Thursday, January 30, 2020

جيڪڏهن ڪپتان آئوٽ ٿئي ٿو ته پوء ؟



شفيق الرحمان شاڪر
پراڻن سياستدانن،جماعتن ۽ نظام مان بيزار،تبديليء جي نعرن ۽ خواهش سان سياسي شعور جي اک کوليندڙ نسل هاڻي ميدان ۾ موجود آهي.ايندڙ وقت انهن جو آهي.انهن کي ئي اسان جي آئيندي جي تصوير جوڙڻي آهي.ان نسل ۾ وڏن شهرن جي اپر ڪلاس جا نوجوان،مڊل ڪلاس جا باشعور ۽ پروفيشنل ڇوڪرا  ڇوڪريون،اولهه جي ملڪن کان موٽي آيل پاڪستاني،سماجي رابطن ذريعي عالمي منظر ۽ پوري دنيا جي ڄاڻ حاصل ڪندڙ ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن جا نوجوان ۽ ايندڙ ڪجهه سالن ۾ ووٽر بنجڻ وارو نسل،انهن جي خواهشن کي ڏسندڙ ۽ سندن مستقبل بابت سوچيندڙ سندن مائرون خاص طور تي شامل آهن.اهي سڀ ماڻهو ماضيء جي سياسي روايتن کان نه رڳو ڪٽيل بلڪه انهن کان سخت بيزار آهن.گذريل چونڊن ۾ به ڪيترن ئي تجزيي نگارن،دانشورن ۽ سياستدانن ان نئين طبقي جي سوچ ۽ سندن صحيح اندازو نه لڳائڻ سبب ناڪاميء جو منهن ڏٺو.ايندڙ ڪنهن به ممڪنه صدارتي نظام يا انهيء سان ملندڙ جلندڙ ڪنهن ٻئي نظام جي مزاحمت ڪرڻ جي صلاحيت جا پرڪار ته هاڻوڪي سندن ڪارڪردگي ۽ سياسي منظر نامي کولي رکي ڇڏيا آهن.سوال اهو آهي ته عمران خان کان بعد جو منظر نامو ڪهڙو هوندو،توڙي جو اهو وقت هڪ سال کان پوء اچي يا چار سال پوء.پر لڳي ٿو ته هن ملڪ ۾ وري ڪنهن نئين سياسي نظام جو تجربو ضرور ٿيڻ وارو آهي. اهو نسل عمران خان بعد ڪنهن پراڻي سياسي وراثت طرف ته هرگز نه ويندو.هڪ خلا آهي جيڪا صاف طور تي نظر اچي رهي آهي.تحريڪ انصاف ڪنهن به طرح ڪا سياسي ”جماعت“ ناهي ۽ نه ئي اها ايندڙ حڪومت ۾ بڻجندي نظر اچي رهي آهي.ڏسڻو اهو آهي ته سماج ۾ پيدا ٿيل اها نئين سوچ آئيندي ڪهڙي صورت ۾ ظاهر ۽ ڪهڙي انداز ۾ سامهون ايندي.ڇا اها ڪنهن نئين سياسي جماعت کي جنم ڏيڻ جو سبب بڻبي؟سول سوسائٽي جي نون ۽ موثر جدا جدا گروپن جي شڪل ۾ سامهون ايندي يا ڪجهه ٻيو؟سماجي دانشورن لاء اهو نهايت ئي دلچسپ سوال بڻيل آهي.
نون ليگ سياسي اشرافيا ۽ ڪاروباري مافيا جو هڪ ٽولو هو جنهن جيئن تيئن ڪري هڪڙو بيانيو به جوڙي ورتو هو ۽ پوئين نسل کان ايندڙ سياسي تعصب جي بنياد تي وچ پنجاب جي حد تائين ڪنهن حد تائين عوامي مقبوليت به حاصل ڪري ورتي هئي.پر سندس سڄو چهرو شريف خاندان هو.ظاهر آهي ته موروثي سياست کان بيزار نسل لاء ان ٽٽندڙ ڦٽندڙ جماعت ۾ هاڻي ڪا ڪشش نه رهي آهي.جدوجهد جي ڳالهه ڪندڙ ان جماعت جو اڳواڻ وڏي عمر جي اثرن هيٺ ”سهوليت جي منزل“ ماڻي چڪو آهي.هونئن به ڪنهن واپاريء کان مزاحمت ۽ عزيمت جي اميد نادانيء سواء ٻيو ڇا آهي؟
پيپلز پارٽيء کي زرداري صاحب هٿان لڳل گھاء ايترا ته گهرا آهن جو نوجوان بلاول جي ڀٽو صاحب جي نقل ڪرڻ واري ناڪام ڪوششن واريون سندس تقريرون انهن زخمن تي ملم رکي نٿيون سگھن. ان نوجوان جو سياسي بيانيو به سندس لهجي جيان ئي اوپرو بڻيل آهي.تنهن هوندي به نون ليگ جي ڀيٽ ۾ پيپلز پارٽيء جو ڀٽي جي صورت ۾ مليل سياسي خزانو گھڻو قابل قدر آهي پر نئين نسل لاء بدترين ڪرپشن جي سخت الزامن کي منهن ڏيندڙ هاڻوڪي پيپلز پارٽيء جي سياست ۾ ڪا دلچسپي نه رهي آهي.
سوال اهو به آهي ته ايندڙ وقت ۾ اهو پارلياماني نظام برقرار رهي به سگھندو يا نه؟ڇا ڪٿي نه ڪٿي بحث هيٺ آيل يا تجويز ڪيل صدارتي نظام يا ان سان ملندڙ جلندڙ ڪنهن ٻئي نظام جي تجربي ٿيڻ جي صورت ۾ سياسي ڌريون ان خلاف ڪا موثر مزاحمت ڪري سگھنديون؟مذهبي ۽ مسلڪي جذبات جي بنياد تي ڪجهه اڳواٽ پڙهايل پوئلڳن جي زور تي لڳل ڌرڻا هجن يا مقبوليت جي دعويدار قيادتن جي ڊيل،ڍيل،جيل جي اندران ٻاهرئين ملڪ روانگيء جو سفر.پراسرار سياسي خاموشي هجي يا وسيع تر قومي مفاد ۾ چپ جو روزو رکڻ.ٻئي طرف تبديلي سرڪار جي رستي ۾ اڳ کان ئي موجود حقيقي رڪاوٽن باوجود هاڻي ڏينهون ڏينهن اونهو ٿيندڙسندس ناڪاميء جو تاثر ان سوال جي شدت ۾ اضافو ڪري رهيو آهي.ڪهڙي خبر ته ان تاثر پيدا ڪرڻ پويان به ڪا شعوري ڪوشش شامل هجي ته جيئن ايندڙ مرحلي کي جواز مهيا ڪري سگھجي.عمران خان جون ڪوتاهيون ته پنهنجي جڳهه تي پر هن کان ترت ئي ڪنهن ايڏي وڏي تبديليء جي اميد لڳائڻ پڪ سان عوام جي سادگي هئي.بهر حال عمران خان کي اهو ڪريڊٽ ضرور وڃي ٿو جو هن روايتي سياست کي بدلائي ڇڏيو ۽ ماڻهن کي سياسي يقين ڏياري ڇڏيو آهي ته هاڻي هن ملڪ جو عوام هر قيمت تي تبديلي چاهي ٿو.ڪيترن ئي ڏهاڪن کان يڪسانيت جو شڪارپاڪستاني سياست ۾ عمران خان جي اچڻ سان پيدا ٿيندڙ هلچل جو منطقي انجام ڪجهه به ٿئي پر هاڻي هن ملڪ ۾ ماڻهو نطام جي حقيقي تبديليء سواء ٻئي ڪنهن به لولي پاپ تي راضي نه ٿيندا.جيڪڏهن عمران خان ناڪام ٿئي ٿو ته هن سسٽم ۽ سندس ووٽرز جو ڇا ٿيندو؟ تحريڪ انصاف جي قيام جو مقصد ڪرپشن فري پاڪستان هو.پاڪستان تحريڪ انصاف کي هڪ سياسي پارٽي بنائڻ بدران هڪ سياسي تحريڪ طور پيش ڪيو ويو جنهن جو مقصد ڪنهن مزدوريونين طرز تي پنهنجا مطالبا پيش ڪرڻ ۽ انهن کي مڃائڻ هو.آڪٽوبر 2011ع جي جلسي بعد تحريڪ انصاف ۽ عمران خان مين اسٽريم سياست تي ڇانئجي ويا.هن وقت پاڪستان ۾ 65 سيڪڙو نوجوان آهن جن مان 69 سيڪڙو نوجوان سوشل ميڊيا تي آهن.تحريڪ انصاف جي ووٽرز جي اڪثريت عمران خان کي سياسي ليڊر گھٽ ۽ مسيحا وڌيڪ مڃي ٿي ۽ اميدن جو بار ايترو ته گهڻو آهي جو خدا جي پناه!ان کي تحريڪ انصاف جي خوشقسمتي چئجي يا بد قسمتي جو ان جو ووٽر ايترو ته ڪمينٽيڊ آهي جو هو ڪنهن غلط ڳالهه کي به صحيح ثابت ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نٿو ڇڏي.2013ع جي چونڊن ۾ تحريڪ انصاف جي هارائڻ ۾ ٽڪيٽن جي غلط ورهاست هڪ اهم فيڪٽر هو.نظرياتي ماڻهن بدران بينڪ بيلينس کي وڌيڪ ترجيح ڏني ويئي.2018ع ۾ تحريڪ انصاف هڪ طرف جتي کٽي ويئي ته ٻئي طرف ٻين سمورين پارٽين جا رد ٿيل ماڻهو بيٽ جي ٽڪيٽ تي جڳاڙ ڪري ايوان ۾ پهچي ويا.تحريڪ انصاف کي عمران خان کي هڪ ادارو بنائڻو هو پر هيستائين اها سليڪٽيڊ ماڻهن جي چوڌاريء گھمي رهي آهي.تحريڪ انصاف جي وفاقي ڪابينا ۾ هن وقت آڱرين تي ڳڻڻ جيترا نظرياتي ماڻهو نظر اچي رهيا آهن.ماڻهن جي ڏڪار جو اهو حال آهي جو حڪومت وٽ خزاني ۽ اطلاعات جهڙين اهم وزارتن لاء به ڪو پنهنجو ماڻهو موجود ناهي،نتيجي طور تي تحريڪ انصاف جي حڪومت جي ڪارڪردگي هيستائين نهايت ئي مايوس ڪندڙ رهي آهي.هر شعبي ۾ سڌارن جي کوٽ نظر اچي ٿي،وزيرن جي بيان بازي ٻڌي ڪري اها حڪومتي پارٽيء بدران اپوزيشن جي پارٽي محسوس ٿي رهي آهي.حڪومت هر وقت وائڙپ جو شڪار آهي.خارجه توڙي داخلي محاذ تي حڪومت کي ڪا خاص ڪاميابي حاصل نه ٿي سگھي آهي،هاڻي اهو سوال جيئن جو تيئن اتي ئي موجود آهي ته عمران خان جي ناڪامي يا سسٽم مان آئوٽ ٿيڻ جي صورت ۾ نظام ڪيئن هلندو؟گذريل ڏهن سالن اندر زرداري ۽ نواز حڪومتن 58 ارب ڊالرن جو قرض ورتو جنهن مان اٽڪل ٽيهه ڊالر 2020ع جي آخر تائين واپس ڪرڻو آهي.زرداري صاحب واپاري خسارو اٽڪل اٺ ارب ڊالر ڇڏي ويو هوجڏهن ته نواز حڪومت اهو خسارو گھٽائڻ بدران ان کي ارڙهن ارب ڊالرن تي پهچائي رخصت ٿي.صورتحال ايتري گنڀير آهي جو عمران خان هاڻي نڙيء ۾ ڦاٿل هڏي بڻجي ڪري رهجي ويو آهي جنهن کي نه ڳهي سگھجي ٿو ۽ نه ٻاهر ڦٽي ڪري سگھجي ٿو.اڄ به عمران خان جي پوئلڳن جو هڪ هڪ واضح طبقو موجود آهي جيڪو اڃا تائين ساڻس گھڻو ڪمينٽيڊ آهي.عمران خان جي ناڪاميء جو مقصد اهو ٿيندو ته ”اچو ۽ اچي مارشل لا لڳايو“.عمران بعد ايندڙ ڪا به سياسي حڪومت انهيء بحران کي قابوء ۾ آڻڻ جي پوزيشن ۾ نه هوندي.عمران خان ناڪام ٿيو ته هن ملڪ جواڪثر ووٽر مايوس ٿي گھر ويهي رهندو جنهن سان سياسي  تربيت جمود جو شڪار بڻجي ڪري رهجي ويندي.انسان غلطين مان سکندو آهي پر عمران خان جي باري ۾ اها ڳالهه ڪرڻ ڪجهه مشڪل آهي.البت جيڪا ڳالهه پڪ سان چئي سگھجي ٿي سا اها ته عمران خان وٽ وقت تمام ٿورو ۽ مقابلو گھڻو سخت آهي.عمران پنهنجي ووٽرز ۽ حامين کي ڪنهن انارڪي ۽ عظيم مايوسيء طرف ڌڪجڻ کان رڳو پاڻ ئي بچائي سگھي ٿو ڇو ته عمران خان جي ناڪامي هن سسٽم جي ناسورن ۽ اسٽيٽس ڪو جي ڪاميابي تصور ڪئي ويندي پر عمران خان جهڙي شخص کان اها اميد رکڻ به نا ممڪن نه هوندي جو هو جلد ئي آئين کان مٿانهين قوتن سان ڪو فيصلائتو مهاڏو اٽڪائي وجھي ۽ اهو سندس سياسي زندگيء جو وڏي ۾ وڏو رسڪ هوندو.ڏسڻو اهو آهي ته عمران خان کي حالتون اهڙي سياسي ايڊوينچر جو موقعو ڏين ٿيون يا نه!

( روزاني عوامي آواز 27 جنوري 2020ع)

Tuesday, January 28, 2020

سمورين نااهلين جي ڪاوڙ ميڊيا تي ڇو؟



شفيق الرحمان شاڪر
خبرون خير، وفاقي حڪومت چوي ٿي ته ملڪ ۾ اٽي جو ڪو حقيقي بحران آهي ئي ڪونه باقي هڪ هٿرادو بحران پيدا ڪيو ويو آهي .باتدبير وزيرن ۽ دانشمند مشيرن جو چوڻ آهي ته اهو بحران پيدا ڪرڻ ۾ ميڊيا جو وڏو هٿ آهي.خدا جو شڪر آهي جو وڏي جاکوڙ بعد حڪومت سڳوريء کي ڪو سازشي هٿ ته نيٺ نظر اچي ويو.مطلب اهو ٿيو ته هن ملڪ ۾ سموري فساد جي پاڙ رڳو ميڊيا آهي.ظاهر ڳالهه آهي ته جيڪر ميڊيا سترهن روپيا وڪرو ٿيندڙ ٽماٽن جو اگهه وڌائي ساڍا ٽي سو روپيا ڪلو ٻڌائي ٿي ته اها سازش نه چئبي ته ٻيو ڇا چئبي.اهڙيء طرح مٽر جيڪي مائي فردوس جي چوڻ مطابق پنج روپيا ڪلو وڪامجي رهيا آهن انهن جو اگھه به ميڊيا وڌائي پيش ڪري رهي آهي. ساڳيء ريت هن وقت به پوري ملڪ ۾ اٽي جي اگھن ۾ ڪا واڌ ناهي آئي ۽ نه ئي مارڪيٽ مان اٽو غائب ٿيو آهي بلڪه حڪومت جي چوڻ مطابق سرڪاري گودام ڪڻڪ سان سٿيا پيا آهن پر اتان ڪو ڪڻڪ کڻڻ وارو ئي ناهي.پوء خبر ناهي ميڊيا ڇالاء حڪومت کي هروڀرو بدنام ڪري رهي آهي.ڪٿي هڪ چريو،ڪٿي ٻه چريا پر لڳي ٿو ته هتي چرين جا راڄ لٿا پيا آهن.هڪ ته ماڻهو اٽي جي لاء ذليل ۽ خوار ٿي رهيا آهن ته ٻئي طرف حڪومت جا هوش وڃايل وزير ۽ مشيرآهن جيڪي عجيب قسم جا جدا جدا سرندا وڄائيندا ٿا وڃن.پنڊيء واري پهلوان پنهنجي حڪمت ۽ دانش ڀريل تجزيي ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته سخت سيء ۾ ماڻهو ماني گھڻي ٿا کائين،جڏهن ته ڪي پي ڪي حڪومت جي کاڌ خوراڪ واري عقلمند وزير ماڻهن کي مشورو ڏنو آهي ته ڪينسر کان بچڻ جو اڪيلو رستو اهو آهي ته ماڻهو عمدو اٽو استعمال ڪرڻ کان پرهيز ڪن.هڪ ٻيو ڪو ڪاڪو خسرو بختيار آهي اهو فرمائي ٿو ته ملڪ ۾ اٽي جي کوٽ نالي ڪا شيء ئي ناهي جڏهن ته پنجاب حڪومت جو هڪ جذباتي وزير چئي رهيو آهي ته ملڪ ۾ اٽي جي کوٽ جي ذميدار سنڌ حڪومت آهي.عمران حڪومت جو ڀرجھلو جهانگير ترين فرمائي رهيو هو ته عمران خان مافيائن جي وچ ۾ ڦاسي پيو آهي.جڏهن ته سنڌ حڪومت هڪ الڳ راڳ ڳائي رهي آهي.هاڻي سمجھه ۾ نٿو اچي ته سمورن ماڻهن جو هوش هليو ويو آهي جو اهي اجايو اٽي جي کوٽ ۽ اگھن جي واڌ تي رڙيون ڪري رهيا آهن يا حڪومتي وزيرن مشيرن جي ڊول ۾ ڪو ڊفيڪٽ پيدا ٿيو آهي جو اهي هڪ طرف چون ٿا ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جي ڪا کوٽ آهي ئي ڪانه پر ٻاهران ڪڻڪ گھرائڻ جا اعلان به ٿي رهيا آهن.جيڪڏهن ملڪ ۾ ڪڻڪ جھجھي مقدار ۾ موجود آهي ته پوء ٻاهرين ملڪن مان ڳرن اگھن تي ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو ڪهڙو مظلب؟جيڪر بحران حقيقي نه پر هٿرادو آهي ته پوء حڪومت ڇا ڪري رهي آهي؟اهو هٿرادو بحران ضرور ڪنهن نه ڪنهن پيدا ڪيو هوندو ته پوء انهن خلاف ڪاروائي نورو واڍو ڪندو يا خيرو ڪاسائي؟عجيب قسم جي حڪومت ۽ عجيب قسم جا ماڻهو آهن.يعني هي ماڻهو ڪنهن به معاملي تي نه ته سنجيده ٿيڻ لاء تيار آهن ۽ نه ئي پنهنجي ڪا غلطي يا نااهلي تسليم ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا.الٽو ماڻهن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ لڳن ٿا. هر سوال جي جواب ۾ ”گذريل حڪومتن جي نااهلي “،هر بحران جي جواز ۾ ”ميڊيا،سازش ۽ مافيائون“،هنن مان چڱو ڦاٿا آهيون.هي ماڻهو تاريخ کان به ايترو ته اوپرا آهن جو کين خبر ئي ناهي ته فرانس واري انقلاب جي پويان اٽي جي اڻاٺ ئي ڪم ڪري رهي هئي ۽ حڪمران هئا جيڪي ماڻهن جي ڦٽن تي مرهم رکڻ بدران سندن مذاق اڏائيندي کين مانيء بدران ڪيڪ کائڻ جون صلاحون ڏيئي رهيا هئا انهيء حقيقت کان بي خبر ته ”بک بڇڙو ٽول ٿي داناء ديوانا ڪري“ يا وري ”سدا آهي ساهه کي ڳڀي جي ڳولا ....ڍوء بنان ڍولا ڪانهي ساڃاهه سونهن جي.“ عوام جي خالي پيٽن اندر دکندڙ بکن جي دوزخ کان بي نياز بڻيل فرانس جي انهن حڪمرانن جي بي حسي جڏهن سڀ حدون لتاڙيون ته دنيا اهو منظر ڏٺو ته فرانس جي چوڪن ۽ چوراهن تي انقلابي نوجوان هر ايندڙ ويندڙ جا هٿ چڪاس ڪرڻ لڳا ۽ جيڪو به هٿ ڪجهه نرم محسوس ٿيندو هو ته انهيء کي قوم جو قاتل سمجھندي قتل ڪري ڇڏيندا هئا. لڳي ٿو ته اسان جي حڪمران اشرافيا جي بي حسي به پنهنجون سڀ حدون لتاڙڻ جي شوق ۾ آهي.هڪ چوري ٻيو وري سينا زوري يعني گئس ۽ بجليء جا اگھه وڃي آسمان تي رسيا،جواب اهو ته ميڊيا سازش ڪري رهي آهي.تيل جون قيمتون عروج تي پهتيون پڪ سان ميڊيا جي سازش ئي هوندي.دوائن جي اگهن ۾ ٻه سو سيڪڙو واڌ اچي ويئي اها به ميڊيا جي سازش هوندي.هاڻي اٽو 57 روپين کان ستر روپيا ڪلو وڪامي رهيو آهي پر حڪومت جو اهو ئي تڪرار ته ڪو به بحران ناهي،بس ميڊيا شرارت ڪري رهي آهي.نڪ جي ڏاڍائيء جي به انتها ٿي ويئي. ماڻهو بکن ۽ بيروزگاريء کان تنگ ٿي پنهنجن ٻچن سميت آپگھات ڪري رهيا آهن پر هنن جي ”رياست مدينه“ واري ٿيوريء کي ڪو لوڏو ئي ناهي.هن وقت به اهو حڪمران ٽولو ماڻهن جي مشڪلن کي گھٽائڻ لاء ڪو رستو ڳولهڻ بدران بدبودار بليم گيم ۾ لڳو پيو آهي.هڪ ٻئي جا پٽڪا لاهي رهيا آهن.جيڪر ڪڻڪ گودامن ۾ موجود آهي ته پوء ٻاهر ڇو نٿي اچي،جيڪر ڪڻڪ جي کوٽ آهي ئي ڪانه ته پوء اٽي جا اگھه آسمان سان ڇو لڳل آهن؟ انهن سوالن جي جواب ۾ کين نانگ سونگھي وڃي ٿو۽ جواب ۾ الٽ پٽانگ ڳالهيون ڪندي نظر اچن ٿا.خود تحريڪ انصاف جي گرفت حڪومتي مامرن تي ايتري ڪمزور آهي جو وزير اعظم جي حڪمن تي عمل ئي نٿو ٿئي.ڪيترائي ڀيرا واپاري تنظيمن جا نمائندا ميڊيا تي اچي چوندا رهيا آهن ته وزير اعظم جيڪا ڳالهه انهن سان ڪري ٿو اها پوري نٿي ٿئي جنهن ڪري ان معاملي ۾ آرمي چيف کي وچ ۾ اچڻو پيو.سورهن مهينا گذرڻ باوجود تحريڪ انصاف ڪو اهڙو ڪم نه ڪري سگھي آهي جنهن کي ڏيکاري  عوام کي بهتر ڏينهن جي اميد ڏياري سگھجي.حڪمران ۽ حڪومت لطيفو بڻجي چڪا آهن.نا اهلي،نالائقي ۽ غير سنجيدگي جو مظاهرو ڪڏهن سرڪاري عملدارن جي بدلين ۾ نظر اچي ٿو ته ڪڏهن اٽي جي بحران جي صورت ۾.انهن کان نه ته بجليء جي چوري ٿي ڪنٽرول ٿئي ۽ نه ئي کنڊ جا اگھه.نه ته هن حڪومت جا اتحادي سندس ڪارڪردگيء مان خوش آهن ۽ نه ئي پنهن جا پارٽي ميمبر.ڇا اها سڀ به ميڊيا جي سازش آهي؟
حيرت اها جو اٽي جي اڻاٺ ۽ ناقابل برداشت اگھن ۾ اضافي جهڙي بنيادي عوامي مسئلي تي اسان جون عدالتون به خاموش آهن.انهيء جو مطلب اهو ٿيو ته عوام جي لاء اهو پيغام آهي ته هي ملڪ اوهان جو نه بلڪه ڪجهه مافيائن جو آهي جن جي هٿ ۾ ئي اوهان جي زندگي ۽ موت آهي.اهي مافيائون جڏهن گھرن اوهان جي ٻن وقتن جي مانيء جو گرهه کسي اوهان کي سسڪي سسڪي مرڻ تي مجبور ڪري ڇڏين.ويچاري ميڊيا جيڪا عوامي آزارن خلاف ڪو ٻڙڪ ٻاهر ڪڍي ٿي۽ انهن بي انصافين خلاف ڪو آواز بلند ڪري ٿي سا انهن کي ڏٺي نٿي وڻي. جڏهن اوهان اپوزيشن ۾ هجو ۽ ميڊيا اوهان کي پوريء طرح پروجيڪٽ ڪري ته ميڊيا واهواه! پر جڏهن اوهان جي غلطين جي نشاندهي ڪندي سچائيون بيان ڪري ته پوء اف ميڊيا! هائي ميڊيا،سازشي ۽ لفافه پرست ميڊيا! ٻين جي هٿن ۾ کيڏندڙ ميڊيا! آئيني ۾ جيڪر پنهنجي ئي شڪل نه وڻي ته آئيني سان وڙهڻ بدران پنهنجي  شڪل درست ڪرڻ طرف ڌيان ڏيڻ گھرجي!
(روزاني عوامي آواز 25 جنوري 2020ع)

Friday, January 24, 2020

ڇا ملڪي معيشت سڌري رهي آهي؟



شفيق الرحمان شاڪر
جيڪڏهن ڪو هوائي جهاز ڪئين ڀيرا اڏامڻ بعد واپس تباهه ٿيندو رهي ته پوء منطقي حل اهو ئي ٿيندو ته جهاز جي بنيادي جوڙجڪ کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي.پاڪستاني معيشت ان جهازجيان گذريل سٺ سالن دوران تيرهن ڀيرا ڪريش ٿي چڪي آهي ۽ هر ڀيري بيل آئوٽ پيڪيج لاء آئي ايم ايف جو دروازو کڙڪائڻو پوي ٿو.
ايئن سدائين نه هو.1980ع دوران پر ڪيپيٽيا آمدنيء جي حساب سان پاڪستان هندستان،چين ۽ بنگلاديش کان 15،،38۽ 46 سيڪڙو وڌيڪ ستابو هو. پر هن وقت پاڪستان انهن سمورن ملڪن کان وڌيڪ غريب آهي.ان جي تازي جي ڊي پي واڌ رڳو 3.3 سيڪڙو آهي جيڪا وڏي مشڪل سان سندس وڌندڙ آباديء جي شرح جو مقابلو ڪري سگھي ٿي. ملڪ جي وفاقي حڪومت ته بلڪل ڏيوالپڻي جو شڪار آهي.2018ع  ۾ قرضن جي وياج ۽رٽائرڊ ملازمن کي پينشن جي مد ۾ ٿيندڙ ادائگين جو انگ وفاقي حڪومت جي نج محصولن جي وصوليء کان مٿي رهيو.پوري حڪومتي مشينري فوج سميت قرضن واري رقم تي هلي رهي آهي.
پاڪستاني معيشت جي تباهيء جا اثر ملڪ جي ويهه ڪروڙ ماڻهن جي زندگين ۾ ڏسي سگھجن ٿا.حڪومت ڄاڻي ٿي ته معيشت جي ان بدحالي ۽ تباهيء جا سبب ڪهڙا آهن،اهو به ته ملڪ معيشت جي ميدان ۾ ڪيترو پوئتي رهجي ويو آهي ۽ ان سامهون اهو چلينج وڌيڪ سخت ٿيندو ٿو وڃي ته ڪيئن ڪجي جوايندڙ وقت ۾ ملڪ جو ايندڙ نسل ڪا سڪون ۽ وقار واري زندگي گذاري سگھي. عوام اندر اهڙي ئي تبديليء جي شديد خواهش هئي جنهن جي ڪري 2018ع ۾انهن پوين آزمايل سياسي جماعتن بدران هڪ نئين جماعت کي ووٽ ڏنا.وزير اعظم عمران خان ماڻهن سان تبديلي ۽ نئين پاڪستان جا وعدا به ڪيا پر انهيء خواب جو حقيقت بنجڻ سوچ کان وڌيڪ مشڪل بڻجي رهيو آهي. ان تبديلي آڻڻ ۾ بنيادي للڪار اها آهي جو ته اهي ڌريون يا گروهه جيڪي انهيء غير فعال بڻيل معيشت مان ڀرپور لاڀ حاصل ڪري رهيا آهن ۽ ڪنهن هاڪاري تبديليء جي صورت ۾ انهن کي پنهنجن مفادن وڃائڻ جو انديشو آهي اهي تبيليء جي ان رستي ۾نه رڳو وڏي رڪاوٽ بڻجي رهيا آهن بلڪه حڪومت به انهن اڳيان گوڏا کوڙيندي ٿي وڃي.
حڪومتي ليڊرشپ کي انهن ٻن معاشي راڪاسن خلاف ضرور همت ۽ جرئت جو مظاهرو ڪرڻ گھربو هو جن مان هڪڙو راڪاس اها سرمائيدار اشرافيا آهي جن جي آڱرين جي چرپر تي ئي مارڪيٽ جون سڀ قوتون سندن مدد لاء ڊوڙن ٿيون.پئسو ڪمائڻ جا انهيء اشرافيا وٽ ٽي طريقا آهن.پهريون غير قانوني ڪاروبار،ٻيو ٽيڪسن جي چوري ۽ ٽيون اقتداري ايوانن تائين پهچ جنهن ذريعي هو هر قسم جي استشنا حاصل ڪري وٺن ٿا.اهي پاڻ ڪا محنت ڪرڻ بدران ٻين جي پورهيي جو ثمر اقتداري پهچ ذريعي کسي وٺن ٿا ۽ مارڪيٽ جي هر ساهميء کي پنهن جي حق ۾ ڪري وٺن ٿا.ٻيو راڪاس انتها پسنديء جو راڪاس آهي.ماضيء ۾ ڏهاڪن تائين سول توڙي فوجي حڪومتون ڪنهن نه ڪنهن نموني اهڙن گروهن هٿان عرغمال بڻجنديون رهيون آهن بلڪه پنهنجن سياسي مقصدن لاء اهڙن گروهن تي هر حڪومت پنهنجي ڇانو به ڪنهن نه ڪنهن نموني قائم رکندي رهي آهي.نتيجو اهو نڪتو جو پورو سماج گڏيل طور تي عدم برداشت وارن روين جو شڪار ٿي چڪو آهي ۽ ظاهر آهي ته ان جا اثر سماج لاء نهايت ئي خطرناڪ رهيا آهن.
اها ڪا لڪيل ڳالهه ته ناهي ته هزارين ماڻهو انهيء انتها پسند سوچ هٿان قتل ۽ لکين ماڻهو بي گھر ٿي چڪا آهن يا وري انهن مان ڪيترائي ملڪ ڇڏڻ تي به مجبور ٿيا آهن.ان ۾ حيرت نه هئڻ گھرجي ته ڪجهه ماڻهو دهشتگردي ۽ تشدد واري ماحول ۾ ئي پنهن جو ڪاروبار چمڪائين ٿا.بد قسمتي اها آهي جو ڪيترائي اهل ، لائق ۽ ذهين ماڻهو جيڪي ملڪي معيشت جي بحاليء ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگھيا ٿي  ۽ جن جي ملڪ کي سخت گھرج هئي انهن ملڪ ڇڏڻ ۾ ئي پنهنجي عافيت سمجھي آهي.انتها پسندي ۽ غير پيداواري ڀتا خور اشرافيا جي گڏيل اثرن سبب پاڪستان جو سيڙپ ڪاري ريٽ دنيا جي گھٽ ۾ گھٽ ريٽ ۾ ڳڻيو پيو وڃي.پاڪستان ۾ پوري قومي موڙيء مان رڳو پندرهن سيڪڙو سيڙپ ڪاريء ۾ لڳي ٿو جڏهن ته جڏهن ايشيا جي ٻين ملڪن ۾ اهو ريٽ گھٽ ۾ گھٽ 30 سيڪڙو آهي.ظاهر آهي ته جڏهن سيڙپ ڪاري ئي نٿي وڌي ته پيداوار ڪيئن وڌندي ۽ نوڪريون ڪيئن پيدا ٿينديون؟ مختلف حڪومتن جي سمورين دعوائن باوجود حقيقت اها آهي ته 2005ع کان پاڪستان جي ايڪسپورٽ ۾ اضافو ناهي ٿيو.اسان گراهڪن جي هڪ اهڙي قوم بڻجي چڪا آهيون جنهن وٽ پيداوار جي صلاحيت نهايت ئي محدود آهي.جڏهن شيون ٺهنديون ئي نه ته ايڪسپورٽ ڪٿان ٿيندي؟2018ع ۾ پاڪستان جيتريون شيون ملڪ کان ٻاهر موڪليون ان کان اٽڪل ٽيڻيون امپورٽ ڪيون.انهن لاڙن کي ابتڙ بنائڻ لاء انهيءسرمائيدار اشرافيا سان وڙهڻو پوندو ۽ انهيء لاء نهايت ئي وڏي جرئت ۽ بيحساب لڳاء جي ضرورت آهي.ٿورو ان غير پيداواري ۽ معيشت تي بار بڻيل سرمائيدار اشرافيا تي سوچيو ته اهي لنهن حقيقي ڪاروبار ۾ سيڙپ ڪرڻ بدران شهري علائقن ۾ زمينون خريد ڪرڻ تي پئسو چو ٿا لڳائين؟اها هڪ اهڙي غير پيداواري ۽ معيشت جي لحاظ کان فضول سرگرمي آهي جنهن مان ملڪي آمدنيء ۾ ڪوبه اضافو نٿو ٿئي ۽ نه ئي انهيء سان ملڪ جي گھٽ درجي جي سيڙپ ڪاري شرح ۾ ڪا سڌي سنئين واڌ ٿي اچي.زمينن جون قيمتون وڌنديون ئي رهن ٿيون انهن جي محنت سبب نه پر آباديء جي شهرن طرف وڌڻ سبب.اهڙي سرگرميء کي ٻنجو ڏيڻ ۽ ان جي هوصلا شڪنيء خاطر نهايت ضروري آهي ته ٽيڪس جي وصوليء لاء اهڙين زمينن جو مناسب ملهه مقرر ڪجي.انهيء سان شاهوڪار زمين جي ڪاروبار ۾ پئسو لڳائن بدران حقيقي ڪاروبار ۾ سيڙپ ڪرڻ طرف ايندا.ان کان پوء اهي زمينون بهتر پيداواري مقصدن ۾ ڪم اچي سگھنديون.وڌيڪ اهو ته انهن زمينن جي وڪري تي حاصل ڪين ٽيڪس جي رقم شهرن جي انفرا اسٽرڪچر بهتر بنائڻ تي خرچ ڪري سگھجي ٿي.پر اهو معاملو ايترو آسان ناهي ان ڪري جو شهرن ۾ موجود زمينن تي انهيء ڏوڪڙ مافيا جو قبضو آهي.جيڪر حڪومت انهيء رعايت يافتا طبقي جي غير قانوني معاشي سرگرمين تي پڪڙ ڪرڻ جي همت نٿي رکي ته پوء عوام جي گڏيل مفادن جي تحفظ جي بدران ڪجهه خاص ماڻهن جي مفادن جو تحفظ ڪندڙ چئبي.معيشت جي ٻين ميدانن ۾ به ساڳيا چيلينج سامهون آهن.مٿال طور ڪمند جيڪو تمام گھڻو پاڻي کڻندڙ فصلن ۾ ڳڻيو وڇي ٿو،ملڪ جي اڍائي ملين ايڪڙ زمين تي پوکيو وڃي ٿو.جنهن ملڪ ۾ پاڻيء جي سخت کوٽ هجي اتي ايڏي وڏي سطح تي اهڙا فصل پوکڻ سمجهه کان ٻاهر آهي.سو زراعت جي ميدان ۾ به هڪ نئين مڪينزم جي ضرورت آهي.حڪومت سرمائيدارن ۽ واپارين کي سبسڊي ته ڏيئي رهي آهي پر ان طرف ڪو ڏيان ناهي ته اهڙي سبسڊي جي نتيجي ۾ ملڪي ايڪسپورٽ ۾ ڪيترو اضافو آيو آهي؟ڇا حڪومت ايتري همت آهي جو اها ڪجهه ذاتي مفادن لاء حاصل ڪيل اهڙيون رعايتون ختم ڪري ڪارڪردگيء جي بنياد تي نئون مڪينزم جوڙي سگھي؟آٽو سيڪٽر هڪ ٻيو مثال آهي جنهن ڏهاڪن تائين ملڪي معيشت جي بحاليء ۾ ڪابه مدد ناهي ڪئي پر حڪومت لاڳيتو ان کي بچائيندي ٿي اچي جڏهن ته پاور سيڪٽر تي ڪجهه نجي پيداواري مافيائن جو قبضو آهي جيڪي پنهنجن پلانٽن ذريعي  بنان ڪنهن پوري پاور پيدا ڪرڻ جي حڪومتي ضمانتن هيٺ ڳرن اگھن تي ڊالرن ۾ پئسو وصول ڪري رهيا آهن.پر هن ملڪ جو الميو اهو آهي جو ڪا به حڪومت ڏاڍن سان مهاڏو اٽڪائڻ جو حوصلو نٿي رکي ۽ انهيء معاملي ۾ عمران ّان به هڪ اهڙو ” پڃري ۾ بند ٿيل شينهن“ ثابت ٿيو آهي جيڪو گجي ته گھڻو پيو پر پنهنجي مرضيء سان ان پڃري کان ٻاهر قدم رکي نٿو سگھي!

(روزاني عوامي آواز 22 جنوري 2020ع )

Wednesday, January 22, 2020

قافلي جي دل مان احساس زيان ئي هليو ويو!



شفيق الرحمان شاڪر
ملڪ جي هاڻوڪي سياسي صورتحال هڪ اهڙي ڳجھارت بڻيل آهي  جنهن تي مختلف تجزيي نگار پاڻ حيرت جو شڪار آهن ته آخر ٿي ڇارهيو آهي؟  هڪ طرف پي ٽي آئي حڪومت پنهنجن سمورين نااهلين ۽ ناڪامين سبب تيزيء سان عوامي مقبوليت وڃائي رهي آهي  ته ٻئي طرف اپوزيشن جماعتون به عوام جي نظر ۾ ايترو ته وائکيون ٿيون آهن جو ماڻهن جي ذهن ۾ اهو سوال اڀري رهيو آهي ته ڇا هن ملڪ ۾ جمهوريت ڪڏهن به ڪجهه ڊليور ڪري نٿي سگھي؟ انهيء سوال پيدا ٿيڻ جا واضح سبب ۽ جواز به آهن جو سچ پچ جمهوري نظام جي دعويدار هر حڪومت اڄ تائين عوام کي ايترو ته مايوس ڪيو آهي جو هاڻي ماڻهو مايوسيء وچان عجيب غريب ڳالهيون ڪري رهيا آهن.سوال اهو ته عوامي ووٽ جي نالي تي جڙندڙ اهي حڪومتون آخر ناڪام ڇو ٿيون ٿين؟ اهو هڪ ڊگھو بحث آهي پر جيڪر ان بحث جو تت ڪڍجي ته ان سموري مامري کي ٻن نڪتن ۾ بيان ڪري سگھجي ٿو.پهريون ته هڪ زبردست منصوبه بنديء سان عوام جي چونڊيل نمائندن کي ناڪام ڪرڻ،انهن کي پنهنجي مرضيء سان ڪم ڪرڻ نه ڏيڻ ۽ کين بدنام ڪري عوام آڏو پيش ڪرڻ جڏهن ته ٻيو نڪتو اهو ته عوام جا ووٽ وٺي عوام جي نمائندگي جا دعويدار گھڻي ڀاڱي سياسي اڳواڻ پنهنجو پاڻ به ايترو ڪرپٽ ۽ بدديانت ٿين ٿا جو اهي قومي مفادن بدران پنهنجن ذاتي ۽ گروهي مفادن خاطر غلط ڪم ڪرڻ لڳن ٿا ۽ سندن انهن ئي غلط ڪمن کي بنياد بنائي کين بليڪ ميل ڪيو وڃي ٿو ۽ وٽانئن پنهنجي مرضيء موجب ڪم ورتو وڃي ٿو.انهن ۾ ايتري اخلاقي جرئت ئي نٿي ٿئي جو اهي  ڪنهن به جائز قومي مقصد خاطر ڪا مزاحمت اختيار ڪري سگھن. عوامي مفادن جي اهي ڳالهه برابر ڪن ٿا پر رڳو ماڻهن کان ووٽ حاصل ڪرڻ لاء باقي جڏهن اهي اقتداري ايوانن تائين پهچن ٿا ته ”اها ئي ڪهاڙي،اها ئي وڍڻ جي وار“ ۽ عوام جي لاء ”اهي ئي انڌيون،اهي ئي جنڊ“ . سو اهي پوري ريت ڄاڻن ٿا ته سندن پاڙون عوام ۾ ناهن،اها ٻي ڳالهه آهي جو عوام وري به ووٽ انهن کي ئي ڏئي ٿو جو عوام وٽ ٻيو ڪو آپشن آهي ئي ڪونه. پر انهيء جو مطلب اهو ناهي ته عوام مٿانئن جان قربان ڪرڻ لاء به ڪو تيار رهي ٿو بلڪه عوام به کين ووٽ ڏيڻ بعد منجھائن اهڙو لاتعلق بڻجي وڃي ٿو جيئن اهي پاڻ عوام کان لاتعلق بڻجي وڃن ٿا.اهو ئي سبب آهي جو گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ملڪ ۾ ڪابه وڏي سياسي مزاحمتي تحريڪ روڊن رستن تي ڏسڻ لاء ناهي ملي.هاڻي سياستدانن به اقتداري سياست واري راند جا سڀ گر سکي ورتا آهن ۽ کين  شارٽ ڪٽ وارو رستو ئي مناسب معلوم ٿئي ٿو جنهن موجب ان ڳالهه جي ڪا اهميت ناهي رهي ته عوام گڏ آهي يا نه بس جن کي گڏ هئڻ گھرجي جيڪر اهي گڏ آهن ته ٻيڙا پار آهن.ان ڪري بهتر اهو ئي ٿا سمجھن ته انهن بزرگن جي هر حال ۾ سرپرستي حاصل ڪئي وڃي پوء ڀلي عوام جو رت ست نپوڙڻو ئي ڇو نه پوي جهڙيء طرح هاڻوڪي حڪومت نپوڙي رهي آهي.بدقسمتيء سان هاڻي سمورين سياسي جماعتن وٽ عوامي ايجنڊا نالي ڪا شيء نه رهي آهي.هڪڙي بزرگن جي ايجنڊا آهي ته ٻي انهن اقتداري رانديگرن جي ايجنڊا.انهيء ڪري عوام هر معاملي کان پرڀرو ٿي بيٺل آهي جو هن جي ايجنڊا جڏهن ڪنهن وٽ به ڪانهي ته پوء هو اجايو ڪنهن جو ساٿ ڇو ڏين البت عوام ان سڄي راند جو تماشو ضرور ڏسي رهيو آهي ۽ تاڙيون به وڄائي رهيو آهي.ڪو ٻڌجي ته به تاڙيون ۽ جيڪر ڪو ڇٽي تڏهن به تاڙيون،جيڪر ڪنهن کي سزا ٻڌائي وڃي ته به تاڙيون ۽ جيڪر ڪنهن جي سزا معاف ٿئي تڏهن به تاڙيون.بس تاڙيون ئي تاڙيون.هونئن انهيء اشرافيا کي عظيم غلط فهمي اها لڳل آهي ته ماڻهو بيوقوف آهن ۽ ڪجهه سمجھن ئي نٿا پر انهن کي اها خبر ناهي ته ماڻهو گھڻو سياڻا ٿي ويا آهن ۽ اهي پاڻ پنهنجن سياسي اڳواڻن کي بيوقوف بنائي رهيا آهن.هئڻ ته ايئن گھربو هو ته اهڙن عظيم قومي اڳواڻن جي جيل وڃڻ ۽ ڪن کي سزائون ملڻ تي عوام جو سمنڊ روڊن رستن تي ٻاهر نڪري اچي ها پر ڇا ٿيو؟ زندگي معمول جيان هلندي رهي ان ڪري جو عوام سمجھي ويو آهي ته انهن سمورن همراهن سان ”پٿر پرائو ۽ سور پنهن جا“ وارو معاملو آهي.سو اهي ڀلي روئن، پٽين ۽ ماتم ڪن پر عوام سندن سڏ تي ايترو چري جترو جبل.اهي  عظيم عوامي تحريڪون وغيره هلائڻ کان ويا هاڻي رڳو هڪٻئي کي گدڙ ڀڀڪيون ڏيندا ۽ ”هڻ ته خبر پوي“ وارو فقرو ورجائيندا. انهن مان نه ڪو نيلسن منڊيلا آهي،نه ڪو محمد علي جناح ۽ نه ئي ڪو ذوالفقار علي ڀٽو جو اهي اصولن ۽ نظرين خاطر سڀ سختيون سهي وڃن.اهي ته نهايت ئي سستي سودي تي راضي ٿي وڃن ٿا ۽ ساڳي پگھار تي ڪم ڪرڻ لاء تيار ٿي وڃن ٿا.عوام سندن نالن تي ٺپا ضرور هڻي ٿو پر سندن ٺپو عوام جي دلين تي نٿو لڳي.سو انهن سان اهو ئي سلوڪ هئڻ گھرجي جيڪو ٿي رهيو آهي.جڏهن پئسو ڪمائڻ ئي سياست رهجي وڃي ته پوء سياستدانن کي خريد ڪرڻ ڪهڙو ڏکيو ڪم آهي؟ هاڻي اچون ٿا هڪ ٻئي عظيم انقلابي اڳواڻ طرف جنهن  گذريل ٻاويهن سالن کان تبديليء جا نوان نوان نوان نعرا هڻي ماڻهن جي مغز ۾ سور ڪري وڌو هو سو هاڻي سوچي رهيو آهي ته تبديلي ويئي ڪيڏانهن؟ڪهڙو شينهن آيو جيڪو انقلاب جي ٻڪريء کي ڳڙڪائي ويو؟ جيڪي به دعوائون ڪيائين عمل ان جي ابتڙ ڪيائين.جيڪي به وعدا وچن ڪيائين انهن سڀني تان اهڙي ته ڦڙتي سان ڦريو جو  عوام ڏوراپا ڏيندي ئي رهجي ويو ته ”غضب ڪيا تيري وعدي پي اعتبار ڪيا ،،، تمام رات قيامت ڪا انتظار ڪيا.“ پر سامهون هڪ پراسرار خاموشي ۽ جيڪر ڪو جواب آيو ته فقط اهو ته ” عظيم اڳواڻ ئي يوٽرن وٺندا آهن.“هن فرمايو ”حڪومت هلي وڃي پر ڪنهن کي اين آر او نه ڏيندس.“ هن اين آر او ته واقعي ڪنهن کي نه ڏنو بلڪه سمورن اين آر اوز جي ماء ڏيئي ڇڏي ته ڇا ياد ڪندا! وڃو وڃي آنا ۽ ٻچا به وٺو.سائين جن جو فرمان هو ته ” لٽيل عوامي دولت جي پائي پائي واپس وصول ڪري عوام جي جھولين ۾ وجھبي“، اها دولت ڇا واپس عوام کي ملڻي هئي هتي ته عوام کي مهانگائي ۽ ڳرن ٽيڪسن جي گھاڻي ۾ پيڙهي اهڙو ته بي حال ڪيو ويو جو عوام اهو ئي پڇندو رهجي ويو ته ” مجهي تو هوش نهين تم ڪو خبر هو شايد .... لوگ ڪهتي هين ڪي تم ني همين برباد ڪيا.“خان صاحب اعلان ڪيو هو ته احتساب جو جن پوريء طرح بوتل مان ٻاهر ڪڍبو ته جيئن ڪرپٽ مافيا جون ڳچيون مروڙي ۽ ڏند جھوري ڇڏي پر اهو جن اهڙو آزاد ٿيو جو مورڳو نيب جي نڙيء تي لت ڏيئي بيهي رهيو.صاحب اها به خوشخبري ٻڌائي هئي ته ملڪ ۾ غريب ماڻهن لاء خوشحاليء جون هوائون ورنديون،نوڪرين جا گل ٽڙندا ۽ روزگار جا دريا وهڻ لڳندا پر ڳالهه اتي وڃي دنگ ٿي ته ” سڪون ته انسان کي صرف قبر ۾ ملي سگھي ٿو.“ خان صاحب جنهن کي مفاهمت جي لفظ کان ئي چڙ هئي ۽ جنهن کي هو مڪ مڪا چوندو رهيو،وقت جي ستم ظريفي ته ڏسو جو هو لاڳيتو بنان جنهن مزاحمت جي مڪ مڪا ڪندو ٿو وڃي ۽ اڃا خبر ناهي هن کي اقتدار جي رستي ۾ ڪيترا يوٽرن وٺڻا پوندا،ڪيترن مڪ مڪا جي زهريلن وڻن جو ميوو کائڻو پوندو۽ پڪ سان اهڙن هٿن سان به هٿ ملائڻو پوندو جيڪي سندس سوچ مطابق بدبودار هٿ آهن.نقصان جو ٿيڻ ڪو ايڏو وڏو الميو ناهي هوندو پر نقصان جو احساس ئي مٽجي وڃڻ پڪ سان هڪ وڏو الميو آهي.اقبال مطابق؛ ”وائي ناڪامي متاع ڪاروان جاتا رها... ڪاروان ڪي دل سي احساس زيان جاتا رها.“ يعني افسوس اهو ناهي جو قافلي جو سامان لٽجي ويو پر افسوس اهو جو قافلي وارن جي دل مان زيان جو احساس ئي مٽجي ويو.
(روزاني هلال پاڪستان 20 جنوري 2020ع)

Tuesday, January 21, 2020

سهڻي صلاح ؛ جيڪو کاڌو ....



جيڪو کاڌو اسان کائي نٿا سگھون انهيء جو حقدار پڪ سان ڪوٻيوجيو آهي!

Monday, January 20, 2020

ٽرمپ بين الاقوامي قانونن جا بکيا اڍيڙي رهيو آهي.



شفيق الرحمان شاڪر
ڊونلڊ ٽرمپ پهريون آمريڪي صدر ناهي جنهن تي غير قانوني طور تي فوجي طاقت استعمال ڪرڻ جو الزام لڳو آهي پر لڳي ايئن ٿو ته واهيٽ هائوس صدر ٽرمپ کي ماڻهو قتل ڪرڻ ۽ جنگيون شروع ڪرڻ لاء کليل لائسنس ڏيئي رهيو آهي.هن هفتي آمريڪي سيڪريٽري دفاع مارڪ ايسپر هڪ ميڊيا انٽرويو ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته ايراني حمايت يافته مليشيا پاران عراقي سرزمين کي آمريڪا خلاف جارحاڻن مقصدن لاء استعمال ڪرڻ جي جواب ۾ آمريڪي آئين جي آرٽيڪل ٻه هيٺ آمريڪا کي ايراني سرزمين تي حملي ڪرڻ جو حق حاصل آهي.ڪجهه عرصو اڳ عراق ۾ آمريڪي اڏن تي راڪيٽ حملن ۾ واڌ آئي هئي جنهن بعد ايراني جنرل سليماني ۽ عراقي مليشيا جو ڪمانڊر ابو مهدي هڪ آمريڪي ڊرون حملي ۾ قتل ٿي ويا هئا.ايسپر جي دليل مطابق هاڻي آمريڪا کي ايران تي حملي جو ”حق “حاصل هوندو ۽ ٽرمپ جي استدلال مطابق کيس اهڙي حملي لاء ڪانگريس کان اجازت وٺڻ ضروري ناهي.ڪينيڊا ۾ رهندڙ جنگي ڏوهن جي هڪ وڪيل ڪرسٽوفر بليڪ ان تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته ايسپر جي اها دعويٰ غلط آهي ڇوته آرٽيڪل نمبر ٻه صدر کي هٿيار بند فوج جو سپريم ڪمانڊر ته بڻائي ٿو پر اهو صدر کي ڪانگريس جي منظوريء سواء ڪنهن به ٻاهرين قوم يا ملڪ تي حملو ڪرڻ يا انهن ملڪن ۾ غير ملڪين کي قتل ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي ۽ نه ئي ان آرٽيڪل جي بنياد تي گڏيل قومن جي چارٽر ۽ ٻين بين الاقوامي معاهدن توڙي خود آمريڪا جي اندروني قانونن جي خلاف ورزي ڪري ٿي سگھجي.بليڪ وڌيڪ چيو ته ان کان سواء خود دفاع جي باري ۾ آمريڪي دعوائون به غلط آهن ڇوجو بين الاقوامي قانون ڪنهن ملڪ کي ڪنهن ٻئي ملڪ تي حملي جو اختيار نٿو ڏئي.ٽرمپ جي ته حالت اها آهي جو هوانهن سوالن جا جواب ڏيڻ لاء تيار ناهي جن ۾ ايراني جنرل سليماني تي ڪيل ڊرون حملي جي باري ۾ کيس سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.ان قتل جي صدارتي حڪم جي جواز جي باري ۾ وڌندڙ شڪن شبهن جي جواب ۾ ٽرمپ رڳو اهو چوندو رهيو آهي ته جيڪر سليماني آمريڪا جي لاءڪنهن وڏي خطري جو سبب نه به هجي تڏهن به هو ٽين جنوريء تي آمريڪي فوج هٿان مرڻ جو حقدار هو.ٽرمپ ۽ سندس ساٿين جي اها دعويٰ ته عراق ۾ آمريڪي اهلڪارن لاء هڪ ”سنگين خطرو“جنهن جو مکيه ڪردار جنرل سليماني هو ۽ صدر ٽرمپ کي ان خطري جي پيش نظر ترت حڪم جاري ڪرڻو پيو انهيء دعويٰ کي به ماڻهو سچ مڃڻ لاء تيار ناهن.ٻئي طرف پينٽاگون چيف مارڪ ايسپر ميڊيا انٽرويودوران حقيقت ۾ صدر ٽرمپ جي بيان کي اهو چئي رد ڪيو آهي ته کين ڪي به اهڙيون انٽيليجنس شاهديون ناهن مليون ته وچ اوڀر ۾ چئن آمريڪي سفارتخانن خلاف حملو ٿيڻ وارو آهي.مارڪر جي ان ڳالهه آمريڪي صدر جي ”عظيم خطري“ واري ٿيوري جي ستيا ناس ڪري وڌي آهي پر ٽرمپ جي اها ئي رٽ لڳل آهي ته سليماني هڪ ”جائز نشانو“ هو.هي ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي جيڪو هڪ خطرناڪ قانوني حد ۾ داخل ٿي رهيو آهي جنهن مطابق هو ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ڪنهن به ماڻهوء کي بنان ڪنهن ثبوت جي قتل ڪرڻ جو لائسنس گھري رهيو آهي.مطلب ته هو دنيا ۾ جھنگ جو قانون لاڳو ڪرڻ گھري ٿو.
بين الاقوامي ايسوسيئيشن آف ڊيموڪريٽڪ سليمانيء جي قتل واري واقعي کي عدالت کان مٿانهون قتل ۽ عراق ايران خلاف جارحيت قرار ڏيندي سخت مذمت ڪئي آهي . ايسوسيشن واضح ڪيو ته سليماني خلاف ڪو ثبوت ناهي آندو ويو ۽ کيس رڳو آمريڪي صدر جي چوڻ تي قتل ڪيو ويو.وڪيلن جي ان گروپ جي چوڻ موجب اهو قتل بين الاقوامي توڙي آمريڪي قانون جي خلاف ورزي آهي.آمريڪي قانون گڏيل قومن جي چارٽر جو پابند آهي جيڪو ڪنهن ٻي رياست خلاف سلامتي ڪائونسل جي منظوريء سواء ڪنهن به قسم جي فوجي قوت جي استعمال جي اجازت نٿو ڏئي.ان قسم جي هڪ طرفي تشدد جي اجازت رڳو تڏهن ڏيئي سگھجي ٿي جو ڪو واضح ثبوت موجود هجي ته ڪا رياست پنهنجي بچاء ۾ اهو ڪم ڪري رهي آهي پر سليمانيء جي معاملي ۾ اهڙي ڪا ڳالهه نه هئي.قدس فورس جي ڪمانڊرخلاف هزارين امريڪي فوجين ۽ لکين شهرين جي خون جا الزام هڻڻ گھڻو ڪري آمريڪي روايتي پروپيگنڊا جو حصو آهن.سليماني ايراني مليشيا ۽ ٻين ويڙهاڪ گروهن جي مدد سان ڪنهن کي شڪست ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي؟ انهن دهشتگرد تنظيمن کي جيڪي عراق ۽ شام ۾ حڪومتن جو تختو اونڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا جڏهن ته اهڙن دهشتگردن جي باري ۾ خود آمريڪي رويو شڪي آهي.عراق ۾ ايران جي حمايت يافته مليشيا آمريڪي فوجن سان مزاحمت ڪئي آهي پر اهو نه وسارڻ گھرجي ته اهي آمريڪي فوجون 2003ع ۾ غيرقانوني طور تي عراق ۾ داخل ٿيون هيون ۽ اڃا تائين غير قانوني طور تي اتي موجود آهن.جڏهن ٽرمپ ۽ سندس ساٿي آمريڪي فوجن جي مارجڻ جي مذمت ڪن ٿا ته هو اهو وساري ٿا ويهن ته انهن جو پنهنجو ملڪ پاڻ عراق ۾ جنگي ڏوهن جو مرتڪب ٿيو آهي.آمريڪي ڪانگريس جو ٻين ملڪن خلاف ٽرمپ پاران انڌي طاقت جي استعمال متعلق اختيار حاصل ڪرڻ واري معاملي تي ڳڻتيء جو اظهار پڪ سان جائز آهي تنهن هوندي به اڳوڻو صدر بارڪ اوباما پڻ ٻاهرين ملڪن ۾ دهشتگردن خلاف ڊرون حملا ڪرائڻ جو ذميدار هو.اٽڪل هر امريڪي صدر ٻين رياستن خلاف جنگي جهاز ۽ ميزائيل استعمال ڪيا آهن ۽ اهي به گڏيل قومن جي چارٽر ۽ بين الاقوامي قانونن جي خلاف ورزي ڪندا رهيا آهن.ياد رهي ته صدر بل ڪلنٽن مونيڪا ليونسڪي سان جنسي اسڪينڊل جي عروج تي سوڊان تي ڪروز ميزائيل ڪيرايا هئا.1970ع جي ڏهاڪي دوران سينيٽ چرچ ڪميٽي انتظامي اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ سي آئي اي پاران غير ملڪي اڳواڻن جي قتل جي صدارتي اختيارن تي سخت ڪنٽرول حاصل ڪيو.وائيٽ هائوس ذريعي غير قانوني فوجي طاقت جو استعمال ڪا نئين ڳالهه ناهي پر جيڪي ڪجهه ٽرمپ ذريعي مختلف ٿي رهيو آهي سو اهو ته سندس انتظاميه سندس غير قانوني حڪمن تي ڪنٽرول نه ڪري رهي آهي جنهن سان صدر جي خواهش مطابق قاتلاڻن حملن ۽ جنگي ڪاروائين ۾ آساني پيدا ٿي رهي آهي.اهڙي طرح ٽرمپ جي اثر هيٺ آمريڪي قيادت تيزيء سان قاتلاڻي پاليسي ۽ غارت گري کي جواز مهيا ڪرڻ لاء عقلي اصول تيار ڪري رهي آهي.ان سان دنيا اندر امريڪي لاقانونيت ڏينهون ڏينهن بي لغام ٿيندي ٿي وڃي.انهيء نئين منطق سان وچ اوڀر ۾ هن ڀيري قصو ايران سان جنگ کان گھڻو اڳتي ويندو.هن هفتي آمريڪي سيڪريٽري خارجه مائيڪ پومپيو واضح طور تي انهن قتلن کي سمورن مخالفن خلاف ”اسٽريجڪ مزاحمت“جو نالو ڏنو ۽ ان معاملي کي چين ۽ روس سان مقابلي واري پاليسيءسان ڳنڍي ڇڏيو. سندس تقرير جو موضوع ئي اهوهو ته ” مزاحمت جي بحالي ۽ ايراني مثال!“پومپيو پنهنجي ڳالهه بولهه جو تت اهو بيان ڪيو ته ” اسان وري آمريڪي مزاحمت کي بحال ڪري ورتو آهي.“ سڀ کان وڌيڪ پريشان ڪندڙ آمريڪي قيادت جو عجيب استدلال آهي.پومپيو مطابق جيڪر ٽرمپ انتظاميا نام نهاد ”مزاحمت جي بحالي“ لاء مخالفن خلاف قتل ۽ غارتگري ڪرڻ لاء ڪا طاقت استعمال ڪرڻ گھري ٿي ته اها ڪري سگھي ٿي.
گڏيل قومن جوچارٽر ٻي عظيم جنگ جي ورجاء کي روڪڻ لاء ترتيب ڏنو ويو هو.ٽرمپ پاران ان چارٽر سان گڏوگڏ ٻين سمورن بين الاقوامي قانونن ايستائين جو خود آمريڪي قانون جا بکيا اڍيڙي دنيا ۾ قتل ۽ غارتگري ڪرڻ لاء بي شمار اختيار حاصل ڪرڻ جي خواهش وري پٿر جي ڪنهن دور ۾ واپس وڃڻ جي خواهش آهي.وحشتن ۽ دهشتن جي ان بيابان ۾ واپس موٽڻ تي ٽرمپ کي ڀليڪار چوڻ گھرجي!

(روزاني هلال پاڪستان  18 جنوري 2019ع)

Sunday, January 19, 2020

مفادن جي ٽياس تي ٽنگيل اصولن جا لاش !



شفيق الرحمان شاڪر
“ووٽ کي عزت ڏيو” جو اعلان بغاوت غير مشروط مفاهمت ۾ بدلجي ويو ۽ “سول سپرميسي” جا سرندا وڄائڻ وارن جا اصول وري ڪنهن مفادن جي ديويء مٿان صدقي ٿي ويا.سول سپريميسي جي خواب ڏيکاريندڙن عين تعبير جي ڪنڌيء تي خطرناڪ يوٽرن ورتو جنهن سان نه رڳو سندن نعرن پويان هلندڙ عوام جي دل ٽٽي پيئي بلڪه خان صاحب جي يوٽرن وٺڻ جا سمورا ريڪارڊ به ٽٽي ويا. جمهوريت جي بالادستيء جا پاروٿا خواب ڏيکاريندڙ عادي منڪر آهن،اهي اڳ به ڪئين ڀيرا جمهوريت جي بالادستيء جا عهد ڪري صراط مستقيم کان ٿڙيا ۽ ڪئين ڀيرا توبه تائب ٿي پاڻ سنڀاليائون،ٿڙڻ ۽ سنڀالڻ جو اهو ڊرامو ماضيء ۾ عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجھڻ ۾ ڪامياب ٿيندو رهيو آهي پر ڇا اڄ جي عوام جي سياسي شعور ۽ بيانيي جي جنگ وڙهندڙ نوجوان ووٽرز جي اکين ۾ ڏينهن ڏٺي ايئن ڌوڙ وجھي اهي سياسي جماعتون پنهنجي سياست بچائي وٺنديون؟ پاڪستان ۾ سول سپرميسيء جو نعرو ڪڏهن به آئوٽ آف فيشن نٿو ٿئي.اهو نعرو اصولي آهي جنهن ۾ ڪي ٻه رايا ٿي نٿا سگھن پر اهو سٽ سدائين منجھهيل رهيو يا منجھايو ويو ته ڇا سياسي جماعتون سول سپرميسيء جو نعرو اصول جي بنياد تي لڳائين ٿيون يا عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجھڻ لاء انهيء کي ضرورت مطابق استعمال ڪن ٿيون؟ بهرحال اهو نعرو ڪڏهن ڏاڍيان ته ڪڏهن ڍڪيل ڇپيل لفظن ۾ سدائين سياسي بيانيي جو حصو رهيو آهي.سول سپرميسي جي منزل طرف گذريل هڪ ڏهاڪي کان جيڪا اڳڀرائي ٿي هئي اڳوڻي چيف جسٽس آصف سعيد کوسا ملڪ جي سياسي قيادت کي ان اڳڀرائيء کي حقيقت ۾ بدلائڻ جو موقعو ڏنو پر سياسي جماعتن گڏجي اهو موقعو وڃائي ڇڏيو.ان سموري سوديبازيء ۾ صرف جي يو آئي پنهنجي سياسي ساک بچائڻ ۾ ڪامياب ويئي.تحريڪ انصاف جي ڳالهه ڪجي ته بجاء ان جي جو هاڻوڪي چيف آف آرمي اسٽاف لاء خاص گنجائش پيدا ڪرڻ بعد پاڪستان تحريڪ انصاف رسا ڪشيء جو اهو باب هميشه لاء بند ڪرڻ جو سوچي ها،ان پورو زور لڳائي اهو معاملو سدائين لاء تڪراري بحث جو عنوان بنائي ڇڏيو.هاڻي هر آرمي چيف جي نوڪريء واري مدي مڪمل ٿيڻ تي اهو تڪرار هر وار مٿو کڻندو.ان معاملي ۾ پي ٽي آئي جي سياسي ڪردار تي ڪو سوال اڀو ڪرڻ غير ضروري آهي.عمران خان يو ٽرن وارو نظريو متعارف ڪرائي پنهنجن سياسي فيصلن کي اصولن جي هر قيد کان اڳ ۾ ئي آزاد ڪري ڇڏيو هو.گذريل هڪ ڏهاڪو سول مليٽري لاڳاپن جي حوالي سان نهايت ئي اهم رهيو.اشارن ڪناين ۾ فوج جي سياسي مامرن ۾ ٽنگ اڙائڻ جو قصو ميڊيا تي زور شور سان بحث هيٺ اچڻ لڳو.سوشل ميڊيا جي اچڻ سان ان بحث ۾ عام ماڻهن جا آواز ۽ رايا به شامل ٿي ويا.عوامي راء عامه جڙڻ سان سياسي جماعتن کي به پنهنجن گناهن ڌوئڻ جو موقعو مليو.تاريخي طور تي سياسي جماعتن پنهنجن ناڪامين جو گند هميشه فوج جي حڪومت ۾ مداخلت ۽ اقتدار تي قبضو ڪرڻ کي ئي ڄاڻايو آهي. پنهنجي ڪاميابيء لاء انهن سياسي جماعتن سول سپرميسي جي خواب ۾ وري رنگ ڀرڻ شروع ڪيا.لفظن جي حد تائين اهو خواب ڏاڍو وڻندڙ هو پر جڏهن به پنهنجي چيل شين تي عمل ڪرڻ جو وقت آيو ته روايتي مفاد ۽ اقتدار جي سياست سدائين ان بيانيي تي بازي کڻي ويئي.نواز ليگ جو قصو سڀ کان عجيب آهي.توڙي جو اها پراڻي جماعت آهي پر اها جماعت نئين نئين“ نظرياتي” بڻي آهي.سول سپرميسي جي نئين سر وضاحت جو نعرو لڳائي ئي نواز شريف نظرياتي سياست جي ميدان ۾ پير پاتو.مريم نواز جي سياست جو مرڪز ۽ محور به اهو ئي نعرو هو.اهو مونجھارو رڳو دوکو آهي ته ميان نواز شريف ۽ ميان شهباز شريف جا بيانيا جدا جدا آهن.وڏي ۽ ننڍي ميان واري رام ڪهاڻي به فراڊ آهي.مريم نواز جيڪر ان سڄي قصي ۾ پنهنجي ڪا الڳ سياسي راء رکي ٿي ته هن کي ميان صاحب جي بيماريء جو بهانو بنائي ان راء کي ڪنهن ايندڙ وقت لاء سانڍي نه رکڻ گھربو هو ڇو ته بعد ۾ هوء ووٽ کي عزت ڏيو وارو نعرو لڳائڻ جي قابل ئي نه رهندي.اهو ئي حال بلاول ڀٽو زرداري جو آهي.پنهنجي عملي سياست جي ڪيريئر جي شروع ۾ ئي اهڙي اهم معاملي ۾ موقف بدلائڻ جو داغ سندس سياسي مستقبل لاء سٺو سوڻ ناهي.اصولن جي سياست جي حوالي سان بد قسمتيء سان روشن مثال اسان جي سياسي تاريخ جو حصو ناهن.ان جي باوجود انهن جماعتن تي عوام جو ويساهه ڪرڻ هڪ عجيب معاملو رهيو.اهل نظر اهو سٽ سلجھائڻ جي ڪوشش ۾ رهيا ته هي عوام معصوم آهي،درويش آهي،سادو آهي، بيوقوف آهي يا شايد سڀ ڪجهه آهي.اهو عوام جن جي مسئلن جي حل لاء اهي ڪلف لڳل سياستدان پنهنجي ڪنڌ ۾ سريو هڻي پارليامينٽ ۾ اچن ٿا ان عوام جي مسئلن تي قانون سازيء لاء ڪڏهن به ان عظيم ايڪتا جو نظارو قوم کي ڏسڻ لاء ناهي مليو جيڪو کين فوجي عدالتن ۽ آرمي ايڪٽ تي قانون سازيء دوران نظر آيو.ٻارن جي تحفظ جو بل هجي،زينب الرٽ بل هجي،تعليمي سڌارن جي ايجنڊا هجي يا وري بي روزگاري ۽ معاشي بد حاليء جو حل ڳولهڻ جو معاملو، انهن سياستدانن کي ڪڏهن به هڪ زبان ٿي ڳالهائڻ جي توفيق نصيب نه ٿي پر جتي مفادن جي بچاء جو سوال آيو،جتي پارٽيء جي اڳواڻي گھربل رهي،جتي وزارت عظميٰ جي ڪرسيء جي ڪشش ڪم ڏيکاريو،جتي پنهنجي خلاف قائم ڪيسز کان بچڻ جي گھرج پيش آئي اتي بنان ڪنهن هٻڪ ۽ پشيمانيء جي سڀ معاملا ايئن طيء ٿي ويا ڄڻ ته ڪو تڪرار هوئي نه. جتي پنهنجن مفادن تي لت آئي اتي سڀ جا سڀ جوش خطابت ۾ ٽٻيون هڻڻ لڳا ۽ شوق بغاوت کي ڄڻ نانگ سونگھي ويو.مسئلو اسٽيبلشمينٽ جي طاقتور هئڻ جو ناهي،مسئلو عوامي مسئلن تي سياست ڪرڻ وارن جي لڪيل ڪمزورين جو آهي.آخر اها ڪهڙي مجبوري آهي،ڪهڙي لڪيل ڪمزوري آهي جيڪا سدائين انهن کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪري ٿي.سياسي جماعتن کي پنهنجن لڪيل ڪمزورين کي هاڻي عوام سامهون آڻڻو پوندو.نون ليگ سٺي ۽ خراب ٻار واري سياست هاڻي وڌيڪ کيڏي نه سگھندي.وڏو ۽ ننڍو ميان ٻن بيانين سان هڪڙي جماعت هلائي نه سگھندا.اهو عوام جيڪو سوشل ميڊيا تي پرجوش تقريرون ڏسي پنهنجي راء جوڙي رهيو آهي اهو ان نظريه ضرورت هيٺ قومي مفاد لاء قرباني جي ڄار ۾ ڦاسڻ وارو ناهي. ماضيء ۾ جڏهن مفادن جي سياست ٿيندي هئي ته سوشل ميڊيا ۽ ٽي وي چينلز جو نه هئڻ رحمت هو.تمام ٿورا ماڻهو ڄاڻندا هئا ته ڪڏهن ڪهڙو “مرد حر“ ريتيء جي ديوار ثابت ٿيو ۽ ڪهڙن مفادن تي ڪهڙا اصول ڦاهي کائي ويا.اصل سچائي بند ڪمرن مان ڏهاڪن بعد ٻاهر نڪرندي هئي ۽ پوء ٿورڙي هل هنگامي بعد دٻجي ويندي هئي پر هاڻي اها سهولت موجود ناهي جوڪابه جماعت ذاتي مفادن لاء عوامي جذبن جي وڪري کي لڪائي سگھي. بند دروازن جي پويان يا اونداهين ڪنڊن ۾ جتي به اها سوديبازي ٿئي ٿي اهو نه رڳو سڀ ڪجهه عوام کي نظر اچي ٿو پر انهن وٽ پنهنجي اڻ تڻ ۽ بي چينيء جي اظهار جا به ڪيترائي ذريعا موجود آهن.نون ليگ جي نئين نئين نظرياتي سياست تي ويساهه آڻيندڙ سوشل ميڊيا تي پنهنجي مايوسيء جو اظهار ڪري رهيا آهن.انهن جماعتن وڏي واڪي بلند دعوائون ڪري سول سپرميسي جي نعري کي عوامي سوچن جو حصو بنايو پر جڏهن پنهنجي نظرياتي سياست تي بيهڻ جو وقت آيو ته اهي اهڙو ٿڙيا جو هاڻي شايد هڪ ڊگھي عرصي تائين پنهنجو پاڻ سنڀالي نه سگھن.اصولن تي ڊگھا ڀاشڻ ڏيندڙ بلاول ڀٽو زرداري ان سڄي قصي ۾ جيڪي ترجيحون ۽ توجيهون پيش ڪيون انهن به ساڻس محبت رکندڙن کي گھڻو مايوس ڪيو.ان شڪست کي ٻئي جماعتون حالتن جي نزاڪت چون يا ملڪي مفادن لاء ڏنل قربانيء جو نالو ڏين پر انهن جماعتن پاران سوشل ميڊيا تي جنگ وڙهندڙن جو ويساهه گھڻو لڏي ويو آهي.سوشل ميڊيا تي سول سپرميسي جي بيانيي جي جنگ وڙهندڙ نوجوانن ان خواب جي تعبير کي ملڪ جي پراڻين سياسي پارٽين خاص طور تي پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ سان ڳنڍيو ۽ هاڻي سندن چهرن تي مايوسين جا ڪڪر پسي سگھجن ٿا.آئين ۽ جمهوريت جي بالادستيء جا سهڻا سپنا ڏسندڙ ڏک،ڪرب ۽ حيرت وچان انهن اڳواڻن کي تڪي رهيا آهن ۽ پارليامينٽ جي فلور تي ”ڪجهه شرم ٿيندو آهي ،ڪا حيا ٿيندي آهي“ جا اعلان بلند ڪندڙ گھڻو خاموش نظر اچن ٿا. انهيء خاموشيء پويان دل جو اطمينان آهي يا ضمير جي پشيماني؟ انهيء سوال جواب انهن سواء ٻيو ڪير ڏيئي سگھي ٿو!                                                    ،                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                        

(روزاني عوامي آواز 16 جنوري 2020ع)

Friday, January 17, 2020

”وسيع تر قومي مفاد“ ۾ عظيم تر مفاهمت !!!



شفيق الرحمان شاڪر
هن ملڪ جي عوام کي ضرور پنهنجن سمورن سياسي اڳواڻن تي فخر ڪرڻ گھرجي جو اهي عظيم تر قومي مفاد ۽ وسيع تر ملڪي ترقيء لاء رات وچ ۾ هڪ صفحي تي گڏ ٿي پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي ويا ۽ پنهنجون سموريون مشغوليون ۽ مصروفيتون ترڪ ڪري،پنهنجا سمورا سياسي اختلاف وساري ۽ پنهنجون سموريون رنجشون دفن ڪري آرمي چيف جي مقرري جي مدي ۾ واڌ واري معاملي تي ” ايڪ هي صف مين کڙي هوگئي محمود و اياز” جو منظر پيش ڪيو آهي.پر سمجهه ۾ اهو نه آيو ته اوچتو ئي اوچتو ڪهڙي جادوء جي لٺ هلي جنهن انهن سمورن اڳواڻن جون دليون هڪٻئي خلاف موجود ڪيني ۽ ڪدورت کان ڌوئي پاڪ ڪري ڇڏيون ۽ اهو ڪهڙو قدرتي ڪرشمو ٿيو جو انهن جا ماضيء جا سمورا موقف مٽائي سندن پنهنجا ئي بڻايل اصولن جا بلند مينار مسمار ڪري وڌا. گذيل وقت ۾ انهن جا جاري ٿيل لاڳيتا بيان ڏسو،سندن ڌمڪيون ۽ دهمان ڏسو،هڪ ٻئي تي لڳايل الزام ۽ تقريرون ۽ تنقيدون ڏسو.ڪجهه ئي وقت پهرين هاڻوڪا حڪمران ” سليڪٽيڊ ” ۽ ”جعلي“ هئا،ڪي خفيه هٿ هئا جيڪي هنن حڪمرانن کي بااصول سياستدانن خلاف استعمال ڪري رهيا هئا ان ڪري هاڻوڪن حڪمرانن کي هر صورت ۾ هر قيمت تي استيعفا ڏياري گھر موڪلڻو هو ۽ جيڪي انهن حڪمرانن جي حفاظت ڪري رهيا هئا انهن سان به اعلان جنگ ٿيل هو پوء هي اوچتو ڇا ٿي ويو جو انهن ئي حڪمرانن جي وڇايل دسترخوان تي سڀ جا سڀ خوشيء وچان ٺينگ ٽپا ڏيندا،هنبوڇيون هڻندا،ڇلانگون ماريندا ۽ هڪ ٻئي کي لتاڙيندي ۽ هڪ ٻئي کان اڳتي نڪرڻ جي جدوجهد ۾ نيٺ مڙي مٺ ٿي ويا يعني ” پهنچي وهان پي مٽي جهان ڪا خمير ٿا”.ڏاڍو سٺو اسان جي انهن دور انديش ۽ محب وطن سياستدانن جي عظيم ڏاهپ ۽ دانشمنديء سبب ملڪ ۽ قوم هڪ وڏي بحران ۽ قومي خطري کان بچي ويا.اهو معاملو جيڪر حل نه ٿئي ها ته خبر ناهي ڇا جو ڇا ٿي وڃي ها.ماڻهو بکن وگھي تڙپي تڙپي مري وڃن ها،زمين ڦاٽي پوي ها ۽ آسمان ڪري پوي ها.عوام وڏي عذاب ۽ آفتن جو شڪار ٿي وڃي ها.پڪ سان هاڻي سڀ ڪجهه صحيح ٿي ويندو،هر مسئلو حل ٿي ويندو.هر مصيبت ٽري ويندي ۽ سڀ آسانيون ٿي وينديون.جمهوريت پنهنجو جوڀن ماڻيندي ۽ آئين ۾ چار چنڊ لڳي ويندا.جيڪي ملڪ دشمن جمهوريت خلاف سازشون ڪري رهيا هئا اهي هاڻي رت روئندا ۽ ملڪ ۾ خوشحاليء جو راڄ هوندو. ان ڪري جو اسان جا اڳواڻ هاڻي مفاهمت جي ٻيڙي تي سوار ٿي چڪا آهن.اها مفاهمت جيڪا ”عظيم تر قومي مفاد“ ۾ آهي.اعتبار نٿو اچي ته هيء اها ئي ”سليڪٽيڊ“ حڪومت جي ترجمان مائي آهي جيڪا ڪجهه ڏينهن اڳ حڪومت مخالف سياستدانن خلاف بيانن جي بمباري ڪري رهي هئي پر هاڻي اها سڀني جي ساراهن جا ڍڪ ڀريندي نٿي ڍاپي.فواد چوڌري جيڪو ڪالهه تائين پنهنجي پارٽي اڳواڻن سواء ٻين سڀني کي چور ۽ ڌاڙيل سڏيندو هو اهو هاڻي اپوزيشن کي ”ذميدار ۽ دانشمند” هئڻ جي اعزازن سان نوازي رهيو آهي.” زمين گل کلاتي هي ڪيا ڪيا...بدلتا هي رنگ آسمان ڪيسي ڪيسي“جو منظر اکين سان ڏسڻ جهڙو ۽ ساهه ۾ سانڍڻ جهڙو آهي.هي ڇا ٿيو جو سمورا سخت لهجا مٺا مصريء جهڙا بڻجي ويا؟اصولن جا اختلاف پنهنجا سڀ سنڌا وڃائي ويٺا.سليڪشن توڙي اليڪشن وارا ڀاڪرين ڀڪوڙجي ويا.ڏوهاري سڏيا ويندڙ ۽ ڏوهاري سڏيندڙ  سڀ هڪ ٿي ويا.هتي هاڻي مجنون اڪيلو ناهي،مجنن جي قطار لڳي ويئي آهي جيڪي ڪنهن جي قرب ۾ دل ۽ جان قربان ڪرڻ لاء آتا آهن، جنون جي هر حد لنگھڻ لاء تيار آهن،محبت ۾ هر مچ مٿان مڙڻ لاء بيقرار آهن.وسيع تر قومي مفاد جي شمع تي فدا ٿيندڙن ۾ اهي به شامل آهن جيڪي ووٽ کي عزت ڏيو جا ترانا ڳائيندا رهيا ۽ اهي به جيڪي عوامي بالادستيء جا نعرا بلند ڪندا رهيا.هزارين حڪايتون  ۽ سوين شڪايتون، ڪڏهن آهون ته ڪڏهن ڏوراپا پر ڇا ڪجي انهن هزارين حسرتن جو جيڪي دل ۾ گھٽجي ڪري رهيل ۽ سوين خواهشون جيڪي روح کي رهنڊي رهيون آهن،ڪيئي خوبصورت خواب جيڪي ترت تعبير جي انتظار ۾ آهن.پڪ سان سڀ جون سڀ اميدون جنهن ميخاني سان ڳنڍيل آهن انهيء سان پنهنجو ناتو ٽوڙڻ ڪا عقلمندي ته نه چئبي! اصولن جي ڳٺڙي پنهنجي جڳهه تي پر ”آبيل مجهي مار“ وارو بينر ڳچيء ۾ ٽنگڻ ڪو سولو ڪم ته ناهي.جڏهن عوام جي دلين ۾ جڳهه جڙيل نه هجي ته پوء عوامي بالادستيء جا نعرا هڻڻ فضول آهن.نعرا هڻجن به سهي پر رڳو پنهنجو مناسب حصو پتي حاصل ڪرڻ لاء. اها ئي سياست آهي جنهنجي مئل جسم ۾ مفاهمت جو روح ڦوڪيو ويندو آهي ۽ ماڻهن کي مسميرائيز ڪري وقت تي ووٽ کسيا ويندا آهن.جڏهن اصول پنهنجا هجن ته جيڪرڪو پنهنجن اصولن جي نڙيء تي لت ڏئي ٿو ته ٻين کي اعتراض ڪرڻ جو ڪهڙو حق آهي. ڪو ماڻهو ڪيترو به بهادر،اٽل ۽ ارڏو ڇو نه هجي پر ڪو هنڌ اهو به آهي جتي اهو چوڻو پوندو آهي ته ” دل ڪيا چيز هي هم جان ڀي نڇاور ڪردين“.
پر ڪيڏي نه وڏي ستم ظريفي ٿيندي جيڪر اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ ۽ ايترا پاپڙ ويلڻ باوجود به اها  سڀ ڪرت اجائي وڃي، اصل معاملو حل نه ٿي سگھي ۽ وري ڪٿي نه ڪٿي ٽنگجي پوي جنهن جا گھڻا امڪان نظر اچي رهيا آهن ۽ ان ڳالهه کان انڪار ڪري نٿو سگھجي ته چاهيندي يا نه چاهيندي به سپريم ڪورٽ کي ڪنهن نه ڪنهن طرح مطئمن ته ضرور ڪرڻو پوندو.
(روزاني عوامي آواز)

Tuesday, January 14, 2020

جنرل قاسم سليماني ڪنهن لاء خطرو هو؟



شفيق الرحمان شاڪر
آمريڪا پاران ايران جي انقلابي فوج جي ڪمانڊر جنرل قاسم جي قتل بعد نه رڳو ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ پهرين کان موجود ڇڪتاڻ وڌي ويئي آهي پر ان سان گڏ پوري دنيا ۽ خاص طور تي وچ اوڀر جو امن داء تي لڳي ويو آهي.ٿورو سوچيو..جيڪر ايران جو صدر حسن روحاني ڪنهن به ڌر کي نئين سال جي خوشيء ۾ آمريڪي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جي چيئرمين جنرل مارڪ ملي تي ڪنهن ڊرون حملي جو حڪم ڏئي ها جڏهن هو ڪينيڊا جي هوائي اڏي کان ٻاهر اچي رهيو هجي ها ۽ جيڪر مارڪ ملي ان حملي ۾ مري وڃي ها ته دنيا ۾ ان جو ڪهڙو رد عمل نڪري ها! ڇا ان وقت ڪوبه ماڻهو اهو مڃڻ لاء تيار ٿئي ها ته اهو ڊرون حملو پنهنجي بچاء لاء هو؟پر بدقسمتيء سان جنرل قاسم سليمانيء جي قتل پويان آمريڪا اهو موقف اختيار ڪري رهيو آهي ۽ پڪ سان سندس سڀ اتحادي به ساڻس سر ۾ سر ملائيندي نظر ايندا.اها آمريڪا جي مرضي آهي ته جنهن کي گھري تنهن کي هن زمين تي فساد جو ابو قرار ڏئي جڏهن ته سچ اهو آهي ته زمين جي هن گولي تي جيڪر ڪو ملڪ پوري دنيا جي انسانيت لاء خطرو بنيل آهي ته اهو خود آمريڪا آهي.سڄي دنيا ڄاڻي ٿي ته چانديء جهڙن وارن وارو سليماني پوري دنيا ۾ تباهي ۽ فساد پکيڙيندڙ آئي ايس آئي ايس ۽ ساڻس لاڳاپيل القائده ڌڙن کي وچ اوڀر ۾ شڪست ڏيڻ ۽ کين گھڻو ڪمزور ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.هن وچ اوڀر ۾ دنيا جي ڪجهه طاقتور ملڪن پاران رچايل طاقت جي راند جنهن ۾ عرب ملڪن ۾ پروڪسي جنگين ذريعي حڪمرانن کي هٽائي پنهنجي مرضيء جا حڪمران آڻڻ هو انهن جنگين ۾ ايران جي مدد هيٺ سوين جنگي گروپ قائم ڪيا بلڪه مزيدار ڳالهه اها ته جنرل سليماني ڪيترن ئي معاملن ۾ آمريڪا جي مدد پڻ ڪئي جيئن عراق ۾ صدام حڪومت ۽ افغانستان ۾ طالبان حڪومت ختم ڪرڻ وغيره.پر سليمانيء جي قتل جي پويان اصل سبب اسرائيل جي عدم تحفظ وارو احساس ئي آهي جو هو ان خطي ۾ جن به گروپن سان گڏجي وڙهي رهيو هو اهي هر صورت ۾ اسرائيل جي سخت خلاف آهن.انهيء ڪري آمريڪا طرفان اهو چوڻ ته سليماني آمريڪي سلامتيء لاء خطرو هو بلڪل سمجھه ۾ نه اچڻ جهڙي ڳالهه آهي.                                  ” يروشلم پو سٽ“  مطابق قدس جي سپريم ڪمانڊر سليماني جو2006ع جي حزب الله جي اسرائيل سان جنگ ڻ اهم ڪردار هو.هو ايران پاران فلسطينن جي هر محاذ تي مدد جاري رکڻ جو زبردست حامي هو.انهي لحاظ کان گنيا جي ڪنهن به تعصب ڀريل يهوديء لاء سليمانيء کي رستي تان هٽائڻ واري خبر نهايت ئي خوشيء واري خبر آهي پر هڪ ٻيو وڏو سچ جيڪو آمريڪا توڙي برطانيا جي عوام کان لڪايو پيو وڃي سو اهو ته اوهان هڪ اهڙي ماڻهوء کي دهشتفرد قرار ڏيئي سندس خلاف ڪاروائي ڪيئن ٿا ڪري سگھو جيڪوسالن تائين داعش ۽ القائده جهڙين عالمي دهشتگرد تنظيمن خلاف وڙهندو ۽ کين شڪست ڏيندو رهيو هو.جيڪر انهن ملڪن مطابق اهي دهشتگرديء خلاف جنگ وڙهي رهيا آهن ته پوء دهشتگردن خلاف وڙهندڙ جنرل سليمانيء جهڙن ماڻهن سان اهڙو سلوڪ ڇو ٿي رهيو آهي؟پر ڊونلڊ ٽرمپ اهو سڀ ڪجهه ڪري رهيو آهي ۽ انهيء تي فخر به ڪري رهيو آهي.2011ع ۾ ٽرمپ ٽويٽ ذريعي اڳڪٿي ڪندي چيو هو ته صدر اوباما چونڊون کٽڻ لاء ايران سان جنگ شروع ڪندو پر اوباما ايئن نه ڪيوبلڪ اوباما ته اسرائيل کي ان وقت سليمانيء کي قتل ڪرڻ کان روڪيو جڏهن هو اسرائيل جي پهچ ۾ هو.انهيء ۾ ڪهڙو شڪ آهي ته هن وقت تائين جيڪي به آمريڪي صدر آيا آهن انهن مان ٽرمپ اسرائيل جي حمايت ۾ سڀني کان اڳتي نڪري ويو آهي. انهيء جو مطلب ٿيو ته 2020ع ۾ وڏين جنگين جا خطرا وڌي ويا آهن ۽ جيڪي ماڻهو وچ اوڀر ۾ هڪ پر امن ماحول جي اميد رکي رهيا هئا انهن اميدن کي گھڻو ڌڪ رسيو آهي.ايران سان ممڪنه جنگ جو انومان اڳيئي چوٽ تي آهن پر هاڻوڪي واقعي سان ثابت ٿئي ٿو ته الين ۽ حادثن جي سروعات ٿي چڪي آهي. ايران کي نيوڪليئر ڊيل مان ڇڪي ٻاهر ڪڍڻ  ۽ مٿانئس تريخ جون بدترين معاشي ۽ واپاري پابنديون لاڳو ڪرڻ ۽ تازو سندس فوجي جنرل کي قتل ڪرڻ واري ٽرمپ پاليسيء ايران کي مجبور ڪري رهي ته هو به ڪو انتهائي قدم کڻي.هاڻي سنيا کي اهو پيو ٻڌايو وڃي ته سليماني عراق ۾ موجود آمريڪي فوج کي ڌمڪيون ڏنيون هيون پر سوال اهو آهي ته امريڪي فوجون عراق ۾ ڇا ڪري رهيون آهن؟ڇا دنيا کي اهو وسري ويو آهي ته 2003ع ۾ عراق ۾ موجود خطرناڪ ڪيميائي هٿيارن جو بهانو بنائي آمريڪا عراق تي ناجائز قبضو ڪيوهو،انهيء حملي جو آخر ڪهڙو جواز هو جو پڇاڙيء تائين عراق مان اهڙا ڪي به هٿيار هٿ نه اچي سگھيا هئا؟دنيا کي خبر آهي ته آمريڪا جو عراق تي قبضو غير قانوني ۽ صرف دنيا کي دوکو ڏيڻ هو.هن وقت آمريڪا جيڪا طاقت جي راند کيڏي رهيو آهي انهيء ۾ جيڪي به ملڪ يا ڌريون سندس رستي ۾ اچن ٿيون انهن کي هو دنيا ۾ جيئڻ جو حق ڏيڻ لاء تيار ناهي پر آخر اها داداگيري ڪيستائين هلندي؟ جيڪڏهن آمريڪا کي اها خوش فهمي آهي ته هو ايران کي به ٻيوعراق بنائي ڇڏيندو ته اها سندس خام خيالي آهي.ايران ۽ عراق جي حالتن ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق آهي.ايراني قوم هن وقت تائين آمريڪي زيادتين خلاف جنهن صبر ، همت ۽ ٻڌيء جو مظاهرو ڪيو آهي اهو ثابت ڪري ٿو ته ڪنهن به قوم کي رڳو فوجي برتريء جي بنياد تي شڪست ڏيئي نٿي سگھجي!
(روزاني هلال پاڪستان 2 جنوري 2020غ)

بارود تي بيٺل ڪشمير ۽ ”انڊيا اسپرنگ“ ...!



شفيق الرحمان شاڪر
حقيقت ۾ ڪشمير نريندر موديء جو پهريون نشانو هو.اهو ان گندي ذهنيت جو اظهار هو جنهن ذهنيت کي اتي رڪجڻو نه هو.اڪيلي مسلم اڪثريتي رياست تي هٿ صاف ڪرڻ بعد هاڻي ڀارت جي گڏيل ڪردار ۽ سڃاڻپ کي بدلائڻ موديء جو اصل ٽارگيٽ هو.5 آگسٽ تي نريندر مودي جي پوري ذهنيت پڌري ٿيڻ ۾ جيڪا کوٽ رهجي ويئي هئي  انهيء کي شهريت جي تڪراري قانون پورو ڪري ڇڏيو.اين آر سي ۽ سي اي اي قانونن ذريعي پاڪستان،بنگلاديش  ۽ افغانستان مان ويندڙ پنجن مذهبن جي ماڻهن لاء شهريت ۽ ٻاهر کان ايندڙ مسلمانن لاء شهريت جا دروازا بند ڪرڻ سان ڀارت جي مسلمانن ۾ خطري جي گھنٽي وڄي ويئي ۽ کين اندازو ٿي ويو ته وقت ۽ حالتن انهن کي ”جيڪر هاڻي نه ته پوء ڪڏهن به نه“ جي فيصلي ڪندڙ موڙ تي آڻي بيهاريو آهي.تعصب ڀريل مودي ذهنيت مسلمانن کي اڪيلو ۽ مايوس ڪرڻ وارين ڪوششن ۾ هن وقت سخت تيزي آندي هئي. مسلمانن کي ذهني اذيت ۾ ڦاسائڻ لاء طارق فتح کي ميڊيا جو فيوريٽ بنائي پيش ڪيو ويو.اهو شخص پنهنجي بڪواس سان ڀارتي مسلمانن جي ذهنن تي هٿوڙا وسائيندو رهيو ۽ مذهبي جنون ۾ مبتلا مودي مسلمانن تي انهيء نفسياتي تشدد جو مزو وٺندو رهيو.چونڊن کان اڳ ڪنهن هڪڙي مسلمان کي به ٽڪيٽ جي لائق نه سمجھڻ انهيء ئي ذهنيت طرف اڳڀرائي هئي.طاقت جي نشي ۾ ڌت بي جي پي چونڊون کٽڻ بعد ته هيڪاري هوا جي گھوڙي تي سوار ٿي ويئي.پر شهريت وارو  ڪاروقانون موديء لاء ڪنهن بارودي سرنگ تي پير رکڻ ثابت ٿيو.مسلمانن توڙي ٻين انسان دوست گروپن جي سرن تي ويڙهيل خوف واري چادر ۾ پهريون سوراخ ڪرڻ وارا ڪي ڀارتي عالم ۽ دانشور نه پر جامعه مليه دهلي ۽ مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه جا شاگرد هئا جنهن بعد ٻن ڏهاڪن کان دلين ۾ لڪيل جذبن جي ٻاڦ پريشر ڪڪر جيان ڦاٽي ٻاهر اچي ويئي.هاڻي ڀارت پرتشدد مظاهرن جي وڪڙ ۾ اچي چڪو آهي.دهلي،حيدرآباد،ميرٺ،ممبئي،ڪانپور،فيروز آباد،رام پور،مظفر نگر مطلب ته هر هنڌ تي مظاهرن جي لهر اٿلي پيئي آهي.انهيء تحريڪ مودي جي ذهنيت کي ڀارت سميت سڄي دنيا ۾ اگھاڙو ڪري ڇڏيو آهي.آسام ۾ حراستي ڪيمپ جو انڪشاف ٿيو جڏهن ته مودي حڪومت اهڙن مرڪزن جي ترديد ڪندي رهي پر جڏهن اخبارن اهڙن مرڪزن جو تصويرون جاري ڪيون ته پارليامينٽ ۾ ڪانگريس اڳواڻ ششي ٿروڙ جي هڪ سوال جي جواب ۾ داخلا جي مملڪتي وزير ڪشن ريڊي تسليم ڪيو ته آسام جي حراستي مرڪزن ۾ 1133 ماڻهو قيد آهن.تحريڪ جي شروعاتي مرحلي ۾ ڪيترائي ماڻهو فوت ۽ زخمي ٿي چڪا آهن.رڳو يوپي ۾ هن وقت تائين سترهن ماڻهو مئا آهن.هندو مذهب سوا ٻئي هر مذهب جي سڃاڻپ مٽائڻ واري موديء جي ان خواهش جي رد عمل ۾ شروع ٿيل اها تحريڪ هاڻي مودي مخالف لهر ۾ بدلجي رهي آهي.ان تحريڪ ۾ نه رڳو ٻين مذهبن جا ماڻهو پر هندو به شامل آهن.اهڙيء طرح هن وقت ڀارت کي ”عرب اسپرنگ“ جيان ”انڊيا اسپرنگ“ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. انهيء صورتحال مان نڪرڻ لاء مودي حالتن کي ڪو نئون موڙ به ڏيئي سگھي ٿو.اهو موڙ پاڪستان يا آزاد ڪشمير خلاف ڪنهن ننڍي وڏي جنگ جي صورت ۾ به سامهون اچي سگھي ٿو.ڀارت ۾ وڌندڙ مظاهرن سان گڏ پاڪستان لاء خطرا به وڌي رهيا آهن.والاريل ڪشمير ۾ ڪرفيو هٽائڻ جي صورت ۾ رٿوڇاڻ ٿيڻ جو انديشو آهي.پنجين آگسٽ کان هن وقت تائين پاڪستان دنيا کي هن خطي جي سنگين صورتحال طرف ڌيان ڇڪائيندو رهيو آهي پر لڳي ٿو پوري دنيا ان سموري معاملي تي خاموش تماشائي بڻيل آهي.نريندر مودي پنهن جن بيوقوفين ذريعي ڀارت لاء دنيا جي واپاري ۽ سياحتي ڇڪ گھٽائي ڇڏي آهي.ڀارت جا اهي مسلمان جيڪي ٻاهتر سالن تائين ڪشميرين سان ٿيندڙ ظلم تي خاموش رهيا اهي هاڻي پاڻ موديء جي تعصب ڀرين پاليسين جو شڪار بڻجي رهيا آهن.هاڻي ڀارت جي سول سوسائٽي پڻ ميدان ۾ نڪري پيئي آهي ۽ يونيورسٽين مان هڪ نئين قيادت اڀري رهي آهي جيڪا مصلحت ۽ خوف جون ديوارون ڊاهي مزاحمت جي رستي تي آهي.ان صورتحال ۾ پاڪستان پاران رڳو خطري جون گھنٽيون وڄائڻ ئي ڪافي ناهي.هن وقت جيڪر ڀارت ۾ موديء کي سخت مزاحمت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ته اهي موديء جون پنهنجون حرڪتون آهن انهيء ۾ اسان جو ڪو ڪمال ناهي.ٻئي طرف نيلم وادي جي جورا سيڪٽر ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ فوجي چڪريون به ٿيون آهن جن ۾ ٻه شهري شهيد جڏهن ته ٽي فوجي زخمي ٿيا آهن.پاڪ فوج جي جوابي ڪاروائيء ۾ هڪ ڀارتي فوجي چوڪي تباهه ٿي آهي.ڪشمير کي ورهائيندڙ ڪنٽرول لائين هن وقت باهه جي ليڪ جو منظر پيش ڪري رهي آهي.اهڙي بارودي لڪير جنهن مان ٽڪراء جون چڻنگون نڪري ٻنهي پاسن جي آبادين کي برباد ڪرڻ جو سبب بڻجي سگھن ٿيون،هڪ محدود جنگ ته عرصي کان جاري آهي پر ٻنهي طرفن کان ڪنهن خوفناڪ جنگ جا امڪان به هاڻي محسوس ڪيا پياوڃن.پنجين آگسٽ کان والاريل ڪشمير ڪرفيو ۽ گھيري جي حالت ۾ آهي.ڀارت جو واديء اندر غير انساني ۽ غير آئيني فوجي آپريشن جاري آهي.ڀارت جون نظرون رڳو والاريل ڪشمير نه پر آزاد ڪشمير تي به ڄميل آهن.ڪجهه سال پهرين ڪنهن کي گمان به نه هو ته مودي والاريل ڪشمير جي الڳ آئيني سڃاڻپ ختم ڪري اگھاڙي بربريت جو مظاهرو ڪندو پر نيٺ ايئن ٿي چڪو ۽ دنيا انهيء تي ڪجهه به نه چيو.هاڻي هن جو اڳيون نشانو آزاد ڪشمير آهي ۽ هوان سلسلي ۾ ”فالٽ لائينز“ ڳولهي رهيو آهي.ڪنٽرول لائين تي پڪن بنڪرز جي اڏاوت ٿي چڪي ۽ اتي ڳرو هٿيار به پهچايو ويو آهي. ڪڏهن ڪڏهن انهن هٿيارن جي نمائش لاءگولا باري ذريعي ويجھين آبادين کي نشانو به بنايو پيو وڃي.ڪنٽرول لائين تي ڪاروائين سان پاڪستاني فوج کي اهو مونجھارو آهي جو انهن جي جوابي ڪاروائيء جي صورت ۾ مسلمان آباديون ئي نشاني هيٺ اچن ٿيون جيڪي اڳيئي ڀارتي ظلم جو شڪار بڻيل آهن.انهيء ڪري پاڪ فوج کي گھڻو احتياط ڪرڻو پوي ٿو.هاڻي حالتون جيڪو رخ اختيار ڪري رهيون آهن سڀ احتياط ۽ اصول پٺيء پويان ويندي معلوم ٿي رهيا آهن ڇو ته ڀارت جا ارادا پوريء طرح اگھاڙا ٿي چڪا آهن.هاڻي ڳالهه ٻولهه جي هر نڪتي کان اڳتي نڪري مودي ٽڪراء ۽ جھيڙي جي رستي تي چڙهي چڪو آهي جيڪو بيشڪ تباهي ۽ برباديء جو رستو آهي جنهن جي چونڊ نريندر مودي پنهنجي مرضيء سان پاڻ ڪئي آهي. ايندڙ ڏينهن ۾ ڀارت اندر سخت وڳوڙ پيدا ٿيڻ جو انديشو آهي ۽ جيڪا تحريڪ ظاهر ۾ شهريت بل جي منظوريء خلاف شروع ٿي آهي انهيء ۾ بين الاقوامي رانديگر به ٽپي پوندا.هڪ غير مستحڪم ڀارت ڪيترن ئي عالمي رانديگرن جي مفاد ۾ آهي!
(روزاني هلال پاڪستان 4 جنوري 2020ع)
 يٺل ڪشمير 

جنرل سليماني؛هڪ مزاحمتي ڪردار....!



شفيق الرحمان شاڪر
1990ع ۾ ”انقلاب جو سڏ” جي عنوان سان جنرل قاسم سليماني چيو ” آئون قاسم سليماني آهيان جيڪو صوبي ڪرمان جو ڪور ڪمانڊر آهيان.منهنجو جنم 1958ع ۾ ڪرمان جي هڪ ڳوٺاڻي علائقي ۾ ٿيو.انقلاب کان اڳ آئون ڪرمان واٽر اٿارٽيء ۾ ملازم هئس.اسلامي انقلاب بعد آئون پهرين مئي 1980ع تي انقلابي گارڊز ۾ شامل ٿيس.جنگ پکڙجڻ ۽ عراقي حڪومت پاران هوائي اڏن تي حملن بعد ايئر فورس گارڊز هوائي اڏن تي رهي.ٻن ٽن مهين کان پوء اسان سوسينڪارڊ جي اڳين ٺڪاڻن ڏانهن نڪري پياسين.ڪرمان ذريعي موڪليل پهرين فوج ۾ جنهن جو انگ اٽڪل 300 هو هڪ ٽولي جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ محاذ ۾ شامل ٿيندي مون کي پڪ هئي ته دشمن ڪجهه به ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو پر اسان پنهنجي پهرئين حملي ۾ ئي کيس سوسنڪورڊ  روڊ کان الحمديه ويندڙ روڊ کان پٺتي هٽڻ تي مجبور ڪري چڪا هئاسين.اسان کي نقصان به ٿيو پر ان جي نتيجي ۾ منهن جي ذهن مان دشمن جو جڙيل غلط تاثر ختم ٿي ويو.“
هن کي شام جي البلوڪال ۾ ڏسو.جنگ عروج تي آهي ۽ هو رڳو ڪجهه ميٽرن جي پنڌ تي آهي. شهر جي اڳئين مورچي تي شهيدن جالاش ڪري رهيا هئا جڏهن حزب الله جو هڪ ويڙهاڪ جهاز دشمن کي گھوري ٿو ۽ ”حاجي“ تي جيڪو پنهنجي ذاتي بچاء کان لاتعلق هو.البوڪمال آخري  معمولي لڙائي هئي جيڪا هن پنهنجي معمول جي منصوبي سان وڙهي اڳواڻي حاصل ڪئي هئي. داعش خلاف جنگ جي شروعات بعد قاسم سليماني هاڻي ”شيڊو ليڊر“ نه رهيو هو ڇو جو آمريڪي اخبارن ان کي دمشق ۾ عماد مغنيه جي قتل ۾ بچي وڃڻ جي ترت بعد 2009ع ۾ کيس اهو نالو ڏنو هو.تهران ۾ سرحدن کان ٻاهر ايراني اثر رسوخ قائم ڪرڻ ۾ هڪ اهم موڙ جو واڌارو ٿيو.مختلف محاذن تي ويڙهاڪن،آپريٽنگ ۽ ميٽنگ رومز ۾ هر طرف قاسم جون تصويرون پکڙجڻ شروع ٿي وييون. هن آخري جمعي تي پنهنجي آخري اسٽاپ سان پنهنجو ٻيو ڳانڍاپو شروع ڪيو.امريڪي قبضي خلاف عراقي مزاحمت ۾ سندس اتحادي ڪٺا ٿي رهيا هئا ۽ هن پنهن جي فيصلا ڪن قدمن کي ٻن طرفن ۾ ورهائي ڇڏيو.آئي ايس آئي ايس جي وڌندڙ طاقت تي قابو پائڻ ۽ دشمن خلاف وڙهندڙ ڌڙن لاء تنظيمي ۽ تربيتي پروگرام ترتيب ڏيڻ ۾. اها هڪ ئي وقت عراق جي بچاء ۽ ايران جي سرحدي سلامتيء جي جنگ هئي پر اها ڪا پهرين جنگ نه هئي جيڪا هن ٻنهي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاء وڙهي هئي.عراقي مزاحمتي تحريڪ جي تنظيم بعد اهو خطرو وڌي ويو هو ته بغداد تي حملي جي بهاني ايران کي نشانو بڻائي سگھجي ٿو.قاسم سليماني ان وقت انقلابي گارڊز ”قدس فورس“ جي ڪمانڊر جي نالي سان شهرت پاتي ۽ هو لاڳيتو اڳتي وڌندو ويو.ايران جي پرڏيهي پاليسيء ۾ هڪ حڪمت عملي جيڪا اڄ واپس اچي ويئي آهي ان جو جوڙيندڙ آيت الله خمينيء کي سمجھيو وڃي ٿو يعني هڪڙي هٿ سان دشمن کي مارجي ته ٻئي هٿ سان ڳالهه ٻولهه به ڪبي رهجي.جواد ظريف جي مرڪ ۽ قاسم سليمانيء جي نزاڪت وچ ۾ ان خطي ۾ ايران جي ٻٽي موجودگيء جي روشنيء ۾ انهيء رستي کي پڪ سان گھڻي مضبوطي ملي.جنرل سليمانيء سان گڏ ڪم ڪندڙ عراقي مزاحمت دوران ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ٻڌائين ٿا.هو هڪ اهڙو جرنيل هو جنهن ڪيترائي ڀيرا امريڪي عملدارن  ۽ سفارتڪارن کي مايوسين جو نشانو بڻايو هو جن هن کي ڌڪي سيڪيورٽي ۽فوج کان بعد سياست ۾ به اڳتي ڪري ڇڏيو هو.اها هڪ اهڙي خوبي هئي جنهن کي سندس ڄاڻ سڃاڻ وارا هڪ اهڙي شخص سان منسوب ڪن ٿا جيڪو ”فارسي جي محافظ“ جو نقل ڪندو هو.ڊونلڊ ٽرمپ چوندو رهيو ته سليماني هڪ ڊگھي عرصي کان هزارين آمريڪين جي قتل ۾ ملوث آهي پر جنرل سليماني ڪڏهن به ان جي ترديد ڪرڻ مناسب نه سمجھي ۽ نه ئي هن تي آمريڪا جي فوجي طاقت جو ڪڏهن ڪو خوف ڇانئيو.هڪ موقعي تي هن آمريڪي فوجين جو مذاق اڏايو هو ته انهن کي ڪنهن ”بالغ لنگوٽ“ جي سامان جي گھرج آهي. اولهه ۾ پنهنجي دشمنن لاء هو پهرئين نمبر تي هو پر اسلامي جمهوريه ايران ۾ هو ڪجهه ٻيو هو.بهر حال هو هڪ افسانوي هيرو آهي جيڪو قديم فارسي سلطنتن جي علامتي هيروز سان ملندڙ جلندڙ آهي.هو پنهنجو پاڻ کي يروشلم جي راهه تي رياست جو هڪ سپاهي سمجھندو هو.ايراني انقلاب واري ادب موجب سندس هٿياربند ساٿي هڪ طرف ملڪ جي مفاد ن جي تحفظ لاء سرحدن کان ٻاهر اهو بينر کڻندي ڏسن ٿا ۽  کيس ڪنهن بين القوامي انقلاب جي چڻنگ دکائيندڙ  طور مڃين ٿا.ايران جي روحاني رهبر علي خامنئي کيس “زندهه شهيد“ جي لقب سان نوازيو ۽ ايرانين سندس غريب گھراڻي ۾ موجود سندس اولاد جون تصويرون ڇڪيون جيڪو هاڻي پڪ سان عظيم انقلابي شهيدن جي لسٽ ۾ شامل ٿي چڪو آهي.جڏهن هو اسرائيل،آمريڪا ۽ سندن اتحادين جي پاليسين لاء فائديمند ثابت ٿئي ٿو ته کيس جنگي هيرو ۽ جڏهن انهن پاليسين لاء خطرو بڻجي ٿو ته پوء کيس “گندن مشنن وارو ماڻهو“، “بيحس ۽ خوفناڪ“ جي لفظن سان نوازيو وڃي ٿو.هڪ سفارتي ذهانت،غير معمولي تدبر ۽ پنهن جي ساٿين جي دلين جي اندر رهندڙ شخص جنهن جي ذات تڪراري ضرور رهندي. يروشلم فورس جي اڳواڻ جي طور تي اوهان لاء ضروري آهي ته اوهان ايران جي حدن کان ٻاهر هر ڪاروائيء جا ذميدار آهيو ۽ هڪ اهڙو خطو جتي دشمنن جو ميڙو متل هجي جن ۾ هڪ طرف آمريڪا ۽ برطانيا جون فوجون،سندن عرب اتحادي،ٻئي پاسي اسرائيل،ڪرد علحدگي پسند ۽ تڪفيري تنظيمون انهن سڀني کي هڪ ئي وقت منهن ڏيڻو آهي اتي عراق،شام،لبنان ۽ يمن ۾ مزاحمتي گروپن ۾ سردار سليماني هڪجهڙو مقبول ۽ مشهور رهيو. قاسم سليمانيء جي قتل تي سڄي دنيا ۾ صدمو محسوس ڪيو ويو.آمريڪي ”نيو يارڪ ٽائيمز“ سليمانيء جي ڪيريئر کي ٻن دورن ۾ ورهايو آهي.سن 2010ع جي آخر ۽ 2011ع جي شروع ۾ ڪجهه عرب ملڪن ۾ شروع ٿيندڙ وڏي پيماني تي مزاحمتي تحريڪن بعد ۽ ٻيو دور.سليماني دنيا جي مختلف حصن ۾ مختلف ويڙهاڪ تنظيمن جو اڳواڻ هو جيڪي بنيادي طور تي شام،لبنان ۽ عراق ۾ سرگرم آهن.پهريون دور اهو هو جڏهن آمريڪا 2003ع ۾ عراق تي حملو ڪيو جڏهن ايراني مليشيا ۽ ان جي عراقي اتحادين آمريڪي فوجن خلاف لڪيل جنگ وڙهي،انهن جي ٺڪاڻن تي ميزائيل اڇلايا ۽ قافلن تي حملا ڪيا.آمريڪي اخبار لکيو آهي ته سليماني ان ڳالهه کي يقيني بنايو ته صدام جي  حڪومت ختم ٿيڻ بعد عراق ڪمزور ٿي ويندو ۽ ايران لاء خطرو پيدا نه ڪندو.ڪيترائي ڀيرا آمريڪي عملدار جنرل سليمانيء سان عراق ۾ ڇڪتاڻ گھٽائڻ لاء ڳالهه ٻولهه ڪندا رهيا آهن.فيبروري 2008ع ۾ جڏهن اسرائيلي ۽ آمريڪي ڳجھن ادارن عماد مغنيه کي نشانو بنايو هو ته انهن کي معلوم ٿيو هو ته مغنيه جنهن ٻئي شخص سان رابطي ۾ هو سو جنرل سليماني هو.اسرائيلين سينئر سرڪاري عهديدارن کي فون ڪيو پر ان وقت جي وزير اعظم يهود اولمرٽ  سليمانيء جي قتل جي اجازت نه ڏني. نومبر 2019ع ۾ انٽرسيپٽ ۽ نيويارڪ ٽائيمز عراق ۾ ايراني ڪردار کي ظاهر ڪندڙ  ڳجھي ”ايراني ڪيبلز“ شايع ڪئي جنهن ۾ سڀ کان اهم ڳالهه اها هئي ته سن 2014ع  ۾ سليمانيء جي دوري وقت عراقي وزير ٽرانسپورٽ بيان جابر هن کي شام ۾ اسد حڪومت جي مدد لاء چيو هو.واشنگٽن پوسٽ مطابق سليماني طاقت جو جيڪو ماڊل پيش ڪيو ان جي نمائندگي حزب الله ڪري رهي آهي جيڪا وچ اوڀر ۾ ايراني پراڪسي جنگ وڙهڻ ۾ پهريون نمبر آهي.سليمانيء جي قتل بعد اخبار امريڪي بروڪنگس انسٽيچوشن جي هڪ محقق فتح الله احمدي نزاد جي حوالي سان ٻڌايو ته ايران وٽ هاڻي آپشن ختم ٿي ويو آهي ۽ لبنان ۾ حزب الله ذريعي ايران اسرائيل کان بدلو وٺي سگھي ٿو.”وال اسٽريٽ جنرل“ مطابق هن وقت تائين عراق ۽ لبنان هڪ ئي وقت تهران توڙي واشنگٽن سان متوازن لاڳاپا رکندا پئي آيا پر سليمانيء جي قتل اها مساوات بدلائي ڇڏي آهي.  ميگزين مطابق آمريڪا عراق ۽ لبنان کي مالي مدد ته فراهم ڪري رهيو آهي پر حزب الله جو نه رڳو لبنان جي پرڏيهي پاليسيء تي قبضو آهي بلڪه حزب الله جا ڪيترائي ماڻهو ايراني سيڪيورٽي ادارن جي مدد سان عراق ۾ به اهم عهدا سنڀالي رهيا آهن.ميگزين جو خيال آهي ته سليماني جي قتل بعد وچ اوڀر ۾ طاقت جو توازن بدلجي ويو آهي.

(روزاني عوامي آواز 13 جنوري 2020ع)

Sunday, January 5, 2020

عمران خان جو بدلجندڙ موقف ...!



شفيق الرحمان شاڪر
خدا خدا ڪري خانصاحب جي پراڻن ٻن بيانين جن مان پهريون اهو ته ” ماضيء جي حڪمرانن ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو” ۽ ٻيو اهو ته ”ڪنهن کي به نه ڇڏيندس،سڀني کي جيل ۾ وجھندس“ وارن بيانين مان جان ڇٽي.هاڻي خان صاحب هڪ نئون بيانيو ايجاد ڪري ورتو آهي سو اهو ته هر طرف مافيائون ئي مافيائون آهن جيڪي کيس پنهنجو ڪم ڪرڻ نٿيون ڏين توڙي جو خان صاحب انهن مافيائن مان ڪنهن جو به نالو کڻڻ لاء تيار ناهي البت ميڊيا جي حوالي سان هن اهو ارشاد فرمايو ته ميڊيا ۾ به وڏيون وڏيون مافيائون ڪم ڪري رهيون آهن.هن وقت تائين عمران خان جو بدقسمتيء سان اهو الميو رهيو آهي جو هو ملڪ کي درپيش سنگين مسئلن ۽ عوامي معاملن طرف سنجيدگيء سان ڪو ڌيان ڏيڻ ۽ انهن جي حل طرف ڪا واضح حڪمت عملي اختيار ڪرڻ بدران عوام کي مختلف ٽرڪن جي بتين پويان لڳائيندو رهيو آهي.هاڻي هن کي هڪ ٻي نئين ٽرڪ جي بتي هٿ اچي ويئي آهي سا آهي مافيائن جي حڪومت ۽ مافيائن جي سازش.يعني اڄ اوچتو خان صاحب تي اهو راز کلو آهي ته هن ملڪ ۾ مافيائن جي حڪومت آهي حالانڪه اها ته هڪ پراڻي ۽  طي ٿيل سچائي آهي ته هن ملڪ ۾ مافيائن جي حڪومت سدائين قائم ۽ دائم رهندي ٿي اچي ۽ انهيء ۾ اها ڪهڙي نئين ڳالهه آهي جنهنجو انڪشاف پنهنجي حڪومت جي ڏيڍ سال گذرڻ بعد خان صاحب عوام اڳيان ڪري رهيو آهي.مزي جي ڳالهه اها ته انهن مافيائن کي پڪڙي اندر ڪرڻو ناهي ها البت انهن سان وڙهڻو ضرور آهي .هاڻي ايندڙ ڏينهن ۾ قوم انهيء نئين ڪهاڻي ٻڌڻ لاء پنهن جن ڪنن کي تيل هڻي جيڪي خان صاحب جو پويون رينگٽ ٻڌندي ٻڌندي پچي پيا هئا.مطلب اهو ته هاڻي جڏهن به عمران خان ۽ سندس وزيرن ۽ مشيرن کان ڪنهن به عوامي مسئلي جي باري ۾ سوال ڪيو ويندو ته اهو جواب ايندو ته مافيائون کين ڪم ڪرڻ نٿيون ڏين.يعني بجلي۽ گئس ڏينهون ڏينهن ڇو مهانگي ٿي رهي آهي ته جواب اهو ايندو ته مافيائون ڪم ڪرڻ نٿيون ڏين.مهانگائي عوام جو ڪفن ڇو کائي ويئي آهي جواب اهو ته مافيا،پوليس ۽ ٻين ادارن ۾ سڌارا ڇو نٿا اچن؟ جواب اهو ته مافيائون ڪم ڪرڻ نٿيون ڏين.نيب جي اختيارن کي صدارتي آرڊيننس ذريعي ڇو محدود ڪيو پيو وڃي ۽ ڪاروباري طبقن ۽ آفيسر شاهيء ۾ موجود مافيائن کي هر احتسابي عمل کان آزاد ڇو ڪيو ويو آهي؟ جواب اهو ته مافيائون ڪم ڪرڻ نٿيون ڏين.حڪومتي صفن ۾ موجود ملزمن جو احتساب ڇو نه ٿي رهيو آهي؟ جواب مافيائون ڪم ڪرڻ نٿيون ڏين.پنجاهه لک گھرن ۽ هڪ ڪروڙ نوڪرين جو معاملو ڇا ٿيو؟ جواب اهو ته مافيائون ڪم ڪرڻ نٿيون ڏين.هاڻي خان صاحب کان ڪو اهو پڇڻ جي به جسارت ڪري ته پوري اڌ پاڪستان تي مسلط ڪيل لاڏلي پوزدار کي ڪهڙيء مافيا مقرر ڪيو آهي؟ چونڊيل وزيرن مشيرن بدران ٻاهران امپورٽ ڪيل سڄي معاشي ٽيم کي ڪهڙي مافيا مسلط ڪيو آهي؟اها ڪهڙي مافيا آهي جيڪا صوبن کي وفاق طرفان سندن آئيني حق مهيا ڪرڻ کان منع ڪري رهي آهي؟اها ڪهڙي مافيا آهي جنهن ناصر درانيء کي پوليس سڌارن کان روڪي کيس واپس گھر موڪلي ڇڏيو؟ ايف آئي جي هڪ نهايت ئي ايماندار آفيسر بشير ميمڻ کي ڪهڙي مافيا زوريء موڪل تي موڪلي کيس وقت کان اڳ رٽائرمينٽ تي مجبور ڪيو؟اها ڪهڙي مافيا آهي جنهن عمران خان کي ڪوئلالامپور وڃڻ کان روڪيو؟اها ڪهڙي مافيا آهي جنهن آرمي چيف جي مقرريء ۾ واڌ لاء جاري ڪيل نوٽيفڪيشن جي حوالي سان ادارن جو تماشو بنايو؟اها ڪهڙي مافيا آهي جنهن رانا ثناء الله کي بنان ثبوتن جي گرفتار ڪيو ۽ بعد ۾ ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو؟ اها ڪهڙي مافيا هئي جنهن نواز شريف جو نالو اي سي ايل تان ڪڍي کيس سرڪاري پروٽوڪول سان ٻاهر موڪليو؟ڪهڙي مافيا آهي جنهن ڊالر جو اگھه آسمان تي پهچائي ڇڏيو؟ اها ڪهڙي مافيا آهي جنهن هاڻوڪي حڪومت کي ڏيڍ سال اندر گذريل حڪومت جي پورن پنجن سالن واري قرض کان به مٿي قرض وٺڻ تي مجبور ڪيو؟اها ڪهڙي مافيا آهي جيڪا حڪومت کي پارياليامينٽ ۾ قانونسازي ڪرڻ بدران وٽانئن ڌڙا ڌڙ صدارتي آرڊيننس جاري ڪرائي رهي آهي؟ اها ڪهڙي مافيا آهي جيڪا حڪومت کي ماڊل ٽائون واقعي،ساهيوال سانحي ۽ پي آئي سي الميي جي جوابدارن خلاف ڪاروائيء کان روڪي رهي آهي؟اها ڪهڙي مافيا آهي جنهن حڪومت کي هڪ ڊڪٽيٽر جي بچاء ۾ عدالت وڃڻ تي مجبور ڪيو؟اها ڪهڙي مافيا آهي جيڪا اٽي ۽ ٽماٽن جو اگھه گھٽائڻ ئي نٿي ڏئي؟ اها ڪهڙي مافيا آهي جيڪا ڏينهون ڏينهن دوائن جا اگھه پنهنجي مرضيء سان وڌائيندي ٿي وڃي ۽ حڪومت کي انهيء تي ڪو ضابطو آڻڻ نٿي ڏئي؟آخر اها ڪهڙي اڻ ڄاتل مافيا آهي جيڪا خان صاحب کان روزانو عجيب غريب بيان ڏياري پوء کيس يوٽرن وٺڻ تي مجبور ڪري ٿي؟مطلب اهو ٿيو ته ويچارو وزير اعظم ته هن قوم ۽ ملڪ لاء گھڻو ڪجهه ڪرڻ گھري ٿو پر ظالم مافيائون آهن جيڪي هن کي ڪوبه ڪم ڪرڻ نٿيون ڏين.انهيء سادگيء تي صدقو ٿيڻ لاء دل گھري ٿي. سچ اهو آهي ته جڏهن ڪنهن ڪم ڪرڻ جي نيت ئي نه هجي ته پوء چوندا آهن ته ” نيت کوٽي عذر گھڻا” سو خان صاحب،گھڻو ٿيو،هاڻي هن قوم تي ڪجهه رحم کائو. ماڻهن کي اجايو نت نين ٽرڪن جي بتين پويان لڳائڻ ۽ اٺ پکي جيان واريء ۾ منهن هڻڻ  بدران سخت حقيقتن کي قبول ڪندي پنهن جون نااهليون ۽ ناڪاميون تسليم ڪريو ته اوهان پوري ڏيڍ سال ۾ سواء قصن ۽ ڪهاڻين جي ٻيو ڪجهه به ڊليور نه ڪري سگھيا آهيو.حالتون سڌرڻ بدران ڏينهون ڏينهن وڌيڪ خراب ٿي رهيون آهن.حڪومتن ۽ رياستن جا معاملا ايئن ناهن هلندا جيئن اوهان هلائڻ گھرو ٿا.اهڙي غير سنجيدگي ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ ته شايد هلي وڃي پر حڪومتي معاملن ۾ ”تر جي گٿي سو چوٽون کائي“ وارو اصول هلندو آهي.هاڻي سوال اهو آهي ته اوهان جي چوڻ موجب اوهان مافيائن جي جنهن ڄار ۾ ڦاٿل آهيو انهيء مان نڪرڻ لاء اوهان کي ڪهڙي مدد جي ضرورت آهي؟اوهان کي ڪٿان ڪا ڪمڪ رواني ڪجي جو اها ڪو سيف آپريشن ڪري اوهان کي ريسڪيو ڪري سگھي.جڏهن نيب ترميمي آرڊيننس تي رات وچ ۾ صدارتي صحيح بعد اوهان پنهنجن دوستن کي مبارڪون ڏيندي خوشخبري ٻڌايو ٿا ته ” وڃو،هاڻي اوهان آزاد آهيو.“ ته بهتر اهو ئي آهي ته نيب جهڙا فضول ادارا ئي بند ڪري ڇڏيو جن تي هن غريب قوم جو پئسو اجايو ضايع ٿي رهيو آهي.
”آپ هي اپني ادائون پي ذرا غور ڪرين ــ هم عرض ڪرين گي تو شڪايت هوگي.“

( روزاني عوامي آواز)

نيب.حڪمران ۽ احتساب !



شفيق الرحمان شاڪر
پاڪستان ۾ نه ته احتساب جو نعرو ڪو نئون آهي ۽ نه ئي احتساب جي تاريخ ڪا شاندار رهي آهي.هتي ڪيترين ئي چونڊيل حڪومتن کي ڪرپشن جي الزامن هيٺ گھر ڀيڙو ڪيو ويو ۽ پويان جيڪو به نئون حڪمران آيو اهو پاڻ سان گڏ احتساب جي گڏي کڻي آيو.پر انهيء کي هن ملڪ جي بد قسمتي چئجي يا نيتن جي کوٽ جو سمورين دعوائن باوجود ڪرپشن جو ناسور جيئن پوء تيئن سماج ۾ پکڙبو رهيو.ستم ظريفي اها جو احتساب جا دعويدار ادارا پاڻ به آخر نيٺ ڪرپشن جو شڪار ٿيندا رهيا.انهيء سموري ناڪاميء جو بنيادي سبب اهو جو هتي نه ته ڪير ڪنهنجو حقيقي احتساب ڪرڻ چاهي ٿو ۽ نه ئي ڪو هتي احتساب واري عمل مان گذرڻ لاء تيار ٿئي ٿو.نواز ليگ جي احتساب الرحمان بيورو کان مشرف جي نيب تائين انهن ادارن کي رڳو سياسي مقصدن لاء ئي استعمال ڪيو ويندو رهيو آهي.جيڪي مخالف ٽپو ڏيئي حڪومت جي ٻيڙي ۾ سوار ٿيندا آهن انهن جي ان عمل پويان اها ئي خاطري هوندي آهي ته اهي هاڻي هر پاپ کان پوتر ٿي ويا ۽ جيڪي وقت جي حڪمرانن سامهون هٿيار ڦٽا نه ڪندا آهن اهي ئي انهن احتسابي ادارن جي گھاڻي ۾ پيڙهبا رهيا آهن.اهي احتسابي ادارا حڪمرانن جي غلط مشق سبب ايترو ته تڪراري ۽ شڪي بڻجي وڃن ٿا جو اهي جيڪر ڪنهن کي جائز طور تي به پڪڙين ٿا تڏهن به ماڻهن جي ذهن ۾ سوين سوال پيدا ٿيڻ لڳن ٿا.اها اسان جي ان وڻندڙ تاريخ ۽ ڪڙي سچائي آهي ته اڄ ڏينهن تائين هن ملڪ ۾ ڪڏهن به ڪنهن ڏاڍي جو احتساب نه ٿي سگھيو آهي ۽ نه ئي ٿي سگھي ٿو جو هر حڪمران کي سستي ايڊيشن وارا اهڙا سياستدان گھربل ٿين ٿا جيڪي سولائيء سان پنهنجون سياسي وفاداريون تبديل ڪري سندن ساٿ ڏيئي سگھن.اهي اهڙا ئي ماڻهو ٿي سگھن ٿا جن جي ڏوهاري سرگرمين تي کين بليڪ ميل ڪري پاڻ سان شامل ڪري سگھجي ٿو.ممڪن آهي ته جنرل پرويز مشرف نيڪ نيتيء سان نيب ڏوهارين جو احتساب ڪرڻ لاء جوڙي هجي پر سوال اهو ته خود پرويز مشرف پاڻ به هڪ وڏو ڏوهه ڪري قانون ۽ آئين ٽوڙيندي اقتدار تي قبضو ڪيو هو ته پوء هو ٻين جو احتساب ڪيئن ٿي ڪري سگھيو؟بعد ۾ سڀني ڏٺو ته پرويز مشرف ڪهڙي نه غلط طريقي سان نيب کي پنهنجي مخالف سياسي جماعتن خلاف استعمال ڪيو ۽ انهيء نيب جي ڪرشمي ۽ جادوء سان مسلم ليگ قاف رات وچ ۾ نواز ليگ جي پيٽ مان ڄمي پيئي ۽ ساڳئي نموني پيپلز پارٽي پيٽرياٽ ڦٽي پيئي.اسان جي حڪمرانن پنهنجون اهي غليظ حرڪتون ڪندي ڪجهه دير لاء به ڪڏهن اهو نه سوچيو ته قومي ادارن جي سڄي ساک داء تي لڳائي اهي ملڪ ۽ قوم جي ڪهڙي خدمت ڪري رهيا آهن.نتيجو اهو ئي نڪتو جيڪو نواز شريف واري احتساب بيورو ذريعي نڪتو هو يعني نيب جي سڃاڻپ به سياسي مخالفن کي سبق سيکارڻ واري هڪ اوزار واري بڻجي ويئي. 2018 ع ۾ نيب وري سجاڳ ٿي جو 2019ع ۾ نيون عام چونڊون ٿيڻ واريون هيون جنهن ڪري ڪجهه سياسي ڌرين کي هر قيمت تي انهن چونڊن کان ٻاهر رکڻو هو.قدرتي طور تي پاناما ليڪس ان ڪم کي وڌيڪ آسان ڪري ڇڏيو .ان سموري عرصي دوران ڏسڻ ۾ ايندو ته ماڻهو ٻڌجن پيا ۽ ڇٽن پيا.ريفرنس جڙيا،جاچون جوچون ٿيون پر وصول ڪنهن کان ٽڪو به نه ٿيو ۽ سزا به رڳو ميان نواز شريف کي اچي سگھي تنهن تي به عمل ٿئي ٿا يا نه اهو معاملو اڃا عدالتن ۾ ڊوڙي رهيو آهي. انهيء جو مطلب اهو هرگز ناهي ته ملڪ ۾ ڪرپشن ٿي ئي ڪانهي ۽ اهي جن جي خلاف رفرنس جڙيا يا جاچون ٿيون اهي سڀ جا سڀ بي ڏوهي هئا.جيڪر ملڪي معيشت تباهيء ڪناري پهتل آهي ته ان جو اهو حال ته عام ماڻهن ناهي ڪيو.پڪ سان ڦرلٽ ٿي آهي ۽ زبردست ڦرلٽ ٿي آهي پر ڇا انهن سمورين ڪاروائين جو مقصد ڦرلٽ روڪڻ ۽ جوابدارن کي جوڳي سزا ڏيڻ هو يا ڪجهه ٻيا مقصد حاصل ڪرڻا هئا؟ هيستائين جي صورتحال ته اهو ئي نتيجو ڏيئي رهي آهي ته مقصد ڪجهه ٻيا هئا ۽ احتساب جي نالي تي عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وڌي ويئي ۽ ماڻهن سان عظيم دوکو ڪيو ويو.عمران خان جنهنجي جماعت کي 2013ع جي چونڊن ۾ سندن اميدن مطابق ڪاميابي نه ملي سگھي هئي انهن جي لاء نين چونڊن کان پهرين بهترين ماحول بڻجي چڪو هو جو هڪ منصوبي هيٺ ملڪ جي وڏين سياسي جماعتن جي قيادت کي ايترو ته ڪرپٽ ۽ بدديانت بنائي پيش ڪرڻو هو جو عمران خان جي لڳايل احتساب جي نعري کي مڪمل عوامي پذيرائي حاصل ٿي سگھي.ان ڪري خان صاحب موقعي جو فائدو حاصل ڪندي احتساب جو نعرو بلند ڪري ڇڏيو. جيڪي ماڻهو اڃا به چون ٿا ته عمران خان واقعي احتساب ڪرڻ لاء حڪومت حاصل ڪئي هئي ته اهي غلطيء تي آهن.عمران خان احتساب ڪرڻ نه پر احتساب جي نعري تي حڪومت حاصل ڪرڻ گھري ٿي جيڪا هن حاصل ڪري ورتي.رهيو حقيقي احتساب ته اهو نه ته ڪلهه خان صاحب جي ايجنڊا تي هو ۽ نه ئي اڄ آهي.دليل اهو ته جيڪر خان صاحب واقعي احتساب ڪرڻ لاء حڪومت ۾ اچڻ گھري ها ته پوء پاڻ سان گڏ انهن ماڻهن جي ٽيم نه کڻي ها جيڪي ماضيء جي ڪيترن ئي حوالن سان عوام وٽ پاڻ سواليه نشان بنيل هئا.جيئن جيئن وقت گذرندو ويندو احتساب واري معاملي تي عمران خان جي انڌي حمايت ڪندڙن کي به اها ڳالهه سمجھه ۾ ايندي ويندي ته ”جو سنا سب فسانه ٿا،جو ديکا سب تماشا ٿا.“ سو اڳيان اڳيان ڏسندا وڃو ته ڪهڙا تماشا ٿيڻ وارا آهن.جيستائين نيب جي اداري جو سوال آهي ته ان جي هاڻوڪي چيئرمين جي اچڻ کان پوء ساڃهه وند ڌرين کي گھڻي خاطري ٿي هئي ته اهو ادارو بنان ڪنهن سياسي ۽ حڪومتي دٻاء جي پنهنجو ڪم ڪندو پر بد قسمتيء سان ايئن نه ٿي سگھيو توڙي جو نيب چيئرمين وقت بوقت ميڊيا تي اچي اهي اعلان ڪندو رهيو ته نيب ڪنهن جي به دٻاء ۾ ناهي پر حقيقتون انهيء ڳالهه جي تصديق نٿيون ڪن.برابر نيب ٻڌ ڇوڙ ڪندي رهي پر ڪنهن جي؟ مختلف ريفرنس جڙندا رهيا پر ڪنهن تي؟ڇا نيب کي حڪومتي صفن ۾ ويٺل هيترن سارن وزيرن ۽ مشيرن مان ڪو به گھربل نه مليو؟اهي سڀ جا سڀ کير سان ڌوتل هئا؟ بلڪه اهي ڪيس جيڪي حڪومتي وزيرن ۽ مشيرن خلاف نيب وٽ جاچ هيٺ هئا انهن مان ڪنهن هڪ تي به ڪا ڪاروائي ٿي هجي ته ٻڌايو؟انهيء کان سواء ڇا هاڻوڪي نيب چيئرمين جي اچڻ سان نيب جي اندر جيڪا ڪرپٽ مافيا موجود آهي اها ختم ٿي ويئي؟ نيب جي ان ڪارڪردگيء تي رڳو اسان اهو تبصرو نه پيا ڪيون بلڪه اسان جون معزز عدالتون ان حوالي سان مختلف وقتن تي جيڪي ريمارڪس ڏينديون رهيون آهن انهن کي نظرانداز ڪيئن ٿو ڪري سگھجي؟هاڻي جيڪر خان صاحب ترميمن يا قانونسازيء ذريعي نيب جي اختيارن تي ڪو ڪٽ لڳائڻ گھري ٿو ته انهيء ۾ حيرت جي ڪهڙي ڳالهه آهي جو نيب چيئرمين ڪجهه عرصو اڳ اهو بيان ڏنو هو ته ”هوائن جو رخ بدلجي رهيو آهي.“ سو هوائن جي ان رخ بدلجڻ کان پهرين خان صاحب نيب اختيارن جو رخ ئي بدلائي ڇڏيو ته ان تي اجائي واويلا ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت؟ هاڻي نيب پاران سرڪاري عملدارن کي ڇٽي ته ڪاروباري چڱن مڙسن کي به استشنا ملي ويئي آهي.عدالتي ۽ عسڪري ادارا ته اڳيئي نيب جي دائري کان ٻاهر هئا ، باقي رهيا سياستدان سو انهن جي اڪثريت ته بزنيس مين طبقي سان تعلق رکي ٿي تنهن ڪري انهن کي به آجو ئي سمجھو،جي اڃا به ڪو شڪ شبهو رهجي ويو ته نيب ترميمي آرڊيننس نيٺ موٽي ان پارليامينٽ ۾ ئي اچڻو آهي جتي وتائي فقير جيان بزنيس مين بڻيل اهي ئي سياستدان سندس اڳو جھليو ويٺا آهن سو انهيء نڪتي تي سياسي بيانن کي سنجيده وٺڻ بداران مطئمن رهو ته ويچارن سياستدانن کي به پارسائيء جي پرمٽ يا پاس ملي ويندي.گھڻو جيء جلائڻ ۽ سريڙ ساڙڻ جي گھرج ناهي.نڙي ڦاڙي نعرا هنيو، احتساب زنده باد،انصاف ۽ تحريڪ انصاف زنده باد!
(روزاني عوامي آواز)

Friday, January 3, 2020

سال 2019ع ؛ ملڪي خبرن جي آئيني ۾.



شفيق الرحمان شاڪر
*ــ جنوريء ۾ ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن ضلع لاڙڪاڻي جي شهر رتوديرو ۾ پکڙيل ايڇ آئي وي ايڊز کي ٻئي درجي جي ايمرجنسي قرار ڏنو.پاڪستان ۾ ڦهلجندڙ ايڊز مان اها ان ڪري نرالي قرار ڏني ويئي جو ان ۾ ڦاٿل اڪثريت ٻارن جي آهي.آڪٽوبر ۾ ڪيل سروي موجب اٽڪل 1100 ماڻهو جن ۾ 900 ٻار شامل آهن انهن ۾ اهو وائرس لڌو ويو.اها رپورٽ رڳو 27000 ماڻهن جي اسڪرينگ ذريعي حاصل ڪئي ويئي جڏهن ته ماڻهن جي اڪثريت اڃا تائين اسڪرينگ نه ڪرائي آهي.صحت کاتي جي آفيسرن ان مرض جي واڌ بابت جيڪي سبب ٻڌايا انهن مان هڪڙو وڏو سبب استعمال ٿيل سرنجن جو ٻيهر استعمال آهي.
* ـــ 2019ع جي گرمين ۾ پاڪستان ۾سوين ماڻهو ڊينگيء سبب مري ويا جڏهن ته هزارين متاثر ٿيا.وفاقي توڙي صوبائي حڪومتون بنان ڪنهن مناسب ڪاروائيء جي خاموش تماشو ڏسنديون رهيون.
* ـــ 6  جنوري تي پشين جي علائقي جان ادا ۾ ٿيل هڪ بم ڌماڪي ۾ گھٽ ۾ گھٽ 9 ماڻهو زخمي ٿيا.اهو بم بلوچستان ليويز جي گاڏيء کي نشانو بنائڻ لاء هڪ موٽر سائيڪل ۾ فٽ ڪيو ويو هو. هڪ ٻئي واقعي ۾ پنجگور ۾ ايف سي جي گاڏيء کي نشانوبنايو ويو جنهن ۾ ٻه ماڻهو زخمي ٿيا.
* ـــ  9 جنوريء تي ضلع رحيم يار خان ۾ ڪراچي اسلام آباد گئس پائيپ لائين کي دهشتگرديء جو نشانو بنايو ويو پر خوشقسمتيء سان ڪپو جاني نقصان نه ٿيو.
* ـــ 29  جنوري تي لورالائيء ۾ دهشتگرد ڪاروائيء ۾ 9 ماڻهو جن ۾ 8 پوليس وارا شامل هئا مري ويا جڏهن ته ٻاويهه ڄڻا زخمي ٿيا.اهو حملو هٿياربندن ۽ آپگھاتي حملي آورن ڊي آئي جي آفيس کي نشانو بنائڻ لاء ڪيو.تحريڪ طالبان پاڪستان ان حملي جي ذميداري قبولي ورتي.
* ـــ فيبروري ۾لائين آف ڪنٽرول تي پاڪ انڊيا فوجي محاذ آرائيء ۾ گھڻو اضافو ٿيو.اها ڇڪتاڻ ان آپگھاتي ڪار بم واقعي کان پوء وڌي جنهن ۾ انڊيا چاليهه فوجي مارجي ويا هئا.دهشتگرد گروپ جيش محمد انهيء حملي جي ذميداري قبولي هئيئهندستان مبينه طور تي ان حملي جي ذميداري پاڪستان تي عائد ڪئي هئي جڏهن ته پاڪستان ترديد ڪندي ان کي هندستان جو اندروني معاملو قرار ڏنو. ان واقعي جي ٻارهن ڏينهن بعد ٻنهي ملڪن هڪ ٻئي خلاف هوائي حملا ڪيا.هندستان پاران 26 فيبروريء تي بالاڪوٽ تي هوائي حملو ڪيو ويو جنهن جي جواب ۾ پاڪستان 27 فيبروريء تي هندستان جي والاريل ڪشمير ۾ ايئر اسٽرائيڪ ذريعي انڊيا جي هڪ جهاز ايم آئي جي 21 بيسن کي ڪيرائي ان جي پائلٽ اڀي نندن کي گرفتار ڪري ورتو جنهن کي پهرين مارچ تي واپس هندستان حوالي ڪيو ويو.
* ـــ 19 جنوري تي پنجاب ڪائونٽر ٽيريرزن ڊپارٽمينٽ ( سي ٽي ڊي) طرفان ساهيوال ۾ هڪ سوزوڪي ڪار ۾ سوار خاندان کي نشانو بنايو ويو.ڪار ۾ سوار دوڪاندار محمد خليل،سندس زال نبيلا،سندن 13 سالا ڌيء اريبا ۽ سندن ڊرائيور ذيشان موقعي تي ئي مري ويا جڏهن ته خليل جي جي پٽ عمير کي زخم رسيا جڏهن ته سندس ڀيڻ حديبه معجزاڻي طور تي بچي ويئي.پوليس پهرين ته اها دعويٰ ڪئي ته ڪار ۾ ٻارن کي اغوا ڪندڙ هئا پر ّليل جي بيان ۽ بعد ۾ وائرل ٿيل وڊيو بعد پوليس جا بيان ڦرندا رهيا.بهر حال اهو نهايت ئي المناڪ سانحو هو جيڪو پيش آيو.
* ـــ 11 جنوري تي صادق آباد وٽ  هڪ ريلوي حادثو ٿيو جتي ڪوئيٽا ويندڙ اڪبر ايڪسپريس ريلوي اسٽيشن تي بيٺل هڪ مال گاڏيء سان ٽڪرائجي ويئي جنهن جي نتيجي ۾ ريلوي انجڻيون مڪلمل طور تي تباهه ٿي وييون.انهيء حادثي ۾ گھٽ ۾ گھٽ چوويهه ماڻهو موت جو شڪار بڻيا.
* ـــ 30 جولائي تي پاڪستان آرمي جو جهاز بحريه ٽائون راولپنڊيء ويجھو ڪري تباهه ٿي ويو.انهيء ۾ سوار عملي جا پنج ۽ 13 سويلين ماڻهو به موت جو شڪار ٿيا جڏهن اهو جهاز هڪ آباديء مٿان ڪريو.
* ـــ 2019ع ۾ ڪشمير واري زلزلي پاڪستان جي ڪيترن ئي علائقن کي پنهنجي وڪڙ ۾ آندو.24 سيپٽيمبر تي آيل ان زلزلي شدت ريڪٽل اسڪيل تي 5.6 ريڪارڊ ڪئي ويئي.ميرپور آزاد ڪشمير ۾ گھڻو نقصان ٿيو جتي اٽڪل چاليهه ماڻهو مري ويا.
* ــــ 31 آڪٽوبر تي پاڪستان ريلوي جي تيزگام پيسينجر ٽرين جيڪا ڪراچيء کان راولپنڊي وڃي رهي هئي ته مبينه طور تي بوکين ۾ موجود گئس جي چلهن مان باهه پکڙجي ويئي جنهن جي نتيجي ۾ گھٽ ۾ گھٽ 75 ماڻهو مري ويا ۽ سوين زخمي ٿيا.
*ـــ  31 آڪٽوبر تي حڪومت خلاف شروع ڪيل مولانا فضل الرحمان جو آزادي مارچ اسلام آباد پهتوجنهن ۾ اپوزيشن جي سمورين جماعتن طرفان وزير اعظم عمران خان جي استعيفا ۽ نين چونڊن جو مطالبو ڪيو ويو.اهو مارچ جيڪو بعد ۾ ڌرڻي ۾ تبديل ٿي ويو سو آخر 13 نومبر تي بنان ڪنهن ظاهري نتيجي جي ختم ٿيو.
*ــ 28 نومبر تي اڳوڻو وزير اعظم نواز شريف نيٺ لنڊن روانو ٿي ويو.انهيء کان اڳ کيس لاهور هائي ڪورٽ طرفان ضمانت تي آزاد ڪيو ويو هو.ميان نواز شريف جنهن کي ميڊيڪل بورڊ اميونز ڊس آرڊر جو شڪار قرار ڏنو سو سندس ڀاء شهباز شريف ۽ پنهن جي ذاتي معالج ڊاڪٽر عدنان سميت هڪ قطري ايئر ايرمبولنس ذريعي لنڊن روانو ٿيو.
* ـــــ ٽي مريض جان جي بازي هارائي ويٺا جڏهن ڊسمبر ۾ وڪيلن ڊاڪٽرن سان تڪرار کي جواز بنائي لاهور جي پنجاب انسيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجيء تي حملو ڪري ڏنو. ڊاڪٽرن ۽ ٻئي ميڊيڪل اسٽاف مختلف جڳهن تي لڪي پنهنجي جان بچائي.وڪيلن اسپتال ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ مريضن جي علاج ۾ رخنو وڌو.
*ــ سپريم ڪورٽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي مدي ۾ واڌ متعلق فيصلي ۾ ڇهن مهينن جي مشروط واڌ جي اجازت ڏيئي ڇڏي ۽ حڪومت پاران عدالت کي يقين ڏياريو ويو ته ڇهن مهينن اندر ان سلسلي ۾ گھربل قانونسازي ڪئي ويندي.ان کان اڳ سپريم ڪورٽ جنرل باجوا جي مدي ۾ ڪيل ٽن سالن جي حڪومتي واڌ واري فيصلي کي رد ڪري چڪي هئي.
* ـــ سالن جي دير بعد آخر ڪار هڪ خاص عدالت اڳوڻي صدر ۽ ڊڪٽيتر رٽائرڊ جنرل پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس ۽ آئين ٽوڙڻ واري ڪيس ۾ سندس خلاف ڦاهيء جي سزا جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. فيصلي کان اڳ حڪومت اسلام آباد هائي ڪورٽ ۾ اهو فيصلو روڪرائڻ جي لاء درخواست داخل ڪئي هئي جنهن تي اسلام آباد هائي ڪورٽ خاص عدالت کي اهو فيصلو ٻڌائڻ کان روڪيو هو پر خاص عدالت اهو جواز ٻڌائي فيصلو ٻڌايو ته خاص عدالت ڪنهن هائي ڪورٽ جي اختيار هيٺ نٿي اچي.


(روزاني هلال پاڪستان 31 ڊسمبر 2019ع)