Thursday, February 28, 2019

ڏيکاء ۽ پاڻ احتسابي.




شفيق الرحمان شاڪر
الله جي رضا حاصل ڪرڻ لاء نهايت ئي ضروري آهي ته انسان جيڪو به عمل ڪري  نيت جي سچائيء سان ڪري ڇو ته جيڪڏهن عمل ڪنهن جسم جيان آهن ته خلوص ان جو روح ٿئي ٿو. جيڪر عمل پکيء جي هڪڙي پر جيان آهي ته خلوص ان جو ٻيو پر آهي.نه ته جسم روح سواء زنده رهي سگھي ٿو ۽ نه ئي هڪڙو پر ٻئي پر سواء ڪم ڪري سگھي ٿو.نيت جي خلوص سان چيل هڪ لفظ يا هڪ عمل الله تعاليٰ جي نگاه ۾ ان قدر قيمتي آهي جو فرشتا ان لفظ کي پنهن جي زبان تي کڻن ٿا ۽ پنهنجن روزمرهه جي دعائن ۾ شامل ڪري وٺن ٿا.پاڪيزه روح انهن جو ذڪر ايئن ڪن ٿا ڄڻ ته اهي خداوند ڪريم جا لفظ هجن.جيڪر ڪنهن شخص جي زبان مان نڪتل لفظ سندس دل جو سچو آواز هجن ته اهي هڪ زبان کان ٻي زبان کان هلندي ان پاڪ دائري تائين پهچي وڃن ٿا.وڌيڪ اهو ڄاڻڻ به ضروري آهي ته جيڪر اهي لفظ خولص بيت سان ادا ڪيا ويا هجن،ماڻهن جي ياداڊت ۾ رهن ته ان شخص جي اعمال نامي ۾ نيڪين جو اضافو ٿيندو رهي ٿو ر لفظ بار بار ادا ڪرڻ سان لامحدود بڻجي وڃي ٿو.تنهن هوندي به جيڪر ڪو شخص پنهن جي آواز جي هيٺانهين مٿانهين، منهن جي تاثرن ۽ ٻين ڏيکاء وارن روين ذريعي پنهنجي ذات کي اهميت ڏئي ٿو ته اهڙو شخص فتح جي ميدان ۾ شڪست کائي ٿو۽ نتيجي طور تي عظيم ثواب کان محروم رهي ٿو.مثال، پنج وقت نماز هڪ عظيم عبادت آهي جيڪا ڪنهن ماڻهوء جي سفر کي نهايت ئي بلندين تي وٺي وڃي ٿي،رڪوع ۽ سجدو ڪندي ۽ رڪوع کان سڌو ٿيندي وقت الله تعاليٰ جي عظمت بيان ڪرڻ هڪ شاندار عمل آهي.نماز سٺن ۽ نيڪ عملن جي هڪ شاندار صورت آهي پر جيڪر ڪا اهڙي سوچ دل ۾ اچي وڃي ته ”هلو،ٻين کي به خبر پوي ته آئون رڪوع ۽ سجدو ڪيئن ٿو ڪيان“ ان صورت ۾ ته خدا جي عظمت بيان ڪرڻ وارو عمل ئي برباد ٿي ويندو،لفظ مردا ٿي ويندا ۽ عبادت جو خوبصورت عمل هڪ اهڙي جسم ۾ بدلجي ويندو جنهن جو ڪو روح نه هجي.هڪ اهڙو عنوان بڻجي ويندو جنهنجو ڪو مفهوم نه هجي.جيڪر ڪنهن شخص جي دل ۾ ڏيکاء جو ذرو برابر به عنصر موجود هوندو ته اهو شخص لفظن جو روح وڃائي ويهي ٿو.اوهين عبادت جي سمورن رڪنن،مثال پهرين ۽ ٻي اذان ڏيڻ وقت نماز دوران تلاوت ڪرڻ ۽ نماز کان ترت پوء تلاوت ۽ دعائن کي ان پس منظر ۾ پرکي سگھو ٿا.ان ڳالهه کي ذهن ۾ رکڻ ضروري آهي ته پنهنجي باطني آواز،قرآن جي موسيقيت کي يڪتا ڪرڻ ۽ نماز دوران پنهنجو پاڻ کي ان ڌاري ۾ ڇڏي ڏيڻ ۽ پنهنجي آواز جي صلاحيتن سان ڏيکاء جو مظاهرو ڪندي ٻين کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ ٻه الڳ شيون آهن.اها ڳالهه سمجھي ڇڏڻ گھرجي ته اهڙو ماڻهو جيڪو پنهنجن عملن ۾ پنهنجي ذات کي شامل ڪري ٿو،هڪ نموني سان الله تعاليٰ جي ملڪيت جي شين مان هڪ حصو چوري ڪري ٿو جنهن جو تناسب سندس رياڪاريء تي دارومدار رکي ٿو.ان شخص جو مثال هڪ پکيء جي پر ڪپڻ جيان آهي جنهن سبب هو نيڪ عملن جي لامحدود بلندين تي پهچڻ جي قابل نٿو رهي.ان ڪري هر ماڻهوء کي پنهنجن عملن جي اخلاص جو جائزو وٺڻ گھرجي.هڪ منفي مثال نه وٺڻ جي شرط سان هر ماڻحو کي ڪوشش ڪرڻ کپي ته اهو ظاهري طور تي سادو نظر اچي.ان جو مطلب آهي ته ماڻهوء کي ڏيکاء کان عاري ۽ ساديء جھوپڙيء جيان هئڻ گھرجي پر ان کي پنهنجي اندر جي دنيا جي لحاظ کان عظيم محلن کان به شاندار هئڻ گھرجي. مومنن کي پنهنجو پاڻ کي گھٽ سمجھندي چوڻ گھرجي ته ڪيتري نه حيرت جي ڳالهه آهي جڏهن آئون پنهنجي اندر جي دنيا تي نظر وجھان ٿو ته پنهنجو پاڻ کي اهڙو شخص سمجھان ٿو جيڪو انسانيت جي درجي کان ڪري جانورن جي سطح تي پهچي چڪو آهي پر الله پنهنجي رحمت جي صدقي مون کي اڃا تائين انساني صورت ۾ زندگي گذارڻ جو موقعو ڏيئي رهيو آهي. الله جي راه ۾ ڪيل  پنهنجن خدمتن جي باري ۾ اهو چوي ته آئون الله پاڪ پاران ملندڙ موقعن کي بهترين انداز ۾ استعمال ڪري سگھيس ٿي،ان نموني آئون ايمان جي سچائين کي ٻين ماڻهن تائين پهچائي سگھيس ٿي پر آئون پنهن جي رب لاء انهن موقعن کي صحيح استعمال نه ڪري سگھيس،مون انهن کي ضايع ڪري ڇڏيو.اهو ئي سبب آهي جو آئون اهو مذمت جي لائق انسان آهيان جيڪو اسلام ۽ قرآن سان سچو نه رهيو.مون کي حيرت آهي ته مون کي پٿر جي صورت ۾ ڇو نه بدلايو ويو؟
مومنن کي پنهنجي نفس کي قابوء ۾ رکڻ گھرجي ۽ ان جي نڙي دٻائي رکڻ گھرجي.پنهنجو پاڻ کي ان قدر گھٽ ۽ ڪريل حال ۾ ڏسڻ روحاني بلندي جي خواهش کي وڌائي ٿو.جيڪر ڪامليت جا خواهشمند اعليٰ درجا حاصل ڪرڻ گھرن ته انهن کي پنهنجو پاڻ کي گھٽ سمجھڻ کپي ۽ وڌيڪ اهو ته ان لامحدود هستيء طرف سفر به لامحدود هوندو آهي.الله تعاليٰ اسان لاء ڪاميابيء جا گر ظاهر ڪري ڇڏيا آهن.جيئن فرمايو ويو؛ ” اڄ مون اوهان تي دين مڪمل ڪيو ۽ پنهن جي رحمت پوري ڪري ڇڏي.“
اسان کي ان لامحدود سفر تي اهڙو مسافر بنجڻ گھرجي جنهن جي اڃ ڪڏهن به نٿي اجھامي.اسان جو انداز اهڙو هئڻ گھرجي جو جيڪر الله تعاليٰ سندس محبت معجزاتي انداز ۾ هڪ پيالي ۾ وجھي کلئي عام عطا به ڪري ۽ اها به ايئن جو ان جو ڪو ڪاٿو ۽ حد نه هجي ته به اسان هل من مزيد جي گھر ڪندا وڃون.اهڙي مضبوطي ۽ ڪامليت جو حصول خود احتسابيء تي دارومدار رکي ٿو.ٻي صورت ۾ اهڙا ماڻهو جيڪي پنهنجو پاڻ کي اڳ ئي مڪمل شخصيت سمجھندا آهن ۽ جيڪي ان قسم جو رويو رکندا آهن جو ڄڻ ته انهن ۾ وڌيڪ بهتريء جي گنجائش ئي نه هجي،اهڙا ماڻهو اتي رهجي ويندا آهن جتي ڪامليت جو ذائقو چکڻ ناممڪن هوندو آهي.وڌيڪ اهو ته خود احتسابي نه ڪرڻ جو هڪ ٻيو منفي پاسو به آهي.اهڙو ماڻهو جيڪو خود احتسابيء کان ڪم نٿو وٺي اهو ٻين جي باري ۾ سوچڻ جي فضول ڪوشش ڪندو رهندو آهي.ماڻهن جي عيبن ۽ اوڻائين تي نظر رکندي وساري ويهندو آهي ته هو پاڻ ڪهڙن عيبن ۽ اوڻائين ۾ ڦاٿل آهي.جيڪر ان شخص جي ذاتي انا ۾ هن جي ڪنهن خاص گروه يا جماعت سان لاڳاپي جو غرور به شامل ٿي وڃي ته اهڙو شخص شڪست جي اونهين کڏن ۾ ڪرندو ويندو آهي ان ڪري چيو ويندو آهي ته گروهي غرور ۽ انا نهايت ئي خطرناڪ،هلاڪ ڪندڙ ۽ تباهه ڪندڙ آفتون اهن.ان قسم جي خطرن کان بچڻ جو هڪ مستقل نسخو پنهنجو پاڻ تي نظر رکڻ ۽ پنهن جو احتساب پاڻ ڪرڻ آهي.مثال جي طور تي جيڪر الله تعاليٰ ڪنهن شخص کي دنيا جي مختلف حصن ۾ خدمتون سر انجام ڏيڻ جو موقعو مهيا ڪري  جنهن جي نتيجي ۾ اهو ماڻهو سمورن ماڻهن جي دلين کي فتح ڪري وٺي،علم ۽ روحانيت ۾ اعليٰ درجو به حاصلم ڪري وٺي ته اهڙين ڪاميابين دوران به ان جي سوچ اها ئي هئڻ گھرجي ته جيئن ته آئون ان سڀ جو ذميدار هئس تنهن ڪري ڪيترا ئي ڪم باقي رهجي ويا،جيڪر منهنجي بدران ڪو ٻيو روشن خيال ۽ روشن دماغ هجي ها ته ته خبر ناهي ڪهڙيون بهترين خدمتون سرانجام ڏئي ها.منهنجي خواهش آهي ته ڪاش منهن جي سبب اهي خدمتون گھٽجي نه وڃن ۽ انهن ۾ ڪا رنڊڪ نه پوي.اهو خود احتسابيء جو اهو روح آهي جيڪو الله جي راه جي مسافرن کي اختيار ڪرڻ گھرجي. حقيقت ۾ تعريفن ۽ خوشامد دوران لڏڻ ۽ ڪري پوڻ کان بچڻ لاء خود احتسابي کي برقرار رکڻ نهايت ئر ضروري آهي يعني اهو ته هڪ سخص کي ڏينهن م ڪيترائي ڀيرا پنهنجو پاڻ تنقيد ڪرڻ گھرجي،پنهن جي نگراني پاڻ ڪرڻ گھرجي ۽ ان مطابق پنهن جي رب سان پنهنجو تعلق سڌو ڪرڻ گھرجي.ان ڪري جيڪر ٻيا ماڻهو سندس تعريف ڪن ۽ سندس نيڪين جو ذڪر ڪن ته هن کي وري به چوڻ کپي ته ”آئون پنهنجو پاڻ کي چڱيء طرح ڄاڻان ٿو.اها پڪ سان شيطان پاران مداخلت آهي.“ اهڙيء طرح پنهنجو پاڻ کي غرور ۽ تڪبر کان ۾هفوظ رکڻ گھرجي.


(روزاني مهراڻ)

Wednesday, February 27, 2019

امريڪي سماج ۽ وڌندڙ اڪيلائي!


شفيق الرحمان شاڪر
جنهن معيار کان به حساب ڪتاب ڪجي،لڳي ٿو ته آمريڪا هڪ بيمار سماج آهي.ان ملڪ ۾ دولت ۽ آمدنيء جي لحاظ کان سماجي طبقن وچ ۾ اڻ برابري دنيا جي ٻئي ڪنهن به ملڪ کان وڌيڪ آهي.امريڪي دانشور ڪرس هيجز مطابق امريڪا جو ڍانچو زوال،شڪست ۽ ڀڄ ڊاهه جو شڪار آهي.ان ملڪ جي سياسي ۽ سماجي ادارن ۾ هڪ اونهو اعتقادي گھوٽالو هلندڙ آهي.اڪيلائي ۽ آپگھات وبا جي صورت اختيار ڪري ورتي آهي.گراهڪيء جمهوريت،بامقصد شهريت ۽ شراڪتداريء جي جڳهه وٺي ڇڏي آهي. امريڪا جو شمار دنيا جي دولتمند ملڪن ۾ ٿئي ٿو  پر گڏوگڏ انهن ملڪن ۾ به شامل آهي جتي نون ڄاول ٻارن جي موت جي شرح سڀ کان گھڻي آهي،امريڪا جي وڏي عمر جي ماڻهن ۾ به غربت جي شرح ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي.صحت جي سار سنڀال جو نظام به ناڪافي ۽ ناقص آهي.امريڪا ۾ هٿيارن ذريعي قتل عام ۽ قيدين جي شرح سمورن ملڪن کان وڌيڪ آهي.هتي وڏين وڏين ڪمپنين کي مڪمل حمايت ۽ پٺڀرائي حاصل آهي ۽ اهي ڪمپنيون ماحول کي پوريء طرح تباهه ڪري رهيون آهن.نفرت پکيڙيندڙ اڇي رنگ وارن ٽولن  ۽ ٻين دهشتگرد تنظيمن سوين ماڻهن کي موت جو شڪار بنايو يا زخمي ڪري ڇڏيو.امريڪي اشرافيا،دانشور ۽ سياستدان  پوريء طرح عوام کان پري ۽ عوامي گھرجن کان لا پرواهه آهن.ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ديواليا جمهوريت جي پيداوار آهي پر اها ثقافتي ۽ تهذيبي بيماري ڊونلڊ ٽرمپ جي پيدا ڪيل ناهي توڙي جو ٽرمپ امريڪا جي سمورن مسئلن ۽ مشڪلن جي نشاني آهي جيڪا ڪنهن انساني شڪل م سامهون آئي آهي پر اهو ان سماجي بيماريء جي هڪ نشاني آهي ۽ ان بيماريء جو اصل سبب ناهي.
ڪرس هيجز پوليٽزر انعام يافتا صحافي آهي جنهن امريڪا جي سماجي ۽ ثقافتي بيمارين جي باري ۾ کوجنا جي سلسلي ۾ ڪيترن ئي سالن کان مختلف قسم جي سماجن جو ويجھڙائيء کان مطالعو ڪيو آهي.هن پنهنجي ڪتاب ”امريڪا ؛ الوداعي سياحت“ ۾ امريڪي سماج ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان کنيل غلط قدمن جو جائزو ورتو آهي جن سبب امريڪين کي ان هنڌ تي پهچايو ويو آهي جو ڪروڙين امريڪي صدارتي عهدو سنڀالڻ لاء ٽرمپ جهڙي مطلق العنان شخص کي ووٽ ڏين ٿا. ڇا امريڪا کي نجات ڏيارڻ ممڪن آهي؟ ڇا آمريڪا ۾ جمهوريت جو تجربو ناڪام ٿي چڪو آهي؟اهو ڪيئن ممڪن ٿيو جو اڄ عيسائي فاشيت ۽ ڪمپنين جي مادر پدر آزاد طاقت امريڪي خواب جي ويراني ۽ عوامي مفادن ۽ مصلحتن جي بربادي لاء متحد ٿي چڪيون آهن؟ڇا آمريڪي عوام جمهوريت ۽ وڌيڪ صحتمند سماج جي واپسيء لاء اٿندو؟ ڪرس هيجز جي چوڻ مطابق حالتون نهايت ئي خراب آهن.ٽرمپ هميشه کان مڪمل جنگجو ۽ نفرت انگيز شخصيت رهيو آهي.هن حقيقت ۾ زوال ۽ برباديء جي ان رفتار کي گھڻو تيز ڪري ڇڏيو آهي.اهو هن طرح جو هن وڏن سرمائيدارن جي ٽيڪس ۾ گھٽتائي ڪئي،ڪوئلي يا حياتياتي انرجي جي ٻين قسمن کي قانون ۽ ضابطن مان آزاد ڪري ڇڏيو،عوامي ايراضيء جي استعمال کي جائز ڪري ڇڏيو.سرڪاري تعليم ۽ تربيت تي حملو ڪيو،ماحوليات جي بچاء لاء اداري کي ناڪارا ڪيو ۽ ملڪي عدالتن کي وفاق پرست انجمن جي پيروڪارن سان ڀري ڇڏيو.ڪيترن ئي ڏهاڪن کان اها صورتحال آهي جو ميڊيا اهڙين سرگرمين جو مرڪز بڻيل آهي جنهنجو محرڪ اهو ئي آهي جيڪو ٽرمپ کي مال ميڙڻ ۽ پئسو ڪمائڻ جي ترغيب ڏياري ٿو ۽ ٽرمپ هڪ اهڙي غير صحتمند ۽ بيمار وندر جو حصو آهي جنهن نشريات جي ذريعن جي جڳهه سنڀالي ورتي آهي.اهو ئي سبب آهي جو سي اين اين گذريل سال سڀ کان وڌيڪ پئسو ڪمايو.ڪيبل ٽي وي چينلز لاء جيڪي پروگرام ٺاهيا پيا وڃن اهي اشرافيا جي مفاد لاء ٺاهيا وڃن ٿا.هڪ ڊيموڪريٽ جماعت آهي جيڪا هر وقت ايف بي آئي جي اڳوڻي سربراهه جيمز ڪومي يا جان پوڊسٽا جا ايميل پيغام يا وڪي ليڪس يا روس جي باري ۾ لاڳيتو ڳالهائيندي ٿي وڃي.بجاء ان جي جو اصل موضوع تي غور ڪري جيڪو وسيع ۽ ناقابل يقين سماجي اڻ برابري آهي،ڊيموڪريٽ جماعت به ان اڻ برابريء جو هڪ سبب آهي.ڊيموڪريٽ اصل ۽ بنيادي مسئلي ڏانهن ڌيان ڏيڻ بدران روس جهڙي ٻاهرين قوت کي شيطان جي صورت ۾ پيش ڪرڻ ۾ لڳل آهي جڏهن ته بنيادي مسئلو اهو آهي جو امريڪي تاريخ ۾ دولت جي اعليٰ طبقن طرف منتقلي جاري آهي ۽ ڪمپنين جي بنياد تي قائم زبردست اشرافيا کي جنم ڏيئي چڪو آهي.چونڊون هڪ قسم جي راند بڻجي وييون آهن.ٽرمپ حقيقتن کي ٽيليويزن جي شيشن سان ڏسي ٿو ۽ ڄاڻي ٿو ته ڪهڙيء طرح سماج جي زبان ۾ ڳالهائي.وولين واضح ڪيو آهي ته امريڪا ۾ ڪو به ادارو ڪونهي جيڪو معتبر انداز ۾ جمهوري صورت ۾ باقي رهيو هجي.جيڪي ڪجهه بچيو آهي اها سڀ وندر آهي جيڪا سياست جي شعبي ۾ داخل ٿي چڪي آهي.هيلري ڪلنٽن جي پنهنجي تاريخ آهي،هن جي چونڊ مهم با معنيٰ سياسي تجويزن کان خالي رهي.انهيء ردي سياسي پاليسيء ٽرمپ لاء رستو سڌو ڪيو.هيجز مطابق سندس خواهش هئي ته احتساب ٿئي پر ان خواهش جي ابتڙ اهي ماڻهو جيڪي عراق تي امريڪي جنگ جي مخالفت ڪندا رهيا انهن کي سموري سياسي عمل کان ٻاهر ڪڍيو ويو.اهي جن ان جنگ جي حمايت ڪئي هئي.جارج واڪر بش جا مفاد پرست جاهل جيئن ٿامس فريڊمين وغيره اڄ به پنهنجن عهدن تي قائم آهن.اهم ۽ وڏن مسئلن ۾ انتظاميا جي هر شيء ايندڙ انتظاميا تائين جاري رهي ٿي ۽ ظالماڻين جنگين جي وسعت،شهري آزادين تي حملو،بينڪن کي مالي مدد مهيا ڪرڻ ۽ وال اسٽريٽ جي پٺ ڀرائي،گڏيل گرفتاريون،بيروزگاري وغيره ڊيموڪريٽس ۽ ريپبليڪينز جي وچ ۾ فرق اهو آهي جوڊيموڪريٽس اشرافيا نسل پرستن جي عنوان سان مشهوريء جي خواهش نٿا رکن پر بنيادي معاشي،سياسي،استعماري ۽ سامراجي مسئلن ۾ سندن وچ ۾ ڪو فرق ناهي.ان گھوٽالي جو هڪڙو پاسو اهو آهي جو ٽرمپ جو ڪو وجود ڪونهي،هو هڪ ڪارٽون آهي. جيڪي ڪجهه هن وقت امريڪا ۾ نظر اچي ٿو سو اهو ته جڏهن ڪا تهذيب ۽ ثقافت بيمار ٿي ويندي آهي ته ڪهڙيء طرح رويا اختيار ڪري ٿي.نفرت پکيڙيندڙ ٽولا سدائين ڪنهن بيمار سماج جي پيداوار هوندا آهن. ان بيمار امريڪا ۾ اڪيلائي نهايت ئي وڏو مسئلو بڻيل آهي.ڪنهن نه کٽندڙ اڪيلائيء جو علاج ممڪن ناهي.سرمائيداري ۽ گراهڪي بيهودگي ۽ فضوليت تي قائم آهي.انٽرنيٽ نسل سان هڪ مسئلو اهو آهي جو اهي گھڻو وقت اسڪرين تي گذارين ٿا پر نيٺ اڪيلا رهجي وڃن ٿا.جنهن قيادت ۾ روحاني عنصر هو ان کي ڪچليو ويو ۽ رياست نهايت بيدردي ۽ درندگيء سان ماڻهن کي جيل موڪليو ،هجوم کي منتشر ڪرڻ لاء توبن جو استعمال ڪيو ويوجن ۾ مرچن جو اسپري ڀريل هو.ماڻهن کي ماريو ڪٽيو ويو.آمريڪا هڪ سظحي جمهوريت آهي جتي اشرافيا ۽ سياستدان عوامي خواهشن ۽ آسن تي ڌيان نٿا ڏين.حڪمرانن کي بلڪل پرواهه ناهي ته امريڪي ڇا ٿا چاهين سواء ان جي هو انهن کي خطري ۾ وجھن ٿا.گھڙي ٽڪ ٽڪ ڪري رهي آهي ۽ اسان وٽ گھڻو وقت ناهي،سڀ ڪجهه ختم ٿي رهيو آهي!
(روزاني عوامي آواز 23 فيبروري 2019ع)

ڌمڪين سان احتساب جو عمل رڪجي ويندو؟



شفيق الرحمان شاڪر

ماضيء جي اڻ وڻندڙ تجربن ۽ سياسي تعصب سبب ڪوبه اهو مڃڻ لاء تيار ناهي ته پاڪستان ۾ تبديليء جو عمل واقعي پاڙون پکيڙي رهيو آهي ۽ رياست بنان فرق ۽ تفاوت جي احتساب ذريعي سياسي جماعتن،پوليس ۽ بيوروڪريسي ايستائين جو عدليا ۽ فوج مان ڪرپشن جي خاتمي جو فيصلو ڪري ورتو آهي ۽ جنهن جنهن به قومي ناڻو لٽيو آهي اهو قانون جي پڪڙ ۾ ايندو ان جو تعلق کڻي حڪومت سان هجي يا اپوزيشن سان،بيوڪريسيء سان هجي يا فوج يا عدليا سان.اهو عمل جيڪو شروع ٿي چڪو آهي اهو ڪنهن جي خواهش،فرمائش يا روڄ راڙي سان هرگز رڪجي نٿو سگھي.شايد اها ڳالهه اڃا گھڻن جي سمجھه ۾ نٿي اچي.خاص طور تي انهيء اشرافيا جي جيڪي گذريل ستر سالن کان بنان ڪنهن رڪاوٽ جي ملڪ جي سمورن مالي ۽ انتظامي وسيلن تي قبضو ڪري بنان ڪنهن خوف خطري جي عوامي وسيلا ۽ دولت ڦريندا ۽ لٽيندا رهيا آهن ۽ جيڪي قانون کي پنهنجي گھر جو غلام سمجھنندا آيا آهن اهي اڃا به اهو تسليم ڪرڻ لاء تيار ناهن ته هاڻي ملڪ ۾ ان قسم جي معاشي دهشتگردي گھڻي وقت لاء اڳتي هلي نٿي سگھي،انهيء ڪري جو ان معاشي ڦر لٽ جي نتيجي ۾ رياست جنهن حال تي پهچي چڪي آهي انهيء کا اڳتي ڪنهن به صورت ۾ برداشت ڪرڻ رياست جي سلامتيء سان کيڏڻ برابر هوندو. سو اها ڳالهه ته بهرحال طيء آهي ته احتساب جو اهو عمل ڪنهن به صورت ۾ واپس ناهي ٿيڻو.۽ اها به حقيقت آهي ته ملڪ جي اشرافيا پنهنجن مالي مفادن جي تحفظ لاء اها آخري جنگ وڙهي رهي آهي جنهن ۾ هو اها هر حد پار ڪرڻ لاء تيار ڏسجي ٿي پر انهن جي حصي ۾ سواء مايوسيء جي ٻيو ڪجهه ناهي اچڻو جو رياست سان وڙهي نٿو سگھجي سو به ان حالت ۾ جو انهن جا پنهن جا هٿ ۽ پير ڪرپشن جي گندگيء سان ڀريل هجن ۽ انهن خلاف ناقابل ترديد ثبوتن جا ڍير ريڪارڊ تي موجود هجن.اهو صحيح آهي ته ماضيء ۾ احتساب جي نالي ۾ ڪيل سمورو عمل گھڻو مايوس ڪندڙ رهيو آهي ۽ اهو به صحيح آهي ته ماضيء جون حڪومتون پنهنجن سياسي مخالفن خلاف احتساب کي بطور سياسي هٿيار جي استعمال به ڪنديون رهيون آهن پر ان سڀ جي باوجود هن وقت صورتحال گھڻي مختلف آهي.هن وقت اقتدار ۾ موجود حڪومت جو عدالتن يا احتسابي ادارن تي ڪو اثر رسوخ نٿو ڏسجي ۽ احتساب جو اهو عمل هن حڪومت جو شروع ڪيل ناهي.اهو ئي سبب آهي جو هاڻوڪي حڪومت جيڪا عددي طور تي گھڻي ڪمزور آهي ۽ هن کي هڪ هڪ ميمبر جي حمايت جي سخت ضرورت آهي پر انهن حڪومتي ميمبرن توڙي وزيرن خلاف به ڪاروائيون ٿي رهيون آهن جنهن سان خود حڪومت لاء ڪيترائي مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن.پر جيئن چيو ويو ته هن احتسابي عمل جو حڪومت يا سياست سان ڪو واسطو ناهي،حڪومت بيهي ٿي يا ڪري ٿي،احتساب جي عمل تي ڪو فرق پوڻ وارو ناهي.انهيء ۾ ڪهڙي شڪ شبهي جي گنجائش آهي ته اسان جا سياستدان عام طور تي احتساب جي ڪنهن شفاف ۽ اڻ ڌريي عمل جي حق ۾ هرگز نه رهيا آهن جنهنجو وڏي ۾ وڏو ثبوت اهو آهي جو اڄ اهي جن احتسابي ادارن تي جانبداريء جا مختلف الزام هڻي رهيا آهن ۽ جن احتسابي قانونن جا عيب ۽ خاميون اهي اڄ ڳڻائي رهيا آهن پنهنجن حڪومتي دورن ۾ انهن انهن کي درست ڪرڻ جي ڪڏهن به ڪا سنجيده ڪوشش نه ڪئي ان ڪري جو انهن مان هر حڪومت انهن ادارن ۽ قانونن کي پنهنجن مخالفن خلاف استعمال ڪرڻ گھريو ٿي ۽ استعمال ڪندا به رهيا.مزي جي ڳالهه اها ته مخالف ڌر جا سياستدان اڄ جن ڪيسن ۽ ڪاروائين متعلق موجوده حڪومت کي تنقيد جو نشانو بنائي رهيا آهن اهي سمورا ڪيس هاڻوڪي حڪومت نه پر انهن خود هڪ ٻئي خلاف جوڙيا هئا.بدقسمتيء سان اسان جاسياستدان انهن احتساب ادارن کي وڌيڪ موثر،طاقتور،شفاف ۽ غير جانبدار بنائڻ بدران پنهنجو سمورو زور انهن ادارن کي وڌيڪ تڪراري بنائڻ تي لڳائي رهيا آهن.اهي نه رڳو ميڊيا بلڪه خود پارليامينٽ جهڙي اهم قومي اداري کي به انهن ادارن خلاف نفرت پيدا ڪرڻ ۽ پنهن جي مفادن جي تحفظ خاطر استعمال ڪري رهيا آهن.ان کان اڳتي وڌي ڪري اهي سخت ڌمڪيون به ڏيئي رهيا آهن ته جيڪر سندن خلاف احتساب جون اهي ڪاروائيون بند نه ٿيون ته اهي نه ته حڪومت کي هلڻ ڏيندا،نه اسيمبلين جي ڪاروائي اڳتي وڌڻ ڏيندا.بلڪه نه رڳو انهن ادارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن پر گھٽي گھٽيء احتجاج ۽ ڌرڻن جا چتاء به ڏنا پيا وڃن.هڪڙا چون ٿا ته فلاڻو نيب ۽ عدالتن کي گھربل اڳواڻ جيڪر پي اي سيء جو چيئرمين نه رهيو ته اسيمبليء کي هلڻ نه ڏنو ويندو،گرفتار ٿيل ماڻهن جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرائي انهن کي اجلاسن ۾ رڳو ان ڪري شريڪ ڪرايو وڃي ٿو ته جيئن اهي انهن رياستي ادارن خلاف زهر اوڳاڇي سگھن ۽ سندن مذاق اڏائي سگھن. دنيا جي ڪهڙي مهذب جمهوري ملڪ ۾ ايئن ٿئي ٿو؟ چوڻ وارا چئي سگھن ٿا ته دنيا جي ڪهڙي مهذب ملڪ ۾ ڪنهن اسيمبليء جو اسپيڪر يا ڪو وزيراعظم يا وڏو وزير ان نموني گرفتار ٿئي ٿو؟ پرٻين ملڪن ۾ ته اهو به ٿئي جو ته جيڪر ڪنهن حڪومتي ذميدار شخص تي ايڏا وڏا سنگين الزام عائد ٿين ته هو پنهنجو پاڻ استعيفا ڏيئي انهن الزامن کي منهن ڏيندو آهي.هتي ته اها اخلاقيات ئي موجود ناهي جو جڏهن ڪنهن تي ڪو سنگين الزام اچي ته هو پنهنجي عهدي کان الڳ ٿي الزامن کي منهن ڏئي.ان ڪري جو اڪثر جا هٿ صاف نٿا ٿين،انهن کي خبر آهي ته حڪومتي عهدي سان چنبڙي رهڻ جي نتيجي ۾ ئي سندس ڪجهه بچاء ٿي سگھي ٿو ۽ هو ان عهدي جي زور تي ئي ادارن جي تحقيقات ۽ جاچ تي ڪنهن نه ڪنهن نموني اثر انداز ٿي سگھي ٿو ان ڪري هو آخر تائين ان عهدي سان چنبڙيل رهي ٿو.جڏهن سياست ۾ اخلاقي قدرن جو جنازو نڪتل هجي ته پوء آئين ۽ جمهوريت جي بالادستيء جون ڳالهيون ڪري بي شعور عوام جي اکين ۾ ڌوڙ ته وجھي سگھجي ٿي پر سياست ۾ پنهنجو جو حقيقي وقار ۽ مرتبو پيدا ڪري نٿو سگھجي.جڏهن دليل ۽ اخلاقي جواز نه رهندو آهي ته پوء ڌمڪين جي زبان ئي استعمال ٿيڻ لڳندي آهي.هن وقت حڪومتي ڌر ڪجهه دٻيل لفظن ۾ جڏهن ته مخالف ڌر کليل نموني نيب ۽ ٻين تحقيقاتي ادارن جو رت روئندي نظر اچي ٿي.انهن مان ڪابه ڌر اصل احتساب نٿي چاهي،انهن مان هرڪنهن جون پنهنجون من پسند فرمائشون آهن،پنهنجا پنهنجا مطالبا ۽ خواهشون آهن.اهي سڀ پنهن جن مبينا ڏوهن کي لڪائڻ لاء سياست ۽ جمهوريت جي چادر استعمال ڪري رهيا آهن.هر معاملي کي سياسي رنگ ڏنو پيو وڃي،هر ڪاروائيء کي انتقام جو نالو ڏنو پيو وڃي.ڏوهه ۽ سياست کي هروڀرو پاڻ ۾ گڏ وچڙ ڪيو پيو وڃي.ڪيس بي نامي اڪائونٽن ۽ مني لانڊرنگ جو هجي ته ارڙهين ترميم وچ ۾ اچيو وڃي،معاملو ملڪي خزانو خالي ڪرڻ جو هجي ته صوبائي خودمختياريء جو اشو ڪر کنيو بيهي،خبر ناهي اها ڪهڙي مذاق آهي ۽ اها مذاق ڪيستائين ٿيندي رهندي !
(روزاني عوامي آواز 25 فيبروري 2019ع)

Monday, February 25, 2019

فيسبڪ جو پاڳلخانو.



شفيق الرحمان شاڪر
جيڪي ماڻهو پاڳل ٿي وڃن ٿا اهي ڪيترن ئي قسمن جا هوندا آهن،هر پاڳل جي پنهنجي قسمت هوندي آهي.ڪجهه پاڳلن کي گهر وارا سنڀالي وٺن ٿا،ڪجهه پاڳل طاقتور ٿي وڃن ٿا ته سندن پاڳلپڻ کي عقلمندي به قرار ڏنو وڃي ٿو.جڏهن ته ڪجهه پاڳلن کي پاڳلخانن ۾ داخل ڪرايو وڃي ٿو.اهي پاڳل خانا جيل به ٿين ٿا ته اسپتالون به.پاڳلخانن جا واقعا عربي ۽ ٻين زبانن ۾ ڪافي ملن ٿا.خليفي هارون الرشيد جو مشهور واقعو آهي ته هن ڪنهن پاڳل خاني جو دورو ڪيو ۽ اتي هڪ پاڳل هن کي پنهنجن سوالن ذريعي بيوقوف بنائي ڇڏيو هو.چون ٿا ته جيڪو ماڻهو به ”اوريجينل پاڳل“ هوندو آهي اهو پاڳل خاني ۾ ئي خوش رهندو آهي ۽ اتان نڪرڻ نه گھرندو آهي.ها.جيڪي نقلي پاڳل هجن اهي پاڳل خاني ۾ خوش نٿا رهن،پاڳل خاني جو ماحول به عجيب هوندو آهي هر پاڳل پنهنجو پاڻ کي دنيا جو سڀ کان وڏو عقلمند سمجھندو آهي،ڪو پاڳل بادشاهه هوندو آهي ته ڪو وزير اعظم.هر پاڳل جي پنهنجي ذات جي باري ۾ ڪا نه ڪا وڏي دعويٰ ضرور هوندي آهي ۽ اهي دعوائون بدلبيون به رهنديون آهن.پاڳل کي ڪهڙو شرم جيڪر هو هڪڙي ڏينهن سپهه سالار بڻجي وڃي ته ٻئي ڏينهن تي ميراثي ۽ فنڪار.هن کي پاڻ ئي سوچڻو آهي ۽ پاڻ ئي دعويٰ ڪرڻي آهي  پاڻ ئي فيصلو ڪرڻو آهي.چون ٿا ته جڏهن ننڍي کنڊ جو ورهاڱو ٿي رهيو هو ته پاڳل خانن ۾ به ماحول گرم هو.هر پاڳل پنهنجو پاڻ کي ڪو مشهور ليڊر قرار ڏيئي رهيو هو،ننڍا پاڳل سندس چوڌاريء گڏ ٿي ويا ٿي.اوچتو ڪو ٻيو پاڳل سندس خلاف محاذ کولي ڇڏيندو هوپوء ڪجهه پاڳل فيصلو ڪرڻ وارا بڻجي ويا ٿي ۽ اهڙيء طرح پورا علائقا،صوبا ۽ ضلعا پاڳلن ۾ ورهائجي ويا ٿي.تڏهن سمورا پاڳل خوشيء وچان نچڻ لڳاٿي ته اسان وڏو ڪم ڪري ڇڏيو آهي.پاڳلن وٽ ڳڻپ جي وڏي اهميت آهي.اوهان ڪنهن به پاڳل سان ملو اهو ضرور ڪانه ڪاشيء ڳڻي رهيو هوندو،حساب ڪري رهيو هوندو پر ڳڻپ هن جي پنهنجي هوندي.هڪڙي ڊاڪٽر پنهنجو قصو لکيو آهي ته هڪ ڏينهن آئون پاڳل خاني ۾ پنهنجي ڊيوٽيء تي ويس جيئن ئي اندر داخل ٿيس ته منهنجي ڪنن ۾ آواز گونجيو؛ويهه،ويهه،ويهه... آئون حيران ٿي ويس ۽ اندازو لڳائڻ لڳس.ترت ئي خبر پئجي ويئي ته پاڳلن جي وڏي ڪمري مان اهو آواز اچي رهيو آهي ۽ سمورا پاڳل ملي ڪري ڪورس جي انداز ۾ چئي رهيا آهن؛ ويهه،ويهه،ويهه...پهرين ته مون نظرانداز ڪيو پر جڏهن سندن آواز نه رڪيو ته مون کي تجسس ٿيو،اتي ديوار سان گڏ هڪ سنهو سوراخ هو جنهن تي نگراني ڪرڻ وارا پاڳلن تي لڪي نگاهه رکندا هئا.آئون ان سوراخ تائين پهتس ۽ اک لڳائي ڏسڻ لڳس،اوچتو اندران ٻهاري جو تيز ڪک منهنجي اک ۾ لڳو ۽ پاڳلن جو آواز گونجيو؛ ايڪويهه،ايڪويهه،ايڪويهه..يعني مون کان اڳ اهي ان طرح جا ويهه شڪار ڪري چڪا هئا ۽ آئون سندن ايڪويهون شڪار هئس.هاڻي انهن پاڳلن جو خوشيء ۽ فخر ۾ ساهه نڪري رهيو هو۽ رڙيون ڪري رهيا هئا ته ايڪويهه،ايڪويهه..پاڳلن جون فتحون،انهنجي شڪست،انهنجي رعيت،انهن جي مقبوليت اهي سڀ خيالي معاملا هوندا آهن.پر اهي انهن کي حقيقي سمجھن ٿا ۽ انهن م مست رهڻ گھرن ٿا.
هاڻي اچو هن دنيا جي سڀ کان وڏي پاڳل خاني طرف! اهو آهي فيسبڪ.پوري جو پورو ماحول پاڳل خاني وارو آهي بلڪه ان کان به ويل.هتي به هڪ خيالي بادشاهي قائم آهي.ڪو يهودي گماشتو هن سلطنت جو سامري ۽ سلطان آهي.هتي هر شخص گم آهي،مست ۽ مدهوش آهي.ڪٿي ڪو بادشاهه آهي ته ڪو وري ان جي رعيت.ڪٿي ڪو دانشور آهي ۽ ٻيا ان جا فين ۽ پنکا.ڪٿي ڳڻپ هلي رهي آهي،منهنجا هيترا فالوئر آهن.ڪو فخر وچان ڦاٽي رهيو آهي ته مون کي هيتريون لائيڪس مليون ۽ فلاڻي کي هيتريون گھٽ.ڪٿي ڪو ڪنهن جو پڇ پڪڙي ڇڪي رهيو آهي ته ڪو ڪنهن ٻئي جي منهن تي ڪاراٺ ملي رهيو آهي.ڪٿي ڪو مرد عورت بڻجي هزارين ماڻهن کي پاڳل بنائي رهيو آهي ته ڪا عورت مرد بڻجي پنهنجن سهيلين جو ڪردار چيڪ ڪري رهي آهي. هتي نقلي خيال،نقلي عقيدا،نقلي بادشاهت،نقلي مقبوليت ۽ نقلي بحث مباحثا گرم آهن.قيمتي کان قيمتي ماڻهو ان پاڳل خاني ۾ داخل ٿي هڪ ٽڪي جا رهجي وڃن ٿا.پنندڙن وانگر هڪ هڪ لائيڪ جا محتاج رهن ٿا.ڪنهن بيعزت جيان هر ڪنهنجون گاريون سهن ٿا ۽ بيڪار ماڻهن سان پنهنجو وقت ضايع ڪن ٿا.جنهن جي گھر ۾ ڪا عزت نه هجي اهو ان پاڳل خاني ۾ سڀني کان گھڻو عزتدار آهي ڇوته سندس فالوئرز گھڻا آهن.اهي فالوئرز ڪير آهن ۽ ڪٿي آهن ۽ ڇو آهن؟پاڳلن کي انهن سمورين ڳالهين تي سوچڻ جي خاص ضرورت نه هوندي آهي.هتي هر پاڳل پاڻ کي ٻئي پاڳل کان عقلمند سمجھندو آهي ۽ سامريء جي ان گندي هول ۾ هرڪو پوريء طرح ڦاٿو پيو آهي.پنهنجي زندگيء جا بهترين لمحا برباد ڪري رهيو آهي.پر ڪوبه نٿو سوچي ته اهو ڇا ڪري رهيو آهي،ڇو ڪري رهيو آهي ۽ انهيء مان ڇا حاصل ڪري رهيو آهي ۽ ان ۾ ڇا لڳائي رهيو آهي؟ڪاش جيڪر اهي قيمتي دماغ جڏهن ان پاڳل خاني ۾ ڪجهه ڪلاڪ گذاري ٻاهر نڪرن ته رڳو گھڙي ڏسي پنهنجو پاڻ کان پڇن ته اهو وقت جيڪر اهي پنهن جي پوڙهي ماء ۽ پيء جي قدمن ۾ويهي انهن جي دل وندرائڻ ۾ گذارين ته سندن قسمت بدلجي وڃي.اهو ئي وقت خدمت خلق ۾ لڳي ته آخرت لاء ذخيرو بڻجي وڃي.پر ڪجهه به نه ٿيو.ڪلاڪن جا ڪلاڪ پاڳل خاني ۾ ڪنهنجو پڇ ڇڪڻ ۾،ڪنهن جي پڇ تي پير رکڻ ۾،ڪنهن کي ڇيڙڻ ۽ چيڙائڻ۾،ڪنهن کي کلائڻ ۽ روئاڙڻ ۾ ۽ ڪجهه پاڳلن جا لائيڪس گڏ ڪرڻ ۾،ڪجهه بدبوء جمع ڪرڻ ۽ ڪجهه بدبوء سنگھڻ ۾ ۽ ڪجهه ان بدبوء تي تبصرا ڪرڻ ۾ ئي وقت ناس ٿيو وڃي.فيسبڪ جو پاڳل خانو ڪنهن سامريء جي دماغ جو جادو آهي ۽ جادوء ۾ ڪشش هوندي آهي يا وري اهو دماغ کي ننڍو ڪري ڇڏيندو آهي.ننڍڙا ٻار وڊيو گيم تي ڪيترائي ماڻهو ماري وٺن ٿا.نانگن جا مقابلا کٽي وٺن ٿا.ڪارن جي ريس ۾ گھڻا نمبر کڻي وڃن ٿا. جڏهن ته اهو سڀ ڪجهه خيالي هوندو آهي.پر جيئن ته ٻار جو دماغ ننڍو هوندو آهي ان ڪري اهو خوشي محسوس ڪندو آهي.ڪنهن عقلمند ۽ ذميدار شخص کي انهن شين مان خوشي ۽ فتح جو احساس نه ٿيندو آهي.فيسبڪ تي ايندي ئي انساني دماغ ننڍو ٿي وڃي ٿو ۽ اهو انهن شين ۾ خوشي ۽ ڪشش محسوس ڪري ٿوجيڪي شيون هن جي ڪنهن ڪم جون ناهن.پرويز مشرف کي فيسبڪ تي چاليهه لک فالوئر مليا ته سندس دماغ ئي لڏي ويو.هو ڊڪندو پاڪستان پهتو پر ايئرپورٽ تي چاليهه فالوئرز به موجود نه هئا.فيسبڪ فالوئرن کي ته فيسبڪ تي ئي ملڻو هو انهنجو ايئرپورٽ تي ڪهڙو ڪم؟ستم جي ڳالهه اها جو جن وٽ پنهنجن شاگردن،پنهنجن ٻارن ۽ پنهنجي والدين لاء وقت ناهي هوندو اهي فيسبڪ جي پاڳلخاني ۾ ڀرپور وقت گذارين ٿا.هاڻي ته فيسبڪ جي پيرويء ۾ اهڙيون ٻيون به ڪئين اوطاقون قائم ٿي وييون آهن.ماڻهو قسمين قسمين دوکن ۾ فيسبڪ تي وقت ضايع ڪري رهيا آهن.

(روزاني هلال پاڪستان)

تبديلي سرڪار جو تبديل ٿيندڙ پروفائيل!



شفيق الرحمان شاڪر
پاڪستاني حڪمرانن خلاف مڃيل راء اها ئي آهي ته اهي خدمت خلق بدران رڳو طاقت حاصل ڪرڻ ۽ ان کي وڏي پيماني تي پنهنجا ذاتي ۽ گروهي مقصد  ۽ مفاد حاصل ڪرڻ لاء استعمال ڪرڻ لاء اقتدار جي ايوانن ۾ پهچڻ جي ڪوشس ڪن ٿا.ٻئي طرف اها به طيء ٿيل حقيقت آهي ته حڪومت يا اقتدار جو بنيادي مقصد خلق جي خدمت عوام جي فلاح ۽ بهبود هوندو آهي جنهن مقصد کان اسان جا حڪمران عام طور تي منهن موڙڻ جا مرتڪب بڻجن ٿا ۽ رڳو پنهنجن مفادن جي حفاظت ڪندي نظر اچن ٿا.هتي اها ڳالهه ذڪر جي قابل آهي ته عام طور تي هر پارٽي اڳواڻ اها دعويٰ ڪندي نظر ايندو آهي ته هن جو مقصد رڳو عوامي ڀلائي ۽ ملڪ جي خوشحالي آهي پر سچائيون ڪنهن ٻئي طرف اشارو ڪنديون آهن.ان ۾ شڪ ناهي ته عمران خان ذاتي طور تي نهايت ايماندارآهي ۽ سندس دل ۾ عوام جي لاء درد ۽ احساس به موجود هوندوپر هن نظام ۾ رهندي کيس جهڙيء طرح يوٽرن وٺڻا پيا آهن اهي سندس سمورين دعوائن تي پاڻي ڦيري ڇڏين ٿا.ڪو اڳواڻ ڪيترو به ايماندار ۽ درد دل رکندڙ ڇونه هجي کيس هن نظام م رهندي لاڳيتو سمجھوتا ڪرڻا پون ٿا.ڳالهه ٿي ڪئيسين هن نظام ۽ ان نظام جي پاليل سياستدانن جي،جن جون نظرون هر وقت طاقت۽اقتدار جي مرڪز تي ئي ڄميل رهن ٿيون.انهن جي ويجھو اهو بي معنيٰ آهي ته طاقت ۽ اقتدار جي مرڪز ۽ محور جو حقيقي ڪردار ڇا آهي؟انهن جا فرض ڪهڙا آهن؟انهن کي پنهنجي حيثيت ۾ ڇا ڪرڻو آهي؟ڪهڙين ڳالهين کان انهن کي بچڻو آهي؟انهن جون حدون ۽ پابنديون ڪيستائين آهن؟ان جي بدران انهن حدن ۽ پابندين کي ٽوڙڻ ۽ پنهنجي حق ۾ استعمال ڪرڻ ئي حقيقت م پاڪستان جا عوامي نمائندا پنهنجو قانوني حق سمجھن ٿا.توڙي اهي اختيار کين قومي يا صوبائي اسيمبلين مان حاصل ٿين،وزارت يا مشاورت مان ملن يا بلدياتي ادارن ذريعي حاصل ٿين.سندن نظرون انهن اختيارن سان گڏ ئي بدلجي وڃن ٿيون.جنرل مشرف جي دور ۾ جڏهن بلدياتي نظام ۾ اختيار گڏ ٿي ويا ته اڄ جا گھڻا جڳاڙي  پارليامينٽ کان پنهن جو منهن ڦيري بلدياتي نظام کي پيارا ٿي ويا جو ان وقت هڪڙي ناظم وٽ ايترا ته گھڻا اختيار هئا جو ان جي آڏو قومي اسيمبليء جي رڪنيت يا وزارت به معمولي بڻجي ويئي.ڪهڙا ڪهڙا قومي سطح جا سياسي نالا قومي اسيمبليء جي رڪنيت کي ٿڏي ان وقت بلدياتي نظام جو حصو بڻجي ويا جن ۾ هاڻوڪو وزير خارجه شاهه محمود قريشي به هو جيڪو ان وقت ناظم جي حيثيت سان وڌيڪ خوش نظر ايندو هو.حالتن ڦيرو کاڌو،جنرل مشرف ماضيء جو قصو بڻيو،پارلياماني نظام ٻيهر متحرڪ ٿيندي ئي بلڪه اختيارن جو مرڪز بڻجندي ئي انهن سياستدانن کي پارليامينٽ جي بالادستي وري ياد اچي ويئي ۽ ٻيهر ان جو حصو بڻجي ويا.تبديليء جي بنياد تي اقتدار ۾ ايندڙ جماعت في الحال عوامي خدمت ۽ خوشحالي کان ڪوهين پري،پاڪستان تي واجب الادا قرضن جي ادائيگيء لاء ڊوڙ ڊڪ ڪندي نظر اچي ٿي.عوامي فلاح ۽ بهبود ۽ آسانيون گھر جي دروازي تي پهچائڻ ۾ انهيء کي جيڪي ڏکيائيون سامهون آهن ۽ اڃا اينديون انهن مان هوء ڪهڙيء طرح نڪري سگھندي سو ته ايندڙ وقت ئي ٻڌائيندو پر اها حقيقت آهي ته هاڻوڪي نظام ۽ انگن اکرن جي روشنيء ۾ هيء حڪومت ڪا انقلابي تبديلي آڻڻ جي پوزيشن ۾بلڪل نٿي ڏسجي.هتي ٻي ڳالهه اختيارن جي هيٺين سطح تي منتقلي آهي جيڪا يقيني طور تي بلدياتي نظام ذريعي ئي ممڪن بڻجي سگھي ٿي.اهو ممڪن ئي ڪونهي ته ننڍن شهرن يا ٻهراڙين جي عوام جي روزمرهه زندگيء جا سمورا مسئلا صوبائي يا وفاقي حڪومت جي ليول تي حل ٿي سگھن.اها حقيقت ۾ هڪ بنيادي ضرورت آهي جو جنهن ۾ ڪنهن جي انا متاثر ڪرڻ سواء اختيارن کي هيٺين سطح تي منتقل ڪري سگھجي ٿو.اختيارن کي هيٺين سطح تي منتقل ڪرڻ جي صورت ۾ ساڳيء طرح مشرف واري دور وانگر هاڻوڪي قومي توڙي صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن جو موقف ترت بدلجي ويندو ۽ انهن ميمبرن جي اڪثريت پنهنجون سيٽون ڇڏي طاقت ۽ پئسي واري پوزيشن طرف ڊڪندي نظر ايندي. ان صورت ۾ گھٽ ۾ گھٽ هڪڙو فائدو ضرور ٿيندو جو پارليامينٽ ۾ اهڙن ماڻهن جي اچڻ جي اميد پيدا ٿيندي جيڪي واقعي پارليامينٽ جي تقدس کي سمجھندا هوندا،قانون جي عملداريء تي يقين رکندا هوندا،قانون جي بالادستي انهن جي پيش نظر هوندي ڇوته جمهوريت ۽ پارلياماني نظام جون اهي ئي مڃيل روايتون آهن.ان کان سواء رياستي مشينري توڙي جو انهن بلدياتي ادارن جي هٿ هيٺ هئڻ گھرجي پر مقررين ۽ بدلين جو اختيار انهن وٽ بلڪل نه هئڻ گھرجي يا مقررين ۽ بدلين جو اختيار انهن ادارن جي ڪارڪردگيءسان سلهاڙيل هئڻ گھرجي.ظاهر ۾ اهو هڪ ڏکيو ڪم نظر اچي ٿو پر انهيء بندوبست سان ئي عوام جا بنيادي مسئلا حل ٿيندا.ٻئي پاسي رياستي مشينريء کي به رياست خاطر پنهنجن فرضن ۽ حلف نامي جو ڀرم رکڻو پوندو،اهي سموريون تبديليون تبديلي سرڪار جي منشور جو حصو آهن پر انهن کي عمل ۾ آڻڻ ۾ جيڪي ڏکيائيون آهن انهن کي ڪنهن به طرح نظر انداز ڪري نٿو سگھجي جوتبديلي سرڪار جنهن تيزيء سان مصلحتن ۽ مونجھارن جو شڪار ٿي رهي آهي انهيء کان اهو پري ناهي جو اها پنهنجي بنيادي منشور کان ئي ڦري وڃي.سمجھوتن ۽ سياسي بليڪ ميلنگ ۾ ڦاٿل تبديلي سرڪار،هميشه کان اقتدار جي پوڄارين ۾ وڪوڙيل ۽ اهي ئي پراڻا ٻوٿ ۽ نئين قيادت جي ليبل هيٺ پنهنجي راند کيڏڻ کان باز نه پيا اچن.تبديليء جو نعرو سندن ذاتي مفادن جي دز ۾ دفن ٿيندو ٿو وڃي جو خوشامدي ٽولو پوري طاقت سان پنهنجي من پسند  ڪم ۾ لڳل آهي ۽ قيادت کي حقيقتن کان بي خبر رکندو پيو اچي.پهرين سو ڏينهن جي ڪارڪردگي به رڳو هڪ ڊرامو ثابت ٿي جو ڪنهن به وزير خلاف نه ته ڪاڪاروائي ٿي ۽ نه ئي ڪنهنجو قلمدان تبديل ڪيو ويو.اهڙن گھگھه سياستدانن جي موجودگيء ۾ سڌارن جو عمل مشڪل ئي نه پر ناممڪن نظر اچي رهيو آهي ۽ ممڪن آهي ته واضح اڪثريت حاصل ڪرڻ لاء وقت کان پهرين  نين چونڊن جو ڪو دهل وڄي وڃي،نظام تبديل ٿي وڃي يا وري هاڻوڪو نظام ئي ويڙهيو وڃي!


(روزاني هلال پاڪستان )

Friday, February 22, 2019

آسمان نيرو ڇو ٿو نظر اچي؟

شفيق الرحمان شاڪر
”نيرو آسمان مون کي ڏسي مسڪرائي ٿو،اسان اهو نيرو آسمان ڏسون ٿا جيڪو اتي موجود ئي ڪونهي.“ جيڪر اوهان به ”اورنگ برلن“ وانگر سدائين حيران ٿيو ٿا ته اوهين اهو نيرو آسمان ڪيئن ڏسو ٿا جيڪو آهي ئي ڪونه!
ان پروليء کي سلجھائڻ ۾ انسان کي ڪيتريون ئي صديون لڳيون آهن جنهن ۾ گھڻن ذهين ماڻهن حصو ورتو جن ۾ ارسطو،آئزڪ نيوٽن،ٿامس ينگ،جيمز ڪلرڪ ۽ هرمين وون جا نالا مٿانهان آهن. سج جي روشني جا رنگ،هوائي ذرا،ماحولياتي ماليڪيولن جو مقدار ۽ اها ڪنڊ جنهن سان اسان رنگن جي سڃاڻپ ڪري سگھون ٿا.هلو،رياضي مساواتن کان هٽي ڪري سولي انداز ۾ رنگن کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا.فزڪس جي حساب سان سمورا رنگ، نظر ايندڙ روشنيء جون اهي ڊگھيون لهرون آهن جيڪي شين سان ٽڪرائجي واپس ڪنهن حسي عضوي( سينسر) سان ٽڪرائجن جيئن انساني اک حسي عضوي جو ڪم ڪري ٿي.اهو به ٿي سگھي ٿو ته روشنيء جي ڊگھين لهرن جو عڪس يا پکيڙ پاڻهي ڪنهن شيء جي ذريعي سان ٿئي يا ڪنهن ٻاهرئين ذريعي جو حصو هجي.ڪنهن شيء جي رنگ بدلجڻ جو دارومدار ان ڳالهه تي آهي ته روشنيء جي ذريعن مان ڪهڙا رنگ حاصل ٿي رهيا آهن.مثال؛ ڳاڙهو رنگ جڏهن نيري رنگ جي هيٺان هوندو ته  ڪارو نظر ايندو.نيوٽن هڪ بلوري منشور سان ان تجربي جو عملي مظاهرو ڪيو ته سج جي اڇي روشني ۾ ئي نظر ايندڙ اسپيڪٽرم جا سڀ رنگ موجود هوندا آهن.هڪ صاف شفاف ڏينهن ۾ جڏهن اسان مٿي ڏسندا آهيون ته ته آسمان اسان کي نيرو ڏسڻ ۾ ايندو آهي.شام جي وقت سج آسمان تي ڳاڙهو،گلابي يا سنگتري جهڙو رنگ پکيڙي ٿو پر آسمان نيرو ڇو آهي ۽ لهندڙ سج ڳاڙهو ڇو نظر ايندو آهي،انهن سوالن جا جواب ڳولهڻ لاء اسان کي لازمي طور تي روشني ۽ زمين جي ماحول جو مشاهدو ڪرڻو پوندو.زمين جو گولو ڪيترين ئي گئسن،ماليڪيولن ۽ ٻئي مواد جو مرڪب آهي جيڪو زمين جي چوڌاريء پکڙيل آهي.اسان جي هوائي گولي جو 78 سيڪڙو حصو نائٽروجن ۽ 21 سيڪڙو آڪسيجن تي ٻڌل آهي.باقي حصو آرگن گئس،پاڻي ( بخارن) جي حالت ۾ عام پاتو وڃي ٿو.ان کان سواء ٿوري مقدار ۾ ٻيون گئسون،سمنڊ مان لوڻ جا ذرا،دز،ڪجل رک ۽ جرگ جا ننڍڙا سخت ذرا اڏامندا رهن ٿا.ماحول جي جوڙجڪ جو تعلق محل وقوع،موسم ۽ ڪيترين ئي ٻين شين تي دارومدار رکي ٿو.سامونڊي علائقن ۾ايندڙ طوفان سبب فضا ۾ پاڻيء جِي گھڻي مقدار ۾ موجود هئڻ يا ٻرندڙ جبلن وارن علائقن ۾ ٿي سگھي ٿو ته فضا ۾ رک جو گھڻو مقدار موجود هجي.ان کان سواء ماحولياتي گدلاڻ سبب به مختلف گئسون،ڌوڙ ۽ مٽي فضا جو حصو بنجھنديون رهنديون آهن.هوائي گولو،خلا کان زمين جي وچ واري هنڌ تي ڪمزور ٿيندو آهي ۽ اوهان جيترو بلنديء طرف ويندا اهو وڌيڪ ضخيم کان ضخيم ٿيندو ويندو.خلا ۽ هوائي گولي جي وچ ۾ ڪو وقفو موجود ناهي. روشنيء توانائيء جو هڪ قسم آهي جيڪا لهرن جي صورت ۾ سفر ڪري ٿي.توانائيء جا ٻيا به ڪيترائي قسم لهرن جي صورت ۾ وهن ٿا.مثال جي طور تي آواز به هوا جي لڏندڙ لهر آهي ۽ اهڙيء طرح روشني برقي ۽ مقناطيسي ميدان جون لڏندڙ لهرون آهن.برقي مقناطيسي لهرون مقناطيسي ميدان جي لڏندڙ لهرن مان هڪ ننڍڙي حصي کي مقناطيسي اسپيڪٽرم چئبو آهي.مقناطيسي لهر خلا ۾ 299،792 ڪلوميٽر في سيڪنڊ جي رفتار سان سفر ڪري ٿي جنهن کي روشنيء جي رفتار چئبو آهي.تابڪاريء ۾ موجود توانائي روشنيء جي ڊگھي لهر ۽ تعداد تي دارومدار رکي ٿي.لهرن جي نهايت ئي مٿانهين سطح کان وچ وارو مفاصلو لهر جي ڊيگھ سڏجي ٿو. هر سيڪنڊ ۾ گذرندڙ لهرن جو تعداد ريڊيو فريڪئنسي چورائي ٿو.روشنيء جي ڊگھي لهر جيترو ڊگھي فاصلي تائين ويندي ان ۾ توانائي ۽ تعداد گھٽجي ويندا.اسان جون اکيون جيڪا روشني ڏسن ٿيون اها مقناطيسي اسپيڪٽرم جو حصو آهي.سج کان يا بلب کان ايندڙ روشني شايد اسان کي اڇي ڏسڻ ۾ اچي پر حقيقت ۾ اها روشني ڪيترن ئي رنگن جو ميڙ هوندي آهي.اسان انهن سمورن رنگن کي منشور زريعي الڳ الڳ ڪري ڏسي سگھون ٿا. اسان ان اسپيڪٽرم کي ان وقت به ڏسي سگھون ٿا جڏهن آسمان ۾ انڊلٺ نظر ايندي آهي جنهن م رنگ هڪ ٻئي ۾ گڏيل هوندا آهن. اسپيڪٽرم جي هڪ ڇيڙي تي ڳاڙهو ۽ سنگرو رنگ ٿين ٿا جڏهن ته هيڊو،سائو،نيرو.انڊيگو ۽ واڱڻائي رنگ جا هلڪ پاڇا هوندا آهن.هر رنگ جي لهري ڊيگھه ۽ توانائي هڪ ٻئي کان مختلف هوندي آهي.نظر ايندڙ اسپيڪٽرم ۾ واڱڻاسئي رنگ جي فريڪئنسي سڀ کان گھٽ هوندي آهي جنهنجو مطلب ته ان جي فريڪئنسي ۽ توانائي سڀ کان گھڻي هوندي آهي.ڳاڙهي رنگ جي لهري ڊيگھه سڀ کان ڊگھي ٿئي ٿي جڏهن ته فريڪئنسي سڀ کان گھٽ ٿئي ٿي.خلا ۾ روشني ان وقت تائين هڪ سڌي ليڪ ۾ سفر ڪري ٿي جيستائين ڪا شيء ان ۾ رنڊڪ نه پيدا ڪري روشني پنهنجو رستو نٿي بدلائي.جڏهن روشني ڪنهن فضا يا ماحول ۾ سفر ڪري ٿي ته اها اوستائين سڌو سفر ڪري ٿي جيستائين ڌوڙ ۽ گئسن جي ماليڪيولن سان ٽڪرائي پکڙجي نه وڃي. ان بعد روشنيء سان ڇا ٿئي ٿو اهو ان شيء جي فريڪئنسي ۽ سائيز تي دارومدار رکي ٿو.ڌوڙ،مٽي ۽ پاڻيء جي ڦڙن جا ذرڙا روشنيء جي لهري ڊيگھه کان گھڻو وڏا ٿين ٿا.جڏهن روشني پاڻ کان وڏي ذري سان ٽڪرائجي ٿي ته واپس موٽي ٿي يا مختلف طرفن ۾ پکڙجي وڃي ٿي.روشنيء جا مختلف رنگ به انهن ذرن سان ٽڪرائجي مختلف طرفن ۾ پکڙجي وڃن ٿا.اسان کي موٽيل يا مڙيل روشني به سفيد ئي نظر ايندي ڇو ته ان ۾ به سمورا رنگ موجود هوندا آهن.گئسن جا ماليڪيول نظر ايندڙ روشنيء جي لهري ڊيگھه کان ننڍا ٿين ٿا جيڪڏهن روشني انهن ماليڪيولن جي اندر پهچي وڃي ته اهي مختلف ردعمل ظاهر ڪندا.جڏهن روشني گئس جي ماليڪيول سان ٽڪرائي ٿي ته انهن مان ڪجهه روشنيء کي جذب ڪري وٺن ٿا.ڪجهه لمحن ۾ ماليڪيول تابڪاري پيدا ڪري ٿو ۽ روشني جي هڪ مختلف طرف ۾ پکيڙ شروع ڪري ڇڏي ٿو.جيڪو رنگ ماليڪيول جذب ڪندو رڳو اهو رنگ ئي اڳيان پکڙبو.سمورا رنگ جذب ٿي سگھن ٿا پر نيرو رنگ جيڪو گھڻي فريڪئنسي رکي ٿو اهو گھڻو جذب ٿئي ٿو نسبتن ڳاڙهيڀ جي ڀيٽ ۾ جيڪو گھٽ فريڪئنسيء وارو رنگ آهي. انهيء کي ”ري لي پکيڙ وارو عمل“ چئبو آهي جيڪو انگريز طبيعاتدان ”لارڊ جان ري لي“1870ع ۾ دريافت ڪيو هو.هاڻي سوال اهو ته آسمان نير ڇو ٿو نظر اچي؟ اسمان جو نيرو رنگ اصل ۾ ري لي پکيڙ واري عمل جو نتيجو آهي.جڏهن روشني ڪنهن فضا ۾ داخل ٿئي ٿي ته ان مان گھڻي ڊگھي لهر گذريڀ وڃي ٿي.ڳاڙهو،سنگترو ۽ هيڊو هوا تي اثر انداز ٿين ٿا.سج جي روشني جڏهن هوائي گولي سان ٽڪرائجي ٿي ته روشنيء جي ڊگھي ڳاڙهي لهر ان مان گذري وڃي ٿي پر نيري روشني گئس جي ماليڪيولن سان ٽڪرائجي پکڙجي وڃي ٿي اهڙِي طرح آسمان نيرو ڏسڻ ۾ اچي ٿو.لهندڙ سج جي روشنيء کي گھڻي هوائي گولي مان گذرڻو پوي ٿو ان ڪري روشنيء جون ننڍيون لهرون گئسن سان ٽڪرائجي پکڙجي وڃن ٿيون ۽ رڳو ڳاڙهي روشني جي لهر گذري ٿي ان ڪري سج ڳاڙهو نظر ايندو آهي.1977ع ۾ ”وائڪنگ“ نالي مريخ خلائي اسٽيشن کان ۽ 1997ع ۾ ”پاٿ فائينڊر“ نالي خلائي جهاز کان تصويرون وصول ٿيون جن ۾ مريخ جو ماحولياتي جائزو ورتو ويو ۽ اهو دريافت ڪيو ويو ته مريخ جو آسمان ڳاڙهيڀ رنگ جو آهي.مريخ جو آسمان ڳاڙهي رنگ جو ان ڪري آهي جو مريخ جي فضا ۾ ڳاڙهي آئرن جا ذرا وقفي وقفي سان ايندڙ طوفانن جي ڌوڙ سان گڏ اڏامندا رهن ٿا.مريخ جو آسمان موسم جي تبديلين سان گڏ پنهنجو رنگ بدلائي ٿو.مريخ جو آسمان هلڪو نيرو به ٿيندو آهي جڏهن اتي ڪو طوفان نه آيو هجي پر ڏينهن ۾ اسان جي زمين جي ڀيٽ ۾ مريخ جو آسمان هلڪو ڪارو هوندو آهي ڇو ته مريخ جو هوائي گولو اسان جي هوائي گولي کان سنهو آهي.هاڻي جيڪر اسان زمين کان مٿان نظر ايندڙ هوائي گولي ۾ روشنيء جي لهرن کي اسان آسمان سمجھون ٿا ته اهو رڳو روشنيء جي رنگن جو عڪس آهي.


(روزاني سنڌ ايڪسپريس 22 فيبروري 2019ع)

Wednesday, February 20, 2019

بي حسي ۽ احساسن جو جهان!


شفيق الرحمان شاڪر

بي حسيء جو زهر هڪ نشي جيان آهستي آهستي رت ست ۽ نس نس ۾ لهي ٿو ته نيٺ انسان کي جيئرو جاڳندو لاش بنائي ڇڏي ٿو.هر خود غرض ۽ مفاد پرست بي حس ٿيندو آهي ۽ هر دردمند هڪ حساس دل جو مالڪ هوندو آهي. بي حسي اها آهي جو انسان پنهنجي ظاهري ۽ باطني ذميدارين کان غافل ٿي وڃي. ظاهري ذميداريون بندن جي حقن سان جڏهن ته باطني ذميداريون الله جي حقن هيٺ اچن ٿيون.ظاهر ۽ باطن،ٻاهر ۽ اندر جو اهو فرق رڳو سمجھڻ لاء آهي.جڏهن سمجهه مڪمل ٿئي ٿي ته اهو فرق مٽجي وڃي ٿو،تفاوت ختم ٿي وڃي ٿو.ظاهر ۽ باطن ۾ لاڳاپو ضرور آهي پر انهيء لاڳاپي ۾ هميشگي ڪانهي.ظاهر ۽ باطن جو فرق رڳو انساني شعور جو فرق آهي نه ته حقيقت ۾ حقيقت رڳي هڪڙي آهي ۽ اها حقيقت ئي حق آهي.جنهن ۾ دوئيء جو شڪ ناهي.اهڙِيء طرح بندن جا سمورا حق به الله جا حق ئي آهن ڇوته بندا سڀ جا سڀ الله جا بندا ئي ته هوندا آهن.بي حسي حقن جو نعرو ته بلند ڪندي آهي پر پنهنجن فرضن جي آواز تي ڪن نٿي ڏئي.هڪ حساس دل فرض ته ڇا نفل به ادا ڪرڻ ۾ مست رهي ٿي.اهو ئي سبب آهي جو اها دل اڪثر قرب خداونديء جي محل ۾ رهي ٿي.احساس انسان جي اندر قافلي جو رهبر آهي جيڪو قافلي کي منزل طرف هروقت گامزن رکي ٿو.جنهن احساس کي سمهاري ڇڏيو تنهن پنهنجي ضمير کي سمهاري ڇڏيو.جڏهن ضمير سمهي رهي ٿو ته ڪن ٻوڙا ۽ اکيون انڌيون ٿي وڃن ٿيون ۽ نصيحت ڪندڙن جو سمورو ڪم ۽ ڪلام ڪنهن صحرا ۾ اڀريل آواز مثل وقت جي ڌوڙ ۾ دفن ٿي ويندو آهي.اهو ئي سبب آهي جو سڌارو ڪندڙ ۽ سماج کي سنواريندڙ جو سمورو ڌيان انسان جي اندر جي احساس جي جوت جاڳائڻ تي لڳل رهندو آهي.سزا جي ٽڪٽڪيء تي ٻڌي ڪوڙن سان ڇلڻ منتظمن جو ڪم آهي پر مصلحن جو ڪم رڳو ضمير کي جھنجھوڙڻ هوندو آهي.دراصل حال جي سڌاري جو تعلق خيال سان آهي ۽ خيال جو تعلق باطن سان آهي.باطن اصل آهي ۽ ظاهر ان جو نقل آهي.اصل کي ڇڏي نقل پويان پوڻ هڪ نقلي ڪم آهي.وجود کي ڇڏي پاڇي تي ڏنڊا وسائڻ سان ڪجهه حاصل نٿو ٿئي.اصل ڪم سڌارو آهي ۽ سڌاري ۾ خيرخواهي هوندي آهي.
احساس هڪ نعمت آهي.درد جي دولت وڏي دولت آهي.ان ڪري دردمند دولتمند هوندو آهي ۽ بي حس سڃو ٿيندو آهي.سماج ۾ غربت ڏوڪڙ پئسو گھٽ هئڻ سبب نه پر بي حسيء جي وبا پکڙجڻ سبب وڌي ٿي.انسان بک ته برداشت ڪري سگھي ٿو پر پنهنجن جي بي رخي برداشت نٿو ڪري سگھي.جڏهن اسان پنهنجي آسپاس جي ماڻهن کان غافل ٿي ويندا آهيون ته ماڻهو غريب ٿيڻ لڳندا آهن.وطن ۾ رهندي به غريب الوطن ڪري ڇڏيندڙ شيء پنهنجن جي بي حسي آهي.جڏهن کان انسان احساس جي صحرا مان نڪري بي حس عمارتن ۾ پناهه ورتي آهي،عمارتن ۽ امارتن جي مليل ڀڳت سان شهرن م غربت ٽٽي پيئي آهي.جيڪر هر شخص پاڻ کان غريب رڳي هڪ ماڻهوء جو هٿ پڪڙي وٺي ته زندگيء جي شام ٿيڻ کان اڳ غربت ختم ٿي وڃي . ڪوبه غريب اهڙو ناهي جنهن کان وڌي ڪري ڪو غريب نه هجي ۽ ڪو امير اهڙو ناهي جنهن جي ڀيٽ ۾ ڪو ٻيو امير نه هجي. احساس خاموش ضرور هوندو آهي پر وسرندو ناهي.خاموشيء جي اونهي ساگر ۾ بڏي وڃڻ باوجود به احساس جي ٻارهن دري نيٺ واپس ٻاهر نڪري نروار ٿئي ٿي.بي حسي رڳو چرٻ زبانيء جو هنر ڄاڻي ٿي.بي حس ماڻهو پنهنجي چرٻ زبانيء سان پنهنجا عيب لڪائيندو آهي ۽ ٻين جي پولن جي ڍنڍوري جو دهل وڄائيندو آهي.بي حسي دردمنديء جي عظمت کان اڻ واقف رهي آهي ڇوته دردمندي پردي پويان پنهنجي مزاج ۾ عيب ڍڪيندڙ هوندي آهي. بي حس انسان پنهنجو گھر،پنهنجو ملڪ ڇڏي غيرن جون وسنديون وسائڻ لاء هلي پوندو آهي.هتي پنهنجن جي ڪم نٿو اچي پر هُتي غيرن جي غلامي قبول ڪري وٺي ٿو.بي حس ماڻهو لذتن جي سواري ترڪ نٿو ڪري توڙي جو کيس ان جي قيمت سڄي عمر جي غلاميء جي صورت ۾ ادا ڪرڻي ڇو نه پوي.هڪڙي لذت کان نجات هزار غلامين کان نجات آهي.ڪنهن لذت کي زير ڪرڻ اصل ۾ ڪنهن ايندڙ ممڪنا زوال جي پيش بندي ڪرڻ آهي.پنهنجو پاڻ کي فتح ڪرڻ جو عنوان رڳو ڪنهن حساس دل ۾ ئي جڳهه پائي ٿو.خواهش کي فتح ڪرڻ اصل ۾ پنهنجي وجود جي راڄڌانيء ۾ راڄ ڪرڻ آهي.خواهش جي اثر هيٺ اچڻ وجود هٿان غلام بنجڻ آهي.انسان جي عظمت حيواني جبلتن تي فتح حاصل ڪرڻ ۾ لکي ويئي آهي.علم جو سمورو داستان حيواني سطح مان نڪري روحاني سطح تي فائز ٿيڻ ۾ لکيل آهي.انسان هئڻ جي حيثيت ۾ جسماني جبلتن پويان هلڻ شڪست جو اعلان آهي ۽ انهن جي مشهوري ڪرڻ جهالت جو اعلان آهي.خواهش جي زور تي هلندڙ سواري نهايت ئي تيز رفتار هوندي آهي.ان ڪري پنهنجي برباديء جو سامان پاڻ سان گڏ کڻي گھمي ٿي.خواهش زور جي هجي يا زر جي هوا جي گھوڙي تي سوار هوندي آهي.اها رڳو قناعت آهي جنهن کي بيهڻ جو ڏانء حاصل آهي.مشاهدو ۽ مڪالمو ڪنهن صاحب قيام جو ئي مقدر بڻبو آهي.ڪنهن ڊوڙندڙ شخص جو منظر سندس مطمع نظر جيان لڏندو رهندو آهي.هن جي پيرن ۾ ڏڪڻي هوندي آهي ۽ عزم ۾ به ڏڪڻي!
ڪنهن ڇت هيٺان جيڪر ٻه مزاج گڏجي پون ته هڪڙو ظالم ٿي ويندو  آهي ته ٻيو مظلوم! بي حس ماڻهو ظالم هوندو ۽ جنهن وٽ احساس هوندو عام طور تي اهو مظلوم هوندو.ظالم سياه ڪار ٿئي ٿو جڏهن ته مظلوم سدائين سرخرو ٿيندو آهي. ڪنهن فرمايو ته ظالم ٿيڻ کان بهتر آهي ته مظلوم بڻجي وڃو.مظلوم جيڪر ٻين مظلومن جي حق ۾ ظالم نه بڻجي ته ظاهر مان نڪري باطن ۾ قدم رکي سگھي ٿو.احساس دراصل پاڻ سڃاڻڻ جي پهرين منزل آهي.احساس کان محروم ماڻهو قرب ۽ قربانيء جي تصور کان محروم آهي . اهو ان سرخوشيء کان محروم آهي جنهنجو مزو رڳو ان جو حصو هوندو آهي جيڪو پنهنجو حق ٻين جي خوشيء لاء خوشيء سان ڇڏي ڏئي ٿو.خوشي ۽ سرخوشيء ۾ اهو ئي فرق آهي جو خوشي رڳو ظاهري ٿي سگھي ٿي پر سر خوشي لازمي آهي ته باطني هجي.احساس ڪرڻ وارو ئي احسان ڪندڙن جي فهرست ۾ شامل ٿي سگھي ٿو.جيڪو احساس کان محروم آهي اهو احسان ڪرڻ ۽ احسان مڃڻ جي صلاحيت کان به محروم آهي.سماج احساس ۽ احسان جي ٻانهن ۾ پرورش پائيندا آهن.بيوسن جي مجبورين جو فائدو کڻڻ جو هنر رڳو بي حس ماڻهن وٽ جنم وٺي ٿو.ذاتي مفاد کي گڏيل مفاد تي ترجيح ڏيڻ رڳو ڪنهن بي حس ماڻهن جو شيوو هوندو آهي.بي حسيء جي انتها غفلت آهي ۽ غفلت تڪبر سميت سمورن گناهن جي شروعات هوندي آهي.بي حس شخص ٻين جي جذبن کي پنهنجي انا جي بوٽن هيٺان لتاڙيندو ويندو آهي ۽ هن کي ان جو ايترو احساس به نه ٿيندو آهي جيترو ڪنهن روڊ تي هلندڙ عام ماڻهوء کي پنهنجن پيرن هيٺان ايندڙ خزان رسيده سڪل پن جي چرچراهٽ سان ٿيندو آهي.بي حسيء جو سڀ کان وڏو نقصان اهو آهي جو زيان جو احساس هليو ويندو آهي.بي حسيء جي پهرين نشاني اها هوندي آهي ته وقت جي زيان جو احساس نه رهندو آهي.بي حس انسان پنهنجو وقت به ضايع ڪندو آهي ته پاڻ سان گڏ ٻين جو وقت به وڏي بي رحميء سان ضايع ڪندو آهي.جيڪر پنهنجي زيان جو احساس پيدا ٿي پوي ته سڌاري جي اميد قائم رهي ٿي  پر جڏهن زيان جو احساس ئي مري وڃي ته ظاهري ۽ باطني ترقيء جا سڀ رستا هميشه لاء بند ٿي ٿا وڃن.
بي حسيء جي زهر جو ترياق اهو آهي جو ڪنهن احساس جي صاحب جي سنگت اختيار ڪجي.جهڙي سنگت هوندي آهي اهڙي ئي سوچ جڙندي آهي ۽ جهڙو خيال هوندو آهي اهڙو ئي حال ترتيب وٺندو آهي.خوشحال ٿيڻ لاء خوش خيال هئڻ ضروري آهي!



(روزاني هلال پاڪستان 18 فيبروري 2019ع)

Tuesday, February 19, 2019

پاڪ سعودي لاڳاپا،تاريخ جي آئيني ۾.



شفيق الرحمان شاڪر

سعودي عرب جو ولي عهد شهزادو محمد بن سلمان 16 فيبروريء کان پاڪستان جي دوري تي اچي رهيو آهي.هن دوري جي حوالي کان زور شور شان تياريون ٿي چڪيون آهن.ولي عهد جو اهو دورو پاڪ سعودي لاڳاپن ۾ هڪ نئين صورت،نئون رخ ۽ نئون باب ثابت ٿيندو.
سعودي عرب پنهنجي اندر ٻن مقدس شهرن مڪي ۽ مديني سبب پوري دنيا جي مسلمانن جي دلين جي ڌڙڪن آهي. عرب دنيا جي ان وڏي ۾ وڏي ملڪ جو بنياد شاهه عبد العزيز بن عبد الرحمان السعود 3 سيپٽمبر 1932ع تي رکيو هو.2015ع ۾ شاه عبدالله جي وفات بعد هاڻوڪي بادشاهه شاه
سلمان بن عبدالعزيز جي ڪلهن تي حڪومت جي ذميداري آئي آهي جنهن کي هن رات ڏينهن هڪ ڪري جديديت جو وڻندڙ ميلاپ بنائي ڇڏيو آهي.آل سعود سندن ملڪ جي ماڻهن جو معيار زندگي بلند ڪرڻ ۽ انهن کي زندگيء جون سڀ سهوليتون مهيا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي۽ هن وقت سعودي عرب ترقيء ۽ خوشحاليء جي سفر تي گامزن آهي.سعودي عرب نئين ٽيڪنالاجيء تي عمل ڪندي دنيا کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو آهي.1351هجريء جو ڏينهن هو جڏهن سعودي عرب جي باني شاه عبدالعزيز هڪ ٽڙيل پکڙيل ملڪ کي متحد ڪري اسلامي اصولن تي ٻڌل گڏيل رياست جو اعلان ڪيو. 5 جنوري 1902ع تي شاه عبدالعزيز گاديء واري شهر رياض کي آزاد ڪرايو.شاه سعود 1953ع کان 1964ع تائين اقتدار جي گادي سنڀالي جنهن بعد شاه فيصل شهيد 1964ع کان 1975ع تائين اقتدار ۾ رهيو.ان بعد شاه خالد آيو جيڪو 1982ع ۾ گذاري ويو.سندس دور ۾ تيل جي آمدنيء مان ترقيء جون نيون واٽون کليون ۽ معيشت مضبوط ٿي.1982ع کان 2005ع تائين شاه فهد بن عبدالعزيز سعودي عرب جو ڇهون بادشاهه رهيو.شاهه عبدالله جي دور ۾ بي پناه تعمير ۽ ترقي ڏسڻ ۾ آئي.مسجد حرام،مديني مبارڪ،حج جي مقدس جاين،منيٰ،عرفات،مزدلفه ۾ واڌاري ۽ ترقيء جا ڪيترائي منصوبا مڪمل ڪيا ويا.سعودي عرب پاران شاهه سلمان ڪابينا جي اجلاس ۾ ويزن 2003ع جو اعلان ڪيوجنهن جي پويان اصل سوچ نوجوان شهزادي محمد بن سلطان جي ڪم ڪري رهي آهي.شهزادو محمد بن سلمان ان عظيم سلطنت جو پهريون نوجوان ولي عهد آهي جنهن کي خادمين حرمين شريفين شاه سليمان بادشاه جي طور تي مقرر ڪرڻ وارو آهي.اهڙيء طرح سعودي عرب جي تاريخ هڪ نئون موڙ وٺڻ واري آهي.دهشتگردي،انتها پسندي ۽ انهيء سوچ کي ختم ڪرڻ لاء چاليهن کان مٿي مسلمان ملڪن جي عسڪري اتحاد جي جوڙجڪ جو مقصد دهشتگرديء کي پاڙان پٽڻ آهي جنهن جي سربراهي هن وقت پاڪستان جي اڳوڻي فوجي سپهه سالار جنرل راحيل شريف جي هثن ۾ ڏني ويئي آهي.
پاڪ سعودي لاڳاپا مذهبي ۽ تاريخي لحاظ کان نهايت ئي خوبصورت ۽ مضبوط رهندا ٿا اچن.تمام گھٽ ماڻهو ڄاڻن ٿا ته پاڪ سعودي لاڳاپن جي تاريخ پاڪستان جي ٺهڻ کان به اڳ جي آهي.پاڪستان ٺهڻ کان اڳ 1946ع ۾ قائد اعظم ايم ايڇ اصفهاني ء  جي اڳواڻيء ۾ مسلم ليگ جو هڪ نمائندا وفد گڏيل قومن ڏانهن موڪليو.ان وفد جي ذمي اهو ڪم ڪيو ويو هو ته تحريڪ پاڪستان لاء عالمي اڳواڻن جي حمايت ۽ تائيد حاصل ڪئي وڃي.گڏيل قومن جو اجلاس شروع ٿي چڪو هو تڏهن جيئن ته پاڪستان اڃا نه ٺهيو هو ان ڪري مسلم ليگ جي وفد کي اجلاس ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو.ان وقت سعودي وفد جي قيادت شهزادو فيصل بن عبد العزيز جيڪو بعد ۾ سعوديء جو بادشاهه بڻيو اهو ڪري رهيو هو.جڏهن هن کي خبر پيئي ته هو پاڻ ٻاهر نڪري آيو ۽ نه رڳو مسلم ليگ جي وفد سان ملاقات ڪيائين بلڪه پنهن جي هوٽل ۾ هڪ مانجھاندو رکيائين ۽ عالمي اڳواڻن کي ان ۾ دعوت ڏنائين ۽ انهن کي چيائين ته ننڍي کنڊ جي مسلمانن جو وفد اوهان سان پنهنجو موقف ونڊڻ گھري ٿو اهڙيء طرح نيويارڪ جي ان هوٽل ۾ وفد پنهن جو موقف عالمي اڳواڻن سامهون پيش ڪيو.
پاڪستان وجود ۾ آيو ته مرحوم شاهه عبدالعزيز السعود پهريون اڳواڻ هو جنهن قائد اعظم محمد علي جناح کي ٽيليفون ڪري مبارڪباد پيش ڪئي هئي.اوڀر پاڪستان بنگلا ديش بڻيو ته شاهه فيصل ايترو ته ڏکايل هو جو پاڪستان جي بنگلاديش کي تسليم ڪرڻ کان پوء به ڪافي عرصي تائين شاهه فيصل بنگلاديش کي تسليم نه ڪيو هو.
زلزلن،طوفانن،جنگين،ايٽمي ڌماڪن ۽ پابندين ۽ ضرورت جي هر وقت سعودي عرب اڳيان وڌي سدائين دوستيء جو سهڻي نموني حق ادا ڪيو.جواب ۾ پاڪستان به ڪنهن جي پرواهه ڪرڻ سواء سدائين سعودي عرب سان پنهنجن لاڳاپن کي ڪڏهن به متاثر ٿيڻ نه ڏنو آهي. سعودي عرب جي دفاع ۽ سلامتيء کي جڏهن به ڪو معمولي خطرو سامهون آيو ته پاڪستان هر دٻاء ۽ تنقيد کان بي نياز ٿي سدائين سعودي عرب جو ساٿ ڏيندو رهيو آهي. پاڪستان ۾ ڪيئي جايون،روڊ ۽ رستا سعودي بادشاهه شاهه فيصل جي نالي سان منسوب آهن،مثال،فيصل آباد،فيصل مسجد،فيصل ٽائون،فيصل ڪالوني وغيره جيڪو پاڪستاني عوام جو شاهه فيصل مرحوم سان سندن بي مثال محبت ۽ عقيدت جو ثبوت آهي جڏهن ته سعودي گاديء واري هنڌ رياض ۽ جدي شهر ۾ “شارع محمد علي جناح“ جي نالي سان سڙڪون موجود آهن.
سعودي عرب خلوص ۽ قربانين جي تاريخ لکندڙ پاڪستانين جي خدمتن جو سدائين دل کولي اعتراف ڪيو آهي.جدي ۾ 26 نومبر 2009ع تي ايندڙ خطرناڪ سيلاب ۾ پاڪستاني مزدور فرمان علي خان جڏهن پنهنجي جان سان کيڏي چوڏهن سعودي شهرين جي جان بچائي ته سعودي عوام ۽ حڪومت فرمان عليء جي ان قربانيء تي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو.سعودي حڪومت فرمان علي کي شهادت بعد نه رڳو پنهنجو اعليٰ سول اعزاز عطا ڪيو بلڪه جدي جي هڪ شاهراهه کي به فرمان عليء جي نالي سان منسوب ڪيو.
شهزادي محمد بن سلمان جي هاڻوڪي دوري جي نتيجي ۾ حڪومت ۽ عوام جي سطح تي سعودي عرب۽ پاڪستان وچ ۾ لازوال لاڳاپا نئين دور ۾ داخل ٿيڻ تي آهن.شهزادي محمد بن سلمان جو هاڻوڪو پاڪستان جو دورو جتي ماضيء جي لاڳاپن جو تسلسل ته آهي ئي پر ان ۾ نرالي شيء اها آهي جوماضيء ۾ اسان جي نا عاقبت انديش حڪومتن سعودي عرب سان واپار تي ڌيان نه ڏنو. هن دوري جي خاص ڳالهه اها آهي جو پهريون ڀيرو سعودي عرب ۽ پاڪستان گڏجي واپار ۽ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي شروعات ڪري رهيا آهن.
سياسي لحاظ کان سعودي عرب هن خطي ۾ چين ۽ پاڪستان سان ملي ڪري هڪ مضبوط بلاڪ جوڙڻ جو ارادو رکي ٿو جنهن طرف سعودي توانائيء جي وزير گوادر ۾ بيهي اشارو ڪيو هو.اهو دورو ٻنهي ملڪن جي وڻندڙ لاڳاپن ۾ هڪ نئون سنگ ميل ۽ يادگار موڙ ثابت ٿيندو.

  
(روزاني هلال پاڪستان 16 فيبروري 2019ع)

Sunday, February 17, 2019

دعوائن جي ديس ۾ سچائين جي صورت!



شفيق الرحمان شاڪر
چوڌاريء خوش گمانين جون صدائون اچي رهيون آهن،دلين وندرائڻ واري راند وري هلي رهي آهي.چهرا بدلجي ويا آهن،چيو پيو وڃي ته ملڪ کي يورپ بنائينداسين،ان کان اڳ به ڪن اها دعوايٰ به ڪئي هئي ته ڪرپشن جو ڏوڪڙ پيٽ ڦاڙي ٻاهر ڪڍنداسين.ڏوڪڙ ته نه نڪتو پر اهي پاڻ ڪرپشن جي اونهي ڪن ۾ ڪري پيا.ڀلو ٿئي نئين ٽيڪنالاجيء جو ماضيء ۾ ڪيل هر ڳالهه ،هر دعويٰ جو ڪلپ ڪيترائي ڀيرا هلي ٿو پر نڪ جي ڏاڍائي ترقيء جي هر شڪل تي ڇانيل آهي.اسان ته پاڪستان کي پاڪستان ڏسڻ کان به سڪي ويا آهيون،اسان جون اکيون ٿڪي پييون آهن.اسان جي دل،دماغ ۽ اسان جو وجود اوهان جي دلاسن کي اميد جو ڪرڻو سمجھي ويٺو آهي.اسان کي ايڪويهين  صديء جو نه ته گھٽ ۾ گھٽ ويهين صديء جو ئي پاڪستان ڏيو.پر شايد ان بدنصيب عوام جي جي نصيبن ۾ اهو لکيل ئي ناهي ڇو ته اهي وعدا ڪندڙ،اهي تسليون ۽ دلاسا ڏيندڙ اسان جا رهبر ۽ قائد جن جي آواز ۾ اسان پنهنجن خواهشن جي تڪميل ڏسون ٿا،جن کي اسان سخت گرمي ۽ سرديء ۾،برسات ۽ هوا ۾،دهشتگرديء جي خطرن ۾ قطارن مٿان قطارون ٺاهي ووٽ ڏيون ٿا،جن جي صدائن تي جانين جا نذرانا ڏيون ٿا،اهي اسان کان ملڪ جي ترقيء جي نالي تي ٽيڪس وصول ڪن ٿا،اهي اسان کان هر قسم جون قربانيون گھرن ٿا،اهي اسان کي ڪڙيون گوريون کائڻ لاء چون ٿا ۽ اسين هر بار اهي ڪڙيون گوريون کائيندا رهون ٿا پر اهي اسان سان ڪيل سمورا وعدا ڀلجي وڃن ٿا.ان بيوفا محبوب جيان جيڪو وعدو ته پورو نٿو ڪري پر ڪنهن ٻئي هرجائيء يعني دولت جي پيار ۾ ديوانو بڻجي وڃي ٿو ۽ويچارو عاشق يعني عوام دلاسن جي ڄار ۾ ڦاسي سڄي زندگي پيار جو روڳ کڻي جيئي ٿو.ڇا ڪڏهن حڪمرانن اسان کي جديد طرز جي تعليم ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.ڇا انهن ڪڏهن اسان کي اسپتالن ۾ ذليل ۽ خوار ٿيڻ کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي،ڪڏهن انهن سوچيو ته اسان کي به سستو انصاف ملڻ گھرجي.چون ٿا ته اسان پاڪستان کي پڙهيل لکيل ۽ ترقي يافتا پاڪستان بنائينداسين پر ڏسي وٺو،اڄ به لکين ٻار اسڪول وڃڻ کان پري آهن،گھٽ ۾ گھٽ 28 سيڪڙو ٻارڙا اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪري نٿا سگھن.پرائمري اسڪولن کان سيڪنڊري اسڪولن ۾ تعليم جو سلسلو ٽٽڻ جي شرح پنجاهه سيڪڙو آهي.فاٽا ۾ 542 ڇوڪرن جا ۽ 108 ڇوڪرين جااسڪول ڪم نه ڪري رهيا آهن.سنڌ جون سورهن سيڪڙو عورتون پرائمريء تائين تعليم حاصل ڪري سگھن ٿيون.بلوچستان ۾ اها شرح رڳو اٺ سيڪڙو آهي.سنڌ جا اڪثر اسڪول وڏيرن جون اوطاقون بڻيل آهن يا وري مال جا واڙا بنجي ويا آهن.ڇا انهن حڪمرانن عوام کي جهالت جي اونداهين مان ڪڍي علم جي روشني مهيا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.پبلڪ هيلٿ ڪيئر سسٽم فلاپ ٿي چڪو،ڊاڪٽر روز روز هڙتالن تي هليا وڃن ٿا،ليڊي هيلٿ ورڪرز سندن نوڪرين کي بهتر بنائڻ جا مطالبا ڪن ٿيون پر عوام آهي جو بيمارن جو سمورو وقت انتظار،اذيت،تڪليف،رستن يا موت جي بستري تي گذري ٿو.جيڪر عوام ڪجهه ڪري به ٿو ته اهو جو حڪمرانن کي ڪجهه پٽون پاراتا ڏييو وٺي.صحت جي بجيٽ وفاقي بجيٽ جو رڳو 0.42 سيڪڙو آهي.ڪينسر،هيپاٽائيتز،پوليو،ڊينگي بخار،بلڊ پريشر ۽ شگر وغيره جا مرض ڏينهون ڏينهن ترقي ڪري رهيا آهن.دوائن جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن.علاج معالجو نهايت ئي مهانگو هئڻ سبب غريب جي پهچ کان ٻاهر نڪري ويو آهي.ڇا انهن حڪمرانن کي رتيء برابر به ڪا ڳڻتي آهي ته غريب ڪيستائين ايئن جيئري دفن ٿيندا رهندا؟انصاف جي ساهمي لڏي رهي آهي،ڪنهن غريب جي جرئت ناهي جو شاهي محل جي گھنٽي وڄائي سگھي ۽ ترت بادشاه سلامت پنهنجي قانوني مشيرن سميت عدالت لڳائي غريب ڌنار کي انصاف ڏيئي سگھي.هتي ته بار بار اين آر او جهڙا ڪارا قانون ايندا رهيا،قاتل آزاد ٿيندا رهيا ۽ مقتولن جا وارث پٽيندا رهيا.ڪارو ڌن سفيد ٿيندو رهيو،شهري ڏينهن ڏٺي غائب ٿيندا رهيا،لا پتا ماڻهن جون ٻڌڻيون سالن تائين ٿينديون رهيون پر سندن گھر وارا انهن جي شڪل ڏسڻ لاء سڪندا رهيا.ڪو به قانون جڙي ٿو ته فقط ڪمزور ۽ غريب لاء،ڏاڍن لاء ڪو قانون حرڪت ۾ نٿو اچي.پوري ملڪن جي سرڪاري زمينن تي قبضا ٿي ويا پر قانون سڪون جي ننڊ سمهيو رهيو.ملير نديء جي بجري وڪڻي اربين روپيا ڪمائيندڙ بااثر ۽ ظالم سرڪاري عملدار هاڻي ان ئي ملير نديء کي ڪچري سان ڀرڻ ۽ ٻيو گجر نالو بنائڻ وارو عمل تيزيء سان مڪمل ڪري رهيا آهن.ڪراچي مسائلستان بڻجي چڪو آهي.هر هنڌ گندگيء جا ڍير نظر اچن ٿا،حڪمران ٻين ڌنڌن ۾ مست آهن.سنڌ جون ٻهراڙيون پراڻن کنڊرن ۾ بدلجي چڪيون آهن.ماڻهن جي جان،مال ۽ عزت محفوظ رکڻ ۾ پوليس بريء طرح ناڪام ٿي چڪي آهي.فصل ته ٺهيو پر سنڌ کي پيئڻ جو پاڻي به نه پيو ملي.درياء سڪو پيو آهي ۽ ويچارو عوام بيوسيء جي تصوير بڻيو خدا کي ٻاڏائي ۽ حڪمرانن کي بد دعائون ڏيئي رهيو آهي.


(روزاني هلال پاڪستان)

Thursday, February 14, 2019

رائو انور کان رحيم شاهه تائين!



شفيق الرحمان شاڪر

اقتدار،اختيار ۽ پئسو اهي بنيادي سبب آهن جيڪي ڪنهن به انسان ۾ فرعونيت،رعونيت، بربريت، حيوانيت،سفاڪيت ۽ درندگي جهڙا عنصر پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.جڏهن ڪنهن شخص ۾اهڙي گدلاڻ جنم وٺي ٿي ته اهو پنهنجي طاقت ۽ پهچ مطابق هر اهو ڪم ڪري وٺي ٿو جنهن تي نه رڳو انسانيت شرمسار ٿئي ٿي پر سماج يا رياست هن جي اهڙين ڪڌين حرڪتن سبب تهمت هيٺ اچيو وڃي.هو جيترو گھڻو اقتدار،اختيار ۽ دولت جي نشي ۾ چور ٿيندو ويندو آهي اوتروئي سندس بدبودار وجود ۽ گدلو ڪردار وڌيڪ اسرندو ويندو آهي.هن جي خبيث ۽ پليد ذهن ۾ اها ڳالهه پڪي ٿيندي ويندي آهي ته  هن لاء هر اهو ڪم جنهن سان مخلوق خدا کي اذيت ۽ آزار پهچي اهو سندس بنيادي حق آهي.هو ئي آهي جيڪو سماج ۾ چڱو مڙس ۽ ٻين کان اعليٰ ۽ مٿانهون آهي.اهڙو شخص نهايت ئي زهريلو بڻجي سامهون ايندڙ هر رڪاوٽ کي هٽائڻ ضروري سمجھندو آهي،ڪنهن جي عزت،عصمت ايستائين جان ۽ مال کي تباهه ڪرڻ به هو پنهنجو حق سمجھندو آهي.عام طور تي جھنگ ۾ درندن جي درندگيء تي به اها ڳالهه سامهون اچي ٿي ته انهن جهڙي سفاڪيت شايد ٻيو ڪنهن وٽ به نه هوندي پر انهن سڀني کان وڌي ڪري هن زمين جي گولي تي جيڪو سڀني کان وڌيڪ سفاڪ،خطرناڪ،زهريلو۽ سنگدل آهي سو انسان ئي آهي.ان لحاظ کان دنيا جو هر جانور سندس مقابلي ۾ ڪجهه به ناهي.جھنگ ۾ درندا پنهنجي کاڌي لاء ڪنهن ٻئي جانور جي ٽڪا ٻوٽي ڪندا آهن پر انسان پنهنجو پاڻ کي ٻي انساني مخلوق کان اتم ۽ اعليٰ ثابت ڪرڻ لاء نه رڳو قتل ۽ غارت گري ڪري ٿو بلڪه هو ان مان مزو به حاصل ڪري ٿو.ايئن ڪندي هن جي سوچ کي سڪون ملندو آهي.اصل ۾ انساني زهر سندس زبان يا ڏندن وغيره ۾ نه ٿيندو آهي بلڪه سندس دل ۾ ٿيندو آهي جنهن کي هو پنهنجي غليظ ۽ گندي ذهن سان ٻين جي تباهي ۽ برباديء لاء استعمال ڪندو آهي. هونئن ته دنيا هر حصي ۽ زندگيء جي هر شعبي ۾ اهڙا لعنتي ڪردار کوڙ آهن پر پاڪستان اهڙن ڪردارن سان ڀريو پيو آهي.هن رياست ۾ جتي هڪ طرف سٺن ماڻهن جي کوٽ ڪانهي اتي اهڙن زهر سان ڀريل نفسياتي مريضن جي به ڪت ويائي پيئي آهي.ستم اهو جو اهڙن گندن ڪردارن کي مهٽڻ،ميٽڻ،مسلڻ،دٻائڻ،لتاڙڻ ۽ هيسائڻ جو ڪردار اهي ماڻهو به ادا نه ڪن جن جي هٿن ۾ رياست جي واڳ آهي بلڪه اهي ابتو جيڪر انهن منحوس ۽
بدبودار وجود ن کي هر نموني سان بچائڻ جي ڪوشش ڪن ته پوء معاملا نهايت ئي منجھي وڃن ٿا.هتي انهن باختيارن جو جوڙيل نظام ئي ايترو منجھيل ۽ غريب دشمن آهي جنهجو بيان ئي ڪري نٿو سگھجي.ملڪ ۾ افراتفري،بد امني،قتل ۽ غارت گريء جو بنيادي سبب ئي اهو آهي جو اهڙا ڏوهاري ماڻهو پنهنجو پاڻ کي هر قسم جي قانون کان مٿانهون سمجھن ٿا.اهي سندن رستي ۾ ايندڙ هر شيء کي لتاڙيندا هليا ويندا آهن.انهن جا نالا ۽ چهرا جدا جدا ٿي سگھن ٿا،سندن ذات يا قوم به الڳ الڳ ٿي سگھي ٿي پر اهي اندران سڀ هڪجهڙا آهن،انهن جي ذهني حالت ساڳي ۽ سندن سوچ جي خرابي گڏيل آهي.رائو انور هجي يا رحيم شاهه انهن سڀني جو مذهب ساڳيو ۽ سندن سوچ ساڳي آهي.اهي هن سماج جا داداگير ۽ گھڻن جا کاٽائو پٽ آهن.هيستائين ته حالتڻ ۽ واقعن اهو ئي ثابت ڪيو آهي ته اهي حڪومت ۽ رياست کان به ڏاڍا آهن.جنهن کي گھرن هن زمين تي جيئڻ جو حق عنايت ڪن ۽ جنهن کي گھرن تنهن کان جيئڻ جو حق کسي وٺن.ان ڪري جو اهي ئي اصل رياست ۽ اهي پاڻ ئي قانون آهن.هتي رڳو ڪو هڪڙو رائو انور يا رحيم شاه ته ڪونهي بلڪه گھٽيء گھٽيء اهڙا سوين رائو ۽ رحيم شاهه انسانن کي جانورن جيان ڪهندا رهن ٿا پر ڪوبه سندن وار ونگو ڪري نٿو سگھي جو انهن جي نسن ۾ اتم خون آهي. نقيب الله ڪيس جو نوٽس سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ورتو هو پر سنڌ پوليس جي هن طاقتور آفيسر جيڪو اڄ به دهشت جي نشاني بڻيل آهي انهيء تي ڪهڙو فرق پيو.کيس منٿون ڪري ڪورٽ ۾ حاضر ڪيو ويو ۽ کيس عيش عشرت سان زندگي گذارڻ جا سڀ موقعا اڄ به مهيا آهن.سندس ساراهه ڪندڙ اڄ به ان موقف تي قائم آهن ته هو هڪ بهادر ٻچو آهي.جڏهن رياست اندر اهڙن ماڻهن پنهنجي الڳ رياست قائم ڪري رکي هجي ۽ رياستي ادارا نه رڳو ته اهو سڀ تماشو ڏسي رهيا هجن بلڪه اهڙن ظالمن جي ڪنهن نه ڪنهن نموني مدد به ڪندا هجن ته پوء ملڪ جي روڊن رستن تي اهي ئي دردناڪ منظر ڏسڻ لاء ملڻا آهن جيڪي اسان هر روز ڏسي رهيا آهيون. جيستائين هر رائو انور جي ڳچيء ۾ ڳٽ نٿو پوي ته هر رحيم شاهه جا هٿ به بي گناهن جي رت سان ايئن ئي رڱبا رهبا.جيستائين  هر عذير بلوچ تي عنايتون ٿينديون رهنديون تيستائين سوين،ماما، ڪاڻا،لولا ۽ لنگڙا ماڻهن کي جيئري ساڙيندا رهندا.جهنگ م به ڪو قانون هوندو آهي پر هن ڌرتيء تي قانون جو جيڪر نظارو ڪرڻو آهي ته هيٺين عدالتن،جيلن ۽ ٿاڻن ۾ وڃي ڏسو جتي غربت ۽ انهن دنيائي خدائن هٿان ذليل ٿيندر لکين لاچار،بيوس ۽ ڪمزور انسان ڌڪا کائيندي، سڙندي ٻرندي، بي عزت ٿيندي ۽ لتر کائيندي نظر ايندا.دنيا جو ڪهڙو قانون ايئن ڪنهن کي قانون پنهنجي هٿن ۾ کڻڻ جي اجازت ڏئي ٿو؟ پر نه هتي ايئن ئي ٿئي ٿو ۽ آئيندي به ٿيندو رهندو جو هتي رائيفلن جو راڄ آهي.اڄ مئين يا سڀان مئين جو راڄ رائيفلن جو آ.رڳو گذريل سال ڪراچيء ۾ 146 ماڻهن جو عدالتن کان مٿانهون قتل ٿيو پر سزا ڪنهن ڪنهن کي آئي؟ رڳو اڪيلو  ارشاد رانجهاڻي ئي ناهي جيڪو ڪنهن ستمگر جي ستم جو نشانو بڻيو آهي هتي ته روز ڪئين ارشاد پنهنجون جوانيون وڃايو ويهن ،ڪئين رمشا ئون بي سبب زنده درگور ٿين ٿيون انهن سماجي درندن هٿان جيڪي اڄ به رڳو انڪري ڏاڍا آهن جو قانون کي سندن ڳچين ۾ هٿ وجھڻ جي اڃا همت نه ٿي سگھي آهي.جڏهن رحيم شاه جهڙا داداگير پوري سماج کي يرغمال بڻائي وٺن ته پوء رياست کي بهرحال اهو جواب ته ضرور ڏيڻو پوندو ته ڪير ڏاڍو آهي رحيم شاه يا رياست؟
(روزاني عوامي آواز 12 فيبروري 2019ع)

Wednesday, February 13, 2019

ڇاهاڻي فوجي عدالتن جي ضرورت ناهي رهي؟


شفيق الرحمان شاڪر
اسان جي ملڪ ۾ ان کي بدقسمتيء سواء ٻيو ڪهڙو نالو ڏجي جو ڪو وڏي ۾ وڏو قومي ۽ حساس معاملو به سياست جي ور چڙهيو وڃي ۽ انهيء تي اهڙي ته غير ذميداريء سان گفتگو ٿئي ٿي جو ڄڻ ته اها به ڪا سياسي راند هجي.2015ع۾ آرمي پبلڪ اسڪول ۾ 140 ڄڻن جي شهادت جن ۾ گھڻو انگ ٻارن جو هو نواز شريف حڪومت دوران فوجي عدالتون قائم ڪيون وييون هيون.توڙي جو ان دردناڪ واقعي کان اڳ به سوين نه پر هزارين بي گناهه ان دهشتگرديء جو شڪار ٿي چڪا هئا پر خير ان واقعي بعد ئي سهي پر رياستي ادارا دهشتگرديء جي پاڙ پٽڻ لاء سنجيدا ٿيا.سڀني سياسي جماعتن گڏجي هڪ نيشنل ايڪشن پلان ترتيب ڏنو جنهن تي بدقسمتيء سان ڪو خاطر خواهه عمل حڪمرانن طرفان نه ٿي سگھيو تنهن هوندي به فوجي عدالتن جي قائم ٿيڻ سان دهشتگرديء کي ٻنجو ڏيڻ ۾ گھڻي مدد ملي.انهن عدالتن جي ڪارڪردگيء کي ڏسندي 2017ع ۾ انهن جي مدي ۾ وري ٻن سالن جو واڌارو ڪيو ويو جيڪو مدو هاڻي وري پورو ٿي رهيو آهي.انهن چئن سالن ۾ 546 ڪيسن ۾ 717 ڏوهارين کي موت جي سزا ۽ 234 ڄڻن کي عمر قيد جي سزا ڏني ويئي جڏهن ته انهن مان 310 جي موت واري سزا تي عمل به ٿي ويو.فوجي عدالتن جي ان ڪارڪردگيء جي جيڪر عام عدالتن سان ڀيٽ ڪجي ته دهشتگردن کي مليل سزائن جو اهو انگ وڏو آهي.سوال اهو آهي ته فوجي عدالتون جوڙڻ جي آخر ضرورت ڇو پيش آئي؟ ان ڪري جو پاڪستان ۾ عام عدالتي نظام ايترو موثر ناهي جو خطرناڪ قسم جي دهشتگردن کي ايترو جلدي ۽ آسانيء سان سزا ڏيئي سگھي.ان جا ڪيترائي سبب آهن.انهيء ئي حقيقت کي سامهونن رکندي سپريم ڪورت پڻ انهن عدالتن جي قيام تي پنهنجي رضامندي ظاهر ڪئي هئي.جڏهن دهشتگردن خلاف خاص عدالتن جي ڳالهه ٿئي ته ڪجهه سياستدان ۽ دانشور اهو دليل ڏيڻ لڳن ٿا ته انهيء سان انساني بنيادي حقن جي خلاف ورزي ٿيندي.ڪنهنجي حقن جي؟ انهن ظالم دهشتگردن جي جيڪي ماڻهن کي جانورن جيان بي درديء سان ڪهن ٿا ؟ انهن هزارين مقتولن ۽ مظلومن جي حقن جو ڇا ٿيندو جيڪي بنان ڪنهن ڏوهه جي انهن دهشتگردن جي ڪيسن جو کاڄ بڻجي ويا يا بڻجي سگھن ٿا.انساني بنيادي حقن،آئين ۽ عام قانونن جي ڳالهه رڳو تڏهن مناسب لڳي ٿي جڏهن ملڪ ۾ عام حالتون به هجن.اڄ اسان کي دهشتگرديء جي شدت ان ڪري محسوس نٿي ٿئي جو انهن خلاف ٿيل سخت ڪاروائين سبب اها اڄ ساڳي شڪل ۾ اسان وٽ نه رهي آهي،انهيء مهم ۾ جتي انهن عدالتن ڪجهه پنهنجي حصي جو ڪم ڪيو آهي اتي قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي هزارين جوانن پنهنجون جانيون به قربان ڪيون آهن.اهو امن رڳو سياستدانن جي تقريرن ۽ ڪجهه دانشورن جي ڀاشڻن سان نه آيو آهي.سالن کان دهشتگرديء جو جن بوتل کان ٻاهر رهيو پر اهي حڪمران سڪون جي ننڊ سمهي رهيا هئا.ڪراچيء ۾ سياست جي پردي ۾ جيڪا دهشتگردي ٿيندي رهي ڇا رينجرز سواء رڳو پوليس انهيء کي ڪنٽرول ڪرڻ جي پوزيشن ۾ هئي.ٻي ڳالهه اها ته خود حڪومت ۾ شامل ڌريون به ڪنهن نه ڪنهن نموني انهن دهشتگردن وٽ يا ته يرغمال بڻيل هيون يا وري ڪن خاص مقصدن هيٺ انهن جي مدد ڪنديون رهيون.آئين ڪو خلا ۾ نافذ ناهي ٿيندو،آئين عوامي ڀلائي ۽ رياست جي بيوس شهرين جي حفاظت لاء هوندو آهي ۽ حڪومتن توڙي چونڊيل نمائندن جي اها پهرين ۽ بنيادي ذميداري هوندي آهي ته اهي پنهنجن پر امن ۽ بي گناهه شهرين کي دهشتگردن کان بچائين.اهي جڏهن انهن خاص قسم جي عدالتن کي آئين کان مٿانهون ڄاڻائي انهن تي اعتراض ڪن ٿا ان وقت ان سوال جو جواب ڇو نٿا ڏين ته آخر انهن حڪومتن ۾ هيترو ڊگھو عرصو رهندي به ملڪ جي عام عدالتي نظام کي ايترو موثر ۽ مفيد ڇو نه بنايو جو اهڙين عدالتن جي ضرورت ئي نه رهي.انهن پنهنجي ئي ترتيب ڏنل نيشنل ايڪشن پلان جو ڇا حشر ڪيو.هونئن به دنيا ۾ جتي به ڪو ملڪ دهشتگرديء وارين حالتن کان گذري ٿو اتي خاص قسم جا قانون سامهون اچن ٿا جو عام قانون ۽ طريقن موجب ايڏي منظم دهشتگرديء جو مقابلو ڪري نٿو سگھجي.ڇا ڀارت والاريل ڪشمير ۾ عام عدالتن ۽ عام قانون ذريعي فيصلا ڪري رهيو آهي.ڇا آمريڪا ۾”پيٽرياٽ قانون“ موجود ڪونهي.جمهوريت پاران ڏنل بنيادي حق دهشتگرديء سان گڏ ڪيئن ٿا هلي سگھن.هاڻي جڏهن دهشتگرديء کي ملڪ ۾ هڪ ڪاپاري ڌڪ رسي چڪو آهي ۽ اسان پرامن پاڪستان طرف پير وڌائي رهيا آهيون ته ڇا هڪ دفعو وري انهن دهشتگردن کي موقعو ڏجي ته اهي واپس پنهنجا پير پختا ڪرڻ شروع ڪري ڏين،اها ته وڏي بيوقوفي ٿيندي.انهيء معاملي تي سياست ڪرڻ بدران ٿڌي دماغ سان سوچڻ جي ضرورت آهي.رڳو آئين جي گردان پڙهڻ سان ماڻهن کي دهشتگردن کان بچائي نٿو سگھجي جو اهي ته ڪنهن به آئين جا پابند ئي ناهن،اوهان جي رياست کي مڃين ئي نٿا ته پوء انهن جي حوالي سان ڪنهن آئيني مجبوريء جي ڳالهه ڪرڻ جو ڪهڙو مطلب؟ماضيء ۾ ڪيترائي ڀيرا خطرناڪ دهشتگرد پوري دٻدٻي سان ڪراچيء جي پوليس ٿاڻن مان باسلامت نڪري آيا ان ڪري جو ان وقت جي حڪمران جماعتن جو سياسي مفاد انهن سان ڳنڍيل هو.ايستائين جو انصاف جي ڪٽهڙي تائين ته پهتا پر هاڻوڪن قانونن ۽ گواهن کي مليل جاني ڌمڪين سبب گھڻا منجھائن ڇٽي ويا جنهن سان نه رڳو انهن بيهر دهشتگردي شروع ڪري ڏني پر سندن خلاف ڪاروائين ۾ حصون وٺندڙ بهادر پوليس عملدارن مان به گھڻن کي زندهه نه ڇڏيو ويو.سو سياستدانن کي ڏاهو ٿيڻ گھرجي،مسئلي جي اهميت ۽ نوعيت سمجھڻ کپي ۽ هر معاملي تي سياست نه ڪرڻ گھرجي.فوجي عدالتن جي قيام تي اعتراض آئين ۽ قانون جي حوالي سان نه پيو ڪيو وڃي پر رڳو ان ڪري جو ٻن وڏين سياسي ڌرين خلاف هن وقت احتساب جو جيڪو عمل هلي رهيو آهي اهي ان معاملي ۾ فوجي عدالتن تي اعتراض ڪري ڪجهه سياسي ڏي وٺ ڪرڻ گھرن ٿا جيڪو نهايت ئي افسوس جوڳو رويو آهي.انهيء  ۾ شڪ ناهي ته اسان جي عام عدالتي نظام ۾ بنيادي سڌارن جي ضرورت به آهي ته قانون سازيء جي به گھرج پڻ.پر اهي ڪم ڪنهن کي ڪرڻا آهن؟جيڪر اڄ تائين اهي ڪم نه ٿي سگھيا اهن ته ان ۾ عوام جو ڪهڙو قصور جن کي هڪ دفعو وري انهن سنگدل دهشتگردن مان سزائن جو خوف ختم ڪري  شهرين کي آسان نشانو بنايو وڃي. سوات ،فاٽا ۽ ڪراچيء ۾ دهشتگرديء جو خاتمو عام حڪومتي مشينريء ذريعي نه ٿيو هو ۽ ڪجهه خاص قدم کڻڻا پيا هئا.ڏهائين تي ٻڌل ڪراچيء جون اونداهيون ڪنهن کان اڃا وسريون ناهن جو ڪنهن هڪڙي دهشتگرد جي چوڻ تي شهر کلندو هو ۽ بند ٿيندو هو.چيو پيو وڃي ته فوجي عدالتون جمهوريت سان ٽڪراء ۾ آهن،سوال اهو آهي ته جڏهن فوجي عدالتون نه هيون ته ان نام نهاد جمهوريت عام شهرين کي ڪيترو دهشتگردن کان بچايو هو؟جمهوريت ۽ آئين جي نالي تي هڪ دفعو وري دهشتگردن کي ڪنڌ کڻڻ جو موقعو هرگز نه ملڻ گھرجي.   
( روزاني هلال پاڪستان)

Tuesday, February 12, 2019

ڪٿي چور سُڃا، ڪٿي ڍور سُڃا.



حافظ سڪندر تنيو
ڌن دولت، عزت، شهرت، ٽرڙائپ جو بکيو ماڻهو، هميشھ چاپلوسي ڪندي سٺن نمبرن ۾ پاس ٿي، وڏن ماڻهن جي ويجهي اچڻ جي ڪوشش ۾ حيا لڄ جون سڀ حدون اورانگھي ويندي به پاڻ کي ڪامياب انسان سمجهندو رهندو آهي، ان ۾ جبي پهريل پير هجي، ڪلهي تي وڏا تمغا سجايل جنرل هجي، واپار ۾ ٺڳيون ڪندڙ سيٺ هجي، سياست منجهھ بدڪاري ڪري پنهنجا ٻيئي جهان خراب ڪندڙ ڀوتار هجي، جتيون سڌيون ڪندڙ ڪامورو هجي، سڀيئي هڪ گھاٽ تان پاڻي پيئندڙ جانورن جيان آهين، گهڻي خوشامد انهن جي ڪئي ويندي آهي جن وٽان ڪجھه نه ڪجهھ ملڻ جو آسرو هوندو آهي، ۽ گهڻو ملڻ وري حاڪمن جي هٿان ئي ٿيندو آهي، سڌريل ملڪن جي سربراهن وٽ قانون مطابق کين ڪجهھ به ڏيڻ جو اختيار نه هوندو آهي، پر اسان جهڙن ملڪن ۾ ملوڪيت جي دور کان اڄ تائين ملڪي وسيلن جي مالڪي حاڪمن جي هٿن ۾ رهي آهي، جڏهن ته يورپ جي سڌريل قومن اهڙا اختيار حاڪمن کان کسي ادارن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيا، جنهن ڪري ڪوئي ماڻهو حڪمرانن جون جتيون کڻڻ لاءِ ڪين ويندو آهي. اھي ئي ماڻهو املھه ماڻڪ بڻبا آهين جن خود داري سان ڳاٽ اوچو رکيو.
ڦِريا به ناهيون، ڦُريا به ناهيون،
اڃا ڪنهن اگھه ۾ گُهريا به ناهيون،
ڪڏهن نه وڪجڻ وڏي آ قيمت،
انهيءَ کان ملهھ ٻيو مٿي ئي ڪونهي،
گهڻا ويا وڪجي، گهڻا ويا لکجي،
اسين اڃا تائين تُريا به ناهيون،
اسان جو ماضي اوهان جي اڳيان،
اسان جو حال به اوهان جي سامهون،
جتي اوهان آ بيهاري ڇڏيو،
چڪاسي ڏس، اتان چُريا به ناهيون.
پاڪستان ۾ سڪندر مرزا جي دور ۾ ان بدعت جو واڌارو ٿيو، وٽس بيک وٺندڙن وڏن ماڻهن جا ٽولا نظر ايندا هئا، ڪوئي روٽ پرمٽ جو طلبگار، ڪوئي ڊيزل پيٽرول جي پرمٽ وٺڻ وارو، ڪوئي امپورٽ ايڪسپورٽ جو لائسنس وٺندڙ، ڪوئي زرعي زمين جو گهرجائو، ڪوئي صنعتي يونٽ لاءِ ڪوڙو قرض گهرندڙ، سنڌي وڏيرو وري بندوق ڪلاشنڪوف جو طلبيندڙ۽ تپيدار، صوبيدار جو سفارشي ٿي رکرائڻ جهڙا ڪم وٺندڙ ڏٺا ويا آهين، جنهن ڪري ادارا برباد ٿي ويا، فرد مضبوط ٿي ٿلها متارا هرهڪ پاسي کان ٿي ويا، سڪندر مرزا کان پوءِ لالو ايوب ڪرسي تي ويٺو ته هن ڪجھه پنهنجي مٺ ڀڪوڙي رکي، هندستان مان لڏي آيل نادار ماڻهن، جيڪي اتي هندن جون ڌوتيون ڌوئيندڙ ڌوٻڪو ڪم ڪندا هئا، سي سنڌين جي ملڪيتن جا مفت ۾ مالڪ ٿي ويا، سندن ڪوڙن ڪليمن ذريعي ايوب خان چيو هاڻي بس ڪريو، هنن جون دعوائون ختم ئي ڪين ٿينديون، جيڪڏهن اهڙي ڀولي بندر بانٽ ٿيندي رهي ته سنڌين کان ته سڀ ڪجھه کسي کين ڏيندا رهيا آهيون، پر اڳتي هلي سرڪار کي زمين ٽڪرو ملڻ مشڪل ٿي پوندو، ان پِن مَڱ ۾ مذهبي مهندارن به وسان ڪين گهٽايو.
هڪ ڀيري ڪراچي صدارتي هائوس ۾ پنجاب جو هڪ پير صاحب فيلڊ مارشل ايوب خان سان ملڻ لاءِ ٽائيم وٺي آيو، کيس 11 وڳي جو ٽائيم مليل هيو، حضرت صاحب صبح جي نماز نوڪر کي پڙهائڻ جو چئي، اچي صدارتي هائوس اڳيان مصلو وڇائي ويهي رهيو، چوڪيدارن جھليس، ميان صاحب! اڃا ڪوئي اٿيو ئي ناهي، دروازا بند ٿيل آهن، هن وقت ڇو آيا آهيو؟چيائين 11 بجي صاحب سان ملڻو اٿم، بهرحال نائين وڳي کيس اندر ٽپايو ويو، ويٽنگ روم ۾ ويهاريو ويس، جتي اڳ ۾ هڪ غير ملڪي مهمان ملڻ جو انتظار ڪري رهيو هيو، پير صاحب ڍڳو پير پيران جيان هلندي صوفي تي سمهي پيو، نظر ڪنهن پاسي نهارڻ گوارا نه پئي ڪيس، صدارتي اسٽاف جا ڪجھه ماڻهو وٽس شرف زيارت حاصل ڪرڻ لاءِ آيا، چيائونس سندن لاءِ دعا گهرو، ويچارن کي اها خبر ئي نه پئي پوي ته جيڪو حاڪم جي در تان گهرڻ آيو آهي، ان جي دعا ٻئي کي ڪهڙو فائدو ڏيندي، پير صاحب پندرنهن وال ويڙهيل چادر مان هٿ ٻاهر ڪڍي تسبيح سميت دعا لاءِ هٿ مٿي ڪندي مِڻ مِڻ ڪرڻ شروع ڪئي، غير ملڪي مهمان ڪڏهن پير صاحب جي ته ڪڏهن عملي جي منهن ڏي تڪي تماشو ڏسي دل وندرائيندو رھيو، دعا کان بعد کين حڪم ٿيو ويجھا اچو، هرهڪ وهريل ڍور جيان پٺي ٺپرائي ويندو رهيو، کين حڪم ٿيو ته وڌيڪ فيض حاصل ڪرڻ لاءِ درگاھ تي ايندا رهندا ڪريو، غير ملڪي مهمان کي ملاقات لاءِ سڏ ٿيو، وري وزيرخارجامنظور قادر سان ملاقات ٿي، آخر ۾ 12 وڳي پير صاحب اندر ويو پنجن منٽن ۾ ٻاهر نڪري آيو، ٻاهر روڊ تي مريدن جو هجوم سائين جي زيارت ڪرڻ لاءِ جهل ئي نه پيو ڏئي، پير صاحب چيو صدر صاحب اڃا ڇڏي ئي نه پيو، نائين کان ٻارهين تائين ويهاري ڇڏيس، چيائين منجهند جي ماني گڏ کائي پوءِ وڃو، مون زبردستي موڪلائي آيس، هڪ هفتي بعد ٽپال ۾ هڪ درخواست پير صاحب جي پنجاب مان موڪليل پهتي، جنهن ۾ لکيل هيو، جناب صدر، آئون خانداني پير آهيان، صوم صلوات جو پابند، ڏينهن جو مريدن کي ذڪر نصيحت ڏيندي گذري ٿو، رات جو به عبادت ۾ مشغول رهجي ٿو، اسلام جي اجازت ملڻ سبب چار نڪاح ۽ چوڏهن مريدياڻيون ٻانهيون پڻ حويلي ۾ هجن ٿيون، ڪثرت اولاد جو بار، درگاھ جي لنگر خاني جو خرچ مون اڪيلي مٿان آهي، اڳ ۾به نواب آف ڪالا باغ پڻ اوهان جي چوڻ تي ڇهھ پرمٽون ڏنيون آهين پر گهڻي خرچ هئڻ سبب منجهانئن ايتري اپت نٿي ٿئي، مهرباني ڪري چار سئو ايڪڙ زرعي زمين ڏيڻ جو احسان ڪرڻ فرمائيندا، جيئن بي الڪو ٿي ذڪر اذڪار ۾ صوم صلوات ۾ مشغول ٿي ملڪي سالميت ۽ اوهان جي اقتدار جي تا حياتي هجڻ جو دعاگو رهان.
جيئڻ جو رتبو اسان نه ڄاتو،
مُلن جوخطبو ٻُڌيو مرون ٿا،
وڏو شڪل کي شاٽ لڳي ٿو،
اتي ئي سچ کي کاٽ لڳي ٿو.
وري ساڳئي صدر ايوب وٽ  سفيرن جي ميٽنگ رکيل هئي جنهن ۾ ايئر مارشل اصغر خان به ويٺو هيو، جنهن چيو ته چين هڪ نئين طاقت بڻجي اڀري رهيو آهي، اسانکي ساڻس تعلقات وڌائڻ کپن، هڪ ٻئي سفير چيو اسانکي آمريڪا ۽ روس سان تعلقات رکڻ ۾ توازن پيدا ڪرڻ کپي، ڪنهن هڪ قوت آڏو جهڪڻ نه گهرجي، ٻين سفيرن به رايا ڏنا، سنڌي سفير پير علي محمد راشدي موضوع کي سمجهندي به ڪائي تجويز نه ڏني، پر قرآني آيتن ۽ حديثن مان دليل ڏيڻ شروع ڪيائين ته امت مسلمه سدائين هڪ مضبوط رهبر جي هٿ هيٺ رهي ترقي ڪئي آهي، هن دور ۾ اوهان (ايوب خان) ئي قابل شخصيت آهيو، جنهن ۾ وڏيون صلاحيتون رکيل آهين، اوهان کي پاڪستان جو بادشاھ ٿيڻ کپي، ان ۾ ئي ملڪ جي مضبوطي ٿيندي، سڀني ويٺلن پنهنجي منهن تي رومال رکيا، ايوب خان به کلڻ لڳو.
هڪ ڀيري علاما اقبال وٽ هڪ پير صاحب ملڻ لاءِ آيل هيو، سندس مريد کي خبر پئي ته مرشد سائين هتي آيل آهي، هو لڙي اچي پير کي پيرين پئي هٿ چمي مليو، چيائين مرشد دعا ڪرپنج سئو رپين جو مقروض ٿي ويو آهيان، قرضي ڏاڍو تنگ ٿاڪن، پير صاحب دعا گهريس، هن پٽڪي ۾ ٻڌل پنج رپيا ڇوڙي سندس هٿ تي رکيا، اقبال وري ٻي دعا گهري خدايا هن مريد کي سمجھه سوچ عطا ڪر، اڳ۾ پنج سئو جو قرضي هيو، هاڻي دعا گهرائڻ ڪري پنج سئو پنج رپين جو ٿي چڪو آهي، شعر پڙهيائين
"خداوندا يي تيري ساده دل بندي ڪڌر جائين،
يهان تودرويشي ڀي عياري تو سلطاني ڀي عياري”.
پير صاحب دستار مٿي تي رکي اٿي هليو ويو، چوڻ جو مقصد هي آهي ته آزاديون ان ڪري وٺبيون آهين ته عوام ۾ آسودگي اچي، جيئن چين ملائيشيا جهڙا ملڪ ڏسجن ٿا، پر اسان وٽ ڪي فرد ئي آسودا ٿيندا ٿا وڃن، ماڻهو بک وگهي مرندا ۽ پاڻ ماريندا ٿا رهن، زرعي زمينون هجن، صنعتون هجن، ڪاروبار هجن سڀ وڏن ماڻهن ۽فورسز جي هٿن ۾ آهين، هاري ۽ مزدور جو جيڪو ڪمائڻ وارو هٿ آهي، سو هنن جي اڳيان اگهاڙو ٿي انگ ڍڪڻ لاءِ ايلازو آهي،
حڪمرانن ملڪ جي ملڪيت کي ايئن کائڻ شروع ڪيو، جيئن ڳجهون ڍونڍ کائڻ لاءِ گڏ ٿينديون آهن، ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته جناب رئيس السنڌ، مرڪزي حڪومت کي آفر ڪئي آهي ته جيترا پيسا تخت لهور تي حڪومت ڪندڙ ميان صاحب ڏيندو، آئون به اوترا ئي ڏيندس، نه پائي گهٽ ڪندس نه وڌ ڏيندس، حڪومت وائڙي لڳي ويٺي آهي، ته ڪيئن سندن اڪائونٽ مان شينهن جي ڪن ۾ پيل پيسا ڪڍي وٺجن، ٿيڻ ته هيئن کپندو هيو جو جيتري چوري جنهن ڪئي آهي، سموري هرهڪ کان سنڀالي ورتي وڃي، ٽڪي پيسي جي رعايت به ڪنهن سان ڪين ٿيڻ کپي، ان کان پوءِ جاگيرون پڻ سڀني ملڪي ڀوتارن کان کسي هارين ۾ ورهائڻ کپن،کين زندگي ڀر سياست ڪرڻ ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ تي پابندي وڌي وڃي، بقول سپريم ڪورٽ جي ته جنرل صاحبان کي پڻ هاڻي سياست ڪرڻ مان پنهنجا هٿ ڍرا ڪرڻ گهرجن، زرعي زمينون هارين کي قرآن جي اصول مطابق ڏيڻ گهرجن ها، الله فرمايو "ان الارض يرثها عبادي الصالحون” زمين جي وارثي منهنجي ٻانهن مان انهن کي ڏيڻ کپي، جيڪي زمين جو اصلاح ڪندڙ آهين، زمين جي سنوت، سڌارو ھاري ڪري ٿو، ان ڪري هاري حقدار ھجڻ کپي، نڪي نڪمو چوڌري۽ ڀوتار هجڻ گهرجي، ان ڪري چئجي ٿو ڪٿي چور سڃا ڪٿي ڍور سڃا آهين، جن کي زمين ڏيڻي هئي تن کي نه ملي سي سڃا ٿي چڪا آهين، ۽ چور ڌاڙيل پاليندڙ وڏيرا سياست جي سوداگري سبب آسودا ٿي ويا آهين.مون هي مضمون ته خوشامدڙين تي لکيو هيو پر هاڻي ارشاد رانجها ڻي جو قتل ٿيڻ سبب موضوع ۾ شامل ڪريان ٿو.
قانون هتي ڪوريئڙي جو ڄار بڻجي چڪو آهي، جنهن ۾ ڪمزور جيتامڙا ڦاسجي رهيا آهن، طاقتور جانور کيس چيريون ڦاڙيون هليا ٿا وڃن، هڪ معصوم 13 سالن وهي جي ڪَلي رمشا وساڻ جيڪا جواني تائين رَسڻ کان اڳ ڪومائجي ويئي، قانون جو رکوالو ايس ايس پي قاتلن جي ڪمداري ڪندڙ چوي ٿو هوءَ ڪاري هئي، کيس ڪيئن اهو عهدو ڏنو ويو آھي، جنهن کي اها خبر به ناهي ته دنيا جا قانون يا اسلام جو قانون ڪنهن ڪاريءَ کي ڪهڻ جي اجازت رياست کي به نٿو ڏئي ته عام ماڻهو کيس ڪيئن ٿو ڪهي سگھي،اسلام ۾ زنا جي سزا به مارڻ ناهي، وري سندس تعزيت لاءِ ڪي عورتون تڏي تي وڃن ٿيون ته محافظن جون بندوقون رولو ماڻهن جي حفاظت ڪندي ڏسجن ٿيون، وفد کي ملڻ نٿو ڏنو وڃي.
وڌيڪ انياءُ ڪراچي جهڙي شهر ۾ ارشاد رانجهاڻي جو قتل ٿيڻ آهي، جنهن کي ڦورو ڄاڻائي هڪ رهزن پاران راهه ويندڙ کي گوليون هڻي زخمي ڪري سندس ايذائن تي ٺينگ ٽپا ڏيئي سرهو ٿو ٿئي، ڪنهن ماڻهو کي به زخمي ٿيل کي اسپتال پهچائڻ جي اجازت نٿو ڏئي، قانون ته  هن ملڪ جي ڪاڳرن ۾هن طرح لکيو ويو آهي، ته جيڪڏهن فورسز سان ڏوهارين جي جھڙپ ٿئي ٿي، ٻنهي پاسن کان گوليون هلن ٿيون پوليس جا سپاهي ۽ ڏوهاري زخمي ٿين ٿا ته ويڙھ ڪندڙ زخمي ڏوهاري کي ترت طبي مدد لاءِ اسپتال پهچائي سندس زندگي بچائڻي آهي، پر هتي قانون پاڻ پنهنجا اختيار ليس ڪري ويهي آرام ڪرڻ لڳو آهي، ارشاد جو قاتل اڄ به ٻانهن لوڏي هلي رهيو آهي،وزير اعلي سنڌ پاران جوڊيشل انڪوائري ڪرائڻ ۽ قاتل کي گرفتار ڪرڻ جي ڪيل اعلان جي حمايت ڪجي ٿي ته هن انسانيت سوز واقعي جي وحشي ڪردار کي قانون جو رسو چيلهھ ۾ وجهي ڪورٽ ۾ آندو وڃي، هينئر ته قاتل رحيم شاھ جي ڏوهي ڪردار جو چٺو سنڌي پريس اڳيان آڻي رکيو آهي، جنهن ۾ هي ڏوهارين  جو وڏو لٺ سردار آهي،هن جي رڪارڊ وٺڻ سان سندس ڪردار چٽو پٽو ٿي سامهون اچي ويندو، ڪميشن کي رڳو ارشاد تي داخل ڪيسن کي نه ڏسڻ کپي هن تي 2013 تائين ڪجھه معمولي ڪيس داخل ٿيل آهن،جن ۾ ڦر، اغوا، قتل جهڙو ڪوئي ڪيس ناهي، پر هن قاتل تي ۽ سندس گينگ تي قتلن جا ڪيس داخل ٿيل آهن، هن جا سالا سوٽ ماسات پڻ ساڻس ڏوهن ۾ ساٿاري رهيا آهن، هي علائقي ۾ دهشت جي علامت رکندڙ آهي، هن جا ۽ ارشاد رانجهاڻي جا پاڻ ۾ اختلاف هئا، ارشاد کيس سنڌي ماڻهن کان ڀتو وٺڻ تي ٽوڪيندوهيو، هڪ ٻئي خلاف ٿاڻن تي درخواستون پڻ ڏنل هيون، هن کي رستي جو پٿر سمجهي ڦورو ڄاڻائي هٽائڻ جي پلاننگ ڪئي ويئي آهي، قاتل کي وڏن سياسي ماڻهن جي حمايت پڻ حاصل آهي، هر سياسي جماعت کي هن پاران حصو پتي ملندو رهندو آهي، ان ڪري هي قتل پڻ هن جو وڏو پيٽ هضم ڪري ويندو، مظلوم ماڻهو انصاف لاءِ واجھائيندي ٿا رهن ڪٿان ڪوئي سڏ ورنائڻ وارو سهارو نڪري نٿو اچي، جيڪو رمشا کي، ارشاد رانجهاڻي کي، ان سان گڏ سنڌ مان بي ڏوهي سالن کان کنڀي زندانن ۾ قيد ڪيلن کي آٿت ڏيئي سگهي. چوري ڪيل ماڻهن کي تيستائين آزاد نٿو ڪيو وڃي، جيسيتائين هو ذهني توازن وڃائي چريا بڻجي نٿا پون.ڪاش ڪوئي سنڌ جي نياڻين سسئي، سورٺ ۽ تنوير آريجو جي اندر ۾ سانڍيل سور کي محسوس ڪندي کين پنهنجن پيارن جي موٽائڻ ۾ مدد ڪري سگهي. خدا   پاڪ جي ڏاڍي سرڪار آهي ان جي ڪورٽ ۾ انصاف جي اپيل ڪجي ٿي.
(روزاني عوامي آواز 11 فيبروري 2019ع)