Saturday, March 31, 2018

ڪپتان کي ٻئي “ ماڻڪ ” مبارڪ هجن!


شفيق الرحمان شاڪر
ڪپتان جي سياست به سمجھڻ کان زور آهي.ڪڏهن جاويد هاشميء جهڙن “باغين “ کي پنهنجي پارٽيء ۾ گھهليو اچي ته  ڪڏهن سنڌ جي روايتي وڏيرن جي مٿي تي شفقت جو هٿ گهمايو ويهي. “تبديليء ” جي نعري جي چئمپين پنهنجي پارٽيء سان اهڙو ته حشرڪيو آهي  جو ٻيو ڪجھه تبديل ٿئي يا نه پر سندس پارٽي ضرور تبديل ٿي چڪي آهي.“ ٻوٿ ٻاڪرو ۽ پڇ ريڍو ” واري چوڻيء تي جيڪر ڪنهن ماڻهوء دنيا ۾ نهايت ئي سهڻي  نموني عمل ڪري ڏيکاريو آهي ته اهو جناب عمران خان آهي.سندس پارٽي خوشقسمتي يا بدقسمتيء سان “ هليم جي ديڳ “ بڻجي ويئي آهي جنهن ۾ جيڪا به جنس اندر وجھجي سا قبول پئجيو وڃي.مارشلائن جون حمايتون ڪرڻ وارا ۽ جمهوريت جي شان ۾ قصيدا پڙهڻ وارا سڀ هڪڙي ئي جھهنڊي هيٺان هڪ آهن.طالبان سان همدرديون جتائڻ وارا توڙي پاڪستان ۾ لبرل ۽ ماڊريٽ سماج جا پرچارڪ پڻ ڪپتان سان ڪلهي ۾ ڪلهو ملائي بيٺل نظر اچن ٿا.پارليامينٽ تي لعنتون وجھندڙ توڙي پارليامينٽ ذريعي ڪپتان جي وزيراعظم ٿيڻ جا خواب ڏسندڙ سڀ جا سڀ انهيء ئي محفل جا مور آهن.مطلب ته                                          
“ تيري محفل مين جو پهنچي سڀي ايڪ هوئي.”                                                                                                        
        تازو هڪڙي ٽي وي اينڪر کي عدالت سڳوريء طرفان ڪجھه سزا پلئي پيئي آهي ،سندس ڏوهه اهو ڳڻايو ويو ته هن پنهنجي ٽاڪ شو ذريعي ملڪ ۽ عوام ۾ “هيجان” جي ڪيفيت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،ڪئي هوندائين،پاڻ ڪير ٿيندا آهيون عدالتن جي فيصلن ۾ ٽنگ اڙائڻ وارا!پر هي جيڪي سياسي اداڪار صبح سانجھيء نت نين  خيالي اڳڪٿين جا بم عوام تي وسائيندا ۽ هڪٻئي تي بدزبانين ڀريل الزامن جا ڊرون ڪيرائيندا ٿا رهن،حقيقيت ۾ ڪورٽ سڳوريء کي گهرجي ته انهن کي به اهڙن  اڪيلن“ حجرن ” جو مزو چکايو وڃي جتي ماڻهو يا ماڻهوء جي ذات به نه هجي. پوء ڏسون ته اهي پنهنجن تقريرن، پيشنگوين۽الزام تراشين جا جوهر ڪيئن ٿا ڏيکارين . انهن ته عوام جا مٿا چريا ۽ ذهن مائوف ڪري ڇڏيا آهن.بهرحال ڳالهه پئي هلي جناب عمران خان جي سياست جي سو هن وٽ هڪڙو قيمتي  سياسي “ هيرو “ شيخ رشيد جي صورت ۾ اڳيئي موجود هو،توڙي جو هو باقائدي سندس جماعت ۾ ناهي پر پنهنجي ٽانگا پارٽيء سميت عمران جي سموري سياسي راند جو اوپنر رانديگر بڻيل آهي. رهي سهي ڪسر هڪ ٻئي صحافتي “ ماڻڪ ” جي اچڻ سان پوري ٿي ويئي آهي.هاڻي “ گھوٽ جي ماء ڇو نه نچي”  وارو سهرو ڪورس جي انداز ۾ گڏجي ڇو نه ڳائجي؟شيخ صاحب جهڙي کٽاري گاڏيء سهاري ڪپتان “تبديلي“ جي منزل تي پهچندو سو ته دنيا ڏسندي پرشيخ صاحب وٽ وڃائڻ لاء ڪجھه ڪونهي تنهن ڪري ڪو به سياسي صدقو ونڊڻ لاء سندس هٿ سڌو ڪپتان جي گيدي ۾ وڃي ٿو.خبر ناهي پنڊيء جي ان پراڻي جوڳيء وٽ ڪهڙي گدڙ سنگھي آهي جو سندس گدگدي ڪرڻ سان ڪپتان کليو کليو کيرو ٿيو پوي ۽ انهيء بي خوديء جي عالم ۾ “ شيخ جي” پنهنجا ڪرتب ڏيکاريو وڃي.هونئن شيخ صاحب ۽ “اصولي سياست ” جا لفظ پاڻ ۾ ٺپ ٺهن ئي ڪونه.پنهنجي ئي جيون ڪٿا تي لکيل سندس ڪتاب “ فرزند پاڪستان” شايد عمران خان پورو ناهي پڙهيو جنهن ۾ هن تڏهوڪي نواز شريف کي هڪ خدا ترس،رحمدل ۽ نيڪ نمازي انسان ۽ سندس منهن مبارڪ کي “نوراني چهرو ” سڏيو آهي ،اها ٻي ڳالهه آهي ته  شيخ صاحب ڊڪشنريء مان  ڪو اهڙو بڇڙو لفظ نه ڇڏيو آهي جيڪو هن اڄوڪي نوازشريف خلاف  دهل وڄائي استعمال نه ڪيو هجي.سندس“ دانشمنداڻين “ پيشنگوين هڻي وڃي هنڌ ڪيو ته  هاڻي مطالبن جون ٻوريون کولي ويٺو آهي.مارشلا نه ته جوڊيشل مارشلا ئي سهي.پر مڙيئي ڪم ڪجھه“ نرالي طريقي “ سان ٿي پوي پر ٿيندو ايئن  قطعي ڪونه جهڙيون هو آسون رکيو ويٺو آهي.
هاڻي اچون ٿا ڪپتان جي سياسي خزاني ۾ نئين وڌيل هڪ ٻئي قيمتي “ ماڻڪ ” طرف جنهنجي سڀ “ لياقت” هڪڙي “آمر ” جي دور ۾ نڪري نروار ٿي هئي.سندس سياست کي هڪ پاسي رکي سندس صحافتي “ خدمتون ” ئي ايتريون ته اڻ کٽ آهن جو انهيء لاء مضمون نه پر ڪئين ڪتابن جي ضرورت آهي.منهنجي خيال ۾ پاڪستاني صحافت جي ميدان ۾ اهو اڪيلو ۽ منفرد ماڻهو هئڻ جو اعزاز رکي ٿو جيڪو بنان رنگ ، نسل ۽ مذهب سڀني جو  بنان فرق جي هڪجهڙو پٽڪو ڪيرائيندو ۽ انهيء کي پنهن جي    “ باوقار “ زبان جي  “ پارلياماني پيرن” ذريعي  لتاڙيندو رهيو آهي.ڳالهه مان ڳالهوڙو ٺاهڻ ته ڪو وٽانئس سکي.ڪنهن کي ملڪ دشمن ته ڪنهن کي اسلام دشمن،ڪنهن کي را ۽ سي آئي جو ايجنٽ ته ڪنهن کي غدار وطن،مطلب ته سمورن سرٽيفڪيٽن جو ٿيلو هروقت سندس ڳچيء ۾ لٽڪيل رهي ٿو.تازين خبرن مطابق پي ٽي آئي جي ريل ۾ چڙهڻ  جي ترت بعد ان عظيم دانشور کي اوچتو الهام ٿيو آهي ته ڪراچي ڪنهن جو شهر آهي؟ پيپلز پارٽيء وارن  جون ته پنج ئي  گيهه ۾ ! جيڪر ڪپتان کي وڌيڪ اهڙا ڪجھه نفسياتي نمائندا سنڌ ۾ ملي ويا ته پوء “ هوئي تم دوست جس ڪي،دشمن اس ڪا آسمان ڪيون هو؟” جي مصداق سنڌ ۾ عمران خان جي امڪاني سياست  جو خدا ئي حافظ آهي.  ان ماڻڪ جي رنگين زندگيء جا ڪيئي رنگ ماڻهو ڏسي چڪا آهن.ميديا جي هٿيار کي جهڙيء طرح هن مخالفن جي ڪردارڪشيء لاء استعمال ڪيو آهي ڪنهن سڌريل ۽ مهذب سماج ۾ ان جو سوچي به نٿو سگھجي.ايستائين جو انهيء مقصد لاء هو مذهب جي نالي جو به بيدردريء سان استعمال ڪندو رهيو آهي.جڏهن ڀائي صاحب سان گڏ هو ته ان جي شان ۾ خوشامدن جا درياء وهائي ڇڏيندو هو پر صرف هڪڙي رات کيس ڪنهن خاص “حجري“ جي زيارت ڪرائي کيس اهڙو ته “ذڪر فڪر” ڏسيو ويو جو صبح ٿيندي ئي هن تي ڀائي صاحب جون سڀ نحوستون کلي وييون ۽ هن متحده کي ٽي طلاقون هڪ ئي وقت ڏيئي ڇڏيون.ڪڏهن مقتدر ادارن سان مهاڏو اٽڪائيندڙ ته ڪڏهن انهن جو پاڻمرادو ترجمان سڏائيندڙ اهو شخص جڏهن به ڳالهائي ٿو ته صرف دليون ئي گھائي ٿو. ٻه ڀيرا الطاف اينڊ ڪمپنيء جي نوڪري ڇڏيندڙ  “بي لاڳ ” صحافت ۽    “ اصول پسند” سياست جي ان ٿنڀي  پنهن جي سياسي توڙي صحافتي زندگيء ۾ خبر ناهي ڪيتريون ڪلٽيون کاڌيون آهن.هاڻي ملڪ ۾ “تبديلي“ جي خواهشمندن کي سندس خدمتون گھربل آهن ته جيئن ايندڙ اليڪشن ۾ مخالفن کي انمول گاريون ڏيارڻ جي “اصولي” سياست ڪري ملڪ ۾“ تهذيب“ ۽ “ برداشت “ واري سياسي ڪلچر جو بنياد وجهي سگھجي. “ تبديلي اچي نه پيئي، تبديلي اچي چڪي آهي.”  ڪپتان صاحب کي ٻئي ماڻڪ مبارڪ هجن!
(روزاني عوامي آواز 29 مارچ 2018ع)

Friday, March 30, 2018

چهنڊڙيون ؛ نون ..نظرياتي؟


ياسر قاضي

عدالت   تي   ڪيل   حملا   ڀلي    ويو
پليو    خود   آمرن  جي  هنج   ۾  جو،
آ جنهنجو نظريو “ پنهنجي ضرورت”
چوي   ٿو    پاڻ    کي  “ نظرياتي ” سو. سو..

Thursday, March 29, 2018

وال پيپر ؛ بيروزگاري ختم ڪرڻ جا ٺلها آسرا.


(روزاني سنڌ ايڪسپريس 29 مارچ 2018ع)


ذهني ڪيفيتون ۽ انساني رويا.


شفيق الرحمان شاڪر
اسان جي زندگيء ۾ ڪو ڏينهن اهڙو به هوندو آهي جنهن ڏينهن تي اسان جا سمورا ڪم سولا ٿي پوندا آهن.ان ڏينهن اسان اهڙو ڪم به ڪري ويندا آهيون جنهن جي ڪرڻ جي اسان کي پاڻ مان اميد ئي ناهي هوندي پر اهي ڏکوئيندڙ ساعتون به اسان مان گھڻن جي ذهن ۾ تازيون هونديون جڏهن اسان جو ڪيل ڪو سبتو ڪم به ابتو ٿي ويو.ڪو ٺهيل ٺڪيل مامرو به منجھي ويو.هزار ڪوششن باوجود صرف ناڪاميون ئي منهن پونديون آهن.ماڻهو ته اهو ساڳيو آهي پوء ايڏو فرق ڇو؟ ڪڏهن ڪڏهن ڪو جڏو رانديگر به شاندار ڪارڪردگيء جو مظاهرو ڪندو آهي ۽ ڪڏهن ڪو شاندار رانديگر به ٻڙي ڪارڪردگي ڏيندو آهي.اصل ۾ فرق هوندو آهي ذهني ۽ جسماني ڪيفيتن جو جن ۾ ڪم جي وقت انسان هوندو آهي.انهن ڪيفيتن مان هرهڪ جي هڪ قوت آهي پوء اها قوت هاڪاري هجي يا ناڪاري.ڪجهه ڪيفيتون اسان کي اڳتي جڏهن ته ڪجهه پوئتي ڌڪين ٿيون.ڪجهه ڪيفيتون  چست ۽ ڦڙت جڏهن ته ڪجهه سست ۽ بيزار بنائين ٿيون.
مثال؛ اعتماد،پيار،اندر جو يقين،خوشي ۽ وجدان جون ڪيفيتون انساني ذات مان طاقت جا عظيم ڦوهارا ڦوڙي ٻاهر ڪڍن ٿيون جڏهن ته ذهني  ڏڦير، انتشار،خوف،پريشاني، ڊپريشن، بيچيني،غم ۽ مايوسيء جون ڪيفيتون اسان جي عضون ۽ اعصابن کي مفلوج ڪري بي طاقت ۽ ڪمزور بنائين ٿيون.انهن ڪيفيتن جو مشاهدو اسان کي هروقت پنهن جي روزمره جي زندگيء ۾ ٿيندو رهندو آهي ۽ اسان هروقت زندگيء جي وڻندڙ يا نه وڻندڙ ڪنهن نه ڪنهن صورتحال مان گذرندا رهندا آهيون. مثال؛اسان ڪنهن هوٽل ۾ وياسين ته آرڊر وٺندڙ بيري اسان سان جنهن انداز سان ڳالهايو ان مان سندس بيزاري يا غصو صاف طور تي بکي رهيو هو.هو ڪوشش جي باوجود به سندس منهن جي اڻ وڻندڙ تاثرات کي لڪائي نه پيو سگھي.جيڪر اسان سمجھون ٿا ته ان بيري جو اهو رويو سدائين ان نموني جو هوندو ته اسين غلط آهيون.جيڪر ايئن هجي ته پوء اهو ان هوٽل جي نوڪري هن وقت تائين وڃائي چڪو هجي ها.گھڻو امڪان اهو آهي ته اڄوڪو ڏينهن شايد ان بيري لاء سٺو ناهي رهيو. ٿي سگھي ٿو ته هن کي ڪا ذاتي قسم جي پريشاني لاڳو ٿي هجي يا هن جي ڪنهن گراهڪ سان منهن ماري ٿي هجي.هو ذاتي طور تي هروڀرو ڪو خراب انسان نه هوندو پر ان وقت هو جنهن ڪيفيت جو شڪار آهي سندس رويو ان ڪيفيت جو ئي مظهر آهي.اسان سندس ذهني ڪيفيت کي تبديل ڪري سندس رويي کي بدلائي سگھون ٿا.مطلب اهو ته اصل صورتحال جي ڄاڻ ئي ڪنهن تبديليء کي سمجھڻ ۽ گھربل مقصد حاصل ڪرڻ جي ڪنجي آهي.ان حقيقت کي نظر ۾ رکندي ته اسان جو رويو اسان جي ڪنهن اندروني ڪيفيت يا ذهني حالت جو عڪس هوندو آهي،هاڻي اچو ته اهو سمجھڻ جي ڪوشش ڪريون ته اهي ذهني ڪيفيتون آخر ڇا هونديون آهن ۽ انهن کي ڪيئن تبديل ڪري يا ضابطي هيٺ آڻي سگھجي ٿو؟
اسان جي اندر هر وقت وقوع پذير ٿيندڙ لکين نيوراليجيڪل پروسيس ( Neurogical Process)   جي مجموعي کي ڪيفيت (State) چئبو آهي.ٻين لفظن ۾ وقت جي ڪنهن به وقفي يا عرصي ۾ اسان جي ٿيندڙ ڪنهن مشاهدي يا تجربي جي ردعمل جي نتيجي ۾اندر ۾ پيدا ٿيل ذهني صورتحال کي ڪيفيت چئجي ٿو.ڪيئي ڪيفيتون اسان جي پاران ڪنهن شعوري ڪوشش يا هدايت سواء پاڻمرادو پيدا ٿين ٿيون.اسان ڪا شيء ڏسندا آهيون ۽ ان جو ردعمل ڪنهن خاص شڪل ۾ ظاهر ڪندا آهيون. اها ڪيفيت مثبت به ٿي سگھي ٿي ۽ منفي پڻ.پر اسان مان گھڻا انهن ڪيفيتن ۾ توازن يا انهن تي ضابطو رکڻ ۾ ناڪام ويندا آهن.ڪامياب ۽ ناڪام ماڻهن ۾ فرق ئي اهو آهي جو ڪامياب ماڻهو لاڳيتو پنهنجي اندر اهي ڪيفيتون قائم رکڻ ۾ ڪامياب وڃن ٿا جيڪي انهن جو مقصد حاصل ڪرڻ ۾ انهن جون مددگار ثابت ٿين ٿيون.جڏهن ته ناڪام ماڻهو ڪنهن ردعمل جي نتيجي ۾ پنهن جي اندر پيدا ٿيندڙ ناڪاري ڪيفيتن جو شڪار ٿي وڃن ٿا. عام طور تي ماڻهن جي اها خواهش رهي ٿي ته گھربل مثبت ڪيفيتون امڪاني ۽ اتفاقي طور تي پاڻمرادو کين ملي وڃن پر اسان جي زندگيء جو خمير جنهن نموني جڙيل آهي انهيء ۾ ايئن ڪڏهن ٿيندو ناهي.ڪيتريون ئي ڪيفيتون آهن جن کي اسان پاڻ جنم ڏيئي سگھون ٿا. مثال؛ پيار،محبت،اعتماد،احترام،وغيره جن ۾ خوشيء جي هڪ جادوئي ۽ طاقت سمايل هوندي آهي.محبت،خوشي يا ٻي ڪا طاقت جن لئي انسان سالن کان تلاش ڪندو رهيو آهي انهيء جي ڪنجي انسان جي پنهن جي رهبري پاڻ ڪرڻ جي صلاحيت ۾ لڪيل آهي ۽ اها صلاحيت تيستائين حاصل نٿي ٿئي جيستائين پنهن جي ذهني ڪيفيتن جي رهنمائي ۽ تنظيم جو فن نه ايندو هجي. وري پنهن جي ذهني ڪيفيتن جي رهنمائي ۽ انهن کي پنهن جي گھربل مقصد حاصل ڪرڻ لاء استعمال ڪرڻ جي ڪنجي پنهن جي ذهن کي موثر انداز ۾ هلائڻ جي سکيا ۾ آهي.انهيء ڪم لاء انسان کي پهرين اهو سمجھڻو پوندو ته اهو ڪم ڪيئن ٿيندو؟ انسان صدين تائين پنهن جي ذهني ڪيفيتن کي بدلائڻ ۽ پنهن جي مشاهدي جي طرز کي تبديل ڪرڻ جا جتن ڪندو رهيو آهي.هن بک،نشي وارين شين،،مناجات، موسيقي،لباس، خوراڪ، جنس،پوڄاپاٽ وغيره مطلب ته سمورا طريقا آزمايا آهن پر هاڻي وڌيڪ طاقتور ۽ موثر ذريعا ڳولهيا پيا وڃن.سوال اهو ته جنهن ڪيفيت ۾ اسان آهيون انهيء کي پيدا ڪير ٿو ڪري؟ ڪيفيت جا ٻه بنيادي جزا ٿين ٿا.پهريون جزو اسان جي اندروني صورتن (Presentations) جو آهي  ۽ ٻيو جزو اسان جي جسماني صورتحال ۽ ان جو استعمال.توهان ڪهڙين شين کي ڪهڙي تصوير ڏيو ٿا،ان جي باري ۾ ڪهڙي ۽ ڪيئن راء پيدا ڪيو ٿا.اها ڪيفيت جنهن ۾ توهان آهيو ان کي پنهنجي ذهن ۾ هڪ شڪل ڏيو ٿا ۽ پوء توهان جا پيدا ڪيل رايا توهان جي روين مان ظاهر ٿين ٿا. مثال؛ توهان پنهن جي اولاد جي دير سان گھر موٽڻ تي ڪهڙو رويو اختيار ڪيو ٿا؟ انهيء جو گھڻو دارومدار توهان جي ذهن ۾ پيدا ٿيندڙ ڪيفيت تي هوندو.جيڪر توهان ڪلاڪن کان ذهن ۾ اها تصوير ٺاهي ويٺا آهيو ته شايد ڪو خوني حادثو ٿي ويو هجي،خبر ناهي ته هو زنده بچيو به هجي يا نه؟ان ڪيفيت ۾ توهان جو ڪو پيارو دير سان گھر موٽندو ته اوهان لڙڪن،محبت.بي قراري،خوشي ۽ حيرت يا گرمجوشيء سان هن جو آڌرڀاء ڪندا ۽ هن کي ڏسي سک جو ساه کڻندا.پر جيڪر توهان جي  ذهن جي ڪيفيت ڪا ٻي آهي ته ان جي موٽڻ تي اوهان جو رويو ان ڪيفيت جو مظهر هوندو.
هاڻي اچون ٿا ڪيفيت جي ٻئي جزي يعني جسماني صورتحال طرف.اسان دنيا کي ڪيئن ڏسون ٿا ۽ ان کي ٻين سامهون ڪيئن پيش ڪيون ٿا،ڪيفيت جو ٻيو جزو به ان ۾ بنيادي عامل جو ڪردار ادا ڪري ٿو. جسماني ڇڪ.ٿڪاوٽ.بيزاري،کاڌخوراڪ.ڪا جسماني بيماري يا ڪمزوري وغيره اهي سڀ جسماني حالتون اسان جي روين تي اثرانداز ٿين ٿيون.
ماڻهن جي عام طور تي اهائي خواهش هوندي آهي ته اهي جنهن ڪيفيت ۾ آهن انهيء کي تبديل ڪن ڇو ته ڪوبه هميشه غمگين ۽ پريشان رهڻ نٿو گھري.انهيء تبديليء لاء اهي مختلف شيون ڪندا آهن.مثال؛ ٽي وي ڏسڻ،کل ڀوڳ جي ڪنهن محفل ۾ ويهڻ،گھر کان ٻاهر ڪنهن آئوٽنگ تي هليو وڃڻ،سگريٽ جا دونهان لڳائڻ يا نشي وارين شين جو استعمال ڪرڻ وغيره پر انهن شين جو نتيجو به دائمي نه پر عارضي هوندو آهي.جيئن ئي ٽي وي شو ختم ٿيو،يا نشي جو اثر گم ٿيو يا ماڻهو محفل ڇڏي اڪيلائيء جو شڪار ٿيو ته ساڳيون ڪيفيتون انسان کي گھيريو وڃن.
ڪاميابيء جي عروج تي پهچڻ وارا ماڻهو پنهنجي ذهن جي اعليٰ صلاحيتن کي جاڳائڻ تي پورو عبور رکندا آهن ۽ اهو ڪمال ئي انهن کي ٻين کان ممتاز بنائي ٿو.بس ياد رکڻ جي ڳالهه اها آهي ته اسان جون ڪيفيتون پنهن جي اندر زبردست طاقت رکن ٿيون ۽ جيڪر انهن تي ضابطو آڻڻ جو فن اچي وڃي ته انسان کي حالتن جي رحم ڪرم جو محتاج ٿيڻو نٿو پوي.
(انٿوني رابنز جي ڪتاب”Unlimited Power”  مان رهنمائي ورتل)
(روزاني عوامي آواز 27 مارچ 2018ع)

چهنڊڙيون ؛ حرص



مون ڏٺو آهه جنهن  ڇني کاڌو،
 پيٽ  ان  جو نه ڪڏهن ڀربو آ،
زندگي حرص ڪر نه بي حاصل،
 سڀ ڇڏي وڃبو آ جي مربو آ.

Wednesday, March 28, 2018

وزيراعظم صاحب ۽ عزت جي تلاش


ارادو هو ته اڄ تازو گذريل قومي ڏهاڙي جي حوالي سان ڪجهه اثرائتيون وضاحتون لکان، ساڳئي ئي لمحي اسان جي وزيراعظم صاحب جي مجاهداڻي بيان سمورو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ورتو. وزيراعظم جي بيان ۾ اسان جي سياست سورن ۾ ورتل رڳ جي ڌڙڪن به ٻُڌي سگهجي ٿي. ان بيان کي اڻڄاڻائي جو هڪڙو قسم به قرار ڏئي سگهجي ٿو. ملڪ جي وزيراعظم جو ايئن سينيٽ جي چيئرمين تي حملي آور ٿيڻ بي شڪ جمهوريت جو حُسن سمجهيو ويندو پر اهو بيان جمهوري نظام جي اعليٰ ادارن جا راز به کولي ٿو. جمهوريت تي لکيل معياري ڪتاب ان اصول تي متفق آهن ته اهڙي طرح جا تڪرار جمهوريت جي وقار کي سخت متاثر ڪن ٿا ۽ ادارن کي ڪمزور ڪن ٿا. هلو ڪتابي ڳالهين تي صرف نظر وجهندي اسان پنهنجي سياسي منظرنامي تي نظر وجهون ٿا. وزير اعظم فرمايو ته ”چيئرمين سينيٽ جي ڪا به عزت ناهي، صادق سنجراڻي کي ووٽ خريد ڪري چيئرمين بڻايو ويو، کيس هٽائي گڏيل حمايت وارو چيئرمين آندو وڃي“ مون کي وزيراعظم جي ان بيان ۾ جنهن لفظ سڀ کان وڌيڪ ڌيان ڇڪايو اهو ”عزت“ جو لفظ هو. ڇوجو عزت ڪمائڻ ۽ وڃائڻ جو نسخو ڪا ڳجهي ڳالهه ناهي.
قرآن شريف جو فرمان آهي، جنهن جو مفهوم آهي ته ”الله تعاليٰ جنهن کي چاهي عزت عطا ڪري ۽ جنهن کي چاهي ذلت ڏي.“
ظاهر آهي ته عزت ۽ ذلت جو تعلق اسان جي ڪمن، ڪارنامن ۽ عملن تي هوندو آهي. اسان جي تاريخ گواهي ڏئي ٿي ته اسان جي سياست جو هڪ الميو ٻٽو معيار Double Standard آهي. جيڪر حڪمران ڌر جا اميدوار ووٽ خريد ڪري چونڊجن يا سندن اسيمبلي ميمبر پنهنجي ووٽن جي قيمت ڪروڙين رپيا وصول ڪن ته ان سان مسلم ليگ (ن) جي عزت کي ڪو خطرو ناهي هوندو پر جيڪر مخالف ساڳيو طريقو اختيار ڪري حڪمران ڌر جا ميمبر خريد ڪري پنهنجي مرضي جو چيئرمين مقرر ڪن ته ان سان سندن عزت خطري ۾ پئجي ويندي آهي. عالمي تاريخ يا مذهبي حڪمن جو ذڪر ڪرڻ ته گهري سوچ ۾ قدم رکڻ آهي پر جيڪر اسان صرف پنهنجي تاريخ تي نظر وجهنداسين ته عزت ڪمائڻ جا ڪجهه واضح اصول اسان جي تاريخ جو روشن باب آهن. ظاهر آهي ته آئون ان عزت جي ڳالهه نه پيو ڪريان جيڪا عهدي جي خوف يا اختيار مان جنم وٺي ٿي. آئون ان عزت جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان جيڪا دلين جي ڌڙڪن مان ڦٽندي ۽ عقيدت جو روپ اختيار ڪندي آهي. اهڙي طرح جي عزت صرف ۽ صرف اعليٰ ڪردار، ايثار، قوم ۽ ملڪ جي بي لوث خدمت ڪرڻ سان پيدا ٿيندي آهي، چوٽ چڙهندي ۽ تاريخ جو حصو بڻجي ويندي آهي. قائد اعظم محمد علي جناح، نوابزاده لياقت علي خان، سردار عبدالرب نشتر، خواجه ناظم الدين سهروردي، مولوي تميز الدين ۽ سندن ڪيترن ئي ساٿين عزت ۽ وقار جو حقيقي مقام ڪيئن حاصل ڪيو؟ قصا ته ڪتابن جو موضوع آهن پر اهي قصا روح جي سوچ سان اعليٰ ڪردار، ايثار ۽ قوم سان بي لوث محبت جي اصولن کي جنم ڏين ٿا ۽ اُڀري آڏو اچن ٿا. انهن ماڻهن جي صاف دامن ۽ ڪردار تي سندن بدترين دشمن به آڱر نه کڻي سگهيا. اثاثا بڻائڻ، سياسي خريد و فروخت ۾ ملوث هجڻ، مني لانڊرنگ، ڪميشن خوري ۽ ٻاهرين ملڪ جائيداد خريد ڪرڻ جو ته تصور به نٿو ڪري سگهجي. انهن ماڻهن تي ته قومي خزاني مان هڪ رپيو به ناجائز خرچ ڪرڻ يا اقربان پروري ۽ دوست کي نوازڻ جو الزام نه هو.
قائد اعظم ۽ لياقت علي خان ته پنهنجون ملڪيتون ۽ جمع پونجي به قوم کي ڏئي ڇڏي ۽ زندگي جو هڪ هڪ لمحو قوم لاءِ وقف ڪري تاريخ ۾ امر بڻجي ويا. جيڪي ليڊر انهن اصولن کان انڪار ڪري عزت حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، کين وقتي طور ته سياسي اهميت حاصل ٿي سگهي ٿي پر ظاهر آهي ته تاريخ ڪڏهن به کين معاف نه ڪندي. جيتوڻڪ وزيراعظم صاحب جي بيان جي روشني ۾ عزت جي تلاش ڪرڻ سان ڪجهه بنيادي سوال جنم وٺن ٿا. پهريون ته ڇا صادق سنجراڻي جمهوري اصولن موجب اڪثريت حاصل ڪري چونڊجي ناهي آيو؟ جيڪر سندس لاءِ اسيمبلي ميمبرن جا ضمير خريد ڪيا ويا ته اهو الزام سينيٽ جي ٻين چونڊيل ميمبرن جي اڪثريت تي نٿو لڳي؟ اها اهڙي تڪليف جوڳي حقيقت آهي جنهن جو اعتراف سمورا ليڊر کليل نموني ڪري چڪا آهن ۽ اڃا تائين پنهنجي ڌرين ۾ ڪاريون رڍون تلاش ڪري رهيا آهن. جڏهن سينيٽ جي اڪثريت ايئن چونڊبي آهي ته ڇا اهڙي سينيٽ عزت ۽ احترام جوڳي هوندي آهي؟ جيڪر توهان ٿورو ماضي ۾ وڃو ته راز کلندو ته ڪيترن ئي ميمبرن دولت جي زور تي چونڊون کٽيون هيون. خود وزيراعظم ان مشاهدي تي غور ڪري ۽ ان الزام جو جواب تلاش ڪري ته ڇا سندن قيادت سينيٽ جون ٽڪيٽون ميرٽ تي ڏنيون؟ ڇا اها حقيقت ناهي ته اڪٽريت کي ٽڪيٽ اهليت بجاءِ ذاتي وفاداري ۽ ذاتي خدمت عيوض ڏنيون ويون. ڇا اهڙي سينيٽ يا سندن ميمبر عوامي نظرن ۾ معزز يا عزتدار ٿي سگهن ٿا. ٻيو ته ٺهيو پر مسلم ليگ (ن) هڪ عدالتي مفرور، جنهن تي اربين رپين جي ڪرپشن جا الزام آهين، کين سينيٽ جو ميمبر چونڊرائي هڪ نئون رڪارڊ قائم نه ڪيو آهي. جنهن جي آڏو وفاداريون خريد ڪرڻ تمام ننڍڙو لڳي ٿو. ان قدم جو قانوني جواز ته ڄاڻائي سگهجي ٿو پر اخلاقي جواز ڪٿان آڻيندا، جڏهن ته عزت اخلاقي جواز جو ثمر هوندي آهي. سچي ڳالهه آهي ته عزت جو لفظ ۽ تصور اسان جي معاشرتي قدر ۾ بنيادي اهميت رکي ٿو ۽ ان حوالي سان ڪيترائي لطيفا مشهور آهن. بچي اسان جي سياست ته ان ميدان ۾ جهڙي طرح عزت جي اصولن کي لتاڙيو ويو آهي ان کانپوءِ حڪمرانن ۽ سياستدانن جي وات تي عزت جو لفظ مذاق جوڳو لڳي ٿو. سياست ۽ جمهوريت ۾ عزت پارٽي وفاداري، ميرٽ، جمهوري اصولن جي پاسداري، اعليٰ ڪردار ۽ ڪرپشن کان پاڪ دامن سان ملندي آهي پر اسان جي نظرن آڏو انهن اصولن کي جهڙي ريت لتاڙيو ويو آهي ان کانپوءِ بدقسمتي سان اسان جي سياست عزت کان محروم ٿي وئي آهي. حڪمران ڌر کي 2013ع ۾ هڪ سنهري موقعو مليو هو ته هو پاڪستان ۾ هڪ نئين دور جو آغاز ڪري ۽ اصولي سياست کي چوٽ چاڙهي. اصولي سياست جي تقاضا هئي ته پارٽي ۽ قوم لاءِ قربانيون ڏيندڙ ڪارڪنن کي اعليٰ عهدن تي ويهاريو ۽ سينگاريو وڃي ۽ ابن الوقت حوارين ۽ درٻارين جي حوصله شڪني ڪئي وڃي ها. ان اصول جي ابتڙ مشرف دور ۾ قربانيون ڏيندڙ ڪارڪنن کي نظرانداز ڪيو ويو. ڇوجو اهي باجوه قيادت کي ناپسند هئا ۽ مشرف جي ڪيترن ئي حوارين کي سيني سان لڳائي، وزارتون، سفارتون ۽ اعليٰ عهدا عطا ڪيا ويا. وزيراعظم غور فرمائي ته شايد کيس احساس ٿئي ته نئين جمهوري دور ۾ بگاڙ جو سلسلو اِتان کان ئي شروع ٿيو ۽ انهي سلسلي جي انتها اها هئي ته اسيمبلي ميمبرن پارٽي سان بي وفائي ڪري پنهنجي ووٽ جي قيمت وصول ڪئي. واه سبحان الله! ڪجهه اسيمبلي ميمبر ماني کائڻ ويٺا هئا ته اتفاق سان آئون به موجود هئس. سينيٽ جي حوالي سان خريد و فروخت جو ذڪر ٿيو ته هڪ ميمبر سچي ڳالهه چئي ڏني ته جڏهن سڀ مال گڏ ڪري رهيا آهن ته اسيمبلي ميمبرن تي ڪجهه ڪروڙ گڏ ڪرڻ حرام آهي ڇا؟ وزيراعظم سيني تي هٿ رکي ڳالهه ڪريو ته ڇا اهڙي ڳالهه قائد اعظم يا سندن ساٿين مان ڪنهن جي واتان چئي يا ٻُڌي وئي؟ نه بلڪل به نه، ته پوءِ وزيراعظم ان ڪرپٽ دور ۾ عزت ڪٿان پيو ڳولهي. حقيقت ته اها آهي ته سينيٽ جي چونڊن اسان جي جمهوريت جي وقار جو ڦڪڙ ڦاڙي ايندڙ چونڊن جي جهلڪ ڏيکاري ڇڏي آهي.
( روزاني عبرت 28 مارچ 2018ع)

Tuesday, March 27, 2018

پاڻي جيڪو پيئڻ کان چڙهي ويو!


شفيق الرحمان شاڪر
اڄڪلهه اسان جي حڪمرانن کي عدالتن سڳورين کان گھڻيون شڪايتون آهن.سندن چوڻ مطابق عدالتون سندن مطلب ته حڪومتن جي روز مره جي ڪار وهنوار ۾ ڪاهي پييون آهن.ايستائين جو پاڻيء جومسئلو به پاڻ حل ڪرڻ چاهين ٿيون.پاڻيء جي مسئلي ۾ عدالتن ۽ انهن جي جوڙيل پاڻي ڪميشن  کين اهڙو ته پاڻي ڪري وڌو آهي جو سندن نيڻن مان هروقت پاڻي وهي رهيو آهي.پاڻ کي ٻي خبر ته ناهي البت ايتري پروڙ ضرور آهي ته پاڻ پاڻيء سواء پل به پلجڻ جي پهچ نٿا رکون.پاڻ ته ٺهيو پر ساه جي سڳي ۾ سلهاڙيل هر جيو گھرڙو به پاڻيء سواء پاڻهي پنهنجي پرک وڃايو وجھي.پاڻي آهي ته پاڻ آهيون.پر پنهنجن حڪمرانن کي پاڻ واري  پاڻيء جي پچر اصل وڻيئي ڪانه! انهن جي خيال مطابق پاڻيء پويان ماڻهن کي هروڀرو پريشان ٿيڻ بدران منرل واري محفوظ پاڻيء ۾ ٽٻيون هڻڻ گهرجن،اجايو عام پاڻيء پويان پاڻي پاڻي ٿيڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي.عام پاڻيء جي پاڪستاني شوقينن لاء هڪڙي خوشخبري اها آهي ته اسان جي ملڪ ۾ زمين هيٺان موجود پاڻيء جي زخيرن ۾  “آرسينڪ” جو مقدار اطمينان بخش حد تائين وڌي چڪو آهي جنهن جي برڪت سان ملڪ جا اٽڪل هڪ ڪروڙ ماڻهو اهو قدرتي زهر پي مري ويندا ۽ کين ٻي ڪا بيماري خريد ڪرڻ جي هروڀرو ضرورت نه رهندي.پاڻي ذريعي پکڙجندڙ ان وبا جو نالو آهي “ آرسينڪ پوائزننگ“، ڪيڏو نه پيارو نالو آهي!.ان پاڻيء کان پريشان ٿيڻ جي هرگز ضرورت ناهي،پيئندا وڃو، جيئندا وڃو ۽ پنهنجن پيارن حڪمرانن کي دعائون ڏيندا وڃو.دنيا مڃي يا نه مڃي پر اسان واقعي هڪ مضبوط قوم آهيون.دريائڻ ۽ واهن ۾ وهندڙ پاڻي  سمورن ڪارخانن کان ويندي غسلخانن تائين جو لوڙهيل قيمتي مواد پنهنجي اندر سمائي پوء اسان جي وات تائين پهچي ٿو پر اسان انهيء تي بسم اللہ پڙهيو پيو ڇڏيون،جيڪر ايئن نه ڪيون ته پاڪستان جي “ فضول” آبادي ڪروڙن بجاء اربن جو ليڪو لتاڙي چڪي هجي ها.عوام مان پاپوليشن کاتي سان وير رکندڙ ڪجهه مٿي ڦريا اهو مطالبو ڪرڻ لڳن ٿا ته “واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ” لڳايا وڃن. انهن جي عقل تي خبر ناهي ڪهڙي وڄ ڪري آهي؟ هي وڏا وڏا موٽر وي ٺاهجن ،نارنگيء جهڙيون ٽرينون ڊوڙائجن،ميٽرو اگربتيون ٻاريندڙ بسون هلائجن يا ويهي پاڻيء سان مٿاماري ڪجي.پاڻي جهڙو آهي اهو ئي آهي،جنهن کي حوصلو هجي سو پيئي ۽ جنهن کي پرهيز آهي سو هميشه جا روزا رکي.                                                                                      گڏيل قومن جي اداري يونيسيف اها خوشخبري به ٻڌائي آهي ته پاڪستان جي هر ٽن گھرن مان ٻن گھرن ۾ گندگين جي دولت سان مالامال اهو پاڻي واپرايو وڃي ٿو جنهن ڪري هر سال اٽڪل 53 هزار ٻار رڳو دستن جو شڪار ٿي موت جو شڪار بڻجن ٿا. باقي ٽائيفائيڊ، گيسٽرو، بدهضمي. السر، گردن جي خرابي، پيچش ۽ ڪاري سائي جهڙا جيڪي مرض پاڻيء جي برڪت سان پکڙجي رهيا آهن اهي سڀني جي سامهون آهن.گڏيل قومن سان گڏ پاڪستاني عملدار به ان راء سان متفق آهن ته ملڪ ۾ مختلف بيمارين سبب ٿيندڙ موتن ۾ 30 کان 40 سيڪڙو موت گندي پاڻي پيئڻ سبب ٿيندڙ بيمارين کان ٿين ٿا.
“سائنس جرنل” جي هڪ رپورٽ مطابق پاڪستان جي اڪثر علائقن ۾ زمين هيٺ موجود پاڻيء ۾ زهريلي مادي “سنکيي” جو مقدار خطرناڪ حد تائين وڌي ويو آهي ۽ ملڪ جا اٽڪل 6 ڪروڙ ماڻهو اهو زهر مليل پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن.رپورٽ مطابق آرسينڪ جو اهو مقدار صحتمند پاڻيء ۾ وڌ ۾ وڌ 10 مائيڪروگرام في لٽر هئڻ گھرجي جيڪو بدقسمتيء سان اسان جي ملڪ ۾ 50 مائيڪرو گرام في لٽر يعني پنجوڻو آهي. اها رپورٽ جوڙيندڙ ڪميٽيء جي اڳواڻ   “جول پڊروسڪي”  جيڪو “سوئز فيڊرل انسٽيٽيوٽ آف واٽر سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي” جو سربراهه آهي تنهن مطابق سنڌ ۾ سمورن کوهن جي پاڻيء جي جاچ جي ضرورت آهي جڏهن ته هن مطابق هاڻوڪا نتيجا ڏاڍا ڳنڀير آهن.آرسينڪ مليل ان پاڻيء جي لاڳيتي ۽ ڊگھي استعمال سان  ڦڦڙن جي ڪينسر، دل جون بيماريون ۽ چمڙيء جي مرضن جو خطرو عام ٿي وڃي ٿو.سائنسدانن جي چوڻ مطابق اڃا تائين ڪا پڪي ڳالهه ڪري نٿي سگھجي ته پاڪستان ۾ زيرزمين پاڻيء ۾ آرسينڪ جهڙي زهر جي تيزيء سان وڌندڙ ان مقدار جا ڪهڙا سبب آهن پر اهو ضرور چئي سگھجي ٿو ته ان جو هڪ وڏو سبب زهريلن ۽ گندن مادن جهڙوڪ ڪيميائي گدلاڻ جو زمين ۾ جذب ٿيڻ آهي.  اسان جا حڪمران  ۽ حڪومتون ان خطرناڪ للڪار کي منهن ڏيڻ لاء جيڪي “محنتون” ڪري رهيون آهن يا پهرين ڪنديون رهيون آهن انهن محنتن ۾ عدالتون  ۽ واٽر ڪميشنون اجايو ٽنگ اڙائي رهيون آهن ۽“ ويچارين “ حڪومتن کي ڪم ڪرڻ نٿو ڏنو وڃي. پاڻي پاڻي ڪندي پاڻي چيلهه کان چڙهي چڪو آهي.پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي جو پنهنجن پيارن حڪمرانن پاڻ واري پاڻيء جي پريشانيء پويان روئي روئي پنهنجن اکين جو پاڻي ئي سڪائي ڇڏيو آهي.مٿان عدالتون ۽ عدالتي ڪميشنون آهن جيڪي پاڻي پاڻي ٿيل انهن ويچارن کي ڪجھه ڪرڻ ئي نٿيون ڏين. اسان جا اهي دانشور ۽ فلسفي حڪمران هروقت پاڻيء تي قوم جي تقدير لکندا رهيا آهن  جيڪا بدقسمتيء سان بار بار پاڻي پاڻي ٿي پاڻيء ۾ مليو وڃي ۽ پاڻي آهي جيڪو هميشه پيئندڙن جي پهچ کان پري رهي ٿو.                                                                                                                                                          پنهنجي عوام کي ئي ملڪ جو اصل سرمايو سمجھندڙ دنيا جون سڌريل حڪومتون سالن تائين مٿا کپائي پنهنجي عوام جو مستقبل،معاشرو ۽ ماحول محفوظ بنائڻ جون رٿون رٿينديون آهن،ڊگهي مدت وارا منصوبا جڙندا آهن پر اسان وٽ هرمعاملي ۾ صرف “ڪم ٽپايو پاليسي” تي عمل ٿئي ٿو. حڪومتون جيڪر پنهنجي حصي جو مقرر ڪم ڪنديون رهن ته عدالتن کي هروڀرو حڪومتي مامرن ۾ مداخلت ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت پوي.جڏهن حڪومتون پنهنجن شهرين کي پيئڻ جو صاف پاڻي پهچائڻ ۾ ئي ناڪام رهن ته پوء اهڙين حڪومتن جي قائم رهڻ جي جواز تي هڪ وڏو سواليا نشان پيدا ٿئي ٿو.مسئلو وسيلن ۽ ذريعن جو هجي ته ٻي ڳالهه آهي پر هتي ته معاملو نيتن ، دلچسپين ۽ ترجيحن جو رهندو ٿو اچي. عدالتن جي هيڏي وٺ وٺان باوجود  حڪومتي اڳواڻ ۽ عملدار  صرف ڪجھه دير لاء ننڊ مان سجاڳ ٿين ٿا،ڪجهه ڏينهن لاء ڪي سرگرميون نظر اچن ٿيون پوء” ساڳيون انڌيون ۽ ساڳيا جنڊ ” وارو ماحول واپس موٽي اچي ٿو. عوامي اڳواڻيء جا دعويدار حڪمران جيڪر عوام کي پيئڻ جي پاڻيء جي سهوليت مهيا ڪرڻ لاء به عدالتن جي فيصلن جا منتظر هجن ته پوء انهيء الميي تي  صرف ماتم ئي ڪري سگھجي ٿو!
( روزاني عوامي آواز 25 مارچ 2018ع)

Monday, March 26, 2018

وال پيپر ؛ صحت جي شعبي ۾ هلندڙ گورک ڌنڌو!


سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس مٺي جي اسپتال ۾ علاج لاءِ ٻار کڻي ويندڙ والدين کي انهن جا لاش ملڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي چيو ته معطلي سان ڇا ٿيندو. وارث ته پنهنجي ٻارن جو سرڪاري اسپتال علاج ڪرائڻ ويا هئا، علاج ٿيڻو هو پر ٻارن جا لاش کڻي آيا، ڇا اسپتال جو سربراهه ذميوار نه آهي، ڇا ڪنهن وڏي ماڻهو جو ڪو ڏوهه نه آهي. بدقسمتي سان نه صرف سنڌ جو صحت کاتو پر تمام کاتا ڪرپشن جي ور چڙهيل آهن، اتي سفارشي بنيادن تي يا ڏوڪڙن جي چمڪ ڌمڪ سان مقرري ٿئي ٿي. ميرٽ جي لتاڙ هئڻ ڪري سرڪاري کاتن جي ڪارڪردگي نه هئڻ برابر آهي، جنهن به کاتي تي نظر وجهو ان جو ٻيڙو ٻڏو پيو آهي. صحت ۽ تعليم اهم کاتا آهن، جنهن سان سنئون سڌو واسطو عوام جو آهي پر بدقسمتي سان ٻنهي کاتن جو ٻيڙو ٻڏو پيو آهي. ٻنهي کاتن جي ناقص ڪارڪردگي هر باشعور ماڻهو ڄاڻي ٿو. هنن کاتن جي ناقص ڪارڪردگي خلاف ميڊيا تي عوامي شڪايتن ۽ ڪرپشن جا اسڪينڊل هلڻ بعد سنڌ حڪومت مٿي تان بار لاهڻ لاءِ ٻنهي کاتن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، پر هنن کاتن ۾ ڪوبه سڌارو نه آيو آهي.
مٺي جي اسپتال ۾ مدي خارج دوائن سبب ٻارن جي موت جا واقعا روز جو معمول بڻيل آهن، اهڙا ڪيترائي واقعا ميڊيا تي اچڻ کان رهجي وڃن ٿا، ڪجهه اهڙا واقعا ميڊيا تي اچڻ جي باوجود ڪابه جاچ نه ٿي ڪرائي وڃي. انساني جانيون ضايع ٿيڻ جي ذميوارن خلاف ڪابه ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي، گهڻو زور پوڻ تي وڌ ۾ وڌ خانا پوري واري جاچ جو حڪم ڏنو ويندو آهي ۽ جاچ ڪندڙ پنهنجي ڊاڪٽرن کي انڪوائري مان بچائي ويندا آهن. سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ نقلي ۽ مدي خارج جي ويجهو ايندڙ دوائون سستي اگهه ۾ خريد ڪري ان جا وڏا بل ٺاهيا ويندا آهن. سرڪاري اسپتالن ۾ صحت کاتي جي اعليٰ عملدارن جي حڪم تي نقلي دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنين کان دوائون خريد ڪيون وڃن ٿيون، ان تي وڏي ڪميشن هيٺ کان مٿي تائين ڏيڻ جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ ايندو آهي، انهن دوائن جو ڪو به اثر نه هوندو آهي. اهڙيون نقلي دوائون کائيندڙ مريض ڪيترن ئي سائيڊ افيڪٽ جو شڪار ٿيندا آهن. سرڪاري اسپتالن ۾ مدي خارج جي ويجهو پهچندڙ دوائون انتهائي سستي اگهن ۾ خريد ڪري ان جا بل وڏا ٺاهيا ويندا آهن. ڪيتريون ئي دوائون درياهه ۽ واهن ۾ اڇلايون وينديون آهن، اهڙيون خبرون وقت به وقت ميڊيا تي نظر اينديون آهن، ان جي جاچ لاءِ ڪميٽين جو به اعلان ٿيندو آهي، پر اهي انڪوائريون نالي ماتر ڪري فائنل ڪيون وڃن ٿيون. اهڙي ريت اهڙيون حرڪتون ڪندڙ قومي خزاني تي ڌاڙو هڻندڙ صحت کاتي جا عملدار، اسپتالن جي ايم ايس کي ڪابه سزا نه اچڻ ڪري اهڙو گورک ڌنڌو ڏينهون ڏينهن وڌندڙ آهي. گذريل 20 سالن کان سرڪاري اسپتالن ۾ نقلي دوائن جي حوالي سان اسپتالن جي وزٽ تي ايندڙ يا صحت جي حوالي سان ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ ٿيندڙ سيمينارن ۾ ايندڙ صحت کاتي جي وزير، سيڪريٽري کان اهڙيون شڪايتون ڪندي هنن کان سوال ڪندا آهيون ته ڇا اوهان پنهنجي يا پنهنجي خاندان جي علاج لاءِ دوائون سرڪاري اسپتالن مان وٺندا آهيون پر هو صاحب موصوف ان جو اطمينان بخش جواب نه ڏيندا آهن.
صحت کاتي جو وزير، سيڪريٽري ته رهيو پري پر سرڪاري اسپتالن جا ايم ايس ۽ ڊاڪٽر به پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان لاءِ سرڪاري اسپتالن مان دوائون نه وٺندا. هن کان اڳ مون ڪيترائي ڀيرا پنهنجي ڪالمن ۾ لکيو آهي، هر دور جو صوبائي وزير صحت ۽ صحت کاتي جا ڪامورا نقلي دوائن خلاف بيان بازي ڪندا آهن. نقلي دوائون ٺاهيندڙ ڪجهه فيڪٽرين تي به ڇاپا هڻندا آهن، پر سرڪاري اسپتالن ۾ نقلي دوائن وارين شڪايتن تي ڪوبه نوٽيس نه وٺندا آهن. اسان وٽ سرڪاري اسپتالون موت جا گهر سڏبيون آهن. ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي ۽ ٻين وڏن شهرن جي وڏين اسپتالن جا پروفيسر، اسسٽنٽ پروفيسر، سرڪاري اسپتالن ۾ گڏجي ويهي پوءِ خانگي اسپتالن ۾ ڪم ڪن ٿا، خاص طور رات جو ته سرڪاري اسپتالون هائوس جاب ڊاڪٽرن حوالي هونديون آهن. مون کي ذاتي طور تجربو آهي، مختلف سرڪاري اسپتالن ۾ مٽ مائٽ داخل ٿيندا رهيا آهن، ان ڪري ذاتي مشاهدو آهي ته سرڪاري اسپتالون بس انهن جي حوالي آهن. خاص طور رات جي وقت ايمرجنسي ۾ غريب مريض ڦٿڪندا آهن پر ڪو سينئر ڊاڪٽر نه ايندو آهي.
تازو ارڙي جون مدي خارج ويڪسين لڳڻ ڪري ڪجهه ٻارڙن جي مرڻ جون به خبرون آيون آهن، سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جي لاپرواهي، نقلي دوائون، مدي خارج دوائن جي ڪري مريضن جي مرڻ جون خبرون وقت به وقت مختلف شهرن مان نظر اينديون آهن، پر صحت کاتو ان تي نوٽيس نه وٺندا آهن جي وٺندا آهن ته بس خانا پوري لاءِ يا بس هڪ ٻن ڊاڪٽرن پيرا ميڊيڪل اسٽاف کي معطل ڪيو ويندو آهي ۽ ڪجهه وقت بعد معطلي ختم ڪئي ويندي آهي. اهي به حقيقتون آهن ته معطلي مان ڇا ٿيندو، ڇا معطلي سان مري ويل ماڻهن سان انصاف ٿيندو؟ انصاف ۽ اخلاق جي تقاضا اها آهي ته صرف هيٺين عملي خلاف ڪارروائي ڇو؟ ان جا ذميوار صحت کاتي جو اعليٰ عملدار، صوبائي وزير به آهي، انهن خلاف به ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.
جيڪڏهن ڪنهن سرڪاري اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي لاپرواهي، نقلي ۽ مدي خارج دوائون جي ڪري هڪ به ماڻهو مري ٿو ته ان جو ذميوار صرف هڪ ڊاڪٽر نه پر ان اسپتال جو ايم ايس، ڊي ايڇ او، ڊائريڪٽر جنرل سيڪريٽري، صوبائي وزير به آهن. جڏهن هنن سڀني خلاف جوڳي ڪارروائي ٿيندي تڏهن اسان جي سرڪار ۾ سڌارو ايندو. صحت کاتي جي ان کان وڌيڪ ڪهڙي نااهلي هوندي جو سرڪاري اسپتالون اين جي اوز حوالي ڪيون پيون وڃن، پر ان سان به عوام کي ڪو لاڀ نه پيو ملي. تازو ڪورٽ سڳوري سرڪاري اسپتالن جي ڊاڪٽرن کي خانگي اسپتالن ۽ پنهنجون ڪلينڪون نه هلائڻ جو حڪم ڏنو. ان تي عوام خوشي جو اظهار ڪيو پر افسوس جو صحت کاتي ڪورٽ سڳوري جي اهڙي عوامي مفادن واري فيصلي تي عمل نه ڪرايو، اڄ به سرڪاري اسپتالن جا ڊاڪٽر پرائيوٽ اسپتالن ۾ ڪم ڪن پيا، پنهنجون خانگي ڪلينڪون هلائين پيا. اسان سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي سلام پيش ڪريون ٿا، جنهن مٺي سول اسپتال ۾ مدي خارج ويڪسين جي ڪري فوت ٿيل ٻارڙن جي موت جو ذميوار هڪ ٻه ڊاڪٽرن کي نه پر ايم ايس، صحت کاتي جي سيڪريٽري ۽ وزير کي به قرار ڏنو آهي. ان ڪري صوبائي سرڪار کي به گهرجي ته صحت جي معاملن ۾ غفلت ڪندڙ اعليٰ عملدارن خلاف به سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن صحت جي شعبي ۾ سڌارا اچي سگهن.
(روزاني عبرت 26 مارچ 2018ع)

مقابلي جو امتحان ۽ اسان جا نوجوان.


(روزاني سنڌ ايسپريس 26 مارچ 2018ع)


Sunday, March 25, 2018

سوچن جي سڳنڌ ؛ خوابن کي مضبوط جھليو



“Hold fast to dreams,  For if dreams 

die,   Life is a broken-winged bird  

That cannot fly.”       Langston Hughes

پنهنجن خوابن کي مضبوط  جھليو. جيڪر خواب مري وڃن ته زندگي ڀڳل کنڀن وارو اهو پکي بڻجي وڃي  ٿي جيڪو اڏامي نٿو سگھي.”                (لينگسٽن)



Saturday, March 24, 2018

اچو ته نئين سوچ سان اڳتي وڌون!


محمود شام
توهان جون نظرون منهنجي سِٽن تي آهن. توهان جو ٿورائتو آهيان، هي رياضت جا لفظ بي معنيٰ آهن، جيڪر هِنن کي ڪو پڙهڻ وارو موجود نه هجي. توهان مون لاءِ سڀ کان اهم آهيو. توهان پاڪستان جو درد رکو ٿا. توهان کي ياد ڏياريان، توهان جيڪڏهن منهنجا هم عمر آهيو يا ٿورا وڏا آهيو ته توهان کي 23 مارچ 1940ع ياد هوندو. توهان جيڪر نوجوان آهيو ته تاريخ ۾ توهان پڙهيو هوندو. هاڻ انٽر سروسز پبلڪ رليشنز توهان کي ياد ڏياري ٿي. جڏهن ته اها اسان جي چونڊيل حڪومت جي ذميواري آهي.
23 مارچ 1940ع تي اسان تاريخ سان هڪ  Mouيعني مفاهمت جي يادداشت تي صحيح ڪئي هئي ته اسان هڪ الڳ ملڪ ٺاهينداسين. جتي سڀ انسان برابر هوندا. جتي رهواسين کي پنهنجا نمائندا مرضيءَ سان چونڊڻ جي آزادي هوندي. اها قائداعظم جي بي لوث، ڪرپشن کان پاڪ، ڏور رس سوچ واري قيادت هئي جو اسان کي ستن سالن کانپوءِ هڪ الڳ ملڪ ملي ويو. نه ته ايم او يو ته پنهنجي تعبير لاءِ ترسندا رهندا آهن. تصور ڪيو، جتي اڄ مينارِ پاڪستان آهي، اُتي برصغير جا وڏا وڏا ليڊر گڏ ويٺل هئا. پاڻ ۾ هڪٻئي کي چور، ڦورو، چاٻي وارا گُڏا، هڪ ئي سِڪي جا ٻه پاسا نه چئي رهيا هئا. انهن ۾ ڪير به يونيفارم وارو نه هو. انهن وچ ۾ ڪو به مني لانڊرنگ وارو نه هو. اهو مينار بڻجي رهيو هو ته مان 1968ع ۾ ان جون سموريون ڏاڪڻون 360 جي ويجهو چڙهيو هئس. 78 سال اڳ اسان هڪ چئلينج قبول ڪيو هو. اسان هڪ نئون تجربو ڪرڻ وارا هئاسين. بدقسمتي ڏسو جڏهن 9 سالن کانپوءِ اسان پهريون آئين پاس ڪيو. 23 مارچ کي انکانپوءِ ئي اسان يومِ جمهوريه طور ملهائڻ جو فيصلو ڪيو. اهو ڏينهن ته اسان اڄ تائين ملهايون پيا پر اهو آئين ٻن سالن کانپوءِ ئي ڪچري جي دٻي ۾ وڌو ويو. اڄ جڏهن اسان اهو ڏينهن ملهائي رهيا آهيون ته اسان ڪيترين ئي خوش قسمتين سان گڏ بيٺل آهيون. اسان وٽ هڪ آئين آهي گڏيل طور تي منظور شده. جڏهن ته اهو متحده پاڪستان دوران نه بڻجي سگهيو. جنهن اسيمبلي کي 1971ع ۾ اهو آئين بڻائڻو هو، ان جو اجلاس ئي نه گهرايو ويو. تاريخ ان جو جواب گهري رهي آهي. فوجي قيادت کان به ته سياسي قيادت کان به. وڏي خوش قسمتي ته اسان هڪ ائٽمي طاقت آهيون. اسان نوجوان ملڪ آهيون. 60 سيڪڙو آبادي اسان جي 15 کان 35 سالن جي وچ ۾ آهي. سوچيو ڪيتري وڏي نعمت آهي اها. اسان جي جاگرافيائي حيثيت ڪيتري اهم ۽ حساس آهي جو دنيا جون 3 وڏيون طاقتون آمريڪا، روس ۽ چين اسان سان لاڳاپا رکڻ کانسواءِ پنهنجو عالمي منصوبو مڪمل نٿيون ڪري سگهن. الله تعاليٰ اسان کي بيشمار معدني خزانا ڏنا آهن. توهان منهنجي ڳالهه توجه سان ٻڌي رهيا آهيو نه! آئون توهان سان مخاطب آهيان، حڪمرانن سان نه. ڇو ته هو پاڻ کي وڏو عقلمند سمجهن ٿا. انهن مان ڪجهه جو معيار ته اهڙو آهي ته ”اوه ساڍي نال اي يا نئين“ ٻين جي ڪسوٽي اها آهي جو ”هِن کي گڏ نه کڻڻ گهرجي، هي پنهنجو عقل ٿو استعمال ڪري.“ ڪجهه هن عياري ۽ شاطري جي ميدان ۾ نوان لٿل آهن. اڃا تائين ڪو معيار طئه نه ڪري سگهيا آهن. آئون به ڪيترن ئي سالن کان اهو سوچي رهيو هئس ته آئون حڪمرانن کي تبديلي جا مشورا ڏيندس. هو ان کي مخلص طريقي سان ٻڌندا. پاڻ اندر تبديلي آڻيندا. توهان به اهو ئي خيال رکو ٿا. ٿورو سوچيو، آئون به ان نتيجي تي پهتو آهيان. توهان به سوچيندا ته مون سان گڏ هوندا ته ميان نواز شريف، شهباز شريف، آصف زرداري، عمران خان، بلاول، مولانا فضل الرحمان، اسفند يار ولي ۾ تبديلي آڻڻ اسان جي وس ۾ ناهي. 70 سالن کان اسان اهي ڪوششون ڪري رهيا آهيون پر ڪامياب ناهيون ٿي سگهيا. جيڪو اسان جي وس ۾ آهي، اهو اسان نه ڪيو آهي. پاڻ اندر تبديلي آڻي سگهون ٿا. پنهنجي گهر ۾ تبديلي آڻي سگهون ٿا. ان کي اسان ضروري نٿا سمجهون.
مشهور زمانه ڪتاب  Animal Farmجي ليکڪ جارج آرول جو چوڻ آهي ته
A people that elect corrupt politician, impostors, thieves and traitors are not victims but accomplices.
اهي ماڻهو جيڪي ڪرپٽ سياستدان، جعلساز، چورن ۽ غدارن کي چونڊيندا آهن اهي مظلوم (متاثر) نه پر شريڪ جرم آهن.
دل تي هٿ رکي محسوس ڪريو ته گذريل ڪجهه سالن کان اسان اهو ئي نه ڪري رهيا آهيون، اڄ پاڻ عهد ڪريو ته اسان پنهنجي پنهنجي خاندان ۾ تبديلي آڻينداسين. ڇا توهان کي پنهنجي ٻارن سان، پٽن نياڻين سان، پوٽن پوٽين سان، ڏوهٽن ڏوهٽين سان ڳالهائڻ جي واندڪائي ملندي آهي. اهو توهان جو چونڊ حلقو آهي. اُتي جا حڪمران توهان آهيو. ڇا توهان پنهنجي ذميواري نڀائي رهيا آهيو. توهان پنهنجي ٻارن جي دل ۾ جهاتي پائي ڏسندا آهيو ته هو توهان جي باري ۾ ڇا سوچيندا آهن. هو توهان ۾ ڪهڙي تبديلي چاهين ٿا. توهان اُٿندي ويهندي چوندا آهيو ته وزيراعظم ته پنهنجي ايم اين ايز سان ڪونه ملي. توهان پنهنجي ٻارن سان هفتي ۾ گهڻا ڀيرا تفصيلي ملاقات ڪندا آهيو. سندن ڳرا ٿيلها ڏسندا آهيو، هنن جي ڪتابن جا پنا اٿلائي ڏسندا آهيو، کين اسڪول، ڪاليج يا يونيورسٽي جا استاد ڇا پڙهائي رهيا آهن. انهن جي پڙهائڻ جو طريقو ڪهڙو آهي. انهن جو ڪردار ڪهڙو آهي؟ اُتي جو ماحول ڪيئن آهي؟ پنهنجي پُٽن ۽ نياڻين جا موبائل فون اوهان ڏٺا، اُنهن تي ڪهڙي ڪهڙي  Appsکليل آهي. انٽرنيٽ ۾ هو ڪهڙي دنيا ۾ گهُمندا آهن.
ڇا توهان غور ڪيو آهي ته پنهنجا ٻار پنهنجي ملڪ جي تاريخ پڙهي رهيا آهن يا سنگاپور، برطانيه، ملائيشيا جي. انهن ٻارن جا هيرو ڪير آهن ۽ ناپسنديده ڪير آهن.
توهان ڪجهه وقت ڪڍو ته توهان کي خبر پوندي ته توهان جي گهر ۾ به ڪو ٽرمپ، ڪو پيوٽن، ڪو نواز، ڪو شهباز، ڪو زرداري ۽ ڪو عمران واريون خوبيون کڻي وڏو ٿي رهيو آهي، جيڪو توهان جي ويجهو ناپسنديده آهن.
غور ڪريو اسان پنهنجي سوا ڇهه ڪروڙ نوجوان نسل جهڙي دولت ۽ طاقت کي ضايع پيا ڪريون. اهي اسان ۽ توهان مان ئي ڪنهن جا پٽ ۽ نياڻيون آهن. انهن جي اسان ڪهڙي تربيت ڪري رهيا آهيون. انهن کي اسان پنهنجي ڳالهين سان، ٽاڪ شوز سان، شوشل ميڊيا تي ”اقوال زرين“ سان مايوس ڪندا آهيون هو ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جو سوچيندا رهندا آهن.
اچو اسان تاريخ سان گڏ هڪ ٻئي  MOU تي صحيح ڪريون. نئين تحريڪ پاڪستان هلايون، اسان کي هاڻ ڪنهن غير ملڪي طاقت سان نه پر پنهنجي پاڻ کان ئي پنهنجو ملڪ حاصل ڪرڻو آهي. توهان کي يقين هجڻ گهرجي ته الله تعاليٰ توهان کي هڪ انتهائي اهم مالدار ۽ عظيم الشان ملڪ ڏنو آهي. توهان پنهنجي پاڻ کي، پنهنجي گهر کي تبديل ڪريو. 1940ع ۾ اها ٽيڪنالوجي به نه هئي، جديد ترين ٽيڪنالوجي مان مدد حاصل ڪريو. انهن ڏهاڙن ۾ جيڪا تحريڪ 7 سالن ۾ ڪامياب ٿي، اها اڄ جي جديد دور ۾ 7 منٽن ۾ نتيجي جوڳي ٿي سگهي ٿي. جديد ماحول ۾ جديد طريقي سان تحريڪ هلايو. سوشل ميڊيا کي ٽيڪنالوجي پارڪ بڻايو. موچي دروازو نه بڻايو.
(روزاني عبرت 24 مارچ 2018ع)

Friday, March 23, 2018

چهنڊڙيون ؛ اليڪشن جي موسم



اليڪشن جي ايندي موسم،  وري موجون مچي وينديون،
وري     رهبر      رسي    ويندا،  وري رانديون رچي وينديون،
وري ڪي ڪڪڙڪسبا  ۽ وري  ديڳيون پچي وينديون،
ڀلا برياني خوش ره تون!پنهنجون مانيون بچي وينديون.

1940ع وارو ٺهراءُ: ڪجهه سوال ڪجهه جواب


شفيق الرحمان شاڪر
اڄ کان اٽڪل 78 سال پهرين اڄوڪي ئي ڏينهن تي 1940ع ۾ لاهور جي منٽو پارڪ ۾ پيش ڪيل “پاڪستان جو ٺهراء” حقيقت ۾ هڪ اهڙي آزاد رياست جو سهڻو سپنو هو جنهن ۾ سموريون قوميتون سياسي ۽ معاشي برابريء جي اصول تي گڏجي پنهنجون زندگيون سک ۽ شانتيء سان گذارينديون.جتي ڪنهن کي اڪثريت،ڏاڍ ۽ اختيار جي بنياد تي غلام نه بنايو ويندو پر ٿيو ڇا؟ پاڪستان ٺهندي ئي انهن سمورن وعدن کي وساري ملڪ جي عوام خاص طور تي ننڍين قوميتن ۽ ڪمزور طبقن سان جيڪو حشر ٿيو ۽ ٿي رهيو آهي سو اسان جي تاريخ جو هڪ ڪارو باب آهي . جنهنجو بنيادي سبب اسان جي حڪمرانن ۽ سياستدانن جي تعصب ڀري ذهنيت آهي جيڪا عوام کي متحد ۽ منظم ڪرڻ بدران انهن کي ورهائيندي ويئي.ڪٿي نسل ۽ زبان جي بنياد تي ته ڪٿي مذهبي فرقن جي بنياد تي.اهي حڪمران ۽ سياستدان جيئن ته اعليٰ اخلاقي قدرن ۽ ملڪ سان نظرياتي لڳاء کان ڪورا رهيا جنهن ڪري اهي رياست ۽ رياستي اختيارن کي پنهنجن ڪجهه ذاتي ۽ گروهي مقصدن ۽ مفادن لاء استعمال ڪندا رهيا ۽  حقيقي عوامي ڀلائي  انهن جي ايجنڊا ۽ پاليسين جو حصو نه رهي.نتيجي ۾ اڄ هڪ ڊگھو عرصو گذري وڃڻ باوجود عوام جي حالت سڌرڻ ۽ بهتر ٿيڻ بدران وڌيڪ ابتر ٿيندي ٿي وڃي.پاڪستان ٺهڻ کان وٺي حڪمرانن هميشه “ ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو“ جي پاليسي تحت ملڪ ۾ جنهن تعصب،نفرت ۽ ورهاست جو ٻج پوکيو ان جا نتيجا قوم اڄ تائين ڀوڳي رهي آهي.انهن قوم کي ڪو هڪڙو گڏيل نعرو ڏيڻ بدران وقت بوقت مختلف نعرا ڏنا،ڪڏهن اسلامي پاڪستان،ڪڏهن سيڪيولر پاڪستان ته ڪڏهن نئون پاڪستان وغيره وغيره پر جيئن ته اهي نعرا به انهن صرف پنهنجي حڪمرانيء جو مدو وڌائڻ يا حڪومتن تي قبضو ڪرڻ لاء پيش ڪيا هئا ان ڪري ملڪ ڪا هڪڙو مضبوط رخ وٺڻ بدران انهن نعرن ۾ ئي ورهائجي رهجي ويو.مختلف قوميتن کي هڪ وفاق ۾ سلهاڙي رکڻ ڪو سولو ڪم ناهي.خاص طور تي جڏهن رياست ۾ معاشي انصاف نالي ڪا شيء موجود نه هجي ۽ ڪمزور طبقن سان برابريء جو سلوڪ ڪرڻ بدران انهن کي رياستي ۽ غير رياستي اختيار ذريعي وڌيڪ چپيو ۽ چيڀاٽيو وڃي ته اتي قومي ٻڌي ۽ رياستي يڪجهتي جي سوچ پيدا ٿيڻ جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گھرڻ برابر ۽ ماڻهن ۾ عدم تحفظ ۽ محرومين جو احساس پيدا ٿيڻ هڪ فظري ۽ اڻٽر عمل آهي. جنهنجو ردعمل اسان اولهه پاڪستان کي بنگلاديش ۾ تبديل ٿيڻ جي صورت ۾ ڏٺو پر ايڏي وڏي هاڃي به اسان جي اختيار ڌڻين جون اکيون نه کوليون ۽ نه ئي انهن انهيء مان ڪو سبق سکيو.ننڍن صوبن سان جيڪي ڏاڍايون ۽ بي واجبيون ڪيون ويون ۽ ڪيون پييون وڃن انهيء مان لڳي نٿو ته اسان جي حڪمران  اشرافيا واقعي آئين جي احترام جو ڪو ارادو رکي ٿي، عوام توڙي رياست کي صرف سياستدان ئي متحد ۽ مستحڪم رکي سگھن ٿا پر بدقسمتي اها جو سياست  به اسان وٽ واپار بڻجي ويئي آهي جڏهن اسيمبلين جون ٽڪيٽون خريد ۽ وڪرو ٿيڻ لاء ڪروڙن جو ڪاروبار ٿيندو هجي ته اهڙا چونڊيل عوامي نمائندا پنهنجو سيڙايل سرمايو ٻيڻو  ٽيڻوڪري واپس حاصل ڪرڻ لاءسياست جي پردي ۾ ڪاروبار ڪندا يا عوام جي اهنجن ۽ آزارن جي ڳڻتي ڪندا؟ پاڪستان جي قائم ٿيڻ جا مقصد صرف ڪتابن ۽ تقريرن ۾ رهجي ويا آهن، باقي عمل جي ميدان ۾ صرف ذاتي،خانداني ۽ گروهي مقصد ئي گردش ڪري رهيا آهن.سياستدانن جي لڙاين،جھڳڙن ۽ بدزبانين ملڪ جو ماحول ئي بدبودار ڪري ڇڏيو آهي.آمريت خلاف تقريرون ڪندڙن جا پنهنجا رويا ۽ پاليسيون وڏن وڏن آمرن کي شرمائي چڪيون آهن.جمهوريت جا قصيدا پڙهندڙن جي پنهن جن پارٽين اندر جمهوريت نالي ڪا شيء نظر نٿي اچي.ملڪ ۽ عوام سان وفاداريء جون دعوائون ڪندڙن جو دامن پاناما  ۽ اقاما جهڙن اسڪينڊلن سان ڀريو پيو آهي.آزاديء جي 71 سالن ۾ عوام کي سواء سورن جي ٻيو ڇا مليو آهي؟ البته حڪمرانن جا محلن مٿان ۾محل ٺهندا ۽ سندن ڪاروبارن  ۾ برڪتون وسنديون ۽ وڌنديون ٿيون وڃن.ملڪ ۾ ميرٽ کي مضبوط ڪرڻ بدران ان جو جنازو وڏي ڌوم ڌام سان ڪڍيو ويو آهي.هر نوڪريء لاء يا ته رشوت گھرجي يا سفارش.جڏهن رياست ۾ جھنگ جو قانون نچندو هجي ته پوء عوام جو رياست ۽ رياستي ادارن تي ڪهڙو اعتماد قائم ٿيندو.ڪاروباري ذهن ۽ بادشاهاڻي سوچ جي مالڪ حاڪمن کي غريب عوام جي دکن دردن جو ڪهڙو احساس ٿيندو.اسان جا تعليمي ادارا ئي نصاب ۽ طبقاتي نظام جي بنياد تي اڄ تائين ورهايل آهن.نسلن جو آئيندو داء تي لڳل آهي جنهن سبب ملڪ جا ذهين ۽ باصلاحيت ماڻهو پنهن جي ملڪ بدران ٻاهرين ملڪن ۾ پنهنجو معاشي مفاد محفوظ ۽ پنهنجو ذهن مطئمن سمجھن ٿا.جڏهن ليڊرشپ جون دلچسپيون پنهنجن اصل ذميدارين کان هٽي ڪري ڪجھه ٻين مقصدن ۾ ڦاسي وڃن ته اهڙي ملڪ ۾ قيادت جو بحران پيدا ٿئي ٿو جنهن کي غير رياستي اداڪار ڀرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن جنهن ڪري ئي دهشتگردي ۽ سماج دشمنيء وارو ماحول نسرجي ٿو.جنهن ملڪ ۾ بندوقن جي پهري هيٺ مسجدن ۾ نمازون ادا ڪيون وڃن،قانون نافذ ڪندڙ جوانن جي ڇانو ۾ جڏهن اسان جا تعليمي ادارا تعليم ڏيندا هجن،خوف ۽ دهشت جي ماحول ۾ جڏهن اسان بازارن ۾ خريد فروخت ڪندا هجون،اسان جي قومي تهوارن تي بدامني ۽ بي يقينيء جا ڪڪر ڇانيل رهن،نه عوام محفوظ هجي ۽ نه ئي انهن جي حفاطت ڪندڙ امن ۾ هجن اتي ملڪ سان محبت جون صرف تقريرون ڪرڻ سان جي ملڪ جي حالت سڌري ها ته اسان روزانو ايئن پنهنجن پيارن جا لاش نه کڻون ها.ڪڏهن ڌماڪن جي شڪار ٿيل بي گناهن جا،ڪڏهن پوليس ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن هٿان چچرجي ويل جوانن جا،ڪڏهن اسٽريٽ ڪرائم ۾ مزاحمت دوران قتل ٿيندڙ معصوم شهرين جا ته ڪڏهن بک ۽ غربت کان تنگ ٿي پنهنجن ٻارڙن سميت آپگھات ڪندڙ پيئرن يا مائرن جا لاش.بي حسيء جي انتها اها جو ڪجھه  پئسن خاطر انساني جان وٺڻ هڪ معمولي ڳالهه بڻجي ويئي آهي.ڪٿي انصاف جا بکيا اڍيڙي حقدار کي سندس حق کان محروم ڪري مايوس ڪيو وڃي ٿو ته ڪٿي وسيلن نه هئڻ جو بهانو بڻائي عام ماڻهن کي تعليم،صحت ۽ روزگار جي بنيادي حقن کان محروم ڪيو ويو آهي.صرف وڏيون شاهراهون ۽ پليون تعمير ڪرڻ کي ئي ترقيء جو عروج قرار ڏنو پيو وڃي.پاڪستان ۾ سمورا وسيلا ۽ ذريعا ميسر هئڻ باوجود به اڄ جيڪر عام ماڻهو  عظيم بدحاليء جو شڪار آهن سو رڳو ان ڪري جو ملڪ ۾ سچي ۽ مخلص اڳواڻيء جي اڻ هوند آهي.انهن اڳواڻن ۾ جيڪر اهڙي سچائي ۽ صلاحيت موجود هجي ها ته اڄ ستر سال گذرڻ باوجود ملڪ جي اهڙي خراب حالت نه هجي ها ۽ غربت جو بي رحم راڪاس بيدرديء سان ماڻهن جا منهن نه پٽي ها.سچا ۽ اهل رهبر اهي هوندا آهن جيڪي ڪکن کي جوڙي آکيرن ۾ بدلائيندا آهن، ماڻهن کي ميڙي قوم بنائيندا آهن ۽ بحرانن کي موقعن ۾ تبديل ڪندا آهن.اسان جي رهبرن جي ستم ظريفي ته ڏسو جو پاڻ ته ذاتي مفادن جي رستي تي ڪاهي پيا پر ان سان گڏوگڏ پوري سماج ۽ قومي ادارن کي به بدعنوانين ۽ ناانصافين جي ان دڳ تي لائي ڇڏيو.نتيجو ڇا نڪتو جو هرهنڌ ڏوهاري مافيائن جو ڄار وڇائجي ويو جن جو دلچسپ شوق پئسو گڏ ڪرڻ ۽ عوام جو رت چوسڻ رهجي ويو آهي.ننڍن صوبن سان ماٽيلي ماء وارو سلوڪ اڄ به جاري آهي.ڪالاباغ ڊيم جو مثال ئي وٺو ته پنجاب سواء باقي ٽن صوبن جون اسيمبليون ان کي رد ڪري چڪيون آهن پر پنجاب ۽ وفاقي حڪومت ڪنهن نه ڪنهن نموني ان مئل گھوڙي ۾ ساهه وجھي صوبن وچ ۾ نفرت ۽ ڇڪتاڻ وارو ماحول پيدا ڪرڻ کان نٿي مڙي جو انهن کي پنجاب ۾ ان حساس معاملي تي سياست ڪري ماڻهن کان ووٽ وٺڻا آهن.ننڍن صوبن جي عوام کي هر وقت شڪن شبهن جي نظر سان سان ڏسندڙ ۽ کين غداريء ۽ بغاوت جا خطاب ڏيندڙن ڪڏهن وڏي صوبي سان تعلق رکندڙ انهن رهبرن جي باري ۾ ڪڏهن ڪجهه چيو آهي جيڪي پنهنجي سياست ڪاڻ ملڪ جي سالميت سان کيڏندا آيا آهن.وفاقي نوڪرين ۾ صوبن جو مقرر حصو مهيا ڪرڻ کان پاڻيء جي منصفاڻي ورهاست تائين،وڏين وڏين سرڪاري عهدن تي مقررين کان صوبن کي سندن قدرتي وسيلن تي مالڪيء جو حق ڏيڻ تائين ننڍن صوبن جي ڏتڙيل عوام کي هيستائين صرف مايوسيون ئي پلئه پييون آهن.دنيا ۾ ڪٿي به وفاق ان طريقي سان نه هلندا آهن.ايڪويهين صديء ۾ “ جيڪو ڏاڍو سو گابو ”وارو اصول مدي خارج بڻجي چڪو آهي ان ڪري پياري پاڪستان جي بقا ۽ مضبوطي انهيء ۾ آهي ته اختيار جا اصل مالڪ پنهنجون سوچون ۽ رويا تبديل ڪن ۽ پنهنجا آئيني حق گھرندڙن کي باغين ۽ وطن دشمنن جي لسٽ ۾ شامل ڪرڻ بدران انهن جي مجبورين، محرومين، مصيبتن، معاملن ۽ مسئلن کي تسليم ڪندي ساڻن برابريء وارو سلوڪ ڪن. ملڪي سياست جي سمورن رانديگرن کي به اها ڳالهه چڱي نموني سمجھي ڇڏڻ گھرجي ته ماڻهن کي مختلف ناٽڪن ذريعي وڌيڪ عرصي تائين بيوقوف بنائي نٿو سگھجي ان ڪري هاڻي انهن کي به چاهيندي يا نه چاهيندي نيٺ عام ماڻهوء جي ايجنڊا تي اچڻو پوندو ۽ انهن جي بنيادي مسئلن، مونجھارن ۽ مشڪلاتن جي حل لاء ڪو حقيقي لاهئه عمل جوڙڻو پوندو ۽ سندن سورن،صدمن ۽ صعوبتن کي گھٽائڻ لاء ڪي موثر اپاء  وٺڻا پوندا جو دنيا گھڻو اتي نڪري چڪي آهي ۽ عوام کي هاڻي گھڻي وقت لاء پراڻن رانديڪن سان ريجھائي نٿو سگھجي.

(روزاني عوامي آواز 23 مارچ 2018ع)

Thursday, March 22, 2018

سوچن جي سڳنڌ ؛ ڄمار سالن جي حساب سان نه....



“Count your age by friends, not 

years. Count your life by smiles, 

not tears.”            John Lennon

پنهنجي ڄمار سالن جي حساب سان نه پر دوستن جي حساب سان ڳڻيو،پنهنجي زندگي ڳوڙهن جي حساب سان نه پر مرڪن جي حساب سان شمار ڪريو..”          (جون لينن)
                                                                                         

عوام جي “ووٽ جي عزت ” جو سوال!



شفيق الرحمان شاڪر

اڄڪلهه پاڪستاني سياست ۾ هڪ نئون اصطلاح “ووٽ جي عزت” گھڻي زور سان استعمال ڪيو پيو وڃي ۔مزي جي ڳالهه اها ته اهو نعرو هڪ اهڙي سياسي ڌر پاران لڳايو پيو وڃي جن پنهنجي پوري سياسي تاريخ ۾“ ووٽ” جي عزت بدران هميشه “نوٽ ”جي سياست کي ئي پنهنجو نصب العين بنائي رکيو آهي.اڄ جڏهن اهي بدديانتي ، دوکي ۽ ڪوڙ جي الزامن تحت ملڪ جي وڏي ۾ وڏي عدالت کان نااهل بڻجي چڪو آهن ۽ سندن خلاف قائم ڪيترن ئي مقدمن جو ايندڙ فيصلو سندس حق ۾ اچڻ جا امڪان اٽڪل ختم ٿي چڪا آهن ته هنن انهن اڻ وڻندڙ نتيجن تي اثرانداز ٿيڻ ۽ اصل حقيقتن کان عوام جو منهن موڙڻ لاء“ووٽ جي عزت” جو پرڪشش پر گمراه ڪندڙ نعرو ايجاد ڪيو آهي. بدقسمتيء سان اسان جي ملڪ ۾ لفظ “سياست” ايترو ته بدنام ٿي چڪو آهي جو ان کي عام طور تي منفي معنيٰ ۾ ورتو وڃي ٿو۽ هاڻي جيڪر ڪو ٻئي سان دوکيبازي ڪري،ڪوڙ هڻي ،ٻيائي ڪري يا ڪا چالبازي ڪري ٿو ته اسان ان کي “سياست ڪرڻ” سڏيون  ٿا ۽ اڪثر پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ چوندا آهيون ته “ادا، فلاڻو مونسان سياست ڪري رهيو آهي.” سياست جي ان لفظ جي حصي ۾ آيل هن عظيم بدناميء جو سبب سياستدانن جا دشمن به ضرور هوندا پر گھڻي ڀاڱي ۽ بنيادي طرح سياست جي ان لفظ کي ڪنو ڪرڻ ۾ خود انهن ليڊرن جو اهم ڪردار آهي جيڪي پنهنجو پاڻ کي سياستدان سڏائين ٿا.چوندا آهن ته “ پنهنجي وڍئي جو نڪو ويڄ نڪو طبيب.”سو هنن سياستدانن ( سڀني نه) گذريل اڌ صديء کان پاڪستاني سياست ۾ اهڙا ته ”ڪرتب” ڏيکاريا آهن جو سلجھيل طبقو هنن جي ڳالهين کي سنجيدگيء سان وٺڻ لاء هاڻي بلڪل تيار ناهي.پر ان سچائيء کان به انڪار ڪري نٿو سگھجي ته هڪ سماج ۽ قوم جي حيثيت سان اسان سڀ “نيم حڪيم، خطره جان” جي مصداق اهڙن ئي سياستدانن نه پر “سياستڪارن ”جي وڇايل ڪوڙڪيء ۾ اهڙو ته بريء طرح ڦاسي چڪا آهيون جو جيئن ٿا ڦٿڪڻ جي پچار ڪيون تيئن وڃون ٿا وڌيڪ ڦاسندا.جڏهن نيم حڪيمن کان پنهنجي دردن جي دوا ورتي وڃي ته پوء “مرض بڙهتا گيا جون جون دوا ڪي” واري نتيجي تي ڪهڙي شڪ شبهي جي گنجائش باقي رهجي وڃي ٿي؟هونئن اهڙن منافعي خور سياستڪارن کان جان ڇڏائڻ ماڳهين اڻ ٿيڻين مان به ناهي پر خبر ناهي عوام ڇو منجھائن هٿ ڪڍڻ لاء تيار ئي ناهي.شايد انهن جي لذيذ ۽ سوادي لفظن ۾ اهڙو ته مزو ۽ سندن تقريرن ۾ اهڙو ته جادوئي ڪرشمو آهي جو اهي لاڳيتو عوام تي ظلمن جا جبل ڪيرائڻ باوجود به مظلومن جي صفن ۾ پاڻ پنهنجي جاء وٺيو وڃن.اوچتو ئي اوچتو انهن جو آواز ڀرجي اچي ٿو،اکڙين ۾ لارون لڙيو اچن،زبانن تي “عوامي خدمت” ۽ “ووٽ جي عزت” بحال ڪرائڻ جي راه ۾ مٿانئن  جيڪر ”قهري ڪلور“ ۽ ”زبردست ظلم” ڪيا ويا انهن جا داستان ٻڌائي پاڻ روئڻ ۽ پاڻ سان گڏ عوام کي اوڇگارون ڏيارڻ جو نرالو فن رکن ٿا. پنهنجن سمورين بربادين ۽ بدحالين باوجود اسان کي انهن ”معصومن” کان ڪا شڪايت نٿي رهي.اڪيلا اهي سياستڪار ئي ناهن جن اسان جو ٻيڙو ٻوڙيو آهي،انهن سان مفت خورن ۽ حلوا پوريون ڪرٽيندڙن جي پوري نه کٽندڙ ڄڃ آهي.دهلاري،شرنائي نواز،طوطلين وارا،قصيدا خوان،داستان گو،پڪو راڳ ڳائيندڙ،ٺمريون هڻندڙ،واڄو، نچڻا،ڇيرين ۽ چپڙين وارا،يڪتارن ۽ سرندن وارا،نعرا هڻندڙ ۽ نعرن جا جواب ڏيندڙ،لعنتون وجھندڙ،پٽيندڙ ۽ پار ڪڍندڙ،هنبوچيون هڻندڙ،للڪاريندڙ،پنهنجن رهبرن مٿان سوبار سر صدقو ڪرڻ جو ڌمالون هڻندڙ،دانشور،اديب،اينڪر،صحافي ،مطلب ته ڇا ڇا بيان ڪجي ته “عشق” جي انهن آستانن تي ڪيترا سر صدقي ٿيڻ ۽ ڪيترا قلب قربان ٿيڻ لاء آتا هوندا آهن.عقل ئي دنگ رهجيو وڃي ۽ بي اختيار زبان تي اهي لفظ اچن ٿا ته                                                  “محو حيرت هون ڪه دنيا ڪيا سي ڪيا هوجائيگي!”                                                                                                                                    جيڪر انهن سياستڪارن کي خطرو آهي ته سمجھو ته جمهوريت کي “خطرو” آهي بلڪه پاڪستان جي سالميت کي ئي “خطرو” آهي.جيڪر انهن کي سندن افعالن،اعمالن ۽ ڪرتوتن سبب ڪرسيء کان الڳ ڪيو ويو ته سمجھو ته عوام جي “ووٽ جي عزت” برباد ٿي ويئي.جيڪي به پاڪستاني ملڪ ۾ قانون جي بنان فرق حڪمرانيء جي ڳالهه ڪن ٿا اهي سڀ عوام جي ووٽ جي “توهين” ڪن ٿا،جيڪي عوام جو چورايل پئسو واپس عوامي خزاني ۾ جمع ڪرائڻ جو مطالبو ڪن ٿا اهي سڀ “سازشي” ۽ “جمهوريت دشمن“ قوتن جو رانديڪو بڻيل آهن.اسان جا اهي“ بي لوث” سياسي رهبر پنهنجن ذاتي مفادن خاطر نه پر عوام جي اصل ”حڪمرانيء” لاء ۽ سندن ووٽ جي عزت ڪرائڻ لاء جدوجهد ڪري رهيا آهن.انهيء ڪري عوام کي گھرجي ته هو بنان ڪجهه سوچڻ سمجھڻ جي “نظرياتي جاکوڙ ” جي ان سمنڊ ۾ اکيون ٻوٽي ٽپو ڏيئي وٺي ۽ انهن کان هروڀرو اهڙو بي بنياد سوال نه پڇي ته اوهان جا پنهنجا  “شهزادا”سرڪشيء جي ان سمنڊ کان ڪنارو ڪري لنڊن جي پرلطف فضائن ۾ خوابن جا ڪهڙا خوبصورت محل جوڙي رهيا آهن؟انهن کي پنهنجي قوم سان هٿ هٿ ۾ ملائي “ووٽ جي عزت” جا ترانا ڳائڻ کان ڪهڙي جناتي مخلوق روڪي رکيو آهي؟۽ وٽانئن گستاخي ڪري ڪو اهو به سوال نه پڇي ته عوام جي ووٽ جي عزت جي حسين ديوي جنهن تان هن وقت اوهان جان ۽ دل ٻئي صدقو ڪرڻ لاء سندرو ٻڌي بيٺا آهيو،ووٽ وٺڻ کان پوء عوام اوهانجو ڪيترن مهينن کان پوء منهن ڏسي ۽ ڪيترن سالن کان پوء صورت پسي ٿو.مڃيوسين ته عوام جي ووٽ جي عزت نه ڪندڙ ڌريون گھڻيون مضبوط آهن ۽ اهي هر هر اوهان کي ستائين ٿيون،عوام جي خلاف سازشن جا ڄار وڇائين ٿيون،اوهان جون ڄنگھون ڇڪين ۽ اوهان جا پير ڪڍن ٿيون پر اوهان سالن کان سياست جي نالي تي جيڪو سامان سانڍيو آهي انهيء مان عوام کي ڇا سريو آهي. اوهان جيڪر واقعي ايترا ئي لاچار،بيوس ۽ بي اختيار هئا ته پوء اوهان جي مالي حالت ته عوام کان به وڌيڪ ابتر هئڻ گھربي هئي پر اها ڪهڙي “برڪت ڀري” بي اختياري ۽ بيوسي آهي جيڪا اربن کي کربن ۾ بدلايو ڇڏي؟ماڻهن جي ووٽ جي عزت واري مرحلي جي منزل اڃا پري آهي،پهرين اهو ته تسليم ڪيو ته اهي ماڻهو جيڪي اوهان کي ووٽ ڏين ٿا اهي به انسان آهن،جيئرا جاڳندا انسان جن جي سريڙ ۾ به ساه سري ٿو،جن جي پيٽ ۾ به بکن جو دوزخ دکي ٿو،جن جي جگر جا ٽڪرا به بيمار ٿين ٿا،جن جي اندر ۾ به انيڪ ننڍيون ننڍيون آسون ٻرن ۽ اجھامن ٿيون. جيڪرگندگيء جي ڍيرن مان پنهنجي روزي تلاش ڪندڙ معصومن جي ميلي ۾ اڃا تائين ڪا ڪمي نه آئي آهي ته پوء ٻين کان عوام جي ووٽ جي عزت جو مطالبو ڪرڻ کان اڳ انهيء سوال جو جواب لازمي گھرجي ته  “ عوام کان ووٽ وٺي حڪمرانيء جا مزا ماڻيندڙ ان مخلوق پاڻ عوام جي ووٽ جو ڪيترو مان رکيو آهي؟”
(روزاني مهراڻ 22 مارچ 2018ع)


Wednesday, March 21, 2018

ادبي پڪوڙا ؛ تو پهرين ڇو نه ٻڌايو!


ملان نصيرالدين جي گھر ۾ هڪڙو ٻير جو وڻ هو جنهن ۾ نهايت ئي مٺا ٻير ٿيندا هئا.اهو اهي ڏسي گھڻو خوش تيندو هو ۽ چوندو هو ته اهڙا ٻير دنيا جي ٻئي ڪنهن به وڻ ۾ نه هوندا.هڪڙي ڏينهن هن سٺا سٺا ٻير چونڊي هڪڙي ٿال ۾ وڌا،ٿال مٿي تي رکيو ۽ بادشاه جي محل طرف هليوته جيئن هن کي اهي تحفي ۾ ڏئي.رستي ۾ ٻيرن ٿال ۾ هيڏانهن هوڏانهن نچڻ شروع ڪري ڏنو.ملان کي بار بار ٿال جو توازن درست ڪرڻو پئجي رهيو هو پر ٻير هئا جيڪي سمجھڻ جو نالو ئي نه وٺي رهيا هئا.جڏهن هو ٻيرن جي شرارت کان گھڻو تنگ ٿيو ته رستي ۾ هڪ جڳهه تي بيهي رهيو ۽ ٻيرن کي چوڻ لڳو: نڀاڳو! جيڪر اوهان نچڻ بند نه ڪيوته سڀني کي ڳڙڪائي ڇڏيندس.اهو چئي هن هڪ ڀيرو وري ٻيرن کي ترتيب سان رکندي اڳتي هلڻ شروع ڪيوپر ٻيرن وري ساي حرڪت شروع ڪري ڏني.هاڻي ته ملان کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ رستي ۾ ئي هڪ وڻ هيٺان ويهي رهيو ۽ چوڻ لڳو؛ نڀاڳو! اوهين ايئن نه سڌرندا،هاڻي تماشو ڏسجو.اهو چئي هن هڪ هڪ ڪري ٻيرن کي کائڻ شروع ڪري ڏنوجڏهن هڪڙو ٻير باقي بچيو ته ملان ان کي چوڻ لڳو؛ جيڪر توکي سڌرڻ جو هڪڙو وڌيڪ موقعو ڏنو وڃي ته ڇا تون سڌري ويندين؟ويچارو ٻير جيڪو پنهنجن ساٿين جو حشر ڏسي چڪو هو سو چپ چاپ ٿال ۾ پيو رهيو ۽ ملان نصيرالدين اهو اڪيلو ٻير کڻي بادشاه جي درٻار ۾ پهچي ويو.ان ڏينهن بادشاه جو موڊ سٺو هو.هن ملان جو مليل تحفو مزي سان کاڌو ۽ ڏاڍيون تعريفون ڪيائين.پوء ملان بادشاه کي ڪيئي دلچسپ لطيفا ٻڌايا.شام ٿيندي ئي ملان واپسيء جي اجازت گھري.بادشاه سندس ٿال هيرن جواهرن سان ڀري ڇڏيو ۽ هو خوشيء سان گھر موٽيوهڪ هفتي تائين هو ڏاڍو خوش رهيو پر هن کي وري هيرن جي لالچ ٿي ۽ سوچڻ لڳو ته هن ڀيري بادشاه لاء ڪهڙو تحفو کڻي وڃان.اوچتو سندس نظر گھر ۾ لڳل ڳاڙهن چقندرن تي پيئي ۽ هن اهي تحفي طور بادشاه جي خدمت ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.هن تڪڙو تڪڙو ڍير سارا چقندر ٿال ۾ وڌا ۽ بادشاهي محل طرف هليو.رستي ۾ کيس هڪڙو دوست مليو جنهن جو نالو حسن هو.حسن پڇيو؛ ملان! ايترا خوبصورت ڇقندر تون ڪنهن لاء کڻي پيو وڃين؟ ملان چيو؛ بادشاه کي تحفي ۾ ڏيڻ.حسن چيو؛ ملان! تنهنجو دماغ ته خراب ناهي ٿيو،هليو آهين بادشاه کي ڇقندر تحفي ۾ ڏيڻ! ملان حيرت مان پڇيو؛ ڇا بادشاهن کي چقندر تحفي ۾ ڏيئي نٿا سگھجن؟اهو چئي هن چقندرن کي ڌيان سان ڏٺو۽ هن محسوس ڪيو ته واقعي چقندر بادشاه کي تحفي ۾ ڏيڻ جي لائق ناهن.هن پنهنجي دوست کان پڇيو؛ يار! تون ئي ٻڌاء ته بادشاه کي تحفي ۾ ڏيڻ لاء ڪهڙي شيء کڻي وڃان؟”انجير پڪل ۽ رس وارا. سندس دوست جواب ڏنو.اڙي واه! تو مون کي پهرين ڇو نه ٻڌايو.ملان چيو.

شام جي صورتحال ۽ مغربي ميڊيا جي منافقت.


شفيق الرحمان شاڪر
جيئن ئي شامي حڪومت انتها پسند گروپ “ جيش الاسلام” کان غوطا شهر جو قبضو خالي ڪرائڻ لاء طاقت جو استعمال شروع ڪيو آهي ته اولهه جي ميڊيا انهن دهشتگرد ٽولن جي مچايل سموري ٻائيتال کي نظرانداز ڪندي غوطا ۾ سموري تشدد ۽ تباهيء جي ذميداري اڪيلي شامي حڪومت تي وجھڻ  شروع ڪري ڇڏي آهي.غوطا اهو آخري شهر بچيو آهي جيڪو گذريل ستن سالن کان دهشتگرد ويڙهاڪ گروپن جي قبضي هيٺ آهي ۽ ملڪ جي ٻين حصن کان ڪٽيل آهي.انهيء کان اڳ اليپو،مدايا ۽ هومس شهر انهن جي قبضي ۾ هيا جيڪي شامي حڪومت هن وقت تائين مڪمل نموني خالي ڪرائي چڪي آهي.اولهه جي ميڊيا جي حوالي سان جيڪر حالتن جو جائزو وٺبو ته ايئن محسوس ٿيندو ته ڄڻ ٻه ڌرين يعني شامي حڪومت ۽ شهرين وچ ۾ ڇڪتاڻ هجي پر اها جنگ ايتري سادي ناهي.اوڀر غوطا هن وقت جن باغين جي قبضي هيٺ آهي اهي ڪيترن ئي جهادي گروپن جهڙوڪ جيش الاسلام، اسلامي آرمي ۽ سلفي جهادي وغيره تي مشتمل آهن جن جي مدد سعودي عرب بشار الاسد حڪومت کي ختم ڪرڻ لاء ڪري رهيو آهي پوء ڀلي ان جي مقابلي ۾ آئي ايس يا جيش الاسلام جي حڪومت ڇونه قائم ٿي وڃي جيڪي فرقا پرست ۽ انتهاپسند دهشتگرد گروپ آهن.هڪ ٻيو سچ جنهن کي اولهه جي ميڊيا ڄاڻي واڻي لڪائي رهي آهي سو اهو ته غوطا ۾ جيڪي شهري شهر ڇڏي حڪومت جي قبضي هيٺ شهرن ڏانهن پناه لاء ڊوڙي رهيا آهن انهن کي اهي دهشتگرد وڏي پيماني تي پنهنجن دهشتگرد ڪاروائين جو نشانو بنائي رهيا آهن ته جيئن انهن شهرين کي غوطا ڇڏڻ کان روڪي کين انساني ڍال طور استعمال ڪري سگھجي.هڪ غيرملڪي اخباري رپورٽ مطابق شام شايد سندس تاريخ جي هڪ اهڙي جنگ مان گذري رهيو آهي جنهن متعلق اولهه جي ميڊيا هڪ سوچيل سمجھيل منصوبي هيٺ پوري دنيا ۾ شام جي بشار الاسد حڪومت کي خوار ۽ خراب ڪري ڇڏيو آهي.اخبار مطابق مغربي ملڪن ۽ سندن مددگارن ڪروڙين ڊالر انهيء ميڊيا کي صرف ان ڪري ڏنا آهن ته جيئن بشار الاسد جو عالمي تاثر نهايت ئي ڀوائتو بنائي دنيا سامهون پيش ڪري سگھجي. هڪ اهڙي جنگ جيڪا آمريڪا ۽ سندس اتحادي اسد جي خلاف ميڊيا ذريعي وڙهي رهيا آهن.انهيء جنگ جو مکيه ڪردار “ وائيٽ هيلميٽس” نالي هڪ ريسڪيو گروپ آهي جنهن جي ڳري مالياتي مدد آمريڪا ۽ برطانيا جون حڪومتون ڪري رهيون آهن.“ پي آر فرم” پاران مارڪيٽ ۾ آندل وائيٽ هيلميٽس گروپ کلي طور تي شام ۾ حڪومتي تبديليء جي وڪالت ڪري ٿو ۽ سندس شام جي متاثر علائقن ۾ القائدا سان لاڳاپا لڪيل ناهن رهيا.اولهه جي ميڊيا ٻئي جنهن گروپ جي خبرن کي پنهنجون شهسرخيون بنائي ٿي اهو آهي “ انساني حقن لاء شامي مشاهداتي گروپ” جنهن کي هڪ اهڙو شخص هلائي رهيو آهي جيڪو برطانيا ۾ رهي ٿو.انهيء کان سواء پنهنجو پاڻ ڪيتريون ئي من گھڙت خبرون جوڙي انهن جي تشهير ڪرڻ ۾ پڻ اولهه جي ميڊيا ماهر آهي.بدقسمتيء سان اولهه جي آزاد ميڊيا جا ڪي نمائندا شام جي انهن متاثر ٿيل علائقن ۾ سفر ڪري نٿا سگھن جو انهن کي جان جو خطرو آهي.ان ڪري اولهه جي ميڊيا ۾ صرف هڪ طرفيون خبرون نشر ۽ شايع ٿي رهيون آهن.حقيقت اها آهي ته انتها پسند ۽ دهشتگرد گروپ اوڀر غوطا ۾ پنهنجو اختيار وڃائي رهيا آهن،انهن کي صرف ٻاهرين مداخلت ئي شڪست کان بچائي سگھي ٿي.ظاهر آهي ته جنگي حالتن ۾ ڪنهن حڪومت جي هر خبر کي به سچو مڃي نٿو سگھجي پر اها ڪهڙي صحافتي ديانت آهي جو حڪومت خلاف بغاوت ڪندڙن جي هر خبر کي وڏائي ۽ وڏو ڪري پيش ڪجي جڏهن ته حڪومتي موقف يا خبرن جو بلڪل ئي بليڪ آئوٽ ڪيو وڃي.پر شام واري صورتحال ۾ اولهه جي ميڊيا اها ئي راند رهندي ٿي اچي. سالن کان غوطا جا اهي دهشتگرد گروپ دمشق ۾ هزارين بيگناهه انسان قتل ڪندا رهيا آهن ۽ پوري ملڪ ۾ انارڪي ۽ دهشت جي بازار گرم ڪري رکي آهي پر مجال آهي جو اهڙين ڪاروائين تي اولهه جي ميڊيا ڪڏهن ٻڙڪ به ٻاهر ڪڍيو هجي.هڪ شرمناڪ ڪوڙ جيڪو اولهه جا ڪجھه ملڪ هڪ آواز ٿي ڳالهائيندا رهيا آهن ۽ اها ئي ميڊيا سندن ان ڪوڙ کي دنيا سامهون نهايت ئي بيشرميء سان پکيڙيندي رهي آهي سو اهو ته شام ۾ ٿيندڙ فسادن ۽ قتل عام  جو سبب  صدر بشارالاسد جي حڪومت جي ڊيگھه آهي جڏهن ته پوري دنيا کي خبر آهي ته اصل مسئلو اهو ناهي،شام جي تباهيء ۽ برباديء ڏانهن ڌڪجڻ جو سبب اتي انهن ئي ٻاهرين ملڪن جي مداخلت آهي جن القائدا ۽ دائش جهڙين دهشتگرد تنظيمن کي نه صرف وجود بخشيو پر اڻ سڌيء طرح انهن جي مڪمل حمايت ۽ مدد ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ شام اڄ هڪ وڏي انساني ذبح خاني ۾ تبديل ٿي چڪو آهي.نومبر 2011ع ۾ جڏهن شام ۾ انهن انتهاپسند ۽ هٿياربند ويڙهاڪ گروپن طرفان ڪاروايون زور وٺي رهيون هيون ته اڳوڻي آمريڪي اوباما حڪومت ساليانو هڪ ارب ڊالر شام جي انهن علائقن ۾ اهڙن ويڙهاڪن جي سکيا ۽ انهن کي هٿيار مهيا ڪرڻ لاء خرچ ڪري رهي هئي جن ويڙهاڪن جا سڌيء طرح القائدا سان لاڳاپا هئا ۽ مقصد اهو هو ته بشارالاسد کي حڪومت کان ٻاهر ڪيو وڃي.القائدا تاريخ ۾ پنهنجو ايڏو وڏو نيٽ ورڪ آمريڪا جي شام۽ ٻين ملڪن ۾  “حڪومت بدلايوراند”واري پاليسيء جي نتيجي ۾ ئي مضبوط ڪري سگھي هئي.اولهه جون اهي منافق حڪومتون ، ڪجهه ميڊيا جي حصي سان گڏجي دنيا کي نام نهاد آزاديء جي جنگ جي نالي ۾ بيوقوف بنائينديون ٿيون اچن پر حقيقت ۾ اهي اهڙن ملڪن ۾ صرف دهشتگرد پيدا ڪرڻ ۽ انهن جي مڪمل سهائتا ڪنديون رهيون آهن.هتي سوال بشارالاسد يا ٻئي ڪنهن حڪمران جي حمايت يا مخالفت جو ناهي،پر سوال اهو آهي ته اولهه جي انهن چوڌرين کي ٻين ملڪن جي عوام جي ان نام نهاد “آزاديء” جو ايڏو اونو آخر ڇو آهي؟دنيا کي اهو سچ به ڇو نٿو ٻڌايو وڃي ته شام ۾ لکين ماڻهو انهن دهشتگرد گروپن جي ظالم ڪاروائن کان تنگ ٿي شهر ڇڏي ڪنهن پناهه جي تلاش ۾ آهن. جڏهن ته ٻيا ان ڪري شهر ڇڏي رهيا آهن جو کين خطرو آهي ته حڪومت انهن دهشتگردن خلاف بمباري ڪندي جو دهشتگرد حڪومت کي اهڙين ڪاروائين جي پاڻ دعوت ڏين ٿا. فرض ڪجي ته آمريڪا يا سندس ٻئي ڪنهن اتحادي ملڪ ۾ به اهڙي صورتحال پيدا ٿئي جو ٻاهريان موڪليل ڪجهه هٿياربند دهشتگرد گروپ ٻئي ڪنهن ملڪ جي فنڊنگ تي حڪومت ۽ رياست خلاف اهو سڀ  ڪجهه ڪرڻ لڳن جيڪو اڄ ڪلهه شام ۾ ٿي رهيو آهي ته پوء به ڇا آمريڪا ۽سندس خريد ڪيل  اولهه جي ڪجهه ميڊيا اهڙن ماڻهن کي “آزادي پسند هيروز“ ۽ “اعتدال پسند ويڙهاڪ“ڪري پيش ڪندي؟ ۽ انهن خلاف ڪنهن به رياستي ۽ حڪومتي ڪاروائيء کي “انساني حقن جي خلاف ورزي” ۽ “ جنگي ڏوهن“ جو نالو ڏيندي؟ 9 سيپٽيمبر جي صرف هڪڙي وڏي دهشتگرد ڪاروائيء کان پوء آمريڪا سڄي دنيا ۾ ڪهڙيء طرح “سڪن وچ ساوا“ ساڙي ڇڏيا هئا،اهو قصو اڃا ڪو ايترو پراڻو ته نه ٿيو آهي.ڪلهوڪي ڳالهه آهي جوعراقي حڪومت اتحادي آمريڪي فوجن سان گڏجي عراق جي وڏن شهرن جهڙوڪ موصل ۽ فلوجا وغيره کي باغين کان ڇڏائڻ لاء شهرن مٿان خطرناڪ بمباري ڪئي جنهن ۾ هزارين معصوم عراقي  ٻار ۽ وڏا مري ويا ۽ لکين ماڻهو معذور ٿيا ان وقت ته آمريڪا ۽ اولهه جي ميڊيا کي “انساني حقن“ ۽ “جنگي ڏوهن“ جي يادگيري نه آئي هئي.اڄ شامي حڪومت جيڪر روس جي مدد سان اهڙن ئي باغين خلاف ڪي ڪاروائيون ڪري ٿي ٿه ساڳي ئي آمريڪا ۽ اولهه جي ڪجهه وڪيل ميڊيا کي اهو سڀ ڪجهه “ انساني قتل عام “ نظر اچي ٿو ۽ کين “انساني همدردي” جا پيٽ ۾ وڪڙ اچڻ لڳن ٿا.منافقت جي به ڪا انتها هوندي آهي پر جڏهن منافقت سان گڏ بي شرمي به هجي ته پوء “ سڀ صحيح آهي”.

(روزاني عوامي آواز 19 مارچ 2018ع)