Tuesday, January 25, 2022

ماضيء جو آئينو؛ تاريخ جا ڏهه جابر ۽ ظالم حڪمران.


 

شفيق الرحمان شاڪر

جڏهن اسان دنياجي تاريخ تي نظر ڊوڙايون ٿا ته معلوم ٿئي ٿو ته مختلف خطن تي حڪومت ڪرڻ وارن ۾ ڪجهه اهڙا به هئا جن کي اقتدار ۽ اختيار جي نشي اڪثر اهڙو مدهوش ڪيو جو اهي ظالم ۽ جابر بڻجي ويٺا.اهي اهڙا ماڻهو هئا جيڪي پنهنجن ذاتي مفادن جا غلام هئا.انهن جي انهيء ئي خودغرضاڻي سوچ کين پنهنجي اقتدار جي طاقت جي بي رحماڻي استعمال تي ڀڙڪايو ۽ اهي پنهن جي ذات جي تسڪين ۽ مقصدن جي پورائي لاء انسانن مان وحشي جانور بڻجي ويا ۽ اهڙيء ريت اڻ ڳڻين انساني جانين جي زيان ۽ بي انداز تباهي ۽ بربادي جو سبب ثابت ٿيا.جڏهن ته ٻئي طرف اهڙا حڪمران به گذريا آهن جيڪي اهڙن ماڻهن جي ابتڙ عوام لاء رحمت جو سبب بڻيا ۽ انهن جي زندگين ۾ بهتري آڻن لاء پوري پوري ڪوشش ڪيائون. اڄ اسان ڪجهه اهڙن حڪمرانن جو ذڪر ڪنداسين جيڪي پنهن جي ظلم ۽ جبر سبب دنيا ۾ هڪ نرالي سڃاڻپ رکن ٿا.

1. نيرو؛  روم جو هي بدنام زمانه حڪمران جنهن جي طبيعت ۾ اقتدار سنڀالڻ بعد چرپڻ واري ڪيفيت وڌڻ لڳي.سڀ کان پهرين هن پنهنجي ماء ايگريپينا کي قتل ڪيو،ڪجهه عرصي بعد هن پنهنجن ٻنهي زالن کي به واري واري سان ماري وڌو.نوبت ان حد تائين پهتي جو هن پوري روم کي باه لڳائڻ جي سٽ سٽي ته جيئن هو پراڻي شهر جي جڳهه تي نئون شهر جوڙي سگھي.اها باه “ دي گريٽ فائر آف روم” سڏجي ٿي.چون ٿا ته جڏهن روم ٻري رهيو هو ته نيرو سڪون سان ويهي بانسري وڄائي رهيو هو.سندس انجام خودڪشيء تي ٿيو.

2.ڪليگولا؛  “ڪليگولا ” اصل ۾ بي رحمي،جنون،چرپڻ ۽ شيطانيت جو ٻيو نالو آهي.هي رومي بادشاه نهايت ئي سنگدل هو.رڳو شڪ جي بنياد تي به ماڻهن کي قتل ڪرائي ڇڏيندو هو.هن پنهنجن ڀينرن سان شادي ڪئي.اهو ملڪ جو قيمتي خزانو پنهنجي عيش عشرت تي خرچ ڪري ڇڏيندو هو ٻئي طرف عوام بکن کان مري رهيو هوندو هو.هڪ جنگ دوران هن پنهنجي سموري فوج کي سمنڊ ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو هو.ماني کائڻ وقت ڪنهن بيگناه شخص کي آري سان چيرڻ جو تماشو ڏسڻ هن جي وڻندڙ وندر هئي.

3. ڪنگ جان؛  ڪنگ جان کي انگلستان جي تاريخ جو ظالم ترين بادشاه چئي سگھجي ٿو.اهو 24 ڊسمبر 1166ع تي پيدا ٿيو ۽ 19 آڪٽوبر 1216ع تي مري ويو.هو 1199ع کان مرڻ تائين تخت نشين رهيو.هن پنهنجن مخالفن کي قلعي ۾ قيد ڪري کين بکيو اڃو رکي ماري ڇڏيو.هن ماڻهن تي ڳرا ٽيڪس لاڳو ڪيا،ماڻهن جون ملڪيون ضبط ڪيون ۽ اميرن کي جيل ۾ وجھي سندن دولت تي قبضو ڪري ورتو.آخر نيٺ هو پيچش جي مرض ۾ مبتلا ٿي مري ويو.

4.چنگيز خان؛ چنگيز خان دنيا ۾ طلم،سفاڪيت ۽ بربريت جو نشان سمجھيو وڃي ٿوهن جو اصل نالو “تموجن” هو. 1206ع ۾ سمورن مينگول قبيلن کي متحد ڪري انهن جو حڪمران چونڊجندڙ ۔چنگيز خان هڪ ناقابل شڪست ڪردار ۽ پنهن جي دور جي سڀ کان وڏي سلطنت جو مالڪ هو.انهيء سلطنت جي جڙڻ ۾ ڪروڙين ماڻهو موت جي منهن ۾ هليا ويا.چون ٿا ته هو چاليهه ملين ماڻهن جي موت جو ذميدار هو.سندس حملن جي نتيجي ۾ دنيا جي اٽڪل اڌ آبادي بلڪل ختم ٿي ويئي.

5.ولاد دي امپيلر؛  ولاد دي امپيلر نالو ماڻهن لاء شايد نئون هجي پر هن شخص جو هڪڙو ٻيو نالو“ڊريڪولا” به آهي.ڊريڪولا جحرين فلمن ۾ ڪنهن خطرناڪ انسان کي ماڻهو جو رت پيئندي ڏيکاريو ويو آهي پر هي اصلي ڊريڪولا ماڻهن جو رت نهايت ئي وحشاڻي انداز ۾ وهائڻ جو عادي هو.هو پنهنجن دشمنن کي ڪاٺ جون ڊگھيون ڊگھيون ڪليون جسم ۾ ٽنبي کين مرڻ لاء ڇڏي ڏيندو هو.سندس فوجون کوهن ۾ زهر وجھي ڇڏينديون هيون،پوکون برباد ڪري ڇڏينديون هيون ۽ وبائي بيمارين ۾ مبتلا ماڻهن کي دشمنن ۾ موڪليو ويندو هو ته جيئن اهي به ان مرض ۾ مبتلا ٿي مري وڃن.“ دي امپيلر” جي معنيٰ ئي ”ميخون ٺوڪڻ” وارو آهي يعني کيس ان لقب تي فخر هو.

6.آئيوان دي ٽيريبل؛  1530ع ۾ پيدا ٿيندڙ روس جو هي بادشاه 1547ع تي تخت نشين ٿيو ۽ مرڻ تائين يعني مارچ 1584ع تائين حڪمران رهيو.هن روس کي متحد ۽ مضبوط ضرور ڪيو پر ان رستي ۾ هن ماڻهن تي وڏا ظلم ڪيا.هن اميرن جي ملڪيتن تي قبضو ڪيو ۽ پنهنجي هڪ اهڙي ذاتي پوليس فورس قائم ڪئي جيڪا سندس حڪمن تي مخالفن کي رڳڙي رکندي هئي.هن پنهن جي ڳورهاري ننهن کي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ بعد ۾ پنهنجي پٽ کي به قتل ڪري ڇڏيو.

7.ليو پولڊ ٻيو؛ ليو پولڊ ٻئي 1865ع کان 1909ع يعني مرڻ تائين بيلجيم جي ٻئي بادشاه طور حڪومت ڪئي.هن کي “ ڪانگو جو ڪاسائي” جي نالي سان به ياد ڪيو وڃي ٿو.هن ڪانگو جي ڏهه ملين ماڻهن کي موت جي حوالي ڪيو هو.

8.پول پاٽ؛  پول پاٽ هڪ ڪمبوڊين انقلابي اڳواڻ هو جيڪو 1976ع کان 1979ع تائين جمهوريه ڪمپوچيا جو وزير اعظم رهيو.هن استادن،سائنسدانن،تعليمي ماهرن ۽ عام شهرين جي وڏي انگ،مذهبي اڳواڻن ايستائين جو ڪوبه ماڻهو جيڪو ٿورو گھڻو پڙهيل لکيل نظر آيو ان کي ڪيمپن ۾ قيد ڪري ڇڏيو ۽ بعد ۾ انهن کي وڏي پيماني تي ڦاهين تي چاڙهيو ويو.اندازو آهي ته سندس دور ۾ ويهه لک ماڻهو بکن،ڦاهين ۽ صحت جون مناسب سهوليتون نه ملڻ سبب مري ويا هئا.

9. جوزف اسٽالن؛ اڳوڻي سويت يونين جو هڪ انقلابي اڳواڻ هو.هو 1953ع تائين حڪمران رهيو.پنهن جي حڪومت دوران هن لکين هارين کان زمينون کسيون ۽ جن به مزاحمت ڪئي انهن کي قتل ڪري ڇڏيو.هن پنهن جي خفيه پوليس کي بي انتها اختيار ڏيئي ڇڏيا هئا.شهرين جي هر وقت جاسوسي ڪري انهن کي دلائي ڪيمپن ۾ موڪليو ويو ۽ گھڻن کي قتل ڪيو ويو.ٻڌايو ُڃي ٿو ته هن جي دور حڪومت ۾ اٽڪل ويهه ملين ماڻهو ماريا ويا.

10. ايڊولف هٽلر؛  20 اپريل 1889ع تي پيدا ٿيندڙ جرمنيء جي ان ظالم حڪمران 30 نومبر 1945ع تي خودڪشي ڪري ڇڏي هئي.هو 2 آگسٽ 1934ع تي مشهور بدنام زمانه نازي پارٽي طرفان جرمني جو چانسيلر چونڊيو ويو ۽ پوء هن سموري يورپ ۾ تباهي مچائي ڇڏي.هٽلر کي انساني تاريخ جو هڪ بدنام ترين،تخريبي ذهن جو مالڪ ۽ خرابين جو مرڪز سمجھيو وڃي ٿو.هن پنهنجي جارحاڻي ۽ نفرت ڏياريندڙ تقريرن ذريعي جرمنيء جي عوام جي دلين ۾ قوميت جي اها باه ڀڙڪائي جنهن پوري خطي کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو.هن جي ڏوهن ۾ “ڪرسٽل ناخت” جو حڪمنامو شامل آهي جنهن مطابق 9 نومبر 1938ع تي يهودين جي ٻه سو عبادگاهن کي ڊاٺو ويو،اٺن هزار کان وڌيڪ يهودين جا دوڪان ڦريا ويا ۽ لکين يهودين کي حراستي مرڪزن ۾ منتقل ڪيو ويو.هن جا يورپ ۽ آفريڪا تي حملا ۽ يهودين خلاف هولو ڪاسٽ سميت بي شمار جنگي ڏوه شامل آهن.تاريخدان هن کي يارهن ملين ماڻهن جي قتل جو ذميدار ٻڌائين ٿا.

(روزاني عوامي آواز 24 جنوري 2022ع)

Wednesday, January 19, 2022

ماضيء جو آئينو؛ پاڪستان ۾ سياسي ”ڊيلز“ جي تاريخ.


 

شفيق الرحمان شاڪر

اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف جي وطن واپسيء وارين خبرن هڪ دفعو وري پاڪستان ۾ ڪنهن نئين “ڊيل” جو بحث ڇيڙي ڇڏيو آهي.ان خبر ۾ وزن وري وزير اعظم عمران خان پاڻ پيدا ڪري وڌو آهي جنهن ان قسم جو بيان ڏنو آهي ته “ نواز شريف جي نا اهلي ختم ڪرڻ جا رستا ڳولهيا پيا وڃن.”

انهن ڊيل وارين خبرن ۾ ڪيتري سچائي آهي،اها حقيقت ته وقت تي سامهون ايندي پر اهو سچ آهي ته پاڪستان ۾ “ڊيلز” جي سياست ڪا نئين ڳالهه ناهي.

“ڊيل” جو لفظ عام طور تي تڏهن استعمال ٿئي ٿو جڏهن ڪنهن مامري کي ڳالهين ذريعي حل ڪيو وڃي پر پاڪستان ۾ اهو لفظ ناڪاري معنيٰ ۾ استعمال ٿئي ٿو جنهن جو مطلب اهو ورتو ويندو آهي ته جتي قانوني ۽ آئيني رستو موجود نه هجي اتي لڪيل نموني هڪ معاهدي ذريعي هڪ ٻئي کي رعايت ڏني وڃي ۽ ڪجهه شرطن هيٺ ڪنهن کي حڪومت مان ڪڍيو يا رکيو وڃي. پاڪستان جي سياسي تاريخ تي گهري نظر رکندڙ تجزياڪارن جي خيال موجب وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو کان عمران خان تائين سمورن سياستدانن اسٽيبلشمينٽ سان ڪنهن نه ڪنهن سطح تي ڊيل ڪئي ته جيئن پنهنجا سياسي مقصد حاصل ڪري سگھن.ڪجهه تجزيي ڪارن جو خيال آهي ته ڊيل پاڪستاني سياستدانن جي مجبوري آهي ڇوجو ان سواء پاڪستان ۾ اقتدار ماڻي نٿو سگھجي.اهي 2007ع واري ڊيل کي پاڪستاني تاريخ جي سڀ کان وڏي ڊيل قرار ڏين ٿا جيڪا سندن چوڻ مطابق فوجي آمر پرويز مشرف ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي وچ ۾ ٿي هئي جنهن جي نتيجي ۾ اين آر او جاري ٿيو هو.جنرل مشرف جي صدارت بحال رکڻ جي شرط تي محترما ۽ سندس ور خلاف ڪيس واپس ورتا ويا هئا.جڏهن ته ڪجهه ٻين تجزيي ڪارن مطابق 1971ع ۾ جنرل يحيٰ سان جناب ذوالفقارعلي ڀٽو جي اقتدار لاء ڪيل ڊيل تاريخ جي وڏي ڊيل هئي.جنهن جي نتيجي ۾ شيخ مجيب جي واضح اڪثريت حاصل ڪرڻ باوجود ذوالفقارعلي ڀٽو وزير اغظم بڻيو.

1988ع ۾ جڏهن بينظير ڀٽو صاحبه چونڊن ۾ اڪثريت حاصل ڪئي ته اسٽيبلشمينٽ اقتدار حوالي ڪرڻ کان اڳ هن سان به اها ڊيل ڪئي ته وزير خارجه صاحبزاده يعقوب علي خان ۽ وزير خزانه وي اي جعفري رهندا.ان ئي ڊيل ۾ طي ٿيو هو ته بينظير ڀٽو صدارت جي چونڊن ۾ غلام اسحاق خان جي حمايت ڪندي.انهيء ئي ديل جي نتيجي ۾ غلام اسحاق خان صدر بڻيو ۽ ان ئي 1990ع ۾ بينظير ڀٽو جي حڪومت ختم ڪري ڇڏي.

1993ع ۾ بينظير ڀٽو صاحبه فاروق لغاريء کي ان ڪري صدر چونڊرايو جو هو اسٽيبلشمينٽ لاء قابل قبول هو پر فاروق لغاريء 1996ع ۾ نواز شريف سان هڪ لڪيل ڊيل ڪري بينظير حڪومت ختم ڪري ڇڏي.تجزيا ڪارن مطابق اها ڊيل سيده عابده حسين جي ذريعي ٿي هئي جنهن مطابق طيء ٿيو هو ته نوازشريف اقتدار ۾ اچي ڪري فاروق لغاريء کي صدارت تي ٻيهر چونڊرائيندو.انهيء ڊيل ۾ اسٽيبلشمينٽ به شامل هئي.

سياسي تجزيا ڪارن مطابق نواز شريف به ڪيترائي ڀيرا ڊيل ڪئي پر کيس به اقتدار مان ٻاهر ڪڍيو ويو.نواز شريف جنرل مشرف سان ڊيل جي نتيجي ۾ ئي سعودي عرب هليو ويو هو.ان کان سواء 90ع جي ڏهاڪي ۾ جڏهن صدر غلام اسحاق خان ۽ وزير اعظم نواز شريف جي وچ ۾ جھيڙو وڌي ويو هو ته ان وقت جي آرمي چيف جنرل وحيد ڪاڪڙ هڪ ڊيل ذريعي ٻنهي کان استيعفا ڏياري هئي ۽ نين چونڊن جو اعلان ڪرايو هو.

سوال اهو ته آخر اهڙين ڊيلز جي ضرورت ڇو ٿي پيش اچي ۽ ان ڊيلز واري سياست مان ڪڏهن جان ڇٽندي؟اصل ۾ جڏهن سسٽم ڀڄي ڀري پوي ته پوء ان سياسي جمود کي ٽوڙڻ لاء ڊيل جو سهارو ورتو وڃي ٿو.ان جو مطلب اهو ٿيو ته سياسي رانديگرن وچ ۾ دشمني ايتري وڌي ويئي آهي جو ٽين ڌر کي دخل ڏيڻو پئجي رهيو آهي.جيڪڏهن حڪومت ۽ اپوزيشن ٻئي آئين ۽ قائدن مطابق کيڏندا رهن ته پوء ٻاهرين مداخلت جو امڪان گھٽجي وڃي ٿو پر سياستدانن جي اها ڪمزوري هڪ سچائي آهي ته اهي پنهنجا معاملا پاڻ ۾ طيء ڪري نٿا سگھن ۽ اهو به ته اهي عوام سان ايترو ڳنڍيل نٿا رهن جو ايندڙ ڪنهن ڏکئي وقت تي عوامي طاقت کي مزاحمت جي طور تي استعمال ڪري غير سياسي مداخلت روڪي سگھن.اهي ڳالهه ته عوامي طاقت جي ڪندا آهن پر اقتدار جو ڪورمو چٽڻ لاء سندن نظر هر وقت اسٽيبلشمينٽ جي چاڙهيل ديڳ تي ڄميل رهي ٿي..

سياسي ڊيلز جي ان سموري تماشي ۾ هڪڙي ڳالهه جيڪا اڃا تائين سياستدانن توڙي ٻي ڌر ناهي سکي سا اها ته ملڪ عوام جي حقيقي مرضي ۽ جمهوريت جي اصل روح کي لاڳو ڪرڻ سان ترقي ڪندا آهن ڪنهن لڪيل ڊيل جي ذريعي نه،ماضيء جي ڪيل سمورين سياسي ڊيلز جي تاريخ ته اهو ئي سبق سيکاري ٿي!

 (روزاني عوامي آواز 18 جنوري 2022ع)

 

Saturday, January 15, 2022

ماضيء جو آئينو؛ پاڪستان۾سياسي وفاداريون بدلائڻ جي روش.


شفيق الرحمان شاڪر

جسٽس ريٽائرڊ فرخ آفتاب حنيف رامي مرحوم جي ڪتاب “ باز آئو اور زنده رهو” جي حوالي سان ٻڌائي ٿو ته ان ڪتاب ۾ قائد ملت لياقت علي خان جي باري ۾ جيڪي ڪجهه لکيل آهي سو نهايت ئي تشويشناڪ آهي،ان تي يقين نه ڪندي به اهو نتيجو ڪڍي سگھجي ٿو ته اسان عوام پنهنجي سادگي،اسان جا حڪمران پنهنجي چالاڪي،ايمان ۽ عوام فروشيء جي جنهن درجي تي ماضيء ۾ هئا اڄ به ساڳي جڳهه تي بيٺل نظر اچن ٿا.وچ ۾ ايترو ضرور ٿيو ته علامه اقبال جي سوچ ۽ قائد اعظم جي ولوله انگيز قيادت ڪجهه وقت لاء هڪ ميڙ يا هجوم کي قوم بنايو جنهن مسلمانن لاء هڪ آزاد رياست جو حصول ممڪن بڻيو پر قائد جي وفات بعد اها قوم وري هڪ ٽڙيل پکڙيل هجوم بڻجي ويئي جنهن کي پنهنجن ذميدارين جو احساس ته پري رهيو،پنهنجن حقن جو شعور به نه رهيو.حقن جي حاصلات جو سوال ته ادراڪ ۽ احساس جي ڪک مان جنم وٺي ٿو.پاڪستان ۾ ٻه طبقا عوام ۽ حڪمران سدائين ٻن مختلف انتهائن تي رهندا اچن.عوام حڪمران طبقي جو ڪڏهن به محاسبو نه ڪيو ۽ حڪمرانن ۽ سياستدانن به ڪڏهن عوام کي ڪنهن باغ جي موري نه سمجھيو.اهڙيء طرح هر ڪم رڳو ذاتي مفادن لاء ڪيو ويو.جسٽس فرخ  کي قائد ملت جي باري ۾ ڪتاب جي جنهن اقتباس غمگين ڪيو سو اهو ته “ مون کي هتي هڪ نهايت ئي تڪليف ڏيندڙ ڳالهه جو ذڪر ڪرڻو آهي ۽ حقيقت اها آهي ته جيستائين ان جو ذڪر نه ڪبو،ماضيء جي ان داستان کي اڳتي وڌائي نٿو سگھجي.جڏهن کان پنجاب ۾ سر سڪندر حيات جي وزارت قائم ٿي هئي،نوابزاده لياقت عليء خان جو ذاتي رويو اسان جي باري ۾ (پنجاب مسلم ليگ،جنهن جو صدر ڊاڪٽر اقبال هو.)گھڻو ڪجهه بدلجي چڪو هو.هن جي حمايت ۽ امداد سر سڪندر لاء وقف ٿي چڪي هئي.لياقت علي خان آل انڊيا مسلم ليگ جو جنرل سيڪريٽري هو،هو مسلم ليگ جي مرڪزي پارلياماني بورڊ جو ميمبر هو پر هن بورڊ تان استعيفا ڏيئي ڇڏي هئي ۽ مسلم ليگ بدران نيشنل ايگريڪلچرل پارٽي جي ٽڪيٽ تي اليڪشن 1937ع وڙهڻ جو فيصلو ڪيو هو.يوپي جي اها پارٽي ڄڻ ته پنجاب جي يونيسٽ پارٽيء جي ڀيڻ هئي.لياقت علي خان جي استعيفاعجيب صورتحال پيدا ڪري ڇڏي هئي.اڃا ڪجهه مهينا پهرين هو مسلم ليگ جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو هو.هاڻي هن جي استعيفا بعد مسلم ليگ جو ڪوبه جنرل سيڪريٽري نه هو. مسٽر جناح ان وقت جن ڏکيائين ۾ ورتل هو ان جو اندازو اڄ صحيح نموني ڪري نٿو سگھجي.هو اڪيلي آل انڊيا مسلم ليگ جو بار پنهنجن ڪلهن تي کڻي گھمي رهيو هو.لياقت علي خان جي استعيفا بعد لکپڙه جو سمورو ڪم به مسٽر جناح کي پاڻ ڪرڻو پوندو هو.هن وٽ ڪو ٽائيپيسٽ به نه هو.خط پنهنجي هٿ سان لکندو هو،ان وقت سندس عمر سٺ سالن کان مٿي ٿي چڪي هئي.

رامي صاحب ڪتاب جي صفحي 617 تي لکي ٿو ته لياقت علي خان کان جيترو به ٿي سگھندو هو هو هر موقعي تي سر سڪندر جي مدد ۽ اسان جي مخالفت ڪندو هو.ان دوران ڪيترائي ڀيرا اهڙا موقعا آيا جو اسان درست هئاسين ۽ سر سڪندر جو رويو غلط هو پر لياقت علي خان سدائين سر سڪندر جو ساٿ ڏنو.

نوابزاده لياقت علي خان جا مٽ مائٽ ۽ خاندان جا ٻيا سمورا ماڻهو ڪرنال ۾ رهندا هئا جن کي وقت بوقت پنجاب حڪومت جي مدد جي ضرورت پوندي هئي.سر سڪندر نهايت ئي چالاڪ ۽ ڏاهو انسان هو.هن نوابزادي جي ان ڪمزوريء کي تاڻي ورتو هو.خود لياقت علي خان جو وڏو ڀاء سجاد علي خان پنجاب اسيمبليء جو ميمبر ۽ يونيسٽ پارٽيء جو رڪن هو.سر سڪندر ۽ لياقت علي خان جي وچ ۾ هر قسم جو رابطو ان جي ذريعي ئي ٿيندو هو.اسان کي هڪ هڪ ڳالهه جو علم هو پر مصلحت جي مجبورين اسان جي زبان ۽ قلم تي پهرو لڳائي رکيو هو.اسان بنيادي طور تي جناح صاحب جي پريشانين ۾ واڌارو ڪرڻ نٿي گھريو.

رامي مرحوم عاشق بٽالويء جي ڪتاب“ علامه اقبال جا آخري ٻه سال” مان وڌيڪ اقتباس به پنهنجي ڪتاب ۾ نقل ڪيا آهن.جن سان اسان جيڪر پنهن جي حال ۽ ماضيء جي ڀيٽ ڪيون ته ڪو خاص فرق نظر نٿو اچي.

1937ع جي چونڊن ۾ پنجاب مان مسلم ليگ پارليامينٽري بورڊ جي ستن اميدوارن مان رڳو ٻه ڪامياب ٿيا يعني ملڪ برڪت علي ۽ راجا غضنفر علي خان پر ان سلسلي ۾ سڀ کان وڌيڪ عجيب واقعو اهو آهي ته راجا غضنفر علي خان سندس ڪاميابيء بعد بورڊ جي دفتر ۾ پير رکڻ به مناسب نه سمجھيو.ان جي بدران هو سڌو يونيسٽ پارٽيء جي جلسي ۾ پهتو ۽ ويندي ئي اعلان ڪيائين ته هن مسلم ليگ ڇڏي يونيسٽ پارٽيء ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.جيڪر ڳالهه رڳو اتي رڪجي ها ته ڪا شرم جهڙي ڳالهه نه هئي پر ستم اهو ٿيو جو يونيسٽ پارٽيء جي ان جلسي ۾ راجا غضنفر علي خان کي ڀليڪار چوندي سر سڪندر حيات جيڪا تقرير ڪئي ان ۾ هن چيو ته راجا صاحب منهن جي مرضي ۽ منهنجي چوڻ تي مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي بيٺو هو پر شروع ۾ ئي هن مون سان وعدو ڪري ڇڏيو هو ته اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيڻ بعد ترت يونيسٽ پارٽيء ۾ شامل ٿي ويندو.

1937ع جي چونڊن لاء سردار مظفر قزلباش مسلم ليگ جي پارلياماني بورڊ کي درخواست ڏني هئي،لاهور تحصيل مان ٻن اميدوارن جون درخواستون وصول ٿيون هيون.هڪ ميان عبدالمجيد ۽ ٻيو قزلباش.جڏهن بورڊ ميان عبدالمجيد کي ٽڪيٽ ڏني ته قزلباش يونيسٽ پارٽيء جي پليٽ فارم تان ان جي خلاف چونڊن ۾ بيهي رهيو.

اهو آهي اسان جو ماضي جيڪو اسان جي افسوسناڪ بلڪه شرمناڪ حال جو آئينو آهي.اڄ اسان پنهنجي آسپاس نظر ڊوڙايون ٿا ته ڪجهه به بدليل نظر نٿو اچي.بلڪل ساڳيء طرح ، حالتن مطابق خفيا يا سر عام اڄ به ڪيترائي ڪرپٽ سياستدان وڪجن ٿا.نه رڳو اهي وڪجن ٿا پر ترقين ۽ عهدن جي معراج به ماڻين ٿا.عوام نه ڪالهه انهن کان حساب ورتو ۽ نه ئي اڄ وٺي رهيو آهي.سياستدانن ۽ حڪمرانن به عوام جي حقيقي فلاح ۽ بهبود لاء نه اڳي سوچيو ۽ نه ئي هاڻي سوچي رهيا آهن.قائد اعظم قوم کي جاڳايو پر لڳي ٿو ته عوام وري ڪنهن گهري ننڊ سمهي پيو آهي.ڪنهن ٽڙيل پکڙيل ۽ غير منظم هجوم کي ڪو قوم جو نالو ڏيڻ گھري ته سندس مرضي،ڇا ٿو ڪري سگھجي!

(روزاني عوامي آواز 14 جنوري 2022ع)

 

Monday, January 10, 2022

سر مومل راڻو؛ ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي.

هن سر جو مضمون مومل راڻي جي مشهور قصي تي ٻڌل آهي.توڙي جو قصي جا سمورا واقعا سنڌ ۾ ٿي گذريا آهن پر اڄ تائين ان قصي بابت ڪا قابل اعتبار کوجنا نه ٿي سگھي آهي.ان ڪري اهو قصو مختلف نمونن سان بيان ٿيندو رهيو هي.بهرحال ان قصي جو تت اهو ته پندرهين صدي عيسويء جي شروع ۾ راجا نند نالي گجر ذات جو هڪ سردار ميرپور ماٿيلي جو حاڪم هو،کيس نو نياڻيون هيون جن ۾ مومل سونهن ۾ سرس جڏهن ته سومل عقل ۾ اڪابر هئي.ٻنهي ڀيڻن ميرپور ماٿيلو ڇڏي جيسلمير جي لڊاڻي نالي شهر ۾ هڪ جادوئي رنگ محل تعمير ڪرايو جتي مختلف جادوئي کرمٽن ذريعي ڪيترائي حسين شهزادا ۽ سردار مومل سان ملڻ جي شوق ۾ برباد ٿي پنهنجي مال ملڪيت وڃائي ويهندا هئا پر مومل تائين پهچڻ جو خواب رڳو خواب ئي رهندو هو.قصو ڪوتاه   ته ان زماني ۾ ٿر ۾ سومرن جي حڪومت هئي جنهن گھراڻي جو پويون حاڪم همير سومرو سن 1400ع ۾ تخت تي ويٺل هو،سندس تخت وارو شهر عمرڪوٽ هو.سندس ٽن خوبصورت پڳ مٽ يارن مان هڪڙو راڻو مينڌرو به هو جيڪو همير جو سالو هو.اهي اڪثر سير سفر ۽ شڪار سانگي جھنگل جھاڳيندا رهندا هئا.هڪ ڏينهن جڏهن اهي چار ئي دوست ڪنهن بيابان مان گذري رهيا هئا ته سندن ملاقات هڪ خوبصورت جوڳيء سان ٿي جنهن تي عشق جي عجيب ڪيفيت طاري هئي ۽ سندس اکين ۾ ڄڻ باه جا الا ٻري رهيا هجن.

ڪالهه گڏيوسين ڪاپڙي، بابو بيکاري،

ساميء سيلو سر تي، مالا موچاري،

ڏيئي ڏيکاري، ڦٽي دل فقير ويو.

هنن جڏهن ان بيکاريء کان عشق جا احوال معلوم ڪيا ته ڪاپڙي في الحال ڪنهن ڪيفيت ۾ ٻڏي ويو.

بيکاريء کي بر ۾، ويو ڪيف چڙهي،

ڳالهيون ڪندي ڪاڪ جون،ڳوڙها پيس ڳڙي،

ڪاجا انگ اڙي، جن ڇٽا ڦٽ ڇڙي پئا.

بيکاريء کان مومل جي سونهن جون خبرون ٻڌي چئني دوستن عمرڪوٽ اسهڻ بدران جيسلمير جي ڪاڪ محل جو سفر سانڀايو.

چڙهيا چارئي يار،سوڌا شڪاري،

فڪر سان ڦٽي ڪئي، سوڍي سوپاري،

ويا ڪاهيندا ڪاڪ ڏي،جتي مومل موچاري،

موٽئا نه ماري، ڪونئر لتاڙي ڪاڪ جا.

قصو مختصر ته اهي نيٺ پنڌ پورو ڪري مومل جي محل تائين پهتا ۽ وڏي بيچينيء سان مومل سان ملاقات لئي انتظار ڪرڻ لڳا.جيئن ته مومل تائين پهچڻ ڪا ٻارن جي راند نه هئي سو سوڍي جا ٽيئي يار جادوئي کرمٽن سامهون پنهنجي همت هاري ويٺا جڏهن ته سوڍو سڀ لنگهه لنگھي وڃي پار پيو.

آيو مير مينڌرو، سوڍو ايء صحي،

لڊوڻيان لطيف چئي، آيو ڪاڪ ڪهي،

ويڙا ڏک لهي، مومل گڏيو مينڌرو.

راڻو مومل جي محبت جي منزل ماڻي جڏهن مومل کان موڪل وٺي وري عمرڪوٽ موٽيو ته همير حسد وچان کيس قيد ڪري ڇڏيو پر سندس زال جي منٿ ميڙ تي هن راڻي کي ان شرط تي آزاد ڪيو ته هو واپس ڀلجي به مومل جي محل جو رخ نه رکندو.هڪ رات راڻو وجهه وٺي هڪ ڀلي اٺ تي چڙهي وڃي ڪاڪ محل پهتو پر سومل کي مومل جي بستري تي ڏسي ڀل وچان غلط گمان ڪري ويٺو.هن مومل سان ڪوبه احوال ڪرڻ بدران پنهنجو لڪڻ نشانيء طور ڇڏي واپسيء جي واٽ ورتي.جڏهن مومل جي نيڻن مان ننڊ نڪتي ته هوء سڄي ماجرا سمجھي ويئي ته راڻي کي پڪ سان ڪا غلطفهمي ٿي آهي جنهن ڪري هو رسي هليو ويو آهي.

راڻو ڪا رات ويو،ڳجھي ڳالهه ڪري،

سوڍي ريء سرتيون، هڏ نه ساه سري،

وڃي مان وري، آئون آسائتي آهيان.

پر مومل جي اها آس عبث هئي،راڻي کي واپس ورڻو ئي نه هو سو هو نه وريو.

هن سر ۽ هن قصي ۾ روحاني راز اهو سمايل آهي ته انسان جيڪو ڌڻي پاڪ جو طالب آهي سو محبوب حقيقي خود انسان سان انيڪ الفت ٿو رکي.اهو هڪ اونهو راز آهي ته طالب مطلوب آهي ۽ مطلوب خود طالب.  ڪائنات ڪيڏي به ڪشادي هجي ۽ انسان ڪهڙي به ڪنڊ ۾ پاڻ پنهان ڪري ڇڏي ته به مالڪ جي نظر عنايت کيس هر وقت تڪيندي ٿي رهي ۽ هو انسان کي اونداهيء جي غارن مان ڪڍي روشنيء ۾ آڻي ٿو.مومل مان مراد آهي اهو انسان جيڪو پنهنجي مالڪ حقيقي کان منهن موڙي پاڻ لڪائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو جيئن مومل جادوئي کرمٽ کوڙي پنهنجو پاڻ کي پوشيدو رکي پنهنجن عاشقن کان نٽائڻ پئي چاهيو اهڙيء طرح انسان به پنهن جي چوڌاريء دنيائي سامان جا انبار لڳائي ۽ حرص هوس جا ڄار وڇائي پنهنجو پاڻ کي ڌڻيء کان پري رکڻ ۾ پورو آهي.پر اهي ور وڪڙ ۽ چالاڪيون مالڪ کان ڳجھيون نٿيون رهن،جتي هر ڪنهن کان واٽ وسري وڃي اتي به رب پاڪ جي نظر خطا نٿي کائي.

آيو ڪهي ڪاڪ تي، سوڍو پاڻ سڄاڻ،

لکن سين لطيف چئي، راڻي ڪئي رهاڻ،

پرين پرچيو پاڻ، ٿيو مڙوئي مينڌرو.

توڙي جو مومل جي کرمٽي کيلن ڪيترن ئي دانائن جون متيون منجھايون پر سوڍو سڄاڻ هو سو سڀ سمجھي ويو ۽ سارو ڪاڪ محل مينڌري جي مهڪ سان مهڪي پيو.

ڪئين جادو هئا جنبير، مومل جي ماڙيء ۾،

راڻن کي رولڻ جا،ڪئين ڦنڌ هلايا ڦير،

جڏهن سوڍو چڙهيو شير، تڏهن گھاو ڪيائين گجر سين.

پر سوڍي واري ساڃاه،سمجھه ۽ سرت،ڏانء ۽ ڏاهپ،دانائي ۽ دانش انسان ۾ پاڻهي پيدا نٿي ٿئي انهيء لاء ڪنهن ڪامل مرشد ۽ واقف رهبر جي رهنمائي گھرجي.

اڳتي شاه صاحب ڪرهي يعني اٺ کي مخاطب ٿيندي فرمائين ٿا ته

ڪرها! ڪارڻ ڪاهه،توکي ڌڻين ڌاريو،

ساري ڏيج سيد چوي،لڊاڻي تان لاهه،

مقابلو مومل سين،ٿيندو سنجهه صباح،

سوڍي جي صلاح،ڪونئر چرندين ڪاڪ جا.

اٺ کي ڌڻين ڪاه لاء ئي ڌاريو آهي.هتي ڪاهه مان مراد آهي روحاني سفر جيڪو هن جهان کان ايندڙ جهان ڏانهن آهي.پر لطيف سائين خبردار ٿا ڪن ته ان سفر ۾ لڊاڻي جي هڪ ڏکي ٽڪري اچڻ واري آهي انهيء تان خيال سان لهجان.مومل سان مقابلي مان مراد آهي ته صبح يا سانجھيء تنهنجي محبوب حقيقيء سان ملاقات ٿيندي جيڪر تو سوڍي جي صلاح يعني روح جي مرضيء سان زندگيء جو سفر پورو ڪيو ته پوء ڪاڪ جا ڪونئر يعني محبوب حقيقيء جو راضپو ماڻيندين.اهي ڪاپڙي جيڪي ڪاڪ ڪڪوريا يعني يعني محبوب جي محفل ۾ حاضر ٿيڻ جا اهل ٿيا انهن جون ڪجهه نشانيون هي آهن.

جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي، تن لهي نه لايو،

ڪڙي ڪيف خمارئا، مئي پي موالي،

وتن وصالي،لڊوڻئان لوڌي ٿيا.

اهي ڪاپڙي جن کي ڪاڪ جي ڪنوارين پنهنجي رنگ ۾ رڱي ريٽو ڪري ڇڏيو انهن تان عشق جي لالاڻ واري لالائي لهڻ واري ناهي.هتي انهن عارفن طرف اشارو آهي جن محبوب حقيقيء جي محبت ۾ رنگجي پنهن جي مٿان عشق جو ابدي رنگ چاڙهي ڇڏيو جيئن قرآن ڪريم ۾ آيو آهي ته

“ اهڙو ئي آهي الله جو رنگ۽ رنڱڻ ۾ خدا کان وڌيڪ ٻيو بهتر ڪاريگر ڪير آهي؟”

 

 

(روزاني عوامي آواز 9 جنوري 2022ع)

 

 

Saturday, January 8, 2022

هن فسطائي ذهنيت جو علاج ڪهڙو؟


 

شفيق الرحمان شاڪر

هڪ معروف مسخري ميڊيا “دانشور“ کي هڪ دفعو وري جمهوريت دشمن دورو پيو آهي.هڪ نجي ٽي وي چينل تي پنهنجن “قيمتي“ خيالن جو اظهار ڪندي فرمايو اٿس“ پاڪستان کي 15 سالن لاء سخت فسطائيت جي گھرج آهي ۽ جيڪو به جمهوريت جي ڳالهه ڪري ان کي گولي ماري ڇڏڻ گھرجي.“

اهو ڪو پهريون ڀيرو ناهي جو ان صاحب فسطائيت ۽ آمريت جي وڪالت ڪرڻ جو شرف حاصل ڪيو آهي پر هو ۽ سندس ئي سوچ سان سهمت ڪيترائي نام نهاد اينڪر ۽ دانشور وقت بوقت اها راڳڻي ڳائيندا رهيا آهن.سمجهه ۾ نٿو اچي ته انهن ماڻهن کي جمهوريت ۽ جمهوري روين کان ايتري چڙ ڇو آهي ۽ وقت جي هر جابر ۽ آمر حڪمران جي قدمبوسي ڪرڻ ۽ ان جي توصيف جا گيت ڳائڻ ۾ انهن کي ڪهڙو لطف ٿو اچي؟ ڳالهه ايتري سادي ناهي.اصل ۾ پاڪستان ۾ هڪ طبقو شروع کان اهڙو رهندو ٿو اچي جن ڪڏهن دل سان اهو تسليم ئي ناهي ڪيو ته هي ملڪ گھڻ قومي صوبن جو هڪ وفاق آهي جتي رياستي  ۽ حڪومتي مامرن ۾ عوام جي راء سواء قومي سلامتيء کي يقيني بنائي نٿو سگھجي.ڏاڍ مڙسي ۽ طاقت جي زور تي زبانون بند ڪري ڪجهه وقت لاء ڪم ته ٽپائي سگھجي ٿو پر ملڪ کي مضبوط نٿو ڪري سگھجي.اها ڳالهه وسارڻ نه گھرجي ته پاڪستان جي ٽٽڻ جو الميو عوام کي سندن جمهوري ۽ سماجي حقن کان محروم ڪرڻ جو نتيجو ئي هو.ڪو حمودالرحمان ڪميشن جي حقيقتن کي نٿو مڃڻ گھري ته سندس مرضي پر تاريخ کي پنهنجي مرضيء موجب تبديل ڪري نٿو سگھجي.اها رڳو هڪڙي دانشور يا صحافيء جي سوچ ناهي پر هتي اصل واڳ ڌڻين هميشه عوام کي لڪڻ ذريعي هڪلڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جنهنجا اگرا نتيجا ڀوڳڻ بعد به سندن سوچ،روين ۽ پاليسين ۾ اڃا تائين ڪا تبديلي ناهي آئي.اهڙا نام نهاد داشور ۽ صحافي به اها ئي ڳالهه اڳيان آڻيندا رهن ٿا جيڪا سوچ سندن فڪري آقائن جي آهي.يعني حد ٿي ويئي جو اڄ جي سڌريل ۽ جمهوريت پسند دنيا ۾اسان وٽ هڪ اهڙو طبقو آباد آهي جيڪو جمهوريت جي ڳالهه ڪرڻ کي گناه عظيم سمجھي ٿو ۽ وري جيڪر اهڙا ماڻهو پاڻ کي روشن خيال دانشور به سڏائيندا هجن ۽ مٿان ماڻهن کي پنهنجي حقن جي ڳالهه ڪرڻ تي سر عام گوليون هڻڻ جي ڳالهه به ڪندا هجن ته هن ملڪ ۽ قوم جي بدنصيبيء تي ڇا ٿو ڪري سگھجي.اصل ۾ انهيء ئي خاص طبقي ڪنهنجي خاص فرمائش تي هاڻوڪي وزير اعظم جناب عمران خان کي ڪجهه سال پهرين هڪ فرشتي جي روپ ۾ پيش ڪندي ٻين سمورن سياسي اڳواڻن کي ڪرپٽ ۽ نااهل ثابت ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي هئي.هاڻي جڏهن هاڻوڪي حڪومت جا سڀ پرڪار سامهون آيا آهن ۽ عوام کان ملندڙ بددعائون سندن ڪنن ۾ گونجي رهيون آهن ته انهن وٽ ٻيو ڪو رستو نه بچيو آهي ته انهن ناڪامين ۽ نامرادين جي سموري ذميداري پنهنجي پسنديده حڪمرانن ۽ آنهن جي سهولتڪارن تي وجھڻ بدران جمهوريت کي ئي سمورين خرابين جو بنياد ثابت ڪرڻ ۾ رڌل نظر اچن ٿا.انهن کان ڪو پڇي ته خان صاحب ڪهڙن جمهوري روين ۽ قدرن کي بچائيندي پنهنجي هر قابليت،صلاحيت ۽ محنت ضايع ڪري ويٺو آهي؟جمهوريت جي حامين کي ته فائرنگ اسڪواڊ سامهون بيهاري گولين سان اڏائڻ جي خواهش اڌما ڏيئي ٻاهر نڪري رهي آهي پر جيڪي ماڻهو رياست اندر رياست قائم ڪيو ويٺا آهن ۽ جن جي هٿن تي هزارين بيگناه پاڪستانين جو رت آهي انهن سان ڳالهيون ڪرڻ لاء کڙيون اڀيون ٿي رهيون آهن؟هي ڪهڙو ملڪ آهي جتي ايڪويهين صديء اندر به فاشزم جي حمايت ۾ ترانا ڳايا ۽ ٻڌا پيا وڃن؟اهو صحيح آهي ته سياستدان جمهوريت جي گھربل معيار تي پورا ناهن لٿا ۽ انهن جي ريڪارڊ ۾ به ڪيتريون ئي خاميون،خرابيون ۽ ڪمزوريون نظر اينديون پر ان ۾ جمهوريت جو قصور ڪيئن ٿو ٿابت ٿئي؟۽ اهو به ته هتي جمهوريت کي سندس اصل روح مطابق هلڻ ڪٿي ڏنو ويو آهي.گذريل سياسي حڪومتن سان جيڪي ڪجهه حشر ٿيندو رهيو آهي اهو سڀني جي سامهون آهي.پنهنجن غلطين ۽ غلط پاليسين جو جائزو وٺڻ بدران جمهوريت جي ڳالهه ڪندڙن کي گوليون هڻڻ جون صلاحون ڏنيون پييون وڃن ۽ نت نوان تجربا ڪرڻ لاء سٽون سٽيون پييون وڃن.يعني هميشه لاء جمهوريت جي ئي هن ملڪ مان تڏا ويڙه ڪرائي اقتدار پوريء طرح اڻ ڄاڻايل مدي لاء آمرن ۽ جابرن بلڪه فاشسٽ حڪمرانن جي حوالي ڪيو وڃي ته جيئن“ نه رهيگا بانس نه بجي گي بانسري.” نه هوندي جمهوريت ۽ نه رهندي ڪا عوامي راء جي اظهار جي آزادي.اهڙا “روشن خيال” اڃا تائين هن پياري پاڪستان ۾ کوڙ آهن جيڪي هن ملڪ ۽ عوام کي هڪ دفعو وري پٿر جي دور ۾ موڪلڻ جي خوبصورت خواهش رکن ٿا!

(روزاني عوامي آواز 6 جنوري 2022ع)

 

Saturday, January 1, 2022

نئين سال لاء ماهر نجوم جون ڪيل اڳڪٿيون!

شفيق الرحمان شاڪر

هر سال جيان سال 2021ع به خير سان گذري ويو ۽ دنيا وري نين اميدن ۽  نون انديشن سان سال 2022ع ۾ داخل ٿي چڪي آهي.

سورهين صديء جي مشهور فرانسسي ماهر نجوم نوسٽر اڊيمس جهڙيء طرح گذريل سالن جي باري ۾ خوفناڪ اڳڪٿيون ڪري چڪو آهي اهڙيء طرح سندس ڪجهه دل ڏڪائيندڙ اڳڪٿيون سال 2022 جي باري ۾ به آهن.

دنيا جي باري ۾ نوسٽر ايڊيمس جون اڪثر اڳڪٿيون سچ ثابت ٿيون آهن،جنهن ڪري هر سال سندس مشهور ڪتاب طرف رجوع ڪيو ويندو آهي جنهن ۾ اڄ کان پنج سو سال اڳ هو حيرت ۾ وجھندڙ ۽ خوفناڪ اڳڪٿيون ڪري چڪو آهي.سال 2022ع جي باري ۾ سندس ڪجهه اهم اڳڪٿيون هن طرح آهن؛

1.هڪ نهايت ئي وڏو خلائي جبل سمنڊ ۾ ڪرندو جنهن سان سمنڊ ۾ تيز لهرون پيدا ٿينديون جيڪي زمين کي پنهن جي گرفت ۾ وٺي ڇڏينديون ۽ وڏي خلل جو سبب بڻجنديون.هڪ سخت زلزلو سوناميء جو سبب بڻبو ۽ سامونڊي پاڻيء ۾ واڌاري سبب تمام گھڻو نقصان ٿي سگھي ٿو.اها صورتحال ٻڌائي ٿي ته آسمان مان سيارچن جي برسات ٿيندي ۽ هزارين ماڻهو مري ويندا.نوسٽر اڊيمس اها به دعويٰ ڪئي آهي ته زمين شمسي طوفانن ۽ هڪ نهايت ئي وڏي پڇڙ تاري سبب تباه ٿي ويندي ۽ اهو واقعو ڪرسمس وقت پيش ايندو.هو لکي ٿو ته آسمان ۾ باهه ۽ چڻنگن جو هڪ ڊگھو سلسلو ماڻهو واضح نموني ڏسي سگھندا.

2. نوسٽر اڊيمس پنهن جي هڪ نظم ۾ اتر ڪوريا جي سربراه جي موت جي اڳڪٿي به ڪئي آهي جنهن مطابق 2022ع ۾ هن جو اوچتو موت ٿي ويندو.هن جي موت سان تبديلي ايندي ۽ سندس جڳهه هڪ ٻيو ڪردار حڪومت سنڀالي وٺندو.

3. نوسٽر اڊيمس مطابق هن سال دنيا ۾ هڪ نهايت ئي خطرناڪ ايٽم بم ڦاٽي پوندو جنهن مان نڪرندڙ تابڪاريء سبب دنيا جي آبهوا ۾ تبديلي ايندي ۽ وڏا گلشيئر پوريء طرح پگھرجي ويندا جنهن سان سامونڊي سطحن ۾ اضافو ايندو جنهن ڪري ڪيترا ئي ٻيٽ ۽ ننڍڙا ملڪ پاڻيء هيٺ اچي ويندا.ان سان گڏوگڏ ڪروڙين ماڻهو ريڊيئيشن سبب وقت کان اڳ مري ويندا ۽ جيڪي بچندا سي مختلف بيمارين جو شڪار ٿي ويندا.

4.اڳڪٿيء مطابق هن سال هڪ وڏو قدرتي واقعو ظاهر ٿيندو جنهن سبب دنيا ۾ ٽن ڏينهن تائين اونده ڇانئجي ويندي ان سان دنيا جي ملڪن ۾ شروع ٿيندڙ جنگ اوچتو رڪجي ويندي.ٽن ڏينهن بعد دنيا واپس روشنيء ۾ ايندي.

5. اڳڪٿين مطابق هيء سال فرانس لاء تمام ڳرو ثابت ٿي سگھي ٿو.هڪ تمام وڏو طوفان ايندو جنهن جو اثر پوري دنيا تي پوندو.دنيا ۾ پوکون ۽ وڻ ٽڻ گھڻي حد تائين تباه ٿي ويندا جنهن سان ماڻهن ۾ بک پکڙجي ويندي.نوسٽر آديمس پئرس جي محاصري جو به ذڪر ڪيو آهي پر ان جو سبب معلوم ناهي ته ايئن ڇو ۽ ڪهڙيء طرح ٿيندو؟ ۽ ان جو گھيراء ڪير ڪندو؟

6.جاپان ۾ وڏو زلزلو ايندو ۽ ڏينهن جي وقت ايندو ان ڪري جاني نقصان گھڻو نه ٿيندو پر عمارتن کي گھڻو نقصان پهچندو.

7. نوسٽر اڊيمس مطابق بريگزٽ ته رڳو شروعات اهي.2022ع ۾ پوري يورپي يونين ئي ختم ٿي ويندي.

8.نوسٽر اڊيمس جي اڳڪٿيء مطابق هن سال عالمي معيشت ۾ ڪيتريون ئي تبديليون اينديون ۽ شين جي سخت کوٽ پيدا ٿيندي.دنيا ۾ مهنگائي تمام گھڻو وڌي ويندي جنهن ڪري ڪروڙين ماڻهن کي بکن سبب مرڻو پوندو.آمريڪي ڊالر ڪري ويندو، سون،چاندي ۽ بٽ ڪوائن کي ئي اثاثو سمجھيو ويندو.

هي سال 2022ع لاء علم نجوم جي بنياد تي ڪيل ڪجهه اڳڪٿيون آهن جن مان ڪيتريون ڪوڙيون ۽ ڪيتريون سچيون ٿيون ثابت ٿين سو ته وقت ئي ٻڌائيندو باقي آئيندي جي سمورين حقيقتن جو علم ته رڳو الله تعاليٰ کي آهي ۽ اهو ئي سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي.

(روزاني هلال پاڪستان 1 جنوري 2022ع)