Thursday, August 27, 2020

ڇا ” مائنس ون“ فارمولا قابل عمل آهي؟


 

شفيق الرحمان شاڪر

مخالف ڌر عوام ۾ وڃڻ بدران ”سليڪٽرز“ کان ئي مطالبو ڪري رهي آهي ته اهي عمران خان جي حمايت تان هٿ کڻن.پاڪستان جي سياست جي خاصيت آهي ته ان ۾ بحران پيدا ڪرڻ ۽ انهن کي برقرار رکڻ سياست جو اهم حصو آهي اهو ئي سبب آهي جو لاڳيتو سياسي محاذ آرائي يا نوان نوان شوشا ڇڏڻ به سياسي منظر نامي تي ڇانيل نظر اچن ٿا.هن وقت ظاهر ۾ حڪومت کي ڪو خطرو نظر نٿو اچي پر اسلام آباد جو سياسي ماحول ۽ ان سان ڳنڍيل سياسي يا ميڊيا جي محاذ تي موجود سياسي پنڊتن جي چوڻ موجب اسلام آباد جو سياسي ماحول ڪنهن وڏي تبديليء طرف وڌي رهيو آهي.وڏي تبديليء مان مراد  حڪومت يا وزير اعظم جي تبديلي آهي.باقي ماڻهو ان راند ۾ پنهنجا پنهنجا سياسي رنگ ڀرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.هن وقت سياسي ماحول ۾ مخالف ڌر جي سياست چئن بنيادي نڪتن جي چوڌاريء گھمي رهي آهي.پهريون اهو ته حڪومت مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي جنهن ڪري ان جي تبديلي اڻ ٽر آهي. ٻيو اهو ته ملڪ جي بحران جو واحد حل نيون منصفاڻيون ۽ شفاف چونڊون آهن ڇو ته ”سليڪٽيڊ حڪومتي طبقو“ نه ته عوامي مينڊيٽ رکي ٿو ۽ نه ئي ان جي ڪا سياسي ،قانوني ۽ اخلاقي ساک آهي.ٽيون اهو ته جمهوري عمل هلڻ گھرجي پر ان لاء ضروري آهي ته هاڻوڪو وزير اعظم استعفيٰ ڏئي ۽ پنهنجي جڳهه تي ڪنهن نئين قائد ايوان جي چونڊ ڪري ته جيئن ملڪ جمهوريت جي پٽڙيء تان نه لهي سگھي.چوٿين ڳالهه اها ته جيڪي ماڻهو”سليڪٽيڊ وزير اعظم“ ۽ حڪومت کي آڻڻ جا ذميدار آهن اهي پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪن ۽ هن حڪومت جي حمايت تان هٿ کڻي نئين حڪومت لاء رستو سڌو ڪن.جيتوڻيڪ مخالف ڌر جي پنهنجن صفن ۾ ڪنهن به هڪ نڪتي تي اتفاق راء جي کوٽ نظر اچي ٿي ۽ مخالف ڌر جون جماعتون پاڻ ئي اندروني تضادن جو شڪار نظر اچن ٿيون پر هن وقت هڪ سياسي نڪتو ”مائنس ون“ جي فارمولي جي چوڌاريء گھمي رهيو آهي.ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته جيڪڏهن وزير اعظم عمران خان پنهن جي جاء تي ڪنهن ٻئي کي وزير اعظم نامزد ڪري ته سياسي بحران کي ٽاري سگھجي ٿو.جيڪي ماڻهو مائينس ون فارمولي جي ڳالهه ڪري رهيا آهن انهن جي خيال ۾ اسٽيبلشمينٽ ۽ عمران خان جي وچ ۾ هن وقت لاڳاپا خراب آهن.ان طبقي جي چوڻ موجب  مائينس ون فارمولا به انهيء اسٽيبلشمينٽ جي سياست سان ڳنڍيل آهي جيڪا نئين سياسي متبادل جي ڳولا ۾ آهي.اهو ئي سبب آهي جو ڪجهه ڏينهن کان مخالف ڌر جي اڳواڻن جي بيانن  ۽ تقريرن ۾ وزير اعظم کان مستعفي ٿيڻ جو مطالبو شدت اختيار ڪري رهيو آهي. ماضيء ۾ به اسان جنرل ضياءالحق ۽ پرويز مشرف جي دور ۾ مائينس ون فارمولا ڏسي چڪا آهيون.جنرل ضياء پوري ڪوشش ڪئي ته ڪنهن به طريقي سان پاڪستان جي سياست مان پيپلز پارٽيء کي مڪمل طور تي مائينس ڪيو وڃي پر هو ان ۾ ڪامياب ٿي نه سگھيو.اهڙيء طرح جنرل پرويز مشرف پنهنجي دور ۾ محترمه بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف جي مقابلي ۾ امين فهيم ۽ شهباز شريف کي سامهون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو به پنهنجن سمورين ڪوششن باوجود ڪامياب نه ٿي سگھيو.ان جو هڪ وڏو سبب اسان جي سياسي قيادتن جو پنهنجن جماعتن تي مضبوط سياسي ڪنٽرول يا اجاراداري آهي.ٻيو اهو ته هتي سياسي جماعتن جو ووٽ بينڪ ڪنهن فرد جي چوڌاريء گھمندو آهي.اڄ به هتي ووٽ نواز شريف،ڀٽو خاندان ۽ عمران خان جو آهي. جيڪڏهن اوهان انهن جماعتن کي انهن ماڻهن کان الڳ ڪري ڏسو ته انهن جماعتن جي حيثيت نهايت ئي ڪمزور نظر ايندي.اهو ئي سبب آهي جو فوجي حڪمران طبقو به پورو زور هڻي ڪنهن به خاندان کي سياست مان مائينس نه ڪري سگھيو.خود نواز شريف جيڪو توڙي جو هن وقت عملي طور تي سياست کان ٻاهر آهي پر نون ليگ جو ووٽ بينڪ اڄ به رڳو نواز شريف جي چوڌاريء ئي گھمي ٿو.اهڙيء طرح تحريڪ انصاف جي اصل سڃاڻپ عمران خان آهي.ان کان سواء ٻيو ڪو ماڻهو ناهي جنهن کي غمران خان جي حامين جي غير مشروط حمايت حاصل هجي.ان ڪري جيڪي ماڻهو اهو سمجھي رهيا آهن ته عمران خان کي ڪڍي ڪنهن ٻئي کي وزير اعظم بنائي سگھجي ٿو اهي غلطيء تي آهن.ماڻهن کي ياد هوندو ته 2018ع جي چونڊن کان اڳ به اهو شوشو ڇڏيو ويو هو ته عمران خان جي مرڪز ۾ حڪومت ته بڻجي سگھي ٿي پر وزير اعظم عمران خان نه پر ڪو ٻيو ٿيندو يعني عمران خان کي سونيا گانڌي بنائڻ جي ڳالهه ڪئي ويئي پر ايئن نه ٿيو.هاڻي به جيڪر عمران خان کي اهو اندازو ٿي ويو ته بحران وڌي ويو آهي ته ڪنهن ٻئي کي نامزد ڪرڻ بدران هو پاڻ ئي اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيندو ۽ نين چونڊن جو رستو سڌو ڪندو. مخالف ڌر جيڪر سمجھي ٿي ته عمران خان جي تبديلي اڻٽر آهي  ۽ اها ملڪي مفاد ۾ آهي ته اهو ان جو سياسي حق آهي پر عمران خان کي هٽائڻ جا عملي طور تي چار رستا آهن.پهريون اهو ته مخالف ڌر جون سموريون جماعتون گڏجي عمران خان خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ پيش ڪن.ٻيو اهو ته عمران خان پاڻ محسوس ڪري ته هو عملي طور تي ناڪام ٿي ويو آهي يا کيس حڪومت هلائڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن ته هو پاڻ وقت کان اڳ اسيمبليون ٽوڙي نين چونڊن جو اعلان ڪري.ٽيو اهو ته مخالف ڌر جي ڪا وڏي تحريڪ عمران خان کي استعيفا ڏيڻ تي مجبور ڪري ۽ چوٿون اهو ته مخالف ڌر جون سموريون جماعتون گڏجي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي سيٽن تان استعيفائون ڏين.اهڙي صورت ۾ ايڏي وڏي پيماني تي ضمني چونڊون نه ٿي سگھنديون ۽ نيٺ نين چونڊن طرف وڃڻو پوندو.هاڻي مسئلو اهو آهي جو اهي چارئي رستا مخالف ڌر لاء نهايت ئي ڏکيا آهن.اهو ئي سبب آهي جو عمران خان جي حڪومت اڃا تائين مخالف ڌر کي پنهن جي لاء ڪو وڏو خطرو سمجھڻ لاء تيار ناهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي جو مخالف ڌر به چڱيء طرح ڄاڻي ٿي ته عمران خان جي حڪومت کي جيڪر گھر موڪلڻو آهي ته ان جو رستو ڪنهن موثر جدوجهد بدران اسٽيبلشمينٽ جي گھر ڏانهن ئي وڃي ٿو.اهو ئي سبب آهي جو مخالف ڌر عوام ۾ وڃڻ بدران ”سليڪٽرز“ کان ئي مطالبو ڪري رهي آهي ته اهي عمران خان جي حمايت تان هٿ کڻن يعني بنيادي نڪتو اهو ئي آهي ته عمران خان جي حمايت تان هٿ کڻي اهو شفقت جو هٿ سندن سر تي رکيو وڃي ته اهي پنهن جون سموريون خدمتون کين پيش ڪرڻ لاء تيار آهن.ان صورتحال ۾ ڪيڏانهن ويئي سياسي جدوجهد ۽ ڪيڏانهن ويو ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو؟پاليامينٽ جي بالادستي يا قانون جي حڪمراني سميت اسٽيبلشمينٽ جي سياسي مداخلت خلاف نعرن جو ڇا ٿيو؟ جيڪر اهو ئي ڪم مخالف ڌر اسٽيبلشمينٽ سان گڏجي ڪرڻ گھري ٿي ته پوء ڇا تبديل ٿيو؟ مائينس ون جا فارمولا اتي هلي سگھن ٿا جتي سياسي قيادتن جي ڀيٽ ۾ سياسي جماعتون مضبوط هجن ۽ سياسي قيادتون پنهنجن جماعتن سامهون جواب ڏيندڙ هجن.هتي ته سياسي جماعتون عملي طور تي شخصيتن هٿان يرغمال بڻيل آهن ۽ اهڙي صورت ۾ پارليامينٽ اندر مائينس ون فارمولا جون ڳالهيون ڪا اهميت نٿيون رکن ڪجهه ماڻهو اها ڳالهه ڪري رهيا آهن ته مائينس ون فارمولي کي اسٽيبلشمينٽ جي حمايت حاصل آهي پر فوري طور تي ان جو به ڪو امڪان نظر نٿو اچي.شاه محمود قريشي،فخر امام يا محمد ميان سومرو جا متبادل نالا ڪنهنجي خواهش ته ٿي سگھي ٿي پر شايد ڪا حقيقت نٿي رکي.تحريڪ انصاف ۾ ڇو ته عمران خان سواء ڪنهن کي ڪا به سياسي حيثيت حاصل ناهي.عمران خان جي حڪومت ناڪام آهي ته اها ڳالهه مخالف ڌر جي حق ۾ وڃي ٿي ڇو جو عمران خان جي ناڪامي انهن لاء سياسي رستو سڌو ڪندي پر جيڪر عمران خان کي هٿرادو طريقي سان يا ڪنهن سازش ذريعي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ته ان سان خود هن جمهوري نظام تي به ڪيترا ئي سوال اڀا ٿي ويندا ۽ هي ڪمزور جمهوري نظام پوئتي به ڌڪجي سگھي ٿو.ان ڪري بهتر ٿيندو ته هن نظام کي هلڻ ڏنو وڃي ۽ جڏهن به چونڊون ٿين انهن جي مدد سان ئي نئين حڪومت ۽ نئين قيادت جي چونڊ ذريعي ئي جمهوري عمل کي اڳتي وڌائي سگھجي ٿو.

(روزاني عوامي آواز)





 


پارلياماني نظام کي ويڙهڻ جا ارادا !

 

شفيق الرحمان شاڪر

قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس جاري آهن.هلندڙ سيشن رڳو ان ڪري ٿي رهيا آهن ته جيئن قومي اسيمبلي جا ساليانا مقرر ڏينهن پورا ڪرڻا آهن.رولز مطابق قومي اسيمبلي جا سال ۾ هڪ سو ويهه ڏينهن سيشن هئڻ ضروري آهي.هلندڙ پارلياماني سال جيئن ته آگسٽ ۾ مڪمل ٿيڻو آهي تنهن ڪري ان جا مقرر ڏينهن پورا ڪيا پيا وڃن.هلندڙ سيشن سان جيڪر ڪنهن کي ڪو فائدو آهي ته اهو رڳو اسيمبلي ميمبرن کي جن کي ٽي اي ڊي اي ملي ويندو.اجلاسن ۾ دلچسپي پيدا ڪرڻ لاء ڪڏهن حڪومت ۽ ڪڏهن اپوزيشن مختلف شوشا ڇڏي ڏئي ٿي جيڪي اخبارن ۽ ميڊيا جون مکيه خبرون بڻجي وڃن ٿيون.هنن ڏينهن ۾ عزير بلوچ اهڙو ئي شوشو آهي.تحريڪ انصاف ۽ پيپلز پارٽي عزير بلوچ جهڙي ڏوهاري ماڻهوء تي بحث ڪري رهيا آهن ۽ سٺي رونق متل آهي.هن وقت ٻئي جماعتون دعويدار بڻيل آهن ته چورن ۽ لٽيرن کي پڌرو ڪيو ويندو.اهڙيء طرح قومي اسيمبليء جا رهيل ڏينهن پورا ڪيا پيا وڃن.ان کان سواء انهن اجلاسن جو ڪو ٻيو مقصد ناهي.تنهن هوندي به پردي پويان گھڻو ڪجهه ٿي رهيو آهي.انهن مان سڀ کان اهم ڳالهه آئين ۾ ترميم متعلق آهي.حڪومت هن وقت تلوار نيام مان ڪڍي ارڙهين ترميم سان ڇيڙ ڇاڙ جي تياري ڪري ورتي آهي.وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ مالي وسيلن جي ورڇ بابت 2010ع کان قومي مالياتي ڪميشن سبب جيڪو بندوبست ٿيو هو انهيء کان منهن موڙڻ جي نيت آهي.سينيٽ جي اجلاس ۾ ارڙهين ترميم تي حڪومت جو ارادو ظاهر ٿي چڪو آهي.متحده جي سينيئر ميمبر بيريسٽر سيف ذريعي ٻيڙي درياء ۾ لاٿي ويئي آهي.محمد علي سيف سينيٽ ۾ نجي ڪاروائيء واري ڏينهن هڪ قانون متعارف ڪرائڻ گھريو آهي.پارليامينٽ ۾ هفتي ۾ هڪڙو ڏينهن نجي ڪاروائيء لاء مخصوص هوندو آهي.ان دوران ڪوبه ميمبر ذاتي حيثيت ۾ قانونسازيء لاء ڪو بل ايوان ۾ پيش ڪري سگھي ٿو.ان ڪري محمد علي سيف مسودي جي لاء نجي ڪاروائيء جو ڏينهن ئي چونڊيو جيڪو رڳو ڪو سادو قانون نه پر آئين ۾ ترميم سان تعلق رکي ٿو.سندس خواهش هئي ته آئين جي آرٽيڪل 160 جي ضمني شق A(3) کي ختم ڪيو وڃي.ان شق مطابق اهو طيء ڪري ڇڏيو ويو آهي ته ڪنهن به مالياتي سال دوران صوبن لاءرقم مخصوص ڪرڻ وقت ان ڳالهه کي يقيني بنايو ويندو ته گذريل سال صوبن لاء جيڪو حصو مخصوص ڪيو ويو هو ان ۾ ڪنهن به صورت ۾ گھٽتائي نه ڪئي ويندي.ايوان ۾ پيش ڪيل مسودي ۾ ارادو ظاهر ڪيو ويو آهي ته ان شق کي ختم ڪيو وڃي.ان مسودي ۾ در اصل فقط ارڙهين ترميم کان ڇوٽڪارو ئي نشانو ناهي بلڪه ان خواهش جو به اظهار آهي ته پارلياماني نظام کان جان ڇڏائي وڃي ڇو ته سندن خيال ۾ سٺي حڪومت رڳو ماهرن ذريعي ئي قائم ڪري سگھجي ٿي.ان بحث جي شروعات ٿيندي ئي اسلام آباد ۾ اڳوڻن بيوروڪريٽس  جي هڪ وڏي اڪثريت پنهنجون شيروانيون تيار ڪرائي رهي آهي.انهن کي به يقين آهي ته ملڪ جا مسئلا رڳو غير ملڪي يونيورسٽين مان آيل اعليٰ تعليم يافته  ٽيڪنوڪريٽس ئي حل ڪري سگھن ٿا.جيڪر اهو معاملو رڳو سينيٽ لاء آهي ته فضول مشق آهي.آئين ۾ ڪنهن به ترميم لاء ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت گھربل آهي.حڪومت وٽ اها اڪثريت قومي اسيمبلي توڙي سينيٽ ٻنهي ۾ ڪانهي.سينيٽ ۾ ته اپوزيشن جو پڙ ڳرو آهي.ٿي سگھي ٿو ته نجي ڪاروائيء واري ڏينهن مسودو پيش ڪري ماحول جوڙڻ مقصد هجي. مسلم ليگ نون جي شاهد خاقان عباسي ارڙهين ترميم تي ڳالهيون ڪرڻ لاء راضي نظر اچي ٿوپيپلز پارٽي به ڪنهن حد تائين راضي آهي.سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ جي يو آئي ايف اپوزيشن جي هڪ وڏي جماعت آهي.سينيٽر عطاء الرحمان ان ترميم جي مزاحمت جو اعلان ڪيو آهي جنهن بعد تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي ۽ متحده گڏجي به قانون جو مسودو سينيٽ ڪميٽي آڏو موڪلڻ ۾ ناڪام رهيون.اپوزيشن خوش آهي ته ان آئين سان ڇيڙ ڇاڙ جي ڪوشش ناڪام بنائي ڇڏي آهي تنهن هوندي به اها ڊنل آهي ته ڪٿي ملڪ ۾ صدارتي نظام ته متعارف نه پيو ڪرايو وڃي.اهو نظام قائم ٿي ويو ته عمران خان وزارت عظميٰ ڇڏي ايوان صدر وڃي سگھي ٿو.پوء هو هر شعبي جي ماهرن تي ٻڌل هڪ ڪابينا جوڙيندو جيڪا نئين نظام جو بنياد رکندي.جيئن ته ٻلي ٿيلي کان ٻاهر اچي چڪي آهي ۽ ارڙهين ترميم تي سوال اڀا ڪيا پيا وڃن.اهي سوال نهايت ئي سوچ ويچار ۽ منصوبي هيٺ اٿاريا پيا وڃن.انهن جي حل لاء ڪو منصوبو جڙيو ضرور آهي ۽ اپوزيشن انهيء منصوبي جو منهن پير ڳولهي رهي آهي.هڪ ٻيو حساس معاملو سامهون آيو آهي ته 19 اڻ چونڊيل ڪابينا ميمبرن مان 4 خاص معاون ٻٽي شهريت رکن ٿا.ڪابينا ڊويزن انهن جي فهرست ۽ سمورا تفصيل ظاهر ڪري ڇڏيا آهن.انهيء تي اپوزيشن جو رد عمل به اچي چڪو آهي ته ٻٽي شهريت رکندڙ شخص پارليامينٽ جو ميمبر نٿو بڻجي سگھي ته پوء انهن کي ڪابينا ۾ ڪيئن ٿو شامل ڪري سگھجي؟جيئن ته عمران خان ماضيء ۾ ٻٽي شهريت رکندڙ ميمبرن جي سخت مخالفت ڪندو هو.سوال اهو آهي ته وزير اعظم معلومات هئڻ باوجود ٻٽي شهريت رکندڙن کي پنهنجي ڪابينا ۾ ڇو شامل ڪيو؟ڇا نئون پاڪستان ٺاهڻ لاء اهڙن ماڻهن جو ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ ضروري هو؟جيڪڏهن وزير اعظم کي اها ڄاڻ نه هئي ته پوء ته اها اڃا به ڳڻتيء جوڳي ڳالهه آهي.جيڪر انهن کي ڪابينا ۾ رکڻ ضروري هو ته پوء انهن جا ٻاهرين ملڪن ۾ موجود اثاثا سامهون آڻڻ جو ڪهڙو مقصد هو؟ ان جو مطلب اهو ٿيو ته انهن مشيرن کي فارغ ڪيو پيو وڃي ۽ ظاهر آهي ته اهو ڪم حڪومت نه پر ڪنهن ”ٻئي “ ڪيو آهي.مشيرن لاء ته اڳڀرائي ٿي آهي پر وفاقي ڪيبينيٽ سيڪريٽري سميت هن وقت ملڪ ۾ گھٽ ۾ گھٽ چوويهه هزار سرڪاري ملازم ٻٽي شهريت رکن ٿا.اهي ماڻهو انهن ملڪن سان وفاداريء جو حلف کنيو ويٺا آهن. پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 5 ۾ واضح طور تي لکيل آهي ته هر شهري رڳو ان وقت رياست جو وفادار هوندو جڏهن اهو ڪنهن ٻئي ملڪ جي شهريت نه رکندو هجي.آئين ۾ اها پابندي آهي ته جنهن رياست سان وفاداريء جو حلف ناهي کنيو اهو رياست جي ڪنهن به فيصلي ڪندڙ فورم تي ويهي نٿو سگھي.وفاقي ڪابينه هڪ فيصلي ساز فورم آهي.ان جي ورڪنگ ڪجهه ان طرح هوندي آهي جو ان ۾ رڳو اهو ويهي سگھي ٿو جنهن رڳو پنهنجي ملڪ سان وفاداريء جو حلف کنيو هجي.سرڪاري ملازم،مشير يا وزير مملڪت ان وقت ويهندا آهن جڏهن انهن جي باري ۾ ڪو نڪتو بحث هيٺ هجي.پنهنجي ڳالهه ڪري يا بريفنگ بعد اهي ماڻهو ڪابينا اجلاس مان اٿي هليا ويندا آهن پر هن ڀيري اهو ٿي رهيو آهي جو ڪنهن به شيء جي پابندي نه ٿي رهي آهي جنهن ڪري اهوحساس معاملو کنيو ويو آهي جنهن بعد  گھڻا مشير فارغ ٿي ويندا!

(روزاني عوامي آواز)



ڪورونا ۽ اولهه جي طاقت جا ڀڄندڙ بت!


شفيق الرحمان شاڪر

اولهه جي دنيا گذريل ٻن ٽن صدين کان ڪنهن ”نامعلوم“ جي خوف ۾ ورتل آهي.ايئن ڇو آهي؟ ان ڳالهه کي سمجھڻ لاء ڪجهه بنيادي تصورن جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي.زندگي ۽ ڪائنات ۾ جيڪر خدا تعاليٰ کي مرڪزي حيثيت ڏني وڃي ته پوء انسان جي لاء ڪابه شيء ”نامعلوم“ نٿي رهي.ان دائري ۾ انسان ڄاڻي ٿو ته خدا ڪهڙين ڳالهين سان خوش ٿئي ٿو ۽ ڪهڙين شين تي ناراض ٿئي ٿو.سڀني کي معلوم هوندو آهي ته خدا ڪهڙين ڳالهين تي انعام ڏئي ٿو ۽ ڪهڙين ڳالهين تي سزا ڏئي ٿو.مذهب جي دائري ۾ زندگي گذاريندڙن کي خبر هوندي آهي ته ڪجهه شيون ”آزمائش“ هونديون آهن ۽ ڪجهه شيون ”تقدير خداوندي“ جي حيثيت رکن ٿيون پر جڏهن انسان خدا جو انڪار ڪندو هجي ته پوء هو ڪنهن نامعلوم خوف جو شڪار ٿيڻ سواء رهي نٿو سگھي.اولهه واري جديد دنيا بنيادي طور تي خدا جي منڪر آهي ان ڪري ان جي اڪثريت به هڪ نامعلوم خوف ۾ ڦاٿل آهي.اولهه جا سائنسدان ٻن صدين کان ٻڌائيندا رهيا آهن ته هن ڪشادي ڪائنات اندر اسان جي ڌرتيء جي حيثيت هڪ ذري کان وڌيڪ ناهي ۽ خلا ۾ موجود ڪابه شيء اوچتو ڌرتيء سان ٽڪرائجي ڌرتيء تان زندگيء جو نالو نشان مٽائي سگھي ٿي.اولهه جي سائنسدانن جو خيال آهي ته دنيا مان ڊائناسور به اهڙي نموني ختم ٿيا هئا.هالي ووڊ گذريل سٺ ستر سالن ۾ اهڙيون ڪئين فلمون جوڙيون آهن جن ۾ مريخ يا ڪنهن نامعلوم گرهه کان آيل مخلوق زمين ۽ انسانن تي غالب اچي وڃي ٿي.اهڙيون فلمون به آهن جن ۾ ڪا نا معلوم بلا يا وبا اوچتو ڪٿان ظاهر ٿي آمريڪين جي زندگيء کي برباد ڪري ڇڏي ٿي.انهيء صورتحال جون ٻه وضاحتون ممڪن آهن.هڪڙي اها ته خدا جي انڪار بعد اولهه وارن لاء زندگي ۽ ڪائنات ”اوپري“ بڻجي ويئي آهي ۽ انهيء اوپرائپ مان نامعلوم جو خوف پيدا ٿي رهيو آهي.ٻي وضاحت اها ٿي سگھي ٿي ته اولهه وارن خالق ۽ خلق خدا جي خلاف ايترا ته ڏوهه ڪيا آهن جو انهن گناهن جو احساس ”احساس گناهه“ بڻجي اولهه وارن جي گڏيل نفسيات ۾ رچي ويو آهي.اهو احساس اولهه وارن کي ان خوف ۾ ڦاسائي ٿو ته انهن جيڪي ڏوهه ڪيا آهن انهن جي سزا جي طور تي ڪو نه ڪو گڏيل نتيجو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ضرور ظاهر ٿيندو.جيئن ته اولهه ان سزا جي نوعيت کان واقف ناهي ان ڪري اهو ان کي مريخ جي مخلوق يا ڪنهن ٻي بلا سان ڀيٽ ڏيئي انهن کان قسمين قسمين فلمون تيار ڪرائي ٿو.اها ڳالهه ڪيتري عجيب آهي جو اولهه عرصي کان جنهن نامعلوم بلا جي خوف ۾ ورتل هو اها ڪورونا جي صورت ۾ ظاهر ٿي چڪي آهي.اسان ڪيترن ئي اهڙن وڏن قاتلن جي باري ۾ پڙهيو آهي جيڪي ٻين کي مارڻ ۾ وڏي ”دليري“ ڏيکاريندا هئا پر ناحق خون سندن دل ۾ اهو خوف پيدا ڪري ڇڏيو ته کين ڪو نه ڪو ماري ڇڏيندو.ان ڪري ڪجهه قاتلن کي ننڊ بلڪل ئي نٿي اچي.اولهه وارن جو ضمير ايترو سجاڳ ڪونهي جو اهي ڪروڙين بي گناهه ماڻهن کي قتل ڪري پنهنجي ننڊ وڃائي سگھن پر اولهه جي آرٽ خاص طور تي سندن فلمن مان سندن گڏيل باطن جوڪجهه اندازو ٿئي ٿو.انساني زندگيء جو اهو پاسو به عجيب آهي جو انسان جنهن خوف ۾ ڦاٿل هوندو آهي اهو هڪ ڏينهن نيٺ مجسم بڻجي سامهون اچي بيهندو آهي.ڪورونا وائرس اولهه وارن جو اهڙو ئي خوف آهي.اڳ ۾ ان خوف جو ڪو نالو نه هو پر هاڻي ان جو هڪڙو نالو رکيو ويو آهي.پر اولهه جو ان کان به وڏو خوف ڪجهه ٻيو آهي ۽ اهو خوف آهي دنيا مان اولهه جو گم ٿي وڃڻ.ان ڪري نه جو خدا نه ڪري جو هن وبا ۾ اولهه جا سڀ ماڻهو مري ويندا بلڪه سندن خوف آهي دنيا مان سندن تهذيبي،سياسي،علمي،معاشي ۽ فوجي طاقت جي گم ٿيڻ جو خطرو.اهو خوف ڪنهن ٻئي پيدا ناهي ڪيو پر سندن اندران ڦٽو آهي.اوڻويهين صديء ۾ اولهه جو قومون پنهنجي پنهنجي جغرافيائي حدن مان ٻاهر نڪتيون ۽ اٽڪل پوري دنيا تي قابض يا غالب ٿي وييون.سندن اهو غلبو اهڙو ته شاندار هو جو لڳو ٿي ته اهو ڪڏهن به ختم نه ٿيندو پر ويهين صدي۽ جي وچ ڌاري اولهه جو نو آبادياتي نظام گم ٿيڻ شروع ٿي ويو.ان تجربي اولهه جي ”آسماني ” مخلوق کي زميني مخلوق بنائي ڇڏيو.روس ۾ 1917ع ۽ چين ۾ 1949ع ۾ ايندڙ سوشلسٽ انقلاب اولهه کي پهريون ڀيرو ڪنهن ”عالمي حريف“ جي خوف ۾ مبتلا ڪيو. سوشلزم جو ڊپ ايترو ته هو جو اولهه کي لڳو ته سوشلسٽ انقلاب امريڪا ۽ برطانيا ۾ به اچي سگھي ٿو پر 1992ع ۾ سوويت يونين ٽٽي ويو ۽ سوشلزم به اڏامي ويو.ان سان اولهه جي سياسي،معاشي،فوجي ۽ تهذيبي بالادستي کي هڪ نئين قوت ملي ۽ آمريڪي انتظاميه ۾ اهو اعتماد پيدا ٿيو جو اها اهو اعلان ڪري سگھي ته دنيا ۾ سرمائيداري نظام جي فتح ٿي ويئي آهي ۽ تاريخ جو اهو سفر جنهن ۾سرمائيداراڻي ۽ سوشلسٽ نظام ۾ ڇڪتاڻ رهي سو ختم ٿي ويو۽ هاڻي پوري انسانيت وٽ ڪرڻ لاء رڳو هڪڙو ئي ڪم رهجي ويو آهي ته اها اولهه جي قدرن جي پيروي ڪري.اولهه جا ڪجهه دانشور ايترو ته پر اعتماد بڻيا جو انهن صاف چيو ته ويهين صدي آمريڪا جي صدي هئي ۽ ايڪويهين صدي به آمريڪا جي صدي هوندي پر آمريڪي دانشورن جي ذهانت ۽ علم جو اهو حشر اسان جي سامهون آهي ته سوويت يونيين جي ٽٽڻ کان ويهه پنجويهه سال بعد ئي چين دنيا جي ٻي وڏي معاشي طاقت بڻجي اڀريو.روس پيوٽن جي اڳواڻيء ۾ ٻيهر پنهنجن پيرن تي بيهي رهيو ۽ آمريڪا کي ڪيترن ئي محاذن تي چيلينج ڪرڻ لڳو.آمريڪا افغانستان ۾ طالبان کي شڪست ڏيڻ آيو هو پر رڳو ٿورڙن طالبان وقت جي سپر پاور جو ڀوسو ڪڍي ڇڏيو.ان کان گھڻو اڳ پال ڪينيڊي پنهنجي ڪتاب ”وڏين طاقتن جو عروج ۽ زوال“ ۾ آمريڪا جي زوال جي اڳڪٿي ڪري چڪو هو.انهن سمورين سچائين اولهه جي سياسي.معاشي،فوجي ۽ تهذيبي زوال جي خوف کي نروار ڪري ڇڏيو آهي.تجربو ڪيو وڃي ته ڪورونا وائرس اولهه جي سمورن بتن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو آهي.اولهه جو سڀ کان وڏو بت سائنس ۽ ٽيڪنالاجي آهي.سائنس اولهه جو خدا به آهي ۽ انهن جو مذهب پڻ.سائنس اولهه جي وحي به آهي ته انهن جو عقل پڻ.سائنس اولهه جي سماعت به آهي ته انهن جي بصيرت پڻ.جهڙيء طرح مسلمانن خدا تي ايمان آندو تيئن اولهه سائنس تي ايمان آندو.اولهه وارن توڙي انهن جي اثر هيٺ سمورن انسانن جو اعتماد آهي ته سائنس ذريعي هر ناممڪن شيء کي ممڪن بڻائي سگھجي ٿو.اڃا ڪلهه جي ڳالهه آهي جو نوح حراري اها دعويٰ ڪئي هئي ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجيء سبب موت تي قابو پائڻ هاڻي ٽيڪنيڪل مسئلو آهي ۽ امڪان آهي ته ايندڙ سو سالن اندر انسان موت تي قابو پائي هميشه لاء امر بڻجي ويندو.اهم ڳالهه اها ته اولهه ته ڇا پر پوري دنيا مان ڪنهن به سامهون اچي اهو نه چيو ته حراري بڪواس ٿو ڪري.انهيء جو سبب اهو جو ماڻهن جي اڪثريت کي لڳو ته ممڪن آهي ته سو سالن ۾ سائنس ايتري ترقي ڪري جو موت تي فتح حاصل ٿي وڃي.پر ڪورونا وائرس سائنس ۽ ٽيڪنالاجيء کي اونڌي منهن ڪيرائي وڌو.ان وائرس جي باري ۾ هاڻي عجيب عجيب ڳالهيون ڪيون پييون وڃن.پهرين چيو ويو ته اهو وائرس چين کان آيو جڏهن ته هاڻي سي اين اين اطلاع ڏيئي رهي آهي ته ڪورونا چين نه پر يورپ کان آمريڪا آيو.پهرين چيو ويو ته ڪورونا زندهه جرثومو آهي جڏهن ته هاڻي چيو پيو وڃي ته اهو مرده ۽ طفيلي وائرس آهي.ڪڏهن ٿا چون ته ويڪسين ڪجهه ڏينهن ۾ اچڻ واري آهي ته ڪڏهن ٻڌائين ٿا ته ان ۾ گھٽ ۾ گھٽ سال لڳي ويندو.مطلب ته ان پوري بحران ۾ سائنس ڪو معجزو ثابت نه ٿي سگھي آهي.ڪورونا سائنس جي ڪمزوري ۽ محدوديت کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي.
اولهه جو هڪ وڏو بت سندس معاشي نظام آهي،ان جي معاشي ترقي ۽ خوشحالي آهي.ڪورونا رڳو ٻن ٽن مهينن اندر ان بت جا ٽڪر پکيڙي ڇڏيا آهن.آمريڪا ۾ رڳو هڪ مهيني دوران هڪ ڪروڙ ستر لک ماڻهو بيروزگار ٿيا آهن.اٽليء ۾ صورتحال ايتري خراب ٿي آهي جو اتي چوريون ٿيڻ شروع ٿي وييون آهن.جيڪر ڪرونا ڪجهه وڌيڪ عرصي لاء مهمان رهيو ته پوري دنيا ۽ خاص طور تي آمريڪا ۽ يورپ جون معيشتون بلڪل ئي برباد ٿي وينديون.بيشڪ ٽين دنيا جا ملڪ به گھڻو متاثر ٿيندا پر اولهه جي ملڪن جي خوشحاليء جو جنازو نڪري ويندو.ڪورونا وائرس اولهه جي مادي طاقت خاص طور تي فوجي طاقت جا به پرزا اڏائي ڇڏيا آهن ۽ اهو هڪ بي جان جرثومي آڏو بيوسيء جي تصوير بنيو بيٺو آهي.نائين اليون دوران آمريڪا جا ٽن هزارن کان ڪجهه وڌيڪ ماڻهو مئا هئا جنهنجي رد عمل ۾ هن افغانستان اندر ٻن لکن کان مٿي بي گناهه ماڻهو ماري وڌا ۽ عراق تي امريڪا رڳو اهو الزام هڻي حملو ڪيوته ان وٽ وڏي پيماني تي تباهي پکيڙيندڙ زهريلا هٿيار آهن پراتان ڪجهه به نه ملي سگھيو ۽ لکين بي گناهه عراقي آمريڪي ظلم جو شڪار ٿي ويا.هاڻي ڪرونا هزارين آمريڪي ماري ڇڏيا آهن پر آمريڪا ان دشمن جو وار ونگو به نه ڪري سگھيو آهي.مڇرن جي ننڍري فوج هزارين سال پهرين نمرود جي فوج کي چٽي ورتو هو ۽ اڄ مڇرن کان به هڪ معمولي شيء آمريڪا ۽ يورپ جي سموري مادي ۽ فوجي قوت کي بي معنيٰ بڻائي ڇڏيو آهي.

اولهه صدين کان عقل جي بت جي پوڄا ڪندو رهيو آهي.ان جو ضد آهي ته هن جي عقل کي ڪنهن وحي جي روشنيء جي گھرج ڪانهي پر اولهه جي عقل جي پستيء جو اهو حال آهي جو اهو ٽن مهينن ۾ اڃا تائين ڪورونا جي اچڻ ۽ ان جي مچايل تباهي جي منطق کي بيان ڪرڻ کان لاچار آهي.ان سلسلي ۾ اولهه جي لادين ماڻهن سان ڪهڙي شڪايت ڪئي وڃي جڏهن اولهه جي سڀ کان وڏي مذهبي ۽ روحاني شخصيت پوپ فرانسس پنهنجي بيان ۾ ڪورونا کي ”فطرت جو انتقام“ جو نالو ڏيئي رهيو آهي.پوپ چيو ته انسان فطرت سان جھيڙو ڪيو آهي جنهن ڪري فطرت هاڻي انتقام وٺي رهي آهي.ڪيتري نه عجيب ڳالهه آهي جو اولهه جي وڏي ۾ وڏي روحاني ۽ مذهبي شخصيت به ڪورونا کي ”ما بعد الطبيعاتي تناظر“ ۾ ڏسڻ بدران رڳو طبيعاتي تناظر ۾ ڏسي رهي آهي!

(روزاني عوامي آواز)

  

Monday, June 1, 2020

انصاف جو نظام ڪڏهن سڌرندو؟


شفيق الرحان شاڪر

پارلياميمنٽ عدليا تي ۽ عدليا پارليامينٽ يا حڪومت تي الزام لڳائي پنهن جي جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.تازو سپريم ڪورٽ جي هڪ معزز جج ريمارڪس ڏنا ته ملڪ ۾ انصاف جو نظام اٽڪل ختم ٿي چڪو آهي.اهو اسان کي هڪ اهم نڪتي طرف ڌيان ڇڪرائي ٿو ته انصاف جو نظام ڪٿي بيٺل آهي.عام طور تي اسان جي ملڪ ۾ انصاف جي نظام تي سدائين سواليا نشان رهيو آهي.روزانو ميڊيا ۾ اسان کي اهڙيون دردناڪ خبرون پڙهڻ يا ڏسڻ لاء ملن ٿيون جو سخت تڪليف ٿئي ٿي ته اڄ جي سڌريل دور ۾ به ماڻهن کي ڪهڙين ڪهڙين ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.خاص ڪري ٻن قسمن جو نظام عدل جنهن ۾ طاقتور لاء هڪڙو ته ڪمزور لاء ٻيو قانون آهي.سستو ۽ ترت انصاف ته هڪڙو خيال ۽ خواب بڻجي ڪري رهجي ويو آهي.عالمي جسٽس منصوبي 2018ع موجب عام ماڻهوء کي انصاف مهيا ڪرڻ جي حوالي سان اسان گلوبل سطح تي 113 ملڪن ۾ 105 نمبر تي آهيون جڏهن ته علاقائي سطح تي ڇهن ملڪن مان اسان آخري نمبر تي آهيون.ان رپورٽ مطابق سپريم ڪورٽ ۾ چاليهه هزار،پنجن ئي هائي ڪورٽن ۾ ٽيهه لک جڏهن ته هيٺين عدالتن ۾ ويهه لک  ڪيس التوا هيٺ آهن جيڪي انصاف ۾ دير جو سبب بڻجن ٿا.سوال اهو آهي ته جيڪر اهو نظام ختم ٿي رهيو آهي ته ان جو ذميدار ڪير آهي؟ ظاهر آهي ته ڪنهن هڪڙي ڌر يا اداري کي ان جو اڪيلو ذميدار قرار ڏيئي نٿو سگھجي.اها هڪ گڏيل ناڪامي آهي جيڪا اسان جي سياسي،انتظامي،معاشي،قانوني ۽ سماجي نظام سان ڳنڍيل آهي ۽ ان ۾ ماڻهو ۽ ادارا ٻئي ڪنهن نه ڪنهن طرح شامل آهن.جيڪڏهن اسان پنهن جي گڏيل نظام عدل کي سڌارڻ گھرون ٿا ته هر ڌر کي ذميداريين جو احساس ڪرڻو پوندو ۽ غير معمولي صورتحال جي پيش نظر ڪجهه غير معمولي قدم کڻڻا پوندا.اهو ڪم هڪ مضبوط سياسي ڪميٽمينٽ جي گھر ڪري ٿو ڇو ته جيڪا خرابي آهي ان جو سڌارو روايتي طريقن سان ممڪن ناهي.هاڻي سوال اهو آهي ته اسان جي انصاف جي نظام سان ڳنڍيل ادارا ۽ ماڻهو غير معمولي سڌارن طرف ڇو نٿا وڃن؟ڇا انهن ۾ صلاحتين جي کوٽ آهي يا انهن وٽ اها ترجيح ئي موجود ڪانهي.اسان پنهنجي انصاف جي نظام ۾ سدائين وڏي پيماني تي سياسي مداخلتن جي جيڪا راند کيڏي آهي اها به هڪ وڏي بگاڙ جو سبب بڻي آهي.خاص طور تي اسان جي هيٺئين عدالتي نطام ۾ ڪمزور ۽ مظلوم طبقن کي وڏي استحصال مان گذرڻو پوي ٿو.هڪ وڏو مسئلو اسان جي پوليس ۽ انهيء سان ڳنڍيل جاچ جو نظام آهي.جڏهن جاچ ۾ ئي وڏي خرابي موجود هجي ۽ ان جو بنياد به طبقاتي نظام تي هجي ته عدالتون ان جاچ واري عمل سان ڪهڙو انصاف ڏيئي سگھنديون.انصاف جي نظام ۾ بهتري عدالتي نظام سان گڏوگڏ پوليس ۽ ان جي جاچ واري طريقي ۾ غير روايتي تبديلين سواء ممڪن ناهي.اهڙيء طرح ڪمزور عدالتي نظام سبب اسان جي خراب حڪمراني ۽ معيشت جو غير شفاف نظام به سامهون اچي ٿو جيڪو مسئلن ۾ ويتر اضافو ڪري ٿو.پر اهو به مڃڻو پوندو ته جتي اسان جي سياسي قيادت جي ترجيحن ۾ انصاف جي نظام کي مضبوط ڪرڻ ۾ ڪمزوري نظر اچي ٿي اتي اسان جو عدالتي نظام به ڪنهن غير معمولي ڪم جي لاء تيار ناهي.ڏٺو وڃي ته جيڪڏهن اسان جو عدالتي نظام پنهنجي اندروني محاذ تي ڪا بهتري پيدا ڪرڻ گھري ته انهن حالتن ۾ به ڪا بهتر صورت ڏسڻ لاء ملي سگھي ٿي.سڌارن جي لحاظ کان اسان کي ڇهن بنيادي ڳالهين تي ڌيان ڏيڻو پوندو.پهرين ڳالهه اها ته اسان کي هيٺين سطح جي عدالتي نظام کي ڊجيٽيلائيز ڪرڻو پوندو.ٻي ڳالهه اها ته اسان کي هيٺان کان مٿين سطح جي ججن جي مقرري واري نظام کي وڌيڪ منصفاڻو ۽ شفاف بنائڻو پوندو.ٽين ڳالهه اها ته جج صاحب ۽ وڪيلن لاء  دنيا ۾ ايندڙ تبديلين ۽ جديديت جي بنياد تي تربيت جو نظام جوڙڻوپوندو . چوٿين ڳالهه اها ته سياسي مداخلت کي ختم ڪرڻ لاء هڪ جامع پلان جوڙڻو پوندو. پنجين ڳالهه اها ته وڪيل تنظيمن ۾ سڌارا آڻي ان تاثر جي نفي ڪرڻي پوندي ته اهي تنظيمون به انصاف جي فراهميء ۾ رڪاوٽ بڻجي رهيون آهن ۽ آخري ڳالهه اها ته ججن جي اهڙن پاپولر بيانن جي نفي ڪرني پوندي جيڪي عدالتي نظام تي سواليا نشان بڻجڻ جو سبب بڻجن ٿا ۽ عدليا جي اندر خود احتسابيء جي نظام کي وڌيڪ موثر بنائڻو پوندو.
سياسي جماعتون خاص طور تي اهي جيڪي پارلياماني سياست جو حصو آهن انهن کي به انصاف جي نظام جي حوالي سان پنهنجو رويو بدلائڻو پوندو.روايتي سياسي ۽ پارلياماني نظام ذريعي ڪجهه به نه بدلبو ۽ جيستائين اقتدار ۾ شامل سياسي جماعتون پاڻ پنهن جي اندروني نظام کي سياسي ۽ جمهوري بنيادن تي مضبوط نٿيون ڪن ته نه ته سڌارا ايندا ۽ نه ئي آيل سڌارن تي ڪو عمل ٿي سگھندو.بد قسمتيء سان پارليامينٽ عدليا تي ۽ عدليا پارليامينٽ يا حڪومتن تي الزام هڻي پنهنجي جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن.پوليس ۽ جاچ نظام ۾ سڌارن جو پلان به سياسي مصلحتن جو شڪار ٿي وڃي ٿو.اسان جي سول سوسائٽي،سياسي جماعتون،ميڊيا ،دانشور ۽ بار ايسوسيئشنون انهن سڀني کي گڏجي هڪ منصفاڻي نظام عدل لاء سنجيده ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گھرجي. الزام تراشين بدران سڌاري وارن پاسن کي ڳولهڻو پوندو ۽ اهو ڏسڻو پوندو ته ڪٿي ڪٿي مسئلا آهن.اسان کي دنيا جي انصاف وارن نظامن مان به سکڻو پوندو ته اتي ڪهڙيون تبديليون اچي رهيون آهن ۽ ڪهڙا اهڙا سڌارا آهن جن جي مدد سان انصاف جي نظام کي شفافيت ۽ مضبوطي ملي ٿي.اسان جي سول سوسائٽي جا دوست،صحافي ۽ دانشور ان هڪ نڪاتي ايجنڊا تي گڏ ٿين ته انصاف جي نظام کي ڪيئن موثر ۽ شفاف بنايو وڃي ڇو ته جيستائين حڪومت ۽ رياستي ادارن تي علمي  ۽ فڪري بنيادن تي ڪو دٻاء پيدا نه ڪبو تيستائين اهي ننڊ مان سجاڳ نه ٿيندا.هاڻي سوال اهو آهي ته انصاف جي نظام کي يقيني بنائڻ لاء ڳالهه ٻولهه  ڪير ڪرائيندو ۽ ان جو خاڪو ڇا هوندو؟ ان طرف سوچڻ شروع ڪرڻ گھرجي.اسان جون ڪوششون ماضيء تي ماتم ڪرڻ بدران مستقبل کي بهتر بنائڻ طرف خرچ ٿيڻ گھرجن.جمهوريت ۽ قانون جي بالا دستيء جي جنگ جيڪڏهن اسان کي جمهوري دائري ۾ رهندي وڙهڻي آهي ته پوء اسان جي سموري ڌيان جو مرڪز سياسي،قانوني ۽ انتظامي سڌارا ئي هئڻ گھرجن پر ان لاء هڪ مضبوط سياسي ڪمٽمينٽ جي ضرورت آهي ۽ اها ئي ڪمٽمينٽ هڪ وڏي سياسي ۽ قانوني ماحول کي پيدا ڪرڻ لاء بنياد مهيا ڪري سگھي ٿي جيڪو اڳيان هلي هڪ موثر تبديليء جي امڪانن کي روشن ڪري سگھي ٿو.
( روزاني عوامي آواز 27 مئي 2020ع)





Tuesday, May 26, 2020

ڇا سائنس ذريعي خدا تائين پهچي سگھجي ٿو؟




شفيق الرحمان شاڪر
خدا جي قدرت ايتري پکڙيل ڪيئن ٿي سگھي ٿي جو ڪائنات جي هر ذري،هر انسان جي  خيالن ۽ جذبن جو علم به ان کي هجي.ان قدرت جي عملي ڊزائين ڪيئن ٿي سگھي ٿي؟اهو هر عقل واري انسان جي ذهن کي شل ڪرڻ وارو سوال آهي پر اسان کي تسلي ايئن ڪرائي ويندي آهي ته خدا،ان جي ذات ۽ صفتن ۽ قدرت کي اسان نٿا سمجھي سگھون.
ڳالهه ته درست آهي پر هڪ سوچ سمجهه رکندڙ ذهن جيڪو سائنسي بنيادن تي هر شيء جو جواز ڳولهي ٿو اهو خدا جي حوالي سان به تجسس جو اظهار ڪرڻ ۾ درست هوندو آهي ته هن کي هر سوال جو جواب عقلي دليل ذريعي ملي.بهرحال اسان پنهنجي عقل ۽ فهم ذريعي خدا جي قدرت جي نوعيت ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري سگھون ٿا ۽ ايئن ڪرڻ سان اسان جي ايمان تي ڪوبه ناڪاري اثر نه پوندو ڇو ته اسان جو غيب تي ايمان اسان کي الله جي قدرت تي ڪامل يقين عطا ڪري ٿو پر عقل جي بيچيني ختم ڪرڻ لاء عقلي دليل به ضروري آهي ته جيئن وسوسن جو علاج ٿي سگھي.هاڻي اسان الله جي قدرت کي عقلي دليلن جي روشنيء م سمجھڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا.
اسان جي روزمره جي زندگيء م تيزيء سان داخل ٿيندڙ ڪمپيوٽر ۽ سمارٽ فون سوچڻ جون ايتريون دريون کولي ڇڏيون آهن جو ڏسڻ واري اک ۽ سوچڻ واري ذهن کي رڳو ڪجهه ڌيان ڏيڻ جي گھرج آهي.الله جي قدرت سمجھڻ کان پهرين اچو ته اسان انسان جي قدرت سمجھڻ جي ڪوشش ڪريون.
انٽرنيٽ ڪيترن ئي ارب ڪمپيوٽرن جي وچ ۾ رابطي جو هڪ عالمي نظام آهي جيڪو انٽرنيٽ پروٽوڪول (آئي پي) جي بنياد تي هلي ٿو.سادن لفظن ۾ هي هڪ اليڪٽرانڪ بازار آهي جنهن ۾ هر طرح جون شيون،خدمتون ۽ وندرون موجود آهن.هڪ ارب کان وڌيڪ ويب سائيٽس پاڻ م ڳنڍيل۽ انهن جي ڳولا جو هڪ نظام (سرچ سسٽم) جنهن ذريعي اربين کربين ايڊريسون يا معلومات مان اسان جي گھربل ويب سائيٽ تائين پهچ ممڪن بنائي ٿو جن کي سرچ انجن جو نالو ڏنو ويو آهي. انهن مان سڀ کان مشهور ۽ تيز رفتار گوگل“ سرچ انجن آهي.هڪ رپورٽ مطابق روزانو تلاش ٿيندڙ ستن ارب ويب سائيٽس مان گوگل جو حصو پنج ارب آهي.گوگل ڪروم انسٽال ڪرڻ بعد اسان جي ڪمپيوٽر ۽ گوگل سرور جو نه نظر ايندڙ رابطو قائم ٿي ويندو آهي.هڪ اندازي مطابق گوگل تي هر سيڪنڊ ۾ سراسري طور تي پنجونجاه هزار ڳولا جون فرمائشون اچن ٿيون جن کي نهايت ئي تيز رفتاريء سان پورو ڪيو ويندو آهي.جنهن ۾ هر سوال جي جواب جي ڳولا  سراسري طور تي ڏهائي 2 سيڪنڊ ۾ 1000 ڪمپيوٽرن جو استعمال ٿئي ٿو.ان سافٽ ويئر جي پهچ جو اهو حال آهي جو ڪنهن به ڳولا تي ڪي بورڊ جي مدد سان لکيل ڪنهن اڌوري لفظ تي اهو اڳيان امڪاني جملا يا ايڊريس به اسان جي سامهون کڻي اچي ٿو ته جيئن اسان کي آساني ٿئي بلڪه اسان آواز سان به جيڪر ڪو نالو پڪاريون ته گوگل اها لنڪ به کڻي اچي ٿو.اسان جي سمارٽ فون تي گوگل جي گرفت ايڏي مضبوط آهي جو اهو  جيڪر گم ٿي وڃي ته گوگل نه رڳو اوهان کي ان جي لوڪيشن ڏيکاري ٿو بلڪه ان کي لاڪ به ڪري سگھي ٿو ۽ ان جي ڊيٽا ڊليٽ به ڪري سگھي ٿو.ڪارڪردگي ۽ قوت جو اندازو ان مان لڳايو جو گوگل کي اٽڪل ٻه ارب ماڻهو استعمال ڪن ٿا .پندرهن سيڪڙو نون سوالن جا جواب ڳولهڻ لاء گوگل روزانو ويهه ارب ويب سائيٽ صفحا ڳولهي ٿو.ناليج گراف ڊيٽا بيس ۾ پنجاهه ڪروڙ ستر لک ادارن جا 18 ارب واقعا ۽ حقيقتون هڪ ٻئي سان ڳنڍيل صورت ۾ محفوظ آهن.اينڊرايڊ ڊوائيسز جو گوگل سان ڳنڍيل انگ ٻن کربن کان مٿي آهي ۽ هڪ سال اندر گوگل ٻه ٽرلين يعني ويهه کرب سرچ ڪري ٿو.يوٽيوب تي روزانو هڪ ارب ڪلاڪ وڊيو ڏٺيون وڃن ٿيون.گوگل جا اٽڪل اسي هزار ملازم آهن.هڪ ارب ويهه ڪروڙ ماڻهو جي ميل استعمال ڪن ٿا.گوگل جو ڊيش بورڊ اهو ڊيٽا بيس آهي جتي گوگل استعمال ڪندڙن جي پوري ڊيٽا هر وقت اپڊيٽ ٿيندي ٿي رهي ۽ تاريخ وائيز اسان جي هر سرگرمي ان ۾ محفوط رهي ٿي.سيڪنڊ کان به گٽ عرصي ۾ ڪنهن به سوال جو جواب سامهون آڻڻ هاڻي گوگل جو معمول بڻجي چڪو آهي ان ڪري اچو ته ان تي غور ڪريون ته ان جي پويا ڪهڙو سسٽم ڪم ڪري ٿو؟
دنيا جي مختلف حصن ۾ پکڙيل اٽڪل ٽيهه لک سرورز جي ڄار گوگل جو اهو حيران ڪندڙ نظام جوڙيو آهي.گوگل جي ڪارڪردگي ڪنهن عام انسان لاء حيران ڪندڙ ٿي سگھي ٿي پر جن کي انهيء پويان ڪم ڪندڙ نظام جي ڄاڻ آهي انهن لاء ان ۾ حيرت جي ڪا ڳالهه ناهي.بهرحال اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته سامهون نظر ايندڙ ڪنهن وڏي نظام پويان به وڏي منصوبا بندي ۽ هڪ باترتيب ڪنٽرول سسٽم هوندو آهي.هاڻي ٿورو اڳتي وڃي پوري انٽرنيٽ جي نظام کي ڏسو ته ڪهڙي نموني فيسبڪ،ٽويٽر،واٽس ايپ،مائڪرو سافٽ،اسڪائيپ،انسٽاگرام وغيره پنهنجن اهڙن ئي ڳنڍيل ۽ باترتيب نظامن سان ڪم ڪن ٿا.سڀني کان دلچسپ وائي فائي جو هڪ نطر نه ايندڙ نظام آهي جيڪو ڪروڙين اربين معلومات کڻي اسان جي آسپاس ”غيب“ ۾ موجود هوندو آهي.جيڪڏهن اسان پنهنجي جڳهه کان ڏسون ته ان انٽرنيٽ سسٽم جا ٻه حصا آهن.هڪ اهو جيڪو طبعي يا فزيڪل آهي جنهن ۾ ڪمپيوٽر سرورز،مشيني انفرا اسٽرڪچر،خلائي مصنوعي سيٽ لائيٽس ۽ ڪيبل جو نظام آهي جيڪو اسان جي اکين کان هن وقت لڪيل آهي. ۽ ٻيو حصو اهو جيڪو اسان جي آسپاس وائي فائي طور پر خيالي صورت ۾ موجود آهي.ان سسٽم سان ڳنڍجڻ لاء اسان کي ڪا ڊوائيس يعني ڪمپيوٽر يا سمارٽ فون وغيره گھربل ٿئي ٿي.اها ڊوائيس ئي
آهي جيڪا وائي فائي جي جي سگنلز کي واپس معلومات ۾ بدلائڻ جي صلاحيت رکي ٿي.اها اهو راز کولي ٿي ته ڪا به عام فضا به حقيقت م خالي ناهي هوندي بلڪه هڪ نه نظر ايندڙ دنيا ان خاموشيء اندر موجود ٿي سگھي ٿي جنهن ۾ بي شمار معلومات موجون هڻندي رهي ٿي.جيڪڏهن گوگل جي وضاحت ڪئي وڃي ته اهو هڪ اهڙو نظام آهي جيڪو هر پل لکين انسان جي ڳالهه ٻڌي به رهيو آهي ۽ جواب به ڏيئي رهيو آهي.انهن ئي گھڙين م هو هر انسان جي ڪمپيوٽر جي ڪلڪ به محفوظ ڪري رهيو آهي ڄڻ ته هر ماڻهو جو ذاتي ريڪارڊ پاڻ وٽ گڏ به ڪري رهيو آهي.اهو سيٽلائيٽ ميپ ذريعي ماڻهن کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ نه رڳو گھمائي رهيو آهي پر سمارٽ فونز جي چرپر به محفوظ ڪري رهيو آهي.جيڪڏهن ان جو تعلق لائيو سيٽلائيٽ ريڪارڊنگ سان هجي ته گھر کان ٻاهر واري سڀني جي چر پر به ريڪارڊ ڪري رهيو آهي.”ڪريم“ ۽ ”اوبر“ سروسز ان جا مثال آهن.اهو سڀ ڪجهه شفاف سچائيون آهن ته هڪ فعال نظام هڪ ئي وقت ڪروڙين انسانن سان مختلف طريقن سان رابطو رکڻ جي صلاحيت رکي ٿو.اهو هڪ انسان جو شاهڪار آهي ۽ ان کي هلائيندڙ ڪنٽرولنگ اٿارٽي به ڪجهه انسان آهن.سوچڻ جي ڳالهه اها اهي ته گوگل انسان جو بنايل هڪ سسٽم آهي ته پوء جنهن هستيء انسان کي جوڙيو اها ڪهڙي ڪهڙي عجيب تخليق تي ڪيئن نه قادر هوندي؟انٽرنيٽ ۽ سرچ سسٽم کي سمجھڻ کان پوء هاڻي ڪائنات جي نظام کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا.الله جا نظام جنهن سسٽم هيٺ هلي رهيا آهن اسان کي انهنجي في الحال ڄاڻ ڪانهي پر جديد ٽيلي ڪميونيڪيشن سسٽم ۽ انٽرنيٽ اسان کي ٻڌائين ٿا ته انهيء کان به مٿانهون ۽ وڌيڪ عجيب نظام ممڪن آهي.اها ڳالهه ته پڪي آهي ته ڪوبه سسٽم بنان منصوبي جي نه جڙي سگھي ٿو ۽ نه ئي هلي سگھي ٿو.ڪائنات به هڪ سسٽم آهي.انسان جو پنهنجي خالق سان لاڳاپو انتظامي ئي نه پر هڪ فطري گھرج آهي.دنيا جو هر ذرو ۽ هر شيء ڪنهن سمارٽ فون جيان ڪنهن روحاني يا اڻ ڄاتل پروٽوڪول سان ڳنڍيل آهي.ڪائنات جي سسٽم جا به ٻه پاسا آهن.هڪ طبعي ۽ ٻيو نظر نه ايندڙ يعني ”غيب“. پر انٽرنيٽ سسٽم جي ڀيٽ ۾ ان ڪائناتي نظام ۾ نرالي ڳالهه اها آهي جو ان جو هتي ابتو استعمال يا اطلاق آهي.انٽرنيٽ ۾ اسان غيبي ماحول( وائي فائي) سان ڳنڍيل هوندا آهيون ۽ طبعي ماحول”سورورز وغيره) اسان جي اکين کان غائب هوندا آهن.جڏهن ته ڪائناتي ماحول ۾ اسان طبعي ماحول ۾ هوندا آهيون جڏهن ته ان جو فنڪشنل نظم ”غيب“ اسان جي حواسن کان لڪيل هوندو آهي جنهن ۾ فطري قانون،توانائيون ۽ شڪتيون شامل هونديون آهن.هڪ پاسو اهو به آهي ته هر نظام موثر منصوبا بنديء سان لاڳو ٿيندو آهي پر ان کي جاري رکڻ لاء مختلف ڪارندن جو هئڻ ضروري هوندو آهي.ڪائنات جي نظام جي فنڪشنل هئڻ ۾ الله جي ڪارندن جو جيڪو اهم مقام آهي ان جو اندازو ان مان لڳايو جو الله پاڻ کان پوء فرشتن تي ايمان لازمي قرار ڏنو آهي.اهو ان ڳالهه جو ثبوت اهي ته خالق فرشتن جو محتاج نه هئڻ باوجود انسان کي عقلي طور تي به مطئمن ڪري رهيو آهي ته ڪائناتي سسٽم هن ڪيئن جوڙيو ۽ ڪيئن هلائي رهيو آهي.هتي هڪ ٻي ڳالهه به پڌري ٿئي ٿي ته الله تعاليٰ انسان کي پنهنجو نائب بنائڻ کان پهرين پنهنجي ڪجهه صفتن جو عڪس ان ۾ منتقل ڪيو جنهن ڪري انسان پنهنجا نظام هلائي رهيو آهي يعني پلاننگ،انتظام ۽ خالق سان رابطو.جهڙيء طرح گوگل جي نظام جو خالق ٻاهر رهي هڪ عظيم سسٽم کي جاري رکندو ٿو اچي شايد اهڙو ئي ڪو نظم آهي جو الله هن سسٽم کان ٻاهر رهي به ڪائنات ۽ زندگيء جو نظام جاري ۽ ساري رکندو ٿو اچي.گوگل جا پنهنجا فون اينڊرياڊ بلٽ ان سسٽم سان جڙيل هوندا اهن جن ۾ پنهنجو جي ميل اڪائونٽ وجھي اوهان گونگل سان ڳنڍجي وڃو ٿا.بلڪل ان نموني انسان خدا جي باري ۾ هڪ بلٽ ان فڪري تجسس کڻي پيدا ٿيو آهي جيڪو روح ۾ رچيل آهي.رڳو ان جو اقرار ان جو رابطو پنهنجي رب سان ايڪٽيويٽ ڪري ڇڏي ٿو.هتي غور جي لائق اهو نڪتو آهي ته اسان انٽرنيٽ جي ماحول يا نظم سان  تعلق ان وقت قائم ڪري سگھون ٿا جڏهن اسان ان جي فنڪشنل طبعي پاسي سان سهمت ڪا طبعي ڊوائيس استعمال ڪيون ٿا جيئن ڪمپيوٽر يا سمارٽ فون وائي فائي سسٽم يا ڪيبل ذريعي اسان جو رابطو انٽرنيٽ جي لڪيل نظام سان ڳنڍي ڇڏين ٿا ته سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا ڪائنات جي نظر نه ايندڙ فنڪشنل پيراميٽرز سان تعلق جوڙڻ لاء به نظر نه ايندڙ واسطا گھربل نه هوندا؟ اها ڳالهه عين منطقي آهي ته ڪائنات کي هلائيندڙ نه نظر ايندڙ نظام کي ڄاڻڻ ۽ ان جي خالق سان رابطي جو ڪو طريقو يا ”ڊوائيس“ موجود هجي.پر اها ڊوائيس ڪهڙي ٿي سگھي ٿي؟ڇا عقل يا شعور؟رسالت،عبادت ۽ نماز ته ناهي؟سوچيو! پر هڪ ٻيو اهم سوال ته ڇا ڊيش بورڊ جيان ڪو اعليٰ ”غيبي“ نظام اسان جي سمورن عملن ۽ حرڪتن کي محفوظ نٿو ڪري سگھي؟ڇا ڪنهن ڪڏهن گوگل کي ڏٺو آهي؟خدا جو انڪار ڪندڙ ڇا اسان کي گوگل،فيسبڪ ۽ مائيڪرو سافٽ ڏيکاري سگھن ٿا؟ٿورو سوچيو.هتي انهن شين جي خدا سان ڀيٽ نه پر اهو واضح ڪرڻو آهي ته دنيا جي طبعي ماحول ۾ به اهڙا نظر نه ايندڙ عوامل موجود آهن جيڪي اسان جي عملن ۾ اوتجڻ جي صلاحيت رکن ٿا.جيئن ته جديديت جو فلسفو انسان کي ئي عقل ڪل سمجھي ٿو ان ڪري ان فلسفي تي ايمان آڻيندڙ جديد انسان خدا کي هڪ بيجان ۽ بي عمل هستي يا خيال سمجھي ٿو.جڏهن ته ٻئي طرف اها به حقيقت آهي ته جديد انسان پنهنجي ننڍڙي ۽ محدود عقل سان پنهنجي ۽ ڪائنات جي شروعات ئي نه سمجھي سگھيو آهي ته پوء الله کي ڪيئن سمجھي سگھندو.ان غير يقيني سوچ ۽ عظمت جي خبط جي فطري نتيجي ۾ جديديت جو پيروڪار انسان “عقل جي قبض“ ۾ ڦاسي وڃي ٿو جنهن سان سندس سوچ ۾ اهڙا ناڪاري ذهني تالا لڳي وڃن ٿا جو هٽ ڌرميء سبب پاڻ کان وڌيڪ ڪنهن مٿانهين قوت يعني خدا جو انڪار ڪرڻ لڳي ٿو.باقي جيڪر عقل کي تالا لڳل نه هجن ته هر زبان اهو پڪاري ٿي ته ”هر وک تي تنهن جي قدرت جا لکين جلوا موجود آهن،بيوس منهنجو عقل ٻن اکين سان ڇا ڇا ڏسي!“

(روزاني هلال پاڪستان)

Thursday, May 14, 2020

مافيائون،اسڪينڊل ۽بدنام زمانه احتساب !



شفيق الرحمان شاڪر
گذريل ستر سالن کان هن ملڪ ۾ نعرو اهو ئي لڳندو رهيو آهي ته ”احتساب ڪنداسين” پر جيڪر حڪمرانن جي ڪرتوتن کي ڏٺو وڃي ته اها ئي ڳالهه سامهون اچي ٿي ته ”مڙس ماڻهو ٿي هن ملڪ کي ڦريو ۽ لٽيو۽ پوء بنان ڪنهن ڊپ ڊاء جي کائيندا رهو.“ کنڊ ۽ ڪڻڪ جي اسڪينڊل کان پوء نجي بجلي گھرن (آئي پي پيز) جي معاملي ۾ به حڪمرانن جا جيڪي ڪرتوت سامهون اچي رهيا آهن بس الحفيظ ۽ الامان! نو رڪني انڪوائري ڪميٽيء جي رپورٽ ٽي سو صفحن تائين وڃي پهتي آهي.اها رپورٽ جنهن کي وزير اعظم پبلڪ ڪرڻ،جاچ ڪميٽي جوڙڻ،فرانزيڪ آڊٽ ڪرائڻ ۽ نوي ڏينهن ۾ حتمي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڏني آهي.شروعاتي جاچ مطابق نجي بجلي گھرن جي واڳن اسان کي پنج هزار اٺ سو ارب روپين جو ٽڪو هنيو.غلط انگن اکرن جي اوٽ ۾ اهي ظالم گذريل ٽيهن سالن ۾ چار هزار اٺ سو ارب کائي ويا.گئس جي چوريء مان ٻه سو نو ارب لٽي ويا.منصوبن جي سيڙپ وڌائي چڙهائي ٽي سو ٻاويهه ارب واڌو کڻي ويا.مقرر منافعي کان 565 ارب وڌيڪ منافعو حاصل ڪري ورتائون.1994ع ۾ بينظير دور ۾ جيڪي بجلي گھر لڳا انهن جي سيڙپ پنجاه ارب هئي اهي بجلي گھر هيستائين 415 ارب منافعو ڪمائي چڪا آهن.2002ع ۾ مشرف دور ۾ 58 ارب جي لاڳت جا بجلي گھر لڳا اهي هن وقت تائين 203 ارب ڪمائي چڪا آهن.2015ع ۾ ميان نواز شريف جي دور ۾ لڳل بجلي گھرن ته حد ڪري ڇڏي.حڪومت ۽ نجي بجلي گھرن جي مالڪن وچ ۾ 15 سيڪڙو منافعو طيء ٿيل هو پر انهن 79 سيڪڙو نفعو ڪمايو.رپورٽ مطابق ميان منشا جي ٽن پاور پلانٽس جي گڏيل سيڙپ يارهن ارب اوڻويهه ڪروڙ هئي ۽ اهي مبينا طور تي هن وقت تائين واڌو 51 ارب ۽ 43 ڪروڙ ڪمائي چڪا آهن.جيڪر انهن ٽنهي پلانٽس کي سندن مدي تائين هلڻ ڏنو وڃي ته پوڻا اٺٽيهه ارب وڌيڪ ڪمائيندا.هاڻي ٿورو انهن بجلي گھرن جي گردشي قرضن جو جائزو وٺجي ته زرداري صاحب جي دور ۾ اهو قرض هو 228 ارب يعني ماهوار 4 ارب،نواز شريف جي دور ۾ اهو قرض ٿيو 480 ارب يعني 10 ارب ماهوار ۽ اڄ عمران خان جي دور ۾ اهو گردشي قرض 1100 ارب يعني 41 ارب ماهوار تائين پهچي چڪو آهي.شگر مافيا جيان نجي بجلي گھرن واري مافيا به حڪومت کان سبسڊي حاصل ڪئي.مطلب ته بجلي بليڪ تي وڪي،چوريون به ڪيائون،ناجائز نفعو به ڪمايائون ۽ مٿان وري حڪومت کان امدادي رقمون به وصول ڪيائون.انهن ئي معاهدن سبب هن وقت ملڪ کي روزانو هڪ ارب جو نقصان برداشت ڪرڻو پئجي رهيو آهي.مزي جي ڳالهه اها ته اٽي،ڪڻڪ جو اسڪينڊل هجي،کنڊ جو ناٽڪ هجي يا نجي بجلي گھرن جو فراڊ ساڳي سياسي مافيا انهن ڪارنامن پويان بيٺل نطر اچي ٿي جيڪي ڪنهن نه ڪنهن طرح هر حڪومت جو حصو رهندا ٿا اچن ۽ هاڻوڪي حڪومت ۾ به ويٺل آهن.هي سائنسي ذهن رکندڙ نهايت ئي چالاڪ ماڻهو آهن جيڪي 180 روپئي مڻ جي حساب سان هارين کان ڪمند خريد ڪري پنهنجي مرضيء موجب کنڊ جو اگھه به پاڻ مقرر ڪن،اها کنڊ ٻاهر ايڪسپورٽ ڪري وڏيون رقمون به ڪمائين ۽ مٿان وري حڪومتن کان من پسند سبسڊي به حاصل ڪن ۽ مارڪيٽ ۾ هٿرادو بحران پيدا ڪري قيمتون وڌيڪ وڌائي ڇڏين.پر اهو تصوير جو ظاهري پاسو آهي،اصل ڌنڌو ته پردي جي پويان آهي.جيئن بينڪن مان قرض وٺي شگر ملون لڳائڻ،بينڪن جي پئسن مان ڪمند خريد ڪرڻ سو به پنهنجي مرضيء جي قيمت تي.اهڙيء طرح بي نامي کنڊ جو ڪاروبار،ڪوڙي ايڪسپورٽ ۽ جعلي اڪائونٽ جوڙي ٽيڪس بچائڻ.اهو ته ٿيو شگر انڊسٽريء جو قصو.پاور سيڪٽر ۾ وري گئس چوري،پلانٽ پرفارمنس،سيڙپ وڌائي چڙهائي پيش ڪرڻ،غلط انگ اکر ڏيئي پئسا ڪمائڻ،مقرر نفعي کان هزار ڀيرا وڌيڪ نفعو حاصل ڪرڻ،اهي اهڙا ڪم آهن جيڪي اسان جا اهي سياسي سائنسدان وڏي مهارت سان ڪري رهيا آهن.
پارليامينٽ جي ڪشمير بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيء جو نون مهينن جي خرچ جو بل 3 ڪروڙ 12 لک سامهون آيو آهي.اعزازي پگهارون 37 لک روپيا،ٻاهرين ملڪن جا دورا اسي لک،کاڌن جو بل يارهن لک،اسٽيشنري97 هزار،قومي اسيمبلي سيشن الائونس ٻاويهه لک،پارليامينٽ جو خصوصي الائونس 18 لک وغيره وغيره.اهو ته ٿيو هڪ قائم ڪميٽيء جو حال،هتي ته سينيٽ،قومي توڙي صوبائي اسيمبلين ۾ سوين اهڙيون ڪميٽيون غريب عوام جي پئسي تي اهڙا عيش ڪري رهيون آهن.هاڻي ان قائمه ڪميٽيء گذريل نون مهينن ۾ ڪشمير جي مسئلي تي جيڪي ڦاڙها ماريا آهن سي سڀني جي سامهون آهن.بهرحال ڳالهه پئي ٿي نجي بجلي گھرن جي راند جي ته رپورٽ مطابق جهانگير ترين مبينا طور تي ٽي ارب پنجاسي ڪروڙ،خسرو بختيار خاندان هڪ ارب اضافي منافعو ڪمايو جڏهن ته روش پاور پلانٽ واري وفاقي وزير رزاق دائود  ۽ ٽن پاور پلانٽس جي ڀائيوار نديم بابر مبينا طور تي 36 ارب جو اضافي نفعو حاصل ڪيو.هاڻي لکن جو سوال اهو ته ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي هن فراڊ ۽ ڌاڙي جو ڪجهه ٿيندو يا نه؟جواب نهايت ئي سادو آهي ته سري محلن ۽ ايون فيلڊ فليٽس جو ڪجهه ٿيو؟العزيزيه،فليگ شپ،شريف شگر ملز ڪيسن جو ڪجهه ٿيو؟ڏهن واليومز تي ٻڌل پاناما ليڪس،25 واليومز جي جعلي اڪائونٽس واري مني لانڊرنگ،بي نامي ملڪيتن،بي نامي کاتن ۽ بي نامي ٽيٽين جو ڪجهه ٿيو؟دوائن وارو اسڪينڊل،نيب المارين ۽ احتساب عدالتن ۾ ڌڪا کائيندڙ ٻارهن سو کان مٿي ميگا ڪرپشن اسڪيڊلز،ريفرنسن جو ڪجهه ٿيو؟ڪجهه ته ڪيس هليا ئي ڪونه، جيڪي هليا سي هلندا ئي ٿا وڃن.جن ڪجهه ڪيسن ۾ سزائون ٿيون انهن جو نتيجو اوهان جي سامهون آهي.نرالا رليف،عجيب ضمانتون،پر اسرار رعايتون ۽ حيرت ۾ وجھندڙ فيصلا.ان ڪري حوصلو رکو ته معمول جيان پراڻن مثالن موجب انهن ٺڳين، چورين،ڌاڙن،بد عنوانين ۽ فراڊن جا راڳ اوهان کي خوب ٻڌڻ لاء ملندا پر نتيجو اهو نڪرندو جيڪو اڳ ۾ نڪرندو رهيو آهي.ان ڪري جو سچ اهو آهي ته هن ملڪ ۾ ڪو به ڪنهن جو احتساب ڪرڻ نٿو گھري بلڪه احتساب جي آڙ  ۾ هر ڪو پنهنجن ڪارن ڪرتوتن لاء  جواز پيدا ڪرڻ گھري ٿو! آخر ۾ عوام جي لاء خوشيء جي خبر اها آهي ته هاڻوڪن احتسابي ۽ انصافي حڪمرانن به نيٺ نيب کي پوريء طرح بي اثر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.



(روزاني هلال پاڪستان)

ڇا اسلام جو سائنس سان تڪرار آهي؟



شفيق الرحمان شاڪر

سائنس لاطيني ٻوليء جو لفظ آهي جنهنجي معنيٰ آهي ”ڄاڻڻ“.پروفيسر ڪي لنگسرد مطابق سائنس فطرت جي نظام جو نالو آهي جيڪو مشاهدي،تجربي ۽ عقل سان حاصل ٿئي ٿو.علم ڪي جنهن شعبي کي اسان سائنس چئون ٿا ان جو ٻيو نالو علم ڪائنات آهي جنهن ۾ انسان جو علم به شامل آهي.سائنسدان ڪائنات جي مشاهدي مان ڪجهه نتيجا ڪڍي ٿو.هر صحيح سائنسي نتيجي کي اسان پڪي علمي سچائي يا قدرت جو قانون سمجھندا آهيون.مشاهدي ۽ تجربي سان حاصل ٿيل علمي حقيقتن کي جڏهن مرتب ۽ منظم ڪيو ويندو آهي ته ان کي سائنس چئبو آهي.
قرآن مجيد ۾ به الله تعاليٰ انسانن کي دعوت ڏئي ٿو ته اهي آسمانن،زمين،جبلن،تارن،وڻن،ٻوٽن، ٻجن،جانورن،رات ڏينهن جي تبديلي،انساني بناوت،برساتن ۽ اهڙين ئي ٻين شين تي سوچ ويچار ۽ تحقيق ڪن ته جيئن اهي پنهنجي آسپاس ۾ پکڙيل ڪمال جي هنرمنديء وارن بيشمار نمونن کي ڏسي ان احسن الخالقين کي سڃاڻي سگھن جنهن هن پوري ڪائنات ۽ ان جي اندر موجود سمورين شين کي عدم مان وجود ۾ آندو.الله تعاليٰ جو ارشاد آهي ته ” آسمانن ۽ زمين ۾ ڪيتريون ئي نشانيون آهن جن تان اهي ماڻهو گذرندا رهن ٿا ۽ انهن طرف ڌيان ئي نٿا ڏين.“ اهو به فرمايو ويو ته جيڪي ماڻهو سوچين ۽ سمجھن ٿا انهن لاء آسمانن ۽ زمين جي پيدائش ۾،رات ۽ ڏينهن جي هڪ ٻئي پٺيان اچڻ ۾،انهن ٻيڙين ۾ جيڪي ماڻهن کي فائدو ڏيندڙ شيون کڻي سمنڊ ۾ هلن ٿيون،الله جي پاران آسمان مان مينهن وسائڻ ۾ جنهن سان هو مئل زمين کي زنده ڪري ٿو ۽ انهيء ۾ هر طرح جي جاندار مخلوق کي پکيڙي ڇڏي ٿو،هوائن جي گردش ۾ ۽ انهن ڪڪرن ۾ جيڪي زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ حڪم جا پابند آهن بيشمار نشانيون آهن.“
اهو به فرمايو ويو ته ” آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪرڻ انسانن کي پيدا ڪرڻ جي ڀيٽ ۾ پڪ سان وڏو ڪم آهي پر گھڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن.“
امام ابن ڪثير هڪ واقعو نقل ڪندي لکي ٿو ته بني اسرائيل جي عابدن مان هڪڙي پنهنجي ٽيهه سالا عبادت جو عرصو پورو ڪري ورتو پر جهڙيء طرح ٻين عابدن تي ٽيهه سالا عبادت بعد ڪڪرن جي ڇانو ٿيندي هئي ان عابد تي اها نه ٿي.هن پنهنجي ماء کان ان جو سبب پڇيو.ماڻس چيو پٽ! تو پنهنجي عبادت جي عرصي دوران ڪو گناهه ڪيو هوندو.هن چيو امان! مون هڪ به گناهه ناهي ڪيو.ماڻس چيو ته پوء تو ڪنهن گناهه جو ارادو ڪيو هوندو.جواب ڏنائين ته ايئن به بلڪل ناهي ٿيو.ماء چيو ته ممڪن اهي ته تو آسمان طرف نظر ڪئي هجي ۽ سوچ ويچار کان سواء هٽائي ڇڏي هجي.غابد چيو ته ايئن ته برابر ٿيندو رهيو آهي.ماء چيو ته بس اهو ئي ان جو سبب آهي.
الله جي رسول صلي الله عليه وسلم جن به ماڻهن کي علم حاصل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ وڏي تاڪيد سان فرمايو ته علم حاصل ڪرڻ اسان جي فرضن ۾ شامل آهي.
قرآن مجيد ۾ هڪ هنڌ فرمايو ويو ته ” الله تعاليٰ کان سندس بندن مان رڳو اهي ڊڄندا آهن جيڪي علم رکندڙ آهن.“
هتي هڪ واقعي جو ذڪر مناسب آهي جيڪو علامه عنايت الله مشرقي روايت ڪيو آهي.هن سان اهو واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن هو برطانيا ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو هو.علامه صاحب فرمائي ٿو ته 1909ع جي ڳالهه آهي،آچر جو ڏينهن هو ۽ سخت برسات ٿي رهي هئي.آئون ڪنهن ڪم سان ٻاهر نڪتس ته ڪيمبرج يونيورسٽي جو مشهور ماهر فلڪيات سر جيمز جينس ڪڇ ۾ بائيبل دٻايو چرچ طرف وڃي رهيو هو.مون ويجھو وڃي سلام ڪيو ته چوڻ لڳو ته ” ڇا ٿو چاهين؟“ مون چيو ٻه ڳالهيون،پهرين اها ته زور سان برسات ٿي رهي آهي ۽ اوهان ڇٽي پنهن جي بغل ۾ دٻائي رکي آهي.سر جيمز پنهنجي بد حواسيء تي مرڪيو ۽ ڇٽي ڪڍي پنهنجي مٿان تاڻيائين.ٻي ڳالهه اها ته اوهان جهڙو مشهور ماڻهو عبادت لاء گرجا گھر وڃي رهيو آهي؟ منهنجي ان سوال تي سر جيمز ڪجهه دير لاء خاموش ٿي ويو ۽ پوء مون ڏانهن منهن ڪندي چيائين” اڄ شام جو چانهه مون سان گڏ پيئجانء.“
آئون شام جو سندس رهائشگاهه تي پهتس،ٺيڪ چئين وڳين ليڊي جيمز ٻاهر اچي چيو ته “سر جيمز تنهنجو انتظار ڪري رهيو آهي.“اندر ويس ته هڪ ننڍڙي ميز تي چانهه رکيل هئي.پروفيسر صاحب سوچن ۾ گم هو.چوڻ لڳو ” تنهن جو سوال ڇا هو؟“ منهنجي جواب جو انتظار ڪرڻ سواء ئي آسماني جسمن جي پيدائش،ان جي حيرت ۾ وجھندڙ نظام،نهايت ئي اونهاين ۽ مفاصلن،انهن جي منجھيل رستن ۽ مدارن،انهن جي هڪ ٻئي سان لاڳاپي ۽ روشنيء جي طوفانن تي اهڙيون ته ايمان واريون حقيقتون بيان ڪيائين جو جو منهنجي دل الله جي وڏائي ۽ قدرت تي ڪنبڻ لڳي ۽ هن جي پنهنجي ڪيفيت اها هئي جو سندس مٿي جا وار اڀا ٿي رهيا هئا.اکين مان حيرت ۽ خوف جي ڪيفيت ظاهر هئي.الله جي حڪمت ۽ دانائي جي هيبت کان سندس هٿ ڪجهه ڏڪي رهيا هئا ۽ آواز لرزي رهيو هو.چوڻ لڳو ؛ ”عنايت الله! جڏهن آئون الله جي تخليقي ڪارنامن تي نظر وجھان ٿو ته منهن جي سڄي هستي الله جي جلال کان ڪنبڻ لڳي ٿي ۽ جڏهن آئون ڪليسا ۾ الله جي آڏو مٿو ٽيڪي چوان ٿو ته تون نهايت ئي وڏو آهين ته منهن جي وجود جو هر ذرو منهنجو هم آواز بڻجي وڃي ٿو .مون کي نهايت ئي گھڻو سڪون ملندو آهي.مون کي ٻين جي ڀيٽ ۾ عبادت ۾ هزارين ڀيرا وڌيڪ لطف ايندو آهي.ٻڌاء عنايت الله خان! تنهنجي سمجهه ۾ ايو ته آئون گرجا ۾ ڇو ويندو آهيان؟“
علامه مشرقي بيان ڪري ٿو ته پروفيسر جي انهن لفظن منهن جي اندر ۾ آنڌ مانڌ برپا ڪري ڇڏي.مون چيو جناب عالي! آئون اوهان جي روح پرور ڳالهين کان گھڻو متاثر ٿيو آهيان.ان سلسلي ۾ قرآن ڪريم جي هڪ آيت ياد اچي ويئي ته ” ۽ جبلن ۾ اچي ۽ ڳاڙهي رنگ جا قطعا آهن ۽ ڪجهه ڪارا آهن.انسانن،جانورن ۽ چوپاين جا ڪيترن ئي قسمن جا رنگ آهن.الله کان ته سندس بندن مان اهي ڊڄندا آهن جيڪي علم ورا آهن.“اهو ٻڌندي ئي پروفيسر جيمز چوڻ لڳو” ڇا چيئي؟الله کان رڳو علم وارا ڊڄندا آهن؟عجيب ڳالهه اهي جيڪا مون کي پنجاهه سالن جي مطالعي ۽ مشاهدي بعد معلوم ٿي آهي.“
سائنس اسان کي هن ڪائنات ۽ ٻي مخلوق جي مطالعي جو هڪ طريقو ٻڌائي ٿي جنهن سان اسان کي مخلوق جي وجود جي سونهن  ۽ خالق جي عظيم دانائيء جو شعور ملي ٿو.ان ڪري اسلام سائنس جي حوصلا افزائي ڪري ٿو ڇو ته اسان ان ذريعي خدا جي تخليق جي لطافتن ۽ نزاڪتن جو بهتر نموني اڀياس ڪري سگھون ٿا.اسلام نه رڳو سائنس جي حوصلا افزائي ڪري ٿو پر اها به اجازت ڏئي ٿو ته جيڪر اسان گھرون ته پنهنجي تحقيقي ڪم کي نتيجي وارو بنائڻ لاء دين جي بيان ڪيل حقيقتن کان به مدد حاصل ڪري سگھون ٿا.ان سان ٺوس نتيجا حاصل ٿيڻ سان گڏوگڏ منزل به ترت ويجھو اچي ويندي.ان جو سبب اهو جو دين اهو اڪيلو ذريعو آهي جيڪو ڪائنات ۽ زندگيء جي وجود ۾ اچڻ جي باري ۾ سوالن جا صحيح ۽ سڌا جواب ڏئي ٿو.جيڪڏهن تحقيق جو بنياد صگحيح هجي ته ڪائنات جي شروعات،زندگيء جو مقصد ءٌ زندگيء جي نظام جي باري ۾ ڪو مونجھارو باقي نٿو رهي.اڄ سائنسي علمن جيڪا ترقي ڪئي آهي ان انسان تي حيرت جا دروازا کولي ڇڏيا آهن.لنهن شيء جي باري ۾ اڄ کان سو سال پهرين سوچڻ به ناممڪن هو اهي شيون هاڻي ممڪن بڻجي چڪيون آهن.انسان زندگيء جي هر ميدان ۾ سائنسي علم تي ڀروسو ۽ ان کي عمل ۾ آڻيندو ٿو وڃي پر سائنس جو هڪ نقصانڪار پاسو اهو آهي جو ڪجهه مسلمان به دين جي معاملي ۾ سائنس کي وڌيڪ اهميت ڏيڻ لڳا آهن.اهي سمجھن ٿا ته اسلام ۽ سائنس ۾ ڪو ضد ۽ تڪرار آهي.اهي ٻئي گڏ هلي نٿا سگھن ۽ اهو ته اسلام هڪ قديم مذهب اهي جيڪو هاڻوڪي دور جي ضرورتن کي پورو نٿو ڪري سگھي جڏهن ته حقيقت ان جي ابتڙ آهي.مولانا سيد مودودي جديد سائنس جي حوالي سان لکي ٿو ته ” پراڻي زماني ۾ ماڻهن آسمان ۽ زمين جي پيدائش،پاڻيء مان هر ساهواري شيء جي پيدا ٿيڻ ۽ تارن جي هڪ هڪ مدار ۾ ترڻ جو مفهوم ڪجهه ٻيو هو،هاڻوڪي زماني ۾ فزڪس،بايولاجي ۽ اسٽرونامي جي جديد معلومات اسان لاء انهن جو ڪجهه ٻيو مفهوم پيدا ڪري ڇڏيو آهي ۽ نٿو چئي سگھجي ته اڳيان هلي ڪري انسان کي جيڪا معلومات حاصل ٿيندي اها انهن لفظن جي ڪهڙين معنائن تي روشني وجھندي.“
فزڪس جي مشهور نوبل انعام يافته سائنسدان البرٽ آئن اسٽائين موجب سائنس مذهب سواء منڊي آهي ۽ مذهب سائنس سواء انڌو آهي.ان جو مطلب اهو آهي ته سائنس کي جيڪر مذهب جي روشني ۽ رهنمائي مهيا نه هجي ته اها ضحيح نموني اڳيان وک وڌائي نٿي سگھي.ماضي گواه آهي ته اڪثر ايئن ئي ٿيندو رهيو آهي.مادي پرست سائنسدانن ماضيء ۾ جيڪو طريقو اختيار ڪيو انهيء ۾ گھڻو وقت ضايع ٿي ويو.بلڪه اهڙيون خطرناڪ شيون به ايجاد ٿيون جيڪي انسانيت جي لاء تباهيء جو سامان آهن.اها ئي شيء سائنس ۽ مذهب جي وچ ۾ ٽڪراء جو سبب بڻي.اها سوچ ته سائنس ۽ مذهب هڪ ٻئي جا مخالف آهن،يهوديت ۽ عيسائيت جي اثر هيٺ ملڪن ۾ به ساڳيء طرح پکڙيل آهي جهڙيء طرح مسلمان دنيا ۾.حقيقيت اها آهي ته ڪنهن به توحيد پرست مذهب ۾ ڪا اهڙي تحرير موجود ناهي جيڪا سائنس کي رد ڪندي هجي.تنهن هوندي به اهو به سچ آهي ته ماضيء ۾ چرچ جي حڪم تي سائنسي علمن جو حصول ۽ ان جي جستجو گناهه قرار ڏني ويئي.پادرين قديم عهد نامن مان اهڙيون گواهيون حاصل ڪيون جن ۾ لکيل هو ته اهو منع ڪيل وڻ جنهنجو ميوو حضرت آدم عليه السلام کاڌو هو اهو علم جو وڻ هو.ان سبب الله تعاليٰ هن کان ناراض ٿيو.سائنسي علم چرچ جي حڪم تي رد ڪيا ويا ۽ انهن کي حاصل ڪرڻ ڏوهه قرار ڏنو ويو.جيئرو ساڙڻ جي ڊپ کان ڪيترائي سائنسدان جلا وطنيء تي مجبور ٿيا ايستائين جو انهن کي توبه ڪرڻ،پنهنجو رويو بدلائڻ ۽ معافي وٺڻ تي مجبور ٿيڻو پيو.مشهور سائنسدان گليلو تي ان ڪري مقدمو هليو جو هن ان نظريي کي مڃي ورتو هو ته جيڪو زمين جي گردش جي باري ۾ ڪوپر نيڪس پيش ڪيو هو.بائيبل مان هڪ غلط تاويل ڪري گليلو کي سزا ڏني ويئي.
(روزاني هلال پاڪستان)

Wednesday, May 6, 2020

هڪ وبا کان بچڻ لاء اڪيلائيء جي وبا طرف!



شفيق الرحمان شاڪر
اڪيلائي غم آهي.اسان سڀ قرب( ويجھو رهڻ) جا بکيا آهيون انهيء قرب سواء اسان ڪومائجي وڃون ٿا.ڀڄي ۽ ڀري وڃون ٿا.اڪيلائي پاڻ هڪ وڏي وبا آهي.هاڻوڪي وبا جي عطا ڪيل جبري اڪيلائي ۽ سوشل ڊسٽينسنگ کان اڳ انسان پنهنجا گھر اڏڻ شروع ڪري ڏنا هئا.جديد دور کان اڳ تمام ٿورا انسان اڪيلا رهندا هئا.ان اڪيلائيء جي شروعات هڪ صديء کان اڳ جي ناهي.انهيء دوران سڀ ڪجهه بدلجي ويو.هاڻي آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ هر چئن مان هڪ ماڻهو اڪيلو رهي ٿو.ملڪ جي ڪجهه حصن خاص طور تي وڏن شهرن ۾ اهو سيڪڙو اڃا به گھڻو آهي.اوهان اڪيلا ٿيڻ سواء به اڪيلا رهي سگھو ٿا ۽ اڪيلي هوندي به اڪيلا رهي سگھو ٿا.  هاڻي اهو ٻڌائڻ جي ضرورت ناهي ته اڪيلائي اوهان جي دشمن آهي.2017 ۽ 2018ع ۾ اڳوڻي امريڪي سرجن جنرل وويڪ ايڇ مورتي ”اڪيلائيء جي وبا “ جو اعلان ڪيو هو ۽ برطانيه اڪيلائيء جو وزير مقرر ڪيو.اڪيلائيء جي ڪيفيت سمجھڻ لاء ڊاڪٽرن ۽ ماهرن هڪڙو اسڪيل مقرر ڪيو.ڇا توهان اڪثر يا ڪڏهن ڪڏهن ايئن محسوس ڪيو آهي ته ” آئون ايتريون ساريون شيون اڪيلو ڪندي اداس ٿي ٿو پوان.مون وٽ ڪو ماڻهو ناهي هوندو جنهن سان ڳالهيون ڪيان.آئون ايڏي اڪيلائي برداشت ڪري نٿو سگھان.مون کي سچ پچ محسوس ٿئي ٿو ته مون کي ڪوبه ماڻهو نٿو سمجھي .هاڻي ته آئون ڪنهنجي به ويجھو ناهيان رهيو،اهڙو ته ڪو ئي ناهي جنهن ڏانهن آئون منهن ڪري سگھان،آئون ته پنهنجو پاڻ کي بلڪل تنها ۽ ٻين کان ڪٽيل محسوس ڪري رهيو آهيان،قرنطينه جي دور ۾،ڇا هڪڙي مرض ٻيو مرض پيدا نه ڪيو آهي؟“
اڪيلائي هڪ مقبول اصطلاح آهي ۽ گھڻا ماڻهو اڪيلو رهڻ پسند به ڪن ٿا.اڪيلائي هڪ اونهي تڪليف جي حالت آهي.اعصابي سائنسدان اڪيلائيء کي ”هائي ورجيلينس“ جي طور تي سڃاڻپ ڪن ٿا جنهن جي اصليت اسان جي پراڻي ماضيء ۾ لڌي وڃي ٿي.شڪاگو يونيورسٽيء ۾ ان موضوع تي تحقيق جان ڪيسيپو ڪئي هئي جيڪو 2018ع ۾ گذاري ويو هو ۽ جنهن کي ”ڊاڪٽر اڪيلائي“ جي نالي سان ڄاتو ويندو هو.مورٿي مطابق مسئلن جي ميڙ پويان اڪيلائي هوندي آهي مثال؛ بيچيني،تشدد،وڳوڙ،ڏوهه،خودڪشي،ڊپريشن ايستائين جو سياسي انتشار پڻ.
ويهين صدي کان اڳ سمورن ڪٽنبن مان پنج سيڪڙو يا دنيا جي آباديء جو هڪ سيڪڙو رڳو هڪ شخص تي ٻڌل هو.اهي انگ اکر 1910ع جي لڳ ڀڳ وڌڻ شروع ٿيا.جڏهن 1950ع ۾ ڊيوڊ ريس ” اڪيلائي جو ميڙ“ شايع ڪيو ته ان وقت سمورن ڪٽنبن مان نو سيڪڙو هڪ شخص تي ٻڌل هو.1959ع ۾ جرمن تجزيي نگار فريڊا فريم ريخ لکيو ته” اڪيلائي ايتري قدر تڪليف ڏيندڙ ۽ خوفناڪ تجربو آهي جو ماڻهو ان کان بچڻ لاء عملي طور تي سڀ ڪجهه ڪندا.“ هن لکيو ته “هڪ ٻئي جي قرب جي آرزو هر انسان سان گڏ ننڍپڻ کان ئي هوندي آهي ۽ اهڙو ڪوبه انسان ناهي جنهن کي ان نقصان جو خطرو نه هجي.اڪيلا نه رهڻ وارا انسان اڪيلائيء کان گھڻو گھٻرائيندا آهن.“
ماهر معاشيات ايرڪ ڪلينن برگ 2012ع ۾ ”گوئنگ سولو؛ غير معمولي عروج ۽ رهڻ جي حيرت انگيز اپيل“ ۾ لکيو ته ”گذريل اڌ صديء دوران اسان جي نسلن هڪ قابل ذڪر سماجي تجربو ڪيو آهي.انساني تارخ ۾ پهريون ڀيرو هر هنڌ،هر سياسي طبقي وڏي انگ ۾ سنگل بنائڻ شروع ڪيو آهي.“ ڪلينن برگ ان کي هڪ وڏي سوڀ سمجھي ٿي.1980ع جي ڏهاڪي جي شروع ۾ اڪيلي ماڻهن جي گھراڻن ۾ گھڻو اضافو ٿيو.انهيء دور ۾ اڪيلائيء جي باري ۾ هڪ طبي ادب اڀرڻ شروع ٿيو.
ڪلينن برگ جو خيال آهي ته 1950ع جي ڏهاڪي ۾ ٽيليفون جي وڏي پيماني تي استعمال سان گڏوگڏ اطلاعات جي نيٽ ورڪ جي ٽيڪنالاجي اڪيلي زندگي گذارڻ م مدد مهيا ڪئي.ريڊيو،ٽيليويزن،انٽرنيٽ،سوشل ميڊيا اهڙيون شيون آهن جيڪي اسان کي اڪيلي گھر ۾ مهيا ٿي سگھن ٿيون.امريڪي برادريء جي لاڳاپن جي خاتمي جي باري ۾ رابرٽ پونٽم جو هڪ با اثر ڪتاب  ”بولنگ اڪيلي اڪيلي“ فيس بڪ شروع ٿيڻ کان چار سال پهرين 2000ع ۾ سامهون آيو جنهن اڪيلائيء جو اشارو ڪيو هو.ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته سوشل ميڊيا جي ڪاميابي اڪيلائيء جي وبا جو نتيجو هئي.”ايڪانومسٽ “ اڪيلائيء کي ايڪويهين صديء جي ڪوڙهه قرار ڏنو.
اها ڪا حيرت جي ڳالهه ناهي ته آمريڪا ۾ عام طور تي ۽ ان کان بعد جاپان،فرانس، جرمني،برطانيه، آسٽريليا ۽ ڪينيڊا ۾ اڪيلائي عام آهي ۽ چين.برازيل ۽ هندستان ۾ اها پنهنجي عروج تي آهي.مضبوط سماجي حمايت يافته ملڪن ۾ اڪيلو اڪيلو رهڻ بهترين ڪم ڪري ٿو.جڏهن ته آمريڪا جهڙن ملڪن ۾ اهو بدترين ڪم ڪري ٿو.نه رڳو انٽرنيٽ پر هڪ سماجي حفاظت جو ڄار وڇائڻ جو وقت آيو.جنهن بعد هڪ عظيم ”عالمي قيد“ شروع ٿيو.لاڳو ٿيل اڪيلائي،سماجي دوري،شٽ ڊائون،لاڪ ڊائون هڪ انساني پر غير انساني قدم.خير، ڪجهه نه هئڻ کان ڪجهه هئڻ بهتر آهي. پر آخر ڪيستائين؟۽ جڏهن اوهان جو رابطو ٽٽي پيو ته پوء ڇا حال ٿيو؟ نتيجو؛ گھٻراهٽ.آخري ٽائي به ڪپجي ويئي؟ هي نهايت ئي خوفناڪ تجربو آهي.اڪيلائي برداشت ڪرڻ واري انساني صلاحيت جو امتحان آهي.ڇا ان اڪيلائيء ۾ اوهان پنهنجي وارن کي ڇڪيو ٿا؟ ڇا اوهان پنهنجي پڃري جي ڀتين سان مٿو ٽڪرايو ٿا؟ڇا اوهان اندر ئي اندر بند آهون ڀري رهيا آهيو يا روئي رهيا آهيو؟ اڪيلائي جيڪا ڪنهن وقت عظيم نعمت ته ڪڏهن ڪڏهن سخت اذيت هوندي آهي.
(روزاني هلال پاڪستان)

Friday, April 24, 2020

گھٻراهٽ،فوبيا۽ پينڪ.



شفيق الرحمان شاڪر
گھٻراهٽ هڪ عام انساني احساس آهي.اسان سڀني کي ان جو تجربو ان وقت ٿئي ٿو جڏهن اسان ڪنهن مشڪل يا سخت وقت مان گذرون ٿا.خطرن کان بچڻ،هوشيار رهڻ ۽ مسئلن کي منهن ڏيڻ ۾ عام طور تي خوف ۽ گھٻراهٽ فائديمند ثابت ٿين ٿا تنهن هوندي به جيڪڏهن اهي احساس سخت ٿي وڃن يا گھڻي عرصي تائين رهن ته اهي اسان کي انهن ڪمن کان به روڪي ڇڏين ٿا جيڪي اسان ڪرڻ گھرون ٿا ۽ جنهن جي نتيجي ۾ اسان جي زندگي ڏکي بڻجي سگھي ٿي.
فوبيا ڪنهن اهڙي خاص صورتحال يا شيء جو خوف آهي جيڪا خطرناڪ نٿي ٿئي ۽ عام طور تي ماڻهن لاء پريشانيء جو سبب نه هوندي آهي.
گھٻراهٽ جون هيٺيون نشانيون ٿي سگھن ٿيون.دل جي ڌڙڪن تيز ٿيڻ،وڌيڪ پگھر اچڻ،پٺن ۾ ڇڪ ۽ سور ٿيڻ،ساهه جو تيز هلڻ،بيهوش ٿيڻ جو خوف هئڻ،بد هضمي،دست ۽ ذهني علامتن ۾ هر وقت پريشانيء جو احساس،ٿڪاوٽ محسوس ڪرڻ،ڪنهن شيء تي ڌيان نه ڄمڻ،طبيعت ۾ اجائي چڙ،ننڊ نه اچڻ وغيره شامل آهن.
گھٻراهٽ جو شڪار ماڻهو انهن نشانين سبب اهو سمجھندا آهن ته انهن کي ڪا  شديد جسماني بيماري ٿي ويئي آهي.گھٻراهٽ سان انهن نشانين ۾ اڃا وڌيڪ واڌارو اچي ويندو آهي.گھٻراهٽ جا غير امڪاني اوچتا دورا پينڪ(Panic) سڏرائين ٿا.گھڻو ڪري گھٻراهٽ ۽ پينڪ سان گڏ ڊپريشن به ٿيندو آهي.جڏهن اسان اداس ٿيندا آهيون ته اسان جي بک ختم ٿي ويندي آهي ۽ مستقبل اونداهون نظر اچڻ لڳندو آهي.ڪو اهڙو شخص جنهن کي فوبيا هجي ان ۾ مٿي بيان ڪيل گھٻراهٽ جون سخت نشانيون پاتيون وينديون آهن پر اهي ان وقت ظاهر ٿينديون آهن جڏهن اهو شخص ڪنهن خاص صورتحال ۾ هجي جنهن ۾ هن کي سخت گھٻراهٽ ٿيندي هجي.ٻين موقعن تي ان کي ان قسم جي گھبراهٽ نٿي ٿئي.جيڪڏهن اوهان کي ڪتن جو خوف هجي ته ان وقت اوهان بلڪل ٺيڪ هوندا جڏهن اوهان جي آسپاس ڪتا موجود نه هجن.جيڪڏهن اوهان کي بلنديء کان خوف ايندو هجي ته اوهان زمين تي بلڪل نارمل رهندا.جيڪڏهن اوهان هجوم کي منهن نه ڏيئي سگھندا هجو ته اڪيلائيء ۾ اوهان کي ڪو مسئلو نه ٿيندو.فوبيا ۾ ڦاٿل شخص اهڙي صورتحال کان بچڻ جي ڪوشش ڪندو آهي جيڪا کيس گھٻراهٽ ۾ ڦاسائي سگھي ٿي پر اصل ۾ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ فوبيا سخت کان سخت ٿيندي ويندي آهي.ان جو مطلب اهو به ٿي سگھي ٿو ته متاثر ٿيل شخص جي زندگي انهن احتياطي تدبيرن جي محتاج ٿي وڃي جيڪي کيس انهيء صورتحال کان بچڻ لاء اختيار ڪرڻيون پون ٿيون.انهيء بيماريء ۾ ورتل ماڻهوء کي معلوم هوندو آهي ته اهڙو ڪو حقيقي خطرو موجود ناهي.هن کي پنهنجو خوف بيوقوفاڻو لڳندو آهي پر ان جي باوجود هو انهيء کي قابوء ۾ آڻي نٿو سگھي.اهڙي فوبيا جيڪا ڪنهن پريشان ڪندڙ واقعي يا حادثي جي نتيجي ۾ شروع ٿي هجي ان جي ختم ٿيڻ جا امڪان وڌيڪ چٽا هوندا آهن.هر ڏهن مان هڪ ماڻهو زندگيء ۾ ڪڏهن نه ڪڏهن تڪليف ڏيندڙ گھٻراهٽ يا فوبيا جو شڪار ضرور ٿئي ٿو تنهن هوندي به گھڻا ماڻهو ان جو علاج نٿا ڪرائين.هاڻي اچو ته ان جي سببن تي سوچيون. اسان مان ڪجهه ماڻهن جي طبيعت ان قسم جي هوندي آهي جو اهي هر ڳالهه تي پريشان ٿي ويندا آهن.جاچ مان خبر پيئي آهي ته ان قسم جي طبيعت جينز ذريعي ورثي ۾ ملي ٿي تنهن هوندي به جيڪي ماڻهو قدرتي طور تي هر وقت پريشان  نٿارهن جيڪر انهن تي به لاڳيتو دٻاء پوندو رهي ته اهي به گھٻراهٽ جو شڪار ٿي سگھن ٿا.ڪڏهن ڪڏهن گھٻراهٽ جو سبب نهايت چٽو ۽ واضح هوندو آهي ۽ جڏهن مسئلو حل ٿي وڃي ته گھٻراهٽ به ختم ٿي ويندي آهي پر ڪجهه واقعا ۽ حالتون ايتريون ته تڪليف ڏيندڙ ۽ خوفناڪ هونديون آهن جن سبب پيدا ٿيندڙ گھٻراهٽ واقعن جي ختم ٿيڻ کان ڊگھي عرصي بعد به جاري رهي ٿي.اهي عام طور تي ان قسم جا واقعا هوندا آهن جن مان انسان جي جان کي خطرو هجي.مثال،ڪار يا ريل جا حادثا ۽ باهه وغيره.انهن واقعن ۾ شامل ماڻهو مهينن ۽ سالن تائين گھٻراهٽ ۽ پريشانيء جو شڪار رهي سگھن ٿا.توڙي جو انهن کي ڪا جسماني چوٽ نه لڳي هجي.اهي نشانيون Post Traumatic Stress Disorder ۾ پاتيون وڃن ٿيون.ڪڏهن ڪڏهن نشي وارين شين جهڙوڪ ايمفيٽا مائينز،ايل ايس ڊي يا ايڪسٽيسي جي استعمال سبب به گھٻراهٽ ٿي سگھي ٿي ايستائين جو ڪافي ۾ موجود ڪيفين به اسان مان ڪجهه ماڻهن کي تڪليف ڏيندڙ حد تائين گھٻراهٽ جو شڪار ڪري سگھي ٿو.تنهن هوندي به ٻئي پاسي اهو واضح ناهي ته ڪو خاص شخص ڪهڙي سبب گھٻراهٽ ۾ ڦاٿل آهي.ان ڪري جو اهو ان جي شخصيت،ان تي گذرندڙ واقعن ۽ زندگيء جي تبديلين جي سبب ٿي سگھي ٿو.جيڪڏهن اسان کي گھڻو دٻاء ۾ رهڻو پوي ته اسان گھڻو وقت پريشان ۽ ڊنل رهنداسين. اسان عام طور تي انهن ڪيفيتن جو مقابلو ڪري به وٺندا آهيون ڇو ته اسان کي انهن جي سببن جي خبر هوندي آهي ۽ اهو معلوم هوندو آهي ته اها صورتحال ڪڏهن ختم ٿيندي.مثال ڊرائيونگ ٽيسٽ کان پهرين اسان مان گھڻا ماڻهو گھٻراهٽ جوشڪار ٿين ٿا پر اسان ان تي قابو پائي وٺون ٿا ڇو جو اسان کي خبر هوندي آهي ته ٽيسٽ ختم ٿيڻ بعد گھٻراهٽ ختم ٿي ويندي.پر گھڻا ماڻهو تمام گھڻي وقت تائين ان گھٻراهٽ ۽ خوف جي احساس جو شڪار رهن ٿا.انهن کي ناهي خبر هوندي ته کين ڪهڙي سبب پريشاني ٿي رهي آهي ۽ اها گھٻراهٽ ڪڏهن ۽ ڪيئن ختم ٿيندي.انهيء تي قابو پائڻ ڏکيو هوندو آهي ۽ ان سلسلي ۾ عام طور تي ڪنهنجي مدد جي گھرج هوندي آهي.گھڻو ڪري ماڻهو ان موقعي تي مدد حاصل ڪرڻ ناهن گھرندا جو انهن کي لڳندو آهي ته ماڻهو کين چريو سمجھندا.جڏهن ته حقيقت اها آهي ته گھٻراهٽ ۽ خوف ۾ ورتل ماڻهو مشڪل سان ئي ڪنهن سخت ذهني بيمارين جو شڪار ٿين ٿا.جيترو جلد ممڪن ٿئي مدد حاصل ڪرڻ بهتر هوندي آهي.
گھڻا ٻار به ڪڏهن نه ڪڏهن ڪنهن سبب ڊڄي ويندا آهن.اوسر دوران اها معمول جي ڳالهه آهي.ڪجهه ٻار اوندهه يا فرضي وجودن جهڙوڪ جنن ڀوتن کان ڊڄندا آهن.اهو خوف عام طور تي وڏي ٿيڻ بعد ختم ٿي ويندو آهي.گھڻا ٻار ادسڪول جي پهرئين ڏينهن نهايت ئي هيسيل رهن ٿا ۽ بعد ۾ اهو خوف ختم ٿي وڃي ٿو.نوجوانن جي طبيعت اڪثر بدلبي رهبي آهي.انهن جي پريشانين جا سبب مختلف ٿي سگھن ٿا.مثال؛ اهي ڪيئن لڳي رهيا آهن،ٻيا ماڻهو انهن جي باري ۾ ڇا ٿا سوچين وغيره. انهن پريشانين تي ڳالهه ٻولهه ذريعي قابو پائي سگھجي ٿو تنهن هوندي به جڏهن پريشانيون حد کان وڌي وڃن ته ڊاڪٽر سان مشورو لازمي آهي.جڏهن پريشاني ڪنهن خاص مسئلي سبب پيدا ٿي هجي ته مائٽن ۽ دوستن سان گفتگو ذريعي ڪافي مدد ملي سگھي ٿي.بنيادي ڳالهه اها آهي ته گھبراهٽ ۽ پريشانيء کي منهن ڏيڻ لاء پرسڪون رهڻ جو طريقو سکڻ گھرجي.اهو گروپ جي صورت ۾ به ٿي سگھي ٿو،ماهرن جي مدد سان به ۽ ان کان سواء مختلف ڪتابن ۽ وڊيوز جي مدد سان پڻ.انهيء کان سواء سائيڪو ٿراپي ڳالهه ٻولهه جو هڪ وڌيڪ جامع ۽ ڪارگر طريقو آهي جنهن سان گھٻراهٽ جي سببن کي سمجھڻ ۾ مدد ملي ٿي.گھٻراهٽ ۽ فوبيا ۾ ورتل ماڻهن جو علاج دوائن ذريعي به ڪيو وڃي ٿو.عام سڪون ڏيندڙ دوائوم جهڙوڪ ويليم وغيره گھٻراهٽ ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿيون پر اهو ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته انهن دوائن جي گھڻي استعمال سان انسان انهن جو عادي بڻجي سگھي ٿو جن کي ڇڏڻ جي صورت ۾ اڻ وڻندڙ علامتن کي منهن ڏيڻو پئجي سگھي ٿو ان ڪري انهن دوائن جو استعمال ڪنهن به مستند ڊاڪٽر جي مشوري سواء هرگز نه ڪرڻ گھرجي.
 (روزاني مهراڻ)

تقريرن واري سرڪار ۽ ڪورونا جو آزار!



شفيق الرحمان شاڪر
تبديلي سرڪار جيڪا هاڻي تقريرن واري سرڪار بڻجي چڪي آهي اها ملڪي مسئلن ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي ڪيتري صلاحيت رکي ٿي ان جو اندازو ته گذريل ڏيڍ سال کان ۽ خاص طور تي هاڻوڪي ڪورونا بحران دوران بلڪل آسانيء سان لڳائي سگھجي ٿو.وزير اعظم جنهن کي هنن سنگين حالتن ۾ نه رڳو ڪو واضح لاحئه عمل ڏيئي قوم کي حوصلو ڏيڻ گھربو هو بلڪه سوسائٽيء جي مختلف طبقن خاص طور تي سياسي ڌرين ۽ طبي ماهرن سان ڪو بامقصد مشورو ڪري ڪي مناسب قدم کڻڻ گھربا هئا پر هن وقت تائين جيڪي ڪجهه سامهون آيو آهي اهو نهايت ئي مايوس ڪندڙ آهي.ايئن ٿو لڳي ته شايد خان صاحب اڃا تائين ڪورونا معاملي جي نوعيت ۽ ان جي سنگينيء جو پوريء طرح اندازو به نه لڳائي سگھيو آهي.هن قوم کي گذريل ڏيڍ سال کان ”گھٻرائڻو ناهي“ جو جيڪو عظيم فلسفو گھوٽي پيئارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي هن وقت به پوري مرض جو علاج انهيء ئي رٽيل جملي سان ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي نظر اچي ٿو. هو پنهنجي خيال موجب جنهن موقف تي ڄمي بيٺل آهي سو اهو ته ” لاڪ ڊائون ان ڪري نه ڪبو جو آباديء جو پنجويهه سيڪڙو غريب حصو  بکن سبب مري ويندو.“ جڏهن ته سندس بيان ڪيل انهيء سچائيء کان ڪنهن کي به انڪار ناهي تنهن هوندي به جڏهن سموريون سياسي ڌريون،باشعور طبقو ۽ طبي ماهر ملڪ ۾ لاڪ ڊائون جي تجويز ڏيندا رهيا آهن ته ان جو مطلب آهي ته خطرو نهايت ئي سنگين آهي ۽ سنڌ حڪومت انهيء خطري کي نظر ۾ رکندي ئي صوبي ۾ مڪمل لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو جنهن جي وفاقي حڪومت مختلف طريقن سان مخالفت ڪندي رهي.پر هاڻي جڏهن ”ڪرائڻ وارن“ سمورن صوبن کان لاڪ ڊائون ڪرائي ڇڏيو آهي ته خان صاحب وٽ هاڻي ڪهڙو جواز باقي رهجي ويو آهي. جيستائين لاڪ ڊائون سبب غريب ماڻهن جي تڪليفن ۽ مشڪلن ۾ اضافي جو سوال آهي ته اهي ته برابر حد کان وڌي وينديون پر ڇا ملڪ ۾ مڪمل لاڪ ڊائون ڪرڻ سواء هن وقت حڪومتن وٽ ٻيو ڪو آپشن به آهي ؟اهو لاڪ ڊائون پوري دنيا ۾ ٿي رهيو آهي ۽ ڪوبه ملڪ خوشي يا پنهنجي مرضيء سان ان طرف نه وڃي رهيو آهي بلڪه ماڻهن کي هن موذي وبا کان بچائڻ لاء اهو هڪ بنيادي قدم آهي جيڪو مجبوريء وچان کڻڻو پئجي رهيو آهي.خان صاحب سان مسئلو اهو آهي جو هو پنهنجي عقل جي بنياد تي جنهن به معاملي تي ضد ٻڌي ويهي ٿو ان تان واپس هيٺ لهڻ لاء تيار نٿو ٿئي. ايستائين جو وقت ۽ حالتون هن کي مجبور ڪري کيس يوٽرن وٺڻ تي مجبور ڪن ٿيون.ماڻهن کي پندرهن يا ٽيهن ڏينهن لاء گھرن تي کاڌو مهيا ڪرڻ مشڪل ضرور آهي پر ناممڪن ڪونهي پر جيڪر حڪومت ۾ ان معاملي کي مينيج ڪرڻ ۽ سرندي وارن ماڻهن توڙي فلاحي ادارن سان ڳالهين ذريعي ڪو گڏيل لاحئه عمل جوڙڻ جي ڪا صلاحيت موجود هجي جيڪا هن تقريرن واري سرڪار ۾ بلڪل ئي نظر نٿي اچي.ٻيو ته ٺهيو پر ڇا عالمي مارڪيٽ ۾ آيل تيل جي اگھن ۾ زبردست لاٿ باوجود حڪومت تيل جون قيمتون نه گھٽائي جيڪو پئسو ڪمائي رهي آهي ڇا اهو ان لاڪ ڊائون دوران عوام جي کاڌ خوراڪ تي خرچ ڪري نٿو سگھجي؟ ڇا غريب ماڻهن جا بجلي ۽ گئس جا بل هڪ مهيني لاء معاف نٿا ڪري سگھجن؟ڇا احساس پروگرام توڙي بينظير انڪم سپورٽ جي بجيٽ في الحال انهن بيروزگار ٿيندڙ ماڻهن جي مدد لاء خرچ ڪري نٿي سگھجي؟ ترقياتي اسڪيمن مان ڪجهه رقم ان هنگامي فنڊ ۾ منتقل ڪري نٿي سگھجي جنهن ذريعي غريبن جي مدد ڪئي وڃي؟رڳو بار بار ٽي وي تي اچي بي مقصد تقريرون ڪرڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو.پهرين ته حڪومت کي مڃڻو پوندو ته ملڪ هن وقت هڪ سخت صورٽحال ۾ وڪوڙجي چڪو آهي ۽ انهيء مان نڪرڻ لاء انهن ئي تجربن کي سامهون رکڻو پوندو جن ذريعي دنيا جا ٻيا ملڪ انهيء مصيبت مان ڪجهه ٻاهر نڪتا آهن يا يا نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.سڄي دنيا جا ملڪ پاڳل ته ناهن جيڪي پنهنجن شهرين کي  ٻاهر نڪرڻ نه ڏيئي رهيا آهن ۽ اسان جو وزير اعظم فرمائي رهيو آهي ته جيڪر ماڻهن کي گھرن کان ٻاهر نه نڪرڻ ڏنو ويو ته انهن مان پنجويهه سيڪڙو بکن وگھي مري ويندا.اهو ڪهڙو سياڻپ ڀريو بيان ۽ دانش ڀريل فلسفو آهي.خان صاحب ۾ ته ايتري صلاحيت به ناهي جو هن ڏکئي وقت تي ملڪ جي سمورين سياسي ۽ سماجي ڌرين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري ساڻن صلاح مشورو ڪري قوم کي وڌيڪ مونجھارن جو شڪار ڪرڻ بدران هڪ واضح حڪمت عملي ۽ پروگرام جوڙي سگھي. هن وقت به خان صاحب جو اجايو ضد ۽ هٺ ڌرمي کيس اهڙا قدم کڻڻ کان روڪي رهي آهي جن سان ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ ۾ آساني پيدا ٿي سگھي ٿي.هن وقت به هر معاملي تي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ٿي رهي آهي جيڪا گھڻي ڀاڱي حڪومت پاڻ ڪري رهي آهي.معلوم ٿيو آهي ته وفاقي حڪومت غريب عوام لاء هڪ ”وڏي“ معاشي پيڪيج جو اعلان ڪري رهي آهي پر ماضيء جي تجربن مان نٿو لڳي ته هن حڪومت وٽ اهڙو ڪو پلان هجي جنهن ذريعي واقعي غريب عوام کي ڪو حقيقي فائدو يا رليف ملي سگھي.جيڪر حڪومت مزدورن کي ٽي هزار روپيا ماهوار مالي مدد ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته اها عوام سان هڪ وڏي مذاق هوندي جو ٽن هزارن مان ته ڪنهن غريب جو ٽن چئن ڏينهن لاء به گھر نٿو هلي سگھي. مهنگائيء تي ڪو ڪنٽرول ناهي. هاڻوڪي لاڪ ڊائون دوران به کاڌي جي شين جي اگھن ۾ واڌ جا اطلاع ملي رهيا آهن.رڳو لاڪ ڊائون سان ئي سمورو معاملو حل نه ٿيندو بلڪه اصل معاملو انهن شڪي ماڻهن جو آهي جيڪي هن وقت تائين حڪومت جي غفلت ۽ سستيء سبب انهيء مرض جو وائرس پاڻ سان گھڻي گھمي رهيا آهن ۽ خبر ناهي ته ڪيترن ٻين ماڻهن تائين اهو پکيڙي به چڪا آهن. جيستائين انهن سمورن ماڻهن جي ٽيسٽ نٿي ٿئي تيستائين حالتون ڪنٽرول ۾ اچي نه سگھنديون.هاڻي وفاقي حڪومت اها ٽيسٽ ڪيپيسٽي وڌائڻ لاء صوبائي حڪومتن جي ڪيتري مدد ڪري رهي آهي ۽ متاثر ٿيندڙ ماڻهن لاء وينٽيليٽرز جو ڪيتري حد تائين انتظام يقيني بنايو پيو وڃي انهيء جا تفصيل وفاقي حڪومت جو ڪوبه نمائندو واضح طور تي عوام سان شيئر ڪرڻ لاء تيار ناهي.وزير اعظم جي ان معاملي تي سنجيدگيء جي اها حالت آهي جو سنڌ جتي وائرس جا گھڻي ۾ گھڻا ڪيس ظاهر ٿيا آهن ۽ جتي سنڌ حڪومت پنهنجن وسيلن آهر ڪجهه نه ڪجهه مناسب قدم به کڻي رهي آهي پر خان صاحب کي ايتري توفيق ناهي ٿي جو  هو سنڌ ۾ اچي ڪنهن اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪري يا پاڻ انتظامن جو جائزو وٺي ۽ سنڌ حڪومت کي حوصلو ڏئي.حڪومتن هلائڻ ۽ ڪرڪيٽ جي ميچ کيڏڻ ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق هوندو آهي.جڏهن عوام جون چونڊيل حڪومتون پنهنجي حصي جو ڪم نٿيون ڪن ته پوء ڪنهن نه ڪنهن کي ته اهو ڪم ڪرڻو آهي توڙي جو انهن جي اها مداخلت اوهان کي پسند هجي يا نه!
(روزاني هلال پاڪستان)