Friday, March 27, 2020

ڪورونا،وبائون ۽ معيشت!



شفيق الرحمان شاڪر
وبا جي شڪل ۾ چين جي شهر ”ووهان“ کان شروع ٿيندڙ زوڪام هاڻي خوفناڪ عالمي آفت جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي.گذريل ڪجهه ڏينهن کان چيني وزارت خارجه جا ڪجهه عملدار اهو اشارو ڪري رهيا آهن ته اها آفت آئي ناهي پر آندي ويئي آهي.چيني عملدارن جي اهڙي مبهم ڳالهه ٻولهه کي اولهه جي ميڊيا ۾ نهايت سنجيدگيء سان ورتو پيو وڃي ۽ گذريل هفتي جڏهن صدر ٽرمپ پنهنجن طبي ۽ سائنسي ماهرن سان گڏ ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ جي حڪمت عملي تي امريڪي عوام کي اعتماد ۾ وٺڻ لاء سامهون آيو ته ڪيترن ئي صحافين هن کان ان باري ۾ ڪيئي سوال ڪيا پر هن هر سوال تي ”فيڪ نيوز“ چئي نظر انداز ڪري ڇڏيو.امريڪي صدر جو چوڻ هو ته هو لاڳيتو چيني قيادت سان رابطي ۾ آهي ۽ بيجنگ مان جاري ٿيندڙ ان نوعيت جو ڪو به ٽويٽ سندس نظرن مان ناهي گذريو.ان عذاب جي شروعات ڪجهه هن طرح ٿي جو گذريل سال جي آخر ۾ مرڪزي چين جي صوبي ”هوبي“ جي گاديء واري هنڌ ووهان ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي نڙيء ۾ سخت تڪليف سان گڏوگڏ تيز بخار جي شڪايت ٿي.مقامي ڊاڪٽرن ان کي نزلو يا زوڪام سمجھي نظر انداز ڪري ڇڏيو.ڪجهه طبي ماهرن ان زوڪام کي هڪ خاص قسم جي نمونيا قرار ڏيندي ان جو علاج شروع ڪيو پر مرض وڌندو ئي ويو.چين جي وبائي مرضن جي هڪ ڊاڪٽر ”لي وينليانگ“ سڀ کان پهرين ان نزلي کي هڪ خوفناڪ وبائي بيماري قرار ڏنو پر ان ڳالهه تي ڪن ڏيڻ بدران چيني حڪومت افواهن پکيڙڻ ۽ ماڻهن ۾ خوف پيدا ڪرڻ جي الزام هيٺ ڊاڪٽر لي کي گرفتار ڪري ورتو.ٻئي پاسي مرض ايترو وڌندو ويو جو هزارين ماڻهو اسپتال پهچي ويا.متاثرن جي ٿڪ،بلغم ۽ رت جي تفصيلي چڪاس بعد انهن مريضن جي رت ۾ هڪ خاص قسم جي جرثومي جون نشانيون مليون جنهن کي COVID-19 يا نوويل ڪورونا وائرس چئجي ٿو.ڊاڪٽر لي جو خدشو صحيح ثابت ٿيڻ تي کيس آزاد ڪيو ويو ۽ بنان ڪنهن شڪوه شڪايت جي ڊاڪٽر لي مريضن جي علاج ۾ لڳي ويو.ان جرثومي ڊاڪٽر لي کي به نه ڇڏيو ۽ 7 فيبروري تي ان فرض شناس ڊاڪٽر جو موت ٿي ويو.
انسانيت وقت به وقت اهڙين عالمي وبائن کي منهن ڏيندي رهي آهي ان قسم جي هڪ وڏي وبا 430 قبل مسيح يونان ۾ پکڙي هئي جنهن کي ”ايٿنز طاعون“ جو نالو ڏنو ويو هو.اها وبا ايٿنز جي آباديء جو چوٿون حصو ڳڙڪائي ويئي.يوڪرين جي شهر ڪريميا ۾ ڪارن ڪوئن مان پکڙجندڙ بيماريء کي ”ڪاري طاعون“ جو نالو ڏنو ويو جيڪا چار سال جاري رهي ۽ ان وبا پوري ايشيا سان گڏ يورپ کي به پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو هو.هڪ اندازي موجب ان وبا ۾ اٽڪل ساڍا ست ڪروڙ ماڻهو مري ويا جڏهن ته ڪجهه تحقيق ڪندڙ موتن جو انگ 20 ڪروڙ ٻڌائين ٿا.ايئن سمجھو ته دنيا جي آباديء جو ٽيون حصو ان وبا جو شڪار ٿيو هو.ان وبا جي پنج سو سالن بعد چين ۾ طاعون پکڙي جيڪا ترت ئي هندستان تائين پهچي عالمي وبا جي صورت اختيار ڪري ويئي جنهن ۾ هڪ ڪروڙ ماڻهو مري ويا.ڪجهه عرصي بعد ڏکڻ ايشيا ۾ ان جو اثر گھٽيو ته امريڪي رياست سان فرانسسڪو کي طاعون جي وبا گھيري ورتو ۽ هزارين ماڻهو ان جو نشانو بڻيا.ڪورونا وائرس جي قسم جي هڪ بيماريء 1918ع ۾ قيامت آندي هئي جنهن کي ”اسپينش فلو“ جو نالو ڏنو ويو هو.سو سال گذري وڃڻ باوجود اڃا تائين انهيء نامراد جي پيدائش جي هنڌ جي خبر نه پئجي سگھي آهي.ان بيماريء کان پنجاهه ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيا جن مان هڪ ڪروڙ ست لک ماڻهو موت جي منهن ۾ هليا ويا.امريڪي صدر ٽرمپ جو ڏاڏو ”فريڊرڪ ٽرمپ“ به ان مرض جو شڪار ٿيو ۽ رڳو هڪ ڏينهن جي تيز بخار بعد گذاري ويو هو.يارهن سال اڳ 2009ع ۾ اهو جرثومو هڪ دفعو وري ظاهر ٿيو،هن دفعي ان جي پيدائش جو ذريعو هڪ مادي سوئر هئي ۽ انهيء مناسبت سان ئي انهيء کي ”سوائين فلو“ جو نالو ڏنو ويو هو.ويڪسين جي موثر استعمال سبب انسان ته ان وبا کان گھڻي حد تائين محفوظ رهيا پر جانورن جا هزارين ڌڻ برباد ٿي ويا.
چين کان شروع ٿيندڙ ڪورونا وائرس جي وبا هاڻي دنيا جي 178 ملڪن ۾ پکڙجي چڪي آهي جنهن سان هن وقت تائين اٽڪل ٻه لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن ۽ اٽڪل ست هزار ماڻهو مري چڪا آهن.چين ظاهر ۾ ان وبا تي قابو پائي ورتو آهي ۽ هاڻي انهن عارضي اسپتالن کي بند ڪيو ويو آهي جتي ان وائرس جي مريضن جو علاج ٿي رهيو هو تنهن هوندي به عالمي صحت واري اداري تاريخي تناظر ۾ چين کي احتياطي تدبيرون جاري رکڻ جي صلاح ڏني آهي جو ان وبا جي ٻيهر پکڙجڻ جي امڪان کي رد ڪري نٿو سگھجي.چين کان پوء ان جرثومي ايران کي پنهنجو نشانو بنايو جتي صورتحال خراب کان خراب ٿيندي ٿي وڃي.پندرهن هزار ماڻهو متاثر آهن ۽ لڳ ڀڳ هزار ماڻهو مري چڪا آهن.ملڪ جو نائب صدر ۽ ڪيترائي پارلياماني ميمبر ان مرض جو شڪار ٿيا آهن.چين ۽ ايران بعد هاڻي ڪورونا جو نشانو اٽلي نظر اچي رهيو آهي جتي رڳو هڪڙي ڏينهن ۾ 349 ماڻهو مئا آهن.اٽليء ۾ ٽيهه هزار ماڻهن ۾ وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي جن مان اٽڪل ٻه هزار ماڻهو مري چڪا آهن.اٽليء سان گڏوگڏ   جرمني،فرانس،پولينڊ، روس، برطانيا،ڪينيڊا،هسپانيا،پورتوگال ان وائرس جي وڪڙ ۾ آهن.توڙي جو دنيا جو ڪوبه حصو ان مصيبت کان آجو ناهي پر هيستائين آفريڪا ڪجهه گھٽ متاثر نظر اچي ٿو.آفريڪا ۾ وائرس جا متاثر ماڻهو يورپي تارڪين وطن آهن.يورپ ۽ اتر آمريڪا ۾ مرض جي پکڙجڻ جو بنياد ملڻ جلڻ کي قرار ڏنو پيو وڃي جنهن لاء ماهرن سماجي فاصلي Social Distancing جي اصطلاح ايجاد ڪئي آهي جنهن هيٺ عبادت گاهن تي به پابندي لڳائي ڇڏي ويئي آهي.امريڪي مسلمان مسجدن ۾ ننڍيون ننڍيون جماعتون ٺاهي نماز ادا ڪري رهيا آهن.ڪورونا سان بيماري ۽ موت جو خوف ته پنهنجي جڳهه تي پر پابندين زندگي گھڻي مشڪل بنائي ڇڏي آهي.ماڻهن خوف وچان دوڪان خالي ڪري ڇڏيا آهن ۽ گھڻن هنڌن تي کاڌي جي شين ۽ ٻين ضروري جنسن جي کوٽ پيدا ٿي رهي آهي.ڏهاڙيء تي ڪم ڪندڙ مزڊور نهايت ئي پريشانيء جو شڪار آهن. ڪورونا وائرس جو سڀ کان خوفناڪ پاسو ان جي پويان ايندڙ بي روزگاري ۽ معاشي ٻاڙائي جو طوفان آهي جنهن جو بدحواس قائدين کي شايد اندازو ئي ناهي.ڪورونا کان صحتيابيء جو سيڪڙو 97 کان به مٿي آهي.روايتي نزلي ۽ زوڪام سان مرندڙن ڪمزور ماڻهن جي شرح ان کان گھڻي آهي پر ڪورونا وائرس سبب دنيا ۾ جيڪو خوف ڇانئيل آهي ان جو انساني تاريخ ۾ ڪو مثال نٿو ملي.پاڪستان ۽ ٽين دنيا جي قيادت به معيشت کان بيخبر اهي ئي قدم کڻي رهي آهي جيڪي آمريڪا ۽ يورپ ۾ کنيا پيا وڃن.پاڪستان جا ماڻهو اڳ ئي مهنگائي ۽ بيروزگاريء سبب پريشان هئا ۽ هاڻي سوشل ڊسٽنسنگ رهيل سهيل ڪسر پوري ڪري ڇڏي آهي.اولهه جي دنيا ۾ نسبتن بهتر طرز حڪمراني ۽ سماجي خدمتن جي بهتر نظام سبب ڪاروبار جي وقتي تالابندي سان پيدا ٿيندڙ پريشانيون سرڪاري وظيفن ۽ رعايتن ملڻ سبب عوام لاء ڪنهن قدر قابل برداشت بڻجي وڃن ٿيون پر پاڪستان ۾ اهڙي ڪابه سهولت موجود ناهي جنهن ڪري عام ماڻهن جي زندگي ڏاڍي ڏکي بڻجي ويئي آهي.اهو جرثومو امريڪي اسٽاڪ ايڪسچينج کي چٽي چڪو آهي ۽ ڏهه هزار پوائنٽس جي گراوٽ سيڙپڪارن جا کربين ڊالر غرق ڪري ڇڏيا آهن.هوائي جهازن،سياحت ۽ ان سان لاڳاپيل صنعتن جو برو حال آهي.معاشي ماهرن جي خيال مطابق دنيا جون اڌ کان مٿي اڏام ڪمپنيون ڏيوالپڻي جي ويجھو آهن ۽ رڳو آمريڪا ۾ ٻه لک ماڻهو بيروزگار ٿيندا.ايئر لائينز،تفريح گاهن،ريسٽوران،شراب خانن،جوئاخانن ۽ ناچ گھرن سان گڏوگڏ عام دوڪان به بند ٿي رهيا آهن.ان کان سواء اهي هزارين صنعتي ادارا به بند آهن جن جو ڪچو مال چين کان ايندو هو ۽ گڏوگڏ امپورٽرز ۽ ايڪسپورٽرز به هٿ تي هٿ ڏيئي ويٺل آهن جو هوائي اڏامون بند آهن ۽ بحري جهاز بندرگاهن تي بيٺل آهن.انهيء بندش سان کاڌي جي شين،پولٽري،لائيو اسٽاڪ،کير ۽ گوشت مهيا ڪندڙن لاء سخت ڏکيائيون پيدا ٿي پييون آهن.ان سان گڏوگڏ تيل جي صنعت به سخت بحران ۾ آهي.ڪورونا سبب سڄي دنيا ۾ صنعتي ۽ ڪاروباري سرگرميون رڪجڻ سبب تيل جي کپت ۾ لاٿ آئي آهي ۽ تيل 28 ڊالر في بيرل کان به سستو ٿي ويو آهي جنهن سبب سعودي عرب ۽ ٻين تيل پيدا ڪندڙ عرب ملڪن جي معيشت سخت دٻاء جو شڪار آهي.تيل بعد سعودي عرب جي آمدني جو هڪ وڏو ذريعو حج ۽ عمرو آهي جنهن جي بندش سبب اهو ذريعو به بند ٿي چڪو آهي.آمريڪا ۾ الرجي ۽ وبائي مرضن جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر انٿوني فائوچي چيو آهي ته ” ماڻهن کي سمجھي ڇڏڻ گھرجي ته اسان جي زندگي هاڻي اها نه رهندي جهڙي ڪورونا کان اڳ هئي.“
( روزاني ڪلياڻ)






زندگي ويچاري هر وقت رسڪ تي آهي!



شفيق الرحمان شاڪر
روڊ ويران،هوٽلون سنسان ۽ محفلون بي رونق بڻيل آهن.هر ماڻهو ٻئي کان ڊنل آهي.ڪو ڪنهن سان هٿ ملائيندي يا ڀاڪر پائيندي  خوف محسوس ڪري رهيو آهي.اها سڀ ڪورونا جي ڪرامت آهي جنهن ماڻهن کان سندن سموريون خوشيون ۽ محفلن کان سندن رونقون کسي ورتيون آهن.هونئن ڏٺو وڃي ته انساني زندگي ويچاري هر وقت ڪنهن نه ڪنهن رسڪ تي آهي.ساه جو سڳو نهايت ئي بيوفا ثابت ٿيو آهي ڪنهن به وقت ٽٽي سگھي ٿو.جان ته ڪنهن ٽريفڪ جي حادثي ۾ به وڃي سگھي ٿي،بجليء جي اوچتي شاڪ ذريعي به زندگيء جو ڏيئو وسامي  سگھي ٿو،ڪنهن معمولي پٿر تان پير ترڪڻ سبب به موت واقع ٿي سگھي ٿو،دل جي دوري سبب به دل هٿن مان نڪري سگھي ٿي.گردا ۽ جگر فيل ٿيڻ جي صورت ۾ به ماڻهو موت جي منهن ۾ هليو وڃي ٿو.مطلب ته موت اڻٽر سچائي آهي جنهن کان ڪنهن به صورت ۾ ڀڄڻ ممڪن ڪونهي.اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا اتي روزانو سوين انسان بکن وگھي به مري وڃن ٿا،ڪاري ڪامڻ ۽ ايڊز سبب به ڌڙاڌر ماڻهو مري رهيا آهن.دل ۽ ڦڦڙن جون موذي بيماريون به انساني موت جو سبب بڻجي رهيون آهن.عمارتون ڪرن ٿيون ۽ ماڻهو انهن جي ڍيرن هيٺان دفن ٿي وڃن ٿا.ملاوت واريون کاڌي جون شيون ۽ ٻيو نمبر دوائون استعمال ڪرڻ سان مرندڙن جو انگ به ڪو گھٽ ناهي.مطلب ته ويچاري عوام لاء قدم قدم تي هڪ ڪورونا آهي جيڪو کين جيئڻ جي حق کان محروم ڪندو رهيو آهي.مذهب جي سکيا مطابق هر انسان جي مرڻ جو هڪ ڏينهن مقرر آهي ۽ جنهن کي جنهن بهاني مرڻو آهي اهو انهيء ئي بهاني سان مري ويندو پر انساني ذهن ڪڏهن به وهم،گمان،انومانن،انديشن ۽ خوف کان خالي ناهي رهيو.زندگي ڪيڏي به ڏکي ڇو نه هجي بهرحال ان کي بچائڻ لاء هر انسان هر وقت ڪا نه ڪا ڪرت ڪندو رهي ٿو.قدرتي آفتن،وبائن ۽ بيمارين جي تاريخ به ايتري ئي پراڻي آهي جيتري خود انساني تاريخ.انهن وبائن ۽ آفتن سان انسان ازل کان مختلف طريقن سان وڙهندو آيو آهي ۽ اها به حقيقت آهي ته اهي آفتون ۽ بيماريون انساني نسل کي ڌرتيء جي هن گولي تان ڪڏهن به مٽائي نه سگھيون آهن.جتي سک آهن اتي ڏک به آهن،جتي صحت آهي اتي بيماريون به آهن ۽ جتي ّخوشيون آهن اتي غم به آهن.اها ئي زندگي آهي.ابدي سڪون هن دنيا ۾ ميسر ڪونهي،دائمي خوشي هن دنيا جي جنس ڪانهي.سو هن جهان ۾ جيئڻ لاء ماڻهوء کي گھڻي حوصلي جي گھرج ٿئي ٿي.قدرتي آفتون ۽ وبائون جتي اسان لاء مصيبت ۽ پريشانين جو سبب بڻجن ٿيون اتي اسان جي گڏيل شعور،صبر،همت ۽ حوصلي جي آزمائش جو به سبب بڻجن ٿيون.اها آزمائش خاص طور تي قومن جي ليڊرشپ جي ٿئي ٿي ته اهي انهن ڏکين گھڙين ۾ قوم کي ڪيئن ٿا حوصلو ڏيارين ۽ ڪيئن ٿا قوم کي ان بحران مان پار ٿيڻ ۾ سندن مدد ڪن.ڪورونا بحران نهايت ئي سخت ضرور آهي پر اهڙو به ناهي جنهن مان پار پئجي نه سگھجي جنهن جو تازو مثال اسان جو پاڙيسري ملڪ چين آهي.پر اسان جي قومي ليڊرشپ ڇا ڪري رهي آهي؟جيڏانهن نهارجي ٿو ته مايوسي ئي مايوسي نظر اچي ٿي.بحران مان نڪرڻ لاء ڪو لاحئه عمل ته ٺهيو پر هتي ته ڪا سنجيدگي ئي نظر نٿي اچي.ملڪ جو وزير اعظم جڏهن عوام سان ڳالهائيندو آهي ته اهو عوام کي رڳو ڀاشڻ نه ڏيندو آهي پر ڪجهه بنيادي ۽ عملي قدمن جو به اعلان ڪندو آهي پر هتي ته لڏو ئي لٺ تي آهي.دنيا ۾ڪورونا جي آفت آئي  لڳ ڀڳ چار مهينا ٿي چڪا آهن ۽ دنيا جا 168 ملڪ ان جي وڪڙ ۾ اچي چڪا آهن.انهيء سموري عرصي دوران تبديلي سرڪاري ڪهڙا پاپڙ ويليندي رهي ڪا خبر ناهي.چئن مهينن بعد جڏهن خانصاحب ٽي وي تي قوم کي پنهن جي زيارت نصيب ڪئي به ته سواء مايوسين جي ڪجهه به ڏيئي نه سگھيو.جڏهن ملڪ جو وزير اعظم چوي ته جيڪر لاڪ ڊائون ڪيوسين ته ماڻهو بکن وگھي مري ويندا ته اهو حڪومت ۽ رياست جي ناڪامين جو کليو اعتراف ناهي ته ڇا آهي؟مطلب ته حڪومت وٽ ان آفت سان مقابلو ڪرڻ جي نه ته سگھه آهي ۽ نه ئي صلاحيت.خانصاحب کي اهو نه وسارڻ گھرجي ته عوام جي کاڌ خوراڪ توڙي صحت جي ذميداري رياست ۽ حڪومت تي هوندي آهي ۽ جيڪڏهن ڪا حڪومت اها ذميداري پوري نٿي ڪري سگھي ته ان جو اقتدار ۾ رهڻ جو ڪهڙو جواز باقي رهي ٿو؟ايئن ٿي لڳو ته وزير اعظم ان معاملي ۾ قوم سان ڳالهائڻ به پسند نه پئي ڪيو بلڪه شايد ڪنهن کيس مجبور ڪري ان تقرير لاء راضي ڪيو هو.جڏهن وزير اعظم هڪ آمريڪي ميگزين کي انٽرويو ڏيندي اهو ٻڌائي رهيو هو ته پاڪستان وٽ اها جنگ وڙهڻ لاء نه ته وسيلا آهن ۽ نه ئي صلاحيت ته ان جو ٻيو مطلب اهو ٿيو ته عوام ڄاڻي عوام جو ڪم ڄاڻي،حڪومت جو ان معاملي ۾ ڪجهه به نه وڃي.عوام جيڪر پنهنجو پاڻ کي موت کان بچائي سگھي ٿو ته ٺيڪ نه ته خوشيء سان مرڻ لاء تيار ٿئي.خانصاحب وٽ ٻين بحرانن جيان هن بحران جو به جيڪر ڪو ڪافي ۽ شافي حل موجود آهي سو اهو ته ” گھٻرائڻو ناهي.“ وفاقي حڪومت جي سنجيدگيء جو اندازو تافتان بارڊر تي ايندڙ زائرين جي مناسب جاچ نه ڪرڻ،هڪ طاقتور مشير جي مداخلت تي ماڻهن کي بنان اسڪرينگ جي ملڪ ۾ داخل ڪرڻ،صوبائي حڪومتن سان مناسب سهڪار نه ڪرڻ وارن سمورن معاملن مان چڱيء طرح لڳائي سگھجي ٿو.عوام سان لاتعلق بڻيل وزير اعظم عوام کي اهو سمجھائي رهيو هو ته انهن جا حڪمران انهن لاء ڪجهه به ڪري نٿا سگھن.نه ته انهن ۾ اهڙي صلاحيت آهي ۽ نه ئي انهن جي نيت.انهن جو ڪم رڳو ماڻهن کي ڦرڻ ۽ ٽيڪس اوڳاڙڻ آهي.حيرت آهي جو دنيا ۾ ڪورونا متاثرين جو انگ ٻه لک،ٽي سو اوڻونجاه ٿي چڪو آهي جن مان 8165 ماڻهو موت جي منهن ۾ هليا ويا آهن پر اسان جي حڪمرانن جي ڪن تي جونء به نٿي رينگي.سنڌ حڪومت پنهنجن محدود وسيلن هيٺ جيڪي ڪجهه ڪري رهي آهي انهيء تي وفاقي حڪومت کيس همتائڻ بدران سندن ڪم ۾ رنڊڪون وجھي رهي آهي. سنڌ جي وڏي وزير وفاقي حڪومت کان ان آفت کي منهن ڏيڻ لاء مدد جي طور جيڪي جائز مطالبا ڪيا آهن انهن تي به ڪو غور ۽ ويچار نه پيو ڪيو وڃي.نه ته ٽرينن جي سفر تي پابندي ٿي عائد ڪئي وڃي ۽ نه ئي بين الاقوامي اڏامن تي پابندي ٿي لڳائي وڃي ۽ نه ئي سنڌ حڪومت کي گھربل طبي سامان ٿو مهيا ڪيو وڃي.خطرو آهي ته جيڪر وفاقي حڪومت ۽ رياست پنهنجو غير ذميداريء وارو رويو تبديل نه ڪيو  ۽ هن معاملي ۾ پوري سنجيدگيء جو مظاهرو نه ڪيو ته ملڪ ۾ حالتون ڪنٽرول مان نڪري وينديون ۽ خان صاحب جو ”گھٻرائڻو ناهي“ وارو نعرو هڪ مشڪري بڻجي ڪري رهجي ويندو. ظلم جي انتها ته ڏسو جو خبرون آهن ته انهن سنگين حالتن ۾ وفاقي حڪومت يوٽيلٽي اسٽورن تي کاڄرو تيل  ۽ گيهه جي اگھن ۾ اضافو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.لڳي ٿو ته هاڻوڪي تبديلي سرڪار عوام جو رت ست ست نپوڙڻ جو ئي پروگرام کڻي ميدان ۾ لٿل آهي.هوڏانهن سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي سامهون رکندي  سڪو راشن خريد ڪري ماڻهن ۾ ورهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪو هڪ سٺو قدم آهي جنهن جي واکاڻ ڪري سگھجي ٿي.ٻئي طرف تبديلي سرڪار جو سرواڻ آهي جيڪو اعلان ڪري رهيو آهي ته هو عوام لاء ڪجهه به ڪري نٿو سگھي،جيڪي ڪجهه ڪرڻو آهي سو عوام کي پاڻ ڪرڻو آهي!
( روزاني جيجل)

Tuesday, March 24, 2020

”اسٽرنگ ٿيوري“ جو انڪار ڇو نه؟



شفيق الرحمان شاڪر
ڪائنات جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين مفاصلو 93 ارب نوري سال آهي ۽ اها لاڳيتو پکڙجي رهي آهي.روشنيء جي رفتار ٽي لک ڪلوميٽر في سيڪنڊ آهي.جيڪڏهن روشنيء جو ڪرڻو هڪ ڇيڙي کان سفر شروع ڪري ته اهو ڪڏهن به ٻئي ڇيڙي تائين نٿو پهچي سگھي يعني سائنس وٽ ڪو اهڙو طريقو موجود ناهي جنهن ذريعي ڄاڻي سگھجي ته ڪائنات جي ٻئي ڇيڙي تي ڇا ٿي رهيو آهي؟ البت ”هائر ڊائمينشنز“ ۾ پهچ سان اهو ممڪن آهي.”اسٽرنگ ٿيوري“ مطابق وقت کي ملائي ڪل يارهن ڊائمينشنز ٿين ٿيون جن مان اسان رڳو ٽن ۾ قيد آهيون.اسان جي چوٿين ڊائمينشن ۾ وڃڻ جي ڪهڙي ڪيفيت هوندي ان کي هڪ مثال ذريعي سمجهو.فرض ڪريو ته ڪا مخلوق ٻن ڊائمينشنز تائين محدود آهي يعني ڪاغذ جي هڪ ٽڪري اندر.جيڪڏهن اها ڪاغذ جي ٽڪري مان نڪري اوهان جي ڪمري ۾ اچي وڃي ته ان کي اوچتو ايتري قدر گھڻي ڊيٽا کي پنهنجي حسيات ۽ دماغ سان سنڀالڻو پوندو جو اهو مائوف بڻجي ڪري رهجي ويندو ۽ هوڏانهن اهڙن تجربن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ان لاء ممڪن نه رهندو.ساڳيو حال اسان جو ٿيندو جيڪر اسان چوٿين ڊائيمينشن ۾ هليا وڃون.ته اها ڳالهه آهي جيڪا سائنس به مڃي ٿي.پوء وري اهي ماڻهو آهن جيڪي سمهڻ مهل جسم مان آزاد ٿي روحاني سفرن جو تجربو ڪري چڪا آهن. جيڪي هوا ۾ ٽنگجي پاڻ پنهنجي ستل جسم کي ڏسي سگھن ٿا ۽ ٻين روحاني جسمن سان ملاقات ڪري سگھن ٿا ۽ مختلف مشقن ذريعي اها ڪيفيت پنهنجي مرضيء سان به پنهنجي مٿان طاري ڪري سگھن ٿا.ڄڻ ته هائير ڊائيمينشن ۾ وڃڻ جي صلاحيت رکن ٿا جنهن کي Out of body experience چئجي ٿو.
اهڙيء طرح اسان جو دين جڏهن معجزن،ڪرامتن،برزخ،آخرت،جنت،جهنم جي ڳالهه ڪري ٿو ته اهي سمجھو ته اهي ڊائيمينشنز آهن جن جي ڪيفيت اسان جي ٽن ڊائيمينشنز جي عادي ۽ انهن ۾ قيد عقل سمجھڻ کان لاچار آهي.هاڻي جيڪي ماڻهو عقل کي ڪسوٽي مڃين ٿا اهي انهن ”غيبي“ معاملن جو انڪار ڪري ڇڏين ٿا. اهي ماڻهو ٻئي قسم جي ماڻهن جي روحاني سفرن کي به سندن وهم قرار ڏيڻ لڳن ٿا ۽ نبين سڳورن جي ذاتي تجربن مثال معراج جي واقعي جو به مذاق اڏائڻ لڳن ٿا پر جڏهن” نيل ڊي گراس ٽائيسن “ جهڙو ملحد انهن کي اسٽرنگ ٿيوري پڙهائي رهيو هوندو آهي ته ڪنڌ لوڏڻ ۽ واه واه ڪرڻ لڳن ٿا.توڙي جو هو پاڻ مڃي رهيو هوندو آهي ته اسان جي فزڪس جا قانون هائير ڊائمينشنز ۾ لاڳو نٿا ٿين.جنهن بنياد تي اوهان مذهب جي غيبي معاملن جو انڪار ڪيو ٿا،روحاني سفر ڪندڙن جو انڪار ڪيو ٿا.جنات سان تعلق پيدا ڪندڙن جو انڪار ڪيو ٿا عين ان بنياد تي اسٽرنگ ٿيوري جو انڪار ڇو نٿا ڪريو؟جڏهن ڪو ملحد ناول نگار لکي ٿو ته فلاڻي ڪردار هڪ ”غير مرئي دروازي“ ( وارپ پوائنٽ) مان گذري چوٿين ڊائيميشن ۾ وڃي ڪري پنهنجن ساٿين کي ڏٺو ته ان کي سندن هڏين جو گودو به نظر نه اچي رهيو هو ته انهيء تي اوهين داد ڏيئي نچڻ ٽپڻ لڳو ٿا پر اها ئي ڳالهه جڏهن حديث ۾ جنت جي حورن جي باري ۾ اچي ٿي ته اوهان مذاق اڏائڻ لڳو ٿا.اصل سبب اهو آهي جو مذهب جي غيبي شين کي مڃڻ جي صورت ۾ انهن غيبي شين جي خبر ڏيندڙ خدا کي به مڃڻو پوي ٿو ۽ ان جي بندگي به اختيار ڪرڻي پوي ٿي ۽ پوء ان جي هر ڳالهه کي مڃڻو پوي ٿو ۽ هن کي ناراض ڪندڙ هر ڳالهه کان به بچڻو پوي ٿو جڏهن ته اهي ماڻهو هن دنيا جو هر مزو حاصل ڪرڻ گھرن ٿا.بنان روڪ ٽوڪ جي عياشيون ڪرڻ گھرن ٿا،جيڪو جيء ۾ اچي سو ڪرڻ گھرن ٿا.بلڪل انهن ٻارن وانگر جن کي پنهنجي نفعي ۽ نقصان جي ڪا خبر نه هوندي آهي.جيڪي وڏن کي رڳو ان ڪري خراب سمجھن ٿا جو اهي کين روڪين ٽوڪين ٿا،مٿانئن ڪي پابنديون لڳائين ٿا،کين زوريء اسڪول موڪلين ٿا،خراب حرڪتون ڪرڻ کان روڪين ٿا،گنديون شيون کائڻ کان منع ڪن ٿا.توڙي جو انهن جي پنهنجي عقل مطابق نه اسڪول وڃڻ ضروري هوندو آهي ۽ نه اها ڳالهه خراب هوندي آهي جيڪا اهي پنهنجي دل سان ڪري رهيا هوندا آهن.نه وري سندن نظر ۾ اها شيء گندي هوندي آهي جيڪا اهي کائڻ پسند ڪندا آهن.ته پنهنجو پاڻ کي عقل ڪل سمجھندڙ ملحدين به اصل ۾ذهني طور تي اهڙا ئي بي سمجھه ٻار آهن جيڪي هر ان شيء کي رد ڪري ڇڏين ٿا جيڪا شيء سندن نابالغ ذهن ۾ سمائجي نه سگھي.
۔
(روزاني هلال پاڪستان)

تهذيبن جو ٽڪراء ڇو ٿو ٿئي؟



شفيق الرحمان شاڪر
” تهذيبن جي ٽڪراء“جو اصطلاح پروفيسر سيموئل هل ٽنگٽن جي مشهور زمانه ڪتاب The Clash of Civilization ذريعي سڄي دنيا جو پنهنجي طرف ڌيان ڇڪرايو،ان تهذيبي ٽڪراء جا شروعاتي نشان يورپي نو آبادياتي نظام جي قيام ۽ صليبي جنگين جي تاريخ ۾ موجود آهن.هن وقت تهذيبي ٽڪراء جي صورت رڳو اها ناهي جو مختلف تهذيبن سان تعلق رکندڙ ڪجهه ملڪ هڪ ٻئي سان اٽڪيا پيا آهن بلڪه ان کان وڌي ڪري معاملو اهو آهي جو اوڀر ۽ اولهه جا ملڪ پنهن جن جغرافيائي حدن ۾ تهذيبي ٽڪراء کي منهن ڏيئي رهيا آهن.مسلمان ملڪن ۾ مغربي ۽ اسلامي تهذيب جا علمبردار سيڪيولر ۽ اسلامي گروهن جي شڪل ۾ آمهون سامهون آهن.ٻئي طرف يورپي ملڪ پنهنجي آباديء ۾ موجود اهڙي مسلم برادري جي چيلينج کي منهن ڏيئي رهيا آهن جيڪا پنهنجي تهذيب،ثقافت ۽ قدرن تي ضد ڪري رهي آهي ۽ يورپي تهذيب اهڙن قدرن کي پنهنجي سماج ۾ ضم ڪرڻ کان مڪمل انڪاري آهي.هوڏانهن نه رڳو عام يورپي پر ڪيترائي يورپي دانشور به نه رڳو اسلامي تهذيب جي حمايت ڪري رهيا آهن پر انهيء نظريي کي قبول به ڪري رهيا آهن. برطانوي خاتون صحافي ”ايون رڊلي“،اڳوڻي برطانوي وزير اعظم ايسڪوٿ جو پوٽو ”جوناٿن برٽ“،مشهور برطانوي صحافي ۽ ٽوني بليئر جي سالي ”لورن بوٿ“ ۽ ان جهڙا ٻيا نوان مسلم هاڻي يورپ جي ڪنهن به ملڪ ۾ اوپرا ناهن رهيا.يورپي ملڪن ۾ تيزيء سان گھٽجندڙ مقامي آبادي ۽ انهن ملڪن ۾ مسلمانن جي وڌندڙ انگ ”ڊيوز بري“ ۽ ”بليڪ برن“ جهڙن بيشمار مسلم اڪثريتي شهرن کي جنم ڏنو آهي جتي مسلم ثقافت مغربي تهذيب تي ڇانئيل نظر اچي ٿي.يورپ ۾ پيدا ٿيندڙمسلمانن جو نئون نسل ايشيا ۽ آفريڪا کان ايندڙ پنهنجن ابن ڏاڏن وانگر معذرت وارو رويو نٿا رکن بلڪه پنهنجن تهذيبي قدرن تي ڄميل آهن.فرانس ۾ جن ٻن هزار عورتن پردي تي پابنديء بعد به نقاب پهرڻ تي ضد ڪيو آهي اهي مقامي فرينچ نيون مسلم عورتون آهن.اهو ئي سبب آهي جو هاڻي اولهه جي دنيا اسلامي تهذيب کي حقارت جي نظر سان ڏسڻ جو رويو ترڪ ڪري هڪ زنده چيلينج جي طور تي ڏسڻ شروع ڪري ڏنو آهي.پردو ڪرڻ يا نه ڪرڻ هيستائين عورت جو ذاتي فيصلو سمجھيو ويندو هو پر هاڻي ان مسئلي کي فرانس جي پارليامينٽ طيء ڪري رهي آهي.ڪنهن عبادت گاه جي عمارت ڪهڙي هئڻ گھرجي ۽ ڪهڙي نه هئڻ گھرجي ان قسم جا مسئلا هر هنڌ مذهب کي مڃيندڙ پاڻ طيء ڪن ٿا پر سوئزرلينڊ جي پارليامينٽ اهو مسئلو به ريفرينڊم ذريعي طيء ڪري سوئزرلينڊ ۾ مسجدن جي مينارن تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.ڪنهن رياست ۾ ڪهڙو قانوني ۽ سماجي ڍانچو بهتر رهندو اهو سوال هر دور ۾ هر رياست پاڻ طيء ڪيو آهي پر اڄ آمريڪا ۽ ٻين مغربي طاقتن انهن مسئلن جو حل پنهنجي ذمي کڻي ورتو آهي.ٻئي طرف پوري دنيا ۾ اسلامي تهذيب جا علمبردار،مسلمان دانشور ۽ خود اولهه جي ملڪن ۾ موجود مقامي ۽ غير مقامي مسلمان پنهنجي تهذيب ۽ ان جي قدرن تي زور ڏيئي اولهه جي تهذيب کي چيلينج ڪري رهيا آهن.انهيء صورتحال سوچڻ سمجھڻ وارن ماڻهن جي ذهنن ۾ تهذيبي ٽڪراء جي باري ۾ ڪجهه بنيادي سوال پيدا ڪري ڇڏيا آهن.تهذيب ڇا ٿيندي آهي؟ هڪ تهذيب ڪنهن ٻي تهذيب کان ڪيئن جدا هوندي آهي؟ دنيا ۾ موجود تهذيبون ڪيئن هڪ ٻئي جون مددگار يا متصادم هونديون آهن؟ڇا تهذيبي ٽڪراء هڪ وقتي صورتحال آهي؟ان تهذيبي ٽڪراء ۾ ڪير ڪهڙي هٿيار سان ميدان ۾ لٿل آهي؟تهذيبن جي ٽڪراء جا اهم ڪردار ڪير ڪير آهن؟ڪهڙي تهذيب جي کٽڻ جا امڪان آهن؟۽ سڀ کان وڌي ڪري اهو ته تهذيبن جي ان ٽڪراء جو انجام ڇا ٿيندو؟
تهذيب جي معاملي ۾ هڪ غلط فهمي اها آهي ته ڪجهه ماڻهو تهذيب ۽ تهذيب جي مظاهرن ۾ فرق نٿا سمجھن ۽ تهذيبن جي مظاهرن مثال رسم،رواج،پوشاڪ ۽ رهڻي ڪرڻي جي مامرن جي فرق کي تهذيبي اختلاف قرار ڏين ٿا.اهي ماڻهو تهذيبي اختلاف کي شلوار،پينٽ،ميز يا دسترخوان جي اختلاف سان سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪن ٿا پر اها هڪ سطحي ڀيٽ آهي.اهي سڀ تهذيب جا مظاهر ۽ تفصيل آهن.تهذيب جو بنياد ان جي ڪجهه بنيادي نظرين تي هوندو آهي.تهذيب پنهنجي ڪائنات جي تصور،خالق ۽ مخلوق جي تصور سان سڃاتي ويندي آهي.اهي تصور ۽ انهن تي ٻڌل تهذيب هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن.عقيدو جڏهن فڪر ۽ عمل ۾ سمائجي ٿو ته ڪجهه مظاهر سامهون اچن ٿا.اهي ئي مظاهر تهذيب سڏائين ٿا.عقيدن جي درست يا غلط هئڻ جو اندازو تهذيبي مظاهرن مان ٿئي ٿو.ان ڪري تهذيب هڪ لحاظ کان عقيدن جو اظهار آهي ۽ عقيدا تهذيب جو باطن آهن.عقيدن ۽ تهذيب ۾ ٻج ۽ ٻوٽي جو لاڳاپو آهي.
خالق ڪائنات،ڪائنات،انسان ۽ علم جي باري ۾ مختلف نظريا ۽ عقيدا تهذيبي اختلاف جو سبب بڻجن ٿا.هن وقت دنيا ۾ سيڪيولر مغربي تهذيب،اسلامي تهذيب،هندو تهذيب،عيسائي ۽ چيني تهذيب ۽ ٻڌ مت تهذيب سميت ڪيتريون ئي تهذيبون موجود آهن.اسلامي تهذيب کان سواء ٻيون سموريون تهذيبون پنهنجي مخصوص بناوت جي بنياد تي سيڪيولر مغربي تهذيب سان مفاهمت ۽ تعاون جو رستو اختيار ڪري چڪيون آهن.عيسائيت ڪجهه صديون پهرين شروعاتي ٽڪراء بعد هار مڃي چڪي آهي.هندو تهذيب ڪجهه سببن ڪري هڪ مڪمل زندگيء جو نظام مهيا ڪرڻ کان لاچار آهي.ٻڌ مت تهذيب کي زندگيء جي معاملن سان ڪو لاڳاپو ناهي.البت چيني تهذيب ۾ موجود تائو ازم ۽ ڪنفيوشس ازم جي بنياد تي چيو ٿو وڃي ته انهن تهذيبن جي بنياد تي آئيندي چين ۽ اولهه ۾ ٽڪراء ٿيندو.پر اهو امڪاني ٽڪراء رڳو مفادن جي جنگ هوندي جنهن جو تهذيبي اختلاف سان ڪو تعلق نه هوندو.هن وقت اسان جنهن تهذيبي ٽڪراء جو مشاهدو ڪري رهيا آهيون اهو رڳو اولهه جي سيڪيولر جديد تهذيب ۽ ادسلامي تهذيب جي وچ ۾ آهي.پر ايئن ڇو آهي؟ سيڪيولر جديد مغربي تهذيب ۽ اسلامي تهذيب وچ ۾ مفاهمت ڇو نٿي ٿي سگھي؟اهو هڪ اهم سوال آهي.اولهه جي تهذيب سان جن قومن جو ٽڪراء ٿيو انهن مان ڪجهه اهي هيون جن جي ڪا مستقل تهذيب نه هئي ۽ جيڪڏهن هئي به ته اها ايتري مضبوط نه هئي جو ڪنهن ٻي تهذيب جي مقابلي ۾ بيهي سگھي.ڪجهه تهذيبون اولهه جي تهذيب سان سهمت هيون.ان صورتحال  ۾ گھڻيون قومون آسانيء سان مغربي تهذيب جي رنگ ۾ رنگجي وييون پر ان سلسلي ۾ اسلامي تهذيب جو معاملو بلڪل مختلف هو.دنيا جي هر تهذيب چئن بنيادي اصولن تي ٻڌل هوندي آهي.اولهه جي تهذيب جااهي چار بنيادي اصول مڪمل طور تي اسلامي تهذيب جي مخالف رهيا آهن.ان اختلاف سبب ئي دنيا ۾ اصل تهذيبي ٽڪراء اسلامي تهذيب ۽ اولهه جي جديد سيڪيولر تهذيب جي وچ ۾ رهيو آهي.دنيا جي هر تهذيب ڪائنات جي جوڙ جي باري ۾ پنهنجو نظريو رکي ٿي.اهو نظريو تهذيب جا ٻيا سمورا وچور طيء ڪندو آهي.ان ڪري دنيا جي هر تهذيب پنهنجو هڪ بنيادي تصور يعني ”خدا جو تصور“ رکي ٿي.عيسائيت ۾ ٽن خدائن جو ذڪر آهي ته اسلام ۾ اڪيلي خدا جو.جيڪي ماڻهو ڪنهن به خدا کي نٿا مڃين اهي به مادي،انسان،فطرت يا سرمايي جي خدائيء جا قائل ضرور آهن.مختصر اهو ته دنيا جي ڪابه تهذيب خدا جي تصور کان خالي ناهي.اهو تهذيب جو پهريون اصول آهي.ڪنهن به تهذيب لاء بنيادي سوال اهو آهي ته هيء ڪائنات ڇا آهي؟ انسان جي ڪائنات ۾ ڪهڙي حيثيت آهي جنهن لحاظ کان سندس ڪردار مقرر ڪيو وڃي.انسان هن ڪائنات ۾ خدا آهي يا خدا جو بندو آهي؟ ان اصول کي خالص علمي زبان ۾ الاهيات (Ontology) جو اصول چئبو آهي.اسلامي تهذيب ۽ مغربي تهذيب ۾ به بنيادي فرق انهيء ئي ”تصور خدا“ جو آهي.اسلامي تهذيب ۾ هڪ اڪيلي ذات ”الله“ جي ئي آهي جيڪو ڪائنات کي خلقڻ ۽ هلائڻ وارو آهي.اولهه جي تهذيب جي سوچ مطابق هيء ڪائنات پاڻهي بنان ڪنهن خالق جي وجود ۾ آئي آهي ۽ ڪائنات مرحليوار ۽ هڪ خود ڪار عمل ذريعي پنهنجي پيدائش ۽ هاڻوڪي صورت اختيار ڪئي آهي.اولهه جي تهذيب موجب انسان پاڻ ئي سڄي ڪائنات جو محور ۽ مقصد آهي جيڪو ڪنهن به مٿانهين هستيء جو پابند ناهي.
تهذيبن جي سڃاڻپ جو ٻيو اصول اهو آهي ته دنيا جي هر تهذيب يقيني ۽ حتمي علم جو ڪو نه ڪو شعور ضرور رکي ٿي.اهو شعور ٻڌائي ٿو ته يقيني علم ڪٿان حاصل ٿئي ٿو؟اسلامي تهذيب جي سوچ آهي ته يقيني ۽ حتمي علم رڳو وحي ذريعي حاصل ٿي سگھي ٿو،باقي ٻين ذريعن حاصل ٿيندڙ علم کي وحيء جي ڪسوٽي تي پرکيو ويندو.جديد مغربي تهذيب جو علم جو نظريو اهو آهي ته علم جوحتمي ۽ يقيني ذريعو رڳو سائنس آهي ۽ سائنس ئي ٻئي هر علم جي قدر ۽ قيمت جو فيصلو ڪندي.علمي زبان ۾ ان اصول کي علم جو ذريعو يا (Epistemology) چئبو آهي.
تهذيب جي سلسلي ۾ ٽيون اهم سوال اهو آهي ته زندگي ۽ ڪائنات ڪيئن وجود ۾ آئي؟ اهو Efficient Cause  جو اصول سڏائي ٿو.هتي اسلامي تهذيب ٻڌائي ٿي ته ڪائنات ۽ ان ۾ موجود زندگي جي وجود ۾ اچڻ جو واحد سبب الله تعاليٰ جو ارادو آهي.ڪائنات جي خالق ”ڪن“ چيو ۽ ڪائنات توڙي ان ۾ موجود هر زندگي وجود ۾ اچي ويئي.آدم عليه السلام پهرئين ڏينهن به انسان هو ۽ اڄ به انسان آهي.ان جي ڀيٽ ۾ جديد تهذيب جو اعلان آهي ته انسان ڊارون جي نظريي مطابق هڪ ڪيڙي مان اوسر ڪري انسان بڻيو آهي.دنيا جي هر تهذيب انساني ڊوڙ ڊڪ لاء ڪنهن نصب العين جو فيصلو ضرور ڪيو آهي.انسان آڏو اهو سوال سدائين اهم رهيو آهي ته سندس سموري ڊوڙ ڊڪ جو حاصل ڇا آهي؟ اهو ڪهڙو مقصد آهي جنهن لاء انسان پنهنجون سموريون صلاحيتون ۽ توانائيون ۽ وقت خرچ ڪري ٿو.انهيء کي حتمي سبب (Final cause) چئجي ٿو.اسلامي تهذيب الله جي رضا ۽ آخرت ۾ نجات کي انساني ڪاوشن ۽ ڪوششن جو محور قرار ڏئي ٿي.جديد تهذيب موجب انساني ڪاوشن جو اڪيلو مقصد رڳو مادي ترقي آهي.جهڙيء طرح انسان پنهنجن خوبين تي ضد ڪري ٿو اهڙيء طرح هر تهذيب نه رڳو برائي،ڀلائيء جو پنهنجو نظام رکي ٿي بلڪه انهيء تي ڄمي بيهي ٿي.مختلف تهذيبن جو پنهنجن قدرن تي اهو سندرو ٻڌي بيهڻ ڪنهن نه ڪنهن مرحلي تي تهذيبي ٽڪراء کي جنم ڏئي ٿو.فرانس ۾ مسلمان عورتن کي زبردستي پردو ڪرڻ کان روڪيو پيو وڃي.اسڪولن ۾ شاگردياڻين کي اسڪارف پائڻ کان منع ڪئي پيئي وڃي.ٻئي پاسي مسلمان عورتون پردي ڪرڻ جي حق کان هٿ کڻڻ لاء ڪنهن طرح تيار ناهن.اهو ننڍڙو مامرو ان تهذيبي ٽڪراء جو هڪ مثال آهي!



(روزاني هلال پاڪستان)

سهڻي صلاح ؛ ڪورونا خلاف جاکوڙ...



ڪورونا جي پکڙجندڙ قدرتي وبا خلاف حڪومت جي جاکوڙ ۾ مڪمل ساٿ ڏيڻ هر شهريء جي  اخلاقي،سماجي ۽ قانوني ذميداري آهي.
سماجي لاڳاپا گھٽايو
سماج کي بچايو.

Monday, March 16, 2020

صدر اشرف غني ۽ افغان امن معاهدو.



شفيق الرحمان شاڪر
ٽرمپ انتظاميا اها دعويٰ ڪرڻ لاء بيچين نظر اچي ٿي ته هن افغانستان ۾ جنگ ختم ڪرڻ لاء شروع ڪيل پنهنجي مهم وارو وعدو پورو ڪري ڇڏيو آهي.هن ان ٺاهه تي صحيحون ڪرائڻ لاء پورو دٻاء وڌو جنهن سبب امن طرف اڳڀرائي ٿي ۽ هن افغان حڪومت ۽ طالبان تي ڇڏي ڏنو آهي ته اهي ان معاملي ۾ وڌيڪ تفصيل طيء ڪن.
تنهن هوندي به ان ”عظيم امن معاهدي“ جي اڃا مس سڪي ئي نه هئي ته طالبان پاران اهو مطالبو سامهون اچي ويو ته افغان حڪومت سندن پنج هزار قيدين کي آزاد ڪري ان کان پوء ئي ڪي با مقصد ڳالهيون اڳيان جاري رهي سگھن ٿيون.افغان حڪومت امن معاهدي ۾ ڪو ڪردار ادا نه ڪيو هو ۽ سندس انهن قيدين کي آزاد نه ڪرڻ وارو فيصلو ان ڳالهه طرف اشارو ڪري ٿو ته ڄڻ اها ان امن معاهدي جي پابند نه هجي.تنهن هوندي به آخر نيٺ افغان حڪومت وٽ ان مطالبي کي مڃڻ سواء ٻيو ڪو رستو نه آهي.
29 فيبروري تي افغانستان ۾ مفاهمت لاء امريڪي خاص نمائندو زلمي خليلزاد قطر ۾ هڪ سينيئر طالبان عهديدار ملا عبد الغني برادر سان ملاقات ڪئي جتي ٻنهي ان معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون جيڪر ان معاهدي تي عمل ٿئي ٿو ته افغانستان تڪرار ختم ٿي سگھي ٿو ۽ نيٺ سموريون امريڪي فوجون وطن واپس هليون وينديون.سيڪريٽري خارجه مائيڪ پومپيو صحيحون ڪرڻ واري گڏجاڻيء ۾ شرڪت ڪئي پر ڪاغذ تي قلم هلائڻ وارو ڪم هن خليلزاد جي حوالي ڪري ڇڏيو.واشنگٽن ڊي سي ۾ صدر ٽرمپ ان ٺاهه جي واکاڻ ڪندي چيو ته هن تڪرارن کي ختم ڪرڻ جي منزل طيء ڪري ورتي آهي ۽ امريڪي عوام جا ٿورا مڃيا  جو انهن ”خون ۽ خزاني“ جي معاملي ۾ ايترو خرچ برداشت ڪيو آهي.ٽرمپ چيو ته طالبان هڪ ڊگھي عرصي کان آمريڪا سان ٺاهه ڪرڻ لاء ڪوششون ڪري رهيا هئا.هن چيو ته هرڪو جنگ کان بيزار آهي.
آمريڪا لاء افغانستان جي جنگ جي قيمت گھڻي ڳري هئي،ان لڙائيء ۾ 4200 کان مٿي فوجي مئا ۽ 20000 زخمي ٿيا ان کان سواء افغانستان ۾ نيٽو ۽ غير نيٽو جا وڌيڪ 117 فوجي مئا آهن ۽ 8000 کان مٿي زخمي ٿيا آهن.2019ع تائين بچاء واري وزارت جنگ جي لاڳت جو اندازو 737 بلين ڊالر لڳايو آهي.
افغانستان جي عوام لاء انساني قيمت ايتري ئي سخت رهي آهي.سمجھيو وڃي ٿو ته افغانستان ۾ 130000 کان وڌيڪ عام شهري پنهنجن زندگين تان هٿ ڌوئي چڪا آهن.ان سان گڏو گڏ 29000 ٻيا افغان فوجي ۽ پوليس جڏهن ته 20000 کان 35000 طالبان ويڙهاڪ به مري چڪا آهن.افغانستان لاء امريڪي معاشي لاڳت ايتري تباهه ڪندڙ آهي جو هڪ سال ۾ ان جو اندازو 21 بلين ڊالرز کان مٿي آهي.ان امن معاهدي جا شرط سڌا ۽ سادا هئا.طالبان سيز فائر جو احترام ڪندا رهندا ۽ القائده يا اسلامڪ اسٽيٽ کي به طالبان جي ڪنٽرول هيٺ علائقن ۾ ڪم ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا.امريڪا 135 ڏينهن اندر افغانستان ۾ پنهنجي حصي جي فوج جو انگ 13000 مان گھٽائي 6800 ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.
امريڪا ان عرصي دوران افغانستان ۾ اتحادي فوج جو انگ متناسب طور تي گھٽائڻ لاء پنهنجي نيٽو ۽ غير نيٽو اتحادين سان ملي ڪري ڪم ڪرڻ جو به وعدو ڪيو آهي ۽ جيڪر طالبان پنهنجن سيڪيورٽي ضمانتن تي قائم رهيا ته چوڏهن مهينن جي اندر اندر افغانستان مان باقي سموريون فوجون به هليون وينديون ۽ طالبان ۽ افغان حڪومت جي وچ ۾ ڪو سياسي حل به نڪري سگھي ٿو.
ان معاهدي ۾ قيدين جي مٽا سٽا جو به مطالبو ڪيو ويو هو جنهن ۾ لڳ ڀڳ 5000 طالبان قيدين جي مٽا سٽا مان 10 مارچ تائين هڪ هزار اهڙن قيدين کي آزاد ڪيو ويندو جيڪي افغان حڪومت وٽ زير حراست آهن.طالبان ۽ افغان حڪومت جي ڳالهه ٻولهه سدائين هڪ حساس معاملو رهيو آهي.افغان صدر اشرف غني کي انديشو آهي ته ڪو به امن عمل جيڪو سندس حڪومت ۽ افغان سيڪيورٽي فورسز جي مستقبل جي باري ۾ مناسب خاطرين سواء اڳيان وڌيو ته اهو قابل عمل نه هوندو.2020ع جي صدارتي چونڊن کان اڳ ٽرمپ انتظاميا ظاهر ۾ اها دعويٰ ڪرڻ جي خواهشمند هئي ته هن افغانستان ۾ جنگ جي خاتمي لاء پنهنجي مهم واري وعدي کي پورو ڪري ڇڏيو آهي. ان ڪري اها امن ڳالهين تي گھڻو زور ڏيئي رهي آهي ۽ افغانستان جي مستقبل جا معاملا طي ڪرڻ لاء افغان حڪومت ۽ طالبان کي ميز تي آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.قطر ۾ ان معاهدي تي صحيحون ٿيڻ کان هڪ ڏينهن پوء صدر اشرف غني جو اهو بيان سامهون آيو ته طالبان قيدين کي آزاد ڪرڻ افغانستان حڪومت جو اندروني معاملو آهي ۽ آمريڪا اهڙن قيدين جي آزاديء لاء افغان حڪومت کي مجبور ڪري نٿو سگھي.ان جي نتيجي ۾ طالبان اعلان ڪيو ته جيستائين طالبان قيدين کي آزاد نٿو ڪيو وڃي ان وقت تائين ڳالهه ٻولهه ڪري نٿي سگھجي ۽ جيڪڏهن ڏهين مارچ تائين ان ڳالهه تي عمل نه ٿيو ته طالبان جنگ بنديء وارو وعدو ٽوڙي ڇڏيندا.تازو ڪابل ۾ هڪ سرڪاري تقريب دوران ٿيل ڌماڪو به شايد ان سلسلي جي ڪا ڪڙي هجي.
معاهدي جي نڪته نظر کان اشرف غنيء جون ابتيون سبتيون ڳالهيون ان امن معاهدي لاء ايتريون خطرناڪ ثابت ٿي نٿيون سگھن.آمريڪي عهديدارن جو خيال آهي ته هي معاهدو جنهن جون گھڻيون ڳالهيون لڪيل آهن انهيء تي افغان صدر جي افغانستان جي خود مختياري جي ڳالهه ڪرڻ کل جوڳي آهي جڏهن ته افغان حڪومت هن وقت به پوريء طرح آمريڪي امداد تي ڀاڙي رهي آهي.
وڌيڪ اهو ته امن معاهدي سان لا تعلقي ظاهر ڪري اشرف غني صدر ٽرمپ جي هن هيڏي ساري محنت ۽ سرمايي کي ڪيئن ٿو ضايع ڪري سگھي جنهنجو تعلق سڌو سنئون آمريڪا جي اندروني سياست ۽ ايندڙ صدارتي چونڊن سان آهي.جيڪر اشرف غني ڪنهن به طرح ان معاهدي کي ناڪام بنائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته پڪ سان اها حرڪت سندس ئي مشڪلن ۾ اضافو ڪندي!

(روزاني هلال پاڪستان)

Sunday, March 15, 2020

دهلي ٻري رهيو آهي!



شفيق الرحمان شاڪر
”مير جي دهليء“ جو هڪ ڀيرو وري حال خراب آهي.بسون،ويگنون ۽ ريلون بند آهن.ٽٽل مسجدن ۽ مدرسن،سڙيل گھرن ۽ دوڪانن،رک بڻيل گاڏين ۽ پٿرن سان اٽيل ويران سڙڪن جي بنياد تي شهر جنگ جي ميدان جو منظر پيش ڪري رهيو آهي.گذريل سال 12 ڊسمبر کان جڏهن مودي سرڪار شهريت وارو بل منظور ڪيو آهي سڄي هندستان ۾ ان خلاف تشدد ڀريل مظاهرا ٿي رهيا آهن.مودي انتظاميه کي پهرين خدشو هو ته ترميم جا مخالف صدر ٽرمپ جي دوري جي موقعي تي عالمي ميڊيا جي گاديء واري شهر ۾ موجودگيء جو فائدو کڻندي پنهنجي طاقت جو ڀرپور مظاهرو ڪندا.ان بنياد تي گھرو وزير اميتشا پنهنجون سموريون مصروفيتون ڇڏي گذريل چئن هفتن کان پوليس ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن سان رابطي ۾ رهيو.صدر ٽرمپ جي ڀارت واري دوري جون تياريون ڪيترن ئي مهينن تائين جاري رهيون.احمد آباد،آگره ۽ دهليء ۾ صفائي مهم تي اربين روپيا خرچ ڪيا ويا.ڪچين وسندين کي معزز مهمان جي نظرن کان لڪائڻ لاء ڪچن گھرن ۽ جھوپڙين آڏو ديوارون اڀيون ڪيون وييون.اهو تاثر ڏيڻ  لاء ته ڄمون ۽ ڪشمير ۾ صورتحال معمول مطابق آهي.24 فيبروري کان وادي جي اسڪولن کي ٻيهر کولڻ جو اعلان به ڪيو ويو.وادي ۾ چوڏهن هزارن جي لڳ ڀڳ تعليمي ادارا گذريل سال آگسٽ کان لاڳيتو بند آهن جڏهن آئين جي آرٽيڪل 370 جي منسوخي بعد پوري ماٿري ۾ ڪرفيو لڳائي ڇڏيو ويو هو.پر سموريون پيش بنديون ۽ احتياطي تدبيرون اجايون رهجي وييون ۽ عين ان وقت جڏهن جڏهن احمد آباد جي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ صدر ٽرمپ دنيا جي” سڀ کان وڏي جمهوريت“ جو قصيدو پڙهي رهيو هو،دهليء ۾ قيامت جو منظر هو.اميتشا جي حڪم تي باوردي پوليس کي پوئتي هٽائي سڄي يو پي مان آيل پيشاور ڏوهارين جا ٽولا مظاهرو ڪندڙن تي ڪڙڪي پيا.دهليء جي ڳوٺاڻي علائقي جعفر آباد ۾ ميٽرو اسٽيشن پل هيٺان پرامن عورتون ڌرڻو ڏيئي ويٺيون هيون ته ڀارتي جنتا پارٽي جي مرڪزي رهنما ڪپيل مشرا جي اڳواڻيء ۾ ”جئي شري رام“ جو نعرو لڳائيندي سوين هٿياربند غنڊن جو ميڙ اتي پهتو.پوليس گاڏيء تي لڳل لائوڊ اسپيڪر تان مشرا اعلان ڪيو ته ”جيڪڏهن اهي عورتون اتان نه هٽيون ته سندن چتا ساڙي ويندي.“ مشرا جي گار گند ڪرڻ تي اتي موجود نوجوان مشتعل ٿي ويا ۽ جھيڙي ۾ سوين ماڻهو زخمي ٿيا.بي جي پي جي غنڊن علائقي جي گھرن ۽ مسلمانن جي دوڪانن کي باهه لڳائي ڇڏي.جعفر آباد کان شروع ٿيندڙ اهو فساد جھٽ ئي موج پور،چاند باغ،گوگل پوري،ڀڄن پورا،ڪراوال نگر ۽ ٻين مسلم اڪثريتي شهرن ۽ ڳوٺن تائين پهچي ويو.پٿراء ۽ چاقو مارڻ سان گڏوگڏ مسلمانن جي گھرن،دوڪانن ۽ گاڏين کي ساڙيو ويو ۽ انهيء دوران پوليس مزاحمت ڪندڙ نوجوانن کي گرفتار ڪري رستن تي بد ترين تشدد جو نشانو بڻائيندي رهي.انهن وڳوڙن ۾ سرڪاري اعلان مطابق هڪ پوليس آفيسر سميت يارهن ماڻهو مري ويا.مسلمانن جو چوڻ آهي ته سندن ڪيترائي ٻار غائب آهن.ماڻهن کي خدشو آهي ته پوليس جاني نقصان گھٽ ڏيکارڻ لاء لاش غائب ڪري ڇڏيا آهن.زخمي ٿيندڙن جو ڪو اندازو ئي ناهي.بي جي پي جي هٿياربند غنڊن جي حملن،باهه لڳائڻ،پوليس جي وٺ پڪڙ ۽ انڌا ڌنڌ فائرنگ باوجود نوجوان اڃا تائين روڊن تي آهن ۽ مظاهرين کي ڏسندي ئي گولي مارڻ جي حڪم باوجود عورتن سميت هزارين مظاهرين جڳهه جڳهه تي ڌرڻوڏيئي ويٺل آهن.پوليس تشدد ۽ مسلمانن تي فرقيواراڻن حملن جي خبرن کي روڪڻ لاء ڪيترن ئي شهرن ۾ انٽرنيٽ سروس معطل ڪئي ويئي آهي.اليڪٽرانڪ ميڊيا به سنسر جي وڪڙ ۾ آهي.مرڪزي وزارت اطلاعات ۽ نشريات نجي ٽي وي چينلز کي باقائدي نوٽيس جاري ڪيا آهن جن ۾ نفرت انگيز ۽ تشدد کي ڀڙڪائڻ واري مواد جي اشاعت تي سخت قانوني ڪاروائي ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني ويئي آهي.ڪاليج ۽ اسڪول بند ۽ امتحان ملتوي ڪيا ويا آهن.گھرو وزير جو چوڻ آهي ته گاديء واري شهر ۾ وڳوڙ منصوبابنديء هيٺ ڪرايا ويا آهن جنهن جو مقصد صدر ٽرمپ جي دوري وقت ڀارت جو تصور خراب ڪرڻ هو.انهن وڳوڙن سبب دهلي جي انتظامي حيثيت جي باري ۾ به سوال اڀا ٿيڻ لڳا آهن.گاديء واري هنڌ هئڻ سبب دهليء جي پوليس مرڪزي وزارت داخلا جي اختيار هيٺ آهي جڏهن ته شهري سهولتون ۽ ٻيا انتظامي معاملا وزير اعليٰ جي نگرانيء هيٺ آهن،دهليء تي عام آدمي پارٽي جي حڪومت جنهن ڪجهه ئي ڏينهن اڳ ٿيندڙچونڊن م حڪمران جنتا پارٽي کي شرمناڪ شڪست ڏني آهي جو وزير اعليٰ اروند ڪجريوال گھڻو پريشان آهي.سندس خيال آهي ته پوليس امن امان برقرار رکڻ ۾ نه رڳو ناڪام رهي آهي پر مجرماڻي غفلت جي مرتڪب ٿي آهي جنهن جي قيمت دهليء جي معصوم شهرين کي ادا ڪرڻي پئجي رهي آهي.هن مرڪزي حڪومت کان گھر ڪئي ته گادي واري شهر ۾ امن امان بحال ڪرڻ سميت غفلت ڪندڙ پوليس آفيسرن خلاف عدالتي جاچ ڪرائي وڃي جنهن شهر کان ٻاهران آيل غنڊن جي سرپرستي ڪئي  ۽ اهو مطالبو به زور وٺي رهيو آهي ته دهليء جي پوليس کي وڏي وزير جي اختيار هيٺ ڏنو وڃي.
دهليء ۾ چونڊي چونڊي مسلمانن کي قتل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي.مسجدن تي حملا ڪيا پيا وڃن ۽ مسلمانن جي ملڪيتن کي نقصان پهچايو پيو وڃي.دهليء جي اتر اوڀر علائقي ۾ ڪرفيو لڳل آهي جڏهن ته وڳوڙ ڪندڙن کي ڏسندي ئي گولي مارڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.اي ايف پي مطابق هندو مسلم فسادن ۾ ٽيهن کان وڌيڪ ماڻهو قتل جڏهن ته چار سو کن زخمي ٿيا آهن.سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيوز ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته آر ايس ايس جا دهشتگرد جھنڊا کڻي مسجدن جي مينارن تي چڙهي ويا،ڪيترين ئي عمارتن کي باهه لڳائي ويئي ۽ ڦرلٽ جو سلسلو جاري آهي.هندو انتها پسندن گاڏين سان گڏوگڏ ايمبولينسز تي به حملا ڪيا.هوڏانهن شهريت تڪراري بل خلاف احتجاج ڪندڙ مظاهرين ۾ شامل هڪ شخص چيو؛ ” اسان پر امن احتجاج ڪري رهيا آهيون،اسين امن گھرون ٿا،ڪو به تشدد نٿو چاهي.پر تشدد واقعن بعد اسان تي خوف ڇانئيل آهي پر اسان پوئتي نه هٽنداسين“.
بي بي سي جو نمائندو فيصل محمد علي جڏهن اتر دهليء جي تشدد کان متاثر ٿيل علائقي ۾ پهتو ته اتي هجوم هن کان اهو موبائيل فون کسڻ جي به ڪوشش ڪئي جنهن ۾ انهن تشدد ڀريل واقعن جي وڊيو موجود هئي.نامه نگار جو چوڻ آهي ته ”هن وقت اتر اوڀر دلي کي ڏسو ته ايئن ٿو لڳي ڄڻ شهر بارود جي ڍير تي بيٺل آهي.“ هڪ مقامي رڪشا ڊرائير جو چوڻ هو ته انتظاميا نالي ڪا شيء موجود ناهي.ايئن ٿو لڳي ڄڻ حڪومت ماڻهن کي وڙهڻ لاء آزاد ڇڏي ڏنو آهي.هن انهن حالتن جي ڀيٽ 1984ع جي هندو سک وڳوڙن سان ڪئي جڏهن پوري دهلي ۾ وڏي پيماني تي تشدد پکڙيو هو.هن جو خيال هو ته جڏهن بي جي پي اڳواڻ ڪپل مشرا نفرت پيدا ڪندڙ بيان ڏيئي رهيو هو تڏهن جيڪر هن خلاف ڪو قدم کنيو وڃي ها ته معاملا ايئن هٿن مان نه نڪرن ها!



( روزاني هلال پاڪستان)

Friday, March 6, 2020

بس ، بد نصيبين جوماتم ڪبو رهبو!



شفيق الرحمان شاڪر
ننڍي عمر ۾ گھڻا لفظ ۽ سندن معنائون ڊول ۾ نه ويهنديون آهن.شوق وچان اخبارن ۾ تصويرون ڏسندا هئاسين ۽ هجون ڪري اخبارن جون سرخيون ۽ فلمي اشتهار پڙهندا هئاسين.هڪ دفعو هڪ انگريزي فلم جو اردو نالو پڙهيوسين ” هي پاڳل،پاڳل،پاڳل دنيا.“ پاڳل پاڳل جي تڪرار سبب اهو اشتهار اڃا تائين ذهن تان نه هٽي سگھيو آهي.ڪنهن پاڳل کي ٽي دفعا پاڳل چوڻ جي منطق اڄ تائين سمجھه ۾ نه اچي سگھي.جنهن ملڪ ۾ اسان رهون ٿا اتي پيزا پوليس کان وڌيڪ ڦڙتيء سان اسان جي گھر پهچي وڃي ٿي.ڪار خريد ڪرڻ لاء سو سيڪڙو آسانيء سان جڏهن ته تعليم حاصل ڪرڻ لاء ويهه سيڪڙو قرض ملڻ به مشڪل آهي.باسماتي چانور ٻه سو روپيا ڪلو جڏهن ته موبائيل سم مفت ۾ ملي وڃي ٿي.جوتا جيڪي ايئرڪنڊيشنڊ دوڪانن ۾ وڪيا وڃن ٿا جڏهن ته کاڌي جون ڀاڄيون ۽ ميوا فٽ پاٿ تي وڪجن ٿا.ليمن جوس هٿرادو فليور سان ٺاهيو وڃي ٿو جڏهن ته ٿانون ڌوئڻ وارو لڪئيڊ تيار ڪندڙ ڪمپنيون دعويٰ ڪن ٿيون ته ان ۾ اصلي ليمون شامل ٿيل آهي.ايم اي پاس،ايم ايس سي هولڊر،انجنيئر ۽ ٻيا پڙهيا لکيا ماڻهو بيروزگار ڌڪا کائي رهيا آهن ۽ ڪيترا ئي اڻ پڙهيل،جاهل ايم پي اي،ايم اين اي ايستائين جو وزير بڻجي وڃن ٿا. انهن ۾ سوين ڪرپٽ، رشوت خور ۽ ٽيڪس چور آهن.ڪجهه قبضا گروپ،منشيات فروش،بجلي چور،گئس چور لينڊ مافيا جا ڪرتا ڌرتا به آهن.هتي اشرافيا سياست کي ڪمائيء جو ذريعو بنائي ڇڏيو آهي.ڪجهه مذهبي ٺيڪيدارن مذهب کي ڪاروبار ۽ پنهنجا ذاتي فائدا حاصل ڪرڻ جو ذريعو بنائي رکيو آهي.جنهن ملڪ ۾ صحت ۽ تعليم جهڙن شعبن تي به مافيا قبضو ڪري وٺي ۽ عام ماڻهو ڪنهن ننڍڙي خوشيء لاء به سڪندا هجن ته دل ۾ وري وري اهو خيال اچي ٿو ته اسان به ڪهڙي عظيم قوم آهيون؟ انهن ڳالهين تي ناراض ٿيڻ،شور مچائڻ ۽ گوڙ ڪرڻ،ڪڙهڻ يا تبصرو ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي،اوهان ان نموني ئي دستور جيان ستا رهو.يا وري جاڳندي سمهندي پنهنجن حالتن ۽ بدنصيبين جو ماتم ڪندا رهو نه ته ماڻهو اهو الزام ڏيندا هيء ڪا پاڳل قوم آهي.اڄ جي نفسا نفسيء جي دور ۾ جڏهن اسان جي حڪمرانن پنهنجي لاء دولت جا ڍير لڳائي ڇڏيا آهن،دنيا جهان جون سموريون آسائشون سندن گھر جون غلام بڻجي ڪري رهجي وييون آهن.قانون،سياست ۽ جمهوريت سندن خواهش جو نالو آهي ان ماحول ۾ ملڪ يا عوام جي باري ۾ سوچڻ چريائپ ناهي ته پوء ٻيو ڇا آهي؟اها ڳالهه دعويٰ سان چئي سگھجي ٿي ته هن اشرافيا کي جيڪر ڪجهه به ملڪ ۽ هن عوام سان ڪا محبت هجي ها ته هي هڪ اهڙو ملڪ هجي ها جتي هر طرف خوشين جا فصل ٽڙن ها،جتي زندگيء جون انيڪ مرڪون ۽ نين اميدن جا رنگ هجن ها.جتي چاهت ۽ محبت جو واپار هجي ها،جتي ظلم ۽ ناانصافيء جي چادر پکڙيل نه هجي ها،جذبن جي سچائي هجي ها،جتي رشتا ڪچا نه هجن ها،جتي تعصب ۽ نفرت نه هجي ها.قانون جي حڪمراني هجي ها پر اهو سڀ ڪجهه اڃا تائين ته رڳو خواب يا خيال آهي.جنهن ملڪ کي قدرت پنهنجي اڻ ڳڻين نعمتن سان نوازيو آهي پر هتان جي حڪمرانن ڪڏهن به پاڪستاني بڻجي ناهي سوچيو.اسلامي دنيا جو ايٽمي صلاحيت رکندڙ پهريون ملڪ،جنهن ملڪ ۾ دنيا جي ٻي وڏي لوڻ جي کاڻ،دنيا جي پنجين وڏي سون جي کاڻ،دنيا جي ڇهون نمبر وڏي فوج جنهنجي صلاحتين جو اقرار پوري دنيا ڪري ٿي،دنيا جي ستون نمبر وڏي ٽامي جي کاڻ،سوئي گئس،ڪوئلو،تيل جا اڻ ميا ذخيرا پوء به آئي ايم ايف کان خيرات،غير ملڪي قرضن تي دارومدار ۽ امداد لاء ڪشڪول کڻي پوري دنيا ۾ ڌڪا کائڻ سمجهه کان ٻاهر آهي.پنج دريا ۽ دنيا جو بهترين آبپاشي نظام هئڻ باوجود بجليء جي لوڊ شيدنگ ڪيتري نه عجيب ڳالهه آهي ۽ ان کان به وڌيڪ عجيب اهو ته پاڪستان جهڙي زرعي ملڪ ۾ جنهن ۾ پوري دنيا ۾ ڇهين نمبر تي چانورن جي پيداوار ۽ خوشبودار باسمتي چانوربه اهڙا جيڪي هٿوهٿ وڪجي وڃن.انڊيا ۾ ضلع شيخوپورا،سيالڪوٽ جهڙو چانور پيدا نٿو ٿئي.پاڪستاني ڪپڙي تي ميڊ ان جاپان ۽ چانور انڊيا ۽ دبئيء جو ظاهر ڪري مهانگي اگھه سان وڪيو وڃي ٿو پر حڪمرانن جي ناقص پاليسين سبب ڏينهون ڏينهن ايڪسپورٽ گھٽبي ٿي وڃي.اها سڀ چريائپ ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟انهن ڳالين تي گوڙ ڪرڻ،ڪڙهڻ ،تبصرو ڪرڻ ۽شور مچائڻ بدران سمهندا رهو يا وري سمهندي جاڳندي پنهنجن حالتن ۽ بدنصيبين جو ماتم ڪندا رهو.شايد پاڳل به ايترو پاڳل نه هجن جيترو پاڳل اسان بنيل آهيون.اسان ته سٺي ۽ بري جي تميز ئي وڃائي ڇڏي آهي،پاڪستان ۾ نظرياتي ۽ اصولي سياست جو جنازو نڪري چڪو آهي رڳو ذاتي مفادن لاء ماڻهن پارٽين کي سندن مسلڪ جو درجو ڏيئي ڇڏيو آهي.هن وقت تائين جيڪا به پارٽي اقتدار ۾ هوندي آهي انهيء کي ئي ملڪ جي وڏي ۾ وڏي پارٽي هئڻ جو اعزاز ملي ٿو جيڪو ان حقيقت جو انڪاري آهي ان کي گھرجي ته ٿورو پاڪستان جي پارلياماني تاريخ جو جائزو وٺي سڀ سمجھه ۾ اچي ويندو.اسان جا نه رڳو سياستدان پر عوام پڻ سورج مکي جي گلن جيان آهي.سج جي طرف سان گڏوگڏ پنهنجو منهن موڙڻ جا ماهر آهن.ڪهڙي نه مزي جي ڳالهه آهي جو اها قوم جيڪا پنجاهه روپين جي چوريء تي ڪنهن ڳنڍيڇوڙ کي ماري ماري رتورت ڪيو ڇڏي پر کربن روپين جي ڪرپشن ڪندڙن کي پنهنجو حڪمران چونڊيو وٺي.اهڙي قوم جيڪا رڳو انهن اڳواڻن تي اعتماد ڪري ٿي جن جون زبانون تيز ۽ جن جا دماغ شاطر هجن،جن ۾ ماڻهن کي نئون تماشو ڏيکاري کين بار بار بيوقوف بنائڻ جو هنر هجي،جيڪي جمهور جي نالي تي جمهور کي ٺڳي انهن کان جمهوري انداز ۾ ووٽ وٺي کين جمهوريت جي نالي تي غربت،بدحالي،جهالت،بيمارين ۽ بدنصيبين جي اونهي اوڙاهه ۾ ڌڪوڏيندا هجن .جيڪر اهي ئي رهبر ۽ اها ئي قوم هوندي ته پوء  عظيم چريائپ جو اهو سفر بنان ڪنهن وقفي جي ايئن ئي جاري ۽ ساري رهڻو آهي،انهيء چريائپ تي شور مچائڻ ۽ گوڙ ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي،بس سمهي پئو يا سمهندي جاڳندي پنهنجن بدنصيبين جو ماتم ڪندا رهو.

(روزاني ڪلياڻ)

”ڪچي نوڪريء “ وارا تڙيون ناهن لڳائيندا !



شفيق الرحمان شاڪر
جمهوري حڪومت جو هڪ وزير پنهنجي پٽيوالي تي ڪنهن ڳالهه جي ڪري ڪاوڙجي پيو.هن ان پٽيوالي کي پنهنجي آفيس ۾ گھرائي چڱي خاصي جٺ ڪئي.پٽيوالو جٺ سهي جڏهن ٻاهر نڪتو ته ڪنهن پڇيو ته منسٽر صاحب ڇا ٿو چوي؟ پٽيوالي ڪاوڙ مان جواب ڏنو ته ” هي ڪچين نوڪرين وارا اجايو اسان پڪين نوڪرين وارن کي تڙيون لڳائين ٿا.“
سياست جو سج،جمهوريت جو فخر،مادر ملت،قائد ملت،قائد عوام ۽ دختر مشرق جهڙا لقب پاڪستاني سياست جي سمنڊ ۾ سدائين پاڻيء جا ڦوٽا ثابت ٿيندا رهيا آهن.اسان جي ”شاندار“ تاريخ انهن کي ووٽ جي بي وقعت پرچيء ذريعي ”ڪچي نوڪريء“ تي لڳندڙ بيوقوف سڏيندي رهي آهي.انهن جي نوڪريء جي اوقات ٽي وي تي ” منهن جا عزيز هم وطنو برانڊ“ جي هڪ تقرير جي مار رهي آهي.جناب ذوالفقار علي ڀٽو جي نوڪري ڪچي هئي جنهن کي هو عوامي حمايت جي گمان ۾ پڪي سمجھي ويٺو هو.هو ڏاڍيون تڙيون ڏيندو هو.1973ع جو پهريون متفقه آئين،جمهوري ڪلچر،ايٽمي پروگرام جو بنياد،اسٽيل ملز،ٽينڪون جوڙڻ جي واه فيڪٽري،ڪامرا ڪامپليڪس ۽ اسلامي سربراهي ڪانفرنس سڀ هن جون عظيم خوش فهميون هيون.انهن ”تڙين “ سان هڪ ”مرد مومن“ جي صبر جو پيالو ڇلڪي پيو.1977ع ۾ ساوڻ جي برکا رت جڏهن چانئٺ تي پهتي ته هن ڀٽو کي چيو؛ تنهن جي ٻن ٽڪن جي نوڪري ۽ منهنجو ساوڻ هليو وڃي!”مضبوط ڪرسيء“ وارو رات جي اونداهين ۾ ايئن نوڪريء مان ڪڍيو ويو جهڙيء طرح مکڻ مان وار ڪڍيو ويندو آهي.تڙين ڏيڻ جي ڏوهه ۾ ئي بعد ۾ ڦاسيء جي جھولي تي جھلي پيو.پنهنجي ووٽ سان ڀٽو کي خيالي مضبوط ڪرسي عطا ڪندڙ رڙندا،روئندا،دانهيندا ۽ پڪاريندا ئي رهيا پر کين ڪوڙن ۽ جيلن جي سبق سان سمجھايو ويو ته اوهين ته پاڻ ئي ڪچا آهيو،ڪنهن کي پڪي نوڪري ڪيئن ٿا ڏيئي سگھو؟ڪچي نوڪري ڏيندڙن ۽ وٺندڙن پر ڪجهه نه سکيو.محمد خان جوڻيجو کي به اها ئي خوشفهمي چنبڙي پيئي هئي.غير جماعتي چونڊن جي پيداوار هو پر تڙيون لڳائڻ واري شوق تي قابو رکي نه سگھيو.چوندو هو ته اوهان مارشل لا ڪڏهن ٿا هٽايو؟سڀني کي سوزوڪيء تي ويهاريندس.بينظير ڀٽو جي وطن واپسيء تي کين ريليون ڪڍڻ جي اجازت ڏيئي ويهي رهيو.جنيوا ٺاهه تي صحيحون ڪرڻ کان اڳ صلاح مشوري لاء سياسي جماعتن جي گول ميز ڪانفرنس گھرائي ورتائين جيڪي دائمي ”سيڪيورٽي رسڪ“ هئا انهن کي به پاسي ۾ ويهاريائين.جنرل ضياء الحق جي دادلن وزيرن ڊاڪٽر محبوب الحق،عطيه عنايت الله ۽ ڊاڪٽر اسد محمد خان کي ڪابينا مان فارغ ڪري ڇڏيائين.اوجھڙي ڪيمپ سانحي تي انڪوائري ويهاري ويٺو.جڏهن تڙيون ڏيڻ ۾ حد لنگھي ويو ته پنهنجي هڪ پرڏيهي دوري کان واپسيء تي ڏٺائين ته سندس ”ٻن ٽڪن واري نوڪريء“ تي 58 ٽو بي جو ڪهاڙو هلي چڪو آهي.2 ڊسمبر 1988ع تي پهرين مسلمان خاتون وزير اعظم طور قسم کڻندڙ پرين جهڙي بينظير ڀٽو جي باڊي لينگيوئيج ٻڌائي رهي هئي ته هوء گھٽ ۾ گھٽ پنج سال ته رهندي پر شايد کيس معلوم نه هو ته سندس مقابلو ڪرڻ لاء ان کان ”بهتر“ ماڻهو تيار ٿي رهيا آهن.پيء وانگر هوء به تڙيون لڳائيندي هئي،مڪمل اختيار گھرندي هئي،سو رڳو ارڙهن مهينا ئي سندس نوڪري هلي سگھي.بابا اسحاق کيس 58 ٽو بي جي ڏنڊي سان کيس اها ڄاڻ ڏني ته اسيمبلي سميت سندس ڪچي نوڪري ختم ٿي چڪي آهي.1993ع ۾ بينظير ٻيهر وزير اعظم چونڊجي آئي.بابا اسحاق موڪلائي پشاور وڃي چڪو هو پر پنهنجو ڪهاڙو ايوان صدر ۾ ئي ڇڏي ويو ته جيئن ضرورت وقت ڪم اچي.اهڙي ئي وقت جي ضرورت هيٺ فاروق ڀائي انهيء ئي تيز چاقو سان پنهن جي ڀيڻ جي ڪچي نوڪري ختم ڪري ڇڏي.عوامي حمايت جي جوش ۾ وزارت عظميٰ جي نوڪريء جو شوق هن جي دل مان نه نڪتو.عهدي جي لالچ کي هتي سٺي نظر سان نٿو ڏٺو وڃي ان ڪري ملڪ جي ”وسيع تر مفاد“ ۾بينظير ڪنڊي کي هميشه لاء ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽کيس 2007ع ۾ هن دنيا کان ئي ٻاهر موڪلي ڇڏيو ويوته جيئن پياري وطن ۾ ڪنهن غلط روايت جو رواج نه پوي.
نواز شريف ٽي ڀيرا وزير اعظم رهي ڪري به پنهنجي نوڪريء جي حقيقت کان اڻ ڄاڻ رهيو.هر ڀيري تڙيون لڳائي پنهنجي ڪچي نوڪري تان فارغ ٿيندو رهيو.پهريون ڀيرو نوڪري ملي ته تڙي لڳائي ويٺو ته ” ڊڪٽيشن نه وٺندس”. 58 ٽو بي جو ڏنڊو جنهن کي بابا اسحاق مناسب وقت لاء دفن ڪري چڪو هو تنهن کي نواز شريف جي ڳالهه ٻڌي ڪري ايئن لڳو ته هي ماڻهو ته پنهنجي نوڪري پڪي سمجھي رهيو آهي،بابا جذباتي ٿي ويو۽ 58 ٽو بي جي آري پنهنجي پاڙي ۾ موجود ايوان وزير اعظم تي هلائي ڇڏي.عدالت عظميٰ ايوان بحال ڪيو پر ڇڪتاڻ برقرار رهي ته جنرل وحيد ڪاڪڙ وچ ۾ ٽپي ٻنهي جون ڪچيون نوڪريون ختم ڪري ڇڏيون.1997ع ۾ نواز شريف ڳرو مينڊيٽ کڻي ٻيهر وزير اعظم بڻيو پر تڙين کان نه مڙيو.مجبوراً چوٿين فاتح پرويز مشرف کيس ڪچي نوڪريء تان برطرف ڪري جيل ۾ وجھي ڇڏيو.هو پارٽي ۽ عوام کي دغا ڏيئي ملڪ کان ٻاهر هليو ويو.اميد هئي ته برادر اسلامي ملڪن ۾ ڊگھي واندڪائي واري وقت ۾ هن دنيا سان گڏ پنهنجي نوڪري جي بي ثباتيء تي به گھڻو غور فڪر ڪيو هوندوپر افسوس جو هو رڳو خادمين حرمين شريفين جي دعوتن مان ئي لطف اندوز ٿيندو رهيو.2002ع جي چونڊن بعد ”اصحاب قاف“ مان به ظفر الله جمالي ۽ چوڌري شجاعت جون به ڪجهه وقت لاء ڪچيون نوڪريون لڳيون.2008ع ۾ پيپلز پارٽي ڪاميابي حاصل ڪئي ته يوسف رضا گيلاني جي ڪچي نوڪري لڳي جيڪا اسٽيبلشمينٽ جي هڪ ٻئي مهري ۽ بدنام زمانه منصف افتخار چوڌري هٿان ڪچي ثابت ٿي.2013 ع ۾ نواز شريف ٽيون ڀيرو وزير اعظم چونڊيو ويو پر ماضي جي ڪنهن به سبق مان سندس جھولي خالي هئي.بينظير جيان هن کي به خوشفهمي هئي ته عوامي مقبوليت ۾ ڪو به سندس مقابلو ڪري نٿو سگھي پر هو به ان سچائيء کان اڻ واقف رهيو ته ان کان وڌيڪ ”بهتر“ ماڻهو تيار ٿي رهيا آهن. هن ڀيري نواز شريف جو واسطو ”انقلابي سلسلي“ جي ڊيزل سان هلندڙ هڪ ٻي انجڻ سان پيو.ان انقلابي مهري نواز شريف جي نوڪري ختم ڪرائڻ لاء ڌرڻا ڏنا،ريليون ڪڍيون ۽ احتجاجي جلسا ڪيا،نواز شريف تڙيون لڳائڻ کان باز نه آيو ايستائين جو چوٿين فاتح خلاف آئين جي آرٽيڪل ڇهه جي ڪاروائيء جون تڙيون ڏيڻ لڳو.شهباز شريف ۽ چوڌري نثار جهڙن جانثارن جون ڪوششون به اجايون وييون.پاناما ليڪس سان نواز شريف جو پلاند گدلو هو.بس غير جانبدار عدليا ذريعي ٻه ٽڪيون ڏياريون وييون ۽ همراهه نوڪريء کان فارغ ٿي ويو.ان کان اها اميد اجائي هئي ته هو جيل ۾ سوچڻ سمجھڻ جهڙي ڪا فضول حرڪت ڪندو سو اهو ئي سندس سٺ تي ڪانٽو رهيو ۽” هم تو ڊوبين هين صنم تم ڪو بهي لي ڊوبين گي “ جي پاليسيء تي گامزن رهندي گھڻو عرصو تڙيون لڳائيندو رهيو پر نيٺ هن جي عقل ۾ به اها ڳالهه اچي ويئي ته پڪي نوڪريء وارن سان ڦٽائي وري ڪنهن ڪچي نوڪري ملڻ جي اميد ڪري نٿي سگھجي ان ڪري ” يو ٽرن پڪڙو“ جو صلاحون ڏيندڙن جي ڳالهه نيٺ ميان صاحب جي سمجھه ۾ اچي ويئي ۽ خير جوڪجهه وقت لاء گورن جي ملڪ روانو ٿي ويو.ماڻهن کي مريم نواز سان به گھڻيون همدرديون آهن جو هوء ويچاري نوڪري ملڻ کان پهرين ئي فارغ ٿي ويئي.هن ته وزير اعظم هائوس ۾ ڪيترن ئي اعليٰ سطحي اجلاسن جي صدارت ڪري ۽ عملدارن کي حڪم احڪام ڏيئي پنهنجي ٻن ٽڪن واري نوڪريء لاء چڱي خاصي پريڪٽس ته ڪري ورتي هئي پر خدا جي ڪمن ۾ ڪير ٿو ٽنگ اڙائي سگھي؟هن جو جهاز به سمجھو ته تيار بيٺو آهي.پيپلز پارٽي ۽ نون ليگ ٻنهي کي 2018ع وارين چونڊن تي اعتراض آهن. هاڻي ٻئي جماعتون هڪ دفعو وري ڪنهن نئين ”ميثاق جمهوريت “ جي تلاش ۾ آهن،اهي ڪچين نوڪرين وارا سدائين ايئن ڪندا آهن.پهرين هڪ ٻئي جون ٽنگون ڇڪيندا آهن ۽ جڏهن سمجھندا آهن ته  کين ڪنهن سرڪاري پارٽيء جي ڀيٽ ۾ ديوار سان لڳايو پيو وڃي ته وري ڪو نه ڪو ميثاق ڪندا آهن.جيئن ئي انهن مان ڪنهن هڪ جي حق ۾ حالتون ڪجهه درست ٿيڻ لڳنديون آهن ته اهڙن ميثاقن کي کڻي رديء جي ٽوڪريء حوالي ڪري ڇڏيندا آهن.اڄ ملڪ جون ٻئي وڏيون سياسي جماعتون اسٽيبلشمينٽ جي ڊيزل سان هلندڙ هڪ ٻي انجڻ جي ڇانو ۾ شش پنج جو شڪار آهن.دور انديش تجزيا نگار سمجھن ٿا ته مولانا عمران خان جي ٻن ٽڪن واري نوڪريء جي خاتمي لاء ڪنهن پري پلان منصوبي تي ڪم ڪري رهيو آهي.ٻئي طرف عمران خان جي تڙين ڏيڻ مان به لڳي ٿو ته هو درويش به پنهن جي نوڪري پڪي سمجھڻ واري غلط فهميء جو شڪار ٿي چڪو آهي.عوام تي زندگي تنگ ڪندڙ اهو حڪمران سمجھي ٿو ته ڪجهه لنگر خانا کولڻ سان ۽ مخالفن خلاف سخت زبان استعمال ڪرڻ سان شايد هو هڪ مقبول عوامي ليڊر بڻجي چڪو آهي حالانڪه هن جي نوڪري ته آئيني ۽ عددي طور تي اڳوڻن سياسي حڪمرانن کان به گھڻي ڪچي آهي.رڳو مولانا تي ڪهڙي ميار رکجي،سچائي ته اها ئي آهي جو هتي اهي سڀ جا سڀ اسٽيبلشمينٽ جي ڊيزل سان هلندڙ مهرا ئي رهيا آهن.انهن کي ڪير سمجھائي ته اوهان جي حيثيت رڳو ڪنهن پتليء جهڙي آهي جنهنجو دنيا اڄ تائين تماشو ڏسندي رهي آهي.ان ڪري اي اصول پسندو! اي جمهوريت جا علمبردارو! ۽ ووٽ کي عزت ڏيڻ جا مطالبا ڪندڙو!۽ حڪمرانيء جي شيرواني پهڙڻ جي شوق ۾ هڪ ٻئي کي لتاڙي اڳتي نڪرڻ وارو! سڀ سمجھي ڇڏيو ته اوهان جي نوڪري ڪلهه به ڪچي هئي ۽ اڄ به ڪچي آهي.اها پڪي رڳو تڏهن ٿي سگھي ٿي جڏهن اوهان جون انجڻون ”پن جي پيٽرول “ بدران عوامي بيليٽ جي طاقت سان هلڻ لڳنديون!


(روزاني جيجل)

Tuesday, March 3, 2020

ماضيء جو آئينو؛ ذوالقرنين ۽ ياجوج ماجوج جو قصو.




شفيق الرحمان شاڪر
قرآن مجيد ۾ ذوالقرنين جي باري ۾ اهي لفظ بيان ٿيل آهن ته ” ماڻهو اوهان کان ذوالقرنين جي باري ۾ پڇن ٿا،اوهين کين ٻڌايو ته اجھو ئي آئون ان جو ڪجهه حال اوهان کي ٻڌائيندس.بيشڪ اسان ان کي زمين ۾ اقتدار بخشيو هو ۽ هر قسم جو ساز ۽ سامان به ڏيئي رکيو هو سو هو هڪ مهم تي هلي نڪتو ايستائين جو سج لهڻ جي حد تائين پهچي ويو.هن کي ايئن محسوس ٿيو ڄڻ ته سج ڪنهن گند واري چشمي ۾ ٻڏي رهيو آهي.اتي هن هڪڙي قوم ڏٺي.اسان چيو اي ذوالقرنين توکي اختيار آهي ته انهن کي سزا ڏي يا انهن سان نيڪ سلوڪ اختيار ڪر.ذوالقرنين چيو؛جيڪو شخص ظلم ڪندو ان کي ته اسان به سزا ڏينداسين ۽ جڏهن اهو پنهنجي پروردگار طرف موٽايو ويندو ته اهو به کيس سخت عذاب ڏيندو.البت جيڪو ايمان آڻيندو ۽ نيڪ عمل ڪيائين تنهن کي چڱو بدلو ملندو ۽ انهن کي اسان پنهنجا سولا ڪم ڪرڻ لاء چونداسين.پوء هو هڪ ٻي مهم تي هلي نڪتو ايستائين جو اهو سج اڀرڻ جي حد تائين وڃي پهتو.هن کي ايئن معلوم ٿيو ته سج هڪ اهڙي قوم تي اڀري رهيو آهي جنهن قوم ۽ سج جي وچ ۾ اسان ڪا اڙ ناهي بنائي.واقعو اهڙو ئي هو ۽ ذوالقرنين کي جيڪي حالتون پيش آيون انهن کي اسان چڱيء طرح ڄاڻون ٿا.پوء هو هڪ ٽين مهم تي نڪتو ايستائين جو هو هو ٻن گھاٽين جي وچ ۾ پهتواتي هن هڪ اهڙي قوم ڏٺي جيڪا ڪا ڳالهه نه سمجھي رهي هئي.انهن چيو؛ اي ذوالقرنين! ياجوج ۽ ماجوج هن ڌرتيء تي ممڻ مچائي رکيو آهي.جيڪر اسان توکي ڪجهه چندو گڏ ڪري ڏيون ته تون انهن ۽ اسان جي وچان ڪا ديوار جوڙي ڏيندين؟ذوالقرنين چيو ته ؛ منهن جي پروردگار مون کي مالي قوت ڏيئي رکي آهي،اوهين رڳو مون کي جسماني قوت مهيا ڪريو ته آئون اوهان جي ۽ انهن جي وچان بند ٻڌي ڇڏيندس.مون کي لوهه جون چادرون آڻي ڏيو.ذوالقرنين جڏهن انهن چادرن کي انهن ٻنهي گھاٽين جي وچ ۾ برابر ڪري خلا کي ڀري ڇڏيو ته انهن کي چيو؛ هاڻي باهه ڀڙڪايو ته جيئن لوهه جون چادرون جڏهن باهه جيان ڳاڙهيون ٿي وييون ته هن چيو ته مون وٽ پگھريل ٽامو آڻيو ته جيئن آئون انهيء کي انهن چادرن جي وچ ۾ وهائي مضبوط ڪري ڇڏيان.اهڙيء طرح اهڙو بند بڻجي ويو جو ياجوج ماجوج نه ته ان جي مٿان چڙهي سگھيا ٿي ۽ نه ئي ان ۾ ڪو سوراخ ڪري سگھيا ٿي.ذوالقرنين چيو؛ اهو منهنجي پروردگار جي رحمت سان بڻجي ويو آهي پر جڏهن منهنجي پروردگار جي وعدي جو وقت ايندو ته هو ان بند کي مٽيء ۾ ملائي ڇڏيندو ۽ منهنجي رب جو وعدو سچو آهي.ان ڏينهن اسان انهن ماڻهن کي کليل ڇڏي ڏينداسين ته اهي هڪ ٻئي سان چنبڙي پون ۽ صور ڦوڪي ويندي پوء اسان سڀني ماڻهن کي گڏ ڪري وٺنداسين.“
ذوالقرنين ڪير هو؟ قريش جو ٽيون سوال ذوالقرنين جي باري ۾ هو جنهن جو انهن آيتن ۾ جواب ڏنو ويو آهي.ذوالقرنين جي شخصيت جي باري ۾ اها ڳالهه پڪي آهي ته يهود کي سندس باري ۾ ڄاڻ هئي ۽ ان بادشاهه جو ذڪر انهن جي ڪتابن ۾ موجود هو تڏهن ئي ته انهن قريش مڪه کي اهو سوال پڇڻ لاء چيو هو ۽ جيڪي ڪجهه قرآن مان معلوم ٿئي ٿو سو اهو ته هو هڪ طاقتور ۽ نامور بادشاهه هو.الله کان ڊڄندڙ ۽ انصاف پسند حڪمران هو.سندس بادشاهي گھڻو پکڙيل هئي ۽ ذوالقرنين جي لغوي معنيٰ ته ”ٻن سڱن وارو“ آهي پر ان جو مطلب اهو ناهي ته واقعي ان جي مٿي تي ٻه سڱ هئا بلڪه هن کي ذوالقرنين ان معنيٰ ۾ چيو ويندو هو جو سندس سلطنت جو علائقو ڪجهه ايئن محسوس ٿيندو هو جيئن ڪو ڍڳو هجي جنهنجي مٿي تي ٻه سڱ هجن.قرآن ۽ حديث ۾ ڪٿي به ذڪر ناهي ته ذوالقرنين جو اصل نالو ڇا هو؟ اهو ڪهڙي علائقي جو بادشاهه هو ۽ ڪهڙي قوم سان واسطو رکندو هو؟ڪهڙي دور ۾ اهو بادشاهه گذريو آهي؟ان ڪهڙن ڪهڙن علائقن ۽ ملڪن کي فتح ڪيو هو؟اولهه ۾ هن ڪهڙن ملڪن کي فتح ڪيو ۽ اوڀر ۾ هو ڪهڙي مهم تي هو؟سندس ٽيون سفر ڪهڙي طرف هو؟انهن معاملن اندر تاريخدانن ۾ گھڻو اختلاف آهي.ذوالقرنين جو اهو واقعويهودين جي آسماني ڪتاب تورات ۾ ته آيل ناهي پر تورات جي شرح ۽ تفسير جنهن کي هو پنهنجي اصطلاح ۾ ”تالمود“ چون ٿا انهيء ۾ ذڪر ٿيل آهي.بهرحال اهو ته طيء آهي ته ذوالقرنين هڪ اهڙو بادشاهه هو جنهن جي ڄاڻ يهودين جي عالمن وٽ موجود هئي.جنهن جي باري ۾ انهن سوال ڪيو هو ۽ جنهنجي باري ۾ قرآن جواب ڏنو.مولانا سيد مودودي بائيبل جي اڀياس بعد جيڪا تحقيق پيش ڪئي آهي سا اها ته ذوالقرنين جو اطلاق ايراني حڪمران خورس تي ئي ٿي سگھي ٿو جنهنجو عروج 549 ق م ويجھو شروع ٿيو.هن ڪجهه سالن جي عرصي ۾ الجبال ۽ ايشياڪوچڪ جي سلطنتن کي فتح ڪرڻ بعد بابل کي به فتح ڪري ورتو هو جنهن بعد ڪابه طاقت سندس رستي جي رڪاوٽ نه بڻي.سندس فتحن جو سلسلو سنڌ ۽ ترڪستان کان ويندي هڪ طرف مصر ۽ لبيا تائين ۽ ٻئي پاسي ٿريس ۽ مقدونيا تائين پکڙجي ويو ۽ اتر ۾ هن جي سلطنت ڪاڪيشيا ۽ خوارزم تائين پکڙيل هئي.عملي طور تي ان وقت پوري مهذب دنيا سندس حڪم هيٺ هئي.تفسير حقانيء واري صاحب موجب زوالقرنين ايران جو نه پر ڪنهن عرب علائقي جو بادشاهه هو ۽ سندس تعلق يمن جي حميري خاندان سان هو.دليل اهو آهي ته ذوالقرنين عربي لفظ آهي فارسي يا ايراني لفظ ناهي.ان کان سواء يمن جا بادشاهه پراڻي زماني ۾ ”ذو“ جو لقب رکندا هئا جيئن ذوالنون،ذونواس،ذون عين وغيره.ايئن ئي ذوالقرنين به هو.ابو ريحان البيروني سندس نالو ابو ڪرب بن عير بن افريس حميري ٻڌائي ٿو.ان جو اصل نالو صعب هو ۽ هو تبع پهرئين جو پٽ هو ۽ اهو ئي ذوالقرنين آهي جنهنجو ذڪر قرآن مجيد ۾ آيو آهي.ان بعد سندس پٽ ذوالمنار ابره،ان بعد سندس پٽ افريقس،ان بعد سندس ڀاء ذوالاذعار،ان بعد سندس ڀاء شرجيل،جنهن بعد سندس پٽ الهدهاد،جنهن بعد سندس ڌيء بلقيس بادشاهه بڻي جيڪا سيدنا سليمان جي درٻار ۾ حاضر ٿي هئي.قرآن ڪريم ۾ ذوالقرنين جي ٽن سفرن جو ذڪر آيو آهي.پهريون سفر پنهنجي سلطنت جي الهندي جي آخري حد يعني ايشيا ڪوچڪ تائين جنهن کان اڳيان سمنڊ آهي جتي بحر ايجين ننڍن ننڍن نارن جي شڪل اختيار ڪري ٿو جتي پهچي ذوالقرنين کي ايئن محسوس ٿيو ڄڻ ته سج ڪاراڻ مائل گدلي پاڻيء ۾ ٻڏي رهيو آهي جنهن قوم سان سندس واسطو پيو اهي جاهل ۽ ڪافر قسم جا ماڻهو هئا ۽ الله تعاليٰ ذوالقرنين کي اهو اختيار ڏنو ته گھري ته کين قتل ڪري يا ٻيو ڪو سخت رويو اختيار ڪري يا الله جو فرمانبردار بنجڻ جي دعوت ڏئي ۽ انهن سان نرم رويو اختيار ڪري.ذوالقرنين ٻيو رستو اختيار ڪيو.ٻيو سفر اوڀر طرف هو.هو علائقا فتح ڪندو نيٺ ان هنڌ پهتو جتي مهذب دنيا ختم ٿي ويئي ٿي ۽ سندس واسطو هڪ اهڙي جھنگلي قوم سان پيو جيڪي پنهنجو گھر ٺاهڻ به نه ڄاڻندا هئا.سج جي گرمي يا برسات کان بچڻ لاء اهي غارن ۾ پناهه وٺندا هئا..ذوالقرنين جي ٽئين سفر جي طرف جو قرآن ۾ ذڪر ناهي تنهن هوندي به سمجھيو اهو ئي ٿو وڃي ته اهو سفر اتر طرف هو ۽ اتر طرف هو قفقاز يا ڪاڪيشيا جي جابلو علائقن تائين پهچي ويو.ذوالقرنين ۽ سندس ساٿي انهن ماڻهن جي ٻولي به نه سمجھندا هئا.
ياجوج ماجوج ڪير آهن؟ ان باري ۾ مسلمان تاريخدانن جو خيال آهي ته ياجوج ماجوج مان مراد نهايت ئي اترين علائقن جون اهي وحشي قومون آهن جيڪي انهن ئي درن ذريعي يورپ ۽ ايشيا جي سڌريل قومن تي حملا ڪنديون رهيون ٿي ۽ جن ئي مورّ سيدنا نوح جي پٽ يافث جو اولاد قرار ڏين ٿا.انهن ماڻهن ذوالقرنين جو سهڻو ورتاء ڏسي کيس عرض ڪيو ته انهن کي ياجوج ۽ ماجوج ستائيندا رهن ٿا جيڪر ممڪن هجي ته انهن کي جبل جي ٻن گھاٽين جي وچ ۾ قيد ڪري ڇڏيو وڃي ۽ ان ڪم تي جيڪو به خرچ ايندو سو اسان ادا ڪنداسين.سو ذوالقرنين سندن عرض قبول ڪيو ۽ چيو ته اوهان جي مالي مدد جي مون کي گھرج ناهي البت اوهين رڳو مزدور مهيا ڪيو ته آئون اهڙي ديوار جوڙيندس.پهرين لوهه جي وڏن وڏن تختن جي مٿان ۽ هيٺان تهه ڄمايا ويا جڏهن انهن جي اوچائي ٻنهي طرفن جي ٻنهي گھاٽين تائين پهچي ويئي ته ماڻهن کي حڪم ڏنائين ته چڱيء طرح باهه ڀڙڪايو ۽ انهيء مقصد لاء ڪوئلي ۽ ڪاٺين کي استعمال ڪيو ويو.جڏهن لوهه باهه جيان ڳاڙهو ٿي ويو ته پگھريل ٽامو مٿان هاري لوهي چادرن کي هڪ ٻئي سان ڳنڍيو ويو ۽ اهو سڀ ڪجهه ملي ڪري هڪ مضبوط جبل جڙي ويو.اوچائيء سبب انهيء مٿان چڙهڻ ناممڪن هو ۽ لوهه جي ٿلهي جڙيل ديوار سبب انهيء ۾ سوراخ به ٿي نٿي سگھيو.جڏهن اها ديوار جڙي ويئي ته ذوالقرنين الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪيو پر گڏوگڏ ماڻهن کي اهو به ٻڌائي ڇڏيو ته توڙي جو اها ڀت نهايت ئي مضبوط آهي پر اها رڳو ان وقت تائين قائم رهندي جيستائين خدا کي منظور هوندو ۽ ”وعدي جي وقت“ مان مراد يا ته ان ديوار جي تباهيء جو وقت آهي يا ان مان مراد قيامت آهي جڏهن هر شيء فنا ٿي ويندي.


(روزاني مهراڻ)

ايڊوڪيٽ نعمت الله خان لاڏاڻو ڪري ويو!



شفيق الرحمان شاڪر
هڪ ڪامياب وڪيل،هڪ سرگرم فلاحي شخصيت ۽ هڪ بي مثال ناظم جي سڃاڻپ رکندڙ نعمت الله خان هن دنيا مان موڪلائي ويو.سندس ڪٽنب 1948ع ۾ شاهجهان پور انڊيا مان ڪراچي اچي آباد ٿيو هو. نعمت الله خان پهرين آڪٽوبر 1930ع تي اجمير شريف جي علائقي شاهجهان پور ۾ پيدا ٿيو.پاڪستان اچڻ بعد هن پنجاب يونيورسٽيء مان گريجوئيشن ڪئي جڏهن ته فارسي ادب ۾ هن ڪراچي يونيورسٽيء مان ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي.ڪراچي يونيورسٽيء مان ئي هن صحافت ۾ ڊپلوما کان سواء ايل ايل بي جو امتحان پاس ڪيو.شاگردي واري دور ۾ هن تحريڪ پاڪستان ۾ هڪ فعال ڪارڪن جي حيثيت سان ڪردار ادا ڪيو.هن 1957ع ۾ جماعت اسلامي ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ زندگيء جي آخري گھڙيء تائين انهيء جماعت سان رهيو.هو ڪراچي جماعت جو نائب امير ۽ امير به رهيو.1985ع جي غير جماعتي چونڊن ۾ هو سنڌ اسيمبليء جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ 1988ع تائين سنڌ اسيمبليء ۾ اپوزيشن ليڊر رهيو.2001ع ۾ قائم ٿيندڙ ضلعي حڪومتن جي نظام بعد نعمت الله ڪراچيء جو پهريون ناظم چونڊيو.هن ڪراچيء جهڙي مسئلن ۾ گھيريل شهر جي رهواسين جي عزم،همت،محنت ۽ ايمانداريء سان زبردست خدمت ڪئي ۽ چئن سالن جي مختصر عرصي ۾ ڪراچيء جي صورت ئي بدلائي ڇڏي.ان جي باوجود جو هن کي ايم ڪيو ايم جهڙي فاشسٽ تنظيم جي گورنر ۽ صوبائي وزيرن پاران ٿيندڙ مزاحمت سبب سخت ڏکيائين کي به منهن ڏيڻو پيو پر هن نهايت همت ۽ جوانمرديء سان انهن جو مقابلو ڪيو.نعمت الله خان جڏهن ناظم ٿيو ته ان وقت شهر جي آبادي پنج سيڪڙو ساليانه جي حساب سان وڌي رهي هئي.شهر جو انفرا اسٽرڪچر تباه ۽ شهر بنيادي مسئلن ۾ گھيريل هو.نعمت الله خان ڪراچيء کي سنوارڻ ۽ سڌارڻ لاء جيڪي ترقياتي منصوبا شروع ڪيا انهن جو مثال پاڪستان جي پوري تاريخ ۾ نٿو ملي.اربين روپين جي سيڙپ سان وڏا شاهراهه تعمير ڪرايا ويا،ڪروڙين روپين جي لاڳت سان شهر جي چوڪن ۽ چوراهن کي سينگاريو ويو.شهر ۾ ٽريفڪ جي نظام ۾ سڌارا آندا ويا.شهر ۾ رستن،فلائي اوورز،انڊر پاسز ۽ پلين جو ڄار وڇايو ويو.روشنيء جو بهترين انتظام ڪيو ويو ٽرانسپورٽ جو نظام بهتر بنائڻ لاء ”اربن ٽرانسپورٽ اسڪيم“ جوڙي ويئي ۽ ٻاهران بسون گھرائڻ سان گڏوگڏ ڪيترين ئي نجي ڪمپنين کي بسون هلائڻ جا لائسنس ڏنا ويا.پهريون ڀيرو پنج سو وڏيون،ويڪريون ۽ اي.ر ڪنڊيشنڊ بسون ڪراچيء جي سڙڪن تي ڊوڙنديون نظر آيون.ٽريفڪ حادثن جي روڪٿام لاء ڪيتريون ئي پيڊسٽرين برجز جوڙڻ سواء ڊرائيورن جي سکيا لاء ڊرائيور ايڪيڊمي قائم ڪئي ويئي جڏهن ته 470 هنڌن تي خوبصورت بس شيلٽر قائم ڪيا ويا.اهڙيء طرح ماس ٽرانزٽ لاء هڪ غير ملڪي ڪمپنيء سان معاهدو ڪيو ويو جنهن مطابق 87 ڪلوميٽر ڊگھي مقناطيسي ريل هلائي ويندي جڏهن ته شهر ۾ سرڪلر ريلوي جي بحاليء سان گڏوگڏ ان جي اورنگي،بلديه،ڪورنگي۽ نارٿ ڪراچيء تائينان جي توسيع جو منصوبو منظورڪيو ويو. نعمت الله خان شهر ۾ تعليم جي بهتريء طرف خاص ڌيان ڏنو.ان ڳالهه جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو ته هن پنهنجي پهرين بجيٽ ۾ ئي تعليم لاء ريڪارڊ 31 سيڪڙو رقم رکي.هن نون اسڪولن جي اڏاوت،پراڻن اسڪولن جي مرمت ۽ اتي بنيادي سهوليتون مهيا ڪرڻ لاء ڪروڙين روپيا خرچ ڪيا.سندس نظامت واري عرصي دوران ڪراچيء ۾ 32 نون ڪاليجن جو واڌارو ٿيو ۽ سمورن ڪاليجن ۾ آئي ٽي ليب جي قيام کي يقيني بنايو.ڪراچيء جي ماڻهن کي بهترين طبي سهولتون مهيا ڪرڻ طرف به سندس پورو ڌيان رهيو.سرڪاري اسپتالن جي حالت بهتر بنائڻ سان گڏوگڏ هن ڏهن مختلف جاين تي چيسٽ پين سينٽر جو منصوبو پيش ڪيو.صحت جي ميدان ۾ سندس خاص ڪارنامو”ڪراچي انسٽيٽيوٽ آف هرٽ ڊزيزز“ جي نالي سان دل جي بيمارين جي اسپتال قائم ڪرڻ آهي.ملير ۾ نئين اسپتال جي قيام کان علاوه نيو ڪراچي ۽ ڪورنگي ۾ ”ڪڊني ڊائلسز سينٽر “ جو قيام به شامل آهي.هو ڪراچيء لاء هڪ ماحول دوست ناظم هو.هن پهريون ڀيرو شهر ۾ سي اين جي تي هلندڙ بسون متعارف ڪرايون ۽ شهر ۾ تمام گھڻا پارڪ لڳرايا.هن چئن سالن ۾ 300 سو پارڪن کي نئين سر تعمير ڪرايو ۽ سوين پلي گرائونڊز جي حالت بهتر بنائي.دامن ڪوهه،باغ ابن قاسم،گٽر باغيچا پارڪ ۽ سفاري پارڪ جي ٻيهر بحالي ۽ سڌارو به سندس ئي ڪارنامن مان آهي. پاڻيء جي کوٽ پوري ڪرڻ لاء هن ”ٿري واٽر سپلاء پروجيڪٽ“ شروع ڪيو.سيوريج جي نظام جي بهتري لاء اربين روپيا خرچ ڪيا.پنجاه سالا پراڻين پائيپ لائينن جي تبديلي ۽ نون پمپس جي تعمير ڪرائي.گند ڪچري کڻڻ لاء 500 سولڊ ويسٽ ٽرانسفر اسٽيشن تعمير ڪيا.ڪراچيء ۾ پهريون ڀيرو سٽي گيمز منعقد جرائڻ به سندس ئي ڪارنامو آهي.نعمت الله خان جا مخالف به سندس سچائي ۽ايمانداريء کي مڃين ٿا.هن رڳو پيٽرول ۽ ڊيزل جي مد ۾ ساڍب اٺن ڪروڙ روپين جي ڪرپشن ختم ڪئي.نعمت الله خان پنهن جي اڻ ٿڪ محنت جي ڪري شهري حڪومٿ جي بجيٽ ۾ حيران ڪندڙ حد تائن واڌارو آندو ۽ ان کي پنجن اربن کان 43 اربن تائين پهچايو.ان ۾ شڪ ڪونهي ته هو ڪراچيء جو سڀني کان بهترين ۽ ڪامياب ترين ميئر هو.سندس انهن خدمتن جي نتيجي ۾ 2005ع ۾ کيس دنيا جي بهترين ميئرن ۾ شامل ڪيو ويو.ڪنهن به اوچتي آفت يا مصيبت جي وقت نعمت الله خان سدائين سڀني کان اڳ مدد لاء ان هنڌ پهچندو هو.الخدمت ويلفيئر سوسائٽي جي سربراهه جي حيثيت سان هن ڪراچيء جي غريب ۽ گھٽ آمدني وارن ماڻهن لاء ڪيتريون ئي ويلفيئر اسڪيمون شروع ڪيون ۽ پوري شهر ۾ اسپتالن،ڊسپينسرين،اسڪولن ۽ مدرسن جو ڄار وڇايو.ان کان سواء 1996ع ۾ دادو ۾ ٻوڏ،1997ع ۾ هرنائي بلوچستان ۾ زلزلي،1998ع ۾ تربت ۽ گوادر ۾ ٻوڏ،1999ع۾ ڪيٽي بندر،جاتي،بدين ۽ سنڌ جي ٻين علائقن سامونڊي طوفان جي موقعن تي رليف آپريشنز جي اڳواڻي ڪئي ۽ ڏکويل انسانيت جي ڦٽن تي مرهم رکيو.1997ع ۾ ٿرپارڪر ۾ ايندڙ ڏڪار دوران جيڪو ڪم نعمت الله خان جماعت اسلامي جي پليٽ فارم تان ڪيو اهو وسارڻ جهڙو ناهي.سچ آهي ته ماڻهو هليا ٿا وڃن پر سندن انسانذات لاء ڪيل خدمتون سدائين زنده رهن ٿيون!


(روزاني عوامي آواز)