Friday, June 29, 2018

شاهاڻا شوق ۽ عوامي نمائندگي!


شفيق الرحمان شاڪر
تخت لاهور جو بادشاه ميان شهباز شريف جڏهن ڪجهه ڏينهن پهرين لنڊن جي ڪنهن مصروف روڊ تي ڊوڙندي رستو پار ڪندي نظر آيو هو ته ٿي سگھي ٿو ته ان وقت کيس ڪجهه دير لاء اهو احساس ٿيو هجي ته ويچارن عام ماڻهن لاء روڊ پار ڪرڻ به روزمرهه جي انيڪ مسئلن مان هڪڙو ڏکيو مسئلو آهي.احساس ته خير ٻيا به کوڙ آهن جيڪي انهيء خاص مخلوق کي ٿيڻ گھرجن پر نٿو لڳي ته انهن وٽ اهڙن عام معاملن ۽ مسئلن طرف ڌيان ڏيڻ لاء ڪو وقت هوندو يا وري سندن ذهن ڪڏهن ان طرف به جھاتي پائي سگھي ٿو ته آخر سندن زندگين ۾ ايڏو وڏو فرق ۽ تضاد ڇو آهي؟ اسان جا اهي پئدائشي بادشاه جن جي گذرڻ لاء پنهنجي ملڪ ۾ عوام لئي روڊ رستا بند ٿيندا هجن اهڙن عظيم جمهوري اڳواڻن لاء هڪ اهڙي ملڪ ۾ جنهن کي جمهوريت جي ماء چيو وڃي ٿو اتي انهن جي ڪنهن خاص پروٽوڪول جو ٽڪي جو به خيال نٿو رکيو وڃي.هئڻ ته حقيقيت ۾ ايئن گھرجي جو اهڙن جمهوري اڳواڻن ۽ ٻاويهه ڪروڙ عوام جي نمائندگي ڪندڙ نام نهاد دعويدارن کي اهڙين حڪومتن سامهون پنهنجي پاران باقائدي احتجاج ريڪارڊ ڪرائڻ گھرجي جيڪي اهڙن عوامي اڳواڻن جي عزت ۽ احترام جو پورو خيال نٿيون رکن.ضرور ان جي پويان به ڪنهن خلائي مخلوق جي سازش ملوث ٿي سگھي ٿي.سمجهه ۾ نٿو اچي ته اسان جي انهن سياستدانن کي هر وقت جمهوريت  جي بالادستيء ۽ سياستدانن جي عزت جا دورا رڳو پاڪستان ۾ ئي ڇو ٿا پون؟ ڪو سوال ٿو پڇين ته اوهان تي الزام آهي ته اوهان اختيارن جو غلط استعمال ڪندي ناجائز دولت گڏ ڪئي آهي ته کين جمهوريت جي بالادستيء ۽ انهيء خلاف سازش جو دورو پئجيو وڃين.ڪو پڇين ٿو ته پوليس ڪنهنجي اجازت سان ماڊل ٽائون ۾ ماڻهو  ماري ڇڏيا ته کين ساڳيو دورو پئجيو وڃي.ڪو شڪايت ڪري ته اوهان ڏهاڪن جا ڏهاڪا حڪومتون ڪرڻ باوجود عوام لاء اسڪولن،اسپتالن ۽ ٻين سرڪاري ادارن جي حالت ڇو ناهي سڌاري،عوام کي پيئڻ جي صاف پاڻيء جي سهوليت ڇو ناهي ميسر ڪئي؟انصاف ۽ پوليس جو نظام ڇو ناهي درست ڪيو؟ ماڻهن جي روزگار لاء مناسب بندوبست ڇو ناهن ڪيا؟ ته انهن کي جمهوريت جي بالادستي ۽ سياستدانن جي عزت جو پوندڙ دورو آپي مان ٻاهر ڪڍيو ڇڏي ۽ انهن سوالن جا معقول جواب ڏيڻ بدران وڦلڻ شروع ٿيو وڃن ۽ هڪ ٻئي تي ذاتي حملن جي برسات وسايو ڏين.پر فرض ڪريو ته برطانيا يا ٻئي ڪنهن ملڪ ۾ ڪو صحافي کانئن اهو سوال پڇي وجھي ته سائين! توهان ته عظيم عوامي نمائندا ۽ هر دلعزيز پاڪستاني سياستدان آهيو،پوء هي ٻاهريون حڪومتون اوهان جو خصوصي خيال ڇو نٿيون رکن؟ ته يقين ڄاڻو ته انهن مان ڪنهن کي به ان قسم جو ڪو به دورو پوڻ وارو ناهي.بلڪ اهي شايد اهو جواب ڏيندا ته قانون جي نظر ۾ سمورا شهري برابر آهن.سو خبر ناهي ته اسان جي ان حڪمران اشرافيا جي ڪيمسٽريء ۾ ڪهڙو بنيادي فالٽ آهي جو ملڪ کان ٻاهر اهي قانون تي مڪمل نموني عمل ڪندڙ،قائدن جا پابند ۽ نهايت ئي ايماندار،ديانتدار ۽ فرمانبردار بڻيل نظر ايندا آهن پر پنهنجي ملڪ جي حدن ۾ داخل ٿيندي ئي انهن جو پهريون سونهري ڪارنامو ئي هوندو آهي قانون ٽوڙڻ! ڪهڙي آئين تحت انهن کي اها اجازت مليل آهي ته انهن جون شاهي سواريون جتان گذرن انهن عوامي روڊن ۽ رستن کي عوام لاء ئي بند ڪيو وڃي؟ اهي اسپتالن ۾ نازل ٿين ته اسپتالن ۾ ايندڙ ويندر عام ماڻهن توڙي مريضن لاء خدائي عذاب بڻجي ڪڙڪن.هوائي اڏن تي وڃن ته اتي عام ماڻهن لاء قيامت جو منظر، ڪنهن تعليمي اداري ۾ تشريف فرما ٿين ته استادن ۽ شاگردن کي پوليس جا ٿيلا ۽ ڌڪا نصيب ٿين.اهي ملڪ کان ٻاهر ته رحمت ئي رحمت هوندا آهن پر پنهنجي ملڪ ۾ زحمت ئي زحمت جي شڪل آخر ڇو اختيار ڪري وٺن ٿا؟انهن سوالن جو جواب هڪڙو ئي ۽ نهايت ئي سادو آهي سو اهو ته هي ملڪ هنن جو فتح ڪيل علائقو ۽ عوام هنن جي صدين کان غلام رعايا آهي.انهيء ڪري اهي هر حال ۾ اهو هروقت ثابت ڪري ڏيکاريندا رهن ٿا ته اسان  يعني حڪمرانن ۽ توهان يعني رعايا ۾ زمين آسمان جو تفاوت آهي. اسان قانون جوڙڻ وارا ۽ اوهين انهيء تي عمل ڪرڻ لاء آهيو.ٻاهرين ملڪن ۾ اهي ڪو معمولي کان معمولي قانون به ٽوڙي ته ڏيکارين! ان ڪري جو اتي قانون معنيٰ رياست،قانون جو مطلب ته ادارا جڏهن ته اسان وٽ قانون معنيٰ سائين جن پاڻ! ها چيائون ته حلال ٿي ويو ۽ نه ڪيائون ته حرام ٿي ويو.قانون هروقت سندن چپن جي چرپر کي ئي تڪيندو رهي ٿو.زبان مان نڪتل هر حرف حتمي بڻجي ويو،لفظن جا موتي جيڪي سندن زبان مبارڪ مان ٻاهر آيا بس اهو ئي سچ ۽ ٻيو سڀ ڪوڙ آهي.ڪڏهن ادارن جا پر ٿا ڪپين ته ڪڏهن قانون جون ڄنگهون ٿا ڀڃن،ڪڏهن رياست کي ڌمڪيون ٿا ڏين ته ڪڏهن قانون،عدل ۽ انصاف جو مذاق ٿا اڏائين.هي دنيا جا اڪيلا عوامي نمائندا آهن جن کان عوام يا عوام جو ڪو ادارو ڪو سوال پڇي نٿو سگھي،ڪو  ماء جو لال سندن احتساب جي جرئت ڪري نٿو سگھي.اهي جنهن عوام جي نمائندگيء جي دعويٰ ڪن ٿا ان عوام جيان عام قطارن ۾ لڳڻ پنهنجي توهين سمجھن ٿا،اهي اهو پاڻي پي نٿا سگھن جيڪو سندن عوام پيئي ٿو،اهي پنهنجن شهزادن کي انهن اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ کي پنهنجي بي عزتي تصور ڪن ٿا جن ۾ سندن عوام جا ٻار پڙهن ٿا.اهي انهن اسپتالن ۾ علاج ڪرڻ کان معذور آهن جن اسپتالن ۾ سندن عوام علاج ڪرائي ٿو.هي ڪهڙي قسم جا عوامي نمائندا آهن جن جو جهان پنهنجي عوام جي جهان کان بلڪل جدا ۽ جن جون موسمون عوام جي موسمن کان مختلف آهن.ٻئي طرف هي عوام به ڪهڙو عوام آهي جيڪو پنهنجي نمائندگي ۽ اڳواڻيء جو تاج بار بار اهڙن ٻهروپين جي سرن تي سجائي ٿو جيڪي اختيار ۽ اقتدار سنڀاليندي ئي انهن لاء عذاب الاهي بڻجيو وڃن. نمائندگي عوامي پر پروٽوڪول خصوصي،سيڪيورٽي خصوصي،رعايتون خصوصي،سهوليتون خصوصي،سلوڪ ۽ رويا خصوصي،سڀ ڪجهه خصوصي ته پوء باقي عوامي ڇا رهيو؟ عوامي ته صرف عوام ئي آهي جيڪو ڪڏهن ڀلجي به انهن کي اهو نٿو چوي ته “ خبردار! اوهين جيڪر واقعي اسان يعني عوام جا نمائندا آهيو ته پوء اوهان سان هر سلوڪ به عوامي ٿيندو خصوصي نه! انهيء ڪري هڪ سٺي قانون پسند شهريء جي حيثيت  ۾ عوام جيان قطارن ۾ لڳي وڃو جيڪر نه ته پوء پنهن جا اهي بادشاهي شوق ۽ تماشا وڃي پنهنجي گھر ڪيو.“!

(روزاني جيجل 26 جون 2018ع) 

Wednesday, June 27, 2018

انٽرنيٽ جي آکاڻي.


شفيق الرحمان شاڪر
اڄوڪو دور طلسماتي ٽيڪنالاجيء جو دور آهي جنهن ٽيڪنالاجيء ۾ انٽرنيٽ جي خدمتن کان انڪار ڪري نٿو سگھجي جنهنجي ذريعي پوري پکڙيل دنيا سڪڙجي هڪڙو گلوبل ڳوٺ بڻجي ويئي آهي.هاڻي ڪابه ڄاڻ انسان جي پهچ کان ٻاهر نه رهي آهي.پنهنجن پيارن سان ڳالهيون ڪرڻ،لکيل نياپا موڪلڻ،وڊيو ڪالون ڪرڻ،تصويرون ۽ مختلف فائيل موڪلڻ،خبرون پڙهڻ ۽ ٻڌڻ،ڪتابن،تصويرن ،گانن،فلمن ۽ وڊيوز جا ڍير ڊائون لوڊ ڪرڻ،ريڊيو ٻڌڻ  ۽ آن لائين رانديون کيڏڻ سواء واپار وڻج،ّ خريداري ۽ وڪرو،مطلب ته انٽرنيٽ جو اهو ننڍڙو اسڪرين “آل ان ون “ آهي صرف بٽڻ دٻائڻ جي دير آهي.پر ڇا اسان ڪڏهن اسان سوچيو آهي ته اهي رڳو ڪجھه بٽڻ دٻائڻ سان معلومات جو ڇوليون هڻندڙ ايڏو وڏو سمنڊ سيڪنڊن ۾ ڪيئن اچي اسان سامهون حاضر ٿئي ٿو؟  جيئن ته انهن سمورين سهوليتن جو واحد، بهترين ۽ تيز ترين ذريعو انٽرنيٽ آهي سو اسان اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا ته انٽرنيٽ آخر آئي ڪٿان؟اهو سچ پچ ڏاڍو دلچسپ سوال آهي.حقيقت اها آهي ته انٽرنيٽ جنهن کي اڄ اسان بنان ڪنهن تڪليف جي استعمال ڪيون ٿا اها دراصل ڪيترن ئي ذهين انسانن جي محنتن ۽ ڪاوشن جو نتيجو آهي.
انٽرنيٽ جي تاريخ ايتري پراڻي به ناهي،رڳو 56 سال اڳ جي ڳالهه آهي.1962ع ۾ “جي سي آر لڪيڊر ” نالي سائنسدان ان جو بنياد “انٽرنيٽ گليڪٽنگ“ نالي هڪ نيٽ ورڪ جوڙي رکيو هو.هن جو تعلق “ڊي اي آر پي “ يعني ڊفينس  ايڊوانس ريسرچ پروجيڪٽ نالي ايجنسيء سان هو جنهنجو بنيادي مقصد پوري دنيا جي ماڻهن کي ڪمپيوٽر استعمال ڪندي هر قسم جي معلومات تائين پهچ کي ممڪن بنائڻ هو.اهو ئي خواب اکين ۾ سجائي جي سي آر لڪيڊر ميدان ۾ لٿو. سندس ٻه پٽ “وينٽ ڪرف” ۽ “ بوب کين” جن 1974ع ۾ انٽرنيٽ گليڪٽنگ جو نالو ڪوٽو ڪري صرف “انٽرنيٽ” رکي ڇڏيو ۽ پنهنجي پيء جي مشن کي اڳتي وڌائيندي “ٽي سي پي” يعني ٽرانسميشن ڪنٽرول پروٽوڪول جو نظام متعارف ڪرايو.ان کان پوء 1976ع ۾ ڊاڪٽر “رابرٽ ڪلف” هڪڙي تار ايجاد ڪئي جنهن کي “اٿرنيٽ ڪو ايڪسيل ڪيبل ” جو نالو ڏنو ويوجنهن ذريعي هڪڙي ڪمپيوٽر مان ٻئي ڪمپيوٽر ۾ ڦيٽا منتقل ڪري سگھبي هئي جهڙوڪ فائيل، ٽيڪسٽ وغيره پر اهو محدود جڳهه ۾ ڪم ڪري سگھندو هو.جيئن رڳو ڪنهن اسڪول،آفيس يا ڪنهن عمارت جي اندر. وري 1983ع ۾ وينٽ ڪرف ۽ بوبکين “ڊي ارپا” جو نالو بدلائي “ارپا نيٽ ” رکي ڇڏيو ۽ گڏوگڏ اهو شرط به رکيو ته جنهن کي به انٽرنيٽ جي سهوليت گھربل هوندي انهيء کي “ٽي سي پي”وٺڻي پوندي.اها ته اڃا شروعات هئي.وڌيڪ ترقي 1984ع ۾ ٿي جڏهن ڊاڪٽر “جوهن پوسٽل” باقائدي “ويب ” جو بنياد وڌو.اهڙيء طرح مختلف ادارن لاء جدا جدا طريقن سان“ سرچ” ڪري سگھبي هئي جهڙيء طرح اڄ اسان com..org.edu..gov وغيره لکي سرچ ڪندا آهيون پر اها ته اڃا انٽرنيٽ جي ڏکئي سفر جي شروعات هئي.1989ع ۾ هڪ ڀيرو وري جي سي آر لائيڪ جي ٻنهي پٽن هڪ اهم قدم کنيو ۽ هڪڙي ڪمپني “آئي ايس پي” جو بنياد وڌويعني “انٽرنيٽ سروس پرووائيڊر”.ان جا ٻه فائدا ٿيا،هڪ ته انهن جي پيء جو خواب پورو ٿيو ۽ ٻيو ته سندن سالن جي محنت هاڻي ڪاروبار ۾ بدلجڻ واري هئي ڇو ته انٽرنيٽ ڪنيڪشن هاڻي گھر گھر وڃي سگھيو ٿي.بلڪل ٽيليفون تار وانگي ۽ ان سان گڏ هڪڙو رسيور به ڏنو ويندو هوجنهن کي اسان “موڊيم” جي نالي سان سڃاڻون ٿا. اهڙيء طرح ڪنهن به صارف جو ڪمپيوٽر انٽرنيٽ سان ڳنڍجي سگھيو ٿي ۽ ڪمپني ان جو بل وصول ڪندي هئي.اهو “ڊائل اپ  سسٽم” سڏائي ٿو.
1991ع ۾ ٽم هرنلس www  يعني “ورلڊ وائيڊ ويب” ايجاد ڪئي جنهن جي ايجاد بعد ڪيترائي ڪم آن لائين ٿي سگھيا ٿي.انهيء ڪاميابيء جو نتيجو ڪيترن ئي حيرت ۾ وجھندڙ انقلابن جي راهه جوڙڻ ۾ هڪ اهم اڳڀرائي ثابت ٿيو.سڀني کان اڳ “پيزا هٽ” وارن آن لائين سروس استعمال ڪندي پيزا بڪ ڪرائڻ نهايت ئي آسان بنائي ڇڏيو تنهن هوندي به اڃا گھڻيون خاميون ۽ گھٽتايون موجود هيون.1996ع اهو سال هو جو پهرين اي ميل ميل سروس “هاٽ ميل” لائونچ ٿي جنهن ذريعي انٽرنيٽ رستي برقي ٽپال دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ موڪلجڻ لڳي.1998ع ۾ اسان جي ڄاتل سڃاتل سرچ انجن “گوگل “ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو جنهن جي ايجاد جو سهرو ليري پيچ ۽ سرجي برين جي سر وڃي ٿو.
1999ع ۾ انٽرنيٽ جي تارن مان تنگ ٿيندي هڪ نوجوان ڪجهه الڳ نموني سان سوچڻ شروع ڪيو،انهيء سوڇ جو بنياد اهو هو ته جيڪر آواز بنان تارن جي هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه تائين وڃي سگھي ٿو ته پوء ڊيٽا ڇونه! انهيء جاکوڙ ۾ “وائي فائي“ جو جنم ٿيو يعني “ وائرليس فڊيليٽي ” جنهن سان موڊيم تي وڏو فرق پيو.اهو هڪ اهڙو اهم واقعو هو جيڪو اڄ ڪلهه اسان جي لاء انٽرنيٽ جو نهايت ئي بنيادي ۽ ڪارگر ذريعو بنيل آهي.انهيء ڪارنامي کي سرانجام ڏيندڙ جو نالو “نيپيسٽر” آهي. 2001ع ۾ “وڪيپيڊيا“ نالي ويب سائيٽ جڙي جنهن کي تعليم ۽ ڄاڻ جو ڪوبه مسئلو،سوال ۽ معاملو حل ٿيڻ لڳو پر انٽرنيٽ جي منزل اڃا اڳتي هئي ۽ وقت جي گذرندڙ هر لمحي هڪ نئين دور جي شروعات ٿي رهي هئي، 2003ع جو سال ايندي ئي انٽرنيٽ تي تفريح ۽ وندر جو سامان مهيا ٿيڻ لڳو.انهيء دوران ايپل ڪمپني “ آئي ٽيون ”  نالي ويب سائيٽ تي ٻه لک گانا اپلوڊ ڪيا.
2004 ع “جي ميل ” سروس شروع ٿيڻ جو سال هو جنهن ۾ صارف کي ڊيٽا اسٽور ڪرڻ جي سهوليت “ 1000ايم بي ” مهيا ڪئي ويئي جڏهن ته ان کان اڳ “ياهو” ۽ “هاٽ ميل” وارا اها سهوليت صرف 2 ۽ 4 ايم بي تائين ڏيندا هئا،هاڻي وارو آيو انٽرنيٽ تي وڊيوجو. اهو مسئلو 2005ع ۾ “يو ٽيوب” اچڻ تي حل ٿي ويو.اها مهرباني به گوگل وارن ڪئي. يو ٽيوب جي لائونچ ٿيڻ جو اضافي فائدو اهو جو وڊيو ڊائون لوڊ توڙي اپلوڊ ڪري سگھبيون هيون.انهيء کان به دلچسپ ڪم 2006ع ۾ ٿيو جو “مارڪ زڪر برگ” ۽  “جيڪ ڊار سي” فيسبڪ ۽ ٽويٽر جوڙيو جن جا فائدا ٻڌائڻ جي ضرورت  نه آهي !

Tuesday, June 26, 2018

سياسي پارٽين کي آخر ڪهڙي پريشاني آهي؟


شفيق الرحمان شاڪر
ملڪ ۾ چونڊن جو تماشو خير سان هڪ دفعو وري شروع ٿي چڪو آهي،سياسي ٿيٽر تيار ٿي رهيا آهن،سياسي اداڪار پنهنجن ڪردارن جي اڳواٽ لکيل اسڪرپٽ جي رهيسل ڪري رهيا آهن. تماشگر، تماشائي,امپا ئر ۽ ريفري سڀ جا سڀ ان راند ۾ حصو وٺڻ لاء پر توري رهيا آهن.پر هن دفعي جون چونڊون نهايت ئي منجھيل ۽ گنڀير ڪيفيت جو شڪار آهن.جن جي باري ۾ نه رڳو عوام پر انهيء ۾ حصو وٺندڙ اميدوار ۽ پارٽيون به شش پنج جي ڪيفيت ۾مبتلا آهن.اليڪشن ڪميشن،نگران حڪومتن ۽ سپريم ڪورٽ جي بار بار واضح پڪ ڏيارڻ باوجود به سياسي پارٽين جي ذهنن مان مقرر وقت تي چونڊون ٿيڻ بابت شڪ شبها اڃا تائين پوريء طرح نه نڪري سگھيا آهن.اصل ۾ ان قصي پويان به سياسي اڳواڻن جي اها حڪمت عملي ڪم ڪندي نظر اچي ٿي وچ ۾ ايڏو ڊگھو وقفو پوڻ هر صورت ۾ ناممڪن بنائجي جو ان دوران ڪو حقيقي احتساب جو عمل شروع ٿي وڃي انهيء سان گڏو گڏ جيڪر چونڊون وقت تي ٿين ٿيون جن جي وقت تي ٿيڻ ۾ ڪا رڪاوٽ يا شڪ شبهو ئي ناهي ته پوء سياستدان پنهنجي ان بيانيي کي عوام سامهون سچو ثابت ڪرڻ جي پوزيشن ۾ هجن ته جمهوريت دشمن ڌرين هر حالت ۾ چونڊون ملتوي ڪري جمهوريت کي ڊيريل ڪرڻ گھريو ٿي پر انهن سياستدانن جي همت ۽ ڪوشش سان اهي چونڊون وقت تي ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جنهنجو کين ڪريڊٽ ملڻ گھرجي.حلانڪه چونڊون ملتوي ڪرائڻ جو ڪو به پلان نه ته اصل اختيار ڌرين وٽ ۽ نه ئي عدالتن سامهون ويچار هيٺ آهي.اصل مسئلو اهو ڪونهي، اصل پهرين پريشاني ۽ مونجهارو سياسي پارٽين جي اندر آهي جنهن کي گھر جوگھوٽالو چئبو آهي.پارٽين جي اندر جنهن نوعيت ۽ جنهن درجي جي بغاوت،نااتفاقي،انتشار ۽ ڏڦير جيڪو هن وقت سامهون آيو آهي اهو اڳ۾ ان وڏي پيماني تي ڪڏهن به سامهون نه ايندو هو.انهي ڏڦير يا انتشار جو مکيه سبب اميدوارن ۾ ٽڪيٽن جي ورهاست بڻي آهي پر رڳو اهو هڪڙو سبب به ناهي،ڪيترائي پارٽي اڳواڻ جيڪي شروع کان انهن سياسي پارٽين سان ڪافي حد تائين وفاداريون نڀائيندا رهيا هئا انهن کي گذريل هڪ ڊگھي عرصي کان پارٽين جي قيادتن طرفان نه رڳو مسلسل نظرانداز ڪري سندن اختيار کسيا ويا پر کين گھڻي تحقير ۽ تذليل جو نشانو به بڻايو ويو. اهي انهن پارٽين جي حڪومتن واري عرصي دوران ڪجهه مصلحتن تحت خاموش ضرور هئا پر سندن اندر ۾ ڪاوڙ ۽ محرومين جي باهه ڀڙڪي رهي هئي.جيئن ئي حڪومتن جو مدو پورو ٿيڻ جي ويجھو پهتو يا پورو ٿي ويو ته دل ۾ لڪيل شڪايتون سرعام نه رڳو زبان تي اچڻ لڳيون پر انهن مان ڪيترن ئي پنهنجو رستو انهن پارٽين کان الڳ ڪندي ڪنهن ٻئي پليٽ فارم يا آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙهڻ جو فيصلو ڪري ورتو.اها ته ٿي اميدوارن جي لحاظ کان پيدا ٿيل افراتفري پر ٻئي طرف انهن پارٽين جي سرگرم ڪارڪنن پڻ پنهنجي پارٽي قيادتن خلاف سندن فيصلن خلاف بغاوت جو اعلان ڪندي احتجاج شروع ڪري ڏنو جيڪو اڃا تائين ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ جاري آهي .سياسي پارٽين لاء ٽين پرِيشاني ۽ مصيبت اها پيدا ٿي پيئي آهي جوسندن نامزد ڪيل اميدوار جڏهن اليڪشن مهم جي سلسلي ۾ عام ماڻهن وٽ وڃن ٿا ته اتي به انهن کي سخت تنقيد،ڪاوڙ ۽ احتجاج کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.عام ماڻهو جنهن جرئت ۽ همت سان انهن کان سوال پڇي سندن احتساب ڪري رهيا آهن انهيء جو ماضيء ۾ تصور به ڪري نٿو سگھجي.چوٿين پريشاني سياسي پارٽين لاء اها بڻجي ويئي آهي جو ميڊيا خاص طور تي سوشل ميڊيا انهن جو حشر نشر ڪري ڇڏيو آهي.پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي ته وري به ڪنهن حد تائين مينيج يا ڪنٽرول ڪري سگھجي ٿو پر سوشل ميڊيا کي ڇا ڪن جتي هنن جي بيانن،تصويرن ۽ وڊيوز جي ذريعي سندن “شاندار” ڪارڪردگي پوري دنيا کي ڏيکاري پيئي وڃي ۽ سندن ماضيء جا سمورا ڪوڙ ۽ ڪرتوت پڌرا ٿيندا ٿا وڃن.گذريل اسيمبليء  ۾ڪيترا عوامي نمائندا گونگا،ڪيترا گوسڙو ۽ ڪيترا گمنام رهيا اهو سمرو چٺو به پڌرو ٿي رهيو آهي ۽ جمهوريت جي نالي تي اهي عوام سان جيڪا جٺ ڪندا رهيا آهن انهن جون جھلڪيون به سوشل ميڊيا تي بنان سينسر جي ڏيکاريون پييون وڃن.عدالتن ۽ نيب ۾ هلندڙ ڪيس ۽ تحقيقاتون به انهن پارٽين لاء سخت پريشانيء جو سبب بڻيل آهن،رهيل کهيل ڪم نامزدگي فارمن سان شامل ان حلفيه دستاويز پورو ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ هنن کي سپريم ڪورٽ جي حڪم تي پنهن جا سڀ اثاثا،مال ملڪيت،ڪاروبار،آمدنيء جا ذريعا ۽ٽيڪسن جي ادائيگيء بابت تفصيل جمع ڪرائڻا پئجي رهيا آهن ۽ هاڻي شايد اهو به فيصلو ٿي چڪو آهي ته اهي سڀ تفصيل انٽرنيٽ ذريعي ڪنهن ويب سائيٽ تي عام پڙهندڙن لاء شايع ڪيا ويندا.جيڪر اثاثا آمدنيء جي حدن کان ٻاهر نظر ايندا ته سوال ٿيندو ته اهي ڪٿان آيا ۽ جيڪر اصل حقيقت لڪائي ڪا شيء گھٽ يا غلط ظاهر ڪئي ويئي ته سوال ٿيندو ته اوهان دوکيبازي ڪري اصل اثاثا ڇو لڪايا يا غلط بياني ڪري صادق ۽ امين هئڻ واري آئيني آرٽيڪل جي خلاف ورزي ڇو ڪئي؟ توڙي جو هن وقت رٽرننگ آفيسر انهن کان ان متعلق ڪي تفصيلي سوال يا تحقيقات نه ڪري رهيا آهن پر ايندڙ وقت ۾ اها جنات انهن جو پيڇو نه ڇڏيندي.انهن مان گھڻا جهڙيء ڦڙتيء سان اليڪشن کٽي اسيمبلين جي راهه وٺندا اهڙيء ئي چستيء سان واپس نااهل ٿي گھر موٽنداسو هي اليڪشن ٻين عام اليڪشنن جيان بلڪل ئي نه هوندي پر هتي هڪ وڏو ملاکڙو مچڻ وارو آهي.فتح جو فيصلو هميشه پهرين ملهه تي نه پر آخري ملهه تي ٿيندو آهي.اهو ته طيء آهي ته پهرين ملهه انهن مان اڪثر سياسي پهلوان ماري ٻنهي ڄنگھن تي نچندي پنهن جي فتح جو جشن ضرور ملهائيندا ۽ ميلي ۾ داد به وصول ڪري وٺندا پر فيصلو ٻي ۽ آخري ملهه تي ٿيڻو آهي جنهن ۾ ڪريل ملهه اڪثر بيهوش به ٿي ويندا آهن ۽ کين واپس هوش ۾ آڻڻ لاء ڪيترن ئي ٻين پهلوانن کي کين مٿي تي مالش ڪرڻي پوندي آهي!
(روزاني عوامي آواز 24 جون 2018ع)



Monday, June 25, 2018

“ڊيجا وو ” ۽ ڪجهه سائنسي مفروضا.


شفيق الرحمان شاڪر
اسان مان گھڻن کي “ ڊيجا وو“  (deja’ vu)   جو تجربو ٿيندو رهندو آهي.اهو اصل ۾ هڪڙو ڌنڌلو احساس هوندو آهي ته اسان هن جڳهه تي پهرين به اچي چڪا آهيون يا فلاڻي شيء اسان پهريان به ڏسي چڪا آهيون.مثال؛ اسان ڪنهن ريسٽورانٽ ۾ وياسين۽ اسان کي اوچتو محسوس ٿيو ته اسان سان جيڪي ڪجهه پيش اچي رهيو آهي اهو پهرين به ٿي چڪو آهي.اها اسان جي ياد ته ٿي نٿي سگھي جو اسان ان هوٽل ۾ پهريون ڀيرو ويا آهيون ۽ اسان جنهن ڊش جو آرڊر ڏنو آهي اهو به اسان پهريون دفعو ڏنو آهي ته پوء آخر اهو سڀ ڪجهه ڇا آهي؟
“ڊيجا وو” جي ڪا اڪيلي وضاحت ممڪن ناهي،ان قسم جو تجربو عام طور تي اوچتو ٿيندو آهي ۽ انهيء جو وقفو تمام تورڙو هوندو آهي جنهن ڪري سائنسدانن لاء ان تجربي کي ريڪارڊ ڪرڻ ۽ ان جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ ناممڪن هوندي آهي.سائنسدان سڄو سڄو ڏيهن ليبارٽريء ۾ ويهي ان تجربي ۽ ڪيفيت جو انتظار ڪري نٿا سگھن،ايئن ڪرڻ ۾ ممڪن آهي ته سال لڳي وڃن. ان جون ڪي جسماني علامتون نه هونديون آهن.ماڻهو انهيء کي فقط هڪڙو احساس ئي ٻڌائين ٿا.ڇوته ان جا سائنسي ثبوت موجود ناهن هوندا ان ڪري انهيء ڪري ان تي ڪيترين ئي قياس آرائين جا گھوڙا ڊوڙايا ويا آهن.
“اميل بوراڪ” نالي سائنسدان سڀني کان اڳ اسان کي “ڊيجاوو” جي ترڪيب کان واقف ڪرايو.اصل ۾ “ڊيجا وو” فرانسي زبان جو هڪ لفظ آهي جنهن جو مطلب آهي “پهريان کان ڏٺل”.هن وقت تائين ان جي حق ۾ چاليهه کان وڌيڪ مفروضا پيش ٿي چڪا آهن.نيورو سائنس،دماغ جي تصور جي ٽيڪنالاجي ۽ سائيڪالاجيء ۾ ترقيء سبب هاڻي ڪيترن ئي مفروضن کي رد ڪري ڇڏيو ويو آهي.اچو ته ان ريسٽورانٽ جو مثال استعمال ڪندي انهن ٽن مفروضن تي سوچ ويچار ڪيون جيڪي هن وقت نهايت ئي اهم ۽ قابل اعتبار سمجھيا وڃن ٿا.
پهرئين مفروضي کي “ڊبل ڪراسنگ” چيو وڃي ٿوفرض ڪيو ته ريسٽورانٽ ۾ ويٽر جي هٿن مان ڪا ٽري ڪري پوي ٿي.انهيء نظاري جي باري ۾ جڏهن معلومات توهان جي ڪنن تائين پهچي ٿي ته دماغ جا مختلف حصا ان معلومات جي پراسيس ڪن ٿا.اوهان ويٽر جون ٻانهون ڏسو ٿا،ان جو مدد لاء پڪارڻ يا ٿانو ڪرڻ جو آواز ٻڌو ٿا ۽ کاڌي جي خوشبوء سنگھو ٿا.اها سموري معلومات سيڪنڊ جي هزارهين حصي ۾ دماغ جي مختلف رستن تان گذري ٿي جنهن کي دماغ پراسيس ڪري انهيء جون ڪڙيون پاڻ ۾ جوڙي شعور کي هڪ مڪمل ۽ باترتيب تجربو فراهم ڪري ٿو.عام طور تي دماغ مختلف حسن کي جوڙي انهن کي مربوط لمحن ۾ سمائڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿو. پر ڪڏهن ڪڏهن دماغ جي ڪنهن هڪڙي رستي کان گذرندڙ معلومات جي رفتار سست ٿي وڃي ٿي جنهن ڪري  شعور ۾ اها معلومات ان سان لاڳاپيل  باقي ٻي معلومات جي ڀيٽ ۾دير سان پهچندي آهي جنهن ڪري دماغ انهيء کي غلطيء سان هڪ الڳ واقعو سمجھڻ لڳندو آهي.جڏهن اها رهيل معلومات ٻين رستن کان پهتل معلومات کان پوء شعورتائين پهچندي آهي  ته شعور ۾ اهو احساس پيدا ٿيندو آهي ته اها معلومات دماغ ۾ پهرين به موجود هئي.
ٻيو مفروضو انهيء کي حال جي غلطيء بجاء ماضيء جو مونجھارو قرار ڏئي ٿو.انهيء کي “هولوگرام ٿيوري” چيو وڃي ٿو.انهيء کي بيان ڪرڻ لاء اسان ميز تي پيل ميزپوش جو مثال وٺون ٿا.جڏهن اوهان ان ڪپڙي تي جڙيل ڊزائين ڏسو ٿا ته انهيء ڊزائين سان ملندڙ جلندڙ خاڪو ياد جي صورت ۾ اوهان جي دماغ ۾ جاڳي پوي ٿو.اهو مفروضو ان جو سبب اهو ٻڌائي ٿو ته دماغ ۾ يادون هولوگرام جي صورت ۾ هونديون آهن.هولوگرام جي هڪڙي ننڍڙي حصي ۾ به پوري تصوير ڏسي سگھجي ٿي.ٿي سگھي ٿو ته اوهان جي دماغ ميزپوش سان اوهان جي ڏاڏي امان جي گھر سان جڙيل ڪنهن پراڻي ياد سان ناتو قائم ڪري ورتو هجي.البت ياد جو ڪنيڪشن ڪمزور آهي ان ڪري اهو ته توهان کي ياد اچي پيو ته اها ڊزائين مون اڳ ۾ ڪٿي ڏٺي آهي پر شايد اهو ياد نه اچي ته اها ڊزائين اوهان ڪٿي ڏٺي آهي. ٻين لفظن ۾ اوهان جي دماغ هڪڙي پراڻي يادگيري ڳولهي ڪڍي آهي پر انهيء يادگيريء جو تعلق ڪهڙي هنڌ،شخص يا واقعي سان آهي اهو سڀ ڪجهه اوهان جي شعور ۾ واپس نٿو اچي.انهيء مان اوهان کي ايترو ته محسوس ٿئي ٿو ته اها ڊزائين ڄاتل سڃاتل آهي پر اهو ياد نٿو اچي ته ڇو؟ اهڙيء طرح اوهان کي اهو احساس ٿئي ٿو ته اوهان ان ريسٽورانٽ ۾ پهريون ڀيرو آيا آهيو پر اتي لڳل وال ڪلاڪ يا ڪجهه تصويرون اوهان جون پهرين به ڏٺل آهن.
آخري مفروضو “اڻ پورو ڌيان” آهي .ان مفروضي مطابق “ڊيجا وو” ان وقت ٿيندو آهي جڏهن اسان جو دماغ هڪڙو واقعو ڏسي رهيو هوندو آهي پر سندس ڌيان ڪنهن خاص شيء تي رهڻ ڪري هٽي ويندو آهي.جڏهن ڌيان واپس ان واقعي طرف اينيدو آهي ته اسان کي ايئن محسوس ٿيندو آهي ڄڻ اسان پهرين به هتي اچي چڪا آهيون.مثال؛ ريسٽورانٽ ۾ جتي ڪجهه دير اڳ اوهان جو ڌيان ويٽر ۽ ميز پوش طرف هو هاڻي وچ ۾ اهو ڌيان اتان هٽي سامهون لڳل وال ڪلاڪ تي هليو ويو ۽ ٿوري دير کان پوء واپس ويٽر ۽ ميز پوش تي اچي ويو ڇو ته جنهن وقت اوهان جو ڌيان ڪلاڪ ڏانهن هو ان وقت اهو ويٽر ۽ ميزپوش تي نه هو.توڙي جو اوهان جو دماغ اوهان جي بصري نظام(Optic System) کان وصول ٿيندڙ سمورن سگنلز جي پروسيسنگ ڪري رهيو هو پر اها پروسيسنگ شعوري نه هئي.جڏهن اوهان وال ڪلاڪ تان ڌيان هٽايو ٿا ته اوچتواوهان کي احساس ٿئي ٿو ته اوهان اهو ئي منظر پهرين به ڏسي چڪا آهيو ۽ اهو سچ به آهي ته اجھو اجھو اوهان اهو منظر ڏٺو هو پر ان تي ڌيان نه ڏنو هو.
اهي ٽيئي مفروضا “ڊيجا وو” جي عام خاصيتن جي وضاحت ڪن ٿا پر انهن مان ڪوبه مفروضو حتمي ۽ يقيني هئڻ جي دعويٰ نٿو ڪري.جيستائين سائنسدان ان معاملي جي بهتر توجيهه ۽ تشريح نٿا ڪن ان وقت تائين اسان “ڊيجا وو” تي پاڻ ئي تجربا ڪري سگھون ٿا ۽ انهيء جون مختلف تاويلون ۽ تشريحون پيش ڪري سگھون ٿا.هونئن به “ڊيجا وو“ جا گھڻي قدر قصا ماڻهن جي زبانن مان ئي ٻڌڻ لاء ملن ٿا ۽ انهن ۾ هڪڙو وڌيڪ قصو اسان جو به شامل ٿي سگھي ٿو.جيڪر آئنده اوهان کي “ڊيجا وو” جو ڪو تجربو ٿئي ته ڪجهه گھڙيون ترسي ان جي باري ۾ سوچجو ضرور! ڇا اوهان جو ڌيان هٽيل هو؟ ڇا اوهان ڪا پهرين ڏٺل شيء ڏٺي؟ڇا اوهان کي پنهنجو دماغ سست رفتاريء جو شڪار لڳي ٿو؟ يا اها اڃا به ڪا ٻي شيء آهي!
(روزاني عوامي آواز 24 جون 2018ع)

Sunday, June 24, 2018

سهڻي صلاح :ذاتي ڪردار ڪشي


سوشل ميڊيا کي هڪ ٻئي جي ذاتي ڪردار ڪشيء ذريعي گدلو ڪرڻ سان ڪو پنهن جي ڪردار جي عظمت جو مينار تعمير ڪري نٿو سگھي

هدايت جورستو ؛ پوءِ اسان کانئن پورو وير ورتو



فَانتَقَمْنَا مِنْهُمْ فَأَغْرَقْنَاهُمْ فِي الْيَمِّ بِأَنَّهُمْ كَذَّبُوا بِآيَاتِنَا وَكَانُوا عَنْهَا غَافِلِينَ 
پوءِ اسان کانئن پورو وير ورتو جو انھن کي سمنڊ ۾ انھيءَ ڪري ٻوڙيوسون جو اُنھن اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڄاتو ۽ اُن کان بي خبر ھوا.
                                                                                                                         (سورت اعراف آيت 136)

So We took retribution from them, and We drowned them in the sea because they denied Our signs and were heedless of them

Saturday, June 23, 2018

ڇا تقديرون ايئن به بدلجن ٿيون؟


شفيق الرحمان شاڪر
هونئن ته دنيا ۾ سياستدان طبقو نهايت ئي قابل عزت ۽ احترام جي لائق سمجھيو ويندو آهي جو اهي مجموعي طور تي اخلاقي طور تي سماج جي ٻين طبقن کان وڌيڪ بهتر ۽ سوچ،سمجھه ۽ بصيرت جي لحاظ کان اعليٰ ۽ ڪردار جي لحاظ کان عام طور تي بي داغ هوندا آهن.آمريڪا جي گذريل اليڪشن ۾ ان وقت جي صدر اوباما جي سامهون بيٺل اميدوار جان ميڪن پنهنجي اليڪشن مهم دوران هڪ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.هي اهو ئي جان ميڪن آهي جيڪو هن وقت ڪينسر سبب اسپتال داخل آهي ۽ ڊاڪٽرن موجب هو صرف ڪجهه مهينن جو مهمان آهي.ان چونڊ مهم دوران جان ميڪن جي ذاتيات جي حوالي سان تمام وڏي ڪردارڪشيء جي مهم هلائي ويئي هئي پر جڏهن ان تقريب ۾ هڪ عورت جان ميڪن جي حمايت ڪندي صدر اوباما جي باري ۾ اهي لفظ چيا ته هن جو پيء عرب مسلمان هو ته جان ميڪن ان وقت ئي پنهنجي جاء تان اٿيو ۽ ان عورت کان مائيڪ کسيندي چوڻ لڳو ته “ هرگز نه، آئون چونڊ کٽڻ لاء اها ڪريل حرڪت برداشت نه ٿو ڪري سگھان جو پنهنجي سياسي مخالف خلاف ڪنهن ذاتي ڪردار ڪشيء جي اجازت ڏيان.” حالانڪه جيڪر جان ميڪن اوباما خلاف اهو نسل پرستيء وارو ڪارڊ استعمال ڪري ها ته چونڊن جا نتيجا تبديل ٿي سگھيا ٿي پر هن هارائڻ پسند ڪيو تڏهن به پنهنجن اصولن تي سوديبازي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.اهي هوندا آهن سياستدان جن جي قوم دل سان عزت ڪرڻ تي مجبور هوندي آهي.ٻئي طرف اسان جي سياستدانن جو حال ڏسو جو اقتدار جي بک ۽ هوس ۾ هڪ طرف ته هڪ ٻئي کي ڪوڙا سچا الزام هڻي اگھاڙو ڪرڻ ۾ دير نٿا ڪن ته ٻي طرف ملڪي سلامتيء سان کيڏڻ کان به نٿا ڪيٻائين.ماڻهن ۽ ادارن کان عزت جا مطالبا ڪندڙ انهن سياستدانن کي ڪڏهن ايتري توفيق ئي نصيب نٿي ٿئي ته پنهنجي ماضيء جي روين،سوچن ۽ ڪردار جو جائزو وٺي انهن تي نظرثاني ڪن.سندن خيال،تقريرون.پريس ڪانفرنسون ۽ گفتگو ٻڌي اکيون حيرت ۽ افسوس وچان کليل جون کليل رهجيو وڃن ته ڇا اهڙا هوندا آهن ليڊر جن کي ڏکئي وقت ۾ قوم ۽ ملڪ جي رهنمائيء جو فرض ادا ڪرڻو آهي.انهن جيڪر اڄ تائين پنهنجي شعبي ۾ ڪو ڪمال حاصل ڪيو آهي سو اهو ته عوام کي ڪهڙيء طرح نت نون طريقن سان بيوقوف بنائي پنهنجو ڪم ٽپايو وڃي.تضادن،غلط بيانين ۽ فريب سان ڀرپور ڪردار کڻي جڏهن اهي اقتدار جي ڪرسين تي ويهن ٿا ته اتي به پنهنجا اهي ڪمال ۽ ڪرتب ڏيکارڻ لڳن ٿا.صحيح ۽ غلط جو فرق انهن وٽ ڪا معنيٰ نٿو رکي،انهن جا خيال ۽ نظريا بدلجڻ سان گڏوگڏ اهي پاڻ پنهنجون جڳهون به بدلائيندا رهندا آهن.صبح هڪڙي پارٽيء ۾ ته شام جو ٻي ڪنهن جماعت ۾.جيڪو اسان جو سچ آهي سو انهن جو ڪوڙ ،جيڪا اسان جي مصيبت آهي سا انهن جو عيش.ڪوڙ به اهڙا جن پوري سماج جي شڪل ئي بگاڙي رکي آهي.صحيح ۽ غلط جي تميز ئي ختم ٿي چڪي آهي.هر شيء مفادن جي ڪسوٽيء تي پرکي ٿي وڃي.ڪوڙ به اهڙي ته زور شور ۽ وڏي واڪي جو انهيء تي سچ جو گمان ٿيڻ لڳي.اهي پنهنجي بي عزتي ۽ بدناميء کي به گھمائي ڦيرائي اهڙي ته انداز سان پيش ڪن ٿا جو انهيء کي پنهنجو مرتبو بنايو وٺن.پنهنجي غلطين کي پنهن جي عظمتن جي داستانن ۾ بدلايو وجھن ۽ اسان هر بار انهن جي چوڻ تي منجھي غلط فيصلا ڪرڻ تي مجبور ٿي پئون ٿا.جيڪر ڪنهن تي چوريء ،هيراڦيري،ڦرلٽ ۽ دغابازيء جو الزام آهي،کيس تحقيقات کي منهن ڏيڻو آهي ۽ سموريون حرفتون آزمائڻ بعد به کيس فرار جو رستو نه ملندو هجي ۽ هو بار بار عدالتن ۾ گهلبو هجي ته اها ان جي عظمت يا شان ڪيئن بڻجي ويو؟پرانهن جي عظيم فنڪاريء جو ڪمال آهي جو ماڻهو اهڙن ڪرتوتن تي به انهن کي عظيم ڪوٺين ٿا. انهن جي وڏن آوازن ۽ بي باڪ تقريرن ۾ سچ خبر ناهي ڪٿي لڪي ويو آهي.سڌريل معاشرن ۾ اها ڪيڏي نه شرم جي ڳالهه هوندي آهي جو قوم جا نمائندا چوري،ڦرلٽ،مني لانڊرنگ،بدعنواني ۽ غلط بيانيء ۾ ملوث هجن پر هتي اسان وٽ اها وڏي فخر جي ڳالهه ليکي وڃي ٿي.بدترين ڪوڙ اهو آهي جنهن ۾ ڪجھه سچ به شامل ڪري ڇڏجي سو هتي به هر ڪوڙ ۾ ڪجهه سچ جي ملاوت اهڙي ته ڪاريگريء  سان ڪئي وڃي ٿي جو سچ جي شڪل ئي بگڙيو وڃي ۽ ڪوڙ سڄي جو سڄو سچ بڻجيو وڃي.ڳالهه ڪنهن هڪڙي  يا خاص حڪمران  يا سياستدان جي ناهي پر انهيء سوچ ۽ طرز عمل جي آهي جيڪو صدين کان پوء به تبديل نه ٿي سگھيو آهي.ڇا ڪنهن عالي ظرف قومي ليڊر لاء اها ڳالهه باعث شرم ناهي جو عدالتن،ميڊيا ۽ عوام ۾ هن جي غلط بيانين ۽  ڪوڙ جا چرچا هجن ۽ هو فتح جا نشان ڏيکاري رهيو هجي.هنن کان ته آمريڪا جا اداڪار ڀلا آهن جو هڪڙي اداڪار کيس مليل بهترين ڪارڪردگيء جو اعزاز صرف ان ڪري واپس ڪري ڇڏيو جو جنهن فلمساز ڪمپني اها فلم ٺاهي هئي انهيء تي مني لانڊرنگ جو الزام هو.توڙي جو اهو اداڪار پاڻ ڪنهن به قسم جي مني لانڊرنگ ۾ ملوث نه هو پر جيئن ته جنهن فلم ۾ ڪيل ڪارڪردگيء سبب هن کي پرائيڊ آف پرفارمنس مليو هو ان فلم ۾ پئسو هڪ اهڙي ڪمپنيء جو شامل هو جنهن تي مني لانڊرنگ جو الزام هو جنهن ڪري هن اهو ايوارڊ وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو،انهيء کي چئبو آهي ڪردار جي طاقت.اسان جي ملڪ ۾ هڪ طرف ته اها حقيقيت به هرڪو مڃي ٿو ته عوام جو ٻيڙو ڪرپشن ۽ بدديانتيء جي ڪري غرق ٿيوٻئي طرف جنهن جي خلاف به اهڙن ڏوهن سبب ڪا ڪاروائي شروع ٿئي ٿي ته عوام توڙي ميڊيا به ان کي خدا جو ولي بنايو ڇڏين.ڄڻ ته هن معصوم زندگيء ۾ ڪڏهن ڪو گناهه ڪيو ئي ناهي.اسان به عجيب قوم آهيون جو انهن تماشن ۾ اسان کي پنهنجي بک،اڃ،سور،صدما ۽ ستم سڀ وسريو وڃن ۽ انهن ئي ستمگرن سان سر ۾ سر ملائي ماتم ڪرڻ شروع ڪيو ڏيون.عدالتون عوام جي حقن جي تحفظ ۾ جيڪر ڪنهن چور يا ڳنڍي ڇوڙ کي سياست مان ٻاهر ڪڍن ٿيون ته عوام وري پاڻ انهن کي ٻيهر گھليو،سلاڙيو،نعرا هڻندو ۽ سندن اڳيان نچندو واپس آڻيو پنهنجن مٿن تي پاڻ سوار ڪري ته ان الميي جو ماتم ڪنهن سان ڪجي؟لوڊ شيڊنگ،بکون،بيماريون،بدحاليون،بدامنيون ۽ سوين ٻيا ستم سهي ڪري به جيڪر جيئي جيئي لڳي پيئي هجي ته اهڙي عوام جي ديوانگيء کي به ضرور داد ڏيڻ گھرجي.هرڪو پٽيندو ۽ پاراتا ڏيندو ٿو وڃي ته جن کي اسان ووٽ ڏيون ٿا اهي چور،ٺڳ،ظالم،بي حس ۽ خبر ناهي ڇا جو ڇا آهن پر ووٽ وري به انهن کي ئي ڏيندو ٿو وڃي.اهڙي قوم جي تقدير آخر ڇو بدلجي جيڪا پنهنجي بدنصيبيء تي نه رڳو شاد ،صابر،شاڪر ۽ مطئمن آهي پر انهيء تي نچي ٽپي ۽ جھمريون به هڻي ٿي.ڏوهه رڳو سياستدانن يا حڪمرانن جو به ڪونهي،هن باغ جو خود باغبان به باهه لڳائڻ وارن سان مليل آهي.نهايت ئي جذباتي نوعيت جي قوم،جلد ئي ماضيء کي ڀلجي ويندڙ ۽ هر مداريء جي ڪرتبن ۾ بار بار ڦاسندڙ،هر دغاباز هٿان وري وري لٽجندڙ،هر سٽي باز هٿان سٽجندڙ ۽ جعلي عاملن جي چوڻ تي پنهن جا ٻچا ڪهندڙ قوم،پنهنجي وجود کي پنهنجي ئي هٿن سان ڪٽي،ڪپي ۽ ڪوري پوء گھوڙا گھوڙا ڪندڙ قوم،اهڙي قوم جيڪا پنهنجو پاڻ کي بدلائڻ جي تڪليف ڪرڻ سوا هر وقت ڪنهن غيبي مدد جي منتظر ۽ ڪنهن مافوق الفطرت قوت جي اوسيئڙي ۾ رهي ٿي ته اوچتو ڪو چمسڪار ٿي پوي جو صبح جو اٿجي ته سڀ ڪجهه بلڪل بدلجي چڪو هجي ۽ سواء پنهن جي ڪنهن سعيء جي سڀ ڪجهه صحيح ٿي چڪو هجي.اها قوم نه پر ماڻهن جو ڪو انبوهه آهي، ٽڙيل پکڙيل،هڪ ٻئي کان ڪٽيل،پنهنجي منزل کان بي خبر ۽ پنهن جو رستو وڃائي به اهو گمان ته سفر ڪٽجي رهيو آهي ۽ منزل ويجھي ٿي رهي آهي.انهيء کان مٿي ديوانگيء جي ڪا حد هجي ته ضرور ٻڌايو!
“ڪرديا دل ڪو فڪر دو عالم سي آزاد
خدا تيري جنون ڪا سلسلا دراز ڪري! ”
(روزاني جيجل 21 جون 218ع)

Thursday, June 21, 2018

اسان سڀ اميد سان آهيون.


شفيق الرحمان شاڪر
سدائين اهو ٻڌندا ٿا اچون ته دنيا اميد جي سهاري قائم ۽ انسان اميد سهاري زندهه آهي ۽ حضرت انسان بار بار جي ناڪامين ۽ مايوسين باوجود اڄ به انهي اميد سان جي رهيو آهي ته شايد اڄ نه ته ايندڙ  سڀاڻي هن جون سڀ اميدون پوريون ٿين،سندس خواهشن جي تڪميل ٿي وڃي ۽ سندس سهڻا سپنا ساڀيان ٿي وڃن.خواهشون ته هر انسان سان ايتريون اڻ ڳڻپ ۽ بي شمار لڳل آهن جو اردوء جي عظيم شاعر مرزا غالب جي لفظن ۾ ته
“ هزارون خواهشين ايسي ڪي هر خواهش پي دم نڪلي،
بهت نڪلي    ميري  ارمان   ليڪن  ڦر  ڀي  ڪم نڪلي.”
سو انهن هزارين اميدن ۽ خواهشن جي خوابن ۾ جيئندي ئي انسان جو ساه نڪري وڃي ٿو.ڇا امير ڇا غريب،ڇا محمود ڇا اياز،سڀ جا سڀ اميدن جي ان ٻيڙيء ۾ چڙهيل نظر اچن ٿا.اميد جيڪا چور کي به تسلي ڏئي ٿي ته ڀاڳئي کي به حوصلو،اميد جيڪا هڪ ئي وقت ظالم جو به ساٿ ڏئي ٿي ته مظلوم سان سان به سنگت نڀاهي ٿي.اميد هڪ اهڙي عورت آهي جيڪا اڪثر مايوسين ۽ نااميدين جا ٻار ڄڻيندي آهي.تنهن هوندي به اسان سڀ اميد سان آهيون ته ايندڙ اليڪشن اسان جي دکن جو درمان ۽ سڪون جو سامان بڻبي. اسان مان هرڪو اميد سان آهي ته انهن چونڊن جي نتيجي ۾ اسان جا بند پيل بخت کلي پوندا ۽ قسمتن کي لڳ ڪٽ لهي ويندا،تقديرن جي تاريڪي اجالن ۾ بدلبي،دردن سان ڀريل موسم خزان جو خاتمو ٿيندو ۽ بديل رت بهارن جا نت نوان رنگ کڻي نروار ٿيندي.
اليڪشن ۾ بيٺل اميدوار اميد سان آهن ته اهي نه رڳو اهو کيل کٽي مخالفن جي اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيندا اليڪشن تي لڳايل سمورو سرمايو سود سميت واپس وٺندا.اهي انهيء اميد سان به آهن ته سندن سياسي مرشدن جي نظر ڪرم سان کين ڪا نه ڪا سڻڀي وزيري يا مشيري به ملي ويندي جنهن ذريعي اهي پنهنجن سرڪاري لينڊڪروزرن تي سائي پليٽ سان گڏ پاڪستان جو قومي جھنڊو ڦڙڪائي نه رڳو شاهي پگھارون،روزمره جا ٽي اي ڊي اي  ، تيل پيٽرول ۽ دفترن ۽ بنگلن جا خرچ پکا به عوامي خزاني مان وصول ڪندا پر هاذا من فضل ربي واري برڪت ڀرئي خزاني مان به فيضياب ٿي سگھندا.سرگرم سياسي ورڪراميد سان آهن ته اهي سجندڙ اليڪشني ميلن ۾ خوب ڊانسون ڪندا،جھمريون ۽ ٺمريون هڻندا،نت نوان نعرا ايجاد ڪندا،گارين ۽ الزامن جا نوان انداز آڻيندا،چاپلوسين جون چاشنيون چکائيندا ۽ جڏهن سندن اميدوار مخالف کي ملهه ماري ميدان کٽي ايندا ته کين سندن وفائن جو سلو کين توري توري ادا ڪندا.
پيپلز پارٽي اميد سان آهي ته شهيدن جي نالي ۽ بلاول جي برڪت سان هو هن ڀيري به نه رڳو سنڌ فتح ڪندا پر عظيم مفاهمت ۽سياسي جادوگريء ذريعي مرڪز ۾ به مخلوط حڪومت قائم ڪري وٺندا.نواز ليگ اميد سان آهي ته مظلوميت ۽ پنجابي ڪارڊ جي مدد سان اهي نه رڳو اليڪشن واپس کٽي ايندا پر ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت حاصل ڪري آئين ۾ اهڙيون ترميمون ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا جن ذريعي عدالتن ۽ ظاقتور ڌرين کي پنهنجن حدن ۾ رهڻ تي مجبور ڪندا،نيب کي ختم ڪندا ۽ ميان صاحب جي نااهليء وارو فيصلو واپس ڪري کيس وري چوٿون ڀيرو ملڪ جو وزير اعظم بنائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا.پي ٽي آئي اميد سان آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ تبديليء جي اهڙي سونامي ايندي جيڪا ٻين سڀني پارٽين کي پنهنجي ريلي ۾ وهائي ويندي.ڪي پي ڪي سان گڏوگڏ پنجاب توڙي مرڪز ۾ به اهي حڪومت جوڙيندا ۽ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪپتان ملڪ جو وزير اعظم بڻبو پوء ملڪ جي تقدير بدلجي ويندي.ڪرپٽ سياستدانن کي سزائون ملنديون،ملڪ ۾ کير ۽ ماکيء جون نهرون وهڻ شروع ٿي وينديون ۽ هر طرف ميرٽ ئي ميرٽ نظر ايندي.متحده  مجلس عمل به اميد سان آهي ته اها ڪي پي ڪي ۾ اڪيلي جڏهن ته بلوچستان ۾ گڏيل حڪومت بنائڻ ۾ سوڀارا ٿيندا ۽ مولانا وڏو مفاهمت جي راند ڪري مرڪزي حڪومت ۾ به سٺو فائدو حاصل ڪري وٺندو پوء هر طرف اسلام ئي اسلام نظر ايندو،شينهن ۽ ٻڪري هڪڙي ئي تڙ تان پاڻي پيئندا.
عوام ايندڙ اليڪشن جي حوالي سان ان اميد سان آهي ته سورهن ڪلاڪن جي لوڊ شيڊنگ اٺ ڪلاڪ ٿي ويندي.ڪفن چورن مان جان آجي ٿيندي ڪي ٽوپي چور ايندا.اٽو ڀلي سستو نه ٿئي پر ان ۾ ڪاٺ جو ٻورو نه ملايو ويندو.سرڪاري اسپتالن ۾ نشي جون انجيڪشنون وافر مقدار ۾ مهيا ڪيون وينديون ته جيئن مريضن جو علاج نه ٿي سگھڻ جي صورت ۾ کين اهي سيون هڻي ڪجهه دير لاء سڪون سان سمهاري سگھجي.تعليم سڌري يا نه پر اسڪول ويندڙ سندن ٻارن کي رستي مان اغوا نه ڪيو ويندو.نوجوانن لاء جيئن ته نوڪريون موجود نه هونديون ان ڪري کين حڪومت طرفان ڇولن جا گاڏا لڳائي ڏنا ويندا.اوريج ۽ گرين وغيره کان پوء هاڻي ڪا بليڪ بس سروس به شروع ڪئي ويندي.عالمي مالياتي ادارن کان قرض پنڻ بدران سڌا سنوان عوام تي ٽيڪس هڻي پورت ڪئي ويندي.ڪرپٽ، بد ديانت ۽ ڏوهاري سياستدانن ۽ عملدارن تي رحم جي نظر ڪري کين سزا ڏيڻ بدران هي ملڪ ڇڏي کين پنهنجن اصل ملڪن ڏانهن وڃڻ جي اجازت ڏني ويندي.پيٽرول جي قيمتن ۾ ماهوار اضافو ڪرڻ بدران هر پندرهين ڏينهن اضافو ڪيو ويندو ته جيئن عوام جي کيسي تي ان جو گھٽ وزن پوي.هميشه جيان اسيمبلي ميمبرن ۽ وزيرن مشيرن جي پگھارن ۾ ضرور شاندار اضافو ڪيو ويندو ته جيئن انهن غريبن کي ڪنهن جي اڳيان هٿ ڦهلائڻو نه پوي.اهڙن موذي مرضن جي جرثومن جي واڌ ويجھه لاء جوڳا اپاء ورتا ويندا جن جو علاج نه ٿي سگھي ته جيئن ملڪ ۾ وڌندڙ آباديء جي مسئلي کي ڪنٽرول ڪري سگھجي.
پر مسٽر ڏونگھو ڪجهه عجيب اميد سان آهي ته اذيت جي رات گھڻي ڊگھي ٿي چڪي آهي انهيء جو صبح ٿيڻ وارو آهي.حڪمران طبقي جون سڀ مڪاريون ۽ چالاڪيون آخري هٿورڙيون هڻي رهيون آهن.انهن جي هاڻي ترت جان آجي ٿيڻ واري ناهي.قدرت جو ڏنڊو پنهنجو ڪم ڪري رهيو آهي.انهن ڏانهن اڇلايل جوتا ۽ منهن تي هاري ويندڙ مسن جي ڪاراڻ جي پويان عوامي غصي جو هڪ خاموش طوفان لڪيل آهي.ماڻهن انهن کان ڊڄڻ ڇڏي ڏنو آهي. اهي ڀلي اليڪشن کٽي به اچن پر اهي هاڻي پنهنجي مرضيء سان اهو سڀ ڪجهه ڪري نه سگھندا جيڪو اڳ ۾ ڪندا رهيا آهن.سندن اثاثا سندن خلاف جوڻيون هڻندا،تحقيقاتون ۽ جاچون انهن کي سک سان سمهڻ نه ڏينديون،حرام طريقي سان ڪمايل دولت لڪائڻ لاء انهن کي دنيا ۾ ڪٿي ڪا جڳهه نه ملندي.انهن جون سموريون تدبيرون ابتيون ٿي انهن جي ڳچيء ۾ پونديون جو اهي مڪافات عمل جي فطري هنٽر جي نشاني تي آهن ۽ تبديليء جي ان عمل سان اليڪشن وغيره جو ڪو تعلق آهي ئي ڪونه!
هاڻي ڪنهن جون اميدون پوريون ٿيون ٿين خدا ئي بهتر ڄاڻي ٿو.

(روزاني عوامي آواز 19 جون 2018ع)

تصوف جو چنڊ ؛حضرت ذالنون مصري رحه


شفيق الرحمان شاڪر
صوفين جي قافلي ۾ هڪڙو عظيم نالو حضرت ذالنون مصري رحه جو آهي.ولين جي سردار حضرت داتا گنج بخش علي هجويري رحه پنهنجي شاندار ڪتاب “ ڪشف المحجوب” ۾ سندن ذڪر نهايت ئي خوبصورت انداز ۾ ڪرڻ فرمايو آهي.پاڻ فرمائين ٿا ته “ انهن مان ئي تحقيق ۽ ڪرامت جوٻيڙو، شرف ۽ ولايت جي تلوار ابوالفيض حضرت ذالنون بن ابراهيم مصري رحه آهن.پاڻ نهايت ئي سهڻي اخلاق جا مالڪ هئا. کين “ثوبان ” جي نالي سان سڏيو ويندو هو.خانداني حيثيت جي لحاظ کان اعليٰ، اهل طريقت ۾ عارف ۽ ڪامل صوفي مڃيا ويا آهن.پاڻ “ملامتيه ” طريقي جا پيروڪار هئا انهيء ڪري ئي مصر وارن جي نظرن کان سندن درجا ۽ ڪرامتون لڪيل رهيون.ڪو کين بري نظر سان ڏسندو هو ته ڪو کين معمولي ماڻهو سمجھندو هو.مطلب ته پاڻ جيستائين مصر ۾ رهيا ڪنهن به سندن اندر جي احوال ۽ ايمان جي جمال کي نه پرکيو.جڏهن سندن وفات ٿي ۽ جنهن رات پاڻ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو فرمايائون  ته شهر جي ستر ماڻهن حضور ڪريم صلي عليه وسلم جن جي خواب ۾ زيارت ڪئي ۽ اهو فرمائيندي ٻڌو ته “ جو دوست ذالنون مصري اچي رهيو آهي ۽ اسان سندس آڌر ڀاء لاء آيا آهيون.” جڏهن وفات ٿي ويئي ته سندن پيشاني مبارڪ تي واضح طور تي هي لفظ لکيل ڏٺا ويا ته    “ هي خدا جو محبوب آهي، خدا جي محبت ۾ وفات پاتائين ۽ خدا جي راهه ( عشق) ۾ شهيد ٿيو.” جڏهن سندن جنازو مبارڪ کنيو ويو ته آسماني پکي سندن جنازي تي ايئن ڇانئجي ويا جو پرن سان پر ملائي هڪ ڪڪر جيان ڇانو ڪندي اڏامندا رهيا.مصر وارن جڏهن سندن اهو مرتبو ۽ شان ڏٺو ته کين گھڻو پڇتاء ٿيو ۽ جيڪي ماڻهو کين خراب نظر سان ڏسندا هئا اهي سڀ توبه تائب ٿيا.” ( ڪشف المحجوب)
هيٺ سندن ڪجهه قيمتي تعليمات ۽ قول نقل ڪجن ٿا جن کي سندن ذڪر ڪندڙن سندن سان بيان ڪيو آهي.
* يوسف بن حسين فرمائين ٿا ته مون حضرت ذالنون مصري رحه کان ٻڌو ته “ اي مريدو! اوهان مان جيڪر ڪو تعاليٰ جي معرفت جي رستي طرف وڃڻ جو ارادو رکي ٿو ته اهو ڪجهه ادب سکي وٺي. جڏهن عالمن سان ملي ته جاهل (اڻ ڄاڻ ) بڻجي ملي ( يعني ڄاڻندو هجي به ته اڻ ڄاڻ بنجي انهن کان علم سکي)،جڏهن زاهدن ۽ عبادت گذارن سان ملي ته محبت ۽ شوق سان ملي (ته جيئن انهن جي روحانيت مان ڪجهه حاصل ڪري سگھي، جڏهن عارفن يعني معرفت رکڻ وارن سان ملي ته گونگو ٿي ملي (يعني پوري ڌيان سان خاموش ٿي انهن جي گفتگو ٻڌندو رهي ۽ وچ ۾ نه ڳالهائي)
                                                                                                                  (حليت الاولياء)
* يوسف بن حسين فرمائين ٿا ته پاڻ رحه جن فرمايو ته “معرفت ٽن طريقن سان حاصل ٿي سگھي ٿي.پهريون معاملن ۾ سوچ ۽ ويچار ذريعي ته رب العزت ڪيئن انهن جي تدبير فرمائي آهي.ٻيو تقدير ۾ سوچ ويچار ڪرڻ ذريعي ته تعاليٰ اها ڪيئن لکي ۽ ٽيون خلق ۾ غور فڪر ڪرڻ سان ته ڪهڙيء طرح رب پاڪ انهن کي پيدا فرمايو.” (حليت الاولياء)
* يوسف بن حسين فرمائين ٿا ته پاڻ حضرت رحه جن هن طرح دعا گھرڻ فرمائيندا هئا ؛ “ اي پروردگار! شيطان تنهنجو ۽ اسانجو دشمن آهي ۽ انهيء شيطان کي ان کان وڌيڪ ٻي ڪا خراب ڳالهه نه لڳندي جو تون اسان کي معاف ڪري ڇڏين ته اي ! اسان کي بخش ڪري ڇڏ.“ (حليت الاولياء)
* محمد بن سعيد الخوارزمي فرمائين ٿا ته آئون حضرت ذالنون مصري رحه جن جي مجلس ۾ موجود هئس ته هڪڙي شخص محبت جي باري ۾ سوال ڪيو.پاڻ فرمايائون “ جنهن سان محبت رکي اوهين به ان سان محبت رکو۽ جنهن کي ناپسند فرمائي اوهين به انهيء کي ناپسند ڪيو.سراسر ڀلائي ڪندا ڪريو،رب کان غافل ڪندڙ شين کي رد ڪري ڇڏيو، جي باري ۾ ڪنهن ملامت ڪندڙ جي ملامت جي پرواه نه ڪريو.مومنن تي شفقت ۽ مهربانيء کان ڪم وٺو۽ ڪافرن تي سختي ڪيو ۽ دين ۾ رسول صلي عليه وسلم جي فرمانبرداري ڪريو.” (حليت الاولياء)
* عباس بن حمزه فرمائين ٿا ته مون حصرت ذالنون مصري رحه کي فرمائيندي ٻڌو ته “ جي معرفت رکندڙ عارف سدائين هڪڙي حال ۾ نٿو رهي.هو پنهنجي هر حال جي معاملن کي خدا جي حوالي ڪندو آهي.” (حليت الاولياء)
* محمد بن ميمون فرمائين ٿا ته مون پاڻ حضرت رحه جن کي فرمائيندي ٻڌو ته “ اهڙي شخص جي سنگت اختيار ڪر جنهنجو اندر( سندس لڪيل حقيقي خوبيون) توسان ڪلام ڪري ۽ اهڙي شخص جي دوستي اختيار نه ڪر جيڪو صرف زبان سان توسان ڳالهائيندو هجي.(يعني ان جي چوڻ ۽ ڪرڻ ۾ فرق هجي)” (حليت الاولياء)
* علي بن عبد چون ٿا ته مون حضرت ذالنون مصري رحه جن کي فرمائيندي ٻڌو ته “ عبادت جي چاٻي غور ۽ فڪر آهي (اهو فڪر ته ڪنهن بارگاه ۾ حاضري ٿيڻ واري آهي) گمراهيء جي نشاني شهوتن ( نفساني خواهشن) جي تابعيداري آهي ۽ توڪل جي نشاني پنهنجن سمورين خواهشن کي ڇڏي ڏيڻ آهي.” (حليت الاولياء)
* يوسف به حسين فرمائين ٿا ته مون حضرت ذالنون مصري رحه جن کي فرمائيندي ٻڌو ته “ نيڪن جي صحبت اختيار ڪريو،انهيء سان زندگي وڻندڙ بڻجي وڃي ٿي ڇو ته سموري ڀلائي نيڪ دوست ۾ جمع هوندي آهي.جيڪر اوهين غافل ٿيندا ته اهو اوهان کي غفلت مان ڪڍي ذڪر طرف آڻيندو ۽ جيڪر اوهان ذڪر ۾ مشغول هوندا ته اهو دوست ذڪر ۾ اوهان جي مدد ڪري ٿو”(صفوت الصفوت)

(روزاني مهراڻ 19 جون 2018ع)



Sunday, June 17, 2018

عيد...مگر ڪنهن جي؟


شفيق الرحمان شاڪر
چوندا آهن ته عيد ته ٻارن جي هوندي آهي ۽ واقعي ٻار ئي ان ڏينهن تي سڀني کان گھڻو مصروف نظر ايندا آهن.ڪڏهن ڏاڏا کي سلام ڪري عيدي وصول ڪيائون،ڪڏهن نانا سان پيار ڪري سندس کيسو خالي ڪيائون،ڪڏهن ماما ته ڪڏهن چاچا،ڪهن ماسي ته ڪڏهن پڦي مطلب ته وچين طبقي جا ٻار عيد تي چڱي خاصي رقم ڪمائي وٺندا آهن؟ٻار آخر انهن پئسن جو ڪندا ڇا آهن؟ کاڌو پيتو ته بابا جي پئسن مان ٿيندو آهي،ڏٺو ويو آهي ته ٻار انهن پئسن مان عام طور تي ٻيو ڪجهه نه ڪندا آهن سواء رانديڪا خريد ڪرڻ يا وري گھڻيون مٺيون يا نمڪين شيون خريد ڪري کائڻ جي. ڪجهه ماء پيء پنهنجن ٻارن کان اها گڏ ٿيل رقم وٺي انهيء ۾ پنهنجي طرفان ڪجهه حصو ملائي کين ڪا ڪم جي شيء وٺي ڏيندا آهن.پر ڏسڻو اهو آهي ته اصل ۾ عيد هوندي ڇا آهي؟ عيد ته رمضان ۾ جي  حضور مسلمانن طرفان شڪر ادا ڪرڻ ۽ پنهنجي عبادتن جو معاوضو گھرڻ جو ڏينهن آهي.۔جڏهن تعاليٰ پنهنجن بندن کي فرمائي ٿو ته وڃو،اڄ مون اوهان کي بخش ڪري ڇڏيو ته بندا ان خوشيء ۾ عيد ملهائيندا آهن.پر انهيء خوشيء ۾ اسان اهو سڄو سبق ئي ڀلجي وڃون جيڪو رمضان ۾ سڪل نڙيء ۽ خالي پيٽ جي حالت ۾ اسان سکيو هوته پوء عيد عيد نٿي رهي.رمضان ۾ ثواب ڪيترائي درجا وڌي ملي ٿو ان ڪري ماڻهو رمضان ۾ روڊن رستن تي ماڻهن کي زوريء روزو کولرائڻ جا جتن ڪندي نظر ايندا آهن پر ان جو مطلب اهو ڪونهي ته رمضان کان پوء تعاليٰ ساڳيو ثواب ڏيڻ تي قادر ڪونهي.سچائيء سان ڪيل نيڪيء جي اجر کي رب پاڪ پنهنجي پاران ست سو دفعا وڌائي ڇڏي ٿو.ان ڪري رمضان دوران جنهن جذبي سان ّخيرات ۽ صدقو ڪيو وڃي ٿو عيد جي ڏينهن ۽ عيد کان پوء به اهو حسب حال جاري ڇو نه رکيو وڃي؟هونئن ته غريبن،لاچارن ۽ محتاجن جي سار سنڀال جي ذميدار ته وقت جي حڪومت آهي جيئن حضرت عمر رضه جو مشهور قول آهي ته “ جيڪر فرات جي ڪناري ڪو ڪتو به بکيو مري ويو ته ان جي ذميداري اميرالمومنين عمر رضه تي عائد ٿيندي.” اهي غريب ٻار جيڪي ڪنهن سبب عيد جي خوشين ۾ شامل ٿي نٿا سگھن انهن جي ذميداري حڪومت ۽ رياست تي اچي ٿي پر بدقسمتيء سان اسان وٽ رياست يا حڪومتون اهو ڪم نٿيون ڪن ته پوء سرنديء وارن ماڻهن ۽ معاشري جي سمورن طبقن جي مٿان به اها ذميداري اچي ٿي ته اهي غريبن کي عيد جي خوشين ۾ شامل ڪرائڻ لاء پنهنجو ڪردار ادا ڪن.سڀ کان پهريون فرض مٽن مائٽن ۽ پاڙيسرين جو آهي جو اهي ڏسن ته انهن جي آس پاس رهندڙ ماڻهن جو حال ڪهڙو آهي؟اهو ئي اسلام جي معاشي نظام جو بنياد آهي ته دولت سماج جي مختلف طبقن ۾ گردش ڪندي رهي ۽ اها سڪڙجي صرف چند هٿن ۾ جمع نه ٿي وڃي. ويجھن مٽن مائٽن ۽ پاڙيسرين جا اسلام جيڪي حق ٻڌايا آهن انهن مان ايئن لڳي ٿو ڄڻ ته انهن کي اسان سان وسيلن ۾ ڀائيوار بنايو ويو هجي.ان ڪري جيڪر ڪٿي به ڪو غريب رڳو ان ڪري عيد ڪرڻ کان رهجي وڃي جو هن جا کيسا خالي هجن ته اها ڪنهن به سڌريل سماج تي منهن تي زوردار چماٽ آهي.اهو ڪم مسجدن ذريعي سهڻي ۽ بهتر نموني ۾ ٿي سگھي ٿو.ڏٺو ويو آهي ته بي شمار سرنديء وارا مسجدن جي تعمير ۽ زيب زينت تي ڪروڙين روپيا خرچ ڪندا رهندا آهن، مثال؛ اعليٰ قسم جا قالين،ايئر ڪنڊيشنرز لڳائڻ،وڏا وڏا گنبذ ۽ مينار جوڙائڻ وغيره. اعتراض انهيء تي ناهي ته اهي شيون ڇو ٿيون ڪيون وڃن پر سوال اهو به آهي ته انهيء ئي مسجد جي آسپاس جيڪر عيد تي به ڪنهن غريب جا معصوم ٻار بکن وگھي سسڪي رهيا هجن ته پوء اسان انهيء لاء پنهنجي ر کي ڪهڙو جواب ڏينداسين؟مسجدن جي درن تي پنندڙن سان اسان غصي ۽ ڪاوڙ جو اظهار ته ڪندا آهيون پر ڪڏهن اسان سوچيو آهي ته صحابا ڪرام جي دور ۾ آخر اهي پنڻ وارا موجود ڇو نه هئا ان ڪري جو انهن معاشي انصاف جو هڪ اهڙو نظام قائم ڪري ڏيکاريو هو جو ماڻهو زڪوات کڻي گھمندا هئا پر ڪو زڪوات وٺڻ وارو نه ملندو هو.ان ڪري اسان جي سماج جي ان سماج سان ڀيٽ ڪرڻ ۽ سوال ڪندڙ کي دڙڪا ڏيڻ يا ايذائڻ ڪنهن به طرح درست ناهي.مسجدن ۾ باقائدي ان قسم جو ڪو فنڊ قائم ڪري سگھجي ٿو جنهن مان اهڙن مسڪينن جي مدد ڪري سگھجي ٿي.ٻيو اهم نڪتو اهو ته صدقو يا خيرات ڏيڻ وقت ڪنهن تي پنهنجو ٿورو جتائڻ يا ان جي تحقير يا تذليل ڪرڻ،انهن کي قطارن ۾ بيهاري سندن عزت نفس سان کيڏڻ اڄ ڪلهه عام بڻجي ويو آهي.ايستائين جو ڪنهن کي اٽي جا ڏهه ڪلو ّيرات ۾ ڏيڻ وقت به نه رڳو سيلفيون ٺهن ٿيون پر انهن کي سوشل ميڊيا تي آڻي کين خوار ۽ رسوا ڪيو وڃي ٿو.قرآن ڪريم اهڙي صدقي ڏيڻ کان ئي منع ڪئي آهي جنهن جي پويان ڪو ايذاء يا اذيت هجي يا ڪنهن تي ٿورو جتايو ويو هجي.اهي ماڻهو جيڪي صدقي ۽ خيرات جي نالي تي اهڙيون نامناسب حرڪتون ڪن ٿا اهي خدا پاڪ آڏو ڏيڻ لاء پنهنجو جواب سوچي وٺن.بهترين صدقو اهو آهي جيڪو هڪ هٿ سان ڏجي ته ٻئي هث کي به خبر نه پوي ڇو ته جنهن ذات جي راضپي لاء هو اهو ڪم ڪري ٿو اها ذات ته چـڱيء طرح هر راز کان واقف آهي.خيرات ۽ صدقي ڏيڻ ۾ ڏيک ويک ۽ ريا جو ته مطلب ئي اهو ٿيو ته صدقو ڏيندڙ پنهنجي نيڪي جو اجر رب پاڪ کان نه پر دنيا جي ماڻهن کان طلب ڪري رهيو آهي ته پوء اهو اخلاص ڪيئن رهيو؟
ڪڏهن اسان سوچيو آهي ته عيد واري ڏينهن تي به ڪيترائي معصوم ۽ بي سهارا ٻار روڊن رستن تي گندگيء جي ڍيرن مان پنهنجو رزق تلاش ڪندي نظر ايندا آهن،انهن کي شايد خبر ئي نه هجي ته عيد ڇا ٿيندي آهي؟اهي ئي گندا،مٽيء مان ڀڀوت،ڦاٽل ۽ چتيون لڳل ڪپڙا،پير اگھاڙا ۽ پيٽ بکايل.اسان مان هرڪو پنهنجن ٻارن جي خوشين جو ڪيڏو نه خيال رکندو آهي ۽ سندن هر جائز توڙي ناجائز خواهش پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي پر اهي ٻار ڪنهن جا آهن جن کي تقدير جي سختين ۽ حڪومتن جي بي حسين عيد ڪرڻ جي لائق به ناهي ڇڏيو جو اهي گھٽ ۾ گھٽ سال ۾ هڪڙو دفعو ئي سهي پر ڪنهن ته خوشيء سان پنهنجو جھول ڀري سگھن ۽ چند ساعتن لاء ئي سهي پر سندن منهن تي مرڪ موٽي اچي.اهي جيڪر مايوسين ۽ محرومين جون ٺوڪرون کائي ڏوهه جي دنيا ۾ گم ٿي وڃن ٿا ته انهن کي ڏوهاري بنائڻ ۾ رياست،حڪومتون ۽ مجموعي طور تي سچو سماج به پوريء طرح  ڀاڱي ڀائيوار آهي.ست ست حج ۽ ڏهه عمرا ڪندڙن تي ڪنهن کي اعتراض ڪونهي پر اعتراض اهو آهي ته هن مصيبت ماريل نسل جي آخر ڪير سار لهندو،ڪير انهن جي پتڪڙن وجودن ۾ گھرن گھائن تي مرهم رکندو ۽ ڪير هنن کي اهو احساس ڏياريندو ته اوهين به اسان جي وجود جو هڪ اڻ ٽٽ حصو آهيو.جيڪر وقت ۽ حالتن جي ستم ظريفين اوهان کي نهوڙي وڏو آهي ته ڇا ٿيو؟ اسين آهيون نه اوهان سان پيار ۽ محبت جو ناتو نڀائڻ وارا!
(روزاني عوامي آواز 16 جون 2018ع)
  

Friday, June 15, 2018

ايندڙ اليڪشني پهلوان،عمران ۽ انقلاب!


شفيق الرحمان شاڪر
هڪڙو پهلوان جنهن کي اميدواريء جو سندرو ٻڌائي اليڪشن جي ميدان ۾ لاٿو ويو آهي انهيء کي ٻيون ته کوڙ خبرون آهن پر کيس اهو پتو ناهي ته پاڪستان دنيا جي ڪهڙي کنڊ ۾ آهي.هڪ ٻيو پهلوان جنهن کي ميدان ۾ لاٿو ويو آهي ان جي اندر ظاهر ۾ ته ٻي ڪابه خوبي نظر نٿي اچي سواء ان جي جو سندس پيٽ جي ايراضي ڪافي پکڙيل آهي .هڪ ٻئي پهلوان کي ايتري به خبر ناهي ته حڪومت ۽ رياست ۾ ڪهڙو فرق هوندو آهي.هڪڙي ٻئي اليڪشني پهلوان کان سوال ڪيو ويو ته اليڪشن ۾ اميدوار بيهڻ وقت توهان جا ڪهڙا جذبا آهن؟ فرمايائين آئون نهايت ٿڌو ماڻهو آهيان ۽ مون کي ڪڏهن به جذبات ناهي ايندي.هڪڙي کان سوال ڪيو ويو ته چونڊون کٽڻ کان پوء توهان جو لاحئه عمل ڇا هوندو ؟ جواب ڏنائين پنهن جي مخالفن کي ڳولهي ڳولهي پورا پلاند وٺندس.هڪ ٻئي پهلوان کي اهو به پتو ناهي ته ڪنهن اسيمبلي ميمبر جو ڪم ۽ ذميداريون ڇا هونديون آهن. چوڻ لڳو ته اسيمبلي ميمبر کي پنهنجي ووٽر ن سان سندن مردن جي تعزيت ۽ سندن شادين ۾ شرڪت ڪرڻ ان جو بنيادي فرض آهي. هڪڙي مهربان جو چوڻ آهي ته اسيمبليء ۾ گھڻو گوڙ ڪرڻ سندس شان ۽ وقار جي خلاف آهي ان ڪري هو گذريل اسيمبليء ۾ به ننڊ جون گوريون کائي سمهي پوندو هو،باقي قاضي ڄاڻي ۽ قيام ڄاڻي.هڪڙي اميدوار کان سوال ڪيو ويو ته توهان ماضيء ۾ مسلسل نو ڀيرا ميمبر چونڊجي چڪا آهيو ان عرصي ۾ توهان پنهنجي تڪ جي ماڻهن کي ڇا ڏنو آهي؟ چوڻ لڳو مون ان عرصي ۾ پنهنجي تڪ جي ماڻهن کي ايتري ته محبت ڏني آهي جو اهي مون کان سواء ٻئي ڪنهن اميدوار کي ووٽ ڏيڻ جو سوچي به نٿا سگھن.هڪڙي کان سوال ڪيو ويو ته توهان جي خيال ۾ پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ لاڳاپا بهتر نه هئڻ جو بنيادي سبب ڪهڙو آهي؟ فرمايائين؛ پاڪستان بار بار انڊيا جي فلمن تي پابندي لڳايو ڇڏي ته لاڳاپا ڌوڙ بهتر ٿيندا! هڪڙي ٻئي دانشور طرز جي پهلوان کان پڇيو ويوته سنڌ جي تعليم ڪيئن بهتر ڪري سگھجي ٿي؟ چوڻ لڳو ؛هڪڙو ئي علاج آهي ته سمورا سرڪاري اسڪول پرائيويٽ شعبي کي ڏيئي ڇڏڻ گھرجن،فيون ڳريون هونديون ته ماڻهن کي تعليم جو قدر ٿيندو.هڪڙي ديانتدار نظر ايندڙ اميدوار کان پڇيو ويو ته اوهان اسيمبلين ۾ پهچي پوء ڪرپشن ڇو ٿا ڪريو؟ جواب ڏنائين؛ هر اليڪشن ۾ خرچ ٿيل ڪروڙين روپيا جيڪر واپس حڪومت مان ئي وصول نه ڪيون ته پوء اسان هڪڙي اليڪشن ئي ۾ سڃا ٿي وڃون،ٻي ڳالهه اها ته اسان به عوام جا نمائندا ۽خزانو به عوام جو ،سو کير وهي پيو وري ڀت  ۾! اهي ته ٿيون هن اليڪشن جون ڳالهيون ،ماضيء ۾ توهان انهن سياسي پهلوانن جي دانش ۽ حڪمت ڀريل عظيم خيالن کان وقت به وقت واقف ۽ فيضياب ٿيندا رهيا آهيو.مثال؛ ڊگري ڊگري هوندي آهي پوء اصلي هجي يا نقلي!هڪڙي صاف گو ۽ سچي اسيمبلي ميمبر ته هڪ ٽي وي ٽاڪ شو ۾ سرعام معصوميت وچان اهو سوال به ڪري وڌو ته ڇا ڪرپشن تي اسان اسيمبلي ميمبرن جو ڪو حق ناهي؟اليڪشن مهم دوران ٿيندڙ تقريرن ۾ به حڪمت ۽ سياڻپ جا عظيم موتي وافر مقدار ۾ وهندي نظر ايندا،بس ڪو اعليٰ دماغ هجي انهن رمزن کي سمجھڻ وارو.هڪڙو لطيفو جيڪو ڪافي پراڻو ٿي چڪو آهي جو بدين جي ڪنهن عوامي نمائندي کي سندس چونڊ مهم دوران ماڻهن ميٽرنٽي هوم جي سهوليت موجود نه هئڻ جي شڪايت ڪئي.بس هتان اهو مطالبو آيو ئي مس هو ته عوام جي درد سان لبريز ان انسانيت دوست اميدوار اهو اعلان ڪري وڌو ته اوهان رڳو هڪڙي ميٽرنٽي هوم جو مطالبو ڪيو آهي،ڇا ياد ڪندا جو آئون هڪ نه پر ٻه ميٽرنٽي هوم جوڙائيندس،عورتن لاء الڳ ۽ مردن لاء الڳ!شڪر ٿيو جو هن اها پابندي نه لڳائي ته مردن کي پڪڙي زبردستيء انهيء ميٽرنٽي هوم ۾ داخل ڪرايو وڃي.اهو لطيفو به گھڻن ضرور ٻڌو هوندو ته ڪو اليڪشني پهلوان چونڊ مهم دوران پنهنجن ووٽرن وٽ ڪنهن مردي جي تعزيت لاء پهتو،تعزيت بعد ان مردي کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاء اميدوار صاحب خوشامدن جا پل تعمير ڪندي چوڻ لڳو ته مرحيات سان منهنجا تمام پراڻا تعلقات هئا ۽ ساڻس سڄيون سڄيون راتيون محفلون مچنديون ۽ ڪچهريون ٿينديون هيون. ترت ئي پاسي ۾ ويٺل ڪنهن پراڻي چمچي سندس ڪن ۾ سس پس ڪندي چيو ؛ سائين باشا،ڇا ٿا ڪيو،اهو مردو مرد نه پر عورت هئي.خير،اهي ته هيون ڪجهه کل ڀوڳ جون ڳالهيون پر سنجيده ڳالهه اها ته پي ٽي آئي جيڪا ڪنهن زماني ۾ عمران خان جي اڳواڻيء ۾ پاڪستاني سياست،سماج ۽ نظام حڪمرانيء ۾ عظيم تبديليء جو نعرو کڻي نروار ٿي هئي، موجوده چونڊن کان پهرين ئي سخت هيجان،بحران ۽ انتشار جي ڪيفيت جو شڪار ٿي چڪي آهي ۽ پارٽي ڪارڪنن جو احتجاج اجلاسن ۽ گڏجاڻين جا ليڪا لتاڙي روڊن ۽ رستن تي پهچي چڪو آهي.تحريڪ انصاف کي پيش آيل تازو بحران ڪنهن دشمن يا مخالف ڌر جو پيدا ڪيل نه پرخير سان عمران خان ۽ سندس ڪجهه “پيارن ” ساٿين جو پيدا ڪيل آهي يعني “اس گھر ڪو آگ  لگ گئي گهر ڪي چراغ سي،”ڪيڏي نه بدقسمتيء جي ڳالهه آهي جو سالن جي سياست جي ستمن جي ستايل عوام خاص طور تي نوجوانن جي نيڻن ۾ عمران جي صورت ۾ تبديليء جا جيڪي سپنا سرجيا هئا اهي هر ايندڙ ڏينهن تي چڪنا چور ٿيندا ٿا وڃن.انهيء الميي جي شروعات تڏهن ٿي جڏهن عمران خان پنهنجي پارٽيء ۾ شامل ڪيل يا  شامل ڪرايل ڪجهه “تجربيڪار“ سياستڪارن جن کي ٻين لفظن ۾ “اليڪٽيبلس” چئبو آهي انهن جي “دانشمنداڻين” صلاحن جي روشنيء ۾ پي ٽي آئي ۾ روايتي سياست يعني “نظرياتي” جي بدران “ مالياتي“ سياست جا در کولي ڇڏيا.جنهن مان پهريون تاثر ته آسن ڀري عوامي طبقي ۾ اهو مضبوط ٿيڻ لڳو ته عمران خان جو اول ۽ آخر مقصود ۽ مطلوب صرف ملڪ جي وزيراعظم جي ڪرسي تي ويهڻ آهي پوء انهيء لاء ڪهڙا به وڻندڙ يا اڻ وڻندڙ طريقا اختيار ڪرڻا ڇو نه پون.خان صاحب ڀلي سوين جواز ۽ دليل پيش ڪري پر سچ اهو آهي ته هن نه رڳو پنهنجن پراڻن ۽ نظرياتي ڪارڪنن کي سخت مايوسيء جي ڌٻڻ ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي پر ساڻس محبتون ۽ اميدون رکندڙ هڪ وڏي عوامي طبقي کي به افسوس ۽ حيراني ٿيڻ لڳي آهي.جهڙي طرح ٻين اهم سياسي پارٽين جو اصل سرمايو ڪارڪنن بدران فيوڊل ۽ سرمائيدار رهجي ويا آهن بلڪل اهڙيء طرح پي ٽي آئي به چند فيوڊلز ۽ سرمائيدارن وٽ يرغمال بڻجي ڪري رهجي ويئي آهي.روڊن تي موجود پي ٽي آئي ڪارڪن تحريڪ انصاف کان ٽڪيٽن جي ورهاست جي معاملي ۾ پراڻن،سچن ۽ قربانيون ڏيندڙ نظرياتي ڪارڪنن سان ٿيل ناانصافيء خلاف انصاف گھري رهيا آهن.ان سوال کي جيڪر ڪو ڪپتان جي انڌي محبت ۾ ڀلي نرانداز ڪري ڇڏي پر سوال ته بهرحال وزن رکي ٿو ته جيڪا قيادت پنهنجن ڪارڪنن کي انصاف مهيا ڪري نٿي سگھي اها ملڪ ۽ قوم کي ڪهڙو انصاف مهيا ڪري سگھندي؟ احتجاج جي ان صورتحال کي ڀلي  دشمن جي ڪنهن سازش جو نالو ڏنو وڃي پر ان حقيقت کان ڪيئن انڪار ڪري سگھجي ٿو ته عمران خان هڪ سو کان مٿي لوٽن کي پنهنجي پارٽيء ۾ پناهه ڏيئي چڪو آهي،انهن ۾ ٻين آزمايل پارٽين جيان ئي اهڙا به آهن جن تي ڪرپشن جا سنگين الزام آهن،ڪيترن تي ئي قومي خزاني مان ڦرلٽ جا ڪيس داخل آهن،ڪيترائي ڪرمنل ريڪارڊ رکندڙ وڏيرا ۽ جاگيردار شامل آهن جيڪي سالن کان پاڪستان جي غريب عوام کي آزاريندا،ايزائيندا،ستم ۽ سور ڏيندا ۽ هن استحصالي نظام جي مضبوطيء جو سبب بنبا رهيا آهن.جيڪر عمران خان وٽ ڪا اهڙي ڪرامت آهي جو هو ڪچين عمارتن مان ڪا پڪي عمارت جوڙي سگھي ، بيمار ذهنن مان ڪنهن صحتمند جسم کي جنم ڏيئي سگھي ،قانون جا بکيا اڍيڙيندڙن کي قانون ۽ انصاف جو محافظ بڻائي سگھي ۽ انسانن کي پنهنجو غلام سمجھي انهن سان جانورن کان به بدتر سلوڪ ڪندڙن جاگيردارن ۽ سرمائيدارن کي  انسانيت جو خادم بڻائي سگھي ته اهڙو معجزو تاريخ ۾ ڪنهن به سياسي اڳواڻ جي حصي ۾ ايندڙ پهريون معجزو ۽ تاريخ ۾ انهيء رنگ ۽ ڍنگ سان  ايندڙ ڪا حقيقي مثبت تبديلي پنهنجي نوعيت جو پهريون واقعو هوندو. ايندڙ اليڪشن جا نتيجا کڻي ڇا به اچن،عمران خان ڀلي اليڪشن کٽي وزيراعظم به ٿي وڃي پر افسوس جو هو اخلاقي ۽ نظرياتي جنگ بريء طرح هارائي چڪو آهي.

(روزاني عوامي آواز 14 جون 2018ع) 

Thursday, June 14, 2018

شخصيت ۽ ڪردار جي تعمير جا بنياد.


شفيق الرحمان شاڪر
شخصيت ڪنهن فرد جي ذهني،جسماني،شخصي ورتاء،روين،وصفن ۽ ڪردار جي ميڙ جو نالو آهي، ايئن چئجي ته انسان جون ظاهري توڙي باطني صفتون،نظريا،اخلاقي قدر،ڪم،احساس ۽ جذبا گڏجي ڪري انسان جي شخصيت جو خاڪو جوڙين ٿا.ظاهري سونهن سوڀيا وقتي طور تي ته ڪنهنجو ڌيان پنهنجي طرف ڇڪائي سگھي ٿي پر ڪردار جو دائمي حسن ئي انسان کي امر بڻائيندو آهي ۽ ڪردار جي اهڙي تعمير ۾ سوچ ۽ نظرين جو بنيادي رول هوندو آهي.قرآن ڪريم انساني پيدائش ۽ موت جو مقصد ئي ڪردار جي آزمائش ٻڌايو آهي.جيئن صورت الملڪ ۾ فرمايو ويو ته    “ جنهن موت ۽ حياتيء کي خلقيو ته جيئن اوهان کي آزمائي ته اوهان مان ڪير بهتر عمل ڪرڻ وارو آهي.”
اڄ جيڪر اسان ناڪامين جو شڪار آهيون ته ان جو بنيادي سبب ئي اهو آهي جو اسان پنهن جون ترجيحون صحيح مقرر نه ڪري سگھيا آهيون.اسان کي اهو طيء ڪرڻو پوندو ته اسان جي سڀ کان وڏي دولت ڪهڙي آهي؟ پڪ سان اسان جي قيمتي دولت ۽ عظيم سرمايو ڌن،دولت،سون ۽ چاندي نه پر اسان جو اولاد آهي جن جي رونق سبب اسان جا اڱڻ جنت جهڙا نظر اچن ٿا.انهيء عظيم دولت جو زيان ۽ بگاڙ ئي اسان لاء پڌرو ڇيهو آهي.جيڪڏهن اسان سچ پچ زوال کي روڪڻ ۽ ان کي ڪمال ۾ بدلائڻ گھرون ٿا ته پوء ماڻهن جي شخصيت سازي خاص طور تي ٻارن جي اخلاقي،سماجي ۽ روحاني تربيت ڏانهن ڌيان ڏيڻو پوندو ته جيئن سماج امن ۽ سڪون جو مرڪز بڻجي سگھي.سماج ڇا آهي؟ انسانن تي ٻڌل هڪ عمارت آهي.جهڙيون سرون هونديون عمارت به اهڙي ئي جڙندي.اسان جو حال ئي اسان جو آئيندو آهي.سو حال کي بدلائڻ سواء مستقبل جي سڌاري جي اميد ٻٻرن کان ٻير گھرڻ جهڙي آهي.نئين نسل کي ڊاڪٽر،انجنيئر،واپاري،سياستدان يا ٻيو ڪجهه ٺاهڻ کان پهرين هن کي هڪ خوش اخلاق،باوقار،ذميدار ۽ سٺو انسان بنائڻو پوندو جنهن لاء ڪردار جي تعمير ضروري آهي. سٺين وصفن ۽ وڻندڙ اخلاق وارا انسان انسانيت جا سفير هوندا آهن.انهيء ڪري شخصيت ۽ ڪردار جي تعمير لاء گھربل بنيادي جزن جي سڃاڻپ ۽ ڳولا ضروري آهي.ٻار جنهن ماحول ۾ پرورش پائين ٿا ان جو رنگ انهن جي شخصيت تي ڇانئيل رهي ٿو.اهو قائدو رڳو ٻارن تائين ئي محدود ناهي پر وڏن تي به ماحول جو اثر پوي ٿو.حضرت ابوهريره رضه کان روايت آهي ته نبي ڪريم صلي  عليه وسلم جن فرمايو ته
 “ هر ٻار فطرت تي پيدا ٿئي ٿو،ان جا والدين کيس يهودي يا نصراني بڻائين ٿا.“
انهيء حديث سان مطابقت رکندي انگريز فلسفي “جوهن لاڪ” پنهنجي تعليم واري نظريي ۾ ٻارن جي ذهن کي هڪ صاف سليٽ سان ڀيٽي ٿو ۽ انهيء ئي سوچ کي “ڊاڪٽر فل“ هيئن ورجائي ٿو ته  “ ٻار هڪڙي صاف سليٽ آهي جنهن تي والدين روزانو ڪجهه نه ڪجهه لکندا رهن ٿا.”
ٻار سان ويجھڙائي رکندڙ هر شخص ۽ ماحول انهيء تي پنهنجا ليڪا وجھي ٿو ۽ انهن ئي تجربن ۽ ماحول جي اثر هيٺ ٻار جي شخصيت وجود ۾ اچي ٿي.ٻار ننڍپڻ کان ئي احساس،قدر ۽ رويا سکن ٿا جن جو اهي عملي زندگيء ۾ مظاهرو ڪن ٿا.حقيقت ۾ ماڻهو پنهنجن انهن ئي روين ۽ نظرين جي نمائندگي ڪري ٿو جن کي هو ڄاڻي واڻي يا اڻ ڄاڻائيء ۾ اختيار ڪري چڪو هوندو آهي.لاشعوري طور تي سوچون ۽ رويا يقين ۾ بدلبا رهندا آهن.ٻارن کي پاڪيزه ماحول،صحيح سوچ جو انداز ۽ مثبت طرز معاشرت مهيا ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن خيالن جي خباثت ۽ اڻ وڻندڙ وصفن کان سندن ڪوري ذهن کي محفوظ رکي سگھجي ۽ کين فطرت جي اصولن سان سهمت ڪري سگھجي.تعليم جي فراهميء ۾ اڄ جو سماج گھڻو چست آهي پر پاڪيزه ماحول فراهم ڪرڻ ۾ اهو بريء طرح ناڪام ويو آهي جنهن ڪري معاشري ۾ بدامني،بي چيني ۽ ناانصافين جي ڪثرت نظر اچي ٿي.
شخصيت جي تعمير ۾ انسان جي پنهنجي ذاتي سوچ ۽ فڪر جو وڏو عمل دخل هوندو آهي.“وليم جيمز“ جي لفظن ۾ “ اوهين پنهنجي باري ۾ جيڪا تصوير جوڙيو ٿا اها تصوير جيڪر ڊگھي عرصي تائين اوهان جي ذهن ۾ رهي ته اوهين به اهڙا ئي بڻجي ويندا جهڙو توهان سوچيو ٿا.”                            منفي سوچ ۽ ناڪاري خيالن جي اثر هيٺ هڪ متوازن ۽ وڻندڙ شخصيت جي تعمير ممڪن ناهي. منفي سوچون ۽ خيال اهڙا وائرس ٿين ٿا جن سبب ذهن۽ دل مائوف ۽ نااميد بڻجي وڃن ٿا. جڏهن ڪنهن ڪمپيوٽر پروگرام ۾ وائرس اچي وڃي ته “فارميٽنگ” ذريعي ان جي ڪارڪردگيء کي بحال ڪيو ويندو آهي.اهڙيء طرح انسان کي به پنهنجي ذهن جي فارميٽنگ ڪرڻ ضروري آهي.
سوچن جي تبديلي به انساني شخصيت جي ترقيء ۽ سونهن ۾ مکيه ڪردار ادا ڪري ٿي. “ برائن ٽرائسي” پنهنجي ڪتاب “ جهڙا خيال تهڙي زندگي” ۾ هڪ واقعو بيان ڪرڻ بعد لکي ٿو ته            “ جيڪراسان زندگيء جي مختلف شعبن م پنهنجي ڪارڪردگي کي بهتر بنائڻ گھرون ٿا ته پوء اسان کي سڀ کان پهرين پنهنجي منفي سوچ کان جان ڇڏائڻي پوندي جو منفي سوچ اسان جي ذات کي محدود ڪري ڇڏي ٿي” 
خوداعتمادي پيدا ڪرڻ لاء مثبت خيالن ۽ ماڻهن سان رابطو پيدا ڪرڻ ضروري آهي،ڪنهن به شخص کي جڏهن لاڳيتو طنز ۽ تنقيد جو نشانو بنايو وڃي ٿو ته اهو احساس ڪمتريء جو شڪار ٿي وڃي ٿو.والدين ٻارن کي اجائي تنقيد ذريعي سندن شخصيت برباد ڪيو ڇڏين.ننڍپڻ ۾ مناسب محبت ۽ شفقت نه ملڻ جي نتيجي ۾ بلوغت ۽ جوانيء ۾ پهچندي ٻار مختلف سماجي ۽ نفسياتي مسئلن ۽ مونجھارن جو شڪار ٿي وڃن ٿا.مکڙين کي جهڙيء طرح گل بڻجڻ لاء ماڪ جي ضرورت هوندي آهي،ساڳيء طرح ٻارن ۾ سندن ذات جي قدر ۽ قيمت جو احساس پيدا ڪرڻ لاء محبت ۽ شفقت جي سخت ضرورت هوندي آهي.نا اهل ۾ نااهل شخص به محبت ۽ شفقت سبب بهترين ڪارڪردگي پيش ڪرڻ لائق بڻجي وڃي ٿو.انسان کي ناڪامي،تنقيد ۽ رد ٿيڻ جو خوف هميشه پريشان ڪندو رهندو آهي.منفي سوچ اهڙو مٺو زهر آهي جيڪو ذهني ۽ جسماني صحت تي اثرانداز ٿي فطري صلاحيتن کي برباد ڪري ڇڏي ٿو ۽ انسان جي سراسري ڪارڪردگي گھڻو      متاثر ٿئي ٿي.انهيء ڪري منفي سوچ کي وڌائڻ وارن،عزت نفس کي ٺيس پهچائڻ وارن،اوهان جي تحقير ۽ تذليل ڪرڻ وارن ماڻهن توڙي خيالن کان اوهان کي پري رهڻ گھرجي.انسان جي سوچ جيتري مثبت هوندي اوتروئي زندگي وڻندڙ ۽ خوشگوار گذرندي.مثبت سوچ انسان کي طاقت ۽ توانائي مهيا ڪري ٿي ۽ انسان ۾ اعتماد پيدا ڪري ٿي.انساني شخصيت،صحت،جرئت ۽ تخليقي صلاحتين جي نشو نما ۾ مثبت سوچ جو بنيادي ڪردار آهي ۽ اها ذهني صلاحتين جي اوسر ڪري ٿي ۽ ڪارڪردگيء کي بلندي عطا ڪري ٿي.انساني دماغ هڪ ئي وقت رڳو هڪڙي ئي خيال تي ڌيان ڄمائڻ جي لائق هوندو آهي توڙي جو اهو مثبت خيال هجي يا منفي.پر ياد رکڻ گھرجي ته پنهنجي سوچ جي انداز کي بدلائڻ انسان جي پنهنجي وس ۾ آهي.هو منفي خيالن کي مثبت سوچن ۾ بدلائي پنهنجي زندگي خوشگوار بنائي سگھي ٿو.
انساني شخصيت تخليق ۽ تعمير جي لحاظ کان ٻن پاسن تي ٻڌل آهي.تخليق جي لحاظ کان انسان کي ڪائنات جي سموري مخلوق تي برتري ۽ فضيلت حاصل آهي پر پاڻ جهڙن ٻين انسان تي برتري حاصل ڪرڻ لاء انسان کي پنهنجي شخصيت ۽ ڪردار جي تعمير ڪرڻي پوي ٿي.جيئن ته هن دنيا کي دارالعمل يعني عمل جي جڳهه قرار ڏنو ويو آهي ان ڪري سٺن عملن ذريعي ئي انساني شخصيت جي تڪميل ٿئي ٿي۽ برا عمل ان ۾ ڦيٽاڙو پيدا ڪن ٿا.مذهب،تصوف توڙي صدين کان رائج مڃيل انساني ريتن ۽ قدرن جي روشنيء ۾ انساني شخصيت جي تعمير جا ڪجهه ضروري ۽ اڻ ٽر بنياد ٿين ٿا جن جي روشنيء ۾ ئي انسان پنهنجي شخصيت ۽ ڪردار جي مناسب نموني تعمير ڪري سگھي ٿو. جنهن جو پهريون بنياد “ ايمان،اعتقاد يا يقين” آهي.اهو اهڙو جذبو ۽ طاقت آهي جيڪا انسان کي هر قسم جي وهم،گمان،خوف،پريشاني ۽ غيريقيني واري صورتحال مان ٻاهر ڪڍي منجهس همت،جرئت،حوصلو ۽ ثابت قدميء جهڙيون اعليٰ صفتون پيدا ڪري ٿو.ايمان رڳو زباني دعوائن جو نالو ناهي پر اهو انسان جي وجود جي نس نس ۽ دل جي اندر گھر ڪري ٿو.انسان کي ٻين سان ظلم ڪرڻ،ٻين جا حق غصب ڪرڻ.برائيء کان بچڻ ۽ بنان ڪنهن لالچ جي نيڪي ڪرڻ واريون خوبيون ايمان ۽ يقين جي دولت سواء پيدا ٿي نٿيون سگھن.شخصيت جي تعمير جي لاء ٻيو اهم بنياد “علم” آهي.ذات جي تعمير ۾ علم جي بنيادي حيثيت آهي.علم سواء انسان ڀلي ۽ بري ۾ فرق ڪيئن ٿو ڪري سگھي ۽ صحيح ۽ غلط ۾ سنڌو ڪيئن ٿو ڪڍي سگھي؟جيئن پاڪ ڪلام ۾ فرمايو ويو ته “اي رسول! انهن کي چئو ته علم وارو ۽ جاهل، بئي برابر ڪيئن ٿا ٿي سگھن؟”  ۽ علم ۾ سڀ کان اتم علم پنهنجي ذات جي سڃاڻپ آهي جنهن کي“ نفس جو عرفان” چيو وڃي ٿو. شخصيت سازيء ۾ ٽيون مکيه ڪردار“ غور ۽ فڪر” جو آهي.ڪائنات ۽ ڪائنات جي مختلف شين تي غور فڪر ڪرڻ سان انساني شخصيت کي گھرائيء ۽ حڪمت (دانائي) جي دولت هٿ اچي ٿي.ذهن ۽ دماغ جا بند پردا کلڻ لڳن ٿا ۽ انسان سطحي سوچن جي ڄار مان آزاد ٿي وڃي ٿو. هن جي نظر شين جي ظاهر سان گڏوگڏ باطن تي به پوڻ لڳي ٿي.انهيء کان پوء شخصيت جي تعمير ۾ “نيت ۽ ارادي” جو عمل دخل اچي ٿو.انهيء ڪري حديث شريف مطابق سمورن عملن جو دارومدار ئي نيت کي قرار ڏنو ويو.ايئن سمجھو ته نيت ٻج آهي ۽ ان مان عمل جو سلو اهڙو ئي ڦٽندو جهڙي نيت رکي ويئي هوندي.ان کان پوء “عمل ”جو وارو اچي ٿو يعني رڳو يقين ۽ خواهشن ذريعي ڪو مقصد حاصل ڪري نٿو سگھجي ان لاء سخت محنت ڪرڻي پوي ٿي جو دنيا دارالعمل آهي.جيئن ڪلام پاڪ ۾ فرمايو ويو ته “انسان کي اهو ئي ملي ٿو جنهنجي هو ڪوشش ڪري ٿو.”
آخري بنياد“ عمل جو نتيجو يا ردعمل ” آهي جيڪو حقيقت ۾ سڀني کان اهم آهي .ڪاميابيء جي صورت ۾ انسان   غرور ۽ تڪبر جڏهن ته ناڪاميء جي صورت ۾ نااميدي ۽ مايوسيء  جو شڪار ٿي سگھي ٿو.اهي ٻئي ڪيفيتون انساني شخصيت لاء نهايت ئي نقصانڪار آهن.انهن ٻنهي حالتن ۾ ڪيئن توازن برقرار رکڻو آهي،اهو فن ڄاڻڻ ئي انساني شخصيت جو ڪمال آهي.
(روزاني عوامي آواز 12 جون 2018ع