Monday, August 22, 2016

شاعريء جي زبان : اکيون هي انوکيون ڪٿان يار پاتيون ( ناري لڇواڻي )





اکيون هي انوکيون ڪٿان يار پاتيون
ڪڏهن مُسڪرائن، ڪڏهن ڄڻ تہ ڪاتيون

ڪٿان هي سکيون تيز تيرن سان چيرڻ ؟
نہ تيرن ۾ ڄايون، نہ تيرن ئي تاتيون !

لڳي ٿو هي مونسان سلڻ سڀ ٿيون چاهن
نہ سمجهان ٿو ٻولي، هُجن جئن ڪي ٻاتيون

ڦرڻ سان هنن جي ڦري سڀ وڃي ٿو،
هي صُبحن کي ڇا ٿيو، ويا بڻجي راتيون؟

ڪري ٿيون ڇڏن روُح سُرهو سدائين،
پکيءَ لات وانگر لڳن اک جون باتيون

جڏهن ٻن ڏٺو، ٻن ٻيُن کي بہ سامهون
هُيون هڪ ٻئي ۾ سمائڻ لاءِ آتيون

ٻُڏي ڪئن ويون دل جي اوُنهي سمُنڊ ۾
پري کان ئي بيٺي ٿي پاتائون جهاتيون
 
الائي ڇو مقبوُل ڏاڍيون ٿين ٿيون؟
ڪي نظمون اکيُن تي جڏهن ڀي مون ڳاتيون
(ناري لڇواڻي )

ٻارڙن جي محفل ؛ احسان فراموش



سباس طاهره شاه ۽ ڪامران لاڙڪ جي پيار ڪهاڻيء جو اذيتناڪ انت.


(روزاني سنڌ ايڪسپريس)   

طوطن ماء،جنڙي ۽ کلڻي ڇوڪري !


 (روزاني ڪاوش)


فنڪشنل ليگ کي لڳندڙ ڪجھه وڌيڪ کاٽ !


 (روزاني ڪاوش)

پ پ ـ ايم ڪيو ايم ڳٺجوڙ ۽ آئين جي لتاڙ


page 1 (8)

مُرده باد نه، هاڻي زنده باد!!


پارٽيون بدلائڻ ان وقت تمام وڏو عيب هو جڏهن پارٽيون پاڻ به عيبدار نه هيون. پنهنجي پيرن تي پورو رهي هو پُوريون ئي هيون، ڪڏهن کُٽيون نه هيون. سياسي جماعتن جڏهن اُصولي سياست ڇڏي ته هو به ڇڏڻ جهڙيون ٿي پيون، اهو ٿي نٿو سگهي ته ناداني ٿئي ۽ نتيجا نه ڏسجن!
ڪو وقت هو، پارٽي پنهنجي لائين تان نه هٽندي هئي ته سندس اڳواڻ ۽ سرواڻ به ان مان نڪري پنهنجي سڃاڻَ خراب نه ڪندا هئا، اڳي ۽ پوءِ هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي پوزيشن ڇڏي، جنهن پنهنجي جاءِ ڇڏي تنهن پنهنجي پَتِ وڃائي، اها نَتِ وري اهڙي شيءِ آ، جو هڪ ڀيرو وئي ته وئي، وري ناهي ڄمندي!
پارٽين پاڻ جڏهن وفد موڪلي وقت جي آمريتن سان ويهي ڳالهيون ڪيون ته ڳالهيون ڪندي ڪندي وفد ٻيءَ ڌُر جا ٿي ويا، اُن ڌر جو مؤقف اهڙو وڻين جو پارٽيءَ نه قبوليو ته پاڻ پئڪيج قبوليائون ۽ پارٽي ڇڏي ”پيٽرياٽ“ ٿي ويا. اڳي پوءِ پارٽيون به جڏهن ڪنهن پئڪيج تي ٺهي وڃن ٿيون ۽ ”ٺاهه“ ڪن ٿيون ته انفرادي سطح تي اُٻهارَ ڪري ڪي اڳواڻ اهو ئي ڪم ڪن ٿا ته پارٽيون اخلاقي طور انهن کي روڪي نه ٿيون سگهن، اها عادت اُهي ئي وجهن ٿيون.
پارٽين جي ڪمزورين کان واقف ٿي ڪي ماڻهو پارٽين جون ڪمزوريون ٿي ويندا آهن، انهن تي ڊسيپلين ناهي هلندو، پارٽين ۾ انهن جي هلندي آهي. هنن کي جڏهن مرڪزي قائد جي توجهه گهٽ ملي ٿي ته هو جُتيون کڻي اُٿن ٿا ۽ ٻيءَ پارٽيءَ ۾ هليا وڃن ٿا. هنن جهڙا ڪي هُتي به ويٺا آهن، اهي سندن ڪم ٺاهين ٿا. هڪ اڌ ناهن، اهڙا ڪيترا آهن، جن جي وفاداري ”تيماداري“ سان مشروط هجي ٿي. هو جنهن به جماعت ۾ آهن، مهمان آهن، اهميت، اختيار ۽ عهدن جي مقدار ۾ ڪمي، ڪنهن وقت به انهن کي اتان ٽپڙ کڻائي ٿي. پارٽيون سندن لاءِ پليس فارم آهن، اتان گذرندڙ ٽرين تي ڪنهن وقت به لت رکي سگهن ٿا، ڪو ٻيو پليٽ فارم سندن منزل ٿي سگهي ٿو. سياست ۾ اڄ اهڙا سفر ٿين ٿا، ڪڏهن هڪ، ڪڏهن ٻه ۽ ڪڏهن ته لڏو ئي لڏ کڻي نڪري وڃي ٿو.
هو پوئتي جن کي ڇڏي وڃن ٿا، اهي هنن کي روڪي ناهن سگهندا. هو به هنن جهڙا هوندا آهن، کين به پَڪ ناهي هوندي ته ڪڏهن ٿي اسان واري ٽرين اچي. ڪوئي ڪاوڙ ۾ نڪري وڃي يا ڪنهن آڇ تي هليو وڃي، اهو ان جو نه پهريون قدم هوندو آهي نه آخري، اها اچ وَڃ آهي، پوءِ کڻي ڪيتري به وقفي سان ٿئي. توهان ڏسو چند کانسواءِ جيڪو به جنهن پارٽيءَ ۾ آهي، اڳ اتي نه هو، اڳ ان پارٽيءَ ۾ هو جنهن سان هينئر سندس جماعت جهيڙي ۾ هوندي، جهيڙا به ڪهڙا آهن، لفظن جي جنگ، جُملن جا تير، مهڻن جي گولاباري! پاڪ- ڀارت ڪشيدگيءَ جيان ڪڏهن ڳالهيون ڪڏهن گوليون. هو جيڪو اهڙو سياسي صاحب ٿئي ٿو، تنهن جو هر جماعت يا ته ماضي آهي يا حال يا وري مستقبل!! اڄ هيڏي آهي، سڀاڻي هوڏي هوندو، پرينهن وري واپس ايندي ڏسندؤ، اهي ماڻهو ”سياسي مٽيريل“ آهن، جماعتن ۾ انهن جي مَٽا سَٽا ٿيندي رهندي آهي. هنن جي چُرپر هڪ اسڪور آهي، ڪڏهن ڪنهن جو ته ڪڏهن ڪنهن جو اسڪور وڌائيندا آهن.
مُک اڳواڻن جا هي مُلاقاتي، ڀر ۾ ويهڻ جا بُکيا، ڪڏهن ڏسندؤ ته ڪنهن جي ”پريس ڪانفرنس جو اعلان“ هوندا، ڪڏهن ان جي مخالف اڳواڻ جي ڪڇ ۾ ويهي ”وفاداريءَ“ جو اعلان ڪندا نظر ايندا.
انهن اڳواڻن جون وفاداريون بدلائڻ وارين پريس ڪانفرنسن جون جهلڪيون جوڙي هلايون وڃن ته ساڳي مُنڍي ڪڏهن هڪ قائد جي پاسي ۾ ته ڪڏهن ٻئي قائد جي پاسي ۾! اها وفاداري هڪ پريس ڪانفرنس کان ٻيءَ تائين جي وچ واري وقفي جي هوندي آهي، پوءِ اهو سالن جو هجي يا ڏينهن جو!! ڀر ۾ ويهارڻ وارن کي به پَڪ هوندي آهي ته سڀاڻي کين شمن جو اهو گانو ٻُڌڻو پوندو،
مون کي سچ چوندا ها، يار منهنجا
تون مون سان وفا نه ڪندين!
وفاداري اڳي وَڙ هوندو هو، هاڻي وکر آهي، وڪجي ٿو ۽ واپارجي ٿو، جهڙو وٺڻ وارو تهڙو ڏيڻ وارو! ائين ڪونهي ته هڪ غلط ٿو ڪري ٻئي سان غلط ٿئي ٿي، جيڪو ڪجهه آهي اهو وقتي آهي. ڪم ڪڍڻ واري کي به ڪم ڪڍي ڊکڻ کي وسارڻو آهي ۽ ڊکڻ به ڪم واري جي ڪمِ ڪنهن حساب سان ٿو اچي. اهي گڏجي عوام سان بيوفائي ڪن ٿا. هنن کي پنهنجي سياست سان، پنهنجي حڪمرانيءَ سان، پنهنجي مخالف ڌر واري ڪردار سان عوام کي ئي اعتبار ڏيارڻو هوندو آهي ته تنهنجي لاءِ ٿا ڪريون، پنهنجي ڪا پرواهه ناهي. اُصول ۽ قانون کان هٽي جيڪڏهن حڪومت ڪو قدم کڻندي به ته چوندي عوام لاءِ ڪيوسين، ماڻهن کي ڇڏي ڪوئي اگر ذاتي مفاد لاءِ ڪم ڪندو ته سياستدان به ان کي عوام جي ڀلائيءَ ۾ ڳڻيندو. هي اهڙو مُلڪ آهي، جتي سڀ ڪجهه ئي عوامي ڀلائيءَ ۾ ڪيو ويندو آهي. هتي مارشلائون به عوام جي ڀلائيءَ ۾ لڳنديون آهن. سياسي وفاداريون به خلق جي خوشيءَ لاءِ بدليون آهن، عوام ڪيڏو خوش نصيب آهي جو هن سياست ته سؤ سيڪڙو عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ٿئي ٿي، پارٽين ۾ رهي به اهو ڪم ٿا ڪن، پارٽين مان نڪري به اهو ٿا ڪن، پارٽين جا نالا بدلائي بدلائي نظريا مٽائي مٽائي، واعدا ڦيرائي ڦيرائي خدمت عوام جي ٿا ڪن، عوام سندن ٿورا لاهي به ڪيترا لاهي!
پر جڏهن هو ڪنهن ڳالهه تان اَٽڪن ٿا ته هنن جي چارج شيٽ ته ڪو ٻُڌي، وڏا وڏا انڪشاف ڪري هڪٻئي تي هڻندا، گڏ کائڻ وارا اهڙيون ٿا ڪچيون ڪن، اهڙو ٿا هڪٻئي کي ڏٺو ڪن جو ٻُڌڻ وارن جو ويسوري ۾ وات پٽجي وڃي ٿو. ماڻهو حيرت ۾، ته اهو سچ آهي جيڪو گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ چوندا آهن يا سچ اهو آهي جيڪو انفرادي پريس ڪانفرنس ۾ بيان ڪن ٿا. هڪٻئي جا راز ڄاڻيندڙ ۽ انهن جا فائيل رکندڙ آهن، راضي ته راضي، ڦري کانپوءِ ڪنهن جا به ناهن. هي هنن جو وِت آ، هي هنن جو وڙ آ، هي هنن جو ظرف آهي، جيڪو ٺاهه ۾ هڪڙو هوندو آهي، ڪاوڙ ۾ ڪجهه ٻيءَ طرح ظاهر ٿيندو آهي. هي جيڪو هڪٻئي تي هڻندا آهن، اهو هنن کي ڇڏي ڏيڻ لاءِ عوام ڪاڻِ ڪافي هوندو آهي، پر سياست لاءِ صفا ٿورو عوام گهربو آهي، صرف ايترو جيترو اليڪشن ۾ ٽرن آئوٽ هوندو آهي، ايتري عوام کي بيوقوف بنائڻ ۾ هنن جي سياست ڪامياب آهي. اهڙيءَ طرح هنن جي سياست ٿي پئي، هنن جو واپار، پارٽين جو ڪاروبار هلي ٿو. هڪ پارٽيءَ ۾ رهي به هلي ٿو، ٻيءَ ۾ وڃي به هلي ٿو!!
ڪي اهڙا آهن جيڪي هرحال ۽ چال ۾ هنن سان گڏ آهن، انهن کي فقط اطلاع کپي ته ڀوتار ڪهڙي پارٽيءَ ۾ پهتو. جهنڊا کڻندا نعرا هڻندا، هوڏي هجي به جيئي، جتي ڪٿي جيئي!! پارٽي هنن لاءِ هڪ گاڏي آهي، صاحب جنهن تي چڙهي! جيئن ان ڳالهه جي وڏي اهميت نه هوندي آهي ته ڪوئي ٽرين ۾ ٿو سفر ڪري، جهاز ۾ ٿو گهمي، يا ڪنهن ڪوچ يا ويگن ۾ ويٺو آهي، جتي به آهي صاحب، صاحب آهي، سواري هن جي هيٺان آهي. سياست جو صاحب جنهن تي به آ، پر هي هن جي چوڏيل تي چڙهيل آهن، ڦيراٽيون پيا کائين، ڦرڙاٽيون پيا ڀرين!
سياستدان ئي نه، سياسي پارٽيون به اهڙيون ٿي ويون آهن، نين پارٽين جي ڳالهه نٿا ڪريون، پراڻين جي به اها پوزيشن آهي، جن سياست ۾ ڪئين نسل نڀايا ۽ آدرشي انسان اُپايا، جن جماعتن کي جنم ڏنا ها، جن آدرش جوڙيا ها ۽ قربانيون ڏنيون هيون، جن جي شهادتن انهن پارٽين کي شان ڏنو، ڪن ماڻهن اها مُوڙي ئي چٽ ڪري ڇڏي، پارٽي ئي پَٽُ ڪري ڇڏي ۽ هڪڙي قسم جو هٿ ڪري ڇڏي، جن جماعتن جي سڃاڻپ ساهه ۽ ويساهه هو، انهن کي اڄ اين جي اوز جيان بڻايو ويو آهي، اهي عوام لاءِ ته ڪمند پيڙهڻ جون مشينون ٿي ويون، پر ڪن ماڻهن لاءِ اي ٽي ايم مشينون بڻجي ويون. سياست جو جيڪو نج هو، اهو ٻج کٽي ويو، هاڻي ٻنيءَ ۾ پوک هائبرڊ ٻج جي ٿئي ٿي. جهڙي پوک تهڙي پيداوار، اهڙا ماڻهو انهن پارٽين ۾ اچن ۽ وڃن ٿا، عوام لاءِ جن جي نه اچڻ جي خوشي نه وڃڻ جو غم!!
پارٽين کي ڇڏڻ ۽ پارٽين ۾ اچڻ وارن تي ته تنقيد هرڪو ڪري ٿو پر انهن ”ويئر هائوسز“ جي حالت ڪو نٿو ڏسي جتي اهڙو سامان رکجي ۽ کڄي ٿو. پارٽيون ائين ڇو ٿيون، هر جماعت ۾ هو جيڪي مرڪزي قائد آهن، اهي اهڙي مَٽا سَٽا وارو ڪاروبار ڇو ٿا ڪن؟ ڪو هوڏانهن اچي هنن سان پريس ڪانفرنس ٿو ڪري، ڪو هنن کي ڇڏيون ٻئي پاسي ٻين سان گڏجي اهڙي ئي ڪانفرنس ڪري رهيو هوندو آهي، ڇڏڻ واري جا الزام به ساڳيا، اچڻ واري جون تعريفون به ساڳيون. هڪڙي قسم جي اسڪرپٽ، هيڏانهن وڃڻ وارو هوڏي وڃي پڙهي اوڏانهن اچڻ وارو هيڏي اچي پڙهي، چار لفظ ته ”مون محسوس ڪيو ته عوام جي خدمت هن پارٽيءَ ۾ ڪري سگهجي ٿي، هوڏي ڪجهه نه ٿي ڪري سگهيس“. ان کان علاوه ڪجهه الزام جيڪي مختلف هجن ٿا، ارادو ٺهي ته الزام پاڻهي ٺهي ايندا آهن.
سياست جي سرير ۾ اڄ ستر جي ڏهاڪي وارو ساهه ئي ڪونهي، ان مان 80 جي ڏهاڪي جهڙو احساس به ختم ٿي ويو آهي، نوي وارو ڏهاڪي جي منڍ ۾ جو سپنا ٽٽا ته سياست مان اُصولن موڪلاڻي ڪئي. نظريي جي يپداوار ٻي هئي، مفادن جي لاڳت مطلبن جي اُپت، دوکي جو وهنوار، پوري جو پورو ڪاروبار ٿي وئي آهي، سياست اها الائي ڪهڙي دؤر ۾ عبادت هئي، جن جي هئي اهي سڀ الله کي پَرتا ٻُڌون، جيڪو قوت جو سرچشمو هو اهو هاڻي سياست جو مٽيريل آهي. ڪارڪن ڪلهه به جهنڊا کڻندو هو ۽ بينر هڻندو هو، اڄ به اهو ئي آهي پر ڪلهه ڪارڪن سان اڳواڻ گڏ هوندا هئا، اڄ هو ستين آسمان تي ٿا رهن ۽ ڪارڪن زمين تي آهن.
پر انهن ڪارڪنن سان وڏي ويساهه گهاتي ٿي ٿئي. هو جنهن جا آهن، جنهن سان آهن، انهن جا گيت ڳائي ڳائي هڪ سُر مس ٿا سيٽ ڪن ته اوچتو کين اهو ٿو چيو وڃي ته ڪي قصيدا نوان به ڳايو، جن کي مُرده باد چوندا رهيا آهيو، اهي هاڻي زنده باد آهن، نعرا مَٽايو، جهنڊا بدلايو، شاباش همت ڏيکاريو.
اهي ڦِرڻا گهرڻا صاحب پنهنجي ڪارڪنن جو قبلو ئي مٽائي ٿا ڇڏين. ڪارڪنن جي جذبن کي وڏو جهَٽڪو ٿو اچي. اوچتو خبر ٿي پوين ته اسان جي صاحب پنهنجا صاحب مٽائي ڇڏيا آهن، جن جي مخالفت ڪئي سين تن جي هاڻي تعريف ڪرڻي آهي. اسان جي حمايت واپارجي وئي، مارڪيٽ ۾ هاڻ مخالفت نه حمايت هلندي، هاڻي اسان واري زنده باد هڪ جي ٻي ٿي وئي!
هن مُلڪ جي سياست مٿين ليول تي ته مفاهمت جو مزاج رکي ٿي، پر هيٺ ڪارڪنن ۾ وڏو جذبات جو جهانُ آهي. هو جيڪي ڪارڪن ٿين ٿا، انهن هڪ ڀيرو جنهن لاءِ مُرده باد چيو ته چيو ڪڏهن زنده باد نه چوندا آهن، ڇو ته انهيءَ ”مرُده باد“ جي هو ايتري ته قيمت ادا ڪري چڪا هوندا آهن جو سندن زخم تازا رهندا آهن، ڪڏهن ڇُٽندا ناهن، اسان جي سياست ۾ مخالفت کي اذيت ڏيڻ ۽ نقصان پهچائڻ جو رواج آهي، جن هڪڙي حمايت ۽ ٻي مخالفت ۾ مارون کاڌيون آهن تن جي حمايت ۽ مخالفت تبديل نٿي ٿئي. پارٽيون مٽائڻ سان ڇا ٿو ٿئي جو ڪارڪنن جي ڪم جي نوعيت تبديل ٿي وڃي ٿي، ڪنهن معاوضي تي ڪم ڪندڙ مزدور تي ته ڪو فرق نه پوندو، هي ڪم يا هُو، پر جيڪو ڪارڪن ٿئي ٿو، تنهن جو پنهنجي پارٽي ۽ قائد سان رشتو ئي جذباتي ٿئي ٿو، ان لاءِ اها ڪيڏي صدمي جي ڳالهه آهي جو اوچتو کيس ٻڌايو وڃي ته ٻيا نعرا هڻو، مُرده باد نه، هاڻي زنده باد!!
(روزاني عبرت)  

ماضيء جو آئينو ؛ ٽيڪسيلا جو آباد ٿيڻ


شفيق الرحمان شاڪر

راولپنڊي ۽ اسلام آباد کان اتر اولهه طرف 35 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي پشاور ويندڙ جي ٽي روڊ تي موجود ٽيڪسيلا اڄ به آباد آهي پر حقيقتون ٻڌائين ٿيون ته هي اهو ٽيڪسيلا ناهي جنهن هزارين سال پهرين هن ڌرتيء تي هڪ عظيم الشان شهر جي حيثيت ۾ جنم ورتو.هاڻي ان شهر جو ته نالو نشان به نه رهيو آهي البته ويهين صديء ۾ ٿيندڙ کوٽائين جي نتيجي ۾ گھٽ ۾ گھٽ 20 ڪلوميٽرن جي دائري ۾ اهڙين ڪيترين ئي آبادڪارين جا کنڊرمليا جتي ڪڏهن جيئرا جاڳندا انسان رهندا هئا ۽ زندگي پنهن جي سموري سونهن سان جرڪندي هئي.پٿرن جي انهن ڍيرن مان اهو به معلوم ٿيو ته ماضيء جي ڏينهن ۾ انهن شهرن نه رڳو لاهن ۽ چاڙهن جو هڪ ڊگھو سفر طيء ڪيو پر هتي دنيا جي عظيم ترين تهذيبن به اک کولي ۽ ترقيء جون منزلون طيء ڪيون.اهو سفر ڪڏهن شروع ٿيو ۽ ڪٿي ختم ٿيو،ان معاملي ۾ تاريخدان اختلافن جو شڪار آهن.ڪن ان کي هزارين ته ڪن لکين سال پراڻو شهر قرار ڏنو آهي.
دلچسپ ڳالهه اها ته پوري واديء ۾ ڪي درجن شهرن،ڳوٺن ۽ آبادين جا کنڊر پکڙيا پيا آهن جن ۾ ڀير،سرڪپ،سرسک،جوليان،موهڙا مرادو،هٿيال،پپلان، گڙهي،سرائي کولا، ڪلوان، جنڊيال، ڌرم راجيڪا وغيره شامل آهن.اندازو آهي ته ان سموري واديء کي ٽيڪسيلا جي نالي سان سڏيو ويندو هو ۽ اهي علائقا انهي واديء جا حصا هئا.جيڪر ٽيڪسيلا جي قديم نالن جو جائزو ورتو وڃي ته ان کي هڪ وادي ئي قرار ڏنو ويو آهي جتي ڪڏهن نانگن جي حڪومت هئي.ان ڪري ان کي “ نانگن جي وادي” جي نالي سان به سڏيو ويندو هو. ٽيڪسيلا جي آباد ٿيڻ جي حوالي سان انسائڪلوپيڊيا آف برٽينيڪا جي مضمون نگارن جو خيال آهي ته ان کي هندن جي ديوتا وشنو جي اوتار رام جي ننڍي ڀاء ڀرت پنهن جي پٽ ٽيڪسا لاء آباد ڪيو هو ۽ اهو ئي ان جو پهريون حڪمران ٿيو.پر جيئن ته تاريخ ڀرت يا ان جي پٽ جي زماني جي باري ۾ خاموش آهي ۽ انهن جو ذڪر صرف ديومالائي قصن ۽ ڪهاڻين ۾ ئي ملي ٿو،ان ڪري ٽيڪسيلا جي آباد ٿيڻ جو صحيح زمانو به ٻڌائي نٿو سگھجي.
تاريخ جي ممتاز محقق پروفيسر ڊاڪٽر حسن واني، سرجان مارشل جي ڪتاب “گائيڊ ٽو ٽيڪسيلا” جي جواب ۾ “گائيڊ ٽو هسٽاريڪل ٽيڪسيلا” نالي ڪتاب لکيو آهي جنهن مطابق ٽيڪسيلا جي شروعاتي حڪمرانن جو تعلق ٽاڪشڪ قبيلن سان هو جن جي موجوده شڪل ٽاڪا قبيلو آهي. ٽاڪشڪ قبيلي جي هن جابلو گاديء واري هنڌ جو نالو مارگلا هو.ٽيڪسيلا جو اهو شهر مارگلا جبلن جي اولهه طرف هڪ مقامي دريا تمر نالا جي ڪناري آباد هو.برائونز ايج يعني اٽڪل اڍائي لک قبل مسيح جا ٽيڪساس جا کنڊر ٽيڪسيلا ميوزيم جي اتر اوڀر ۾ اڌ ميل جي مفاصلي تي تمر نالا جي ڪناري هٿيال نالي ٽڪريء جي هنج ۾ موجود آهن.انهن جا چٽيل ٿانو،پالش ٿيل پٿر جا هٿيار،هڏين جا اوزار ۽ ٻيون شيون نيشنل هاء وي ويجھو،ميوزيم جي ڏکڻ اولهه ۾ ڪجھه ميلن تي ڪالا دريا جي ڪناري سرائي کولا مان مليون آهن.
آريا قومون اٽڪل ڏيڍ لک سال قبل مسيح ٽيڪسيلا پهتيون ۽ انهن ان کي گنڌارا جو نالو ڏنو جنهن جي معنيٰ خوشبوء جي ڌرتي آهي.انهن هندستان جي ديومالائي جنگ مها ڀارت لڳڻ تائين هتي حڪومت ڪئي.مها ڀارت جي مرڪزي ڪردارن ،پانڊن جي راڻي،گانڌريء جو تعلق انهيء ئي گنڌارا سان هو.
ستين صدي قبل مسيح ۾ جوليان واري هنڌ ٽيڪسيلا يونيورسٽي قائم ڪئي ويئي جيڪا دنيا جي قديم ترين تعليمي ادارن مان هڪ هئي. “ پاڪستاني هندو پتريڪا” ويب سائيٽ موجب ٽيڪسيلا جو پراڻو نالو “ٽيڪشا سيلا” هڪ وحشي قبيلي جي شهزادي جي نالي تي رکيو ويوبعد ۾ اهو شهر گنڌارا نالي بادشاهت جو حصو بنيو.ٻڌمت جي دور ۾ هن شهر کي گنڌارا  بادشاهت جي گاديء جو هنڌ ۽ علم ادب جو عطيم مرڪز ٻڌايو ويو آهي.
ٽيڪسيلا ۾ مسلمانن جي اچڻ جو سن ته معلوم ناهي پر ٽيڪسيلا جي سڃاڻپ ۽ کوٽائيء کان اڳ اها جڳهه مغل ڪاروان سراء اندر هڪ ٻئي شهر شاه ڍيريء جي نالي سان مشهور هئي جڏهن ته ڪجھه مسلمان اولياء ڪرام جي نالي سان به هتي ڪيئي ڳوٺ موجود هئا.شاه ڍيري نالي ڳوٺ جبل جي مٿان آباد هو جتي ترڪ حڪمرانن هڪ قلعو به تعمير ڪيو هو ڀڙ جبل تي هڪ وليء جي مزار به هئي جنهن جو نالو “ڀير زيارت” هو.اهڙيء طرح موهڙومرادو ۾ “پنج پير” جي نالي سان هڪ زيارت موجود هئي پر مسلمانن جي اصل وڏيون زيارتگاهون مارگلا هلز جي ٻئي طرف هيون جن ۾ شاه اللھ ڏتا غار،گولڙا شريف،سيدپور ۽ امام بري شامل آهن.
گھڻن مورخن ٽيڪسيلا جي شهرن جو انگ ٽي ٻڌايو آهي،انهن مطابق “ڀڙ” نالي ٽڪري باقي ٻين ٻن شهرن کان گھڻو قديم آهي،کوٽائيء مان معلوم ٿيو آهي ته شهر جو اڀرندو حصو رهائش لاء مخصوص هو جڏهن ته الهندي حصي ۾ اڪثر عبادت گاهون هيون.

(روزاني عوامي آواز)   

ڇا پيپلز پارٽيء ۾ تحريڪ هلائڻ جو دم خم آهي؟


(روزاني سنڌ ايڪسپريس)   

نون ليگ سگھاري ۽ مخالف ڌر ڪمزور ٿي رهي آهي.


(روزاني سنڌ ايڪسپريس)   

سنڌ جي سياست ۽ تعليم لاء جاکوڙ


(روزاني سنڌ ايڪسپريس)   

سنگيت جو لطف 1000 روپين جي ٽڪيٽ ۾!


(روزاني سنڌ ايڪسپريس)   


وال پــــيــــپـــــــر :ڪراچيءَ جي ڪارخانن ۾ ڌرتيءَ ڌڻين لاءِ بند ٿيل روزگار جا دَرَ


ميڊيا اطلاع آهن ته سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ اندر مختلف صنعتي علائقن خاص ڪري سائيٽ، اورنگي ٽائون، بلديا لانڍي واري علائقي، ڪورنگي، نئين ڪراچي، سهراب ڳوٺ ۽ ٻين علائقن جي صنعتن ۾ هڪ منظم سازش ۽ رٿابنديءَ تحت ڌرتيءَ ڌڻين يعني سنڌي ماڻهن لاءِ روزگار جا دروازا بند ڪري ٺيڪيدار نظام لاڳو ڪيو ويو آهي ۽ اهي ٺيڪيدار وري اهي ماڻهو آهن جن جو ڌرتيءَ سان ڪو تعلق ناهي، تنهن ڪري انهن جي ترجيح ڌرتي ڌڻي نه پر ڌاريا آهن، اهي ڌاريا جن هن شهر جي امن کي ٽياس تي ٽنگي رکيو آهي.
ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ ڪراچي سنڌ جو اهڙو ته پرامن ۽ غريب پرور شهر هئي جتي بنا ڪنهن فتني فساط، لساني ۽ فرقيوار تحسب توڙي قبضي جي سوچ ۽ ذهنيت جي سڀ ماڻهو امن سان رهندا هئا، ڪير ڇا ٿو ڪري ان سان ڪنهن جو ڪو مطلب نه هوندو هو، هر ڪو پنهنجي دنيا ۾ مگن، نه فساد نه جهيڙو، نه دهشت گردي نه ٽارگيٽ ڪلنگ، نه ڀتو، نه زوريءَ فطرو وٺڻ جو رواج، نه ئي جانورن جون کلون نه ڏيڻ تي گوليءَ سان هڪ لحظي ۾ انساني زندگي ختم ڪرڻ جي ريت مطلب ته اها ڪراچي اڄ جي ڪراچيءَ کان الائي جي ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ خوبصورت، پرامن، چڱي ۽ سهڻي هئي.
ڪراچي سنڌ جي راڄڌاني آهي ۽ سنڌ جي وارثن سان بلڪل ايئن ئي ٿيو آهي جيئن اسرائيل سوداگر فلسطين ۾ آيا ٽانڊو کڻڻ هئا پر ويا بورچي بڻجي ۽ فلسطيني آهن جو اڄ تائين دربدر ڌڪن ۽ ٿاٻن ۾، لاش کڻڻ ۾، حقن لاءِ احتجاج ڪرڻ ۾ ۽ پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي ٻن ويلن جي ڳڀي ۽ ڇت جي ڳولا ۾ مصروف آهن.
سنڌ سان به ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کانپوءِ بلڪل ايئن ئي ٿيو آهي. هڪ سازش تحت ورهاڱي کانپوءِ هندستان جي مختلف رياستن مان جيڪي ورهاڱي جا متاثر مسلمان ڀائر هيا تن کي اڄوڪي پاڪستان ۾ سمورن علائقن اندر برادريءَ جي بنياد تي ورهائي رهائڻ بدران سڀني کي سنڌ ڏانهن آڱر سان اڳتي جو رستو ڏيکاريندي ڀاشن ڏنا ويا ته ”پاڪستان آگي هي“ سو ايئن ئي انهن سڀني مسلمان ڀائرن جو ٿاڪ ۽ آماجگاهه سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ کي بڻايو ويو ۽ ڪراچي جتي صدين کان سنڌي اڪثريت ۾ هيا اوچتو ئي اوچتو آباديءَ جو توازن بگڙي ويو. ڌرتي ڌڻين جي آبادين کي غير قانوني ڪوٺي کين لڏايو ويو سندن آبادين کي بنيادي سهولتن کان محروم رکي نون آيلن کي سندن زمينون، وسيلا، روزگار، سهولتون مطلب ته سڀ ڪجهه ڏنو ويو، بلڪل ايئن ئي جيئن فلسطين جي ڌرتيءَ تي اسرائيلي طاقتور ۽ فلسطيني ٻن ويلن جي ڳڀي لاءِ پريشان آهن. ڪراچيءَ اندر ڌرتي ڌڻين سان به ته ايئن ئي ٿيو آهي.
ڪراچي ورهين کان وٺي بدامنيءَ جو ڳڙهه رهندي آئي آهي ۽ اهڙو ڦٽيل شهر پئي رهي آهي جنهن جا ڦٽ رت ڳاڙيندا رهيا آهن ۽ اهي ڦٽ پنهنجن نه پر انهن ڏنا آهن جن کي هٿ سان هتي آڻي رهائي هن شهر جو دعويدار بڻايو ويو آهي. سنڌ جي هن راڄڌانيءَ ۾  افغاني، بيهاري، بنگالي، برمي، گجراتي مطلب ته وڻ وڻ جي ڪاٺيءَ کي جيئن وڻي تيئن ڪرڻ جي اجازت آهي ڪنهن فوٽ پاٿ تي قبضو ڪري، ڪنهن چوراهي يا پارڪ جي جاءِ تي ريڙهو هڻي يا ڪو دڪان ٺاهي ويهي رهي ان کان سڀ پڇاڻا معاف، جڏهن ته ڌرتيءَ جو ڪو ڌڻي جيڪڏهن اهڙي ڪا هُج ڪندو به ته اهو ڪاٺ ۾ هوندو. اهو عمل پنهنجي ئي ديس ۾ ڌرتيءَ ڌڻين تي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي اها سازش آهي جيڪا ننڍي کنڊ جي ورهاڱي شرط ئي شروع ٿي وئي هئي.
ڪراچيءَ اندر مختلف صنعتي علائقن ۾ ڌرتي ڌڻين لاءِ روزگار جا در ڪي اڄ بند ناهن ٿيا. هتي مڪامي ماڻهن سان اڇوتن ۽ ريڊ انڊين وارو سلوڪ ڪا نئين ڳالهه ناهي. سنڌ ۾ اڄ جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت آهي، جنهن جو ڳڙهه به سنڌ آهي ته تڪ به سنڌ ۽ ان هميشه سنڌ جي زور تي وفاق ۾ سياست ڪئي آهي ۽ سنڌ کي استعمال ڪري ئي وفاق اندر اقتدار ۾ مختلف حصن ۾ حصو به ورتو آهي ته ان جو باقي سياسي ڌرين کان وڌيڪ فرض ٿئي ٿو ته اها هن معاملي جو نوٽيس وٺي. خاص ڪري سنڌ جي وڏي وزير جو پورهئي بابت نئون صلاحڪار سعيد غني جيڪو هڪ متحرڪ نوجوان آهي تنهن کي هن معاملي بابت اڳتي اچي تفصيل سان جاچ ڪرڻ کپي.
ڪنهن به ڌرتيءَ تي جيڪڏهن ڪو ڪارخانو قائم ٿئي ٿو ته اهو صوبائي حڪومت جي اجازت کان سواءِ ۽ ان جي قاعدن ۽ قانون تي عمل کان سواءِ قائم ٿي نٿو سگهي. ۽ اهو ته عالمي اصول آهي ته جتي به ڪا صنعت ۽ ڪارخانو لڳي ٿو ته اتي روزگار جو سڀ کان پهريون حق مقامي ماڻهن جو يعني ڌرتي ڌڻين جو هوندو آهي. ڪراچي سامونڊي بندر گاهه آهي ۽ ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته هن شهر ۾ روزگار جا تمام گهڻا وسيلا هئڻ سبب نه رڳو وڏي تعداد ۾ غير قانوني پرڏيهي هن شهر ۾ روزگار سانگي اچن ٿا يا آندا وڃن ٿا پر ملڪ جي ٻين صوبن مان به ماڻهو وڏي تعداد ۾ ڪراچيءَ اچن ٿا. روزگار هر ڪنهن جو حق آهي پر صورتحال ان وقت خراب ٿئي ٿي جڏهن ان ڏس ۾ متڀيد ۽ تعصب کان ڪم ورتو وڃي ٿو. يعني ڌرتي ڌڻين کي پٺتي رکي، نظر انداز ڪري، نوڪريءَ کان ۽ مزدوريءَ کان ٺپ جواب ڏئي ان جي جاءِ تي ڌارين کي يا ٻين صوبن کان آيلن کي ڀرتي ڪيو وڃي ٿو.
سو اميد ڪجي ٿي ته سنڌ سرڪار هن معاملي جو نوٽيس وٺندي، نه رڳو نوٽيس وٺندي جن ڪارخانيدارن قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ۽ مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جا در بند ڪرڻ جي جرئت ڪئي آهي تنهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ مقامي ماڻهن کي ترجيح جي بنياد تي روزگار ڏيارڻ لاءِ قدم کنيا ويندا.
(روزاني عوامي آواز)   

ڪشمير، رت ۽ زهر


هندستان جي نام نهاد آزاديءَ جي 70 هين سالگرهه جي موقعي تي دهليءَ جي لال قلعي ۾ نريندر موديءَ جي تقرير ڪشميري عوام جي ڦٽڻ تي وڌيڪ لوڻ ٻرڪيو آهي، جيڪو گذريل ستر سالن کان ڀارتي رياست جي جبر ۽ تسلط کي ڀوڳي رهيو آهي پنهنجي 90 منٽن جي اڄ تائين جي سڀ کان ڊگهي تقرير ۾ مودي حوالن ۾ ڪجهه وڌيڪ ئي اڳتي نڪري ويو. پنهنجي خطاب ۾ هن چيو ”بلوچستان، گلگت ۽ پاڪستاني والاريل ڪشمير جي ماڻهن گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ منهنجو ٿورو مڃيو آهي ۽ مان انهن جو ٿورائتو آهيان!؟ ڪنهن به عقل واري ماڻهوءَ لاءِ ان ڳالهه تي يقين ڪرڻ مشڪل هوندو ته بلوچستان، ڪشمير ۽ گلگت جا ماڻهو پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ موديءَ جهڙي شخص جو ٿورو مڃين.
بلوچستان، گلگت، ڪشمير ۽ پاڪستان جي ٻين علائقن ۾ ماڻهو اُن نظام جي معاملي، سياسي ۽ رياستي جبر ۽ استحصال کي منهن ڏئي رهيا آهن، جنهن جو جارحاڻو ۽ جابر نمائندو هندستان ۾ مودي آهي ۽ جيڪو پاڻ اتان جي غريب عوام جون زندگيون زهر بڻائي رهيو آهي. جتي به سرمائيداري موجود آهي اتي غربت، جبر ۽ انساني حقن جو استحصال گهٽ وڌائيءَ سان هڪ جهڙو ئي آهي. موديءَ جو اهو بيان نه رڳو ڪشمير پر انهن ٻين محڪوم قوميتن جي جدوجهد لاءِ به هڪ زهريلو وارُ آهي، جنهن سان ريڊ ڪلف لائين جي ٻنهي پاسي انهن تي غداري ۽ ايجنٽ هئڻ جا الزام لڳندا.
والاريل ڪشمير ۾ مودي حڪومت ۽ ڀارتي رياست جي سامراجي تسلط خلاف هڪ بغاوت جاري آهي، جنهن وقت مودي تقرير ڪري رهيو هو ته ان وقت ڪشمير ۾ نوجوانن تي گولين جي بوڇاڙ جاري هئي، جيڪي پيڙهين کان وٺي ان قبضي خلاف هر هر بغاوت ڪري چڪا آهن. نام نهاد آزاديءَ جي ڏينهن رياستي جبر دوران ڪشمير ۾ وڌيڪ چئن نوجوانن کي شهيد ڪيو ويو. اڱاري ڏينهن مرڪزي ڪشمير جي ضلعي بدگام جي علائقي نگام ۾ وڌيڪ ٽن ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو، تازن مظاهرن دوران قتل ٿيلن جو تعداد 70 کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته درزنين شديد زخمي يا وري پيلٽ گن جي استعمال سبب نور کان محروم ٿي چڪا آهن. ڄمون ۽ ڪشمير جي وزير اعليٰ محبوبا مفتيءَ آزاديءَ واري ڏينهن جڏهن هندستان جو جهنڊو کولي جهولائڻ جي ڪوشش ڪئي ته جهنڊو زمين تي ڪري پيو، سندس تقرير دوران ٻن سپاهين کي هندستاني جهنڊو هٿ ۾ کڻي بيهڻو پيو.
نام نهاد سيڪيولر هندستان ۾ اقتدار ۾ ويٺل هندو بنياد پرست، محڪوم ڪشميري ماڻهن جي تحريڪ جي ٻيهر اڀار ۽ مسلسل سبب گهڻو تپي باهه ٿيل ۽ پريشان آهن. بي جي پي جي حمايتي راجياسڀا جي هڪ ميمبر تي ايتري تائين چئي ڇڏيو ته سيڪيورٽي فورسز کي وڌيڪ جبر ڪرڻ گهرجي، ڇو جو اهو ڪشميري عوام جي پنهنجي فائدي ۾ آهي. رياستي جبر جيترو وڌندو آهي، ان سان رياستي ادارا ويتر ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿيندا آهن، کوڙ علائقن ۾ انتظامي معاملا وکري چڪا آهن ۽ قابض فوج جا حوصلا خطا ٿي چڪا آهن. ڏاکڻن علائقن ۾ حالتون وڌيڪ ڳڻتيءَ جوڳيون آهن. پوليس ٿاڻن مان ڀڄي رهي آهي ۽ ڪيئي اهلڪار پنهنجون ورديون ڦِٽي ڪري گهر ويهي رهيا آهن، انهن مان ڪجهه پوليس اهلڪار ته هندستان مخالف مظاهرن ۾ به ڏٺا ويا آهن.
اجوئي گوش ان حوالي سان لکيو آهي ته ”ڏکڻ جي ڪيئي علائقن مان انتظاميا غائب ٿي چڪي آهي، محبوبا مفتيءَ جي حڪومت عملي طور پنهنجي ذميوارين کان آجي ٿي چڪي آهي ۽ مرڪزي فورسز ڪٿي به نظر نه ٿا اچن، ايئن ٿو لڳي ته رياست ڏکڻ ڪشمير جي وڏي حصي کي آزادي ڏئي ڇڏي آهي، اندر وارن علائقن ۾ جتي فوجي ۽ نيم فوجي جٿن جي مقرري وڌيڪ آهي، اتي ڪنهن حد تائين مرڪزي عملداري نظر اچي پئي، پر هتي به مقامي پوليس ۽ سول انتطاميا جي غير موجودگي واضح نظر اچي پئي. ڄمون ۽ ڪشمير پوليس عملي طور ماٿريءَ مان غائب ٿي چُڪي آهي، وزير، پي ڊي پي ۽ بي جي پي سان تعلق رکندڙ اسيمبلي ميمبر ماٿريءَ ۾ آزاديءَ سان چُرپر ڪري نه ٿا سگهن. بي جي پي جا گهڻا ميمبر هن ماٿريءَ ۾ پنهنجي گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن. جڏهن ته پي ڊي پي جا اسيمبلي ميمبر سرينگر ۾ پنهنجي سرڪاري گهرن ۾ سخت پهرن ۾ رهي رهيا آهن. وزيراعليٰ سميت پي ڊي پي جا اڪثر اسيمبلي ميمبر پنهنجي تڪن ۾ وڃڻ کان ڊنل آهن.
ڪجهه اطلاعن موجب محبوبا مفتيءَ سرينگر تائين عوامي سطح تي پنهنجي چرپر کي محدود ڪري ڇڏيو آهي. 2016ع واري سرڪشي ڪيئي حوالن سان 1990ع واري بعاوت کان مختلف آهي. پهرين صفن تي موجود ڪشميرين جو نئون نسل وڌيڪ جرئت مند ۽ باغي آهي. انهن اندر هڪ نئين جرئت، اُڻ تڻ ۽ اتحاد ڪشمير ۾ نوجوانن جو نئون نسل قومي آزاديءَ کي سماجي ۽ معاشي آزاديءَ سان ڳنڍي ٿو. انهن نوجوانن جون اهي خواهشون ننڍي کنڊ جي پاروٿين سرمائيداري رياستن ۾ ڪٿي به پوريون ٿي نه ٿيون سگهن. تنهن ڪري ڪشميري عوام جي هيءَ شاندار جدوجهد ۽ قربانيون سڄي خطي جي محڪوم ماڻهن، خاص ڪري نوجوانن تي وڏا اثر ڇڏي رهي آهي. هڪ خاص مرحلي تي پهچي ڪشمير جي موجوده تحريڪ طبقاتي جدوجهد تي مشتمل وڏي بغاوت ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي. جنهن ۾ ابتدائي طور نوجوان نسل اڳين قطار ۾ هوندو.
سامراجي ڦرلٽ ۽ سرمائيداري جبر کي جاري رکڻ لاءِ برطانوي راڄ هندستان جي ورهاڱي ۽ ڪشمير جي تڪرار ذريعي هن قديم تهذيب کي جيڪي گهاوَ رسايا هئا اهي ئي زخم اثرائتي انداز ۾ سامراجي جبر ۽ مقامي استحصالي اقتدار خلاف وسيع بغاوت جي صورت ۾ ڀڙڪي سگهن ٿا. ظاهري طور مضبوط نظر ايندڙ مودي حڪومت ڪشمير جي معاملي ۾ وڦلي ۽ ڏڪي رهي آهي. بلوچستان، گلگت ۽ ڪشمير بابت بيهوده ۽ منافقاڻي نعريبازيءَ سان مودي کي ڪجهه به نه ملندو. انهن خطن جو عوام طبقاتي ۽ قومي جبر ۽ استحصال مان ڇوٽڪاري لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي. حقيقت ۾ قومي آزاديءَ جي هر تحريڪ سڄي خطي جي پورهيت عوام جي طبقاتي اتحاد ۽ حمايت جي گهرجائو آهي، ڪنهن به تحريڪ جي حمايت ۾ موديءَ جهڙي درنده صفت جي لفاظي ان کي بدنام ۽ مجروح ڪري سگهي ٿي.
پاڪستان ۽ هندستان جي ڏيڍ ارب عوام کي هن سرمائيداري نظام تحت ڪا آسودگي ۽ بهتري ميسر اچي نه ٿي سگهي. محرومي، بيروزگاري، جبر ۽ استحصال جي خاتمي لاءِ ڏکڻ ايشيا جي پورهيتن کي هن نظام ان جي نگهبان حڪمرانن خلاف هڪ گڏيل طبقاتي جنگ وڙهڻي پوندي.
(روزاني عوامي آواز)   

Sunday, August 21, 2016

انــڌا اونــڌا ويڄ ؛ “فرق”


اسان مان گھڻا....
 گھر ۾ زهر کان وڌيڪ تلخ جڏهن ته
گھر کان ٻاهر ماکيء کان وڌيڪ مٺا هوندا آهن!

مدنيء ﷺ جا موتي ؛ نبيﷺ جن جي قبر تي پاڻي ڇڙڪاءُ ڪيو ويو


وعن جابر قال : رش قبر النبي صلى الله عليه وسلم وكان الذي رش الماء على قبره بلال بن رباح بقربة بدأ من قبل رأسه حتى انتهى إلى رجليه . رواه البيهقي . في دلائل النبوة
   جابر رضه کان روايت آهي ته نبيﷺ جن جي قبر تي پاڻي ڇڙڪاءُ ڪيو ويو ۽ پاڻ سڳورنﷺ جي قبر تي ڇرڪاءُ ڪندڙ   بلال بن رباحرضه هو جيڪو مشڪ سان سندن سر مبارڪ کان پيرن تائين پاڻي ڇڙڪاءُ ڪندو هو (بيهقي، دلائل النبوت) 

هدايت جورستو ؛ جيڪڏھن نه مڃيندؤ (ته اوھان جو نقصان آھي)


یٰۤاَیُّہَا النَّاسُ قَدۡ جَآءَکُمُ الرَّسُوۡلُ بِالۡحَقِّ مِنۡ رَّبِّکُمۡ فَاٰمِنُوۡا خَیۡرًا لَّکُمۡ ؕ وَ اِنۡ تَکۡفُرُوۡا فَاِنَّ لِلّٰہِ مَا فِی السَّمٰوٰتِ وَ الۡاَرۡضِ ؕ وَ کَانَ اللّٰہُ عَلِیۡمًا حَکِیۡمًا
اي ماڻھو اوھان جي پالڻھار وٽان پيغمبر (مُحَمَّد صَلَّي اللهُ عَلَيۡہِ وَسَلَّم) اوھان وٽ سچ وٺي آيو آھي تنھنڪري (مٿس) ايمان آڻيو جو اوھان لاءِ چڱو آھي ۽ جيڪڏھن نه مڃيندؤ (ته اوھان جو نقصان آھي) ڇوته جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو الله جو آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي
(سورت النساء آيت 170)

ٻارڙن جي محفل : ڪتو ۽ ڪڪڙ



نصيحت ڀريون ڳالهيون؛ توحيد جي تعريف ۾




چؤ ته الله هيڪڙو، وائي ٻي م سک،
لکيون  پيو  لک،  سچو  اکر  من  ۾.


شرح؛- هن بيت جي شرح شافي ٻن پهلن تي مشتمل آهي. هڪ ظاهري شرعي پهلو ۽ ٻيو باطني پهلو شرعي پهلو. 
 هي بيت ڀٽ ڌڻي جو سورة اخلاص جي پهرين آيت جو هوبهو ترجمو آهي- سورت اخلاص مڪي آهي نه مدني انهي سورت سونهاري ۾ چار آيتون آهن هر هڪ آيت سرتاج سنڌ جي هن بيت مذڪور ۽ هيٺين نمبر وار بيتن جو پورو پورو شرح آهي. نمبر اول بيت جو شرح هي پهرين آيت اخلاص جي (قل هوالله احد) آهي يعني چئو ته اهو الله هڪڙو آهي) شان نزول ان سورت سونهاري جو ٻن روايتن سان مروي آهي. 1- قريشن جي هڪ گروه محبوب مدني کي چيو ته تون اسان کي انهي الله جي وصف واکاڻ ٻڌاءِ جنهن جي عبادت ڏي اسان کي سڏي رهيو آهين پوءِ اها سورت سونهاري نازل ٿي. 
2- تفسير معلم ۾ آهي ته يهودن جي هڪ ٽولي چيو ته اي ابو القاسم پنهنجي پروردگار جي اسان کي صفت ساراه ٻڌايو ته اسان توتي ايمان آڻيون ڇو ته اسان تورات ۾ ان الله جي صفت لکيل ڏٺي اهي پوءِ اها سورت نازل ٿي. حديث ۾ آهي ته اخلاص سورت کي هڪ ڀيرو پڙهڻ سان ثواب ڏهن سيپارن جو حاصل ٿيندو آهي ۽ ٽن ڀيرن پڙهڻ سان ساري قرآن ڪريم جي ختم ڪرڻ جو ثواب ۽ اجر پڙهندڙ کي درگاه پاڪ جي مان پلئو پوندو آهي. 
شيخ ابو علي رودباري جو چوڻ آهي ته شرڪت دائر آهي عدد ۽ تلقب ۽ علت ۽ معلول ۽ شڪل ۽ ضد ۾ پوءِ الله تعالى هو الله احد فرمائي عدد ۽ ڪثرت جي نفي ڪرڻ فرمائي ۽ الله الصمد فرمائي تقلب ۽ تنقص کان پاڻ کي پاڪ ڪيائين ۽ لم يلد ولم يولد فرمائي علت ۽ معلول کي نفي ڪرڻ فرمايائين ۽ ولم يکن له ڪفواً احد فرمائي اضداد ۽ اشڪال جي نفي ڪرڻ فرمائيان. 
2- باطني پهلو سان انهي سورت سونهاري کي اخلاص جي امتيازي لقب سان نروار ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته اها سورت سونهاري عاشقن عارفن واسطي خاص درس معرفت حق جو آهي تنهن ڪري سدائين سالڪ سورت اخلاق کي نماز تهجد واري ۾ فاتح پڙهڻ کان پوءِ بطور تڪرار پڙهندا رهندا آهن. تنهن ڪري جناب سرتاج سنڌ به هر هڪ آيت اخلاص جي ۾ بطور معنى ۽ تشريح جي چار بيت نمبروار چوڻ فرمايا آهن جن جو بيان ترتيب سان تفصيل وار ٿيندو رهندو.
پهرين نمبر بيت ۾ ڀٽ ڌڻي فرمائي رهيو آهي ته اي انسان تون اُنس ۽ الفت سان سچو انسان بڻي هڪ الله جو درس دل جي دهلن ۽ زبان کي چوراءِ نه فقط چوراءِ پر انهي اسم ذات کي پنهنجي قلب واري پٽي تي لکي لکي اهڙي ته مشق ڪر جو تنهنجو اندر اجرو ٿي آئينده ديد ار نما جو لائق ٿئي غير الله کي ڪڏهن به دل ۾ رهڻ جو دنگو نه ڏي ۽ نه زبان سان غير جي ٻولي ٻول هن بيت جي تائيد تقويت ۾ اخلاص جي پهرين آيت مذڪوره شرح جو ڪم ڏئي چڪي آهي انهي آيت جي ٽن اسمن مان صوفين جي اصطلاح موجب ٽن مقامن ڏي اشارو آهي. 
هو جو اشارو مقام اول ڏي آهي جو مقام مشتاقن مقربن جو آهي ۽ اسم الله جو اشارو ٻي مقام ڏي آهي جو مقام اصحاب اليمين جو آهي جو مقام اولىٰ کان ڪجهه گهٽ آهي ۽ اسم احد جو اشارو مقام ثالث ڏي آهي جو مقام اصحاب الشمال جو آهي، هي مقام سڀني مقامن کان گهٽ ۽ خسيس آهي. لطيف لاثاني لاڏلو لامڪاني ٻي مقام کان مافوق ٿي مقام اولى جو مصداق ۽ مستحق نظر اچي ٿو ڇو ته سندس ابيات ترجمئه آيات مان سندس قرب ۽ ڪماليت واري تصوير اهل بصيرت وارن اڳيان نروار ٿي رهي آهي موجب قول ديوان مخفي جي.
 هر که ديدن ميل دارد درسخن بيند مرا درسخن مخفي چنالم بوئي چون در برگ گل هن ساري تحقيق انيق مان ظاهر آهي ته لطيفي لات جي نظريه اقدس موجب سچو انسان اهو آهي جنهن جي دل واري پٽي تي الله جو اسم ذاتي اڪريل ۽ لکيل آهي جنهن اسم ذات جي انس الفت کان انسان گهڙي به غافل نه رهي وگر نه انسان جي عالي درجه کان هٽي حيواني درجه جو حقدار رهندو جيئن جو ڀٽائي رحه جي نظريه جي تائيد مزيد فقير خاڪ جي زيرين مخمس مان پڻ ظاهر آهي جو مخمس هوبهو هيٺ درج ڪجي ٿو.


آس    الف        اُنس  سان  انسان ٿي حيوان نه ٿي
قرب وڙ سڪ سرس سان  انسان ٿي حيوان نه ٿي
جوش  جذبي    جنس  سان انسان ٿي حيوان نه ٿي
پي  پيالو  پرت    جو  پير    مغان      عبداللطيف
باغ  سڪ  سنڌي  سخن  جو باغبان    عبداللطيف

ميٺ سک ميٺاج سک ماکي جي مک جي ماٽ سک
کير  کنڊ   ٿي پاڻ  ۾    پائڻ          ڳراٽي ڳاٽ سک
ميٺ  مان  ماکي  بڻي  اڃ  عشق  جي   اوساٽ سک
پرت  سک  جو   پرت     وارن   پاسبان عبداللطيف
باغ  سڪ  سنڌي  سخن     جو    باغبان عبداللطيف

فڪر   ڦرحي   تي   لکي ڪو انگ عبرت خيز ٿي
رمز  وحدت  جي  رڱڻ  سان روح جي رنگريز ٿي
انگ  اڪرائي     اندر  ۾  پاڻ  وڃ    انگريز     ٿي
راه  وحدت  رم ز جو  روح    و    روان عبداللطيف
باغ  سڪ  سنڌي   سخن  جو     باغبان  عبداللطيف

دل   به   هڪ   دلدار   هڪ دل ڏي فقط دلدار کي
يار  سان  ياري  رکي   دل ڏي نه ڪنهن اغيار کي
ديد  دل  سان  ماڻ  پو    منٺار   جي        ديدار کي
نحن   اقرب  نيهن   جو     نالو      نشان عبداللطيف
باغ     سڪ     سنڌي    سخن جو باغبان عبداللطيف

هوت  هڪ  هرهنڌ  حاضر وات وائي ٻي نه سک
ٿي  نه ٽيڏو  وجهه   ٻيائي کي نه   انڌي وانگي ٻک
جسم  جي ۾   جان    هڪڙي  روح رهبر ساڻ رک
درد   دل   جو   درد   افزا     داستان      عبداللطيف
باغ     سڪ    سنڌي     سخن جو باغبان عبداللطيف

عبرتي   اک   ساڻ   اچ   تون  انجمن   اوطاق   ۾
ڳول   پنهنجو    يار  وڻ  ٽڻ  ۽  زمين   افلاڪ ۾
فرش   عرشي     انفسي  ايوان         ۾     آفاق ۾
آفتاب    عشق         جو   آ     آسمان عبداللطيف
باغ   سڪ   سنڌي سخ ن جو باغبان عبداللطيف

عشق  وارن  جي  اڳيان     اشياءَ    عالم     آيتون
رمز   وارن   لاءِ  دنيا   ۾    رموزي       راحتون
سوز سڪ وارن جون عبرت جي اندر سڀ ساعتون
ذوق   ذاتي  جي  ڪري   زينت    زمان عبداللطيف
باغ  سڪ   سنڌي   سخن   جو   باغبان  عبداللطيف

وره   جي   وائي   سدائي  ورهه  واڻن    کي وڻي
ورهه   وارن   کي    وسيلو    ڄاڻ    ٿي پيرن پڻي
بره جي   شهباز    سان    ب رميچي ڇا اڏندي چڻي
ورهه  واري   وات جي   ظاهر    زبان عبداللطيف
باغ   سڪ   سنڌي   سخن     جو باغبان عبداللطيف

سور   سک  ڇا  پور ۾   پلپل   پنهل   جو   پور رک
سور سارا    سڀ   سٽي   سيني   سڄڻ جو سور رک
دلربا   ديدار   دي   ديدا ر  ٻيا       سڀ      دور رک
سالڪن    جي    سوز     سڪ جو ساريان عبداللطيف
باغ   سڪ   سنڌي    سخن جو       باغبان عبداللطيف

سنڌ    ٿي     سر سبز    ساري     سنڌ جي سردار سان
باغ        ۾     آئي    بهاري       باغبان       بيدار سان
وئي    ٽڙي   ٽانگر جي     ٽاري     ڀٽ ڌڻي ڀوتار سان
بلبلن    جي    ڏڻ جو     سونهون   ۽    شبان عبداللطيف
باغ    سڪ    سنڌي     سخن       جو باغبان عبداللطيف

سنڌ    جي     سرتاج تي    اڄ    سنڌ      کي    پڻ ناز آ
جا     بجا      ورسي      ملهائڻ     جو       عيان آواز آ
سنڌ   ڇا     ٻي   هنڌ    جٿ   ڪٿ     ڀٽ   ڌڻي ممتاز آ
پاڪ         پاڪستان   ۾   آ              آستان عبداللطيف
باغ       سڪ     سنڌي        سخن جو باغبان عبداللطيف

موج     دريا    جي    سپن   جو    گهوٽ   گوهر آ لطيف
سنڌ جي   صوفين      سندو       سرتاج      سرور آ لطيف
بخت    ۽         اقبال     جو        اقبال         برتر آ لطيف
لاڏلو    لاهوت    جو      ۽        لامڪان        عبداللطيف
باغ        سڪ     سنڌي     سخن جو     باغبان عبداللطيف

رمز       روحاني        سان       ڀريل    آ رسالو شاه جو
مي    محبت   سان       پيالو       پير         مقالو شاه جو
نيهن         وارن        ڏي         نياپو     آ   نرالو شاه جو
ڪاپڙين      جي      ڪاروان     جو  ڪاربان عبداللطيف
باغ    سڪ         سنڌي       سخن    جو باغبان عبداللطيف

خاڪ      ڀٽ     ڇا      سنڌ    ساري    باغ ٿي سرتاج سان
رات   گوندر       جي   گذر     ٿي     روز شادي ڪاج سان
ويو      لطيفي   ٿي     لقا         محبوب   جو     معراج سان
غرق      رحمت     هو   به-      هردم    بيگمان عبداللطيف 
باغ    سڪ    سنڌي       سخن     جو     باغبان عبداللطيف

شاعريء جي زبان : تنهنجو جيون سانوڻ مينهڙا (امر ساهڙ)



تنهنجو جيون سانوڻ مينهڙا
منهنجو جيون آرهڙ ڏينهڙا
تنهنجو دنيا چوڏهين جهڙي
منهنجي دنيا ڌيما ڏيئڙا
تنهنجا سپنا سندر ساڀيان
منهنجا سپنا واريءَ گهرڙا
تنهنجو نينهن ته برکا رُت جيئن
منهنجو نينهن ته پن ڇڻ ڏينهڙا
تنهنجو پيار ته ميل ملڻ جا
منهنجو پپار ته آ اوسيئڙو
تنهنجا ٽهڪ ته انڊلٺ ريکا
منهنجا ٽهڪ به لڙڪن جهڙا

___
امر ساهڙ

گنهگار ۽ 30 هزار موسم!


 (روزاني ڪاوش)


وڏن اداڪارن جي چڪر ۾ پرستار پنهن جن زندگين کي اجايو ضايع ڪن ٿا.

page 1 (8)

پ پ پ ـ ايم ڪيو ايم لاڳاپا ۽ سنڌ ۾ آئيني حڪمرانيء جو سوال.


page 1 (8)
(روزاني جيجل)

ادب،اديب ۽ هڪ بنيادي الميو.


(روزاني سنڌ ايڪسپريس)   

وطن ٿيو وري ڪوڙن ڪانئرن جو.


(روزاني سنڌ ايڪسپريس)   

جنگي بربريت ۾ جلندڙ عوام.


(روزاني سنڌ ايڪسپريس)   

ناني جي ڪهاڻي ۽ منهنجو ايڪشن پلان


دنيا ۾ هر جاندار کي وقت به وقت ڪانه ڪا بيماري جي تڪليف ٿيندي آهي، ان ڪري هر ساهه واري جيان مون کي به سال ۾ ٻه ٽي دفعا سيءُ بخار ۽ کنگهه جي تڪليف ٿيندي آهي. پهرين ٻه ٽي ڏينهن ته ان طرف ڪو خاص ڌيان نه ويندو آهي، مڙئي خبر آهي جي اُصول تحت گاڏي هلندي رهندي آهي، پر ٽي چار ڏينهن اها ڪيفيت رهڻ بعد آئون اهو سوچڻ تي مجبور ٿي ويندو آهيان ته هي اڻ اعلانيل بيماري موسم جي تبديلي جي ڪري آهي يا باقاعده اعلانيل ڪا بيماري آهي؟ ان ڳالهه جي طئي ٿيڻ کانپوءِ آئون پنهنجن پٽن سان هوش هواس سان ان بيماري خلاف ايڪشن پلان تيار ڪندو آهيان ته هن خلاف ’الڪوهَل‘ وارين هوميوپيٿڪ دوائن سان ڪارروائي ڪجي يا ’اينٽي بائيوٽڪ‘ ايليو پيٿڪ دوائن سان ڪو قدم کڻجي؟ جيئن اڄڪلهه اسان جي ملڪ ۾ هر بيماري لاءِ ايڪشن پلان جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، جنهن لاءِ وزيراعظم ڪالهه ڪراچي جو دورو به ڪري چڪو آهي. البته ملڪ ۽ سنڌ جي به ساڳي راقم واري صحت ۽ حالت آهي ۽ اِن ايڪشن پلان لاءِ دوائن ۽ سوچ ويچار جو عمل جاري آهي.
جڏهن آئون ننڍو هئس ۽ ڪڏهن ته ناني (مرحومه) کان سج لهڻ کانپوءِ ڪهاڻي ٻڌندو هئس ۽ ڪڏهن ته ناني خوشي سان ته ڪڏهن ضد ڪرڻ کانپوءِ ڪهاڻي ٻڌائيندي هئي، پر جڏهن به ۽ جيڪا به ڪهاڻي ٻڌائيندي هئي ته اِن جي شروعات هميشه ڪنهن نه ڪنهن ”بادشاهه سلامت“ جي حوالي سان ڪندي هئي ۽ چوندي هئي ته ”بابا هڪڙو هو ملڪ ۽ هڪڙو هو ان جو بادشاهه (ناني هر ڪهاڻي بادشاهه جي نالي سان شروع ڪري وري ساهي کڻي چوندي هئي ته بابا اصل بادشاهه ته الله سائين آهي) جيڪو هڪ زمين جي ٽڪري تي حڪومت ڪندو هو (بادشاهه ۽ رعيت جو قصو ان ۾ بيان ڪندي هئي) اها ڪهاڻي ٻڌندي ٻڌندي مون کي ننڊ اچي ويندي هئي ۽ ٻئي رات وري ناني ڪا نئين ڪهاڻي ٻڌائيندي هئي. جڏهن آئون ناني جي ڪهاڻين کان وڏو ٿيس ته سرڪاري ڪهاڻيون ٻڌڻ لڳس، ان ۾ پهرين پهرين هر مهيني جي پهرين تاريخ تي فيلڊ مارشل محمد ايوب خان ڏهن کان پندرنهن منٽ پنهنجي گذري ويل مهيني جي ڪهاڻي ۽ ايندڙ مهيني جا خواب ٻڌائيندو هو ۽ مون کي ننڊ اچي ويندي هئي، ان کانپوءِ صدر يحيٰ خان يڪي ڪهاڻي ملڪ کي ٻڌائي هليو ويو، جنهن کانپوءِ صدر ۽ سول چيف مارشل ايڊمنسٽريٽر طور ذوالفقار علي ڀٽو ۽ پوءِ وزيراعظم طور رعيت کي عوامي ڪهاڻيون ٻڌايون، ان کانپوءِ ضياءُ الحق جي مشهور ڪهاڻي ”اسلام عليڪم ميري عزيز هم وطنو“ طويل دورانيه طور عوام ٻڌي بي حال ٿي ويو. مطلب ته تاحال روز اخبارن ۾ پڙهڻ لاءِ نئين سرڪاري ڪهاڻي نظر اچي ٿي ۽ ريڊيو ٽي وي تي ٻڌائي وڃي ٿي.
ملڪ ۾ بلدياتي ڪهاڻي ٻڌندي سال ٿي ويو آهي، پر اڃا تائين ”حاجي ۽ قاضي“ يعني ميئر ۽ چيئرمين جي تلاش جاري آهي، جيستائين اهو ناني ويڙهو هلي ان ۾ عوام جو ڪجهه نه ويو، پر منهنجي شهر جا اٿلجندڙ گٽر، بند پيل ناليون ۽ انهن جون ڦٽل سيوريج موٽر فيل ٿيل بجلي ڪير بحال ڪرائيندو؟ ٻين شهرن جي به حالت ساڳي هوندي. چوندا آهن ته ناني رڌڻ واري ۽ ڏوهٽا کائڻ وارا، ٽنڊوڄام جو ڏهٽو يعني چيئرمين مير خان محمد ٽالپر ٿيڻ وارو آهي، اها گلن جي سيج نه پر ڪنڊن جي سيج (جيڪا) ٽنڊوڄام ميونسپالٽي ۾ کيس ملي آهي، مبارڪ هجي، هڪ طرف شهر جي حالت ته ٻئي طرف ميمبرن جون فرمائشون ته ٽئين پاسي ”پارٽي ڊسپيلين“ جو به خيال رکڻو پوندو، تڏهن ’جهان‘ هلندو. بهرحال ڳالهه هئي ٻاراڻي کان وڏي ٿيڻ تائين ڪهاڻين جي، هاڻي منهنجا ٻار به ڪهاڻين لاءِ تنگ ڪن ٿا، خاص ڪري پُوٽي بي بي منهائل ۽ پوٽو عديل ۽ ياسر ان ڪري کين ناني مرحيات واريون ڪهاڻيون دل جي روشني سان ياد ڪيل ٻڌايان ٿو ته پوٽي منهائل انهن ۾ بادشاهه سلامت جي ذڪر تي ناراض ٿي سوال ڪري ٿي ته ڇو ڪهاڻي ۾ رڳو بادشاهه ڇو آهي؟ راڻي ڇو نه آهي؟ حالانڪه اهو سوال مون کي به پنهنجي ناني سان ان زماني ۾ ڪرڻ گهرجي ها، پر ان دور ۾ ملڪ جو ڪاروهنوار بادشاهه هلائيندا هئا، ان ڪري ڪنهن راڻي جو ذڪر ڪهاڻي ۾ نه هو ۽ نه ئي اڄڪلهه وانگر سياسي پارٽيون ۽ ڪا ناني هئي. البته ٻارن کي تازو هڪ ڪهاڻي ياد ڪري ٻڌايم ته ”هڪ طوطو ۽ ان جي گهرواري طوطِي هڪ سفر تي روانا ٿيا، اڏامندي اڏامندي کين رات ٿيڻ واري هئي ۽ سج لهي رهيو هو، هنن صلاح ڪئي ته هاڻ رات هتي رهي صبح جو باقي سفر ڪجي، پر هنن لاءِ مشڪل مسئلو اهو هو ته اهو علائقو بلڪل هڪ بيابان رڻ پٽ هو ۽ چند سڪل ۽ خشڪ وڻ زمين تي بيٺل هئا ۽ اڳتي جو سفر ڊگهو هئڻ سبب کين مجبورن هڪ سڪل وڻ تي رات گذارڻ لاءِ لهڻو پيو، کين اڃ ۽ بک ضرور لڳي هئي، پر هن رڻ پٽ ۾ سندن لاءِ ڪا شيءِ نه هئي، طوطو ۽ طوطي وڻ تي ويٺا رهيا، پاڻ ۾ ڪچهري به ڪندا رهيا، طوطي پنهنجي گفتگو ۾ طوطي کي چيو ته ”پاڻ پٺيان پنهنجي گهر پنهنجا طوطا ڇڏي آيا آهيون، خير سان هجن“ (هت واضح رهي ته راقم جي هن ڪهاڻي ۾ ذڪر ڪيل طوطي ۽ طوطن جو ناليواري ڪالم (ليکڪ) مائٽ، ڊاڪٽر عزيز ٽالپر جي طوطن واري خاندان سان ڪو تعلق نه آهي)، وڻ تي ويٺل طوطي حيران ٿي چيو ته خبر نه آ ته ڇو هي سڄو ملڪ رڻ پٽ ۽ بيابان آهي، ڀر ۾ ويٺل سندس زال طوطي کيس جواب ڏنو ته بچي شل طوطن جا پيءُ منهنجو خيال آهي ته هي سڄي نحوست هن ملڪ ۾ ڪنهن نڀاڳي چٻري جي رهائش سبب ٿي آهي، اهو ٻڌي طوطو چپ ٿي ويو، ان وڻ جي ڀر ۾ هڪ ٻئي وڻ تي هڪ چٻرو به ويٺو هو، ان اها ڳالهه ٻولهه ٻڌي ته کيس ڏاڍي ڪاوڙ آئي، پر خاموش رهيو. صبح ٿيڻ شرط چٻرو اڏامي اچي طوطي ۽ طوطي سان مليو ۽ خبرچار پڇي ۽ کين چيو ته اوهان مهمان آهيو، ٻاهران ڪٿان آيا آهيو؟ ان بعد طوطي چٻري کي ٻڌايو ته ها اسان هڪ سفر تي وڃي رهيا آهيون، رات ٿي وئي ۽ هت رهياسين، ان کانپوءِ چٻري کين چيو ته ”رات اوهان پاڻ ۾ گفتگو ڪندي چيو ته هي ملڪ بيابان ۽ رڻ پٽ منهنجي (چٻري) ڪري ٿيو آهي. هاڻي ڏينهن ٿي ويو آهي، اچو ته اوهان کي هتي جي چڱي مڙس سان ملاقات ڪرايان ۽ ڪجهه کائڻ ۽ پيئڻ لاءِ ڏيان، ان بعد ٽئي اڏامي چڱي مڙس وٽ پهتا، جتي هڪ درٻار لڳل هئي، پهرين طوطي عرف ميان مٺو ۽ طوطي يعني مائي مٺوڙي کاڌو پيتو، ان بعد ڀريل درٻار ۾ اچانڪ چڱي مڙس طرفان اعلان ٿيو ته ڪجهه مهينا اڳ اسان جي ملڪ جي معزز چٻري جي مڱيندي کي هڪ پرديسي طوطو زبردستي اغوا ڪري ويو هو ۽ ان سان پيار جو پرڻو به ڪري ڇڏيو هو. اڄ اسان جي بهادرن ان بدمعاشي طوطي کي گرفتار ڪري هتي پيش ڪيو آهي. اسان پنهنجن بهادرن کي نقد انعام ۽ ترقيون ڏيون ٿا ۽ اها مسمات طوطي پنهنجي معزز چٻري کي سندس گهرواري طور ڏياريون ٿا، جڏهن ته اهو لوفر طوطو ڪارو قرار ڏئي ملڪ بدر ڪرڻ جو حڪم ڏيون ٿا. اهو چئي چڱي مڙس بادشاهه سلامت کي ٻانهن مٿي ڪري چيو (تخليا) اهو ٻڌي طوطو روئيندو ٻاهر آيو.
ان کانپوءِ ٽئي ٻاهر نڪري آيا ته چٻري طوطي کي مخاطب ٿي چيو ته ”ادا طوطا جنهن ملڪ جو بادشاهه اکيون ۽ ڪن هئڻ جي باوجود به پکين ۾ طوطي ۽ چٻري جي جنس سڃاڻي نه سگهي ۽ اهڙا فيصلا ڪري ته پوءِ ملڪ ۾ ڀينگ ٿي ويندي ۽ پوءِ هڪڙو ملڪ ته ڇا پر سڄي دنيا ئي رڻ پٽ ۽ بيابان بڻجي ويندي، ان کانپوءِ چٻري طوطي کي چيو ته ادا هي تنهنجي زال آهي، طوطي شل پاڻ ۾ خوش هجو، باقي هن ملڪ ۾ منهنجو ڪو ڏوهه ڪونهي ۽ نه ئي ڪنهن چٻري جو ڪو قصور آهي، جنهن ملڪ ۾ هن قسم جا فيصلا ٿيندا ته يقينن ان ملڪ جي اهڙي ئي حالت ٿيندي.
اها ڪهاڻي ٻڌي منهنجا ٻار سمهي رهيا. بهرحال هي هئي ناني جي ماضي واري ڪهاڻي، جيڪا اڄ به ساڳي آهي ۽ منهنجو ايڪشن پلان. آئنده جي ڪهاڻي ۽ پلان ڇا هوندو؟ اهو ته وقت ظاهر ڪندو، پر ان ۾ ڪو خاص گهڻو فرق نه هوندو، صرف چهرا ڦرندا، هٿ ڦرندا پر قلم لکڻ وارا ساڳيا ۽ آرڊر حڪم ’ناني‘ وارا ساڳيا هوندا، ٻار صرف ڪهاڻي ٻڌي سمهي ننڊ ڪندا آرام سان!!

(روزاني عبرت)