Thursday, May 31, 2018

“تبديليء” جي رڃ ۾ رلندي!


شفيق الرحمان شاڪر
بنيادي طور تي هر انسان تبديلي پسند آهي ۽ تبديليء چاهي ٿو،جي سوچ ڪبي ته اسان جي آسپاس ڪائنات جي هر شيء هر لمحي ڪنهن نه ڪنهن تبديليء  واري ڪيفيت مان گذري رهي آهي.اهي تبديليون ڪڏهن ته ايترو آهستي ٿين ٿيون جن جو احساس ئي نٿو ٿئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ايترو ته تيزيء سان ٿين ٿيون جو انساني دنيا ئي ڊانواڊول ٿيو پوي.طوفان،ٻوڏيون،ڏڪار ۽ زلزلا وغيره به اهڙن ئي قسمن جون تبديليون آهن جيڪي انساني زندگين کي بدلائي رکي ڇڏين ٿيون.2005ع وارو زلزلو ڪنهن کي وسريو هوندو جڏهن ڌرتي ٿورو ڌٻي ته شهرن جا شهر مٽيء جا ڍير بڻجي ويا.زندگيء جون رونقون موت جي ويرانين ۾ بدلجي وييون.هزارين جيئرا جاڳندا انساني وجود لمحن ۾ هميشه لاء نظرن کان غائب ٿي ويا.اوچيون عمارتون ۽ آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ مينار صفحه هستيء تان مٽجي ميدان بڻجي ويا.زمين مان ڦٽندڙ ۽ آسمان مان ڪرندڙ آفتون  ۽ مصيبتون خوفناڪ تباهي ءُ برباديء جا داستان پاڻ سان گڏ کڻي اچن ٿيون.پر قدرت جو اهو به عجيب رنگ آهي جو انهن بربادين جي ڍيرن مان به ٻيهر زندگي ڦٽي ٿي.
آهستي آهستي ۽ مرحلن ۾ ايندڙ تبديلين جو مثال ڏسڻو هجي ته پنهنجو پاڻ کي ٿورو آئيني ۾ ڏسي وٺجي ته معلوم ٿي ويندو ته کير پيڻ واري معصوماڻي زندگي،ننڍپڻ ،جواني ۽ ٻڍاپي جي مرحلن  اسان جي پنهنجي جسماني وجود کي ڪهڙين ڪهڙين تبديلين سان همڪنار ڪيو آهي؟اهو  وقت جڏهن صورت گلاب هئي ۽ هڪڙو وقت جڏهن وقت جي بي رحم وهڪرن چهري کي ٻڍاپي جي لڪيرن ۽ گھنجن سان ڀري ڇڏيو.اها ايڏي وڏي تبديلي ايئن پنهنجو ڪم ڪري ويئي جو اسان کي احساس به نه ٿيو.اسان مان هرڪو هروقت ڪيترين ئي تبديلين جي عمل مان گذرندو رهي ٿو.اردوء جي ممتاز شاعر قمر جلالويء شايد ان عمل کي ئي هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي ته
“ يي خم جو هي ڪمر مين وو خم نهين قمر!
جهڪ جهڪ ڪي ڍونڍتا هون جواني ڪڌر گئي.”
يعني هي منهنجي چيلهه ۾ اوهان کي جيڪو “ور يا گڪ”  نظر اچي ٿو اهو گڪ ناهي پر اصل ۾ آئون جھڪي جھڪي پنهنجي جواني ڳولهي رهيو آهيان.
اهو تبديليء جو عمل رڳو ٻاهر تائين ئي محدود نٿو رهي پر انسان جي ذات جي اندر به اهو عمل لاڳيتو جاري رهي ٿو.پسند ۽ ناپسند بدلبي رهي ٿي.خيال،نظريا ۽ سوچون بدلجي وڃن ٿيون.جيڪر اسان پنهنجن زندگين جو جائزو وٺون ته اڄ کان پندرهن ويهه سال پهرين آئيڊيل سمجھي جن نظرين ۽ شخصيتن سان اسان پيار ڪندا هئاسين،جن سان اسان جي جذباتي محبت هئي ۽ جيڪي اسان جي خوابن ۽ّخيالن تي هروقت سوار رهندا ٿي آيا ۽ جن کي اسان پنهنجن خوابن جي تعبير ٿي سمجھيو،ڇا اڄ به ساڳي حالت ۽ ڪيفيت برقرار آهي؟ڇا انهن نظرين ۽ سوچن کي اسان اڄ به ساڳي حيثيت ڏيون ٿا؟ گھڻي ڀاڱي جواب نه ۾ ايندو.ڪيترائي خوبصورت آئينا حقيقتن جي ٺوڪر لڳندي ٽڪرا ٽڪرا ٿيو وڃن.ڪيتريون ئي عظيم “هستيون “  جن جي ويجھو وڃڻ سان معلوم  ٿيو ته اهي رڳو “ پستيون” آهن.جيئن جيئن زندگيء جو ٿال تجربن جي موتين  سان ڀربو ويندو آهي تيئن تيئن پنهنجي دانش عذاب محسوس ٿيڻ لڳندي آهي.چون ٿا ته تجربو هڪ اهڙي ڦڻي آهي  جيڪا انسان کي صرف ان وقت نصيب ٿيندي آهي جڏهن انسان جي مٿي جا سمورا وار ڪري چڪا هوندا آهن. زندگيء جي ڪڙن ۽ مٺن تجربن جي آئيني ۾ جڏهن انسان کي وچون چهرو ڏسڻ ۾ ايندو آهي ته پوء هو سخت حقيقتن کي مڃڻ تي مجبور ٿي پوندو آهي.پر ڪيترا هوندا اهڙا خوشقسمت جيڪي پنهنجن تجربن مان سبق سکن.ڪيترن وٽ هوندي اها دانش جيڪي جاڳندڙ اکين جي خوابن مان جان ڇڏائي کليل اکين سان حالتن ۽ حقيقتن جو مشاهدو ڪري سگھن. پنهنجن حالتن جو جائزو وٺن ۽ پنهنجي نفعي نقصان جو حساب ڪتاب جاچي پنهنجي لاء صحيح فيصلا ڪري سگھن.پنهنجي ديس جي ماڻهن تي نظر وجھبي ته محسوس ٿيندو ته اهڙي بصيرت،دانائي ۽ دانش جو گھڻو ڏڪار آهي.هي اهي ماڻهو آهن جيڪي رهبريء جو جبو پائي ايندڙ هر رهزن تي بنان دير جي ايمان آڻيو ويهن. نجات جي نعرن تي ڌمالون هڻيو ويهن.ڪوڙين تسلين کي ئي پنهنجن زخمن جو مرهم سمجھيو ويهن.هر ڀيري تبديليء جي نالي تي نئون دوکو کايو ويهن. پوء مير وانگر جنهن جي سبب بيماري لڳي انهيء جي ئي ڇوري کان دوا وٺڻ جو سلسلو جاري آهي. ڇوته هر ڀيري تبديليء جو جادوئي نعرو انهن جي گھايل جسم۽ جان ۾ وري هڪ نئين توانائي ڀريو ڇڏي ۽ هر ڀيري اميد جي ڪا نئين لهر انهن کي مستي ڀريل ناچ نچڻ تي مجبور ڪريو وجھي . ڪڏهن هتي روٽي،ڪپڙو ۽ مڪان جو نعرو لڳو ته بي گھرن ۽ بک کان بدحالن انهيء کي پنهنجي لاء عظيم انقلاب جي نويد سمجھيو.انقلاب آيو ضرور پر رڳو انهن جي زندگين ۾ جن اهو نعرو لڳايو هو،باقي عوام کي جيڪي مليو سو حبيب جالب جي لفظن ۾ ته
“ وهي حالات هين فقيرون ڪي، دن ڦري هين فقط وزيرون ڪي،
هر بلاول هي ديس ڪا مقروض، پائون ننگي هين بي نظيرون ڪي.”
ڪڏهن سادڙي عوام “قرض لاهيو،ملڪ سنواريو“ جي پرفريب نعري تي پنهن جي پگھر جي پوري ڪمائي قومي خزاني ۾ جمع ڪرائي ڇڏي ،خبر تڏهن پيئي جڏهن معلوم ٿيو ته ان موڙيء سان ملڪ نه پر ڪجهه معززين جي سهڻي سنوار ٿيندي رهي.عوام کي ڪنهن اڄ تائين اهو ٻڌائڻ جي تڪليف به نه ڪئي ته سندن ڏنل نذراني جي رقم ڪهڙي ديوي يا ديوتا جي آستاني تي قربان ٿي.  ڪڏهن ڪو آمر اچي احتساب جو نعرو ٿو بلند ڪري ته تبديليء جا خواهشمند ان کي به ڀليڪار چون ٿا ته شايد انهيء وٽ ئي سندن دردن جي ڪا دواهجي.پوء ڪرپشن ڪيسن جي جاچ  جوچ ۽ تحقيقات تي عوام جا ڪروڙين روپيا خرچ ٿيندا رهيا۽ آخر ۾ انهيء جو نتيجو عوام کي اين آر او جي صورت ۾ ملي ٿو جنهن ذريعي هر قسم جي ڏوهن جي عام معافي ملي وڃي ٿي.عوام تبديليء جي ان رڃ پويان چرين وانگر لاڳيتو ڊوڙندو ۽ دوکو کائيندو آيو آهي.تبديليء جي ان خواهش ۾ هزارين مرد ۽ عورتون، ٻار ۽ ٻڍا سرديء جي موسم ۾ اسلام آباد جي شاهراهه دستور تي ويٺا رهيا پر ڇا تبديلي اچي ويئي؟ ملڪ ۾ احتساب جو وري نئون سلسلو شروع ٿيو،عدالتن ازخود نوٽيس وٺڻ شروع ڪيا،ڪي صداقت ۽ امانت جون سندون وڃائي ويٺا،ڪيترن تي ملڪ جا خزانا ڦرڻ ۽ لٽڻ جا ڪيس هلي رهيا آهن.سون جي خلاف نيب جي تحقيقات هلي رهي آهي،ڪي شاديانا وڄائي رهيا آهن ته ڪي ماتم ڪري رهيا آهن.ڪي ڪنهن جا لاڏلا ۽ ڪي ڪنهن جا پيارا سڏجي رهيا آهن.هڪ ٻئي تي الزامن جو هڪ نه کٽندڙ داستان آهي، پراسرار سوالن جو ڊگھو سلسلو آهي.سيني ۾ دفن رازن جون ڪهاڻيون آهن،نوان نوان سياسي ۽ انتخابي اتحاد جڙي رهيا آهن.موسمي  پکين جون هن تڙ کان هن تڙ تي اڏارون جاري آهن.انتخابي سياست کي پاڪ،صاف ۽ شفاف بنائڻ جا دعويدار ٻين پارٽين جي سمورن لوٽن لاء در کوليو ويٺا آهن.هي هيڏانهن آيو ،هو هوڏانهن ويو.سياسي لانڊري پوري آب تاب سان پنهنجا جوهر ڏيکاري رهي آهي جنهن ۾ هن بدنصيب قوم جا ليڊر ڌوپندا ۽ صاف ٿيندا ٿا وڃن.آمريت جو سمورو سامان ڳٺڙيون ڀرجي جمهوريت پسندن جي گھر پهچي چڪو آهي.روٽي ۽ ڪپڙي جي دعويدارن ماڻهن کان ٻن وقتن جي ماني به کسي ورتي آهي.ترقيء ۽ خوشحاليء جي راڪاس غريبن جا هانء ڦاڙي ڇڏيا آهن.لوڊشيدنگ جي بي لغام جن روزيدارن جو سک چين حرام ڪري رکيو آهي.مهنگائي روڪڻ جي معاملي ۾ ڄڻ ته حڪومتون مري وييون هجن.اهي اسان جا عظيم حڪمران جن گذريل ستر سالن کان ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ هن ملڪ تي پنهنجي شهنشاهيت قائم رکي آهي پوء اهي آمراڻو جوتو پائي آيا هجن يا نام نهاد جمهوريت جو جبو،سڀني جيڪا تبديلي هن وقت تائين هن ملڪ ۾ آندي آهي انهن کي سلام ۽ سلام انهيء عوام کي به جيڪي  پوري زندگي تبديليء جي رڃ ۾ رلندي ۽ ڌڪا کائيندي اڄ به اهو گمان رکن ٿا ته اهي ئي بار بار آزمايل جڏهن هڪ دفعو وري ايندڙ اليڪشن کٽي ايندا ته سڀ ڪجهه بدلجي ويندو،اهڙي چرپڻ تي ٻيو ڇا ٿو چئي سگھجي سواء انهيء جي ته “خدا تيري جنون ڪا سلسلا دراز ڪري!”

(روزاني عوامي آواز 29 مئي 2018ع)

Wednesday, May 30, 2018

مدنيء ﷺ جا موتي ؛ ڳجهه ڳوهه کان ڪم وٺو



اِسۡتَعِیۡنُوۡا عَلیٰ قَضَاءِ الۡحَاجَاتِ بِالۡکِتۡمَانِ فَاِنَّ کُلَّ ذِیۡ نِعۡمَۃٍ مَحۡسُوۡدٌ( هيءَ حديث الطبراني، المعجم الڪبير، المعجم الاوسط ۽ المعجم الصغير ۾ بيهقي شعب الايمان۾. ابو نعيم حلية الاولياء،ابنعديالڪامل ۾ابن ابي الدنيا ۽ عسڪري به آندي آهي)
ترجمو: ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ ڳجهه ڳوهه کان ڪم وٺو. ڇاڪاڻ ته هر نعمت واري بيٺل ماڻهو سان ساڙ ڪيو ويندو آهي.

سمجهاڻي:پهاڪو آهي ته “ سکيئي کي ڪير سهي ڪونه ۽ بکئي کي ڪو ڏئي ڪونه” دنيا جو اڪثر دستور آهي ته سکيئي ستابي ۽ خوشحال ماڻهو کان ساڙ سڙيا پيا سڙندا آهن. ڪو چڱوڪم سوچيندو ته ان جي ڪرڻ کان اڳ ۾ رڪاوٽون وجهي کيس پريشان ڪريوڇڏين. ان ڪري سهڻي سردار ﷺ هر ڪم ۾ راز رکڻ ۽ واءِ واءِ نه ڪرڻ جو ڏس ڏنو آهي. ايئن ڪرڻ سان ماڻهو پنهنجو وڏو يا ننڍو ڪم دلجمعي ۽ اطمينان سان پورو ڪري ڪاميابي ماڻي سگهندو.
جڏهن اهواهم ڪم پورو ٿي وڇي ته پوءِ ڀلي شڪر ۽ نعمت طور ان کي ظاهر ڪجي. پر بهتر آهي ته راز کي راز ئي رهڻ ڏنو وڃي. ته جيئن ساڙ سڙين جي مخالفت کان محفوظ رهجي. مشهور آهي ته سڪندر اعظم بادشاهه ايتري قدر رازداري رکندو هو. جو اوڀر طرف حملي ڪرڻ جو ارادو هوندو هوس. ته خيمي جو منهن اولهه ڏانهن ڪندو هو. رازداري رکڻ سان ئي دنيا تي بادشاهي ڪيائين.
شاهه ڀٽائي به ڪنڀار جي ٿانون پچائڻ جي نهائين (آوي) جو مثال ڏئي راز ڍڪڻ جو چيو آهي.
نهائين کان نينهن، سک منهنجا سپرين
سڙي سارو ڏينهن،ٻاهر ٻاڦ نه نڪري
(شاهه)


هدايت جورستو ؛ اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو



لَقَدۡ اَرۡسَلۡنَا نُوۡحًا اِلٰی قَوۡمِہٖ فَقَالَ یٰقَوۡمِ اعۡبُدُوا اللّٰہَ مَا لَکُمۡ مِّنۡ اِلٰہٍ غَیۡرُہٗ ؕ اِنِّیۡۤ اَخَافُ عَلَیۡکُمۡ عَذَابَ یَوۡمٍ عَظِیۡمٍ
بيشڪ نوح کي سندس قوم ڏانھن پيغمبر ڪري موڪليوسون پوءِ چيائين ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو اُن (الله) کانسواءِ ڪو اوھان جو خدا نه آھي، آءٌ اوھان تي وڏي ڏينھن جي عذاب (اچڻ) کان ڊڄان ٿو
                                                                                                                            (سورت اعراف آيت 59)


We had certainly sent Noah to his people, and he said, "O my people, worship Allah ; you have no deity other than Him. Indeed, I fear for you the punishment of a tremendous Day.

Tuesday, May 29, 2018

مدنيء ﷺ جا موتي ؛ جيڪو توسان خيانت ڪري ته تون ان سان خيانت نه ڪر



أدَّ الۡامَانَۃَ اِلیٰ مَنِ ائۡتَمَنَکَ وَلَا تَخُنۡ مَنۡ خَانَکَ( هيءَ حديث مبارڪ ابودائود، ترمذي،دارمي،مستدرڪ ، حاڪم، دارقطني ۽ الطبراني المعجم الڪبير ۽ المعجم الصغير ۾ آهي)جيڪو تو وٽ امانت رکي ته ان کي امانت با سلامت موٽائي ڏي ۽ جيڪو توسان خيانت ڪري ته تون ان سان خيانت نه ڪر.
سمجهاڻي:امانت جو وڏو بار آهي. جيڪو ماڻهو توکي امين ۽ چڱو ماڻهو امانت دار سمجهي. ڪا امانت رکي ته حق ايئن آهي ته ان کي سندس امانت سئي سڳي سميت موٽائي ڏي ۽ پنهنجي امانت داري قائم رکقرآن ڪريم ۽ حديث ۾ امانت ادا ڪرڻ جو گهڻو تاڪيد آيل آهي.
البته جو ماڻهو توسان خيانت ۽ دوکو ڪري ته به تون ان جي بدلي ۾ پلاند طور خيانت ۽ دوکو نه ڪر. پر پنهنجي امانت داري تي قائم رهه. ڇاڪاڻ ته چڱي سان ته هر ڪو چڱائي ڪندو آهي.پر ڀلو ماڻهو اهو آهي جو بري سان به ڀلائي ڪري.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيو آهي:
چڱن ساڻ چڱائيون،ائين هر ڪو هوءِ
تو جيئن ڪري نه ڪوءِ، بڇڙن ساڻ ڀلائيون.
(شاهه)
(مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو ڪتاب ؛محبوب نبيء صه جا مٺڙا ٻول)


هدايت جورستو ؛ مُلڪ ۾ ان جي سڌاري کانپوءِ فساد نه وجھو



وَ لَا تُفۡسِدُوۡا فِی الۡاَرۡضِ بَعۡدَ اِصۡلَاحِہَا وَ ادۡعُوۡہُ خَوۡفًا وَّ طَمَعًا ؕ اِنَّ رَحۡمَتَ اللّٰہِ قَرِیۡبٌ مِّنَ الۡمُحۡسِنِیۡنَ
۽ اوھين مُلڪ ۾ ان جي سڌاري کانپوءِ فساد نه وجھو ۽ اُن (الله) کي (کانئس) ڊڄي ۽ طمع رکي سڏيو، بيشڪ الله جي ٻاجھ ڀلارن کي ويجھي آھي
                                                                                                                                      (سورت اعراف آيت 56)
And cause not corruption upon the earth after its reformation. And invoke Him in fear and aspiration. Indeed, the mercy of Allah is near to the doers of good.

ماضيء جو آئينو؛ اسپين جو “ الزهرا ” محل.


شفيق الرحمان شاڪر
مشهور فيلسوف ڪنفيوشس جي چوڻ مطابق؛ اصل حقيقت نظرن کان لڪيل رهي ٿي ۽ ظاهري ۽ لڪيل حقيقتن ۾ زمين ۽ آسمان جو تفاوت هوندو آهي. اصل ۾ جسماني حواسن کي نه محسوس ٿيندڙ سچائيون ئي ابدي هونديون آهن. ڏاهي سقراط جو چوڻ آهي ته “ ماڻهو املهه شين کي معمولي سمجھن ٿا ۽ حقيقت ۾ جن شين جي ڪا قدر قيمت ئي نه هوندي آهي انهن کي املهه ۽ قيمتي سمجھندي انهن کان دوکو کائي گھڻا انسان نقصان ۾ ويندا آهن.” انهيء ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان جي سوچن ۽ اميدن جا دائرا به محدود آهن.دنيا جي سمورن مذهبن موجب دنيا جي ساز ۽ سامان جو حرص ۽ طلب انسان کي اصل سڪون ۽ خوشيء کان محروم ڪريو ڇڏي.اها ڳالهه آخر تائين انسان جي سمجھه ۾ نٿي ويهي ته هن فاني جهان جي فنا ٿيندڙ شين سان چرپڻ جي حد تائين محبت ئي اسان جي دائمي خوشين ۽ حقيقي آزاديء ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ آهي.انسان جون اصل ضرورتون ته تمام مختصر آهن پرهو پنهنجو پاڻ انهن جو دائرو ايتري حد تائين پکيڙي ويهي ٿوجو زندگيء جو سفر پورو ٿيو وڃي پر اميدن،خواهشن ۽ حرص جو سفر پورو نٿو ٿئي.ايستائين جو هو انهن خواهشن ۽ حسرتن کي پاڻ سان گڏ قبر ۾ کنيو وڃي.
طاقت جو ديوتا هرڪولئس وڌيڪ طاقت جو خواهشمند هو پر دشمن جي چال سان بيوس بڻجي باهه ۾ ٽپو ڏيڻ تي مجبور ٿي پيو.تاريخ ۾ جرئت ۽ طاقت جي نشاني بڻيل سيمسن عشق ۾ هر وقت ميلاپ جو طلبگار رهيو،پنهنجي محبوبا ڊيلائلا جي غداريء سبب وار ڪٽائي پنهنجي طاقت وڃائي ويٺو ته انڌو بڻجي هڪ عرصو سخت پورهيي سان قيد ۾ رهيو ۽ پوء جڏهن محبوبا کي پشيمانيء جو احساس ٿيو ۽ وارن جي جادوئي طاقت واپس موٽي ته بتخانو ڊهرائي ان جي ڍير هيٺان پنهن جي ڊيلائلا سان گڏ هميشه لاء دفن ٿي ويو.ٻي عالمگير جنگ ۾ هڪ کان بعد ٻيو ملڪ فتح ڪرڻ جي حرص ۾ مبتلا آمرن هٽلر ۽ مسوليني جو خوفناڪ انجام،پويان ايندڙ اقتدار جي ٻين حريصن لاء عبرت جو نشان آهي.هيڪل سليماني ۽ ييروشلم کي تباهه ۽ برباد ڪندڙ بخت نصر مرڻ وقت پنهن جا هوش حواس وڃائي چڪو هو.دنيا فتح ڪرڻ جو خواب کڻي نڪتل سڪندر اعظم واپسيء تي انهيء ئي بخت نصر جي محل ۾ پراسرار بيماريء جو شڪار بڻجي هٿين خالي دنيا مان لڏي ويو.روم جو عظيم جوليئس سيزز پنهنجي ئي دوست بروٽس هٿان قتل ٿيو.مصر کان روم تائين عظيم سلطنت ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ جي نشي ۾ مست سندس محبوبا قلوپطرا دربدر جا ڌڪا کائڻ بعد تخت ۽ تاج جي جنگ هارائي زهريلن نانگن هٿان آپگھات ڪري ويٺي.روم کي باهه لڳائي بيگناه انسانن جي خون جو تماشو ڏسندڙ نيرو پنهنجون نسون پاڻهي ڪپي موت کي دعوت ڏني.اهي عبرت سان ڀريل تاريخي واقعا گواهه آهن ته تخت ۽ تاج جي نشي ۾ انسانيت ۽ عاقبت ٻنهي کي وسارڻ وارا سدائين نامراد ۽ ناڪام ئي رهيا آهن.جڏهن انسان تي برو وقت اچي ٿو ته سموريون سبتيون تدبيرون به ابتيون ٿي وينديون آهن.
اندلس جي مسلمان حڪمرانن مان سلطان عبدالرحمان ٽيون نهايت ئي مشهور آهي.اهو 300هه ۾ سلظنت جي تخت تي ويٺو ۽ 350هه ۾ ٻاهتر سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين.هن جي هڪ عيسائي راڻي هئي جنهنجو نالو زهرا هو.سلطان ان زال جي نالي سان قرطبا شهر جي ڪناري هڪ شاندار محل جوڙايو.چار ميل ڊگھو ۽ ٽي ميل ويڪرو هي محل ايترو ته وڏو هوجو ان کي “ زهرا جو محل” بدران “ زهرا جو شهر” چوندا هئا.ان محل جي اڏاوت 325هه ۾ شروع ٿي ۽ پنجويهه سال پوء 350هه ۾ مڪمل ٿي.المقري ان محل جي باري ۾ جيڪي ڳالهيون لکيون آهن انهن مان اهو محل الف ليلا جي ڪهاڻين جيان ڪو طلسماتي شهر محسوس ٿئي ٿو.انهيء محل جي اڏاوت تي ڏهه هزار رازا،چار هزار اٺ ۽ خچر روزانو ڪم ڪندا هئا.ان ۾ 4316 برج ۽ ٿنڀا هئا.سنگ مرمر ۽ ٻيو ڪيتروئي تمام قيمتي سامان فرانس، ترڪي،يونان،شام ۽ آفريڪا جي ملڪن جي بادشاهن تحفي طور ڏنو هو.ان جي ڇتين ۾ سون ۽ چانديء جو ڪم ايترو ته گھڻائيء سان ڪيل هو جو ڏسڻ وارن جون اکيون چمڪنديون هيون. ان محل جي انتظام ۽ سار سنڀال لاء 13750ملازم ۽ نوڪر مقرر ٿيل هئا ان کان سواء 13382 غلام هئا.حويليء جي اندر ڇهه هزار عورتون خدمت گذاريء لاء هروقت حاضر رهنديون هيون.سڄو محل باغن ۽ ڦوهارن سان گلزار رهندو هو.يورپ ۽ ٻين ملڪن مان گھمندڙ ۽ سير سفر ڪندڙ اڪثر اهو محل ڏسڻ ايندا رهندا هئا.پر ان عظيم محل جي پڇاڙي ڇا ٿي؟ 25 سالن جي عرصي ۾ هاڻوڪي پئسي جي  معيارکان کربين روپين جي خرچ سان جڙيل هي محل رڳو پنجاهه سالن کان پوء نيست ۽ نابود ٿي ويو.اندلس جي حڪمرانن جي پنهنجن جھيڙن جھٽن سبب عيسائين انهن تي قابو پائي ورتو ۽ انهن کي شڪست ڏيئي سندن نالي نشان کي ئي مٽائي ڇڏيو. قرطبا جو اهو الزهرا محل کنڊرن ۾ بدلجي ويوجنهن کان پوء انهيء تي زماني ۽ حالتن جي دز وسندي رهي ايستائين جو اهو نظرن کان غائب ٿي ويو.هاڻوڪي زماني ۾ اتي کوٽائي ڪئي ويئي آهي پر کوٽائي ڪندڙن کي اتان ٽٽل ڦٽل نالين سواء ڪجھه به هٿ نه آيو آهي.
دنيا ۾ عيش ۽ آرام جي نشانين کي مٽائي خدا تعاليٰ اسان کي ڏيکاري ٿو ته هن جي نظر ۾ هتان جي عيش آرام جي ڪا قيمت ناهي پر انسان گھٽ ئي سبق سکي ٿو.هر ايندڙ بد مست انهيء ئي تباهه ٿيل محل مٿان پنهنجو نئون محل تعمير ڪرڻ لڳي ٿو.اقتدار، طاقت ۽ دولت جي نشي ۾ ڌت ۽ عوام جي سورن ۽ دردن کان غافل حڪمرانن ۽ سڄيون راتيون ناچ گانن جون محفلون سجائيندڙ انقلابين جي دل ۽ ذهن ۾ خبر ناهي ڪهڙي کجلي آهي جيڪا انهن کي زمين تي انسانن جيان ٽڪڻ ئي نٿي ڏئي.اهي حڪمران اقتدار لاء ڏينهن رات هڪ ڪري جيڪي ڪرتوت ڪن ٿا ۽ جائز توڙي ناجائز چالون چلن ٿا انهن کي اهو احساس ئي نٿو رهي ته تخت ۽ تاج ڪيڏي نه بيوفا شيء آهي.
(روزاني هلال پاڪستان 27 مئي 2018ع)


Monday, May 28, 2018

مدنيء ﷺ جا موتي ؛ واپار ۾ وڏي ۾ وڏو خساري وارو



أخۡسَرُ النَّاسِ صَفۡقَۃً مَنۡ أَذۡھَبَ اٰخِرَتَہٗ بِدُنۡیَاغَیۡرِہٖ
( امام القسطلاني “ الموهاب اللدنيه” ۾ هي حديث مبارڪ آندي آهي)
ترجمو: واپار ۾ وڏي ۾ وڏو خساري وارو اهو آهي جنهن پنهنجي آخرت ٻئي جي دنيا ڪري وڃائي.
سمجهاڻي:اصل واپار ته آخرت وارو آهي. هيءَ دنيا ته فنا جو ماڳ آهي. ان ڪري هن جڳ ۾ اولاد، سنگت ساٿ،وڏن ماڻهن ۽ آفيسرن ظالمن کي خوش ڪرڻ لاءِ اهڙا ڪم نه ڪجن. جو زماني ۾ خوشامد ۽ ظلم ظاهر ٿئي. الله ۽ رسول جي بي فرماني ڪري پنهنجا ٻئي جهان برباد ڪري نه ڇڏجن.ايئن ته ڪوبه ڏاهو ماڻهو نه ڪندو.پر بدبخت ۽ بيوقوف ئي ائين ڪندو آهي. جو پراون اشارن تي ڀڏا ڪم ڪري. دنيا ۾ ته شابس. پر آخرت ۾ پنهنجي لاءِ تباهي جو سامان پيداڪندو آهي
شاهه عبداللطيف ڀٽائي به اهڙن ماڻهن لاءِ چيو آهي ته:
ڦريا پسي ڦيڻ، کرين کير نه چکيو
دنيا ڪارڻ دين،وڃائي ولها ٿيا
(شاهه)

هدايت جورستو؛ جن پنھنجي دين کي کِل ۽ راند ڪري ورتو



الَّذِیۡنَ اتَّخَذُوۡا دِیۡنَہُمۡ لَہۡوًا وَّ لَعِبًا وَّ غَرَّتۡہُمُ الۡحَیٰوۃُ الدُّنۡیَا ۚ فَالۡیَوۡمَ نَنۡسٰہُمۡ کَمَا نَسُوۡا لِقَآءَ یَوۡمِہِمۡ ہٰذَا ۙ وَ مَا کَانُوۡا بِاٰیٰتِنَا یَجۡحَدُوۡنَ
جن پنھنجي دين کي کِل ۽ راند ڪري ورتو ۽ انھن کي دُنيا جي حياتي ٺڳيو، پوءِ اُنھن کي اڄ ايئن وساريوسون جئن (اُنھن) منھنجي ھن ڏينھن جي ملڻ کي وساريو ھو ۽ (جئن) اسان جي آيتن جو انڪار ڪ ندا ھوا
                                                                                                                      (سورت اعراف آيت 51)

Who took their religion as distraction and amusement and whom the worldly life deluded." So today We will forget them just as they forgot the meeting of this Day of theirs and for having rejected Our verses.

“جنهن وقت هي جوڳي جاڳيا ”



شوڪت لوهار
(روزاني سنڌ ايڪسپريس 28 مئي 2018ع)


Sunday, May 27, 2018

مدنيء ﷺ جا موتي ؛ پنهنجي دوست سان وچٿري نموني سان محبت دوستي رک.



أحۡبِبۡ حَبِیۡبَکَ ھَوۡنًا مَّا فَعَسٰٓی أنۡ یَّکُوۡنَ بَغِیۡضَکَ یَوۡمًا مَّا

( هيءَ حديث مبارڪ امام بخاري “ الادب المفرد” ۽ امامترمذي به “جامع ترمذي” ۾ ابو هريره ﷦ جي روايت سان آندي آهي)

ترجمو: پنهنجي دوست سان وچٿري نموني سان محبت دوستي رک. ڇاڪاڻ ته هو ڪنهن ڏينهن تنهنجو سخت دشمن به ٿي سگهي ٿو.
سمجهاڻي:مطلب ته انسان هر ڪم ۾ وچٿرائي سان هلڻ چڱو آهي تانته سنگت ساٿ رکڻ ۾ به وچٿرو قدم کڻجي. هر دوست ماڻهو کي دل جون ڳالهيون نه سلجن. ڇاڪاڻ ته ڪنهن جائز ناجائز سبب ڪري ڪڏهن ڪودسوت ڦري دشمن به ٿي پوي. ته اوهان جون سڀ دل جون ڳالهيون، راز ۽ رمزون معلومهئڻ ڪري. اوهان کي ڪنهن وڏي مصيبت ۾ ترت ڦاسائي وجهندو. ان ڪري سهڻي حبيب ﷺ جي دوستي رکڻ ۽ نباهڻ ۾به هي تعليم آهي ته هر دوست کي دل جو راز نه ڏجي. پر وچٿري نموني سنگت ساٿ سان نباهجي. ڪنهن جو مٺ گهرو نه ٿجي.پر هر هڪ سان چڱائي سان هلجي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي به چيوآهي ته دلجون ڳالهيون گهلي يا عام ماڻهن سان ظاهر ڪري نه سلجن.
ڀڪليا ڀڻن،دلق گڏيو ڌوڙ ۾
ڳالهيون ڳهلي لوڪ سين ،پڌر پئي نه ڪن
ڪا من آهي تن، مون پريان جي ڳالهڙي
(شاهه)

هدايت جو رستو ؛ ۽ بھشتي دوزخين کي سڏيندا


وَ نَادٰۤی اَصۡحٰبُ الۡجَنَّۃِ اَصۡحٰبَ النَّارِ اَنۡ قَدۡ وَجَدۡنَا مَا وَعَدَنَا رَبُّنَا حَقًّا فَہَلۡ وَجَدۡتُّمۡ مَّا وَعَدَ رَبُّکُمۡ حَقًّا ؕ قَالُوۡا نَعَمۡ ۚ فَاَذَّنَ مُؤَذِّنٌۢ بَیۡنَہُمۡ اَنۡ لَّعۡنَۃُ اللّٰہِ عَلَی الظّٰلِمِیۡنَ

۽ بھشتي دوزخين کي سڏيندا ( ۽ چوندا) ته اسان جي پالڻھار اسان سان جيڪي انجام ڪيو ھو سو بيشڪ سچو لڌوسون پوءِ اوھان جي پالڻھار اوھان سان جيڪو انجام ڪيو ھو سو سچو (نه) لڌوَ ڇا؟ چوندا ته ھائو! پوءِ سڏيندڙ سندن وچ ۾ سڏيندو ته اُنھن ظالمن تي الله جي لعنت آھي
                                                                                    (سورت اعراف آيت 44)

And the companions of Paradise will call out to the companions of the Fire, "We have already found what our Lord promised us to be true. Have you found what your Lord promised to be true?" They will say, "Yes." Then an announcer will announce among them, "The curse of Allah shall be upon the wrongdoers."


ٿر ۾ انساني الميي واري صورتحال ۽ حڪومتي بي حسي.



(روزاني سنڌ ايڪسپريس 27 مئي 2018ع)


عوام سان محبتون يا مڪاريون؟


شفيق الرحمان شاڪر
اسان جي ديس ۾ زندگي گھارڻ ڏاڍي ڏکي ٿيندي ٿي وڃي.گھڙيء گھڙيء هڪڙو گھاء ۽ هر ساعت هڪڙو صدمو آهي جيڪو انساني جيو جي وجود کي گھائل ڪندو ٿو وڃي.ڪو هڪ الميو ناهي جنهنجو سهڻ مقدر بڻيو هجي، هتي ته  انيڪ ۽ اڻ ڳڻ الميا آهن جن مان بيوس انسانيت گذري رهي آهي.انهن المين جا ذميدار بنيادي طور تي اهي ڪجهه ٿورڙا انسان  آهن جن جو انگ اٽي ۾ لوڻ جهڙو آهي اهي ئي هن ديس ۾ رهندڙ خلق خدا جي تقدير لکندا آيا آهن.جيڪي پنهنجو پاڻ کي هن زمين ۽ هن سماج ۽ هن ديس لاء اڻ ٽر سمجھن ٿا.انهن جي نظر ۾ هن ڪائنات ۾ هر چرپر سندن ئي دم سان ۽ چمن ۾ چهچٽو سندن ئي برڪت سان آهي.اهي خلق خدا کي پاڻ جهڙو انسان نه پر ڪيڙا ۽ ماڪوڙا سمجھن ٿا.انهن لاء مسئلو صرف اهو آهي جيڪو کين پريشان ڪري،مشڪل رڳو اها آهي جيڪا سندن سڪون ڦٽائي ۽ الميو فقط اهو آهي جيڪو اتفاق سان سندن محلن ۾ ماتم وجھي.باقي ٻيو جيڪي ڪجھه آهي سو خير آهي،سک ۽ شانتي آهي،سرور ۽ سڪون آهي،امن ۽ آشتي آهي.سندن ئي نظر ڪرم سبب ملڪ جي اٽڪل پنجاسي سيڪڙو انسانن جي زندگي غربت جي انتهائي سطح کان به ڪري خاڪ بڻجي چڪي آهي.هڪ ننڍڙي اقليت پنهنجي ڏاڍ، مڪر، دوکي،چالاڪي،اقتدار ۽ اختيار جي بنياد تي هڪ وڏي اڪثريت کي پنهنجو غلام بنائي رکيو آهي. خلق خدا سمجھي سڀ ٿي ته سندن سورن جا ذميدار ڪير آهن،سندن  مٿان المين جا ميزائل ڪٿان ڇٽي رهيا آهن،سندن ئي نالي تي ساڻن چٿرون ڪرڻ وارا ڪير آهن؟ پر هر طرف قبرستان واري خاموشي ڇانئيل آهي،انقلاب جا سڀ نغما پنهنجو رس وڃائي چڪا آهن،تبديليء جا سمورا ساز سڪرات ۾ آهن.آزاديء جا سڀ گيت پنهنجو سوز وڃائي ويٺا آهن ۽ اميدن جا سڀ ديپ اجھامي چڪا آهن.هر طرف ساهه منجھائيندڙ مايوسين جو راڄ ۽ هر پاسي اداسين جو هانء ڦاريندڙ راڪاس ڦيرا ڏيندي نظر اچي ٿو.انهيء عظيم مايوسي ۽ پراسرارخاموشيء جا ڪيئي سبب آهن. ماضيء ۾ تبديليء جي نالي تي چڪنا چور ٿيندڙ خوبصورت خوابن جا تاج محل،رهبريء جي روپ ۾ رهزنين جا اڻ وڻندڙ داستان ۽ محبتن جي پردي ۾ مڪروه مڪارين جون ڪهاڻيون،بار بار جون شڪستون ۽ ماضيء  ۾ منزل نه ملڻ جون مايوسيون.شايد انهن سمورين شين ملي ڪري خلق  خدا جو اهو وهم يقين ۾ بدلائي ڇڏيو آهي ته “ جا اپني حسرتون پي آنسو بها ڪي سوجا.” اهي وڙهندا رهيا آهن،ڦٽبا ۽ ڌڪبا رهيا آهن،اگھاڙين پٺين تي هنٽر سهندا ۽ پنهنجن اکين آڏو پنهنجن پيارن جا جسم گولين سان پروڻ ٿيندي ڏسندا رهيا آهن پر نتيجي ۾ انهن کي ڇا سريو؟ هر ايندڙ هر ويندڙ کان وڌيڪ ڪٺور ۽ سنگدل نڪتو.هر آئيندو ماضيء کان وڌيل المناڪ ۽ اذيتناڪ نڪتو.هڪ اهڙو ديس جتي خلق خدا جي درد جي نالي تي خلق خدا سان ئي دوکو ٿيندو هجي،جنهن ديس جو نام نهاد پڙهيل ڳڙهيل ۽ باشعور طبقو ظالم حڪمران طبقي جا پير چمندو هجي، جتي ملڪ جي دانشورن جي سموري دانش درٻاري گوين وارو ڪردار ادا ڪندي هجي،جتي پنهنجو پاڻ کي صحافت جا ديوتا سمجھندڙ وڏا وڏا صحافي ڪوڙ جي قافلي ۾ نچندي،ٽپندي ۽ ٺمريون هڻندي نظر اچن ته ڪهڙن خوابن جو تذڪرو ڪجي،ڪهڙن اصولن جو ويچار ڪجي ۽ ڪهڙين تبديلين جي پچار ڪجي ۽ ڪهڙين منزلن جي اميد رکجي؟ شايد جيڪي مانجھي هئا تن مات مڃي ورتي آهي ۽ جيڪي مڪار آهن اهي ميدان ماري چڪا آهن.شايد شاهه جي سورمن جا آواز مير جعفر ۽ مير صادق جي فتح جي ترانن ۾ دٻجي ويا آهن ۽ ارڏن آڻ مڃي ڇڏي آهي.هن  جنهن ابهم وجود ڪنهن لاوارث سرڪاري اسپتال جي بدبوء ڀريل بستري تي پهرين اک کولي آهي تنهن لاء زندگيء جي سختين ۽ تلخين جو هڪ تيز طوفان مٿي تي منتظر آهي. کاڌي جي کوٽ سبب هن جي اڻ پوري  ۽ نٻل جسم کي ايندڙ هر لمحي هڪ نئين الميي جو انتظار ڪرڻو آهي،سندس ڏٻري ڏيل جي ڦاٽل پهراڻ تي هر گھڙيء ڪنهن گھاء جي چتي لڳڻي آهي.اميرن جي هن بي رحم نگريء ۾ پيدا ٿيڻ جي ڏوهه جي هن کي ضرور سزا لوڙهڻي آهي.پوري زندگيء جي سخت پورهيي سان سزاَ!بکن ۽ بيمارين مان بچي ويو ته قدرتي آفتن جو شڪار ٿيندو.قدرتي آفتن مان به چڙهي ويو  ته چرٻٽن جا چهڪ سهڻا پوندس.تاريخ ۾ اسان وڏن وڏن ڪروڌين،سنگدل ظالمن ۽ انسانيت کي آزاريندڙن جا نالا  پڙهي ۽ ٻڌي اجايو ڇرڪ ٿا ڀريون،اهي ويچارا ته صرف نالي جا بدنام آهن.انهن جي اندر به ڪڏهن ڪڏهن انسانيت جو احساس اٿلي پوندو هو پر اسان جو واسطو جنهن موذي مخلوق سان آهي،خدا ڏي پناهه!مردن جو ڪفن کايو وڃن.ٻارن کي مستقل معذوريء کان بچائڻ لاء لڳندڙ  پوليو وارن ٽڪن ۾ به ڪميشنون کائي ٻيو ۽ ٽيون نمبر دوائون وٺي آڻي اسان جي مٿي ۾ هنيائون.ميونسپلٽين جي ڀنگين جون پگھارون هضم ڪري ويا.بيواهن ۽ معذورن جي لاء مليل زڪوات جي رقم جو اڌ ڪڍي ويا.مار! هوس ۽ حرص جي به ڪا حد ٿيندي آهي.تقريرون ٻڌون ته عوام جي اڪير ۾ سندن اندر ٿو ڦاٽي،دعوائون ٻڌون ته اٺ جي آنڊي جيڏيون ڊگھيون.ياجوج ماجوج جيسين ٻاهر اچن ڪي اچن پر هن جناتي مخلوق خلق خدا سان ويل وهائي ڇڏيا آهن.ڪو سندن ڪرتوتن تي آڱر کڻي ته چوندا ته الزام نه لڳايو،ثبوت آڻيو.هاڻي انهن منهن جي ڏاڍن کي ڪهڙا ويهي ثبوت پيش ڪجن ته جن وٽ ڪجهه عرصو پهرين گڏهه به در تي نه هو انهن جو اوچتو ڪهڙو بانڊ کليو جو اهي هاڻي پجيرو جي پينگھن ۽ ليند ڪروزر ن جي لوڏن ۾ لڏندا ٿا رهن.مائي جمهوريت خلق خدا کي جهڙي طرح سڃو ۽ ڀينگيو بڻايو سو بڻايو پر هنن جي ته هر روز نئين لاٽري نڪري پيئي.ڪهڙو سيلاب آيو جو نئون ٺهيل روڊ ٽن مهينن ۾ ئي اکڙي ويو،ڪهڙو زلزلو آيو جو نيون ٺهيل سرڪاري عمارتون ڪجھه عرصي ۾ ئي ڏري وييون ۽ ڪهڙي قيامت آئي جو ڪاغذن تي ڏيکاريل ترقياتي اسڪيمون سرزمين تان ئي غائب ٿي وييون؟عوام لاء گذريل ستر سالن ۾ اوهان جيڪي ڦاڙها ماريا سي ماريا پر مليو ته اڃا انهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي به ناهي.وري چوندا ڇا ته عوام اسان سان گڏ آهي.بلڪل سائين عوام ويچارو واقعي انهن  سان گڏ آهي.ڇو گڏ آهي ۽ ڪهڙيء طرح گڏ آهي انهيء راز کان انهن کان وڌيڪ ٻيو ڪير واقف هوندو؟ٿورو عوام کي کيڏڻ لاء کليل ميدان ڏين ۽ پنهنجن صوبيدارن ۽ ڪامورن کي رسو وجھن ته پوء ڏسون ٿا عوام جون انهن سان محبتن جون موجون! جيڪر ڏنڊو ڏيکاري محبتون حاصل ڪرڻ سندن ڪتاب ۾ جائز آهي ته پوء مسوليني،هٽلر،صدام،حسني مبارڪ ۽ ٻين  ويچارن جو ڪهڙو قصور هو؟
(روزاني عوامي آواز 25  مئي 2018ع)

Saturday, May 26, 2018

مدنيء ﷺ جا موتي ؛ برائي پٺيان چڱائي ڪر


اتّقِ اللہِ حَیۡثُ کُنۡتَ،وَاتۡبِعِ السَّیِّئَۃَ الۡحَسَنَۃَ تَمۡحُھَا،وَ خَالِقِ النَّاسَ بِخُلۡقٍ حَسَنٍ
(هيءَ حديث مبارڪ امام احمد بن حنبل پنهنجي ڪتاب مسند ۽ ٻين به ابوذر ﷦ جي روايت سان آندي آهي)

ترجمو: جتي به هجين ته الله تعاليٰ کان ڊڄ ۽ برائي پٺيان چڱائي ڪر، جيئن ان برائي کي ميٽائي ختم ڪري ڇڏي ۽ ماڻهن سان سهڻي اخلاقسان پيش اچ.
سمجهاڻي: انسان کي هر هنڌ ۽ هر ڪم ۾ الله تعاليٰ کان ڊڄڻ گهرجي.برن ڪمن کان پاڻ بچائجي.پر انسان خاطي آهي. جي گناهه ٿي پويته،ته توبه تائب ٿي. چڱن ڪمن ۾ وڌيڪ ڪوشش ڪجي ته الله تعاليٰ چڱن عملن جي ڪري. مدايون ميٽي معاف ڪري ڇڏيندو آهي.
نبي ﷺبه معلم الاخلاق بنائي موڪليو آهي. ان ڪري اسان امت کي به پيغمبر جي پيروي ڪندي. هر هڪ سان سهڻي اخلاق سان پيش اچڻ گهرجي. سهڻا لڇڻ ئي نيڪي جو سرمايو آهن. شاهه عبداللطيف ڀٽائي به پرين جي پيش پوڻ، پٽيءَ وجهڻ ۽ سرخرو رهڻ ۽ خدا جي خوف ۾ روئڻ جو ڏس ڏنو آهي.

عاشق معشوقن جو، وٺي ويهه دڪان
پئج پيش پرين جي، پٽيءَ وجهي پاڻ
ته تون تنين ساڻ رهين سرخرو.

*
خوفان کاهوڙين ڳوڙهو سڪي نه ڳل تان
حزن ڏينهن حشر جو، توڙان لٿو نه تن
ڪئائون ڪي ڪن، آجڪو اخريٰ جو

(مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحه جو ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول)


مدنيء ﷺ جا موتي ؛ سج ۽ چنڊ گرهڻ ڪنهنجي موت جي ڪري نٿا ٿين



نبي  ڪريم صلی الله علیہ وسلم  جن جو ارشاد مبارڪ ؛
         إِنَّ الشَّمْسَ وَالْقَمَرَ لَا يَخْسِفَانِ لِمَوْتِ أَحَدٍ وَلَا لِحَيَاتِهِ وَلَكِنَّهُمَا آيَتَانِ مِنْ آيَاتِ اللَّهِ، ‏‏‏‏‏‏فَإِذَا رَأَيْتُمُوهَا فَصَلُّوا
بيشڪ سج ۽ چنڊ گرهڻ ڪنهنجي موت جي ڪري نٿا ٿين پر اهي خدا جون نشانيون آهن پوء اوهين جڏهن اهي ڏسو ته نماز پڙهندا ڪريو.
صحيح  بخاري؛

هدايت جو رستو ؛ ھر ڪنھن اُمّت جو ھڪ وقت ٺھرايل آھي



وَ لِکُلِّ اُمَّۃٍ اَجَلٌ ۚ فَاِذَا جَآءَ اَجَلُہُمۡ لَا یَسۡتَاۡخِرُوۡنَ سَاعَۃً وَّ لَا یَسۡتَقۡدِمُوۡنَ

۽ ھر ڪنھن اُمّت جو ھڪ وقت ٺھرايل آھي، پوءِ جڏھن سندن مُدّت پھچندي (ته) ھڪ گھڙي نڪي دير ڪندا ۽ نڪي اڳڀرو ويندا
                                                                                                              (سورت اعراف آيت 34)

And for every nation is a [specified] term. So when their time has come, they will not remain behind an hour, nor will they precede [it].

اداس نسل جي آخري منزل!


عاجز جمالي
(روزاني سنڌ  ايڪسپريس 26 مئي 2018ع)


وال پيپر ؛ جبري گمشدگين جو معاملو قانون تحت حل ٿيڻ گهرجي


جبري گمشدگين وارو معاملو ڏينهون ڏينهن سنگين شڪل اختيار ڪندو پيو وڃي، سياسي ڪارڪن هجن يا ميڊيا ئي ماڻهو، ليکڪ، انساني حقن جا ڪارڪن ۽ بلاگر، سڄي ملڪ اندر جبري گمشدگين جي لپيٽ ۾ اچي چڪا آهن. بلوچستان هجي يا سنڌ، خيبرپختونخواهه توڙي پنجاب، سياسي پرچار ۽ مختلف معاملن  تي پنهنجي راءِ  جي کليل اظهار جي ڪري ماڻهو کنڀي کنيا وڃن ٿا ۽ پوءِ ڪا خبر نه ٿي پئي ته انهن کي زمين ڳهي وئي يا آسمان کائي ويو. ڪي لاشن جي صورت ۾ مالڪن کي ملن ٿا ته ڪي لاڳيتو گم رهڻ کانپوءِ ڪٿي نه ڪٿي ظاهر ٿي وارثن کي ملن ٿا. اڪثر تي رياست خلاف، ملڪ خلاف ڪم ڪرڻ جو الزام هجي ٿو. جبري گمشدگين جي معاملي خلاف ماما قدير بلوچ جي احتجاج ۽ مارچ کي ملڪي توڙي عالمي ميڊيا تي پذيرائي ملي هئي، جڏهن ته تازو سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ پريس ڪلب اڳيان کنڀي گم ڪيلن جي آزاديءَ لاءِسندن وارثن، سياستدانن، ساڃاهه وندن ۽ سماج جي مختلف طبقن سان لاڳاپيل ماڻهن جي احتجاج تي ڏينهن ڏٺي هلان، عورتن سان بدتميزي  ۽ چئن ڄڻن کي کنڀي کڻي وڃڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي هيءُ معاملو ڀرپور نموني اٿيو. نتيجو اهو  نڪتو جو جيڪي نوجوان ڏينهن ڏٺي جو کنڀيا ويا هئا، صبح جو اهي واپس پنهنجي گهرن ڏانهن وريا. اُن احتجاج کانپوءِ اسلام آباد ۾ به مهراڻ آرٽس ڪائونسل جي سڏ تي احتجاج ٿيو. جن جي نيشنل پريس ڪلب اڳيان هنيل ڪيمپ به پوليس پٽي ڇڏي، ٽيون ڏينهن حيدرآباد ۾ به ليکڪن، ساڃاهه وندن، وڪيلن، انساني حقن جي ڪارڪنن ۽ سياسي ڪارڪنن سنڌ ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ جبري گمشدگين خلاف بک هڙتال ڪئي.
انساني حقن جو عالمي چارٽر هجي يا 73ع وارو ملڪي آئين هر ماڻهوءَ  کي پنهنجي سوچ آهر اظهار راءِ جي آزادي حاصل آهي ۽ اظهار راءِ جي آزادي بنيادي انساني حق به آهي. دنيا جي قومن ۾ اهي ملڪ ۽ معاشرا ئي ڪنڌ اوچو ڪري هلي سگهڻ جهڙا هوندا آهن. جتي جي شهرين کي اظهار راءِ جي آزاديءَ جهڙو بنيادي حق  بنا ڪنهن رنڊ روڪ جي حاصل هوندو آهي. سو انساني حقن جي ڀڃڪڙي  ڪو فرد ڪري، تنظيم ڪري يا ڪو ادارو ۽ حڪومت ئي ڇو نه ڪري، اهو ڏوهه آهي. جنهن بابت قانون ۽ آئين موجب پڇاڻو ٿيڻ گهرجي.
هر ڏوهه جي سزا جزا جو طريقيڪار قانون ۾ موجود آهي، جيڪي ماڻهو کنڀي گم ڪيا وڃن ٿا، اهي واقعي به  ڪنهن ڏوهه جا جي ڏوهاري آهن، انهن  خدانه خواستا جي  اهڙو ڪو ڏوهه ڪيو آهي، جيڪو رياست جي خلاف آهي يا ملڪ دشمنيءَ جي  زمري ۾ اچي ٿو ته بجاءِ انهن کي کنڀي گم ڪرڻ ۽  دنيا  ۾ ملڪ کي بدنام ڪرڻ جي ۽ ڏٺو  ڪرڻ جي بهتر ٿيندو ته انهن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي، کنڀي گم ڪرڻ بدران سندن خلاف عدالتن ۾ ڪيس هلائڻ گهرجي، جي واقعي به ڪو ڏوهه جو ڏوهاري ثابت ٿئي ته عدالت ذريعي اُن کي سزا اچڻ جي عمل تي ايئن ممڻ نه مچندو، جيئن هن معاملي تي سڄي ملڪ ۾ متلُ آهي.
جيئن هر شهري قانون تي عمل جو پابند آهي، بلڪل ايئن ئي حڪومت تي ادارن تي ۽ بااثرن تي به  قانون جو احترام لازم آهي پر بدقسمتيءَ سان اسان وٽ قانون بس رڳو ڪمزورن لاءِ آهي، ڏاڍا قانون تي عمل ڪن يا نه، شينهن کان ڪير پڇي ته تنهن جي وات ۾ ڌپ آهي.
افراتفري، بي چيني، غير يقيني ۽ بحراني ڪيفيت اتي ئي جنم وٺندي آهي، جتي فرد ۽ ادارا قانون کان مٿانهان هوندا آهن، پر جن معاشرن ۽ ملڪن ۾ قانون جي نظر ۾ سڀ شهري برابر هوندا  آهن، حڪومت هجي يا ادارا ۽ فرد سڀ جا سڀ قانون جي تابع نه رڳو هوندا آهن پر واقعي به پاڻ کي قانون جي تابع سمجهندا آهن ۽ قانون جو احترام ڪندا آهن، انهن معاشرن ۾ پنهنجا ماڻهو پاڻ ئي کڻي گم ڪرڻ جو اهڙو رواج ناهي. جهڙو اسان وٽ اڄ ڪلهه پيو  نظر اچي ٿو،
اڄ پاڪستان ڪيئي ڏيهي ۽ پرڏيهي للڪارن جي منهن ۾ آهي، اهڙي صورتحال ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين سان ڏيهان ڏيهه ملڪ جي نيڪ نامي نه پر بدنامي ئي ٿيندي سو اهڙا عمل جيڪي ملڪ جي بدناميءَ جو سبب بڻجن، تن کان پاسو ڪرڻ گهرجي. هڪ ته ڏوهه ٻڌائڻ بنا ماڻهن کي کنڀي گم ڪرڻ ڇڏڻ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزي آهي، ٻيو وري اهڙين گمشدگين خلاف احتجاج جو حق ماڻهن کان کسڻ ان کان به وڌيڪ انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي، جيڪي ماڻهو ڪن به سببن جي ڪري کڻي گم ڪيا ويا آهن، سي هن ملڪ جا  شهري آهن، بهتر ٿيندو ته انهن کي دليل جي بنياد تي سمجهائي جيڪو درست رستو سمجهيو وڃي ٿو، تنهن تي  آندو وڃي، پر سندن خلاف ڪارروائي  لاءِ قانون بدران غيرقانوني راهه اختيار ڪرڻ ڪنهن به ريت ملڪ ۽ معاشري لاءِ بهتر ڳالهه ناهي.
(روزاني عوامي آواز)
ڇنڇر 26 مئي 2018ع، 10رمضان المبارڪ 1439 هه

Friday, May 25, 2018

مدنيء ﷺ جا موتي ؛ صدقو ڪندا ڪريو



نبي  ڪريم صلی الله علیہ وسلم  جن جو ارشاد مبارڪ ؛
         تَصَدَّقُوا، ‏‏‏‏‏‏فَإِنَّهُ يَأْتِي عَلَيْكُمْ زَمَانٌ يَمْشِي الرَّجُلُ بِصَدَقَتِهِ
            فَلَا  يَجِدُ مَنْ يَقْبَلُهَا، ‏‏‏‏‏
صدقو ڪندا ڪريو،بيشڪ اهڙو زمانو به ايندو جو ماڻهو صدقو کڻي گھمندو پر ان کي قبول ڪرڻ وارو نه لڀندو.
صحيح  بخاري؛حدیث نمبر ؛ 1411

هدايت جو رستو؛ کائو ۽ پيئو ۽ اجايو نه وڃايو



یٰبَنِیۡۤ اٰدَمَ خُذُوۡا زِیۡنَتَکُمۡ عِنۡدَ کُلِّ مَسۡجِدٍ وَّ کُلُوۡا وَ اشۡرَبُوۡا وَ لَا تُسۡرِفُوۡا ۚ اِنَّہٗ لَا یُحِبُّ الۡمُسۡرِفِیۡنَ
اي آدم جا اولاد سڀڪنھن نماز مھل پنھنجي زينت (جي پوشاڪ) ڍڪيو ۽ کائو ۽ پيئو ۽ اجايو نه وڃايو، ڇوته الله اجائي وڃائيندڙن کي دوست نه رکندو آھي
                                                                                                                                                                  (سورت اعراف آيت 31)
O children of Adam, take your adornment at every masjid, and eat and drink, but be not excessive. Indeed, He likes not those who commit excess.