوشيون ملهايون وييون پر ڪنهن کي خبر نه هئي ته اصل نشانو يمن ۾ گھرو ويڙهه جي باهه دکائڻ ۽ حوثي قبيلن کي سعودي عرب لاء مستقل خطرو بنائڻ هو.دنيا جا گھڻا حڪمران شام جي بشار الاسد مان بيزار نظر آيا ٿي ان ڪري سندس خلاف ٿيندڙ خوني حملن کي گھڻن کي خوشي محسوس ٿي رهي هئي پر اڄ شام جي حالت ڏسي هرڪو اهو چوڻ تي مجبور آهي ته ڪاش شام ۾ اهو سڀ ڪجهه نه ٿئي ها.خوبصورت ملڪ تباهه ٿي ويو،لکين شامي شهيد ۽ لکين شامي اڄ به مهاجرن جي حيثيت ۾ در در جون ٺوڪرون کائي رهيا آهن.باقي بچي نڪرندڙ ملڪن ۾ وطن پرستيء جو جذبو مضبوط هو  يا وري اسٽرڪچر اهڙو هو جو ففٿ جنريشن وار فيئر جا جراثيم پوريء طرح داخل ٿي نه سگھيا.ايران پنهن جي سموري معاشي تنگدستيء باوجود رڳو ايراني نيشنل ازم سبب بچي ويو.سعودي عرب،گڏيل عرب امارتون ۽ ڪويت جهڙا ملڪ عرب بهار کان محفوظ رهيا جو اتي جو ڍانچو قبائلي هو،حڪمران بروقت قدم کڻي ماڻهن کي رليف مهيا ڪيو،ٽيڪسن ۽ ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ پنجاهه سيڪڙو تائين گھٽتائي ڪري عوامي پريشر کي گھٽائي ڇڏيو جنهن ڪري ڌماڪو نه ٿيو.
”ففٿ جنريشن وار فيئر“ آسان لفظن ۾ ڪنهن غير ملڪي دشمن رياست،غير رياستي عنصرن وغيره پاران نظرين جي اهڙي جنگ آهي جنهن ۾ ڪنهن ملڪ جي عوام کي فڪري طور تي منتشر ۽ تقسيم ڪيو ويندو آهي.اها سائيبر وار آهي جيڪا سوشل ميڊيا جي مدد سان وڙهي وڃي ٿي.فيڪ وڊيوز،فساد پکيڙيندڙ فيس بڪ پوسٽون،شرارت پکيڙيندڙ ٽويٽس،ادارن کي تڪراري بنائيندڙ سوچيل سمجھيل لکڻيون،مسلڪي.لساني ۽ علاقائي فساد کپيڙڻ جون سازشون،دشمن تي حملو ميزائيل اڇلائڻ سواء.رڳو فتنو ۽ فساد پکيڙيندڙ،شڪ شبها پيدا ڪندڙ تحريرون،وڊيو،اسٽيٽس مختلف فيڪ آئي ڊيز جي مدد سان رکي وائرل ڪيون وڃن ۽ قوم جو حوصلو وڃائجي.جتي اڳ ۾ ئي ڪجهه فالٽ لائينس موجود هجن،مختلف صوبن وچ ۾ عدم اطمينان،عدم تحفظ ۽ احساس محرومي موجود هجي اتي اها باهه ترت ڀڙڪي اٿي ٿي.جڏهن ملڪي ادارا اڳ کان ئي تڪراري بڻيل هجن،اسٽيبلشمينت جي سياست ۾ مداخلت هجي،عدليا تي جانبداريء جا الزام لڳندا رهيا هجن،سياست ۾ شديد قسم جي تقسيم موجود هجي،هڪ جماعت جا هيرو ٻي جماعت جا ولن هجن،اهڙي حالت ۾ دلين ۾ دکندڙ ناراضگين جا الا معمولي هوا سان نفرت جي شعلن ۾ بدلجي ويندا آهن.

(روزاني هلال پاڪستان 17 اپريل 2019ع)

Thursday, April 18, 2019

بي درد حڪمرانن جي ديس ۾...



شفيق الرحمان شاڪر

هڪ طرف ڪرپشن خلاف جهاد جي ڳالهه ته ٻئي پاسي ڪرپشن جي ٻئي طرف ڪرپشن جي الزامن هيٺ آيل سمورا شينهن مڙس هڪ هڪ ٿي آزاد ٿيندا ٿا وڃن،هڪ طرف غريبن جي احساس ۾ جڙندڙ نئين وزارت ته ٻئي طرف تيل،بجلي ، گئس ۽ دوائن جا وڌندڙ اگھه ،هڪ پاسي ملڪ جي ايڪسپورٽ وڌائڻ جون ڳالهيون ته ٻئي طرف پوري صنعت بي يقينيء جو شڪار،هاري ويچارا ته رلي ويا آهن،ڊالر جو اڳيان اڃا ڇا ٿيڻ وارو آهي ڪا خبر ناهي.اها آهي هن معاشي ٽيم جي ڪارڪردگي جنهن ٻاويهه سالا اپوزيشن سٺي،ٻاويهه سالن بعد به هوم ورڪ زيرو،رڳومونجهارا،ڪابه ڊائريڪشن ناهي،پوليس سڌارن جو پتو ناهي.ادارتي سڌارن جي ٻيڙي خبر ناهي ڪهڙي ڪن ۾ ڦاسي پيئي.غربت مٽايو پلان ڪهڙي راهه ۾ رلي ويو.پنجاهه لک گھر،هڪ ڪروڙ نوڪريون،نئون صوبو به ٺهڻو هو،ڪنهن به شيء جو نه ته مٿو ٿو سمجھه ۾ اچي نه پڇ.ٻن ٽن وزيرن کي ڇڏي ڪري ٻيا سوين وزير مشير ڪهڙي ڪرت ۾ لڳل آهن،خبر ناهي.اڌ پاڪستان اهڙي ماڻهوء حوالي آهي جيڪو چئي ٿو ته هو اڃا تربيت هيٺ آهي.ڳالهيون ٻڌو ته مٿو پٽڻ تي دل گھري ٿي.پورو سياسي ڪلچر چند وزيرن حوالي،ايئن لڳي ٿو ته موصوف زبان سان ئي حڪومتي ڪارڪردگيء کي آسمان جون بلنديون عطا ڪري رهيا آهن بلڪه بدزبانيء جي معراج.اٺن مهينن ۾ ڪا هڪڙي به ڍنگ جي ڳالهه ٻڌڻ  لاء ناهي ملي.منجھائن سندن اتحادي تنگ،پنهنجا پراوا سڀ بيزار.ايجنڊا عمران خان جي بيوروڪريسي شريفن جي.سياسي ٽيم پي پي،ليگين وارو داغي مال،ايجنڊا تي ڌيان بدران هر ڪنهن سان روپيو ڏيئي وڙهڻ.حڪومت ۾ هوندي به سڀ جا سڀ ملڪه جذبات،سڀ جا سڀ مولا جٽ ۽ سلطان راهي.اسحاق ڊار،حسن حسين کي واپس آڻڻو هو پر لنڊن گھڻو پري هلي ويئي.شهباز شريف کان ڪرپشن جو حساب برابر ڪرڻو هو پر هو پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيء جو چڱو مڙس بڻجي ويو۽ کيس اختيار ڏنو ويو ته ياد ماضي دل نه ڪر جيڪي ٿيو سو خوب ٿيو.احتساب زرداري صاحب جو ڪرڻو هو پر چڙهائي سنڌ تي ٿي ويئي.منهن ڀر ڪرڻو پيو ته هاڻي نه خدا ملا نه وصال صنم وارو معاملو آهي.هاڻي ڀٽي جو ڏوهٽو پي پي بدران ڪرپشن جو دفاع ڪري رهيو آهي.ڊاڪٽر عاصم،شرجيل،انور مجيد،ڪرپشن،مني لانڊرنگ،جمهوريت،آئين،ارڙهين ترميم،صوبائي خود مختياري سڀ معاملا پاڻ ۾ گڏ مڏ ٿي ويا آهن،خبر نٿي پوي ته ڪير ڪنهن سان ظلم پيو ڪري.ماڻهن کي سنڌ حڪومت جي سڀ ڪرپشن وسري ويئي،خراب حڪمراني به هضم ٿي ويئي،بکن کان مرندڙ معصوم به وسري ويا،ايستائين جو لاڙڪاڻي جا اٿلجندڙ گٽر پڻ.بلاول ۽ زرداري صاحب کي تقريرن کان واندڪائي ناهي،گلابي اردو،شتابي لهجو،گلي ڦاڙ ڌمڪيون ۽ سورن جي سمنڊ ۾ غوطا کا.ئيندڙ بي وس عوام.ڳالهيون ٻڌو ته کلي کلي ساهه نڪري وڃي،گذريل ڏهن سالن کان سنڌ تي حڪومت ڪندڙ مسلسل پنهنجن مجبورين،محرومين ۽ مظلوميت جا داستان ڳائي ماڻهن کان داد وصول ڪري رهيا آهن.سنڌ ۽ سنڌين لاء نه ته وفاقي حڪومت وٽ ڪجهه آهي نه ئي سندن پنهنجي صوبائي  حڪومت وٽ ڏيڻ لاء ڪا شيء.نواز شريف جن ادارن تي چڙهائي ڪئي،ٽڪي ٽڪي جون ڳالهيون ٻڌايون انهن ئي ادارن کان کيس رليف ملي رهيو آهي.زرداري صاحب جن کي روزانو تڙيون لڳائي ٿو انهن مان ئي فائدو کڻي رهيو آهي.مطلب اهو ته قانون جو احترام رڳو غريب ڪري ۽ قانون جون مارون به رڳو غريب سهي.اڳي پاناما تي جي آئي ٽي وارن سپريم ڪورٽ ۾ درخواستون ڏنيون ته کين جان جو خطرو آهي،تحفظ ڏنو وڃي .هاڻي مني لانڊرنگ جي آئي ٽي وارن ۽ شاهدن سميت چوونجاهه ماڻهن سپريم ڪورٽ ۾ درخواست ڪري چڪا آهن ته ساڻن گڏ سندن ڪٽنبن کي به جان جو خطرو آهي يعني جن کي ٻين کي ڊيڄارڻو هو اهي پاڻ ڊنل آهن.ثابت ٿيو ته پاڪستان گاڊ فادر ۽ سسيلين مافيا جو ملڪ آهي. پي پي ۽ ليگي مطلب ته ڀٽي ۽ ضياء جو وري اتحاد ٿي چڪو،قاتل اعليٰ خادم اعليٰ تسليم ٿي چڪو.شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو ساڳي گاڌيء ۾ سوار ٿي چڪا.زرداري صاحب جو اهو فرمان ته نواز شريف درندو،ڌرتيء جو ناسور،هاڻي کيس معاف ناهي ڪرڻو،معاف ڪيوسين ته الله اسان کي معاف نه ڪندو ۽ شهباز شريف جو اهو چوڻ ته زرداري آئون توکي ٽنگيندس.گهليندس،پيٽ ڦاڙيندس.بلاول جو اهو چوڻ ته شهباز قاتل اعليٰ،اهو سعد رفيق ۽ خواجا آصف تائين سڀني جو زرداريء جو نالو اچڻ تي ڪنن کي هٿ لڳائن.ڇو ته ٻنهي ڌڙن جي جان ساڳئي وڪڙ ۾آهي،ٻنهي جي بقا ساڳي دوا ۾ آهي،ٻنهي جو مشن پنهنجي کل بچايو،آل بچايو ۽ مال بچايو آهي سو ٻنهي گڏجي سياسي ٻه نمبريء جي نئين تاريخ لکي ورتي آهي.خود زرداري صاحب ۽ شريف ڀائرن وٽ ته پنهنجي بچاء ۾ نه شاهد نه گواهه،نه ثبوت نه جواز پر رضا ربانيء کان اعتزاز ۽ احسن اقبال کان مريم اورنگزيب تائين سڀ اڃا به زرداري صاحب ۽ شريفن جو دفاع ڪري رهيا آهن.حيرت رڳو ان تي آهي ته جن کي پنهنجن ڪرتوتن سبب منهن لڪائڻو هو ٻيا انهن کان منهن لڪائڻ تي مجبور نظر اچن ٿا.جن کي پاڪستان جي ٻاويهه ڪروڙن جو ڪيس وڙهڻو هو اهي پنهنجن خاندانن جا وڪيل نڪتا.جن کي ايندڙ نسلن جو سوچڻو هو اهي پنهنجن ٻارن جو مستقبل سنوارڻ ۾ لڳل رهيا.ڪالهه جيڪي نواز شريف ۽ مريم نواز کي انقلابي مڃي انقلاب جون خبرون ٻڌائي رهيا هئا،اڄ اهي انهن جي پر اسرار چپ مان حڪمتون ڳولهي رهيا آهن.ڪلهه تائين جيڪي زرداري صاحب کي مفاهمت جو گرو مڃي سندس ساراهن جا ڍڪ ڀريندا هئا اهي اڄ سندس انقلابي هئڻ تي فخر جو اظهار ڪري رهيا آهن.حيرت اها به آهي ته قوم مان زيان جو احساس ئي ختم ٿي ويو،انهن وٽ ڪرپشن،مني لانڊرنگ،ڦرلٽ،ڪوڙ ۽ ٻه نمبري ڪا حيثيت نٿي رکي.ڪلهه به ميان صاحب جا مست نعرا لڳي رهيا هئا اڄ به وڄي رهيا آهن.ڪلهه به هر گھر مان ڀٽو نڪري رهيو هو ۽ اڄ به هر گھر مان ڀٽو نڪري رهيو آهي.سڀني کي خبرآهي ته ڀٽي کي قتل ضياء ڪيو پر ڀٽو ازم جو قتل ڪنهن ڪيو؟پوء به انهيء ئي اسٽيج تان اهو نعرو بلند ٿئي ٿو ته ڪلهه به ڀٽو زندهه هو ۽ اڄ به ڀٽو زندهه آ.
حمزا شهباز جو چوڻ آهي ته هن کي نيب ڪيسن جي ڪا پريشاني ناهي پر مهانگائيء ۽ بي روزگاريء ۾ ورتل غريب عوام جو درد کيس سمهڻ نٿو ڏئي،زرداري صاحب فرمائي ٿو ته جيڪر هاڻوڪن حڪمرانن کي ترت گھر ڀيڙو نه ڪيو ويو ته عوام کين معاف نه ڪندو.مولانا صاحب جو ارشاد آهي ته جيڪر عمران نيازيء مان ترت جان آجي نه ڪرائي ويئي ته ملڪ کي ناقابل برداشت نقصان رسندو.شيخ رشيد جو فرمان مبارڪ آهي ته جون تائين سڀ جا سڀ ڪرپٽ سياستدان جيل اندر هوندا.عمران خان جو چوڻ آهي ته هن ميان شهباز شريف کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيء جو چيئرمين بنائي عظيم غلطي ڪئي.فواد چوڌريء جو حڪم آهي ته جن تي ڪرپشن جا ڪيس آهن اهي ڏوڪڙ ڏين پوء ڀلي پرديس هليا وڃن،اسد عمر جو چوڻ آهي ته عوام کي ايندڙ ڏيڍ کان ٻن سالن تائين صبر جو مزو چکڻو پوندو ۽ پوء ملڪ ۾ غريبن لاء مزا ئي مزا هوندا.اچو ته بيدرد حڪمرانن جي ديس ۾ اهڙيون مزيدار ڳالهيون ٻڌون ۽ پنهنجي دل وندرايون!



(روزاني هلال پاڪستان)

ماضيء جو آئينو ؛ پاڪستاني تاريخ جي هڪ نرالي بغاوت!



شفيق الرحمان شاڪر
اها ڳالهه ڏاڍي دلچسپ آهي ته پاڪستان ۾ سڀ کان طاقتور مشهور بغاوتن ۾ هڪ پنج هزار روپين جي ماليت جي شين سبب برپا ٿي هئي.پڪ سان پنجاهه سال اڳ اها هڪ وڏي رقم هئي پر ان جي باوجود ايوب خان جي حڪومتي دور واري ڏهاڪي جي اميراڻي طبقي جي ڀيٽ ۾ اها ٿوري ۽ معمولي رقم هئي.البت راولپنڊي جي گورڊن ڪاليج جي شاگردن جو ٽولو جيڪو پاڪستان جي ڊيوٽي فري ڪيپيٽل لنڊي ڪوتل ۾ داخل ٿيو هو انهن لاء اها وڏي رقم هئي.اهي شاگرد 1968ع جي نومبر جي شروع ۾ ان شهر ۾ داخل ٿيا هئا ۽ پنجن هزارن جي خريداري ڪئي هئي پر انهن کان اهي شيون کسي ورتيون وييون هيون.ٽيڪنيڪي طور تي انهن قانون جي خلاف ورزي ڪئي هئي پر اهي ان ڳالهه کان چڱيء طرح واقف هئا ته ڪو به با اثر ماڻهو قبائلي علائقن مان دل کولي خريداري ڪري سگھيو ٿي ۽ خريد ڪيل سامان بنان ڪنهن مشڪل جي گھر تائين آڻي سگھيو ٿي. انهن پنهنجن ساٿي شاگردن سان شڪايت ۽ مشورو ڪيو ۽ سڀني ملي ڪري 7 نومبر 1968ع تي احتجاج جو فيصلو ڪيو.ان ڏينهن اسلام آباد ٻاهران پولي ٽيڪنيڪ ڪاليج جا شاگرد به خاص دوري تي هئا جتي ايوب حڪومت کان الڳ ٿيندڙ هڪ اڳواڻ کي شاندا ر تقرير ڪرڻي هئي.
ذوالفقار علي ڀٽي کي پولي ٽيڪنيڪ ۾ تقرير ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو ۽ نيٺ هو راولپنڊي جي انٽر ڪونٽينينٽل هوٽل ويو جتي گورڊن ڪاليج مان هڪ وڏو وفد کيس ڀليڪار چوڻ لاء اتي گڏ ٿيل هو.پوليس گھڻي جارحاڻي انداز جو مظاهرو ڪيو.هڪڙي نوجوان کي ماري ڇڏيو ويو.محدود احتجاج راولپنڊيء ۾ پکڙجڻ لڳو ۽ چئن مهينن اندر ايوب حڪومت جو دور ختم ٿي ويو ۽ ان کان ترت پوء ملڪ جي ايڪويهن سالن جي آمريت جي راند بعد جمهوريت جو رستو کلڻ شروع ٿي ويو.اها شاگرد قيادت جي ان سال جي دنيا جي ڪنهن به حصي جي هڪ وڏي ڪاميابي هئي جو پيرس ۾ به شروع ٿي چڪي هئي ۽ پوري دنيا ۾ اهو سلسلو پکڙجڻ لڳو.گھڻن موقعن تي تبديليء جي ايجنڊا سان اهو سلسلو شروع ٿيندو هو.
پاڪستان ۾ احتجاج ڪندڙ شاگردن کي اهو اندازو نه هو ته ان جو نتيجو ڇا نڪرندو.جيئن جيئن جلوس ۾ ماڻهو شامل ٿيندا ويا ۽ شاگرد به هر طرف کان اچڻ لڳا  ايستائين جو اوڀر پاڪستان جو مظلوم طبقو به ان احتجاج ۾ شريڪ ٿي ويو ته معاملا شاگردن جي هٿن مان به نڪري ويا.شدت پسند شاگرد ڍاڪا ۾ احتجاج جو حصو بنجڻ لڳا ۽ هڪ مهيني اندر اهو واضح ٿيڻ لڳو ته ڪجهه وڏي شيء ٿيڻ واري آهي. پاڪستان جي ڊڪٽيٽر جي دوري ان احتجاج کي وڌيڪ شدت بخشي ۽ پوري صوبي ۾ پکڙجي ويو جنهن جو آخري نتيجو بنگلا ديش جي ٺهڻ جي صورت ۾ سامهون آيو.انهيء دوران اولهه پاڪستان جيڪو اڃا ون يونٽ هو جي شهرپشاور ۾ ايوب خان تي قاتلاڻو حملو ٿيو.اهو واقعو احتجاج کان هڪ ٻه ڏينهن پهرين پيش آيو هو.ان کان پوء احتجاج ٻين شهرن تائين جن ۾ ڪراچي ۽ لاهور به شامل هو،اهو احتجاج تيزيء سان وڌڻ لڳو.ننڍن شهرن تائين اهو احتجاج پکڙجي ويو پر اوڀر پاڪستان ۾ ايئن نه ٿيو.جتي مولانا ڀاشاني پهريون ليڊر هو جيڪو هن مزاحمتي تحريڪ جي واڳ سنڀالڻ لڳو.
اولهه پاڪستان ۾ به تمام گھڻيون هڙتالون ٿيون هيون جنهن سان شاگردن کي شهه ملي هئي.ان کان اڳ ماضيء ۾ رشوت خوري ۽ دٻاء جي پاليسيء سبب اسٽيٽس ڪو برقرار هو پر 1968 ۽ 1969ع ۾ ڪجهه نئون ٿيڻ وارو هو ۽ فيبروريء ۾ ايوب سياست مان نڪرڻ جو اعلان ڪيو.ايندڙ مهيني آرمي چيف يحيٰ خان اقتدار تي قبضو ڪري ورتو.يحيٰ جو اقتدار توڙي جو محدود وقت تائين رهيو پر ان ۾ هڪ تاريخي حادثو پيش آيو.هن پاڪستان جي پهرين عام چونڊن جي صدارت ڪئي جيڪي يونيورسل  ايڊلٽ فرنچائزجي بنياد تي هيون ۽ پوء اڪثريتي پارٽيء کي اقتدار ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيائين.ان معاملي ۾ ڀٽو صاحب خاموشي اختيار ڪندي شامل رهيو.افسوس جو اولهه پاڪستان ۾ شاگردن کي انهن احتجاجي تحريڪن کان بي خبر رکيو وڃي ٿو ۽ اولهه پاڪستان جي عوام اوڀر پاڪستان جي شاگردن جي قتل ۽ غارت جي واقعن تي ڪڏهن احتجاج به نه ڪيو.
هڪ ڏهاڪي جي چوٿين حصي دوران ٻيو ڀيرو بر صغير جي ورهاست بعد ٻنهي طرفن هڪ نئين اميد سان زندگيء جي شروعات ٿي پرفوجي بغاوتون وري وري ٿينديون رهيون.جولائي 1977ع بعد  جا ڪجهه سال پاڪستان ۾ فوجي اقتدار سبب خوفناڪ حالتون رهيون.هڪ معصوم عورت جي قتل لاء احتجاج جو نئون دور شروع ٿيو ۽ حڪومت هڪ دفعو وري احتجاج ڪندڙن کي سختيء سان چٿڻ جي پاليسي اختيار ڪئي.
1968ع جي دوران احتجاج ۾ بغاوت ڪرڻ وارا ماڻهو صحيح رخ ۾ هئا توڙي جو بعد ۾ ايندڙ جمهوريت اهڙي نه هئي جنهن جي خواهش ڪري سگھجي ها.جمهوريت جا مفاد گھٽ ٿيندا ويا ۽ نقصان وڌندا ويا.ان وقت جي بغاوت سان فوجي اقتدار ختم ٿي اليڪشن جو رستو سڌو ٿيو ۽ اسٽيٽس ڪو جو خاتمو ٿيو.اها بغاوت پهرين يا ٻي نه هئي پر اسان جي ملڪ جي تاريخ ۾ اها هڪ نهايت ئي اهم ۽ نه وسرندڙ حصي طور ياد رکي ويندي.


(روزاني هلال پاڪستان 16 اپريل 2019ع)

Saturday, April 13, 2019

ڪپتان ڪيستائين ” بي خبر“ رهندو؟



شفيق الرحمان شاڪر

حيرت جهڙي ڳالهه اها ته وزير اعظم عمران خان هر معاملي تي پنهنجي ”بي خبري“ ۽ بيوسيء جو اظهار ڪندي نظر اچي ٿو ايئن ٿو لڳي ته سندس وزير ۽ مشير کيس عوامي مسئلن جي باري ۾ ڏسي وائسي بي خبر ۽ اڻ ڄاڻ رکي رهيا هجن پوء ته ايئن چئجي ته هن کي هر معاملي تي اونده ۾ رکيو پيو وڃي.پوء ته هن کي پڪ سان اها خبر به نه هوندي ته عوامي مشڪلن ۽ مسئلن کان ان عظيم اڻ ڄاڻائي کيس نهايت تيزيء سان عوام ۾ غير مقبول بنائڻ ۽ سندس مخالفن پاران سندس حڪومت خلاف پيش ڪيل ناڪاري تصوير کي عوام طرفان مڃڻ ۽ قبول ڪرڻ تي مجبور ڪري رهي آهي.شايد ان معاملي جي سنجيدگي ۽ حساسيت جو عمران خان کي ڪو اندازو به نه هجي.عوام جي سهپ جي به هڪڙي حد ٿئي ٿي جڏهن اها حد ٽپي وڃي ته پوء ردعمل جي طور تي ڪجهه به ٿي سگھي ٿو.شايد وزير اعظم ان ڳالهه کان به ”بي خبر“ هجي ته ملڪ ۾ مهنگائيء جي شرح 9.41 سيڪڙو تي پهچي چڪي آهي.هن کي شايد اها به خبر نه هجي ته ڊالر جي اوچي اڏام،بجلي، گئس تيل.دوائن ۽ روزمره جي استعمال جي شين جي اگھن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ تبديلي سرڪار جي وعدن،نعرن ۽ دعوائن جا بکيا اڍيڙي رکيا آهن.مهانگائيء بابت اهڙيون ڳڻتيء جوڳيون رپورٽون عمران خان جا ڪي سياسي مخالف نه پر اسٽيٽ بينڪ،انگن اکرن واري ڊويزن ۽ بعد ۾ ورلڊ بينڪ طرفان جاري ڪيون وييون آهن ان ڪري انهن کي ڪنهن به صورت ۾ رد ڪري نٿو سگھجي.سمجهه ۾ نٿو اچي ته وزير اعظم معاشي ماهرن جي جيڪا هڪ ڊگھي فوج پنهنجي آسپاس گڏ ڪري رکي آهي انهن جون سموريون منصوبا بنديون پاڻيء ۾ وهي چڪيون آهن.اهاسادي ڳالهه اڃا تائين انهن معاشي ماهرن جي سمجھه ۾ نٿي اچي ته انهن عام استعمال جي شين جي اگھن ۾ واڌ جو سڌو سنئون اثر هڪ عام ماڻهوء تي پوندو آهي.مالدار اشرافيا تي سڌا ٽيڪس لڳائڻ جي جرئت حڪومت ۾ بلڪل ناهي ان ڪري عام ماڻهن تي اڻ سڌا ٽيڪس وري وري لڳايا ۽ وڌايا پيا وڃن جنهن ڪري وچولي طبقي جو ته حشر نشر ٿي ويو آهي.اڃا ته آئي ايم ايف سان معاهدو نه ٿيو آهي پوء ته خبر ناهي عوام جي نڙيء تي ڪيتري لت ايندي جو اهي ڦٿڪي ڦٿڪي ساه ڏيندا.عوام کي اها ڳالهه به سمجهه ۾ نٿي اچي ته دوست ملڪن کان ورتل مالي مدد باوجود مهانگائيء کي موچڙو ڇونه لڳي سگھيو آهي.هاڻي ته ماڻهن چوڻ شروع ڪري ڏنو آهي ته مهرباني ڪري پنهنجو نئون پاڪستان پاڻ وٽ ئي رکو اسان کي پراڻي پاڪستان ۾ ئي رهڻ ڏيو جو گھٽ ۾ گھٽ ساه ته کڻي سگھون.هڪ طرف ملڪي معيشت جي اها تباه ٿيل صورتحال آهي،عوام جو مهنگائيء سبب ساهه منجھي رهيو آهي ۽ ماڻهن جي خريداريء واري قوت نهايت ئي ڪري پيئي آهي ته ٻئي طرف موجوده حڪمرانن جون خواهشون ۽ انگل ڏسجن ٿا ته ڏندين آڱريون اچيو وڃن.انهن کي وزيرن،مشيرن ۽ ايم پي ايز جي پگھارن ۾ ٽي سو سيڪڙو واڌ گھربل آهي،وزيرن ۽ مشيرن کي نين گاڏين جي خريداريء جي ضرورت محسوس ٿي رهي آهي،صوبي جي وزير اعلي رهندڙ هر شخص کي تاحيات مالي رعايتن جو حقدار بنائڻ لاء بل پيش ٿي رهيا آهن.هيء آخر ڪهڙي مذاق آهي ملڪ جي غريب عوام سان.ٻئي طرف حڪومت جا معاشي ماهر اهو کل جوڳو اعلان ڪندي نظر اچن ٿا ته مهانگائيء جي هاڻوڪي شرح ماضيء جي حڪومتن جي ڀيٽ ۾ اڃا گھٽ آهي! پوء ته بهتر اهو ٿيندو ته اوهان اها رهيل ڪمي به پوري ڪري وٺو ۽ اڃا به دل نه ڀرجي ته عوام کي وڌيڪ خود ڪشين تي مجبور ڪيو جو نه رهندو عوام نه وري ڪا رڙ ٿيندي.سرنديء وارن ۽ ڏاڍن تي هٿ ڇو نٿا وجھو.جيڪي ادارا اوهان جي نااهليء جي ڪري ڏينهون ڏينهن برباد ٿي رهيا آهن انهن جو خسارو غريب عوام کان ڪيئن ٿا وصول ڪيو؟بجلي ۽ گئس جي نظام ۾ جيڪا چوري ٿي رهي آهي انهيء جو حساب عوام ڇو ڀري؟ وڏين ڪميشن تي حاصل ڪيل آئي پي پيز ڪمپنيون  جيڪي بجلي پوري مهيا نه ڪرڻ باوجود اربين ڊالر روزانو جي حساب سان رقم وصول ڪري رهيون آهن اها رقم انهن کان وصول ڇو نٿا ڪيو جن اهڙيون بدعنوان ڊيلون ڪيون،آخر عوام اهو ڏنڊ ڪهڙي حساب ۾ ڀري؟اوهان ۾ ايتري همت ۽ جرئت ته آهي ڪانه جو ڪرپٽ مافيا خلاف آپريشن ڪري ملڪي خسارو گھٽائي سگھو باقي غريب ۽ بيوس عوام اوهان کي سولو لڳي ٿو جو مهانگائيء ۽ مالي خساري جو هر بار انهن تي لڏيندا ٿا وڃو ۽ مٿان وري اها عجيب فرمائش ته رڙيون نه ڪيو، صبر ڪيو،حڪومت خلاف سازش ۾ شريڪ نه ٿيو،اسان جا ويهي الف ليلا جا داستان ٻڌو،دليل سڻو،مجبوريون سمجھو،حالتن جو ادراڪ ڪيو وغيره وغيره هاڻي اهو ناٽڪ گھڻو عرصو هلي نه سگھندو.اوهان ته نئون پاڪستان جي نعري هيٺ مهانگائي بابت ماضيء جا سڀ ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن پوء به ويچارو وزير اعظم پڪ سان” بي خبر“ ئي هوندو.هن کي اڃا تائين شايد ڪنهن اٽي ۽ دال جي اگھن جي باري ۾ نه ٻڌايو هجي.هلو مڃون ٿا ته اڳيون حڪومتون ملڪي خزانو خالي ڪري وييون پر اوهان جي ستن سالن جي دور ۾ ملڪي ايڪسپورٽ ڇو ناهي وڌي؟ ملڪ ۾ نئين سيڙپ ڪاري ڇو ناهي ٿي؟ انهن سوالن جو جواب ئي ڏيئي وٺو ته جيئن اوهان جي ڪا قابليت ۽ مهارت هن بيخبر عوام تي ظاهر ٿئي.ملڪي معاملن ۽ معاشي صورتحال کان عوام جو بي خبر هئڻ ته ضرور ٻڌندا اچون پر اصل تبديلي اها آهي جو ملڪ جو اهو وزير اعظم جنهن کي عوام جي لاء تبديلي آڻڻي آهي شايد اهو پاڻ به ” بي خبرن“ ۾ شامل آهي!
حڪومت جي پنهنجي شمارياتي اداري جي رپورٽ مطابق فيبروريء مهيني جي ڀيٽ ۾ مارچ عوام تي نهايت ئي ڳرو رهيو ڇوته مارچ ۾ مهانگائيء ۾ 11.42 سيڪڙو اضافو ٿيو جنهن ڪري مارچ ۾ مهانگائيء جي شرح 9.41 سيڪڙو ريڪارڊ ڪئي ويئي.رپورٽ مطابق جولائي کان مهانگائيء جي شرح 6.79 سيڪڙو رهي.انگن اکرن موجب ساون مرچن جي اگهه ۾ 141.73 سيڪڙو جڏهن ته بصر جي قيمت ۾ 39.27 سيڪڙو واڌ آئي.مٽرن جي قيمت ۾ 27 سيڪڙو،ٽماٽن جي اگھه ۾ 18 سيڪڙو،چڪن ۽ ڪيلي ۾ 15 سيڪڙو جڏهن ته مڱن جي دال 12 سيڪڙو وڌي.ريل جي ڪراين ۾ 19.30 سيڪڙو.هوائي جهازن جي ڪراين ۾ 13.41 سيڪڙو اضافو ٿيو.هائي اسپيڊ ڊيزل 4.45 سيڪڙو اضافو ٿيواڃا ڪجهه ڏينهن اڳ وڏايل تيل ۽ بجليء جي اگھن کي ان رپورٽ ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي. هاڻي ايئن نه چئجو ته شمارياتي ڊويزن کي به اصل حقيقتن کان ”بي خبر “رکيو ويو آهي ان ڪري هن اهڙي رپورٽ جاري ڪئي آهي باقي ملڪ ۾ سڪون ئي سڪون ۽ سستائي ئي سستائي لڳي پيئي آهي! ڳالهه رڳو اتي دنگ نٿي ڪري پر ورلڊ بينڪ جيڪا ڳڻتيء جوڳي مالي صورتحال واري رپورٽ جاري ڪئي آهي ان مظابق ايندڙ ڏينهن ۾ به معاشي بهتريء جي ڪا صورتحال نظر نٿي اچي.سو وزير اعظم کي ”بي خبر“ مان ڦري تڪڙو ”باخبر“ بنجڻ گھرجي ته سندس حڪومت خلاف ڪهڙي سٽ سٽي پيئي وڃي؟
(روزاني هلال پاڪستان 11 اپريل 2019ع)

Friday, April 12, 2019

آئيني ترميمن مان عوام کي ڇا مليو آهي؟



شفيق الرحمان شاڪر
پي پي چيئرمين جناب بلاول ڀٽو زرداري ڳڙهي خدا بخش ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي چاليهين ورسيء جي موقعي تي خطاب ڪندي جيڪي به ڳالهيون ڪيون انهن ۾ هڪ ڳالهه ڪٿي به ذڪر نه ٿي ته گذريل يارهن سالن جي پي پي جي سنڌ حڪومت عوام جون تڪليفون ۽ آزار گھٽائڻ لاء ڪهڙا ڪهڙا قدم کنيا آهن؟ارڙهين ترميم کان ون يونٽ جو ذڪر ٿيو،شهيد ڀٽي جي عدالتي قتل کان پي پي قيادت جي ڏنل عظيم قربانين جي به ڳالهه ٿي،نظرين ۽ اصولن جو تذڪرو ٿيو پر ڪٿي به عوام کي اهو سمجھائڻ جي ڪوشش نه ڪئي ويئي ته انهن اصولن ۽ نظرين جو ڇا ٿيو؟ڪٿي پيپلز پارٽي جيڪا عوامي جدوجهد ۽ اسٽيٽس ڪو خلاف مزاحمت جي پارٽي هئي ۽ ڪٿي مسلم ليگ نون جيڪا ڦٽي ئي آمريت جي ڪک مان هئي ۽ جڏهن دنيا جي بدترين آمر ان وقت جي عوامي اڳواڻ ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهي ڏني ته ان وقت ان ئي مسلم ليگ جو هاڻوڪو قائد ميان نواز شريف انهيء آمر جي ڪڇ ۾ ويٺل هو ۽ عوام خلاف ان دور ۾ ٿيندڙ هر ظلم ۽ ڏاڍ ۾ انهيء آمر سان شريڪ ۽ شامل هو پر وقت جي ستم ظريفي چئجي يا اصولن جو نڪتل جنازو جڏهن اڄ پيپلز پارٽيء جي هاڻوڪي قيادت هر هنڌ ميان نواز شريف جو دفاع ڪندي نظر اچي ٿي ۽ پي پي چيئرمين خود هن کي ”نظرياتي“ هئڻ جو لقب ڏيئي چڪو آهي.بحث اهو ناهي ته اسٽيبلشمينٽ ڇا ٿي ڪري ۽ ڇا ٿي سوچي پر بحث اهو آهي ته انهيء سموري ڇڪتاڻ ۾ پيپلز پارٽي ڪٿي بيٺل آهي؟اها ڪا گھڻي پراڻي ڳالهه ناهي جو سينيٽ جي گذريل چونڊن کان بلوچستان ۾ صوبائي حڪومت ڪيرائڻ تائين پي پي قيادت ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو ۽ ڪنهن جي چوڻ تي ادا ڪيو؟ان وقت ته سڀ ڪجهه ٺيڪ هو،ارڙهين ترميم کي نه ڪو خطرو هو ۽ نه ئي ون يونٽ ٺهڻ جو ڪو خدشو ظاهر ڪيو ويو؟ اڃا ڪالهه جي ڳالهه آهي جو  زرداري صاحب ۽ بلاول ٻئي نواز شريف کي شيخ مجيب سان تشبيهه ڏيئي ملڪ جي سالميت لاء خطرو قرار ڏيئي رهيا هئا،کيس دنيا جو وڏي ۾ وڏو چور ۽ ڌاڙيل سڏي رهيا هئا پر هاڻي اهو ئي نواز شريف هنن مطابق ”مزاحمت“ جي علامت بڻيل آهي.شايد اسان جي سياستدانن کي پڪ آهي ته ماڻهن جو حافظو گھڻو ڪمزور آهي ۽ اهي جلد ئي پويون شيون وساري ويهن ٿا ۽ سندن اهو خيال آهي به صحيح! عوام جلد ئي پويون ڳالهيون وساري سياستدانن جا نت نوان منطق نه رڳو ٻڌڻ شروع ڪيو ڏئي پر انهن جي ورتل هر يو ٽرن تي واهواهه ڪرڻ لڳي ٿو.هونئن ڏٺو وڃي ته اسان جي حڪمران ۽ سياسي اشرافيا وٽ اهڙي ته جادوئي ڪرامت آهي جو اهي ڀلي ڇا به ڪن، يوٽرن وٺن يا سياسي ڪلٽيون کائين،پنهن جن لفظن جي پاڻ نفي ڪن يا رات وچ ۾ پنهنجن ئي اصولن جي لاشن جا بلند مينار جوڙي وٺن اهي” ليڊر“ ئي رهن ٿا.انهن جا چهرا ايترا معصوم آهن جو هر ڪنهن کي انهن تي ڪهل اچيو وڃي.انهن جون خواهشون به نهايت ئي معصوم ۽ عجيب آهن.هاڻي سندن خواهش آهي ته عوام اٿي ۽ گرمين جي هن موسم ۾ پنهنجن پيارن رهبرن لاء ٻرندڙ باهه ۾ ٽپو ڏيئي ڇڏي،انهن لاء تپندڙ روڊن تي پنهنجا جسم ساڙي ۽ پوليس جون لٺيون جھلي.جيئن سنڌيء ۾ چوندا آهن ته ”کٽيو کائي فقير ۽ لٺيون جھلي ڀولڙو“ سو شايد عوام لاء وري اهو وقت اچي ويو آهي جو اهي اٿن ۽ پنهنجن محبوب اڳواڻن جي معصوم خواهش پوري ڪن پر لڳي ٿو ته عوام به هاڻي ڪجهه سياڻو ٿي ويو آهي،اهي جلسن جلوسن جي حد تائين ته انهن محبوبن جا ماڻا مڃي وٺن ٿا جو انهن جلسن ۾ شريڪ ٿيڻ لاء کين ڪجهه نه ڪجهه لائين خرچ ملي وڃي ٿو پر محبوبن جي اها سنگدلاڻي خواهش ته عوام اٿي ڪا تحريڪ هلائي ۽ کين وقت ۽ حالتن جي سختين کان بچائي اهو شايد هاڻي ڪجهه ڏکيو بڻجي ويو آهي.ماضيء ۾ ملڪ توڙي صوبن ۾ ڏهاڪن سالن تائين حڪومتون ڪندڙ سياسي ڌريون معصوميت وچان هاڻوڪين سمورين معاشي مشڪلن ۽ مهانگائيء متعلق اهڙي ته معصوماڻي انداز ۾ هاڻوڪي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بنائي رهيون آهن ڄڻ ته انهن ويچارن کي ڪا خبر ئي نه هجي ته سندن حڪومتي دورن ۾ عوام جو ڇاحشر ٿيندو رهيو آهي. اهو صحيح آهي ته هاڻوڪي حڪومت ڪا واضح معاشي پاليسي ڏيڻ ۽ مهنگائي روڪڻ ۾ بريء طرح ناڪام ويئي آهي پر ان سموري صورتحال جو اڪيلو ذميدار رڳو موجوده حڪومت کي ڪيئن قرار ڏيئي سگھجي ٿو؟ماضيء جي حڪمرانن جن ملڪي معيشت جو مبينا ڪرپشن، اقربا پروريء ۽ انتظامي نااهليء سبب جيڪو حال ڪيو گھٽ ۾ گھٽ انهن کي هن وقت عوام جي درد وچان رڙيون نه ڪرڻ گھرجن ڇو ته عوام سان گھٽ ظلم انهن پاڻ به نه ڪيو آهي.سواء ڪجهه ميگا منصوبن جي جن مان انهن ڳريون ڪميشنون ڪمائڻ جي ٻيو عوام لاء ڪهڙو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي.هيء جيڪا ادارن جي خراب حالت،معيشت جي بربادي ۽ بجيٽ جو خسارو آهي اهو سڀ ڪجهه رات وچ ۾ نه ٿيو آهي جو اهي وڏي آرام سان پنهنجو پاڻ کي فرشتا ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.هن حڪومت گئس،بجلي،تيل ۽ دوائون مهانگيون ڪري عوام سان گھڻو ناحق ڪيو آهي پر ان سموري معاملي کي ماضيء جي گڏيل صورتحال کان جدا ڪري نٿو ڏسي سگھجي.اڄ ملڪ جون اٽڪل سموريون سياسي ڌريون نيب جي باري ۾ رڙيون ڪري رهيون آهن ته انهيء جا قانون ڪارا قانون آهن پر هيترو عرصو حڪومتن ۾ رهڻ باوجود انهن ان سلسلي ۾ ڪا قانونسازي ڇو نه ڪئي؟ملڪي ادارن جي سڌاري لاء ڪي قدم ڇونه کنيا؟ پوليس جو نظام بهتر ڇونه بنايو ويو؟ غربت گھٽائڻ ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ لاء ڪهڙي منصوبا بندي ڪئي ويئي؟ زراعت جي سڌاري لاء ڇا ڪيو ويو؟جيڪر اهي ادارا هنن جي دور ۾ ايترا ئي سڌري ويا هئا ته پوء اڄ انهن ادارن خلاف ماتم ڇو پيو ڪيو وڃي؟مڃيوسين ته ارڙهين ترميم صوبن جي مفاد ۾ آهي پر سوال اهو ته ان ارڙهين ترميم ذريعي صوبن جي غريب عوام جي زندگين ۾ ڪهڙو عظيم انقلاب برپا ٿيو،ڇا ٻهراڙين جا روڊ رستا جڙي ويا؟ اسپتالن ۾ غريبن لاء علاج جون مناسب سهوليتون ميسر ٿي وييون؟ تعليم جي ميدان ۾ انقلاب اچي ويو؟ماڻهن خود ڪشيون ڪرڻ ڇڏي ڏنيون؟ نوجوانن کي سندن تعليمي ڊگرين مطابق مناسب روزگار ملي ويو؟ انصاف جو مدي خارج نظام درست ٿي ويو؟ بجليء ۽ گئس جي لوڊ شيڊنگ هميشه لاء ختم ٿي ويئي؟ اقليتن،بيواهن،لاچارن ۽ ٻارڙن جا سمورا حق محفوظ ٿي ويا؟غربت جو راڪاس جهڙيء طرح اڄ روڊن رستن تي ڊوڙندو نظر اچي ٿو  ڇا ماضيء جي حڪومتن ۾ ساڳيو حال نه هو؟ ملڪ جي تاريخ جي ڪا هڪڙي حڪومت ته ٻڌايو جنهن ۾ جمهور کي ٻن وقتن جي ماني سولائيء سان نصيب ٿي هجي؟ هتي سدائين ٻه پاڪستان رهيا آهن ۽ انهيء استحصالي نظام جي موجودگيء ۾ اهي ٻه پاڪستان ئي رهندا.هڪڙو غريب عوام جو پاڪستان ۽ ٻيو اشرافيا جو پاڪستان.جناب بلاول ڀٽو زرداري جيڪو هن وقت پنهنجي پوري توانائي ۽ وقت وفاقي حڪومت خلاف ڳالهائڻ ۾ استعمال ڪري رهيو آهي ڪاش هو ڪجهه وقت ڪڍي سنڌ حڪومت جي وزيرن ۽ مشيرن جي ڪارڪردگيء تي به نظر گھمائي ته سنڌ جي ڏتڙيل ۽ ستايل عوام جنهن سدائين پيپلز پارٽيء کي اقتداري ايوانن ۾ پهچايو انهن جا سندن حڪومت ڪيترا ايذاء ۽ آزار گھٽائڻ ۾ ڪامياب ويئي آهي.اهي وفاق جي ناانصافيء جو هوڪو ڀلي ڏين پر سندن حڪومت سنڌ جي عوام سان جيڪي ناانصافيون ڪندي آئي آهي ڪجهه انهن جو حساب به ٿيڻ گھرجي.سنڌ سان ظلم رڳو وفاق نه ڪري رهيو آهي پر سنڌ جي عوام سان پيپلز پارٽيء جي سنڌ حڪومت به سٺو سلوڪ نه ڪري رهي آهي.اهو صحيح آهي ته سنڌ جي عوام سدائين ڀٽن جي نالي تي پيپلز پارٽيء کي عزت ۽ محبت ڏني آهي پر سنڌ جي عوام کي ان جي بدلي ۾ ڇا مليو آهي؟ انهيء سوال جو جواب سنڌ جي عوام سامهون نواز شريف،عمران خان يا ڪنهن ٻئي نه پر رڳو بلاول ڀٽو زرداريء کي ئي ڏيڻو آهي!


(روزاني هلال پاڪستان 9 اپريل 2019ع)

Thursday, April 11, 2019

ماضيء جو آئينو ؛ ڀٽو،سيلاب ۽ سياست !



شفيق الرحمان شاڪر
اهڙي برسات پهرين ڪڏهن به نه ٿي هئي.رڳو ٻارهن ڪلاڪن ۾ اٺن انچن کان به مٿي برسات ٿي چڪي هئي.لياري ۽ ملير جي پرسڪون ندين ۾ وحشت ڀرجي چڪي هئي ۽ ٻئي پنهنجا بند ٽوڙي چڪيون هيون.ڪراچي زبردست ٻوڏ جي نشاني تي هئي.1977ع ۾ جولاء جي شروع ۾ٿيندڙ برساتن سبب ٽي سو پنجاهه کان به وڌيڪ ماڻهو مري چڪا هئا.ڪجهه ذريعن جي اندازن مطابق اهو انگ هزار کان وڌي ويو هو.ٻوڏ جي نتيجي ۾ ويهه هزار ماڻهو بي گھر ج0هن ته سوين گم ٿي ويا هئا.ڪجهه ئي ڏينهن بعد فوج اقتدار تي قبضو ڪيو ۽ ذوالفقار علي ڀٽي کي هٽائي ملڪ ۾ مارشل لا نافذ ڪري ڇڏي.جنهنجي نتيجي ۾ جنرل ضياء يارهن سالن تائين اقتدار ۾ رهيو.سماجي ۽ سياسي بحثن ۾ اڪثر ڀٽي جي زوال جو ذميدار سياسي عدم استحڪام کي قرار ڏنو وڃي ٿو.مخالف ڌر جي جماعتن ڀٽي جي خلاف زبردست احتجاجي تحريڪ جي شروعات ڪئي ڇوته سندن خيال مطابق ڀٽي جي اقتدار تي گرفت مضبوط ڪندڙ 1977ع جي چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي هئي. 1977   ۾ سڙڪن تي مخالف ڌر جون جماعتون ئي نه پر ٻوڏ جو پاڻي به هو. ڪراچيء جي ڪجهه علائقن ۾ پنجن کان اٺ فٽ تائين ٻوڌ جو پاڻي بيٺل هو.سياسي وڳوڙن توڙي ٻوڏ ملي ڪري ملڪي معيشت کي تباهه ۽ برباد ۽ ڀٽي جي حڪومت کي ڪمزور ڪري ڇڏيو هو جيڪا پوئين سال جي ٻوڏ سبب اڳي ئي لڏي رهي هئي.  ذوالفقار علي ڀٽي جي سياسي استحڪام کي به رڳو هڪ بلڪه هر سال باقائدگيء سان ايندڙ سيلابن گھڻو نقصان پهچايوهو.هتي هڪ ضروري سوال سوچڻ لائق آهي ته جيڪر 1977ع ۾ پنجيتاليهه سالن جو بدترين سيلاب نه اچي ها ته انهن گرمين ۾سياسي ۽ سماجي صورتحال ڇا هجي ها؟1977ع کان اڄ تائين ڪراچيء ۾ مون سون برساتون ٿي چڪيون آهن پر ٻائيتاليهه سال گذرڻ باوجود اهو شهر اڄ به سيلاب جو مقابلو ڪرڻ جي لائق ناهي.
قدرتي آفتن کي حڪومتن لاء زبردست ڏکيائين جو سبب سمجھيو ويندو آهي.خاص طور تي اهڙين حڪومتن لاء جيڪي  اهڙين آفتن سان منهن ڏيڻ ۾ ناڪام ٿين ٿيون.معاشي ترقيء جا ماهر ته ايستائين به چون ٿا ته غريب ماڻهو قدرتي آفتن کان وڌيڪ پنهنجن نااهل حڪمرانن سبب موت جو شڪار بڻجن ٿا ڇوته اهي قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاء اڳواٽ انتظام ۽ قدرتي آفتن بعد مناسب رليف ۽ امداد جو بندوبست ڪرڻ ۾ ناڪام وڃن ٿا.ڪولمبيا يونيورسٽيء جي ”جيفري سيڪس“ مطابق قدرتي آفتن ۽ موسمي تبديلين جا خطرناڪ اثر دنيا جي ڪيترن ئي نسلي ۽ علاقائي تڪرارن کي جنم ڏين ٿا.اهي قبيلا جن صدين کان ڪنهن سان چراگاهون ۽ پاڻي نه ورهايو هو انهن کي سندن زمين ۽ پاڻي ورهائڻ تي مجبور ڪيو ويندو آهي جنهنجو نتيجو آخر نيٺ قتل ۽ فساد جي صورت ۾ ئي نڪرندو آهي.قدرتي آفتون ئي ڪجهه حد تائين ان ”عرب بهار“ جون ذميدار آهن جيڪا وچ اوڀر جي انهن جابر حڪمرانن کي ته مشڪل سان ئي هٽائي سگھيون آهن جيڪي واشنگٽن جي ايوانن ۾ ويٺل لابسٽس جي حمايت وڃائي چڪا هئا.ڏڪار ۽ کاڌي جي شين جي قيمتن ۾ بي پناهه واڌ ٿيڻ سان عوام ۾ غصي لهر پيدا ٿي جيڪا ايتري قدر وڌي جو انهن کي روڊن رستن تي گهلي آئي.70ع جي ڏهاڪي جو آخري عرصو ان خطي ۾ افراتفري ۽ ڀڃ ڊاهه سان ڀرپور رهيو هو.ايران اندران ڀڃ ڊاهه جو شڪار هو ڇوته ايراني مولوي رضا شاهه پهلويء جي حڪومت ڪيرائڻ وڃي رهيا هئا. افغانستان ۾ بادشاهت جي نظام کي زوريء هٽائي اقتدار ۾ ايندڙ سوشلسٽ حڪومتون انهن عسڪريت پسند هارين جي دٻاء ۾ اچي زوال پذير ٿي رهيون هيون جن کي آمريڪا،سعودي عرب ۽ پاڪستان مان تعاون ۽ امداد حاصل هئي.اولهه اڃا تائين چين کي پوريء طرح قبول نه ڪيو هو ۽ هڪ معمو ۽ لاڳيتو خطرو بڻيو رهيو.
پر ٻوڏون ته رڳو پاڪستان نه پر هندستان ۾ به آيون هيون ۽ نه رڳو 1977ع ۾ پر ان کان پهرين به آيون هيون.حقيقت ۾ سيپٽيمبر 1973ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جي پهرئين چونڊيل وزير اعظم طور پنهنجي پهرئين آمريڪي دوري تي هو.ڀٽي کي جولاء ۾ دوري تي وڃڻو هو پر صدر رچرڊ نڪسن جي بيمار ٿيڻ سبب آخري وقت تي اهو دورو منسوخ ڪيو ويو هو.ڀٽي کي جولاء ۾ فوجي امداد ۽ ڪڻڪ گھرڻ امريڪا وڃڻو هو.پر ٻوڏ سڀ ڪجهه تبديل ڪري ڇڏيو.1973ع جي ٻوڏ ۾ ڪپهه ۽ چانورن جا بيٺل فصل برباد ٿي ويا هئا.ڪروڙن ڊالرن جي رقم جي گڏ ٿيل ڪڻڪ تباهه ٿي چڪي هئي.سال 1973ع ۾ جنهن معاشي ترقيء جو اندازو اٺ سيڪڙو لڳايو ويو هو اهو ٻڙي سيڪڙو رهجي ويو هو.ٻوڏ کان اڳواٽ رٿابندي ڪرڻ ۾ ڀٽي جي حڪومت نهايت ئي بريء طرح ناڪام ٿي هئي.مخالف ڌر جي جماعتن ڀٽي تي بد انتظاميء جا الزام هنيا.آمريڪا مدد ڪرڻ لاء اڳيان وڌيو۽ ٽن ڪروڙ ڊالرن سان گڏ هڪ لک ٽن اناج جي مدد مهيا ڪيائين.ڪنهن به ملڪ کي ڏنل اها وڏي ۾ وڏي امداد هئي.جيڪڏهن امداد جي انگن اکرن جي هن دور جي پس منظر ۾ ڳالهه ڪجي ته 1973ع ۾ پاڪستان جي سراسري في ڪس آمدني اسي ڊالرن کان وڌيڪ نه هئي.ڀٽي پنهنجي اقتدار کي مضبوط بنائڻ لاء ٻوڏ واري اشوء جو استعمال ڪيو.هن معاشي بحاليء تي ڌيان کپائڻ بدران معاشي تحفظ جي اهڙي ايجنڊا اختيار ڪئي جنهن نجي شعبي سان سندس سمورا لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا.انهيء دوران هن جو پنهنجن مخالفن سان سختيء سان پيش اچڻ سواء تباهيء جي ٻيو ڪجهه به نه هو.هن بلوچستان ۽ سرحد ۾ مخالف قبيلن ۽ سياستدانن خلاف فوجي ڪاروائي ڪئي،پنهنجن مخالفن کي جيل ۾ وڌو ۽ نشر اشاعت جي ذريعن کي بند ڪرايو.ان ۾ ڪا حيرانيء جي ڳالهه ناهي ته جنرل ضياء ڀٽي جي هٿان زخمي ٿيندڙن جي وچان پنهنجي حمايت جو رستو ڳولهي ورتوهو.جيڪڏهن عوام وٽ ڀٽي جي حڪومت ڪو گرم تئو هئي ته ضياء جو اقتدار به ٽانڊن کان سواء ٻيو ڪجهه نه هو.سخت گير بلڪه غير انساني سزائن لاء جنرل ضياء جي پسنديدگيء سماج ۾ تشدد جو ٻج پوکيو.سر عام ڦاسين،ڪوڙن ڦٽڪن هڻڻ جهڙين سزائن ماڻهن کي تشدد کان بي حس ڪري ڇڏيو هو.ان بدترين تشدد جي انتها اها هئي جو ڪيئي ڏهاڪن بعد جڏهن طالبان سر ڪپيل لاشن کي سوات جي هڪ چوڪ تي ٽنگڻ شروع ڪيو.
اسيء جي ڏهاڪي جي آخرتائين ٻوڏون تباهي مچائينديون رهيون. سال بسال سيلابي پاڻي فصل برباد ڪندو رهيو جنهن سبب پاڪستان اناج ٻاهران گھرائڻ تي مجبور ٿي ويو ۽ ملڪ پاڻ ڀري هئڻ واري خواب جي تعبير حاصل نه ڪري سگھيو.سيلاب سبب پاڪستان ۾ ٿيندڙ شديد ترين تباهي واضح طور تي 2010ع ۾ ڏسڻ ۾ آئي جڏهن ڪروڙين ماڻهو بي گھرٿيا  ۽ هزارين ماڻهو موت جي منهن ۾ هليا ويا.
سيلاب يا ٻوڏون اڄ به عوام لاء تباهه ڪندڙ آهن،ايئن جيئن ستر جي ڏهاڪي تائين هئا پر هاڻي سيلابن ۽ قدرتي آفتن سان سياسي اشرافيا کي ڪو نقصان نٿو رسي!
(روزاني هلال پاڪستان 7 اپريل 2019ع)

Sunday, April 7, 2019

تبديليء جي ڪنجي رڳو عوام وٽ آهي!



شفيق الرحمان شاڪر
اها پراڻي روايت آهي ته ملڪ ۾ سمورين خرابين،فسادن،مصيبتن ۽ تباهين جو سمورو بار حڪمرانن  تي  وجھي عوام پاڻ کي بلڪل بي قصور ثابت ڪندو رهيو آهي پر سچ اهو آهي ته ايئن آهي ڪونه. اسان کي پاڻ به اهڙا سياسي ليڊر گھرجن جن وٽ پئسو هجي،لٺ هجي،طاقت هجي.جيڪي اسان کي پنهنجي گفتار جي جادوء ۾ ڦاسائي اسان کان پنهنجي مرضيء موجب فيصلا وٺي سگھن.اسان جي جذبن سان کيڏي اسان کي پنهنجي مرضيء موجب استعمال ڪري سگھن،اسان کي قصا ڪهاڻيون ٻڌائي حقيقتون لڪائڻ جي صلاحيت رکندا هجن.اسان کي اهڙا حڪمران کپن جيڪي اسان کي طوطا مينا ڪهاڻيون ٻڌائي،پنهنجن مخالفن تي الزام هڻي،سازشن جا افسانا گھڙي اسان جون وڌيڪ همدرديون حاصل ڪري سگھن،جيڪي اسان کي وڏي ڏاهپ سان لٽڻ،ڦرڻ ۽ تباهه برباد ڪرڻ جو فن ڄاڻندا هجن.جيڪي پاڻ ٽيڪس نه ڏين پر پوري ملڪ کي ملڪي توڙي غير ملڪي ادارن جو قرضي بڻائي اهو قرض واپس ڪرڻ لاء اسان تي وڌيڪ نت نوان محصول مڙهين.اهي جن کي اهو ڏانء هجي ته موٽر سائيڪل کي پجارو ۾ ڪيئن بدلائبو آهي، ٽڪي مان ٽرلين ڪيئن ٺهندا آهن؟عوامي ڀلائيء جي شعبي جي لاء خاص ڪيل رقم ڪيئن پنهنجن ذاتي ڪمن تي خرچ ڪبي آهي ۽ زڪوات جا پئسا ڪيئن هضم ڪبا آهن؟ڪميشنون حاصل ڪرڻ لاء انساني زندگين سان ڪيئن کيڏبو آهي،حقدار کي سندس جائز حق کان محروم ڪري ميرٽ جو جنازو ڪهڙي  ڌوم ڌام سان ڪڍبو آهي،پنهنجا ڪيئن نوازبا آهن ۽ چمچن جي وات ۾ سونا چمچا ڪيئن ڏبا آهن؟اهڙا حڪمران جن کان ڪوبه ڪو سوال نه ڪري سگھي،سندن آمدني ۽ خرچ جو حساب نه پڇي سگھي،سندن مال ملڪيتن جو تفصيل معلوم نه ڪري سگھي، سندن فيڪٽرين ۽ فليٽن جو ذڪر نه ڪيو  وڃي،سندن ملن ۽ ملينن جي باري ۾ زبان نه کولي.سندن ڪرپشن ۽ بد عنوانيء متعلق بد زباني نه ڪري.اها ئي اسان جي جمهوريت آهي جنهن کي هر وقت ڪونه ڪو خطرو رهي ٿو جيڪو اڄ ڪلهه به آهي.هزارين معصوم بکن توڙي علاج جون مناسب سهوليتون نه ملڻ سبب کڙيون رڳڙي مريو وڃن پر اسان جي جمهوريت قائم آهي،نوجوان ڊگريون هٿ ۾ کڻي روزگار لاء در در جا ڌڪا کائيندا رهن ٿا پر جمهوريت جو انهن سان ڪهڙو ڏيڻ وٺڻ؟ماڻهو کڄن ٿا،گم ٿين ٿا ۽ نيٺ انهن جا بگڙيل لاش روڊن رستن تي پيل ملن ٿا پر جمهوريت زنده باد آهي.
اسان کي اهڙا ملان،مولوي يا عالم گھرجن جيڪي اسان کي متحد ڪرڻ بدران فرقا پرستيء جا دوڪان سجائي اسان کي هڪ ٻئي کان وڌيڪ متنفر ڪري سگھن،جيڪي هڪ ٻئي خلاف ڪفر جون فتوائون جاري ڪري سگھن، اهڙا پير گھرجن جيڪي ماڻهن کي بڇڙاين کان روڪڻ بدران کين ڪڪڙ يا رڇ ويڙهن ۾ ڪاميابيء لاء تعويذ ڏيئي سگھن،جوئا ۽ سٽي ۾ کٽڻ لاء دعائون وڪڻي سگھن.اسان کي هر رستي ۽ هر معاملي ۾ شارٽ ڪٽ گھربل آهي،ڪٿان ڪو نمبر کلي پوي، ڪٿي ڪو پرائيز بانڊ لڳي وڃي،ڪڏهن ڪا لاٽري نڪري پوي ،ڪٿان ڪا اڻ ٿيڻي ٿي پوي.ڪو معجزو،ڪرامت يا ڪرشمو سامهون اچي،اوچتو ڦٽل بخت بدلجي پوي،جيون جون سڀ سختيون دور ٿي وڃن،اوچتو زمين ڦاٽي ۽ کير ۽ ماکيء جون ڪي نديون وهي هلن.اهڙو ڪم هجي جنهن ۾ اجورو گھڻي ۾ گھڻو ۽ محنت گھٽ ۾ گھٽ بلڪه بلڪل ئي نه هجي.اسان کي عمارتون اسڪولن لاء نه پر اوطاقن ۽ دوڪانن لاء گھربل آهن،علائقي ۾ اهڙو ايس ايڇ او گھرجي جو اسان جي چوڻ تي ڪنهن بي گناهه جو پٽڪو دم ۾ ڌوڙ ڪري وجھي .اسان کي پنهنجي ڳوٺ ۾ اهڙو استاد گھرجي جيڪو تعليم کان وڌيڪ تعويذ جو ڪاريگر هجي.اسان کي پنهنجي مسجد ۾ اهڙو خطيب گھرجي جيڪو اسان جي حرام ڪمائيء مان تيار ڪيل طعامن تي ختما پڙهي اسان جي ڪاروبار ۽ ڌنڌي ڌاڙيء ۾ برڪتن لاء ڊگھيون دعائون ڪري سگھي ۽ اسان کي حرام ڪمائيء کان بچڻ جي تلقين هرگز نه ڪري.اسان تماشبين آهيون ۽ اسان کي هر هنڌ هر قدم تي تماشو گھرجي،ڪا جادوئي قوت،ڪو چمسڪار يا ڪرشمو گھرجي.ووٽ ته اسان سالن کان ڏيندا پيا اچون،جمهوريت جي چادر به اسان پوري ويڙهي رکي آهي،ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جا ڪتاب ،ادارا ۽ عدالتون به آهن پر هر ماڻهو اصولن کان آجو ۽ قانون کان بالاتر بڻجڻ جي جدوجهد ۾ آهي.قانون تي عمل رڳو اهو ڪري ٿو جيڪو ڪمزور آهي،جنهن ۾ قانون ٽوڙڻ جي سگھه ناهي،هتي ايماندار رڳو اهو آهي جنهن کي بد ديانتيء جو موقعو نٿو ملي،ذهنن ۾ موجود  مڳي ۽ دلين ۾ موجود تڪبر اسان مان هر ڪنهن کي نفسياتي مريض بنائي رکيو آهي،بردباري صرف ان وٽ آهي جنهن کي بدلي وٺڻ جي پهچ ناهي،صبر صرف ان وٽ رهيو آهي جنهن وٽ صبر سواء ٻيو چارو ڪونهي،نماڻائي رڳو ان جي جھوليء ۾ رهجي ويئي آهي جيڪو بيوس ۽ لاچار آهي.جنهن وٽ به ذرو اختيار آهي اهو اوترو ظالم بڻجي وڃي ٿو.جنهن وٽ ٿورو به علم اچي ٿو اهو ئي پنهنجو پاڻ کي اڪابر ۽ علم ڪل سمجھڻ لڳي ٿو.اسان ۾ صحيح فيصلي جي يا ته صلاحيت ئي ناهي يا اسان ڏسي وائسي هر شيء کي جيئن جو تيئن رکڻ گھرون ٿا،هر حماقت جي ڪا حد ٿيندي آهي پر هتي بار بار ووٽ اهڙن ماڻهن کي ڏنا وڃن ٿا جيڪي نه رڳوپنهنجا ڪاروبار ۽ مال ملڪيتون ٻاهرين ملڪن ۾ رکن ٿا پرپنهنجي زوڪام جو علاج به اتان ڪرائين ٿا.جيڪي ولايتن مان اسان وٽ رڳو اسان تي حڪومت ڪرڻ اچن ٿا،عوام آزار ڪم ڪن ٿا،عوام دشمن پاليسيون جوڙين ٿا ۽ عوام کي وڌيڪ عذابن ۾ مبتلا ڪن ٿا پر بهرحال ووٽ وري وري انهن کي ئي ملن ٿا.ڪو شريف يا دانشور ٽائيپ ماڻهو اليڪشن ۾ بيهڻ جي جرئت به نٿو ڪري سگھي جو هڪ سياسي مافيا آهي ۽ عوام پاڻ به ان جو هڪ حصو يا مددگار آهي.ووٽ ته انهن جو آهي جيڪي سوين گاڏين جي قافلي ۾ هلن ٿا،موٽر سائيڪل تي سوار ڪنهن اميدوار کي ڪير ووٽ ڏيندو؟دنيا ۾ جتي جتي به تبديلي آئي آهي اتي چهرا نه پر نظام بدليا آهن ۽ اهي نظام عوام پاڻ پنهنجي ووٽ جي طاقت سان بدلايا آهن جو انهن قومن ۾ ايترو سياسي ۽ سماجي شعور موجود آهي ته سندن ووٽ جي طاقت ڇا آهي؟سندن راء جو وزن ڇا آهي ۽ سندن فيصلي جي ڪهڙو ڪرشمو آهي؟اهي قومون هروقت روئن ۽ پٽين ان ڪري نٿيون جو اهي سوچي سمجھي پنهنجا حڪمران يا اڳواڻ چونڊين ٿيون ۽ پوء انهن جو ڪڙو احتساب به ڪن ٿيون.جيستائين عوام نٿو جاڳي،کيس پنهنجي ووٽ جي طاقت جو صحيح اندازو نٿو ٿئي ۽ تبديليء لاء پهريون قدم نٿو کڻي رڳو عدالتن ۽ ادارن ذريعي نه ته ڪرپشن کي روڪي سگھجي ٿو ۽ نه ئي سماج کي تبديل ڪري سگھجي ٿو.تبديليء جي ڪنجي صرف عوام جي هٿ ۾ آهي جيڪا ڪنجي هنن ڪڏهن به صحيح استعمال ناهي ڪئي. دوکو کائڻ يا غلطي ڪرڻ هڪ فطري عمل آهي پر بار بار دوکو کائڻ ۽ بار بار ساڳي غلطي ورجائڻ پڪ سان چرپڻ جي هڪ صورت آهي.حڪمرانن کي رڳو عوام ئي سڌو رکي سگھي ٿو پر شرط اهو ته عوام پاڻ به سڌو هجي.


(روزاني هلال پاڪستان 5 اپريل 2019ع)

Friday, April 5, 2019

جمهوريت،آمريت يا بادشاهت؟




شفيق الرحمان شاڪر
پاڪستان ۾ سياستدانن جو اهو چوڻ ته اوهان ضرور ٻڌندا ٿا اچو ته ”بدترين جمهوريت به آمريت کان بهتر آهي.“اسان جي سماج جي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جو هڪ وڏو حصو به ان ساڳئي قول کي ورجائيندي نظر ايندو آهي.ايئن لڳندو آهي ته اهي ماڻهو عوام سان شڪايت ڪري رهيا هوندا آهن ته عوام آخر ان ڳالهه تي صبر ۽ شڪر ڪري ماٺ ڪري ڇو نٿو ويهي رهي ته گھٽ ۾ گھٽ اسان جي ملڪ ۾ جمهوريت ته آهي! هاڻي اها ڪهڙي جمهوريت آهي،اها جمهوريت ڇا ڪري رهي آهي،ان جمهوريت اڄ تائين ملڪ ۽ عوام کي ڇا ڏنو آهي،ماڻهن جي مسئلن،مشڪلن ۽ مونجھارن کي ڪيتري حد تائين حل ڪيو آهي،انهيء سان ماڻهن جو ڪو بحث ۽ تعلق نه هئڻ گھرجي.بس اهو ئي کوڙ آهي جو بدترين جمهوريت به ڊڪٽيٽرشپ کان بهتر آهي.پر هاڻي ڇا ڪجي هن ”ڏنگي“ عوام کي جيڪو هن دور ۾ نيوز چينلز،انٽرنيٽ،سمارٽ فونز ۽ سوشل ميڊيا جي ڀريل ميلي ۾ نه رڳو سوچڻ سمجھڻ شروع ڪيو آهي پر سياستدانن کان سندن ڪارڪردگيء جي باري ۾ ابتا سبتا سوال پڇڻ جي گستاخي به ڪرڻ لڳو آهي.اهڙي حالت ۾ بدترين جمهوريت تي به عوام کي خوش ۽ راضي رکڻ واري سياستدانن جي ”معصوماڻي“ خواهش به جيڪر پوري نه ٿي سگھي ته اها سياستدانن سان ڪيڏي نه وڏي ناانصافي آهي!
خبر ناهي اسان جا سادي طبيعت ماڻهو اهو سوچڻ شروع ٿي ويا آهن ته جيڪي برائيون آمريت سان ڳنڍيون وڃن ٿيون اهي ته اسان جي اڪثر سياسي پارٽين ۾ به آهن.گھڻين سياسي جماعتن ۾ موروثي سياستدان به ته بادشاهن جيان پيء ۽ اولاد واري فارمولي هيٺ تخت تي ويهندا آيا آهن ۽ اڳتي به ان طريقي سان ئي تخت نشين رهڻ گھرن ٿا.وري سياسي اڳواڻ به ته آمرن جيان ئي پنهنجا ذاتي فيصلا حڪومت،عوام توڙي پنهنجن سياسي پارٽين تي مڙهيندا آيا آهن.وڌيڪ اهو ته مختلف آمريتن کي دعوتون ڏيڻ،انهن جا ٻانهن ٻيلي بنجڻ ۽ انهن جي ڪارن ڪرتوتن ۾ ڀاڱي ڀائيوار بنجڻ ۾ اسان جا اهي ئي ”جمهوري“ سياستدان اڳيان اڳيان رهيا آهن جيڪي هڪ طرف جمهوريت جي وڪالت به ڪن ٿا ته ٻئي طرف هر قسم جي غير جمهوري روين ۽ فيصلن جي سڌي يا اڻ سڌي حمايت به ڪندا رهيا آهن ته پوء اها اسان جي ڪهڙي قسم جي جمهوريت آهي جنهن کي اسان جا سياستدان  آمريت کان بهتر ثابت ڪرڻ تي ضد ٻڌيو بيٺا آهن.جيڪڏهن رڳو ووٽ وٺي حڪومت ۾ اچڻ جمهوريت هجي ها ته پوء ٻي جنگ عظيم ڇيڙڻ وارو جرمنيء جو هٽلر ۽ اٽليء جو ميسوليني به ته ووٽ وٺي ئي اقتدار ۾ آيا هئا پر انهن جمهوري رهنمائن ٻي جنگ عظيم ڇيڙي سڄي دنيا ۾ رت جون اهي نديون وهايون جو هن جنگ جي ڇهن سالن اندر اٺن ڪروڙن کان مٿي انسان موت جي منهن ۾ هليا ويا.پري نه وڃو،آمريڪا،برطانيا ۽ اولهه جي ٻين جمهوري حڪمرانن جيڪي ڪجهه دنيا جي ڪمزور ملڪن ۽ معصوم عوام سان ڪيس ڪيا آهن اهي سڀني جي سامهون آهن.
حقيقت اها آهي ته لفظ “جمهوريت“ ، “آمريت“ يا ”بادشاهت“ ايترو اهم ناهي جيترو اهم لفظ ”بدترين“ آهي.بدترين حڪمران چاهي ووٽ وٺي اچن يا آمريت يا بادشاهت جو چولو پائي اچن،ملڪ تباهه ئي ٿيندو،عوام برباد ئي ٿيندو پر جيڪر حڪمران سٺو هوندو ته اهو ووٽ وٺي اچي يا طاقت جي زور تي اچي يا بادشاه هجي،ملڪ ۽ قوم ترقي ڪندا.وري جيڪر آمريت ۽ بادشاهت ايتري ئي خراب هجي ها جو جمهوريت جي بدترين شڪل به ان کان بهتر هجي ها ته ڪاش ڪو ايترو سمجھائي ها ته مصر ۽ لبيا جون حالتون اڳوڻين آمريتن ۾ بهتر هيون يا عرب بهار بعد قائم ٿيندڙ جمهوري حڪومتون بهتر آهن.اهڙيء طرح عراق جون حالتون صدام حسين جي آمريت جي زماني ۾ وڌيڪ خراب هيون يا صدام حسين بعد امريڪي مدد سان قائم ٿيندڙ جمهوريت ۾ وڌيڪ خراب آهن؟ وري جيڪر بادشاهت ايتري ئي خراب آهي ته پوء تيل جي دولت سان مالامال عرب ملڪن جا رهواسي بادشاهت جو نظام هئڻ باوجود به ايترو آسودا ڇو آهن؟
مطلب اهو ناهي ته جمهوريت ڪا خراب شيء آهي بلڪه ڳالهه اها آهي جو سٺن ماڻهن جو اقتدار ۾ هئڻ نهايت ئي اهم آهي.ترڪي،يورپ،آمريڪا ۽ ٻين ترقي يافتا ملڪن جي جمهوري اڳواڻن جو اسان پنهنجي ملڪ جي جمهوري اڳواڻن سان ڀيٽ ڪنداسين ته مٿو چڪرائجي وڃي ٿو ۽ ڏينهن جا تارا نظر اچڻ لڳن ٿا.پوء دل مان اها صدا نڪرڻ لڳي ٿي ته برن حڪمرانن تي ٻڌل جمهوريت بدترين حڪومت ۽ سٺن حڪمرانن تي ٻڌل جمهوريت هجي،آمريت يا بادشاهت پر بهترين حڪومت هوندي آهي. ان ڪري گھڻو اهم لفظ ”بدترين“ ۽ ”بهترين“ آهن نه ڪي جمهوريت،آمريت يا بادشاهت!

(روزاني هلال پاڪستان 3 اپريل 2019ع)