Friday, June 28, 2019

عوام جا مسيحا ۽ ويچارو عوام!



شفيق الرحمان شاڪر
انهن مان سڀ جا سڀ چون ٿا ته کين عوام جي غم ۾ گراه ئي نڙِيء تان نٿو لهي ۽ قوم جي درد ۾ سندن سَنڌ سَنڌ ساڻو ٿي پيو آهي.انهن مان هڪڙا اهي آهن جيڪي تازو عوام کي تبديليء جو نعرو ڏيئي ۽ احتساب جو چورن وڪڻي اقتدار جي ڪرسيء تي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن.ٻيا اهي آهن جيڪي گذريل ٽيهن سالن کان ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ڪرسين سان چنبڙي اقتدار جا مزا ماڻيندي عوام جي قسمتن جا فيصلا ڪندا رهيا آهن.تبديليء جي دعويدارن کي تخت ۽ تاج سنڀاليندي لڳ ڀڳ سال ٿيڻ وارو آهي پر هيستائين عوام کي رڳو سندن وڏيون وڏيون ڳالهيون، عظيم الشان تقريرون ۽ پرجوش نعرا ئي ٻڌڻ نصيب ٿيا آهن.تبديلي ۽ خوشحاليء جو خواب ته رهيو پنهنجي جڳهه تي پر هنن ته غريبن کان ٻن وقتن جي ماني به کسي ورتي آهي.مهنگائيء اهڙو ته اڌم مچايو آهي جو خدا ڏي پناه!تبديلي اهي ڇا آڻيندا جو انهن مان اڪثر اهي ئي چهرا آهن جيڪي ماضيء جي حڪومتن جو حصو بڻجي سمورن عوام دشمن منصوبن ۽ غريب مار پاليسين ۾ شامل ۽ شريڪ رهيا آهن.”سو ڪوئا کائي ٻلي هلي آ حج ڪرڻ!“ عوام اڄ جنهن ڪسمپرسي ۽ عذاب وارين حالتن مان گذري رهيو آهي انهيء جا اهي به اوترائي ذميدار آهن جيترا ماضيء جا ٻيا حڪمران.ڇا رڳو پارٽي بدلائڻ يا حڪومت جو اتحادي بنجڻ سان انهن جون سموريون سوچون، ذهنيت ۽ رويا به بدلجي ويا آهن؟اهي اهڙا ئي آهن جهڙا اڳ هئا.عام خلق خدا کي ڪيڙا ۽ ماڪوڙا ۽ پنهنجو پاڻ کي زمين جي اتم ۽ اعليٰ مخلوق سمجھڻ وارا.هن وقت سندن ڳالهيون ٻڌو ته چورن کي نه ڇڏينداسين،انهن کي چوڪن ۽ چوراهن تي ڦاهيون ڏينداسين،انهن کي جيل ۾ وجھنداسين ۽ لٽيل پئسو واپس وٺنداسين،هي ڦري ويا،هو لٽي ويا،ملڪي خزاني جو ڏيوالو ڪڍي ويا،معيشت جو خانو خراب ڪري ويا،وغيره وغيره.وري وٽانئن پڇجي ته هيستائين اوهان ڪيو ڇا آهي،ڪيترن کي سزائون مليون آهن،ڪيترن کان واپس وصولي ٿي آهي،ڪيترن جون ملڪيتون ضبط ٿيون آهن ته جواب ۾ ڪجهه به ڪونهي.اصل ۾ اهي احتساب ڪرڻ نه پر عوام کي احتساب جي بتيء پويان لڳائي وقت ٽپائڻ گھرن ٿا.جيڪر اهي واقعي احتساب ڪرڻ ۾ سچا هجن ها ته ان جي شروعات حڪومت ۾ ويٺل انهن وزيرن ۽ مشيرن کان ڪن ها جن تي ڪرپشن ۽ بدعنوانيء جا الزام آهن ۽ جيڪي ماضيء جي حڪومتن ۾ به حڪومتي عهدن تي رهيا آهن.ڪڏهن چون ٿا ته احتساب نيب نه پر اسان ڪري رهيا آهيون ته ڪڏهن چون ٿا ته نيب کي آزاد ۽ خود مختيار ادارو بنايو ويندو،ڪڏهن چون ٿا ته نوان قانون ۽ ڪميشنون ٿا جوڙيون،ڪڏهن جاچ ڪميٽيون ٿيون جڙن ته ڪڏهن وري ميثاق معيشت جو راڳ ٿو آلاپيو وڃي.ڪڏهن ڊاڙون ٿا هڻڻ ته ته ڏوهارين لاء پروڊڪشن آرڊر هرگز جاري نه ڪيا ويندا ته ٻئي ڏينهن جمهوريت جي وسيع تر مفاد ۾ اهي آرڊر به جاري ڪيا وڃن ٿا.ايترا ته ٽاسڪ فورس،ڪميٽيون ۽ ڪميشنون جڙي چڪيون آهن جو ڳڻڻ کان پري آهن.مشيرن ۽ معاونن جو ميلو متو پيو آهي پر نتيجو ٻڙي!وري اوچتو ئي اوچتو سياسي اسڪرين تي اچي اعلان ٿا ڪن ته ڏوهارين کي اين آر او هرگز نه ڏنو ويندو.ڇا پاڪستاني عوام انهن کي اين آر او ڏيڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي يا کين ڪير ان اين آر او ڏيڻ لاء مجبور ڪري رهيو آهي؟ اهي عوام سان ڳجھارتن ۾ ئي ڇو ٿا ڳالهائين؟ سڄي ۽ سڌي ڳالهه ماڻهن کي ڇو نٿا ٻڌائين ته ڪير ايڻ آر او گھري رهيو آهي ۽ ڪير انهن کي اين آر او ڏيڻ لاء دٻاء وجھي رهيو آهي؟هاڻي ماڻهو روز روز انهن جو اهي ورجايل ڳالهيون ٻڌي بيزار ٿي پيا آهن.فلاڻي کي ٻاهرئين ملڪ مان واپس آندو ويندو.فلاڻي جي واپسيء لاء برطانيا سان معاهدو ٿي چڪو آهي،فلاڻي هنڌ فلاڻي جي هيتري ملڪيت آهي.بس اهي ئي قصا ڪهاڻيون ۽ هڪ عجيب تماشو متل آهي. جيڪي ملزم هن وقت ملڪ ۾ اوهان جي اکين سامهون آهن انهن کان هيستائين ڇا وصول ڪري سگھيا آهيو جو هليا آهيو ٻاهرين ملڪن مان ماڻهو واپس ڪرڻ!سچ اهو آهي ته انهن حڪمرانن ۾ نه ته سچي پچي احتساب جي جرئت آهي ۽ نه ئي اهڙي ڪا نيت.اهي بس ايئن ئي ڦوڪون هڻي، ڳالهين جا ڌماڪا ڪري ،ٻين رياستي ادارن جي ڪاروائين جو ڪريڊٽ کڻي، ماڻهن کي دوکي ۾ رکي پنهنجو وقت پورو ڪرڻ گھرن ٿا.پر ان طريقي سان اهي پنهنجو وقت پورو ڪري نه سگھندا.جيڪر انهن به ملڪ ۾ ڪو سچو پچو انصاف وارو نظام قائم ڪرڻ جي ڪا سنجيده ڪوشش نه ڪئي ته عوام انهن کي به کڻي تاريخ جي ڪنهن گند واري ڍير ۾ ڦٽي ڪري ڇڏيندو ۽ احتساب ته نيٺ ٿيڻو آهي.احتساب هڪ نهايت ئي ڏکيو عمل آهي ۽ اهو انهن جي وس جي ڳالهه ناهي،انهن نااهلن کان ته روزمره جا حڪومتي معاملا ئي نٿا هلن.سندن پنهنجي پارٽي جا اڳواڻ توڙي سندن اتحادي روزانو هڪ ٻئي جي ڄنڍا پٽ مان ئي واندا ناهن.سندن حڪومت ۾ ويٺل ڪجهه نادان دوستن هوندي کين ٻئي ڪنهن دشمن جي ڪهڙي ضرورت آهي!
هاڻي اچون ٿا هڪ ٻئي گروهه طرف جيڪي گذريل ٽيهن سالن کان ملڪ جي ڪاري ۽ اڇي جا مالڪ رهيا آهن ۽ هن مظلوم قوم تي سدائين واري وٽيء سان خدائي عذاب بڻجي ڪڙڪندا رهيا آهن انهن کي هن وقت عوام جا سور سمهڻ نٿا ڏين.سڀ جا سڀ قومي ادارا تباهه ڪيائون،معيشت جو جنازو ڪڍيائون،زراعت جي ستيا ناس ڪري چڪا،تعليم ۽ صحت جي شعبن کي برباد ڪري ويٺا،سڄي دنيا مان نااهل ترين ماڻهو ادارن ۾ ڀرتي ڪري ادارن کي سڪرات ۾ وجھي ويا.قرضن مٿان قرض پر عوام کي بک.بيمارين ۽ بدحالين سواء ٻيو ڇا نصيب ٿيو؟زڪوات ۽ بيت المال جا ڏوڪڙ هضم،مزدورن جي ويلفيئر فنڊ جا پئسا پنهنجن پيٽن ۾،اسڪيمن جون اسڪيمون ميدان تي اچڻ کان اڳ سڄي جون سڄيون ڳوري ويا.ڪمپنين جي راند،هائوسنگ اسڪيمن جو کيل،ڪوڙا بينڪ اڪائونٽ،مني لانڊرنگ ڪري سمورو پئسو ٻاهرين ملڪن ۾ جمع،جعلي دوائون ايستائين جو پوليو جا ڦڙا به نقلي،خدايا! هيء ڪهڙي مخلوق آهي جنهن کي ڪجهه به خدا جو خوف نٿو ٿئي،هي ڪهڙي هوس آهي جنهنجو ڪو انت ئي ناهي.امن امان جي حالت اها ڪيائون جو ڪراچيء جهڙي بين الاقوامي شهر ۾ روزانو ڏهه پندرهن لاش ڪرندا هئا.انهن عظيم ڪارنامن ۽ شاهڪارن سواء سندن سياسي ڪيريئر ۾ ڪجهه ٻيو هجي ته ضرور ٻڌايو.ان سموري عرصي دوران جيڪر ڪو سڌارو آيو ته رڳو ان اشرافيا جي ڪاروبارن ۾ سڌارو آيو ۽ جيڪر ڪا ترقي ٿي ته رڳو سندن بينڪ بيلنس ۽ مالي اثاثن ۽ جائدادن ئي ترقي ڪئي.ٻيو ته ٺهيو پر ايڏي عرصي ۾ ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي به مهيا نه ڪري سگھيا.خانداني سياست،موروثي اقتدار،نظرين جو موت،اصولن جو جنازو،گڏيل بي حسي ۽ بيدردري،طاقت ۽ دولت جي هوس اها ئي انهن جي سياسي ڪنٽريبيوشن ۽ اها ئي انهن جي نام نهاد جمهوريت آهي. نيٺ وقت جي ڪنهن سنگدل وهڪري کين کڻي عبرت جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڦٽو ڪيو آهي جتي اهي روئي ۽ پٽي به رهيا آهن ته آهون ۽ زاريون به ڪري رهيا آهن.پنهن جي اقتداري دورن جا شاندار ڪارناما به بيان ڪري رهيا آهن ته ساڳئي وقت دڙڪا ۽ ڌمڪيون به ڏيئي رهيا آهن.عوامي درد ۾ دانهون به ڪري رهيا آهن ۽ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ وچان پنهنجون آڱريون به چٻاڙي رهيا آهن.سندن وقعت اها جو مٿان ايندڙ رڳو هڪڙي ميسيج تي اسيمبلين ۾ سمورو گوڙ شور ڇڏي سٺا ٻار بڻجي ويهن ٿا.تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اهي پنهنجو پاڻ کي بيوس ۽ اڻ لاڳاپيل محسوس ڪري رهيا آهن.اقتدار،دولت ۽ طاقت جي نشي ۾ مدهوش ٿي عوام تي ظلم ۽ ستم جا جبل ڪيرائيندڙ اها مخلوق هن وقت پاڻ جڏهن حالتن جي جبر ۽ وقت جي ورتاء جو شڪار بڻي آهي ته کين پتو لڳو آهي ته محرومين جو احساس ڪيئن نه جان ڳاريندڙ آهي!هاڻي اهي مزاحمت جا علمبردار به آهن ته عوامي حقن جا محافظ به بڻيل نظر اچن ٿا.جمهوريت جا چيمپين به ٿي پيا آهن ته نظرين ۽ اصولن جا امين پڻ! اهي سڀ هاڻي نظرياتي بڻجي ويا آهن.حبيب جالب ۽ فيض احمد فيض جا گيت جھونگاريندي نظر اچن ٿا .سندن مطالبو آهي ته پويون حساب ڪتاب بند ڪري اڳتي وڌڻ گھرجي،جيڪا به ماضيء ۾ ڦرلٽ ٿي اهو کاتو ختم ڪري نئون اڪائونٽ کولڻ گھرجي.سندن نظر ۾ نه ته احتسابي ادار درست آهن ۽ نه ئي عدالتون انصاف ڪري رهيون آهن.سندن چوڻ آهي ته سندن خلاف سياسي طور تي انتقامي ڪاروائيون ٿي رهيون آهن،سندن ڪردار ڪشي ڪئي پيئي وڃي،سندن شاندار ڪارنامن ۽ عظيم خدمتن جو قدر نه پيو ڪيو وڃي.کين هروڀرو بدنام ڪيو پيو وڃي.هو چون ٿا ته پهرين ڪو ثابت ته ڪري ڏيکاري ته اسان چوري ڪئي آهي.اهو ثابت ڪرڻ واقعي ڏکيو آهي جو انهن جيڪي ڪجهه به ڪيو سو اهڙي ته چالاڪي ۽ هٿ جي صفائيء سان ڪيو آهي جو جاچ ادارن کي انهيء کر پير لهڻ لاء صدين جي محنت درڪار ٿيندي پراهي هڪڙي ڳالهه وساري ٿا ويهن ته هن دنيا ۾ هڪڙو ڪائناتي اڻ ٽر قانون به آهي جيڪو فطرت  جي ابدي اصولن هيٺ ڪم ڪري ٿو،انهيء قانون موجب هر چڙهندر سج جي نصيب ۾ لهڻ ۽ هر عروج کي هڪ زوال آهي ۽ فطرت جي ان قانون کي ڪنهن جي خواهشن هيٺ تبديل ڪري نٿو سگھجي.
(روزاني هلال پاڪستان)

چيف جسٽس جون اميد ڏياريندڙ ڳالهيون.



شفيق الرحمان شاڪر
چيف جسٽس جناب آصف سعيد کوسا صاحب فيڊرل جوڊيشل اڪيڊمي اسلام آباد  ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي جيڪي وڻڻدڙ ڳالهيون ڪيون انهن سان هن گھٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ اميد جي ڪا ٿڌي هوا محسوس ٿي آهي.هن جو چوڻ هو ته هن وقت ملڪ ۾ جيڏانهن ڏسجي ٿو رڳو مايوسي ۽ ڊپريشن نظر اچي ٿي.هڪ طرف ملڪ جون موجوده معاشي حالتون تمام خراب آهن ته ٻئي طرف پارليامينٽ طرف ڏسجي ٿو ته اتان به ڪا سٺي خبر نه پيئي اچي بلڪه حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبر هڪ ٻئي سان وڙهندي نظر اچن ٿا.هن چيو ته هو ان تي تبصرو نٿو ڪري ته انهيء خراب معاشي صورتحال جو ذميدار ڪير آهي پر حقيقت آهي ته عوام کي انهن حالتن تي سخت ڊپريشن آهي،جڏهن ان ڊپريشن کان بچڻ لاء ڪرڪيٽ جي ميدان طرف منهن ڪجي ٿو ته اتي به ڊپريشن ئي وڌي ٿي.هن جو چوڻ هو ته مايوسين ۽ ڊپريشن واري ان ماحول ۾ هن وٽ قوم کي ٻڌائڻ لاء ڪجهه خوشخبريون آهن جن جو تعلق اسان جي عدالتي نظام سان آهي. هن چيو ته سندس خيال مطابق ملڪ جي عدالتي نظام ۾ شروع کان ئي ٻه بنيادي ۽ اهم خاميون موجود رهيون آهن جن مان هڪڙي  انصاف ۾ دير جڏهن ته ٻي ڪوڙيون شاهديون آهن.هن چيو ته انهن خامين متعلق مختلف موقعن تي مختلف جج صاحب پنهنجن مختلف فيصلن ذريعي  آگاهه ڪندا رهيا آهن پر ان رخ ۾ بدقسمتيء سان ڪو خاص ڪم نه ٿي سگھيو.اسان خدا جي فضل سان ان طرف ڌيان ڏنو ۽ اسان جي ان معاملي ۾ پوري ڪميٽمينٽ آهي ته ان نظام ۾ بنيادي تبديليون آنديون وڃن.هن سوال ڪيو ته اسان جي سماج ۾ جڏهن ڪنهن ڏوهاريء کي جيل جي سيخن پويان موڪليو وڃي ٿو ته انهيء تي ماڻهو خوشيون ته ملهائين ٿا پر ڪڏهن ڪنهن اهو به سوچيو آهي ته ڇا اهو  واقعي انصاف جي اصولن مطابق جيل ويو يا کيس بي گناهه سزا ڏني ويئي؟ سندس پوين يعني گھر ۽ ٻارن جو ڇا ٿيندو؟ سندس ٻارن جو آخر ڪهڙو قصور آهي؟ ڇا سندس گھر ۾ ٻارن جو پيٽ پالڻ وارو ڪو موجود آهي يا نه؟ اهي آخر ڪهڙيون سماجي حالتون آهن جيڪي ڪنهن ماڻهوء کي ڏوهه ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿيون؟ اهي اهڙا سوال آهن جن جو جواب اسان اڄ تائين ڳولهڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي.هن چيو ته انصاف ۾ دير انصاف کان انڪار جي مثال آهي  جڏهن ته سڀني کي خبر آهي ته ماڻهو قرآن تي حلف کڻي به عدالتن ۾ ڪوڙ ڳالهائين ٿا.انهيء ڪري اسان جو سمورو ڌيان ان طرف رهيو ته انهن ٻنهي معاملن کي انصاف مطابق بنائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.هن چيو ته عدالتن ۾ ڪوڙيون شاديون پيش ڪرڻ نهايت ئي سنگين معاملو آهي. جڏهن هرڪو مڃي ٿو ته عدالتن ۾ ڪوڙ ڳالهايو وڃي ٿو ته پوء ڇا انهيء بنياد تي سمورن ڏوهارين کي باعزت بري ڪري ڇڏجي يا وري انهن ڪوڙين گواهين جي بنياد تي بي گناهن کي سزائون ڏنيون وڃن؟هن چيو ته ظاهر آهي ته اهي ٻئي حالتون قابل قبول ٿي نٿيون سگھن ان ڪري ضرورت هئي ته عدالتي قانون ۾ اها ڳالهه شامل ڪئي وڃي ته ڪنهن به ماڻهوء خلاف ڪوڙي شاهدي وارو معاملو ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ کيس جوڳي سزا ڏني وڃي ته جيئن ڪوڙين شاهدين واري عمل جي حوصلا شڪني ڪري سگھجي.ماڻهن کي تڪڙو انصاف مهيا ڪرڻ متعلق چيف جسٽس جو چوڻ هو ته ان سلسلي ۾ ڪيئي اهم قدم کنيا ويا آهن جن جا اهڙا ته مثبت نتيجا سامهون آيا آهن جن جي ايتري اميد هن کي  پاڻ به نه هئي.سندس چوڻ هو ته ڪرمينل سائيڊ جا اٽڪل سمورا ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ حل ٿي چڪا آهن ۽ هاڻي سول سائيڊ جا ڪيس تڪڙا اڪلائڻ طرف ڌيان ڏنو پيو وڃي.هن چيو ته ماڊل ڪورٽون قائم ڪرڻ جا نهايت ئي همت افزا نتيجا نڪتا آهن ۽ هاڻي پوري ملڪ جي هر ضلعي اندر گھٽ ۾ گھٽ هڪ ماڊل ڪورٽ قائم ڪئي پيئي وڃي ته جيئن ماڻهن کي آسان ۽ تڪڙو انصاف پلئي پئجي سگھي.هن چيو ته اي ڪورٽ وارو نظام نه رڳو ماڻهن لاء سهوليتون پيدا ڪندو پر ڪيس سان تعلق رکندڙ ڌرين جي مالي خرچن ۾ به گهڻي گھٽتائي ايندي.هن چيو ته اي ڪورٽ جي نظام سان ڪيس هلڻ سواء سماعت ملتوي ٿيڻ جا امڪان بلڪل نه هئڻ برابر رهجي ويندا.چيف جسٽس جينڊر ٽارچر جو ذڪر ڪندي چيو ته اسان جي ملڪ توڙي سموري دنيا ۾ جنسي تشدد جا معاملا تيزيء سان وڌيا آهن جن ۾ ڪمزور جنس کي نه رڳو آسانيء سان تشدد جو نشانو بنايو وڃي ٿو پر عورتن لاء عدالتن جو ماحول ايترو ته اوپرو ۽ اڻ وڻندڙ آهي جو اهي تشدد سهڻ باوجود عدالتن ۾ اچڻ لاء راضي نٿيون ٿين.اهي مرد ججن توڙي مرد وڪيلن جي وچ ۾ پنهنجي دل جي ڳالهه زبان تي آڻن کان ڪترائين ٿيون ان ڪري فيصلو ڪيو ويو آهي ته ملڪ جي هر ضلعي ۾ جنسي تشدد خلاف عورتن لاء هڪ خاص قسم جي عدالت قائم ڪري رهيا آهيون جنهن جو ماحول عام عدالتن کان بلڪل مختلف هوندو ۽ جتي جنسي يا گھريلو تشدد جو نشانو بڻيل عورتون نه رڳو آزاديء سان پنهنجو فرياد ٻڌائي سگھنديون پر کين تڪڙو ۽ ترت انصاف به ملي سگھندو.ٻارن تي ٿيندڙ تشدد يا وري ٻارن طرفان ٿيندڙ ڏوهن جي لاء به ملڪ جي هر ضلعي ۾ ٻارن جي هڪ الڳ عدالت قائم ڪئي پيئي وڃي جتي عدالت بدران  ٻارن کي بلڪل گھر وارو ماحول مهيا ڪيو ويندو . هٿرادو ذهانت جو ذڪر ڪندي جناب کوسا صاحب جو چوڻ هو ته پوري دنيا ۾ هٿرادو ذهانت يعني آرٽيفيشل انٽيليجنس واري ٽيڪنالاجيء مان ڀرپور فائدو ورتو پيو وڃي ان ڪري اسان به فيصلو ڪيو آهي ته ملڪ جي عدالتي نظام ۾ پڻ ان ٽيڪنالاجيء کي استعمال ڪيو وڃي.انهيء ٽيڪنالاجيء جي مدد سان دنيا توڙي ملڪ جي مکيه عدالتي فيصلن جي سموري ڊيٽا کي ڪمپيوٽر ۾ فيڊ ڪيو ويندو ۽ جڏهن به ڪنهن اهم ڪيس جو فيصلو ٻڌايو ويندو ته ان  سافٽ ويئر جي مدد سان معلوم ڪري سگھجي ٿو ته ان معاملي جو درست فيصلو ڇا هئڻ گھرجي.هن چيو ته ان جو مطلب اهو ناهي ته ڪيسن جا فيصلا ڪمپيوٽر کان ڪرايا ويندا بلڪه اطمينان خاطر هٿرادو ذهانت جي مدد حاصل ڪئي ويندي ته جيئن فيصلن ۾ غلطيء جي گنجائش گھٽ ۾ گھٽ ٿئي.اهڙيء طرح چيف جسٽس صاحب ٻين به ڪيترن ئي عدالتي سڌارن ۽ قدمن جو ذڪر ڪيو جنهن مان محسوس ٿئي ٿو ته پاڪستان جي هاڻوڪي چيف جسٽس جو سمورو ڌيان ڪجهه نمائشي شين ۽ قدمن بدران عدالتي نظام ۾ بنيادي سڌارن ۽ مظلومن کي ترت انصاف مهيا ڪرڻ تي لڳل آهي جنهن ڪري اميد ڪري سگھجي ٿي ته پنهن جي مختصر دور ۾ هو عدالتي نظام ۾ ڪجهه اهڙا بنيادي سڌارا ڪري ويندو جن کي نه رڳو هڪ ڊگھي عرصي تائين ياد رکيو ويندو پر لکين بي پهچ مظلومن ۽ لاچارن جون دعائون به سندس حصي ۾ اينديون..
(روزاني هلال پاڪستان)

Wednesday, June 26, 2019

معيشت جي ميثاق طرف اڳڀرائي!




شفيق الرحمان شاڪر
ملڪ جي هاڻوڪي معاشي بي يقنيني ۽ سياسي چٽا ڀيٽيء جو آخر ڪار حل اهو ڳولهي لڌو ويو آهي ته ميثاق معيشت جي نالي ۾ حڪومت ۽ ٻن اهم مخالف جماعتن جي احتساب ۾ ڦاٿل قيادت جي وچ ۾ هڪڙو” باعزت“ معاهدو ٿئي جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جي ڪجهه ”ساک“ به بچي ۽ ٻنهي جي هڪ ٻئي مان جان به ڇٽي پوي.حڪومت ۽ انهن مخالف پارٽين جي قيادت جي جھيڙي جو مثال ايئن آهي جيئن ٻه همراهه درياء جي ڪناري سير سفر ڪري رهيا هئا ته هڪ همراه کي ڪو ڪمبل درياء ۾ ترندي محسوس ٿيو،همراهه هو لالچي سو بنان دير جي ڪمبڪل حاصل ڪرڻ لاء درياء ۾ گھڙي پيو.جڏهن هو ڪمبل جي ويجھو ويو ته خوف وچان سندس رنگ پيلو ٿي ويو جو اهو اصل ۾ ڪمبل نه پر هڪ رڇ هو جنهن کي سخت سرديء بي حال ڪري رکيو هو ۽ منجهس ايتري پهچ نه رهي هئي جو تري ڪناري تي پهچي سگهي.همراهه جيئن ئي رڇ جي ويجھو ويو ته ٻئي هڪ ٻئي سان ٻکين پئجي ويا،ڪڏهن رڇ هيٺان ته ڪڏهن همراهه هيٺان،مطلب ته جڏهن گھڻي دير بعد به ان ڇڪتاڻ جو ڪو نتيجو نه نڪتو ته جيڪو همراهه ڪناري تي سڄو تماشو ڏسي رهيو هو تنهن رڙ ڪندي پنهنجي دوست کي چيو ته ميان! ڪمبل مان هٿ ڪڍ،اجايو ڪمبل پويان پنهنجو پاڻ کي ٻوڙي نه وجھين! ڦاٿل همراهه نهايت بيوسيء سان جواب ڏنو ته ادا! آئون ته ڪمبل مان هٿ ڪڍڻ لاء تيار آهيان پر ڪمبل به ته مون مان هٿ ڪڍي! سو حڪومت ۽ اپوزيشن جو حال به اهو ئي آهي.هاڻي اهي هڪ ٻئي مان اهڙو ته بيزار ٿي پيا آهن جو ٻنهي جي خواهش آهي ته ڪو هجي جو ٻنهي کي هڪ ٻئي مان هٿ ڪڍرائي.سو هٿ ڪڍرائيندڙن ٻنهي ڌرين تي رحم کائيندي هٿ ڪڍرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.اٽڪل اسي سيڪڙو شيون طيء ٿي چڪيون آهن ۽ باقي رهيلن لاء به گھڻو امڪان آهي ته ڪجهه ڏينهن ۾ ئي طيء ٿي وينديون.بس پوء هر طرف سک ۽ چين جي بانسري وڄڻ شروع ٿي ويندي ۽ ملڪ ۾ معاشي خوشحاليء جو ”انقلاب“ اچي ويندو.تجزيا نگارن موجب انهيء معاهدي هيٺ ميان نواز شريف ،آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي سياست هميشه لاء ختم ٿي ويندي  ۽ اهي ڪجهه ڏوڪڙ پئسا ڏيئي پرديس ۾ سڪون جي زندگي گذاريندا جڏهن ته مريم نواز ايندڙ چئن سالن تائين سياست ۾ حصو نه وٺندي،ان دوران هوء ملڪ کان ٻاهر ۽ اندر ايندي ويندي رهندي پر حڪومت جي لاء ڪوبه مسئلو پيدا نه ڪندي.شهباز شريف،حمزا شهباز ۽ بلاول ڀٽو سياست ۾ رهندي حڪومت جي فرينڊلي اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪندا ۽ قانون سازيء ۾ حڪومت جي مدد ڪندا.اهو ٿورو گھڻو گوڙ شور ۽ هڪ ٻئي جي مخالفت ٿيندي رهندي پر انهيء معاهدي هيٺ هاڻوڪي حڪومت کي رهيل چئن سالن جو عرصو مڪمل ڪرڻ ڏنو ويندو.”ميثاق معيشت “ ڪهڙي ڪيميا آهي جنهن ۾ ملڪ جي سمورن معاشي مشڪلن،مهنگائي  ۽ مصيبتن جو حل آهي؟ نه ته اپوزيشن جيڪا انهيء عظيم انعام جي آفر ڪري چڪي آهي اهائي ڪجهه ان بابت ڪي تفصيل ٻڌائي رهي آهي ۽ نه ئي حڪومت جيڪا ان تي وزير اعظم جي رضامندي ظاهر ڪري رهي آهي اها به ڪا وضاحت ڏيڻ لاء تيار آهي ته چئبو ته ڪا ته اهڙي ڳالهه آهي جنهن کي ماڻهن کان لڪائڻ ضروري سمجھيو پيو وڃي.بهرحال نهايت ئي اعتبار جوڳن ذريعن موجب اپوزيشن جون ٻئي اهم جماعتون حڪومت خلاف ڪا فيصلا ڪندڙ عوامي تحريڪ هلائڻ جي موڊ ۾ ناهن ۽ نه ئي پيپلز پارٽي پنهنجي سنڌ حڪومت وڃائڻ گھري ٿي.نواز ليگ جي ڪجهه اڳواڻن کي ڇڏي ڪري انهن جي اڪثريت پنهنجي اسيمبليء جي سيٽ قربان ڪرڻ لاء هرگز تيار ناهي.اهو ضرور آهي ته نواز ليگ ۾ موجود مريم نواز گروپ جيئن ته هن وقت حڪومت کان ٻاهر آهي ان ڪري انهن جي پاليسي مولانا فضل الرحمان جي حڪومت مخالف پاليسيء سان متفق آهي. جيڪي تجزيا نگار شهباز شريف جي بيانيي کي نواز شريف جي بيانيي کان الڳ ڪري پيش ڪري رهيا آهن اهي اهو ٻڌائين ته ڇا ميان شهباز شريف ۾ ايتري جرئت آهي جو ميان نواز شريف کي اعتماد ۾ وٺڻ سواء ميثاق معيشت جي آفر ڪري سگھي؟سو ٻئي شريف ڀائر انهيء ميثاق جو حصو آهن،رهيو سوال مريم نواز جي سياست جو ته اها شروع کان جن ماڻهن جي وڪڙ ۾ آيل آهي اها اڃا تائين کيس گمراهه ڪري رهيا آهن ۽ شايد اڃا تائين پوزيشن اها آهي جو ٻئي شريف ڀائر هڪ صفحي تي هئڻ باوجود مريم سامهون بي وس نظر اچن ٿا.البت اهو ضرور آهي ته ميان نواز شريف پنهن جي سياست جي ڪنارا ڪشيء بعد پنهن جي ڌيء کي ئي پنهنجو سياسي جانشين ڏسڻ گھري ٿو ۽ هن کي رڳو ايتري پڪ گھربل آهي ته سندس سياسي رٽائرمينٽ بعد مريم نواز کي پوريء طرح سياست ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي پر حقيقت ۾ مريم نواز جي ورتل مزاحمتي موقف اسٽيبلشمينٽ لاء کيس في الحال قبول ڪرڻ ۾ وڏيون رنڊڪون وجھي ڇڏيون آهن.انهيء ڪري مريم نواز کي عملي سياست ۾ ترت ڪو ڪردار ملي سگھي مشڪل آهي.26 تاريخ تي ٿيندڙ اي پي سي بعد ئي منجھيل صورتحال ڪجهه واضح ٿي سگھندي جو هن وقت حڪومت سان گڏوگڏ اپوزِيشن پاڻ سخت سياسي مونجھارن جو شڪار آهي ۽ انهن مان هر جماعت جو پنهنجو موقف ۽ پنهنجو بيانيو آهي.مولانا صاحب حڪومت کي هڪ ڏينهن به وڌيڪ ڏيڻ لاء تيار نظر نٿو اچي جو هن مطابق “هم جو نهين هين تو ڪڇ ڀي نهين هي“ جڏهن ته زرداري صاحب نهايت ذميداري ۽ احتياط سان سياسي راند کيڏڻ گھري ٿو ۽ سندس رويي ۾ وڌيڪ لچڪ ڏسي سگھجي ٿي.جڏهن ته ميان نواز شريف هر حالت ۾ ملڪ کان ٻاهر وڃڻ گھري ٿو جڏهن ته ميان شهباز شريف همزا سان گڏ پنهنجو سياسي ۽ مفاهمتي  ڪردار اڳتي وڌائڻ گھري ٿو.جڏهن ته مريم نواز پنهنجون سڀ ٻيڙيون ساڙي نه رڳو حڪومت پر رياستي ادارن سان به هر حالت ۾ جھيڙو ڪري پنهنجو سياسي ڪردار متعين ڪرڻ گھري ٿي. اهو معاهدو ٿي ويندو يا وري اپوزيشن يا حڪومت ان کان اوچتو يوٽرن اختيار ڪندي،ڪجهه چئي نٿو سگھجي.ڪهڙي ڌر جي ڪهڙي ڪهڙي خواهش پوري ٿيندي انهيء جو نتيجو ڏسڻ لاء ڪنهن وڏي انتظار جي ضرورت ناهي.ان سموري معاملي ۾ عمران خان ڪٿي بيٺل آهي،سندس مزاحمت دم ٽوڙي چڪي آهي يا اڃا تائين انهيء ئي عروج تي آهي اهو به جلد معلوم ٿي ويندو.البت سياست ۾ هڪڙي ڳالهه طيء ٿيل آهي ته اقدار جي راند ۾ جذبات جي بدران مفادات ئي بنيادي ڪردار ادا ڪندا آهن.
(روزاني هلال پاڪستان 26 جون 2019ع)



Sunday, June 23, 2019

سچائين کي ڏسڻ جا مختلف پاسا.



شفيق الرحمان شاڪر
فرض ڪجي ته اسان جي دماغ ۾ هڪڙي چپ لڳائي ڇڏجي جنهن سان اسان انٽرنيٽ سان ڳنڍجي وڃون،جيتري رفتار اسان جي سوچ جي آهي ان رفتار سان اسان جي معلومات تائين پهچ به هجي، وڪيپيڊيا يا ڪنهن به ٻئي هنڌ جي معلومات سڌي سنئين اسان جي دماغ تائين پهچندي هجي ته پوء ڇا ٿا سمجھو ته سچ ڄاڻڻ وڌيڪ اسان لاء آسان هجي ها؟ بلڪل نه،بلڪه شايد وڌيڪ ڏکيو هجي ها.وڌيڪ ڊيٽا جو مطلب اهو ٿيو ته ان جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ لاء به وڌيڪ وقت گھربل ٿئي ٿو.اها تبديلي هاڻي سچ پچ اچي رهي آهي.دماغ ۾ ڪا چپ ته موجود ناهي پر اوهان معلومات جي هڪ وسيع دنيا هر وقت پنهنجي کيسي ۾ کڻي هلي رهيا آهيو.ڪنهن به وقت ڪنهن به موضوع تي ڪجهه به ڏسي سگھو ٿا پر ايئن ٿو لڳي ته جيتري قدر معلومات ونڊڻ آسان ٿي رهي آهي ايترو ئي سچ ۽ ڪوڙ ۾ فرق ڪرڻ مشڪل بڻجندو ٿو وڃي.
زندگيء جي اها خاصيت آهي ته اسان ان حوالي سان پنهنجن پنهنجن ٻيٽن تي رهون ٿا ۽ سوچ جو فرق به رکون ٿا.نه رڳو قدرن جي حوالي سان پر سچائين جي لحاظ کان پڻ.ان جو بنيادي سبب ڇا آهي؟اسان تائين سڀ جي سڀ معلومات نٿي پهچي پر رڳو اها گھڻي ۾ گھڻي معلومات پهچي رهي آهي جيڪا اسين پسند ڪيون ٿا ۽ اها نئين ملندڙ ڄاڻ سچائيء کان وڌيڪ اسان جي پنهنجي خواهش هوندي آهي.ان ڪري اهو تضاد آهي جو جيتري قدر معلومات تائين پهچ وڌيڪ آسان بڻجي رهي آهي اوتري قدر ئي اختلاف وڌي رهيا آهن.علم جي پري ٿيندڙ انهن ٻيٽن کي ڪيئن روڪجي؟ان جو هڪڙو حصو ته ٽيڪنالاجيء جو ذريعو آهي جنهن تي گوگل ۽ فيس بڪ جا بهترين دماغ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ اهو اهم آهي پر اهو رڳو ٽيڪنالاجيء سان حل ٿيڻ وارو مسئلو ناهي ڇوته اهو مسئلو ٽيڪنالاجيء جو نه پر خالص انساني مسئلو آهي.ان کي حل ڪرڻ لاء اسان کي نه رڳو نفسيات ۽ سياسي سائنس  جي بلڪه فلسفي جي به ضرورت آهي ڇو ته اسان کي اتي هڪ بنيادي خيال طرف موٽڻو پوندو ۽ اهو خيال اهو آهي ته اسان سڀ هڪ گڏيل سچائيء ۾ گڏ رهون ٿا.گڏيل سچائيء ۾ رهڻ جو خيال فلسفي جي ٻين خيالن جيان چوڻ آسان آهي پر جڏهن عمل ڪرڻ جو وارو اچي ٿو ته ڏاڍي ڏکيائي پيش اچي ٿي.انهيء تي عمل لاء وري ٽي شيون ڪرڻيون پونديون جن مان هر شيء ڪرڻ جو پنهنجو چيلينج آهي.پهرين شيء سچ تي يقين هئڻ آهي.اها سوچ هاڻي ڪجهه مشڪل ٿيندي ٿي وڃي.هن وقت سياست ڏسو يا ٻيا سماجي مسئلا،ايئن ٿو لڳي ته ڄڻ حقيقتون موجود ئي ناهن.اسان سڀ پنهنجي پنهنجي سوچ جا قيدي آهيون ۽ پنهنجن تعصب وارن دائرن مان ٻاهر قدم رکڻ لاء قطعي تيار ناهيون.جڏهن به ڪوشش ڪيون ٿا پنهنجي پسند جي ڪانه ڪا معلومات ڪٿان حاصل ٿي وڃي ٿي.جيڪر ايئن آهي ته پوء ان جو مطلب اهو ٿيو ته سچ رڳي ڪا رڃ آهي يا وري ان جي ڪا اهميت ئي ناهي.ٻي سوچ اها آهي ته ” سچ موجود ئي ناهي.“ اها فلسفي ۾ پراڻي سوچ آهي،پوئين صديء ۾ ڪجهه حلقن ۾ اها سوچ مقبول به رهي آهي پر اها هڪ شڪست کاڌل سوچ آهي،سچ کي ڏسڻ ڏکيو ته هوندو پر ناممڪن ناهي.ڪنهن به شيء جي باري ۾ پورو يقين ڪرڻ ته مشڪل آهي پر پوء به اسان ڪيترين ئي شين تي هڪ ٻئي سان سهمت هوندا آهيون.اسان سهمت آهيون ته بندوق ماڻهن کي ماري سگھي ٿي،اسان سڀ ان تي به سهمت آهيون ته انسان پنهنجون ٻانهون ڪيتريون به ڦڙڪائي پر اڏامي نٿو سگھي ۽ اسان سهمت آهيون ته سچائي اسان جي آسپاس موجود آهي ۽ انهيء کي نظر انداز ڪرڻ اسان کي ڇيهو رسائي سگھي ٿو.اتي ڏکيائي ڇا آهي؟ پنهنجن سوچن جي ٺيڪ هئڻ جي پڪ اسان کي سٺي محسوس ٿئي ٿي.ان ڪري اسان پنهن جن سوچن کي ڍڪي ڇڏيندا آهيون ان ڄاڻ جي چادر سان جيڪا انهن کي مضبوطي بخشي ۽ پوء اسان وري پنهن جن پنهنجن جزيرن ۾ خوش رهندا آهيون.ان باري ۾ هڪ تجربو اسان پنهنجو پاڻ ڪري اها سچائي ڏسي سگھون ٿا.اوهان فيس بڪ تي ٻه متضاد خبرون پڙهيون جن مان هڪڙي اوهان جي پسند جي پارٽيء جي حق ۾ جڏهن ته ٻي ان جي خلاف آهي.ڪهڙي خبر تي اوهان بنان سوچڻ سمجھڻ جي اعتبار ڪري وٺندا ۽ ڪهڙي خبر پڙهندي ئي ان جي غلط هئڻ جو شڪ گذرندو؟ان باري ۾ پنهنجي پهرئين رد عمل جو تجزيو ڪري ڏسو ته عام طور تي ”ڪوڙي خبر“ جو مطلب اها خبر هوندي آهي جيڪا مون کي پسند ناهي.ڄاڻڻ جي جرئت به سچائيء تائين پهچڻ لاء اهم آهي.جڏهن انٽرنيٽ جي شروعات ٿي هئي ته ايئن ٿي لڳو ته ان سان اسان لاء پاڻ ڄاڻڻ سولو ٿي ويندو پر هاڻي اسان معلومات ڳولهيون نٿا پر اها پاڻ ئي اسان وٽ پهچيو وڃي.ان سهولت پسنديء جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو اسان سچائين بابت ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ ئي ڇڏي ڏني آهي.سوشل ميڊيا جي اسٽور مان اسان جي پسند جي معلومات اسان کي ملي وڃي ٿي ۽ انٽرنيٽ تي مڪمل طرح ڀاڙڻ جو نتيجو آهي جواسان کي پنهنجي ذهن تي زور ڏيڻو نٿو پوي.هتي سچائين جو هڪ سيٽ ڊائون لوڊ ڪرڻ ۽ انهن کي سمجھڻ ۾ فرق آهي.اهو سمجھڻ ته ڪا بيماري ڇو پکڙجي ٿي؟رياضيء جو ثبوت ڪيئن ڪم ڪري ٿو؟اوهان جو دوست اڄ اداس ڇو آهي؟انهن شين جا جواب ڊائون لوڊ نٿا ٿين.انهن کي سمجھڻ لاء متحرڪ ذهن جي ضرورت آهي.ڪجهه تخليقي صلاحيتن جي ميدان ۾ وڃڻ جي،هڪ وک کڻي ٿيورم ثابت ڪرڻ جي ۽ ڪنهن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي.انهيء جو مطلب اهو ناهي ته گوگل نه ڪيو وڃي يا خبر نه ڏٺي وڃي پر اهو ته معلومات جي پنهنجي ڦوڪڻي مان ٻاهر نڪري به ڏٺو وڃي.پنهنجي معلومات جي ڦوڪڻي ۾ اسان سدائين صحيح هوندا آهيون پر جيڪر اسان ڄاڻڻ جي جرئت ڪيون  ۽ سمجھڻ جي همت ڪيون ته ان جو هڪ ٻيو نتيجو به نڪري سگھي ٿو جنهن کان اسان ڊڄندا آهيون سو اهو ته اسان غلط به ٿي سگھون ٿا.اسان جيڪي گھرون ٿا ۽ جيڪي ڪجهه سچ آهي اهو فرق به سامهون اچي سگھي ٿو.
ٽين شيء علمي انڪساري آهي يعني اهو تسليم ڪرڻ جي بهادري ته اسان سڀ ڪجهه نٿا ڄاڻون ۽ پوء انهيء کان به ڪجهه وڌي ڪري.ان جو مطلب اهو ته اهو تسليم ڪرڻ ته اسان گواهين سان ۽ ٻين جي تجربن سان سکي سگھون ٿا.اسان وڌيڪ بهتر ٿي سگھون ٿا ۽ پنهنجي ڄاڻ وڌائي سگھون ٿا،سکي سگھون ٿا ۽ ٻين مان فائدو کڻي سگھون ٿا.پنهنجو نڪته نظر رکڻ سان گڏوگڏ ڪنهن گڏيل سچائيء تي اتفاق ڪري سگھون ٿا.اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته ان قسم جي انڪساريء جي حوصلا افزائي نه ڪئي ويندي آهي.ان جو هڪ سبب اهو آهي جو غرور ۽ اعتماد کي گڏ مڏ ڪيو ويندو آهي.غرور آسان آهي،خاص طور تي پنهنجي درست هئڻ جو.”گڏيل سچائي“ جو تصور چوڻ ۾ ته نهايت ئي سولو ۽ سڌو تصور لڳي ٿو پر اسان ان کي نظر انداز ڪري ويهندا آهيون ۽ وساري ڇڏيندا آهيون ته اهو ضروري آهي.سماج ان طرح هلي نٿا سگھن جيڪر انهن جا شهري اهو تصور مڃڻ لاء تيار ئي نه هجن.خاص طور تي انهن معاملن ۾ جن تي اهي متفق نه هجن.معلومات جو سيلاب تنگ نظريء ۾ واڌارو ڪري رهيو آهي انهيء کان بچڻ لاء اسان کي پاڻ محنت ڪرڻي پوندي،ڪوڙ پکيڙيندڙن جو اوزار نه بڻجڻ اسان جي پنهنجي ذميداري آهي.انهيء لاء اسان کي سچ تي يقين رکڻو پوندو،ڄاڻڻ جي جرئت پيدا ڪرڻي پوندي ۽ اها انڪساري ڏيکارڻي پوندي ته سچ جو ماپو اسان پاڻ ناهيون.ٿي سگھي ٿو ته ڪنهن ڏينهن اسان پنهنجن دماغن ۾ انٽرنيٽ لڳرائي وٺون پر جيڪر اسان گھرون ٿا ته اهو سڀ ڪجهه ڪنهن خوفناڪ ٽڪراء جو نتيجو نه بڻجي ته پنهن جي سوچ ۽ دماغ ۾ وسعت پيدا ڪرڻي پوندي ۽ ياد رکڻو پوندو ته اسان جا نڪته نظر جيترا به زبردست ۽ خوبصورت ڇونه هجن اهي هڪ ئي سچائيء جا مختلف پاڇا آهن!
(روزاني مهراڻ 22 جون 2019ع)

Wednesday, June 19, 2019

بجيٽ، ڪميشن ۽تحريڪون!



شفيق الرحمان شاڪر
بجيٽ تي بحث جاري آهي،معمول جيان ڪي انهيء کي عوام دوست ته ڪي وري عوام دشمن قرار ڏيئي رهيا آهن.بهرحال نه ته اهي بحث نوان آهن ۽ نه ئي پاڪستان جي غريب عوام جون مصيبتون ڪي هاڻي پيدا ٿيون آهن.اهو سلسلو پهرئين ڏينهن کان هلندو ٿو اچي.هتي رهزن رهبر ۽ قاتل مظلوم بڻجندا رهيا آهن.اسان ته شاباس ڏيون ٿا روينيو جي وفاقي نوجوان وزير حماد اظهر کي جنهن ان مڇي مارڪيٽ واري ماحول ۾ بنان گھٻرائڻ جي نهايت ئي رواني ۽ مٺاڻ سان پنهنجي بجيٽ تقرير نهايت ئي تحمل ۽ مستقل مزاجيء سان مڪمل ڪري ڏيکاري.. نه بار بار ٿڌي پاڻيء جا سرڪ ڀرڻ،نه ذري ذري پيشانيء تان پگھر اگھڻ ۽ نه ئي تماشائين کي ڪاوڙ وچان اکيون ڏيکارڻ.حيرت آهي ته تحريڪ انصاف وٽ ڪهڙا نه خوبصورت نوجوان موجود آهن پر ڪپتان ۾ شايد ماڻهو سڃاڻڻ جي اڃا تائين صلاحيت پيدا نه ٿي سگھي آهي.حڪومت کي خبر هئي ته ان بجيٽ ۾ عوام جي فائدي جي ڪاشيء ناهي ۽ رڳو ٽيڪسن جون خوشخبريون آهن سو حڪومتي ميمبر دل ئي دل اپوزيشن کي دعائون ڏيئي رهيا هئا جو انهن جي گوڙ شور ۾ گھڻيون شيون صحيح طرح ٻڌڻ ۾ ئي نه آيون.اهي جيڪي بجيٽ خلاف احتجاج ڪري رهيا هئا انهن ڄڻ پنهنجن حڪومتي دورن ۾ غريب عوام کي سون ۽ چانديء ۾ توري ڇڏيو هو ۽ اهڙي ته نڪ جي ڏاڍائيء سان نعرا هڻي رهيا هئا ڄڻ ته ملڪ ۽ عوام کي ان بدترين معاشي صورتحال اندر پهچائڻ ۾ انهن ويچارن جو ڪو ڪردار ئي ناهي.سندن ڏه سالا دور حڪومت ۾ ورتل چويهه هزار ارب جو قرض به کين نظر نٿو اچي جنهن جي ملڪ کي  روزانو ڇهه ارب وياج ڏيڻو پوي ٿو. اهي ويچارا جن جي قيادت هر طرف کان احتساب جي وڪڙ ۾ ڦاسي چڪي آهي اهي بجيٽ تي احتجاج به نه ڪن ته آخر ٻيو ڇا ڪن؟خير، هاڻي ڪجهه بجيٽ جو ذڪر ڪجي ته بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جون رعايتون کسيون وييون آهن.گريڊ سترهن کان گريڊ ويهين جي ملازمن جي پگھارن ۾ رڳو پنج سيڪڙو اضافو ڪري سندن انڪم ٽيڪس جي حد هڪ لک مان گھٽائي پنجاهه هزار ڪئي ويئي آهي.انهيء سان پگھارن ۾ اضافو ته ٻن کان ٽي هزار روپيا ٿيندو پر انڪم ٽيڪس جي مد ۾ ان ملازم کان چار هزار کان پنج هزار روپيا واپس ورتا ويندا.انهيء کي چئبو آهي ڪنهنجي کيسي ۾ ڏهه روپيا وجھي ويهه روپيا ڪڍي وٺڻ! تعليم جي بجيٽ به مناسب ناهي رکي ويئي.نون ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي اضافي لاء ته رقم رکي ويئي آهي پر غير ملڪي اسڪالرشپس طرف ڌيان نه ڏنو ويو آهي جنهن سان سائنس ۽ ٽيڪنالاجيء جي شعبن ۾ تحقيق جو ڪم گھڻو متاثر ٿيندو.شايد هن بجيٽ کان پوء هاڻي جيڪا بجيٽ اچي سا بهتر هجي.انهيء ۾ شڪ ناهي ته هاڻوڪي حڪومت کي جيڪي معاشي حالتون مليون آهن انهن ۾ اهڙي ئي بجيٽ جي اميد ڪري سگھجي ٿي.
بجيٽ واري ڏينهن ئي وزير اعظم عمران خان کي قوم کي خطاب ڪرڻو هو جنهن جي وقت جي باري ۾ مختلف اعلان ٿيندا ۽ وقت تبديل ٿيندا رهيا.نيٺ خدا خدا ڪري اها تقرير رات جو يارهن لڳي پنجاهه منٽن تي شروع ٿي سگھي.جڏهن وزير اعظم تقرير ڪرڻ لڳو ته ڪجهه جملا ڳالهائڻ بعد سندس آواز بند ٿي ويو ۽ مواصلاتي رابطو ڪٽجي ويو.اهو رابطو بحال ٿيو ته وري ڪجهه منٽن بعد آواز اچڻ بند ٿي ويو.ايئن ٿي لڳو ڄڻ ڪي شرارتي ٻارڙا مواصلاتي رابطي سان راند ڪري رهيا هجن. هڪ موقعي تي ته اسڪرين ئي بلڪل ڪاري ٿي ويئي،نه تصوير ۽ نه ئي آواز.وري جو رابطو بحال ٿيو ته شروع کان تقرير شروع ٿي ويئي.اها تقرير وزير اعظم ايوان ۾ به ڪري سگھيو ٿي پر سندس چوڻ مطابق اپوزيشن کيس ايوان ۾ ڳالهائڻ ئي نٿي ڏئي.پر ايوان کان ٻاهر تقرير ڪرڻ جي خواهش ۾ هو اهڙن جاهلن جي ور چڙهي ويو جيڪي نشرياتي نظام جي الف بي کان به واقف نه هئا.ان تقرير جتي اپوزيشن کي ڳالهائڻ لاء هڪ نئون موضوع ڏيئي ڇڏيو آهي اتي انهن جي خوف ۽ پريشانين ۾ گھڻو واڌارو به ڪري ڇڏيو آهي.خاص طور تي عمران خان جي انهن لفظن ته هيستائين هن اپوزيشن جا سوال ٻڌا آهن هاڻي اپوزيشن کي سندس سوالن جا جواب ڏيڻا پوندا.اسان جي سياستدانن لاء جواب ڏيڻ ئي ته دنيا جو ڏکئي ۾ ڏکيو ڪم آهي.اڄ ڏينهن تائين جيڪي به پڪڙيا آهن يا جن خلاف جاچ ٿي رهي آهي انهن مان ڪنهن به اهو جواب ناهي ڏنو ته انهن ٿورڙي عرصي ۾ ملڪيت جا ڍير ۽ دولت جا انبار ڪٿان ڪٺا ڪيا؟ ملڪ ۾ اڳيئي احتساب ۽ جاچ جا کوڙ ادارا ڪم ڪري رهيا آهن،ڪيترائي ڪيس انهن ادارن توڙي عدالتن ۾ پروسيس هيٺ آهن پر دلچسپ ڳالهه اها جو اڄ تائين ڪو به معاملو پنهنجي منطقي انجام کي نه پهتو آهي ۽ نه ئي ڪنهن کان عوام جو ڦريل پئسو اڄ ڏينهن تائين واپس ورتو ويو آهي.هاڻي وري  اعليٰ اختياراتي جاچ ڪميشن قائم ٿي رهي آهي جنهن آڏو انهيء سوال جو جواب اچڻو آهي ته گذريل ڏهن سالن ۾ حاصل چوويهه هزار اربن جو قرض ڪهڙي ڪن ۾ دفن ٿي ويو جو هن وقت ملڪ معاشي ڏيوالپڻي جي منهن ۾ آهي.اها ڪميشن ڪهڙي قانون هيٺ ڪم ڪندي،انهيء وٽ ڪهڙا اختيار هوندا ۽ کيس اهي اختيار ڪهڙي ريت ملندا سي مامرا ته اڳيان هلي ڏسڻا آهن پر ”ڦر ڦر سونٽو“ جي هڪ راند شروع ٿيڻ واري آهي جنهن سان گھڻن جون متيون منجهي وينديون.ايستائين جو هاڻوڪي حڪومت ۾ ويٺل انهن پهلوانن جون به جيڪي قرضن جي انهيء ڪٽيء مان ماضيء جي حڪومتن ۾ موج مستيون ڪندا رهيا آهن.ويچاري حڪومت جو حال ناهي ته اپوزيشن جا به حال پورا آهن.اپوزيشن حڪومت خلاف تحريڪ به هلائڻ گھري ٿي ساڳئي وقت حڪومت کي ڪنهن به صورت ۾ ڪيرائڻ  به نٿي گھري، ويجھي ماضيء ۾ بحث هيٺ آيل سمورا سياسي ۽ اقتداري فارمولا في الحال ناڪام ٿي چڪا آهن.اپوزيشن ۾ ويٺل چوٽيء جا سياستدان ايترا بيوقوف ناهن جو حڪومت کي ايترو سوڙهو ڪن جو اسيمبليون ٽٽڻ جو خطرو پيدا ٿي وڃي.اهي چڱيء طرح ڄاڻن ٿا ته جيڪر اسيمبليون ٽٽيون ته اڳيان هڪ سياسي اونداهون هول آهي جتي سڀني جو ساهه منجهڻ جو خطرو آهي.هن وقت ته دٻاء وجھي  پروڊڪشن آرڊر ذريعي آزاد فضا ۾ ساهه کنيو وٺن پر جيڪر اسيمبليون ئي نه رهيون ته پوء راڌا ڪيئن نچندي؟پيپلز پارٽي وارا به ايترا پاڳل ناهن جو هروڀرو پنهنجي ٺهيل ٺڪيل سنڌ حڪومت وڃائي ويهن.رهيو سوال عوام جي روڊن رستن جي اچڻ جو ته هڪ ته هيڏي ساري سخت گرمي ۽ ٻيو کين پتو نه پر پڪ آهي ته جيڪر هن حڪومت کي گھر ڀيڙو به ڪيو وڃي ته سندن اهنجن ۽ آزارن ۾ ڪا ڪمي ناهي اچڻي.ان ڪري اجايو گرمي سهڻ ۽ لٺيون جھلڻ جو ڪهڙو فائدو؟هن وقت پنهنجن سمورين مايوسين،محرومين، مصيبتن ۽ مشڪلن باوجود عوام لاء هڪڙو تماشو ڏسڻ لاء موجود آهي جو ڪيترن ئي وڏن وڏن پهلوانن جا پٽڪا ڌوڙ ٿي رهيا آهن ۽ اڃا ڌوڙ ٿيڻ وارا آهن.عوام نهايت ئي ڪروڌ ۽ ڪاوڙ وچان اهو تماشو ڏسي رهيو آهي ۽ ڪجهه نه ڪجهه لطف حاصل ڪري رهيو آهي.سو خبر ناهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ تحريڪن جو مستقبل ڇا آهي پر  مخالف ڌر توڙي هاڻوڪي حڪومت جي گھڻن ”معززن“ ۽ ”معتبرن“ جو مستقبل في الحال اونداهون ئي نظر اچي ٿو!
(روزاني هلال پاڪستان 17 جون 2019ع)

Tuesday, June 18, 2019

آرسيء جي اندر ڇا آهي؟


TUESDAY, JUNE 18, 2019



شفيق الرحمان شاڪر
 آرسيء سامهون بيهي پنهنجو پاڻ کي ڌيان سان ڏسو.ان پرڪشش چهري ۽ دل کي وڻندڙ جسم پويان هڪ مشيني نيٽ ورڪ جي لڪيل ڪائنات آهي.پاڻ ۾ هڪٻئي سان لاڪ ٿيل هڏين جو پورو بوتو ٻڌو پيو آهي.پٺن جا ريشيدار مضبوط ڄار،ڪيترائي خاص فلوئيڊ ۽ اندر جي گھپ اوندهه ۾ هڪ ٻئي سان ملي ڪري ڪم ڪندڙ اندروني عضوا،انهن سڀني تي چڙهيل غلاف جيڪو پنهنجي مرمت پاڻهي ڪري وٺي ٿو،اها اوهان جي چمڙي آهي ۽ ان سڄي ڪم ڪندڙمشينريء کي هڪ وڻندڙ پيڪيج بنائي ڇڏي ٿي.۽ پوء وري اوهان جو دماغ حفاظتي بڪتربند مورچي ۾ بند ٽن پائونڊن جو مادو جيڪو ان جو مشن ڪنٽرول سينٽر آهي ۽ اڄ تائين اسان هن ڪائنات ۾ ان کان وڌيڪ ٻي ڪا منجهيل شيء دريافت ناهي ڪئي.اهو کربين خلين جو ٺهيل آهي،نيورون سان ۽ گليا سان.انهن مان هر خليوپاڻ ايترو منجھيل آهي جيترو ڪو شهر.هر خليي اندر پورو انساني جينوم موجود آهي.هر خليو برقي نبض ٻين خلين کي موڪلي رهيو آهي،سيڪنڊ ۾ سوين ڀيرا. اهو اهڙو ته ناقابل بيان مونجھاري وارو نيٽ ورڪ آهي جو انساني زبان ان کي بيان ڪرڻ ۾ اسان جو ساٿ ڇڏي وڃي ٿي.هڪ عام نيورون پنهنجن ساٿين سان هڪ ئي وقت سراسري طور تي ڏهه هزار رابطا جوڙي ٿو.ان جو مطلب اهو ٿيو ته دماغ جي هڪ چورس سينٽي ميٽر ۾ لڳ ڀڳ ايترا ڪنيڪشن آهن جيترا اسان جي ڪهڪشان ۾ تارا آهن.اهو گلابي مادو عجيب ڪمپيوٽيشنل مٽيريل آهي.ننڍن خودڪار پارٽس مان جڙيل جيڪي پنهنجون حالتون بدلائيندا رهن ٿا.جيڪر اوهان ڪڏهن اداس هجو يا ڪنهن سستيء جو شڪار ٿيو ته يقين رکو ته اوهين ان سياري جي مصروف ترين شيء آهيو.اسان جي ڪهاڻي هڪ ناقابل يقين ڪهاڻي آهي.اسين هن دنيا جو اهو اڪيلو سسٽم آهيون جنهن خود پنهنجي پروگرامنگ تي غور ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي.ٿورو سوچيو پنهنجي ڪمپيوٽر جي باري ۾ ته اهو پاڻ سان ڳنڍيل ڊوائيسز کي ڪنٽرول ڪرڻ شروع ڪري ڏئي،پوء پنهنجو ڍڪڻ کولي ڇڏي ۽ پاڻ سان لڳل ڪيميرا جي مدد سان پاڻ پنهنجو سرڪٽ ڏسڻ شروع ڪري ڏئي ۽ پنهنجي پروگرام تي غور ڪرڻ شروع ڪري ڏئي.اسان ايئن آهيون ۽ اسان جو پنهنجي اندر ان نموني سان جاچڻ اسان جي اهم ترين انٽليڪچوئل ڪاميابين مان آهي.اهو ادراڪ ته اسان جا رويا،اسان جون سوچون،اسان جا تجربا ان ڪشادي،آلي،ڪيميائي ۽ برقي سرڪٽ ۾ لڌا وڃن ٿا جيڪو اعصابي نيٽ ورڪ آهي.هيء مشينري اسان جهڙي ته نٿي لڳي پر پوء به ڪنهن طرح اهو اسان پاڻ ئي آهيون.
آرٿر ايلبرٽس 1949ع ۾ نيويارڪ کان اولهه آفريڪا ۾ ٽمبڪٽو ۽ گولڊ ڪوسٽ جي وچ ۾ هڪ ڳوٺ ۾ ويو.ان سان سندس زال،هڪ ڪيميرا،هڪ جيپ ۽ هڪ ٽيپ ريڪارڊر هو.آفريڪا جا آواز دنيا تائين پهچائڻ لاء هن هتان جي ميوزڪ ريڪارڊ ڪئي پر هڪڙي مسئلي ۾ ڦاسي پيو.هڪ مقامي آفريڪي پنهنجو ريڪارڊ ٿيل آواز ٻڌو ۽ ايلبرٽس تي الزام هنيو ته هو سندس زبان کڻي پيو وڃي.ان کان اڳ جو ڪو وڏو ملالو مچي،ايلبرٽس آرسي ڪڍي هن کي پڪ ڏياري ته هن جي زبان وٽس ئي موجود آهي.ايئن ڇو؟ ان ڪري جو آواز هڪ عارضي ۽ غير مادي لڳندڙ شيء آهي جيڪو بس نڪتو ۽ ختم ٿي ويو،نه وزن،نه شڪل،نه ڪا اهڙي شيء جنهن کي هٿ ۾ پڪڙي سگھجي پر آواز هڪ فزيڪل شيء آهي.جيڪر اسان ڪا ننڍڙي مشين جوڙيون جيڪا هوا جي ماليڪيولن جي لرزش کي محسوس ڪري سگھي ته اهو آواز پڪڙي به سگھجي ٿو انهيء مشين کي اسان مائيڪروفون چئون ٿا.جڏهن آواز کي ايلبرٽس ٻيو ڀيرو هلايو ته اها غير مرئي شيء واپس هلڻ شروع ٿي ويئي.ان اولهه آفريڪي قبائليء کي اهو مظهر زبردست جادو لڳو.سوچ سان به ساڳيو معاملو آهي.سوچ آهي ڇا؟ ان جو وزن نٿو لڳي.اها عارضي،غير مرئي ۽ غير مادي شيء محسوس ٿئي ٿي،ان جي ڪا شڪل،رنگ،بوء وغيره نٿي ٿئي.اسان کي اها به زبردست جادو لڳي ٿي پر آواز جيان سوچ به فزيڪل هوندي آهي.جڏهن دماغ جي شڪل بدلجي ٿي ته سوچ به بدلجي ٿي.جيڪر يقين نٿو اچي ته ان کي ڪجهه ڪيميڪل ڏيئي ڏسو، ڪجهه ڀنگ چاڙهيو ۽ ان ۾ ايندڙ فرق ڏسو.دماغ هڪ منجھيل سسٽم آهي پر ان جو مطلب اهو ناهي ته ان کي سمجھي نه سگھجي.جهڙيء طرح جگر يا اک کي سمجھي سگھجي ٿو تيئن دماغ کي به.ان جي ڪنهن حصي ۾ ”اوهان“ يعني اوهان جو شعور موجود آهي پر ياد رهي ته تمام ٿوري حصي۾. ڪنهن ملڪ جو مثال وٺو.ان  ۾ فيڪٽريون هلي رهيون آهن،ڪاروبار ٿي رهيا آهن،ٽيلي ڪميونيڪيشن جا نظام هلي رهيا آهن،ماڻهو کائي پي رهيا آهن،سيوريج سسٽم ڪم ڪري رهيو آهي،پوليس ڏوهارين جو پيڇو ڪري رهي آهي،معاهدن تي صحيحون ٿي رهيون آهن،راندين جا مقابلا ٿي رهيا آهن،ڊاڪٽر ڪم ڪري رهيا آهن،محبت ڪرڻ وارا ملي رهيا آهن،فون ڪري رهيا آهن.ان سموري هنگامي ۾ اسان رڳو اخبار جي هيڊلائين پڙهي وٺندا آهيون،ٽيڪس جو ريٽ وڌايو ويو،هڙتال ٿي ويئي،ان ملڪ ۾ ٿيندڙ هنگامي تائين بس ايتري ئي پهچ آهي ۽ ايتري ئي ضرورت.هڪڙو خيال ايندو آهي ۽ اوهين چوندا آهيو ته واه! ڪهڙو نه زبردست خيال آيو ۽ خبر ناهي ڪٿان؟پر ان جي پويان پکڙيل وسيع ۽ لڪيل مشينري ڪيتري قدر ڪم ڪيو هو،اهو ان جو جادوء سواء ٿيندڙزبردست جادو آهي جنهن تي گھڻا ماڻهو اهو يقين نٿا ڪن ته سوچ به آواز،رنگ ۽ بوء جيان هڪ فزيڪل شيء آهي.انساني تاريخ جو شايد سڀ کان زبردست ۽ اهم خيال ميڪسويل جي اليڪٽرو ميگنيٽزم جي مساوات آهي.پنهنجي موت جي بستري تي هن اعتراف ڪيو ته اها مساوات هن نه پر هن جي اندر ڪنهن دريافت ڪئي هئي.وليم بليڪ پنهنجي نظم جي باري ۾ به اهو ئي چيو هو ۽ گوئٽي سندس ناول”جوانيء جي اداسي“ بابت اهو غلط نه چيو هو ڇو ته جيئن ڪارل جنگ چيو آهي ” منهنجي مٿي ۾ ڪو رهي ٿو ۽ اهو آئون ناهيان.“ گليلو ٽيلي اسڪوپ سان مشتريء جي چنڊن جي حرڪت جو جائزو وٺي چيو هو ته زمين ڪائنات جو مرڪز ناهي.ان دريافت ۽ ان اعلان سڀ ڪجهه بدلائي ڇڏيو.هڪ نئون دور شروع ٿيو.ايندڙ چئن صدين ۾ اسان معلوم ڪري ورتو ته اسان ته بس هڪ ذرو به ناهيون،ڪهڪشائن جا پنجاهه ڪروڙ گروپ،ڏهه ارب وڏيون ڪهڪشائون،هڪ کرب ننڍيون ڪهڪشائون،ٻه کرب کرب سج،اربين نوري سالن جون وسعتون، اها هڪ سوچ بدلائڻ واري دريافت هئي ۽ ايتري قدر تنگ ڪندڙ جو ان کي مڃڻ کان ئي انڪار ڪيو ويو.گليلو زمين جي مرڪزيت جو تصور ٽڪرا ٽڪرا ڪيو جنهن گليلو کي قيد خاني ۾ ڦٽي ڪرايو ۽ سندس لفظ واپس وٺڻ تي ۽ سندس ڪم رد ڪرڻ تي صحيحون ڪرايون وييون ۽ گليلو ته خوش نصيب هو جو انهن جو حشر هڪ ٻئي اطالوي برونو جهڙو نه ٿيو.ان کي اهو چوڻ تي ته زمين مرڪز ناهي،عوامي چوراهي تي گهلي آندو ويو هو.منهن تي لوهه جو ماسڪ پهرائي ته جيئن هو ڳالهائي نه سگھي.ميڙ جي اڳيان هن کي جيئري ساڙيو ويو ۽ اکيون به ڪڍيون وييون.برونو جو ڏوهه ڪهڙو هو؟گليلو کي قيد ڇو ڪيو ويو؟ڇو ته پنهنجو ورلڊ آرڊر ويو بدلائڻ نهايت ڏکيو ڪم آهي.ڪاش اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ وارا اهو ڄاڻن ها ته نئين سوچ ۽ فڪر ڪهڙي طرف وٺي ويندا؟ جيڪر اوهان کي فلڪيات ۽ اسپيس سائنس مسحور ڪري ٿي ته ٿورو ترسو،دماغ جي سائنس ته انهيء کان به شاندار آهي.جڏهن اسان پنهنجي ڪائنات ۾ مرڪز نه هئڻ کي تسليم ڪيو ته پوء اسان هن ڪائنات کي سمجھڻ ۾ ڪامياب ٿياسين.اهڙيء طرح اسان پاڻ پنهنجي دماغ جو رڳو هڪڙو ننڍڙو حصو آهيون.ان تي کوجنا ڪندڙن جو انجام هاڻي برونو يا گليلو جهڙو ته نٿو ٿئي پر اڃا به ان تي تحقيق ڪندڙن کي هر طرف کان مزاحمت کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.اها حقيقت ته اسان جي پنهنجي حيثيت خود اسان جي پنهنجي دماغ ۾ مرڪزي ناهي بلڪه ان قسم جي آهي جيئن ملڪي وي ۾ زمين جي آهي.اهو گھڻن ماڻهن کي تنگ ڪري ٿو پر ان کي تسليم ڪرڻ بعد اسان ان دماغ جي اندر جي ڪائنات کي صحيح طرح ساراهڻ جي قابل ٿينداسين.اهو ئي اسان جي هئڻ جو سڀ کان زبردست جادو آهي ۽ اهو جادو ان مشين جي اندر آهي.توڙي جو ان تي پهرين به ڪم ٿي چڪو هو پر ان خيال کي سائنسي بنيادن تي سڀني کان پهرين سگمڊ فرائيڊ دريافت ڪيو ته اسان پنهنجي شخصيت جو رڳو هڪڙو ننڍڙو حصو آهيون.فرائيڊ اهو ڪم ماڻهن سان ملاقاتن،انهن جي حرڪتن جي مشاهدن سان لڳايو هو.ڪيترائي نفسياتي عارضا جن چڙهڻ،ڪمزور قوت ارادي يا دماغي خلل سبب نٿا ٿين پر انهن جو سبب اسان جي دماغ جي ان قسم جا عارضا آهن جيئن جسم جا. اهي وڏيون سوچ جون تبديليون هيون جيڪي ان ڪم سبب ويهين صديء جي وچ ۾ اچي چڪيون هيون ۽ نفسيات باقائدي علم جو شعبو بنجي چڪو هو.جڏهن اسان پنهنجو پاڻ کان مايوس ٿيندا آهيون يا پنهنجو پاڻ تي غصو ڪندا آهيون ته ان جو مطلب ڇا آهي؟اسان سگريٽ جا نقصان ڄاڻندي به ان کي ڇو نٿا ڇڏي سگھون؟اسان ڪنهن کي نظر کي وڻندڙ سمجھندا آهيون؟ اسان راز ڇو نٿا رکي سگھون؟اسان فيصلو ڪيئن وٺندا آهيون؟ اسان پاڻ ڪير آهيون؟اهي اهڙا سوال آهن جيڪي اڄ اسان جي پهچ ۾ آهن.
ته هڪ ڀيرو وري آرسيء سامهون بيهي پنهن جو پاڻ کي ڌيان سان ڏسو،ها،اوهان جو چهرو پرڪشش آهي ۽ جسم دل کي وڻندڙ پر جيڪي لڪيل آهي،اهو شاندار آهي ۽ سڀ کان شاندار اهو ته جيڪو نٿو ڏسي سگھجي اهو به ڄاڻي سگھجي ٿو.اوهان به ڪنهن نموني،ڪنهن هنڌ،انهي عڪس اندر آهيو!!!
(روزاني مهراڻ 17 جون 2019ع)

Monday, June 17, 2019

لنڊن واري پيرکان پڇا ڳاڇا!



شفيق الرحمان شاڪر
لنڊن وارو پير جڏهن تازو تازو آمريڪا کان پاڪستان موٽيو هو ته سندس چاهيندڙن سندس اهڙو ته گرمجوشيء سان آڌر ڀاء ڪيوهو جنهن جي عام حالتن ۾ اميد ڪري نٿي سگھجي.ڪجهه ڏينهن کان پوء نشتر پارڪ ۾ هڪ جلسو ٿيو،تجربيڪار صحافين جو چوڻ هو ته جنهن جماعت اهو پارڪ ڀري ورتو سمجهو ته ڪامياب ٿي ويئي ۽ اهو جلسو اهڙو ئي هو جنهن هڪ اهڙي جماعت ۽ سندس ليڊر جو ٻيڙو پار لڳايو هو جنهن کي ايندڙ وقت ۾ ملڪ ۾ تعصب ڀريل زهريلي سياست ڪرڻي هئي. الطاف حسين ڪير هو ۽ هو ڇا چاهيندو هو اهو ڪو هاڻي راز نه رهيو آهي.ملڪ جي سمورين محب وطن ڌرين ان وقت ئي اهو اندازو لڳائي ورتو هو ته اهو جيڪو نئون ٻوٽو پوکيو پيو وڃي انهيء جا ڪنڊا ملڪي سياست مان هڪ ڊگھي عرصي تائين لڻڻا پوندا پر ان وقت اسٽيبلشمينٽ خبر ناهي ڪهڙي مصلحت هيٺ سياست جي پردي ۾ اڀرندڙ انهيء ڏوهاريء مافيا کي نه رڳو خوني راند کيڏڻ جي اجازت ڏني پر سندن پوري حمايت ۽ حفاظت به ڪئي.هن شخص جڏهن به زبان کولي ته ملڪ جي ٻين قوميتن جي خلاف سدائين زهر اوڳاڇيو،اردو ڳالهائيندڙ آباديء جي محرومين جو ماتم ڪندي هن پنجابين،پٺاڻن۽بلوچن سان گڏوگڏ سنڌ جي اصل ڌرتيء ڌڻين کي به معاف نه ڪيو،اهڙيء طرح هن وڏي چالاڪيء سان پنهنجن مذموم مقصدن جي حصول لاء اردو ڳالهائيندڙ آباديء کي عدم تحفظ ۽ خوف جي احساس ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو.سندس منفي ذهنيت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگھجي ٿو جو هن اردو ڳالهائيندڙن کي گھر جو سامان وڪڻي هٿيار خريد ڪرڻ جي صلاح ڏني هئي.هاڻي الطاف حسين مهاجرن جو اڪيلو نمائندو ۽ مهاجر قومي موومينٽ جو قائد تحريڪ سڏجڻ لڳو.ڪراچيء ۾ مقبوليت جا جھنڊا کوڙڻ بعد سندس اڳين منزل حيدرآباد هئي. سندس حيدرآباد واري جلسي کان اڳ ئي سهراب ڳوٺ وٽ هڪ وڏو سانحو ٿي پيو.اردو ۽ پشتو ڳالهائيندڙن وچ ۾ جھيڙي جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي انساني جانيون ضايع ٿي وييون جنهن کان پوء کيس ٻين ماڻهن سان گڏ گرفتار ڪيو ويو پر کيس” پنهنجو ڪم“ ڪرڻ لاء آزاد ڪيو ويو.ان کان پوء سندس اڳواڻيء ۾ ايم ڪيو ايم ڪراچي توڙي حيدرآباد ۾ جيڪي ڪيس ڪيا انهن جي هڪ ڊگھي تاريخ آهي.اسٽيبلشمينٽ جي هنج ۾ پلجندڙ انهيء جماعت نه رڳو سنڌ جي وڏن شهرن کي غنداگرديء ذريعي يرغمال بڻايو پر هر سياسي توڙي غيرسياسي حڪومت به سندن حمايت جي محتاج رهي.اهڙيء طرح مختلف حڪومتن ۾ اهم وزارتن ۽ مشيرين تي رهندي پنهنجي نيٽ ورڪ کي ايترو ته مضبوط ڪيو جو قائد تحريڪ جي حڪم سواء پاڪستان خاص طور تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پن به نه چرندو هو پر نيٺ اهو وقت به آيو جڏهن لنڊن واري پير جي آخري تقرير سندس سياسي زوال جو سبب بڻي.ان تقرير ۾هن پاڪستان توڙي پاڪستان جي رياستي ادارن خلاف نهايت ئي گندي ۽ ڌمڪي آميز زبان استعمال ڪئي هئي.خبرون آهن ته انهيء تقرير جي ڏوهه ۾ ئي کيس برطانيا پوليس طرفان گرفتار ڪري پڇا ڳاڇا ڪئي ويئي ۽ هڪ ڏينهن بعد کيس ضمانت تي آزاد ڪيو ويو آهي.. معاملو رڳو ان هڪڙي تقرير جو ناهي،ٻيا به ڪيترائي ڪيس ۽ معاملا آهن جيڪي سندس پيڇو ڪري رهيا آهن.جن ۾ مني لانڊرنگ ۽ ايم ڪيو ايم جي هڪ اڳوڻي سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر عمران فاروق جو قتل به شامل آهي. اسڪاٽ لينڊ پوليس الطاف حسين جي گھر تي ڇاپو هنيو ۽ سندس گرفتاري عمل ۾ آندي.سندس گھر جي تلاشي به ورتي ويئي.الطاف حسين کي جنهن تقرير جي ڏوهه ۾ حراست ۾ ورتو ويو هو ان حوالي سان پاڪستاني حڪومت گھڻا تفصيل برطانوي حڪومت کي مهيا ڪيا هئا ۽ اطلاعن مطابق برطانوي تحقيقاتي ادارن جون ٽيمون ان سلسلي ۾ پاڪستان اينديون رهيون آهن.برطانوي پوليس مطابق الطاف جي گرفتاري برطانوي قانون جي سيڪشن 44 هيٺ عمل ۾ آَئي ۽ هن جي خلاف ڄاڻي واڻي ڏوهه جي مدد ۽ حوصلا افزائي ڪرڻ جو الزام آهي.پنج سال پهرين 1914ع ۾ به الطاف حسين کي لنڊن ۾ گرفتار ڪيو ويو هو.ان وقت برطانوي پوليس سندس خلاف مني لانڊرنگ جي ڪيس ۾ جاچ ڪري رهي هئي.بعد ۾ اها جاچ ثبوت ناڪافي هئڻ سبب بند ڪئي ويئي. الطاف کان پڇا ڳاڇا ان وقت ٿي رهي آهي جڏهن سندس جماعت ايم ڪيو ايم سندس هٿن مان نڪري چڪي آهي.متحده قومي موومينٽ پاڪستان ساڻس لاتعلقيء جو اظهار ڪري چڪي آهي ۽ ايم ڪيو ايم لنڊن خود ڪيترن ئي ڌڙن ۾ ورهائجي چڪي آهي. ڪراچيء ۾ هاڻي نه ته ايم ڪيو ايم جي اها سياسي پوزيشن باقي رهي آهي ۽ نه ئي الطاف حسين جو خوف جنهن کان ڪجهه سال پهرين سڄو شهر متاثر ٿيندو هو.الطاف حسين 1991ع کان لنڊن ۾ رهيل آهي ۽ هو برطانوي شهريت به حاصل ڪري چڪو آهي.هن برطانيا ۾ ان بنياد تي سياسي پناهه ورتي هئي جو سندسص چوڻ مطابق کيس پاڪستان ۾ پنهنجي جان جو خطرو هو.وقت جي ستم ظريفي چئجي يا قدرت جو مڪافات عمل جو جنهن ماڻهوء جي هڪڙي لفظ تي شهر کلندا ۽ بند ٿيندا هئا هاڻي سندس گرفتاريء تي به احتجاج طور ڪو آواز به ٻڌڻ ۾ نٿو اچي!

(روزاني جيجل 17 جون 2019)

Saturday, June 15, 2019

انساني نفسيات ۾ وهم،شڪ ۽ خوف !



شفيق الرحمان شاڪر
ان سچائيء کان منهن موڙي نٿو سگھجي ته هر انسان جي فطري طور تي پنهنجي پنهنجي نفسيات هوندي آهي.انساني طبيعت ۾ فطري طور تي خوشي ۽ غم ٻنهي قسمن جا جذبا هوندا آهن جن جو تعلق سڌو ان جي طبيعت سان هوندو آهي.انسان جڏهن خوش هوندو آهي ته خوشيء جو اظهار ڪرڻ لاء ڪڏهن ڳائي ٿو ته ڪڏهن تاڙيون وڄائي ٿو.اهڙيء طرح جڏهن ان تي غم جي ڪيفيت طاري ٿئي ٿي ته هو پنهنجي غم ڀريل جذبن جو اظهار ڪرڻ لاء ڪڏهن روئندو آهي ته ڪڏهن دردناڪ نغما ۽ نوحا پڙهندو آهي.حقيقت ۾ انساني نفسيات جو تعلق سڌو ان جي سوچ ۽ ويچار يعني دماغ سان هوندو آهي.انساني زندگيء ۾ ٻن قسمن جي نفسيات ڪم ڪندي آهي جن ۾ هاڪاري يا مثبت ۽ ناڪاري يا منفي احساسن جو اهم ڪردار هوندو آهي.زندگيء جي هر شعبي ۾ اهي ٻئي نفسياتي سوچون مختلف قسمن جي احساسن کي جنم ڏين ٿيون.جن ۾ منفي لاڙن ۽ احساسن جي سختيء سبب ئي اڪثر انسان احساس برتري يا احساس ڪمتريء جو شڪار ٿي ويندا آهن جنهن جي نتيجي ۾ انسان ڪڏهن دشمنيء واري جذبي ته ڪڏهن حسد جو شڪار ٿئي ٿو.ناڪاري سوچ سبب انساني طبيعت مايوسي ۽ نااميدي ته ڪڏهن وري خوف ۽ وهم جهڙن نفسياتي مرضن جو شڪار ٿي ڪري رهجي وڃي ٿي.نفسيات جا ماهر ان قسم جي شديد احساسن کي ذهني يا نفسياتي بيمارين سان تعبير ڪن ٿا.اهڙيء طرح جي ڪمپليڪس ۾ ڦاٿل ماڻهن جي شخصيت سماج ۾ بريء طرح متاثر ٿي رهجي وڃي ٿي.ڪو انهن کي مغرور چوندو آهي ته ڪو انهن کي خبطي.بهرحال انهن جي رويي سبب سماج ۾ انهن بابت جيڪا راء قائم ٿئي ٿي اها سندن شخصيت کي گھائل ڪري ڇڏي ٿي جنهنجو هنن کي احساس به نه ٿيندو آهي.ان قسم جي نفسياتي مريضن سان وڏي مشڪل اها هوندي آهي جو کين پنهنجي مرض جو احساس ئي نه هوندو آهي جڏهن ته جيڪي جسماني مريض هوندا آهن انهن کي سندن مرض جو چڱيء طرح احساس هوندو آهي ته کين ڪٿي ۽ ڪهڙي تڪليف آهي.نفسياتي مريض پنهنجي ناڪاري سوچ ۽ فڪر سبب جيڪا سندن ذهن ۾ اوتجي چڪي هوندي آهي،غير معمولي عادتن جو شڪار ٿي پنهنجو پاڻ کي هر وقت صحيح سمجھڻ لڳندا آهن.ان قسم جي ذهني مريضن کي نفسيات جي ماهرن او سي ڊي (Obsessive Compulsive Disorder) سان تعبير ڪيو آهي جنهن ۾ مريض ڪنهن هڪ شيء جي باري م وري وري سوچيندو آهي يا ڪنهن عمل کي بار بار ورجائيندو آهي.جيڪي ماڻهو ان نفسياتي بيماريء جو شڪار ٿين ٿا انهن جي ذهن ۾ جيڪو خيال ايندو آهي انهيء تي اهي ترت عمل ڪرڻ لڳن ٿا پر انهن کي خود پنهنجي غير معمولي  رويي جو احساس ئي نه هوندو آهي.عام زبان ۾ ان عمل کي ”خبط جبراني“ چيو وڃي ٿو.ان قسم جا نفسياتي مريض ڪڏهن ڪڏهن مختلف قسمن جي شڪن شبهن ۽ وهمن ۾ ڦاسي خوف جو شڪار ٿي وڃن ٿا.انهن جون عادتون پوريء طرح بدلجي وڃن ٿيون.مثال،ڪو شخص وري وري هٿ ڌوئڻ بعد به مطئمن ناهي ٿيندو.هن کي ڪٿي نه ڪٿي ان ڳالهه جو احساس ۽ گمان رهي ٿو ته سندس هٿ ۾ ڪا گندگي رهجي ويئي آهي ۽ سندس هٿ صاف ناهن ٿيا ان ڪري هو پنهنجي وهم سبب هٿن کي بار بار ڌوئڻ پنهنجي عادت ٺاهي ڇڏي ٿو.ان قسم جي نفسياتي مريضن جو استخاري تي اعتماد وڌي وڃي ٿو ۽ اهي ننڍي کان ننڍي ڳالهه لاء به استخاري جو سهارو وٺن ٿا ايستائين جو استخارو ڪرڻ سندن عادت بڻجي وڃي ٿو.اهو مرض ايترو وڌي ٿو جو ماڻهن سان ملڻ ٻاهر نڪرڻ،ڪنهن پروگرام ۾ شريڪ ٿيڻ يا نه ٿيڻ،نماز جماعت سان يا اڪيلي پڙهڻ،مطلب ته هر شيء ۾ استخارو ڪرڻ جا قائل ٿي وڃن ٿا.اهي ضروري ۽ لازمي ڪمن جي ادائيگيء لاء جنهن ۾ عقلي ۽ فطري حڪم هوندو آهي انهيء ۾ به استخاري جا عادي بڻجي وڃن ٿا.ايستائين جو پنهنجي ان عادت سبب پنهن جا ڪيترا نقصان به ڪري ويهن ٿا.حقيقت م اهڙي نفسيات رکندڙ ماڻهو ڪٿي نه ڪٿي پنهنجي خود اعتمادي وڃائي ويهن ٿا جيڪا انهن کي بار بار اهو عمل ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي.ڪڏهن ڪڏهن اڻ ڄاتل خوف به کين ستائيندو آهي جنهن سبب اهي ايئن ڪندا آهن.انهن جي ان نفسياتي رويي جو تعلق انهن جي ان ذهني ايپروچ سان هوندو آهي جيڪا سندن ذهن ۾ پهرين کان ئي گھڙي چڪي هوندي آهي.ماهر نفسيات پروفيسر آئي اي ترين لکيو آهي؛ ” ڪجهه ذهني بيمارين ۾  مريض جي ڪنن ۾ مليل جليل شور ۽ آواز بڌڻ ۾ ايندا آهن.جڏهن مرض وڌي ٿو ته باقائدي مردن ۽ عورتن جي ڳالهائڻ جا آواز ٻڌڻ ۾ ايندا آهن پر ڳالهه ڪندڙ ماڻهو نظر نه ايندا آهن.ڪڏهن ڪڏهن مريض انهن جي ڳالهين جو جواب به ڏيندو آهي جڏهن ته ماڻهو سمجھندا آهن ته هو پنهنجو پاڻ سان ڳالهائي رهيو آهي.ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي ته مريض کي انهن مان مزو ايندو آهي جڏهن ته حقيقت ۾ ايئن نه هوندو آهي مريض کي اهي ئي آواز جيڪي هن سان ڳالهائين ٿا هن کي الهام هئڻ جو احساس ڏيارڻ لڳن ٿا.“
ڪنهن به قسم جي اڻ ڄاتل خوف ۽ شڪن جي بنياد تي ان قسم جا نفسياتي مريض ماڻهن کي پنهنجو دشمن به سمجھڻ لڳن ٿا جڏهن ته ماڻهو انهن جا دشمن نه هوندا آهن ڇو ته جڏهن اهي پاڻ ڪنهن جا دشمن ناهن ته ٻيا انهن جا دشمن ڇو ٿيندا پر هو ان نموني نه سوچيندا آهن.ان قسم جا ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن اڪيلائي پسند ٿي ويندا آهن.پنهنجو پاڻ کي گھر ۾ قيد ڪري ڇڏيندا آهن ۽ ماڻهن سان ملڻ جلڻ پسند نه ڪندا آهن.کين ڊپ لڳندو آهي ته منهن جا دشمن منهنجي پويان لڳل آهن جيڪي مون کي نقصان پهچائڻ گھرن ٿا.منهنجي خلاف سازشون ڪيون پييون وڃن ايستائين جو ان سان جڏهن ڪو سندس پنهن جو ويجهو به ملڻ ويندو آهي ته اهي سمجھندا آهن ته ان کي منهنجي ڪنهن دشمن مون ڏانهن موڪليو آهي.ان قسم جا ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن ته پنهنجي پاڇي کان به ڊڄڻ لڳندا آهن ۽ پنهنجن مٽن مائٽن ۽ دوستن کي به شڪ جي دائري ۾ ڏسڻ لڳن ٿا جڏهن ته حقيقت ۾ اهي سندن همدرد ۽ چاهيندڙ هوندا آهن.ايستائين جو ان قسم جا ذهني مريض سندن شخصيت جي برن اثرن ۽ منفي روين ۽ سلوڪ سبب  آهستي آهستي سماج ۽ گھر وارن جي محبت ۽ پيار کان دوري ۽ بي ڌيانيء جو شڪار ٿيڻ لڳن ٿا.اهي پنهنجي لاء پاڻ پيدا ڪيل وهمي دنيا ۾ گم ٿيڻ لڳن ٿا جيڪا نهايت ئي خوف،شڪ ۽ بي يقينيء جي دنيا ٿئي ٿي.اها هڪ اهڙي بيماري آهي جو شڪ کان شروع ٿي يقين ۾ بدلجڻ لڳي ٿي.ان جو مثال ايئن سمجھو ته ڪڏهن ڪڏهن اسان ڪنهن پراڻي ديوار تي جنهنجو پلاسٽر يا پينٽ اڍڙي ويو هجي ۽ اسان ان کي جڏهن ڌيان سان ڏسڻ شروع ڪيون ٿا ته ان ۾ اسان جيڪا تصوير به پنهنجي ذهن ۾ اڀارينداسين اها ئي تصوير اتي نظر ايندي.جيڪڏهن اسان ان کي ڪنهن پوڙهي جي شڪل ۾ يا ڪنهن جانور جي شڪل ۾ سوچينداسين ته اهو ئي نقش اڀري ايندو جيڪو يقين جي صورت اختيار ڪرڻ لڳي ٿو.اهو سڀ ان ڪري ٿيندو آهي جو اسان جي نظر تي اسان جي سوچ غالب اچي وڃي ٿي.
ان قسم جي نفسياتي بيمارين جا مختلف سبب ٿي سگھن ٿا.اهو به ممڪن آهي ته ڪو حادثو جنهنجو شڪار مريض ٿيو هجي،ان حادثي جو هن ڪنهن سان به ذڪر نه ڪيو هجي ۽ اهو خوف ۽ شڪ ان جي ذهن جي لڪيل خانن ۾ شڪ مان گذري يقين جي صورت اختيار ڪري ويو هجي.اهڙن نفسياتي مريضن جو علاج ناممڪن ڪونهي ڇو ته اها ڪا لاعلاج بيماري ناهي.اهڙن مريضن کي پاڻ يا سندن گھر وارن کي گھرجي ته اهي ڪنهن ماهر نفسيات سان ترت رابطو ڪن ته جيئن مشاورت ذريعي سندن مرض جو علاج ٿي سگھي.اهڙا مريض رحم ۽ همدرديء لائق ٿين ٿا.سندن ذهني ڪيفيت کي ڏسندي ساڻن ان قسمن جو همدرداڻو رويو اختيار ڪرڻ گھرجي.انهن سان الجھڻ يا بحث ڪرڻ جو ڪو فائدو ناهي.جاهل سماج ۾ اهو به ڏٺو ويو آهي ته اهڙن مريضن جي علاج لاء ماڻهو جاهل ۽ ٺڳ عاملن جي چڪرن ۾ ڦاسي وڃن ٿا ۽ اهي اهڙن مريضن کي جن يا آسيب ۾ ورتل،جادو ڪيل وغيره قرار ڏيئي اهو ٻڌائيندا آهن ته اهڙيون نظر نه ايندڙ طاقتون انهن کان اهو ڪم ڪرائي رهيون آهن جڏهن ته سچائي اها ناهي هوندي. اها هڪ اوسي ڊي جهڙي بيماري آهي جنهن لاء مريض ۽ مريض سان لاڳاپيل ماڻهن کي ڪنهن عامل يا جادوگر بدران ڪنهن ماهر نفسيات سان رجوع ڪرڻ گھرجي.
(روزاني جيجل 15 جون 2019

Wednesday, June 12, 2019

ايندڙ هفتن ۾ گھڻو ڪجهه بدلجي سگھي ٿو ؟



شفيق الرحمان شاڪر
هن وقت ملڪ جنهن سياسي دڳ تي بيٺل آهي اتي لڳي ٿو ته سڀ جون سڀ ڌريون چڱيء طرح ڦاسي چڪيون آهن ۽ هر ڌر کي سندس ڌٻڻ مان نڪرڻ جو ڪو ئي رستو نظر نٿو اچي.عوام پراڻن حڪمرانن جي ڄار مان نڪري اهڙن تبديلي پسند حڪمرانن جي وڪڙ ۾ اچي چڪو آهي جيڪي هڪ طرف صبر جي تلقين ۽ مشڪلون برداشت ڪرڻ جون صلاحون ڏيندا ٿا وڃن ته ٻئي طرف هر ايندڙ ڏينهن تي مهنگائيء جو هڪ نئون بم عوام مٿان ڦاٽڻ جو منتظر رهي ٿو.اڃا خير جي بجيٽ آئي ئي ناهي ته ماڻهن جون رڙيون نڪري وييون آهن،بجيٽ اچڻ کان پوء ڇا حشر ٿيڻو آهي خبر ناهي.آخر قربانين جا سڀيئي مطالبا رڳو غريب مخلوق کان ئي ڇو ڪيا وڃن ٿا؟ وڏن پيٽن وارن لاء ته موجون ئي موجون لڳيون پييون آهن.معلوم ٿيو آهي ته انهن سخت معاشي حالتن ۾ به حڪومت ملڪي خزاني مان هڪ وڏي رقم اسٽاڪ ايڪسچينج جي مدد لاء اڇلي رهي آهي ته جيئن معاشي مافيا کي ذرو به تڪليف نه پهچي جو هي ملڪ انهن جو ئي آهي.اها ته ٿي ڦاٿل عوام جي ڳالهه پر رڳو عوام ئي ڦاٿل ناهي حڪومت،احتسابي ادارا،اپوزيشن ۽ اسٽيبلشمينٽ به بريء طرح ڦاٿل نظر اچي ٿي.حڪومت وٽ اهليت ۽ سنجيدگيء نالي ڪا شيء ناهي جو کيس ۽ ملڪ کي پيش آيل بحرانن مان ٻاهر نڪري سگھي.خبر ناهي حڪومت طرفان فيصلا ڪير ڪري رهيو آهي ۽ ڪهڙي حڪمت عمليء هيٺ ڪري رهيو آهي.هر ايندڙ ڏينهن تي حڪومت پنهن جي لاء پاڻ ڪانه ڪا مصيبت پيدا ڪريو ويهي يعني ”آ بيل مجهي مار.“ هن وقت جڏهن حڪومت کي اپوزيشن پاران مهنگائي ۽ بين مسئن جي ڪري سخت چيلينج سامهون آهي ته خبر ناهي حڪومت جي ڪهڙي همدرد دوست کين معزز ججن خلاف ريفرنس  داخل ڪرڻ جي صلاح ڏني . جيڪر اهو ريفرنس داخل ڪرڻ هروڀرو هن و      قت ئي ضروري هو ته اهو حڪومت بدران ڪو ٻيو شخص يا ڪا ٻي ڌر به داخل ڪري سگھي ٿي  پر لڳي ٿو ته هن حڪومت کي اجايو بحران مٿان بحران پيدا ڪرڻ جو شوق سڪون سان ويهڻ نٿو ڏئي.اپوزيشن ان معاملي ۾ ڦاٿل آهي سندن ماضيء جي خراب ڪارڪردگيء سان گڏوگڏ سندن اڪثر قيادت تي بدعنوانين جا سنگين الزام آهن ۽ گرفتارين جي تلوار سر تي لٽنڪندي نظر اچي رهي آهي.نه ته ڪو اين آر او ٿي رهيو آهي ۽ نه ئي ماضيء جيان ڪا ڊيل ٿي رهي آهي جنهن ڪري اهي پنهنجو مال ۽ آل بچائڻ لاء سر ڌڙ جي بازي لڳائڻ لاء تيار ٿي ويا آهن ۽ هر مسئلي کي سياسي بنائڻ جي ڪوشش ڪئي پيئي وڃي ته جيئن حڪومت ۽ احتساب ادارن تي دٻاء وڌائي سگھجي.عوام انهن جي پويان ان ڪري نه نڪرندو جو انهن عوام کي ڪي سک ڏنا آهن پر ان ڪري جو هاڻوڪي حڪومت جي ڪارڪردگي نهايت ئي مايوس ڪندڙ ۽ چڙ ڏياريندڙ آهي،احتسابي ادارا به ڦاسي پيا آهن جو انهن تي حڪومت جو هٿيار بڻجي مخالفن کي سياسي انتقام بنائڻ جا الزام لڳي رهياآهن ۽ خود حڪومتي وزيرن ۽ مشيرن جي ڪجهه بيانن انهن ادارن کي وڌيڪ تڪراري بڻائي ڇڏيو آهي.سمجهه ۾ نٿو اچي ته نيب جي چيئرمين کي هن وقت جاويد چوڌريء کي اهو تڪراري انٽرويو ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت پيش آئي.توڙي جو هاڻي ترديدون ڪيون پييون وڃن پر بهرحال  ڪجهه ته دال ۾ ڪارو ضرور آهي.اهو به ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته نيب چيئرمين جي ان انٽرويو سان صرف اپوزيشن کي ئي فائدو رسيو آهي.اسٽيبلشمينٽ ان معاملي ۾ ڦاسي پيئي آهي ته انهن هاڻوڪن حڪمرانن جي اهليت بابت جيڪو اندازو لڳايو هو اهو بلڪل غلط ثابت ٿيو آهي ۽ اسٽيبلشمينٽ لاء هاڻوڪا حڪمران ان هڏيء جيان آهن جن کي نه ته ڳوري سگھجي ٿو ۽ نه ئي ٻاهر ڦٽي ڪري سگھجي ٿو.ان سڄي صورتحال ۾ هلندڙ ٻه مهينا يعني جون ۽ جولاء حڪومت توڙي ملڪي سياست لاء نهايت ئي اهم آهن انهن ٻن مهينن اندر گھڻو ڪجهه تبديل ٿي سگھي ٿو ايستائين هاڻوڪا حڪمران رهندا يا نه،اسيمبلين جو مستقبل ڇا ٿيندو،نيون چونڊون ٿينديون يا ساڳي حڪومت کي ڪجهه هيٺ مٿي ڪري ڪم ٽپايو ويندو ، احتساب جو ڇا ٿيندو،گرفتاريون  ٿينديون يا سياسي رليف ملندو؟ انهن سمورن سوالن جا جواب هنن ٻن مهينن جي اندر اندر ملي ويندا.هن وقت حڪومت ۽ سياست جي حوالي سان مختلف فارمولا زير غور آهن.اپوزيشن پوريء طرح  گھڻي ڀاڱي متفق آهي ته ڪنهن به صورت ۾ حڪومت کي ان نموني ختم نه ٿيڻ گھرجي جو اسيمبليون ٽٽي وڃن.اهي ظاهر ۾ ڀلي ڪهڙيون به ڳالهيون ڪندا هجن پر انهن مان ڪوبه حڪومت ڪيرائڻ نٿو گھري ان ڪري جو سڀني کي خبر آهي ته هن حڪومت جي گھر ڀيڙو ٿيڻ جي صورت ۾ اڳيان هڪڙو سياسي بليڪ هول آهي ۽ في الحال عمران خان آخري سياسي رانديگر آهي.ٿي سگھي ٿو ته اپوزيشن مان ڪن کي اڃا به اها خوش گماني هجي ته عمران خان حڪومت وڃڻ سان وري کين حڪمرانيء جو موقعو مهيا ڪيو ويندو پر اها رڳو خام خيالي آهي.في الحال انهن جي نصيبن ۾ رڳو عدالتن جون حاضريون ۽ گرفتاريون نظر اچي رهيون آهن.انهن پاترٽين جي پهرئين درجي جي قيادت کي ان ڳالهه جي پوري پروڙ آهي پر اهي پنهنجن جارحاڻن بيانن ۽ احتجاجن ذريعي  ڪجهه رليف حاصل ڪرڻ جي اميد رکيو ويٺا آهن. اپوزيشن جي صفن ۾ اها ڳالهه فائينل ٿي چڪي آهي ته مائنس عمران فارمولو انهن سڀني لاء قابل قبول آهي ۽ انهيء سلسلي ۾ عمران خان تي نه رڳو دٻاء وڌي رهيو آهي پر ايندڙ ڏينهن ۾ ان دٻاء ۾ گھڻو واڌارو ايندو.هن وقت عملي طور تي عمران خان اڪيلو ٿي چڪو آهي ايستائين جو سندس حڪومتي وزيرن ۽ مشيرن جي اڪثريت به ان نئين فارمولي تي پوريء طرح رضامند نظر اچي ٿي ۽ انهن جا اندر ئي اندر اپوزيشن جماعتن سان رابطا آهن.سوچ اها آهي ته عمران خان کي هٽائي ان جاء تي ٻيو ڪو متفقاوزير اعظم آندو وڃي جنهن جي ڪابينا ۾ مختلف سياسي جماعتن جا وزير ۽ مشير به شامل هجن جنهن کي ”قومي حڪومت“ جو نالو ڏنو وڃي. ڇا عمران خان ان فيصلي کي آسانيء سان قبول ڪري استعيفا ڏيئي ڇڏيندو يا هو مزاحمت ڪندو؟ لڳي نٿو ته عمران خان آسانيء سان وچان هٽي ويندو ۽ اهو به ته عمران خان جا ووٽر ڪو ان تبديليء کي آسانيء سان قبول ڪندا.بهرحال ايندڙ ڏينهن ۾ عمران خان لاء نهايت ئي ڏکيا ڏينهن اچي رهيا آهن . ڇا هو انهن سمورن بحرانن مان سلامتيء سان پار پئجي سگھندو اهو ئي اهم سوال آهي جنهن جو جواب هلندڙ ٻن مهينن دوران ضرور ملي ويندو.
(روزاني هلال پاڪستان)

Tuesday, June 11, 2019

نئون فيشن،نوان رنگ!



شفيق الرحمان شاڪر

والين پائڻ تائين ته ٺيڪ هو پر مرداڻن ماڊلنگ جون ڪجهه تصويرون ڏسي دل ٽپا کائي نڙيء ۾ اچي ويئي آهي.چڱن خاصن نوجوانن ميڪسيون پائي رکيون آهن جڏهن ته هڪڙي جوان مرد ته باقائدي پنهنجي مٿي تي پوتي به پهري رکي آهي ۽ گھڻي اميد آهي ته ترت ئي ڪنهنجو گھر وسائي وٺندو.پهرين خيال آيو ته شايد نوجوانن ۾ ڪا ”سلڪي ٽچ“ آهي پوء جاچ جوچ ڪئي ويئي ته پتو پيو ته اهڙي ڪا ڳالهه ناهي،سڀ ”حدود آرڊيننس “ جا اهل آهن.هڪڙو مشهور پروڊيوسر آهي پر اهڙو فيشن ڪندو آهي جو ڪڏهن ڪڏهن فيصلو ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي ته موصوف فيشن ڪيو آهي يا  ڪا غلطي.هڪ ڏينهن قبلا صاحب ٻه الڳ رنگن وارا جوتا پائي آيو.ساڄي پير ۾ ڳاڙهو ۽ کاٻي پير ۾ پيلو.منطق پڇيو ويو ته لاپرواهيء وچان فرمايائين؛ ماڻهوء کي ٻين کان الڳ نظر اچڻ کپي.مون هٿ ٻڌي عرض ڪيو؛ حضور! ماڻهو ماڻهو ئي نظر اچڻ گھرجي.اهو به فيشن آهي ته چمڪندڙ ڪوٽ هيٺان ڳاڙهي رنگ جي پينٽ پائڻ گھرجي ۽ وڌيڪ هيٺ بنان جورابن جي بوٽ پاتا وڃن جن جون ڪنهيون کليل هجن.ان قسم جا اڪثر ڇوڪرا وارن ۾ يا ته گھنڊ لڳائيندا آهن يا اهڙي ته چمڪدار ٺوڙهه ڪرائيندا آهن جو لڳندو آهي ته ليمينيشن ڪرايل هجي.ننڍپڻ ۾ هڪ چيوگم ملندو هو جنهن جي پيڪيٽ تي ڪنهن جانور جي تصوير هوندي هئي،ان جي استعمال جو طريقو نهايت ئي سادو هو،ٻانهن تي ٿوري ٿڪ لڳائي انهيء تي اهو تصوير وارو ڪاغذ چنبڙايو ويندو هو ۽ زور سان دٻائي کنيو ويندو هو ته تصوير ٻانهن تي ڇپجي ويندي هئي.اهو ان دور جو ”ٽيٽو“ هوندو هو جيڪو پهرئين غسل ۾ ئي صاف ٿي ويندو هو.عاشق مزاج ماڻهو ٻانهن تي محبوبا جي نالي جو پهريون اکر اڪرائيندا هئا،منهنجي سڃاڻپ واري بزرگ جي هٿ تي اڃا تائين ”ايس“ لکيل آهي.سندس چوڻ مطابق هن اهو سندس بيگم جي محبت ۾ لکرايو هو.مون پڇيو توهان جي بيگم جو نالو ته بلقيس خانم هو.اطمينان سان چيائين؛ ها آئون کيس پيار مان ايس بلقيس خانم چوندو هئس.هاڻي اهو رواج به هلي پيو آهي ته ڌڙا ڌڙ ٽيٽو اڪرايا وڃن ٿا ۽ اسٽائيل اهڙو جو گھاٽي ٺوڙهه جي پڇاڙيء ۾ ڀٽونء جي شڪل يا ٻانهن جي ڏوري تي ڏنگ هڻندڙ نانگ.نيٽو فورسز کان پوء اهو ٽيٽو فورسز گھڻو عام آهي.اسان جي هڪ اداڪارا جو ٽيٽو به گھڻو مشهور ٿيوهو.سندس تصوير ڏسي بي اختيار ٽين نظر ٽيٽو تي ئي پوندي هئي.اسان کي فيشن تي ڪو اعتراض ڪونهي پر ڦاٽل جينز، هڪ طرف نڪتل شرٽ ۽ ڇوڪرين جيان ڪيل چوٽيء کي فيشن چوڻ..نه نه،آئون نٿون مڃان، آئون نٿو ڄاڻان!
ڊريس ۾  پينٽ شرٽ پائڻ جو رواج ئي ختم ٿيندو ٿو وڃي.نئون نسل ان کي پراڻو فيشن سمجھي ٿو،غضب خدا جو،رائل بليو ڪلر جي شرٽ،لائيٽ گري ڪلر جي پينٽ ۽ هيٺان ڪاري مڪيشن جا بوٽ..ان کان اعليٰ ڊريسنگ ٻي ڪهڙي ٿي سگھي ٿي؟پر نه!ٻار نٿا مڃين.اوهان انهن کي ڪنهن به ريڊي ميڊ ڪپڙن جي دوڪان تي وٺي وڃو ته هر اها جوتي سندن فيوريٽ بڻبي جيڪا اسان جي زماني ۾ پائڻ کان وڌيڪ مارڻ جي ڪم ايندي هئي.پر خوشيء جي ڳالهه آهي جو شادي وهانء جي موقعي تي وليمو ۽ بارات،اهي ٻه فنڪشن اهڙا آهن جن ۾ نوجوان نسل به ڪوٽ پينٽ پائڻ پسند ڪري ٿو.اها الڳ ڳالهه آهي ته ڪٿي نه ڪٿي ڪا چولي ضرور لٽڪندي رهندي آهي.مثال ڪالهه پاڙي جي هڪ شاديء ۾ وڃڻ ٿيو،هڪ فيشن ايبل نوجوان ڪوٽ پينٽ پهري رکيو هو پر شرٽ جو مٿيون بٽڻ کولي ٽائي کي ناٽ ان طرح لڳائي هئي ڄڻ ته اجھو اجھو ٿڪي ٽٽي دفتر کان گھر پهتو هجي.نئون نسل ته سلوار قميص پائي ئي ڪونه ۽ جيڪر پائي وٺي ته اتي به کچ مارڻ کان باز نٿو اچي.اوهان ئي ٻڌايو،هاف ٻانهن واري قميص سان گڏ کليل گھيرا ۽ گلن واري سلوار ڪيئن لڳندي آهي؟ فيشن جو اهو سلسلو رڳو ايستائين محدود ناهي،آئون ته صبح کان سڪتي جي عالم ۾ آهيان.گھٽيء ۾ هڪ نوجوان ڏٺم جنهن اڌ مڇ رکي ڇڏي هئي.جنهن تيزيء سان اڄ جي نوجوانن ۾ نرالو نظر اچڻ جو لاڙو وڌي رهيو آهي اهو ڏينهن پري ناهي جو ايندڙ ڪجهه سالن ۾ نوجوان اهڙيون شيون به پائڻ لڳندا جيڪي بهرحال انهن کي هرگز نه پهرڻ گھرجن.عين ممڪن آهي ته اهي ننهن وڌائي ڇڏين،نيل پالش لڳائڻ شروع ڪن،هلو ايستائين به خير آهي پر ڊڄو ان وقت کان جڏهن وڏي کڙيء واري جوتي پائي پرس لوڏڻ شروع ڪري ڏين.فيشن جي ان ڊوڙ ۾ ڪم جي شيء خريد ڪرڻي هجي ته ڇهه دوڪان گھمڻا پون ٿا. آئون گرمين جي موسم ۾ عام طور تي ٽرائوزر ۽ ٽي شرٽ پائيندو آهيان،پوين ڏينهن ۾ ڪجهه نوان ٽرائوزر خريد ڪرڻ ويس ته خبر پيئي ته اڄ ڪلهه نئين فيشن جا ٽائيٽ پانچن وارا ٽرائوزر هلي رهيا آهن.لاحول ولا قوت!يعني ٽائيٽ ترين پانچا پائيو ۽ 42 ڊگري سينٽي  گريڊ گرميء ۾ ڀت سان ٽڪرون هڻندا ڦرو.اهو فيشن فوري طور تي ختم هئڻ گھرجي ڇو ته انهيء سان روڊ وڌيڪ سوڙها ٿيڻ جو خطرو آهي جو ماڻهو “آسان باش“ پوزيشن م هلڻ شروع ڪري ڏيندا.انهن سمورن خطرن باوجود دل کي ڪجهه تسلي ضرور آهي ته مون تمام ٿورا اهڙا نوجوان ڏٺا آهن جيڪي شاديء کان پوء پنهنجو فيشن برقرار رکي سگھن.ڄڻ ته شادي ان اهم ترين مسئلي جو حل آهي.تنهن هوندي به ڏک  جي ڳالهه اها جو اسان جي ملڪ ۾ ايتريون شاديون نٿيون ٿين جيتريون ولادتون ٿين ٿيون.ان ڪري الائينمينٽ آئوٽ هوندي آهي.سڌرن گھٽ پيا ۽ بگڙن گھڻا پيا.ڪو وقت هو جو جڏهن پنڪ ڪلر رڳو ڇوڪرين لاء مخصوص هوندو هو پر اڄ ڪلهه اهو مردن ۾ به عام آهي.هلو ان کي به معاف ڪيون ٿا ڇو ته خود مون وٽ به پنڪ ڪلر جون ٽي چار  قميصون آهن.گھڻو افسوس ان ڳالهه جو آهي جو ڀلا بيلٽ سواء به ڪو پينٽ پائيندو آهي؟ جي ها پائيندا آهن ۽ ”بيلو دي بيلٽ“ پائيندا آهن جنهن کي ڏسي ڪري اڪثر اهو لڳندو آهي ته ايندڙ چوڪ تائين گانو هلي ويندو..”تون هل آئون آيس.“
هاڻي مارڪيٽ ۾ ڪاشيڪاريء کان عاري ۽ پلينٽي شرٽ ڳولهڻ ۾ وقت لڳي ٿو،ڊزائين سواء سمپل ڪوٽ به نٿو ملي،مٿان وري ڪرتي ۽ سلوار جو به نئون رواج اچي ويو آهي،ڪرتو اهو ئي پراڻو آهي پر سلوار الاسٽڪ واري پاجامي ۾ بدلجي ويئي آهي.اسان جو هڪ دوست ان فيشن مان ڏاڍو خوش هو ته زندگي آسان ٿي ويئي آهي پر ٽيون ڏينهن جيڪي ڪجهه ساڻس ٿيو تنهن بعد هن پاجامو پائڻ کان ئي توبهه ڪري ڇڏي.موصوف صبح تڪڙ ۾ تيار ٿي دفتر آيو ته ڪرتو ۽ پاجامو پهريل هئس،ٿوري دير بعد گھران بيگم جو فون آيس،ڪجهه دير ته وڏي اطمينان سان ڳالهه ٻڌندو رهيو پر اوچتو ٻئي طرف کان خبر ناهي ڇا ٻڌائين جو سندس رنگ کي ڦڪو ٿي ويو.هڪ نظر پاجامي تي وڌائين،تيزيء سان ٿيلهو پڪڙيائين ۽ ڊوڙندو دفتر مان ٻاهر نڪري ويو!
(اردو ادب مان ورتل)

Wednesday, June 5, 2019

مٺي عيد جون ڦڪيون خوشيون.



شفيق الرحمان شاڪر
”انوري“ فارسيء جو مشهور شاعرهو پر شاعريء سواء سندس قسمت ۾ ڏک ۽ مصيبتون به گھڻيون لکيل هيون.هڪ هنڌ پنهنجن مصيبتن کي بيان ڪندي لکيائين ته آسمان مان جيڪا بلا به لهي ٿي اها زمين تي لهندي ئي انوري جي گھر جو پتو پڇي ٿي.لڳي ٿو ته هن وقت اسان جو پيارو وطن پاڪستان به انوريء جو گھر بڻجي ويو آهي.پر اسان کي به شايد انهن مصيبتن جي وچ ۾ رهڻ جو هنر اچي ويو آهي،روز روز جي آسماني ۽ زميني مصيبتن جي وچ ۾ رهندي ڪجهه ته اهو سليقو اسان کي پاڻهي اچي ويو آهي ته ڪجهه وري اسان جي ٽي وي چينلن به اسان کي سيکاريو آهي.اوهان عيد جي آسپاس جي ڏينهن ۾ ڏٺو هوندو ته اڃا ڏکويلن جي ماتم جو منظر آهي جن جو سهاڳ لٽجي چڪو آهي يا جن جون هنجون ويران ٿي ويون آهن،اهي بي حال نظر اچن ٿيون ۽ اوڙي پاڙي وارا انهن کي دلاسو ڏيئي رهيا آهن پر اوچتو ئي منظر بدلجي ٿو،رپورٽر ڏکويلن کان موڪل ورتي ۽ انهن بازارن ۾ وڃي نڪتو جتي ٻار ۽ وڏا عيد جي خريداري ڪري رهيا آهن،ڇوڪريون واليون خريد ڪرڻ ۾ مصروف آهن،ڳورين ڪرائين تي چڙهندڙ چوڙيون پنهنجي بهار ڏيکاري رهيون آهن ۽ هٿن تي لڳندڙ مهندي پنهنجو رنگ ڏيکاري رهي آهي،ريشمي ڪپڙن جي دوڪانن تي رش،جوتن جي دوڪانن تي هجوم،اجھو هاڻي اسان سوڳوارن سان گڏ غمگين هئاسين ۽ هاڻي ئي اسان رومال سان ڳوڙها اگھيا ۽ هاڻي خوش ۽ خرم مخلوق جي وچ۾ پهچي انهن جي گوڙ شور ۾ شامل ٿي ٽهڪ ڏيڻ لڳاسين.ٽي وي چينلن جا رپورٽر وڏي جوش خروش سان خريداري ڪندڙ ٻارن،عورتن ۽ نوجوانن کان عيد جي تياريء جي باري ۾ پڇي رهيا آهن.اهي ٽي وي رپورٽر اهو ئي تاثر ڏيئي رهيا آهن ته عيد تي وڏو ميلو متل آهي،خريدارن ۾ جوش ۽ جذبو آهي،بازارن ۽ گھٽين ۾ گهما گهمي آهي پر حقيقت اهاآهي ته غريب طبقي جي هن سال ڪاعيد ناهي.مهنگائي ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري رکيو آهي،پگھاردار طبقي جي حالت به قابل رحم آهي،آمدني اها ئي ۽ خرچ وڌي ويا آهن.جيڪي ڀاڄيون پهرين ويهن کان ٽيهه روپيا ڪلو ملنديون هيون اهي اسي کان سو روپيا وڪجي رهيون آهن. گيهه،چانورن ۽ کنڊ جو اگھه ڪٿان کان ڪٿي پهچي چڪو آهي.گوشت ته گوشت پر دالين جا اگھه به آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن.کير،اٽو ۽ مصالحا وغيره به وٺڻ کان چڙهي ويا آهن.پهرين دفتر پهچڻ لاء جتي سو روپين جو پيٽرول موٽر سائيڪل ۾ استعمال ٿيندو هو اتي هاڻي 150 کان 170 روپين جو پيٽرول استعمال ٿئي ٿو.هر شيء کي باهه لڳي ويئي آهي جڏهن ته مزدوريون ۽ پگھارون اهي ئي ساڳيون آهن.اهڙي صورت ۾ مهنگائيء جو سمورو بار غريب ماڻهن تي ئي ڪري رهيو آهي.  مهنگائيء جي آيل ان طوفان زندگيء جي سمورن شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي پنهنجي وڪڙ ۾ آندو آهي.ننڍو ڪاروباري طبقو هجي يا گھريلو صنعتن سان لاڳاپيل ماڻهو،روزاني ڏهاڙيء تي مزدوري ڪندڙ طبقو هجي يا پگھاردار ماڻهو.سڀ جا سڀ مهنگائيء جو ماتم ڪندي نظر اچن ٿا.ملڪ جي معاشي صورتحال هر ايندڙ ڏينهن تي وڌيڪ ابتريء طرف وڌندي محسوس ٿي رهي آهي جنهن سان مهنگائي توڙي بي روزگاريء ۾ لاڳيتو واڌارو ٿي رهيو آهي.ملڪ جي معاشي صورتحال کي ڏسندي چئي سگھجي ٿو ته ايندڙ ڏينهن ۾ اها حالت وڌيڪ لکين ماڻهن کي غربت جي لڪير کان هيٺ اڇلي ڇڏيندي.جيڪر ان بگڙجندڙ معاشي صورتحال کي ترت سنڀالڻ جي ڪوشش نه ڪئي ويئي ته اسان هڪ اهڙي معاشي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پونداسين جتان نڪرڻ ناممڪن بڻجي ويندو.ان سان نه رڳو بي روزگاريء ۾ اضافو ٿيندو بلڪه امن امان جي صورتحال به خراب ٿيڻ جو خطرو آهي.ظاهر آهي ته جنهن غريب جي گھر جو چلهو نه ٻرندو ان کي پنهن جن معصوم ٻچن جو پيٽ پالڻ لاء هر قسم جي حالتن سان جنگ ڪرڻي پوي ٿي.ان صورت ۾ انسان ته انسان پر ڪو جانور به پنهن جن ٻچن کان بکيو مرڻ ڏسي نٿو سگھي.جنهن جي گھر ٻن وقتن جي ماني ئي ميسر نه هجي ان جي لاء ڪهڙيون عيدون ۽ ڪهڙيون خوشيون! هو ته سرمائيداري نظام ۾ پيسبو ئي رهي ٿو،ان ظالم طبقي سان تعلق رکندڙ حڪمران طبقو انهن غريبن کي ان حال ۾ ڇڏي ئي نٿو جو اهي به پنهنجي زندگيء ۾ خوشي يا عيد جون ڪجهه گھڙيون ملهائي يا گذاري سگھن.ڪو زمانو هو جو عيد خوشين ۽ شادمانين جو ڏينهن هوندو هو،ان ڏينهن ٻار،جوان ۽ وڏي عمر جا مرد توڙي عورتون نوان ڪپڙا پهريندا هئا ۽ مرد عيد گاه طرف روانا ٿيندا هئا.عيد نماز کان فارغ ٿي سمورا ماڻهون پاڻ ۾ ڀاڪر پائي ملي هڪ ٻئي کان پنهنجن ڪمين ، ڪوتاهين،غلطين ۽ زيادتين جي دل سان معافي گھرندا هئا.گھرن ۾ قسمين قسمين کاڌا پچندا هئا.جيڪر ڪو ماڻهو مالي طور تي ڪمزور هوندو هو ته به هو پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪري ان ڏينهن تي ڪجهه نه ڪجهه ضرور تيار ڪري ايندڙن ويندڙن جي خدمت چاڪري ڪندو هو يعني عيد نهايت ئي روايتي ۽ مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي ويندي هئي.هر ماڻهو عيد جي خوشين ۾ پاڻ توڙي پنهن جي ڪٽنب،مٽن، مائٽن ۽ دوستن کي عيد جي خوشين ۾ شامل ڪرڻ جي ڀرپورڪوشش ڪندو هو،ٻار وڏن کان عيدي وصول ڪندا هئا ۽ ان سان گڏ وڏڙن جون ٺير ساريون دعائون به حاصل ڪندا هئا.ڏاڏي امان صبح سوير ڪا نه ڪا مٺي شيء تيار ڪندي هئي،گھر جا ننڍڙا ٻار ڏونگھي ۽ بادام کائڻ لاء ڏاڏي امان جي چوڌاريء گڏ ٿي ويندا هئا.وقت بدليو ته سڀ ڪجهه ئي بدلجي ويو.ملڪ جي خراب معاشي صورتحال سبب غربت،مهنگائي،بي روزگاري ۾ ايتري قدر ته اضافو ٿيو جنهن مٺي عيد جون سڀ خوشيون ئي ڦڪيون ڪري ڇڏيون.اهڙيء طرح هاڻي عيدن جي خوشين ۾ اهو روايتي جوش،ولولو،جذبو، خلوص، محبت ۽ پيار به ڏينهون ڏينهن اڻ لڀ ٿيندو ٿو وڃي.پهرين وارو عيد جو انتظار ۽ ان کي ملهائڻ جو اهو جوش خروش هر هنڌ جھڪو نظر اچي ٿو.بلڪه ايئن ٿو لڳي ڄڻ عيد جي چنڊ کي غربت،مهنگائي ۽ بي روزگاريء جهڙن وڏن مسئلن جو گرهڻ لڳي ويو هجي ۽ روزن بعد سڀ کان گھڻيون خوشيون ڏيندڙ ڏڻ هاڻي واجبي بڻجي رهجي ويو آهي جنهن جي خوشين جي تلاش ۾ ماڻهو پنهنجن حقيقي عزيزن ۽ قريبن کان پري ٿيندا ٿا وڃن.اسان کي ياد آهي ته ننڍپڻ ۾ عيد جا رنگ ئي نرالا هوندا هئا،صبح سوير نماز عيد کان پوء مٽن مائٽن جو هڪ ٻئي جي گھرن جو چڪر لڳائڻ، تحفا ۽ سوکڙيون ڏيڻ،پنهن جي هم عمر دوستن ۽ مائٽن کي عيد جي خوشين سان منسوب شعر لکي دعائن سان خوبصورت عيد ڪارڊ موڪلڻ زندگيء جون بس ڪي سهڻيون يادون بڻجي ڪري رهجي وييون آهن.انهن مان گھڻو ڪجهه وقت گذرڻ سان گڏ مهنگائيء جي نذر ٿي چڪو آهي.اهو ئي سبب آهي جو غريب ماڻهو عيد جي ڏينهن به پنهنجي گھر جو چلهو ٻارڻ لاء جاکوڙ ڪندي نظر اچن ٿا.ملڪ تي ٿاڦيل سرمائيداراڻو ذهن رکندڙ نااهل حڪمرانن طرفان جڙندڙ عوام دشمن معاشي پاليسين عوام جو ڪچوبر ڪڍي ڇڏيو آهي.انهن جاهل حڪمرانن پنهنجن مفادن خاطر قوم کي آئي ايم ايف وٽ گروي رکي ڇڏيو،جيڪر باقي ڪا ڪسر رهيل هئي ته اها هاڻوڪن حڪمرانن پوري ڪري ورتي آهي يعني رڳو نون مهينن ۾ ملڪي تاريخ جو سڀ کان گھڻو قرض وٺي اهڙو ته ڪمال ڪيو آهي جنهن سان نه رڳو ملڪي معيشت تباهيء جي ڪناري پهچي ويئي ۽ ڊالر جي اڏام آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳي پر پوري خطي ۾ روپئي جي قيمت خاڪ بڻجي رهجي ويئي.هن حڪومت جي انهن پاليسين جي سڌاري جي ته ڪا اميد نظر نٿي اچي پر مالي طور تي پهچ رکندڙ خدا ترس ماڻهو جيڪر ڪجهه حصو پنهنجي طرفان ملائين ته غريبن جي عيد ۾ به خوشين جا ڪجهه رنگ ڀري سگھجن ٿا.


(روزاني عوامي آواز 5 جون 2019ع)

Monday, June 3, 2019

لوٽن ۽ لفافن کان چمچن تائين!



شفيق الرحمان شاڪر
جيڪر ويجھو وڃي لوٽن جي ڪنهن ڍير تي نظر وجھبي ته اهي رڳو پلاسٽڪ جا لوٽا آهن جن کي هيٺ مٿي سجائي هڪ منظم شڪل ڏني ويئي آهي پر ڪجهه فاصلي تي وڃي ڏسبو ته اهي سمورا لوٽا ملي ڪري هڪ وڏي اڪيلي لوٽي جي شڪل اختيار ڪن ٿا ۽ انهن جي جز ۽ ڪل جو فرق مٽجي وڃي ٿو ڇوته هر ايڪائيء جو انفرادي لوٽاپڻ ختم ٿي ڪائناتي لوٽي ۾ ضم ٿي وڃي ٿو ۽ اهو همه گير شاهي لوٽو اسان جي نظرن سامهون موجود اڪيلي حقيقت بڻجي ڪري رهجي وڃي ٿو.ڪجهه اڃا به پري وڃي لوٽن جي ان ڍير تي نظر وجھو ته اهو هڪ شاهي گادي يا اقتدار جي ڪرسيء جو منظر پيش ڪري ٿو۽ جڏهن اسان دل جي نگاهه سان روزمرهه جي ان ٿانو کي ڏسون ٿا ته ٽونٽيء کان وٺي تري تائين اسان کي اهو هڪ بليغ سياسي،سماجي ۽ اخلاقي اشارو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. سياست ۽ صحافت ۾ لوٽي جو عمل دخل ڪا اڄ جي ڳالهه ناهي.ستر اسي سال اڳ مولانا ظفرعلي خان هي لفظ ڊاڪٽر عالم نالي هڪ اهڙي ماڻهوء لاء ڳالهايو هو جيڪو هر ٽئين ڏينهن پارٽي بدلائي ڇڏيندو هو. پهرين هو اتحاد المسمين ۾ هو،پوء مسلم ليگ ۾ هليو ويو ۽ هوا جو رخ بدلجندي ئي ڪانگريس ۾ شامل ٿي ويو.جڏهن ملڪ تقسيم ٿي ويو ته پاڪستان پهچي هڪ دفعو وري مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ جي ڪوشش ڪيائين پر مولانا ظفر علي خان پاران مليل لقب هن کي اهڙو ته چنبڙي پيو جو ماڻهو کيس ڊاڪٽر عالم لوٽو چئي سڏڻ لڳا ۽ اها ڇيڙ ڇاڙ ايتري ته وڌي جوڊاڪٽر عالم لوٽو لاهور کان فرار ٿي واپس ڀارت هليو ويو.اسان جي ملڪ ۾ ايندڙ غير ملڪي سياح شايد لوٽي جي شاندار مقامي تاريخ کان واقف نه هوندا آهن ۽ اهي ان کي رڳو عام استعمال جو هڪ ٿانو سمجھندا آهن.اسلام آباد آرٽ گيلريء ۾لوٽن جي ڍير کي حيرت وچان تڪيندڙ هڪ غير ملڪي سياح خاتون کي جڏهن  ٻڌايو ويو ته لوٽو رڳو هڪ برتن ڪونهي بلڪه هڪ بليغ سياسي،سماجي ۽ اخلاقي استعارو آهي ته هوء چوڻ لڳي ته ان معنيٰ ۾ لوٽو انگريزي جي لفظ ” برائون نوز“ يعني ڀوري نڪ جو متبادل آهي.سندس چوڻ هو ته چاپلوسي ۽ چمچاگيري ڪرڻ وارا ماڻهو جڏهن پنهنجي ڪارڪردگيء جي معراج تي پهچندا آهن ته نياز نوڙت ۽ خاڪساريء ۾ سندن نڪ وڏي صاحب جي پيرن کي ڇهندي جسم جي ناقابل بيان حصن تائين پهچي ويندو آهي جتي لاڳيتو رڳڙڻ سان سندن نڪ ڀورو ٿي ويندو آهي.خاتون جو ضد هو ته لوٽي ۽ ڀوري نڪ ۾ سڌو تعلق آهي ڇوته لوٽي جي ٽونٽي به استعمال وقت انهن ئي جسماني عضون جي آسپاس گھمندي آهي جتي چاپلوس جو نڪ ڌڪا کائيندو آهي.ان امريڪي عورت جي تحقيق پنهنجي جڳهه پر اسان جي سادي کوجنا جو محدود دائرو رڳو ايترو اشارو ڪري سگھي ٿو ته اسان وٽ ”بي تري لوٽي“ جومحاورو مشهور آهي يعني اهڙو لوٽو جيڪو ڪنهن هڪ جڳهه تي نه ٽڪندو هجي.ڪڏهن ساڄي ته ڪڏهن کاٻي پاسي لڙهڪي ويندو هجي.بي اصول ماڻهوء کي ان قسم جو لوٽو چيو ويندو آهي ۽ مولانا ظفرعلي خان به ان پس منظر کي سامهون رکي پنهنجي شڪار کي لوٽو قرار ڏنو هو.
اسان وٽ سن اسي ۽ نوي جي سياست ۾ لوٽي جو لفظ داخل ٿيو هو پر لوٽي تي وڌيڪ ڪجهه چوڻ کان پهرين ” چمچي“ کي ڪجهه خراج تحسين پيش ڪرڻ ضروري آهي.”چمچو“ به هڪ جامع ۽ مختصر لفظ ۾ بدلجڻ کان پهرين هر ديڳ جو چمچو هوندو هو پر هاڻي فقط ”چمچو“ چوڻ سان ئي هڪ خوشامدي،چاپلوس ۽ ٻچاپڙي شخص جو تصور ذهن ۾ اچي وڃي ٿو.هونئن ته ٿانون جي دنيا ۾ چمچي جو درجو نهايت هيٺ اچي ٿو پر منصبي فرضن جي لحاظ کان ڏسو ته ان ننڍڙي جان نهايت ئي وڏي ذميداري سنڀالي رکي آهي.کاڌي کي ديڳ مان ڪڍي پليٽ تائين پهچائڻو هجي ته اهو ڪم چمچي کان سواء ڪير ڪري سگھي ٿو؟چمچي جي ان جانثاريء تان صدقي وڃجي جو سندس سامهون رڳو اهو ئي فرض رهي ٿو ته کاڌي جي ڍير يعني ديڳ،ڍونگي يا ڊش وغيره مان مال کڻ ۽ پنهنجي مالڪ جي وات ۾ پهچاء.ظاهر آهي ته ديڳ مان مال ڪڍڻ لاء وڏا چمچا استعمال ٿين ٿا،ڍونگي مان پليٽ تائين جو سفر ڪجهه ننڍي چمچي سان طيء ٿئي ٿو جڏهن ته پليٽ کان وات تائين پهچڻ لاء پلاء کي نهايت ئي ننڍڙي چمچي جو سهارو وٺڻو پوي ٿو.زردي۽ رس ملائيء لاء چمچو اڃا به ننڍو ٿي وڃي ٿو پر سائيز ڪهڙي به هجي چمچي جي ڊيوٽي اها ئي رهي ٿي.تنهن هوندي به منصبي فرضن جي ان بنيادي اهميت جي باوجود تمام ٿورا مالڪ آهن جيڪي پنهنجن چمچن جو قدر ڪندا هجن.ڏسڻ ۾ آيو آهي ته چمچي جي قدر ۽ قيمت مالڪ جي پيٽوپڻ تي دارومدار رکي ٿي يعني مالڪ جيترو پيٽو هوندو چمچي جي اهميت ايتري قدر وڌي ويندي.پر ان سموري اهميت باوجود چمچو جديد دور جي پنهنجي هم منصب لوٽي جي مقابلي ۾ ڪا حيثيت نٿو رکي. ڪم ۽ زبان جي مزي جي لحاظ کان به چمچي جي پهچ رڳو زبان تائين آهي جڏهن ته لوٽي جي ٽونٽي ان هنڌ تائين ڪم ڪري وڃي ٿي جتي وڏن وڏن جو پتو پاڻي ٿي ويندو آهي.چمچو کاڌي جي رڳو شروعات آهي جڏهن ته لوٽو ان جي انتها آهي ۽ هاضمي جي عمل کان پوء کاڌو جيڪا به شڪل اختيار ڪري ٿو انهيء سان مقابلو صرف لوٽو ئي ڪري سگھي ٿو.ڄڻ ته چمچي ۽ لوٽي جي مقام ۽ منصب ۾ اهو ئي فرق آهي جيڪو ڪنهن تحريڪ جي بنياد وجھندڙ ۽ ختم ڪندڙ جي وچ ۾ هوندو آهي.لوٽو جڏهن به گھري پنهنجي مالڪ جي چمچاگيري به ڪري سگھي ٿو پر ڪنهن چمچي لاء ترت لوٽي ۾ بدلجي وڃڻ ممڪن نه هوندو آهي.لوٽو جيڪر وقتي طور تي چمچي جو ڪردار اختيار به ڪري ٿو ته به لوٽا گيريء جي خطرناڪ هٿيارن کي ڦٽو نٿو ڪري بلڪ وقتي طور تي انهن جي استعمال کان ڪنهن مصلحت هيٺ گريز ڪري ٿو.اڄ جو لوٽو مولانا ظفرعلي خان جي اسي سالا پراڻي لوٽي کان گھڻو خطرناڪ آهي.
”لفافي“ جو وجود ته قديم وقت کان آهي پر اسان وٽ ان ڪجهه سال پهرين نواز شريف دور حڪومت ۾ مشهوري ماڻي هئي جڏهن ڪنهن به ناجائز ڪم لاء پئسا وصول ڪرڻ واري کي اهو لقب ملڻ لڳو هو.جيئن ته پئسو عام طور تي خاڪي رنگ واري لفافي ۾ پيش ڪيو ويندو آهي ان ڪري وصول ڪندڙ پاڻ به ”لفافو“ سڏائڻ لڳو.پر لفافي جي ان سادي تشريح سان گڏ ان جي ڪجهه گهري پهلوء جي طرف به اشارو ڪرڻ ضروري آهي.لفافو هڪ ڍلي ڍالي،خالي خولي ۽ بنان ريڙهه جي هڏيء جي مخلوق آهي جنهن ۾ نئين نڪور ڪرنسي نوٽن جي ٿڦي وڌي وڃي ته ان ۾ آڪڙ پيدا ٿي پوي ٿي ۽ جيستائين لفافي ۾ نوٽ رهندا آهن ان جي آڪڙ به قائم رهندي آهي.نوٽ نڪري وڃڻ بعد  لفافو واپس هڪ ڍلي ڍالي،خالي خولي ۽ رکي ڦڪي مخلوق بڻجي ويندو آهي ۽ نوٽن جي نئين کيپ لاء ڦڙڦڙائيندو رهندو آهي.
دنيا چاهي ڪٿان کان ڪٿي پهچي وڃي پر اسان جو نظام لوٽن،چمچن ۽ لفافن سان هميشه سينگاريل رهي ٿو.بورچيخانن ۽ غسل خانن کان ويندي اقتداري ايوانن تائين انهن جي پهچ هميشه بحال ۽ برقرار رهي ٿي.

(روزاني هلال پاڪستان 1 جون 2019ع)

Saturday, June 1, 2019

معاشي دهشتگردي ۽ خوشحاليء جو خواب!



شفيق الرحمان شاڪر
اها ڳالهه سوچڻ جهڙي آهي ته ملڪ ۾ وقت بوقت پارلياماني نظام کي بدلائي ڪو ٻيو نظام آڻڻ جون ڳالهيون ڇو ٿيون ٿين ۽ ”جمهوريت جا محافظ“ ان نظام کي بچائڻ لاء سر ڌڙ جي بازي لڳائڻ لاء ڇو تيار ٿيو وڃن؟گذريل ڏهن سالن ۾ اٺ نامي گرامي معاشي ”ماهر “ وزارت خزانا يامشير خزانا جي منصب تي فائز ٿيا.اٽڪل پاڪستان جي هر حڪومت خزاني جا معاملا سڌارڻ ۽ سنڀالڻ ۾ اڃاتائين ناڪام نظر آئي آهي ۽ هر ايندڙ حڪومت ويندڙ حڪومت تي معيشت جي تباهيء جو گند اڇليندي رهي آهي.هاڻوڪي حڪومت کان اڳ ڪڏهن ڪنهن به نه ٻڌايو هو ته معيشت تباهيء جي ڪناري تي ڪيئن پهتي آهي ڇوته انهن کي به اهو ئي سڀ ڪجهه ڪرڻو هوندو هو جيڪي ڪجهه ويندڙ حڪومت وارا ڪري ويندا هئا.خزاني جي انهن اٺن وزيرن ۽ مشيرن مان شايد هڪ يا ٻه سياسي بنيادن تي اها ذميداري نڀائيندي نظر آيا باقي سڀ جا سڀ غير سياسي پيشاور ماهر يعني ”ٽيڪنو ڪريٽس“ ۽ ”عظيم“ معاشي ماهر سڏجن ٿا. جيڪر اهو چيو وڃي ته انهن ماڻهن جي قابليت جي اڄ به دنيا اعتراف ڪري ٿي ته اهو غلط نه ٿيندو پر ڪهڙو سبب آهي جو اهڙا نامي گرامي ماڻهو به پاڪستاني معيشت کي سڌو نه ڪري سگھيا ايستائين جو ڪا هڪڙي به اهڙي حڪمت عملي ترتيب نه ڏيئي سگھيا  جنهنجي باري ۾ اهو چئي سگھجي ته فلاڻو ڪارنامو مشهور زمانه وزير يا مشير سرانجام ڏنو آهي.جيڪر چيو وڃي ته هي سڀ ماڻهو ملڪ جو خزانو حڪمرانن جي خزانن ۾ منتقل ڪندا رهيا ته غلط نه ٿيندوڇو ته انساني عقل اهو سمجھڻ کان لاچار آهي ته ٻاهر ويهي ته اهڙو جوڙ،ڪٽ،ضرب ۽ ونڊ جا هنر ٻڌائيندڙ اهي ماهر اهڙو ته متاثر ڪن ٿا جو مڃڻو پوي ٿو ته انهن کان وڌيڪ بهتر نموني ڪو ملڪي معيشت کي سمجھي ئي نٿو سگھي پر جڏهن اهي پاڻ ان عهدي تي ويٺا ته ترت ئي شڪسٽ ۽ بيوسيء وچان پنهنجا هٿ اڀا ڪري ويٺا.خبر ناهي اها ڪهڙي قسم جي مهارت ۽ ڪهڙي قسم جي حب الوطني آهي؟
اسان جي ملڪ ۾ هر ڪم ۽ هر نظام،هر سڌارو ۽ هر پاليسي،هر منصوبو ۽ هر اسڪيم رڳو ڪاغذن ۾ ئي موجود رهي ٿي.اهوچوڻ صحيح نه ٿيندو ته اسان جي ملڪ ۾ اهل ماڻهن جي کوٽ آهي پر بدقسمتيء سان اسان وٽ اهل قيادت نه رهي آهي جيڪا انهن اهل ماڻهن جي صلاحتين ۽ قابليتن مان فائدو کڻي سگھي.ڪهڙو سبب آهي جو اهڙا ماڻهو دنيا جي ٻين ملڪن جي ترقيء ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاء ته ٻاهر هليا وڃن ٿا ڇو ته کين خبر آهي ته پاڪستان ۾ رشوت ۽ بدعنواني سواء ڪوبه ڪم ٿي نٿو سگھي.اسان ڊگھي نظر جي کوٽ سبب کوهه جو ڏيڏر بڻجي ڪري رهجي ويا آهيون.ستر سال گذرڻ باوجود اسان اڃا تائين پاڪستان جو ڪو متفقه بيانيو ترتيب ڏيئي نه سگھيا آهيون.اڄ تائين جيڪي ڪجهه ٿيندو رهيو آهي سو سڀ ڪجهه ذاتي ڏيکاء ۽ ذاتي مفادن کي حاصل ڪرڻ کي يقيني بنائڻ سواء ٻيو ڪجهه به ڪونهي.اسان پنهنجي ايندڙ نسلن جي مستقبل کي محفوظ بنائڻ لاء وسيلن جي بهترين ورڇ  کي يقيني بنائڻ جي ڪڏهن به ڪوشش ناهي ڪئي.ڪهڙو سبب آهي جو اسان جي ملڪ ۾ ٽيڪس چوريء کي قابل فخر شيء سمجھهيو وڃي ٿو.بجلي ۽ گئس جي چوريء کي پنهنجو بنيادي حق سمجھون ٿا.اهم کاتن سان لاڳاپو رکندڙ عملدار انهن کاتن مان چوري ڪرڻ جا گر پاڻ ماڻهن کي سمجھائيندي نظر ايندا آهن ۽ جنهن جي بلي اهي ماڻهن کان رشوت وصول ڪندا آهن.اهو ڏسڻ ۾ آيو آهي ته جيڪو جيترو ڪنهن قانون يا ضابطي کي بهتر سمجھڻ وارو هوندو آهي اهو اوترو ئي ان قانون ۽ ضابطي کي ٽوڙيندي نظر ايندو آهي.ملڪ ۾ شايد ئي ڪو ادارو هجي جتي بدعنواني نه هجي،ڪٿي ٿوري ته ڪٿي گھڻي پر ڪرپشن آهي ضرور.ٻئي کي دوکو ڏيڻ اسان پنهنجي ذهانت ۽ چالاڪي سمجھون ٿا ۽ ماڻهن سان ان جو ذڪر وڏي شان سان ڪيون ٿا.اسان پنهن جي پهچ کان ٻاهر پنهنجي چادر پکيڙي رکي آهي ۽ ڪفايت شعاريء جي عادت اسان دنيا جي سڌريل قومن کان ذرو به نه سکي آهي.ڪميٽين مٿان ڪميٽيون،ادارن مٿان ادارا جڙندا رهيا پر بدعنواني ختم ٿيڻ بدران وڌندي ئي رهي.انهيء ڪري جو بدعنوانيء مان نجات حاصل ڪرڻ جي اسان وٽ گڏيل نيت ئي ناهي رهي.جتي حڪومت جي اهم عهدن تي رهندڙن تي ڪرپشن ۽ بد ديانتيء جا الزام هجن ۽ سياست ۽ ڪرپشن ۾ ڪو فرق ئي نه ڪيو ويندو هجي اتي معيشت جي سڌاري جون سموريون دعوائون صرف دوکو ثابت ٿين ٿيون.هتي هڪ دفعو سياست ۾ ايندڙ هر شخص ۽ هڪ دفعو ڪنهن حڪومتي عهدي تي ويهندڙ ڪو ماڻهو نه سياست مان واپس ٻاهر نڪرڻ لاء تيار ٿئي ٿو ۽ نه ڪو ڪرسيء مان هٿ ڪڍڻ لاء راضي ٿئي ٿو.بحيثيت قوم اسان سڀ بدعنواني ۽ ڪرپشن جا اهڙا ته عادي ٿي ويا آهيون جو ان سواء اسان شايد زندهه رهي نٿا سگھون.اسان جي حڪمران اشرافيا ان معاملي ۾ سڀ اخلاقي ۽ قانوني حدون اورانگھي وڃي ٿي،سندن ذاتي ۽ گھرن جا خرچ،سندن شاهاڻا پروٽوڪول،سندن غير ملڪي دورا ۽ علاج سڀ جا سڀ ان عوامي پئسي تي ئي ٿين ٿا جنهن پئسي تي انهن کي امين مقرر ڪيو ويو آهي.مٿان ڪوڙ ايترو ڳالهايو وڃي ٿو جو سچ جو شڪ ٿيڻ لڳي ٿو پر ميڊيا جي هن جادوئي دور ۾ آخر سچائين کي ڪيستائين لڪائي سگھجي ٿو.اهي ڪنهن نه ڪنهن نموني ٻاهر اچي وڃن ٿيون.حڪمران اشرافيا ته ڦرلٽ جي حد ڪري ڇڏي آهي.شروعاتي جانچ پڙتال سان جيڪي سچائيون سامهون آيون اهن انهن کي ڏسي ڪري ٻئي هٿ مٿي تي اچي وڃن ٿا.وري انهيء جاچ پڙتال تي جيڪي روڄ راڙو ٿي رهيو آهي ۽ هڪ ٻئي کي بچائڻ لاء جيڪا گڏيل جدوجهد ٿي رهي آهي سان به ڏسڻ وٽان آهي.لڳي ٿو ته هڪ طاقتور معاشي مافيا آهي جنهن پوري ملڪي معيشت تي قبضو ڪري رکيو آهي،سڀ ڪجهه ڦرڻ لٽڻ ۽ هضم ڪرڻ باوجود اهي سڀ اهڙيون ته پارسائيء جون دعوائون ڪري رهيا آهن ڄڻ ته گنگا ۾ هٿ ڌوئي آيا هجن.هڪڙا رڙيون ڪن ٿا ته ٻيا ساڻن سر ۾ سر ملائين ٿا.جمهوريت خطري ۾ هئڻ جا راڳ ڳايا وڃن ٿا ۽ سياسي انتقام جا دهل وڄايا وڃن ٿا.جيڪر ملڪ ۾ ڪابه ڪرپشن ناهي ٿي ته پوء ملڪ جو سمورو خزانو آخر ڪيڏانهن ويو؟رياست جو حال اهو آهي جو اها به اهڙن طاقتور ماڻهن ۽ گروهن سامهون بي وس نظر اچي ٿي،انهن خلاف قانون اهڙي تيزيء سان حرڪت ۾ نٿو اچي جهڙي تيزيء سان ڪنهن غريب لاء حرڪت ۾ اچي ٿو.هڪ مفاد پرست ۽ طاقتور ٽولو آهي جيڪو اٽي کان وٺي دال تائين جتي به سندن وس هلي ٿو بي ايمانيء جا جھنڊا بلند ڪندو اڳتي وڌندو رهي ٿو،اهوئي ٽولو طلب ۽ پهچ جو بحران پيدا ڪري ٿو، شين تي پنهنجي مرضيء جو نفعو وصول ڪري ٿو ۽ ملڪ ۾ هٿرادو مهنگائيء کي جنم ڏئي ٿو.انهيء عظيم بدعنوانيء جي نتيجي ۾ اڄ پاڪستان کي دنيا ۾ ڪو دوست ملڪ قرض يا امداد ڏيڻ يا  لاء به تيارناهي جو اهي ڄاڻن ٿا ته سندن ڏنل سمورو پئسو بدعنوانيء جو شڪار ٿي ويندو.جيستائين هر قسم جي معاشي دهشتگرديء خلاف ڪا جوڳي ڪاروائي نٿي ٿئي ملڪ جون معاشي حالتون هرگز سڌري نه سگھنديون.هڪ طرف پوري دنيا مان قرض پني آڻي ملڪي خزاني ۾ وجھبا ته ٻئي پاسي سمورو پئسو بدعنوانيء جي نذر ٿيندو رهندو.رياست کي سمورين مصلحتن کان مٿانهون ٿي ان معاشي دهشتگرديء خلاف هڪ بي رحم ڪاروائي ڪرڻي پوندي ٻي صورت ۾ ملڪ جي معاشي مضبوطي جو خواب رڳو خواب ئي رهندو!

(روزاني هلال پاڪستان)