Sunday, February 21, 2021

غربت جي باهه ۽ دولت جي غير منصفاڻي ورڇ !


 شفيق الرحمان شاڪر

دنيا ۾ جيڪا بک ۽  جيڪو افلاس آهي سو ڪنهن به طور تي وسيلن جي کوٽ سبب نه پر وسيلن جي غير منصفاڻي ورڇ سبب آهي،غربت دولت جي غير منصفاڻي ورڇ ۽ پيداوار جي ذريعن تي مٿانهين طبقي جي قبضي جو نتيجو آهي.سماج ۾ وسيلن جي غير منصفاڻي ورڇ ئي طبقاتي اڻ برابري  ۽ هڪ ٻئي سان نفرت ۽ عداوت کي جنم ڏئي ٿي ۽ اها ئي شيء امير کي امير ترين ۽ غريب کي غريب ترين بنائي رهي آهي. عالمي اداري ”آڪسيم“ جي هڪ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته دنيا جي رڳو هڪ سيڪڙو امير ترين ماڻهن وٽ 98 سيڪڙو ماڻهن کان ٻيڻي دولت موجود آهي جنهن ڪري رڳو دنيا جا 22 امير ترين مرد آفريڪا کنڊ جي گڏيل عورتن کان وڌيڪ امير آهن.برطانيا جي مالياتي ۽ معاشي اداري آڪسيم پاران جاري ڪيل ان رپورٽ مطابق سال 2019ع ۾پوري دنيا ۾ ارب پتي ماڻهن جو انگ وڌيو آهي ۽ گذريل هڪ ڏهاڪي ۾ ارب پتي انهيء ۾ گھڻو واڌارو ڏسڻ ۾آيو آهي.رپورٽ مطابق 2019ع جي پڄاڻيء تي پوري دنيا ۾ 2115 ماڻهو ارب پتي ۽ کرب پتي هئاجن جي گڏيل ملڪيت دنيا جي 6 ارب 90 ڪروڙ ماڻهن کان ٻيڻي هئي.رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ارب پتي ماڻهن سميت گڏيل طور تي دنيا جو هڪ سيڪڙو امير ترين طبقو ئي دنيا جي دولت تي قابض آهي.رپورٽ مطابق پوري دنيا ۾ ڪاروبار،دولت ۽ ڪمائيء جو غير منصفاڻو نظام رائج آهي ۽ دولت ۽ ڪمائي جي صنفي بنيادن تي تمام گھڻو تفاوت پاتو وڃي ٿو.انگن اکرن موجب پوري دنيا ۾ رڳو 18 سيڪڙو عورتون حڪومتي وزارتن ۾ قلمدان سنڀالين ٿيون جڏهن ته  رڳو 24 سيڪڙو عورتون پارليامينٽ تائين پهچن ٿيون.رپورٽ مطابق جن ملڪن رپورٽ جي تياريء وقت اداري سان ڊيٽا شيئر ڪئي انهن ملڪن ۾ رڳو 34 سيڪڙو عورتون مينيجرز جي عهدن تي آهن جڏهن ته اداري انهن ملڪن جا نالا ظاهر ناهن ڪيا.رپورٽ موجب آفريڪا کنڊ جي عورتن جو انگ ٽي ڪروڙ ٻاهٺ لک آهي ۽ انهن وٽ ايتري دولت به ڪانهي جو اهي سڀ ملي ڪري به دنيا جي 22 امير ترين مردن جو مقابلو ڪري سگھن.رپورٽ ۾ دولت ۽ ڪمائي ۾ صنفي تفاوت جو ذڪر ڪندي چيو ويو آهي ته پوري دنيا ۾ عورتون روزانو 12 ارب ڪلاڪ مفت ڪم ڪن ٿيون ۽ ڪيتريون ئي ڳوٺاڻيون عورتون لاڳيتو 14 ڪلاڪ بنان اجوري جي ڪم ڪن ٿيون.رپورٽ مطابق پوري دنيا ۾ 15 سالن کان وٺي ان کان وڌيڪ عمر جون عورتون اجوري ۽ مزدوري سواء ڪم ڪرڻ سبب ساليانو 10.8 ٽرلين يعني اٽڪل 110 کرب ڊالرز جيتري رقم حاصل ڪرڻ کان محروم رهن ٿيون. عالمي اداري آڪسيم جي رپورٽ ٻڌائي ٿي ته عورتن پاران ڪم جو معاوضو نه ملڻ واري رقم سالياني ٽيڪنالاجيء جي ادارن مان ٿيندڙ ڪمائيء کان پنجوڻي آهي.انگن اکرن موجب پوري دنيا جا مرد گڏيل طور تي عورتن کان 50 سيڪڙو وڌيڪ دولت رکن ٿا ۽ عالمي سطح تي ڪم ڪندڙ 42 سيڪڙو عورتون بنان معاوضي جي ڪم ڪن ٿيون جڏهن ته معاوضي سواء ڪم ڪندڙ مردن جو انگ 6 سيڪڙو آهي. رپورٽ ۾ گھريلو ملازمن جي حوالي سان به انگ اکر ٻڌايا ويا آهن جن مطابق پوري دنيا ۾ اٽڪل ست ڪروڙ ملازم پنهنجي گھٽ پگھار جڏهن ته 50 سيڪڙو ملازم قانوني،انساني حقن ۽ طبي سهولتن کان محروم آهن.ان رپورٽ ۾ هڪ سيڪڙو امير ماڻهن وٽ 98 سيڪڙو ماڻهن کان ٻيڻي دولت موجود آهي.ان جي ابتڙ دنيا ۾ بيروزگاري تي گڏيل قومن جي رپورٽ پڙهجي ته پوري دنيا ۾ اٽڪل 50 ڪروڙ ماڻهو بي روزگار آهن يا انهن کي جزوي بي روزگاريء کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهيجنهن سبب معاشي بد امني ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.رپورٽ مطابق سال 2009ع تائين پوري دنيا ۾ هڙتالن ۽ احتجاجي تحريڪن جي انگ ۾ واڌارو ٿيو جن جو سبب اهو به هو ته گھڻا بي روزگار ماڻهو انهن جلوسن ۽ تحريڪن جو حصو بڻيا.فرانس جي خابرو اداري اي ايف پي گڏيل قومن جي ذيلي اداري انٽرنيشنل ليبر آرگنازيشن جي رپورٽ جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته گذريل سال ٻي روزگاري جي شرح 5 ڏهائي 4 سيڪڙو هئي جنهن ۾ تبديليء جي اميد نه پئي ڪئي ويئي پر هن سال جي آخر تائين بي روزگارن جي گڏيل انگ ۾ واڌاري جو امڪان آهي.رپورٽ ۾ معاشي بدتري ۽ آباديء جي اضافي کي ان جو سبب قرار ڏنو ويو آهي.رپورٽ ۾ اهو به ظاهر ڪيو ويو آهي ته 15 سالن کان 24 سالن جي عمر جا 26 ڪروڙ 70 لک نوجوان بي روزگار ۽ اهي تعليم ۽ تربيت حاصل ڪرڻ کان محروم آهن.آئي ايل او پنهنجي سالياني ورلڊ ايمپلائيمينٽ اينڊ سوشل آئوٽ لڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته سال 2019ع ۾ رجسٽر ٿيل بي روزگار ماڻهن جو انگ 18 ڪروڙ 60 لک هو جيڪو هلندڙ سال جي پڇاڙيء تائين 19 ڪروڙ 50 لک ٿيڻ جو انديشو آهي.آئي ايل او جي اڳواڻ گائي رائڊر مطابق عالمي سطح تي روزگار جي شرح ۾ گذريل سالن دوران اضافو ناهي ٿيو جنهن سان لکين مزدور ماڻهن لاء بهتر زندگي گذارڻ وڌيڪ مشڪل ٿي ويو آهي.سربراه جو چوڻ آهي ته دنيا ۾ وڌندڙ اڻ برابري ماڻهن کي بهتر روزگار ۽ بهتر مستقبل کي حاصل ڪرڻ کان روڪي رهي آهي.صورتحال اندازي کان به گھڻي خراب آهي.ان جي چوڻ مطابق مناسب روزگار تائين پهچ نه هئڻ پوري دنيا ۾ وڌندڙ احتجاجي تحريڪن ۽ بد امنيء کي هوا ڏيئي رهيو آهي.ان رپورٽ جو تت اهو آهي ته زمين جي گولي تي پنجاهه ڪروڙن کان مٿي ماڻهو بي روزگار آهن ٻئي طرف بک ۽ بد حاليء جي باري ۾ به هڪ رپورٽ تي نظر وجھو.بک جي تازه ترين عالمي انڊيڪس موجب هن وقت دنيا ۾ 82 ڪروڙن کان مٿي ماڻهو بک ۽ گھٽ غذا جو شڪار آهن.ان انڊيڪس موجب هن وقت زمين جي گولي تي 821 ملين انسانن کي زنده رهڻ لاء يا ته کاڌو مهيا ناهي يا وري اهي ڳڻتيء جوڳي حد تائين خوراڪ جي سخت کوٽ جو شڪار آهن. انهن مان 124 ملين يا اٽڪل ٻارهن ڪروڙ ماڻهو اهي به شامل آهن جن جو بک جو مسئلو نهايت ئي شديد بڻجي بکون ڪاٽڻ تي پهچي چڪو آهي.دنيا جا 191 ملڪ اهڙا آهن جتي ماڻهو بکن سبب مري رهيا آهن.دنيا ۾ هر نون مان هڪ انسان بکيو آهي.

دنيا جي ممتاز ماهر طبقات اسٽيفن هاڪنگ پنهنجي انٽرويو ۾ چيو هو ته دولت جي غير منصفاڻي ورڇ هن وقت سڀ کان وڏو چيلينج آهي ۽ انساني لالچ پوري دنيا کي برباد ڪري ڇڏيندي.ڪائنات جو سٽ سلجھائڻ وارو ڪيمبرج يونيورسٽيء ۾رياضيء جو پروفيسر رهيو.اسٽيفن دنيا کي خبردار ڪندي چيو هو ته انفرادي ۽ ملڪي سطح تي دولت جي غير منصفاڻي ورهاست اسان جي دور جو سڀ کان خوفناڪ مسئلو آهي. دولت سبب پيدا ٿيندڙ اوپرائيء ئي برطانيا کي يورپي يونين کان ٻاهر ڪڍيو آهي.هن ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيو ته جهڙيء طرح بيماريون،غذائي کوٽ ۽ وڌندڙ آبادي هڪ وڏو چيلينج آهن اهڙِي طرح  دولت جو ڪجهه هٿن ۾ گڏ ٿي وڃڻ به هڪ وڏو چيلينج آهي.ڇو ته دنيا دولت کي منصفاڻي انداز ۾ ورهائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ جيڪر اهو سلسلو اڳتي به جاري رهيو ته هو انسان جي ڊگھي مستقبل جي باري ۾ ڪجهه وڌيڪ پر اميد ناهي.هن اهو به چيو هو ته گدلاڻ،لالچ،بيوقوفاڻا رويا ۽ آباديء ۾ اضافو زمين جي هن گرهه لاء وڏا خطرا آهن ته چئي سگھجي ٿو ته غربت جي ڀڙڪيل باهه دولت جي دنيا کي رک جي ڍير ۾ بدلائي سگھي ٿي!