Sunday, March 31, 2019

“غريبن” لاء نئين وزارت غريبن کي مبارڪ هجي!



شفيق الرحمان شاڪر
ڪپتان حڪومت غريبن جو ”احساس“ ڪندي انهن لاء هڪ نئين وزارت قائم ڪرڻ جي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي، خبر ناهي ته اها وزارت غربت کي ملڪ مان هميشه لاء ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي يا مورڳو غريبن کي ئي اڳئين جهان جي ٽڪيٽ وٺائيندي.سمجهه ۾ نٿو اچي ته هاڻوڪن حڪمرانن کي ملڪ جا مسئلا سمجهه ۾ نٿا اچن يا وري اهي به ماضيء جي حڪمرانن جيان غريب عوام سان چٿرون ڪري رهيا آهن.پهرين خوشخبري ڏني ويئي ته غريبن کي پنجاهه لک گھر ۽ هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏنيون وينديون.اهو اعلان وقت جي ڪنهن لهر ۾ لڙهي ويو.وري عوام کي ٻڌايو ويو ته ڪجهه ڏينهن ۾ ملڪي معيشت اهڙي ته آسمان تي پهچندي  جو هر طرف خوشحالي ئي خوشحالي نظر ايندي،اها ”خوشحالي “ به سڀني ڏسي ورتي.تيل،گئس ۽ بجليء جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪري غريبن جي خوب خبر ورتي ويئي بعد ۾ فرمايو ويو ته گئس جي نامناسب بلن تي وزير اعظم جي ننڊ ڦٽي پيئي آهي ۽ هن حڪم ڏنو آهي ته صارفين کان گئس جي مد ۾ ڦريل پئسا ترت واپس ڪيا وڃن پر نوڪرشاهي ۽ تيل ۽ گئس واري وزير ان حڪم کي اهڙو ته پٺيء پويان اڇلايو جو اڃا تائين عوام کان ڦريل ڏوڪڙن مان ٽڪو به واپس ناهي ٿيو ان جي ابتڙ گئس جي اگھن ۾ وڌيڪ اضافي لاء سمري تيار ٿي چڪي آهي.ظاهر آهي ته ان قدم لاء به اهو ئي ماڻهن جي اکين ۾ ڌوڙ وجھڻ وارو بيان ڏنو ويندو ته انهن قيمتن وڌڻ سان غريبن تي ڪو اثر نه پوندو.سبحان الله! ڇا ته سٻاجھي حڪومت آهي جنهن جي طرفان ڪيل ڪنهن به قسم جي مهانگائيء جو غريبن تي ڪو به اثر نٿو پوي.وڌيڪ غريبن جي ”خدمت“ لاء باقائدي هڪ نئين وزارت قائم ڪئي ويئي آهي پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اڳ ۾  وزيرن ۽ مشيرن جي  جيڪا فوج ظفر موج موجود آهي اها ڪهڙي ڪم ۾ رڌل آهي،عوام ته انهن جا منهن ڏسڻ لاء ئي سڪي رهيو آهي ۽ جن مان ڪوبه ميڊيا تي اچي پنهن جي وزارت جي ڪارڪردگي  ٻڌائڻ لاء تيار ناهي البت ڪجهه وزير جيڪي ميڊيا تي اچن به ٿا ته اهي به اصل ملڪي مسئلن ۽ سندن حڪومتي ڪارڪردگيء بابت ڳالهائڻ بدران يا ته عمران خان جي شان ۾ قصيدا بيان ڪن ٿا يا وري ماضيء جي حڪمرانن جي ڪرپشن جون ڪهاڻيون بيان ڪن ٿا ته ڪڏهن وري ملڪي خزانو خالي هئڻ جو ماتم ته ڪڏهن ٻين رياستي ادارن جي ڪمن ۾ مداخلت جو تاثر پيدا ڪري انهن ادارن کي تڪراري بنائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.سڀني کي خبر آهي ته هن وقت ملڪ لاء وڏي ۾ وڏو چيلينج معاشي بحران آهي ۽ اهو ڏينهون ڏينهن گهٽجڻ بدران شديد ترين ٿيندو ٿو وڃي.ڪجهه دوست ملڪن کان مليل ڏوڪڙ ن تي فتح جا شاديانا وڄايا پيا وڃن پر ماڻهن کي اصل حقيقتون ماضيء جي حڪمرانن جيان ئي صحيح نه پييون ٻڌايون وڃن ته اهي ڏوڪڙ رڳو بينڪن ۾ رکڻ لاء آهن.گذريل حڪومت نو ارب ڊالر ملڪي خزاني ۾ ڇڏيا هئا ۽ اهي ٻاهريان ڏوڪڙ ملڻ باوجود هن وقت ملڪي ناڻي جا زخيرا رڳو ڏهه ڏهائي ڇهه ارب ڊالر آهن ته پوء گذريل ڏهن مهينن ۾ هن حڪومت ان صورتحال کي ڇا بهتر ڪيو؟ هي جو دنيا کي 15 ارب ڊالر زخيرن وارو انگ ٻڌايو پيو وڃي ان ۾ سڌي سنئين غلط بياني آهي جو ان ۾ مختلف ماڻهن جا بينڪن ۾ رکيل پئسا به ڳڻيا پيا وڃن.وفاقي وزير خزانه جيڪو هونئن ته پنهنجو پاڻ کي افلاطون سمجھندو آهي سو هاڻي ڪنهن به شيء جي ڪابه وضاحت ڏيڻ لاء تيار ناهي ۽ هتان هتان جون ڳالهيون ڪري وقت ٽپائي رهيو آهي.مٿان وري عوام مٿان اهو ٿورو ته اسان آئي ايم ايف وٽ تڪڙو ان ڪري نه وياسين ته جيئن عوام تي مهانگائي ۽ ٽيڪسن جو بار نه پئجي سگھي جڏهن ته سڄي دنيا کي خبر آهي ته انهن آئي ايم ايف وٽ وڃڻ کان اڳ ئي انهن جا اڌو اڌ شرط مڃي ڇڏيا ۽ رهيل شرط هاڻي مهانگائيء جي نئين طوفان جي صورت ۾ پورا ڪيا پيا وڃن ته جيئن وڏي نڪ جي ڏاڍائيء سان عوام کي اها خوشخبري ڏني وڃي ته ”اسان  عوامي مفاد ۾ آئي ايم جا ڪيترائي سخت نه مڃيندي غريبن کي رليف مهيا ڪري ڇڏيو آهي.“ اهڙين حرڪتن سان ماڻهن ۽ دنيا کي بيوقوف بنائي نٿو سگھجي.عوام جي ٻي ڪنهن به ڳالهه سان دلچسپي ناهي ته اوهان جي خزاني جي حالت ڇا آهي يا خزانو ڪير خالي ڪري ويا.عوام کي رڳو اوهان جون ڦوڪون ۽ وعدا ياد آهن ته اسان کي تخت تي ويهاريو ته پوء ڏسو ته اسين ڪيئن ٿا کير ۽ ماکيء جون نديون وهايون! جيئن جيئن وقت گذري رهيو آهي ماڻهو حڪومت جي ڪارڪردگيء کان سخت مايوس ۽ متنفر ٿي رهيا آهن ۽ جيئن جيئن وقت گذرندو ملڪ جي معاشي صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي ويندي ۽ عوام جون اذيتون وڌنديون وينديون ڇو ته نٿو لڳي ته هنن  حڪمرانن وٽ ان معاشي صورتحال مان نڪرڻ جي ڪا صلاحيت يا ڏانء آهي.ڪجهه ڏينهن گذرڻ بعد جيئن ئي عوام جون مهانگائي ۽ بي روزگاريء سبب دانهون نڪرڻ لڳن ٿيون ته حڪومت انهن کي ڪنهن نه ڪنهن ٽرڪ جي بتيء پويان لڳايو ڇڏي.ڪڏهن چيو وڃي ٿو ته ٿورو صبر ڪريو،ماضيء جي حڪمرانن کان ڪرپشن جو سمورو پئسو جلد واپس وٺي ملڪي خزاني ۾ جمع ڪرايو ويندو ته ڪڏهن ٻڌايو وڃي ٿو ته ملڪ مان تيل ۽ گئس جا وڏا زخيرا هٿ اچڻ وارا آهن ۽ اسان به عرب ملڪن وانگر عيش ڪنداسين.ڪڏهن چيو وڃي ٿو ته سيپيڪ مڪمل ٿيڻ ڏيو سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو.ڇا سنجيده حڪمران ان قسم جي غير سنجيده حرڪتن ذريعي غريبن جي تقدير بدلائيندا آهن.ماضيء جي حڪومتن جي جن جن پاليسين ۽ پروگرامن تي دل کولي تنقيدون ڪيون وييون اهي سڀ پاليسيون هاڻوڪا حڪمران پاڻ اختيار ڪري رهيا آهن.بيواهن کي پئسا ڏينداسين،پوڙهين کي ڪڪڙيون ۽ بيضا مهيا ڪنداسين ،  نوجوانن کي اٺ ۽ گھوڙا ڏينداسين.انهن نمائشي ڪمن ۽ ڪجهه تصويرون ڪڍائڻ سان دنيا ۾ ڪٿي به ڪا معاشي خوشحالي نه آئي آهي ۽ نه ئي غريبن لاء ڪا الڳ وزارت قائم ڪرڻ سان غربت ختم ٿيندي آهي.اهو صحيح آهي ته هاڻوڪي حڪومت کي تمام خراب معيشت ۽ سخت ڇڪتاڻ وارو سياسي ماحول مليو آهي پر ڏسڻو آهي ته حڪومت انهن چيلينجن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت به رکي ٿي؟ انهن وٽ اهڙو قابل عمل ۽ حقيقي پروگرام ۽ طريقه ڪار به آهي جنهن سان اها ان بحران مان ٻاهر نڪري سگھي ۽ ڇا حڪومت جا سڀ وزير ۽ مشير هڪ مدبر ۽ منظم ٽيم جي  حيثيت ۾ ان معاملي کي حل ڪرڻ لاء ڪا گڏيل ڪوشش به ڪندي نظر اچن ٿا؟انهن سوالن جو جواب نه ۾ ئي لڳي ٿو.اڃا تائين ته حڪومت جي حالت اها آهي جو اها سندن پنهن جي جماعت ۽ ٻين اتحادين جي جھيڙن،جھگھڙن ۽ تڪرارن نبيرڻ ۾ ئي پوري آهي.هڪڙو خوش ٿئي ٿو ته ٻيو ناراض ٿي وڃي ٿو.کين خوش ڪندي ڪندي وزارتون ۽ مشيريون ئي پوريون ٿي چڪيون آهن ۽ هاڻي کين کپائڻ لاء نيون جڳهيون ٺاهيون يا تلاش ڪيون پييون وڃن.غريبن جي وزارت ٺهي ٿي ته اميرن ڪهڙو ڏوهه ڪيو انهن جي به هڪ عدد وزارت هئڻ گھرجي،اهڙيء طرح هڪ نوجوانن جي ته هڪ وري پوڙهن جي وزارت هئڻ گھرجي.اهڙيء طرح  ملڪي خزاني ۾ پيل چند ڏوڪڙ انهن ئي شوقن ۾ پورا ڪيا وڃن،باقي غريب ڄاڻن ۽ غريبن جي قسمت! پر هڪ ڳالهه هاڻوڪن حڪمرانن کي به چڱي نموني ياد رکڻ گھرجي ته سندن حڪومت کي اپوزيشن مان خطرو هجي يا نه پر انهن جي حڪومت جڏهن به ختم ٿيندي ته اها ان معاشي بحران ۽ مهانگائي سبب ختم ٿيندي.وڌيڪ مرضيء جا مالڪ آهن ڀلي سڪون جا سرندا ۽ سڀ ٺيڪ جا ساز وڄائيندا رهن.


(روزاني هلال پاڪستان 30 مارچ 2019ع)

Saturday, March 30, 2019

ان ”درد دل “ جو علاج ڪهڙو؟



شفيق الرحمان شاڪر
هاء ڙي قسمت! جنهن ”درد دل “ جو علاج انگريزن جي ديس سواء ممڪن ئي نه هو اهو درد دل وري پاڪستان جي ”اڻ ڄاڻ ۽ سنگدل“ جراحن سامهون بيان ڪرڻو پوندو.اهي خبر ناهي ان دل جو درد سمجھندا به يا نه پر جنهن درد دل گذريل ڪيتري عرصي کان عوام جي دلين ۾ درد مچائي رکيو هو اهو درد ڪجهه عرصي لاء ضرور هٽي ويندو.ان درد رڳو اڪيلي دل تي ئي حملو نه پئي ڪيو پر ڪڏهن کاٻي ٻانهن ۾ ته ڪڏهن ساڄي ٻانهن ۾،ڪڏهن گوڏي ۾ ته ڪڏهن گردي ۾ ته ڪڏهن پوري مٿي ۾ ته ڪڏهن وري اڌ مٿي ۾.سچ پچ عوام ويچارو ڏاڍو پريشان هو ته سندن رهبر کي انهن سمورن دردن مان نجات آخر ڪڏهن ملندي؟”ظالم“ حڪومت ميان صاحب کي هٿ ٻڌي ميڙ منٿون ڪندي رهي،قسمين قسمين مسيحائن جا ميلا مچايا ويا،ميڊيڪل بورڊن جو انگ هڪ مان وڌي ست ٿي ويو،هر هر سندس فرمائش،تمنا ۽ خواهش پڇي ويئي ۽ آخر ۾ ڊاڪٽرن ۽ نرسن سان ڀريل مهمان اسپتال به ڪوٽ لکپت جيل موجود ڪئي ويئي پر پاڪستان جي ”منڊيلا“ کي ڪوبه پنهنجي” اٽل“ ارادي کان هٽائي نه سگھيو.ضد اهڙو جنهن سامهون ڪيئي هماليا ڏري وڃن.ٽويٽ مٿان ٽويٽ ذريعي ميڊيڪل ڪامينٽري به هر وقت جاري رهي ته جيئن تازو تازو پروگرام جوائن ڪندڙ ديوانن کي سندن ”انقلابي“ اڳواڻ جي صحت متعلق تازي صورتحال کان هروقت باخبر رکي سگھجي.پر ان سموري مامري ۾ هڪ ڳالهه سمجھه ۾ نه ويٺي ته صاحب موصوف کي جيل ته عدالت سڳوريء موڪليو هو پر گارين جو وسڪارو رڳو عمران خان تي ٿيندو رهيو جڏهن ته ويچاري عمران وٽ لنڊن واري فرمائش پوري ڪرڻ جو ڪهڙو اختيار هو؟هن وٽ جيڪي اختيار هئا سي سڀ هن  ميان صاحب جي خدمت ۾ صدقي ڪري ڇڏيا.ان سڄي معاملي ۾ شايد اهو ڪنهن کي به ياد نه رهيو ته ٻاويه ڪروڙن جي هن ملڪ ۾ لکين اهڙا قيدي بلڪه انهيء کان سوين ڀيرا وڏيڪ سيريس بيمارين ۾ ورتل قيدي حالتن يا قسمت جي رحم ڪرم تي آهن.انهن جو ته روئي روئي اکين جو پاڻي سڪي ويو آهي ۽ رڙيون ڪندي ڪندي سندن نڙيون جواب ڏيئي چڪيون آهن پر انهن کي ڪو ڪنهن ڦٽل سرڪاري اسپتال ۾ ڌڪو ڏيڻ لاء به تيار ناهي.انهن لاء ڪڏهن انهن ”عظيم“ دانشورن، ”بي باڪ“ صحافين، انساني حقن جي  ” علمبردار“ نمائندن ۽ ”جمهوريت پسند“ سياستدانن ڪڏهن ڪٿي به ڪو آواز اٿاريو هجي ته ضرور ٻڌايو.انهيء ڪري اشرفيا جي هن راڄ ۾ درد رڳو اهو آهي جيڪو ڪنهن ”خاص“ جو آرام ڦٽائي ۽ حق صرف انهن جا آهن جن جو خمير ڪنهن خاص مٽيء مان ڳوهيو ويو هجي.ڪنهن ”خاص“ جي پيدا ٿيل درد جي لهر جن نازڪ مزاجن کي رت جا لڙڪ لاڙڻ تي مجبور ڪري ٿي انهن جون اکيون عام خلق خدا جي دردن کان هميشه انڌيون ئي رهن ٿيون.انهن ”خاص“ ڏوهارين لاء ڪورٽن ۾ داخل پٽيشن ۾ جيڪو موقف اختيار ڪيو وڃي ٿو سو به نهايت ئي نرالو آهي.”صاحب کي جيل واري ماحول ۾ ٽينشن رهي ٿو ان ڪري کيس ان ٽينشن کان بچائڻ لاء جيل جي ديوارن مان ٻاهر ڪڍيو وڃي ته جيئن هو آزاد هوا مان لطف اندوز ٿي سگھي.“  ڪيڏي نه خوبصورت ڳالهه آهي! ان جو مطلب اهو ٿيو ته ٻيا سمورا قيدي جيل جي ماحول ۾ رهڻ تي خوش آهن ۽ انهن جي فرمائش آهي ته کين جيل مان هرگز ٻاهر نه ڪڍيو وڃي نه ته هو مري ويندا.ڇا چئجي اسان جي ملڪي قانون،اسان جي حڪومت،اسان جي احتسابي ادارن ۽ عدالتي فيصلن تي؟ قصو چوڻ کان چڙهيل آهي ،جيڪو حدون اورانگھيندو سو ”توهين“ جي تلوار سان ڪسجي ويندو.سمجهه ۾ رڳو اهو نٿو اچي ته جڏهن ڏاڍي سان جھيڙو ناهي ڪرڻو ته پوء سالن کان هلندڙ انهن احتسابي قصن ڪهاڻين ۾ قوم جو هيڏو پئسو ۽ رياستي ادارن جو هيترو وقت برباد ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت؟ عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجھڻ ۽ جن جي جيون جو جياپو معاشي دهشتگردي ۽ ڪرپشن ذريعي ڦريو ۽ لٽيو ويو انهن جي زخمن تي وڌيڪ لوڻ ٻرڪڻ جو مقصد ڇا؟ هئڻ ته اهو گھرجي جو ملڪي خزاني جي ڦرلٽ ڪندڙ اهڙن ڏوهارين خلاف سمورا ڪيس ختم ڪري،الٽو وٽانئن معافي گھرجي ۽ عزت وچان کين اجرڪون ۽ لونگيون پهرائي جيڪر ٿي سگھي ته انهن کي سندن خانداني تخت ۽ تاج واپس ڪيو وڃي پر جيڪر ايئن نه ٿي سگھي ته گھٽ ۾ گھٽ انهن کي هٿان وڌيڪ انعام جي رقم ڏيئي ۽ انصاف ۽ ناانصافيء جي هن جنگ ۾ سندن فتح جو ايوارڊ عنايت فرمائي ۽ سرڪاري طور تي گارڊ آف آنر ڏيندي، هٿ هٿ ۾ ڏيئي ڪنهن غير ملڪي جهاز تي سوار ڪيو وڃي انهيء کان اڳ جو اهي اسان جي اعصابن تي وڌيڪ سوار ٿي وڃن.جڏهن ان جنجال مان جان آجي ٿئي ته پوء قومي ترانو پڙهائڻ بعد ريڊيو ۽ ٽي وي تي قوم کي اها خوشخبري ٻڌائي وڃي ته الحمد لله اسان تاريخ جي خوفناڪ راڪاسن مان ملڪ ۽ قوم جي جان آجي ڪرائي ورتي آهي ۽ احتياط طورآئنده ڪنهن به ڏاڍي سان هٿ نه اٽڪائبو، اشرفيا جي ڪنهن به ”عظيم“ کي ڪڏهن به قانون جي ڪٽهڙي ۾ نه بيهاربو،انهن مان ڪنهن کان ڀلجي ڪوبه ادارو سوال نه ڪندو.هاڻي اسان سچ پچ غريبن جو پاڪستان ٺاهينداسين جتي قانون رڳو غريبن تي هلندو،سمورا ٽيڪس به رڳو غريب ئي ڀريندا،عدالتن ۾ به رڳو غريب ئي گهليا ويندا ۽ جيلن کي به رڳو غريبن سان ڀريو ويندو جو غريبن کي جيل ۾ نه ته ڪو ٽينشن ٿئي ٿو،نه ڪا کين بيماري ويجھو اچي ٿي ۽ نه ئي انهن جا ڪي پيارا هوندا آهن جيڪي سندن صدمن تي روئندا ۽ سندن سورن تي تڙپندا هجن.اسان اڄ کان پوري اشرافيا کي مصلحتن جي گنگا مان وهنجاري کين مڪمل ايمنيسٽيء جي پوشاڪ پهرائي ڇڏي آهي.ان ڪري عام خلق کي گھرجي ته اهي پنهن جي قانوني،آئيني ۽ جمهوري حدن ۾ رهن ۽ آئنده اشرافيا جي شان ۾ ڪا به گستاخي نه ڪن جو خدا نه ڪري جو ملڪ لاء ڪو امن امان جو مسئلو نه پيدا ٿي پوي.ان ڪري امن پسند ۽ محب وطن شهري بڻجي پنهن جي ڪم سان ڪم رکو ۽ اشرافيا جي افعالن ۽ ڪرتوتن سان اوهان جو ڪو واسطو نه هئڻ گھرجي.رهيو معاملو ڪنهن جي درد دل جو ته درد دل رڳو دل وارن کي ئي ٿي سگھي ٿو جيڪا دل خدا جي فضل سان رڳو انهيء ئي خاص مخلوق جي حصي ۾ آيل آهي،رهي باقي خلق خدا ته انهن وٽ جڏهن دل ئي ڪانهي ته درد ڇاجو؟
(روزاني هلال پاڪستان 28 مارچ 2019ع)

Thursday, March 28, 2019

ڇا هن نظام ۾ سڌارو ممڪن آهي؟



شفيق الرحمان شاڪر
پاڪستان ٺهڻ کان اڄ تائين رڳو چار سو خاندان هن ملڪ جي سياست تي راڄ ڪندا آيا آهن.انهن خاندانن کي وڌيڪ ورهائجي ته انهن جو انگ اٽڪل هڪ هزار بڻجي ٿو.اڄ تائين اهو ئي بي رحم اشرافيا طبقو اقتداري ايوانن ۾ ويهي سڏڪندڙ ۽ تڙپندڙ غريب عوام کي خوشحال بنائڻ،انهن کي ٽن وقتن جي ماني مهيا ڪرڻ،روڊ،رستا ۽ گھٽيون ٺاهڻ،تعليم،صحت ۽ صاف پاڻيء جون سهوليتون مهيا ڪرڻ جا نعرا هڻندو آيو آهي.پاڪستان ۾ بدترين فوجي آمريت هجي،حڪومت مسلم ليگ جي هجي يا پيپلز پارٽيء يا ڪنهن به ٻي جماعت جي، اسيمبلين تائين نوي سيڪڙو ماڻهو انهن ئي هڪ هزار خاندانن جا جاگيردار،زميندار،سرمائيدار،ٺيڪيدار،صنعتڪار.بينڪار ۽ قبائلي سردار پهچن ٿا. هن وقت گھڻيون سياسي جماعتون رڳو نالي جون جمهوري جماعتون آهن.انهن نام نهاد جمهوري سياسي جماعتن جا سمورا فيصلا رڳو چند اڳواڻ آمراڻي انداز ۾ ڪري رهيا آهن.انهن سياسي جماعتن جي جمهوريت جي اوقات رڳو ايتري آهي جو هڪ طرف ڏهاڪن کان هليا ايندڙ اهي خانداني ليڊر آهن ۽ ٻئي طرف انهن جي اکيون پوري پيروي ڪندڙ نسلي غلام.پنجاهه جي ڏهاڪي کان اڄ تائين اٽڪل انهن هڪ هزار خاندانن جو مرڪزي مقصد پنهنجي ذاتي مفادن،پنهنجي عزيزن قريبن، پنهنجي خاندان يا وري وڌ ۾ وڌ پنهنجي قبيلي،،برادري جي مفادن جو تحفظ رهيو آهي.هڪ پڙ ۾ پاڪستان جي نوي سيڪڙو قانون سازن،ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز جي ذاتي لينڊ ڪروزرز،محل جهڙن بنگلن،زمينن ۽ ملڪيتن کي رکجي ۽ ٻئي پڙ ۾ پاڪستان جي ٻه سو ملين کان وڌيڪ عوام کي ملندڙ سهوليتن کي رکجي،اوهان کي فرق سان خبر پئجي ويندي ته قوم يا عوامي مفاد ۾ انهن ڪهڙي نه ”محنت“ سان ڪم ڪيو آهي! پنهنجن ذاتي مفادن لاء اهي خانداني سياستدان ڪنهن به جماعت کي ڇڏي سگھن ٿا ۽ ڪنهن به جماعت ۾ شامل ٿي سگھن ٿا.انهن خانداني سياستدانن کي نه ته نظرين سان ۽ نه ئي ترقياتي منصوبن سان ڪا دلچسپي آهي.جمهوريت جي انهن ٺيڪيدارن جون سموريون همدرديون ممڪنه مالي فائدن،وزارتن،عهدن،اقتدار ۽ طاقت سان ڳنڍيل رهن ٿيون.اهي شيون جيڪو به انهن کي مهيا ڪري ڏيندو پوء اهو ڊڪٽيٽر هجي،اسٽيبلشمينٽ هجي يا ڪنهن سياسي پارٽيء جو اڳواڻ،انهن جون وفاداريون انهيء سان ئي هونديون.اهي نعرو ته هر وقت ۽ هر دفعي جمهور ۽ جمهوريت جو لڳائين ٿا پر عملي طور تي جمهوريت ۽ جمهوري قدر سندن جوتن جي نوڪ تي رکيل هوندا آهن.هڪ طرف ڪنهن غريب ووٽر جي ڌيء آهي جنهن کي ويم وقت مناسب سهوليتون نٿيون ملن ۽ هن جي ساهه جو سڳو ٽٽي وڃي ٿو،ٻئي طرف ڪنهن سياستدان جي ڌيء آهي جنهنجي نڪ جي بيوٽي آپريشن جو خرچ به حڪومت کڻي ٿي.هڪ طرف ڪنهن ووٽر جي ٽيچر ڌيء آهي جيڪا ڪچين پڪين گھٽين جي دز اڏائيندي عمر گذاري ڇڏي ٿي.ٻئي طرف انهن قانون سازن جون بيگمون،ڌيئرون،ڀائيٽيون ۽ ڀاڻيجيون آهن جن جي شاپنگ لاء پيٽرول به ڪنهن بيواهه جي پگھار واري  ٽيڪس مان اچي ٿو.هڪ طرف سخت گرمي ۽ پگھر جي بدبوء ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جا اهي ٻار آهن جن جي مقدر ۾ جعلي دوائون لکيون وييون آهن ته ٻئي طرف ٿڌن ڪمرن ۾ ويهي انهن جي قسمت جا فيصلا ڪندڙ اها ڪرپٽ اشرافيا آهي جن لاء مٿي جي سور جي دوا به ٻاهرين ملڪن مان اچي ٿي ۽ انهن جي گھوڙن ۽ ڪتن جي علاج لاء به هر وقت اسپيشلسٽ موجود رهن ٿا.هڪ طرف غريب جي پگھر سان هلندڙ ٿلهن ٽائرن واريون سرڪاري گاڏيون آهن جيڪي سياستدانن جي ٻارن کي ايئر ڪنڊيشنڊ ڪمرن مان ڪڍي ايئر ڪنڊيشنڊ اسڪولن تائين پهچائين ٿيون.ٻئي طرف اهي ٻار آهن جيڪي پنجيتاليهه ڊگري سينٽي گريڊ جي گرميء ۾بسن ۽ ويگنن سان لٽڪي سرڪاري اسڪولن تائين پهچن ٿا.جيڪر اوهان اهو سمجھي رهيا آهيو ته هي جاگيردار،وڏيرا،صنعتڪار تحريڪ انصاف يا ڪنهن ٻي جماعت ۾ وڃي رات وچ ۾ پنهنجن صدين جي مفاد پرستاڻي ڪردار کي بدلائي ڇڏيندا ته ان کان وڌيڪ بيوقوفي ٻي ڪهڙي ٿي سگھي ٿي.اهي اليڪٽيبلز،اهي هڪ هزار خاندانن جا نور چشم،اهي وڏيرا،جاگيردار، سرمائيدار ۽ صنعتڪار عمران خان جي ڪڇ ۾ ويهي به پنهنجن ئي مفادن جو خيال رکندا.چورن ۽ ڌاڙيلن جي ته گھٽ ۾ گھٽ اها خوبي هوندي آهي جو اهي منافق نه هوندا آهن.انهن کي ڏسندي ئي ماڻهون سمجھي ويندا آهن ته اهي لٽڻ ۽ ڦرڻ آيا آهن.ٺڳن ۽ نوسربازن جي خاصيت اها هوندي آهي جو اهي پهريائين ماڻهن جو ڀروسو حاصل ڪندا آهن،انهن جي دلين ۾ يقين پيدا ڪندا آهن ته اسين اوهان جا خيرخواهه آهيون پر لٽجڻ کان پوء ماڻهوء کي خبر پوندي آهي ته انهن سان ته دوکو ٿيو آهي.اهي جادوگر هر اليڪشن ۾ ماضيء جيان اهي ئي پراڻا ساوا باغ ماڻهن کي ڏيکاريندا آهن،ماڻهن کي نوڪريون ۽ ترقياتي اسڪيمن ڏيڻ جا آسرا ڏيندا آهن.اسڪول ۽ اسپتالون کولڻ جا وعدا ڪندا آهن.پاڻي ۽ بجلي مهيا ڪرڻ جون اميدون ڏيندا آهن.اليڪشن کان پوء جيڪر ڪو روڊ رستو يا عمارت جڙي به پوي ته اها ڪجهه مهينن ۾ واپس ٽٽي ۽ اکڙي به وڃي ٿي جو اهي ٺڳ ٺيڪيدارن کان پنهنجو مقرر حصو پوريء طرح وصول ڪن ٿا.پنهنجي دوستن،عزيزن،قريبن يا نوڪرن کي سرڪاري ٺيڪا ڏين ٿا.عوام اهو سڀ ڪجهه پنهنجي اکين سان ڏسندو رهي ٿو پر نسل در نسل دوکو کائيندڙ عوام کي ان وقت هوش اچي ٿو جڏهن نسل در نسل انهن ڦورن جون امپورٽيڊ گاڏيون سندن فصلن جي حصي جو پاڻي به هضم ڪري چڪيون هونديون آهن.سياستدان اهڙا ٿيندا آهن؟انهن کي سندن ماضيء کان هيستائين جي ڪردار جي بنياد تي ڪو ڀل مان جادوگر،ڪرتب ڏيکاريندڙ،مداري،نوسرباز،ٺڳ بلڪه بنارسي ٺڳ چئي ڇڏي ته انهن جو پارو ڇو ٿو چڙهي؟
برطانوي نوآبادياتي انتظاميا کان ورثي ۾ مليل پاڪستان جي نوڪر شاهي به انهن ٺڳن سان ٻٽ بڻيل آهي جيڪا پاڻ کي عوام جو خدمتگار سمجھڻ بدران پنهنجو پاڻ کي عوام جو مالڪ سمجھي ٿي.ٿاڻن کان ويندي شهري انتظاميا تائين سمورن دفترن ۾ انهن ئي اداڪارن جو سڪو هلي ٿو.سچ پڇو ته ”ٻن ٽڪن جو پاڪستاني عوام“ فوج،سياستدانن ۽ عدليا جي وچ ۾ اهو فٽبال بڻجي چڪو آهي جنهن کي ڪو لتون هڻي رهيو آهي ته ڪو مڪون هڻي رهيو آهي.ملڪي اسٽيبلشمينٽ به انهن ئي سياستدانن خلاف سرگرم ٿئي ٿي جيڪي بوٽن وارن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻ کان انڪار ڪندا آهن ۽ ٻئي طرف ”ووٽ کي عزت ڏيو“ جو نعرو به رڳو ان وقت بلند ٿيندو آهي جڏهن لاهور وارن جو پنهنجو تخت ۽ تاج لٽبو آهي.باقي عوام ڪير ۽ هي ووٽ ۽ ووٽر ڪير؟اسان جي اسٽيبلشمينٽ کي به ڪرپٽ سياستدان ئي وڻندا رهيا آهن جو اهي مٿو مٿي ڪري ڳالهائڻ جي پوزيشن ۾ نه هوندا آهن ۽ سياستدانن کي فوج ان ڪري پسند آهي جو اها انهن جي حصي جو ڪم به ڪري ٿي ته انهن کي ان ڪرسيء تائين به پهچائي ٿي جنهن تي عام حالتن ۾ ڪڏهن به پهچي نه سگھن. تاريخ اهو ٻڌائي ٿي ته جيڪر پنهنجن مفادن کي ڌڪ نه رسي ته پاڪستان ۾ اسٽيبلشمينٽ،عدليا ۽ سياسي اشرافيا مان ڪنهن کي ڪنهن مان به ڪو خطرو ڪونهي. انصاف،جمهوريت،قانون،آئين ۽ اصولن جي جنگ رڳو ان صورت ۾ سامهون اچي ٿي جڏهن انهن مان ڪنهن جي مفاد کي ڪو نقصان رسي ٿو.پاڪستان ۾ تبديليء لاء بنيادي چونڊن جي ڍانچي ۾ تبديليء جي ضرورت آهي.هن ملڪ ۾ چونڊون رڳو اميرن لاء آهن.رڳو اهي ئي ڪروڙين روپيا خرچ ڪري سگھن ٿا ۽ اهو به ان يقين سان ته اهي هڪ ڪروڙ مان ڏهه ڪروڙ ٺاهيندا.پنهنجن مفادن جو خيال رکندڙ اهي جاگيردار ۽ سرمائيدار ڪهڙي تبديلي آڻيندا؟پاڪستان ۾ جيستائين تعليم عام نٿي ٿئي،ملڪ کي جيستائين ڪرپشن کان پاڪ،باشعور ۽ پڙهيل لکيل سياستدان مهيا نٿا ٿين،جيستائين ملڪ کي انهن هزار خاندانن جي سياست کان نجات نٿي ملي تيستائين تبديلي ناممڪن آهي.عملي طور تي تيستائين نه ته ڪنهن غير آئيني مداخلت کي روڪي سگھجي ٿو ۽ نه ئي ڪنهن آزاد عدليا جو قيام ئي ممڪن آهي.


(روزاني هلال پاڪستان 27 مارچ 2019ع)

Wednesday, March 27, 2019

ماضيء جو آئينو ؛ ڪراچيء جي امپريس مارڪيٽ.




شفيق الرحمان شاڪر
وقت هجي يا سمنڊ ٻئي ڏاڍا بي رحم هوندا آهن.انهن جي فطرت ۾ موٽي اچڻ لکيل آهي ان ڪري موٽندا ضرور آهن پر الله جي قدرت سان اهو سمنڊ جيڪو پنجاهه ميل پري هليو ويو آهي موٽي ناهي آيو پر وقت هڪ دفعو وري موٽڻ شروع ٿي ويو آهي. اها گھڻو ڪري 1839ع جي ڳالهه آهي جڏهن برطانوي فوجن سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ هتي مستقل رهائش اختيار ڪري ورتي.پڪي رهائش اختيار ڪرڻ سبب انهن کي بازار جي ضرورت محسوس ٿي ان ڪري انهن لاء صدر جنهن کي ڪيمپ جو علائقو چيو ويندو هو ۾ هڪ بازار قائم ڪئي ويئي جنهن کي ”ڪيمپ بازار“ جو نالو ڏنو ويو.فوجين جي تيزيء سان اچڻ بعد انهنجون ضرورتون به وڌيون ان ڪري انهن لاء صدر جي علائقي ۾10 نومبر 1884ع تي مارڪيٽ جو بنياد رکيو ويو ۽ هڪ لک پنجونجاهه هزارن جي لاڳت سان 21 مارچ 1889ع تي ان کي مڪمل ڪيو ويو.جيئن ته راڻي وڪٽوريا جي سلور جوبلي ملهائي پئي ويئي ان ڪري راڻيء کي تحفي جي طور پيش ڪرڻ لاء مارڪيٽ جو نالو ئي ”امپريس مارڪيٽ“ رکيو ويو.هيء اها جڳهه هئي جتي 1857ع ۾ انگريزن جي خلاف بغاوت ۾ حصو وٺندڙ ايڪويهين رجمينٽ  جي مقامي سپاهين جن ۾ مسلمان ۽ هندو شامل هئا تن کي گولين سان ڇلي ماريو ويو هو.مارڪيٽ جي افتتاح بعد هتي 280 اسٽال لڳايا وياهئا جن تي گوشت،ڀاڄين،ميون ۽ ٻين زرعي جنسن جو وڪرو ٿيڻ لڳو.ان زماني ۾ جڏهن ڪراچيء جي آبادي ڪل 13850 ماڻهن تي ٻڌل هئي ۽ ماڻهن جون پگھارون به ٻن روپين کان ويهه روپيا ماهوار هيون،اگھه به مناسب هئا يعني هڪڙي ڪوري روپيي ۾ 28 سير ڪڻڪ،36 سير چانور،هڪ مڻ ٻه سير چڻن جي دال،32 سير مڱن جي دال ملندي هئي.پر اها مارڪيٽ اتان جي لوڪل ماڻهن لاء منع ٿيل وڻ جيان هئي ۽ انهن کي ان مارڪيٽ مان ڪا شيء خريد ڪرڻ جي اجازت نه هوندي هئي.جڏهن انگريز بر صغير ڇڏي هليا ويا ته اها مارڪيٽ هڪ خاص طبقي جي خريداريء جو مرڪز بڻجي ويئي.آهستي آهستي هتي پوش علائقن جي ماڻهن سواء وچولي توڙي غريب طبقي جا ماڻهوبه هتي سٺي ۽ سستي خريداري ڪرڻ اچڻ لڳا ۽ اهڙيء طرح اها شهر جي هڪ مصروف ترين مارڪيٽ بڻجي ويئي ۽ اڄ به آهي.ان مارڪيٽ جي خاصيت اها آهي جوهتي کاڌي پيتي جي شين کان وٺي هر اها شيء موجود ملي ٿي جيڪا ٻيو ڪٿي به نه ملي.اگھه گھٽ هئڻ سبب ماڻهو هتان خريداري ڪرڻ وڌيڪ پسند ڪرڻ لڳا. هن مارڪيٽ ۾ جتي ضروري شيون ۽ کاڌي پيتي جون جنسون وڏي مقدار ۾ موجود آهن اتي ان جي خاصيت اها به آهي ته پوري دنيا جا ناياب ۽ اڻ لڀ پکي ۽ جانور به هتي وڪرو ٿين ٿا جن کي خريد ڪرڻ شهرين جو وڏو انگ هن مارڪيٽ جو رخ ڪري ٿو.آسٽريلوي طوطا ڪبوتر ئي نه پوري دنيا جا رنگ برنگي پکي اتي موجود ملن ٿا جڏهن ته اعليٰ نسل جي ڪتن ۽ ٻلين جي وڪري جو به اهو ئي شهر جو اڪيلو مرڪز آهي.پر جڏهن ملڪن جي ترقيء جي نالي تي سيپيڪ منصوبي جو اعلان ڪيو ويو ته هڪ دفعو وري چين کان ايندڙ چينيين جي هڪ وڏي انگ هن مارڪيٽ ڏانهن منهن ڪرڻ شروع ڪيو ۽ عام ڏينهن کان سواء آچر واري ڏينهن به قيمتي گاڏين ۾ چيني خاندانن جو هڪ وڏو انگ ان مارڪيٽ ۾ خريداري ڪندي نظر ايندو آهي جيئن ته چيني مٿو ماري ڪرڻ سواء دوڪاندارن کي وات سان گھريل رقم ڏيئي ڇڏيندا آهن جنهن ڪري دوڪاندارن به شين جا اگھه وڌائي ڇڏيا آهن.ان کان سواء هتان جا دوڪاندار جيڪي هڪ ڊگھي عرصي کان مقامي ماڻهن مان ڪمائيندا رهيا آهن هاڻي پرڏيهي گراهڪن اچڻ سبب پراڻن گراهڪن سان منهن ڏيئي ڳالهائڻ به پسند نٿا ڪن.اهي چيني شهري جيڪي هن مارڪيٽ ۾ گھڻو ڪري زرعي جنسون، ڀاڄيون ۽ ميوا وٺڻ اچن ٿا انهن شين جي خريداريء سان گڏوگڏ چوڪن تي لڳل اسٽالن تي مرغيء جي گوشت سميت انهن جون ٽنگون،نڙيون ۽ ڪليجيون به مهانگي اگھن سان وڏي شوق وچان خريد ڪن ٿا.جنهن ڪري انهن شين جي خريداري به غريب ماڻهن لاء محال بڻجي ويئي آهي.دلچسپ ڳالهه اها ته اسان جا هتان وارا کاڌي پيتي جا شوقين جيڪي موڪل وارن ڏينهن تي اوجھري،ڦڦڙ ۽ ڪليجي وغيره کائڻ پسند ڪندا آهن ۽ پنهنجن ڪٽنب جي ڀاٿين جي تعداد جي حوالي سان جيتري خريداري ڪن ٿا چيني اهي ساڳيون شيون انهيء کان به ٻيڻ ٽيڻ جي قيمتن سان ڏهوڻيون ۽ ٻارهوڻيون خريد ڪن ٿا.جنهن سبب انهن شين جي کوٽ پيدا ٿيڻ سبب وڪڻندڙن مقامي ماڻهن کي اهي شيون وڪڻڻ بند ڪري ڇڏيون آهن ۽ اهي انهن شين کي ڪولڊ اسٽوريج ۾ رکي مهانگي قيمت تي چينين سان وڪڻن ٿا  جنهن سبب هڪ دفعو وري 179 سالن بعد امپريس مارڪيٽ برطانوي دور جي ان مارڪيٽ جهڙي بڻجي چڪي آهي جتي مقامي ماڻهن کي داخل ئي ٿيڻ نه ڏنو ويندو هو توڙي جو اڃا تائين ته هن مارڪيٽ ۾ مقامي ماڻهن کي اچڻ وڃڻ کان روڪيو ته نٿو وڃي پر روزانو چينين جو وڌندڙ انگ ڏسي ڪري اها ڳالهه پڪ سان چئي سگھجي ٿي ته ايندڙ وقت ۾ امپريس مارڪيٽ رڳو چينين جي مارڪيٽ رهجي ويندي ۽ مقامي ماڻهو هن مارڪيٽ ۾ ٿيندڙ هٿرادو مهانگائيء سبب هيڏانهن منهن ڪرڻ به ڇڏي ڏيندا.جيڪر ان مارڪيٽ جو جائزو ورتو وڃي ته اها عمارت ڪڏهن سونهن ۾ پنهنجو مثال پاڻ رهي هوندي.ان جي اوچي ٽاور تي لڳل گھڙيال پري پري کان نظر اچي ٿو.يقينن اها گھڙي هتان گذرندڙن کي وقت جو احساس ڏيارڻ لاء لڳائي ويئي هوندي پر انتظاميا جي غفلت سبب نه رڳو امپريس مارڪيٽ پنهنجي سونهن وڃائي رهي آهي ۽ ان جي ٽاور تي موجود گھڙي جا ڪانٽا بيهي چڪا آهن.ان جي باوجود هڪ ڀيرو اتي خريداريء سواء سير لاء به اچي سگھجي ٿو.مارڪيٽ جي داخلا دروازي تي لڳل تختي تي ان جي تاريخ ئي نه پر ان جو مقصد ۽ پورو تعارف به درج ٿيل آهي.

(روزاني ڪلياڻ 27 مارچ 2019ع)

Tuesday, March 26, 2019

”بليڪ سوان“، ”گري راهنو“ ۽ ملڪي سياست!



شفيق الرحمان شاڪر
ڪنهن به ملڪ جي سياسي صورتحال کي خطي ۽ آسپاس جي سياست کان الڳ ٿي سمجھي نٿو سگھجي.گذريل ڪيتري عرصي کان وچ اوڀر توڙي ڏکڻ ايشيا ۾ وڏين عالمي قوتن جي جيڪا راند رچيل آهي انهيء ۾ پاڪستان انهن عالمي قوتن لاء وڏي اهميت لائق بڻيل آهي.تازو چيني حڪمرانن هڪ عجيب ڳالهه ڪئي سا اها ته چين ۾ ” بليڪ سوان“ يعني “ڪاري بدڪ“ يا وري ”گري راهنوسر“ يعني ”سرمئي گينڊي“ وارو ڪو واقعو ٿي سگھي ٿو.ڇا مطلب؟ “بليڪ سوان ۽ فري راهنوسر جا اصطلاح دنيا ۾ ملڪن جي جاسوسي،سيڪيورٽي ۽ دفاعي ادارن جي ڊڪشنريء ۾ استعمال ڪيا وڃن ٿا.”ڪاري بدڪ“ مان اهڙو واقعو مراد ورتو ويندو آهي جيڪو ٿئي ته اوچتو پر ان واقعي جو امڪان اڳ ۾ ئي موجود هجي يعني حالتون اڳ ۾ ئي اهڙي ڪنهن واقعي طرف اشارو ڪنديون هجن يا وري ڪا اهڙي لڪيل معلومات واضح يا غير واضح طور تي ان ملڪ جي لاڳاپيل ادارن وٽ اڳ ۾ ئي موجود هجي. مثال هن وقت پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگي حالت ۽ سخت ڇڪتاڻ وارو ماحول موجود آهي.هاڻي هر وقت ان ڳالهه جو امڪان موجود آهي ته ٻنهي ملڪن مان ڪو ملڪ ٻئي ملڪ جي سرحد تي اوچتي فائرنگ شروع ڪري ڏئي يا ڪو ملڪ ڪو ميزائيل ڦٽو ڪري يا خدا نه ڪري جو ڪنهن شهر يا ڳوٺ تي ڪا بمباري ڪئي وڃي ته اهڙي ڪنهن به واقعي کي ”بليڪ سوان “ چيو ويندو جو اهڙن واقعن جو امڪان پهرين کان موجود آهي پرخدا نه ڪري جيڪر ڪو اهڙو دهشتگرديء جو واقعو ٿي پوي يا اوچتو ڪنهن مسجد،مندر يا اسڪول وغيره ۾ فائرنگ ٿي پوي يا خدا نه ڪري جو ڪنهن وڏي حڪومتي ،سياسي يا مذهبي شخصيت کي دهشت گرديء جو نشانو بنايو وڃي ته اهڙو واقعو ”گري راهنوسر“ سڏجي ٿو جو ان واقعي ٿيڻ کان اڳ ڪنهن جي وهم ۽ گمان ۾ به نه هوندو آهي ته هيئن به ٿي سگھي ٿو! سو چيني حڪمران جيڪي اهڙن سيڪيورٽي معاملن ۾ تمام گھٽ ڳالهائيندا آهن انهن پاران اهو چوڻ ته چين ۾ ٻنهي قسمن جا واقعا ٿي سگھن ٿا اهو ظاهر ڪري ٿو ته اسان جي خطي جي صورتحال ڪيتري نه ڳڻتي جوڳي ۽ ڳنڀير آهي.ڪجهه تجزيو ڪندڙ اها راء رکن ٿا ته هن وقت ڀارت طرفان پاڪستان خلاف اختيار ڪيل جنگي جنون واري پاليسي رڳو مودي ۽ سندس ڪجهه انتها پسند ساٿين جو فيصلو آهي جنهن جو مقصد چونڊون کٽڻ آهي پر ڳالهه ايتري سادي ناهي جيئن بيان ڪئي پيئي وڃي.رياستن جا معاملا ايئن طيء نه ٿيندا آهن.هاڻي ان ڳالهه ۾ ڪهڙي شڪ شبهي جي گنجائش رهجي ويئي آهي ته ڀارت کي باقائدي وڏي حڪمت عمليء سان پاڪستان خلاف استعمال ڪيو پيو وڃي.انهن حالتن ۾ هن وقت پاڪستان اندر جيڪا سياست ٿي رهي آهي اها نهايت ئي اهم آهي جو هن ملڪ جي سياست ۾ ماضيء اندر ٻاهرين قوتن جو هڪ ڀرپور ڪردار رهيو آهي پر هاڻي شايد انهن قوتن کي اهو احساس ٿيڻ لڳو آهي ته پاڪستاني سياست سندن هٿن مان نڪرندي ٿي وڃي جنهن ڪري انهن وٽ هڪڙو ئي آپشن بچيو آهي ته پاڪستان کي اندروني توڙي بيروني طور تي سوگھو ڪري ايترو ڪمزور ڪيو وڃي جو معاملا وري انهن قوتن جي هٿ ۾ اچي وڃن.سو جيڪر چين جهڙي هڪ معاشي سپر پاور اهو تسليم ڪري رهيو آهي ته اتي ڪو بليڪ سوان يا گري راهنو جو واقعو ٿي سگھي ٿو ته پاڪستان ۾ اهڙن واقعن جو امڪان ۽ گنجائش ڪيترائي دفعا وڌي وڃي ٿي.تازو 22 مارچ تي ڪراچيء ۾ مفتي تقي عثمانيء تي قاتلاڻو حملو به انهن واقعن سان ڳنڍي سگھجي ٿو.انهيء ڪري هن وقت پاڪستاني رياست،حڪمرانن،سياستدانن ۽ عوام کي گھڻو محتاط رويو اختيار ڪرڻ جي گھرج وڌي ويئي آهي.انهيء نازڪ صورتحال ۾ جڏهن ملڪ جا ڪجهه سياستدان غير ذميداريء جو مظاهرو ڪندي اهڙا بيان ڏين ٿا جن سان انهن ملڪ دشمن عالمي قوتن جي بيانيي کي هٿي ملي ٿي ته ذهن ۾ گھڻا شڪ شبها پيدا ٿيڻ لڳن ٿا ته اهڙا سياستدان ڄاڻي واڻي يا اڻ ڄاڻائيء ۾ انهن قوتن جي هٿ ۾ ته نه کيڏي رهيا آهن.ملڪ ۾ هلندڙ احتساب جو عمل پنهنجي جاء تي،انهيء تي شڪ شبها به ظاهر ڪري سگھجن ٿا،شڪايتون به ڪري سگھجن ٿيون ۽ تنقيد به ڪري سگھجي ٿي پر انهن معاملن جو ،ڪالعدم تنظيمن واري اشوء سان ڪهڙو تعلق؟ سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته ڪالعدم تنظيمن جي باري ۾ بلاول ڀٽو زرداريء جو اهو موقف اوچتو هن وقت سامهون ڇو آيو آهي جنهن ۾ هو سڌو سنئون حڪومت ۽ اڻ سڌيء طرح رياستي ادارن کي تنقيد جو نشانو بنائي رهيو آهي ۽ انهيء ئي موقف کي هٿي ڏيندي نظر اچي ٿو جيڪو موقف ڀارت،آمريڪا ۽ ٻين پاڪستان مخالف قوتن جو رهيو آهي.جيستائين ڪالعدم تنظيمن کي دهشتگرد سڏڻ جو سوال آهي ته اڃا تائين ته دنيا ۾ اهو طيء نه ٿي سگھيو آهي ته دهشتگرديء جي وصف ڇا آهي؟ هر ملڪ پنهنجي نڪته نظر کان دهشتگرديء جو پيمانو مقرر ڪري ويٺو آهي.مثال اسرائيل فلسطينن کي دهشتگرد سڏي ٿو ۽ جڏهن ته دنيا جي اڪثريت انهن کي آزادي پسند مجاهد سڏي ٿي ۽ اسرائيل کي دهشتگرد سمجھي ٿي.ساڳيء طرح ڀارت والاريل ڪشمير ۾ وڙهندڙ حريت پسندن کي دهشتگرد قرار ڏئي ٿو پر ڪشميري ڀارت کي دهشتگرد ملڪ سڏين ٿا،ساڳيو ئي معاملو افغانستان جو آهي جتي آمريڪا سندس خلاف وڙهندڙ  طالبان کي دهشتگرد سڏي ٿو.اها ٻي ڳالهه آهي ته هو انهن ”دهشتگردن“ سان ڳالهيون به ڪري رهيو آهي.سو دنياانصاف پسنديء سان جيستائين دهشتگرديء جا ڪي پيمانا ۽ ماپا مقرر نٿي ڪري اهو معاملو ايئن ئي منجهيل رهندو پر سوال وري به اهو ئي آهي ته هن وقت پاڪستان ۾ بلاول زرداري ئي اڪيلو سياسي اڳواڻ آهي جيڪو ڪالعدم تنظيمن خلاف  ڇو ڳالهائي رهيو آهي ۽ ٻيا سڀ جا سڀ سياستدان ايستائين جو سندس پنهنجي پارٽيء جا نامور اڳواڻ به ان معاملي تي بلڪل خاموش نظر اچن ٿا ته آخر بلاول کان اهي بيان ڪير ڏياري رهيو آهي،اهڙا بيان جن سان خدا نه ڪري سندس سيڪيورٽيء جا مسئلا به وڌي سگھن ٿا جهڙيء طرح محترمه بينظير ڀٽو جي لاء اهي مسئلا پيدا ٿيا هئا.خدا نه ڪري جو ملڪ ۾ وري ڪو گري راهنو وارو واقعو ورجايو وڃي ان ڪري حڪومت کي گھرجي ته اهم سياسي ۽ مذهبي اڳواڻن خاص طور تي بلاول ڀٽو زرداريء جي سيڪيورٽي جو چڱيء طرح بندوبست ڪري.اهو ضروري ناهي ته ڪنهنجي خلاف اها ڌر ئي ڪا اڻ وڻندڙ ڪاروائي ڪري جنهن خلاف ڳالهايو پيو وڃي پر عام طور تي اهڙن معاملن ۾ ڪيتريون ئي وچيون ڌريون به فائدو کڻڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون.بلاول صاحب کي به اهو سوچڻ گھرجي ته اهي بيان ڏياري ڪو کيس استعمال ته نه ڪري رهيو آهي ۽ کيس سياسي ميدان مان هميشه جي لاء آئوٽ ڪرڻ جي راند ته نه ٿي رهي آهي.انهيء سوال جو جواب ڳولهڻ لاء هن کي ان سوال جو جواب ڳولهڻو پوندو ته سياسي ميدان مان سندس صفائيء يا خدا نه ڪري ساڻس پيش ايندڙ ڪنهن به ممڪنه اڻ وڻندڙ واقعي جو وڏي ۾ وڏو فائدو ڪنهن کي ٿيندو؟
(روزاني هلال پاڪستان 25 مارچ 2019ع)

Monday, March 25, 2019

ڇا انسان ۾ واقعي ڇهين حس موجود آهي؟



شفيق الرحمان شاڪر
جيڪر اوهان کي لڳي ٿو ته ان جي حقيقت رڳو فلم کان ڪجهه وڌيڪ آهي ته اوهان جي نفسياتي حالت بلڪل نارمل آهي.” دي سڪسٿ سينس “ فلم ۾ هالي جوئل اوسمنت وٽ هڪ خاص صلاحيت آهي“ ڇهين حس“! پر انهيء ڇهين حس ذريعي اوهان مئل ماڻهن کي ڏسڻ جي قابل نه بڻجي ويندا.عام طور تي اها معلوم ٿيل پنجن حواسن کان الڳ قسم جي اضافي ” ڇهين حس” واقعي هوندي به آهي يا اهو رڳو هڪڙو خيال آهي؟
ڇهين حس جو اصطلاح اهڙن موقعن تي استعمال ڪيو وڃي ٿو جو اسان کي ڪنهن اهڙي ڳالهه جي ڄاڻ ملي وڃي جيڪا ظاهر ۾ اتي موجود ئي نه هجي.مثال؛ اوهان کي محسوس ٿيڻ لڳي ته ٽرين ۾ اوهان جي سامهون ويٺل هڪ شخص ڪو ڏوهه ڪيو آهي يا اوهان کي اوچتو محسوس ٿيڻ لڳي ته ڪا گڙٻڙ يا نقصان ٿيڻ وارو آهي جيئن اوهين ايمرجنسيء ۾ گھران نڪتا ته پنهنجي ٻار کي ڪچن جي فرش تي کيڏندي ڇڏي آيا هئا.
فلم ”سڪسٿ سينس“ ۾ بالي جوئل مئل ماڻهن سان ڳالهائي ٿو.جيڪر اوهان اها فلم ناهي ڏٺي ته ڏسو،ان ۾ ڪجهه نه ڪجهه خوبصورت چريائپ ضرور ڏيکاري ويئي آهي.”مون کي پهريون ڀيرو مئل ماڻهو نظر اچن ٿا“ اهو جملو ان فلم کان ئي مشهور ٿيو هو.
ڇهين حس هئڻ جو مطلب اهو هرگز ناهي ته جيئن ڊرامن ۽ فلمن ۾ مئل ماڻهن سان ڳالهيون ڪندي ڏيکاريو وڃي ٿو.ڇهين حس مان مراد هيء چئي سگھجي ٿي ته ڪنهن کي ان ڳالهه جو احساس ٿي وڃي ته ڪو نهايت سٺو يا خراب واقعو ٿيڻ وارو آهي.ڇهين حس جو اصطلاح استعمال ڪرڻ سان اسان انسان پنهنجي حواسن جي انگ کي محدود ڪري ڇڏيندا آهيون جڏهن ته اهو چوڻ هڪ غلطي آهي ته اسان وٽ رڳو پنج حسون آهن.مثال؛ ڪجهه اضافي حواسن جا نالا هي آهن؛ ”نوسيپشن“ يعني درد محسوس ڪرڻ جي صلاحيت،”ٿرموسيپشن“ يعني گرميء جي درجي ۾ ٿيندڙ تبديليء کي محسوس ڪرڻ جي صلاحيت،”پروپريسپشن“ يعني جسم ۾ موجود سنڌن جو جسم سان تعلق محسوس ڪرڻ جي صلاحيت ۽ ”ايڪيولبريسپشن“ يعني توازن ۽ وقت جو احساس وغيره. هڪ ٻي اهم صلاحيت اها آهي جو اسان محسوس ڪري وٺندا اهيون جڏهن ڪنهنجو وزن گھٽجي رهيو هجي يا ڪنهنجو پيٽ ڀرجي پيو هجي ۽ جسم کي وڌيڪ کاڌي جي گھرج نه هجي.پيٽ جيڪو ظاهر ۾ هڪ حقيقي شيء آهي پر ان جي حس الڳ نموني ڪم ڪري ٿي.آئيندي جيڪڏهن ڪو اوهان کي چوي ته اوهان ضرورت کان وڌيڪ کائي رهيا آهيو ته کيس ٻڌايو ته اوهان جي اها حس مري چڪي آهي.هاڻي سوال اهو آهي ته ڇا اسان مان هر ڪنهن وٽ ڇهين حس هوندي آهي؟پڪ سان اسان مان هر ڪنهن ۾ اها قابليت ۽ صلاحيت موجود آهي جو اسان پنهنجن باقي حواسن مان هڪ ٻي حس پيدا ڪري سگھون پر پنجن حواسن سواء اهو هرگز ممڪن ناهي.ڪجهه مذهبي حلقن ۾ ڇهين حس کي خدا يا فرشتن جي موجودگيء جي ثبوت طور پيش ڪيو وڃي ٿو.ڪجهه ماڻهو انهيء کي اندروني ڪشف ۽ الهام چون ٿا جو جڏهن به اوهان کي ڪنهن شيء يا ايندڙ وقت جي باري ۾ عجيب محسوس ٿئي ٿو.ايندڙ دفعي جڏهن به اوهان جي ڇهين حس اوهان کي ڪجهه ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪري ته انهيء تي غور ڪرڻ ۽ ان جي باري ۾ سوچڻ کان اڳ ان ڳالهه کي ياد ڪري ڇڏيو ته زندگي بدلجي رهي آهي،بيهي ناهي رهي۽ ان وقت جڏهن اوهان پنجن حواسن کي استعمال ڪري ڪنهن ڇهين حس جي باري ۾ يقين ڪري رهيا هوندا آهيو ته دراصل اوهان سمورن ٿي سگھندڙ امڪانن تي سوچي رهيا هوندا آهيو. تجربن  ۽ اڀياس بعد سائنسدانن اها تصديق ڪئي آهي ته انسان ۾ ڇهين حس موجود آهي جيڪا انسان کي مقناطيسي ميدان کي محسوس ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿي ۽ ان مقناطيسي ميدان ۾ تبديلي آڻي پکين ۽ جانورن کي ان رستي کان ڀٽڪائي به سگھجي ٿو.سائنسدانن هڪ تجربي ذريعي ميون جي باغ  جي مک ۾ انساني اک جي ريٽينا جو پروٽين داخل ڪيو،تحقيقاتي ماهرن مطابق مک پنهنجي اڏام جا رستا بدلائي ڇڏيا هئا جڏهن ته اڃا مک جي اک ۾ به ڪنهن قسم جي تبديلي نه آندي ويئي هئي.ان تجربي مان اهو نتيجو ڪڍيو ويو ته انسان ۾ به ڇهين حس موجود آهي پر اسان ان کان اڻ ڄاڻ رهون ٿا.ٻيا جانور ان حس جو استعمال لڏپلاڻ دوران ڊگھن مفاصلن جو پتو لڳائڻ لاء ڪن ٿا جڏهن ته پکي اهو ڏسڻ لاء ته اهي انهن ڊگھن رستن تي ڪٿي ۽ ڪيڏانهن وڃي رهيا آهن.
موضوع طرف واپس اچون ٿا.ماڻهو چون ٿا ته اهي اهڙيون شيون محسوس ڪري سگھن ٿا جن کي اهي ڏسي به نٿا سگھن جيئن ڪنهن شخص جي ظاهري شڪل م تبديلي يا ان سان پيش ايندڙ واقعا وغيره.آسٽريليا ۾ ميلبورن يونيورسٽيء سان تعلق رکندڙ هڪ آپٽڪ سائنسدان ”پيرز هووي“ جو چوڻ آهي ته ڪنهن قسم جو جادو يا ڇهين حس نه هوندي آهي.ان احساس جي مڪمل وضاحت ”معلوم بصري عوامل“ جي شرطن م ڪري سگھجي ٿي.”نيچر ڪميونيڪيشنز ميگزين“ ۾ شايع ٿيندڙ هڪ تحقيق مطابق عام طور تي جنهن قسم جي ڇهين حس جي اسان دعويٰ ڪندا اهيون اها حقيقت ڪانهي.جيڪر ڇهين حس قرار ڏيڻ گھرجي ته اها زمين جي مقناطيسي ميدان کي محسوس ڪرڻ جي صلاحيت هوندي.سائنسي رسالي ؛جرنل“ مطابق جيڪي ماڻهو ڇهين حس سان محسوس ڪن ٿا اهي اصل ۾ انهن جي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ واري نظام کي محسوس ٿيندڙ ان تبديليء جو احساس آهي جنهن جي وضاحت اهي پاڻ به نٿا ڪري سگھن ته کين ان ڳالهه جي خبر ڪيئن پيئي آهي.گھڻا امريڪي ان ڳالهه تي ويساهه رکن ٿا ته ڪيتريون ئي غيبي قدرتي طاقتون موجود آهن.هڪ سروي ۾ اها به خبر پيئي آهي ته هڪ ڀاڱي ٽي ماڻهو اضافي ادراڪي حواسن تي ويساهه رکن ٿا ۽ ٻه ڀاڱي ٽي ماڻهن غير معمولي آسيبي تجربن مان گذرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.ڪجهه سائنسي اڀياسن ان ڳالهه طرف اشارو ڪيو آهي ته ڪجهه ماڻهو دعويٰ ڪن ٿا ته ڪجهه پيش اچڻ کان پهرين اهي آئيندي وقت جي باري ۾ اڳڪٿي ڪري سگھن ٿا.وڌيڪ اڀياس مان ڪڍيل نتيجن مام معلوم ٿيو ته آئيندي جي انگن اکرن مان نڪتل نتيجن جي هڪ ناقص راء پيش ڪرڻ جهڙو عمل آهي. پيرز هووي سائنسي رسالي “لائيو سائنس“ کي ٻڌايو ته هن جي دلچسپي ان وقت وڌي جڏهن هڪ شاگردياڻي دعويٰ ڪئي ته هن وٽ جادو ئي قسم جي ڇهين حس آهي.هن دعويٰ ڪئي ته هوء اهڙيون شيون به محسوس ڪري وٺي ٿي جن کي هوء ڏسي نٿي سگھي جيئن ڪنهن دوست کي حادثو پيش اچڻ وغيره.پيرز هووي ۽ ميلبورن يونيورسٽيء جي ماهر نفسيات مارگريٽ ويب پنهنجن شڪن جي تصديق لاء ان شاگردياڻيء جي ڇهين حس جي آزمائش وٺڻ جو فيصلو ڪيو.هن پنهنجن دوستن جون هڪ خاص انداز ۾ ڪجهه تصويرون ٺاهيون جن ۾ ڪمپيوٽر ذريعي ظاهري حليي ۾ معمولي تبديليون ڪيون وييون،جيئن هڪ تصوير ۾ هن جي دوستن عينڪون پائي رکيون هيون جڏهن ته ٻين ۾ نه يا هڪڙي تصوير ۾ لپ اسٽڪ لڳايل هئي جڏهن ته ٻي تصوير ۾ بنان لپ اسٽڪ جي دوست موجود هئا.تجرباتي ٽيم 48 انڊر گريجوئيٽ شاگردن کي پهرين تصوير ڏيڍ سيڪنڊ لاء ڏيکاري ءٌ هڪ سيڪنڊ جي وقفي بعد ٻي تصوير سامهون آندي ويئي.ان کان پوء شاگردن کي انهن تصويرن م فرق ڪرڻ لاء چيو ويو.شاگردن کي هڪ لسٽ ڏني ويئي جنهن مان چونڊ ڪرڻي هئي ته انهن ٻنهي تصويرن ۾ ڪهڙو ممڪن فرق موجود آهي.حصو وٺندڙ شاگردن تصويرن ۾ موجود تبديلين کي ضرور محسوس ڪري ورتو هو پر سڀ شاگرد انهن تصويرن ۾ موجود فرق ۽ تبديلين جي نشاندهي ڪرڻ ۾ ڪا سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگھيا ايستائين جو تبديلين مثال هڪ دوست جيڪو مٿي تي وڏي ميڪسيڪن ٽوپيء جي غير موجودگي جي نشاندهي ڪرڻ ۾ به ناڪام رهيا يا وري اهڙي تبديلي ٻڌائي جيڪا موجود ئي نه هئي.اهو ئي مامرو انهن دوستن سان به پيش آيو جيڪي تصويرن م موجود هئا جڏهن انهن تبديلين کي محسوس ڪيو پر اهي لسٽ ۾ ان ڳالهه جي نشاندهي نه ڪري سگھيا ته ڪهڙيون ممڪنه تبديليون ٿي سگھن ٿيون.پيرز هووي ان ڳالهه جو مشاهدو ڪيو ته دماغ منظرن کي سمجھڻ لاء بصري ماپ کي حصن ۾ ورهائي ٿو جيئن اوندهه،رنگ،اڀو يا ان جي ابتڙ حصو پر دماغ اسان کي اهو نٿو سمجھائي سگھي ته اسان انهن حصن ۾ ٿيندڙ ان ممڪنه تبديليء کي ڪيئن بيان ڪريون ۽ ان جو اشارو ڪيئن ڪريون.ٻئي تجربي ۾ ٽيم شاگردن کي ڳاڙهي ۽ سائي رنگن جي ڊسڪ هڪ ليڪ ۾ ترتيب سان ڏيکاري ويئي ۽ هڪ ڀيرو وري ان سلسلي کي  مختلف ترتيب سان ورجايو ويو.هڪ دفعو وري شاگردن ترتيبي تبديليء کي محسوس ته ڪري ورتو پر ان جي وضاحت ڪرڻ ۾ هو وري به ناڪام رهيا ۽ جڏهن ٽيم ترتيب سان رکيل سمورين ڳاڙهين ۽ ساين ڊسڪن مان ڪجهه ڊسڪن جو رنگ تبديل ڪيو ته شاگردن جي ڇهين حس مڪمل طور تي ڪم ڪرڻ ڇڏي ويئي.نتيجن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهڙن مرحلن م ڇهين حس جي يقين جي اصليت جنهن ۾ اهو شخص سمجھي ٿو ته هن الهامي طور تي ڪنهن اهڙي شيء جي ڄاڻ حاصل ڪري ورتي آهي جيڪا هن ڏٺي ئي ڪانهي.هو ان ڳالهه جو انڪار ڪري ٿو ته اها ڄاڻ هن ڪنهن ٻئي ذريعي سان محسوس ڪئي يا ڏٺي آهي جيڪا بصري ماپ جي معيار ۾ اختلافن سبب خيال جي صورت ۾ دماغ انهن کي پيش ڪري ٿو. اهڙي ڪابه بصري پيمائشي غلطي  حس نه چورائيندي جيڪا فزڪس جي عام قائدن کان ٻاهر نڪري ڪم ڪندي هجي.پيرز هووي جي شاگردياڻيء جي معاملي ۾ شايد ان شاگردياڻيء ظاهر ۾ ڪٿي نهايت معمولي تبديليء کي پنهنجي آسپاس ماحول مان پنجن حواسن ذريعي محسوس ڪيو هوندو پر هن کي پاڻ به ان ڳالهه جو اندازو نه ٿيو هوندو ته هوء هڪ اهڙي صورتحال منجھان پنهنجي الهام ۽ ڪشف لاء ڪنهن اشاري کي پنهنجي ڇهين حس جي طور تي چونڊي چڪي هئي ته هن جي دوست کي حادثو پيش اچي چڪو آهي.پيرز هووي وڌيڪ چيو ته ان موضوع تي مطالعو ڪرڻ جو مقصد انهن ماڻهن کي قائل ڪرڻ هو ته جيڪي اڻ ڏٺي مخلوق ۽ طاقتن تي انڌو ويساهه رکن ٿا.اسان ان کي ثبوت طور پيش ڪري سگھون ٿا پر اهي ماڻهو جيڪي سمجھن ٿا ته انهن وٽ ڇهين حس موجود آهي اهي ان تي يقين ڪندا رهن ڇو ته اها خوشفهمي آهي جو انهن وٽ ڇهين حس جهڙي ڪا صلاحيت موجود آهي.پنجن حواسن سان ئي معلوم نتيجا ڪڍڻ جي صلاحيت ڪا جادوئي خوبي هرگز ڪانهي.

(روزاني ڪلياڻ 25 مارچ 2019ع)

Sunday, March 24, 2019

سياست،سياستدان ۽ عوام.



شفيق الرحمان شاڪر
ڇا چئجي،ڪيئن چئجي ۽ ڪنهن سان ڪهڙي گلا ڪجي.سوچيو وڃي ته ڪنهن کي ڇو ڪجهه چئجي جو سڀ پنهنجو پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهن ۽ سڀ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.پنهنجو پنهنجو حصو شامل ڪري رهيا آهن ته پوء انهن ”ويچارن“ کي ڇا چئجي؟سڀ پنهنجن ڏکن ۽ دردن کي پٺيء پويان اڇلي هڪ ئي ڌن ۾ لڳل نظر اچن ٿا. ڏينهن رات ملڪ ۽ قوم جي ”خدمت“ ڪري رهيا آهن.پاڪستاني عوام جي ”ڀلائي ۽ بهبودي“ جي ڪمن ۾ لڳل آهن.هر وقت ڪنهن جوٽيل ڍڳي وانگر .انهن کي ٻي ڪنهن شيء سان ڪا دلچسپي ناهي.بس هڪڙي ئي ڌن آهي سا آهي ”خدمت،خدمت ۽ خدمت.“جيئن اسان جي قائد قوم کي ترقي ڪرڻ لاء نصيحت ڪئي هئي ته ”ڪم،ڪم ۽ ڪم.“ سو هنن وري پنهنجو موٽو ”خدمت” کي بنايو آهي۔ هتي هي سوال سامهون اچي ٿو ته جيڪر ڪو فرد يا فردن جو ميڙ عوام جي خدمت تي مقرر هجي، ان راتين جي ننڊ ۽ ڏينهن جو سڪون عوام لاء برباد ڪري رکيو هجي ۽ لاڳيتو پاڻ کي ملڪ ۽ قوم جي خدمت لاء وقف ڪري ڇڏيو هجي ته اهڙي شخص يا ماڻهن کي ”خادم جمهوريت“ يا خادمين جمهوريت“ چئبو آهي.اهي خادم جنهن نظام کي ملڪ ۾ ترقي ڏيندا آهن تنهن کي جمهوريت چئبو آهي.انهن ماڻهن جي ميڙ کي سياستدان چئبو آهي جڏهن ته انهن جي عملن ۽ سوچن کي سياست چئبو آهي.اسان جي پياري وطن ۾ سياست جا ڪيترائي قسم آهن.مثال؛ خانداني سياست،نسل در نسل سياست،صدين تائين سياست، استحصال جي سياست،کاٻي ۽ ساڄي ڌر جي سياست،اف هيء سياست،هاء هيء سياست، حيف هيء سياست،هتان جي سياست،هُتان جي سياست،گھريلو سياست،ڏاڏاڻي،ناناڻي ۽ سهراڻي سياست وغيره.انهن سياستن جي وصف بيان ڪرڻ لاء ته ڪي دفتر گھرجن ان ڪري تفصيل ۾ وڃڻ جي گھرج ناهي.انهن سياستن جو ئي اثر آهي جو اسان وٽ خبرن ۾ سياست،اخبارن ۾ سياست،ادارن ۾ سياست،ريڊيو ۽ ٽي وي تي سياست،ڏوهن ۾ سياست.مرڻن ۽ پرڻن ۾ سياست،جيڏانهن ڏسو ته سياست ئي سياست نظر اچي ٿي.تڏهن ته هر طرف سڪون جا دريا وهي رهيا آهن،خوشحاليء جون نديون ڇوليون هڻي رهيون آهن.هر طرف،سڪون،چين ۽ اطمينان جي بانسري وڄي رهي آهي.هر طرف راحت ئي راحت آهي.اهڙي حالت ۾ ڀلا ”خوشي“ کي ڪير ڪيئن وساري سگھي ٿوجيڪا اسان جي وچ ۾ زنده ۽ تابنده گھمي رهي آهي ڇو ته اسان جا رهنما ۽ اسان جا سياستدان سڀ ان ڪوشش ۾ آهن ته اسان جي پياري،محترم ۽ نازڪ عوام کي ڪا تڪليف نه پهچي.هونئن ڏٺو وڃي ته آخر سياستدان آهن ڇاجي لاء؟ ڀلا جمهوري نظام جي جاکوڙ ڪنهن جي لاء ڪئي وڃي ٿي؟ان جو جواب ته ڪو آڱوٺي ڇاپ،اڻ پڙهيل ۽ ڏنڊا مار به اکيون پوري ڏيئي سگھي ٿو ته انهن سياستدانن جي جمهوريت لاء ڪيل اها جدوجهد رڳو ۽ رڳو عوام لاء ئي هوندي آهي.سياستدان اهي هستيون آهن جن پنهنجو پاڻ کي وساري پنهنجو وجود عوام جي خدمت لاء وقف ڪري رکيو هوندو آهي ۽ سندن خيرخواهيء کي پنهنجي زندگيء جو مقصد بنائي ڇڏيو هوندو آهي.اسان وٽ اهڙين متبرڪ هستين جي کوٽ بلڪل ناهي.اسان جي وطن ۾ اڄڪلهه نهايت ئي نفيس،تجربيڪار ۽ ڏاهن سياستدانن جو ملاکڙو جاري آهي.اهو ملاکڙو ڏسي ڪري اسان کي ڏاڍو سٺو محسوس ٿئي ٿو،فخر وچان اسان جا ڪنڌ مٿي ٿي وڃن ٿا.ايئن لڳندو آهي ڄڻ ته اسان جي ڪنڌ ۾ سريو لڳي ويو هجي.اسان کي ڏاڍي خوشي“ ٿيندي آهي جو اسان جي پياري وطن ۽ ان جي ڏاهن سياستدانن جو ڪٿي ڪٿي ۽ ڪيئن ڪيئن ذڪر ٿئي ٿو.چوندا آهن ته سياست ۾ ڪنهن کي به ڪڏهن ”نه“ نه چئبي آهي،اهو ئي نه پر مصلحت ۽ مفاهمت “ جا دروازا  هروقت کليل رکبا آهن.انهيء ئي سوچ جي پيش نظر ڪڏهن به ڪو دوست دشمن ۽ ڪو دشمن دوست بڻجي سگھي ٿو.ڪهڙي نه پياري آهي اها سياست! جتي جڏهن کپي ڪنهن کي پاڻ وٽ گھرائي وٺجي يا ”نياز ۽ نوڙت“ جو مظاهرو ڪندي ڪنهن وٽ پاڻ هليو وڃجي، هٿ ملائي وٺجي ۽ ڪوشش ڪري هڪ ٻئي جا پير چمي وٺجن ڇو ته محبت انڌي ٿيندي آهي.اسان ڪيترا ظالم آهيون جيڪي ان عظيم ”پيار ۽ محبت“ کي نٿا سمجھون بلڪه ان کي غلط سلط نالا ڏيندا آهيون ته اهي ته پنهنجن ذاتي مفادن لاء ڪجهه به ڪري سگھن ٿا،ڪجهه به داء تي لڳائي سگھن ٿا.ڪجهه ماڻهو ته جمهوريت جي انهن ”خادمن“ کي مفاد پرست ۽ مطلبي به سڏي ويهن ٿا.اصل ۾ اهڙو نادان عوام جمهوريت جي گھرجن کي سمجھن ئي نٿا ۽ جڏهن کين سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته چون ٿا ته ان سموري فتني جي پاڙ ته اسان پاڻ آهيون ڇو ته اسان پاڻ ووٽ ڏيئي انهن کي پنهنجو اڳواڻ بنايوآهي ته پوء الزام ڪهڙي ڳالهه جو؟ اسان پاڻ چونڊي چونڊي پنهنجن نمائندن کي اسيمبلين ۾وٺي اچون ٿا ۽ ايڏيون وڏيون ذميداريون انهن ”ويچارن“ کي ڏيئي ڇڏيون ٿا.اهي ماڻهو جيڪي پاڻ ڪجهه ڪري نٿا سگھن يا ڪرڻ نٿا چاهين اهي انهن ماڻهن کي معصوم سمجھي چونڊي وٺن ٿا.هاڻي اوهان ئي ٻڌايو ته ان ۾ ويچارن نمائندن جو ڪهڙو قصور؟ اها ڪا وڏي ڳالهه نه رهي آهي هاڻي ته اهو روزمرهه جو معمول آهي،ڪانه ڪا تبديلي ۽ ڪانه ڪا هلچل سياسي جماعتن ۽ سياستدانن ۾ ٿيندي رهي ٿي.ڪالهه هو صاحب اوهان جو هو،اڄ اسان جو آهي ۽ سڀاڻي نه تنهن جو نه منهن جو پر ڪنهن ٻئي جو هوندو.ملڪ ته برابر اسان سڀني جو آهي پر سياست ۽ جمهوريت رڳو انهن جي آهي.اسان پنهن جي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻي انهن کي جمهوريت جمهوريت کيڏڻ لاء کليل ميدان ڏيئي ڇڏيو آهي.ٿورو تصور ته ڪيو جو گذريل ستر سالن کان ملڪ ڦربو ۽ لٽبو ئي رهيو آهي ۽ لٽڻ وارا ايترا دلير آهن جو ڦري ۽ لٽي به معصوم ئي آهن.برطانيا ۾ جڙيل آشيانا هجن يا سوئز بينڪ ۾ اربن جا اڪائونٽ،سري جا محل هجن يا ملڪي زمينون،انڊسٽري هجي يا هائوسنگ اسڪيمون،زراعت هجي يا واپار،هر ڪم جيڪو ڪنهن به سياستدان سان تعلق رکي ٿو سو ايترو ته برڪتون حاصل ڪندو ٿو وڃي جو موسمي پيداوار ته پنهنجي جڳهه تي پر بي موسمي ميوو به خوب ڏيئي رهيو آهي ۽ عوام ويچاري کي ته رڳو ”صبر جو ميوو“ ئي نصيب ٿئي ٿو.پر انهن جي حوالي ٿيل سمورا سرڪاري يعني عوامي ادارا خيرجو رڳو ”خسارو“ ئي ڪمائين ٿا.


(روزاني عوامي آواز 22 مارچ 2019ع)

Saturday, March 23, 2019

23 مارچ ؛ ڇا اسان سوچڻ لاء تيار آهيون؟



شفيق الرحمان شاڪر
23 مارچ 1940ع تي پاڪستان جو ٺهراء پاس ٿيڻ بعد عوام قائد اعظم جي بي لوث قيادت هيٺ جنهن اڻ ٿڪ جدوجهد جي شروعات ڪئي ان جي نتيجي ۾ 14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان هڪ آزاد ملڪ طور دنيا جي نقشي تي ظاهر ٿيو پر ان کي اسان جي بدقسمتي چئجي جوآزادي حاصل ڪرڻ جي ايڪهتر سالن بعد به اسان ذات پات ۽ هيٺاهين مٿاهين جي هٿرادو خول مان ٻاهر نه نڪري سگھيا آهيون.تعليم،صحت توڙي ڪوبه شعبو ڏسو هر هنڌ امير غريب ۽ ڏاڍي ڪمزور ۾ کليل فرق نه رڳو صاف نظر اچي ٿو پر اهو فرق ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي.پهچ رکندڙ علاج،تعليم ۽ ٻين سماجي خدمتن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪري رهيا آهن جڏهن ته غريبن ۽ لاچارن لاء رڳو دلاسا،وعدا ۽ روشن مستقبل جون آسون ۽ اميدون آهن.وڏا ماڻهو قومي خزاني تي ڌاڙا هڻي يا ڪو به وڏو ڏوهه ڪري به جيل ۾ اي ۽ بي ڪلاس جا مزا کڻندا رهن ٿا جڏهن ته ويچاري غريب کي ڪنهن معمولي ڏوهه ۾ به عبرت جو نشان بنائي ڇڏيو وڃي ٿو.چوڻ لاء ته اسان آزادي حاصل ڪئي پر عملي طور تي اسان اڄ تائين ذاتين پاتين ۽ برادرين ۾ ورهايل آهيون.دنيا خبر ناهي ڪٿان کان ڪٿي پهچي ويئي پر اسان اڃا تعصب جي ڪاروبار ۾ ئي ڦاٿل آهيون.اسان جي سماج ۾ برادري ازم جون پاڙون ايتريون مضبوط آهن جو ان قلعي کي ٽوڙڻ ممڪن نظر نٿو اچي.برادري ۽ ذات پات جي بنياد تي طلم،ستم ۽ زيادتي جا ان ڳڻيا واقعا به ڏسڻ ۾ اچن ٿا.ايستائين جو برادريء کان ٻاهر شادي وهانء کي به عظيم گناهه سمجھيو وڃي ٿو.گڏيل طور تي سماج جو جائزو وٺجي ته هتي انسان ۽ انسانيت جي بي وقعت هئڻ وارو احساس وڌندو ٿو وڃي،رنگ،نسل،اختيار ۽ مالي حيثيت کي انسانيت تي فوقيت ڏني ٿي وڃي.اخباري صفحا انسان ۽ انسانيت جي تذليل ۽ تضحيڪ سان ڀريا پيا آهن.انصاف جون به ٻه اکيون آهن.اشرافيا جو طبقو ٽيڪس چوري ۽ ڪرپشن ڪرڻ باوجود سمورين سهوليتن مان مستفيد ٿي رهيو آهي جڏهن ته ويچارو غريب پنهنجي رت ۽ پگھر جي ڪمائيء مان ٽيڪس ڪٽرائڻ باوجود به بيوسي،نااميدي ۽ مايوسيء جي تصوير بڻيل نظر اچي ٿو.وڏا گھر ۽ عاليشان محلات چوريء جي بجلي يا بل نه ڏيڻ باوجود رات ۾ به ڏينهن جو نظارو پيش ڪن ٿا جڏهن ته عوام واڌو بل ڀرڻ باوجود ميڻ بتين ۽ لالٽينن جي سهاري زندگي گذاري رهيو آهي.اسان جو الميو اهو به آهي جو ڌارين جون برائيون بيان ڪندي ته اسان نٿا ٿڪون پر انهن جي خوبين ۽ چڱاين کان اکيون پوري ڇڏيندا آهيون.اسان جو نظام به هڪ عجيب نظام آهي جيڪو نه ته اسلامي ۽ نه ئي جمهوري آهي.اسان جو اشرافيا طبقو توڙي پنهنجن محلن ۾ هجي يا روڊن رستن ۾ هر صورت ۾ غريب، مجبور ۽ لاچار عوام لاء دائمي عذاب بڻيل رهي ٿو.بد قسمتيء سان عوام جو رت نپوڙي حاصل ڪيل ٽيڪس جو پئسو عوام کي بنيادي سهوليتون مهيا ڪرڻ بدران اشرافيا ۽ حڪمرانن جي شاهاڻن شوقن،سندسن رهڻ سهڻ،پروٽوڪول ۽ عياشين جي حوالي ٿي وڃي ٿو.اهو طبقو جڏهن ٻاهر نڪري ٿو ته پوليس ۽ ٻين قانون نافذ ڪندڙ ادارن جون ڦڙتيون ڏسڻ وٽان هونديون آهن.شاهاڻي پروٽوڪول ۾ شامل گاڏين جو انگ ڏسڻ لائق هوندو آهي ۽ پوليس جي به گھڻي نفري عام ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ بدران شاهاڻي پروٽوڪول جي ڊيوٽي ۽ انهيء اشرافيا جي حفاظت جي ڊيوٽيء تي مقرر ٿيل هوندي آهي.ستم ظريفي اها جو پروٽوڪول تي زباني ڪلامي لعنتون موڪليندڙ هاڻوڪا حڪمران به پروٽوڪول جا مزا ماڻيندي نظر اچن ٿا.سچ ته اهو آهي جو هتي غريب جو رت سستو ۽ امير جو رت املهه آهي.غريب جي ان احساس سبب پيدا ٿيندڙ نفرت ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي جنهن جو خاتمو ضروري آهي.اهڙا انتظام ڇو نٿا ڪيا وڃن جو غريب ۽ امير جي جان.مال،عزت ۽ آبروء کي هڪجهڙو تحفظ ملي ۽ وي آئي پي پروٽوڪول بدران سڀني لاء هڪ جهڙو پروٽوڪول هجي.عوام به پنهن جي اها سوچ ڇو نٿو بدلائي ته پنهنجا حڪمران ۽ نمائندا چونڊڻ وقت انهن ماڻهن کي ووٽ نه ڏئي جن کي غرور،تڪبر ۽ اسپيشل پروٽوڪول جو مرض لڳل آهي.مهانگائيء جو زبردست طوفان آهي،سياستدانن جون ٻوليون ٻڌو،سندن تقريرون سڻو ته سڀ ٺيڪ آهي جو تاثر ملي ٿو جڏهن ته زميني حقيقتون ڪجهه ٻيو ٻڌائين ٿيون.بي روزگاريء جي شرح وڌي رهي آهي ۽ هڪ ڪروڙ نوڪرين جو لولي پاپ رڳو هڪ انتخابي ٺڪاء نظر اچي ٿو.هر ايندڙ پوين کي پٽيندو ۽ نديندو رهي ٿو.ڪوبه مسئلن جو ٺوس ۽ قابل عمل حل ڏيڻ لاء تيار ناهي.اهو ڳڻتي جو لمحو آهي جو عام ماڻهوء جو احساس محرومي گھڻو وڌي رهيو آهي ۽ اهي حڪمرانن ۽ سياستدانن جي ناقص ڪارڪردگيء سبب مورڳو جمهوريت مان ئي نا اميد ۽ مايوس بڻجي رهيا آهن.اسان جو مدي خارج نظام هڪ اهڙي ناراض ۽ مايوس طبقي جي اوسر ڪري رهيو آهي جيڪو اڳتي هلي هڪ ناسور جي شڪل اختيار ڪري سگھي ٿو.عوام جيڪر خاموش آهي ته ان جو مطلب اهو ناهي ته اهو مطئمن به آهي بلڪه انهيء خاموشيء پويان هڪ عظيم بيوسي ۽ مايوسيء جو احساس آهي جنهن ۾ سخت ڪاوڙ ۽ غصو ڀريل آهي.آخر ماڻهن کي ڪيستائين سندن بنيادي حقن کان محروم رکي سگھجي ٿو؟ عوام جو اهو حق آهي ته رياست انهن کي هر طرح جو تحفظ مهيا ڪري ۽ سماج مان معاشي،سماجي ۽ سياسي اڻ برابري ۽ نا انصافي ختم ڪري.پنهن جا حق گھرڻ تي ماڻهن کي ملڪ دشمن،سماج دشمن يا غدار چئي حقيقتن کان منهن موڙي نٿو سگھجي.ايڪهتر سالن جو عرصو ڪو ٿورو عرصو ته ناهي هوندو،انهيء دوران گھڻو ڪجهه ٿي سگھيو ٿي پر هتي پنهنجي سياسي تاريخ ۾ سڀ جا سڀ حڪمران جيڪي بوٽن جي زور تي آيا توڙي ووٽن ۽ نوٽن جي زور تي عوام تي ظلم ئي ڪندا رهيا آهن.هن پياري وطن کي خدا تعاليٰ هر نعمت سان نوازيو آهي.وسيلن جي کوٽ ناهي پر وسيلن جي منصفاڻي ورهاست جو الميو آهي.اسان جي حڪمران اشرافيا جي سوچ تبديل ٿيڻ جو نالو ئي نٿي وٺي.اهي اڄ به عوام کي پنهنجي رعيت ۽ پنهنجو پاڻ کي انهن جو بادشاهه سمجھڻ واري روش ۽ هلت تي قائم آهن.دنيا بدلجي چڪي آهي پر اسان جا حڪمران ۽ سياستدان خبر ناهي ڪهڙي زماني ۾ جي رهيا آهن.عوام جي خدمت ۽ ڀلائيء لاء قائم ٿيل ادارن ۾ اڄ به بنان رشوت ۽ سفارش جي ڪو جائز ڪم به نٿو ٿئي.ماڻهو انصاف جي اوسيئڙي ۾ هي جهان ڇڏي وڃن ٿا پر انصاف پلئي نٿو پوي.اڄ به غريب لاء هڪڙو ۽ امير لاء ٻيو قانون آهي.اهو نظام تبديل ڪرڻو پوندو،جمهوريت جي نالي جمهور سان ويساهه گھاتيون بند ڪرڻيون پونديون.سچائين کي تسليم ڪرڻو پوندو۽ عوام کي حقيقي طور تي اقتدار ۽ اختيار ۾ شامل ڪرڻو پوندو.23 مارچ جي قرارداد مطابق ملڪ جي تعمير ۽ ترقيء جو جذبو ئي اسان کي دنيا ۾ عزت ۽ وقار وارو مقام ڏياري سگھي ٿو.
 (روزاني هلال پاڪستان 23 مارچ 2019ع)



Friday, March 22, 2019

هدايت جورستو ؛تنھنجو پالڻھار اُن (توبه) کان پوءِ بخشڻھار مھربان آھي



وَالَّذِينَ عَمِلُوا السَّيِّئَاتِ ثُمَّ تَابُوا مِن بَعْدِهَا وَآمَنُوا إِنَّ رَبَّكَ مِن بَعْدِهَا لَغَفُورٌ رَّحِيمٌ
۽ (اي پيغمبر) جن بڇڙا ڪم ڪيا وري اُن کان پوءِ توبه ڪيائون ۽ ايمان آندائون، (تن کي) تنھنجو پالڻھار اُن (توبه) کان پوءِ بخشڻھار مھربان آھي.  
                                                                                                                                                                        (سورت اعراف آيت 153)
But those who committed misdeeds and then repented after them and believed - indeed your Lord, thereafter, is Forgiving and Merciful.

نسل پرستيء جي باهه ۾ سڙندڙ دنيا!



شفيق الرحمان شاڪر

نيوزي لينڊ جي مسجد النور ۾ ٿيل دهشتگرد ڪاروائيء کان ترت پوء اهو انڪشاف ٿيو ته اها ڪاروائي ڪندڙ سنگدل دهشتگرد برينٽن ٽيرنٽ امريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جو ديوانو آهي.هو ٽرمپ کي ڳورن جي نئين سڃاڻپ مڃي ٿو.انهيء بيان سان اهي سڀ ماڻهو حيران رهجي ويا آهن جيڪي صدر ٽرمپ جي خيالن کان واقف ناهن.سفيد فام نسلي تعصب جي جنون ۾ ورتل ٽيرنٽ ۽ امريڪي صدر ٽرمپ ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون ساڳيون آهن ۽ انهن ڳالهين جي ڪري ئي هو ٽرمپ جو عاشق بڻيو آهي.صدر ٽرمپ جو ان حقيقت کان انڪار ناممڪن آهي ته هو سفيد فام نسل پرست ناهي.اسلام فوبيا جي باري ۾ ٽرمپ پنهنجن بدبودار خيالن ۽ بيانن سبب هو ان بي رحماڻي ڪاروائيء کي دهشتگردي نه چئي سگھيو.امريڪي صدارتي اميدوار جي طور تي ٽرمپ 2015ع ۾ مسلمانن جي امريڪي سرزمين تي داخل ٿيڻ تي پابندي لڳائڻ جي ڳالهه ڪئي هئي ۽ چونڊجڻ بعد ڪيترن ئي مسلمان ملڪن جي ماڻهن تي امريڪا ۾ اچڻ تي پابندي به لڳائي ڇڏي هئي.انهيء ئي عمل جي جھلڪ هو بهو ٽيرنٽ جي منشور ۾ به نظر اچي ٿي.هو لکي ٿو ” حملي آورن کي اهو ڏيکارڻو آهي ته اسان جي زمين ڪڏهن به انهن جي ٿي نه سگھندي.جيستائين هڪ به ڳورو موجود هوندو اهي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگھندا.“ ٽرمپ جي اها نفرت رڳو مسلمانن سان هجي ها ته گھڻا ان نفرت جو جواز مسلمانن جي ڪردار کي ڄاڻائي چون ها ته مسلمان جڏهن پنهنجو رويو درست ڪندا ته اها نفرت پاڻهي محبت ۾ بدلجي ويندي پر ٽرمپ بعد ۾ سي اين اين کي انٽرويو ڏيندي چيو هو ته ”منهن جي خيال ۾ اسلام اسان کان نفرت ڪري ٿو،اها رڳو منافقاڻي سياسي بيان بازي آهي.“ اصل ۾ امريڪي صدر جي چوڻ جو مقصد اهو هو ته هو اسلام کان نفرت ڪري ٿو.اسلام هنن کان نفرت ڪري ٿو جو ڪهڙو مقصد ٿيو؟ ان معاملي جو هڪ دلچسپ پاسو اهو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ جي ان انتها پسنديء باوجود ٽيرنٽ ٽرمپ کان مطئمن ڪونهي.هو پنهن جي منشور ۾ لکي ٿو” توڙي جو هو ٽرمپ کي سفيد فام نسل پرستيء جي نشاني سمجھي ٿو پر هو ٽرمپ کي سياسي ليڊر طور تسليم نٿو ڪري.“ آمريڪا ۾ مسلمانن جي حقن لاء ڪم ڪندڙ تنظيم ”سي آئي اي آر“ جي اڳواڻ نهاد عوض مطابق ٽرمپ اسلام فوبيا کي هڪ عام شيء قرار ڏيئي مسلمانن ۽ مهاجرن کي ڊيڄارڻ وارن کي جواز مهيا ڪيو آهي.هونئن ٽيرنٽ کي مسلمانن جي وڌندڙ آباديء سان نام نهاد يورپي تهذيب کي پيدا ٿيندڙ خطري تي جيڪا ڳڻتي آهي اهو ئي درد ٽرمپ کي به ستائي ٿو.هاڻي تازو ٽرمپ يورپ جي دوري دوران مهاجرن جي باري ۾ هڪ سوال جي جواب ۾ چيو هو ” هونئن سياسي طور تي اهو صحيح ناهي پر آئون چوندس ۽ زور ڏيئي چوندس ته تهذيب بدلجي رهي آهي ۽ آئون سمجھان ٿو ته اهو يورپ لاء ناڪاري عمل آهي.“ ٽرمپ ٻين ملڪن مان ايندڙن کي ”درانداز“ سڏي ٿو جڏهن ته ٽيرنٽ انهن کي ”حملي آور“چوي ٿو.آڪٽوبر ۾ امريڪي شهر پيٽسبرگ ۾ يهودين جي عبادت گاهه ۾ يارهن ماڻهن کي قتل ڪندڙ سفيد فارم نسل پرست انتها پسند انهن کي حملي آورن جو مددگار قرار ڏنو هو.نسل پرستيء جو اهو مرض رڳو آمريڪا تائين محدود ڪونهي پر برطانيا جي قدامت پرست جماعت ”ٽوريز“ کي چوڏنهن ميمبرن کي نسلي تضحيڪ ڀرين تبصرن جي ڏوهه ۾ سندن رڪنيت معظل ڪرڻي پيئي.اهي جملا ”جيڪب ريس موگ“ نالي پارلياماني ميمبر جي فيس بڪ پيج تي لکيا ويا.چوڏهن هزار ماڻهو ان پيج تي ريس موگ کي فالو ڪن ٿا ۽ سندس پارٽيء کي فالو ڪندڙن جو انگ هڪ لک کان مٿي آهي.ريس موگ هڪ هنڌ لکيو ته سمورن مسلمانن کي دفترن مان ٻاهر ڪڍيو وڃي ۽ سمورين مسجدن مان نجات حاصل ڪئي وڃي.اها هڪ ڪڙي سچائي آهي ته سيڪيولر جمهوريت جي وڏين وڏين دعوائن باوجود پنهنجو پاڻ کي مهذب دنيا جو اڳواڻ سمجھندڙ يورپ اڃا تائين نسلي انتها پسنديء مان پنهنجي جان نه ڇڏائي سگھيو آهي.هندستان جهڙن ملڪن ۾ به مغربي نظرين جي ترقيء سان گڏوگڏ نسلي فسطائيت مضبوط ٿي رهي آهي.نسل پرست جمهوري اڳواڻ چونڊن ۾ ڪاميابيء لاء ميڊيا ذريعي تعصب ۽ نفرت جو زهر پکيڙين ٿا جنهن سان ٽيرنٽ جهڙا دهشتگرد وجود ۾ اچن ٿا.ستم ظريفي اها جو ٽرمپ جهڙا نسلي انتها پسند پنهنجن انهن ڪريل حرڪتن باوجود پنهنجو پاڻ کي امن جا علمبردار ظاهر ڪن ٿا.هڪ طرف عقل جو انڌو امريڪي صدر ٽرمپ آهي ته ٻئي طرف ڪرائيسٽ چرچ ۾ دهشتگرديء جو نشانو بڻيل مسجد جو امام ابراهيم عبدالحليم آهي جنهن نهايت صبر ۽ بردباريء سان چيو ته انهيء حملي سان مسلمانن جي دلين ۾ نيوزيلينڊ جي لاء محبت جي جذبن ۾ ڪا گھٽتائي نه ايندي.لينوڊ مسجد جي امام جو چوڻ آهي ته اسان اڃا به هن ملڪ سان محبت ڪيون ٿا ۽ دهشتگرد اسان جي اعتماد کي هرگز نقصان پهچائي نٿا سگھن.هن چيو ته نيوزيلينڊ جي عوام جي اڪثريت جون همدرديون اسان سان آهن.
جيستائين يورپ جو تعلق آهي ته يورپ اهو ناهي رهيو جنهن جو خواب ڏٺو ويو هو،اڄ جو يورپ تضادن سان ڀريل آهي جتي مسلمان ۽ غير مسلم رهواسين جي تهذيب ۽ معيار زندگيء جو فرق هڪ خطرناڪ حد تائين پهچي چڪو آهي.اهو ئي سبب آهي جو اميگريشن جي پاليسيء تي سخت تنقيد ڪئي پيئي وڃي ۽ انهيء کي يورپي قومن لاء تباهي قرار ڏنو پيو وڃي..عيسائي قدامت پرست ۽ غير مذهبي سفيد فام ماڻهن ۾ نسل پرستي زور وٺي رهي آهي.اهي سفيد فام نسل پرست پنهنجن لبرل حڪومتن کان گھڻو ڊنل آهن ۽ بظاهر ايتري اڪثريت به حاصل نٿا ڪري سگھن جو پارليامينٽ ۾ مسلمانن خلاف قانون سازي ڪري سگھن ان ڪري اهي ماڻهو اندر ئي اندر هڪ باهه ۾ سڙي رهيا آهن ۽ جن جي ڪاوڙ آهستي آهستي وڌندي ٿي وڃي.هالينڊ ۾ گيرٽ ويلڊرز جي پارٽيء جي عوامي مقبوليت وڌي رهي آهي ۽ ٻين يورپي ملڪن ۾ به انهن جي حق ۾ عوامي راء هموار ٿي رهي آهي.نسل پرستيء ۾ ورتل يورپي پنهنجي مستقبل کان مايوس نظر اچن ٿا ته ٻئي طرف ميڊيا باهه تي تيل هارڻ جو ڪم ڪري رهيو آهي جيڪو دهشتگرديء جي واقعن کي اسلام سان جوڙي دنيا کي اهو باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پيئي وڃي ته ”اسلام هڪ فاشسٽ نظريو آهي. جيڪي ماڻهو ٻاهران ايندڙ ماڻهن خلاف ڪا ڪاروائي نٿا ڪن اهي بزدل آهن.ان ڪري پنهنجن نسلن کي بچائڻ خاطر انهن خلاف آواز اٿاريو ۽ انهن کي پنهنجن ملڪن مان ڌڪي ٻاهر ڪڍو نه ته اهي سڀ ڪجهه برباد ڪري ڇڏيندا.اسان جي عورتن کي ٻانهيون بنائي ڇڏيندا ۽ اسان جي صدين جي تاريخ ۽ ثقافت کي تباهه ڪري ڇڏيندا.“


(روزاني هلال پاڪستان)

Thursday, March 21, 2019

سورهيه بادشاه جنهن ساهه ڏيئي ويساه ڏنو.



شفيق الرحمان شاڪر
اهم اهو ناهي هوندو ته ڪو ماڻهو ڪيترو عرصو زندهه رهي ٿو پر اهم اهو آهي ته اهو ڪهڙيء ريت زندهه رهي ٿو.سنڌ جا سورهيه بادشاهه حضرت سيد صبغت الله شاه راشدي شهيد رحمت الله عليه کي 20 مارچ 1943ع تي انگريزن خلاف آزاديء جي جنگ وڙهندي  سينٽرل جيل حيدرآباد ۾سوريء چاڙهيو ويو پر هو اڄ به ڪروڙن انسانن جي دلين ۾ زندهه آهي.سورهيه بادشاهه سنڌ ڌرتيء جو اهو بهادر سپوت آهي جنهن  ساهه ڏيئي اهو ويساهه ڏنو ته غلاميء جي زندگيء کان عزت جو موت بهتر آهي.وقت ثابت ڪيو ته هو سنڌ جي سورهين جو بادشاهه آهي.هو جڏهن پنهنجي بهادر حر جماعت جو پڳدار بڻيو ان وقت سندس عمر رڳو ٻارهن سال هئي.هن ان عمر ۾ ئي محسوس ڪيو ته انگريزن جو رويو سنڌين خلاف نهايت ئي تعصب ڀريو ، ظالماڻو ۽ ذلت آميز آهي سو هن انهن خلاف بغاوت جو جھنڊو بلند ڪيو.ههن برطانوي راڄ خلاف ماڻهن کي متحد ۽ منظم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ اهڙيء طرح هڪ تاريخي جدوجهد جي شروعات ٿي.پير سائينء جو گڙنگ بنگلو انهيء تاريخي جاکوڙ جو مرڪز بڻجي ويو.هن پنهنجن پوئلڳن کي آزاديء جي جنگ لاء تيار ڪيو ۽ انهن جي جنگي تربيت جو بندوبست ڪيو.پير صاحب “وطن يا موت“ ۽ ”آزادي يا ڪفن“ جو نه رڳو نعرو بلند ڪيو پر پاڻ ان تي نعري تي عمل به ڪري ڏيکاريو.آزاديء جي ان جدوجهد جي تاريخ ۾ قربانين جو هڪ عظيم داستان اڪريل آهي،بهادري ۽ شجاعت جا قابل فخر مثال موجود آهن ۽ پير صاحب ۽ سندس وفادار ويڙهاڪن تي ٿيل ظلم ۽ ستم جون دردناڪ ڪهاڻيون لڪيل آهن.پر ستم جا سڀ وار ۽ ظلم جا سڀ هٿيار سورهيه ۽ سندس سرفروش پوئلڳن تي بريء طرح ناڪام ويا.هڪ مستاڻو نعرو هو جيڪو  هر ظلم ۽ ستم تي ويتر اڃا وڌيڪ بلند ٿيندو ٿي ويو.نيٺ انگريز سرڪار سورهيه بادشاهه کي گرفتار ڪري جيل جي سيخن پويان واڙي ڇڏيو پر سنڌ مان آزاديء جي اها تحريڪ پوء به جاري رهي. اها شايد رڳو سنڌ هئي جنهن ۾ 1942ع ۾ برطانوي راڄ کي مجبور ٿي مارشل لا لڳائڻي پيئي.پر ڇا مرشل لائون آزاديء جي متوالن کي پنهنجي منزل ۽ مقصود جي جاکوڙ کان روڪي سگھن ٿيون؟اها سورهيه بادشاهه جي حر جماعت جي ئي تحريڪ هئي جنهن انگريزن جا ڏند کٽا ڪري رکيا هئا ۽ انهن کي مارشل لا لڳائڻي پئجي ويئي هئي.دنيا ۾ هلندڙ ٻين آزاديء جي تحريڪن ۾ حر تحريڪ هڪ منفرد مقام رکي ٿي .اها ويهين صديء جي هڪ مثالي، بهادراڻي هٿيار بند جدوجهد هئي جيڪا سدائين تاريخ ۾ ياد رکي ويندي.انگريزن جي ڏاڍ،مڪر،لالچ ۽ ظلم خلاف سنڌ جو ٻيو ڪوبه سردار،پير يا مير ان هوصلي سان سامهون نه ٿيو جنهن جرئت سان سورهيه بادشاهه سامهون ٿيو.سنڌ جا اڪثر وڏيرا ان وقت به انگريزن جا پير چمي رهيا هئا ۽ انهن کان جاگيرون ۽ ٻيون رعايتون پني رهيا هئا پر سلام آهي سنڌ جي هن سورهيه بادشاهه کي جنهن آزاديء لاء پنهنجو سڀ سک چين ٿڏي هڪ اهڙي رستي جي چونڊ ڪئي جيڪو رستو رڳو سورهيه ئي اختيار ڪندا آهن.سنڌ ۽ پوري ننڍي کنڊ کي انگريزن جي ناپاڪ پيرن کان آزاد ڪرائڻ هن جو خواب هو ۽ ان خواب جي تعبير لاء هو سڀ ڪجهه ڪرڻ لاء تيار هو ايستائين جو پنهجو ساهه گهورڻ لاء پڻ.هن انگريزن پاران ملندڙ مختلف تمغا ۽ لقب قبول ڪرڻ بدران پنهنجي لاء صرف ”سورهيه“ جو لقب پسند ڪيو ۽ سندس سامهون سهڻي لطيف جو هي پيغام هو ته
سورهيه مرين سوڀ کي ته دل جا وهم وسار،
هڻ ڀالا،وڙهه ڀاڪرين،آڏي ڍال ۾ ڍار،
مٿان تيغ تراڙ،مار ته متارو ٿئين.
هن کي پنجٽيهه سالن جي جوانيء ۾ ڦاهي ڏيئي امر ڪيو ويو.مسٽر ڪارگل جيڪو پري صاحب جي ڦاسيء وقت ضلعي مئجسٽريٽ هو تنهن سورهيه بادشاهه جي بهادري،جرئت ۽ حوصلي جي گواهي ڏيندي چيو ته جنهن صبح تي هن کي ڦاسي اچڻي هئي ان رات به پير صاحب معمول جيان جيلرسان شطرنج کيڏي رهيو هو ۽ پر هوصلو اهو جو جيلر هن کان هڪ راند به کٽي نه سگھيو. انگريزن جي طاقتور حڪومت سورهيه بادشاهه جي حر فورس کان گھڻو ڊنل هئي،هنن هزارين حرن کي شهيد ڪيو ۽ هزارين حرن کي جيل ۾ وجھي ڇڏيو.سندن گھرن تي گوليون واسيون ويون ۽ ڪن جي چوڻ مطابق مٿانئن بمباري به ڪئي ويئي.انهن کي  پنهنجن ڪٽنبن سميت جنگي ڪيمپن ۾ رهڻ لاء مجبور ڪيو ويو ۽ هڪ ظالم قانون ”حر آرڊيننس“ نافذ ڪيو ويو جنهن مطابق ڪنهن به حر کي ڏسندي ئي گولي هڻڻ جو حڪم هو پر سورهيه بادشاهه جي شهادت جي رڳو ڪجهه سالن بعد انگريزن کي پنهنجا ٽين ٽپڙ ويڙهڻا پيا.سورهيه بادشاهه ڪنهن خاص گروهه يا جماعت جا نه پر پوري سنڌ بلڪه پوري دنيا جي حريت ۽ آزادي پسند قافلن جو سرواڻ آهي.هڪ اهڙو سرواڻ جنهن تي هر آزادي پسند فخر ڪري سگھي ٿو.هڪ اهڙو سچو ۽ سورهيه سرواڻ جنهن ساهه ڏيئي ويساهه ڏنو ته آزادي هڪ اهڙي نعمت آهي جنهن لاء سڀ ڪجهه قربان ڪري سگھجي ٿو!
(روزاني هلال پاڪستان 20 مارچ 2019ع)

Wednesday, March 20, 2019

هدايت جورستو ؛ جن آخرت جي ملڻ کي ڪوڙ ڄاتو.



وَالَّذِينَ كَذَّبُوا بِآيَاتِنَا وَلِقَاءِ الْآخِرَةِ حَبِطَتْ أَعْمَالُهُمْ هَلْ يُجْزَوْنَ إِلَّا مَا كَانُوا يَعْمَلُونَ
۽ جن اسان جي آيتن کي ۽ آخرت جي ملڻ کي ڪوڙ ڄاتو تن جا اَعمال ناس ٿيا، جيڪي ڪمائيندا آھن تنھن کانسواءِ ٻيو ڪو بدلو نه ڏبن.
                                                                                                                                                                          (سورت اعراف آيت 147)
Those who denied Our signs and the meeting of the Hereafter - their deeds have become worthless. Are they recompensed except for what they used to do?

ڇا هيء انسانن جي وسندي آهي؟



شفيق الرحمان شاڪر
ڪنهن به معاملي يا عمل جي ردعمل جي طور تي اسان جنهن رويي جو اظهار ڪيون ٿا اهو اسان جي اندر جي سوچ جو عڪس ٿئي ٿو.اهائي سوچ ٻين سان اسان جي وهنوار ۽ سلوڪ تي اثر انداز ٿئي ٿي.ان ڪري چيو ويو آهي ته عملن جو دارومدار انسان جي نيت تي هوندو آهي.جيڪي اسان سوچي رهيا هوندا آهيون اها سوچ ئي عمل تي اڀاريندي آهي.سٺي سوچ ۽ نيت سٺي ڪردار طرف رهنمائي ڪري ٿي.بدقسمتيء سان اسان جي سماج ۾ لاڳيتو جنم وٺندڙ وحشت،بربريت ۽ درندگيء سان ڀريل واقعا اسان جي سوچ کي ظاهر ڪن ٿا.سوچ عمل جي صورت ۾ پڌري ٿي رهندي آهي پوء انهيء ئي سوچ هيٺ اسان سمجھندا آهيون ته اسان جيڪي ڪجهه ڪري رهيا آهيون اهو اسان جو حق آهي،ڪير اسان کي ڏسي رهيو آهي.اسان اهو نه سوچيندا آهيون ته دنيا ۾ ڪهڙيء طرح اسان جي عمل جي خبر نه پوي.دنيا ۾ پنهنجي ڏوهه جي سزا کان بچي به وڃون ته ڪهڙو هن دنيا ۾ اسان جو رهڻ هميشه لاء آهي.هڪ ڏينهن ته نيٺ خدا وٽ وڃڻو آهي ۽ هن جي ذات کان ته ڪابه شيء لڪيل ناهي.قرآن ڪريم ۾ فرمايو ويو؛ ” اهو(الله) ئي آهي جنهن اوهان کي مٽيء مان پيدا ڪيو پوء اوهان لاء موت جو هڪ ڏينهن مقرر ڪيو ۽ هڪ مهلت ٻي به هن وٽ مقرر آهي پر اوهان ماڻهو شڪ ۾ پيل آهيو.اهو ئي الله آسمانن ۾ به آهي ۽ زمين ۾به.اهو اوهان جي ظاهر ۽ لڪيل کان واقف آهي ۽ جيڪا به برائي يا ڀلائي اوهان ڪريو ٿا ان کي به هو خوب ڄاڻي ٿو.“(سورت انعام)
اسان جي گڏيل بد اعمالين سبب اڄ سماج مڪمل طور تي تباهه ۽ برباد ٿي چڪو آهي ۽ اسان اخلاقي پستيء جي آخري حدن کي ڇهي رهيا آهيون. اسان جا عمل سماج ۾ بگاڙ ۽ ڏڦير جو ذريعو بڻجي رهيا آهن.اسان جي دلين جي سختي ۽ اخلاقي پستي جي حالت جا هر ايندڙ ڏينهن تي ظلم جا نوان داستان ٻڌڻ لاء ملن ٿا.ٿوري دير لاء اسان ڏڪون ٿا پوء وري اهڙي جا اهڙا.ٻئي ڏينهن وري ڪا منحوس خبر ٻڌون ٿا ۽ وري اهائي ڪيفيت.هر طرف ڏک،مصيبتون ۽ پريشانيون آهن.هر طرف رڙيون،سڏڪا،آهون ۽ پڪارون آهن،ڪنهنجي عزت،جان ۽ مال محفوظ ناهن.جنهن سماج ۾ غرور،تڪبر،نفرت،ڪاوڙ،عدم توازن ۽ اڻ برابري وڌي وڃي ته ان کي تباهه ۽ برباد ٿيڻ کان ڪا طاقت بچائي نٿي سگھي.جنهن به الله جي بندن جا حق ماريا،ٻين کي ستايو ۽ ٻين لاء تڪليف جو ذريعو بڻيو،ڪنهن به قسم جي زيادتي ڪئي يا نقصان پهچايو،ناحق قتل ڪيو ته اهو سڀ ظلم آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ اسان اطيمان قلب ۽ سڪون کان محروم آهيون.اسان جي پريشانيون ۽ مصيبتون موجوده حالتن جي صورت ۾ اسان جي بد اعمالين جي سزا آهن.الله جي پياري رسول صلي الله عليه وسلم جن جي ارشاد جو مفهوم آهي ته جن ۾ خيرخواهيء جو جذبو نه هجي انهن تي خدا جي رحمت نازل نٿي ٿئي.گذريل وقت جي ڳالهه آهي،ڀاء پنهن جي سڳي ڀاء کي قتل ڪري ڇڏيو،دولت جو مسئلو هوندو.ورهاست تي جھيڙو هوندو،شايد سلطنت،اقتدار يا بادشاهت حاصل ڪرڻ ان جو سبب هجي،نه انهن مان ڪوبه سبب قتل جو نه هو.هڪڙو وڻ،ها،رڳو هڪڙو وڻ،هڪڙي چيو ته اهو منهنجي زمين جي حصي تي آهي،ٻئي چيو ته نه،اهو وڻ منهجو آهي ڇو ته منهنجي زمين جي حصي تي آهي.ڳالهه ايتري وڌي جو ڀاء ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجي سڳي ڀاء کي قتل ڪري ڇڏيو.اها پراڻي ڪهاڻي آهي،گذريل وقتن جي ڳالهه آهي جڏهن جهالت جو دور هو.علم ۽ شعور نه هو،ماڻهو ترقي يافتا نه هئا.شهرن کان پري جھنگ جي ڪنهن ڳوٺ جي ڳالهه آهي پر هاڻي ته تعليم عام آهي.ترقي ايتري جو پيء کي پاپا ۽ ماء کي مومو چيو وڃي ٿو پر هر روز نون نون ظلمن جا واقعا جنم وٺي رهيا آهن.رحم ۽ ترس نالي ڪا شيء باقي نه رهي آهي.غريب طبقي تي تشدد،ٻارڙن تي ظلم،گھرن ۾ ڪم ڪندڙ معصوم جانين کي قسمين قسمين اذيتون ڏيڻ جا واقعا،ڪٿي شهرن کان پري،گھڻو پري ريگستان،صحرا،جبلن،جھنگن يا اڻ پڙهيل جاهل،انسانيت جا دشمن آدم خور وحشي ۽ غير مهذب قبيلن جا نه بلڪه اسلام آباد،لاهور،ڪراچي ۽ پاڪستان جي وڏن شهرن جي اشرافيا،پڙهيل لکيل جج،وڪيل،استاد،ڊاڪٽر،سياستدان،قانون نافذ ڪندڙ ادارن جا ملازم ۽ پنهنجو پاڻ کي مهذب سڏائيندڙ طبقي جي درندگي،وحشت،بربريت ۽ ظلمن جا داستان آهن.
گھريلو ملازما عظميٰ کي جنهن ظلم ۽ بربريت جو نشانو بنايو ويو اهو ٻڌي انسانيت شرمائجي وڃي. عظميٰ غريب گھر جي نينگري هئي شايد ان ڪري ڪجهه به ڊپ ۽ خوف محسوس نه ڪيو ويو.فرض ڪيو ته اوچي ذات جي پليٽ مان گرهه کڻڻ عظميٰ جو ڪو سخت گناهه هو پوء به لاڳيتواذيت،تشدد ڪرڻ جو حق ڪنهن ڏنو هو.اهو اندر جو تڪبر ۽ سوچ ئي هئي ته اسان جو ڪير ڇا بگاڙي وٺندو.ايتري بي رحمي ۽ ظلم روا رکيو ويو،ان اذيت سان به دل جي باهه نه اجھاڻي نه ڪو ترس آيو بلڪه وڌيڪ بي رحميء سان کيس قتل ڪيو ويو.پوء لاش کي گندي نالي ۾ اڇلايو ويو.پنهنجو ڏوهه لڪائڻ لاء ابتو چوريء جو ڪيس داخل ڪرايو ويو.ان انسانيت سوز واقعي سان اسان جي هن بي حس سماج ۾ ڇا ٿيندو.ڪجهه به نه ٿيندو.اسان سڀ ڪجهه ڏينهن افسوس ڪنداسين،مذمتون ڪنداسين،ڪنهن نئين واقعي،نئين سانحي،نئين حادثي ۽ نئين ظلم جو انتظار ڪنداسين.وري ڪا ڪمذات پليٽ مان هڪڙو گراهه کائڻ،ڪم ۾ سستي ڪرڻ يا گھر جي ڪا قيمتي شيء ٽوڙڻ،چانهه پاڻي دير سان ڏيڻ يا ڪنهن به معمولي غلطيء تي قتل ڪئي ويندي.ڇا اها انسانن جي وسندي آهي؟ نه هرگز نه،بلڪه پنهنجن معاملن ۾ بي رحم ٿيڻ وارن بدمست جانورن،درندن جو مسڪن آهي.سڄي جو سڄو سماج غرور،تڪبر،بي رحميء جي انتها سبب ظلم ۽ جبر ۽ تشدد تي لهي پيو آهي.اصل ۾ اسان جو سماج درندگي ۽ حيوانيت جي حدن کان به ڪري چڪو آهي جتي معصوم ڀاڻيجي کي ان ڪري جيئڻ جي حق کان محروم ڪيو وڃي ٿو جو اهو منهنجي پٽ کان وڌيڪ خوبصورت ڇو آهي.
اسلام آباد ۾ قانون جي شاگردياڻي سان وڪيل جي مبينا جنسي درندگي،ميو اسپتال لاهور ۾ بيمار ٻار کي وٺي ايندڙ ماء سان درندگي،حويليان ۾ ٽن سالن جي فريال سان درندگي ۽ قتل،شيخوپورا جي علائقي ستار شاه ۾ درندگي جتي چئن سالن جي نورين کي قتل ڪري لاش گندي نالي ۾ اڇلايو ويو،ڪراچيء ۾ اڍائي سالن جي معصوم ننڍڙي پريء کي سنگدل ماء هٿان سمنڊ جي لهرن حوالي ڪرڻ ،خيرپور ۾ تيرهن سالن جي رمشا وساڻ جو بيدرداڻو قتل،انهن سمورن واقعن جو تسلسل ان ڳالهه جو دليل آهي ته تعليم ۽ ترقي به ڪجهه نه بدلائي سگھي.اسان جو سماج ڀٽڪيل سماج آهي،غرور،تڪبرسان ڀريل ذهني طور تي بيمار سماج !.

(روزاني مهراڻ 19 مارچ 2019)

Sunday, March 17, 2019

وڌيل پگھارون،عوام جون رڙيون ۽ حڪومت.



شفيق الرحمان شاڪر
پي ٽي آئي حڪومت جي وفاقي وزير خزانه اسد عمر هڪ دفعو وري عوام کي خوشخبري ڏني آهي ته ”ايندڙ ڏينهن ۾ مهانگائي ايتري وڌڻ واري آهي جو ماڻهن جون رڙيون نڪري وينديون.“ پهرين ته تبديلي سرڪار کي عوام جون رڙيون ڪڍرائڻ تي دل جي گهراين سان واڌايون هجن،اميد ته اها حڪومت پنهن جي پوري دور اقتدار ۾ عوام جون رڙيون ڪڍرائيندي رهندي ايستائين جو ماڻهو رڙيون ڪندي ڪندي اڳين دنيا ۾ پهچي وڃن پوء نه رهيگا بانس نه بجي گي بانسري.جڏهن عمران خان جي حڪومت جڙڻ جا امڪان نظر اچڻ لڳا هئا ته اسان جهڙا ڪيترائي خوشفهم يا ڪمفهم هڪ ٽنگ تي نچي رهيا هئا ته هاڻي ملڪ ۽ عوام جي قسمت بدلجي ويندي.ماڻهو ڪو سک جو ساهه کڻڻدا،مهانگائيء کي موچڙو لڳندو،ملڪ جي ڦريل دولت موٽي ملڪي خزاني ۾ ايندي،طاقتورن کي احتساب ۽ انصاف جي ڪٽهڙي ۾ ٻيهاريو ويندو،لاچارن ۽ مظلومن کي انصاف مهيا ٿيندو، ڪجهه بي روزگاريء کي ٻنجو ايندو،ڪجهه حڪومتي ڪار وهنوار ۾ سڌارو ايندو،ڪجهه ميرٽ تي عمل ٿيندو،حڪومتي شاهه خرچين تي قابو پاتو ويندو پر اهڙو ته ڪجهه به نه ٿيو.ان جي ابتڙ موجوده حڪومت ته غريب عوام لاء عذاب بڻجي ڪڙڪي آهي.روز ڪا نه ڪا مصيبت عوام تي نازل ٿي رهي آهي جن مان مهانگائي سر فهرست آهي.وزارت خزانه تي هڪ اهڙو ماڻهو وهاريو ويو آهي جيڪو ملڪي معيشت جي ڳڻتيء کان وڌيڪ بلاول جي ڀٽو يا زرداري سڏائڻ تي فڪرمند نظر اچي ٿو.ماضيء جي حڪمرانن جيان هي حڪمران به روزانو عوام کي ڪو نئون دوکو ڏيئي رهيا آهن. شروع کان وٺي اهو راڳ الاپيو ويو ته آئي ايم ايف وٽ نه وڃبو پر عوام مٿان مهانگائيء جا هن وقت تائين جيترا بم ڪيرايا ويا آهن آئي ايم ايف جي ڏاڏي کي طاقت ڪانهي جو ايترا قهر ڪري سگھي.حڪومت نالي ته ڪا شيء موجود ئي ناهي،بس ماڻهن جو هڪ غير منظم ۽ بي ترتيب انبوهه آهي جن مان هرڪو پنهنجي پنهنجي ٻولي ٻولي رهيو آهي.هڪڙي ڏينهن هڪڙو بيان اچي ٿو ته ٻئي ڏينهن انهيء ئي بيان کان يو ٽرن ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ۽ جڏهن يو ٽرن جو سبب پڇيو وڃي ٿو ته جواب اهو ٿو اچي ته يو ٽرن وٺڻ سواء ڪو عظيم ليڊر بڻجي نٿو سگھي.وزيرن ۽ مشيرن جي هڪ ڊگھي فوج ظفر موج آهي جن مان گھڻا پوين حڪومتن جي نقش قدم تي پنهن جي ”اصل“ ڪم سان لڳل آهن جڏهن ته باقي رهيل پنهنجي اڳواڻ جي تعريفن ۽ خوشامدن جا دريا وهائڻ ۽ مخالفن جا پٽڪا لاهڻ جي باسعادت وندر ۾ مشغول آهن.عوام آهي جيڪو تماشو بڻجي ڪري رهجي ويو آهي.اسيمبلين ۾ اڄ تائين عوام جي حق ۾ ڪا هڪ به قانون سازي نه ٿي سگھي آهي.جڏهن سبب پڇيو وڃي ٿو ته جواب اهو ٿو اچي ته اسان وٽ ايتري عددي قوت ناهي جو مخالف ڌر سواء ڪا قانون سازي ڪري سگھون پر جڏهن پنجاب اسيمبليء ۾ ”غريب“ اسيمبلي ميمبرن جي پگھارن ۽ ٻين مالي رعايتن ۾ ٽي سو سيڪڙو واڌ جو بل ”وسيع تر قومي مفاد“ ۾ پيش ٿئي ٿو ته نه مخالفت،نه گوڙ نه گھمسان،نه پنا ڦاڙڻ ۽ نه وري اسپيڪر ڊائيس جو گھيراء،چند منٽن ۾ واردات پنهنجي انجام کي پهچي ٿي،اها ئي تبديلي آهي،اها ئي ايڪتا ۽ هم آهنگي ۽ عظيم مفاهمت آهي.پڇجي ٿو ته ايڏي وڏي مهانگائي ڇو ٿي آهي ته جواب اچي ٿو ته ملڪي خزانو خالي آهي،عوام کي بنيادي سهوليتون مهيا ڇو نٿيون ڪيون وڃن؟ جواب اچي ٿو ته ملڪ ۾ پئسو ڪونهي.پوء انهن اسيمبلي ميمبرن جون پگھارون وڌائڻ لاء ڪهڙو پرائيز بانڊ کلو آهي.اهو پئسو ڪٿان ايندو.ثابت ٿيو ته جڏهن به ان اشرافيا جو گڏيل گروهي مفاد اچي ٿو ته اهي سڀ هڪ ٿي وڃن ٿا،انهن ۾ ڪو اختلاف آهي ئي ڪونه.حڪومت پنهنجاسڀ ڪم ڇڏي هڪ ڏوهاري جيڪو ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد آهي انهيء جي خدمت چاڪريء ۾ مصروف نظر اچي ٿي.صرف ان هڪڙي شخص لاء ايويهه سرڪاري ڊاڪٽر سرڪاري اسپتالن مان ڪڍي سندس خدمت لاء حاضر ڪيا ويا آهن،باقي رهي ٻي غريب مخلوق جيڪا سرڪاري اسپتالن ڏانهن منهن ڪري ٿي اهي مرن يا تڙپي تڙپي مري وڃن،حڪومت جو ان سان ڪهڙو واسطو.هي ملڪ ته ٺهيو ئي ڪجهه اشرافيا جي لاء آهي ۽ اتي ايئن ئي ٿيندو آهي.اهڙو ملڪ جتي چوري ۽ ڦرلٽ جي الزامن هيٺ ايندڙ ملزم نه رڳو مخالف ڌر جا اڳواڻ بڻبا آهن پر انهن کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيء جو سربراهه بڻائي کين ٻين جو احتساب ڪرڻ جا اختيار ڏنا ويندا آهن،اهڙا ملزم جيلن ۾ رهڻ بدران اسيمبلين ۾ اسپيڪر جي ڪرسين تي ويهي قانونسازي ڪرائيندا آهن،پروڊڪشن آرڊرس ذريعي اسيمبلين ۾ پهچي رياستي ادارن خلاف زهر اوڳاڇيندا آهن،هن ملڪ ۾ اهڙا تماشا حيرت ۾ وجھندڙ ناهن.پوين حڪمرانن کي ظالم ۽ عوام آزار ڪوٺيندڙ هاڻوڪا حڪمران قول ۽ فعل جي جنهن عظيم تضاد جو پاڻ شڪار آهن انهيء تي کين ٽڪي جي به شرمندگي نٿي ٿئي.پهريائين گئس،بجلي ۽ تيل جا اگھه چوٽ چاڙهيائون ۽ اڃا اگهه به وڌندا ٿا وڃن،پوء دوائن جي اگھن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪيو ويو ۽ هاڻي پوسٽل سروس جي اگھن ۾ به اضافي جو فيصلو ٿي چڪو آهي جڏهن ته وزير خزانه عوام کي خوشخبريون ٻڌائي رهيو آهي ته مهانگائي سبب ايندڙ ڏينهن ۾ عوام جون رڙيون نڪرڻ واريون آهن.مخالف ڌر وٽ هن وقت هڪڙو ئي مشغلو آهي ته ميان صاحب جون سڀ مدايون معاف ڪرائي کيس ڪنهن نه ڪنهن طرح سندس اصل وطن”انگلنڊ” موڪليو وڃي ۽ زرداري صاحب ۽ سندس ڪجهه وفادارن کي مني لانڊرنگ جي ڪيسن کان ڪيئن بچايو وڃي.سموري سياست انهيء جي چوڌاريء ئي گھمندي نظر اچي ٿي.ٻيا سڀ بهانا آهن.”ووٽ کي عزت ڏيو” جو نعرو ڪيڏانهن ويو، انقلاب جو اهو طوفان جيڪو لاهور جي روڊن ۽ رستن تان اٿڻو هو سو ڪيڏانهن ويو،عوامي بالادستي ء جو نظريو جنهن کي راڄ ڪرڻو هو سو ڪهڙي قبر ۾ دفن ٿي ويو.هاڻي انهن مان هر هڪ پنهنجي بقا جي جنگ وڙهي رهيو آهي،انهن جون پاڻ ۾ ملاقاتون برابر ٿي رهيون آهن،هڪ ٻئي سان نڀائڻ جا وعدا وچن به ضرور ٿي رهيا آهن پر اندر ئي اندر انهن جو هڪ ٻئي تي ٽڪي جو ڀروسو ڪونهي جو خبر ناهي ڪير ڪهڙي موڙ تي ويساه گھاتي ڪري پنهنجو رستو بدلائي وٺي،اقتدار ڌڻين سان عظيم مفاهمت جي آس ۾ جيئندڙ انهن سياسي مريض مان هر هڪ کي پنهنجي مرض جي دوا گھربل آهي،جيڪر انهن مان ڪنهن هڪڙي کي به ڪڏهن ڪجهه آسرو ملي ويو ته اهو ٻئي کي سياسي ڌڪو  ڏيئي ٽپندو ڪڏندو،جيئي جيئي ڪندو اڳتي نڪري ويندو ۽ وري پوئتي لوڻو هڻي به نه ڏسندو ته پوين سان ڇا ٿيو جو سياست ڏاڍي ظالم شيء آهي.هتي نه دوستيون هونديون آهن ۽ نه ئي مٽيون مائٽيون،هتي ته رڳو مفاد هوندا آهن جن جي بنياد تي ئي دوستيون ۽ دشمنيون ٺهنديون ۽ ڊهنديون آهن.رهيو سوال موجوده حڪومت جو ته انهيء کي سموري ”غيبي“ امداد حاصل هئڻ باوجود اها ڪجهه ڊليور ڪرڻ کان نااهل ۽ لاچار آهي،انهيء ۾ نه ايترو حوصلو آهي جو ڪو اهم ۽ جرئت ڀريو فيصلو ڪري سگھي ۽ نه ئي اها پنهنجي ڪيل ڪنهن فيصلي تي ڄمي بيهڻ جي صلاحيت رکي ٿي سو اها جيترو وقت به رهندي رڳو يو ٽرن وٺندي رهندي،پاڻ به منجھندي ۽ ٻين کي به منجھائيندي رهندي،عوام جي ايجنڊا اها ئي اڌوري رهڻي آهي جو هن حڪومت ۾ به اڪثريت اهڙن جوڌن جي آهي جيڪي هر اڀرندڙ سج جا سلامي  ۽ صدين جي هن استحصالي نظام جو حصو رهندا آيا آهن سو انهن ذريعي ڪپتان ڪا حقيقي تبديلي آڻي سگھندو ،دل وندرائڻ لاء هڪ سٺو خيال آهي!
(روزاني عوامي آواز 15 مارچ 2019ع)