Wednesday, December 29, 2021

عوام مهنگائيء جي نئين سونامي لاء تيار ٿئي!

شفيق الرحمان شاڪر

خان صاحب جيڪو وزير اعظم ٿيڻ کان اڳ آئي ايم ايف وٽ قرض لاء هٿ ٽنگڻ بدران خودڪشي ڪرڻ جا اعلان ڪندو رهيو،هاڻي خير سان انهيء ئي آئي ايم ايف جي تابعداريء ۾ عوام تي 350 ارب روپين جا نوان ٽيڪس لاڳو ڪرڻ ۽ شين تي سبسڊي ختم ڪرڻ لاء نيٺ مني بجيٽ جو فنانس بل پارليامينٽ مان منظور ڪرائڻ تي سندرو ٻڌي بيٺل آهي.خبرن موجب اهو بل اربع جي ڏينهن ڪابينا مان منظوري حاصل ڪرڻ بعد قومي اسيمبليء ۾ پيش ڪيو ويندو.اهو بل پاس ٿئي ٿو يا نه اهو الڳ بحث آهي پر بل پاس ٿيڻ جي صورت ۾ غريب ماڻهن لاء مهنگائيء جو جيڪو نئون سونامي ايندو اهو ماڻهن جا هڏ سنڌ ڀڃي ڇڏيندو.

مشير خزانه جي ترجمان موجب 12جنوريء تي آئي ايم ايف ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس ۾ ڇهون جائزو پيش ڪيو ويندو ۽ پاڪستان 12 جنوريء کان پهرين ئي آئي ايم ايف جا اڳواٽ شرط پورا ڪندو.وزارت خزانه جي ذريعن موجب اسٽيٽ بينڪ وارو قانون به پارليامينٽ مان منظور ڪرايو ويندو.هڪ خانگي ٽي وي موجب حڪومت هڪ ڀيرو وري آئي ايم ايف سان ڳالهيون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن کين قائل ڪيو وڃي ته بل جي پارليامينٽ مان منظوري ڪجهه وقت وٺي سگھي ٿي.

وفاقي حڪومت ٽيڪس قانونن جي چوٿين ترميمي بل جي مسودي کي آخري شڪل ڏيئي ڇڏي آهي جنهن ۾ اٽڪل 100 ٽيڪسن تي ڇوٽ ختم ڪئي ويئي آهي ۽ ذريعن موجب حڪومت اڃا به 17 سيڪڙو جنرل سيلز ٽيڪس کان آجين ڪيترين ئي شين تي ڇوٽ واپس وٺڻ لاء پارليامينٽ سامهون هڪ مني بجيٽ پيش ڪرڻ لاء تيار آهي.سامهون آيل ڄاڻ مطابق اڃا تائين اهو معلوم نه ٿي سگھيو آهي ته حڪومت پيٽروليم مصنوعات تي 17 سيڪڙو معياري جي ايس ٽي شرح لاڳو ڪندي يا نه ڇوته جيڪر جي ايس ٽي جي پوري شرح ۽ پيٽروليم ليوي کي 30 روپيا لٽر تائين آندو ويو ته مهنگائيء جو طوفان سڀ ڪجهه نهوڙي ويندو.هن وقت حڪومت پيٽروليم مصنوعات جي ايس ٽي جي گھٽ ۾ گھٽ رقم وصول ڪري رهي آهي.واضح هجي ته آئي ايم ايف کي 350 ارب روپين جي جي ايس ٽي ڇوٽ ختم ڪرڻ جي پڪ ڪرائي ويئي آهي ته جي ايس ٽي نظام ۾ سڌارن جو عمل هڪجهڙي ٽيڪس جي بنياد تي ۽ آئين جي حدن ۾ اڳيان وڌايو ويندو.حڪومت برآمدي ۽ ڪيپيٽل مشينري جي سامان کان سواء ٽيڪس کان آجين سمورين شين کي معياري سيلز ٽيڪس جي شرح ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.شيڊول 8 ذريعي گھٽايل قيمتن کي ختم ڪري انهن سمورين شين کي معياري سيلز ٽيڪس جي شرح تي آندو ويندو.

ذريعن موجب انهن قدمن سان سالياني بنياد تي جي ڊي پي جو اندازو ڏهائي ست سيڪڙو حاصل ٿيڻ جو آسرو آهي.هڪ ئي وقت ساڍن ٽن سو ارب جي ٽيڪسن جو خاتمو ۽ عام ضرورت جون شيون جيڪي هن وقت تائين جي ايس ٽي کان آجيون هيون،انهن تي 17 سيڪڙو ٽيڪس جو لاڳو ٿيڻ ظاهر ۾ مهنگائيء جي هڪ نئين سوناميء جو اطلاع نظر اچي ٿو پر حڪومت جي معاشي ٽيم اڃا تائين عوام کي دلاسا ڏيڻ ۾ پوري آهي ته کاڌي پيتي جون شيون مهانگيون نه ٿينديون.ناڻي واري مشير اها خوشخبري به ٻڌائي آهي ته ايندڙ هفتن ۾ پيٽرول وڌيڪ سستو ٿيندو.هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته حڪومت آئي ايم ايف سان ڪيل معاهدي هيٺ مني بجيٽ آڻي رهي آهي پر ان ۾ کاڌي پيتي جي شين تي مليل ڇوٽ ختم نه ڪئي ويندي ان ڪري اهي منهاگيون نه ٿينديون.شوڪت ترين مطابق مني بجيٽ ۾ درآمدي ميڪ اپ جي سامان،ڪپڙي،جوتن ۽ پرفيوم سميت ٻين درآمدي آسائشي شين تي ڪسٽم ڊيوٽي وڌائي ويندي،ان کان سواء مقامي سظح تي تيار ٿيندڙ ڪجهه شين تي به 5 سيڪڙو جي ڇوٽ ختم ڪري سيلز ٽيڪس جي شرح 12کان وڌائي 17 سيڪڙو ڪئي ويندي جنهن سان اڪثر شيون مهانگيون ٿي وينديون.مشير خزانه جو چوڻ هو ته عالمي منڊيء ۾ قيمتون گھٽجڻ بعد اڃا تائين پيٽرول جو اگھه گھٽ ناهي ٿيو پر ايندڙ هفتن ۾ ان ۾ گھٽتائي ڪئي ويندي.

مشير خزانه جون يقين دهانيون ڪيتريون ٿيون سچ ثابت ٿين اهو ته ايندڙ وقت ئي ٻڌائيندو پر هاڻوڪي حڪومت جي گذريل ساڍن ٽن سالن جي معاشي ڪارڪردگيء مان اهو اندازو لڳائڻ مشڪل ناهي ته اهي پنهن جي ڪيل ڪنهن به ڳالهه جا ڌڻي ناهن ٿيندا.جڏهن جي ايس ٽي جي ڇوٽ ختم ٿيڻ سواء ئي عام استعمال جي شين جون قيمتون آسمان کي ڇهي رهيون آهن ته پوء اها ڇوٽ ختم ڪرڻ سان اهي شيون ڪيئن مهانگيون نه ٿينديون،اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي.بلڪل اهڙي طرح جيئن وزير اعظم عمران خان جي اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته جڏهن ملڪ جي معيشت ترقي ڪري ٿي ته ڊالر جي قيمت وڌي ٿي. هن قوم کي بس اهڙا ئي عجيب نڪتا نصيب ٿيڻا آهن،هنن عظيم دانشور حڪمرانن وٽان!

عوام مهنگائيء جي نئين سونامي لاء تيار ٿئي!

شفيق الرحمان شاڪر

خان صاحب جيڪو وزير اعظم ٿيڻ کان اڳ آئي ايم ايف وٽ قرض لاء هٿ ٽنگڻ بدران خودڪشي ڪرڻ جا اعلان ڪندو رهيو،هاڻي خير سان انهيء ئي آئي ايم ايف جي تابعداريء ۾ عوام تي 350 ارب روپين جا نوان ٽيڪس لاڳو ڪرڻ ۽ شين تي سبسڊي ختم ڪرڻ لاء نيٺ مني بجيٽ جو فنانس بل پارليامينٽ مان منظور ڪرائڻ تي سندرو ٻڌي بيٺل آهي.خبرن موجب اهو بل اربع جي ڏينهن ڪابينا مان منظوري حاصل ڪرڻ بعد قومي اسيمبليء ۾ پيش ڪيو ويندو.اهو بل پاس ٿئي ٿو يا نه اهو الڳ بحث آهي پر بل پاس ٿيڻ جي صورت ۾ غريب ماڻهن لاء مهنگائيء جو جيڪو نئون سونامي ايندو اهو ماڻهن جا هڏ سنڌ ڀڃي ڇڏيندو.

مشير خزانه جي ترجمان موجب 12جنوريء تي آئي ايم ايف ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس ۾ ڇهون جائزو پيش ڪيو ويندو ۽ پاڪستان 12 جنوريء کان پهرين ئي آئي ايم ايف جا اڳواٽ شرط پورا ڪندو.وزارت خزانه جي ذريعن موجب اسٽيٽ بينڪ وارو قانون به پارليامينٽ مان منظور ڪرايو ويندو.هڪ خانگي ٽي وي موجب حڪومت هڪ ڀيرو وري آئي ايم ايف سان ڳالهيون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن کين قائل ڪيو وڃي ته بل جي پارليامينٽ مان منظوري ڪجهه وقت وٺي سگھي ٿي.

وفاقي حڪومت ٽيڪس قانونن جي چوٿين ترميمي بل جي مسودي کي آخري شڪل ڏيئي ڇڏي آهي جنهن ۾ اٽڪل 100 ٽيڪسن تي ڇوٽ ختم ڪئي ويئي آهي ۽ ذريعن موجب حڪومت اڃا به 17 سيڪڙو جنرل سيلز ٽيڪس کان آجين ڪيترين ئي شين تي ڇوٽ واپس وٺڻ لاء پارليامينٽ سامهون هڪ مني بجيٽ پيش ڪرڻ لاء تيار آهي.سامهون آيل ڄاڻ مطابق اڃا تائين اهو معلوم نه ٿي سگھيو آهي ته حڪومت پيٽروليم مصنوعات تي 17 سيڪڙو معياري جي ايس ٽي شرح لاڳو ڪندي يا نه ڇوته جيڪر جي ايس ٽي جي پوري شرح ۽ پيٽروليم ليوي کي 30 روپيا لٽر تائين آندو ويو ته مهنگائيء جو طوفان سڀ ڪجهه نهوڙي ويندو.هن وقت حڪومت پيٽروليم مصنوعات جي ايس ٽي جي گھٽ ۾ گھٽ رقم وصول ڪري رهي آهي.واضح هجي ته آئي ايم ايف کي 350 ارب روپين جي جي ايس ٽي ڇوٽ ختم ڪرڻ جي پڪ ڪرائي ويئي آهي ته جي ايس ٽي نظام ۾ سڌارن جو عمل هڪجهڙي ٽيڪس جي بنياد تي ۽ آئين جي حدن ۾ اڳيان وڌايو ويندو.حڪومت برآمدي ۽ ڪيپيٽل مشينري جي سامان کان سواء ٽيڪس کان آجين سمورين شين کي معياري سيلز ٽيڪس جي شرح ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.شيڊول 8 ذريعي گھٽايل قيمتن کي ختم ڪري انهن سمورين شين کي معياري سيلز ٽيڪس جي شرح تي آندو ويندو.

ذريعن موجب انهن قدمن سان سالياني بنياد تي جي ڊي پي جو اندازو ڏهائي ست سيڪڙو حاصل ٿيڻ جو آسرو آهي.هڪ ئي وقت ساڍن ٽن سو ارب جي ٽيڪسن جو خاتمو ۽ عام ضرورت جون شيون جيڪي هن وقت تائين جي ايس ٽي کان آجيون هيون،انهن تي 17 سيڪڙو ٽيڪس جو لاڳو ٿيڻ ظاهر ۾ مهنگائيء جي هڪ نئين سوناميء جو اطلاع نظر اچي ٿو پر حڪومت جي معاشي ٽيم اڃا تائين عوام کي دلاسا ڏيڻ ۾ پوري آهي ته کاڌي پيتي جون شيون مهانگيون نه ٿينديون.ناڻي واري مشير اها خوشخبري به ٻڌائي آهي ته ايندڙ هفتن ۾ پيٽرول وڌيڪ سستو ٿيندو.هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته حڪومت آئي ايم ايف سان ڪيل معاهدي هيٺ مني بجيٽ آڻي رهي آهي پر ان ۾ کاڌي پيتي جي شين تي مليل ڇوٽ ختم نه ڪئي ويندي ان ڪري اهي منهاگيون نه ٿينديون.شوڪت ترين مطابق مني بجيٽ ۾ درآمدي ميڪ اپ جي سامان،ڪپڙي،جوتن ۽ پرفيوم سميت ٻين درآمدي آسائشي شين تي ڪسٽم ڊيوٽي وڌائي ويندي،ان کان سواء مقامي سظح تي تيار ٿيندڙ ڪجهه شين تي به 5 سيڪڙو جي ڇوٽ ختم ڪري سيلز ٽيڪس جي شرح 12کان وڌائي 17 سيڪڙو ڪئي ويندي جنهن سان اڪثر شيون مهانگيون ٿي وينديون.مشير خزانه جو چوڻ هو ته عالمي منڊيء ۾ قيمتون گھٽجڻ بعد اڃا تائين پيٽرول جو اگھه گھٽ ناهي ٿيو پر ايندڙ هفتن ۾ ان ۾ گھٽتائي ڪئي ويندي.

مشير خزانه جون يقين دهانيون ڪيتريون ٿيون سچ ثابت ٿين اهو ته ايندڙ وقت ئي ٻڌائيندو پر هاڻوڪي حڪومت جي گذريل ساڍن ٽن سالن جي معاشي ڪارڪردگيء مان اهو اندازو لڳائڻ مشڪل ناهي ته اهي پنهن جي ڪيل ڪنهن به ڳالهه جا ڌڻي ناهن ٿيندا.جڏهن جي ايس ٽي جي ڇوٽ ختم ٿيڻ سواء ئي عام استعمال جي شين جون قيمتون آسمان کي ڇهي رهيون آهن ته پوء اها ڇوٽ ختم ڪرڻ سان اهي شيون ڪيئن مهانگيون نه ٿينديون،اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي.بلڪل اهڙي طرح جيئن وزير اعظم عمران خان جي اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته جڏهن ملڪ جي معيشت ترقي ڪري ٿي ته ڊالر جي قيمت وڌي ٿي. هن قوم کي بس اهڙا ئي عجيب نڪتا نصيب ٿيڻا آهن،هنن عظيم دانشور حڪمرانن وٽان!

(روزاني هلال پاڪستان 28 ڊسمبر 2021ع)

Saturday, December 25, 2021

ماضيء جو آئينو؛ پاڪستان ۾ جاچ ڪميشنز جي تاريخ.

 

شفيق الرحمان شاڪر

پاڪستان جي تاريخ ۾ جيڪي به جوڊيشل ڪميشن بڻيون انهن جون رپورٽون ڪڏهن به منظر عام تي اچي نه سگھيون جيڪر آيون به ته ملوث ماڻهو ايترا ته طاقتور هئا جو انهن خلاف ڪڏهن به ڪا ڪاروائي ٿي نه سگھي.

سڀ کان پهرين جوڊيشل ڪميشن لياقت علي خان جي قتل بعد ان وقت جي جسٽس منير ۽ اختر حسين تي ٻڌل ججن تي بڻائي ويئي پر جيئن ته قتل ۾ ملوث ڌريون نهايت ئي طاقتور هيون ان ڪري انهن ڪميشن کي لياقت علي خان جي قاتلن جو تعين ڪرڻ بدران قتل متعلق ٿيل انتظامي غفلت جو جائزو وٺڻ تي لڳائي ڇڏيو.جنهن کان ترت پوء بيگم رعنا لياقت علي خان بيان ڏنو ته ڪميشن جي مقرري حڪومت جي دانسته يا اڻ دانسته غلطي هئي.ان جي نتيجي ۾ پنجاب ۽ ان وقت جي صوبي سرحد جا پوليس آفيسر قتل جي جاچ تي ڌيان ڏيڻ بدران غفلت جي الزامن جي صفائي پيش ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويا.انڪوائري ڪميشن جا نتيجا نهايت ئي شڪي سامهون آيا.

ڪميشن پنهنجي رپورٽ ۾ چيو ته “ان سلسلي ۾ ٽن سازشن جو پتو پيو آهي جن مان ٻن جو هڪ ٻئي سان تعلق آهي ۽ ٽين جي باري ۾ مرڪزي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ لکپڙه ٿي رهي آهي.اسان انهن سازشن ٻڌائڻ کان نٽايو آهي ڇو ته انهن کي ظاهر ڪرڻ عمومي مفاد وٽان ناهي.ٻيو ته جيڪر لياقت علي خان جو قاتل سيد اڪبر جيئرو ملي وڃي ها ته اسان کي پڪ هئي ته اسان اهڙي خوفناڪ ڏوه جي سازشين جو پتو لڳائي وڃون ها.”

ٻئي وڏي جوڊيشل ڪميشن جي اڳواڻي اوڀر پاڪستان جي سانحي جي ڪردارن جو پتو لڳائڻ لاء سٺي شهرت رکندڙ هڪ جج جسٽس حمودالرحمان جي حوالي ڪئي ويئي.جسٽس حمودالرحمان ڪميشن رپورٽ سالن تائين راز ۾ رکي ويئي. پرويز مشرف جي دور ۾ هندستان جي هڪ اخبار ان رپورٽ جا ڪجهه اقتباس شايع ڪيا جنهن تي جنرل مشرف کي نه چاهيندي به رپورٽ شايع ڪرڻي پيئي پر ڪجهه باب راز ۾ ئي رکيا ويا.ان بعد لاهور جي هڪ معروف پبلشر دارالشعور تصديق ٿيل رپورٽ جي ڪاپي حاصل ڪئي ۽ ان جو مستنند ترجمو شايع ڪيو.ڪميشن بنگال سانحي ۾ ملوث فيڪٽرزکي وائکو ڪيو ۽ ان رپورٽ مطابق سانحي جي ذميدارن ۾ حڪومتي اختيارن جو بي رحماڻو استعمال،سول معاملن ۾ فوجي مداخلت،لا محدود اقتدار جي هوس ۽ محلاتي سازشن کي قرار ڏنو ويو.ڪميشن ٻيو وڏو ڏوهاري گورنر جنرل غلام محمد کي قرار ڏنو جنهن لامحدود اختيارن جي هوس ۾ پهرين 1953ع ۾ خواجا ناظم الدين جي حڪومت کي برطرف ڪيو ۽ ٻيو دفعو 1954ع ۾ دستور جوڙيندڙ اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي.ڪابينا ۾ سمورين پارلياماني روايتن جي ابتڙ ڪمانڊر انچيف جنرل ايوب خان ۽ ميجر جنرل سڪندر مرزا کي شامل ڪيو.انهن تباه ڪندڙ قدمن سان جمهوريت کي ازالو نه ٿيندڙ نقصان پهتو.رپورٽ ۾ فيلڊ مارشل ايوب خان کي پارلياماني جمهوريت جو قاتل ۽ جنرل يحيٰ کي ٽيڪو وٺائيندڙ ڏوهاري قرار ڏنو ويو.هن بالغ راء دهيء جي بدران بنيادي جمهوريت جو نظام نافذ ڪيو ۽ صدارتي نظام ذريعي سمورا اختيار پنهنجي ذات ۾ گڏ ڪري ورتا.اظهار راء جي آزاديء جي نڙي گھٽي ويئي جنهن سبب ماڻهن ۾ اندر ئي اندر باه دکڻ لڳي. ڪميشن جي رپورٽ ۾ ان ڳالهه جو به جائزو ورتو ويو ته مارشل لا جي نفاذ ۽ فوج جي سول معاملن ۾ دخل اندازي سان پيشاوراڻي مهارت تي ڪهڙا اثر مرتب ٿيا.فوجين کي ميرٽ سواء زمينون الاٽ ڪيون وييون ۽ غير قانوني رعايتون به فراهم ٿينديون رهيون.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جنرل يحيٰ جي وقت ۾ ايوان صدر ”بدڪارين جو مرڪز“ بڻجي ويو هو،انهن عورتن جا نالا به ڏنا ويا آهن جيڪي ان مقصد لاء ايوان صدر ۾ گھرايون وينديون هيون.

هڪ ٻيو جوڊيشل ڪميشن  جسٽس سيف جي سربراهيء ۾ جنرل ضياء الحق جي حادثي جي انڪوائريء لاء جوڙيو ويو پر ان جي رپورٽ به منظر عام تي اچي نه سگھي.

اساما بن لادن قتل جون حقيققتون ڄاڻڻ لاء هاڻوڪي نيب چيئرمين جسٽس جاويد اقبال جي سربراهيء ۾ ڪميشن جوڙيو ويو.ڪميشن حقيقتون معلوم ڪرڻ لاء هٿياربند فوج جي سربراهن کي گھرايو پر بري فوج جو سربراه نه آيو،اهڙيء طرح جسٽس جاويد اقبال جي هدايت تي معاملو رفع دفع ٿي ويو.

2018ع ۾ اي پي ايس سانحي جون حقيقتون معلوم ڪرڻ لاء جسٽس ابراهيم جي سربراهيء ۾ هڪ انڪواري ڪميشن جوڙيو ويو،ڪميشن ڪهڙيون حقيقتون معلوم ڪيون،اڄ تائين خبر نه پئجي سگھي آهي ته انهن معصوم ٻارڙن جي قتل جي ذميداري ڪنهن جي مٿان عائد ٿئي ٿي.

اسان جو الميو اهو آهي جو پهرين ته ڪميشن جي رپورٽ شايع نٿي ڪئي وڃي،ان کي اهو چئي دٻايو ويندو آهي ته ان رپورٽ کي شايع ڪيو ويو ته ملڪي سلامتي خطري ۾ پئجي ويندي.جيڪر ڪٿي شايع ٿي وڃي ۽ ڪميشن سفارش ڪري ته ان ۾ ملوث ڏوهارين خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ته ڪاروائيء بدران انهن کي ترقين سان گڏوگڏ اعزازن سان به نوازيو وڃي ٿو.

اسان دائرن ۾ سفر ڪري رهيا آهيون.ستر سال گذرڻ باوجود اسان ساڳيء جڳهه تي بيٺل آهيون.ايئن ٿو لڳي اسان اڄ تائين ڪنهن سانحي کي سانحو سمجھيو ئي ناهي!

(روزاني هلال پاڪستان 25 ڊسمبر 2021ع)


Friday, December 24, 2021

سر سر يمن ڪلياڻ ۾ سمايل روحاني رمزون.


 

شفيق الرحمان شاڪر

“يمن“ جي لفظي معنيٰ آهي من کي روڪڻ جڏهن ته “ڪلياڻ” هڪ قسم جي راڳڻي آهي جيڪا رات جي وقت ڳائي ويندي آهي.هن سر جي شروع ۾ شاه سائين مالڪ حقيقيء کي سمورين جسماني ۽ روحاني بيمارين جو طبيب ڪوٺيندي کيس شفا لاء سڏڙا ڪري ٿو.هو نه رڳو طبيب پر حبيب به آهي جيڪو پنهنجي مخلوق سان ڪامل درجي محبت ۽ انيڪ احسان ڪري ٿو.

تون حبيب، تون طبيب،تون درد جي دوا،

جانب منهن جي جيء ۾، آزار جا انوا،

صاحب! ڏي شفا،ميان! مريضن کي.

“ اي جانب! تون ئي پيارو،تون ئي سڄڻ ۽ تون ئي منهنجو ويڄ آهين.بلڪه تون ئي هر درد جي دوا،هر سور لاء سڪون ، هر اذيت ۾ آٿت ۽ هر مرض لئي شفا آهين.منهن جي وجود ۾ قسمين قسمين دردن، سهسين سورن ۽ انيڪ آزارن ديرو ڄمائي رکيو آهي.توکان سواء ٻيو ڪير آهي جيڪو اهڙن لاچار مريضن ۽ بي پهچ بيمارن کي صحت ڏيئي سگھي.“

هو رڳو طبيب ئي نه آهي پر پاڻ ئي درد آهي ۽ پاڻ ئي دوا،پاڻ ئي مرض آهي ۽ پاڻ ئي شفا،پاڻ ئي سور ۽ پاڻ ئي سڪون،پاڻ ئي اذيت ۽ پاڻ ئي آٿت.هو پاڻ ئي ڪنهن کي عشق جو گھاء ۽ فراق جو وڍ ڏئي ٿو وري انهيء کي ان جي عيوض انيڪ انعام به عطا ڪري ٿو.

وڍي جن وڌياس،وري ويڄ ئي سي ٿيا،

ترت ٻڌائون پٽيون،روح ڪيائون راس،

هينئڙا ! تنين پاس،گھار ته گھائل نه ٿئين.

“ جن چهڪ ڏيئي دل چاڪ ڪئي وري اهي ئي ويڄ بڻجي دل چاڪ ڪرڻ لڳا.اهڙيون ته پيار جو پٽيون ٻڌائون جو گھائل روح رچي راس ٿي پيو.اي دل! جيڪر گھرين ته توکي زماني جو ڪو ٻيو گھاء گھائل نه ڪري ته بس انهن محبوبن جي نظر ۾ ئي پنهنجو آستان ٺاهه ۽ انهن کان پاند پري هرگز نه ڪر.”

انهيء ئي سر ۾ سهڻو لطيف انهن عارف بالله بزرگن،درويشن ۽ سچن صوفين کي به طبيب ٿو ڪوٺي جيڪي محبوب حقيقيء جي عشق ۽ محبت جي سوغات مخلوق خدا ۾ مفت ورهائيندا آهن ۽ عاشقن جي الستي راهه طرف رهنمائي ڪن ٿا.

رهي اچجي راتڙي، تن واڍوڙين وٽاء،

جن کي سور سيد چئي،گھٽ منجھاران گھاء،

لڪائي لوڪاء،پاڻيهي ٻڌن پٽيون.

اهي واڍوڙيا ڪير آهن جيڪي خلق خدا جي دل ۾ الستي اکر رچائين ۽ قرب ايزديء جو وکر وهائين ٿا؟اهي ئي اهي سمجھه ۽ ساڃاه وند سريڙ رکندڙ سچا عاشق آهن جن پنهنجي سائينء کي سڃاتو.سندن سينا قرب جي ڪمان زخمي ڪيا ۽ اندر ۾ عشق الاهيء جي آتش سڀ غير ساڙي فناڪري ڇڏيو.انهن هن دوکي جي دنيا کان ڪڏهن به دوکو ناهي کاڌو.ظاهري دنيا پرست ماڻهو انهن کي ڪا اهميت نٿا ڏين ان ڪري جو انهن پنهن جي عشق کي لوڪان لڪائي رکيو آهي ۽ اهي پنهن جي درد جو تذڪرو ڪنهن سان به نٿا ڪن،اندر جو راز ڪنهن سان سلين ئي نٿا ۽ پنهن جا ڦٽ ڏيهه کي ڏيکارين ئي ڪونه! اهي دنيا جا عارضي فائدا ۽ ڪريل مفاد حاصل ڪرڻ لاء ڪا ڊڪ ڊوڙ نٿا ڪن ۽ نه ئي وري مخلوق۾ مقبوليت حاصل ڪرڻ لاء ڪي ناٽڪ رچائين ٿا.سندن زبانون اڪثر گنگ رهن ٿيون ايستائين جو پنهن جي نيڻن جا نير به ماڻهن کي نٿا ڏيکارين.

آيل! ان نه وسهان هنجون جي هارين،

آڻيو آب اکين ۾، ڏيهه کي ڏيکارين،

سڄڻ جي سارين،سي نڪي روون نڪي چون ڪي.

انهن الله وارن ابدالن جي چند ساعتن جي صحبت جيڪر نصيب ٿئي ته نصيب بدلجي وڃن ۽ انسان پتل مان سون بڻجي پوي پر جيڪي سندن صحبت ۾ رهندي به ڪري نٿا ڪن،پليديء کان پرهيز نٿا ڪن ۽ ڪنن ڪرتوتن کان ڪناره ڪشي اختيار نٿا ڪن.پنهنجي سيني کي بغض ۽.ڪيني ۽ ڪدورت جهڙي ڍونڍ کان ڌوئي صاف نٿا ڪن انهن جي هر مشقت،نشست ۽ برخواست اجائي ۽ عبث آهي.

آهي گھڻو اگھن جو،ترس طبيبن،

ڪيو وس ويڄن،تان ڪريء ريء ڪين ٿئي.

اگھن سان طبيبن جو انيڪ پيار آهي،انهن کي سندن اذيتن ۽ آزارن جو احساس آهي،کين سندن بيمارين تي گھڻي ڪهل اچي ٿي ان ڪري اهي پوري مشقت لڳائي سندن درد دور ڪرڻ جي ڪوشس ڪن ٿا پر جيئن ته اهڙن اگھن کان ڪري مور نٿي ٿئي ان ڪري اهي سگھا نٿا ٿين.

هاريا! تو هري، ڪپج ڪايا سين ڪيو،

ڪرين جي ڪري، ته ترت توانو ٿئين.

ناڪامي تنهن جو نصيب ان ڪري بڻي جو تو پنهن جون بد خصلتون ۽ بريون عادتون ترڪ نه ڪيون.ڪپج ڪاياسين ڪيو يعني تو پنهنجي جند سان نسورو ناحق پاڻ ڪيو نه ته جيڪر ڪري ڪرين ها ته سريڙ سربستو صحتمند ٿي وڃي ها.

اڳتي شاه صاحب سلوڪ جي هن سفر ۾ نڪتل مسافرن کي صلاح ٿو ڏئي ته اندر ۾ هر وقت خفي ذڪر جو خيمو کوڙي زبان کي تالو هڻ،روحاني راز سيني ۾ دفن ڪر ۽ عشق جي آگ ۾ پتنگ جيان چپ چاپ سڙي ۽پچري وڃ،ٻاهر ٻڙڪ به نه ڪڍ،جيڪر عشق جو ڀالو سيني مان آر پار به ٿي وڃي ته فرياد نه ڪر نه ڪا آه ڀر.جيرا جگر بڪيون جيڪر ان آتش عشق ۾ سڙي خاڪ ٿي وڃن تڏهن به خاموش رهه.

هيء پر اڱارن، جو ٻه ڏائين ٻرن جي،

هڪ کوري کانئيا،ٻيو ڌوڌي منجهه ڌڳن،

پاڻان لوهارن،ميڙي رکيا مچ لئي.

اڱرن ( ڪوئلن) کان سبق سک اي سلوڪ جا مسافر! جيڪي ٻه ڀيرا باه برداشت ڪن ٿا.هڪ ته کوري ۾ متل مچ اندر سڙيا مٿان وري ڌوڌيء ۾ اچي جليا.لوهارن ڏسي وائسي کين مچ مچائڻ لاء ميڙي رکيو آهي.

پر لطيف سرڪار خبردار ٿا ڪن ته ان رستي ۾ انساني نفس جيڪو حرص ۽ هوس جو پتلو آهي سو وک وک تي وڏيون رنڊڪون ٿو وجھي ۽ انسان ۾ تڪبر جو ٻج پوکي نيٺ کيس محفل محبوب مان تڙائي ٿو ڇڏي.

ڪيئن ماپيندا من ۾، خودي ۽ خدا،

ٻن تراڙن جاء، ڪانهي هڪ مياڻ ۾.

ساڳي دل ۾ خودي ۽ خدا گڏ رهي نٿا سگھن،جيستائين تون پنهن جي هئڻ جي هوڏ تان نٿو لهين توکي سائينء جي ساڃاه حاصل ٿي نٿي سگھي.زبان سان ته غيرالله جو انڪاري آهين پر پورو وقت پنهنجي پرستش ۾ پورو آهين.تنهن جو پنهن جو وجود ئي تنهن جي ۽ محبوب جي وچ ۾ حجاب بڻجي ويو آهي.

ان بعد لطيف سائين ان رستي جي پانڌيئڙن لاء هڪ انمول نڪتو ٿو نروار ڪري ته هن واٽ تي   برداشت،رواداري،وسعت قلبي،صبر ۽ سهپ سواء اڳتي سفر ڪري نٿو سگھجي،مثال ڏين ٿا وڻن جو.

وڃي پڇ وڻن کان، جڏهن ميوا ڪن،

ٺڪر،ڀتر،ڇاڙيون،سهسين ٿا سهن،

آهي سخاوت سيد چئي، دل ۾ درختن،

ڦريو ٿا ڦر ڏين،نيڪيء نيت پانهنجي.

وڻن ۾ جڏهن ميوو ڀرجي ٿو ته اهي وڌيڪ ملنسار بڻجي جھڪي پون ٿا،ماڻهو انهن کي ڀتر،پٿر ۽ لڪڻ هڻن ٿا پر جواب ۾ اهي سڀ ڪجهه صبر سان سهي ماڻهن کي ميوو ونڊين ٿا.مطلب ته

صبر گھڻو سڦرو، ٻي جڳائي ماٺ،

پيو لتاڙج لطيف چئي،چرج ۾ مٿان چانئٺ،

ته ڏنجھڻ پون ڪاٺ،سڄڻ ٿين سامهان.يمن ڪلياڻ ۾ سمايل روحاني رمزون.

شفيق الرحمان شاڪر

“يمن“ جي لفظي معنيٰ آهي من کي روڪڻ جڏهن ته “ڪلياڻ” هڪ قسم جي راڳڻي آهي جيڪا رات جي وقت ڳائي ويندي آهي.هن سر جي شروع ۾ شاه سائين مالڪ حقيقيء کي سمورين جسماني ۽ روحاني بيمارين جو طبيب ڪوٺيندي کيس شفا لاء سڏڙا ڪري ٿو.هو نه رڳو طبيب پر حبيب به آهي جيڪو پنهنجي مخلوق سان ڪامل درجي محبت ۽ انيڪ احسان ڪري ٿو.

تون حبيب، تون طبيب،تون درد جي دوا،

جانب منهن جي جيء ۾، آزار جا انوا،

صاحب! ڏي شفا،ميان! مريضن کي.

“ اي جانب! تون ئي پيارو،تون ئي سڄڻ ۽ تون ئي منهنجو ويڄ آهين.بلڪه تون ئي هر درد جي دوا،هر سور لاء سڪون ، هر اذيت ۾ آٿت ۽ هر مرض لئي شفا آهين.منهن جي وجود ۾ قسمين قسمين دردن، سهسين سورن ۽ انيڪ آزارن ديرو ڄمائي رکيو آهي.توکان سواء ٻيو ڪير آهي جيڪو اهڙن لاچار مريضن ۽ بي پهچ بيمارن کي صحت ڏيئي سگھي.“

هو رڳو طبيب ئي نه آهي پر پاڻ ئي درد آهي ۽ پاڻ ئي دوا،پاڻ ئي مرض آهي ۽ پاڻ ئي شفا،پاڻ ئي سور ۽ پاڻ ئي سڪون،پاڻ ئي اذيت ۽ پاڻ ئي آٿت.هو پاڻ ئي ڪنهن کي عشق جو گھاء ۽ فراق جو وڍ ڏئي ٿو وري انهيء کي ان جي عيوض انيڪ انعام به عطا ڪري ٿو.

وڍي جن وڌياس،وري ويڄ ئي سي ٿيا،

ترت ٻڌائون پٽيون،روح ڪيائون راس،

هينئڙا ! تنين پاس،گھار ته گھائل نه ٿئين.

“ جن چهڪ ڏيئي دل چاڪ ڪئي وري اهي ئي ويڄ بڻجي دل چاڪ ڪرڻ لڳا.اهڙيون ته پيار جو پٽيون ٻڌائون جو گھائل روح رچي راس ٿي پيو.اي دل! جيڪر گھرين ته توکي زماني جو ڪو ٻيو گھاء گھائل نه ڪري ته بس انهن محبوبن جي نظر ۾ ئي پنهنجو آستان ٺاهه ۽ انهن کان پاند پري هرگز نه ڪر.”

انهيء ئي سر ۾ سهڻو لطيف انهن عارف بالله بزرگن،درويشن ۽ سچن صوفين کي به طبيب ٿو ڪوٺي جيڪي محبوب حقيقيء جي عشق ۽ محبت جي سوغات مخلوق خدا ۾ مفت ورهائيندا آهن ۽ عاشقن جي الستي راهه طرف رهنمائي ڪن ٿا.

رهي اچجي راتڙي، تن واڍوڙين وٽاء،

جن کي سور سيد چئي،گھٽ منجھاران گھاء،

لڪائي لوڪاء،پاڻيهي ٻڌن پٽيون.

اهي واڍوڙيا ڪير آهن جيڪي خلق خدا جي دل ۾ الستي اکر رچائين ۽ قرب ايزديء جو وکر وهائين ٿا؟اهي ئي اهي سمجھه ۽ ساڃاه وند سريڙ رکندڙ سچا عاشق آهن جن پنهنجي سائينء کي سڃاتو.سندن سينا قرب جي ڪمان زخمي ڪيا ۽ اندر ۾ عشق الاهيء جي آتش سڀ غير ساڙي فناڪري ڇڏيو.انهن هن دوکي جي دنيا کان ڪڏهن به دوکو ناهي کاڌو.ظاهري دنيا پرست ماڻهو انهن کي ڪا اهميت نٿا ڏين ان ڪري جو انهن پنهن جي عشق کي لوڪان لڪائي رکيو آهي ۽ اهي پنهن جي درد جو تذڪرو ڪنهن سان به نٿا ڪن،اندر جو راز ڪنهن سان سلين ئي نٿا ۽ پنهن جا ڦٽ ڏيهه کي ڏيکارين ئي ڪونه! اهي دنيا جا عارضي فائدا ۽ ڪريل مفاد حاصل ڪرڻ لاء ڪا ڊڪ ڊوڙ نٿا ڪن ۽ نه ئي وري مخلوق۾ مقبوليت حاصل ڪرڻ لاء ڪي ناٽڪ رچائين ٿا.سندن زبانون اڪثر گنگ رهن ٿيون ايستائين جو پنهن جي نيڻن جا نير به ماڻهن کي نٿا ڏيکارين.

آيل! ان نه وسهان هنجون جي هارين،

آڻيو آب اکين ۾، ڏيهه کي ڏيکارين،

سڄڻ جي سارين،سي نڪي روون نڪي چون ڪي.

انهن الله وارن ابدالن جي چند ساعتن جي صحبت جيڪر نصيب ٿئي ته نصيب بدلجي وڃن ۽ انسان پتل مان سون بڻجي پوي پر جيڪي سندن صحبت ۾ رهندي به ڪري نٿا ڪن،پليديء کان پرهيز نٿا ڪن ۽ ڪنن ڪرتوتن کان ڪناره ڪشي اختيار نٿا ڪن.پنهنجي سيني کي بغض ۽.ڪيني ۽ ڪدورت جهڙي ڍونڍ کان ڌوئي صاف نٿا ڪن انهن جي هر مشقت،نشست ۽ برخواست اجائي ۽ عبث آهي.

آهي گھڻو اگھن جو،ترس طبيبن،

ڪيو وس ويڄن،تان ڪريء ريء ڪين ٿئي.

اگھن سان طبيبن جو انيڪ پيار آهي،انهن کي سندن اذيتن ۽ آزارن جو احساس آهي،کين سندن بيمارين تي گھڻي ڪهل اچي ٿي ان ڪري اهي پوري مشقت لڳائي سندن درد دور ڪرڻ جي ڪوشس ڪن ٿا پر جيئن ته اهڙن اگھن کان ڪري مور نٿي ٿئي ان ڪري اهي سگھا نٿا ٿين.

هاريا! تو هري، ڪپج ڪايا سين ڪيو،

ڪرين جي ڪري، ته ترت توانو ٿئين.

ناڪامي تنهن جو نصيب ان ڪري بڻي جو تو پنهن جون بد خصلتون ۽ بريون عادتون ترڪ نه ڪيون.ڪپج ڪاياسين ڪيو يعني تو پنهنجي جند سان نسورو ناحق پاڻ ڪيو نه ته جيڪر ڪري ڪرين ها ته سريڙ سربستو صحتمند ٿي وڃي ها.

اڳتي شاه صاحب سلوڪ جي هن سفر ۾ نڪتل مسافرن کي صلاح ٿو ڏئي ته اندر ۾ هر وقت خفي ذڪر جو خيمو کوڙي زبان کي تالو هڻ،روحاني راز سيني ۾ دفن ڪر ۽ عشق جي آگ ۾ پتنگ جيان چپ چاپ سڙي ۽پچري وڃ،ٻاهر ٻڙڪ به نه ڪڍ،جيڪر عشق جو ڀالو سيني مان آر پار به ٿي وڃي ته فرياد نه ڪر نه ڪا آه ڀر.جيرا جگر بڪيون جيڪر ان آتش عشق ۾ سڙي خاڪ ٿي وڃن تڏهن به خاموش رهه.

هيء پر اڱارن، جو ٻه ڏائين ٻرن جي،

هڪ کوري کانئيا،ٻيو ڌوڌي منجهه ڌڳن،

پاڻان لوهارن،ميڙي رکيا مچ لئي.

اڱرن ( ڪوئلن) کان سبق سک اي سلوڪ جا مسافر! جيڪي ٻه ڀيرا باه برداشت ڪن ٿا.هڪ ته کوري ۾ متل مچ اندر سڙيا مٿان وري ڌوڌيء ۾ اچي جليا.لوهارن ڏسي وائسي کين مچ مچائڻ لاء ميڙي رکيو آهي.

پر لطيف سرڪار خبردار ٿا ڪن ته ان رستي ۾ انساني نفس جيڪو حرص ۽ هوس جو پتلو آهي سو وک وک تي وڏيون رنڊڪون ٿو وجھي ۽ انسان ۾ تڪبر جو ٻج پوکي نيٺ کيس محفل محبوب مان تڙائي ٿو ڇڏي.

ڪيئن ماپيندا من ۾، خودي ۽ خدا،

ٻن تراڙن جاء، ڪانهي هڪ مياڻ ۾.

ساڳي دل ۾ خودي ۽ خدا گڏ رهي نٿا سگھن،جيستائين تون پنهن جي هئڻ جي هوڏ تان نٿو لهين توکي سائينء جي ساڃاه حاصل ٿي نٿي سگھي.زبان سان ته غيرالله جو انڪاري آهين پر پورو وقت پنهنجي پرستش ۾ پورو آهين.تنهن جو پنهن جو وجود ئي تنهن جي ۽ محبوب جي وچ ۾ حجاب بڻجي ويو آهي.

ان بعد لطيف سائين ان رستي جي پانڌيئڙن لاء هڪ انمول نڪتو ٿو نروار ڪري ته هن واٽ تي   برداشت،رواداري،وسعت قلبي،صبر ۽ سهپ سواء اڳتي سفر ڪري نٿو سگھجي،مثال ڏين ٿا وڻن جو.

وڃي پڇ وڻن کان، جڏهن ميوا ڪن،

ٺڪر،ڀتر،ڇاڙيون،سهسين ٿا سهن،

آهي سخاوت سيد چئي، دل ۾ درختن،

ڦريو ٿا ڦر ڏين،نيڪيء نيت پانهنجي.

وڻن ۾ جڏهن ميوو ڀرجي ٿو ته اهي وڌيڪ ملنسار بڻجي جھڪي پون ٿا،ماڻهو انهن کي ڀتر،پٿر ۽ لڪڻ هڻن ٿا پر جواب ۾ اهي سڀ ڪجهه صبر سان سهي ماڻهن کي ميوو ونڊين ٿا.مطلب ته

صبر گھڻو سڦرو، ٻي جڳائي ماٺ،

پيو لتاڙج لطيف چئي،چرج ۾ مٿان چانئٺ،

ته ڏنجھڻ پون ڪاٺ،سڄڻ ٿين سامهان.

(روزاني هلال پاڪستان 23 ڊسمبر 2021ع)

Monday, December 6, 2021

ليڪچر،خاموشي ۽ طوفان!!!

 


شفيق الرحمان شاڪر

اسان جي هاڻوڪي وزير اعظم جناب عمران خان کي اهو گمان آهي ته هو جڏهن به ڳالهائي ٿو ته ڪروڙين ماڻهو سندس لفظن مان فيضياب ٿيڻ لاء اوسيئڙي ۾ هوندا آهن ۽ هن جي هڪ هڪ حرف کي هيئين سان هنڊائي پنهن جي سونهري مستقبل طرف گامزن ٿي ويندا آهن.ان ڪري خان صاحب ٻيا سمورا حڪومتي ۽ رياستي ڪم ڪار ڇڏي هر وقت ڪڏهن اخلاقيات ته ڪڏهن سچائي جي باري ۾ پنهنجا قيمتي ليڪچر قوم کي ڏيندو رهي ٿو.ڪڏهن ڪرپشن ۽ بدديانتي جي لعنت خلاف ته ڪڏهن دنيا جي ٻين سڌريل ملڪن جي ترقيء جا مثال ته ڪڏهن تاريخ،ماحول،جاگرافي جي باري ۾ قوم کي واقف ڪرڻ ته ڪڏهن ورلڊ ڪپ کٽڻ ۽ ڪينسر اسپتال قائم ڪرڻ وارن ڪارنامن جو وري وري ذڪر ڪرڻ ته ڪڏهن پاڪستان جي سمورن مسئلن،مونجھارن،خرابين ۽ سندس سمورين حڪومتي ناڪامين جو ذميدار اڳوڻن حڪمرانن کي قرار ڏيڻ وغيره وغيره انهيء ڪم کان سواء خانصاحب گذريل ساڍن ٽن سالن ۾ جيڪر ٻيو ڪو به ڪم ڪيو آهي ته ضرور ٻڌايو. ڀاشڻ،نصيحتون،صلاحون،وعظ،تقريرون،خطبا،اعلان،نوٽيس وٺڻ،بس سندس نام نهاد عظيم حڪومتي ڪارڪردگين ۾ رڳو اهو سامان ئي پسي سگھجي ٿو.ملڪ جو ڏيوالو نڪري چڪو آهي، معيشت ويهي رهي آهي،هڪڙي ڏينهن ۾ اسٽاڪ ايڪسچينج جو حشر نشر ٿي ويو، مهانگائيء غريبن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي،خارجي محاذ تي ملڪ اڪيلو ٿي ويو آهي، سفارتي طور تي ڪو به ملڪ اسان سان گڏ بيهڻ لاء تيار ناهي.هندستان پورو ڪشمير ڳڙڪائي ويو،ماڻهو بيروزگاري ۽ مهانگائيء سبب روزانو خودڪشيون ڪري رهيا آهن پر خان صاحب جون تقريرون آهن جيڪي کٽڻ جو نالوئي نٿيون وٺن،ڀاشڻ آهن جن جو ڪو دنگ ئي نٿو ٿئي،نصيحتون آهن جيڪي ٻڌي ٻڌي ماڻهن جي دل ڪچي پيئي ٿئي.وزير ۽ مشير آهن جيڪي ماڻهن جي ڦٽن تي مرهم رکڻ بدران لوڻ ٻرڪي رهيا آهن.انهيء سڄي نااهل لڏي کي جيڪر فڪر آهي ته رڳو اهو ته 2023 جون چونڊون ڪهڙي ڪرتب سان کٽجن،نيب کي هاڻوڪي حڪومت جي ڪيل ڪرپشن کان ڪيئن باز رکيو وڃي،سمنڊ پار پاڪستانين جا ووٽ ڪيئن پنهنجي حق ۾ ڪيش ڪرائجن. حڪومتون ايئن هلنديون آهن؟ خان صاحب کي جيڪر ڀاشڻن ۽ ليڪچرن جو ايترو ئي شوق آهي ته هو وزارت عظميٰ جي ڪرسي ڇڏي وڃي ڪنهن يونيورسٽيء ۾ پڙهائي يا ڪنهن اصلاحي يا تبليغي فورم جو اڳواڻ بڻجي ماڻهن کي سڌاري.عوام اندر هاڻي سندس وڌيڪ ليڪچر ٻڌڻ ۽ تقريرون سهڻ جي سهپ نه رهي آهي.آئي ايم ايف کان فقط ڇهه ارب ڊالرن جو قرض حاصل ڪرڻ لاء پوري ملڪ ۽ قوم کي مالياتي ادارن وٽ گروي رکيو ويو آهي.اهي لفظ ڪو ٻيو نه سندس ئي پارٽيء جو هڪ گورنر چئي رهيو آهي.سعودي عرب هاڻي پاڪستان کي وڌيڪ قرض نه ڏيندو،جنهن قرض ڏيڻ جو هن وعدو ڪيو آهي ان سان به نهايت ئي سخت شرط لاڳو ڪيا ويا آهن. چين سان هنن اهڙو حشر ڪيو آهي جو هن پاڪستان جي وڌيڪ مالي سهائتا کان مورڳوئي توبهه ڪري ڇڏي آهي.ملڪ ۾ بدامني ۽ انتشار پنهنجي انتها تي پهچي چڪو آهي.حالت اها آهي جو پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽيء ۾ حڪومت جي سڏ تي مخالف ڌر مان ڪووڃڻ لاء به تيار ناهي.حڪومت آهي يا ڪا مسخري،صبح جو هڪڙي ڳالهه ته شام جو بلڪل ان جي ابتڙ يوٽرن. اليڪشن ڪميشن سان مقابلو ٿي رهيو آهي،پئسا بند ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پييون وڃن.هيء جمهوريت آهي يا فسطائيت؟ يعني جيڪر اسان جي ڳالهه نه مڃيندا ته اوهان کي نيست ۽ نابود ڪري ڇڏينداسين،ايئن هلنديون آهن حڪومتون؟ ايئن ڪڍبو آهي ملڪ کي بحرانن مان؟ توهان ساڍن ٽن سالن ۾ ڪجهه نه ڪري سگھيا بلڪه ملڪ کي ريورس جو گيئر لڳائي چڪا آهيو سو ايندڙ ڏيڍ سال ۾ ڪهڙا ڦاڙها ماريندا؟ اهو سوال هن حڪومت جي “سهولتڪارن ” کان به پڇڻ گھرجي ته آخر اهي هن عوام کي ڪهڙي ڏوهه جي سزا ڏيئي رهيا آهن؟ ڇا انهن کي ملڪ ۾ ٿيندڙ تماشو نظر نٿو اچي؟يا وري اهو تماشو ان ڪري جاري رکيو پيو وڃي ته جيئن ماڻهن کي جمهوري پارلياماني نظام کان بددل ۽ متنفر ڪري ملڪ ۾ وري ڪنهن صدارتي نظام جو تماشو کڙو ڪيو وڃي.ڇا هن ملڪ ۾ رڳو نت نوان تجربا ئي ٿيندا يا گذريل ناڪام ٿيل تجربن مان سبق حاصل ڪري مستقبل ۾ ڪنهن درست سمت جو فيصلو ڪيو ويندو؟هن ملڪ ۾عوام کي حقيقي نمائندگيء جو حق ڏيڻو آهي يا انهن کي آقا ۽ غلام واري هلت سان ئي هلائڻو آهي؟ اهو فيصلو انهن کي ڪرڻو آهي جيڪي هن ملڪ جا اصل مالڪ آهن ۽ عوام جي پهتل هن ڪسمپرسي واري حالت جي ذميداري مان انهن کي تاريخ ڪڏهن به آجو نه ڪندي.حالتون تمام خراب ۽ ڳنڀير آهن،ماڻهو نهايت ئي تنگ ٿي چڪا آهن،اهي جيڪر خاموش آهن ته ان جو سبب هن حڪومت ۽ اوهان جي غلط پاليسين سان محبت نه پر گذريل حڪمرانن جي مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي آهي.عوام هاڻي مايوسيء جي اونهي ڪن ۾ ڪري پيو آهي ۽ جڏهن مايوسيون پنهنجي آخري حدن کي ڇهڻ لڳن ته ڪجهه وقت لاء خاموشي ضرور ڇانئيل ٿئي ٿي پر ياد رکڻ گھرجي ته ڪڏهن ڪڏهن خاموشيء پويان ڪيئي طوفان لڪيل هوندا آهن.جن مان ڪو طوفان سڀ ڪجهه تباهه ۽ برباد به ڪري سگھي ٿو،تاريخ ته اهو ئي ٿي ٻڌائي!

(روزاني عوامي آواز 5 ڊسمبر 2021ع)

Friday, August 27, 2021

هدايت جورستو:۽ اُنھن (مؤمنن) جي دلين کي جوڙيائين


 وَأَلَّفَ بَيْنَ قُلُوبِهِمْ ۚ لَوْ أَنْفَقْتَ مَا فِي الْأَرْضِ جَمِيعًا مَا أَلَّفْتَ بَيْنَ قُلُوبِهِمْ وَلَٰكِنَّ اللَّهَ أَلَّفَ بَيْنَهُمْ ۚ إِنَّهُ عَزِيزٌ حَكِيمٌ

۽ اُنھن (مؤمنن) جي دلين کي جوڙيائين، جيڪي زمين ۾ آھي سو مڙيئي جيڪڏھن تون خرچين ھا ته سندين دلين کي جوڙي نه سگھين ھا! پر الله سندن وچ ۾ ميلاپ ڏنو، ڇو ته اُھو غالب حڪمت وارو آھي

                                                                                                                               (سوره الانفال آيت 63)

يمٌAnd brought together their hearts. If you had spent all that is in the earth, you could not have brought their hearts together; but Allah brought them together. Indeed, He is Exalted in Might and Wise.


هدايت جورستو : ۽ جيڪڏھن تو کي دوکي ڏيڻ جو ارادو ڪن ٿا


 وَإِنْ يُرِيدُوا أَنْ يَخْدَعُوكَ فَإِنَّ حَسْبَكَ اللَّهُ ۚ هُوَ الَّذِي أَيَّدَكَ بِنَصْرِهِ وَبِالْمُؤْمِنِينَ

۽ جيڪڏھن تو کي دوکي ڏيڻ جو ارادو ڪن ٿا تہ يقيناً تو لاءِ الله ڪافي آھي، ۽ اُھوئي آھي جنھن تو کي پنھنجي مدد ۽ مؤمنن سان سگھ ڏني
 (سوره الانفال آيت 63)
But if they intend to deceive you - then sufficient for you is Allāh. It is He who supported you with His help and with the believers.





Friday, June 18, 2021

مدنيء ﷺ جا موتي ؛ (مناقب اهل بيت) علي رضه سان محبت


 عَنْ أُمِّ عَطِيَة قَالَتْ : بَعَثَ النَّبِيُّ صلي الله عليه وآله وسلم جَيْشًا فِيْهِمْ عَلِيٌّ قَالَتْ : فَسَمِعْتُ النَّبِيَّ صلي الله عليه وآله وسلم وَهُوَ رَافِعٌ يَدَيْهِ يَقُوْلُ : اللَّهُمَّ، لَا تُمِتْنِي حَتَّي تُرِيَنِي عَلِيًّا. رَوَاهُ التِّرْمِذِيُّ وَالطَّبَرَانِيُّ.             وَقَالَ أَبُوعِيْسَي : هَذَا حَدِيْثٌ حَسَنٌ.

’’حضرت امِ عطیہ رضی اﷲ عنہا فرماتی ہیں کہ حضور نبی اکرم صلی اللہ علیہ وآلہ وسلم نے ایک لشکر بھیجا اس میں حضرت علی رضی اللہ عنہ بھی تھے میں نے حضور نبی اکرم صلی اللہ علیہ وآلہ وسلم کو دیکھا کہ آپ صلی اللہ علیہ وآلہ وسلم ہاتھ اٹھا کر دعا کر رہے تھے کہ یا اﷲ! مجھے اس وقت تک موت نہ دینا جب تک میں علی کو(واپس بخیرو عافیت) نہ دیکھ لوں۔‘‘ اس حدیث کو امام ترمذی اور طبرانی نے بیان کیا ہے اور امام ترمذی نے فرمایا کہ یہ حدیث حسن ہے۔

”حضرت ام عطيه رضي الله عنها کان روايت آهي ته حضور صلي الله عليه و آله وسلم هڪ لشڪر موڪليو جنهن ۾ حضرت علي رضي الله عنه به هئا پاڻ صلي الله عليه وسلم هٿ کڻي دعا ڪئي ته يا الله! مون کي ان وقت تائين موت نه ڏجان جيستائين آئون عليء کي واپس ڏسي نه وٺان.“


Wednesday, June 16, 2021

مدنيء ﷺ جا موتي ؛ (مناقب اهل بيت) مسجد مان رستو رڳو علي رضه لاء ؛


 عَنْ أَبِي سَعِيْدٍ، قَالَ : قَالَ رَسُوْلُ اﷲِ صلي الله عليه وآله وسلم لِعَلِيٍّ : يَا عَلِيُّ، لَا يَحِلُّ لِأحَدٍ يُجْنَبُ فِي هَذَا المَسْجِدِ غَيْرِي وَ غَيْرُکَ. قَالَ عَلِيُّ بْنُ الْمُنْذِرِ : قُلْتُ لِضَرَارِ بْنِ صُرَدَ : مَا مَعْنَي هَذَا الْحَدِيْثِ؟ قَالَ : لاَ يَحِلُّ لِأحَدٍ يَسْتَطْرِقُهُ جُنُباً غَيْرِي وَغَيْرُکَ.

                                رَوَاهُ التِّرْمِذِيُّ وَالْبَزَّارُ وَأَبُويَعْلَي. وَقَالَ أَبُوعِيْسَي : هَذَا حَدِيْثٌ حَسَنٌ. 

” ’حضرت ابوسعید رضی اللہ عنہ سے روایت ہے کہ حضور نبی اکرم صلی اللہ علیہ وآلہ وسلم نے فرمایا : اے علی! میرے اور تمہارے علاوہ کسی کے لیے جائز نہیں کہ حالت جنابت میں اس مسجد میں رہے۔ امام علی بن منذر کہتے ہیں کہ میں نے ضرار بن صرد سے اس کا معنی پوچھا تو انہوں نے فرمایا : اس سے مراد مسجد کو بطور راستہ استعمال کرنا ہے۔‘‘ اس حدیث کو امام ترمذی، بزار اور ابویعلی نے روایت کیا اور امام ترمذی نے فرمایا کہ یہ حدیث حسن ہے۔

حضرت ابو سعيد رضي الله عنه کان روايت آهي ته حضور صلي الله عليه و آله وسلم فرمايو؛ مون کان ۽ توکان سواء ڪنهن جي لاء به جائز ناهي ته حالت جنابت ۾ هن مسجد ۾ رهي.علي بن منذر چون ٿا ته  مون ضرار بن صرد کان ان جي معنيٰ پڇي ته هن چيو ته ان جو مطلب مسجد کي رستي جي طور تي استعمال ڪرڻ آهي.“

Friday, June 11, 2021

مدنيء ﷺ جا موتي ؛ (مناقب اهل بيت) ڪن ۾ سس پس؛


 مدنيء ﷺ جا موتي ؛  (مناقب اهل بيت)   ڪن ۾ سس پس؛  
عَنْ جَابِرٍ، قَالَ : دَعَا رَسُوْلُ اﷲِ صلي الله عليه وآله وسلم عَلِيًّا يَوْمَ الطَّائِفِ فَانْتَجَاهُ، فَقَالَ النَّاسُ : لَقَدْ طَالَ نَجْوَاهُ مَعَ ابْنِ عَمِّهِ، فَقَالَ رَسُوْلُ اﷲِ صلي الله عليه وآله وسلم : مَا انْتَجَيْتُهُ وَلَکِنَّ اﷲَ انْتَجَاهُ. رَوَاهُ التِّرْمِذِيُّ وَابْنُ أَبِي عَاصِمٍ.

’’حضرت جابر رضی اللہ عنہ سے روایت ہے کہ حضور نبی اکرم صلی اللہ علیہ وآلہ وسلم نے غزوۂ طائف کے موقع پر حضرت علی رضی اللہ عنہ کو بلایا اور ان سے سرگوشی کی، لوگ کہنے لگے آج آپ صلی اللہ علیہ وآلہ وسلم نے اپنے چچا زاد بھائی کے ساتھ کافی دیر تک سرگوشی کی۔ سو آپ صلی اللہ علیہ وآلہ وسلم نے فرمایا : میں نے نہیں کی بلکہ اﷲ نے خود ان سے سرگوشی کی ہے۔‘‘ 

اس حدیث کو امام ترمذی اور ابن ابی عاصم نے روایت کیا ہے اور امام ترمذی نے فرمایا کہ یہ حدیث حسن ہے۔
”حضرت جابر رضي الله عنه کان روايت آهي ته حضور صلي الله عليه و آله وسلم غزوه طائف جي موقعي تي حضرت علي رضي الله عنه سان ڪن ۾ سس پس ڪئي.ماڻهو چوڻ لڳا؛ اڄ پاڻ صلي الله عليه وسلم جن پنهن جي سوٽ سان گھڻي دير تائين سس پس ڪئي،سو پاڻ صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته مون نه پر الله پاڻ هن سان سس پس ڪئي آهي“


Thursday, June 10, 2021

مدنيء صه جا موتي ؛ بنان گھرڻ جي عطا


 عَنْ عَبْدِ اﷲِ بْنِ عَمَرِو بْنِ هِنْدٍ الْجَمَلِيِّ قَالَ : قَالَ عَلِيٌّ : کُنْتُ إِذَا سَأَلْتُ رَسُوْلَ اﷲِ صلي الله عليه وآله وسلم أَعْطَانِي، وَ إِذَا سَکَتُّ ابْتَدَأَنِي.


رَوَاهُ التِّرْمِذِيُّ وَالنَّسَائِيُّ.         وَقَالَ أَبُوعِيْسَي : هَذَا حَدِيْثٌ حَسَنٌ.

’’حضرت عبداﷲ بن عمر و بن ہند جملی کہتے ہیں کہ حضرت علی رضی اللہ عنہ نے فرمایا : اگر میں حضور نبی اکرم صلی اللہ علیہ وآلہ وسلم سے کوئی چیز مانگتا تو آپ صلی اللہ علیہ وآلہ وسلم مجھے عطا فرماتے اور اگر خاموش رہتا تو بھی پہلے مجھے ہی دیتے۔‘‘ اس حدیث کو امام ترمذی اور نسائی نے روایت کیا اور امام ترمذی نے فرمایا کہ یہ حدیث حسن ہے۔
حضرت عبد الله بن عمرو بن هند چوي ٿو ته حضرت علي رضي الله عنه فرمايو؛ جيڪر آئون ڪا شيء حضور صلي الله عليه و آله وسلم کان گھرندو هئس ته پاڻ مون کي عطا ڪندا هئا ۽ جيڪر خاموش رهندو هئس تڏهن به سڀني کان اڳ مون کي ئي ڏيندا هئا”

Wednesday, June 9, 2021

مدنيء صه جا موتي؛ نبي صلي الله عليه و آله وسلم سان نسبت

 


عَنْ سَعْدِ بْنِ أبِي وَقَّاصٍ، قَالَ : خَلَّفَ رَسُوْلُ اﷲِ صلي الله عليه وآله وسلم عَلِيَّ بْنَ أبِي طَالِبٍ، فِي غَزْوَة تَبُوْکَ. فَقَالَ : يَارَسُوْلَ اﷲِ، أ تُخَلِّفُنِي فِي النِّسَاءِ وَالصِّبْيَانِ؟ فَقَالَ أمَا تَرْضَي أنْ تَکُوْنَ مِنِّي بِمَنْزِلَة هَارُوْنَ مِنْ مُوْسَي؟ إِلَّا أنَّهُ لَا نَبِيَّ بَعْدِي.             

 مُتَّفَقٌ عَلَيْهِ. وَ هَذَا لَفْظُ مُسْلِمٍ.

 ’’حضرت سعد بن ابی وقاص رضی اللہ عنہ بیان کرتے ہیں کہ حضور نبی اکرم صلی اللہ علیہ وآلہ وسلم نے غزوۂ تبوک کے موقع پر حضرت علی رضی اللہ عنہ کو مدینہ میں چھوڑ دیا، حضرت علی رضی اللہ عنہ نے عرض کیا : یا رسول اﷲ! کیا آپ مجھے عورتوں اور بچوں میں پیچھے چھوڑ کر جا رہے ہیں؟ آپ صلی اللہ علیہ وآلہ وسلم نے فرمایا : کیا تم اس بات پر راضی نہیں کہ میرے ساتھ تمہاری وہی نسبت ہو جو حضرت ہارون علیہ السلام کی حضرت موسیٰ علیہ السلام سے تھی البتہ میرے بعد کوئی نبی نہیں ہو گا۔‘‘             یہ حدیث متفق علیہ ہے اور مذکورہ الفاظ امام مسلم کے ہیں۔
اس حدیث کو امام ابن ابی شیبہ اور امام طبرانی نے روایت کیا ہے۔

”حضرت سعد بن ابي وقاص بيان ڪن ٿا ته حضور نبي ڪريم صلي الله عليه و آله وسلم غزوه تبوڪ جي موقعي تي حضرت علي رضي الله عنه کي مديني ۾ ڇڏي ڏنو.حضرت علي رضي الله عنه عرض ڪيو؛ يا رسول الله! ڇا توهان مون کي عورتن ۽ ٻارن ۾ پويان ڇڏي وڃي رهيا آهيو؟ پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ؛ ڇا تون ان ڳالهه تي راضي ناهين  ته مون سان تنهن جي نسبت اها ئي هجي جيڪا حضرت هارون عه جي حضرت موسيٰ عه سان هئي؟ البت مون کان پوء ڪو نبي نه ايندو”

Monday, June 7, 2021

مدنيء صلي الله عليه و آله وسلم جا موتي؛سڀني کان پهرين ايمان


 

عَنْ أَبِي حَمْزَة : رَجُلٍ مِنَ الْأنْصَارِ، قَالَ : سَمِعْتُ زَيْدَ بْنَ أَرْقَمَ يَقُوْلُ : أَوَّلُ مَنْ  أَسْلَمَ عَلِيٌّ. ( رَوَاهُ التِّرْمِذِيُّ وَأَحْمَدُ وَالْحَاکِمُ.) 

ایک انصاری شخص ابو حمزہ سے روایت ہے کہ میں نے حضرت زید بن ارقم رضی اللہ عنہ کو فرماتے ہوئے سنا کہ سب سے پہلے حضرت علی رضی اللہ عنہ ایمان لائے۔‘‘ 
اس حدیث کو امام ترمذی، احمد اور حاکم نے روایت کیا ہے اور حاکم نے فرمایا کہ یہ حدیث حسن صحیح ہے۔
هڪ انصاري شخص ابو حمزه کان روايت آهي ته مون حضرت زيد بن ارقم رضي الله عنه کي فرمائيندي ٻڌو ته سڀني کان پهرين حضرت علي رضي الله عنه ايمان آندو.“


Monday, May 10, 2021

تصوف تي اعتراضن جي حقيقت.( حصو آخري)

شفيق الرحمان شاڪر

اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم جي برڪت ڀري ذات هر لحاظ کان ڪامل ۽ اڪمل،سمورن سهڻن گڻن جو مجموعو،سمورن عقلي ۽ نقلي علمن جو سرچشمو هئي.پاڻ هڪ ئي وقت استاد به هئا ۽ مجاهد پڻ،فقير به هئا ته غني پڻ.رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم بعد ڪو به شخص سندن جهڙو باڪمال ٿي نٿو سگھي ۽ الله تعاليٰ سندن تعليم کي قيامت تائين زنده رکڻ گھري ٿو.ان ڪري پاڻ ڪريمن صلي الله عليه وسلم جي شخصيت جي مختلف پهلوئن کي روشن رکڻ لاء مختلف وقتن ۾ مختلف شخصيتون پيدا ڪيون.جيڪر قرئت ۽ تجويد جي فن کي زنده رکڻ لاء قاري پيدا ڪيا ته حديثن کي محفوظ رکڻ لاء حديث جا امام جيئن امام بخاري،امام مسلم وغيره پيدا ڪيا.فقي جي فن کي زنده رکڻ لاء امام ابو حنيفه،امام شافعي،امام مالڪ ۽ امام احمد بن حنبل رحمهم الله عليه جهڙا امام پيدا ڪيا.انهن سمورن امامن،بزرگن ۽ اڪابرن جو مقصد رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم جي تٿليم جي ڪنهن نه ڪنهن حصي جي خدمت ڪرڻ آهي.بلڪل اهڙي نموني باطني طهارت ۽ پاڪيزگي حاصل ڪرڻ جي علم جو وارث انهن صوفيا ڪرام کي بنيايو ويو.
هڪ اعتراض اهو ڪيو ويندو آهي ته تصوف ۾ هر عمل کي ٻن صورتن ۾ ورهايو ويندو آهي هڪ ظاهري ۽ ٻي باطني،اهڙيء طرح علم جا به ٻه قسم بيان ڪيا ويندا آهن هڪ ظاهري ۽ ٻي باطني.جڏهن ته رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم جي دور ۾ جيڪي ڪجهه هو سو ظاهر هو.ان اعتراض جو جواب اهو آهي ته ظاهر ۽ باطن تصوف جو هڪ اصطلاح آهي.پهرين ان جو مفهوم سمجھڻ گھرجي.علم ظاهر مان مراد انهن شين جو علم يا انهن عملن جو علم آهي جن جو تعلق انسان جي ظاهري عضون سان هجي ۽ علم باطن مان مراد انهن حڪمن يا عملن جو علم جن جو تعلق باطني (لڪيل) عضون سان آهي ۽ ٻنهي قسمن جا حڪم قرآن ڪريم ۽ حديث مبارڪ ۾ گھڻائيء سان آيل آهن.مثال رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم ريا،بغض ۽ حسد رکڻ کان سختيء سان منع فرمائي آهي جڏهن ته انهن شين جو تعلق صرف انسان جي دل سان آهي.الله تعاليٰ پاڻ پنهن جي ڪلام ۾ فرمايو ته ”جنهن ڏينهن مال ۽ اولاد ڪم نه ايندو سواء ان جي جيڪو سلامت دل کڻي ايندو.“ ( سورت شعراء) ٻئي هنڌ فرمايو ويو؛ ”بيشڪ ڪامياب ٿيو اهو ماڻهو جنهن پنهنجي نفس جي پاڪائي ڪئي ۽ رب جو نالو وٺي نماز پڙهيائين“ (سورت اعليٰ)
ته انهن ڳالهين جو تعلق رڳو باطن سان آهي.اهل تصوف وٽ اهو علم آهي جنهن ذريعي قلب سليم ۽ نفس جي پاڪائي حاصل ڪري سگھجي ٿي،انهيء ئي علم کي علم باطن چيو وڃي ٿو.ڪجهه عمل اهڙا آهن جيڪي پنهن جي اندر ٻه حيثيتون رکن ٿا.هڪ جو تعلق ظاهر سان جڏهن ته ٻئي جو تعلق باطن سان آهي.مثال؛ نماز جي باري ۾ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته ” نماز پڙهڻ وقت پنهنجو منهن ڪعبت الله شريف طرف ڪريو،ڪپڙا پاڪ رکو وغيره انهن حڪمن جو تعلق رڳو ظاهري عضون سان آهي ۽ نماز جي باري ۾ ئي نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته نماز ۾ ڏيکاء نه هجي يا فرمايو ويو ته خدا جي عبادت اهڙيء طرح ڪر ڄڻ ته تون هن کي ڏسي رهيو آهين.انهن حڪمن جو تعلق باطن سان آهي.هاڻي صوفي سڳورن جو خيال آهي ته انساني باطن جي ايتري ترقي ٿئي جو هو ”خدا کي سامهون ڏسڻ“ جي ان مقام کي حاصل ڪري سگھي.هاڻي شعور رکندڙ ڪو به ماڻهو علم باطن کي شرعي علم کان ڪيئن  نه ٿو چئي سگھي!
وڌيڪ اعتراض اهو به ڪيو وڃي ٿو ته صوفي سڳورن وٽ ڪجهه ٻيا به تصور آهن جهڙوڪ طريقت،حقيقت ۽ معرفت وغيره جڏهن ته هڪ مسلمان لاء رڳو شريعت جي اطاعت لازمي آهي ۽ شريعت ئي سڀ ڪجهه آهي؟انهيء اعتراض تي اچڻ کان اڳ انهن اصطلاحن جو مختصر نموني مطلب سمجھي وٺڻ گھرجي.”حقيقت “ مان مرادشريعت جي حقيقت آهي،اها حقيقت ڪيئن معلوم ڪجي انهيء طريقي کي ”طريقت“ چئجي ٿو.مثال نماز جي لاء مختلف قسم جا حڪم مليل آهن.ڪن جو تعلق ظاهري عضون سان ۽ ڪن جو تعلق باطن سان آهي.هاڻي ڪامل نماز اها آهي جنهن ۾ اهي سمورا حق ادا ڪيا ويا هجن ۽ جيڪو نماز جو اصل مقصد آهي اهو حاصل ڪيو وڃي.ڪو شخص نماز جي ظاهري حڪمن کي پورو ڪري ٿو،ان جا ڪپڙا ۽ جسم پاڪ آهن،قبلي طرف منهن به آهي هاڻي ظاهري طور تي اسان ان کي نمازي ئي چونداسين پر جيڪر هن جي دل ۾ ريا آهي يا هن جي دل نماز ۾ حاصر ناهي ته حقيقت ۾ اهو نمازي ناهي يا گھٽ ۾ گھٽ ان جي اها نماز ڪامل ناهي.هاڻي ان نماز کي ڪامل بنائڻ جو حڪم به شريعت ۾ موجود آهي.بزرگن اهڙا طريقا جوڙيا آهن جن کي اختيار ڪرڻ سان دل ۾ خشوع ۽ خضوع ۽ نيت جو اخلاص حاصل ٿئي ٿو ۽ اهڙي نماز کي حقيقي نماز سان تعبير ڪيو وڃي ٿو.ان حقيقت کي حاصل ڪرڻ ئي حقيقت ۽ ان حقيقت تائين پهچڻ جي طريقي کي طريقت چئجي ٿو.ڇا اڃا به ڪو عقل رکندڙ اهو چئي سگھي ٿو ته حقيقت ۽ ظريقت قرآن يا شريعت جي خلاف آهن؟جڏهن ته انهن کي حاصل ڪرڻ جو حڪم قرآن ۽ حديثن جي قطعي نصن سان واضح آهن.ان ڳالهه کي حضرت امام رباني مجدد الف ثاني رحمت الله عليه هن طرح بيان ڪيو آهي ته شريعت ٽي جزا يا حصا آهن.پهريون علم،ٻيو عمل ۽ ٽيون اخلاص. عمل سواء علم بيڪار ۽ اخلاص سواء عمل بيڪار آهي.علم ۽ عمل جو مقصد ئي اخلاص حاصل ڪرڻ آهي.طريقت ۽ حقيقت شريعت جون خادم آهن.طريقت ۽ حقيقت جو مقصد شريعت جي تڪميل آهي.البت اها ڳالهه ضروري آهي ته شريعت جي حقيقت حاصل ڪرڻ لاء جيڪو به طريقو جوڙيو وڃي اهو يا ته قرآن ۽ حديث سان ثابت هجي يا وري قرآن ۽ حديث جي خلاف نه هجي.جيستائين معرفت جو سوال آهي ان مان مراد الله جي معرفت آهي.قرآن ڪريم ۾ هنڌ هنڌ تي ان جو حڪم آهي يا وري نفس جي معرفت آهي جيئن مشهور قول آهي ته جنهن پنهنجي نفس کي سڃاتو تنهن خدا کي سڃاتو.حقيقت،طريقت ۽ معرفت جي معنيٰ سمجھڻ کان پوء هر عقلمند اهو فيصلو ڪري سگھي ٿو ته انهن مان ڪهڙي شيء شريعت جي خلاف آهي؟
ڪجهه تصوف تي اعتراض ان انداز ۾ ڪن ٿا ته پنهنجو پاڻ کي صوفي سڏائيندڙن جي ڪردار  ۽ ڪجهه ڳالهين طرف نظر ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو انهن ڳالهين جو اسلام سان ڪو تعلق ڪونهي ته پوء اهڙن ماڻهن جي طريقي کي ڪيئن صحيح سمجھجھي؟ ڳالهه اها آهي ته ڪنهن شخص جي ذاتي برين حرڪتن يا غلط ڪمن سبب ڪنهن نظريي کي ئي غلط چوڻ سڌو سئون جهل آهي.اڄ اڪثر مسلمانن جا عمل اهڙا آهن جيڪي اسلام جي خلاف آهن ته ڇا ڪجهه مسلمانن جي غلط عملن جي ڪري اسان اسلام کي ئي معاذ الله برو ڀلو چوڻ لڳنداسين؟بلڪه انهن مسلمانن جي باري ۾ چيو ويندو ته انهن جا عمل اسلام جي خلاف آهن.ڇا جيڪر ڪو عالم برو ڪم ڪري ته علم ئي برو چيو ويندو؟بلڪل اهڙيء طرح جاهل ۽ دنيا پرست صوفين کي ڏسي ڪري تصوف کي برو چئي نٿو سگھجي.
هڪڙا دوست اهو اعتراض ٿا ڪن ته حديث ۾ آهي ته اسلام ۾ ڪا رهبانيت ناهي.جڏهن ته صوفي ازم ته رهبانيت جي هڪ تصوير آهي ان ڪري اهو اسلام جي خلاف آهي.اهو اعتراض به صحيح ناهي.رهبانيت ۾ ته بندن جي حقن جو مڪمل خاتمو ٿي وڃي ٿو جڏهن ان جي ابتڙ تصوف بندن جا حق پوريء طرح ادا ڪرڻ جو درس ڏئي ٿو.ياد رکڻ گھرجي ته اسلام کان اڳ ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون هيون جن جو بنياد ته ڪنهن وڻندڙ حقيقت تي هو پر بعد ۾ ماڻهن پنهنجي طرفان انهن ۾ گھٽ وڌائي ڪري ڇڏي.رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم دنيا کي انهن ڳالهين جو طريقو افراظ ۽ تفريط کان هٽي ڪري سيکاريو.مثال نماز،روزو،حج وغيره اسلام کان اڳ به موجود هئا پر انهن جو صحيح تصور دنيا کان غائب ٿي چڪو هو.بعد ۾ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم انهن جي صحيح تصوير پيش ڪئي.اهڙيء طرح رهبانيت جي باري ۾ الله تعاليٰ سوره حديد ۾ فرمايو ته” انهن جي پيروي ڪندڙن جي دلين ۾ اسان نرمي ۽ رحمت رکي آهي ۽ رهبانيت اختيار ڪرڻ،ته انهن اها ڳالهه پنهن جيطرفان دين ۾ وڌي،اسان انهن تي مقرر نه ڪئي هئي،ها انهن اها بدعت الله جي رضا حاصل ڪرڻ لاء پيدا ڪئي پوء انهيء کي نه نڀايو.“
هن آيت مان معلوم ٿئي ٿو ته رهبانيت جي اصل وجود کي تبديل ڪيو ويو.جيڪر نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم منع فرمائي ته اها ان وقت تي موجود رهبانيت هئي.ان جي بدران نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم قرآن جي زبان سان نفس جي تزڪيي جو صحيح تصور ۽ صحيح طريقو پيش ڪيو.جيڪر ڪو شخص نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي ٻڌايل طريقي جي ابتڙ نفس جي تزڪيي جو ڪو طريقو اختيار ڪندو ته سندس نفس پاڪ ٿيڻ بدران وڌيڪ گندو ٿيندو.
هڪڙو اعتراض اهو به ڪيو وڃي ٿو ته هاڻوڪو دور مادي ترقيء جو دور آهي انهيء ۾ تصوف مان ڪهڙو فائدو ملڻو آهي؟ جواب اهو ته جيڪو شخص ان ڳالهه کي تسليم ڪري ٿو ته اسلام هر دور جي ضرورت آهي ته کيس اهو به مڃڻو پوندو تصوف به هر دور جي ضرورت آهي ڇوته تصوف اسلام جي مختلف جزن مان هڪ اهم جزو آهي.رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جي بعثت جي مقصدن ۾ تلاوت آيات ڪلام الله،ڪتاب الاهي جي تعليم،دانائيء جي تعليم ۽ نفس جي تزڪيي جو به ذڪر اچي ٿو.جهڙيء طرح ڪتاب جي تعليم سواء اسلام نامڪمل آهي اهڙيء طرح نفس جي تزڪيي سواء به اسلام نا مڪمل آهي ۽ تصوف جو بنيادي مقصد ئي نفس جو تزڪيو حاصل ڪرڻ آهي جيڪو الله جي رضا،الله جو قرب ۽ ديني دنيائي دعادت حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي.معلوم ٿيو ته تصوف کان سواء ڪوبه انسان ڪامل مسلمان بڻجي نٿو سگھي جيستائين ڪو ڪامل مسلمان نٿو بڻجي تيستائين اهو ڪامل انسان به بڻجي نٿو سگھي.
حقيقت اها آهي ته مسلمانن ۾ جيڪي به خاميون موجود آهن انهن جي سببن ۾ هڪ وڏو سبب اسان مان تصوف جي جزي جو غائب يا ڪمزور ٿيڻ به آهي.جيڪڏهن اهو پهلو اسان جي اندر مضبوط ٿئي ته اسان نه رڳو ديني پر دنيائي طور تي به ترقي ڪري سگھون ٿا.تصوف تي عمل ڪرڻ سان انسان مان تڪبر،حسد،حرص،هوس،بغض،ڪيني ۽ عداوت جون صفتون قابوء ۾ اچن ٿيون.پوري انسان ذات جي مدد،خدمت ۽ محبت جپ جذبو پيدا ٿئي ٿو.تنگ نظري ۽ تنگدلي ختم ٿئي ٿي.عمل ۽ روين ۾ نرمي ۽ اعتدال پيدا ٿئي ٿو.ماڻهن کي معاف ڪرڻ ۽ انهن تي ٻاجھه ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿئي ٿو.حقوق الله ۽ حقوق العباد بهتر نموني ادا ڪرڻ ۽ خدا جي اڳيان جوابدهيء جو احساس مضبوط ٿئي ٿو.سماج ۾ اتحاد،برابري،انصاف ۽ اجتماعيت جي سوچ پيدا ٿئي ٿي.عملن جو بنياد درست ٿئي ٿو ۽ نيتن ۾ خلوص پيدا ٿئي ٿو.سمورين عبادتن ،تلاوتن ۽ ورد وظيفن باوجود جيڪر اهي سموريون خاميون اڄ به مسلمانن ۾ موجود آهن ته پوء چئبو ته رڳو ظاهر تي زور آهي ۽ باطن جي سڌاري طرف ڪوبه ڌيان ناهي.باطن جو اهو سڌارو تصوف تي عمل ڪرڻ سان ئي حاصل ٿئي ٿو.جڏهن هر ڳمل الله جي رضا جي لاء هجي ۽ پوري انسان ذات کي خدا جو ڪٽنب سمجھيو وڃي ته پوء هر نيڪي ۽ هر عمل جون برڪتون  انسانذات تائين ڪيئن نه پهچنديون؟جڏهن باطن جي سڌاري ذريعي اسان جي ماڻهن خاص طور تي علماء ڪرام ۾ تواضع ۽ رواداري ايندي ته پوء هڪٻئي جي ڳالهه ٻڌڻ ۽ ٻئي جي راء جو احترام به پيدا ٿيندو ۽ دين ۾ تفرقو ۽ نفرتون ۽ عداوت پيدا نه ٿي سگھندي.
اسان وٽ هڪ مذهبي طبقو جيڪو پنهنجو پاڻ کي ”سلفي“ سڏائي ٿو اهو تصوف کي اسلام جو ضد ۽ مخالف ثابت ڪرڻ لاء سندرو ٻڌي بيٺل نظر اچي ٿو ۽ پنهنجا سمورا وسيلا ۽ ذريعا استعمال ڪري ماڻهن کي باور ڪرائي ٿو ته صوفيا ۽ تصوف هڪ شرڪيه،ڪفريه ۽ بدعتي سلسلو آهي ۽ صوفيا ڪرام اسلام جا دشمن ۽ باطل عقيدا رکندڙ ماڻهو آهن.اهي ماڻهو پنهنجي سلفي مسلڪ جو بنياد شيخ الاسلام امام ابن تيمه رحه ۽ سندن شاگرد امام ابن قيم رحه جي تعليم ۽ تحقيق تي رکن ٿا ۽ ماڻهن کي چون ٿا ته انهن ٻنهي بزرگن جو مسلڪ قرآن ۽ سنت جي مطابق آهي پر پنهنجي ان دعويٰ ۾ اها سچا ناهن ڇوته جن ٻن بزرگن جو حوالو ڏيئي اهي انهن صوفيا ڪرام ۽ تصوف جي خلاف زهر اوڳاڇين ٿا  اهي ٻئي بزرگ تصوف ۽ صفي سڳورن جي تعريف ۽ توصيف ڪن ٿا.اهي ته صفي سڳورن جي پيرويء کي نجات ۽ سعادت جو سبب سمجھن ٿا.قول ۽ فعل جي ان تضاد کي ڇا چئجي،منافقت،جهالت يا رڳو ضد ۽ تعصب؟اهي سمورا معاملا جن جي ڪري اهي ماڻهو انهن عالمن، بزرگن ۽ صوفين کي ڪافر،مشرڪ ۽ گمراه چون ٿا اهي سموريون ڳالهيون ته امام ابن تيمه ۽ امام ابن قيم جي تعليم ۾ به موجود آهن.ضروري محسوس ٿئي ٿو ته هتي انهن جي تعليم جا ڪجهه حوالا ڏجن.
تصوف جي شروعات جي باري ۾ ابن تيميه رحه فرمائي ٿو ته سڀ کان پهرين صوفيء جو نالو ابو هاشم الڪوفيء کي ڏنو ويو جيڪو ڪوفي ۾ پيدا ٿيو ۽ پنهنجي گھڻي زندگي شام ۾ گذاريائين ۽ 160 هجريء ۾ هن جي وفات ٿي ۽ سڀ کان اڳ تصوف جي نظريي جي تعريف ۽ تشريح ذالنون مصري رحه ڪئي جيڪو امام مالڪ رحه جو شاگرد هو ۽ سڀ کان اڳ جنيد بغدادي رحه تصوف کي جمع ۽ نشر ڪيو.ابن تيميه رحه جي نزديڪ ”صوفي حقيقت ۾ صديقن جو هڪ قسم آهي،اهو صديق جيڪو زهد ۽ عبادت جي ڪري مشهور ٿئي انهيء طريقي تي جنهن طريقي تي ٻين صوفين عبادت ۽ رياضت ڪئي ته اهڙي ماڻهوء کي اهل طريقت وٽ صديق چيو ويندو جهڙيء طرح چيو ويندو آهي ته صديق العلماء يعني عالمن ۾ صديق.( مجموع الفتاويٰ)
لفظ فقر ۽ تصوف جي تشريح ڪندي علامه ابن تيميه لکن ٿا ” لفظ فقر ۽ تصوف ۾ جيڪو الله ۽ رسول جي وڻندڙ ڳالهين ۾ شامل آهي انهن تي عمل جو حڪم ڏنو ويندو توڙي جو انهن جو نالو فقر ۽ تصوف ئي هجي ڇو ته ڪتاب ۽ سنت انهن عملن جي مستحب هئڻ تي دلالت ڪن ٿا ان ڪري اهي عمل مستحب جي دائري کان ٻاهر نه سمجھيا ويندا رڳو نالا بدلجڻ جي ڪري،جيئن ته فقر ۽ تصوف ۾ اعمال قلبي  جيئن توبه،صبر، شڪر،رضا،خوف،اميد،محبت ۽ سهڻا اخلاق به شامل آهن.( مجموع الفتاويٰ)
اولياء الله جي تعريف ۾ لکن ٿا ” اولياء الله اهي متقي مومن آهن چاهي ڪو انهن کي فقير،صوفي،عالم،فقيهه يا تاجر يا ڪاريگر يا امير يا حاڪم وغيره سڏي.“ ( مجموع الفتاويٰ)
قلبي عملن جي تشريح ڪندي امام ابن تيميه لکن ٿا ” اهي قلبي عمل جن جو نالو ڪجهه صوفي احوال يا مقامات يا منازلين السائرين يا مقامات العارفين رکن ٿا انهن ۾ اهي سڀ عمل آهن جيڪي الله ۽ رسول فرض ڪيا آهن ڪجهه اهي عمل آهن جيڪي فرض ته ناهن پر پسنديده آهن ان ڪري انهن تي ايمان مستحب ۽ فرض عملن تي ايمان فرض آهي.جنهن فرض تي ڪفايت ڪئي اهي ابرا يعني نيڪ ماڻهن مان ۽ اصحاب اليمين مان آهن ۽ جن ٻنهي کي جمع ڪيو اهي مقربن صادقن مان آهن.( مجموع الفتاويٰ)
ابن تيميه رحه تصوف جي بزرگن جي تعريف ۾ لکن ٿا ” سالڪن مان سڌي رستي تي هلڻ وارا جيئن جمهور مشائخ سلف مان فضيل بن عياض ۽ ابراهيم بن ادهم،ابو سليمان داراني ۽ معروف ڪرخي،سري سقطي ۽ جنيد بن محمد وغيره آهن اهي سڀ بزرگ پهرئين زماني جا آهن ۽ انهن کان بعد شيخ عبدالقادر جيلاني،شيخ حماد،شيخ ابي البيان وغيره آهن.اهي سمورا بزرگ سالڪ لاء اهو جائز نه سمجھندا هئا ته هو شريعت کان ٻاهر نڪري وڃي توڙي جو سالڪ هوا ۾ اڏامي يا پاڻيء تي هلي بلڪه سالڪ لاء مرڻ گھڙيء تائين مامورات تي عمل ڪرڻ ۽ محظورات کي ترڪ ڪرڻ فرض آهي ۽ اهو ئي اهو حق آهي جنهن تي قرآن،سنت ۽ اجماع سلف دلالت ڪري ٿو ۽ ان قسم جون ئي نصيحتون انهن بزرگن جي ڪلام ۾ گھڻيون آهن.“ (مجموع الفتاويٰ)
شيخ ابن تيميه جي نزديڪ شيخ عبد القادر جيلاني رحه ۽ شيخ جنيد بغدادي رحه تصوف جا امام آهن ۽ اهي بزرگ امر و نهي کي سڀني کان گھڻو مضبوط پڪڙڻ وارا هئا ۽ ماڻهن کي به ان جي نصيحت ڪندا هئا.جنيد بغدادي رحه ۽ ان جهڙا ٻيا بزرگ هدايت جا امام آهن ۽ جيڪو ان باري ۾ انهن جي مخالفت ڪري اهو گمراه آهي. ( مجموع الفتاويٰ)
شيخ الاسلام فرمائي ٿو ته صوفي سڳورن جي لفظن ۽ اصطلاحن کي انهن کان سواء ٻيو ڪوبه نٿو ڄاڻي.انهن جي ڪجهه عبارتن کي ظاهري طور تي سمجھي نٿو سگھجي ان ڪري انصاف جي گھرج اها آهي ته انهن جي عبارتن جي صحيح معنيٰ ورتي وڃي،جيئن فنا،شهود ۽ ڪشف وغيره (مجموع الفتاويٰ)
ابن تیمیہ رح جي نزديڪ صوفياء ڪرام جي طرف ماڻهن غلط ڳالهيون منسوب ڪيون آهن.اهل معرفت صوفين مان ڪنهن هڪ جو به اهو عقيدو ناهي ته الله تعاليٰ هن ۾ يا ڪنهن ٻي مخلوق ۾ حلول  يا اتحاد ڪري ويو آهي.صوفيا ڪرام انهن قسمن جي باطل عقيدن کان پاڪ آهن.اهي هن امت جا سچا ماڻهو آهن،اهي حلول يا اتحاد وغيره جو عقيدو نٿا رکن بلڪه ماڻهن کي انهيء کان منع ڪن ٿا ۽ ان عقيدي جي رد ۾ صوفيا ڪرام جو ڪلام موجود آهي.حلول جي عقيدي کي انهن فاسق ۽ نافرمان ماڻهن اختيار ڪيو جن صوفيا ڪرام جهڙو حليو بنايو ۽ ظاهري طور تي ولايت جي دعويٰ ڪئي. ( مجموع الفتاويٰ)
شيخ الاسلام جي شاگرد حافظ ابن القيم رحه پڻ تصوف جي باري ۾ لکيو آهي ته علم تصوف بندن جي اشرف ۽ افضل علمن مان آهي،علم توحيد بعد ان کان وڌيڪ اشرف ٻيو ڪو علم ناهي ۽  اهو علم تصوف شريف نفسن سان ئي مناسبت رکي ٿو.( طريق الهجرتين)
صوفين جا قسم بيان ڪندي حافظ ابن القيم رح فرمائي ٿو ته صوفين جا ٽي قسم آهن.پهريان صوفيا ارزق،ٻيا صوفياء رسوم ۽ ٽيان صوفياء حقائق.پهريان ٻه اهي آهن جيڪي سنت ۽ فقه جو علم رکندڙ ماڻهو انهن جي بدعتن کي ڄاڻن ٿا ۽ جيستائين صوفياء حقائق جو تعلق آهي ته اهي اهڙا ماڻهو آهن جن جي آڏو فقيهن ۽ متڪلمين جا سر جھڪيل آهن ۽ حقيقت ۾ صوياء حقائق ئي عالم ۽ حڪيم آهن. ( شرح منازل السائرين)
عارف بالله جي تعريف ۾ ابن قيم رحه لکن ٿا ته ڪجهه سلف چيو آهي ته عرف جي ننڊ  بيداري هوندي آهي،ان جو ساهه کڻڻ تسبيح ۽ عرف جي ننڊ غافل جي نماز کان افضل آهي.عارف جي ننڊ بيداري ان ڪري هوندي آهي جو ان جي دل زنده ۽ بيدار هوندي آهي،هن جون اکيون ستل هونديون آهن پر هن جو روح عرش جي هيٺان پنهنجي رب ۽ خالق آڏو سجدي ۾ هوندو آهي.ان جو جسم فرش تي هوندو آهي پر هن جو روح عرش جي آسپاس هوندو آهي.         ( مدارج السالڪين)
صوفين جي احوال ۽ اصطلاحن جي باري ۾ علامه ابن قيم رحه واضح ٿو ڪري ته صوفيا ڪرام مجمل ۽ متشابهه لفظ ڳالهائي انهن جي صحيح معنيٰ مراد ورتي پر جاهل ماڻهن انهن لفظن کي سمجھڻ ۾ غلطي ڪئي.خبردار! خوب سمجھي ڇڏيو ته صوفين جا اهڙا لفظ آزمائش آهن،ڪم علم ۽ ڪمزور معرفت وارو ماڻهو جڏهن اهي لفظ ٻڌي ٿو ته اهو انهن کي حلول،اتحاد ۽ شطحات سمجھڻ لڳي ٿو حالانڪ صوفين عارفن ان قسم جا لفظ ڳالهائي صحيح معنيٰ مراد ورتي آهي.جاهل ماڻهن انهن جو صحيح مطلب ۽ مراد سمجھڻ ۾ غلطي ڪئي ۽ صوفياء ڪرام کي ملحد ۽ ڪافر قرار ڏنو. ( مدارج السالڪين)
ابن قيم رحه جي نزديڪ فنا جو لفظ جيڪو صوفيا ڪرام استعمال ڪن ٿا ان جو مطلب اهو آهي ته بندي جي نظرن مان سموري مخلوق نڪري وڃي  ۽ رڳو حق تعاليٰ جي ذات سندس نظرن ۾ باقي رهي.پوء مشاهدن جون سڀ صورتون به سندس نظرن مان غائب ٿي وڃن پوء انهن جو شهود به غائب ٿي وڃي ۽ رڳو حق تعاليٰ جو مشاهدو رهجي وڃي.( مدارج السالڪين)
ابن تيميه رحه تبرڪ کي جائز سمجھي ٿو ۽ فرمائي ٿو ته امام احمد بن حنبل رحه تبرڪ کي جائز قرار ڏنو آهي.حضرت ابن عباد رضي الله عنه کان منقول آهي ته هو قرآن ۽ ذڪر جا ڪلمات لکندا هئا ۽ بيمارن کي پيارڻ جو حڪم ڏيندا هئا.ان ۾ دليل آهي برڪت جو ۽ اهو پاڻي به بابرڪت آهي جنهن سان پاڻ صلي الله عليه وسلم جن وضو فرمايو ۽ اهو پاڻي حضرت جابر رضي الله عنه تي ڇڙڪيو ويو جو اهي بيمار هئا ۽ سمورا صحابي انهيء مان تبرڪ حاصل ڪندا هئا.(مجموع الفتاويٰ)
ابن تيميه رحه داڻن واري تسبيح استعمال ڪرڻ کي جائز ۽ صحابي سڳورن جو عمل ٻڌائي ٿو.هو ميت جي ايثال ثواب لاء تسبيح تڪبير ۽ ذڪر اذڪار کي به جائز سمجھي ٿو ۽ هن جي نظر ۾ انهن جو ٿواب ميت کي پهچي ٿو. (مجموع الفتاويٰ)
ابن تيميه رحه باطني علم جي باري ۾ فرمائي ٿو ته علم باطن دلين جي ايمان،عرفان ۽ احوال جو علم آهي ۽ اهو علم آهي باطنياينان جي حقيقتن جو ۽ اهو باطني علم اسلام جي ظاهري عملن کان افضل ۽ اشرف آهي.(مجموع الفتاويٰ)
اولياء ڪرام جي ڪرامتن ۽ ڪشف جي باري ۾ ابن تيميه رحه لکي ٿو ته اهل سنت والجماعت جي اصولن مان آهي ته اولياء الله جي ڪرامتن جي تصديق ڪرڻ ۽ انهن جي هٿان جيڪي خوارق عادات شيون ظاهر ٿين ٿيون انهن جي تصديق ڪرڻ.(مجموع الفتاويٰ)
شيخ الاسلام جو شاگرد ابن مفلح رحه فرمائين ٿا ته اسان جي شيخ يعني ابن تيميه رحه فرمايو ته ان متعلق ڪيتريون ئي حديثون آهن ته ميت جا مٽ مائٽ جيڪي دنيا ۾ آهن انهن جا احوال ميت آڏو پيش ڪيا وڃن ٿا ۽ ميت انهن کي ڄاڻي ٿي ۽ ان باري ۾ به آثار آهن ته ميت ڏسي ٿي ۽ جيڪي ڪجهه ميت آڏو ٿئي ٿو ان کي اها ڄاڻي ٿي،جيڪر سٺو ڪم ڪيو وڃي ته ان تي ميت خوش ٿئي ٿي ۽ جيڪر برو ڪم ڪيو وڃي ته ميت کي تڪليف ٿئي ٿي.(ڪتاب الفروع)
”ڪتاب الروح“ حافظ ابن القيم رحه جو ڪتاب آهي ان ڪتاب ۾ ارواح ۽ اموات جي باري ۾جيڪي حالات ۽ واقعات بيان ڪيا ويا آهن ڪنهن ٻئي ڪتاب ۾ اوهان کي ان تفصيل سان نه ملندا ۽ ان ڪتاب ۾ اهو سڀ ڪجهه آهي جنهن کي بنياد بنائي اهي نام نهاد سلفي ٻين عالمن کي مشرڪ ۽ بدعتي چون ٿا.جڏهن انهن کي ان ڪتاب جا حوالا ڏنا وڃن ٿا ته چوڻ لڳن ٿا ته اهو ڪتاب امام ابن القيم جو آهي ئي ڪونه حالانڪه اهو ڪتاب اصل ۾ امام ابن القيم جو ئي آهي جو هن پنهنجن ٻين ڪتابن ۾ پاڻ ان ڪتاب جو حوالو ڏنو آهي.
ابن قيم رحه شيخ الاسلام ابن تيمييه رحه جي باطني فراست جو ذڪر ڪندي فرمائي ٿو ته مون شيخ الاسلام جي فراست جا عجيب معاملا ڏٺا...ابن تيميه 699 هجري ۾ پنهنجن ساٿين کي خبر ڏني ته ملڪ شام ۾ تاتاري داخل ٿيندا ۽ مسلمانن جي لشڪر کي فتح ملندي..اها خبر ابن تيميه رحه تاتارين جي تحريڪ کان اڳ ڏني هئي ۽ نيٺ ايئن ئي ٿيو.( مدارج السالڪين)
”مدارج السالڪين“ ابن القيم رحه جو ڪتاب آهي ۽ اهو ڪتاب ”منازل السائرين“ جي شرح آهي جنهن جو مصنف علامه ابو اسمائيل عبدالله بن محمد الانصاري الهروي الحنبلي الصوفي آهي ۽ اهو سڄو ڪتاب تصوف ۽ تصوف جي مسئلن تي مشتمل آهي.علامه ابن القيم رحه ان ڪتاب جي شرح ٽن جلدن ۾ لکي ۽  ان صوفي بزرگ جي وڏي تعريف ڪئي آهي.هاڻي اهي ماڻهو جيڪي تصوف کي بدعت ۽ شرڪ چون ٿا اهي امام ابن القيم رحه تي ڪهڙي فتويٰ هڻندا؟
حافظ عمر بن علي البزار امام ابن تيميه جو شاگرد آهي فرمائي ٿو ته مون شيخ الاسلام جي اها عادت ڏٺي ته نماز فجر بعد ساڻس ڪوبه فضول ڳالهه ٻولهه نه ڪندو هو،ان وقت پاڻ ذڪر ۾ مشعول رهندو هو ڪڏهن ڪڏهن هن سان گڏ ويٺل به هن جو ذڪر ٻڌندا هئا ۽ ان دوران بار بار آسمان ڏانهن نظر ڦيريندا هئا،سج اڀرڻ تائين سندن اهو ئي طريقو هوندو هو.( الاعلام العليه في مناقب ابن تيميه)
بيشڪ شيخ الاسلام ان خاص وقت ۾ جيڪو خاص وظيفو پنهنجي لاء مقرر ڪري رکيو هو اهو ان طريقي سان ڪنهن حديث مان ته ثابت ناهي پوء اهي ماڻهو جيڪي ورد وظيفن ءٌ ذڪر فڪر کي صوفين طرفان گھڙيل بدعت ٿا سڏين،شيخ الاسلام جي ان وظيفي کي ڇا سڏيندا؟
حافظ البزار پنهنجي ان ڪتاب ۾ ئي شيخ الاسلام جي ڪشف ۽ ڪرامتن جو به ذڪر ڪري ٿو.فرمائي ٿو ته ڪجهه اهڙيون ڪرامتون هيون جن جو مون پاڻ مشاهدو ڪيو،انهن مان هڪ اها آهي جو ڪجهه عالمن سان ڪنهن معاملي ۾ منهن جو اختلاف ٿي پيو ۽ بحث ڊگھو ٿي ويو.اسان فيصلو ڪيو ته شيز الاسلام ڏانهن وڃون ٿا ۽ ان کان معاملو پڇون ٿا.اسان جڏهن شيخ الاسلام وٽ حاصر ٿي سوال ڪرڻ جو ارادو ڪيو ته سوال ڪرڻ کان اڳ ئي شيخ الاسلام پاڻ ئي انهن سوالن جا جواب ڏيڻ شروع ڪري ڏنا..آئون ۽ ٻيا ساٿي جيڪي اتي موجود هئاسين حيران ٿي وياسين ته ڪيئن شيخ کي ڪشف ٿيو ۽ اسان جي دلين ۾ جيڪي ڪجهه هو الله تعاليٰ هن تي ظاهر ڪري ڇڏيو. ( الاعلام العليه)
علامه ابن عبدالهادي المقدسي پنهنجي ڪتاب ۾ شيخ الاسلام جي وفات جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ماڻهن تبرڪ حاصل ڪرڻ لاء شيخ الاسلام جي ميت تي ونهن جا رومال ۽ پٽڪا وجھي ڇڏيا هئا،جنازو شيخ الاسلام جي ڀاء زين الدين عبدالرحمان پڙهايو ۽ شيخ کي ”مقبره صوفيه“ ۾ دفن ڪيو ويو.(العقود الدريه في سيرت ابن تيميه)
تصوف ۽ ان متعلق ڪجهه قول شيخ الاسلام ابن التيميه ۽ ابن القيم جي ڪتابن مان نقل ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته اهي ماڻهو جيڪي انهن ٻنهي بزرگن کي پنهنجو امام تسليم ڪن ٿا پر انهن جي تعليم کان جاهل آهن اهي تصوف ۽ صوفين کي اجايو طعن ۽ تشنيع جو نشانو بنائڻ کان پاسو ڪن ۽ ڪجهه جاهلن جي پيرويء ۾ پنهنجي آخرت برباد نه ڪن.
تصوف ۽ صوفين تي ٿيندڙ اعتراضن جو جائزو وٺڻ بعد آخر ۾ مناسب معلوم ٿئي ٿو ته انهن صوفي بزرگن جي تعليم مان به ڪجهه بنيادي شيون بيان ڪيون وڃن جن بزرگن تي معاذ الله بدعتي ۽ شريعت جي خلاف مسلڪ اختيار ڪرڻ جا الزام هنيا ويا آهن.افسوس جي ڳالهه اها جو جن به ماڻهن تصوف يا صوفين کي تنقيد،اعتراضن ۽ الزامن جو نشانو بنايو آهي انهن مان گھڻن ته انهن بزرگن جي تعليم پوريء طرح پڙهي ئي ناهي،رڳو ٻڌل سڌل ڳالهين تي تصوف کي اسلام کان خارج ڪرڻ تي سندرو ٻڌي بيٺل نطر اچن ٿا.اهي جيڪڏهن تعصب جو چشمو لاهي انهن بزرگن جي تعليم جو ڪجهه به مطالعو ڪيو هجي ها ته اهي اهڙيون فتوائون هرگز نه ڏين ها ۽ تصوف کي بدعت ۽ شرڪ هرگز نه چون ها.تصوف جي ميدان ۾ جيڪي ڪتاب اڄ تائين لکيا ويا آهن اهي سڀ ان وحداني علم،توحيد خداوندي ۽ باطني اصلاح جي خزانن سان ڀريا پيا آهن.هتي اسان صرف هڪ اهڙي ڪتاب مان حوالو ڏيون ٿا جيڪو ڪتاب تصوف جي ميدان ۾ بنيادي دستور جي حيثيت رکي ٿو.اهو ڪتاب آهي ” عوارف المعارف“ جيڪو حضرت شيخ شهاب الدين سهروردي رحه جو لکيل آهي.ان ڪتاب ۾ پاڻ فرمائين ٿا ته ”هڪ گمراه جماعت پنهنجو پاڻ تي ملامتيه جو نالو رکي صوفين جهڙو لباس پاتو آهي ته جيئن اهي صوفي سڏجن.حالانڪه انهن جو صوفيت سان ڪوبه تعلق ناهي بلڪه اهي دوکي ۽ فريب ۾ مبتلا ٿي صوفين جهڙو لباس اختيار ڪري ويٺا آهن.... جيڪڏهن اسان ڏسون ته ڪو شرعي حدن ۾ سستي ڪري رهيو آهي ۽ فرض نمازن جي ادا ڪرڻ کان غافل آهي،تلاوت قرآن ۽ نماز روزي ۾ ان کي مزو نٿو اچي ۽ اڻ وڻندڙ ڪمن وارين جاين ۾ داخل ٿئي ٿو ته اسين ان کي رد ڪري ڇڏينداسين ۽ هن جي اها دعويٰ قبول نه ڪنداسين ته هن جو باطن پاڪ آهي.حضرت جنيد بغدادي رحه جو واقعو مشهور آهي ته پاڻ ڪنهن ماڻهوء سان معرفت جو ذڪر ڪري رهيا هئا ته اهو شخص چوڻ لڳو ته اهل معرفت تقويٰ ۽ نيڪي ڇڏي سڌا سنوان خدا جل شانه تائين پهتا آهن.پاڻ فرمايائون ته اهو ان جماعت جو قول آهي جيڪا ته نيڪ عمل ڪرڻ جي پابنديء کان اهي آزاد آهن. پر منهنجي نزديڪ اها تمام وڏي ڳالهه آهي،جيڪو ماڻهو چوري ۽ زنا ٿو ڪري اهو انهن کان وڌيڪ آهي جيڪي هن ڳالهه جا قائل هجن.ڇو ته اهل معرفت کي اهي عمل الله تعاليٰ کان ئي مليا آهن ۽ اهي انهن عملن سان ئي الله تعاليٰ ڏانهن واپس ويندا.....انهن گمراهن مان هڪ جماعت حلول جي قائل آهي،هو چون ٿا خدا تعاليٰ انهن جي اندر حلول ٿو ڪري...انهن جو اهو عقيدو عيسائين جي عقيدي لاهوت ۽ ناسوت مان ورتو ويو آهي ۽ انهن مان ڪي ماڻهو خوبصورت شين کي ڏسڻ جائز سمجھن ٿا،انهن کي اهي اشارا ڪجهه صوفين جي ڪلام ۾ ملن ٿا جيڪي هنن پنهن جي روحاني جذبن جي شدت ۾ چيا هئا،جيئن منصور الهلاج ”انا الحق“ چيو هو ۽ حضرت ابويزيد بسطامي رحه کان به نقل ڪيو وڃي ٿو ته هن ” سبحاني“ يعني آئون پاڪ آهيان چيو هو.حضرت بايزيد بسطامي رحه جي باري ۾ اسان اهو تصور ڪري ٿا سگھون ته انهن اهي لفظ پنهنجي لاء چيا هوندا؟...ان جي باوجود جيڪر اسان کي يقين ٿي وڃي ته ڪنهن به شخص اهي لفظ ڄاڻي واڻي ان معنيٰ ۾ استعمال ڪيا آهن ته خدا انهيء جي اندر داخل ٿي ويو آهي ته اسان ان کي رد ڪري ڇڏينداسين.ڇو ته رسول الله صلي الله عليه وسلم اسان جي سامهون اهڙي ته صاف ۽ واضح شريعت آندي آهي جنهن ذريعي هر غلط رستي تي هلندڙ کي سڌو ڪري سگھجي ٿو...خدا تعاليٰ ان ڳالهه کان پاڪ آهي ته هو ڪنهن ۾ حلول ڪري يا ڪو هن ۾ حلول ڪري….ممڪن آهي ته انهن ۾ فريب ۾ آيل ۽ گمراه شخصن ۾ قدرتي ذهانت ۽ ذڪاوت هجي،انهن باطني طريقي سان ڪاشيء ٻڌي ورتي هجي پوء پنهن جي فڪري قوت سان انهن لفظن کي ترتيب ڏيئي خدا سان منسوب ڪندا هجن.پوء هيئن چون ته خدا مون کي هيئن چيو،هونئن چيو... پر اها سڀ گمراهي آهي.... عيسائي راهب ۽ هندو برهمڻ به خلوت نشينيء جي اها ئي صورت اختيار ڪندا آهن پر اهي هدايت جي رستي تي نه پر هلاڪت جي رستي تي هلي رهيا آهن.ان ڪري انهن جا هي ڪم مڪر ۽ استدراج جي حيثيت رکن ٿا... طريقت جي راهه جو سالڪ اهڙن ڪشفن مان دوکو نه کائي ۽ کيس سمجھڻ گھرجي ته پاڻي ۽ هوا تي هلڻ مان ان وقت تائين ڪو فائدو ناهي جيستائين زهد ۽ تقويٰ جو پورو پورو حق ادا نه ڪيو وڃي.اهو درويش جيڪو رڳو ”خيال“ ۾ منجھي ويو هجي ...۽ پنهنجي خلوت نشينيء کي اخلاص ذريعي مضبوط نه ڪيو هجيس اهو باطل جي بنياد تي خلوت نشين آهي ۽ جڏهن دوکي ۽ فريب ذريعي اتان نڪرندو آهي ته عبادت کي حقير سمجھي ترڪ ڪري ڇڏيندو آهي،اهڙيء طرح الله تعاليٰ هن کان روحاني لذت کسي وٺندو آهي.۽ هن جي دل مان شريعت جي هيبت هلي ويندي آهي ۽ هو دنيا ۽ آخرت ۾ خوار ٿيندو.ان ڪري سچي طالب کي ذهن نشين ڪرڻ گھرجي ته خلوت نشينيء جو مقصد سٺن ڪمن ۾ وقت گذاري الله تعاليٰ جو قرب حاصل ڪرڻ آهي ۽ عضون ۽ خيالن کي برين ڳالهين کان بچائڻو آهي.“ (عوارف المعارف)
مٿين حقيقتن جي بيان مان معلوم ٿي چڪو ته تصوف يا طريقت نه ته دين  يا شريعت جي خلاف آهي ۽ نه ئي اهو دين يا شريعت کان ڪا الڳ شيء آهي بلڪه شريعت جي حڪمن تي پنهن جي اصل روح سان عمل ڪرڻ جو علم ۽ عمل آهي..والله اعلم بالصواب.