Thursday, August 30, 2018

ڪيڏانهن منهن مليرجو،ڪيڏانهن ٽنڊو الهيار!




شفيق الرحمان شاڪر
عيد جي ٽئين ڏينهن سنڌ جو وڏو وزير سائين مراد علي شاه ڳڙهي خدابخش ۾  شهيدن جي قبرن  تي گلن جون چادرون چڙهائڻ بعد جڏهن ٻاهر نڪتو ته صحافي  انتظار ۾ هئا ته سائين جڏهن لفظن جي گلپاشي ڪرڻ فرمائيندا ته سندس نظرن سامهون سنڌ جي صدين جا اهي سور صدما هوندا جن سنڌ جي سريڙ کي سوڙهو ڪري رکيو آهي،ٿر جي معصوم ٻارن جا اهي ڏٻرا ڏيل هوندا جن کي مناسب خوراڪ ميسر نه هئڻ سبب طرحين طرحين بيمارين پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي رکيو آهي.سندس ڪنن ۾ انهن بي پهچ مائرن جون آهون ۽ دانهون گوجنديون هونديون جيڪي پري ٻهراڙين ۾ ويم جي سهوليت نه هئڻ سبب رستي ۾ ئي بيوسيء سان پنهنجون کڙيون رڳڙي دم ڌڻيء حوالي ڪيو ڇڏين. سنڌ جي ڏڪار ستايل ڪوهستان،ڪاڇي ۽ ٿر جي غريب ماروئڙن جون پڪارون هونديون جن جو جيون جنجال بڻجي چڪو آهي.عيد ته سائين سڳوري به ملهائي هوندي،وڏي اهتمام ۽ احتشام سان،وڏي ناز ۽ نزاڪت سان،وڏي شان ۽ شوڪت سان جو سرڪاري عيد جا ڪجهه مزا ئي ٻيا آهن پر سنڌ جا اهي لکين ابهم وجود جيڪي سڄو سال عيد جي انتظار ۾ گھارڻ بعد هن عيد تي به نوان ڪپڙا خريد ڪري نه سگھيا.سندن معصوم چهرن تي هينئر به ڪا خوشين جي جوت جرڪي نه سگھي.اهي جيڪي هميشه کان ويڳاڻا هئا ۽ هيء عيد به بين عيدن جيان سندن ويڳاڻپ وڌائي گذري ويئي.جڏهن اکين تي رنگين عينڪون چڙهيل هجن ته هر طرف موسم مستانو ۽ سهانو نظر ايندو آهي.ازل کان بي روزگاري،بک،بدحالي ۽ بيمارين ۾ ورتل هن قوم جا حڪمران جنهن  ٺٺ ٺانگر ۽ دٻدٻي سان زندگي گھارين ٿا انهيء کي ڏسي ڪري اهو احساس ٿيڻ لڳي ٿو ته شايد  اذيت ۾ ورتل هن انسانيت جو درد دلين ۾ پيدا ٿيڻ ۾ اڃا خبر ناهي ڪيترين صدين جي مسافت وچان حائل آهي.جتي درد جو احساس ئي ختم ٿي وڃي ۽ حڪمران پنهنجي خود غرضين جي قلعي ۾ پنهنجو پاڻ کي بند ڪري خود کي مامون ۽ محفوظ سمجھڻ لڳن اتي ته رڳو مڪافات عمل جو ڪو هنٽر ئي پنهنجا ڪرتب ڏيکاريندو آهي.قوم جي دلين ۾ مايوسين جي موجون هڻندڙ سمنڊ جو نظارو ڪرڻو هجي ته انهن جي هڪڙي ئي متفقه جملي تي غور ڪرڻ گھرجي ته “ادا! ڪنهنجي به حڪومت اچي،اسان غريبن کي ان مان ڇا ملڻو آهي؟”هي جملو توڙي جو هڪ ننڍڙو جملو آهي پر اهو پنهنجي اندر ڪيترا ئي سوال،ڪيتريون ئي معنائون ۽ ڪيتريون ئي مايوسيون سمايو وتي.غريب عوام جي انهيء سوال جو جواب حڪمرانن مان ڪنهن وٽ به ڪونهي.ها،انهن وٽ حسين وعدن جا تاج محل ۽ سهڻن سپنن جا رنگ برنگي منظر ضرور آهن.جن جي پويان عوام ڪجهه عرصي لاء ڊوڙي ٿو ۽ نيٺ ٿڪي ٽٽي ۽ چور ٿي ،مايوس ۽ نااميد ٿي پنهنجي قسمت کي پاراتا ۽ حڪمرانن کي گاريون ڏيئي خاموش ٿي وڃي ٿو.هتي ڪڏهن به راند ناهي بدليي رڳو مداري بدلجن ٿا،اداڪار بدلجن  ٿاپر اسڪرپٽ نٿو بدلجي.چهرا بدلجن ٿا پر نظام نٿو بدلجي.لوڪ جن جي زور تي هي سمورو زور ڪٺو ڪن ٿا اهو ئي زور انهن ئي لوڪن خلاف استعمال ٿيڻ لڳي ٿو.هيء آخر ڪهڙو انوکي نوعيت جو جمهوري راڄ آهي جتي جمهور جي نالي ۾ صرف جمهور ئي پيڙهبو رهي ٿو.ڪوته ٻڌائي ته جمهور اڄ جنهن ڪسمپرسي ۽ ڪرب واري حالت جو شڪار آهي ان جو ذميدار ڪير آهي؟هتي ته هرڪنهن کي پارسائيء جي دعويٰ آهي،هرهڪ فرشتو بڻيو وتي،هرڪو عوام جي درد ۾ دکندو،سڙندو ۽ ٻرندو ٿو نظر اچي ته پوء عوام کي ڪو اهو ته ٻڌائي ته سندن سورن ۽ صدمن جو سهرو ڪنهن جي سر سجائجي؟سندن ڏکن ۽ ڏولاون  جو الزام ڪنهن کي ڏجي؟سو ڳالهه پئي ڪئيسين وڏي وزير جي لفظن جي گلپاشيء جي ته سائين جن فرمايو ته هڪ ته سنڌ جي ماڻهن هن دفعي  سندس پارٽيء کي ماضيء جي ڀيٽ ۾ اڃا به گھڻا ووٽ ڏنا.ڏاڍو سٺو! شايد سائين جن اهو ٻڌائڻ يا ثابت ڪرڻ پيا گھرن ته سندس حڪومت سنڌ جي ماڻهن جي ايتري ته خدمت ڪئي آهي جو ماڻهن هن دفعي اکيون پوري پي پي کي ووٽ ڏنا آهن.يا وري سندن مطلب اهو هجي ته پي پي مخالف سياسي ڌريون ڀلي ڪيترو به زور هڻڻ پر سنڌين جي پارٽي رڳو پيپلز پارٽي ئي رهندي يا وري اصل واڳ ڌڻين کي اهو پيغام ڏيندا هجن ته پي پي قيادت خلاف ڪنهن به ممڪنه ڪاروائيء جي صورت ۾ سنڌ مان هڪ عظيم الشان ردعمل اچي سگھي ٿو جو سنڌ جا سمورا ماڻهو پي پي تي ساهه ڏيڻ لاء تيار ويٺا آهن.ٻي ڳالهه جيڪا سائينء وڏي پنهنجي گفتگوء ۾ فرمائي سا اها ته نواز شريف خلاف انتقامي ڪاروائي ٿي رهي آهي جنهنجي خلاف سنڌ اسيمبليء ۾ زبردست آواز اٿاريو ويندو.سائين جن جي اها ڳالهه اسان جي عقل کان مڙيئي ڪجهه سوائي آهي.هي اوچتو ئي اوچتو شاهه صاحب جي من ۾ ميان نواز شريف جي لاء محبت ۽ همدرديء جو جذبو اوچتو رات وچ ۾ ڪيئن جاڳي پيو.نواز شريف جي پورن پنجن سالن جي دور حڪومت ۾ ته سائين وڏو ڏينهن رات سنڌ جي سموري تباهي ۽ بدحاليء جو ذميدار ان حڪومت کي قرار ڏيندو رهيو.سندس ئي چوڻ مطابق مرڪز سنڌ جي صوبائي معاملن ۾ نه رڳو اجائي مداخلت ڪندو رهيو پر سنڌ جي حصي جا فنڊ به سندس حڪومت کي مهيا نه ڪيا ويا.اڄ جيڪر شاهه صاحب کي نواز شريف گھڻو مظلوم ۽ قابل رحم نظر اچي رهيو آهي ته ڇا ٿو چئي سگھجي؟پر سوال اهو آهي ته سنڌ اسيمبلي سنڌ جي اهم ۽ بنيادي مسئلن متعلق ماضيء ۾ ته ڪوبه طاقتور آواز نه اٿاريو ۽ هاڻي جيڪر ڪو پهريون آواز اٿارڻ جي ڳالهه ڪئي پيئي وڃي ته اهو آواز آهي عدالتن پاران ڪرپشن ثابت ٿيڻ تي سزا کاڌل هڪ قيديء لاء جنهن جي حق ۾ سندس پنهن جو ڀاء به ڪو گھڻو گوڙ نه ڪري رهيو آهي.سو سمجھي ته ويا هوندا ته اصل ۾ اهو آواز اٿارڻ پويان مقصد ڪهڙو ٿي سگھي ٿو؟سنڌيء جي چوڻيء مطابق “پٿر پرائو ،سور پنهنجا.” وارو معاملو آهي.مطلب ته “خبردار! هن طرف هٿ ڊگھو نه ڪجو نه ته اسان سڀ هڪ ٿي وينداسين.” پر خوشقسمتي يا بدقسمتيء سان احتساب جو بوتل مان ٻاهر نڪتل جن واپس بوتل ۾ نه ويندو،اهو جن وڏي بيرحميء سان گھڻن جا هان ڏاريندو ۽ ڦاڙيندو نهايت ئي تيزرفتاريء سان اڳتي وڌندي نظر اچي رهيو آهي توڙي جو ان عمل دوران خود ڪپتان جي حڪومت ئي ڍير ڇونه ٿي وڃي.سائينء کي هروڀرو هچائن ۾ هٿ وجھڻ ۽ وفاق سان هينئر کان ئي مهاڏو اٽڪائڻ جو جنون ڇو سوار ٿيو آهي،سو سمجھه ۾ نٿو اچي.سنڌ جي ماڻهن پنهنجي نمائندن کي ان لاء چونڊي سنڌ اسيمبليء ۾ نه موڪليو آهي ته اهي اتي وڃي ٻين جي پراڪسي جنگ وڙهن،سنڌ جا ٻيا مسئلا کٽي ويا آهن جو سنڌ اسيمبليء ۾ سياسي مظلومن جو ماتم ڪجي.هي ڪهڙي قسم جا عوامي نمائندا آهن جو اسيمبلين ۽ اقتدار ۾ پهچندي ئي اهي پهريون ڪلمون اهو پڙهندا آهن ته “ شڪر رب جو، جو پنجن سالن لاء عوام مان جان ڇٽي!“

ٽين ڳالهه جيڪا شاهه صاحب فرمائي سا اها ته اسان ڏسنداسين ته“ عمران خان ايندڙ سو ڏينهن ۾ ڪهڙي ڪارڪردگي ٿو ڏيکاري؟“ ڪيڏو نه خوبصورت جملو آهي سنڌ جي واڳ ڌڻيء جو.يعني سائين جن پنهنجو سمورو ڪم ڇڏي رڳو عمران خان جي ڪارڪردگي چيڪ ڪندا.عمران خان کي سو ڏينهن جي مهلت ڏيڻ واري سخا تي صدقي پر سائين جن اهو به ته ٻڌائين ته سنڌ تي گذريل ڏهن سالن کان بنان ڪنهن ڀائيواريء جي پي پيء جي حڪومت رهي آهي ۽ هينئر به عددي لحاظ کان هڪ مضبوط حڪومت موجود آهي،ڪجهه انهيء ڪارڪردگيء تي به ته روشني وجھو.عمران خان کي ڇڏي ڏيو جيڪر صحيح ڪيائين ته ان جو ڪو فائدو اوهان کي ناهي ملڻو پر جيڪر غلط ڪيائين ته ان جو ڪو ڪو نقصان اوهان جي کاتي ۾ ناهي اچڻو.اوهان وٺو پنهنجي حڪومت جي ڪارڪردگيء کي. هآڻي ماڻهن ۾ وڌيڪ صعوبتون ۽ سختيون سهڻ جي سگھه نه رهي آهي.اوهان کي جيڪر سنڌ جي ماڻهن هڪ دفعو وري موقعو ڏنو آهي ته آڪڙجڻ بدران انهن سٻاجھڙن جو سچيء دل سان شڪريو ادا ڪيو ۽ انهن جي اهنج،ايذائن ۽ آزارن کي گھٽائڻ جي سچيء دل سان ڪوشش ۽ محنت ڪيو.صوبي جي ادارن کي فعال،مستحڪم،مضبوط ۽ مفيد بنايو،وزيرن ،مشيرن ۽ عملدارن کي عوام جي حقيقي خدمت لاء تيار ۽ پابند ڪيو،وفاق کان سنڌ جا جائز حق وڏي واڪي گھري وٺو.هي توهان ڪهڙن مسئلن ۾ ڦاسي ويا جن جو نه منهن نه مٿو.ڪيڏانهن منهن ملير جو ڪيڏانهن ٽنڊو الهيار!
(روزاني عوامي آواز 27 آگسٽ 2018ع)

Tuesday, August 28, 2018

عمران خان جو سنڌ سان ڪهڙو رويو رهندو؟




شفيق الرحمان شاڪر
ميان نواز شريف جي ٽنهي حڪومتي دورن ۾ سنڌ سان مجموعي طور تي جيڪو ماٽيلي ماء وارو سلوڪ رهيو اهو سنڌ جي ماڻهن کي وسري نٿو سگھي البت سنڌ جي ماڻهن جي حقيقي نمائندگيء جي دعويدار پاڪستان پيپلز پارٽيء کي نون ليگ جي اهڙين پاليسين ۽ روين تي ڪا خاص ڳڻتي يا ناراضگي نه رهي آهي.اهو هينئن جو جڏهن به نون ليگ تي ڪو ڏکيو وقت آيو ته پي پي قيادت وڏي خوشيء سان هر وقت پنهنجون خدمتون پيش ڪيون ۽ هن وقت به هڪ ٻئي تي نقلي تنقيد باوجود پيپلز پارٽي پارليامينٽ توڙي پارليامينٽ کان ٻاهر ساڳي نون ليگ جو ساٿ ڏيندي نظر اچي ٿي.ميان نواز شريف جي دور ۾ سنڌ سان جيڪي به ڏاڍايون ۽ ناانصافيون ٿينديون رهيون انهن جي خلاف نه ته پي پي جي سنڌ حڪومت ڪو موثر آواز بلند ڪيو ۽ نه ئي پي پي سان تعلق رکندڙ اپوزيشن ليڊر ڪڏهن ڪو باقائدي احتجاج ڪيو.انهن احتجاج ضرور ڪيو پر ڪڏهن رينجرز جي اختيارن متعلق ته ڪڏهن ڊاڪٽر عاصم ۽ شرجيل ميمڻ جي گرفتاريء خلاف  يا وري نيب جي ڪاروائين خلاف.سنڌ جا ڪئين اهم ۽ بنيادي مسئلا جن تي پي پي جي سنڌ حڪومت ۽ وفاق ۾ اپوزيشن  سخت دٻاء وجھڻ واري پوزيشن ۾ هئڻ باوجود مفاهمت جي ماکيء وارو مربو کائي نون ليگ سان هٿ هٿ ۾ ملائي،چپ جو روزو رکي، سياسي ناچ نچندي رهي.ان ڪري  جو سامهون سنڌ جي عوام جا مفاد نه پر هڪٻئي جا مفاد رهيا.مثال؛ سنڌ کي ڪڏهن به پنهنجي مقررحصي جو پاڻي نه مليو،سنڌ جي شاهراهن جهڙوڪ سپرهاء وي وغيره تي وفاق ناجائز قبضو ڪري انهيء تي غيرآئيني ۽ غيرقانوني ڳاٽي ٽوڙ ٽيڪس عائد ڪري ڇڏيا پر نه ته سائين مراد علي شاه ڪجهه ڪڇيو ۽ نه ئي سائين سکر وارو ڪا تقرير ڪري سگھيو.اهڙيء طرح اين ايف سي ايوارڊ مان سنڌ کي پنهنجو مقرر حصو صحيح نموني نه ملي سگھيو،وفاقي کاتن ۾ موجود نوڪرين ۾ سنڌ جي ڪوٽا تي عمل نه ٿيو ۽ سڀ جون سڀ نوڪريون پنجاب جي جھوليء ۾ وڌيون وييون.اهڙيء طرح وفاقي حڪومت جي اهم عهدن تي به سنڌ جي نمائندگيء کي مڪمل نظرانداز ڪيو ويو.وفاقي ترقياتي منصوبن توڙي ميگا پروجيڪٽس ۾ ڏسي وائسي سنڌ کي نظرانداز ڪيو ويو.سنڌ جي نوجوانن کي بيروزگاريء جي ڌٻڻ ۾ ڌڪيو ويو.ايستائين جو غيرملڪي اسڪالرشپس تي به شاگردن کي اعليٰ تعليم لاء ٻاهر موڪلڻ واري معاملي ۾ به سنڌ جي نوجوانن سان ماٽيلي ماء وارو سلوڪ جاري رهيو.ڪڏهن به وفاقي حڪومت سنڌ خاص طور تي سنڌ جي پوئتي پيل علائقن لاء ڪو وڏو ترقياتي پيڪيج نه ڏنو.ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ بجليء جو بحران ايترو ته شديد رهيو جو سنڌ جي ماڻهن جو نه رڳو آرام ۽ سڪون ئي برباد ٿي ويو پر سندن معاشي قتل عام ڪيو ويو.حڪومتي توڙي رياستي اهم عهدن مان ڪوبه عهدو سنڌي ڳالهائيندڙ شخصيتن کي نه ڏنو ويو.نواز شريف جي آخري دور حڪومت ۾ توڙي جو ممنون حسين کي صدر جو عهدو ڏيئي سنڌ تي ٿورو جتايو ويو پر حقيقت اها آهي ته ممنون حسين سنڌي اسپيڪنگ  نه هو .هن کي ان ڪري صدر نه بنايو ويو هو جو هن جو تعلق سنڌ سان هو بلڪه هن کي رڳو ان ڪري صدر بنايو ويو جو هو ميان نواز شريف جو حد کان گھڻو وفادار هو.ان کان اڳ جي نواز شريف واري دور حڪومت ۾ صدر به پنجاب مان کنيو ويو هو.اهڙيء طرح قومي اسيمبليء جو اسپيڪر به گذريل دور ۾ پجاب مان ئي هو.اهڙن فيصلن ذريعي سنڌ اندر موجود احساس محروميء کي گھٽائڻ بدران اڃا ان کي وڌيڪ هثي وٺائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي.اهو سڀ ڪجهه شايد رڳو ان ڪري ڪيو ويو جو سنڌ جي ماڻهن ميان نواز شريف کي ووٽ نه ڏنا هئا جنهن جي ڪاوڙ هو هروقت سنڌي ماڻهن مان ڪڍندو رهيو.وزيراعظم جي حيثيت ۾ ميان صاحب سنڌ جي عوام سان مڪمل طور ڪٽيل رهيو.هن سنڌ جي نالي ماتر دورن دوران جن به ترقياتي پيڪيجز جا اعلان ڪيا انهن تي اڄ تائين عمل نه ٿي سگھيو.سنڌ جون سرڪاري زمينون هڪ طرف طاقتور قبضا مافيا جي قبضي ۾ اچي وييون ته ٻئي طرف وفاقي سرڪاري ادارن اهي ناجائز نموني ڦٻائي ورتيون. سنڌ جي پي پي حڪومت خاموش تماشائي بڻيل رهي جو انهن جي بااثر وزيرن ۽ مشيرن کي پنهنجو مقرر سڻڀو حصو ملندو رهيو.وفاقي حڪومت طرفان شروع ڪيل مختلف اسڪيمون جهڙوڪ هيلٿ ڪارڊ وغيره جي سهوليت کان سنڌ کي محروم رکيو ويو.سنڌ مان نڪرندڙ تيل ۽ گئس جي رائلٽي صحيح طرح سنڌ کي نه ملي سگھي ۽ نه ئي اهڙين سرڪاري توڙي نجي ڪمپنين ۾ سنڌ جي مقامي ماڻهن کي روزگار ملي سگھيو ۽ نه ئي اهڙن علائقن جي ترقيء تي انهن ڪمپنين ڪو ڌيان ڏنو.جتي اهڙين سمورين ڏاڍاين لاء سنڌ حڪومت ذميدار آهي اتي وفاقي حڪومت ان کان وڌيڪ ذميدار آهي.ٻئي طرف دعوائون اهي ٿينديون رهيون ته ميان نواز شريف هڪ قومي ليڊر آهي ۽ نون ليگ پوري ملڪ جي وڏي ۾ وڏي سياسي پارٽي آهي.پر حقيقت اها آهي ته ميان صاحب جي حڪومتن ۾ سنڌ سان انتقامي رويو اختيار ڪيو ويو.هنن سمورين ڳالهين ڪرڻ جو مقصد اهو ته هن وقت ميان صاحب جي حڪومت نه رهي آهي ۽ هاڻي ٽن صوبن سان گڏوگڏ وفاق ۾ به عمران خان جي حڪومت آهي جيڪو پهرئين ڏينهن کان تبديلي،ديانتداري ۽ انصاف جون دعوائون ڪندو رهيو آهي.غريب ۽ ڪمزور طبقن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جون ڳالهيون ڪندو رهيو آهي.ڏتڙيل عوام جي زندگيء جو معيار بهتر بنائڻ جو عزم ظاهر ڪري رهيو آهي.سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته عمران خان جو سنڌ سان ڪهڙو رويو رهندو جتي هن کي ووٽ ناهن مليا.ڇا هو به ميان نواز شريف واري طور طريقي تي عمل ڪندي سنڌ کي نظرانداز ڪري  ڇڏيندو يا هو اهڙا مثبت قدم کڻڻدو جن سان ايندڙ مستقبل ۾ سنڌ جي ماڻهن جو سندس پارٽيء تي اعتماد بحال ٿئي  ۽ تحريڪ انصاف سنڌ جي هڪ موثر ۽ چست سياسي قوت ٿي اڀري سگھي.سنڌ جون حالتون نهايت ئي ابتريء جو شڪار آهن.ماضيء جي حڪومتن پوء اهي پي پي حڪومتون هجن يا ٻيون حڪومتون انهن سنڌ کي اڳتي وڌائڻ بدران سنڌ جي حالت وڌيڪ خراب ڪئي آهي.سڄو حڪومتي ڍانچو ۽ سرشتو ئي تباهه ۽ برباد ٿيل آهي.پوري سنڌ کنڊرن ۾ تبديل ٿي چڪي آهي.ماڻهن جي سياسي،سماجي،تعليمي ۽ معاشي حالت ماتم ڪرڻ لائق آهي.جيڪر عمران خان سنڌ ۽ سنڌ جي عوام کي رڳو سنڌ جي پي پي حڪومت جي رحم ڪرم حوالي ڪري سنڌ سان رڳو رسمي تعلق رکي ٿو ته پوء چئبو ته عمران خان کي به ماضيء جي ٻين حڪمرانن جيان رڳو انهن علائقن سان دلچسپي آهي جتان انهن کي ووٽ جي لالچ آهي.ڪراچيء لاء ضرور ترقياتي پيڪيج اچڻ گھرجن ۽ اهو پئسو دياندراريء سان ڪراچيء جي ترقي ۽ سڌاري لاء ضرور خرچ ڪرڻ گھرجي جو ڪراچي به سنڌ جو حصو آهي پر رڳو ڪراچي ئي سڄي سنڌ ناهي.سنڌ جي ٻهراڙين ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن طرف به گھڻي ڌيان ڌيڻ جي ضرورت آهي.اصل غريبن جي اڪثريت ته رهي ئي ٻهراڙين ۾ ٿي سو ٻهراڙيء ۾ رهندڙ ماڻهن جي حالت بهتر بنائڻ سواء ترقي ۽ تبديليء جون دعوائون رڳو فضائن ۾ ٽنگيل رهنديون.عمران خان کي اها ڳالهه هاڻي وساري ڇڏڻ گھرجي ته هن کي ڪنهن ووٽ ڏنا ۽ ڪنهن ووٽ نه ڏنا.هن کي اهو ثابت ڪرڻ گھرجي ته هو پوري پاڪستان جو وزيراعظم آهي جنهن ۾ سنڌ به شامل آهي.ماضيء جي حڪومتن سنڌ سان جيڪي ناانصافيون ۽ ڏاڍايون ڪيون آهن انهن جي تلافي  ضرورڪرڻي پوندي ٻي صورت ۾ سنڌ جي ماڻهن کي عمران خان جي قيادت مان به ٻين حڪمرانن جيان  سخت مايوسي ٿيندي.
(روزاني جيجل 25 آگسٽ 2018)

Saturday, August 25, 2018

ٻين کان ڪهڙيء طرح ڪم وٺي سگھجي ٿو؟



شفيق الرحمان شاڪر
دنيا ۾ ڪنهن کان ڪم وٺڻ جو ڪهڙو طريقو آهي؟ هڪڙو ئي طريقو سو اهو ته ٻين کي ڪم ڪرڻ لاء ذهني طور تي آماده ۽ راضي ڪيو وڃي بجاء ان جي جو انهن کي ڪنهن ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.انهيء ۾ شڪ ناهي ته ڪنهن جي ڪنوٽيء تي پستول رکي وٽانئس سندس موبائيل فون يا گھڙي ته کسي سگھجي ٿي،پنهنجن ماتحتن ۽ ملازمن کي نوڪريء مان ڪڍڻ جي ڌمڪي ڏيئي وقتي طور تي سندن تعاون حاصل ڪري سگھجي ٿو،ڪنهن ٻار کي جٺ ڦٺ ڪري ۽ دڙڪا ڏيئي پنهنجي مرضيء جو ڪم وٺي سگھجي ٿو پر ان قسم جا اڻ وڻندڙ طريقا نهايت ئي ناڪاري نتيجا ڏين ٿا جن جا منفي اثر گھڻي عرصي تائين جاري رهن ٿا.ان ڪري ڪنهن کان ڪم وٺڻ جو موثر ۽ بهترين طريقو اهو آهي ته ان ماڻهوء ۾ ڪم ڪرڻ لاء ذهني آمادگي پيدا ڪجي.هاڻي سوال اهو آهي ته ڪنهن ماڻهوء ۾ ڪم جي لاء ذهني آمادگي ڪيئن پيدا ڪئي وڃي؟ مشهور ماهر نفسيات              “ سگمڊ فرائيڊ” جي ڇوڻ مطابق “ اسان کي ڪم ڪرڻ لاء گھڻو ڪري ٻه ڳالهيون متحرڪ ڪنديون آهن؛هڪ ته جنسي جذبو ۽ ٻي عظيم بنجڻ جي خواهش.” ڊاڪٽر ڊيويء جي چوڻ مطابق؛           ڪنهن انسان اندر سڀ کان وڏي خواهش پنهنجو پاڻ کي نمايان ۽ مشهور ڪرڻ جي خواهش هوندي آهي.” وليم جيمز جي خيال مطابق؛ “ انساني فطرت ۾ ان ڳالهه جي وڏي اهميت هوندي آهي ته ان جي اصولن ۽ ڪمن جي ماڻهو دل کولي ساراهه ڪن.”
انسان ۽ جانور جي وچ ۾ اهم ۽ مشهور بنجڻ جي خواهش  ۽ احساس جو ئي بنيادي فرق آهي.انهيء احساس جي موجودگيء جي نتيجي ۾ ئي انساني تهذيب ارتقا جون مختلف منزلون طيء ڪري ترقيء جي آسمان تي پهتي آهي.اهم بنجڻ جي خواهش ئي هڪ معمولي غريب ڪلارڪ کي جيڪو هڪڙي دوڪان تي نوڪري ڪندو هو تنهن کي قانون جا ڪجهه ڪتاب خريد ڪرڻ تي مجبور ڪيو جيڪو اڳتي هلي آمريڪا جو صدر بڻيو جنهن کي تاريخ ابراهم لنڪن جي نالي سان ياد ڪري ٿي.پاڻ کي نمايان ڪرڻ جي خواهش ئي هئي جنهن ڊڪنز کي سندس لازوال ناول لکڻ تي همتايو.انهيء ئي خواهش سر ڪرسٽوفر کي پٿر مان هڪ سازينو ايجاد ڪرڻ تي اڀاريو.انهيء ئي خواهش جي پورائي لاء راڪ فيلر ڪروڙين روپيا ڪٺا ڪيا پر پوري زندگي انهن مان ٽڪو به خرچ نه ڪيو.اها ئي خواهش امير ماڻهن کي پنهنجي گھرج کان وڌيڪ وڏا گھر خريد ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي.اها ئي خواهش اسان کي نت نوان لباس پهرڻ،قيمتي جوتا پهرڻ،وڏين وڏين گاڏين ۾ گھمڻ ۽ سماجي محفلن ۾ شريڪ ثيڻ تي مجبور ڪري ٿي.اها ئي خواهش ڪيترن ئي نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي ڏوهاري سرگرمين طرف ڇڪي وڃي ٿي ته جيئن وڏن نامي گرامي ڏوهارين جيان سندن تصويرون به اخبارن جي مکي صفحن تي ڇپجن ۽ سندن ذڪر ٽي وي توڙي ماڻهن جي محفلن ۾ ٿي سگھي.انهيء خواهش جي تڪميل ۾ ئي ئي ماڻهو وڏا وڏا خيراتي ادارا قائم ڪري پنهنجن نالن سان منسوب ڪندا آهن.تاريخ ۾ اهڙا بيشمار مثال موجود آهن جن مان معلوم ٿئي ٿو ته ماڻهو پنهنجي مشهوري ۽ شهرت لاء ۽ پنهنجي اهميت جتائن لاء ڇا ڇا جتن ڪندا رهيا آهن.مثال جارج واشنگٽن جي اها خواهش هوندي هئي ته کيس “ هز مائيٽي” چئي سڏيو وڃي جڏهن ته ڪولمبس پنهنجي لاء “امير البحر ۽ وائسراء آف انڊيا” جا لقب پسند ڪندو هو.
ان ڳالهه تي حيرت نه هئڻ گھرجي جو ڪجهه ماڻهو پنهنجي اهميت جتائڻ ۽ ماڻهن جو ڌيان پنهنجي طرف ڇڪائڻ لاء ذهني مريض بڻجي وڃن ٿا.جيڪر چرين جي اسپتالن جو دورو ڪري اتي موجود ذهني مريضن سان ملاقات جو شرف حاصل ڪجي ته اتي موجود مريضن جي اڪثريت پنهنجو پاڻ کي ڪنهن ملڪ جو صدر،وزيراعظم،ڪو مشهور فلمي اداڪار يا ڪو مشهور ڌاڙيل وغيره سڏائيندي نظر ايندي.هن وقت آمريڪا ۾ ٻين سمورن مريضن جي ڀيٽ ۾ ٻيڻ تي رڳو ذهني مريض آهن.هڪ ترقي يافتا ملڪ ۾ ايڏي وڏي پيماني تي پکڙجندڙ ذهني مرضن جا سبب ڪهڙا آهن؟انهيء سوال جو ڪو مطئمن ڪندڙ جواب توڙي اڃا نه اچي سگھيو آهي پر حقيقت اها آهي ته ڪيتريون ئي ذهني حالتون جهڙوڪ نروس بريڪ ڊائون ۽ دماغي سيلن جو ڪمزور ٿيڻ وغيره اهڙين ذهني بيمارين جو سبب ضرور بڻجن ٿيون.اهي ماڻهو انهن ذهني حالتن جو شڪار آخر ڇو ٿا ٿين؟ ڊاڪٽر ان باري ۾ ڪا حتمي راء ته قائم نه ڪري سگھيا آهن پر اهي ان ڳالهه تي متفق آهن ته انهن مان گھڻا رڳو ان ڪري ذهني مريض بڻجن ٿا ته جيئن اهي پنهنجي اهميت جو احساس ڏياري سگھن جيڪا اهميت انهن کي حقيقتن جي دنيا ۾ نه ملي سگھي.ان سموري بحث جو تت اهو ته هر انسان  ۾فطري طور تي پنهنجو پاڻ کي نمايان ڪرڻ ۽ پنهنجي اهميت جتائڻ جي خواهش وڏي پيماني تي موجود رهي ٿي ۽ جيڪر انهن جي محنت کي نمايان ڪرڻ ۽ کين اهميت ڏيڻ جي ڪوشش ڪجي ته هنن کان آسانيء سان پنهنجي مرضيء موجب ڪم وٺي سگھجي ٿو.جڏهن اسان ڪنهن ماڻهوء جي ڪم ۽ سوچن جي جائز تعريف ڪندا آهيون ته هن جي اندر موجود ان خواهش کي تسڪين ملندي آهي ۽ هو محسوس ڪرڻ لڳندو آهي ته کيس اهميت ڏني پيئي وڃي،انهيء سان منجهن ڪم ڪرڻ جو جذبو ۽ آمادگي وڌي وڃي ٿي.پر اسان مان گھڻا ماڻهن جي مناسب حوصلا افزائي ۽ تعريف ڪرڻ بدران هر وقت انهن تي اجائي تنقيد ۽ نڪته چيني ڪندا رهندا آهن.ڪنهن کي برو ڀلو چوڻ سان منجھس ڪم ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪري نٿو سگھجي بلڪه اهڙي رويي سان ڪم ڪندڙ جي ڪارڪردگيء تي الٽو ناڪاري اثر پوي ٿو.پر اسان سڀ ڇا ڪندا آهيون؟ اسان کي جيڪر پنهنجي ماتحت،ملازم يا ٻارن جو ڪو ڪم پسند نه ايندو آهي ته انهن جي سهڻي نموني رهنمائي ڪرڻ بدران کين سخت ڇنڊ پٽي ويهندا آهيون.ڪنهن پوڙهي جي چوڻ موجب جڏهن مون سوين سٺا ڪم ڪيا ته ڪنهن هڪڙي شخص به مون کي ان تي شاباس نه ڏني پر جڏهن مون هڪڙو غلط ڪم ڪيو ته سوين ماڻهن نڪته چينيء سان منهنجو حشر نشر ڪري ڇڏيو.
ايڊورڊ ڪارنيگيء جي عادت هئي جو هو نه رڳو ماڻهن جي منهن تي پر انهن جي پرپٺ به سندن تعريف ڪندو هو ۽ شايد اهو ئي سندس ڪاميابيء جو اصل راز هو.اسان پنهنجن ٻارن ۽ ڪٽنب وارن جي جسماني نشو نما ۽ واڌ ويجھه جو ته گھڻو خيال رکندا آهيون پر ڇا اسان ڪڏهن سندن جائز تعريف ڪري سندن ذهني نشو نما جوبه بندوبست  ڪيون ٿا؟ ٻارن جي جيڪر ننڍي هوندي کان ئي جائز تعريف ۽ حوصلا افزائي ڪئي وڃي ته وڏي هوندي نه رڳو انهن ۾ عظيم خود اعتمادي پيدا ٿئي ٿي  پر سندن دلين ۾ اسان لاء عزت ۽ احترام جو جذبو به هميشه قائم رهي ٿو.جن گھرن،اسڪولن ۽ ٻين ادارن ۾ ٻارن کي ڳالهه ڳالهه تي ٽوڪيو ۽ ڇينڀيو  وڃي ٿو  اهڙا ٻار احساس ڪمتريء جو شڪار ٿي وڏي هوندي قانون شڪني ۽ بعاوت جو رستو اختيار ڪن ٿا.پر اها ڳالهه ياد رکڻ گھرجي ته تعريف ۽ چاپلوسيء ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق آهي.چاپلوسي هڪ بناوتي ۽ منافقت ڀريو رويو آهي جيڪو ڪنهن ڪوڙي سڪي جيان نيٺ دوکو ڏيئي ويهي ٿو.چاپلوسي ۽ جائز تعريف ۾ بنيادي فرق اهو آهي جو تعريف ڪندڙ ڪنهنجي تعريف دل سان ڪندو آهي ۽ اها تعريف ڪرڻ ۾ هو سچو ۽ مخلص هوندو آهي ۽ سندس لفظن ۾ سندس دل جا سچا جذبا شامل هوندا آهن  جڏهن ته چاپلوس ٺڳ ۽ منافق هوندو آهي جيڪو پنهنجي لفظن ۾ ڪوڙ ملائي ڪو مقصد حاصل ڪرڻ گھرندو آهي.هو اصل ۾ پنهنجي ان فن ذريعي ٻين کي دوکو ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.سندس لفظن جو سندس دل ۽ جذبن سان ڪو تعلق نه هوندو آهي.چاپلوس کي لفظ ڳولهڻا پون ٿا جڏهن ته جائز تعريف ڪندڙ کي لفظن جي محتاجي ڪڍڻي ڪانه ٿي پوي بلڪه اهي لفظ ته سندس دل ۾ هر وقت موجود هوندا آهن  ۽ جذبن جي صورت ۾ سندس زبان مان بي اختيار ادا ٿيندا آهن.
حاصل مطلب اهو ته ٻين کان ڪم وٺڻ جو بهترين ۽ موثر طريقو هڪڙو ئي آهي سو اهو ته ماڻهن کي عزت ۽ اهميت ڏجي،سندن ڪم ۽ صلاحتين جي دل کولي جائز تعريف ڪجي،کين ڪم جو حڪم ڏيڻ بدران منجھن ڪم ڪرڻ جو ارادو پيدا ڪجي  ۽ سندن ڪارڪردگيء تي کين شاباس ڏيئي کين وڌيڪ ڪم ڪرڻ لاء همتائجي.
(روزاني جيجل 22 آگسٽ 2018ع)

Tuesday, August 21, 2018

مفاهمت پسندن جي گھيري ۾ آيل ڪپتان!

شفيق الرحمان شاڪر
تبديلي،احتساب ۽ عوام جي تقدير بدلائڻ جي نعرن تي ووٽ حاصل ڪري اقتدار جي اوسيئڙي ۾ بيٺل ڪپتان هن وقت پنهنجي ئي پارٽيء جي مفاهمت پسند گروپ جي سخت گھيري ۾ آيل آهي. اهي مفاهمت پسند يا ٻين لفظن ۾ مفاد پرست هر سياسي جماعت ۾ وافر مقدار ۾ موجود هوندا آهن ۽ خير سان ڪپتان جي تبديل پسند پي ٽي آئي ۾ به انهن جي کوٽ ناهي جن جي منزل مقصود صرف اقتدار ۽ اختيار جو حصول  ۽ ان جو تحفظ رهندو ٿو اچي.اهي وڏي نماڻائيء ۽ دل جي خلوص سان ڪپتان کي پنهنجا قيمتي مشورا ڏيئي رهيا آهن ته حضور والا! هن وقت پي ٽي آئي وٽ عددي حيثيت نهايت ئي ڪمزور آهي جنهن ڪري مختلف قسم جي قانون سازين ۾ کيس مخالف ڌر جي مفاهمت ۽ تعاون جي هر حالت ۾ ضرورت پوندي ان ڪري في الحال بادشاهه سلامت ڪنهن تڪڙي ۽ اڻ ڌريي احتساب ۽ وٺ پڪڙ جو خيال دل مان ڪڍي پنهنجي حڪومت کي پير کوڙڻ ڏين ۽ سڀني کي گڏ کڻي هلڻ واري “عظيم” پاليسيء تي عمل درآمد ڪن.ڏسڻ ۾ ته ان تجويز ۽ مشوري ۾ وڏو وزن محسوس ٿئي ٿو ۽ بظاهر ان ۾ عمران خان جي لاء خيرخواهي ۽ نيڪ جذبن جو اظهار ٿئي ٿو پر اصل ۾ اهو اهڙو گروپ آهي جيڪو هر صورت ۾ اسٽيٽس ڪو کي بحال ۽ زندهه رکڻ گھري ٿو.اها اها ساڳي مفاهمت آهي جنهن گذريل ڏهن سالن ۾ ملڪ جو ٻيڙو غرق ڪري رکيو آهي. مفاهمت جنهنجو مطلب اهو آهي ته توهان مون کي حاجي چئو ته آئون توهان کي نمازي چوان. مفاهمت جنهنجو مطلب اهو ته ڪو ڪنهن جي ڇيڙڇاڙ نه ڪري ۽ هڪٻئي جي ڪرپشن ۽ بدعملين تي پردو وجھجي.هڪ ٻئي کي کليل ميدان ڏجي.ان طريقي سان ئي نام نهاد جمهوري حڪومت پنهنجي آئيني مدت پوري ڪري سگھي ٿي.“سڀني کي گڏ کڻي هلڻ” وارو جملو ڏاڍو معني خيز آهي.سادن لفظن ۾ چور ۽ ڀاڳيو ساڳيء صف ۾ ويٺل هجن.بدمعاش ۽ شريف سان ساڳيو سلوڪ هجي.گذريل ڏهن سالن جي نام نهاد جمهوري دورن ۾ ملڪ جون ٻه وڏيون سياسي پارٽيون اهو ئي ته ڌنڌو ڪندو رهيون آهن.هڪ ٻئي جي ڏوهن ۽ نااهلين کي لڪائيندي هڪ ٻئي جو سهارو بڻيل رهيون آهن.اڄ اهو ساڳيو سبق ڪپتان کي به پڙهايو پيو وڃي ۽ ان ڏس ۾ ڪيترائي ڳرا ۽ معقول دليل ورجايا پيا وڃن.پر جيڪر ڪپتان انهن موقعي پرست ۽ مفادن جي پوڄاري گروپ جي اهڙي ڪنهن صلاح جي چڪر ۾ ڦاسي پيو ته اهو هن لاء سياسي موت جي برابر فيصلو هوندو. ڪپتان کي عوام ووٽ ئي ان ڪري ڏنا آهن ته هو ملڪ ۾ بنيادي نوعيت جون تبديليون آڻڻيندو، ملڪ ۽ عوام جو لٽيل پئسو واپس وٺندو ۽ طاقتورن جو اڻ ڌريو ۽ بي رحم احتساب ڪندو.اهي وعدا هن هر بار زوردار نموني پاڻ ڪيا آهن.عوام جي ان ڳالهه سان ڪا دلچسپي ناهي ته ڪپتان وزيراعظم هائوس ۾ رهي ٿو يا منسٽرس ڪالونيء۾، هو پنجاهه گاڏين جي پروٽوڪول ۾ گھمي ٿو يا پنجن گاڏين جي قافلي ۾، عوام کي سٺي گورنس کپي،سندن بنيادي مسئلن جو حل کپي،سندن مشڪلاتن ۽ مصيبتن ۾ گھٽتائي گھرجي،کين روزگار،صحت ۽ تعليم جون مناسب سهوليتون گھرجن،ملڪ جو لٽيل پئسو واپس گھرجي،طاقتور ڏوهارين لاء به قانون ايترو ئي حرڪت ۾ اچي جيترو ڪنهن ڪمزور لاء اچي ٿو.ڪپتان کي ياد رکڻ گھرجي ته وٽس غلطيء جي گنجائش بلڪل ڪانهي.سندس حڪومت پنج سال هلي يا پنج مهينا،کيس پنهنجن اصولن ۽ نظرين تي بيهڻو ئي پوندو.اهو ڪيئن ممڪن آهي ته سڀني کي هڪ ئي وقت گڏ کڻي هلي سگھجي.جنهن جي به خلاف ڪا جائز قانوني ڪاروائي ٿيندي ته اهو ته هاء گھوڙا ضرور ڪندو.جن جي به مفادن تي لت ايندي اهو رڙيون ته لازمي ڪندو.جنهنجو به احتساب ٿيندو اهو گوڙ ته ضرور ڪندو.رياستن جا معاملا رڳو مفاهمتن سان نه هلندا آهن.مفاهمت پر ڇا تي؟ تون به صحيح ۽ آئون به صحيح ته پوء آخر هنن سمورين خرابين ۽ تباهين جو ذميدار ڪير؟قوم جيڪا بکن وگھي خودڪشيون ڪري رهي آهي انهن جي ان بدحاليء جي ذميداري نيٺ ڪنهن تي ته وجھڻي ئي پوندي.ملڪ جي خالي ٿيل خزاني جو اعزاز ڪنهن نه ڪنهن کي ته ڏيڻو ئي پوندو.ڪجهه ڪاسميٽڪ قسم جي قدمن ۽ تبديلين سان عوام کي گھڻي عرصي تائين بيوقوف بنائي نٿو سگھجي.انهيء جو مطلب اهو هرگز ناهي ته ڪپتان سمورين سياسي ڌرين سان هروڀرو دشمنيون پيدا ڪري ۽ بنان ڪنهن معقول سبب جي ملڪ ۾ ڪا سياسي ڇڪتاڻ وڌي پر مطلب اهو ته بنيادي اصولن تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه هئڻ گھرجي. احتسابي ۽ تحقيقاتي ادارن کي وڌيڪ اختيار ۽ آزادي ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اهي بنان ڪنهن خوف خطري جي  حقيقي ۽ اڻ ڌريو احتساب ڪري سگھن توڙي جو احتساب جي اهڙي دائري ۾ خود وقت جي حڪومت جا وزير ۽ مشير ئي ڇونه ايندا هجن.پاڪستان جنهن سنگين معاشي بدحاليء جو شڪار آهي اتي رڳو غيرملڪي قرضن جي پئسي تي ڀاڙڻ ۽ ڪرپشن تي ضابطو نه آڻڻ جي صورت ۾ ملڪ جون معاشي حالتون مستقل بنيادن تي درست نٿيون ٿي سگھن. ٻاهران ڪيترو به پئسو آڻبو ته اهو وري ڪرپشن جي نذر ٿي ويندو ۽ ماڻهن جي حالت اها جي اها رهندي.جيڪي به طاقتور عدالتن طرفان سزا پائين ٿا انهن سان ڪنهن به قسم جي رعايت مفاهمت جي دائري ۾ نه اچڻ گھرجي.ملڪ جو لٽيل پئسو هر صورت ۾ واپس ملڪ ۾ اچڻ گھرجي.عوام کي ان ڳالهه سان به ڪا خاص دلچسپي ناهي ته ڪورٽن طرفان ڪنهن کي ڪهڙي سزا ملي ٿي ۽ ڪيترن کي جيل وڃڻو پوي ٿو.عوام جي اصل دلچسپي اها آهي ته اهڙن ڏوهارين کان ڪرپشن طور کاڌل مال واپس ورتو وڃي.سمورن قومي ادارن جي سربراهي اهڙن ماڻهن حوالي ڪئي وڃي جيڪي ايماندار به هجن ته منجهن ادارا هلائڻ جي صلاحيت ۽ قابليت به هجي.ملڪ جو هڪ وڏو مالدار طبقو ٽيڪس صحيح طرح ادا نٿو ڪري،هن وقت ان ڳالهه جي اشد ضرورت آهي ته اهڙن سمورن ماڻهن کي ٽيڪس نيٽ ورڪ ۾ آندو وڃي ته جيئن ملڪي ّخزاني کي استحڪام ملي سگھي.اهڙا سرڪاري ادارا جيڪي عوام لاء آزار بڻيل آهن انهن جي اصلاح ۽ سڌاري جي لاء به ڪنهن به قسم جي مفاهمت اصولن تي سوديبازي ڪرڻ جي زمري ۾ ايندي.احتساب جو دائرو رڳو سياستدانن تائين محدود نه رهڻ گھرجي پر بيوروڪريسي،ميڊيا،وڪيلن ۽ ججن وغيره جو به هڪجهڙو احتساب ٿيڻ گھرجي. اهڙيون سياسي  ۽ مذهبي ڌريون جن جو ڪنهن نه ڪنهن نموني دهشتگرد تنظيمن سان رابطو ۽ تعلق رهيو آهي انهن جي به چڱي نموني ڇنڊڇاڻ ٿيڻ گھرجي.ايئن نه ٿئي جو انهن کي مين اسٽريم سياست ۾ آڻڻ جي خواهش ۾ اهي وري پنهنجون پاڙون پختيون ڪري سماج لاء ناسور بڻجي وڃن.وي آئي پي ڪلچر کي گھٽائڻ سٺي سوڄ آهي پر رڳو چند نمائشي قدمن سان سماج ۾ ڪي پختيون ۽ مثبت تبديليون آڻي نٿيون سگجھن.ڪپتان کي وقت ۽ حالتن تاريخ جي جنهن موڙ تي آڻي بيهاريو آهي اتي هن کي مشڪل ترين حالتن ۾ نهايت ئي مشڪل فيصلا ڪرڻا پونداجن کان فرار جو هن وٽ صرف هڪڙو ئي رستو آهي سو آهي مفاهمت جو رستو پر اهو رستو ڪپتان جي سموري سياسي ساک کي مٽيء ۾ به ملائي سگھي ٿو.هڪ اهڙو رستو جنهن تي ماضيء جا سمورا حڪمران هلندا رهيا جنهنجي نتيجي ۾ عوام کي صرف بکون،بدحاليون ۽بيماريون ئي پلئه پييون آهن.جيڪر ڪپتان به انهن مفاهمت پسند دوستن جي ڏسيل راهه اختيار ڪري ٿو ته انهيء جو نتيجو سواء مايوسين جي ٻيو ڪجهه به ناهي نڪرڻو!
(روزاني عوامي آواز)

Thursday, August 16, 2018

بجلي نظام ۾ به تبديلي گھرجي!

شفيق الرحمان شاڪر
زندگيء جو ڦيٿو هاڻي ته بجليء جي ڪرنٽ سان ئي هلي ٿو.بجليء جو ڪرنٽ گم ٿيندي ئي ايئن لڳندو آهي ڄڻ ته ساهه ئي رڪجي ويو آهي،نه پير اڳتي ٿا کڄي سگھن ۽ نه ئي پوئتي مڙي ٿا سگھن.  بس هيڏانهن بجليء جي تارن ۾ ڪرنٽ ڊوڙيو ناهي ته جسم ۾ ايئن محسوس ٿيندو آهي ته ڪرنٽ تارن بدران رت جي نالين ۾ گردش ڪري رهيو هجي.ان جي ايندي ئي جان ۾ جان اچي وڃي ٿي ۽ اهو ڀروسو ٿيڻ لڳندو آهي ته اسان اڃا جيئرا آهيون.پر ڪجي ته ڪجي ڇا جو پنهنجي اها جان ڏينهن ۾ ڪئين ڪئين ڀيرا جسم مان ڪڍي ۽ وڌي وڃي ٿي.حڪمرانن جا وعدا فيس بڪي گرل فرينڊس جهڙا رهيا آهن جيڪي ڪڏهن به سچ نٿيون ڳالهائين ۽ حڪمران به رڳو اميدن ۽ تسلين تي اسان کي ريجھائيندا رهيا آهن.ملڪ ۾سخت سرديء جي موسم هجي يا شديد گرميء جي پر لوڊشيڊنگ جي ڪا موسم نٿي ٿئي.هن سال گرميون پنهنجي ڪمال تي پهچي چڪيون آهن،گرميء وچان هر شهريء جو پگھر نڪتل آهي اتي بجليء جي ان بحران جو حل ئي هٿ نٿو اچي.گذريل حڪومت ايندي ئي بجليء جي بحران جي خاتمي جي اعلان،وعدن،قسمن ۽ تسلين ذريعي عوام کي صبر جو روزو رکائي ڇڏيوهو،اهي پنهنجو مدو به پورو ڪري گھر اسهي پيا پر بجليء جون من مستيون جيئن جو تيئن اتي ئي موجود آهن.2018ع کي لوڊشيڊنگ جي خاتمي جو سال قرار ڏيڻ وارا پنهنجو منهن مٿو پٽڻ کان ئي واندا ناهن جو کانئن پڇجي ته “ ڪيا هوا تيرا وعده ” .پوري ملڪ ۾ عوام اعلانيل ۽ اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ کان بيزار ۽ بدحال بڻجي چڪو آهي.عملدارن کان جڏهن لوڊشيڊنگ جو سبب پڇجي ٿو ته جواب اهو ٿو اچي ته رڳو انهن علائقن ۾ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي جن علائقن ۾ بجليء چوري ٿئي ٿي يا جتي ماڻهن تي بجليء جون بقايائون رهيل آهن.اهو اهڙو عجيب منطق ۽ منفرد دليل آهي جيڪو دنيا جي ڪنهن به قانون مطابق جائز ڪونهي.جيڪر چوري ٿي رهي آهي ۽ واقعي ٿي به رهي آهي ان کي روڪڻ ڪنهن جي ذميداري آهي؟جڏهن اوهان بجلي ماڻهن کي مهانگي ڏيندا،ٺڳيء وارا ميٽر جاري ڪري ماڻهن جا بدمعاشيء سان کيسا خالي ڪندا ۽ جائز نموني بجلي استعمال ڪندڙ شهرين تي غير منصفاڻا ڊٽيڪشن بل ٿاڦي کين لکن جا بل اشو ڪندا ته پوء چوري نه ٿيندي ته ٻيو ڇا ٿيندو؟ان چوري ۽ ٺڳيء واري پوري عمل ۾ اداري جا آفيسر ۽ ٻيو عملو پاڻ ملوث هوندو آهي جيڪي پاڻ ماڻهن کي صلاحون ڏيندا آهن ته ميٽر وٺڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي،بس هر مهيني مناسب خرچي سندن کيسن ۾ وجھي ڇڏيو ۽ لامحدود بجلي بنان ڪنهن بل جي ٻاريندا رهو. انهن ظالمن غريب عوام جو حشر نشر ڪري ڇڏيو آهي.24 ڪلاڪن مان جيڪر بجلي رڳو ڏهه ڪلاڪ هلندي هجي تڏهن به اهي ئي بل ۽ اهي ئي فڪسڊ ٽيڪس وصول ڪيا وڃن ٿا.انهيء اداري ۾ ويٺل عملدار ايترا ته طاقتور آهن جو انهن جو ڪو وار ونگو به نٿو ڪري سگھي،جيڪر ڪو اعتراض ڪري ته ٻئي ڏينهن سندس بجلي ڪٽيل هوندي،جيڪر ڀلجي ڪو بحث مباحثو ڪرڻ جي غلطي ڪري ته ايندڙ مهيني ان سزا طور سندس بل ۾ هزارن جي ڊٽيڪشن به شامل ملندي.ايندڙ نئين حڪومت کي جتي ٻيا اهم چيلينج سامهون هوندا اتي بجليء جي هن نظام کي درست ڪرڻ وارو ڪم به بنيادي ڪم آهي.اداري ۾ موجود ڪرپٽ،بدديانت ۽ داداگير ٽائيپ عملدارن جو سخت احتساب ٿيڻ گھرجي ۽ انهن جي ملڪيتن ۽ اثاثن جي به ڇنڊڇاڻ ڪرڻ گھرجي ته انهن وٽ ايترو ڏوڪڙ ڪٿان آيو؟انهن اهي وڏا وڏا بنگلا ۽ گاڏيون ڪٿان آنديون؟بلن تي ايترا ته ناجائز قسم جا ٽيڪس لڳل ملندا جو صارفين جو پڙهندي ئي مٿو چڪرائجي وڃي ٿو.بجلي کاتي جا اهلڪار پاڻ کلئي عام ناجائز طور تي بجلي وڪڻن ٿا ۽ وري وڏي نڪ جي ڏاڍائيء سان بجلي چوريء جو سمورو الزام جائز طور تي بجلي استعمال ڪندڙ صارفين جي مٿي تي هڻي ويهن ٿا.بجلي چورن خلاف آپريشن ضرور ڪرڻ گھرجي پر سڀ کان پهرين ان کاتي ۾ موجود ڪرپٽ ۽ ظالم عملدارن خلاف آپريشن ٿيڻ گھرجي جن سرڪاري خزانو ڀرڻ بدران صرف پنهنجا پيٽ ڀريا آهن.انهيء سڄي کاتي جي ري اسٽرچرنگ ۽ رنيوشن ڪرڻي پوندي ۽ کاتي جي اهلڪارن سان چڱي نموني حساب ڪتاب ڪرڻو پوندو.ٻئي طرف سالن کان نصب ڪيل بجليء جو قديم نظام بلڪل تباهه ۽ برباد ٿي چڪو آهي.تارون،پول ۽ ٽرانسفارمر وغيره زبون حاليء جو شڪار آهن.اهو ئي سبب آهي جو ٿورڙي طوفان يا معمولي برسات جي صورت ۾ سڄو بجليء جو نظام ئي ويهيو رهي.ٽرانسميشن جي ان پوري نظام کي جديد بنائڻ سواء بجليء جي بحران کي ڪنٽرول ڪري نٿو سگھجي.چوريء کي روڪڻ لاء ملوث عملي خلاف قدم کڻڻ سان گڏوگڏ بجليء جي قيمت گھٽائڻ،نامناسب ٽيڪس ختم ڪرڻ ۽ ٺڳيء وارا تيز ڊوڙندڙ ميٽر هٽائڻ به ضروري قدم آهن جيڪي ايندڙ حڪومت کي هر صورت ۾ کڻڻا پوندا.جيڪر سڀني ميٽرن تي هر مهيني مقرر(فڪسڊ) هڪجهڙي رقم وصول ڪرڻ وارو نظام متعارف ڪرايو وڃي ته حڪومت جي خزاني ۾ چڱي خاصي رقم اچي سگھي ٿي ۽ چوريء جو به خاتمو اچي سگھي ٿو. مثال طور 300 يونٽن تائين بجلي استعمال ڪندڙن گھريلو صارفين لاءبلن جي لاء ڪو مناسب فڪسڊ پيڪيج هئڻ گھرجي ۽ 300 يونٽن کان مٿي بجلي استعمال ڪرڻ وارن لاء الڳ اگھه هجي.بنيادي طور تي بجليء جي لوڊ شيڊنگ جو عذاب به عام ماڻهوء کي ئي برداشت ڪرڻو پوي ٿو ته ڳرڻ بلن جي مصيبت پڻ. جيڪي طاقتور ۽ وي آئي پي آهن انهن لاء بجلي ڪو مسئلو آهي ئي ڪونه. انهن وٽ وڏا وڏا جنريٽر آهن جيڪي سرڪاري تيل تي هر وقت اسٽينڊ بائي هوندا آهن جڏهن ته اهي بنان ڪنهن ميٽر جي بي حساب بجلي استعمال ڪندا رهن ٿا.
واپڊا جي گرڊ اسٽيشنن کان نڪرندڙ لائين سان سمارٽ ميٽر لڳل هوندو آهي جنهن مان گذرندڙ بجليء جي ريڊنگ هوندي آهي ۽ انهيء حساب سان کاتي کي حساب ڏيڻو هوندو آهي.لائين لاسز جي مد ۾ به مخصوص ماهاني ڪوٽا هوندي آهي.شيڊول کان هٽي ڪري لوڊ شيڊنگ ۾کاتي جا اهلڪار چوري ڪيل يونٽ پورا ڪرڻ لاء هٿرادو لوڊ شيڊنگ ڪري عوام کي عذاب ۾ مبتلا ڪندا رهن ٿا.هاڻي هڪ عام ماڻهوء لاء بجلي چوري ڪرڻ اهڙو آسان ڪم نه رهيو آهي،بجليء جي چوري يا ته بااثر ماڻهو ڪن ٿا يا وري انهيء چوريء ۾ بجليء جا اهلڪار پاڻ ملوث آهن.بجليء چوريء مان حاصل ٿيندڙ اهو ناجائز پئسو هيٺان کان مٿي تائين وڃي ٿو.هر مهيني باقائدي منٿليون ٻڌل آهن.ڪجهه ڏينهن اڳ ملتان جي هڪ لائين سپرينٽينڊنٽ جي باري ۾ اها خبر شايع ٿي آهي ته هو ڪروڙن جي ملڪيت جو مالڪ آهي.پوري ملڪ ۾ اها ئي حالت آهي.بجليء جا ننڍا توڙي وڏا اهلڪار هر هنڌ لاجواب ڪرپشن ذريعي ڪروڙين روپياڪمائي رهيا آهن پر ان تي نه ته ڪڏهن سوموٽو نوٽيس ورتو وڃي ٿو ۽ نه ئي ايف آئي اي،نيب يا ڪنهن ٻئي احتسابي اداري جي ڪا نظر وڃي ٿي.
ملڪ ۾ بجليء جي بحران جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته گھرج ۽ سپلائي ڪڏهن برابر آهي ته ڪڏهن معمولي فرق آهي جيڪو ڪجهه ڏينهن ۾ پورو ٿي ويندو.اصل ۾ کاتي اندر موجود ڪارين رڍن کي رسو وجھڻ سواء بجليء جو هٿرادو بحران حل ڪري نٿو سگھجي.هڪ لائين مين کان ويندي ڊويزن سطح تي ويٺل چيف تائين سڀني جو بيرحم احتساب شروع ڪرڻ گھرجي ته جيئن غريب عوام جي لاء ڏينهن رات آزار بڻيل بجليء جي بحران مان جان ڇڏائي سگھجي.



(روزاني عوامي آواز 12 آگسٽ 2018ع)

Tuesday, August 14, 2018

جشن آزاديء ۽ سياسي منڊليء جو ماتم!



شفيق الرحمان شاڪر
انسان ته ٺهيو پرپکين ۽ جانورن کي به پنهنجي آکيرن ۽ گھرن سان انيڪ محبت هوندي آهي.مکين جي ماناري ۾ ڪو کڙو هڻي ڏسو،ڪانو جي آکيري ڏانهن ڪو پٿر اڇلي ڏسو ته اهي ڪهڙو شديد ردعمل ڏين ٿا.سو آزاد يء جو قدر انهن کان پڇجي جن وٽ پنهنجي ڪا ڌرتي ڪانهي يا جن جي ڌرتيء تي ڪنهن ڏاڍي قبضو ڪري رکيو آهي.انهيء ۾ ڪو شڪ ناهي ته وطن جي حب ايمان جو جزو آهي ۽ ڀٽائي گھوٽ جي لفظن ۾ ”حيف تنين کي هوء،وطن جن وساريو” سو 14 آگسٽ کي جيڪر ديس واسي آزاديء جي جشن طور ملهائين ٿا ۽ پنهنجن دلي جذبن جو اظهار ڪن ٿاته اهو هڪ فطري عمل آهي ۽ دنيا جون زنده قومون انهن قومي ڏڻن کي وڏي اهميت ڏين ٿيون.پر پاڪستان جي ان کان وڌيڪ بدقسمتي ٻي ڪهڙي چئجي جو اهو غريب عوام جن کي اڄ تائين آزاديء جو حقيقي ثمر پلئه نه پيو آهي ۽ جيڪي اڄ به نهايت ئي ڪسمپرسيء واري زندگي گھارڻ تي مجبور آهن اهي پنهن جن سمورن محرومين،مسئلن ۽ مصيبتن باوجود پاڪستان سان پنهنجي جان کان وڌيڪ محبت ڪن ٿا.اهو صحيح آهي ته انهن سان سدائين دوکو ٿيندو رهيو آهي،انهن جي دردن جو درمان ٿيڻ بدران سدائين سندن ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيو ويو آهي،کين زندگيء جون بنيادي سهوليتون مهيا ڪرڻ بدران سندن بنيادي انساني حقن کان به محروم ڪيو ويو آهي ،نه سندن علاج جو ڪنهن کي فڪر آهي ۽ نه ئي سندن اولاد جي تعليم جي ڪنهن کي ڪا ڳڻتي آهي.ٻيو ته ٺهيو پر ماڻهن جي اڪثريت اڄ به پيئڻ جي صاف پاڻيء جي سهوليت کان به محروم آهي.حڪومتون اچن ٿيون ۽ وڃن ٿيون،دور بدلجن ٿا،ڪڏهن اسلام جي نالي تي ته ڪڏهن جمهوريت،احتساب ۽ تبديليء جي نعرن تي هڪ قبضا گروپ حڪمران مافياجي مفادن،اقتدار ۽ اختيار جي راند جاري رهي ٿي جنهن ۾ عوام کي رڳو شطرنج جي مهرن جيان استعمال ڪيو ويو آهي تنهن هوندي به انهيء مجبور،ستايل ۽ مصيبتن جي ماريل عوام جي دلين مان پاڪستان جي محبت ڪڏهن به ماٺي نٿي ٿئي.اهي ملڪ  خلاف ٿيندڙ ڪنهن به سازش جو حصو نٿا بڻجن.ٻئي طرف حڪمران سياسي مافيا آهي جن کي هن ملڪ سڀ ڪجهه ڏنو،اقتدار،اختيار، پئسو ڏوڪڙ،عزت،شهرت ۽ سڃاڻپ پر اهي اڄ به پنهنجي ملڪ سان سچا ناهن.کين ٿوري به ڪسر نه اچي ته ملڪ ۽ رياست خلاف زهر ۾ ڀريل زبان استعمال ڪرڻ لڳن ٿا.انهن کي پاڪستان جيڪي ڪجهه ڏنو آهي اهو انهن کي ياد به نٿو رهي.اها مافيا جنهن پنهنجي مڪر ۽ ڏاڍ ذريعي پوري ملڪ ۽ ملڪي عوام کي يرغمال ۽ پنهنجو غلام بنائي رکيو آهي سا هن وقت به پنهنجي مفادن جي تحفظ جي جنگ وڙهندي نظر اچي ٿي ۽ انهيء جنگ ۾ اهي هر حد اورانگھڻ ۾ ڪا هٻڪ محسوس نٿي ڪري.انهن سان ڪهڙو ڏاڍ ۽ ستم ٿيو آهي؟ ڪهڙي زوري ۽ ظلم ٿيو آهي؟انهن جي ڪنڌ تي ڪهڙي ڪاتي هلي آهي،انهن جي هٿن ۾ ڪهڙيون زنجيرون ۽ پيرن ۾ ڪهڙيون ٻيڙيون پارايون وييون آهن؟ انهن جي پٺيء تي ڪهڙا ڪوڙا ۽ ڦٽڪا وسيا آهن؟ انهن ڪهڙا قيد تنهائي ڪٽيا آهن جو انهن جو لهجو ايڏو تيز،سندن زبانون ايڏيون زهريليون ۽ سندن لفظ ايڏا تلخ بڻجي ويا آهن.اهي بازارن جي داداگيرن وانگر ڌمڪين تي ڇو لهي آيا آهن؟ اهي چون ٿا ته ته قوم هن دفعي جشن آزادي به نه ملهائي،ديس سان محبت ظاهر ڪرڻ لاء بينر ۽ جھنڊا به نه ڦڙڪائي،عوام هنن سان گڏجي هنن جي محرومين جو ماتم ڪري.عوام جيڪو صدين کان حقيقي محرومين جي سمنڊ ۾ غوطا کائيندو رهيو ۽ سالن کان سور ۽ صدما سهندو رهيو اتي هنن جي روح کي نه ته ڪڏهن ڪا رهنڊ آئي ۽ نه ئي هنن جي ضمير کي ڪڏهن ڪا جاڳ ٿي.ٽيهه ٽيهه سال عوام مٿان عذاب الاهي بڻجي حڪمرانيء جي صورت ۾ ڪڙڪيل رهيا،انهيء عرصي دوران عوام جا ڏيل وڌيڪ ڏٻرا ۽ هنن جا پيٽ وڌيڪ پکڙبا رهيا پر پوء به هنن کي هن ديس سان شڪايتون آهن،انهن کي شڪر ڪرڻ گھرجي جو اهي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ حڪمرانيء جي اها راند نه رهيا نه ته انهن ملڪن ۾ ماڻهو انهن جو ڪڏهڪو حشر نشر ڪري چڪا هجن ها.سندن سڀ مستيون ڪڍي ڇڏين ها.اڄ اهي وڏي چالاڪيء سان دنيا جا عظيم ترين مظلوم بنجڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.ساڻن ٿين ظلمن جا داستان بيان ڪندي نٿا ٿڪن،آهون ڀريندي ۽ دانهون ڪندي نطر اچن ٿا ،روئندي ۽ رڙيون ڪندي  ڏسجن ٿا.آخر انهن سان ٿيو ڇاهي؟ عوام کين پنهنجي مرضيء سان اقتدار مان ٻاهر کڻي ڦٽو ڪيو آهي ته عوام جو اهو فيصلو قبول ڪرڻ بدران پوري ملڪ کي جنگ جو ميدان بنائڻ تي لهي پيا آهن.نه ڪو اصول آهي ۽ نه ئي ڪو نظريو، ڪيڏانهن ويئي ساڄي ڌر جي سياست ته ڪهڙي ڪن ۾ دفن ٿي کاٻي ڌر جي سياست،هن وقت “ايڪ هي صف مين کڙي هوگئي محمود و اياز“ واري صورتحال آهي.سڀ هڪ ٿي ويا جو سڀني جو درد ساڳيو ۽ سڀني جو زخم هڪجهڙو آهي.اهي پنهن جي سياسي راند هارائي چڪا آهن،عوام انهن مان پنهنجي جان آجي ڪرڻ گھري ٿو پر اهي اڃا به عوام جي جند ڇڏڻ لاء تيار ناهن.اهي ڪير ٿيندا آهن عوام کي آزاديء جو جشن ملهائڻ کان روڪڻ وارا؟ اهي عوام کي اهڙيون صلاحون ڏيڻ بدران پنهنجن پرڪارن تي غور ڪن،پنهنجن پاليسين جو جائزو وٺن،پنهنجن اصولن ۽ نظرين جو جنازو پڙهن، ڪيڏانهن پيپلز پارٽي ۽ ڪيڏانهن نون ليگ،ڪٿي اي اين پي ته ڪٿي مولانا صاحب، مطلب ته سڀ ڪجهه ملي مڪس ٿي ويو،سياسي کچڻي پچي ويئي جنهن مان هرڪو وڏي شوق سان سرڪ ڀري رهيو آهي،هرڪو منجهائن هنجون هاري رهيو آهي جو انهن جي پيرن هيٺان پهريون ڀيرو سياسي سرزمين سرڪندي محسوس ٿي رهي آهي.اهي عوام کي ڪجهه به نه ڏيئي سگھيا سواء سورن جي  . اڄ اهي عوام جي غم ۾ ڳري رهيا آهن ۽ انهن جي درد ۾ ڍڪون ڀري روئي رهيا آهن.انهن کي هن دفعي پنهنجن نام نهاد محرومين جو ماتم اڪيلو پنهنجو پاڻ ڪرڻو پوندو جو عوام وٽ پنهنجا درد ئي کوڙ آهن.پنهنجي سورن کان ئي واندڪائي ناهي،جتي صدين کان عوام پنهنجن صدمن تي سڏڪا ڀري رهيو آهي اتي ڪجهه ڏينهن ته اها اشرافيا به رڙيون ۽ ڪوڪون ڪري، دانهون ۽ آهون ڪري،گھوڙا گھوڙا ڪري،روڄ راڙو ڪري ته جيئن ستايل عوام جي اندر کي به ڪو ڇنڊو لڳي.اهي ڪهڙي منهن سان ڌانڌلي ڌانڌليء جي تسبيح پڙهي رهيا آهن جڏهن ته اهي هر اليڪشن ۾ پاڻ به ڌانڌليون ڪري عوام جي سرن تي سوار ٿيندا رهيا آهن.اهي ڪهڙي اصول تي اسٽيبلشمينٽ تي الزام مڙهي رهيا آهن جڏهن ته اهي پاڻ سڄي عمر انهن جي آستانن تي عقيدت وچان حاضريون ڀريندا رهيا آهن.انهن کي اوچتو جمهوريت،عوامي بالادستي ۽ انساني بنيادي حقن جو پيٽ ۾ وڪڙ ڪيئن آيو آهي جو اهي پنهنجن ڊگھن اقتدارن دوران سدائين عوام کي زندهه درگور ڪندا رهيا آهن.جيڪر پاڪستان جي آزاديء کان وٺي ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ عوام کي پيڙهيندي ۽ نپوڙيندي رهي آهي ته هنن جمهوريت جي شاهڪارن پاڻ به عوام سان ڪي گھٽ ظلم ۽ ستم ته ناهن ڪيا.هي خبر ناهي ڪهڙي دنيا ۾ رهن ٿا،هنن اڃا تائين به بدليل حالتن جي للڪارن کي محسوس نه ڪيو آهي،اهي اڃا تائين عوام کي ماضيء جيان بيوقوف بنائڻ جا ناٽڪ ڪري رهيا آهن پر هاڻي اهي سياسي طور تي ايڪسپائر ٿيڻ جي ويجھو پهچي چڪا آهن.انهن جي  وڄايل سياسي ڊگڊگيء تي هاڻي شايد انهن کي پاڻ اڪيلو نچڻو پوندو.عوام پنهنجن سمورين محرومين، مسئلن،مصيبتن،مونجھارن،نااميدين،شڪوه ۽ شڪايتن باوجود پنهنجي پياري ديس جي آزاديء واري ڏينهن تي جشن ضرور ملهائيندو جو انهن سمورين ناانصافين جو ذميدار ڪنهن به صورت ۾ پاڪستان نه پر ان جي اقتدار تي قبضو ڪندڙ اها سياسي ۽ غير سياسي مافيا آهي جن هتان جي عوام کي ڪڏهن انسان سمجھيو ئي ناهي.ديس ۾  عوامي سجاڳيء جو سفر شروع ٿي چڪو آهي جنهن کي هاڻي ڪو به طاقتور روڪي نٿو سگھي، ايندڙ نئين حڪومت به جيڪر پراڻن حڪمرانن جيان عوام سان ڪا ٺڳِيء جي راند کي_کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهي به ماضيء جو عبرتناڪ نشان بڻجي ويندا۽ لڳي ايئن ٿو ته اهو وقت گھڻو پري ناهي جڏهن “ راڄ ڪندي خلق خدا جيڪا تون به آهين ۽ مان به آهيان.”
(روزاني جيجل 14 آگسٽ 2018ع)

Sunday, August 12, 2018

مونجهارن ۽ امتحان ۾ ڦاٿل ڪپتان!





شفيق الرحمان شاڪر
اميدن جو هماليه سامهون بيٺل آهي.مختلف مزاج رکڻ وارا رانديگر چوٽيون سر ڪرڻ جي تيارين ۾ مصروف آهن.امڪانن،خدشن،اميدن ۽ نااميدين جا پاڇا مٿن تي ڇانيل آهن.ٽنگيل پارليامينٽ جي تلوار مٿي تي لٽڪڻ جو خطرو هو سو اڃا تائين ٽري نه سگھيو آهي.انتظار جون گھڙيون تمام ڊگھيون ۽ سخت هونديون آهن.انهيء انتظار قوم جي اڪثريت کي پريشان ڪري رکيو آهي.نئين ٺهندڙ حڪومت پريشان آهي ته اها پنهنجي عددي اڪثريت ڪيئن ثابت ڪري.اهو ڪرڻ لاء انهن کي ڪهڙا ڪهڙا پاپڙ ويلڻا پئجي رهيا آهن.اڃا ڪجهه ڏينهن پهرين جن ماڻهن جي خلاف جذبات جي وهڪري ۾ وهي تمام سخت جملا ادا ڪيا پئي ويا،هاڻي هڪ ڀيرو نه پر بار بار انهن ئي وٽ وڃڻو پئجي رهيو آهي.جن کي ناسور قرار ڏنو پئي ويو انهن کي پاڻ سان ملائڻو پئجي رهيو آهي.جيڪي چور ۽ ڌاڙيل سڏيا پئي ويا اهي هاڻي هٿ ۾ هٿ ڏيئي ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ هلي رهيا هوندا. لفظن ذريعي هلايل اهي زهريلا تير هڪ طرفا نه هئا.معاملو ڪنهن رڳو هڪ پارٽيء جي پاران نه هو.انهيء سياسي حمام ۾اهي سڀ هڪجهڙا اگھاڙا آهن.شايد ڪڏهن نه ڪڏهن اسان جا سياستدان اهو سوچڻ تي مجبور ٿين ته انهن کي  هڪٻئي جي خلاف بيان ڏيڻ کان اڳ ٿورو سوچ سمجهه جو مظاهرو ضرور ڪرڻ گھرجي جو حالتون ڪنهن به وقت ڦيرو کائي سگھن ٿيون ۽ ڪلهه جا دشمن اڄ جا دوست بڻجي سگھن ٿا.ٿورو گھڻو احتياط ڪجي ته وقت اچڻ تي اجائي پشيمانيء کان بچي سگھجي ٿو.جن ماڻهن جي سالن کان مخالفت ڪئي پئي ويئي پهرين ته انهن ساڳين ماڻهن کي “اليڪٽيبل” جي نالي سان پنهنجي محفل ۾ جڳهه ڏني ويئي ۽ جن ماڻهن اليڪشن جي موقعي تي مخالفت ڪئي ۽ ڪاميابي ماڻي اهي هاڻي آزاد اسيمبلي ميمبر جي حيثيت ۾ گلي لڳايا پيا وڃن. انهيء سلسلي ۾ بيشڪ دليلن جو هڪ زبردست دريا وهندو رهي ٿوپر سچ اهو آهي ته اهڙي عمل سان اصولن جي نفي ٿئي ٿي ۽ سٺيو سٺيون اميدون رکندڙ عاشق نااميد ٿين ٿا.
اڪثريتي پارٽيء جي حڪومت ته ٺهي ويندي پر ٽيم جي ڪپتان جي لاء قدم قدم تي جيڪي سخت امتحان ايندا انهن مان کيس ڪامياب گذارڻ لاء سندس غير تربيت يافتا ٽيم سندس ڪيترو ساٿ ڏيئي سگھندي.توڙي جو ڪيترائي رانديگر پراڻا ۽ تجربيڪار به آهن پر مزاج ۽ خواهشون مختلف آهن.هينئر کان ئي قومي ۽ صوبائي وزارتن جي لاء ڊوڙ شروع آهي.لابنگ ٿي رهي آهي.فرمائشون به سامهون اچي رهيون آهن.اميدن جو ميلو متل آهي ۽ نااميدين جا ڪڪر به گھمي رهيا آهن.سڀ جون سڀ اميدون ته پوريون ٿيڻيون ناهن ان ڪري انهن اميدن پويان لڪيل نااميدين، ناراضگين، شڪوه ۽ شڪايتن جو سيلاب به ڪر کڻي رهيو آهي.جهڙيء طرح اليڪشن وقت ٽڪيٽ نه ملڻ جي صورت ۾ آزاد حيثيت ۾ ئي اليڪشن وڙهي ورتي يا بد دل ٿي ڪا ٻي پارٽي بدلائي ورتي.اهڙيء طرح هاڻي به وزارتن ۽ عهدن جي چڪر ۾ پريشانين جو ساڳيو واچوڙو وري  هلي رهيو آهي. وزارت جي خواهش ڪرڻ ته بذات خود ڪا غلط ڳالهه ناهي پر جيڪر ٽيم جي ڪپتان جي مرضيء سان کيڏڻ بجاء هر رانديگر پنهنجي مرضيء سان ئي کيڏڻ جو خواهشمند هجي ته پوء اهڙي ڇڙواڳ ٽيم ٻيو سڀ ڪجهه ڪري سگھي ٿي پر مئچ کٽي نٿي سگھي.وزير بنجڻ جي خواهش پنهنجي جڳهه تي پر وزارت کي هلائڻ لاء ڪهڙين مهارتن،صلاحيتن،اصولن ۽ بصيرت جي ضرورت پوي ٿي شايد ان باري۾ ماڻهو تمام گھٽ سوچين ٿا.وزارت جي گاڏي،جھنڊي ۽ پروٽوڪول جو خمار چڙهيل آهي جنهن تائين پهچڻ لاء ڪوشس ڪندڙ ميمبرن جي به ڪمي ڪانهي.هر حڪومت توڙي جو پنهنجو مدو پورو به ڪري وڃي پر مشڪل سان اهڙي وزارت نظر ايندي آهي جنهنجو ڪم نمايان طور تي ماڻهن کي نظر ايندو هجي يا عوام انهن جي وڃڻ کان پوء انهن کي ياد رکندو هجي.
ڪپتان سادگي ۽ غيرضروري پروٽوڪول وغيره جي باري ۾ جيڪي بيان ڏنا آهن جيڪر انهن تي ڪنهن حد تائين عمل ٿي ويو جنهن جا چٽا امڪان به موجود آهن ته پوء سمجھڻ گھرجي ته اهي وزارتون سڪون جو بسترو نه پر ڳرين ذميدارين جو هڪ وڏو بار هونديون.ڪنهن بابصيرت حڪومت ۾ حڪومتي عهديدار وزارتن مان مزو ناهن وٺندا پر انهن ذميدارين سبب هروقت پريشان رهندا آهن جيڪي عوام پاران انهن تي وڌيون وينديون آهن.ڪپتان جوواضح نموني اهو چوڻ ته هاڻي حڪومت سادگي ۽ ذميداريء سان هلائي ويندي انهيء صورتحال ۾ طرحين طرحين ٻوليون ٻوليندڙ پکي،رڳو اقتدار۽ ڏوڪڙ کي ئي پنهنجي منزل مقصود سمجھندڙ اسيمبلي ميمبر ڪهڙيء طرح ايڏي وڏي قرباني ڏيئي سگھندا؟ اسان جا اڪثر عوامي نمائندا ته اليڪشن تي ڪروڙين روپين جا خرچ ڪندا ئي ايتري لاء آهن ته بعد ۾ اهي حڪومت مان ئي پورا ڪرڻا آهن.جيڪر ايئن نٿو ٿئي ته گھٽ ۾ گھٽ وزارت جي عياشي ئي ٿي وڃي،جيڪر ايترو به نه ته پوء اهي سمورا پاپڙ ويلڻ ۽ ڏينهن رات جون ننڊون ڦٽائڻ جو ڇا فائدو؟اهڙا ماڻهو نه عوام جو درد رکندا آهن ۽ نه ئي انهن کي ملڪ ۽ قوم جي مفادن جي ڪا پرواه هوندي آهي ۽ نه ئي اهي معاملن کي سنجيدگيء سان هلائڻ جا عادي هوندا آهن.اهڙيء طرح ڪپتان لاء پنهنجي نئين ٽيم ئي ڪنهن وڏي امتحان کان گھٽ نه هوندي.هڪ طرف ته ڪپتان ته نئين جذبي سان ڪم ڪرڻ،سادگي اختيار ڪرڻ،حڪومتي خرچ ۽ سرڪاري پروٽوڪول گھٽائڻ جي فيصلن جو اظهار ڪري رهيو آهي پر ٻئي طرف اپوزيشن پنهنجي پراڻي روايتن تي قائم آهي.ڌانڌلين جا روايتي الزام،خلائي مخلوق جي طرفان سياسي عمل ۾ مداخلت جون ڳالهيون،تحريڪ هلائڻ ۽ حڪومت کي ڪم ڪرڻ نه ڏيڻ جا ارادا به ظاهر ڪيا پيا وڃن.اپوزيشن وٽ ڪيترائي جمهوري ۽ قانوني رستا ۽ حق موجود آهن،اليڪشن ڪميشن آهي،عدالتون به ڪم ڪري رهيون آهن ايستائين جو آخر ۾ احتجاج جو به حق موجود آهي.بس مشڪل اها آهي جو انتظار جون گھڙيون ڏاڍيون ڏکيون ۽ڪجهه ڊگھيون آهن.ڏينهن ۽ مهينن جو نه پر پورن پنجن سالن جو انتظار! هڪ طرف جتي اپوزيشن ڪپتان خلاف ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيو آهي  تي ٻئي طرف سوشل ميڊيا تي به ساڳي ڌوم متل آهي.جهڙيء طرح اليڪشن کان اڳ گھمسان جي جنگ جوٽيل هئي،مٿو ڦيرائيندڙ تبصرا ۽ هيجاني ڪيفيت پيدا ڪندڙ انڪشاف هئا جن پڙهندڙن کي جيڪر مڪمل نه ته اڌ چريو ضرور بنائي ڇڏيو هواها جنگ گھڻي حد تائين اڃا به جاري آهي ايستائين جو گار گند جو سلسلو به نه رڪجي سگھيو آهي.انهن کي ڪير رسو وجھي جو سياستدان جن کي عوام جي تربيت ڪرڻي آهي انهن مان اڪثريت جون زبانون پاڻ ئي ان گند سان ڀريل نظر اچن ٿيون.
ڪيترن ئي ماڻهن کي ڪجهه زياده ئي تڪڙ آهي ته جن تبديلين جو وعدو ايندڙ حڪمران ڪري رهيا آهن،اهي هينئر کان ئي شروع ڇو نٿيون ٿي وڃن؟فلاڻو ڪم ڪيئن ٿيندو،فلاڻو مسئلو ڪيئن حل ٿي سگھندو؟ڪم ته رڳو تڏهن شروع ٿي سگھي ٿو جڏهن ايندڙن جي حوالي حڪومت ڪئي وڃي.پر بهرحال اهي انديشا پنهن جي جاء تي موجود آهن ته مختلف خيال،طبيعتون ۽ خواهشون رکندڙ ماڻهن کي تبديليء جي انهيء ڏکئي ڪم ۽ مرحلي لاء يڪسو،متفق،متحد ۽ منظم ڪيئن ڪيو ويندو، ڪپتان جي لاء پهريون امتحان اهو ئي هوندو ۽ اتان ئي سندس حڪومت جي ڪارڪردگيء بابت شروعاتي خاڪو عوام جي ذهن ۾ جڙندو.ايندڙ حڪومت کي هڪ مناسب وقت لاء مهلت ڏيڻ به عوام جي اخلاقي ذميداري آهي ۽ پنهنجن وعدن تي عمل ڪرڻ ايندڙ حڪومت جي اصولي ۽ قانوني ذميداري! جيڪر هرڪو پنهنجو فرض سڃاڻي ۽ نڀائي ته منجھيل معاملا سلجھي سگھن ٿا،نااميدين جي سمنڊ ۾ ٽٻيون کائيندڙ عوام جي اکين ۾ اميدن جا ديپ روشن ڪري سگھجن ٿا پر ان جي لاء انتظار جي صعوبت هر حال ۾ برداشت ڪرڻي پوندي.سالن جي الجھيل مسئلن ۽ معاملن کي رڳو جذبات جي عينڪ سان ڏسڻ بدران حقيقت پسنديء واري نظر ڌارڻي پوندي.منهن جي خيال ۾ ڪڏهن نه ڪڏهن ته قوم توڙي سياسي اڳواڻن کي سنجيدگي ۽ سياسي بلوغت جو مظاهرو ڪرڻو ئي پوندو پوء هاڻي کان ئي ڇونه؟  (روزاني عوامي آواز9 آگسٽ 2018ع)



 

Wednesday, August 8, 2018

تضادن سان ڀرپور پاڪستاني سياست.


شفيق الرحمان شاڪر
سپريم ڪورٽ طرفان نااهليء جي فيصلي بعد جڏهن ميان نواز شريف جو قافلو جي ٽي روڊ ذريعي احتجاجي ريليء جي صورت ۾ لاهور وڃي رهيو هو ۽ ميان صاحب پوري زور شور سان رياستي ادارن کي سخت تنقيد جو نشانو بنائي رهيو هو ان وقت پيپلز پارٽيء جي ڪو چيئرمين جناب آصف علي زرداري ميان نوازشريف کي شيخ مجيب سان تشبيهه ڏيندي چيو هو ته هو پاڪستان ٽوڙڻ چاهي ٿو. هن جا دشمن ملڪ جي ڳجھين ايجنسين سان لڪيل رابطا آهن.انهيء بيان کان پوء پي پي قيادت جن ۾ بلاول ڀٽو به شامل آهي لاڳيتو ميان نواز شريف ۽ شهباز شريف خلاف مختلف بيان ڏيندا رهيا آهن ۽ تازو چونڊ مهم دوران بلاول ڀٽو جتي هرهنڌ پي ٽي آئي قيادت کي پنهنجي سخت تنقيد جو نشانو بنائي رهيو هو اتي هن نون ليگ قيادت خلاف به ڪو گھٽ نه ڳالهايو.ٻئي طرف نون ليگ قيادت نام نهاد ميثاق جمهوريت باوجود پيپلز پارٽي حڪومت خلاف نه رڳو مختلف سازشن ۾ شريڪ رهي پر ننڍو ميان صاحب ته جذبات وچان ڊائيس تي لڳل مائيڪون ٽوڙي آصف زرداريء جو پيٽ ڦاڙي کيس لاهور ۽ لاڙڪاڻي جي روڊن تي گهلڻ جون ڳالهيون ڪندو رهيو آهي.پر حالتن جي ستم ظريفي يا سياسي اداڪاري چئجي جو اڄ ساڳئي آصف زرداريء جو نامزد ڪيل نمائندو سيد خورشيد شاه اسپيڪر جي عهدي لاء انهيء ئي نون ليگ طرفان به گڏيل اميدوار جڏهن ته ساڳيو ئي شهباز شريف پي پي پاران به وزارت عظميٰ جي عهدي لاء گڏيل اميدوار آهي.ساڳئي نموني سان ايم ڪيو ايم جيڪا عمران خان کي سياسي ليڊر تسليم ڪرڻ لاء تيار نه هئي ۽ ڪنهن دور ۾ کيس اهو چيلينج ڏيئي رهي هئي ته عمران خان ڪراچي اچي ته ڏيکاري،اڄ اها ئي ايم ڪيو ايم وفاقي حڪومت جي جوڙجڪ جي سلسلي ۾ تحريڪ انصاف جي ڪڇ ۾ ويٺل نظر اچي ٿي ۽ ساڳيو عمران خان جيڪو ڪجهه عرصو اڳ ايم ڪيو ايم کي هڪ دهشتگرد تنظيم قرار ڏيئي 12 مئي جي پرتشدد واقعن ۽ پي ٽي آئي ڪارڪنن جي قتل جي سموري ذميداري ايم ڪيو ايم تي عائد ڪندو رهيو هو اهو ئي عمران خان ان ساڳي ايم ڪيو ايم  سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي لکت ۾ ساڻس معاهدا ڪندي نظر اچي ٿو.اها ئي اسان جي سياست ۽ اها ئي پاڪستاني جمهوريت آهي جنهن ۾ اصول ۽ اقدار صرف ٻين کي ٻڌائڻ ۽ سيکارڻ لاء هوندا آهن باقي جڏهن پنهنجو وارو اچي ٿو ته هرڪو پنهنجن ئي اصولن جو پاڻ جنازو ڪڍي ويهي ٿو.سو هي جيڪي جمهوريت جمهوريت جا نعرا هر وقت ٻڌڻ لاء ملن ٿا اهي رڳو  عوام ۽ دنيا جي اکين ۾ ڌوڙ وجھڻ جي مڪاراڻي ڪوشش هوندي آهي،اصل ۾ ته رڳو هڪڙي ئي راند هلندي نظر اچي ٿي سا آهي هر قيمت تي اقتدار ۽ طاقت حاصل ڪرڻ جي راند.25 جولائي تي ٿيل چونڊن جي تنور مان جيڪو ڌانڌلين جو دونهن اٿيو هو اهو اڃا تائين فضا ۾ پکڙجي رهيو آهي جنهن ۾ اصل سچائيون ۽ حقيقتون نظرن کان لڪي وييون آهن.ڌانڌلين جي ان سڄي راز ۾ جيڪو معمو سمجھهه کان ٻاهر آهي سو اهو ته پيپلز پارٽي ۽ نون ليگ جيڪي ترتيبوار سنڌ ۽ پنجاب اسيمبلين ۾ اڪثريت سان سيٽون کٽي اتي پنهنجون حڪومتون ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ آهن اهي به ٻين هارايلن سان گڏ ڌانڌلي ڌانڌلي راند کيڏي رهيون آهن.سوال اهو ناهي ته ڪا وڏي پيماني تي منظم ڌانڌلي ٿي آهي يانه پر سوال اهو آهي ته اها ڌانڌلي ڪٿي ڪٿي ۽ ڪنهن ڪئي آهي؟انهيء سوال جو جواب ڪٿان به نٿو اچي.ايترو ضرور آهي ته سموريون سياسي ڌريون ان هڪڙي نڪتي تي متفق آهن ته ڌانڌلي ڪپتان کي کٽرائڻ لاء ڪئي ويئي آهي.ڌانڌلي ڪنهن ڪئي آهي انهيء سوال تي انهن سڀني جا چپ سبجيو وڃن.صرف اشارن ڪناين ۾ گونگن وانگر گفتگو ڪرڻ لڳن ٿا.جيڪر سندن ان موقف کي سو سيڪڙو صحيح مڃجي ته ته واقعي ڪا منظم ڌانڌلي ٿي آهي ته پوء سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڌانڌلين جون دانهون ڪندڙ انهن ٻنهي سياسي جماعتن جي ٻن صوبن ۾ اڪثريت واري مينڊيٽ کي ڪيئن تسليم ڪيو وڃي؟انهن جي چوڻ مطابق جيڪر پورو چونڊ عمل ئي ڌانڌلين سان داغدار آهي ته پوء اهي انهن ئي ڌانڌلين جي نتيجن ۾ کٽي آيل پنهنجي پارٽي اميدوارن جي اڪثريت جي بنياد تي صوبن يا مرڪز ۾ پنهنجون حڪومتون قائم ڪرڻ لاء ننهن چوٽيء جو زور هڻڻ بدران مڪمل طرح ٻيهر چونڊون ڪرائڻ واري مطالبي تي سندرو ٻڌي ڇو نٿيون بيهن؟انهيء جو مطلب اهو ٿيو ته ”مٺو مٺو هپ هپ ۽ ڪڙو ڪڙو ٿوٿو“ واري پاليسيء تي عمل ڪندي عوام سان هڪ عجيب قسم جي مذاق ڪئي پيئي وڃي يعني “ رند ڪي رند رهي اور هاٿ سي جنت ڀي نه گئي ” وار معاملو آهي.جيڪر واقعي ڌانڌلي ٿي آهي ته پوء مرڪز ۾ قائم ٿيندڙ عمران حڪومت سان گڏوگڏ سنڌ ۾ پي پي حڪومت جي اڳيان به ساڳيو سواليا نشان لڳڻ گھرجي.پوء ته پارليامينٽ يعني اسيمبلين ۾ هاڻي جيڪو به چونڊن جي حوالي سان عمل ٿيڻو آهي اهو تڪراري قرار ڏيڻ گھرجي.پر اهي سڀ جا سڀ هاء گھوڙا به ڪري رهيا آهن ته باقي رهيل سمورن انتخابي عملن ۾ به وڌي چڙهي حصو به وٺي رهيا آهن ته پوء ڌانڌلين جي اهڙي دانهن کي ڪهڙو وزن ملڻو آهي ۽ انهن جي احتجاجن جي ڪهڙي وقعت ٿيڻي آهي انهيء جو اندازو انهن کي پاڻ به چڱيء طرح آهي پر دنيا کي ڏيکارڻ ۽ پنهنجي شڪست تان ماڻهن جو ڌيان هٽائڻ لاء اها انهن سٺي وندر هٿ ڪئي آهي.بجاء ان جي سمورن چونڊ نتيجن کي رد ڪندي اهي ٻيهر چونڊن جو ڪو موثر نموني مطالبو ڪن اهي چيف اليڪشن ڪمشنر جي استعيفا جو کل جوڳو مطالبو ڪندي نظر اچن ٿا.ڇا چيف اليڪشن ڪمشنر جي استعيفا ڏيڻ سان پوري جو پورو چونڊ عمل غير تڪراري ۽ شفاف بڻجي ويندو؟انهيء بحث کان هٽي ڪري ته چونڊن ۾ ڪا منظم ڌانڌلي ٿي آهي يا نه اصل ڳالهه اها آهي جو بظاهر اهي سموريون ڌريون جيڪي هن وقت اسان کي عمران دشمنيء جي هڪڙي بنيادي نڪتي تي متفق ۽ متحد نظر اچن ٿيون انهن مان هرهڪ جو پنهنجو مسئلو ۽ معاملو آهي.پيپلز پارٽي سنڌ ۾ پنهنجي خود مختيار حڪومت قائم ڪرڻ سان گڏوگڏ سندس قيادت،ڪجهه وزيرن ۽ مشيرن خلاف ايندڙ ڏينهن ۾ احتساب جي کلندڙ چٺي کي بند ڪرائڻ لاء ادارن تي دٻاء وڌائڻ گھري ٿي.نون ليگ پنجاب ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪرڻ ۽ نون ليگ قيادت خلاف آيل عدالتي فيصلن ۽ مستقبل قريب ۾ باقي رهيل قيادت خلاف کلندڙ امڪاني ڪيسن ۾ رليف چاهي ٿي.مولانا صاحب کي اقتدار کان ٻاهر رهڻ جي عادت ناهي ۽ هن سان اضافي ستم اهو ٿيو جو هو پاڻ بنفس نفيس في الحال پارليامينٽ مان پهريون ڀيرو ٻاهر ٿي ويو آهي سو سندس اهو غصو سمجھه ۾ اچي ٿو.اي پي سي ۾ شامل باقي ٻين جماعتن جو ڪو ايڏو وڏو سياسي اثر رسوخ نظر نٿو اچي،اهي انهن سان سر ۾ سر ملائڻ لاء ساڻن گڏ آهن.خبر ناهي هي ڪهڙو گرينڊ اپوزيشن الائنس آهي جنهن ۾ هڪ وڏي سياسي پارٽيء جي اڳواڻن بلاول ڀٽو يا آصف زرداري مان ڪوبه اڃا تائين انهن سان گڏجي تصوير ڪڍرائڻ لاء به تيار ناهي.سيد خورشيد شاهه کي قومي اسيمبليء جي اسپيڪرشپ ۽ يوسف رضا گيلانيء صدر مملڪت جي عهدي جا لولي پاپ ڏيکاري فوٽو سيشن ڪرايا پيا وڃن.آصف زرداري جنهن کي سياست جو گرو چيو وڃي ٿو اهو في الحال “ڏسو ۽ انتظار ڪيو” واري پاليسيء تي عمل ڪندي چپ آهي.جيڪر پيپلز پارٽي شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جي چونڊ ۾ واقعي ووٽ ڪري ٿي ته پوء سمجھڻ گھرجي ته نون ليگ کي ان جي قيمت سينيٽ چيئرمينيء جي صورت ۾ پي پي کي ادا ڪرڻي پوندي.جن قوتن آصف زرداريء جي مدد سان موجوده سينيٽ چيئرمين کي آندو آهي اهي انهيء کي ايترو جلدي واپس گھر موڪلڻ پسند ڪندا؟انهيء سوال جو جواب ايندڙ وقت ئي ڏيئي سگھي ٿو.
(روزاني عوامي آواز 6 آگسٽ 2018ع)

Tuesday, August 7, 2018

سنڌ جي عوام تي طنزن ۽ طعنن جي برسات ڇو؟


شفيق الرحمان شاڪر
چونڊن جا نتيجا ڇا آيا هر طرف کان سنڌ جو عوام مختلف طعنن،طنزن،الزامن ۽ غصي جو نشانو بڻجڻ شروع ٿي ويو.خاص طور تي سوشل ميڊيا تي ڪجهه دانشور ٽائيپ انقلابي دوست اخلاقيات جون سڀ حدون به اورانگھي ويا.ڪن سنڌين کي ويڪائو مال،ته ڪن جاهل ۽ اڻ پڙهيل ته ڪن وري کين بريانيء جي پليٽ تي وڪجڻ واري قوم جي لقب سان نوازيو.سنڌي قوم جو اڪيلو ڏوهه اهو ئي ٻڌايو پيو وڃي ته انهن پيپلز پارٽيء کي ووٽ ڇو ڏنا.ٻئي طرف اهو ساڳيو طبقو چونڊن ۾ پي پي جي ٿيل ڪاميابيء کي عظيم ڌانڌليء سان به تعبير ڪري رهيو آهي.هاڻي جيڪر انهن جو ڌانڌليء وارو موقف صحيح مڃجي ته پوء چئبو ته پي پي کي سنڌي ماڻهن ووٽ ناهن ڏنا ۽ ان ڌانڌلين سان کٽيو آهي،جيڪر انهن جي چوڻ مطابق پي پي کي عوام ووٽ ڏنا ئي ناهن ته پوء سنڌي عوام تي طنز،طعنن ۽ الزامن جي تيرن جو وسڪارو ڇو پيو ڪيو وڃي؟پهرين ته انهن انقلابين کي ڪو واضح هڪڙو موقف وٺڻ گھرجي ته پي پي جي سموري ڪاميابي ڌانڌلين جو نتيجو آهي يا انهن کي واقعي عوام ووٽ ڏيئي کٽايو آهي.جيڪر غير جانبدار ٿي صورتحال جو تجزيو ڪبو ته حقيقت اها آهي ته سنڌ ۾ ماڻهن وڏي پيماني تي پيپلز پارٽيء کي ووٽ ڏيئي ڪامياب ڪيو آهي.جيڪر ڪٿي ڪا ڌانڌلي ٿي به آهي ته اها ٻنهي طرفن کان ممڪن آهي.جنهن جو جتي به ڪو وس هليو آهي اتي هن پاڻ ملهائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي آهي.رهيو سوال ته سنڌ جي سمورن ماڻهن رڳو پي پي کي ووٽ ڏنا آهن ته اهو به غلط آهي.پي پي مخالف اميدوارن کي به وڏي پيماني تي ووٽ مليو آهي ۽ ڪٿي ڪٿي ته رڳو چند هزار ووٽن جو فرق آهي سو پي پي جي خلاف ايڏي وڏي تعداد ۾ ووٽ ڪرڻ وارا به ته سنڌي ئي آهن.جيستائين اليڪشن ۾ پئسو هلڻ جو سوال آهي ته ان ۾ وڏي حد تائين سچائي آهي پر اهو پئسو ٻنهي  طرفن کان هلندي  نظر آيو آهي.پر اهو چوڻ ته سڄي سنڌ جي ماڻهن رڳو پئسي تي ووٽ ڏنا آهن سنڌي عوام سان وڏي زيادتي ٿيندي.بهرحال ان خيال سان هرگز سهمت ٿي نٿو سگھجي ته سنڌ جي ماڻهن جي سوچن ۾ ڪا تبديلي يا سجاڳي نه آئي آهي بلڪه هنن چونڊن ۾ سنڌ جي ماڻهن اميدوارن آڏو احتجاج به ڪيو آهي ته وٽانئن اهڙا سوال به ڪيا جن جو اهي ڪو مطئمن ڪندڙ جواب ڏيئي نه سگھيا.هينئر چونڊون کٽڻ انهن لاء ماضيء جيان ڪو ايترو آسان ڪم نه هو.اهي اميدوار گھر گھر ۽ در در ويا آهن ۽ ماڻهن کي ماضيء جي پنهنجن روين تي معذرت به ڪئي اٿن.اها سڀ تبديليء طرف ئي اڳڀرائي آهي.تبديلي رات وچ ۾ اچڻ وارو ڪو عمل ناهي اهو هڪ ارتقائي عمل آهي جيڪو محسوس نه ٿيندڙ طريقي سان جاري رهي ٿو.هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته سنڌ جي ماڻهن جي اڪثريت آخر پيپلز پارٽيء کي ئي ووٽ ڇو ڏنا؟ انهيء ۾ ڪو شڪ ناهي ته پي پي حڪومت جي گذريل ڏهن سالن ۾ سنڌ اندر ڪارڪردگي نهايت ئي خراب ۽ مختلف وزارتن ۽ ادارن ۾ ڪرپشن جي برسات جاري رهي.وزيرن ۽ مشيرن عوامي مسئلن طرف ڌيان ڏيڻ بدران پنهنجي ذاتي مفادن ۽ ناجائز نموني پئسو ڪمائڻ جي راند ۾ هڪٻئي کان وڌي چڙهي ڪري حصو ورتو.ترقياتي اسڪيمون سرزمين تي موجود ئي نه  هيون.شهرن ۽ ٻهراڙين جي حالت بد کان بدتر ٿي ويئي انهن سمورين سچائين باوجود ڪجهه شيون اهڙيون آهن جيڪي پيپلز پارٽيء جي اليڪشن ۾ ڪاميابيء جو سبب بڻيون.پهريون ۽ اهم فيڪٽر ته پي پي جي متبادل واري سوال وارو رهيو.پي پي جي سامهون ڪوبه مناسب چونڊ اتحاد ٺهي نه سگھيو.چئي سگھجي ٿو ته سنڌ جي ماڻهن لاء جي ڊي اي ۽ تحريڪ انصاف جي صورت ۾ اتخابي متبادل موجود هو پر ڏٺو وڃي ته جي ڊي اي اهڙن تڪراري ماڻهن جو ميڙ هو جنهن ۾ موجود مختلف سوچون ۽ نظريا رکندڙ اڳواڻ اهڙا هئا جن جي اڪثريت اڳيئي ماڻهن جي آزمايل هئي ۽ انهيء ۾ موجود ڪجهه شخصيتن جو ماضيء ۾ رويو سنڌ ۽ سنڌين متعلق ڪو شاندار نه رهيو هو ۽ بنيادي طور تي اهڙيون شخصيتون ئي جي ڊي اي جي ناڪامي ۽ پي پي جي ڪاميابيء جو سبب بڻيون.جيستائين فنڪشنل ليگ جو تعلق آهي ته انهن اهڙن تڪراري شخصيتن سان اتحاد ڪري خود فنڪشنل ليگ جو به نقصان ڪيو.انهيء کان سواء گذريل دورن ۾ فنڪشنل ليگ جي اسيمبلين توڙي اسيمبلين کان ٻاهر به ڪا فعال ۽ عوام دوست ڪارڪردگي نظر نه آئي.انهن جا ڪيترائي ميمبر هڪ طرف پنهنجي جماعت کي خير آباد چئي پي پي حڪومت ۾به شامل ٿيندا رهيا ته ٻئي طرف مرڪز ۾ نون ليگ حڪومت جو به حصو رهيا.سواء محترمه نصرت سحر عباسيء جي جنهن جي اسيمبليء اندر ڪارڪردگي بيشڪ نهايت ئي چست ۽ شاندار رهي جيڪا اسيمبليء اندر هر عوامي مسئلي تي وڏي جرئت سان پنهنجو آواز بلند ڪندي رهي پر ان هڪڙي ميمبر جي بهترين ڪارڪردگي سڄي جي ڊي اي کي کٽرائڻ لاء ته ڪافي نه هئي.رهيو سوال تحريڪ انصاف جو ته ان ڪراچيء ۾ ايم ڪيو ايم جي گروهه بندي ۽ ان جي غلط پاليسين جي نتيجن جو ڀرپور فائدو کڻندي سندس جاء والارڻ واري پوزيشن ۾ اچي ويئي آهي پر باقي سنڌ ۾ نه ته انهن ڪو باقائدي هوم ورڪ ڪيو ۽ نه ئي انهن طرفان ڪي مناسب چونڊ اميدوار ئي ميدان ۾ لهي سگھيا بلڪه جي ڊي اي سان اتحاد جي ڪري هيڪاري تحريڪ انصاف سنڌ ۾ پنهن جي سياسي پوزيشن وڌيڪ ڪمزور ٿي ويئي سو اها حقيقت آهي ته سنڌ جي ماڻهن وٽ پي پي جي مقابلي ۾ ڪو مناسب نعم البدل موجود نه هو.ٻي ڳالهه جنهن پي پي جي ڪاميابيء ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو سا بلاول ڀٽو جي سنڌ اندر چونڊ مهم جي قيادت ڪرڻ آهي.ماڻهن جي اڪثريت خاص طور تي عورتن پي پي کي نه پر بلاول کي صرف ان ڪري ووٽ ڏنو جو شهيد بينظير ڀٽو جو پٽ آهي.انهيء سان گڏوگڏ ماڻهن ان ڪري به بلاول جي چوڻ تي پي پي کي ووٽ ڏنو جوبلاول مان ماڻهو اڃا اها اميد رکيو ويٺا آهن ته ايندڙ وقت ۾ بلاول سٺي حڪمراني ڏيندو ۽ اهو به ته بلاول اڳ۾ باقائدي اقتدار جو حصو نه رهيو آهي.ماڻهن جي ان سوچ سان اختلاف ڪري سگھجي ٿو پر بهرحال عوام جي مجموعي سوچ جو مذاق به نٿو اڏائي سگھجي.اهڙيء طرح بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ملندڙ رقم به ضرور پي پي جي ووٽن ۾ اضافو ڪيو آهي.جڏهن ڪجهه انقلابي اهو چئي غريب ماڻهن جي مجبورين جو مذاق اڏائين ٿا ته انهن پنجن هزارن عيوض پنهنجو ووٽ وڪيو آهي ان وقت اهي انهن زميني حقيقتن کان منهن ڦيري ٿا ويهن ته سنڌ ۾ جنهن ليول جي غربت ۽ بيروزگاري آهي اتي ڪنهن خاندان لاء پنهنجي جياپي لاء پنجن هزار روپين جي به وڏي حيثيت ۽ اهميت هوندي آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهنجي ذهن ۾ اها ڳالهه ويهاري ويئي هجي ته جيڪر پي پي جي حڪومت نه آئي ته اها امداد بند ٿي ويندي ته بک ۽ بدحاليء ۾ ورتل ان ڪٽنب لاء اهو زندگي ۽ موت جو مسئلو بڻجي وڃي ٿو.اهي ئي سياسي اڳواڻ جيڪي هن وقت سنڌ جي ماڻهن کي پنجن هزار روپين پويان وڪجڻ جا طعنا ڏيئي رهيا آهن اهي ٻڌائين ته انهن پنهنجي دور اقتدار ۾ جڏهن انهن کي انيڪ اختيار ۽ موقعا ميسر هئا تڏهن انهن سنڌ جي ماڻهن جي معاشي حالت بهتر ڪرڻ لاء ڪهڙا ڦاڙها ماريا؟هڪڙي انقلابي نوعيت جي دانشور ته سوشل ميڊيا تي اهي لفظ استعمال ڪيا ته جيڪر شاهه عبداالطيف ڀٽائي به موٽي اچي سنڌ ۾ اليڪشن وڙهي ته سنڌ جا ماڻهو ان جي ڀيٽ ۾ پي پي کي ووٽ ڏيندا؟خبر نٿي پوي ته ان قسم جا ماڻهو پنهنجي ان ناڪاري مهم ذريعي ماڻهن کي همتائي منجھهن تبديليء جي اميد پيدا ڪرڻ گھرن ٿا يا پوري سنڌي قوم کي هميشه لاء مايوسيء جي اونهي ڪن ۾ ڌڪو ڏيڻ چاهين ٿا.پي پي جي نااهلين ۽ ڏوهن تي تنقيد بجا پر اهو به ته ٻڌايو وڃي ته انهيء جي مقابلي ۾ ڪهڙا فرشتا ميدان ۾ لٿل هئا جن کي سنڌ جي عوام ووٽ نه ڏنو؟
آخري ڳالهه اها ته پيپلز پارٽيء جا پهلوان جيڪي ڪنهن به طرح کٽي آيا آهن اهي به اجايون هنڀوڇيون نه هڻن ۽ ڪارڪردگيء جي بنياد تي اليڪشن کٽڻ واريون ڊاڙون هڻڻ بند ڪن.اهي ڀليء ڀت پاڻ به ڄاڻن ٿا ته انهن اليڪشن ڪيئن کٽي آهي؟ بلاول ڀٽو کي دعائون ڏيڻ سان گڏوگڏ هاڻي انهن کي چڱيء طرح سمجھي ڇڏڻ گھرجي ته کين آخري موقعو ڏنو ويو آهي ۽ هيئنر به انهن جيڪر رڳو ڦرلٽ وارو ڌنڌو جاري رکيو ۽ ماڻهن جي اصل مسئلن کان لاپرواهي اختيار ڪئي ته آئندهه بلاول ڀٽو وارو ڪارڊ به کين شڪست کان بچائي نه سگھندو.
(روزاني هلال پاڪستان )

Monday, August 6, 2018

دسيلن جون دانهون ۽ بيمار نواز شريف!


شفيق الرحمان شاڪر
اطلاعن موجب سپريم ڪورٽ پاران نااهل قرار ڏنل ۽ احتساب عدالت طرفان سزا يافتا اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جي اڍيالا جيل ۾ اوچتو طبيعت خراب ٿي پيئي جنهن ڪري کيس ترت  طبي امداد ۽ معائني لاء پمز اسپتال اسلام آباد منتقل ڪري ڪارڊياجيڪل وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو.هي اهوئي ڪارڊياجيڪل وارڊ آهي جيڪو خود ميان صاحب جي حڪومت ۾ ڪيتري عرصي کان غير فعال ۽ بيڪار بڻيل هو جنهن کي سپريم ڪورٽ جي ان چيف جسٽس جي اسپتال جي اوچتي دوري دوران سندس حڪم تي فعال ۽ علاج جي لائق بنايو ويو هو جنهن چيف جسٽس جي اهڙن دورن ۽ سو موٽو نوٽيس وٺڻ خلاف ميان صاحب ۽ سندس ٻين سياسي رفيقن  جون ڪاوڙ وچان اکيون ڳاڙهيون ٿي ٿي وييون. سياست به ڏاڍي بي رحم شيء آهي ميان صاحب ٻه ٽي ڏينهن اسپتال داخل رهيو پر سندس پارٽي قيادت توڙي ٻيا سياسي اتحادي اسلام آباد ۾ موجود هوندي به پنهنجي اقتداري  ۽ سياسي راند جي سرگرمين ۾ ايترا ته مصروف رهيا جو انهن مان نه ته ڪو ميان صاحب جي طبيعت پڇڻ ويو ۽ نه ئي کيس ڪنهن ڪو گلدستو موڪليو.جن دوستن يا دشمنن ميان صاحب کي هشيون ڏيئي ان آٿت تي واپس پاڪستان  اچڻ تي مجبور ڪيو ته ملڪ ۾ ڪروڙين ماڻهو سندس هڪڙي حرف جا منتظر بڻجي ملڪ جي سر سان سر وڄائڻ لاء تيار بيٺا آهن،اڄ انهن ڪم بختن مان ڪوبه ميان صاحب سان ملڻ لاء به وقت نٿو ڪڍي. نواز شريف سان اهو مسئلو آهي جو هو دٻاء برداشت نٿو ڪري سگھي ، رڳوچونڊن ۾  شينهن جو نشان چونڊڻ يا گھر ۾ شينهن جون تصويرون سجائڻ سان ڪواصل شينهن نٿو بڻجي وڃي.نواز شريف جي مقابلي ۾ محترمه بينظير ڀٽو ۾ دٻاء برداشت ڪرڻ جي گھڻي سگھه هئي ۽ محترمه مريم نواز ۾ به پيء جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مزاحمت جي قوت موجود نظر اچي ٿي.مريم نواز نه هجي ها ته شايد ميان صاحب ڀلجي به واپس پاڪستان نه اچي ها.هي جيڪو بار بار نواز شريف جي طبيعت خراب ٿي رهي آهي اهو ڪو ڍونگ ناهي.هو واقعي ڪا سختي برداشت ڪري نٿو سگھي.هو ارڙهن سال اڳ مشرف وارو جيل به نه ڪاٽي سگھيو هو.هاڻي ته هو پوڙهو به ٿي چڪو آهي ۽ اڃا ٻن ريفرنس جو فيصلو سندس خلاف پوئتي رهيل آهي. ڊپ ٿو لڳي ته کيس جيل ۾ ڪجهه ٿي نه پوي.ڇو ته سخت ذهني دٻاء سبب گردن،دل ۽ دماغ کي ڪو وڏو نقصان به پهچي سگھي ٿو ۽ هن جي اڳ ۾ ئي دل جي سرجري به ٿيل آهي.بلڊ پريشر جي انتهائي ليول ۽ شگر جي سطح هيٺ مٿي ٿيڻ سان اوچتو ڪنهن وڏي عضوي جو نقصان به ٿي سگھي ٿو.ان ڪري بهتر اهو ٿيندو ته سعودي احتسابي ماڊل موجب ميان صاحب کان ملڪ جي ڦٻايل ڏوڪڙ پئسي جا چيڪ صحيح ڪرائي منجھائس هٿ پٽيا وڃن ته جيئن هو پنهنجي رهيل گمنام زندگي وڃي انگريزن جي ملڪ ۾ گذاري سگھي.هونئن به ميان صاحب  جي جيل ۾ سور ۽ سختيون برداشت ڪرڻ سان ملڪ ۽ عوام کي ڇا ملندو ،ملڪ ۽ عوام کي ان ڳالهه سان دلچسپي ۽  فائدو آهي ته سندن پئسو واپس وٺي سندن ڀلائيء تي خرچ ڪيو وڃي.جيڪر هنن حالتن ۾ ميان صاحب کي خدانخواسته ڪجهه ٿي پيو ته پوء پاڪستانين جهڙي زبردست جذباتي قوم کي ايندڙ ڊگھي عرصي تائين پوڄا پاٽ ڪرڻ لاء وري ڪنهن سياسي شهيدجو بت ملي ويندو.
هن وقت تائين ڪوبه نتيجو ميان صاحب ۽ سندس صاحبزاديء جي سوچن مطابق نه نڪتو آهي،نه ته مظلوميت وارو ڪارڊ ڪا ڪرامت ڏيکاري سگھيو آهي ۽ نه ئي ڪا وڏي عوامي مزاحمت جو ڪو طوفان اٿي سگھيو آهي.تازي صورتحال موجب تحريڪ انصاف نه رڳو مرڪز ۽ ڪي پي پر بلوچستان ۾ گڏيل حڪومت سان گڏوگڏ  پنجاب ۾ به پنهنجي حڪومت قائم ڪرڻ جي پوزيشن ۾ اچي چڪي آهي.اهڙيء طرح جيڪر ميان صاحب کان سندس اقتداري ۽ سياسي قوت جو ڳڙهه پنجاب به کسجي وڃي ٿو جيڪو بظاهر نظر اچي رهيو آهي ته پوء خود نون ليگ جو وجود ئي داء تي لڳي ويندو.عمران خان  حڪومت خلاف جڙندڙ گرينڊ اپوزيشن اتحاد جي صورت  ۾ ملڪ جون اٽڪل سموريون پارٽيون هڪ ٿي عمران خان جون ٽنگون ڇڪڻ لاء تيار بيٺل نظر اچن ٿيون جن مان مولانا صاحب مڙيئي سرس ڪاوڙيل ۽ مايوس نظر اچي ٿو.هو ميان صاحب جيان سڀ ٻيڙيون ساڙي اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ لاء آتو نظر اچي ٿو جنهن سان تازو ٿيل چونڊون ئي ڪالعدم ٿي وڃن جو هو پهريون ڀيرو اقتداري سياست جي مزن کان محروم ٿيو آهي.پر سندس سياسي دوستن ۽ مددگارن جي حالت اها آهي جو هڪ طرف اهي ڌانڌلين جي ماتم ۾ مولانا صاحب سان سر ۾ سر ملائي رهيا آهن ته ٻئي طرف پي پي سنڌ ۾ ۽ شهباز ليگ پنجاب ۾ انهن ئي مبينا ڌانڌلين جي نتيجي ۾ قائم ٿيل اسيمبلين ذريعي پنهنجون حڪومتون بنائي رهيون آهن  يا بنائڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن.اصولن جو ٻٽو معيار ٻيو ڇا ٿيندو آهي؟جيڪر ڏٺو وڃي ته اهو اتحاد اصل ۾ عوام طرفان دسيل انهن مايوس ۽ ڪاوڙيل سياسي بازيگرن جو ٽولو آهي جيڪو پنهنجي هار جو بدلو پوري ملڪ ۽ عوام کان وٺڻ گھري ٿو.اهي سڀ جا سڀ پاڪستاني سياست جا اهي سدا حيات گل آهن جن ڏهاڪن تائين اقتدار ۾ رهندي به عوام جي قسمت ۾ ڪنڊن کان سواء ڪجهه  ناهي وڌو. اهي هينئر جيڪر ڪنهن به طرح اقتداري سياست مان آئوٽ ٿيا آهن يا ڪيا ويا آهن ته عوا۾ کي انهيء تي ڪو افسوس ناهي ٿيو.اهي ماڻهن کي روڊن رستن تي آڻڻ ۽ ڪا وڏي تحريڪ هلائڻ جي جيڪا ڳالهه ڪري رهيا آهن اها رڳو هڪ خواهش ئي رهجي ويندي.ڪجهه ڏينهن ۾ جڏهن انهن مان گھڻن خلاف ڪرپشن جا دفتر کلندا ۽ وٺ پڪڙ شروع ٿيندي ته قبرستان واري خاموشي ڇانئجي ويندي.پنهنجون سموريون توانائيون ڪنهن حڪومت مخالف تحريڪ تي صرف ڪرڻ بدران انهن کي سندن خلاف ٿيندڙ ممڪنا قانوني ڪاروائين کان بچڻ جي تياري ڪرڻ گھرجي ۽ اهو به سوچڻ گھرجي ته آخر عوام انهن کي ڇو رد ڪري ڇڏيو آهي؟ اهي سڀ پاڻ ۾ ملي ڪري  ۽ سمورو زور لڳائي به  شايدعمران خان جو ڪجهه  گھڻو بگاڙي نه سگھن.رهي نون ليگ ته انهن سان ڪابه ڌانڌلي ناهي ٿي. ٿيو رڳو اهو جيڪو ڪراچيء ۾ ايم ڪيو ايم سان ٿيو آهي يعني پنجاب ۾ نواز شريف ۽ مريم نواز شريف کي سزا اچڻ جي نتيجي ۾ ماڻهن مان سندن رعب ۽ ڌاڪو ختم ٿي چڪو آهي ۽ سندن ان دعويٰ جو جنازو نڪري چڪو آهي ته پنجاب ۾ سندن اجازت سواء پن به چري نٿو سگھي ۽ ماضيء جيان رياستي ادارن مان ڪنهن به اليڪشن ۾ سندن ناجائز مدد نه ڪئي جنهن ڪري کير جو کير ۽ پاڻيء جو پاڻي ٿي ويو.نون ليگ وٽ ڌانڌليء جو مطلب اهو آهي ته ماضيء جيان اليڪشن مينيج ڪرڻ ۾ ادارن ساڻن ڪنهن به قسم جو تعاون نه ڪيو.نواز شريف جي اصل طاقت اها هئي جو هو ڀٽي جي مقابلي ۾ جنرل ضياء جو جائنشين هو ۽ ملڪ ۾ جيڪي به ڀٽو مخالف قوتون هيون سي ميان صاحب جي سياسي ڇٽيء هيٺ گڏ ٿيون هيون پر جڏهن سياسي وڌيل دٻاء هيٺ ميان صاحب جنرل ضياء جو نالو وٺڻ ئي ڇڏي ڏنو ته اهي قوتون به منجھائس هٿ ڪڍي ويون جنهن کان پوء هن پنجابي ڪارڊ کيڏڻ شروع ڪيو پر هنن چونڊن جي هڪ مثبت ڳالهه اها به آهي جو عوام هر قسم جي لساني،نسلي ۽ مذهبي تعصب واري سياست کي به هميشه لاء دفن ڪري ڇڏيو آهي.
(روزاني هلال پاڪستان)

Sunday, August 5, 2018

ڇا ملڪ جو ايندڙ صدر آصف زرداري ٿيندو؟


شفيق الرحمان شاڪر
ظاهر ۾ ته اهو سوال عجيب لڳي ٿو پر اهو خيال ناممڪنات مان ناهي. کيس صدر بنجڻ ڏنو وڃي ٿو يا نه اها الڳ ڳالهه آهي پر باوثوق ذريعن موجب پي پي جي مٿين حلقن  اندر نه رڳو اها سوچ موجود آهي پر پردي پويان انهيء کي عملي جامو پهرائڻ لاء سنجيدگيء سان ڪم به ٿي رهيو آهي.پهرين ڳالهه ته اها جيڪي  ماڻهو نواز ليگ،پي پي ۽ ايم ڪيو ايم کي هڪ ٻئي کان سياسي طور تي پري سمجھن ٿا اهي بي وقوفن جي جنت ۾ رهن ٿا. پاور گيم جو اهو  ٽڪنڊو ماضيء جيان اڄ به جيئن جو تيئن موجود آهي.بس حالتون آهن جن في الحال انهن کي پنهنجي جدا پوزيشن تي بيهڻ تي مجبور ڪيو آهي.الطاف ڀائي اسٽيبلشمينٽ جي عتاب هيٺ آيو،نواز شريف عدالتن جي فيصلن جو نشانو بڻجي ويو جڏهن ته باقي رهيل آصف زرداري به ڪنهن پرسڪون پوزيشن ۾ ناهي.هن جي خلاف به ايترو مواد ڪٺو ٿيل آهي جو مٿين ٻنهي صاحبن جي قطار ۾ پهچڻ ۾ کيس گھڻي دير نه لڳندي.جڏهن سور ساڳيا هجن ۽ رقيب به ساڳيو هجي ته پوء حالتن جو جبر مختلف سوچون ۽ نظريا رکندڙ ماڻهن کي به ڪٺو ڪيو ڇڏي. هتي ته نظرين جو ڪو مسئلو آهي ئي ڪونه،سڄو معاملو پنهنجن ذاتي مفادن  ۽ پاورجو آهي سو انهن مفادن جي تحفظ لاء جيڪر اهي ٽيئي متاثر پاڻ ۾ هڪ هئا ۽ هڪ آهن ته ان ۾ ڪهڙي حيرت جي ڳالهه آهي! لنڊن واري ڀائي صاحب جون تقريرون ٻڌو،ميان صاحب جا   ڪيل خطاب ڏسو يا زرداري صاحب پاران سر سان سر وڄائڻ واري ڌمڪيء جو جائزو وٺو ته توهان کي انهن سمورين شين ۾ عجيب قسم جي عظيم مطابقت ۽ هڪجهڙائي نظر ايندي.انهن ٽن اهم شخصيتن سان گڏوگڏ مولانا صاحب،محمود خان اچڪزئي ۽ اسفند يار ولي پڻ ساڳئي ئي پليٽ فارم تي ماضيء ۾ بيٺل ڏٺا ويا ۽ هن وقت به اتي جو اتي موجود آهن.انهن جا بيان ٿورو گھڻو هڪ ٻئي کان مختلف ٿي سگھن ٿا،سندن وچ ۾ ڪڏهن ڪڏهن معمولي نوعيت جا اختلاف به محسوس ڪري سگھجن ٿا ۽ ڪيترن ئي معاملن تي سندن سوڄ ۾ ڪجهه گھٽ وڌائي پسي سگھجي ٿي پر بنيادي طور تي انهن سڀني جو مقصد ۽ ٽارگيٽ ساڳيو آهي .اتفاق جي ڳالهه اها جو انهن سمورن مان بنيادي طور تي ڪوبه اينٽي اسٽيبلشمينٽ نه رهيو آهي،سندن پارٽين جي ڳالهه نٿا ڪيون پر انهن شخصيتن جي ذاتي حيثيت ۾ ماضيء جي سوچ ۽ پاليسين جو غور سان جائزو ورتو وڃي ته معلوم ٿيندو ته اهي پاڻ ڪنهن نه ڪنهن طرح اسٽيبلشمينٽ جي سياسي هٿيار طور استعمال ٿيندا رهيا آهن.ڪڏهن اصل جمهوري نظام کي قائم ڪرڻ جي رستي ۾ رڪاوٽون اڀيون ڪرڻ ڪاڻ ته ڪڏهن انهن کي هڪ ٻئي خلاف استعمال ڪرڻ واسطي. هن وقت صورتحال اها آهي جو انهن مان هرهڪ جي پنهنجي سياسي بقا جيڪا انهن جي مفادن جي تحفظ لاء ضروري آهي اها رسڪ تي لڳل آهي.توهان ڏسو ته زرداري صاحب کان سواء انهيء پوري سنگت جا سمورا همراهه هن وقت في الحال سياسي ميدان يعني چونڊن جي عمل مان آئوٽ ٿي چڪا آهن يا ڪيا ويا آهن.اهي سڀ گڏجي اها جنگ وڙهڻ گھرن ٿا پر ٻئي طرف انهن جو هڪ ٻئي تي پورو اعتماد ۽ ڀروسو نه هئڻ سبب انهن مان هرهڪ ٻئي کان بدگمانيء واري ڪيفيت ۾ به ورتل نظر اچي ٿو.انهن مان هر هڪ کي ٻئي تي شڪ به آهي ته متان اهو ڪنهن طرح کين دوکو ڏيئي اسٽيبلشمينٽ جي ڪڇ ۾ نه ويهي رهي ۽ ايئن آهي به سهي جو ماضيء ۾ اهي هڪٻئي سان اهڙيون ويساهه گھاتيون ڪندا رهيا آهن.اهي  سڀيئي هونئن ته تمام ڏاها ۽ ڦڙت آهن پر سندن پوري سياسي زندگي۾ هي پهريون موقعو آهي جو هو واقعي منجھي پيا آهن ۽ پنهنجو پاڻ کي بيوس محسوس ڪري رهيا آهن.سندن نظرون ڪنهن اشاري جون منتظر آهن پر اهڙو ڪوبه اشارو نٿو ٿئي.انهن مان هرڪو پنهنجون خدمتون پيش ڪرڻ لاء هر وقت تيار آهي پر اڳيان غضب جي بي رخي آهي جنهن کين گھڻو  چڙچڙو به ڪري ڇڏيو آهي.تازو ٿيل چونڊن ۾ موسم جا انداز ڏسي انهن جي مايوسي اڃا به وڌي ويئي آهي.سياست جي ميدان مان آئوٽ ٿيڻ بعد احتساب جو خوفناڪ راڪاس وات پٽيو کين سامهون نظر اچي رهيو آهي.ڪيسن جي صورت ڪهڙي به ٿي سگھي ٿي،ڪرپشن،سيڪيورٽي رسڪ،ملڪ دشمني ،دهشتگردي وغيره وغيره. هو  نئين ٺهندڙ  وفاقي حڪومت  ۽ خاص طور تي پنجاب ۾ پي ٽي آئي حڪومت کي ڪنهن به صورت  روڪڻ چاهين ٿا جيڪي حڪومتون قائم ٿيڻ جي صورت ۾ سندن مشڪلن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويندو  پر وفاق ۾ ته اهو ممڪن نظر نٿو اچي،باقي پنجاب ۾ اهي سڀ گڏجي پورو زور هڻندا ته ڪنهن نه ڪنهن طرح ٻي ڪنهنجي به حڪومت قائم ٿي وڃي پر عمران حڪومت نه ٺاهي سگھي.ڪنهن مرحلي تي جيڪر محسوس ٿئي ته نواز ليگ حڪومت  نٿي جوڙي سگھي ته اهي سڀ گڏجي چوڌري پرويز الاهي تي به راضي ٿي سگھن ٿا.توڙي جو انهن مان ٻن اهم پارٽين سواء ٻي ڪنهن به گروپ وٽ پنجاب اسيمبليء ۾ ڪي سيٽون موجود ناهن پر اهي سڀ ان سياسي مفاهمت جو حصو آهن ته پنجاب ۾ اقتدار ڪنهن به صورت ۾ عمران خان طرف نه وڃڻ گھرجي.جيستائين ذاتي طور تي نواز شريف جو تعلق آهي ته هو اليڪشن نتيجن کي مڪمل طور تي رد ڪري هڪ زوردار تحريڪ هلائڻ جي حق ۾ آهي .لنڊن وارو همراهه،مولانا صاحب،اچڪزئي ۽ اسفند يار ولي به نواز شريف جي خيال سان متفق آهن پر زرداري صاحب ۽ شهباز شريف جون پنهنجون مجبوريون آهن جن خلاف في الحال نه رڳو اهو ته اڃا ڪا قانوني ڪاروائي ناهي ٿي پر انهن کي صوبائي حڪومتون قائم ڪرڻ جو موقعو به مهيا ڪيو ويو آهي.انهيء سموري صورتحال کي ذهن ۾ رکندي هاڻي اچو ان شروعاتي سوال طرف ته ڇا زرداري صاحب ملڪ جو ايندڙ صدر ٿي سگھي ٿو ۽ جيڪڏهن ٿي سگھي ٿو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي؟ڳالهه هيء آهي جو نون ليگ کي هن وقت پنجاب ۾ حڪومت سازيء لاء زرداري صاحب جي سپورٽ گھربل آهي ۽ زرداري صاحب جا قاف ليگ جي چوڌري صاحبن سان به گھاٽا لاڳاپا آهن. سو جيڪر زرداري صاحب پنجاب ۾ نون ليگ جي مدد ڪري ٿو ته ان جي جواب ۾ زرداري صاحب کي ڇا ملڻو آهي؟ سنڌ ۾ ته کيس نون ليگ جي ضرورت نه آهي.ان ڪري اهڙي مفاهمت جيڪر ٿي ته ان جو مرڪزي نڪتو اهو هوندو ته نون ليگ ان جي بدلي کيس ايندڙ صدارتي چونڊن ۾ مدد ڪندي.پي پي . نون ليگ،ايم ايم اي،اي اين پي ۽ اچڪزئي سان تعلق رکندڙ صوبائي اسيمبلي ميمبرن جو ايترو تعداد موجود هوندو جن ذريعي زرداري صاحب ملڪ جو صدر چونڊجي سگھي ٿو.شرط اهو ته نواز ليگ پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿئي پر جيڪر نون ليگ پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ ۾ ناڪام ٿئي ٿي ته پوء نون ليگ جو سياسي طور تي اهڙو حشر ٿيندو جو نه ته ان وٽ ايترا ميمبر باقي رهندا ۽ نه ئي زرداري صاحب صدر ٿي سگھندو.انهن سمورن خوابن ۽ خواهشن ۾ بحث ان نڪتي تي هڻي  وڃي هنڌ ڪري ٿو ته اسلام آباد جي ڀر ۾ ئي ويٺل بادشاهه گر زرداري صاحب کي هڪ دفعو وري صدارت جي شيرواني اوڙهي هر قسم جي احتساب کان بچڻ جو موقعو ڏيڻ پسند ڪندا؟
(روزاني جيجل)