Friday, April 24, 2020

گھٻراهٽ،فوبيا۽ پينڪ.



شفيق الرحمان شاڪر
گھٻراهٽ هڪ عام انساني احساس آهي.اسان سڀني کي ان جو تجربو ان وقت ٿئي ٿو جڏهن اسان ڪنهن مشڪل يا سخت وقت مان گذرون ٿا.خطرن کان بچڻ،هوشيار رهڻ ۽ مسئلن کي منهن ڏيڻ ۾ عام طور تي خوف ۽ گھٻراهٽ فائديمند ثابت ٿين ٿا تنهن هوندي به جيڪڏهن اهي احساس سخت ٿي وڃن يا گھڻي عرصي تائين رهن ته اهي اسان کي انهن ڪمن کان به روڪي ڇڏين ٿا جيڪي اسان ڪرڻ گھرون ٿا ۽ جنهن جي نتيجي ۾ اسان جي زندگي ڏکي بڻجي سگھي ٿي.
فوبيا ڪنهن اهڙي خاص صورتحال يا شيء جو خوف آهي جيڪا خطرناڪ نٿي ٿئي ۽ عام طور تي ماڻهن لاء پريشانيء جو سبب نه هوندي آهي.
گھٻراهٽ جون هيٺيون نشانيون ٿي سگھن ٿيون.دل جي ڌڙڪن تيز ٿيڻ،وڌيڪ پگھر اچڻ،پٺن ۾ ڇڪ ۽ سور ٿيڻ،ساهه جو تيز هلڻ،بيهوش ٿيڻ جو خوف هئڻ،بد هضمي،دست ۽ ذهني علامتن ۾ هر وقت پريشانيء جو احساس،ٿڪاوٽ محسوس ڪرڻ،ڪنهن شيء تي ڌيان نه ڄمڻ،طبيعت ۾ اجائي چڙ،ننڊ نه اچڻ وغيره شامل آهن.
گھٻراهٽ جو شڪار ماڻهو انهن نشانين سبب اهو سمجھندا آهن ته انهن کي ڪا  شديد جسماني بيماري ٿي ويئي آهي.گھٻراهٽ سان انهن نشانين ۾ اڃا وڌيڪ واڌارو اچي ويندو آهي.گھٻراهٽ جا غير امڪاني اوچتا دورا پينڪ(Panic) سڏرائين ٿا.گھڻو ڪري گھٻراهٽ ۽ پينڪ سان گڏ ڊپريشن به ٿيندو آهي.جڏهن اسان اداس ٿيندا آهيون ته اسان جي بک ختم ٿي ويندي آهي ۽ مستقبل اونداهون نظر اچڻ لڳندو آهي.ڪو اهڙو شخص جنهن کي فوبيا هجي ان ۾ مٿي بيان ڪيل گھٻراهٽ جون سخت نشانيون پاتيون وينديون آهن پر اهي ان وقت ظاهر ٿينديون آهن جڏهن اهو شخص ڪنهن خاص صورتحال ۾ هجي جنهن ۾ هن کي سخت گھٻراهٽ ٿيندي هجي.ٻين موقعن تي ان کي ان قسم جي گھبراهٽ نٿي ٿئي.جيڪڏهن اوهان کي ڪتن جو خوف هجي ته ان وقت اوهان بلڪل ٺيڪ هوندا جڏهن اوهان جي آسپاس ڪتا موجود نه هجن.جيڪڏهن اوهان کي بلنديء کان خوف ايندو هجي ته اوهان زمين تي بلڪل نارمل رهندا.جيڪڏهن اوهان هجوم کي منهن نه ڏيئي سگھندا هجو ته اڪيلائيء ۾ اوهان کي ڪو مسئلو نه ٿيندو.فوبيا ۾ ڦاٿل شخص اهڙي صورتحال کان بچڻ جي ڪوشش ڪندو آهي جيڪا کيس گھٻراهٽ ۾ ڦاسائي سگھي ٿي پر اصل ۾ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ فوبيا سخت کان سخت ٿيندي ويندي آهي.ان جو مطلب اهو به ٿي سگھي ٿو ته متاثر ٿيل شخص جي زندگي انهن احتياطي تدبيرن جي محتاج ٿي وڃي جيڪي کيس انهيء صورتحال کان بچڻ لاء اختيار ڪرڻيون پون ٿيون.انهيء بيماريء ۾ ورتل ماڻهوء کي معلوم هوندو آهي ته اهڙو ڪو حقيقي خطرو موجود ناهي.هن کي پنهنجو خوف بيوقوفاڻو لڳندو آهي پر ان جي باوجود هو انهيء کي قابوء ۾ آڻي نٿو سگھي.اهڙي فوبيا جيڪا ڪنهن پريشان ڪندڙ واقعي يا حادثي جي نتيجي ۾ شروع ٿي هجي ان جي ختم ٿيڻ جا امڪان وڌيڪ چٽا هوندا آهن.هر ڏهن مان هڪ ماڻهو زندگيء ۾ ڪڏهن نه ڪڏهن تڪليف ڏيندڙ گھٻراهٽ يا فوبيا جو شڪار ضرور ٿئي ٿو تنهن هوندي به گھڻا ماڻهو ان جو علاج نٿا ڪرائين.هاڻي اچو ته ان جي سببن تي سوچيون. اسان مان ڪجهه ماڻهن جي طبيعت ان قسم جي هوندي آهي جو اهي هر ڳالهه تي پريشان ٿي ويندا آهن.جاچ مان خبر پيئي آهي ته ان قسم جي طبيعت جينز ذريعي ورثي ۾ ملي ٿي تنهن هوندي به جيڪي ماڻهو قدرتي طور تي هر وقت پريشان  نٿارهن جيڪر انهن تي به لاڳيتو دٻاء پوندو رهي ته اهي به گھٻراهٽ جو شڪار ٿي سگھن ٿا.ڪڏهن ڪڏهن گھٻراهٽ جو سبب نهايت چٽو ۽ واضح هوندو آهي ۽ جڏهن مسئلو حل ٿي وڃي ته گھٻراهٽ به ختم ٿي ويندي آهي پر ڪجهه واقعا ۽ حالتون ايتريون ته تڪليف ڏيندڙ ۽ خوفناڪ هونديون آهن جن سبب پيدا ٿيندڙ گھٻراهٽ واقعن جي ختم ٿيڻ کان ڊگھي عرصي بعد به جاري رهي ٿي.اهي عام طور تي ان قسم جا واقعا هوندا آهن جن مان انسان جي جان کي خطرو هجي.مثال،ڪار يا ريل جا حادثا ۽ باهه وغيره.انهن واقعن ۾ شامل ماڻهو مهينن ۽ سالن تائين گھٻراهٽ ۽ پريشانيء جو شڪار رهي سگھن ٿا.توڙي جو انهن کي ڪا جسماني چوٽ نه لڳي هجي.اهي نشانيون Post Traumatic Stress Disorder ۾ پاتيون وڃن ٿيون.ڪڏهن ڪڏهن نشي وارين شين جهڙوڪ ايمفيٽا مائينز،ايل ايس ڊي يا ايڪسٽيسي جي استعمال سبب به گھٻراهٽ ٿي سگھي ٿي ايستائين جو ڪافي ۾ موجود ڪيفين به اسان مان ڪجهه ماڻهن کي تڪليف ڏيندڙ حد تائين گھٻراهٽ جو شڪار ڪري سگھي ٿو.تنهن هوندي به ٻئي پاسي اهو واضح ناهي ته ڪو خاص شخص ڪهڙي سبب گھٻراهٽ ۾ ڦاٿل آهي.ان ڪري جو اهو ان جي شخصيت،ان تي گذرندڙ واقعن ۽ زندگيء جي تبديلين جي سبب ٿي سگھي ٿو.جيڪڏهن اسان کي گھڻو دٻاء ۾ رهڻو پوي ته اسان گھڻو وقت پريشان ۽ ڊنل رهنداسين. اسان عام طور تي انهن ڪيفيتن جو مقابلو ڪري به وٺندا آهيون ڇو ته اسان کي انهن جي سببن جي خبر هوندي آهي ۽ اهو معلوم هوندو آهي ته اها صورتحال ڪڏهن ختم ٿيندي.مثال ڊرائيونگ ٽيسٽ کان پهرين اسان مان گھڻا ماڻهو گھٻراهٽ جوشڪار ٿين ٿا پر اسان ان تي قابو پائي وٺون ٿا ڇو جو اسان کي خبر هوندي آهي ته ٽيسٽ ختم ٿيڻ بعد گھٻراهٽ ختم ٿي ويندي.پر گھڻا ماڻهو تمام گھڻي وقت تائين ان گھٻراهٽ ۽ خوف جي احساس جو شڪار رهن ٿا.انهن کي ناهي خبر هوندي ته کين ڪهڙي سبب پريشاني ٿي رهي آهي ۽ اها گھٻراهٽ ڪڏهن ۽ ڪيئن ختم ٿيندي.انهيء تي قابو پائڻ ڏکيو هوندو آهي ۽ ان سلسلي ۾ عام طور تي ڪنهنجي مدد جي گھرج هوندي آهي.گھڻو ڪري ماڻهو ان موقعي تي مدد حاصل ڪرڻ ناهن گھرندا جو انهن کي لڳندو آهي ته ماڻهو کين چريو سمجھندا.جڏهن ته حقيقت اها آهي ته گھٻراهٽ ۽ خوف ۾ ورتل ماڻهو مشڪل سان ئي ڪنهن سخت ذهني بيمارين جو شڪار ٿين ٿا.جيترو جلد ممڪن ٿئي مدد حاصل ڪرڻ بهتر هوندي آهي.
گھڻا ٻار به ڪڏهن نه ڪڏهن ڪنهن سبب ڊڄي ويندا آهن.اوسر دوران اها معمول جي ڳالهه آهي.ڪجهه ٻار اوندهه يا فرضي وجودن جهڙوڪ جنن ڀوتن کان ڊڄندا آهن.اهو خوف عام طور تي وڏي ٿيڻ بعد ختم ٿي ويندو آهي.گھڻا ٻار ادسڪول جي پهرئين ڏينهن نهايت ئي هيسيل رهن ٿا ۽ بعد ۾ اهو خوف ختم ٿي وڃي ٿو.نوجوانن جي طبيعت اڪثر بدلبي رهبي آهي.انهن جي پريشانين جا سبب مختلف ٿي سگھن ٿا.مثال؛ اهي ڪيئن لڳي رهيا آهن،ٻيا ماڻهو انهن جي باري ۾ ڇا ٿا سوچين وغيره. انهن پريشانين تي ڳالهه ٻولهه ذريعي قابو پائي سگھجي ٿو تنهن هوندي به جڏهن پريشانيون حد کان وڌي وڃن ته ڊاڪٽر سان مشورو لازمي آهي.جڏهن پريشاني ڪنهن خاص مسئلي سبب پيدا ٿي هجي ته مائٽن ۽ دوستن سان گفتگو ذريعي ڪافي مدد ملي سگھي ٿي.بنيادي ڳالهه اها آهي ته گھبراهٽ ۽ پريشانيء کي منهن ڏيڻ لاء پرسڪون رهڻ جو طريقو سکڻ گھرجي.اهو گروپ جي صورت ۾ به ٿي سگھي ٿو،ماهرن جي مدد سان به ۽ ان کان سواء مختلف ڪتابن ۽ وڊيوز جي مدد سان پڻ.انهيء کان سواء سائيڪو ٿراپي ڳالهه ٻولهه جو هڪ وڌيڪ جامع ۽ ڪارگر طريقو آهي جنهن سان گھٻراهٽ جي سببن کي سمجھڻ ۾ مدد ملي ٿي.گھٻراهٽ ۽ فوبيا ۾ ورتل ماڻهن جو علاج دوائن ذريعي به ڪيو وڃي ٿو.عام سڪون ڏيندڙ دوائوم جهڙوڪ ويليم وغيره گھٻراهٽ ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿيون پر اهو ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته انهن دوائن جي گھڻي استعمال سان انسان انهن جو عادي بڻجي سگھي ٿو جن کي ڇڏڻ جي صورت ۾ اڻ وڻندڙ علامتن کي منهن ڏيڻو پئجي سگھي ٿو ان ڪري انهن دوائن جو استعمال ڪنهن به مستند ڊاڪٽر جي مشوري سواء هرگز نه ڪرڻ گھرجي.
 (روزاني مهراڻ)

تقريرن واري سرڪار ۽ ڪورونا جو آزار!



شفيق الرحمان شاڪر
تبديلي سرڪار جيڪا هاڻي تقريرن واري سرڪار بڻجي چڪي آهي اها ملڪي مسئلن ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي ڪيتري صلاحيت رکي ٿي ان جو اندازو ته گذريل ڏيڍ سال کان ۽ خاص طور تي هاڻوڪي ڪورونا بحران دوران بلڪل آسانيء سان لڳائي سگھجي ٿو.وزير اعظم جنهن کي هنن سنگين حالتن ۾ نه رڳو ڪو واضح لاحئه عمل ڏيئي قوم کي حوصلو ڏيڻ گھربو هو بلڪه سوسائٽيء جي مختلف طبقن خاص طور تي سياسي ڌرين ۽ طبي ماهرن سان ڪو بامقصد مشورو ڪري ڪي مناسب قدم کڻڻ گھربا هئا پر هن وقت تائين جيڪي ڪجهه سامهون آيو آهي اهو نهايت ئي مايوس ڪندڙ آهي.ايئن ٿو لڳي ته شايد خان صاحب اڃا تائين ڪورونا معاملي جي نوعيت ۽ ان جي سنگينيء جو پوريء طرح اندازو به نه لڳائي سگھيو آهي.هن قوم کي گذريل ڏيڍ سال کان ”گھٻرائڻو ناهي“ جو جيڪو عظيم فلسفو گھوٽي پيئارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي هن وقت به پوري مرض جو علاج انهيء ئي رٽيل جملي سان ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي نظر اچي ٿو. هو پنهنجي خيال موجب جنهن موقف تي ڄمي بيٺل آهي سو اهو ته ” لاڪ ڊائون ان ڪري نه ڪبو جو آباديء جو پنجويهه سيڪڙو غريب حصو  بکن سبب مري ويندو.“ جڏهن ته سندس بيان ڪيل انهيء سچائيء کان ڪنهن کي به انڪار ناهي تنهن هوندي به جڏهن سموريون سياسي ڌريون،باشعور طبقو ۽ طبي ماهر ملڪ ۾ لاڪ ڊائون جي تجويز ڏيندا رهيا آهن ته ان جو مطلب آهي ته خطرو نهايت ئي سنگين آهي ۽ سنڌ حڪومت انهيء خطري کي نظر ۾ رکندي ئي صوبي ۾ مڪمل لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو جنهن جي وفاقي حڪومت مختلف طريقن سان مخالفت ڪندي رهي.پر هاڻي جڏهن ”ڪرائڻ وارن“ سمورن صوبن کان لاڪ ڊائون ڪرائي ڇڏيو آهي ته خان صاحب وٽ هاڻي ڪهڙو جواز باقي رهجي ويو آهي. جيستائين لاڪ ڊائون سبب غريب ماڻهن جي تڪليفن ۽ مشڪلن ۾ اضافي جو سوال آهي ته اهي ته برابر حد کان وڌي وينديون پر ڇا ملڪ ۾ مڪمل لاڪ ڊائون ڪرڻ سواء هن وقت حڪومتن وٽ ٻيو ڪو آپشن به آهي ؟اهو لاڪ ڊائون پوري دنيا ۾ ٿي رهيو آهي ۽ ڪوبه ملڪ خوشي يا پنهنجي مرضيء سان ان طرف نه وڃي رهيو آهي بلڪه ماڻهن کي هن موذي وبا کان بچائڻ لاء اهو هڪ بنيادي قدم آهي جيڪو مجبوريء وچان کڻڻو پئجي رهيو آهي.خان صاحب سان مسئلو اهو آهي جو هو پنهنجي عقل جي بنياد تي جنهن به معاملي تي ضد ٻڌي ويهي ٿو ان تان واپس هيٺ لهڻ لاء تيار نٿو ٿئي. ايستائين جو وقت ۽ حالتون هن کي مجبور ڪري کيس يوٽرن وٺڻ تي مجبور ڪن ٿيون.ماڻهن کي پندرهن يا ٽيهن ڏينهن لاء گھرن تي کاڌو مهيا ڪرڻ مشڪل ضرور آهي پر ناممڪن ڪونهي پر جيڪر حڪومت ۾ ان معاملي کي مينيج ڪرڻ ۽ سرندي وارن ماڻهن توڙي فلاحي ادارن سان ڳالهين ذريعي ڪو گڏيل لاحئه عمل جوڙڻ جي ڪا صلاحيت موجود هجي جيڪا هن تقريرن واري سرڪار ۾ بلڪل ئي نظر نٿي اچي.ٻيو ته ٺهيو پر ڇا عالمي مارڪيٽ ۾ آيل تيل جي اگھن ۾ زبردست لاٿ باوجود حڪومت تيل جون قيمتون نه گھٽائي جيڪو پئسو ڪمائي رهي آهي ڇا اهو ان لاڪ ڊائون دوران عوام جي کاڌ خوراڪ تي خرچ ڪري نٿو سگھجي؟ ڇا غريب ماڻهن جا بجلي ۽ گئس جا بل هڪ مهيني لاء معاف نٿا ڪري سگھجن؟ڇا احساس پروگرام توڙي بينظير انڪم سپورٽ جي بجيٽ في الحال انهن بيروزگار ٿيندڙ ماڻهن جي مدد لاء خرچ ڪري نٿي سگھجي؟ ترقياتي اسڪيمن مان ڪجهه رقم ان هنگامي فنڊ ۾ منتقل ڪري نٿي سگھجي جنهن ذريعي غريبن جي مدد ڪئي وڃي؟رڳو بار بار ٽي وي تي اچي بي مقصد تقريرون ڪرڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو.پهرين ته حڪومت کي مڃڻو پوندو ته ملڪ هن وقت هڪ سخت صورٽحال ۾ وڪوڙجي چڪو آهي ۽ انهيء مان نڪرڻ لاء انهن ئي تجربن کي سامهون رکڻو پوندو جن ذريعي دنيا جا ٻيا ملڪ انهيء مصيبت مان ڪجهه ٻاهر نڪتا آهن يا يا نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.سڄي دنيا جا ملڪ پاڳل ته ناهن جيڪي پنهنجن شهرين کي  ٻاهر نڪرڻ نه ڏيئي رهيا آهن ۽ اسان جو وزير اعظم فرمائي رهيو آهي ته جيڪر ماڻهن کي گھرن کان ٻاهر نه نڪرڻ ڏنو ويو ته انهن مان پنجويهه سيڪڙو بکن وگھي مري ويندا.اهو ڪهڙو سياڻپ ڀريو بيان ۽ دانش ڀريل فلسفو آهي.خان صاحب ۾ ته ايتري صلاحيت به ناهي جو هن ڏکئي وقت تي ملڪ جي سمورين سياسي ۽ سماجي ڌرين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري ساڻن صلاح مشورو ڪري قوم کي وڌيڪ مونجھارن جو شڪار ڪرڻ بدران هڪ واضح حڪمت عملي ۽ پروگرام جوڙي سگھي. هن وقت به خان صاحب جو اجايو ضد ۽ هٺ ڌرمي کيس اهڙا قدم کڻڻ کان روڪي رهي آهي جن سان ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ ۾ آساني پيدا ٿي سگھي ٿي.هن وقت به هر معاملي تي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ٿي رهي آهي جيڪا گھڻي ڀاڱي حڪومت پاڻ ڪري رهي آهي.معلوم ٿيو آهي ته وفاقي حڪومت غريب عوام لاء هڪ ”وڏي“ معاشي پيڪيج جو اعلان ڪري رهي آهي پر ماضيء جي تجربن مان نٿو لڳي ته هن حڪومت وٽ اهڙو ڪو پلان هجي جنهن ذريعي واقعي غريب عوام کي ڪو حقيقي فائدو يا رليف ملي سگھي.جيڪر حڪومت مزدورن کي ٽي هزار روپيا ماهوار مالي مدد ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته اها عوام سان هڪ وڏي مذاق هوندي جو ٽن هزارن مان ته ڪنهن غريب جو ٽن چئن ڏينهن لاء به گھر نٿو هلي سگھي. مهنگائيء تي ڪو ڪنٽرول ناهي. هاڻوڪي لاڪ ڊائون دوران به کاڌي جي شين جي اگھن ۾ واڌ جا اطلاع ملي رهيا آهن.رڳو لاڪ ڊائون سان ئي سمورو معاملو حل نه ٿيندو بلڪه اصل معاملو انهن شڪي ماڻهن جو آهي جيڪي هن وقت تائين حڪومت جي غفلت ۽ سستيء سبب انهيء مرض جو وائرس پاڻ سان گھڻي گھمي رهيا آهن ۽ خبر ناهي ته ڪيترن ٻين ماڻهن تائين اهو پکيڙي به چڪا آهن. جيستائين انهن سمورن ماڻهن جي ٽيسٽ نٿي ٿئي تيستائين حالتون ڪنٽرول ۾ اچي نه سگھنديون.هاڻي وفاقي حڪومت اها ٽيسٽ ڪيپيسٽي وڌائڻ لاء صوبائي حڪومتن جي ڪيتري مدد ڪري رهي آهي ۽ متاثر ٿيندڙ ماڻهن لاء وينٽيليٽرز جو ڪيتري حد تائين انتظام يقيني بنايو پيو وڃي انهيء جا تفصيل وفاقي حڪومت جو ڪوبه نمائندو واضح طور تي عوام سان شيئر ڪرڻ لاء تيار ناهي.وزير اعظم جي ان معاملي تي سنجيدگيء جي اها حالت آهي جو سنڌ جتي وائرس جا گھڻي ۾ گھڻا ڪيس ظاهر ٿيا آهن ۽ جتي سنڌ حڪومت پنهنجن وسيلن آهر ڪجهه نه ڪجهه مناسب قدم به کڻي رهي آهي پر خان صاحب کي ايتري توفيق ناهي ٿي جو  هو سنڌ ۾ اچي ڪنهن اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪري يا پاڻ انتظامن جو جائزو وٺي ۽ سنڌ حڪومت کي حوصلو ڏئي.حڪومتن هلائڻ ۽ ڪرڪيٽ جي ميچ کيڏڻ ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق هوندو آهي.جڏهن عوام جون چونڊيل حڪومتون پنهنجي حصي جو ڪم نٿيون ڪن ته پوء ڪنهن نه ڪنهن کي ته اهو ڪم ڪرڻو آهي توڙي جو انهن جي اها مداخلت اوهان کي پسند هجي يا نه!
(روزاني هلال پاڪستان)

ڪورونا خلاف جنگ ۽ اسرائيلي موساد.



شفيق الرحمان شاڪر
اسان جي ملڪ ۾ بدقسمتيء سان ڪورونا جهڙي سنگين مسئلي تي به سياسي جنگ هلي رهي آهي ۽ هڪڙا ادارا يا حڪومتي عهديدار ٻين تي الزام مڙهي رهيا آهن پر دنيا جون قومون وبائن جو مقابلو ڪيتري سنجيدگي ۽ سچائيء سان ڪن ٿيون ان جو اندازو هڪ نيوز اسٽوري مان لڳائي سگھجي ٿو جيڪا ڪجهه ڏينهن اڳ اسرائيلي جاسوس اداري موساد جي باري ۾” نيويارڪ ٽائيمز“ ۾ ڇپي آهي
هلندڙ مهيني جي شروع ۾ جڏهن اسرائيل جي وزير صحت کي ڪورونا وائرس جو مريض ظاهر ڪيو ويو هو ته ان سان ويجھا لاڳاپا رکندڙ سمورن اعليٰ سطحي عملدارن کي به ڪورنٽائين ڪيو ويو جن ۾ اسرائيلي جاسوس اداري ”موساد“ جو ڊائريڪٽر به شامل هو.هونئن ته اهو جاسوس ادارو اسرائيل کان ٻاهر اسرائيل جي سلامتيء جي حوالي سان سرگرم رهندو ٿو اچي ۽ ظاهر ۾ ان جو ملڪ اندر ماڻهن جي صحت جي حوالي سان ڪو تعلق ۽ واسطو نه آهي پر موساد جي ڊائريڪٽر ”يوسي ڪوهن “ جي اسرائيل جي وزير صحت سان هڪ ڪمري ۾ گڏ رهڻ ڪيترائي سوال ضرور پيدا ڪيا آهن.اسرائيل جي طبي ۽ سيڪيورٽي عهديدارن موجب ڪوهن جي طاقتور ايجنسي موساد وڏي پيماني تي ملڪ ۾ پکڙجندڙ ڪورونا وائرس واري جنگ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ٻاهرين ملڪن مان طبي ساز سامان ۽ مينوفيڪچرنگ ٽيڪنالاجي حاصل ڪرڻ ۾ ان ايجنسي نهايت ئي گھڻي محنت ڪئي آهي.جيئن ته پوري دنيا جا ملڪ وبائي مرض دوران ان سامان جي محدود فراهميء سبب جڏهن پاڻ به سخت ضرورت واري صورتحال جو شڪار هجن ته اهي ڪنهن ٻئي ملڪ جي ضرورت پوري ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه هوندا آهن.موساد جنهن کي پڪ آهي ته ايران جيڪو هن وقت پاڻ ان وبا ۽ معاشي پابندين سبب بي حال بڻيل آهي اهو في الحال اسرائيل لاء ڪو خطرو نه رهيو آهي.انهيء ڪري موساد وٽ هن وقت اهو موقعو آهي ته اها پنهنجي ملڪ ۾ ان وبا جو مقابلو ڪرڻ لاء پنهنجو سمورو ڌيان ان طرف کپائي ملڪ کي ان ڌٻڻ مان ٻاهر ڪڍي.
اسرائيل ۾ وائرس پکڙجڻ جي حوالي سان شروعاتي اڳڪٿيون نهايت ئي ڊيڄاريندڙ هيون پر اڃا تائين صورتحال ايتري خراب ڪانهي.هن وقت تائين اسرائيل ۾ وائرس جا اٽڪل 11000 ڪيس سامهون آيا آهن ۽ اٽڪل 103 ماڻهو مئا آهن.ان ڪري اسرائيل ان وبا جي حوالي سان سنگين صورتحال کي منهن ڏيندڙ ملڪن ۾ شامل ناهي.تل ابيب يونيورسٽيء جي پروفيسر اسحاق بين اسرائيل پاران لکيل هڪ مضمون ۾ چيو آهي ته ” ان وبا جي آخري حد ٻن هفتن کان اسان جي پويان آهي ۽ اها ٻن هفتن اندر پوريء طرح ختم ٿي ويندي.“ پر فيبروريء جي شروع ۾ اسرائيل جي سڀ کان وڏي اسپتال شيبا ميڊيڪل سينٽر جي عملدارن کي احساس ٿيو ته انهن کي تمام گھڻن وينٽيليٽرز ۽ ٻئي طبي سامان جي گھرج آهي.ان وقت اسپتال جي ڊائريڪٽر جنرل پروفيسر يتشڪ ڪريس موساد جي چيف سان ملاقات ڪئي.مسٽر ڪوهن پهرين ئي سوچي رهيو هو ته موساد اسرائيلي ماڻهن جي صحت جي معاملي ۾ ڪيئن مدد ڪري سگھي ٿي.پروفيسر ڪريس جي چوڻ مطابق هن ڪوهن کي نهايت ئي ضروري سامان جي لسٽ ڏني ۽ موساد اهي شيون ڪنهن به قيمت تي حاصل ڪرڻ لاء پوري دنيا ۾ موجود پنهنجي نيٽ ورڪ کي سرگرم ڪري ڇڏيو.مارچ جي شروع ۾ پوري ملڪ ۾ طبي سامان ورهائڻ لاء هڪ ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول سينٽر قائم ڪيو ويو جنهنجو سربراهه موساد جي ڊائريڪٽر ڪوهن کي مقرر ڪيو ويو.انهيء ۾ موساد سواء بچاء واري وزارت جي خريداري ڊويزن ۽ فوجي انٽيليجنس جي نهايت ئي خفيه يونٽ 81 جا نمائندا شامل هئا.
پروفيسر ڪريس جيڪو اسرائيلي فوج ۾ برگيڊر جنرل ۽ سول سرجن به رهي چڪو آهي ان ٻڌايو ته موساد ٻاهرين ملڪن مان ضروري طبي سامان ۽ مهارت حاصل ڪرڻ ۾ اسان جي پوريء طرح مدد ڪري رهي آهي.پروفيسر ڪريس اهو قطعي طور تي ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو ته موساد جي آفيسرن اسرائيلي ميڊيڪل اسٽيبلشمينٽ جي ڪهڙيء طرح مدد ڪئي يا ٻاهران سامان ڪٿان ڪٿان آيو؟پر موساد جي ڪاروائين کان واقف ڪجهه هاڻوڪن ۽ اڳوڻن عملدارن مطابق ان ايجنسيء سامان جي ان کوٽ کي دور ڪرڻ لاء پنهنجن بين الاقوامي لاڳاپن جو ڀرپور استعمال ڪيونه ته اسرائيل جو صحت وارو شعبو هن وقت تائين ويهي چڪو هجي ها.اهي عملدار اها تصديق نٿا ڪن ته موساد ڪجهه سامان انهن عرب ملڪن کان به حاصل ڪيو جن جا ظاهر ۾ اسرائيل سان سفارتي ناتا موجود ناهن.تنهن هوندي به هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ موساد جي هڪ سينيئر عملدار تسليم ڪيو ته موساد اهڙو سامان به حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو جنهنجو آرڊر اڳ ۾ ئي ٻين حڪومت ڏيئي رکيو هو. اپريل جي پهرئين هفتي ختم ٿيڻ تائين ڪوهن کي پڪ هئي ته اسرائيل کي گھربل طبي سامان خاص طور تي وينٽيليٽرز جي کوٽ پوري ڪرڻ لاء موساد تسلي بخش ڪم ڪري چڪي آهي.
ڪنهن حد تائين موساد جي وبائي بيمارين جي حوالي سان ملڪي معاملن ۾ مداخلت وزرات صحت جي عهديدارن لاء پشيمانيء جو سبب به بڻي آهي جيڪي ميڊيا تي عام طور تي آزاديء سان ڳالهائين ٿا پر ان معاملي ۾ جاسوس اداري جي ڪردارتي ڪوبه تبصرو نٿا ڪن.وزير اعظم جي آفيس جي هڪ عهديدار موجب موساد ذريعي ٻاهرين ملڪن مان حاصل ڪيل سامان جي پهرين کيپ 19 مارچ هڪ خاص اڏام ذريعي اسرائيل پهتي هئي.ان کان پوء پهتل سامان ۾ وڌيڪ ٽيسٽ ڪٽس،15 لک طبي ماسڪ،طبي عملي لاء حفاظتي سامان ۽ دوائون وغيره شامل هيون.موساد ملڪ کان ٻاهران اهڙي ٽيڪنالاجي به حاصل ڪئي جنهن سان اسرائيل ۾ ٽيسٽ ڪرڻ جي صلاحيت وڌي ويئي.ايستائين جو موساد اسرائيل اندر وينٽيليٽرز تيار ڪرڻ جي ڄاڻ به حاصل ڪري ورتي.هڪ سينئر اسرائيلي عهديدار جي چوڻ مطابق موساد کي خبر هئي ته پوري دنيا ۾ ان سامان جي سخت گھرج پوندي ۽ ڪوبه ملڪ بعد ۾ اهو سامان مهيا نه ڪندو جنهن ڪري ان وقت کان اڳ ان جو بندوبست ڪري ورتو.ان عهديدار مطابق دنيا جي غير جمهوري حڪومتن سان ڊيل ڪرڻ ۾ موساد کي ڪا ڏکيائي پيش ناهي آئي جو انهن ملڪن جي خفيا ايجنسين سان موساد جا اڳ کان ئي مضبوط لاڳاپا موجود آهن.

ڪوهن ٻين ملڪن ۾ ذاتي طور تي پنهنجن هم منصبن سان رابطو ڪيو ۽ ڪجهه حڪمرانن سان سڌي سنئين ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي.جڏهن ٻين ملڪن ۾ به ان سامان جي گھرج وڌي ته مقابلو سخت ٿي ويو پر موساد جي ڪاروائين جي باري ۾ ڄاڻندڙن کي خبر آهي ته پنهنجن مقصدن کي هر قيمت تي حاصل ڪرڻ لاء موساد ڪهڙي گندي راند کيڏي سگھي ٿي.اهي به خبرون آهن ته مسٽر ڪوهن گڏيل عرب امارتن سان گڏوگڏ مصر،سعودي عرب،اردن ۽ قطر جي حڪمرانن سان به ملاقاتون ڪيون.تنهن هوندي به اسرائيل لاء ڪورونا وائرس خلاف سامان گڏ ڪرڻ ۾ ڪجهه هنڌن تي موساد ناڪام به ٿي آهي.مثال؛ جرمنيء ۾ جڏهن اهڙو سامان اسرائيل روانو ڪيو پئي ويو ته سرڪار اهو سامان کسي ورتو.اهڙيء طرح هندستان مان به ڪجهه سامان رولڙي جو شڪار ٿي ويو.بهرحال پڪ سان اسرائيلي شهري هڪ لڪيل دشمن سان ٿيندڙ جنگ ۾ پنهنجي هڪ جاسوس اداري جي ڪردار کي عزت جي نظر سان ڏسي رهيا آهن.

(روزاني عوامي آواز)

دنيا جي معيشت لوڏيندڙ وبا ۽ بکن کان بدحال عوام!



شفيق الرحمان شاڪر
سڄي دنيا کي پنهنجي سخت ۽ بي رحم گرفت ۾ آڻيندڙ ڪورونا وائرس جتي ماڻهن ۾ گھڻو خوف ۽ هراس پيدا ڪيو آهي اتي وڏن وڏن ملڪن جي معيشت کي به لوڏي ڇڏيو آهي.هاڻي دنيا جو ڪو ملڪ يا شهر مشڪل سان هوندو جتي ڪورونا پنهنجا پر نه پکيڙيا هجن.شهر ته شهر پر هاڻي ڳوٺ،جابلو ماٿريون ۽ سامونڊي حدون به ان جي پهچ کان ٻاهر ناهن رهيون.طبي عملو هجي،رضاڪارن جون جماعتون توڙي جهازن جا ڪپتان به انهيء جو شڪار بڻجي رهيا آهن.پنهنجو پاڻ کي دنيا جي اڪيلي سپر پاور آمريڪا جهڙي ملڪ کي به ان وائرس ٽوٽا چٻائي ڇڏيا آهن.ٻيو ته ٺهيو پر اهو وائرس آمريڪي فوج تي به حملو ڪري چڪو آهي جنهن بعد آمريڪا ان وبا کي سندس سلامتيء لاء سنگين خطرو قرار ڏنو آهي.ايٽمي هٿيارن سان ڀريل امريڪي جنگي ٻيڙي ”روز ويلٽ“ جنهن تي 5000 امريڪي فوجي ۽ ٻيو عملو سوار آهي ڪورونا اتي به داخل ٿيڻ کان ناهي مڙيو جنهن ڪري جهاز کي هنگامي بنيادن تي لنگر انداز ٿيڻو پيو آهي.اهو جنگي ٻيڙو آمريڪا کي ايران ۽ اتر ڪوريا کان امڪاني خطري سبب هنن ڏينهن ۾ بحر الڪاهل ۾ پنهنجي آپريشنل مشن تي هو ته انهيء تي پهريون ڪيس ڏه ڏينهن پهرين رپورٽ ٿيو تنهن هوندي به اهو ٽي هفتا اڳ ئي ويتنام جي بندر تي لنگرانداز هو.سامونڊي ٻيڙي جي ڪپتان پينٽاگون کي هڪ خط لکيو آهي جنهن ۾  هن واضح ڪيو آهي ته هن وقت اسين ڪنهن جنگي حالت ۾ ناهيون ۽ فوجين جي زندگين کي وائرس کان شديد خطرو آهي جن کي بچائڻ جو جوڳو بندوبست ڪيو وڃي.اهو وائرس فوجين ۾ ڪيئن پکڙيو عملدارن کي ڪا ڄاڻ ناهي.”روز ويلٽ“ تي روزانو  رڳو ٻه سو جوانن کي چڪاسڻ جي گنجائش موجود آهي،انهن پنج هزار فوجين کي چيڪ ڪرڻ لاء ڪئين هفتا لڳي ويندا.جيڪر جنگي ٻيڙو خالي ڪيو به وڃي ٿو ته انهن فوجين کي ڪورنٽائين ڪرڻ لاء پنج هزار بسترا گھربل هوندا.ان ڪري ڪپتان هنگامي بنيادن تي ڪي قدم کڻڻ لاء خط لکي واضح ڪيو آهي ته ان نموني پنهنجن قيمتي فوجين کي موت جي منهن ۾ ڌڪي نٿو سگھجي.جيڪڏهن ترت بندوبست نه ڪيو ويو ته آمريڪا کي پنهنجن قيمتي فوجين تان هٿ ڌوئڻا پوندا.جڏهن ته آمريڪي وزير دفاع مارڪ ايسپر ان معاملي تي پنهنجو رد عمل ڏيندي چيو آهي ته اسان هن وقت ان پوزيشن ۾ ناهيون جو جنگي ٻيڙو خالي ڪري وٺون.اهو خدشو به ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ان صورتحال جو فائدو ايران يا شمالي ڪوريا کڻي سگھي ٿو.ان ڪري آمريڪا لاء اهو فيصلو ڪرڻ نهايت ئي مشڪل بڻيل آهي ته جنگي آپريشن جاري رکيو وڃي يا پنهنجن فوجي جوانن جون زندگيون بچايون وڃن.اهو وائرس پکڙجڻ سان آمريڪي فوج جي ڪميونيڪيشن،ترت ردعمل،لاجسٽڪ ۽ نظم ضبط جهڙين صلاحيتن تي به سوال اٿي رهيا آهن.اها ڳالهه آمريڪي رسالي ”بلوم برگ“ ۾ چئي ويئي آهي هوڏانهن پينٽاگون ذريعن مطابق گذريل اڱاري تائين آمريڪي فوج جي 673 آن ڊيوٽي فوجي اهلڪارن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي.آمريڪي صدر ٽرمپ ايران کي خبردار ڪيو آهي ته اهو آمريڪا کي ڪو نقصان پهچائڻ جي ارادي کان باز رهي.ساڳئي قسم جو خطرو ايران کان سعودي عرب کي به آهي.شايد اهو ئي سبب آهي جو سعودي عرب ۾ هاڻوڪي بغاوت پويان سعودي حڪمرانن کي ايران جو هٿ نظر اچي رهيو آهي. جنهن بعد سعودي عرب ڪورونا سان گڏوگڏ سندس سلامتيء جي لحاظ کان به نهايت ئي سخت قدم کنيا آهن.اتي ڊگھي عرصي جو ڪرفيو ۽ ڪجهه مخصوص علائقن کي مڪمل سيل ڪرڻ رڳو ڪورونا جي ڪري نه آهي.خليج فارس سان ملندڙ سعودي شهرن کي به سيل ڪيو ويو آهي.تازن اطلاعن مطابق ڪورونا جي وڌندڙ انگ جي پيش نظر رياض، مڪي ۽ مديني ۾ به ڪل وقتي ڪرفيو لڳايو ويو آهي.سمورا ملڪ ڪورونا کي قومي وبا ان ڪري به قرار ڏيئي رهيا آهن جو  ان وبا دنيا جي ملڪن جي معيشت تباهه ڪري ڇڏي آهي.آمريڪا ان وبا کي منهن ڏيڻ لاء ٻه هزار ارب ڊالر جڏهن ته پاڪستان اٺ ارب ڊالر رکيا آهن.اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان پڻ ڪورونا کي قومي سلامتيء جو مسئلو قرار ڏيندي هڪ خاص ادارو “ نيشنل ڪوآرڊينيشن ۽ آپريشنز سينٽر“ قائم ڪيو آهي جيڪو ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاء ترت اپاء وٺڻ لاء فيصلا ڪرڻ ۾ بااختيار هوندو ۽ اين ڊي ايم کي پڻ ان اداري هٿ هيٺ ڏنو ويو آهي.اهڙي ئي صورتحال صوبن ۾ آهي.چيف آف آرمي اسٽاف سمورن ڪور ڪمانڊرن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي سول حڪومتن سان گڏجي ان وبا کي ڪنٽرول ڪرڻ لاء پورو زور لڳائين. ٻين لفظن ۾ ان وبا کي منهن ڏيڻ لاء پاڪستان آرمي ڊرائيونگ سيٽ سنڀالي ورتي آهي.قومي رابطا ڪميٽيء جا اجلاس لاڳيتو ٿي رهيا آهن جتي سياسي ۽ فوجي قيادت گڏجي ترت فيصلا ڪري رهي آهي.هن وقت تائين صوبائي توڙي وفاقي حڪومت جيڪي به فيصلا ڪيا آهن سي هڪ ٻئي سان مشاورت ذريعي نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽيء ذريعي ئي ٿيا آهن جيڪي بهرحال مناسب فيصلا آهن پر وفاقي حڪومت ان معاملي ۾ پهرئين ڏينهن کان هن وقت تائين گھڻو منجھهيل نظر اچي ٿي.تنهن هوندي به احساس پروگرام هيٺ وفاقي حڪومت غريب ماڻهن کي جيڪا امداد مهيا ڪرڻ شروع ڪئي آهي ان قدم کي ساراهي سگھجي ٿو جڏهن ته سنڌ حڪومت جنهن پهرئين ڏينهن کان ڪرونا فڻد قائم ڪري ان ۾ سرڪاري ملازمن جي پگھارن مان ڪٽوتي ڪري ڏوڪڙ جمع ڪيا هئا ان طرفان غريب مانهن جي امداد يا راشن وغيره جو ڪو جوڳو بندوبست اڃا تائين ڏسڻ ۾ نه آيو آهي، مٿان وري معلوم ٿيو آهي ته نئين ايندڙ آرڊينسس هيٺ سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن جي پگھارن مان هر مهيني وڌيڪ ڪٽوتي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪو بهرحال ڪو مناسب قدم نه آهي.14 اپريل تي لاڪ ڊائون ختم ڪرڻ يا جاري رکڻ ا ان ۾ ڪجهه نرم ڪرڻ جي حوالي سان به وفاقي حڪومت توڙي صوبائي حڪومتن ۾ گھڻا اختلاف نظر اچي رهيا آهن.هئڻ ته اهو گھرجي ته ملڪ جا جيڪي شهر يا حصا ان وائرس کان گھڻو متاثر آهن انهن کي مڪمل طور تي سيل ڪري فوج جي حوالي ڪيو وڃي ۽ اتي موجود غريب ماڻهن جي راشن وغيره جو مناسب بندوبست سندن گھرن جي درن تائين ڪيو وڃي ۽ باقي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪجهه بنيادي پابنديون لڳائي اتي زندگيء جو ڪار وهنوار جاري رکڻ جي اجازت ڏني وڃي ته جيئن غريبن جي گھرن جا چلها ٻري سگھن.هونئن به ان موذي وبا خلاف اها جنگ ڪيستائين ٿي هلي ڪا خبر ناهي ان ڪري آخر ڪيستائين پوري ملڪ کي بند رکي سگھجي ٿو!
(روزاني هلال پاڪستان)

سالن کان سرگرم شگر مافيا خلاف ڪو قدم کڄندو؟



شفيق الرحمان شاڪر
پوري دنيا جيان پاڪستان به هن وقت ڪورونا جهڙي سنگين مسئلي جو شڪار آهي.ميڊيا ۽ عوام جو فوڪس به اهو ئي مسئلو آهي تنهن هوندي به ان دوران اٽي ۽ کنڊ جي پيدا ڪيل هٿرادو بحران متعلق جاچ ڪميٽيء جي رپورٽ پڌري ٿيڻ بعد پوري ملڪ ۾ سياسي لوڏي واري ڪيفيت ڇانئجي ويئي آهي .ياد رهي ته ڪجهه عرصو اڳ ملڪ ۾ کنڊ ۽ اٽي جي پيدا ٿيل هٿرادو کوٽ سبب عمران حڪومت کي ميڊيا،مخالف ڌر توڙي عوامي حلقن پاران سخت دٻاء کي منهن ڏيڻو پيو هو جنهنجي نتيجي ۾ وزير اعظم ايف آئي جي سربراه واجد ضيا جي اڳواڻيء ۾ مڪمل ۽ تفصيلي جاچ لاء هڪ ڪميٽي جوڙي هئي جڏهن ته ان کان اڳ پوري ملڪ ۾ مختلف سياسي ۽ سماجي ڌريون توڙي ميڊيا ان بحران جو ذميدار حڪومتي وزيرن ۽ مشيرن کي قرار ڏنو هو پر حڪومتي حلقا اهڙن وزيرن ۽ مشيرن جو اجايو دفاع ڪندي نظر آيا ٿي.هاڻي جڏهن حڪومت جي پنهنجي بنايل ڪميٽيء جي رپورٽ جڏهن سامهون آئي آهي ته ان ۾ جهانگير ترين،خسرو بختيار ۽ عثمان بوزدار سوڌو ڪيترن ئي ٻين سياستدانن کي انهيء بحران جو ذميدار قرار ڏنو ويو آهي.اهو ڪو نئون ڪم ناهي. پاڪستان م شگر ۽ اٽو مافيا گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان حڪومتن جي سرپرستيء ۾ عوام جي کيسن تي اربين روپين جا ڌاڙا هڻندي رهي آهي.شگر مافيا جا ڪرتا ڌرتا هر حڪومت جو حصو رهندا آهن ۽ سندن حڪومت ۾ رهڻ جو هڪ بنيادي مقصد ئي پنهنجن ناجائز مفادن جو تحفظ ڪرڻ هوندو آهي.شگر ملن جي مالڪن ۾ پاڪستان جا اڳوڻا حڪمران شريف برادران،آصف زرداري ۽ هاڻوڪي حڪومت مان جهانگير ترين،خسرو بختيار ۽ فهميدا مرزا جهڙا وڏا نالا شامل آهن.انهن ماڻهن اقتدار جي زور تي سدائين هارين جو استحصال ڪيو،ڊپٽي ڪمشنرز ۽ پوليس جي مدد سان علائقي ۾ قلم 144 لاڳو ڪري ڪمند جي خريداري ڪئي ۽ ٽيڪس جي مد ۾ هارين ۽ آبادگارن کان وصول ڪيل ڪروڙين روپيا به هضم ڪري ويا.زميندار کان ٻه لک ٽن ڪمند وٺي رڳو سوا لک ٽن ڪمند جا پئسا ادا ڪيا ويندا هئا ۽ اهي ادائگيون به کين ذليل ڪرڻ بعد ڪيون وينديون هيون.ان شگر مافيا پنهنجن مفادن خاطر ڪپهه ۽ ٻيون زرعي جنسون اپائيندڙ زمينن کي رڳو ڪمند لاء مخصوص ڪري ملڪي زراعت جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو.آصف علي زرداريء جي دور ۾ ان وقت جي سيڪريٽري خزانه واجد رانا شگر مافيا کي ايڪسپورٽ جي نالي تي سبسڊي ڏيڻ جي مخالفت ڪئي هئي.هن جو چوڻ هو ته شگر ايڪسپورٽ جي معاملي تي نه ته وفاقي حڪومت ۽ نه ئي صوبائي حڪومتون ڪا سبسڊي ڏيڻ جو اختيار رکن ٿيون.ان بعد سنڌ جي صوبائي حڪومت آرڊيننس پاس ڪري اومني گروپ جي شگر ملن کي سبسڊي ڏني جنهن جي نتيجي ۾ اڄ ڪلهه سيد مراد علي شاهه نيب جا ڪيس ڀوڳي رهيو آهي ته پوء عثمان بوزدار سبسڊي ڏيڻ جي معاملي ۾ ڪيئن ڪيسن کان بچي سگھي ٿو؟ سنڌ ته وري به سبسڊي ڏيڻ لاء ڪنهن آرڊيننس جو سهارو ورتو هو پر پنجاب جي بادشاهه ته اها تڪليف به نه ڪئي ۽ مونس الاهي،جهانگير ترين،هاشم بخت ۽ ٻين جي ملن کي اربين روپين جي سبسڊي ايڪسپورٽ جي نالي تي ڏيئي ڇڏي.هاڻي جڏهن 25 اپريل تي فرانزڪ آڊٽ رپورٽ ايندي ته خبر پوندي ته ايڪسپورٽ لاء ڪٿي ايل سي کولي ويئي ۽ ان کنڊ جي ايڪسپورٽ مان آيل پرڏيهي ناڻو ڪٿي آهي؟
رپورٽ موجب جڏهن انهن کي سبسڊي ڏني پئي ويئي ته ڇهن مهينن ۾ کنڊ جي قيمت ۾ 12 روپيا في ڪلو جي واڌ ڪري عوام جي کيسن تي اربين روپين جو ڌاڙو هنيو ويو جڏهن ته کنڊ مهانگي ڪرڻ جا ڪي به سبب نه هئا.ملڪ ۾ ڪمند جي گھرج ۽ سپلائي جو به مسئلو نه هو ۽ نه ئي حڪومت ڪو نئون ٽيڪس لڳايو هو پر ان جي باوجود بنان سبب کنڊ مهانگي ڪري اربين روپيا هڙپ ڪيا ويا.شگر ملن جي مالڪن کنڊ جي تياريء دوران ڪمند مان نڪتل ڦوڳ کي به گتو بنائيندڙ فيڪٽرين ۽ بجليء جي ڪارخانن سان وڪرو ڪري ڇڏيو پر انهيء تي ڪو ٽيڪس به نه ڏنو بلڪه شگر ملن جا مالڪ ان ڦوڳ سان هلندڙ بجلي گھر جوڙي ڪروڙين روپيا ڪمائي رهيا آهن.
اٽي جي کوٽ تي جاچ رپورٽ ۾ عثمان بوزدار تي ڪافي حد تائين ذميداري عائد ٿئي ٿي.رپورٽ مطابق هن هڪ سال اندر چار فوڊ سيڪريٽري بنان ڪنهن سبب جي بدلي ڪيا جڏهن هن کان ان باري ۾ سوال ڪيو ويو ته هو جاچ ٽيم کي ڪو تسليء وارو جواب نه ڏيئي سگھيو.رپورٽ مطابق فوڊ سيڪريٽريء کان پڇڻ سواء اٽڪل 38 ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر سياسي بنيادن تي تبديل ڪيا ويا ۽ تعليم کاتي جي هڪ ملازم کي ڊپٽي ڊائريڪٽر فوڊ جي عهدي تي لڳايو ويو.ڪميٽيء پنهنجي رپورٽ ۾ چيو ته تعليم کاتي جي هڪ آفيسر کي ڪهڙن بنيادن تي خوراڪ کاتي ۾ مقرر ڪيو ويو؟عثمان بوزدار جي ان نااهليء سبب ڪڻڪ جي خريداريء ۾ دير ٿي ۽ ملڪ ۾ ڪڻڪ جي کوٽ وارو بحران شروع ٿيو.حقيقت ۾ ان بحران جي لاء پاسڪو جي چيئرمين ۽ ان وقت جي وفاقي وزير محبوب سلطان خلاف به ڪاروائي هئڻ گھرجي جيڪي پڻ ان بحران جا مکيه ذميدار آهن.ڏسڻو اهو آهي ته تفصيلي رپورٽ اچڻ بعد وزير اعظم جيڪو هروقت گذريل حڪومتن جي ڪرپشن جو راڳ ڳائيندو رهي ٿو هاڻي پنهنجن حڪومتي وزيرن ۽ مشيرن خلاف ڪهڙو ٿو قدم کڻي.رڳو وزيرن جا قلمدان بدلائڻ سان انصاف جون گھرجون پوريون نٿيون ٿي سگھن.ان مامري ۾ ملوث سمورن عملدارن خلاف ڪيس قائم ڪري کين جوڳيون سزائون ملڻ گھرجن.اسان جي ملڪ جي سخت سچائي ته اها رهي آهي جو اڄ تائين ڪنهن به طاقتور ڏوهاريء کي ڪڏهن به سزا نه ملي آهي ۽ انهن ئي طاقتور ڏوهارين مان شگر مافيا به آهي.هاڻي عمران خان جي سخت آزمائش آهي ته هو انهن خلاف ڪا سخت ڪاروائي ڪري ڪو نئون مثال ٿو قائم ڪري يا پنهنجي حڪومت بچائڻ لاء انهن هٿان بليڪ ميل ٿي سندن سامهون هٿيار ٿو ڦٽا ڪري.اقتدار ۾ اچڻ بعد احتساب جي حوالي سان عمران خان جي عوام ۾جيڪا ساک خراب ٿي چڪي آهي انهيء کي ٻيهر بحال ڪرڻ جو هن وٽ اهو سونهري موقعو آهي.جيڪر اڃا به خان صاحب کي اهڙي جرئت نٿي ٿئي ته پوء هو ايندڙ اليڪشن ۾ ماڻهن کي ڪهڙو منهن ڏيکاري سگھندو. انهيء سان گڏوگڏ عمران خان انهن ماڻهن جي لسٽ به گھرائي جن سرڪاري خزاني مان کنيل قرض معاف ڪرايا آهن،انهن کان به قرضن جي رقم واپس وصول ڪري ڪورونا جي مصيبت سبب بيروزگار ٿيل ماڻهن ۾ ورهائي وڃي.قرضن جي وصوليء جو ڪم به پهرين هاڻوڪي حڪومت ۾ ويٺل ماڻهن  کان شروع ڪرڻ گھرجي.

(روزاني عوامي آواز)

Friday, April 17, 2020

ڪورونا ؛ڏکڻ ڪورياکان سکڻ جا سبق.



شفيق الرحمان شاڪر
انهيء سان فرق نٿو پوي ته اوهان انگن اکرن کي ڪيئن ڏسو ٿا پر حقيقت اها آهي ته ڏکڻ ڪوريا هن وقت ٻين ملڪن جا ڀيٽ ۾ ڪورونا واري معاملي ۾ الڳ بيٺل آهي.فيبروريء جي شروع ۾ ملڪ ۾ ڪورونا انفيڪشن جي نون ڪيسن جو انگ ڪجهه سون مان وڏي هزارن تائين پهچي چڪو هو.طبي ڪارڪنن 29 فيبروريء تي هڪ ئي ڏينهن ۾ 909 نون ڪيسن جي نشاندهي ڪئي ۽ اٽڪل 50 ملين ماڻهن متاثر ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پر هڪ هفتي اندر نون ڪيسن جو انگ اڌ رهجي ويو ۽ بعد ۾ ان جو به اڌ.جڏهن ته گذريل آچر تي ڪيسن جو نئون انگ رڳو چوهٺ رهجي ويو جڏهن ته ٻين ملڪن ۾ روزانو هزارين ماڻهو ان وائرس جو شڪار ٿي رهيا آهن.اٽليء ۾ روزانو سوين ماڻهو موت جي منهن ۾ وڃي رهيا آهن.ڪورونا جي گراف کي سڌو ڪرڻ وارن ملڪن مان رڳو ڏکڻ ڪوريا چين سان گڏ ٻيو ملڪ آهي.هن تقرير،چرپر ۽ معيشت تي چين وانگر سخت پابنديون هڻڻ سواء ئي يا يورپ ۽ٌ آمريڪا جهڙن معاشي لاڪ ڊائون سواء ايئن ڪيو آهي.جيئن ته ان وائرس سبب دنيا ۾ هزارين ماڻهو مري رهيا آهن ان ڪري مختلف ملڪن جا ماهر ڏکڻ ڪوريا جي تجربي جي جاچ ڪري رهيا آهن.اهو تجربو نهايت ئي سڌو ۽ سستو نظر اچي ٿو.تيز رفتار ڪاروائي،وڏي پيماني تي ٽيسٽنگ،متاثر ماڻهن جي لاڳاپن جو پتو لڳائڻ ۽ عوامي سهڪار. فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون ۽ سويڊن جي وزير اعظم اسٽيفن ٻنهي ڏکڻ ڪوريا جي صدر کي فون ڪري وٽانئس سندس ملڪ ۾ ان وبا کي ڪنٽرول ڪرڻ لاء ورتل اپائن جا تفصيل معلوم ڪيا.
ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي سربراه ٽيڊروس اذانوم ڏکڻ ڪوريا جي ساراه ڪندي چيو ته شيون ڪيتريون به ڏکيون ڇو نه هجن پر اهي ڪري سگھجن ٿيون.هن دنيا جي ٻين ملڪن تي زور ڏنو ته اهي ڏکڻ ڪوريا ۽ ٻين هنڌ ٿيل ڪامياب تجربن مان سکيل سبقن کي استعمال ڪن.جڏهن ته ڏکڻ ڪوريا جي عملدارن جو چوڻ آهي ته سندن ڪاميابيون عارضي آهن ۽ تباهين جو خطرو اڃا موجود آهي.خاص طور تي تڏهن جڏهن ملڪي سرحدن تي وبائي مرض ڦيرا ڏيئي رهيو هجي.پوء به فوڊ اينڊ ڊرگ ايدمنسٽريشن جي هڪ اڳوڻي ڪمشنر اسڪاٽ گوٽليب ڏکڻ ڪوريا کي هڪ نموني جي طور تي وري وري پيش ڪري رهيو آهي ۽ ٽويٽر تي لکيو ته ”ڏکڻ ڪوريا ثابت ڪيو آهي ته ڪووڊ 19 جهڙي خطرناڪ وائرس کي زبردست جارحاڻي عوامي حمايت ذريعي شڪست ڏيئي سگھجي ٿي.“
ڏکڻ ڪوريا جي تجربن مان جيڪي ڳالهيون سامهون آيون آهن سي هي آهن.پهرين اها ته ڪنهن به بحران کان اڳ ۾ ئي نهايت تيز رفتاريء سان ان خلاف عمل شروع ڪريو.جنوريء جي پڇاڙيء ۾ پهرئين ڪيس جي سڃاڻپ کان رڳو هڪ هفتو پوء سرڪاري عملدارن ڪيترين ئي طبي ڪمپنين جي نمائندن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن تي زور ڏنو ته اهي هنگامي بنيادن تي ترت ئي ٽيسٽ ڪٽس تيار ڪرڻ شروع ڪن.ٻن هفتن اندر توڙي جو ڏکڻ ڪوريا جي تصديق ڪيل ڪورونا ڪيسن جو انگ ڊبل عدد ۾ رهيو پر روزانو هزارين ڪٽس جهازن ۾ اينديون رهن ٿيون.ملڪ ۾ هاڻي روزانو هڪ لک ڪٽس تيار ٿي رهيون آهن جڏهن ته عملدارن جو چوڻ آهي ته اهي سترهن ملڪن مان ڪٽس گھرائڻ بابت به ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا آهن.عملدارن پنجويهه لک آباديء واري شهر ڊيوگو ۾ به ترت ئي هنگامي حالتون نافذ ڪيون جتي هڪ مقامي چرچ ذريعي اها وبا پکڙجي رهي هئي. هڪ حڪومتي عملدار جو چوڻ هو ته جيڪر اسان ان باري ۾ ڪجهه بعد ۾ ڄاڻون ها ته حالتون هٿن مان نڪري چڪيون هجن ها.2015ع  ۾ پکڙيل ساه جي سينڊروم ۾ پنهنجن 38 شهرين جون زندگيون وڃائيندڙ ڏکڻ ڪوريا هاڻوڪي ڪورونا وائرس کي آمريڪا ۽ ٻين يورپي ملڪن جي ابتڙ  پهرئين ڏينهن کان پهرين ۽ ترت قومي ايمرجنسي طور ڊيل ڪيو. ڏکڻ ڪوريا جي نائب وزير صحت جو چوڻ آهي ته ” ان وارس جون اهڙيون خاصتون لاڪ ڊائون توڙي اڪيلائيء کي به غير موثر ڪريو ڇڏين.اهو جڏهن هڪ دفعو ڪٿي پهچي ٿو ته پوء ان کي پکڙجڻ کان روڪڻ نهايت ئي مشڪل آهي.“
ٻي ڳالهه جيڪا ڏکڻ ڪوريا کان سکڻ جي ضرورت آهي سا اها ته ”ٽيسٽ،ٽيسٽ ۽ ٽيسٽ.“ ڏکڻ ڪوريا ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾گھڻن کان گھڻن ماڻهن جو ٽيسٽون ڪندڙ ملڪ آهي جنهن سان متاثر ماڻهن کي ترت ئي ٻين ماڻهن کان الڳ ٿلڳ ڪري سندن علاج ڪيو ويو آهي.ٽن لکن کان وڌيڪ ماڻهن جو ٽيسٽون ڪيون وييون آهن جيڪا شرح آمريڪا جي ڀيٽ ۾ 40 ڀيرا وڌيڪ آهي.ڏکڻ ڪوريا جي پرڏيهي وزير ڪانگ ڪينگ واه بي بي سي کي ٻڌايو ته ” ٽيسٽ بنيادي آهي ان ڪري جو ان سان شروعاتي مريض سامهون اچن ٿا ۽ ان جي وڌيڪ پکيڙ کي روڪي سگھجي ٿو ۽ موتن جي شرح به گھٽائي سگھجي ٿي.“
اسپتالن کي اوور لوڊ ٿيڻ ۽ هيلٿ ورڪرن کي خطري کان بچائڻ لاء ڏکڻ ڪوريا ۾ الڳ 600 ٽيسٽ سينٽر قائم ڪيا ويا.50 ڊرائيو ذريعي اسٽيشنن تي مريضن کي پنهنجون ڪارن مان لهڻ سواء تپاسيو وڃي ٿو انهيء عمل دوران رڳو ڏهه منٽ لڳن ٿا ۽ ٽيسٽ جا نتيجا عام طور تي ڪلاڪن ۾ اچن ٿا.ڪجهه واڪ ان مرڪزن ۾ شفاف فون بوٿ جيان ٺهيل چيمبرن ۾ به مريض ٽيسٽ ڪيا وڃن ٿا انهيء کان سواء حڪومت جو ميسيج هر ماڻهوء تائين پهچي ٿو ته جيڪر اهي يا ڪو ٻيو شڪ واري حالت ۾ هجن ته ترت پنهنجي ٽيسٽ ڪرائين.ٻاهرين ملڪن مان ايندڙن کي هڪ اهڙي سمارٽ فون ايپ ڊائون لوڊ ڪرڻ ضروري آهي جنهن ذريعي اهي نشانين جي پاڻ جاچ ڪري رهنمائي حاصل ڪري سگھن ٿا.دفترن،هوٽلن ۽ ٻين وڏين عمارتن ۾ بخار چيڪ ڪرڻ لاء ٿرمل اميج ڪيميرائون لڳل آهن ۽ ريسٽوران ڪنهن به گراهڪ کي قبول ڪرڻ کان پهرين انهن جو بخار چيڪ ڪن ٿيون.
ٽيون سبق جيڪو ان معاملي ۾ ڏکڻ ڪوريا کان سکي سگھجي ٿو سو آهي لاڳاپن جو کوڄ لڳائڻ،اڪيلائي ۽ سخت نگراني.جڏهن به شخص ۾ ٽيسٽ هاڪاري اچي ٿي ته صحت جا ڪارڪن ان مريض جي گذريل چر پر،رابطن کي جاچڻ ۽ کيس ۽ سندس رابطن وارن ماڻهن کي الڳ ٿلڳ ڪرڻ ۾ لڳي وڃن ٿا.اهڙي طرح انهن کي خاص اجازت مليل آهي ته ٽرانسميشن جي نيٽ ورڪ جي سڃاڻپ ڪن ۽ ان وائرس کي سماج ۾ پکيڙ کان روڪين.ان وبا دوران متاثرن جي لاڳاپن جو پتو لڳائڻ لاء نهايت ئي جارحاڻو رويو اختيار ڪيو وڃي ٿو جنهن ۾ اهڙن اوزارن ۽ طريقه ڪار جي تياري،حفاظتي ڪيميرائن جي تصويرن،ڪريڊٽ ڪارڊز جي ريڪارڊ ايستائين جو سيل فون جي جي پي ايس ڊيٽا ذريعي مريضن جي نقل حرڪت جي سخت نگراني ڪئي وڃي ٿي.
جڏهن به انهن جي علائقي ۾ ڪو نئون ڪيس ظاهر ٿئي ٿو ته ڏکڻ ڪوريا جي شهرين جا سيل فون هنگامي الرٽ جاري ڪرڻ لڳن ٿا.ويب سائيٽس ۽ سمارٽ فون ايپس جي باري ۾ وري وري پيغام نشر ٿين ٿا.متاثر ماڻهن سفر جي ٽائيم لائين،انهن جي بسن جي سفر،انهن جي گذريل اچ وڃ جي باري ۾ پوري ڄاڻ حاصل ڪئي وڃي ٿي.اهڙا ماڻهو جن کي شڪ ٿئي ٿو ته انهن ڪنهن متاثر ماڻهوء سان ڪنهن به قسم جو رابطو رکيو آهي ته انهن کي تاڪيد ڪئي وڃي ٿي ته اهي طبي مرڪزن ۾ اطلاع ڏين.ماڻهن کي پنهنجو پاڻ ٻين کان الڳ ڪرڻ لاء هڪ ٻي ايپ ڊائون لوڊ ڪرڻي پوي ٿي جيڪا متاثر شخص جي اڪيلائيء مان ٻاهر نڪرڻ جي صورت ۾اهلڪارن کي اطلاع ڪري ٿي جڏهن ته اڪيلائيء جي قانون جي خلاف ورزي ڪرڻ جو ڏنڊ 2500 ڊالرن تائين آهي.شروعاتي طور تي انفيڪشن جي نشاندهي ڪري انهيء جو علاج ڪري،هلڪن مريضن کي خاص مرڪزن ۾ الڳ رکي ڏکڻ ڪوريا پنهنجن اسپتالن کي رڳو سخت مريضن لاء صاف رکيو آهي.اتي موتن جي شرح رڳو هڪ سيڪڙو کان ڪجهه وڌيڪ آهي جيڪا دنيا ۾ گھٽ ۾ گھٽ شرح آهي.
چوٿين ڳالهه اها ته ڏکڻ ڪوريا ۾ ايترا هيلٿ ورڪر يا مشينون ناهن جو هر ماڻهوء جي ٽيسٽ ڪري سگھجي ان ڪري اهلڪارن جو خيال آهي ته رڳو ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ ۽ انهن کي مناسب ڄاڻ مهيا ڪرڻ ذريعي ئي ان مرض تي قابو پائي سگھجي ٿي.ٽي وي ۽ سب وي اسٽيشنن جا اعلان،سمارٽ فون الرٽس بار بار ماڻهن کي ماسڪ پائڻ،سوشل ڊسٽينسنگ ۽ ٻين حفاظتي اپائن  جي صلاح ڏين ٿا.پولس ٻڌائين ٿا ته ماڻهن جي اڪثريت حڪومتي قدمن مان گھڻو مطئمن آهي.عوام جي ان اعتماد اعليٰ سطح جي  سماجي سجاڳي ۽ رضاڪاراڻي تعاون جي صورت کي گھڻو مضبوط ڪيو آهي.
ڇا ڏکڻ ڪوريا جو مثال قابل عمل آهي؟ڏٺو وڃي ته ڏکڻ ڪوريا جي ڪاميابيء طرف وٺي ويندڙ طريقو ۽ اوزار مهانگا يا پيچيده ناهن.ملڪ ۾ استعمال ڪئي ويندڙ ڪجهه ٽيڪنالاجي ايتري ئي سستي آهي جيترو رٻڙ جا دستانا.ڏکڻ ڪوريا جي ڀيٽ ۾ ڪورونا ۾ ورتل ست ملڪ ڏکڻ ڪوريا کان وڌيڪ امير آهن. ماهرن جي چوڻ مطابق ٻين ملڪن لاء ڏکڻ ڪوريا جي پيروي ۾ ٽي وڏيون رنڊڪون آهن جن جو تعلق ڏوڪڙ يا ٽيڪنالاجيء سان ناهي.پهريون ته سياسي مرضي جنهنجي نه هئڻ جي ڪري ڪيتريون ئي حڪومتون اهڙا قدم کڻڻ کان لنوائي رهيون آهن.ٻي ڳالهه آهي عوامي خواهش.ڏکڻ ڪوريا ۾ ٻين ڪيترن ئي ملڪن جي ڀيٽ ۾ سماجي اعتماد وڌيڪ آهي.خاص طور تي اولهه جي جمهوري نظامن جي پوليرائيزيشن ۽ عوام جي آزاد پسنديء واري رد عمل مسئلي کي وڌيڪ منجھائي ڇڏيو آهي.پر اهو ئي وقت جو وڏي ۾ وڏو چيلينج آهي.ڊاڪٽر ڪي مطابق؛ ”گھڻي دير ٿي چڪي آهي.“ چين پنهنجي معيشت کي بند ڪرڻ جي قيمت تي ڪيترن ئي يورپي ملڪن کان سندس وڏي صوبي هوبي ۾ تباهي پکيڙيندڙ وبا کي بريڪ هڻي ڇڏيو آهي.دنيا ڏکڻ ڪوريا جي تجربن مان پڪ سان لاڀ حاصل ڪري سگھي ٿي ان کان اڳ جو گھڻي دير ٿي وڃي!

(روزاني هلال پاڪستان)

ڪورونا۽سارس پکيڙڻ جي الزام هيٺ آيل چمڙا...!



شفيق الرحمان شاڪر
هزارين سالن تائين هڪ جرثوموبنان ڪنهن نالي جي ڏکڻ چين جي چمڙن جي پيٽ ۾ سڪون جي زندگي گذاري رهيو هو.چمڙن کي ته خبر به نه هئي ته سندن اندر ۾ ڪهڙي بلا پلجي رهي آهي.اهي بنان ڪنهن پريشانيء جي پنهنجون رات جون اڏامون جاري رکندا پئي آيا.هڪ ڏينهن هاڻوڪي ڪورونا وائرس جي ابي ڏاڏي ”سارس ڪو 2 “ کي پنهنجي بادشاهي پکيڙڻ جو موقعو مليو.شايد ان جو ذريعو ڪو ”پينگوئن“ بڻيو جيڪو جانورن جو اهڙو نسل آهي جيڪو هر وقت جاني خطرن کي منهن ڏيندو رهي ٿو ۽ جيڪو جھنگلي زندگيء جي بي رحم شڪارين هٿان پڪڙجي وڏي پيماني تي غير قانوني طور تي سمگل ٿيندو رهي ٿو.اهو اڪثر ڏکڻ اوڀر ايشيا ۽ چين جي جيئرن جانورن جي منڊين ۾ لڪيل طور تي وڪجي ٿو.ان وائرس جو جينياتي رستو توڙي جو غير واضح رهيو پر هڪ نئين جيو ۾ جيئرو رهڻ لاء ان وائرس کي گھڻا جتن ڪرڻا پيا.ممڪن آهي ته ان وائرس سان اهڙن ئي ٻين وائرسن جو پورو ڪٽنب هجي جن مان هڪڙو هاڻي ڪورونا جي نالي سان جاڳي پيو آهي. اهو وائرس جو هڪ وڌيڪ سڌريل ۽ مضبوط قسم آهي جيڪو هر مختلف نوعيت جي جيون ۾ اسرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.هاڻي وائرس جو اهو ڪورونا جي نالي سان نئون نسل سامهون آيو آهي.شايد ڪنهن ٿڪل مسافر اکيون مهٽيون هجن،يا پنهنجو نڪ کنهيو هجي يا وات سان راند ڪئي هجي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هن وقت پوري دنيا ڪورونا جي قهر هيٺ اچي ويئي آهي ۽ اسان مان هرڪو ان عالمي وبا کي منهن ڏيئي رهيو آهي.دنيا ۾ ڪورونا جا تصديق ٿيل ڪيس رڳو هڪ هفتي جي اندر ان سارس وائرس جي ڪيسن کان پنجوڻا ٿي چڪا آهن.اٽڪل ڏه لک ماڻهو ان جي وڪڙ ۾ آيا آهن جن مان اٽڪل پنجاه هزار پنهنجون زندگيون وڃائي چڪا آهن.آمريڪا ۾ دنيا جي ڪنهن به ٻئي ملڪ کان وڌيڪ تصديق ٿيل ڪيسن وارو ملڪ بڻجي چڪو آهي جتي اتان جو صدر ماڻهن کي خوشخبريون ڏيئي رهيو آهي ته ”جيڪر ان وبا اندر آمريڪا ۾ ٻه لک چاليهه هزار ماڻهو مئا ته اها آمريڪا جي ڪاميابي هوندي.“
”سائنس“ رسالي ۾هن مهيني جي شروع ۾ ڇپيل هڪ نئين کوجنا مطابق سائنسدانن پتو لڳايو آهي ته هر تصديق ٿيل ڪيس واري مريض مان وڌيڪ ممڪنه طور تي گھٽ ۾ گھٽ پنجن کان ڏهه ماڻهو ضرور متاثر ٿين ٿا.انهيء حساب سان اهو انگ گھڻو اڳتي ويندو.ان اسٽڊي جي ماهرن مان ڪولمبيا يونيورسٽيء جي پروفيسر ” جيفري شمن“چيو ته ” اها جاچ اڃا مڪمل ناهي.“برگامو جي هڪ ڊاڪٽر ان وبا کي ”سونامي“ سان تشبيهه ڏني آهي.
سائنسدانن پهريون ڀيرو معلوم ڪيو ته 2003ع ۾ ”سيويئر ايڪيوٽ ريسپائيريٽري سنڊروم“ يعني سارس چمڙن ۾ دريافت ٿيڻ وقت ئي هاڻوڪي ڪورونا وائرس جي پيدائش ٿي چڪي هئي.” جوناٿين ايپيسٽين“ جيڪو نيويارڪ ۾ وبائي مرضن جو ماهر آهي ۽ جيڪو جانورن ذريعي ماڻهن ۾پکڙجندڙ وائرسن تي ڪم ڪري ٿو اهوچين جي صوبي ”گوانگ ڊونگ“ ۾ پکڙجندڙ سارس وائرس تي تحقيق ڪندڙ ٽيم ۾ شامل هو تنهن ٻڌايو هو ته جانورن مان ماڻهن ۾ ڪيترائي ٻيا وائرس به پکڙجي سگھن ٿا.شروعاتي طور تي سائنسدانن جو خيال هو ته کجور جهڙو هڪ ٻوٽو ان وائرس جي پکيڙ جو سبب آهي جنهنجو ميوو چين جي ڪجهه حصن ۾ کاڌو وڃي ٿو۽ جيڪو سارس پکيڙيندڙ مارڪيٽن ۾ وڏي پيماني تي وڪيو ويندو هو ۽ انهن مارڪيٽن سان جيڪي ماڻهو به واڳيل هيا انهن ۾ سارس وائرس جي رزلٽ مثبت آئي هئي پر گوانگ ڊونگ ۾ ماڻهن م ڪي اينٽي باڊيز نه لڌا ويا جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ان وائرس جو شڪار جانور ۽ انهن کي وڪڻندڙ يا خريد ڪندڙ هئا.ايپسٽين ۽ ٻين ماڻهن کي شڪ آهي ته چمڙا جيڪي ان علائقي جي ڳوٺاڻي ۽ زرعي علائقن ۾ وڏي پيماني تي موجود آهن ۽ ان وقت گوانگ ڊونگ جي آلين بازارن ۾ به پنجرن ۾ وڪيا ويندا هئا ۽ اهو قدرتي وائرسن جو ذخيرو ٿي سگھي ٿا.
تحقيق ڪندڙن ڳوٺاڻن علائقن جو سفر ڪيو،چن ۽ پٿرن جي گھاٽين اندر فيلڊ ليب قائم ڪيا ۽ سڄيون راتيون انهن چمڙن جي تلاشي ورتي.مهينن جي جاچ پڙتال بعد ايپيسٽين جي ٽيم انهن چمڙن جي ٽن ذاتين جو پتو لڳايو جن ۾ سارس جيان ڪورونا وائرس موجود هو جيڪو جينياتي طور تي نوي سيڪڙو کان به مٿي هاڻوڪي وائرس سان ميچ ڪري رهيو هو.
چمڙن جي سالن کان مٿي نگرانيء بعد تحقيقي ڪندڙن کي نيٺ سارس مان ئي سڌو سنئون ڪورونا وائرس ملي ويو.اهو به ته سوين ٻئي قسم جا ڪورونا وائرس چوڏهن سو قسم جي چمڙن مان ڪن ۾ موجود ٿين ٿا جيڪي ڇهن کنڊن ۾ رهن ٿا.ان مان خبر پوي ٿي ته انساني تهذيب سدائين جانورن سان گڏ اوسر ڪندي رهي آهي.جيئن ئي ڪورونا وائرس جو ڪٽنب وڌي رهيو آهي ته مختلف شيون چمڙن کي انفرادي طور تي متاثر ڪري رهيون آهن ۽ اهي پنهنجن ننڍڙن جسمن کي وائرس جي فيڪٽرين ۾ بدلائي ڇڏين ٿا ۽ ان قسم جو وائرس ٻين سمورن وائرس جي قسمن کان وڌيڪ طاقتور هوندو آهي.پر اهو عمل چمڙن کي ڪنهن به طرح بيمار نٿو ڪري.اهو هڪ اهڙو واقعو آهي جنهن کي سائنسدانن چمڙن جي اڏام جي اڪيلي صلاحيت سان جوڙيو آهي.چمڙن ۾ ان وائرس خلاف مزاحمت ۽ مدافعت جو هڪ طاقتور نظام موجود آهي پر اهو وائرس جڏهن ٻي ڪنهن مخلوق ۾ داخل ٿئي ٿو،پوء اهو پينگوئين هجي يا انسان،انهيء جو نتيجو نهايت ئي خطرناڪ بيماريء جي صورت ۾ نڪري ٿو.
2013ع ۾ چين ۾ ايپيسٽين جي اهم ساٿي ”شي زينگ لي“ چمڙن ۾ لڀجندڙ هڪ ڪورونا وائرس جو اندازو لڳايو.جنوريء ۾ هن ان وائرس جي ڇهاسي سيڪڙو جينياتي بناوت کي سارس ۾ ڳولهي لڌو هو.انهن ٻنهي وائرسن جو هڪ ساڳيو ابو ڏاڏو آهي جيڪو ٽيهن کان پنجاهه سالن جو آهي پر ٻنهي وائرسن جي مڪمل هڪجهڙائي نه هئڻ سبب خبر پوي ٿي ته انهن وائرسن پهريان چمڙن جي ڪالونين ۾ پناهه ورتي ۽ بعد ۾ ڪنهن وچئين ذريعي جي مدد سان ٻي مخلوق ۾ منتقل ٿيا.جڏهن ڊسمبر ۾ ووهان ۾ نمونيا جا ايڪيتاليهه ڪيس پهريون ڀيرو سامهون آيا ته انهن مان گھڻن ماڻهن جو تعلق انهن جانورن جي منڊين سان جوڙيو ويو هو.جتي جانورن کي پڃرن ۾ رکيو وڃي ٿو.ايپسٽين جو چوڻ هو ته ” اهو رڳو حامل مادي ۽ وائرس جي ڪشس ثقل جي مٽا سٽا آهي.“ چيني عملدارن ٻڌايو ته انهن مارڪيٽ ۾ جانورن جون ٽيسٽون ڪيون پر انهن ۾ ڪنهن به وائرس جي موجودگي ثابت نه ٿي سگھي.پر انهن اهو نه ٻڌايو ته ڪهڙن ڪهڙن جانورن جي پڙتال ڪئي ويئي.اها معلومات جيڪا ايپيسٽين ڏني هئي اها تمام اهم هئي.بعد ۾ عملدارن کي مارڪيٽ جي ميزن ۽ گٽرن مان ورتل نمونن ۾ ان وائرس جي موجودگي ملي.پر جيئن ته پهرين مريضن مان ڪوبه ان مارڪيٽ سان لاڳاپيل نه هو ۽ نه ئي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هئا،ان ڪري ايپيسٽين تي ڪيترائي سوال اڀا ڪيا ويا. پر شايد اهي پهريان ايڪيتاليهه واقعا نه هئا.
سارس وائرس جي جينياتي تجزيي سان هڪ ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته اهو وائرس ڪنهن جانور مان انسان اندر رڳو هڪ ڀيرو ٽپو ڏيئي وٺي ٿو جنهن سان اهو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ڊسمبر کان اڳ ئي ماڻهن ۾ وائرس پکڙجي رهيو هو پر جيستائين ووهان مارڪيٽ مان جانورن جي باري ۾ وڌيڪ معلومات نٿي مهيا ڪئي وڃي،”ٽرانسميشن چين“ ڪڏهن به مڪمل ٿي نٿي سگھي تنهن هوندي به ان جا تمام گھڻا امڪان آهن.ٿي سگھي ٿو ته جانورن جو ڪو شڪاري يا واپاري ان وائرس کي بازار ۾ کڻي آيو هجي.پينگوئين جيڪا ڪو وائرس کڻڻ جو ذريعو آهي ٿي سگھي ٿو ته ان سال اڳ انهيء کي چمڙن مان حاصل ڪيو هجي ۽ ان وائرس جو هڪ وڏو حصو جينياتي طور تي بلڪل ئي سارس وائرس جيان آهي پر اڃا تائين ڪنهن کي اهو ثبوت ناهي ملي سگھيو ته ووهان جي مارڪيٽ ۾ پينگوئين هئي .
وينڊر بلٽ يونيورسٽي  ۾ وبائي مرضن جي ڊائريڪٽر ”مارڪ ڊيسن“ چيو ته ”اسان پنهنجي دنيا ۾ ڪنهن نه ڪنهن نموني اهڙيون حالتون پيدا ڪري ڇڏيون آهن جيڪي انهن وائرسن جي پکڙجڻ جو سبب بڻجن ٿيون ۽ ٿي سگھي ٿو ايندڙ وقت ۾ اهڙن وائرسن جي موجودگيء سان ڪابه پريشاني پيدا نه ٿئي ۽ اهي آرام سان انساني آبادين ۾ گھمندا وتن!“

(روزاني هلال پاڪستان)

سعودي عرب ؛ هاڻوڪو معاشي بحران ۽ خانداني رنجشون!



سعودي عرب ؛ هاڻوڪو معاشي بحران ۽ خانداني رنجشون!
شفيق الرحمان شاڪر
شاهي خاندان ۾ ڦيٽاڙي جي هاڻوڪي لهر هڪ اهڙي وقت اٿي آهي جڏهن سعودي عرب نين آزمائشن کي منهن ڏيئي رهيو آهي.سعودي عرب جي بادشاه شاه سلمان بن عبد العزيز جڏهن کان تخت سنڀاليو آهي،تيل جي دولت سان مالامال ساڍن ٽن ڪروڙ ماڻهن تي ٻڌل هي ملڪ عالمي خبرن جو موضوع رهيو آهي.مشهوري جو هڪ وڏو سبب سعودي عرب جي غير معمولي سياسي،معاشي ۽ سماجي نئين جوڙجڪ آهي جنهن جي شروعات شاه سلمان جي پٽ شهزادي محمد جنوري 2015ع ۾ وزير دفاع ۽ نائب ولي عهد جو عهدو سنڀاليندي ئي ڪئي هئي. هن ماهرن جون ٽيمون جوڙي جديد سعودي جي تعمير جي شروعات ڪئي هئي ۽ اپريل 2016ع تي السعوديه ويزن 2030ع جو اعلان ڪيو ويو.انهيء منصوبي جو بنيادي نڪتو سعودي معيشت جي نواڻ هو ته جيئن ملڪي معيشت تيل هٿان يرغمال بڻيل نه رهي.ان سان گڏوگڏ هن نجي شعبن جي تعاون سان صحت۽ تعليم،بنيادي ڍانچي،تفريح ۽ سياحت جي شعبن کي ترقي ڏيڻ جو خيال پيش ڪيو جنهن ۾ حڪومت جو ناڻو،حصو ۽ مداخلت گھٽ ۾ ڪري سگھجي.منصوبي مطابق 2030ع تائين سعودي عرب کي عرب ۽ اسلامي دنيا جي دل،بين الاقوامي سيڙپ جو مرڪز ۽ ٽن کنڊن يعني ايشيا،آفريڪا ۽ يورپ جو معاشي سنگم بنائڻو آهي.ان سلسلي ۾ جيڪو طريقو اختيار ڪيو ويو ان جا ڪجهه نڪتا يعني سينيما ۽ موسيقي،تفريحي سرگرميون،راند روند جون گڏيل مجلسون،عورتن کي معاشي ۽ سماجي طور تي با اختيار بنائڻ جي باري ۾ عورتن جي ٻاهرين ملڪن ڏانهن سفر لاء محرم جي شرط جي منسوخي،عورتن کي ٻاهر نڪرڻ مهل عبايا پهرڻ جي شرط ۾ نرمي،ڇوڪرن جي نيڪر يا شرٽس پهرڻ جي اجازت،غير ملڪي مردن ۽ عورتن لاء هوٽل ۾ ڪمرو بڪ ڪرائڻ وقت نڪاح نامو ڏيکارڻ جو شرط ختم ڪرڻ بابت عالمن کان سواء خود شاهي خاندان اندر به بيچيني موجود رهي آهي.سياحت جي ترقيء لاء تبوڪ جي ڪناري سياحتي مرڪز جي تعمير به شاهي خاندان جي بزرگن کي پسند ناهي.اهو سياحتي مرڪز پنجاه ننڍن وڏن جزيرن ۽ چوٽيهه هزار چورس ڪلوميٽرن جي علائقي تي ٻڌل هوندو جنهنجي حڪمرانيء جي طرز بين الاقوامي معيار مطابق هوندي يعني مشروبات ۽ ملبوسات وغيره جي حوالي سان وفاقي حڪومت جا قانون اتي نافذ نه ٿيندا.ان کان سواء سعودي آرامڪو جي نجڪاري به خاندان جي معاشي ماهرن جي ناراضگي جو سبب آهي.انهن ماڻهن جي خيال ۾ اداري جي نجڪاري سان آرامڪو جي سڃاڻپ متاثر ٿي رهي آهي.اثاثن کان سواء انتظام ۽ نفعي جي اعتبار کان سعودي آرامڪو جو دنيا ۾ ڪو مثال ناهي.ان جي منافعي جو مقدار دنيا سڀ کان وڏين ٽن ڪمپنين ايپل،گوگل ۽ ايڪسون موبل جي گڏيل مقدار کان به وڌيڪ آهي،سون جا بيضا ڏيندڙ ان ڪڪڙ جو وڪرو ماهر نقصان جو سودو سمجھن ٿا.گذريل سال محمد بن سلمان جي حڪم تي آرامڪو دنيا جي وڏي ۾ وڏي پيٽرو ڪيميڪل ڪمپني ”سابڪ“ جا ستر سيڪڙو حصا به خريد ڪري ڇڏيا هئا.شاهي خاندان تي تنقيد ڪندڙن جو خيال آهي ته سابڪ جي انضمام بعد ڪچي تيل بعد پيٽروليم صنعت تي به سعودي حڪومت جي گرفت ڪمزور ٿي ويندي.
شاهي ۽ مطلق العنان نظام ۾ مثبت بحث ۽ مباحثي جا موقعا نه هئڻ جي برابر ٿين ٿا جنهن ڪري معمولي اختلاف به تڪرار جي صورت اختيار ڪري وٺن ٿا.ويڳن ڀائرن جي فطري رنجش ۽ حسد جي باهه ڀڙڪائڻ جو سبب بڻجن ٿا.مملڪت جي باني شاه عبدالعزيز آل سعود جي اختلافن کي دور ڪرڻ لاء عالمن ۽ شاهي خاندان جي بزرگن جي هڪ مجلس جوڙي هئي جنهن سبب بغاوت جا امڪان گھٽجي ويا هئا.1964ع ۾ سعود خاندان اختلافن جو شڪار ٿيو جڏهن ولي عهد شاه فيصل ۽ بادشاه سعود بن عبدالعزيز جي وچ ۾ دوريون پيدا ٿيون پر ڪنهن ٽڪراء کان اڳ ئي بحث مباحثي ۽ هيئت البيعت جي مشوري تي شاه سعود تخت پنهنجي ڀاء لاء خالي ڪري ڇڏيو هو.
شاه سلمان پنهنجي تاجپوشي بعد نظام حڪومت ۾ ڪيترين ئي بنيادي تبديلين جو فيصلو مبينا طور تي شاهي خاندان جي صلاح مشورن سواء پنهنجي پٽ محمد بن سلمان جي چوڻ تي ڪري ڇڏيو جن ۾ سڀ کان اهم ولي عهد شهزادي مقرن بن عبدالعزيز جي معزولي هئي.ان وقت اهو چيو ويو ته شاه سلمان اهو فيصلو پنهنجي مرحوم ڀاء شهزادي نائف بن عبدالعزيز جي محبت ۾ ڪيو آهي.شهزادي نائف کي شاه عبدالله پنهنجو نائب چونڊيو هو پر زندگيء شهزادي نائف سان وفا نه ڪئي ۽ هو جون 2012ع ۾ وفات ڪري ويو.ان جي وفات تي سلمان بن عبدالعزيز ولي عهد مقرر ٿيو جنهن شهزادي مقرن کي هٽائي شهزادي نائف جي پٽ محمد بن نائف کي ولي عهد مقرر ڪيو پر ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته شهزادي مقرن جي برطرفي جو اصل سبب ان پاران يمن تي حملي جي مخالفت هئي. جون 2017ع ۾ شاه سلمان شهزادي محمد بن نائف کي هٽائي پنهنجي پٽ محمد بن سلمان کي ولي عهد مقرر ڪيو ان جي مقرريء سان گڏوگڏ نائب ولي عهد جو منصب ختم ڪيو ويو جنهن سان ماڻهن سمجھيو ته بادشاه بنجڻ بعد محمد بن سلمان پنهنجي ڪنهن سوٽ بدران پنهنجي ڪنهن پٽ کي ولي عهد مقرر ڪندو.ولي عهد جو عهدو سنڀاليندي ئي محمد بن سلمان ويزن 2030ع هيٺ سڌارن تي عمل جو سلسلو تيز ڪري ڇڏيو ۽ معاشي ۽ سماجي سڌارن سان گڏوگڏ بدعنواني خلاف مهم شروع ڪئي ۽ ان لاء هڪ ڪميٽي قائم ڪئي جنهنجو سربراه هو پاڻ بڻيو.نومبر 2017ع ۾ ان ڪميٽي جي حڪم تي 11 شهزادن،وزير داخلا ۽ اڳوڻي ولي عهد محمد بن نائف،ڪيترن ئي اڳوڻن وزيرن ۽ نيشنل گارڊ جي سربراه کرب پتي شهزادي وليد بن طلال کي به گرفتار ڪيو ويو.محمد بن سلمان جي مخالفن الزام هنيو ته احتساب رڳو بهانو هو جنهن ذريعي شهزادي جي مخالفن کي نشانو بنائڻ هو.اولهه جي تجزيي ڪارن جي خيال ۾ انهيء سان اقتدار تي محمد بن سلمان جي گرفت وڌيڪ مضبوط ٿي ويئي.گرفتار ڪيل ماڻهو ڦٻايل رقم واپس وٺڻ بعد آزاد ڪري ڇڏيا ويا ۽ معاملو ٿڌو ٿي ويو.فيبروري 2018ع ۾ وري ڪجهه هلچل پيدا ٿي جڏهن سعودي فوج جي ٽنهي سربراهن کي اوچتو تبديل ڪيو ويو.آڪٽوبر 2018ع ۾ ممتاز صحافي جمال خاشقجي جي پراسرار قتل پوري دنيا ۾ سنسني پکيڙي ڇڏي.ترڪ عملدارن مطابق جمال کي قتل ڪرڻ لاء ماهر سعودي عرب کان آيا هئا.توڙي جو سعودي حڪومت خاشقجي جي قتل جي ذميداري قبوليندي ڏوهارين کي گرفتار ڪري انهن کي سزائون ٻڌائي چڪي آهي پر اولهه جي سياسي ۽ سفارتي حلقن جو مڃڻ آهي ته خاشقجيء کي محمد بن سلمان جي حڪم تي قتل ڪيو ويو آهي.هوڏانهن ڪجهه عرصي کان اهي افواهه آهن ته 84 سالا شاه سلمان سخت بيمار آهي ۽ سندس ويجھا دوست کيس اقتدار شهزادي محمد بن سلمان حوالي ڪرڻ جو مشورو ڏيئي رهيا آهن. امريڪي خابرو اداري رائيٽر موجب 6 مارچ تي شاه سلمان جي ڀاء احمد بن عبدالعزيز ۽ ڀائيٽي محمد بن نائف سوڌو شاهي خاندان جي ٽن سينئر ميمبرن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي ۽ انهن تي بغاوت جا الزام هنيا ويا آهن جنهنجي سزا موت به ٿي سگھي ٿي.
اتفاق سان نومبر ۾ گروپ 20  جي ملڪن جي ڪانفرنس ٿي رهي آهي جنهنجي ميزباني سعودي عرب کي ڪرڻي آهي.شاهي خاندان جي گھڻن ماڻهن جو خيال آهي ته بيمار شاه سلمان انهيء ڪانفرنس کان پهرين اقتدار پنهنجي پٽ کي منتقل ڪري ڇڏي.ٻئي طرف شاه سلمان جو سڳو ڀاء احمد تخت محمد بن سلمان جي حوالي ڪرڻ جو مخالف آهي.ان جي گرفتاريء جي حوالي سان جاري ٿيندڙ خبرن ۽ تجزين مان لڳي ٿو ته محمد بن سلمان تاجپوشيء جي حوالي کان گھڻو سنجيده آهي ۽ شيخ احمد جي گرفتاري هيئت البيعت کي پنهنجن مخالفن کان صاف ڪرڻ جي هڪ ڪوشش آهي.ولي عهد بنجڻ بعد شهزادي محمد بن سلمان سعودي شاهي خاندان جي ڪيترن ئي بزرگن کي حڪومتي نظام کان الڳ ڪري ڇڏيو آهي.شهزادي جي خيال ۾ اهي ماڻهو ملڪي ترقيء جي راه ۾ رڪاوٽ آهن.انهن ماڻهن جو حڪومت ۾ گھڻو اثر رسوخ رهيو آهي ۽ هاڻي جڏهن انهن کي سائيڊ لائين ڪيو ويو آهي ته شاهي خاندان ۾ ڦيٽاري جو تاثر کلي ڪري سامهون آيو آهي.بيچينيء جي هاڻوڪي لهر ان وقت اٿي آهي جڏهن سعودي عرب کي نين آزمائشن سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ پوري دنيا ڪورونا وائرس سبب سخت هيجان جو شڪار آهي.سعودي حصص جي مارڪيٽ ۾ گراوٽ جو مقدار ست سيڪڙو کان وڌي ويو آهي ۽ جن مقامي سيڙپ ڪارن آرامڪو جي نجڪاريء جو فائدو کڻندي وڏين اميدن سان ڪمپنيء جا شيئر خريد ڪيا هئا انهن جا ڪروڙين ڊالر رڳو هڪڙي ڏينهن ۾ ٻڏي ويا.چين ۾ معاشي ٻاڙائي حد درجي تي پهتل آهي جيڪو سعودي تيل جو سڀ کان وڏو خريدار آهي.کپت گھٽ هئڻ سبب تيل جون قيمتون 1991ع جي سطح کان به هيٺ هليون وييون آهن.ڪورونا جي خوف کان سعودي عرب حج ۽ عمرن تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.پنجن سالن بعد به يمن جي جنگ جو ڪو نتيجو سامهون نه اچي رهيو آهي.عالمي سياست ۽ نظرياتي اختلاف پنهنجي جڳهه تي پر حرمين شريفين سان تعلق جي بنياد تي سڄي دنيا جي مسلمانن جو سعودي عرب سان هڪ جذباتي لاڳاپو رهيو آهي.تازو ئي حرم شريف جي خالي مطاف جون جيڪي تصويرون شايع ٿيون آهن انهن کي ڏسي ڪري مسلمانن جون دليون ٽٽي ڪري رهجي وييون آهن.سعودي عرب جي هاڻوڪي معاشي بحران ۽ شاهي خاندان ۾ رنجشن جي خبر مسلمانن کي ڳڻتي ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي.



(روزاني هلال پاڪستان )