Thursday, June 30, 2016

عالمِ اسلام جون روشن ۽ تاريڪ صديون

محمود شام

اوهان جي محبتن، فرمائشن ۽ مهربانين جو ٿورائتو آهيان، آئون تاريخ جي جنهن مقام تي موجود آهيان، اها هر گهڙي مون کي پنهنجي ذميوارين جو احساس ڏياري ٿي، مون کي ڀرپور ادراڪ آهي ته منهنجي هڪ طرف ماضي آهي، ٻئي طرف مستقبل ۽ آئون هنن ٻنهي کي ملائيندڙ گهڙي آهيان.
عهد رفته ٿا اِدهر اور اُدهر آئنده،
دونون وقتون ڪو ملاتا هوا لمحا مين ٿا.
مون کي حال ۾ رهندي پنهنجو مستقبل تعمير ڪرڻو آهي، اوهان به مون سان گڏ بني نوع انسان جي اِن ڊگهي قطار ۾ منهنجي اڳيان ۽ پٺيان بيٺل آهيو. اسان سڀني کي ئي مستقبل جو تصور ڪرڻو آهي، ڇوته ان ۾ ڪجهه ڏينهن اسان لاءِ به آهن. اسان جي پٽن، ڌيئرن، پوٽن، پوٽين، ڏوهٽن ۽ ڏوهٽين کي ته هڪ ڊگهو عرصو رهڻو پوندو، ڇا ان مستقبل کي پرامن، محفوظ، علم دوست، سائنس نواز ۽ حڪمت سان ڀرپور بڻائڻ اسان جي ذاتي ذميواري ناهي. آئون پنهنجي ماضيءَ ۾ وڃان ٿو ته مون کي ظلمن جي سمنڊ تي ڊوڙندڙ گهوڙا به ڏسجن ٿا، قيصر و ڪسريٰ جا قلعا ڊهندي به نظر اچن ٿا، عالمگير تهذيبون طاقت و تمدن سڀ هوندي هڪ اسلامي سلطنت ۾ ضم ٿيندي منهنجي اکين آڏو گذرن ٿا.
اڄ جيڪو جديد علم ۽ مهذب مملڪتن جو سرمايو آهي، جتي اعليٰ ترين معيار جي ڪري اسان پنهنجي جگر جي ٽڪرن کي تعليم جي حاصلات لاءِ موڪليون ٿا. اُهي مون کي به علم جا مينار گذريل صدين ۾ بغداد، دمشق، قاهره، اصفهان، ثمرقن، بخارا، نيشاپور ۾ روشني پکيڙيندي ملن ٿا ته ڇا مون کي ان ماضيءَ تي فخر نه ڪرڻ گهرجي. مون کي اوهان کي به اتي وٺي وڃڻ گهرجي ۽ انهن عظيم هستين جون جُتيون سڌيون ڪرڻ لاءِ ڪجهه دير اتي ڇا قيام نه ڪرڻ گهرجي؟
اڄ کان 1155 سال اڳ جڏهن 861ع ۾ انضر غاني قاهره ۾ ڍنڍ جي اونهائي ماپڻ جو اوزار تيار ڪيو ويو ۽ اڄ عوام کي ٻوڏ جي امڪاني آمد کان آگاهه ڪري رهيا آهيون ته آئون انهن جي عظمت کي سلام ڇو نه ڪريان. اِها ملاقات مشهور عالمي طباعتي اداري نيشنل جاگرافڪ پنهنجي ڪتاب مسلم تهذيب کان ايجادن جي هڪ هزار حيرت انگيز حقيقتون بيان ڪري رهي آهي، ڪو مسلمان ناول نگار يا ڪنهن مسجد جو امام اِهو نٿو ٻڌائي. فڪر جو لمحو اِهو آهي ته آمريڪين کي آخر ڪهڙي ڳالهه سُجهي آهي جو مسلمانن جي عظمت تي ايتري تحقيق ڪري رهيا آهن، ايتريون مثبت حقيقتون ۽ انگ اکر ڇو بيان ڪيا پيا وڃن، اهڙو ڪتاب هنن ٻارن لاءِ شايع ڪيو آهي، اهڙو ڪتاب رياض، استنبول، جڪارتا، اسلام آباد، ڪوالالمپور، ڪردن ۽ ابوظهبي ۾ ڇو نٿو ڇپجي سگهي. بغداد ته اڄ جي ويڙهاڪن جي يلغار سبب تباهه ٿي چڪو آهي، ڪڏهن هلاڪو اتي جا ڪتب خانا ساڙيا هئا، هاڻي اڄ جي چنگيزن ۽ هلاڪوئن علم ۽ فضل جي اِن مرڪز جو ٻيهر صديون اڳ وارو حال ڪري ڇڏيو آهي.
ڏسو تيونس ۾ زيتونا مسجد جي لائبريري موجود آهي، جتي هڪ لک کان وڌيڪ ڪتاب آهن، جنهن مان اڃايل پنهنجي اڃ اجهائي رهيا آهن. بغداد ۾ اُن دور ۾ 36 کان وڌيڪ لائبريريون ڏٺيون ويون ۽ اِها بازار جتي سؤ ڪتاب فروش اوهان جي انتظار ۾ هوندا هئا. اچو ابن فرناس کي اڏامندي ڏسون، وڏي عرصي جي ڪوشش کانپوءِ اُهو هڪ اهڙو گلائيڊر بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جيڪو ڏهن منٽن تائين هوا ۾ اڏامندو رهيو، هوا جي تسخير جو سلسلو اسان مسلمانن ئي شروع ڪيو هو. ستين صدي عيسوي ۾ پن چڪين يعني (Wind Mills) ذريعي مسلم دنيا ۾ ڪڻڪ پيسجي رهي آهي، فصلن کي پاڻي ڏيڻ لاءِ به ان مان مدد ورتي وڃي ٿي. اڄ متبادل توانائيءَ لاءِ اوهان پن چڪين طرف رجوع ڪري رهيا آهيو.
آئون ان باتصوير ڪتاب جي ورقن مان گذري رهيو آهيان، مسلمان فيشن ۾ به تمام گهڻو اڳتي آهن، زيورن جون ڊزائنون به بي مثال آهن، زيور ٺاهڻ ۾ عثماني سلاطين به اڳيان آهن، عطر سازي، عرق ۽ تيل جي مرڪب ۾ جابر بن حيان سرفهرست آهي. 700 سال پهرين جنهن طريقي سان مسلمانن خوشبوءِ ٺاهڻ جي تياري ڪئي، اڄ به فرانس ۽ يورپ ۾ اُهو ساڳيو طريقو استعمال ڪيو پيو وڃي. اِهي ڪتاب وارا ئي فرانس ۽ لنڊن کي اهميت ڏئي رهيا آهن، شهرن جي تعمير، ترتيب ۽ ٻين آرائشن جي باغ ۾ مسلمانن جو فن مدني شعور جي تصويرن سان وابسته ڪري ٻڌايو وڃي ٿو ته 650 سال پهرين جڏهن پئرس ۽ لنڊن جي گهٽين ۾ اونداهي ٿي ويندي هئي ته ان وقت قرطبه ۾ تيل سان گهٽين جي ڏيئن کي روشن ڪيو ويندو هو، روڊ رستا به مضبوط ۽ بهترين هوندا هئا.
اڄ مسلم دنيا جون گهٽيون ۽ بازارون ڪچري جي ڍير سان ڀريل نظر اچن ٿيون، 7 صديون اڳ رستا صاف ڪيا ويندا هئا، ڪچرو گڏهه گاڏين ذريعي کنيو ويندو هو. اسان جي بلدياتي ادارن جو رستو روڪڻ ۽ انهن کي بجيٽ نه ڏيندڙ عبرت حاصل ڪن. گندي پاڻي جي نيڪالي جو نظام به مسلم تهذيب ۾ تمام گهڻو عمده هو. آمريڪي ليکڪن ان وقت جي مسلم دنيا جي گرم حمامن کي به تمام گهڻي اهميت ڏني هئي، جتي ٿڌي ۽ گرم پاڻيءَ سان وهنجڻ جا انتظام هوندا هئا، صابڻ، خوشبوءِ ۽ عطر فراهم ڪيو ويندو هو، ان دور جا ماهر صرف هڪ ئي شعبي ۾ توريا نه ويندا هئا، بلڪه ڪيترن ئي شعبن ۾ هُو عبور رکندا هئا، طب تي ته تقريبن سڀني کي مهارت حاصل هئي، ان سان گڏ شعر، ادب، فلڪيات ۽ فلسفي ۾ به اڄ ڪئميرا جي دنيا موبائل فون ۾ سمائجي چڪي آهي. ڪئميرا جي اک هر هنڌ اوهان کي ڏسي رهي آهي، پر ڪئميرا جي اک کي سڀ کان پهريان ڪنهن ڏٺو؟ اُهو مسلمان فلسفي ابوالهيثم هو، جنهن هڪ ڏينهن اونداهي واري ڪمري ۾ هڪ ننڍڙي سوراخ مان روشني ڏٺي، جيڪا ان اونداهه واري ڪمري جي ديوار تي ٻاهر جي دنيا جو عڪس به ڏيکاري رهي هئي، بس ان کانپوءِ هُو روشنيءَ جي سفر تي تحقيق ۾ مصروف ٿي ويو. اِها ريسرچ کيس ’ڪئميرا اوبسڪيوز‘ تائين وٺي وئي، هن وقت منهنجي سامهون صرف انگريزي ڪتاب آهي، ان جو عربيءَ ۾ اصل نالو ڪهڙو آهي، اِها منهنجي بدقسمتي آهي ته آئون نٿو ڄاڻان. اڄ جي جديد ترين ڪئميرائن جي ايجاد اِن دريافت مان ئي ممڪن ٿي هئي، ان عظيم هستي الهيثم چنڊ جي باري ۾ به تحقيق ڪئي ته اِهو ايتري ئي سائز ۾ رهندو آهي، ننڍو وڏو ٿيڻ ته اسان جي نظر جو دوکو آهي.
آئون ڪيستائين ٻڌايان، اوهان ڪيستائين ٻڌندؤ، ڪجهه وقت اوهان انهن صدين ۾ گذاريو، اڄ جي بصري Visual دور ۾ اربين روپيه ڪمائيندڙ پرائيويٽ ٽي وي چئنلن کي گهرجي ته ستين صديءَ کان 14هين صديءَ جي اِن علمي دور تي هڪ سيريل ٺاهين، جهڙي طرح آمريڪن فلمون ٽائيم مشين ذريعي گذريل صدين ۾ وٺي وڃن ٿيون. ميڊيا جا سيٺ اسان کي انهن صدين ۾ وٺي وڃن، تحقيق ته غير مسلم ليکڪ ڪري چڪا آهن، انهن کي ڪهاڻين جو روپ ڏنو وڃي ۽ تفصيل بيان ڪيا وڃن، اسان جهڙا عاجز حقير ان ۾ ڪجهه مدد ڪري سگهون ٿا. نئين نسل کي اِهو سڀ ڪجهه ڏسي پنهنجي ماضيءَ مان سجاڳي پيدا ٿيندي، احساس ڪمتري ختم ٿيندي، اُهي به شدت پسندي ۽ بنيادپرستي کان تحقيق ۽ دريافت طرف ڌيان ڏيڻ لڳندا.
ڪجهه محققن نائين صديءَ کان تيرهين صديءَ تائين جي عرصي کي مسلمانن جو علمي ۽ سائنسي دور سڏيو آهي، اِهو ڪتاب ستين صدي کان سترهين صديءَ تائين سنهري وقت قرار ڏئي ٿي، ان ڏس ۾ مون کي ڪليم چغتائي جي ڪتاب عظيم مسلمان شخصيات جا ورق ورائڻ جو موقعو مليو آهي، جنهن جو لکڻ جو انداز دلڪش، قاري کي گڏ وٺي هلڻ وارو، وڏي سائز جي 830 صفحن ۾ هن ڪيترين ئي هستين سان اسان جون ملاقاتون ڪرايون آهن، مامون الرشيد جي دور کي وڏي محبت سان قلمبند ڪيو آهي. سندس چوڻ آهي ته مامون جي دور ۾ عربي، فارسي، يونان، شامي، مصري، هندي ۽ سنسڪرت جي ڪتابن جو عظيم ذخيرو موجود هو. بيت الحڪمت جي سربراهه حنين بن اسحاق هڪ هڪ ڪتاب جي ڳولا ۾ ڪيترائي ملڪ گهميو، ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڳولهڻ کانپوءِ هڪ ڪتاب کيس دمشق مان مليو آهي، اُهو به اڌ. بيت الحڪمت ۾ حضور اڪرم ﷺ جن جي ڏاڏي حضرت عبدالمطلب جي هٿ سان لکيل مواد ڪپڙي تي موجود هو، اِهو ڪتاب ٻڌائي ٿو ته حنين بن اسحاق حڪيم جالينوس جي 121 ڪتابن کي عربي ۾ منتقل ڪيو، ترجمو ڪندڙن کي ان زماني ۾ ڏهه هزار درهم ماهوار پگهار ملندو هو، اهم ڪتاب مڪمل ڪرڻ تي ان کي سون ۾ توريو ويندو هو، اندازو ڪريو ته صديون اڳ مسلم حڪمران ان کي ڪيتري اهميت ڏيندا هئا ۽ اڄ مسلمانن حڪمران جي ويجهو اوليت ڪهڙن معاملن کي حاصل آهي.
عظيم مسلمان شخصيتن جا ورق گواهي ڏين ٿا ته عباسين جي آخري دور ۾ بغداد ۾ 72 لائبريريون هيون ۽ انهن ۾ 4 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ ڪتاب مجود هئا، زوال جي ڏينهن ۾ به متنصر بالله مدرسه متنصر قائم ڪيو، پنهنجا ذاتي ڪتاب 160 اُٺن تي کڻائي مدرسي ۾ رکرايا، ان مدرسي ۾ هر طالب علم کي پلنگ، بسترو، خوراڪ، چراغ، تيل، ڪتاب لکڻ جو سامان سڀ مفت ۾ ملندو هو ۽ هر مهيني وظفيو به ڏنو ويندو هو. هڪ شفاخانه به مدرسي سان لاڳاپيل هو، ان جي تعمير تي 70 هزار مثقال خرچ ڪيا ويا ۽ چئني مسلڪن جي تعليم ڏني ويندي هئي، رصدگاهن جي قيام جو ذڪر پهريان ئي ٿي چڪو آهي، تارن جي بلندي، مقام ۽ رفتار ٻڌائڻ لاءِ اسطرلاب نالي اوزار ايجاد ڪيو ويو، هڪ اهم نقطو جيڪو اوهان کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته قيصر روم کي هڪ معرڪي ۾ جڏهن شڪست ٿي ته ٻنهي حڪمرانن وچ ۾ خط لکڻ جا انتظام به ڪيا ويا، ان ۾ مامون الرشيد طرفان اِهو شرط معاهدي ۾ شامل ڪرايو ويو ته قيصر روم پنهنجي سلطنت ۾ پيل سمورن ڪتابن جا ترجما ڪرڻ جي اجازت ڏيندو ته اِهو ترجمو اُهي ماڻهو ڪندا، جن کي مامون موڪليندو. مامون الرشيد جي ڪُل ڄمار 48 سال هئي، جنهن مان 20 سال 6 مهينا اُن حڪومت ڪئي ۽ اِهو سمورو عرصو علم ۽ حڪمت جي سرپرستي جو هو.
اهڙا ڪتاب وڌيڪ آسان زبان ۾ ۽ مختلف حصن ۾ شايع ڪيا ويا، جن کي سنڀالڻ ۽ پڙهڻ مشڪل هوندو آهي، انهن جون ويب سائيٽس به ٺاهيون وڃن، موبائل فون ۾ به شامل ڪيو وڃي. اڄڪلهه يقينن مسلمان ليکڪ، سائنسدان ڪنهن نه ڪنهن موضوع تي تحقيق ڪري رهيا هوندا. زرعي علم ۾ وڌيڪ اڳڀرائي ٿي رهي آهي، ميڊيا کي اُهي سمورا مثبت ڪارناما سامهون آڻڻ گهرجن. روزمرهه جي ٽارگيٽ ڪلنگ، سياسي جهيڙن ۽ منافقت سان قومون اڳتي ناهن وڌنديون. ملڪ کي مسئلن ۾ وڌيڪ الجهائڻ جي ذميوار ماڻهن کي ٽي وي تي پيش ڪرڻ بجاءِ عالم ۽ فاضل ماڻهن کي آندو وڃي، جيڪي ابن سينا، الهيثم ۽ ابن رشد جي روايتن کي اڳتي وڌائي سگهن، جيڪڏهن اسان پنهنجي فاضل هستين کي اڳيان نه آڻينداسين ته غير مسلم ڇو آڻيندا؟ آئون هتي روزانو مختلف موضوعن تي ڪتاب ڏسان ٿو، مهاتما گانڌيءَ جو ذڪر هر شعبي ۾ ملي ٿو، پر قائداعظم جو نه، ڇو ته ڀارت طرفان اِهي ڪوششون ڪيون پيون وڃن. فلسفي جي ڪتابن ۾ گانڌيءَ کي شامل ڪيو ويو آهي، انساني نفسيات جي دستاويزن ۾ به گانڌي شامل آهي، عدم تشدد توڙي ادب ۾ به ڪنهن نه ڪنهن طرح سندس نالو اچي ٿو.
اڄ جي جديد علمن کي آڏو رکندي اسان کي پنهنجي بربادي ۽ تباهي جا منظر روزانو ڏيکارڻ سان ٻاهرين ملڪن ۾ اسان جي امت جو اميج ناڪام ويندو. اسان جي يونيورسٽين، درسگاهن، ديني مدرسن، تجربي گاهن، فصلن ۽ ڪارخانن ۾ گهڻو ڪجهه نئون ٿي رهيو آهي، جتي لکين مسلمان نوجوان ڪيترائي سال گذاري رهيا آهن، اُتي ڪجهه ته پڙهايو پيو وڃي ۽ سيکاريو پيو وڃي. اوهان جو ڇا خيال آهي؟ اِي ميل ڪريو ۽ ايس ايم ايس ڪريو:
001-416-880-0864
mahmoodshaam@gmail.com

مدنيء ﷺ جا موتي؛ جنهن ماڻهو هن مقصد لاءِ علم حاصل ڪيو


وعن كعب بن مالك قال : قال رسول الله صلى الله عليه وسلم : من طلب العلم ليجاري به العلماء أو ليماري به السفهاء أو يصرف به وجوه الناس إليه أدخل الله النار  . رواه الترمذي .
ڪعب بن مالڪ ﷦ کان روايت آهي ته رسول اللهﷺجن فرمايو ته جنهن ماڻهو هن مقصد لاءِ علم حاصل ڪيو ته جيئن ان ذريعي عالمن سان بحث مباحثو ۽ مقابلو ڪري يا جاهلن کي شڪ شبهي ۾ وجهي يا ان وسيلي ماڻهن جو توجه حاصل ڪري  ته الله تعاليٰ ان کي دوزخ ۾ داخل ڪندو.




[1] _ يعني علم هي نيت سان پڙهي ته ماڻهو کيس فقط مان ۽ مال ڏين، البت جيڪڏهن پهريائين نيت علم پڙهڻ ۾ خاص خدا جي رضا هئي، پوءِ انجي طبيعت جولاڙو دنيا جي مال۽ مان ڏانهن مبذول ٿيو ته اهو هن حڪم داّخل نه چئبو، ڇو ته ويچارو طبعي لاءڙي ۾ معذور آهي کيس خدا تعاليٰ مرهيندو. 

هدايت جورستو ؛ الله تي ڪائي شيء ڳجھي ناهي.




وال پيپر”ڪراچي سميت سنڌ مان امن جو اڏامي ويل پکي!




رٻڙ منجھان ٺهيل ڏوهارين جي چيلهه

(روزاني سنڌ ايڪسپريس جي ٿورن سان)

Wednesday, June 29, 2016

ادبي پڪوڙا ؛ ڪتن جا خادم ۽ “ دولت مشترڪه”

جڏهن آئون آمريڪا ويس ته ڏٺم ته انگريز ڪتي کي ڪار جي فرنٽ سيٽ تي ويهاري وڃي رهيو هو جهڙيء طرح اسان ڪنهن معزز مهمان کي ويهاريندا آهيون.هڪڙي  ڊگھيٽافي هن جي هٿ ۾ هئي جيڪا ڪڏهن پنهن جي وات ۾ ٿي وڌائين ته ساڳي ٽافي وري ڪتي جي وات ۾ ٿي وڌائين ۽ وري ڪڍي پنهن جي وات ۾ ٿي وڌائين.
لڳي ٿو ته ڪتن جي برادريء مان آهن، جيڪي پاڻ کائين ٿا اهو ئي ڪتن کي کارائين ٿا.بلڪه ڪتن کي پنهن جي برادريء کان به مٿي سمجھن ٿا،ڪتن لاء بينڪ بيلنس ڇڏي مرن ٿا پر پنهن جي اولاد لاء ڪجھه نٿا ڪن ڇوته کين يقين ناهي ته اهو سندن اولاد آهي!عورت جيئن ته انهن وٽ “دولت مشترڪه ” آهي  ان ڪري اولاد به سمجھي ٿو ته خبر ناهي منهن جو پيء ڪير آهي؟ ان ڪري اهو به مائٽن سان محبت نٿو رکي. انگلنڊ ۾ ڏٺم ته ڪتن کي صبح سوير پارڪن ۾ گھمائڻ وٺي وڃن ٿا ۽ جڏهن ڪتو هنگي ٿو ته اهو به هٿن سان صاف ڪن ٿا. اللھ کي ڇڏيائون ته ڪتن جي خدمت نصيب ٿي.جيڪاقوم انسانن کان وڌيڪ ڪتن سان محبت رکي اها انسانيت جي ڪهڙي خدمت ڪندي!

ٻارڙن جي محفل؛ پوڙهو گابار




شاعری کی زباں : ہم بھی کیا کیا گمان رکھتے ہیں​


خود کو کب درمیان رکھتے ہیں
صرف تیرا دھیان رکھتے ہیں
کون کہتا ہے چھت نہیں اپنی
سر پہ سات آسمان رکھتے ہیں
وہ ہمارے سوا کسی کا نہیں
ہم بھی کیا کیا گمان رکھتے ہیں
اُن کے انداز بھی نرالے ہیں
ہم بھی اِک اپنی شان رکھتے ہیں
اتنے بےباک مت بنو باقی
دَر و دیوار کان رکھتے ہیں


انــڌا اونــڌا ويڄ ؛ “ سفر ”


اسان مان گھڻا .....
سفر کي جسماني اچ وڃ جو نالو ڏين ٿا پر ......
حقيقت ۾ اڪثر سفر اسان جي ذات جو پنهن جي جسم کان فرار جي خواهش جو عڪس هوندو آهي.!

لـطـيـــــف ؒ جـــــــي لات ؛ آيَلِ! اُنِ نه وِسَهان، هَنجُون جي هارِينِ؛

آيَلِ! اُنِ نه وِسَهان، هَنجُون جي هارِينِ؛
آڻيو آبُ اََکينِ ۾،   ڏيھه کي ڏيکارِينِ؛
سَڄَڻُ
 جي سارِينِ،سي نڪيروئن نه چون 
ڪِي.
اي امڙ! مون کي انهن تي ويساه ناهي جيڪي پڌري پٽ ڳوڙها ڳاڙين ٿيون ۽ اکين ۾ پاڻي آڻي دنيا کي ڏيکارين ٿيون.جيڪي واقعي پرينء کي ياد ڪن ٿيون سي نه ته روئن ٿيون ۽ نه ئي لوڪ کي ڪجھ ٻڌائين ٿيون!

مدنيء ﷺ جا موتي ؛ علم کي لڪائڻ جي سزا


ابو هريره ﷦کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته جنهن کان علم جي ڪا اهڙي ڳالهه پڇجي. جيڪا ڄاڻندو هجي پوءِ لڪائيندو ته قيامت جي ڏينهن کيس باهه جو لغام چاڙهيو ويندو.
       (هن کي احمد، ابو دائود، ترمذيءَ روايت ڪيو آهي.)

هدايت جورستو ؛ اي اسان جا پالڻھار جيڪڏھن وساريون يا چوڪ ڪريون ته اسان کي نه پڪڙ


اي اسان جا پالڻھار جيڪڏھن وساريون يا چوڪ ڪريون ته اسان کي نه پڪڙ، ۽ اي اسان جا پالڻھار اسان تي اھڙو بار نه رک جھڙو اسان کان اڳين تي رکيو ھيئي، ۽ اي اسان جا پالڻھار (جنھن بار) جي کڻڻ جي اسان کي سگھ ڪانھي سو اسان تي نه رک، ۽ اسان کي معاف ڪر، ۽ اسان کي بخش، ۽ اسان تي مِھر ڪر، تون اسان جو سائين آھين تنھنڪري اسان کي ڪافر ٽوليءَ تي سوڀ ڏي
اے ہمارے ربّ ! ہم سے بھول چُوک میں جو قصور ہو جائیں،ان پر گرفت نہ کرنا۔ مالک ! ہم پر وہ بوجھ نہ ڈال ، جو تو نے ہم سے پہلے لوگوں پر ڈالے تھے۔  پروردگار !جس بار کو اُٹھانے کی ہم میں طاقت نہیں ہے ، وہ ہم پر نہ رکھ۔  ہمارے ساتھ نرمی کر ، ہم سے درگزر فرما، ہم پر رحم کر، تُو ہمارا مولیٰ ہے، کافروں کے مقابلے میں ہماری مدد کر۔
(سورہ بقرہ آیت 286  )

وال پيپر ؛ بلاول کان سوال.....کان جواب؟




آمريت بمقابلا آمريت (سليم صافي)

 (روزاني جيجل جي ٿورن سان)

دهشت جو راڪاس ۽ قومي اتحاد جو سوال؟

شفيق الرحمان شاڪر

هڪ اهڙو سماج جتي سانحي مٿان سانحو ٿئي ٿو ۽ ڪجھ ئي دير ۾ اهو سانحو هڪ عام واقعي ۾ بدلجي وڃي ٿو ۽ ڪجھ ڏينهن کان پوء اهو واقعو اسان مان هرڪو ڀلجي وڃي ٿو.ڪنهن چيو:قلم پڇي ٿو ته ڇا لکان؟ رت ۾ رڱيل سوال لکان يا بارود ۾ رک ٿيل جواب لکان؟ صبح ۽ شام ڪرندڙ لاشن جو حساب لکان يا ڄمي ويل اکين ۾ ڇانيل وحشتن جا باب لکان؟ وطن وارن جي سٺا سي عذاب لکان يا جي ٽٽي ۽ وکري ويا سي خواب لکان؟
امجد صابريء جهڙا ڪئين بي گناه انسان خون ۾ تڙپي تڙپي هي جهان ته ڇڏي وڃن ٿا پر پنهن جي پويان جيڪي سوال ڇڏي وڃن ٿا،اسان مان انهن سوالن جو جواب ڪنهن وٽ به ناهي،انهن کي ڪهڙي ڏوه ۾ قتل ڪيو ويو،اها خبر انهن کي به نه هئي. البته اسان سڀ اهو ضرور ڄاڻون ٿا ته هتي اهڙن سانحن تي به پنهن جي سياست جا دوڪان چمڪايا ويندا آهن۽ اهو ڄاڻون ٿا ته هتي ڪوبه سانحو آخري نه هوندو آهي.بار بار سانحا ٿيندا آهن.ڪيترا سانحا اسان جي بدنصيب قوم تي گذري ويا، ڪيترين مسجدن ۾ نمازين تي بارود جا ڍير وسايا ويا، شهرن جا شهر رت ۾ وهنجاريا ويا، بازار بازار ڌماڪن ۾ لاش ڪيرايا ويا،گھٽي گھٽي خون سان رنگين ٿي ويئي، اسڪولن ۾ معصوم ٻار ظلم ۽ بربريت جو نشانو بنايا ويا، يونيورسٽين ۾ نوجوانن جا سينا ڇليا ويا، چونڊي چونڊي جيد عالمن کي قتل ڪيو ويو، وڏا وڏا فنڪار، رضاڪار، دانشور، صحافي، استاد، ڊاڪٽر۽ اديب اونداهين راهن ۾ ماريا ويا. هر قوم،هر رنگ ،هر نسل ،هر مسلڪ ۽ هر فرقي جا ماڻهو ماريا ويا پر ڪوبه سانحو ۽ ڪوبه واقعو نه اسان جي حڪمرانن جون اکيون کولي سگھيو ۽ نه ئي اسان کي هڪ قوم جي طور متحد ڪري سگھيو. لاش کڻي کڻي اسان ٿڪجي پياسين پر نت نوان بحث ڪندي ۽ نت نيون تاويلون ڏيندي اسان اڃا ناهيون ٿڪا.اهڙا بحث جيڪي اسان کي وڌيڪ ورهائيندا ۽ هڪٻئي کان ڌار ڪندا ٿا وڃن. اهڙن دل لوڏيندڙ سانحن کان پوء به اتحاد بدران نفاق اسان “ عظيم” قوم جي ئي سڃاڻپ آهي. امجد صابريء جي قتل جي دل ڏکوئيندڙ واقعي کان پوء فيس بڪ تي ڪجھ ان قسم جون پوسٽون به نظر آيون جن جي پڙهڻ سان دل سڙي وڃي ٿي.
غيرمسلمن تي هروقت تنقيد ۽ عيب جوئي ڪرڻ وقت ڪڏهن اسان ان نڪتي تي به غور ڪيو آهي ته آمريڪا ۾ نائين اليون جو واقعو ٿيو ته پوري آمريڪي قوم پاڻ ۾ متحد ٿي ويئي ۽ اهي اهڙو ته هڪ زبان ۽ هڪ جان بڻجي ويا جو انهن پندرهن سال گذرڻ باوجود وري ان قسم جو واقعو ٿيڻ ناهي ڏنو.اهو رڳو آمريڪي حڪومت ۽ آمريڪي سيڪيورٽي ادارن نه پر پوري آمريڪي قوم جو گڏيل ڪمال آهي.اها قوم جنهن پنهن جو نعرو ئي اهو بنائي ڇڏيو ته هڪڙي آمريڪي شهريء تي حملو پوري آمريڪا تي حملو تصور ڪيو ويندو.پيئرس ۾ حملا ٿيا ته ڪاري، ڳوري،اميرن،غريبن، مقامي،غيرمقامي،ڪيٿوليڪ ۽ پروٽسٽنٽ عيسائين جو تفاوت ئي مٽجي ويو.پاڪستان کان ٽي حصا گھٽ آبادي واري ملڪ ۾ٽيهن لکن کان وڌيڪ ماڻهن “امن ۽ اتحاد ” جي نالي سان شاندار ريلي ڪڍي.اهو فرانس جي تاريخ جو وڏي ۾ وڏو ميڙ هو جن دنيا کي ٻڌايو ته اهي دهشتگرديء جي خلاف آهن.هنن ان معاملي تي پوري دنيا کي پاڻ سان ملايو ۽ ان ميڙ ۾ دنيا جا چاليهن کان مٿي اڳواڻ ۽ رهنما شامل ٿيا.بيلجيئم جي به ساڳي صورتحال آهي جتي برسلز ۾ ٿيل تازن حملن کان پوء شهرن کان وٺي ٻهراڙين تائين سمورو عوام هڪ آواز ٿي دهشتگرديء خلاف متحد ٿي ويو.

ٻئي طرف اسان آهيون جن تي خبر ناهي ڪيتريون قيامتون اچي چڪيون آهن،اٽڪل سٺ هزار جنازا اسان کڻي چڪا آهيون،ايترا ته سانحا اسان سان ٿي چڪا آهن جو هاڻي ڪو سانحو بريڪنگ نيوز به نٿو سمجھيو وڃي.هر سانحو اسان لاء هاڻي فقط ڪجھ ڪلاڪن يا وڌ ۾ وڌ ڪجھ ڏينهن جو واقعو هجي ٿو جنهن کي وساري اسان وري ڪنهن ٻئي سانحي جو انتظار ڪرڻ لڳون ٿا.اسان ڪنهن به سانحي مان اڄ تائين ڪو سبق سکيو آهي؟ ورهائڻ وارا هر سانحي کان پوء اسان کي ويتر ورهائي وڃن ٿا.ويڙهائڻ وارا هر قيامت کان پوء اسان کي وڌيڪ ويڙهائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا.اسان مان ڪي اهڙا آهن جيڪي ظلم جو به جواز جوڙين ٿا،اگر مگر ڪري وڌيڪ مونجھارا پيدا ڪن ٿا،عجيب بحث کولي قاتل کي بي گناه ثابت ڪرڻ جي ڪوشس ڪن ٿا. اسان مان ئي اهڙا آهن جيڪي سانحا وڪڻن ٿا،لاشن جو ڪاروبار ڪن ٿا،دردن۽دانهن ذريعي پنهن جي سياست جا دوڪان سجائين ٿا.جنازا وڪڻن ٿا ۽ جنازا خريد ڪن ٿا،احساسن ۽ جذبن جي شطرنج کيڏن ٿا.ان حقيقت کان بي نياز ته جڏهن باه ڀڙڪندي آهي ته پوء ڪنهن هڪڙي گھر تائين محدود نه رهندي آهي،اها گھرن جا گھر ۽ بستين جون بستون جلائي خاڪ ڪري ڇڏي ٿي.گھر ۽ بستيون ته اسان جون به جلي رهيون آهن،ان ڀڙڪيل باه جا شعلا اسان جي روحن کي وڪوڙي ويا آهن پر اسان اڃا نه سمجھي سگھياسين ته ڪير آهي جنهن اها باه لڳائي ۽ ڪير آهي جيڪو ان تي تيل هاري رهيو آهي.ڪير آهي اهو بي درد،سفاڪ ۽ درنده صفت دشمن؟ ڇا اسان مان ڪوبه ان دشمن کي نٿو سڃاڻي يا اسان انهيء کي سڃاڻڻ ئي نٿا چاهيون.دشمن کي اسان تي رحم ڇو اچي جڏهن اسان کي ئي پنهن جو پاڻ تي رحم نٿو اچي.ڇا اسان اڃا به ان انجام کان اڻ ڄاڻ آهيون ته تقسيم ٿيندي ٿيندي نيٺ هڪ ڏينهن اسان مٽجي ختم ٿي وينداسين ۽ پورو سماج پوري طرح انهن ظالم دهشتگردن جي حوالي ٿي ويندو!

                                                            ( روزاني عوامي آواز 28 جون 2016ع)

Tuesday, June 28, 2016

ادبي پڪوڙا ؛ “رمضان” ڪٿان ايندو آهي؟


ڪجهه  ماڻهن کي رمضان شريف جي اچڻ جو گهڻو غم بلڪه خوف هوندو آهي، جيئن  ڪو مولوي صاحب ڪنهن ڳوٺ ۾ ويو ۽ ماڻهن کي چوڻ لڳو ؛ ڏسو! رمضان شريف اچي رهيو آهي،هڪ مهينو روزا رکڻا پوندا.
ماڻهو پڇڻ لڳا ؛ رمضان شريف ڪٿان ايندو آهي؟
مولوي صاحب فرمايو ؛ جڏهن اولهه کان چنڊ نظر ايندو ته رمضان شريف اچي ويندو.
29 تاريخ تي سمورا ڳوٺ وارا لٺيون ڪهاڙيون کڻي ڳوٺ جي ٻاهران گڏ ٿي ويا.اولهه کان هڪ اٺ وارو ايندي ڏٺائون ته لٺيون کڻي ان ڏانهن ڊوڙيا ۽ پڇڻ لڳا ؛ تنهن جو نالو ڇا آهي؟ اٺ واري جواب ڏنو؛ منهن جو نالو رمضان علي آهي. بس پوء ته ان ويچاري تي لٺين جو وسڪارو لائي ڏنائون.
هو ويچارو پريشان ٿي ويو ۽ اٺ ڪاهي واپس ڀڳو.هڪ مهيني کان پوء مولوي صاحب واپس آيو ۽ ڳوٺاڻن کان پڇڻ لڳو ؛ اوهان رمضان جا روزا رکيا هئا؟
ڳوٺاڻن جواب ڏنو ؛ اسان روزا ڇو رکون ها؟ اسان ته رمضان کي ڳوٺ ۾ ئي داخل ٿيڻ نه ڏنو!

چهنڊڙيون ؛ جي دل ڪري ٿي ڌڙ ڌڙ، لنڊن گھمي اچ،


جي دل ڪري ٿي ڌڙ ڌڙ، لنڊن گھمي اچ،

جي    مٿي    ۾   آ  کڙ کڙ،لنڊن گھمي اچ

پنهنجي ملڪ   ۾ جي منجھي ساه  ٿو

اڏامي، ڪري     ڦڙ ڦڙ، لنڊن گھمي اچ.




ٻارڙن جي محفل ؛بادشاه زادي ۽ چور.




سياسي دائري ۾ داخل ٿيندڙ ڪراچي آپريشن.

(روزاني سنڌ ايڪسپريس جي ٿورن سان)

شاعريء جي زبان ؛ تو سان ملڻ گهريو سين، ته بارشون وڌي ويون. (ايوب کوسو)



تنها رهڻ گهريو سين،   ته  آفتون   وڌي ويون.
تو سان ملڻ گهريو سين، ته  بارشون وڌي ويون.
منڪر  اجاڙ    موسم،     تازا    عذاب    آندا،
ڪو  پل  نه هيل مهڪيو،  اڌما  وريا  هيڪاندا،
ڇرڪي ڇڻڻ  گهريو سين  ته ساعتون ٻري ويون.
مرڪي  ٽڙڻ  گهريوسين   ته بارشون وڌي ويون.
ڪو  خواب  سرد  پنهنجو  پيرن  جي  هيٺ آيو،
ڪو گيت  زرد   پنهنجو    گهيرن جي هيٺ آيو،
چهرو  ڏسڻ  گهريو سين ته  آرسيون ٽٽي ويون
ڳوڙهو اگهڻ گهريو سين ته بارشون وڌي ويون
ڪنهن شام جي ٻني تي، ڪنهن سانجھه جي ڇني تي،
ڦرندي  رهي    جدائي     دل     جي  پني  پني  تي،
سڏڪو  لکڻ  گهريوسين  ته  آڱريون  ٺري   ويون
خود  جي  ٻرڻ  گهريو  سين ته بارشون وڌي ويون
تو  نيٺ  ننڊ  پوکي  پنهنجي  اکين  ۾    جانان
ڀٽڪي  اسان  ڀلياسين   ڪيڏا  گھٽين  ۾ جانان
دريا  ٿيڻ  گهريوسين  ته  چاندنيون  کڄي ويون
صحرا وڃڻ  گهريوسين   ته   بارشون وڌي ويون.
ميڙا  اتي  ڇڏياسين،  ڀيڙا  نه  ها  جتي    ڪي،
ڇيڙا  اتي  ڇڏياسين   ٻيڙا   نه  ها  جتي  ڪي،
تنهنجو پڇڻ گهريو سين ته عاشقيون کري ويون
پيرو  کڻڻ  گهريو  سين  ته  بارشون وڌي ويون

مدنيء ﷺ جا موتي ؛ جيڪو ماڻهو پنهنجي گهر مان علم جي طلب لاءِ نڪتو


انس ﷦کان روايت آهي ته رسول اللهﷺ جن فرمايو ته جيڪو ماڻهو پنهنجي گهر مان علم جي طلب لاءِ نڪتو، جيستائين موٽي پنهنجي گهر اچي تيستائين خدا جي واٽ ۾ آهي . هن کي ترمذيءَ ۽ دارمي روايت ڪيو آهي _

هدايت جورستو؛ جيڪڏھن خيراتون پڌريون ڪري ڏيندؤ


جيڪڏھن خيراتون پڌريون ڪري ڏيندؤ ته اُھي (ڪھڙيون نه) چڱيون آھن، ۽ جيڪڏھن اُنھن کي ڳجھو ڪندؤ ۽ اُھي محتاجن کي ڏيندؤ ته اُھي اوھان لاءِ (ويتر) ڀليون آھن، ۽ الله اوھان جا ڪي گناہ اوھان کان ميٽيندو، ۽ جيڪي اوھان ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي
اگر اپنے صدقات اعلانیہ دو، تو یہ بھی اچھا ہے، لیکن اگر چھپا کر حاجت مندوں کودو، تو یہ تمہارے حق میں زیادہ بہتر ہے۔ تمہاری بہت سی بُرائیاں اِس طرزِ عمل سے محوہوجاتی ہیں۔  اور جو کچھ تم کرتے ہو اللہ کو بہر حال اُس کی خبر ہے۔ (سورہ بقرہ آیت 271  )

وال پــــيــــپـــــــر ؛ سنڌ ثقافت کاتو ڪڏهن درست هٿن ۾ ايندو؟


زرار پيرزادو
  • رپورٽون آهن ته سنڌ ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل منظور احمد ڪناسري کي سندس عهدي تان ان ڪري هٽايو ويو آهي جو هو ثقافت کاتي جي لاءِ مليل فنڊن يا سامان کي ٻئي ڪنهن هنڌ خرچ ٿيڻ ۽ استعمال ٿيڻ ۾ رنڊڪ بڻجي رهيو هو.
  • شرميلا فاروقيءَ کي بحيثيت کاتي جي سربراهه اهڙي آفيسر کي ته ايوارڊ ڏيڻ گهرجي ها جيڪو پنهنجي کاتي سان ايڏي سچائي ڏيکاريندو هجي.
  • سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جي سرڪاري کاتن کي ته اهڙن نمڪ حلال ڪامورن جي گهرج آهي. جيڪي پنهنجي ڪم کي عبادت سمجهي ڪندا هجن.
  • هاڻي ته نه ادارن اندر پيشيوراڻو رويو رهيو آهي، نه ايمانداري ۽ نه ئي ثابت قدمي. پر منظور ڪناسرو جيئن ته ان دور جو ڪامورو آهي، ۽ انهن ڪامورن جو تسلسل آهي جيڪي ادارن لاءِ پنهنجيون زندگيون ارپي ڇڏيندا هُيا تنهن ڪري هو ضمير جي برخلاف ڪم ڪندي ڪڙهندو رهيو آهي.
  • حقيقت ته اها آهي ته جيڪا سروس منظور ڪناسري جي ثقافت کاتي لاءِ آهي ۽ هو جيڏو تجربيڪار آهي تنهن روشنيءَ ۾ خود شرميلا فاروقي کي منظور ڪناسري کان رهنمائي وٺڻ گهربي هئي.
  • ۽ اهو شرميلا فاروقي جي پنهنجي ساک ۽ مان لاءِ به ضروري هو. ڇاڪاڻ ته شرميلا فاروقي جي پنهنجي ثقافت کاتي جي سربراهه واري حيثيت به سواليه نشان آهي.
  • مٿس اهو به الزام لڳندو رهيو آهي ته اها سنڌي ثقافت سان ئي سچي ناهي، نه ئي ان سان کيس محبت آهي.
  • هوءَ سنڌ ثقافت کاتي جي رڳو وزيرياڻي آهي، نه ان جي سفير آهي ۽ نه ئي ان جي ترجمان!.
  • شرميلا فاروقيءَ کي تاريخ موقعو ڏنو هو ته، هوءَ پاڻ کي غير تڪراري سربراهه ثابت ڪري ها ۽ اهو تڏهن ئي ممڪن هو، جڏهن هوءَ منظور ڪناسري جهڙن سنڌ ثقافت کاتي جي سينئر آفيسرن جي تجربن مان پرائي ها.
  • پر هن سينئر ڪامورن کان ڪجهه پرائڻ ته ٺهيو ويتر انهن کي غلط ڪم ڪرائڻ تي مجبور پئي ڪيو. جنهن نتيجي ۾ آفيسر هونئن به ساڻس ڪم ڪندي فرحت محسوس نه پيو ڪري.
  • جيڪڏهن ڪنهن کاتي جو سربراهه ئي کاتي جي اهميت ۽ ضرورت کان اڻ واقف هوندو، ثقافت جهڙي حساس کاتي جي نزاڪت کان اڻ ڄاڻ هوندو ته پوءِ ته هو ثقافت کاتي کي ئي بيڪار سمجهندو ۽ ان لاءِ مليل فنڊن کي پيسن جو ذيان سمجهندو.
  • آرڪيالاجي ۽ ثقافت کاتي جا الميا اهي به رهيا آهن ته انهن جا اڪثر اهڙا سربراهه مقرر ٿيا آهن جيڪي انهن کاتن جا روحاني طور ئي دشمن ۽ تعصب پرست رهيا آهن.
  • مهين جي دڙي جي هڪ آرڪيالاجي جي آفيسر کان جڏهن آثارن کي نه بچائي سگهڻ جو سبب پڇيو ويو هو ته هن وراڻيو هو ته ”جنهن شهر کي خدا غرق ڪيو هجي تنهن کي انسان ڪيئن ٿو بچائي سگهي“.
  • ته سوال پڇڻ واري ان صاحب کان پڇو ته جيڪڏهن توهان موهن جي دڙي کي بچائڻ کي ڪفر ٿا سمجهو ته پوءِ هتي ملازمت ڇو ٿا ڪيو. ته هن پنهنجي پيٽ تي هٿ ورائي چيو ته سڄو چڪر هن جو آهي.
  • اهڙن سربراهن جي ڪري ئي سنڌ جو ثقافت کاتو هميشه تڪراري رهيو آهي ۽ اهو فنون لطيفه سان محبت ڪندڙن جون اڃا تائين دليون کٽي ناهي سگهيو.
  • سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته منظور ڪناسري کي ڊي جي جي عهدي تان هٽائي ثابت ڪيو ويو آهي ته سنڌ ثقافت کاتو هاڻي به درست هٿن ۾ ناهي.

غفلت ۽ سستي.

شفيق الرحمان شاڪر

امام غزالي رحه فرمائين ٿا ته غفلت  جي ڪري انسان افسوس وچان هٿ مهيٽي ٿو، غفلت خدا جي رحمت کي ضايع ڪري ٿي،عبادت ۾ رنڊڪ بڻجي ٿي ۽ ان سان ملامت ۽ پشيماني ئي حاصل ٿئي ٿي. هڪ نيڪ بندي پنهن جي استاد کي خواب ۾ ڏٺو ۽ کانئس پڇيو ته اوهان سان اللھ تعاليٰ ڪهڙو سلوڪ ڪيو؟ هن جواب ڏنو ته اللھ تعاليٰ مون کي پنهن جي بارگاه ۾ بيهاريو ۽ فرمايو؛ اي مون سان محبت جي دعويٰ ڪندڙ ڪوڙا شخص! تو منهن جي محبت جي دعويٰ ته ڪئي هئي پر پوء به تو غفلت ڪئي.
“زهره الرياض ” ۾ لکيل آهي ته حضرت يعقوب عليه السلام جي ملڪ الموت سان دوستي هئي،هڪ ڏينهن ملاقات ٿي ته يعقوب عليه السلام هن کان معلوم ڪيو ؛ اي ملڪ الموت! تون مون سان ملاقات ڪرڻ آيو آهين يا منهن جو روح قبض ڪرڻ؟ ملڪ الموت جواب ڏنو ته آئون جڏهن به تنهن جو روح قنض ڪرڻ ايندس ته ان کان پهرين ٻه ٽي قاصد موڪليندس.پوء جڏهن حضرت يعقوب جي عمر پوري ٿي ته ملڪ الموت آيو.پاڻ پڇيائون؛ ملڻ آيو آهين يا روح قبض ڪرڻ؟ ملڪ الموت چيوته  روح قبض ڪرڻ آيو آهيان. حضرت يعقوب عليه السلام چيوته ؛ ڇا تو وعدو نه ڪيو هو ته منهن جو روح قبض ڪرڻ لاء اچڻ کان پهرين منهن جي طرف ٻه ٽي قاصد موڪليندين؟ ملڪ الموت چيو ؛ ها، مون ٻه ٽي قاصد پهرين ئي موڪليا هئا،جڏهن ڪارا وار اڇا ٿي ويا ته اهو به منهن جو قاصد هو، اهڙيء طرح جڏهن جسم مان طاقت هلي ويئي ۽ سڌي چيلهه ٻيڻي ٿي جھڪي ويئي ته اهي سڀ منهن جا قاصد هئا.
“ويوڏس وقت ڪيئن گذري، رهيوڇازندگيء حاصل،
اچي ويو  موت  آ سر تي،  اسان  آهيون  اڃا غافل.”
حضرت ابوعلي دقاق رحه فرمايو ته آئون ڪنهن نيڪ شخص جي عيادت ڪرڻ ويس جيڪو موت جي ويجھو هو.هو هڪ عظيم بزرگ هو،هن جا شاگرد هن جي چوڌاريء ويٺل هئا ۽ هو روئي رهيو هو . مون کانئس روئڻ جو سبب پڇيو ته چوڻ لڳو روئان ان ڪري ٿو جو نماز هلي ويئي. مون چيو ته نماز ته توهان پڙهي چڪا آهيو.چوڻ لڳو؛ اڄ تائين دنيا ۾ جيڪو به سجدو ڪيم سو غفلت ۾ ڪيم ۽ اڄ جڏهن مران پيو ته غفلت ۾ مري رهيو آهيان.
“ عيون الاخيار” ۾ حضرت شفيق بلخي رحه جن کان روايت آهي ته ؛ ماڻهو ٽي ڳالهيون چوندا آهن پر عمل انهن ٽنهي ڳالهين جي بلڪل ابتڙ ڪندا آهن.
1.      اهي چوندا اهو آهن ته اسان اللھ تعاليٰ جا بندا آهيون پر هر ڪم پنهن جي مرضيء سان ڪندا آهن جيئن ڪو آزاد بندو ڪندو آهي،اهو قول سندن عمل جي ابتڙ آهي.
2.      اهي اهو به چوندا آهن ته اسان جي رزق ۽ روزيء جو ذمو اللھ تي آهي پر انهن جون دليون دنيا جي دولت حاصل ڪرڻ لاء هروقت بي چين رهن ٿيون،اهو به سندن چوڻ جي ابتڙ آهي،
3.      هو اهو به چون ٿا ته موت برحق ۽ اڻ ٽر آهي پر اهي عمل اهڙيء طرح ڪن ٿا ڄڻ ته انهن کي موت ڪڏهن به نه اچڻو آهي،اها شيء به سندن قول جي خلاف آهي.
حضور ڪريم صلي اللھ عليه وسلم جن فرمايو ته خدا تعاليٰ فرمائي ٿو؛ آئون ان جي ڳالهه مڃان ٿو جيڪو منهن جي مڃي ٿو۽ آئون ان سان محبت ڪيان ٿو جيڪو مون سان محبت ڪري ٿو، آئون ان کي عطا ڪيان ٿو جيڪو مون کان گھري ٿو ۽ آئون ان کي معاف ڪيان ٿو جيڪو مون کان معافي گھري ٿو.”
اللھ تعاليٰ فرمائي ٿوته ؛ جيڪو شخص منهن جي قضا (فيصلي) تي راضي نه رهي، منهن جي پاران آيل آزمائش تي صبر نه ڪري،منهن جي عطا ٿيل نعمتن تي شڪر نه ڪري ۽ منهن جي ڏنل روزيء تي قناعت نه ڪري ته اهڙو شخص مون کان سواء ڪو ٻيو رب تلاش ڪري.
“ رونق المجالس ” ۾ آيو آهي ته ڪنهن ماڻهوء جي ڪا قيمتي شيء وڃائجي ويئي،ياد نه رهيو ته اها شيء ڪنهن کي ڏني هئائين. جڏهن هو نماز پڙهي رهيو هو ته کيس نماز ۾ يادگيري اچي ويئي ته اها شيء هن فلاڻي ماڻهوء کي رکڻ لاء ڏني هئي. نماز ختم ڪندي ئي هن پنهن جي غلام کي سڏيو ۽ چيو ته وڃ ۽ فلاڻي ماڻهوء کان اها شيء کڻي اچ. غلام عرض ڪيو؛ آقا! توهان کي ڪنهن ٻڌايو ته اها شيء فلاڻي ماڻهوء وٽ آهي؟ هن وراڻيو؛ جڏهن آئون نماز پڙهي رهيو هئس ته ان شيء جو مون کي خيال اچي ويو. غلام عرض ڪيو؛ آقا! ان جو مطلب ته نماز ۾ توهان کي اللھ جي نه پر ان شيء جي طلب هئي. هن غلام جا اهي لفظ ٻڌي غلام کي هميشه لاء آزاد ڪري ڇڏيو.

اللھ تعاليٰ قرآن مجيد ۾ ارشاد فرمايو ته؛ “ جن کي آخرت جو فائدو گھربل آهي انهن کي اسين آخرت ۾ وڌائي ڏيون ٿا ۽ جيڪي رڳو دنيا جو فائدو گھرن ٿا انهن کي اسان دنيا ۾ فائدو ڏيون ٿا پر آخرت ۾ انهن لاء ڪجھ به حصو نه آهي.”

Monday, June 27, 2016

ٻارڙن جي محفل ؛ ظلم سدائين رهڻو ناهي.


ادبي پڪوڙا ؛ انگلش ميڊيم اسڪول کوليو!


 اوهين“ انڊر ميٽرڪ” هجو يا وري“ اندران ميٽرڪ” هجو ،ساڳي ڳالهه آهي.ڳڻتيء جي ڪا ڳالهه ناهي.ڊگري يافته گريجوئيٽن وانگي پنهن جي بي روزگاريء جو ماتم ڪرڻ بدران “خود روزگار اسڪيم”  تحت پنهن جو اسڪول کولي وٺو.ٻاهرئين بورڊ تي اسڪول جي نالي سان گڏ “ انگلش ميڊيم ” جا لفظ ضرور لکائجو.ڪنڊ واري ڪنهن بيڪار ڪمري م ٽي عدد ڦٽل ڪمپيوٽر في عدد يارهن سو روپيا جي حساب سان خريد ڪري ڦٽي ڪري ڇڏيو،اهڙيء طرح اسڪول جي بورڊ تي           “ ڪمپيوٽرائيزڊ”  يا “ جديد دور جي گھرجن سان هم آهنگ “ جا لفظ به لکائي سگھبا. شاگردن جي اسڪولي يونيفارم ڪنهن آرمي پبلڪ اسڪول جي ڪيڊٽن جي وردين جهڙي مقرر ڪريو.
شاگردياڻين لاء وردي گھٽ ۾ گھٽ ڪنهن ميڊيڪل يونيورسٽيء ۾ پڙهندڙ ليڊي ڊاڪٽرس  جهڙي هئڻ ضروري آهي، اسڪول جي نالي جي آخر ۾ “اينڊ ايڪيڊمي” لکڻ نه وسارجو جنهن جو مطلب ته شاگرد ڦاٿل مرغن جيان شام جو به مختلف فيون ڀري اتي ٽيوشن پڙهي سگھن ٿا.ڪنهن سستي پينٽر کان اسڪول جي ديوارن تي مّختلف جانورن جهڙوڪ گھوڙي،هاٿي ۽ زيبرا وغيره جون ڪجهه تصويرون ٺهرائي ڇڏيو، لنڊا بازار مان ڪجھه رانديڪا جهڙوڪ باندر ڀولا،لومڙ ۽ ڀالو وٺي ڪنهن ڪمري ۾ ڦٽي ڪيو ۽ ان ڪمري تي “ ايڪٽوٽي بيسڊ لرننگ سينٽر ” جو بورڊ لڳائي ڇڏيو.پنهن جي پاڙي جي مولوي صاحب کي 20 روپيا روزانو جو معاوضو ادا ڪندا رهو ته جيئن هو جناح ٽوپي ۽ واسڪوٽ پائي صبح جو اچي اسيمبليء ۾ تلاوت ڪري.اوهين پنهن جي اسڪول جي اشتهارن ۾ ان جي هڪ اڌ تصوير سان گڏ اهي لفظ به لکي ڇڏيو ته “ دنيائي تعليم سان گڏوگڏ ديني تعليم بلڪل مفت” . جيڪر اوهان کي انگريزي پڙهڻ لکڻ نٿي اچي ته ان جو ڪو ٽينشن نه ڪريو،اها ڳالهه ته ثابت ٿي ڪري ته اوهين ملڪ جي اڪثريت جا نمائندا آهيو! بس هڪ دفعو اسڪول جو ٽائيم ٽيبل ڪمرن جي ٻاهران پڪي پينٽ سان لکرائي ڇڏيو. اشتهارن ۾ ماڻهن کي اهو باور ڪرايو ته اوهان جي اسڪول جا سمورا شاگرد پڙهي لکي وڏا ماڻهو بڻجن ٿا، عملي طور تي جيڪر 92 سيڪڙو ٻار اٺين درجي ۾  اٺ دفعا فيل ٿي گڏه گاڏا وهائين ٿا ته ان ۾ اوهان جي انگلش ميڊيم اسڪول جو ڪهڙو قصور!
بنان پڙهڻ جي ٻار پاس ڪيئن ٿيندا؟ اهو سوال ضرور اوهان کي پريشان ڪري سگھي ٿو پر ان جو حل تمام آسان آهي،امتحان ۾ بليڪ بورد تي رڳو امتحاني سوال نه لکو پر انهن جا مڪمل جواب به لکي ڇڏيو.رزلٽ واري ڏينهن هر شاگرد جي ڳچيء ۾ سونو پاڻي چڙهيل پلاسٽڪ جو بيج لٽڪائي ڇڏيو. ان سان گڏ ٻه ٽي ڪپ به انهن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو.مثال ؛ ڦوڪڻا ڦاڙڻ جي مقابلي ۾ پهريون نمبر ايندڙ  جي لاء ڪپ، صابڻ جي گجيء مان ڦوڪڻا ٺاهيندڙ جي لاء ڪپ، سڄو سال ڪاپين ۽ ڪتابن کي هٿ نه لائي انهن کي صاف سٿرو رکندڙ لاء ڪپ وغيره وغيره
وقت به وقت اسڪول ۾ “ڳاڙهو،پيلو ۽ سائو ” ڏينهن ملهائيندا رهو ،جن ڏينهن تي شاگردن جي گھرواري ڊائريء ۾ ان ڏينهن تي ڳاڙها ڏاڙهون،پيليون نارنگيون ۽ ساوا انگور گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڪلو جي حساب سان اسڪول کڻي اچڻ جون واضح هدايتون لکيل هجن.
اسڪول جي استقباليه ڪمري ۾ ڪنهن پري جهڙي چهري کي انگريزيء جا ڪجھه جملا رٽائي ويهاري ڇڏيو جو توهان جو اسڪول نه رڳو انگلش ميڊيم ٻڌڻ ۾ اچي پر ايندڙ ويندڙ کي توهان جو اسڪول انگلش ميڊيم ڏسڻ ۾ به اچي!                                        

ماضيء جو آئينو ؛ “ ايوڌيا ”

شفيق الرحمان شاڪر

اردو ادب ۾  “ اوڌ ” جي شامن ۽ “ بنارس ” جي صبحن جو عام ذڪر ملي ٿو. چون ٿا ته اوڌ جون شامون ۽ بنارس  جون صبحون گھڻيون حسين هونديون آهن. اهو ئي اوڌ جنهن جي شام کي خوبصورت چيو ويو آهي ،“ايوڌيا” آهي جيڪو اتر هندستان جي ڏاکڻي وچ رياست اترپرديش ۾ فيض آباد جي ويجھو “گھاگھر درياء ” جي ڪناري آباد آهي. ايوڌيا جو شمار هندن جي قديم ترين ۽ ستن مقدس ترين شهرن ۾ ٿئي ٿو.اها ديومالائي، فلسفياڻي،ادبي،مذهبي ۽ تاريخي سرزمين قرار ڏني وڃي ٿي جيڪا هڪ ئي وقت اسلام، هندوازم، جين ازم،ٻڌازم ۽ سک ازم سان تعلق رکندڙ ماڻهن لاء ساڳيء طرح متبرڪ آهي. هن شهر جي آباد ٿيڻ جو سن تاريخدان ٻڌائي نه سگھيا آهن.300 سال قبل مسيح ۾ لکيل هندن جي هڪ مقدس ڪتاب “ رامائڻ” مطابق هي شهر “ مانو” آباد ڪيو هو جنهن کي هندن جو پهريون قانون ساز سمجھيو وڃي ٿو. پر دلچسپ ڳالهه اها جو خود مانو جو وجود به صرف هڪ ديومالائي قصو آهي ۽ سندس زماني جي باري ۾ ڪا مستنند روايت تاريخ ۾ نٿي ملي. بس اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته مانو کان پوء هي شهر ڪيتروئي عرصو “ سوريا” جي تخت جو هنڌ رهيو جنهن جي هڪ بادشاه “رام” کي هندو وشنو ديوتا جو اوتار ۽ پنهن جو ديوتا مڃين ٿا.
پراڻي وقت ۾ ايوڌيا کي “ ڪوسال ديس” چيو ويندو هو.اترويد ۾ آهي ته “ هي شهر ديوتائن جوڙيو هو ۽ ان کي جنت نظير شهر سڏيو هو.” روايتن مطابق رام کان پوء ٽيهون ۽ آخري مشهور بادشاه “ بري هب دل ” هو جيڪو مهاڀارت جنگ ۾ ماريو ويو هو،اهو به چيو وڃي ٿو ته مهاڀارت جنگ کان پوء “ ڪوسال بادشاهت” جو زوال اچي ويو ۽ مهاتما گوتم ٻڌ جي زماني يعني ڇهين صدي قبل مسيح ۾ ان وري عروج حاصل ڪيو،ان کان پوء اها سلطنت ڪيستائين قائم رهي ان باري ۾ ڪجھه چئي نٿو سگھجي.
ان جي باوجود جو ايوڌيا ۾ سموريون عبادتگاهون رڳو هندن جون ناهن، ان کي“ مندرن جو شهر” چيو وڃي ٿو. هتي هندن جا 55 مقدس مندر،10 دريائي گھاٽ ۽ وڻن جا 11 پرسڪون مڪان آهن جتي هندو پنهن جون مذهبي رسمون ادا ڪن ٿا. ان کان سواء ايوڌيا کي اهو اعزاز به حاصل آهي جو ان شهر مختلف دورن ۾ ٻڌازم،جين ازم، ۽ اسلام جي مضبوط قلعي جو به ڪردار ادا ڪيو آهي. جين ازم جي دعوائن مطابق انهن جا پنج “ تيرٿن ڪار” ايوڌيا ۾ پيدا ٿيا جن ۾ جين ازم جو پهريون تيرٿن ڪار        “ ناٿ رشا ڀا ديو ” به شامل هو.
انسائيڪلوپيڊيا آف برٽينيڪا موجب ايوڌيا قديم زماني ۾ نهايت ئي خوبصورت ۽ ديوارن وارو شهر هو. بعد ۾ هي شهر ٻڌازم جي هڪ مرڪزي شهر جي حيثيت ۾ به مشهور رهيو ۽ مهاتما گوتم ٻڌ ڪجھه عرصي لاء هتي رهيو هو. پنجين صدي عيسوي۾ ايوڌيا ۾ ٻڌ مذهب جون 100 کان مٿي عبادتگاهون موجود هيون. “قنوج” بادشاهت جو تعلق به ايوڌيا سان هو جيڪا 12 ۽ 13 صدي عيسويء ۾ “سلطنت اوڌ” جي نالي سان مشهور ٿي.بعد ۾ هي علائقو دهلي سلطنت، جونپور بادشاهت ۽ پوء 18 صديء ۾ مغل سلطنت جو حصو بڻجي ويو. 1856ع ۾ هن کي باقائدي برطانوي سلطنت جو حصو بنايو ويو.
انسائڪلوپيڊيا مطابق هن شهر جي عمر گھڻي ڊگھي ٻڌائي وڃي ٿي پر هتي قديم ترين يادگارن جو انگ نه هئڻ برابر آهي. انهن مان هڪڙي بابري مسجد آهي جنهن کي پهرئين مغل شهنشاه ظهيرالدين بابر جوڙايو هو. هندن جي روايتن مطابق 16 صدي۾ تعمير ٿيندڙ اها مسجد عين ان هنڌ بنائي ويئي هئي جتي رام جي پيدائش جي جاء هئي ۽ بعد ۾ هتي هڪ مندر “رام جنم ڀومي” جي نالي سان تعمير ڪيو ويو هو. ڪجھه هندو اڳواڻن مطابق بابر اهو مندر ڊاهي اتي مسجد تعمير ڪئي هئي. اهو معاملو هندن ۽ مسلمانن وچ ۾ خطرناڪ ڇڪتاڻ جو سبب رهندو ٿو اچي. 1990ع ۾ ان معاملي اتر هندستان ۾ باقائدي زبردست فسادن جي صورت اختيار ڪري ورتي ۽ 6 ڊسمبر 1992ع ۾ هڪ هندو انتها پسند تنظيم جي هٿياربندن ان مسجد کي مڪمل شهيد ڪري ڇڏيو هو. جنهن کان پوء اٽڪل پورو هندستان سخت وڳوڙن ۾ وڪوڙجي ويو جن ۾ هزارين ماڻهو مري ويا.
ايوڌيا ۾ مسلمانن جون جيڪي  يادگارمذهبي جايون موجود آهن انهن ۾ سڀني کان مقدس حضرت شيش عليه السلام جي مزار آهي،روايتن مطابق حضرت آدم عليه السلام جو وڏو پٽ حضرت شيش عليه السلام جنهن مان سمورو انساني نسل اڳيان هليو سو ايوڌيا ۾ دفن ٿيل آهي.
ايوڌيا ۾ لڪشمن گھاٽ جي ويجھو هڪ ٻي يادگار آهي جنهن کي “جهانگير جو مينار” چيو وڃي ٿو.لاهوري سرن مان ٺهيل ان ان يادگار جا هاڻي فقط ڪجھه حصا سلامت رهجي ويا آهن.روايتن مطابق ان مينار جي درين مان ايندڙ اندرين هوا سان بيمار صحتياب ٿي ويندا هئا. هتي هڪ نو وال ڊگھي قبر به آهي. ان قبر ۾ ڪير دفن آهي ،ڪوئي ڪجھه نٿو ڄاڻي.

هندو ايوڌيا ۾ سال ۾ تيرهن کان وڌيڪ تهوار ملهائين ٿا يا ميلا منعقد ڪن ٿا. رام نواميء جو ميلو چيٽ جي نائين تاريخ اڌ چانڊوڪي رات ۾ لڳندو آهي.اتر هند ۾ ايوڌيا شايد واحد جڳهه آهي جتي هندو ياتري سڀ کان وڏي “پرڪراماس” ملهائيندا آهن. اها حقيقيت ۾ مختلف مقدس هنڌن جي ياترا آهي جيڪا مختلف وقتن ۾ ڪئي وڃي ٿي.
(روزاني سنڌ ايڪسپريس 26 جون 2016ع)