Monday, October 28, 2019

ماضيء جو آئينو؛ ايٽمي ڌماڪو،ڪارگل آپريشن ۽ غضنفر گل!




شفيق الرحمان شاڪر
اڳوڻو اسپيڪر قومي اسيمبلي گوهر ايوب خان پنهنجي ڪتاب ”اقتداري ايوان جا مشاهدا“ ۾ لکي ٿو ته جڏهن 11 مئي 1998ع تي ڀارت ايٽمي ڌماڪو ڪيو ته ايندڙ ڏينهن تي ڪابينا جو هنگامي اجلاس گھرايو ويو.اجلاس ۾ چوڌري نثار علي خان پاڪستان پاران جوابي ايٽمي ڌماڪي جي مخالفت ڪئي.سرتاج عزيز،مشاهد حسين ۽ بيگم عابده حسين جا به اهي ئي خيال هئا.منهن جي راء اها هئي ته جيڪر اسان ڀارت کي جواب نه ڏنو ته ماڻهو روڊن تي نڪري ايندا.ٻئي ڏينهن تي ڪابينا جي ڊفينس ڪميٽيء جي اجلاس ۾ بري فوج جي سربراه جنرل جهانگير ڪرامت چيو ته اسان جي تياري مڪمل آهي پر فيصلو سياسي قيادت کي ڪرڻو آهي.طيء اهو ٿيو ته ان معاملي ۾ مخالف ڌر کي به اعتماد ۾ ورتو وڃي.ٻن ڏينهن بعد وري ڊفينس ڪميٽيء جو اجلاس ٿيو.نواز شريف جو چوڻ هو ته هو ايٽمي ڌماڪي جي حق ۾ ناهي.جڏهن مون ٻيهر ايٽمي تجربي جي حق ۾ ڳالهايو ته وزير اعظم جو منهن ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو.هن هڪ ڊگھو ساه ڀريندي چيو ته آئون ان باري ۾ سڀني جي راء ٻڌڻ گھران ٿو.ان کان پوء وزير اعظم جي پرنسيپل سيڪريٽري سعيد مهدي ۽ مشير انور زاهد سوڌو سڀني ڌماڪي جي وڪالت ڪئي.وزير اعظم کي جيئن ئي صورتحال جو اندازو ٿيو ته هن چيو ته منهنجن ڳالهين جو غلط مطلب نه ورتو وڃي،اسان ڏماڪو ڪنداسين.
ڪارگل آپريشن جي باري ۾ گوهر ايوب لکي ٿو ته ان آپريشن جي باري ۾ وزير اعظم نواز شريف کي آپريشن شروع ٿيڻ کان اڳ بريف ڪيو ويو هو.پهرين گڏجاڻيء ۾ جنرل پرويز مشرف ۽ سندس ٽيم کان سواء جنرل رٽائرڊ مجيد ملڪ،سرتاج عزيز،چوڌري شجاعت حسين،مشاهد حسين،راجا ظفر الحق ۽ بچاء وارو سيڪريٽري جنرل رٽائرڊ افتخار علي خان موجود هئا جڏهن ته ٻي ميٽنگ  آئي ايس آئي جي هيڊ ڪوارٽر ۾ ٿي جنهن ۾ تمام ٿورا فوجي آفيسر شريڪ هئا ايستائين جو فضائيه ۽ نيوي جي سربراهن کي به نه گھرايو ويو.
10 آگسٽ 1999ع تي مون پاڻي ۽ بجليء جي وزير طور نواز شريف سان ملاقات ڪئي،ملاقات جي پڇاڙيء ۾ مون وزير اعظم جي اکين ۾ سڌو نهاريندي پڇيو ته ماڻهو چون ٿا ته اوهان کي ڪارگل آپريشن جي باري ۾ اعتماد ۾ نه ورتو ويو.وزير اعظم چيو ته اهڙي ڳالهه ناهي،کيس ان باري ۾ ٻه ڀيرا بريفنگ ڏني ويئي هئي.مون کيس چيو ته ماڻهو چون ٿا ته حڪومت وڃڻ واري آهي.هن چيو ته الله مالڪ آهي.اٺ ڏينهن پوء مون هن کي هڪ ٻي ملاقات ۾ وري چيو ته حڪومت وڃڻ واري آهي ۽ کيس اهي ماڻهو ئي گرفتار ڪندا جيڪي هن وقت سندس حفاظت ڪري رهيا آهن.
فاروق لغاري طرفان  بينظير صاحبه جي حڪومت  جي برطرفيء جي باري ۾ گوهر ايوب جو چوڻ آهي ته 26 آڪٽوبر 1996ع تي نواز شريف مريء کان اسلام آباد ايندي مون کي فون ڪيو ته ترت مريء طرف روانو ٿيان.جڏهن اسان جون گاڏيون هڪٻئي جي سامهون اچي وڃن ته تون منهن جي گاڏيء ۾ هليو اچجانء جو مون کي ڪا ڳالهه ڪرڻي آهي.مون ايئن ئي ڪيو ۽ اسان ”ڇپر“ ويجھو ملياسين جتي آئون نواز شريف جي گاڏيء ۾ ويهي رهيس،آهستي آهستي ڊرائيو ڪندي نواز شريف چيو ته صدر لغاريء شاهد حامد ذريعي رابطو ڪري مون کي چيو ته بينظير کي برطرف ڪيو پيو وڃي ۽ صدر کي اسان جي حمايت گھرجي.نواز شريف ان بعد چيو ته بينظير به اهو پيغام موڪليو آهي ته جيڪر اسان ٻئي هٿ ملائي وٺون ته صدر جي ڇٽي ڪري سگھجي ٿي ۽ ٻئي جماعتون هڪڙي اخلاقي ضابطي تي متفق ٿين ته سياسي انتقامي ڪاروائين جو سلسلو به رڪجي سگھي ٿو.ڏهن ڏينهن بعد فاروق لغاريء بي نظير حڪومت کي برطرف ڪري ڇڏيو.هو اڳتي لکي ٿو ته پيپلز پارٽيء جي ٽن وزيرن کي قومي اسيمبليء جي اجلاسن ۾ باقائدي شريڪ ٿيڻ لاء پارٽيء جي هائي ڪمان طرفان هدايت ٿيل هئي.جن ۾ ميجر رٽائرڊ جنرل نصيرالله بابر،ڊاڪٽر اين ڊي خان ۽ ڊاڪٽر شير افگن نيازي شامل هئا.آئون انهن ٽنهي جي ٽولي تي نڪته چيني ڪرڻ جو ڪو موقعو هٿان نه وڃائيندو هئس.آئون جنرل بابر کي ”نمائشي فوجي“ چئي سڏيندو هئس.1965ع جي جنگ ۾ هن پنهنجو هيلي ڪاپٽر ڀارتي فوج جي وچ ۾ وڃي لاٿو هو.هن سمجھيو ته اهي پاڪستاني فوجي آهن،جيڪر ڀارتي فوجي اسان جي آفيسر کي گرفتار ڪن ها ته اسان وٽ سندس جڳهه تي ٻيو فوجي آفيسر اچي ها پر هيلي ڪاپٽر جي جڳهه تي ٻيو هيلي ڪاپٽر نه ملي ها.آئون اڪثر کيس چوندو هئس ته هن کي جيڪو ايوارڊ مليو آهي اهو هيلي ڪاپٽر واپس آڻڻ جي صلي ۾ مليو آهي.اهو سڀ ڪجهه آئون هن کي پريشان ڪرڻ لاء ڪندو هئس.حقيقت اها آهي ته هو هڪ بهادر آفيسر هو ۽ ان ايوارڊ جي لائق هو. پيپلز پارٽيء جي وزير اين ڊي خان کي اسان ” نٿنگ ڊوئنگ خان“ چوندا هئاسين.هو ايم بي بي ايس ڊاڪٽر هو ۽ سندس ايم بي بي اسي جي ڊگريء تي اسين اهو جملو ڪسيندا هئاسين ته ان جو مطلب طب جي ڊگري نه بلڪه ” ميان بيوي بچه ساٿ “ آهي ان ڪري جو اين ڊي خان جيڏانهن به ويندو هو سندس فيملي ساڻس گڏ هوندي هئي.ڊاڪٽر شير افگن کي اسان ”ڊنگر ڊاڪٽر“ يعني وٽنري ڊاڪٽر چوندا هئاسين.بي نظير ڀٽو منهنجن تقريرن ۽ ريمارڪس جو جواب ڏيڻ لاء ذميداري غضنفر گل کي ڏني هئي.هو جڏهن ڳالهائيندو هو ته نظرون گھمائي ڳالهائيندو هو،سندس وات مان گڦ وهڻ لڳندي هئي ۽ اٽڪي اٽڪي ڳالهائيندو هو.مون هڪ ڏينهن اسپيڪر کي چيو ته جيڪر غضنفر گل سڀاڻي پنهن جي ٽوپي ڇت طرف اڇلائي منهن ڀر هلي به ايوان ۾ اچي ته ان چريائپ باوجود به اسان هن کي ديوانو قرار ڏيئي نٿا سگھون ڇو ته ڪنهن کي مخبوط الحواس قرار ڏيڻ عدالت جو ڪم آهي.جنهن جو آئين ۾ واضح ذڪر موجود آهي.تنهن هوندي به جناب اسپيڪر! اسان کي انهيء کي برداشت ڪرڻو ئي پوندو ڇو ته دنيا اهڙن عجيب ماڻهن سان ڀري پيئي آهي.منهن جي ڳالهه ٻڌي غضنفر گل گھڻو ڪاوڙ ۾ اچي ويندو هو.
(روزاني هلال پاڪستان 26 آڪٽوبر 2019ع)



Sunday, October 27, 2019

مولانا جي عمران حڪومت سان مفاهمت ٿي ويندي؟




شفيق الرحمان شاڪر
هاڻي اهو سوال بي معنيٰ بڻجي ڪري رهجي ويو آهي ته مولانا اسلام آباد ۾ ڌرڻو ڏيئي سگھندو يا نه؟ اسلام اباد هائي ڪورٽ حڪومتي پارٽي جي درخواست تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي جڏهن ته جي يو آئي ايف جي سيڪريٽري جنرل عبدالغفور حيدري چيو آهي ته اسان انتظاميه کي اطلاع ڏيئي ڇڏيو آهي.هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته حڪومت اهو مطالبو منظور ڪري ٿي يا رد ٿي ڪري.عدالت عاليه احتجاج جو حق تسليم ڪندي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته احتجاج لاء اجازت وٺڻ جي ضرورت آهي،هاڻي جيڪر حڪومت اهڙي اجازت نٿي ڏئي ته پوء ڇا ٿيندو؟ڪي پي جي وزير اعليٰ اعلان ڪري ڇڏيو آهي ته اسان مولانا کي رستن تي نڪرڻ نه ڏينداسين جڏهن ته مولانا اعلان ڪري چڪو آهي ته اسان 27 تاريخ تي احتجاج ڪنداسين ۽ 31 آڪٽوبر تي اسلام آباد پهچنداسين.31 آڪٽوبر تي مولانا صاحب ڪيترا ماڻهو گڏ ڪري ٻاهر نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو ۽ اسلام اباد اچي ڌرڻي هڻڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو يا نه؟اڃا ته اهو چوڻ به مشڪل آهي ته جيڪر 27 آڪٽوبر کان اڳ ئي وزير اعظم پنهنجي ڪابينا ۾ امڪاني تبديلي ڪئي ته ڪهڙي وزير وٽ ڪهڙو کاتو هوندو ۽ هاڻوڪي ڪابينه مان ڪير ڪير ان ڪابينه ۾ رهندو يا نه؟البته هاڻي ان ڳالهه ۾ ڪنهن کي شڪ شبهو نه رهيو آهي ته مولانا فضل الرحمان جو ڪم ڪجهه سولو ٿي ويو آهي.وزير اعظم جا اڻ چونڊيل حڪومتي ترجمان ۽ ميڊيا مينيجراهو ڪارنامو سرانجام ڏيئي چڪا آهن.رهيل سهيل ڪسر ڪابينا ۾ شامل چونڊيل ميمبرن جي بيانن پوري ڪري ورتي آهي.1958ع کان پوء ملڪ ۾ هليل احتجاجي تحريڪن جي تاريخ شاهد آهي ته انهن تحريڪن ۾ زور پيدا ڪرڻ ۾ بنيادي ڪردار وقت جي حڪمرانن جي ”فيصلا سازن“ ادا ڪيو آهي ۽ هر حڪومت جي وزير داخلا ۽ وزير اطلاعات جي سخت بيانن ٻرنديء تي تيل جو ڪم ڪيو آهي.سابق وزير اعظم ميان نواز شريف کي ڪو پسند ڪري يا ناپسند پر پاڪستان جي احتجاجي تحريڪن ۾ ان جي ٽئين دور واري حڪومت ۾ هليل واحد احتجاجي تحريڪ  آهي جيڪا اسٽيبلشمينٽ جي کليل سپورٽ باوجود وزير اعظم نواز شريف کي گھر موڪلي نه سگھي هئي.ان لاء جيڪو طريقو اختيار ڪيو ويو اهو هاڻي تاريخ جو حصو آهي جنهن تي گھڻي ڳالهه ٿي چڪي آهي.ان جو ڪريڊٽ خود ميان نواز شريف بعد سندس جانشين وزير اعظم خاقان عباسي ۽ وزير داخلا چوڌري نثار علي خان کي به وڃي ٿو جن عمران خان کي انگيج ڪري ڌرڻي جي لڪيل ڪردارن جي اها حڪمت عملي ڪامياب نه ٿيڻ ڏني جنهن جي دوکي ۾ ڦاسي عمران خان ۽ علامه طاهرالقادري پارليامينٽ تي ڪاهه ڪئي هئي ۽ پي ٽي وي تي جٿن جي شڪل ۾ حملو ڪري فتح جا خواب ڏٺا هئا.مولانا فضل الرحمان سان اوهان لکين اختلاف ڪيو پر ان جا سخت سياسي مخالف هجن يا ان جي مذهبي نظرين جا سخت ناقد،اهي سڀ اهو تسليم ڪن ٿا ته مولانا فضل الرحمان عمران خان جي حڪومت ۽ ان جي ”سهولتڪارن“ کي اهو موقعو هرگز نه ڏيندو جنهنجي باري ۾ قياس آرائيون ٿي رهيون آهن ۽ جنهن تي سنجيده حلقا به ڳڻتيء جو اظهار ڪري رهيا آهن ۽ جنهن جي سبب مسلم ليگ نون ۽ پيپلز پارٽيء اخلاقي حمايت ۽ احتجاجي جلسن ۾ شريڪ ٿيڻ تي ته راضپو ظاهر ڪيو آهي پر سڌو ۽ صاف فيصلو ڪرڻ ۾ ٻنهي پارٽين کي دير ٿي رهي آهي.پر مولانا اهڙو موقعو هرگز نه ڏيندو جهڙو موقعو نواز شريف جي جماعت 2018ع جي عام چونڊن ۾ ڪاميابيء کان روڪيندڙ طاقتور قوتن جي ڀروسي ۾ اچي تحريڪ لبيڪ جي اڳواڻ مولانا خادم رضوي  تڪفيري فتوائن جي عاقبت نااديش اعلانن ۽ پاڪستاني فوج جي اعليٰ ذميدارن  ۽ اعليٰ عدالتن جي جج صاحبان  تضحيڪ ۽ نفرت ڏياريندڙ بيانن ۽ گاريون گند ڪرڻ جي روش اختيار ڪري ڏنو هو ۽ نه ئي هاڻي مولانا اهو ڪندو جيڪو 2018ع جي سينيٽ چونڊن ۾ آصف زرداري پڌري پٽ سنجراڻي کي چونڊرائي ڪيو هو ۽ هاڻي 2019ع ۾ عدم اعتماد جي تحريڪ کي ناڪام بنائڻ جو الزام پيپلز پارٽيء جي ڪجهه سينيٽ جي ميمبرن تي خود پارٽيء جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ مسلم ليگ نون جي قيادت پنهن جي ڪجهه ميمبرن تي لڳايو آهي.مولانا کي پوريء طرح ادراڪ آهي ته  سينيٽ جي چونڊن جي حوالي سان مولانا جي پارٽي جي ڪجهه ميمبرن تي به مخالف ڌر جي گڏيل اميدوار کي ووٽ نه ڏيڻ جو الزام لڳو هو.زميني حقيقت اها آهي ته مولانا هر ڪنهن سان سياسي بارگيننگ ڪري سگھي ٿو پر عمران خان سان سندس مفاهمت جو ڪو امڪان ناهي.ڇو ته 2012ع ۾ مقتدر ڌرين عمران خان سان مولانا جي مفاهمت ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي جنهنجو ذڪر اڳ به ڪيترائي باخبر حلقا ڪندا رهيا آهن.مولانا ڌرڻي جو فيصلو هڪ اهڙي وقت ڪيو آهي جڏهن عمران خان حڪومت جا هڪ ئي وقت مختلف محاذن تان پير اکيڙيا پيا وڃن.اها احتجاجي تحريڪ وزير اعظم عمران خان جي حڪومت کي پارليامينٽ ۾ موجود مخالف ڌر سان ڳالهائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندي ڇو ته هاڻي وزير اعظم جي جماعت لاء ممڪن ناهي رهيو ته اها اليڪشن ڪميشن جي سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻن ميمبرن جي معاملي ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر جي نئين مقرريء لاء آئيني طريقو اختيار نه ڪري.مولانا جي احتجاجي تحريڪ جيڪر نين چونڊن جو پنهنجو مطالبو نه به مڃرائي سگھي تڏهن به بلدياتي چونڊون هر صورت ۾ 2019ع ۾ ئي ڪرائڻيون پونديون.بلديات جو معاملو تحريڪ انصاف جي حڪومت خلاف عدالت ۾ شنوائيء هيٺ آهي.
(روزاني هلال پاڪستان 24 آڪٽوبر 2019ع)

طنز مزاح؛ ڌرڻي ڌڻين لاء ڪجهه ڌيان طلب !!!



شفيق الرحمان شاڪر
ماڻهن کي سال کان انتظار هو ته مولانا ڌرڻي جو ڪو حتمي اعلان ڪري ته جيئن اهي کيس ڌرڻي جي باري ۾ ڪجهه مفيد مشورا ڏيئي ”نيڪيء جي ان ڪم“ ۾ پنهنجو حصو ملائي سگھن.ٻه مهينا ته ان ڇڪتاڻ ۾ ئي گذري ويا ته مولانا اچي رهيو آهي ڇو ته هو غصي ۾ آهي، مولانا نه پيو اچي ڇو ته کيس ”پرچايو“ پيو وڃي.هاڻي جڏهن مولانا جي آمد لڳ ڀڳ طيء ٿي چڪي آهي ته سندس ”خير خواهه “ کيس ڪجهه قيمتي مشورا به ڏيئي رهيا آهن.سڀ کان پهرين ته مولانا صاحب پنهنجن انهن ارشادن ۽ فرمانن کي ماڻهن جي نظرن مان گم ڪري جن ۾ هو ڌرڻي ڪلچر کي ”بغاوت“ قرار ڏيئي چڪو آهي.عمران خان ان وقت جي وزير اعظم نواز شريف جي استعيفا کان گھٽ ڪنهن شرط تي راضي نه هو،اڄ مولانا به وزير اعظم عمران خان جي رخصتي گھري ٿو.ٻنهي ڌرڻڻ جو مقصد ته ساڳيو آهي توڙي جو طريقو مختلف هجي.جيڪر اها خان صاحب جي ”بغاوت“ هئي  ته خير سان اڄ مولانا به ”باغي“ بڻيل آهي.
مولانا صاحب عمران خان جي ڌرڻي خلاف هڪ ڌڙڪيدار۽ شاندار تقرير ڪئي هئي جنهن ۾ چيو هو ته جڏهن حالتون ٽڪراء طرف وڃن ٿيون ته ”ڪا ٽين طاقت“ فائدو کڻندي آهي ان ڪري هن وقت به مولانا صاحب کي يقيني بنائڻو پوندو ته سندس ڌرڻي جو فائدو ملڪي سياست ۾ ڪا ”ڏاڍي“ ۽ ”تڪڙي“ ڌر کڻي نه سگھي.مولانا صاحب جي همت ۽ فراخ دليء تي اوهان کي کيس ضرور داد ڏيڻو پوندو ته فرض ڪريو ته عمران خان جي حڪومت هلي به وڃي،نيون چونڊون ٿين به سهي تڏهن به مولانا جي جماعت جو پوري ملڪ ته ڇا پر ڪنهن هڪڙي صوبي ۾ به پنهن جي حڪومت جوڙڻ جو ڪو امڪان ئي ناهي،مولانا کي ڏيئي وٺي ڪشمير ڪميٽيء جي اڳواڻي يا وري منسٽر انڪليو ۾ هڪڙو بنگلو ئي ملڻو آهي.اهو سڀ ڪجهه ڄاڻندي ٻجھندي به جيڪر هو پنهنجو سڀ ڪجهه داء تي هڻي حڪومت خلاف ڀرپور بغاوت ڪرڻ لاء تيار آهي ته پوء مولانا واقعي وڏي دل وارو آهي.اهو ته طيء آهي ته جي يو آئي ايف ڪارڪن نعرا هڻي هڻي پنهنجون نڙيون سڪائي ڇڏين ۽ ڌرڻو ڪامياب به بڻائي ڇڏين تڏهن به ڌرڻي جو امڪاني بينيفيشري گھٽ ۾ گھٽ اڪيلي مولانا نه ٿيندو،اهو ته ايئن ٿيندو جو “ سور کائي ڳيري ۽ بيضا کائي ڪانء.“
هڪڙي سوچ اها به آهي ته مولانا پنهنجي حصي جي ٻوٽيء لاء اڳئين جي پوري ڳئون ڪهڻ جي چڪر ۾ آهي.پر هڪڙن جي سوچ اها به آهي ته مولانا نهايت ئي ڏاهو بلڪه نهايت ئي ”گهگھه“ سياستدان آهي،هر حڪومت ۾ ايئن ئي ته ايڊجسٽ ناهي ٿي ويندو.هو شيخ رشيد جيان قربانيء جي تاريخ نٿو ڏئي البته قربانيء جو وقت ڪڏهن ايندو هن کان بهتر ڪير ڄاڻي سگھي ٿو؟مولانا کي اندازو آهي ته وزير اعظم جي حمايت ڪرڻ وارا هاڻي پڇتائي رهيا آهن.عمران خان لاء وڇايل بساط جا مهرا هاڻي هيڏانهن هوڏانهن لڙهڪي رهيا آهن،حڪومت جا ڏينهن جڏهن به ڳڻيا ويندا ڳڻپ مولانا جي ڌرڻي کان شروع ٿيندي.هاڻي جڏهن ڌرڻو اڻٽر آهي ته مولانا کي ڪجهه اهم ڳالهيون به سوچ هيٺ ضرور آڻڻ گھرجن.جيئن ته اڇي ۽ ڪاري پارٽي جھنڊي جيان ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيندڙ به اڇن ۽ ڪارن ڪپڙن ۾ ملبوس هوندا،ڪهڙو نه سٺو ٿئي جو ڌرڻي ۾ ڪجهه رنگ به ڀريا وڃن.جيڪر مولانا ڌرڻي ۾ جي يو آئي ايف جي ڪارڪن ۽ ووٽرعورتن کي به گڏ آڻڻ جو بندوبست ڪن ته جيئن گھٽ ۾ گھٽ انهن عورتن ۽ مردن جيڪي پنهنجو پاڻ کي لبرلز سڏائين ٿا انهن جو ڀرم رهجي وڃي جيڪي عمران خان جي بغض ۾ مولانا جي حمايت ڪري رهيا آهن.مولانا جي جماعت کي سياست ڪندي هڪ زمانو ٿي چڪو آهي،مولانا سياست ۾ عورتن جي ڪردار کي به ضرور مڃيندو هوندو سو هن کي پنهن جي طاقت مڃرائڻ لاء رڳو مدرسن جا شاگرد نه پر زندگيء جي هر طبقي ۽ شعبي جا ماڻهو پنهنجي ڌرڻي ۾ شريڪ ڪرائڻا پوندا.مولانا کي اهو ثابت ڪرڻو پوندو ته اهو رڳو مردن يا مدرسي جي شاگردن جو نه پر عوام جو ڌرڻو آهي ۽ عوام ۾ هر عمر جا مرد توڙي عورتون شامل آهن.
طاهرالقادري مولانا فضل الرحمان جيان مذهبي شخصيت آهي،مولانا کي گھرجي ته هو طاهرالقادريء وارن ٻن ”ڪامياب“ ڌرڻن جي هڪ مختصر جائزي واري رپورٽ به تيار ڪرائي وٺي جنهن سان اهو ڄاڻڻ ۾ مدد ملندي ته ڌرڻي جي شرڪاء کي لاڳيتو ”انگيج“ رکڻ لاء ڪهڙا ڪهڙا ”ڪرتب“ گھربل هوندا؟ڏينهن جو وقت ته پنهنجو موبائيل فون چارج ڪندي،هتان هتان ٻه ٽي گل ٻوٽا ٽوڙي،دوڪان تان نسوار،پان،سوپاري ۽ سگريٽ ڳولهيندي،ڪنهن گاڏي تي چانهه جا سرڪ ڀريندي،دل پشوري ڪندي ۽ ميڊيا وارن کي ڏسي ٻه ٽي نعرا هڻندي گذري ويندو پر ٿڌڙي موسم جون ڊگھيون راتيون ڪيئن گذرنديون؟ان لاء مولانا حقيقت ۾ مولانا طاهر جي تجربن مان فائدو حاصل ڪري سگھي ٿو.جڏهن رات ڊگھي ٿيڻ لڳي ۽ ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيندڙن جو جذبو ٿڌو ٿيڻ لڳي ته حڪومت کي ڪيرائڻ لاء فجر جي نماز جو الٽيميٽم ڏنو وڃي،وقت پورو ٿي وڃي ته ان مهلت جو وقت وڌائي وچين يا سانجھي نماز تائين ڪري سگھجي ٿو.نوجوانن جي ٽولين کي ”روشن مستقبل“ ۽ ”سونهري ڏينهن“ جا خواب ڏيکاري روزانو ٻن کان ٽي ڪلاڪ سڪون سان گذاري سگھجن ٿا جڏهن ته اهو اعلان ته هڪ اهم حڪومتي اڳواڻ هٿ ادب جا ٻڌي ڳالهين لاء اچڻ گھري ٿو.ٻڌايو منهن جا بهادر ڪارڪنو!،ڇا ڪرڻ گھرجي؟ظاهر آهي ته جذبات جي چوٽ چڙهيل هجوم مان ”نه،نه“ ۾ ئي جواب اچڻو آهي.اهڙيء طرح ان قسم جي ڪرت ۾ به ٻه ٽي ڪلاڪ نڪري سگھن ٿا.جنهن ڏينهن نظر اچي ته اڄ ڌرڻي وارن جي ارمانن تي مارگلا ٽڪرين مان اٿندڙ ڪڪرن جي ماڪ جو وسڪارو ٿي رهيو آهي،بس انهيء ڏينهن بافتي جي ڪجهه وال ڪپڙي جو بندوبست ڪري اسٽيج تان ”ڪفن پوش” ڌرڻي جو اعلان ڪيو وڃي ان سان ميڊيا کي به ”بريڪنگ“ لاء پٽيون ملي وينديون ۽ طاهرالقادريء واري ڌرڻي جون يادون به تازيون ٿي وينديون.اهڙيء طرح آڪٽوبر مهيني جي بجليء واري بل کي ڦاڙي ساڙڻ وارو ڪرتب به نظاري ۾ چار چنڊ لڳائي سگھي ٿو،اهڙيء طرح  خان صاحب کي به ڪنٽينر جون اهي ”دل فريب“ شامون ۽ ”وصال ڀريون“ راتيون ياد ڏياري سگھجن ٿيون.
مولانا صاحب جي ”با ذوق“ ڪارڪنن پردي پويان هلڪي موسيقيء سان ڪجهه تحريڪي ترانا به جوڙيا آهن پر رڳو اهي ڪافي ناهن.“ انصافي“ ۽ ”طاهري“ ڌرڻن جيڪي معيار قائم ڪيا آهن،مولانا کي انهن کي سامهون رکي ڪري منصوبا بندي ڪرڻي پوندي.بک جي مستيء ۾ ٻڏل عوام جي ستل روح کي سجاڳ ڪرڻ لاء ڪنن کي پردا ڦاڙ سائونڊ سسٽم جي ضرورت پوندي.هونئن مولانا جي پارٽيء کي جي ڊي بٽ پارٽيء کان مشورن جي گھرج ناهي،ميگا فون ۽ لائوڊ اسپيڪر جو استعمال مولوين کان وڌي ڪري ڪير ٿو ڄاڻي؟ مولانا جيڪر طيء ڪيل پلان موجب اڪٽوبر جي پڇاڙيء ۾ انٽري ڏيندو ته شهر اقتدار جي موسم وڌيڪ مست ۽ ظالم ٿي ويندي اهڙي حالت ۾ مولانا لاء بازار گرمائڻ ايترو آسان نه رهندو.ڪارڪنن کي ڪمبل ۽ رضائيون گڏ کڻي اچڻ جو چيو ويو آهي پر مورال هائي رکڻ لاء ڪجهه هائي ليول انتظام ڪرڻا پوندا.ان سلسلي ۾ حضرت خادم رضوي اينڊ ڪمپني جو تجربو گھڻو ڪشادو آهي.هاڻي اهو حضرت رضوي پاڻ يا سندس ڪارڪن ئي ٻڌائي سگھن ٿا ته انهن کي فيض آباد ڌرڻي دوران پوندڙ غضب جي ٿڌ سان وڙهڻ لاء بادام،کجور ۽ ڪاجو جا کوکا ڪير پهچائيندو هو؟
وفاقي گھرو وزير اعجاز شاه فرمائي ٿو ته ڪهڙي خبر مولانا رات جو سمهي ۽ صبح جو کيس ”هدايت“ نصيب ٿي وڃي پر جيستائين هدايت جي روشني نٿي ملي تيستائين ڌرڻي جي اونداهين راتين کي مقدر جو لکيو سمجھي خان صاحب جي ٽيم کي ”تياري “ ته ضرور ڪرڻي آهي.عمران خان جي ٽيم کي ڌرڻي جو ته ڀرپور تجربو آهي پر ڌرڻو روڪڻ لاء ڪهڙي مهارت گھرجي انهيء فن جو انهن کي ايترو تجربو به ناهي جيترو تجربو شيخ رشيد جو ريلوي ۾ آهي!ڌرڻي ڌڻين لاء ڌيان طلب مشورن جي اها ديڳ ورهائڻ بعد به مون جهڙن بي سمجھن کي اڃا ته اهوئي سمجھه ۾ ٿو اچي ته  31آڪٽوبر تي ڌرڻو نه پر رڳو آزادي مارچ ئي ٿيندو  پر جيڪر واقعي ڌرڻو لڳي ٿو ته اهو سيلاب هاڻوڪي وقت جي حڪمرانن کي لوڙهيندو يا وري اسلام اباد پهچڻ کان اڳ ئي خود ڌرڻي ڌڻين مٿان اٿلي پوندو،ان جي اڳڪٿي رڳو شيخ رشيد جهڙا سياسي پنڊت ئي ڪري سگھن ٿا،ٻي عام خلق کي ان تي چپ چورڻ جي اجازت ڏيئي نٿي سگھجي!
(روزاني هلال پاڪستان 22 آڪٽوبر 2019ع)

نيون نوڪريون يا عوامي ادارن جي نيلامي؟



شفيق الرحمان شاڪر
پي ٽي آئي حڪومت جو هڪ اهم وزير جيڪو پنهنجن تڪراري بيانن ذريعي هر وقت ميڊيا جي سرخين ۾ رهڻ جو شوقين آهي تنهن تازو قوم خاص طور تي ملڪ جي نوجوانن کي ”خوشخبري“ ٻڌائي آهي ته نه رڳو حڪومت نوجوانن کي نوڪريون ڏيئي نٿي سگھي پر اصل ۾ ماڻهن کي نوڪريون مهيا ڪرڻ حڪومت جو ڪم ئي ڪونهي.هن صاحب قوم کي اها به خوشخبري ڏني ته حڪومت چار سو سرڪاري ادارا جلد نيلام ڪرڻ واري آهي جنهن ڪري نوڪرين جو ڪو آسرو نه ڪيو وڃي ( بلڪه انهن ادارن ۾ روزگار سان لڳل ماڻهو به ذهني طور تي بيروزگار ٿيڻ لاء تيار ٿي وڃن).هاڻوڪي حڪومت کان نوڪريء جي خواهش رکندڙ نوجوانن کي ”بي وقوف“ سڏيندي اهو دانشمند وزير اها ڳالهه به وساري ويٺو ته هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جو وعدو ڪنهن ٻئي نه پر سندس پارٽيء جي وزير اعظم ڪيو هو.خير، ڪهڙن ڪهڙن وعدن تي ماتم ڪجي،هتي هر ڏينهن تي  هڪڙو وعدو ڦاسي گھاٽ پهچي ٿو ۽ هر پل هڪ نئون يو ٽرن حڪومت جي دعوائن جي گاڏيء کي موڙي وٺي ٿو.جڏهن حڪمرانن جي وات مان نڪتل لفظ پنهن جي وقعت وڃائي ويهن ته پوء پوري قوم هڪ اجتماعي بي يقيني ۽ بي اعتماديء جو شڪار ٿي ويندي آهي ۽ ماڻهو حڪمرانن کان لا تعلق بڻجي ويندا آهن.وزير صاحب صحيح چيو ته روزگار ڏيڻ حڪومت جي ذميداري ناهي، حڪومت جي رڳو اها ذميداري آهي ته اها پنهن جن وزيرن ۽ مشيرن جو پورو خيال رکي ۽ انهن جا ڪاروبار ڪنهن به صورت ۾ ٺپ ٿيڻ نه ڏئي. ٻيون سڀ جون سڀ ذميداريون رڳو عوام جون آهن ته عوام پورو پورو ٽيڪس ڏئي،پنهن جا ڳرا يوٽيلٽي بل پابنديء سان ادا ڪري، انهن وزيرن ۽ مشيرن کي ڳريون ڳريون پگھارون ۽ ٻيون مالي رعايتون مهيا ڪري،انهن جي گاڏين ۾ تيل وجھي،انهن جي بورچي خانن ۾ سامان پهچائي ته جيئن اتي قسمين قسمين اعليٰ طعام  ٺهي سگھن،وڏن وڏن پرائيويٽ اسڪولن يا ملڪ کان ٻاهر پڙهندڙ  انهن جي اولاد جي لاء پئسو فراهم ڪري،انهن جي عيش عشرت ۽ عياشين لاء بندوبست ڪري،اها سڀ ذميداري عوام جي آهي ۽ خدا جي فضل سان عوام پنهن جي اها ذميداري گذريل ستر سالن کان پوري ڪندو رهيو آهي.جواب ۾ اهي عوام کي جاهل ۽ بيوقوف به چون،سندن مسئلن ۽ مشڪلن ۾ سندن مذاق اڏائين،پڙهيل لکيل نوجوانن کي ڇولا ۽ پڪوڙا کپائڻ جون قيمتي صلاحون به ڏين.دال بدران مرغي استعمال ڪرڻ جا مشورا به ڏين.مرغيون ۽ دنبا پالڻ  جا ڏس به ڏين ۽ نوڪرين لاء حڪومت کي تنگ نه ڪرڻ جا حڪم به جاري ڪن.اهي آهن اسان جا حڪمران جيڪي اسان جا خادم نه پر اسان جا راجا آهن ۽ اسين انهن جي رعيت آهيون بلڪه انهن  جا نسل در نسل غلام آهيون.لٻاڙن جا مچ به پاڻ مچائين ۽ انهن تي يوٽرن جو پاڻي به پاڻ هارين.ان وزير کان اهو ته پڇڻ گھرجي ته جيڪر ماڻهن کي مناسب روزگار مهيا ڪرڻ حڪومت جي ذميداري ناهي ته پوء سندن ليڊر رياست مدينه جا حوالا ڏيئي سوين ڀيرا اهو قول ڇو ورجائيندو رهيو ته ”فرات جي ڪناري جيڪر ڪو ڪتو به بکيو رهجي ويو ته ان جو ذميدار عمر( وقت جو حڪمران) هوندو”.ڇا اها سڀ قوم سان ڪا مذاق هئي؟ روزگار نٿا ڏيئي سگھو ته اوهان جي مرضي پر عوامي ادارا ڀڳڙن مٺ تي نيلام ڪري وڌيڪ ماڻهن کي بيروزگار ڪهڙي ڏوهه ۾ ٿا ڪريو؟پورن چار سو عوامي ادارن جي هڪ ئي ڌڪ سان نيلامي! هيء حڪومت آهي يا ڪو ٽلو مل جو ڪارخانو؟اوهان چئو ٿا ته اسين عوام جا چونڊيل نمائندا آهيون ته پوء عوام کي ڏنل ووٽن جي بدلي هي ڪهڙو صلو ڏيئي رهيا آهيو؟نئين نوڪري ته هڪڙي به پيدا نه ڪري سگھيا آهيو ان جي ابتڙ ماڻهن کي وڌيڪ بيروزگاريء طرف ڌڪي رهيا آهيو.عوام جا قومي ادارا وڪڻڻ بابت عوام کي ڪجهه به ٻڌايو نه پيو وڃي .ظاهر آهي ته اهو سڀ ڪجهه آئي ايم ايف جي فرمائش تي ٿي رهيو آهي، اها ئي آئي ايم ايف جنهن جي باري ۾ ڪڏهن عمران خان چوندو هو ته جيڪر هن قرض جي لاء ڪڏهن آئي ايم ايف سامهون جھولي پکيڙي ته هو خود ڪشي ڪري ڇڏيندو.انهيء ئي آئي ايم جي چوڻ تي ماڻهن کي مهنگائيء جي گھاڻي ۾ پيڙهيو پيو وڃي ۽ ان جي فرمائش تي ئي قومي ادارا نيلام ڪري ملڪ ۾ بيروزگاريء جو هڪ نئون طوفان اٿارڻ جي سٽ سٽي ويئي آهي.ادارن جي ان نيلاميء جو جواز اهو ئي ٻڌايو ويندو جيڪو سدائين هر حڪومت ٻڌائيندي رهي آهي ته اهي ادارا لاڳيتو مالي خساري ۾ وڃي رهيا آهن.ڪو ته انهن کان اهو پڇي ته اوهان جا ذاتي ڪاروبار ۽ ادارا ته ڪڏهن به خساري ۾ نٿا وڃن بلڪه جڏهن اوهين حڪومت ۾ هجو ٿا ته اوهان جا اهي ڪاروبار ڏينهن ٻيڻي ۽ رات چوڻي ترقي ڪرڻ لڳن ٿا،اوهان پنهنجا ذاتي  ڪاروباري ادارا وڪڻڻ جي ڳالهه ته ڪڏهن به نٿا ڪيو باقي ملڪ ۽ قوم جو جيڪو به ادارو اوهان جي نا اهلي،پنهنجا نوازي ۽ نالائقيء سبب اوهان کان هلي نه سگھي ان جو اوهان وٽ هڪڙو ئي علاج رهجي ويو آهي ته ان کي  وڌيڪ ناڪارا ۽ برباد ڪري ڀڳڙن جي مٺ تي پنهنجن مان ئي ڪنهن جي تريء تي رکي ڇڏيو،ماضيء ۾ به ته اهو ئي ٿيندو رهيو آهي ۽ هيء ”پاڪ ۽ پوتر“ حڪومت به ساڳيا ڌنڌا ڪري رهي آهي.هاڻي ته سرڪاري اسپتالون ۽ سرڪاري اسڪول ۽ ٻيا تعليمي ادارا به خانگي ماڻهن ۽ ڪمپنين جي حوالي ٿي رهيا آهن  ۽ ملڪ جي غريب عوام کي سو سيڪڙو انهيء ڪرپٽ ڪاروباري مافيا جي رحم ڪرم تي ڇڏيو پيو وڃي ته جيئن اهي جهڙيء ريت چاهين تهڙيء ريت غريب ماڻهن جي کل لاهين،جيڪر حڪومت کان اهي ادارا نٿا هلن ۽ اهي آهستي آهستي ڪري سڀ جا سڀ خانگي شعبي جي حوالي ڪيا پيا وڃن ته پوء حڪومت ۾ وزيرن ۽ مشيرن جي اها فوج ظفر موج ڪهڙي ڪم جي آهي؟ انهن کي به گھر موڪليو وڃي جيڪي اجايو غريب عوام جي پئسي مان ڳريون پگھارون،ٽي اي ڊي اي،تيل پاڻي ۽ ٻيون عياشيون ڪري رهيا آهن.اهي سڀ وزارتون ۽ مشيريون به ختم ڪيون وڃن جن تي ماڻهن جي ٽيڪس جو پئسو اجايو ضايع ٿي رهيو آهي.جيڪر ماڻهن کي روزگار ڏيڻ حڪومت جو ڪم ناهي ته اهو به ٻڌايو وڃي ته حڪومت جو آخر ڪهڙو ڪم آهي؟ ماڻهن سان ڪوڙا وعدا ڪرڻ،ڊگھيون ڊگھيون دعوائون ڪرڻ،هر هر يوٽرن وٺڻ ۽ پنهنجن ڏنل بيانن تان ڦري وڃڻ،ماڻهن کي ساوا باغ ڏيکاري کين بيوقوف بنائي پنهنجو ڪم ٽپائڻ، ماڻهن کي مهنگائيء جي گھاڻي ۾ پيهڻ،دوائن ۽ عام استعمال جي شين جي اگھن ۾ روزانو نت نئون اضافو ڪرڻ،وزيرن ۽ مشيرن جا پيٽ ڀرڻ ۽ پنهنجا نوازڻ،ملڪ کي غير ملڪي قرضن جي بار هيٺان دفن ڪرڻ،ماڻهن کان روزگار کسڻ،قومي ۽ عوامي ادارا نيلام ڪرڻ،هر وقت ماضيء جي حڪمرانن کي پٽون ۽ پاراتا ڏيئي پنهنجي بيوسيء جو ماتم ڪرڻ،احتساب احتساب ۽ ڪرپشن ڪرپشن جي تسبيح پڙهڻ،حڪومت ۾ ويٺل  پنهنجن ڪرپٽ ماڻهن کي احتساب کان محفوظ رکڻ، حڪومت جا اهي ئي ڪم باقي رهجي ويا آهن.سچ ٿا چون اسان جا سياستدان ته سياست ۾ ڪا به شيء ناممڪن نه هوندي آهي ايستائين جو پنهنجن جوڙيل اصولن جو پاڻ ئي جنازو ڪڍڻ پڻ.هن اقتداري سياست ۾ عظيم اهي ناهن هوندا جيڪي اصولن جي سياست ڪن ٿا بلڪه ”عظيم “ اهي هوندا آهن جيڪي پنهنجن اصولن جي  لاشن جا بلند مينار جوڙين ٿا!
(روزاني عوامي آواز)


Monday, October 21, 2019

ماضيء جو آئينو؛ انگور جو پاڻي ۽ ”جنرل راڻي“ ...!







شفيق الرحمان شاڪر
جنرل راڻي اسان جي حڪومتي تاريخ جو هڪ ڊگھو پر رنگين باب هئي.هن جي سيني ۾ ڪيترائي سربستا راز دفن هئا.هوء اڪيلي ”دلير“ عورت هئي جيڪا اهو ٻڌائي سگھندي هئي ته ڪهڙي ڪهڙي دور۾ سندس ڪهڙين ڪهڙين هم عمر ۽ هم عصر سهيلين اقتداري ايوانن ۾ شراب ۽ شباب جون محفلون سجائي رکڻ جي ذميداري کڻي رکي هئي. پر افسوس جو اهي سمورا راز هن جي مٽيء ماء حوالي ٿيندي مٽيء جو رزق بڻجي ويا.انهن ”جگردار“ ۽ ”ذائقيدار“ عورتن کي جنرل نيازي ”خوشبودار ديوداسيون“ چوندو هو.انهن ديوداسين هن سماج ۽ مملڪت ۾ ”فائيو اسٽار ادا فروشي ۽ حيا فروشي“ جي سڃاڻپ ڪرائي.جنرل راڻي ”فايئو اسٽار ادا فروشيء“ جي بانين مان هڪ هئي.جنرل يحيٰ خان جي اقتدارواري دور ۾ راڻيء جو چرچو عام ٿيو.”راجا ۽ راڻي“ جي رنگ رلين ۽ چونچلن جا عجيب داستان يحيٰ خان جي اقتدار کان الڳ ٿيڻ بعد منظر عام تي آيا.راڻي ۽ يحيٰ خان جي وچ ۾ گل ۽ بلبل،شمع ۽ پرواني وارورومانوي تعلق هو.يحيٰ خان هن تي دل ۽ جان صدقي ڪندو هو.ان دور جي نوڪر شاهي ۽ سياست جا ٻيا ڪيترا ئي جرنيل پڻ جنرل راڻيء جي خماريل نيڻن مان شراب محبت نپوڙيندا رهيا.جنرل راڻي جي رقابت جيڪر ڪنهن سان هئي ته اها ملڪه ترنم نور جهان هئي.هاڻي اهو هڪ کليل راز آهي ته يحيٰ خان جي راتين جي محفلن ۾ نور جهان به ساقي گريء جا فرض سهڻي نموني سر انجام ڏيندي رهي.ڀٽو دور ۾ جنرل راڻي پنهنجو آشيانو شاهراه قائد اعظم تي قائم انٽر ڪانٽينينٽل جي هڪ ”سويٽ“ ۾ آباد ڪري رکيو هو.وقت جا حڪمران ان جي آستاني تي نماڻيون پيشانيون کڻي حاضر ٿيندا هئا ۽ پنهنجي ”شرارتي من” جون مرادون پائيندا هئا.کر گورنر بڻيو ان قسم جون خبرون هلڻ لڳيون ته جنرل راڻيء جي ”جلوه گاهه جمال ۽ وصال“ سازشن جو ڳڙهه بڻجي ويئي آهي،نيري آسمان جي ڪراڙين اکين ان طاقتور عورت جي چانئٺ تي وقت جي خبر ناهي ڪهڙن ڪهڙن اعليٰ عملدارن کي طواف ڪندي ڏٺو.آسمان رنگ بدلايو،حالتن ڦيرو کاڌو،رات ۽ ڏينهن جي گردش پاسو ورايو ۽ پنجاب پوليس حرڪت ۾ آئي.هڪ رات جنرل راڻيء کي ساز ۽ سامان سميت ”سازش گاهه“ مان حفاظتي تحويل ۾ وٺي ڪوٽوالي ٿاڻي تي پهچايو ويو.ڪوٽوالي ٿاڻي تي ويهين صديء جي ”جهانگير“ جي اها ”نورجهان“ “بيوسيء جي مزار“ بڻي ”عبرت ڀريل نظرن“ کي سوچڻ سمجھڻ جو سڏ ڏيئي رهي هئي.اخباري نمائندن کي اطلاع مليو ته هرڪو ڀڄندو ڊڪندو ڪوٽوالي ٿاڻي پهتو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي پورو ٿاڻو رپورٽرن ۽ فوٽو گرافرن سان ڀرجي ويو.”زوراور“ اخباري نمائندن کي موصوفه تائين پهچڻ جي خاص اجازت ڏني ويئي.هو بيوسيء جي تصوير بڻي مٿو جھڪايو هر سوال ٻڌندي رهي پر ڪنهن به سوال جو ڪو معقول جواب ڏيڻ هن مناسب نه سمجھيو.صحافي چٽڪيون ڀري يحيٰ خان جي حوالي سان يادن کي ساز ڏيڻ جي استدعا ڪندا رهيا پر جنرل راڻيء جو ته حال اهو هو جوجيڪر ڪهجي ته رت جو ڦڙو به نه نڪري. نيٺ هن جا چپ چريا ۽ هن لرزش واري لهجي ۾ جواب ڏنو؛ ”بس نقشو بگڙي ويو.“ سمنڊ جي پاتال ۽ آسمان جي بلندين مان خبرون ڳولهي ايندڙ کوجي رپورٽر حسرت وچان نامراد ۽ ناڪام واپس موٽيا. کر دور ۾ جنرل راڻي مفرور اشتهاري ڏوهارين جيان هنڌ هنڌ تي لڪندي گھمندي رهي.ايندڙ وقت جي مهربانن جا دروازا هن جي لاء بند ٿي چڪا هئا.نئون ايوان اقتدار هن لاء ”شجر ممنوعه“ بڻجي چڪو هو،نئون زمانو هو،ساز ۽ راڳ بدلجي چڪا هئا.جنرل راڻيء کي زندگيء ۾ پهريون ڀيرو ان قسم جي اڻ وڻندڙ حالتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو هو.هوء پنهنجن واقفڪارن سان رابطو ڪندي هئي،هرڪنهن جي منٿ سماجت ڪندي هئي،جاء امان ۽ دارالامان مهيا ڪرڻ جي وينتي ڪندي هئي پر نئين دور ۾ حڪمرانن جي عتاب کان بچڻ لاء بيورو ڪريسيء جا وڏا وڏا ٿنڀا به پنهننجي هن پياريء کان اکيون ڦيري چڪا هئا.ڳوٺ ڳوٺ،شهر شهر ۽ در در جا ڌڪا کائڻ بعد کيس معلوم ٿيو ته هن کي پوري پاڪستان ۾ ڪو شخص پناهه ڏيئي سگھي ٿو ته اهو لاهور جو هڪ صحافي آهي.هڪڙي رات ان عظيم صحافيء جي گھر ٽيليفون جي گھنٽي وڳي.صحافيء جي بيگم رسيور کنيو.ٻئي پاسي کان ڊنل لهجي ۾ هڪ عورت موجود هئي.چوڻ لڳي؛ ”بيگم صاحبه! مون کي پناهه گھرجي،آئون هڪ مظلوم عورت آهيان،مون کي زماني ڌڪاري ڇڏيو آهي.ڪالهه تائين منهنجي چانئٺ وڏين وڏين ناليوارين پيشانين جي لاء سجدي گاهه هئي ۽ اڄ آئون جنهن دروازي تي وڃان ٿي مون کي ڪنهن کوٽي سڪي جيان واپس ڪيو وڃي ٿو.“ نامور صحافيء جي بيگم چيو؛ ” تون ڄاڻين ٿي ته تو ڪنهن جي گھر فون ڪيو آهي؟ راڻي چيو؛ ”مون تنهنجي مڙس آغا شورش جي جگرداريء ۽ بهادريء جا داستان ٻڌا آهن.مون کي منهنجن ملندڙن ٻڌايو ته هو مظلومن جو ساٿ ڏيڻ ۾ ڪڏهن به نٿو لنوائي.“ بيگم صاحبه وراڻيو؛ ” آغا صاحب هن وقت آرام ڪري رهيا آهن،جڏهن اهي سمهيل هجن ته اسان مان ڪوبه هن کي جاڳائڻ جي جرئت ڪري نٿو سگھي.“ هڪ ٻه ڪلاڪ گذرڻ بعد فون جي گھنٽي وري وڳي،ٻئي طرف ڳالهائڻ واري عورت اهو اعلان ڪيو ته آئون نهايت ئي مجبور آهيان ۽ مون وٽ ان سواء ٻي واهه ڪانهي جو بنفس نفيس اوهان جي آشياني تي حاضر ٿيان.“ ڪجهه ڪلاڪ گذرڻ بعد رات جي پوئين پهر جنرل راڻي آغا شورش ڪاشميري جي گھر جي دروازي ٻاهران موجود هئي.آغا صاحب کي مجبوريء جي حالت ۾ ننڊ مان جاڳايو ويو،هو ٻاهر آيو ۽ حال احوال ورتائين.جنرل راڻي حڪومتي ظلمن جو ڊگھو داستان ڪري ٻڌايو ۽ پناهه جي لاء عرض ڪيو.آغا صاحب چيو ته هو کيس گھڻي دير تائين پناهه ڏيئي نٿو سگھي.اهو ٻڌندي ئي جنرل راڻي تصويرن جوهڪ وڏو البم پيش ڪندي چيو ته ان البم ۾ پاڪستان جي سول ۽ مليٽري بيورو ڪريٽس،سياستدانن ۽ سرمائيدارن جي زندگيء جي لڪيل حصن کي تصويرن جي زبان ۾ بيان ڪيو ويو آهي.آغا صاحب جنرل راڻيء کي صرف هڪڙي رات پنهنجي گھر ۾ گذارڻ جي اجازت ڏني.اها رات جنرل راڻيء آغا شورش جي گھر جي ڪنڊ ۾ ٺهيل مينهن جي واڙي ۾ گذاري.فائيو اسٽار هوٽلن،صدارتي محلن ۽ وزارتي ايوانن جي مخملي بسترن تي راتيون گذاريندڙ جنرل راڻيء لاء اها رات پڪ سان قيامت جي رات هئي.صبح ٿيندي ئي هوء هلي ويئي.آغا صاحب ان جي ڏنل تحفي کي هن جي اکين سامهون باهه جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ چيو؛ ” اقتدار کان محروم ٿيندڙ ماڻهن جي عيبن کي اگھاڙو ڪرڻ بزدلن جو ڪم آهي.اڄ تون انهن ماڻهن جي عيبن کي مشهور ڪري رهي آهين،سڀاڻي تون ساڳين ماڻهن جي محلن جي سونهن بڻجندينء.“آغا صاحب جيڪي ڪجهه چيو اهو بعد ۾ سچ ثابت ٿيو.ڀٽو حڪومت سان جنرل راڻيء جي هڪ لڪيل ڊيل ٿي ويئي.جنرل راڻي به زير زمين هلي ويئي ۽ هن جي باري ۾ مشهور ٿيندڙ رنگين داستانن تي به پردو پئجي ويو.
خواجا ناظم الدين،لياقت علي خان،چوڌري محمد علي،محمد خان جوڻيجو ۽ جنرل ضياء الحق کي ڇڏي ڪري پاڪستان جا اڪثر حڪمران ڪنهن نه ڪنهن جنرل راڻيء جي زير اثر رهيا.هر دور ڪنهن نه ڪنهن جنرل راڻي ۽ ان جي ”بٽالين“ جو دور آهي.جنرل راڻي مري ويئي پر اها مطئمن آهي ته سندس روح زندهه آهي،هوء مطئمن آهي ته هن کان پوء به اقتدار جي ايوانن ۾ ڪنهن نه ڪنهن جنرل راڻيء جي ٽهڪن ۽ ڪچهرين تي دل ۽ جان صدقي ڪرڻ وارا رنگيلا يحيٰ خان موجود رهندا. جنرل راڻي رڳو هڪڙو نالو ناهي،هوء صرف هڪ عورت ناهي بلڪه هوء هڪ استعارو ۽ ادارو هئي.اهو ادارو هاڻي ناقابل شڪست حد تائين مضبوط ٿي چڪو آهي،جنرل راڻيء مقتدر طبقن جي ايوانن کي هرڻين،پوپٽين،بلبلن ۽ مينائن سان سجائڻ جو فن متعارف ڪرايوهو،اهو فن هاڻي بالغ ٿي چڪو آهي.جنرل راڻي ڪالهه به اقتداري ايوانن تي قابض هئي ۽ ان جون تربيت يافتا ڪئين ٻيون ” ڪاريگر“ ۽ ”فنڪارائون“ اڄ به اقتداري ايوانن جي ”انٽيرير ڊيڪوريشن“ ۾ مصروف آهن.هڪ تقرير دوران سقوط اوڀر پاڪستان جو ذڪر ڪندي آغا شورش ڪاشميريء چيو هو ته ”ان سانحي جا ذميدار بيشمار آهن پر انهن ۾ انگور جو پاڻي ۽ جنرل راڻي پڌرا آهن.“
(روزاني هلال پاڪستان 18 آڪٽوبر 2019ع)


اقتدار جو مست گھوڙو ۽ خواهشن جو سمنڊ !



شفيق الرحمان شاڪر
حڪومت ۾ اچڻ کان اڳ عمران خان تڏهوڪن حڪمرانن جي ڪجهه پاليسين ۽ عملن جو مذاق اڏائيندي پاڪستاني قوم کي دنيا جي هڪ عظيم قوم بنائڻ جون ڀڙڪون هڻندي نه ٿڪندو هو. سندس چوڻ هو ته ٻين ملڪن کان قرض وٺندڙ ۽ عالمي ادارن کان امداد پنندڙ قوم جي دنيا ۾ ڪا عزت ۽ اهميت نه هوندي آهي.هو اهو به چوندو هو ته ماضيء جي حڪمرانن بي نظير انڪم سپورٽ ۽ سستي ماني جهڙين اسڪيمن ذريعي پوري قوم کي پينو فقير بنائي ڇڏيو آهي.هو جيڪر حڪومت ۾ آيو ته نه ٻاهرين ملڪن سامهون ڪنهن امداد لاء جھولي جھليندو ۽ نه ئي عالمي ادارن جي ظالماڻن شرطن تي ڪو قرض وٺندو.هو هر جلسي ۽ هر تقرير ۾ احتساب جو رينگٽ به وڄائيندو رهيو ته اقتدار ۾ ايندي ئي سندس لفظن ۾ ماضيء جي انهن ”چورن“ ۽ ”لٽيرن“ کان عوام جي کسيل دولت واپس وٺندو ۽ ملڪ ۾ عظيم خوشحالي اچي ويندي.ملڪ ۾ سستائيء جو سمنڊ ڇوليون هڻڻ لڳندو،ملڪ ۾ سرمائي جو مينهن وسڻ لڳندو ۽ بيروزگاريء جو خاتمو اچي ويندو نه رڳو اهو پر هن اهو به چيو ته پاڪستان قرض وٺندڙ ملڪن بدران قرض ڏيندڙ ملڪن جي صف ۾ شامل ٿي ويندو.ملڪي ۽ رياستي ادارن جي نئين سر اڏاوت،سڌارن ۽ بهتريء جون به دعوائون ڪيون وييون،انصاف ۽ پوليس جي نظام ۾ بنيادي تبديليون آڻڻ جا به وعدا ڪيا ويا.زندگيء جون بنيادي سهوليتون ماڻهن کي سندن در تي مهيا ڪرڻ لاء هڪ بهترين بلدياتي ۽ مڪاني حڪومتن جي نظام آڻڻ جون به ڊاڙون هنيون وييون.نوجوانن کي سندن صلاحيتن ۽ لياقتن مطابق ميرٽ جي بنياد تي مناسب روزگار مهيا ڪرڻ جون به ٻٽاڪون ٻڌڻ ۾ آيون،تعليمي ۽ معاشي نظام ۾ بنيادي سڌارن جون به لٻاڙون لڳيون، صحت جي شعبي ۾ انقلابي قدم کڻڻ جا قصا به ٻڌايا ويا،تباهه ٿيل قومي ادارن کي واپس زندهه ڪرڻ جا به خواب ڏيکاريا ويا،سياست ۽ حڪومت ۾ پنهنجا نوازڻ،بد انتظامي ، بدديانتي ۽ ناانصافي واري روش ختم ڪري انصاف،ميرٽ،ايمانداري ۽ گڊ گورنس جون هامون هنيون وييون پر وقت ثابت ڪيو ته عمران خان جون اهي عظيم دعوائون ۽ شاندار اعلان،اهي وعدا ۽ وچن قوم سان هڪ عظيم مذاق ئي ثابت ٿيا.قرض وٺڻ لاء سندس حڪومت نه رڳو آئي ايم ايف جي ظالماڻن شرطن آڏو پنهنجا گوڏا کوڙيا پر قرض وٺڻ جي معاملي ۾ هن رڳو هڪڙي سال اندر ئي ماضيء جي سمورن حڪمرانن جا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا.ملڪي معيشت کي پنهنجن پيرن تي ڇا بيهڻو هو،عمران خان جي حڪومت غريب ماڻهن کان ٻن وقتن جو مانيء گراه به کسي ورتو.ماڻهن کي مناسب روزگار مهيا ڪري انهن کي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ بدران سهارا ۽ لنگر اسڪيمن ذريعي پوري قوم کي پنڻ جي رستي تي لڳائڻ جو سفر شروع ڪيو ويو.ان جي بدران جو ملڪ جي سٺ سيڪڙو نوجوانن لاء روزگار جا ڪي مناسب موقعا پيدا ڪجن ها،اڳ ۾ روزگار سان لڳل هزارين نوجوان بيروزگاريء طرف ڌڪجي رهيا آهن.غلط معاشي پاليسين سبب ڏينهون ڏينهن ڪاروبار ٺپ ۽ صنعتي يونٽ بند ٿي رهيا آهن.ڪاروباري طبقو جنهن حد تائين عدم تحفظ ۽ غير يقينيء واري ڪيفيت جو شڪار آهي انهيء جو اندازو سندن احتجاجن،مظاهرن ۽ تازو آرمي چيف سان ملاقات دوران پيش ڪيل سندن تحفظن ۽ ڳڻتين مان لڳائي سگھجي ٿو.قومي ادارن ۽ حڪومتي سطح تي بچت مهم جي دعويدارن جي وفاقي حڪومت ۾ وزيرن ۽ مشيرن جي فوج جو گڏيل انگ 82 تي پهچي چڪو آهي،اهي سڀ جا سڀ ڪهڙي ڪرت ۾ لڳل آهن ڪا خبر ناهي.انهن مان گھڻن جي ڪارنامن ۽ ڪرتوتن جا ڪارا چٺا احتسابي ادارن وٽ موجود آهن پر .انصاف پسند“ وزير اعظم جي دست شفقت سبب قصو اتي جو اتي رڪيل آهي،سياسي ڇڪتاڻ ته پهرئين ڏينهن کان ئي عروج تي آهي پر هاڻي حڪومت ۽ واپارين جي وچ ۾ به وڇوٽيون وڌي رهيون آهن ۽ پوري ملڪ ۾ لاڪ ڊائون جا سڏ به ٻڌڻ ۾ پيا اچن.مختلف حڪومتي ادارن جي وچ ۾ ڪا ايڪتا يا هم آهنگي نظر نٿي اچي.حڪومت جي وزيرن ۽ مشيرن مان به هر ڪو پنهنجي الڳ راڳڻي ڳائي رهيو آهي. ايف بي آر جي پاليسين جو اڃا تائين منهن پير سمجھه ۾ نٿو اچي،صبح جو هڪڙي ڳالهه آهي ته شام جو بلڪل ان جي ابتڙ بيان اچي ٿو.سموري حڪومتي ٽيم عملي طور تي غير فعال ۽ غير موثر بڻيل آهي رڳو چند خاص ماڻهو آهن جن جا فيصلا هلي رهيا آهن.ملڪ کي هن وقت سڀ کان وڏو چيلينج معيشت جي بحالي آهي پرتبديلي سرڪار جي معاشي ٽيم ۾ هاڻي چونڊيل عوامي نمائندن بدران رڳو عالمي ادارن جا نمائندا رهجي ويا آهن جن جو عوام جي آزارن ۽ مسئلن سان نه ڪو تعلق آهي ۽ نه ئي ڪو احساس.اهي انهن عالمي ادارن جي حڪم تي هر اهو ڪم ڪري رهيا آهن جنهن سان عوام جون رڙيون نڪري وڃن.اهي ان عالمي ايجنڊا هيٺ وڏي بي حسي ۽ بيدرديء سان نون نون ٽيڪسن ۽ عام استعمال جي شين جي اگھن ۾ اضافي ذريعي ماڻهن جو رت چوسيندا ٿا وڃن ۽ عمران خان جي وس ۾ ئي نه رهيو آهي جو هو انهن کان ڪو سوال جواب ڪري سگھي يا انهن کي عوامي ڀلائيء لاء ڪو حڪم جاري ڪري سگھي.هڪ طرف ملڪ اندر سياسي ۽ معاشي صورتحال جي بي يقينيء جو اهو عالم آهي ته ٻئي طرف وزير اعظم پوري دنيا جي تڪرارن ۽ تنازعن کي حل ڪرائڻ جو ٺيڪو کڻندي غير ملڪي دورن ۾ مصروف آهي.ڪڏهن سعودي ايران ڇڪتاڻ ۾ ثالثي ڪرائڻ جون دعوائون ڪيون پييون وڃن ته ڪڏهن افغانستان اندر امن قائم ڪرائڻ لاء جدوجهد جي سرواڻي ڪئي پيئي وڃي.ملڪ اندر عوام جنهن آزار ۽ ايذائن مان گذري رهيو آهي،مهنگائي جهڙيء طرح ماڻهن کي برباد ڪري رهي آهي ۽ بيروزگاري جهڙي ريت ماڻهن خاص طور تي نوجوانن کي ذهني مريض بنائي رهي آهي ان جو احساس شايد عمران خان جي ايجنڊا ۾ شامل نه رهيو آهي.اقتداري سياست جو اهو ئي ته الميو آهي جو وقت جي هر حڪمران کي هر وقت سڀ ڪجهه ٺيڪ ئي نظر ايندو آهي ۽ سچائيون صرف تڏهن سامهون اينديون آهن جڏهن انهيء وٽ نه وقت رهندو آهي ۽ نه ئي اقتدار.ماضيء جي حڪمرانن جا ڪارا ڪرتوت ڳڻيندي ۽ ملڪ ۾ موجود هر خرابيء جو گند مٿانئن اڇلائيندي هي چوڏهون مهينو شروع ٿي چڪو آهي،انهن چوڏهن مهينن دوران تبديلي ۽ سڌارن جي دعويدارن هن وقت تائين پاڻ ڪهڙو ٻوٽو ٻاريو آهي،انهيء سوال جو جواب ڏيڻ بدران سامهون رڳو سهڻا سپنا،مستقبل جا ساوا باغ ۽ رياست مدينا جي طرز جي مملڪت قائم ڪرڻ جون اهي دعوائون آهن جيڪي ٻڌي ٻڌي ماڻهن جا ڪن ئي پچي پيا آهن ۽ هاڻي خلق خدا ۾ مايوسيء کان پوء ڪاوڙ جو سمنڊ به ڇوليون هڻندي محسوس ٿئي ٿو پر اهو سڀ ڪجهه حڪمرانن کي اڃا نظر نٿو اچي جو انهن کي اڃا به اڻ کٽ ۽ لامحدود طاقت ۽ اختيار جي طلب سندن هوش وڃائي رکيو آهي.اهي زبان جي هڪڙي لرزش سان پنج سو ماڻهن کي چوراهن ۽ چواٽن تي ٽنگڻ گھرن ٿا پر کين هر وقت اهو احساس محرومي ستائي رهيو آهي جو اهي ايئن نٿا ڪري سگھن.اهي اهو ڪم ڪري سگھن ٿا جيڪر ملڪ جي سمورين عدالتن کي تالا لڳائي،احتسابي ادارن کي ٻنڌڻ ٻڌي ۽ آئين کي کڻي ڪنهن رديء جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏين ته پوء پڪ سان سندن اها حسين خواهش پوري ٿي سگھي ٿي.طاقت جي مست گھوڙي تي ويهي پوري دنيا کي پنهنجن پيرن هيٺان لتاڙڻ جي اها حسين خواهش جنهن ماضيء جي حڪمرانن مان ڪنهن کي هلاڪو ياچنگيز ته ڪنهن کي ميسوليني يا هٽلر بڻايو هو!
(روزاني هلال پاڪستان 16 آڪٽوبر 2019ع)

Tuesday, October 15, 2019

سنجيده مامرن تي حڪومت جي غير سنجيدگي.



شفيق الرحمان شاڪر
هيستائين جي خبرن موجب مولانا فضل الرحمان هاڻي 27 آڪٽوبر جي بدران 31 آڪٽوبر تي پوري تياريء سان اسلام آباد طرف روانو ٿيڻ جو پڪو ارادو ڪري چڪو آهي.اطلاعن مطابق ڪجهه ڏينهن پهرين مولانا جي ملڪ جي هڪ اهم آئيني ۽ غير سياسي شخصيت سان ملاقات به ٿي هئي جنهن ۾ مولانا کي ملڪ جي هاڻوڪي نازڪ صورتحال ۽ معيشت جي بري حالت کي سامهون رکندي سندس ڌرڻي واري ارادي کان باز رهڻ جي صلاح به ڏني ويئي هئي پر مولانا صاحب ان صلاح کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندي هر صورت ۾ آزادي مارچ ۽ ڌرڻي واري فيصلي تي عمل ڪرڻ جو چتاء ڏيئي ڇڏيو آهي.سندس چوڻ مطابق جيڪر پاڪ ڀارت جنگ به ڇڙي پوي تڏهن به هو هر صورت ۾ ڌرڻو ضرور هڻندو.تنهن هوندي به اعليٰ رياستي سطح تي مولانا سان ان سلسلي ۾ ڳالهين جو سلسلو اڃا جاري آهي ۽ ڪجهه حلقن طرفان اها اميد ڏيکاري پيئي وڃي ته اهو ڌرڻو ڪنهن نه ڪنهن نموني منسوخ يا ملتوي ٿي ويندو.ٻئي طرف ڪجهه سنجيده حلقن جو خيال آهي ته اهو ڌرڻو اڳواٽ ڪيل منصوبا بنديء جو حصو آهي جنهن جو اصل ڪردار مولانا نه پر ميان نواز شريف ۽ مريم نواز آهن جيڪي مولانا کي ان ڌرڻي ۾ پنهنجي ۽ پنهنجي جماعت طرفان هر قسم جي تعاون جو يقين ڏياري چڪا آهن ۽ اهو به چيو پيو وڃي ته ان ڌرڻي لاء گھربل مالي وسيلا مهيا ڪرڻ لاء به ميان صاحب پنهنجن ڪجهه پيارن ڪاروباري دوستن کي چئي ڇڏيو آهي ته جيئن هڪ ڊگھي ڌرڻي جي صورت ۾ مولانا کي ڪي مالي ڏکيائيون پيش نه اچن.انهن حلقن جو چوڻ آهي ته ان ڌرڻي جو مقصد موجوده حڪومتي نظام مان عمران خان کي مائينس ڪرڻ آهي ڇو ته اهو ته مولانا صاحب ۽ سندس اتحادين کي به پتو آهي ته هاڻوڪين حالتن ۾ نيون چونڊون ٿين اهو ناممڪن آهي ان ڪري ان ڌرڻي جا ٻه مقصد ئي ٿي سگھن ٿا.پهريون اهو ته عمران خان کي هاڻوڪي سياسي نظام مان آئوٽ ڪيو وڃي يا وري کيس ايتري دٻاء ۾ آندو وڃي جو هو پنهنجي سياسي مخالفن جون ڪجهه ڳالهيون مڃڻ تي مجبور ٿئي.مولانا ماضيء جي حوالي سان نهايت ئي دانشمند،تجربيڪار ۽ چالاڪ سياستدان رهيو آهي ۽ هو ڪابه اهڙي رسڪ کڻي نٿو سگھي جنهنجا نتيجا هن جي حق ۾ ناڪاري نڪرن.مولانا جنهن اعتماد سان ڳالهائي رهيو آهي انهيء مان لڳي ٿو ته سندس ان تحريڪ پويان ڪا غير معمولي قوت ضرور موجود آهي. حڪومت جي حامي ڪجهه تجزيي نگارن  جو خيال آهي ته عمران حڪومت عوام ۾ اڃا تائين ايتري مقبول آهي جو ان قسم جي ڌرڻن جو حڪومت تي ڪوبه اثر پوڻ وارو ناهي،انهيء کان سواء سمورا ادارا ۽ اسٽيبلشمينٽ اڃا تائين هاڻوڪي حڪومت سان گڏ آهي،انهن تجيي نگارن موجب مولانا سان سندس ڪجهه هزار مدرسي جي شاگردن سواء ڪا به ٻي سياسي جماعت سندس ساٿ نه ڏيندي.بد قسمتيء سان خود حڪومت جا وزير ۽ مشير به انهيء خيال سان متفق نظر اچن ٿا جيڪي عمران خان کي اڃا تائين اهو باور ڪرائي رهيا آهن ته سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي.انهن ”دانشمند“ وزيرن ۽ مشيرن پهرين ته اها راڳڻي ڳائي ته مولانا ڪو ڌرڻو هڻي ئي نٿو سگھي  ۽ هو مولانا جي ان الٽيميٽم جو هر وقت مذاق اڏائيندا رهيا پر هاڻي انهن کي به کي ڪجهه احساس ٿيڻ لڳو آهي ته معاملو ايترو سادو ناهي ۽ واقعي معاملو ايترو سادو ناهي.عمران خان جي بدقسمتي اها آهي جو هو هن وقت سندس پارٽيء جي مخلص ۽ سچن ڪارڪنن جي صلاح مشوري کان محروم ٿي چڪو آهي پر تازو گڏيل قومن ۾ ڪيل سندس تقرير تي آيل مثبت عوامي رد عمل سندس گھمنڊ ۽ تڪبر ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي جنهن ڪري هو حالتن جي شدت ۽ سنگينيء کي صحيح طرح محسوس نه ڪري رهيو آهي.سندس اهي وزير مشير ۽ ترجمان جيڪي هن وقت معاملي جو ڪو مناسب حل ڳولهڻ بدران چڙ ڏياريندڙ بيان ڏيئي ان باهه کي وڌيڪ ڀڙڪائي رهيا آهن اهي جڏهن به ڏسندا ته عمران خان جي لاء هاڻي خراب وقت اچڻ وارو آهي ته انهن مان ڪوبه ساڻس گڏ نظر نه ايندو جو انهن مان گھڻن جا اڳ ۾ ئي پيپلز پارٽي ۽ نون ليگ سان ڳجھا لاڳاپا موجود آهن.انهن هيستائين سمورن اهم معاملن ۾ عمران خان کي ڄاڻي واڻي بي خبر رکيو آهي يا کيس مس گائيڊ ڪيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ عمران خان ڏينهون ڏينهن نت نون بحرانن جو شڪار ٿيندو ٿو وڃي جنهن ۾ سندس سياسي مخالفن کان وڌيڪ سندس دوستن جو ڪردار رهيو آهي.سوال اهو ناهي ته مولانا جو ڌرڻو جائز آهي يا ناجائز پر سوال اهو آهي ته انهيء ڌرڻي کي منهن ڏيڻ لاء حڪومت وٽ ڪيتري سنجيدگي،ڏاهپ ۽ حڪمت عملي آهي؟ جيڪر حڪومت کي اهو گمان آهي ته سمورا معاملا طاقت جي استعمال سان حل ڪري سگھجن ٿا ته اها سندن خام خيالي آهي.اسٽيبلشمينٽ ۽ رياستي ادارن جو حڪومت سان تعاون ڪرڻ جو مقصد اهو هرگز ناهي ته اهي ماڻهن تي گوليون هلائڻ شروع ڪري ڏيندا.عمران خان کي گھربو هو ته ان معالي کي سنجيده وٺندي اڳ ۾ ئي سمورين سياسي ڌرين سان ڳالهائي ها پر سندس ضد ۽ تڪبر کيس ڪنهن به ڪم جو نه ڇڏيو آهي.هاڻي جڏهن معاملو گھڻو اڳتي نڪري چڪو آهي ۽ ڳالهين جو وقت به ٽري چڪو آهي ته حڪومت طرفان هڪ مذاڪراتي ڪميٽي جوڙي ويئي آهي جنهن جي ميمبرن مان نور الحق قادري اڳ ئي معذرت ڪري چڪو آهي جڏهن ته باقي ميمبرن پرويز خٽڪ ۽ اعظم سواتيء سان مولانا ڳالهائڻ لاء هرگز تيار نه ٿيندو.هئڻ ته اهو گھربو هو جو ان ڪميٽيء ۾ چوڌري شجاعت،جهانگير ترين ۽ شاهه محمود قريشيء جهڙا تجربيڪار سياستدان شامل ڪجن ها پر لڳي ٿو ته اها ڪميٽي جوڙي حڪومت رڳو پنهنجي مٿان ڄڻ ميار لاٿي هجي.هاڻي پهريون سوال  سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا واقعي مولانا آزادي مارچ ۽ ڌرڻي واري معاملي ۾ سنجيده آهي يا حڪومت اڃا تائين ان کي ڪا پريشر ٽيڪٽس سمجھي رهي آهي؟ ان جو جواب اهو ته ڌرڻو لڳي رهيو آهي ۽ وڏي پيماني تي لڳي رهيو آهي جنهن ۾ مولانا جي جماعت سان گڏ مخالف ڌر جون ٻيون سموريون پارٽيون شامل ٿي رهيون آهن،ٻيو سوال اهو ته ڇا حڪومت ۾ ان ڌرڻي کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت موجود آهي؟ جواب اهو ته جيڪر وڌيڪ نه رڳو پنجاهه هزار ماڻهو ئي اسلام آباد پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ته حڪومت انهن سامهون بلڪل ئي بيوس بڻجي ويندي جو بهرحال ان ڌرڻي ۾ مذهب ڪارڊ ضرور استعمال ٿيندو ۽ جڏهن ڪنهن به تحريڪ ۾ مذهبي جذبا ملوث هجن ته انهيء کي روڪڻ اٽڪل ناممڪن هوندو آهي جو خدنخواسته ماڻهن جون جانيون ضايع ٿيڻ جو خطرو هوندو آهي.حڪومت جي ٿوري به غفلت ۽ لاپرواهي يا ڪنهن ٽين ڌر جي ڪا سازش ڪنهن اهڙي اڻ وڻندڙ واقعي کي جنم ڏيئي سگھي ٿي جنهن سان پوري ملڪ ۾ امن امان جو سنگين مسئلو پيدا ٿي سگھي ٿو.انهيء ڪري جتي حڪومت جي اها ذميداري اهي ته اها نهايت دانشمندي،ڏاهپ،تحمل،بردباري ۽ حڪمت عمليء سان سموري  معاملي کي مينيج ڪرڻ جي ڪوشس ڪري اتي حڪومت مخالف سياسي ڌرين جو به فرض آهي ته اهي حالتن کي ان بند گھٽيء طرف نه وٺي وڃن  جتان واپسيء جو ڪو رستو نظر نه اچي!
(روزاني هلال پاڪستان 13 آڪٽوبر 2019ع)

Monday, October 14, 2019

ماضيء جو آئينو؛ سوات جي خوبصورت واديء جو تاريخي جائزو.




شفيق الرحمان شاڪر
سوات جي وادي پنهنجي فطري سونهن سبب بيشڪ پاڪستان جو هڪ خوبصورت ترين علائقو آهي.ان جا قدرتي نظارا،شفاف نديون،جادوئي ڍنڍون،بلند جھرڻا،شور ڪندڙ درياء ۽ رونق ڀريا ميداني علائقا هر شخص جو من موهي وٺن ٿا.سوات جي تاريخ تي جيڪر نظر وڌي وڃي ته ان زميني خطي جو ذڪر قديم ترين ڪتابن ۾ به اچي ٿو جن ۾ ان کي ”اديانا“ جي نالي سان سڏيو ويو آهي جيڪو سنسڪرت جو لفظ آهي جنهنجي معنيٰ آهي ”باغ“.انهيءمان ظاهر آهي ته هي علائقو پراڻي وقت کان ئي پنهنجي سونهن ۽ زرخيزيء جي لحاظ کان نرالو رهيو آهي.ان جي ان حسن ئي ٻاهرين حملا آورن کي سندس طرف منهن ڪرڻ تي اڀاريو۽ سندس اها سونهن ئي هن لاء مصيبت بڻي رهي.ڪڏهن کيس ايرانين ته ڪڏهن يونانين لتاڙيو.ٻڌ جي پيروڪارن کي به هي علائقو گھڻو پسند رهيو.سڪندر اعظم جي دور ۾ يوناني مورخن هن علائقي کي ”سواستو“ سڏيو هو جيڪو لفظ بعد ۾ ”سوات“ بڻجي ويو.تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ وادي سوات ۾ ڪنهن منظم حڪومت جي قيام جي ڄاڻ نٿي ملي البت ٻڌمت جي دور ۾ ڪنهن حڪومت جي جوڙجڪ جو ڌنڌلو عڪس نظر اچي ٿو جنهن دوران علائقي ۾ سڙڪن جو بنياد وڌو ويو،نيون نيون آباديون عمل ۾ آيون ۽ هڪ ڀرپور تهذيبي،سماجي ۽ مذهبي زندگيء جي شروعات ٿي.ان کان پوء ٿوري عرصي لاء هن سرزمين تي هندو شاهيا به ان وقت پنهنجو جھنڊو بلند ڪيو جڏهن يوسفزئي قبيلو هاڻوڪن علائقن کان پري افغانستان ۾ آباد هو.تنهن هوندي هندو شاهيا جوڏيئو هتي گھڻو وقت روشن نه رهي سگھيو ۽ سلطان محمود غزنويء جي فوجن هٿان انهيء جو خاتمو ٿيو.سوات جي سرزمين اهڙن ئي واقعن سان منهن ڏيندي رهي.وقت گذرندو ويو.مغلن،درانين،سکن ۽ انگريزن هڪ هڪ ٿي پنهنجي طاقت آزمائي ڏٺي پر انهن مان ڪوبه حملا آور هن علائقي تي پنهنجي حڪومت قائم نه ڪري سگھيو.نيٺ 1850ع ۾ سيد اڪبر شاه باقائدي هڪ شرعي حڪومت قائم ڪري ورتي پر سندس وفات بعد سوات وري قبائلي دور ۾ هليو ويوايستائين جو 1914ع ۾ سيد عبد الجبار شاه کي سوات جي واڳ حوالي ڪئي ويئي پر قادياني مسلڪ سان تعلق هئڻ سبب کيس معزول ڪيو ويو ۽ 1917ع ۾حضرت عبدالغفور اخوند صاحب سوات جي اولاد مان ميان عبدالودود هڪ مضبوط حڪومت جو بنياد وڌو جنهن اڳتي هلي هڪ فلاحي رياست جي شڪل اختيار ڪئي.326 قبل مسيح ۾ جڏهن سڪندر اعظم افغانستان پار کان هندستان تي حملو ڪرڻ ويو ته ان وقت سوات،دير،بونير،جندول ۽ باجوڙ جا رهاڪو ٻڌ مذهب جا پيروڪار هئا.ڪنڙ جي واديء مان نڪري سڪندر باجوڙ جي علائقي ۾ داخل ٿيو.
محققن مطابق باجوڙ يا سوات ويجھو ڪا آبادي هئي جتي سخت جنگ وڙهي ويئي ۽ اها شايد پاڪستان جي سرزمين تي سڪندر اعظم جي پهرين باقائدي جنگ هئي.نون مهينن جي جنگ بعد اتان جي رهاڪن کي شڪست ٿي جنهن بعد سڪندر اعظم کي سوات جي هڪ ٻي مضبوط طاقت ”اسڪانين“ سان مقابلو ڪرڻو پيو پر اسڪانين کي به شڪست ڏيڻ بعد سڪندر ”مساگا“ طرف وڌيو.تاريخدانن موجوده ”منگلور“ کي مساگا قرار ڏنو آهي جيڪو سوات جو هڪ مشهور ڳوٺ آهي. هتان ڪيترائي قديم آثار مليا آهن جن ۾ سڪندر جي دور جا سڪا به شامل آهن. سڪندر اعظم جي حملي بعد 304 قبل مسيح ۾ جڏهن سندس مشهور جرنيل”سلوڪيس“ ٻيهر هندستان تي حملو ڪيو ته هن سنڌو درياء جي هن پار فتح ڪيل علائقي جن ۾ سوات،بونير وغيره جا علائقا به شامل هئا،هندستان جي راجا ”چندر گپتا“ جي حوالي ڪري ڇڏيا.چندر گپتا انهن علائقن جي رهاڪن کي پوري مذهبي آزادي ڏني ۽ انهن تان اجايون پابنديون ختم ڪري ڇڏيون.چندر گپت موريا ٻڌمت قبول ڪري ورتو هو،هن ٻڌمت جي پرچار ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو پر سندس گھڻو ڌيان هندستان جي ٻين علائقن تي رهيو جنهن ڪري گنڌارا     ( سوات،بونير،مردان،چارسده ۽ ٽيڪسيلا وغيره) ۾ ٻڌمت جي ڪنهن غير معمولي سرگرميء جي ڄاڻ نٿي ملي.گنڌارا ۾ چندر گپت جي پوٽي ”اشوڪ“ جي دور ۾ٻڌمت کي ترقي ملي پر اشوڪ جي وڃڻ بعد ٻڌمت جو زوال شروع ٿي ويو.وري هندومت مٿو مٿي کنيو. سوات پراڻي دور ۾ ان وقت ترقي ڪئي جڏهن هتي ٻڌمت کي عروج حاصل هو.چيني سياح ”هيون سانگ“ ان وقت هن علائقي جي ايراضي اٽڪل 833 ميل ظاهر ڪئي آهي .ٻڌمت جا جيترا قديم نشان سوات ۾ مليا آهن ايترا پاڪستان جي ڪنهن ٻئي حصي ۾ ناهن مليا.سوات ۾ ٻڌمت جا مشهور آثار بٽ ڪڙو،نجي گرام،اوڊي گرام،بري ڪوٽ ۽ جهان آباد وغيره جي هنڌن تي مليا آهن. يارهين صديء جي شروع م جڏهن سلطان محمود غزنويء افغانين جي لشڪر جي مدد سان هندستان تي حملا شروع ڪيا ته افغاني لشڪر جي سردار پير خوشحال سوات جي غير مسلم بادشاه “گيرا“ کي زبردست شڪست ڏني ۽ سوات ۾ اسلام جي روشني پکيڙي.ان جنگ ۾ پير خوشحال پاڻ به شهيد ٿيو هو جنهنجي مزار سوات جي مشهور تاريخي ڳوٺ اوڊي گرام ۾ آهي.
سوات جا قديم رهاڪو جيڪي سواتي پٺاڻ سڏائيندا هئا سوات مان لڏي ضلع هزارا ۾ آباد ٿيا هئا جيڪي اڄ به اتي آباد آهن تن جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته اهي محمود غزنويء جي دور حڪومت ۾ اتي آباد ٿيا هئا.1516ع ۾ مغل بادشاه بابر جڏهن افغانستان کان هندستان تي حملو ڪرڻ وڃي رهيو هو ته رستي ۾ ڪيئي قبيلا سندس مزاحمت ۾ آيا جڏهن هو خيبر پهتو ته سندس اندازن جي ابتڙ کيس اهڙن ماڻهن سان واسطو پيو جيڪي بهادري ۾ پنهنجي سرزمين تان سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ لاء تيار هئا پر بابر به آڻ مڃڻ وارو نه هو.هن وقتي طور تي هندستان تي حملي جو ارادو ترڪ ڪيو ۽ پهريائين قبائلين سان ٻه هٿ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.ان سلسلي ۾ هن جي پهرين نظر يوسفزئين تي پيئي پر هو يوسفزئين کي مڪمل طرح ختم ڪري نه سگھيو.جنهن کان پوء يوسفزئين جي سردار شاه منصور جي ڌيء ”بيبي مبارڪه“ سان شاديء کان پوء يوسفزئين ۽ بابر جي وچ ۾ مفاهمت ٿي ويئي ۽ يوسفزئي قبيلي جا ڪيترائي جنگجو بابر جي فوج ۾ شامل ٿي ويا.اهڙيء طرح بابر هتان ٿيندو هندستان فتح ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو.بابر جي مرڻ بعد همايون سوات کي تلوار جي زور تي فتح ڪرڻ گھريو پر هو ڪامياب نه ٿي سگھيو.
شاه منصور جي وفات بعد بايزيد انصاري پير روشن وزيرستان،تيراه،پشاور،دير،بونير ۽ سوات ۾ مذهبي رنگ ۾ اقتدار حاصل ڪيو،هن پنهنجي مريدن جو باقائدي لشڪر جوڙيو.هندستان جي مغل بادشاه اڪبر جڏهن دين الاهيء جي نالي سان نئون مذهب جوڙيو ته بايزيد انصاريء اڪبر خلاف مهم شروع ڪئي.1585ع ۾ جڏهن اڪبر اعظم جي فوج مان سنگهه جي اڳواڻيء ۾ ڪابل وڃي رهي هئي ته ان وقت سنڌو درياء ۽ ڪابل جي وچ وارن علائقن جا قبائلي اڪبر جي سخت خلاف ٿي ويا.جڏهن شاهي لشڪر پشاور پهتو ته يوسفزئي ۽ منڊر قبيلن ڪابل جي اترئين طرف کان جڏهن ته بايزيد روشن سنڌو درياء جي الهندي طرف کان شاهي لشڪر تي حملو ڪيو،ان حملي م شاهي لشڪر جي اٺن هزار ماڻهن مان ڪجهه قتل ٿيا،ڪجهه زخمي ٿيا ۽ قبائلي انهن جو مال ۽ سامان کسي هليا ويا.1585ع جي آخر ۾ جڏهن پير روشن تيراه هليو ويو ته اڪبر جي صوبيدار محسن خان ڪابل کان پير روشن تي فوج ڪشي ڪئي.پير روشن فوج جو مقابلو ڪيو پر لڙائيء دوران هو بيمار ٿي پيو۽ بيماريء جي حالت ۾ تيراه مان ڀڄي بونير هليو ويو جتي سندس وفات ٿي.پير روشن بعد ان جو پٽ جلاله پنهنجي پيء جو جانشين بڻيو ۽ مغلن خلاف جنگ جاري رکيائين.1586ع ۾ اڪبر زين خان ۽ بيربل جي اڳواڻيء ۾ هڪ وڏي فوج يوسفزئين کي قابوء ۾ آڻڻ لاء موڪلي.اڪبر جي لشڪر بونير تي حملو ڪيو.ان حملي م شاهي فوج کي سوات ۽ بونير جي يوسفزئي قبيلن ۽ جلاله زبردست شڪست ڏني.اڪبر جو درباري بيربل ڀڄندي ماريو ويو ۽ ان کان سواء اٺ هزار سپاهي قتل ٿيا.اورنگزيب جي دور کان 1748ع تائين بونير ، سوات  ۽ باجوڙ پوريء طرح آزاد رهيا.1749ع ۾ جڏهن افغانستان جو بادشاه احمد شاه دراني هندستان م مغل سلطنت کي مرهٽن کان بچائڻ لاء دهليء وڃي رهيو هو ته سوات ۽ بونير وغيره جي قبيلن پنهنجي مرضيء سان احمد شاه درانيء جي بيعت ڪئي ۽ هن سان جنگ ۾ شامل ٿي ويا.1823ع ۾ جڏهن سردار عظيم خان گورنر ڪشمير سکن تي حملو ڪيو ته يوسفزئي قبيلن جي لشڪر درانيء سان گڏجي ان جو ساٿ ڏنو.ان جنگ بعد امير دوست محمد خان جي ڀائرن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي جنهن سبب ڪشمير ۽ پشاور تي سک قبضو ڪري ويا.يوسفزئي قبيلا ڪابل جي سردارن سان بدظن ٿي خودمختيار بڻجي ويا ۽ سکن خلاف جدوجهد شروع ڪري ڇڏي.درانين جي وڃڻ بعد پشاور ۾ سيد احمد شهيد اقتدار ۾ آيو جنهن سکن خلاف جنگ جو اعلان ڪيو.يوسفزئي قبيلن جو لشڪر به احمد شهيد سان شامل ٿي ويو پر بد قسمتيء سان احمد بريلويء سان مذهبي اختلافن سبب سوات جا قبيلا سيد احمد شهيد کان جدا ٿي ويا.سيد احمد بريلويء جي شهادت بعد سوات ۽ بونير ۾ اخون صاحب ( سيدو بابا) جو تسلط قائم ٿيو.1839ع ۾ جڏهن مهاراجا رنجيت سنگهه مري ويو ته ترت ئي سکن جو زوال اچڻ شروع ٿيو ۽ انهن ۾ ايتري طاقت نه رهي هئي جو اهي سوات تي حملو ڪري سگھن.1849ع ۾ جڏهن سک شاهي ختم ٿي ۽ انگريزن قبضو ڪري ورتو ته سوات جي اتمان خيل قوم انگريزن تي حملو ڪري ڏنو پر اهو حملو ناڪام ويو.سوات صدين کان قبائلي دور مان گذري رهيو هو ته 1850ع ۾ اخون صاحب سوات (سيدو بابا) سوات ۽ بونير جي رهاڪن جي صلاح سان سٿاني جي رئيس سيد اڪبر شاه کي سوات جو بادشاه چونڊيو.جديد سوات جي پهرين شرعي حڪومت جي گاديء جو هنڌ ”موضع غاليگي“ بڻيو.اسلامي شريعت جي نالي سان حڪومت ڪم شروع ڪيو.ان دوران هندستان جي جنگ آزادي 1857ع شروع ٿي.ان وقت جڏهن ان جنگ جون خبرون سرحد جي سرزمين ۾ پهچڻ لڳيون هيون،11 مئي 1857ع تي سيد اڪبر شاه گذاري ويو. سندس وفات بعد پهرين حڪومت جو به خاتمو ٿي ويو.انگريزن کي ان حڪومت مان خطرو محسوس ٿي رهيو هو جنهنجواندازو سر هربرٽ ايڊورڊ جي هنن لفظن مان لڳائي سگھجي ٿو.هو لکي ٿو ؛ جيڪر سوات ۾ شرعي حڪومت ۽ جنگجو قبيلن جو سربراهه سيد اڪبر شاه زندهه هجي ها 1857ع واري جنگ جو نقشو ڪجهه ٻيو هجي ها.“
(روزاني هلال پاڪستان)

Thursday, October 10, 2019

بيان،مونجھارا ۽ لڏندڙ نظام!



شفيق الرحمان شاڪر
تازو ڪجهه اهڙا بيان نظر مان گذريا آهن جن جو منهن پير سمجهه ڻ نٿو اچي.مثال عوامي مسلم ليگ جي اڳواڻ ۽ پي ٽي آئي جي اتحادي شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته ”مولوين سان ڊيل ٿي چڪي آهي.“ مولوين مان مراد ته پڪ سان مولانا فضل الرحمان ئي آهي جيڪو پنهنجا سمورا سياسي هٿيار سڌا ڪري 27 آڪٽوبر تي عمران حڪومت جي خلاف ميدان ۾ لهي رهيو آهي.هاڻي سمجھه ۾ اهو نٿو اچي ته جيڪر مولانا سان ڊيل ٿي چڪي آهي ته اها ڊيل ڪنهن ڪئي آهي،عمران خان ته مولانا جو نالو ٻڌڻ لاء به تيار ناهي . پوء ظاهر آهي ته شيخ رشيد جو اشارو انهن طاقتور غير سياسي ڌرين طرف ئي ٿي سگھي ٿو جيڪي هر سياسي ڌرڻي پويان پنهنجو ”خاص“ ڪردار ادا ڪنديون رهيون آهن.پوري مخالف ڌر هن وقت تائين ان ڳالهه تي متفق آهي ته جيڪر عمران خان کي مائينس ڪري ڪو ٻيو وزير اعظم سندس ئي پارٽيء مان آندو وڃي ته اهي حڪومت سان تعاون ڪندا.اهو فارمولا جيڪو ڪيتري عرصي کان غور هيٺ هو سو اڃا تائين اتي ئي موجود آهي ۽ انهيء تي اڄ به سنجيدگيء سان غور ڪيو پيو وڃي.ان جو مطلب اهو ٿيو ته مولانا فضل الرحمان کي به ان نڪتي تي رضامند ڪيو پيو وڃي يا شيخ رشيد جي اشاري موجب کيس راضي ڪيو ويو آهي.ان کان سواء شيخ رشيد جي ان بيان جو ٻيو ڪهڙو مطلب ورتو وڃي،سمجهه کان ٻاهر آهي.ٻئي طرف پي ٽي آئي حڪومت جي گھرو وفاقي وزير اعجاز شاه بيان ڏنو آهي ته” قومي اسيمبليء جي ٻن ميمبرن ۽ ٻن سينيٽرن نواز شريف کي جيل تائين پهچايو.سندس چوڻ مطابق جيڪڏهن نواز شريف انهن ميمبرن ۽ سينيٽرن جي ڳالهين تي نه هلي ها ته هو چوٿون دفعو به وزير اعظم بڻجي وڃي ها. “ ان بيان جو ڪهڙو مطلب وٺجي،اهو ته نواز شريف خلاف ڪرپشن جا سمورا ڪيس سڀ دوکو آهن، اصل مسئلو اهو آهي جو نواز شريف اصل واڳ ڌڻين جون ڪجهه ڳالهيون نه مڃيون جنهن ڪري کيس نه رڳو وزارت عظميٰ کان محروم ٿيڻو پيو پر کيس جيل به ڀوڳڻو پيو.جيڪر گھرو وزير جي اها ڳالهه درست تسليم ڪجي ته پوء چئبو ته ڪرپشن ڪيسن ۽ سمورين عدالتي ڪاروائين جي باري ۾ ميان نواز شريف جو موقف بلڪل درست آهي ته کيس مزاحمت ڪرڻ جي سزا ڏني پيئي وڃي. هوڏانهن نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جو هڪ نئون تازو بيان آيو آهي ته جيڪر نيب کي سمورا اختيار استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ته هو ڪجهه ئي ڏينهن اندر ٻاهرين ملڪن ۾ گڏ ڪيل ڪرپشن وارو پئسو واپس پاڪستان آڻي سگھي ٿو.اهو بيان به ڏاڍو عجيب آهي.نيب چيئرمين کي اهو به ٻڌائڻ گھرجي ته اها ڪهڙي طاقت آهي جيڪا سندس اختيارن کي ڪنٽرول ڪري رهي آهي يا کيس سندس قانوني ۽ آئيني اختيار استعمال ڪرڻ کان روڪي رهي آهي؟اهو به ٻڌائڻ گھرجي ته ٻاهرين ملڪن ۾ ڪيترو ڪرپشن وارو پئسو موجود آهي،ڪنهنجو آهي ۽ ڪٿي ڪٿي آهي؟ ڇو ته پي ٽي آئي جي اڳوڻي وزير خزانه اسد عمر جي چوڻ مطابق اهڙو پئسو ته ٻاهر موجود ئي ناهي.سمجهه ۾ نٿو اچي ته اهڙا عجيب ۽ غريب بيان ڏيئي اهي صاحب عوام کي منجھائڻ گھرن ٿا،عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ گھرن ٿا يا پنهنجي دانشمندي ۽ ڏاهپ دنيا جي سامهون ظاهر ڪرڻ گھرن ٿا. ناڻي واري وفاقي سيڪريٽري  يونس ڌاگا جي ٽن سالن جي رهيل نوڪري پوري ڪرڻ بدران رٽائر ٿيڻ،ڊاڪٽر مليحا لوڌيء کي سندس عهدي کان الڳ ڪرڻ ۽ ايماندار ڊي جي ايف آئي بشير ميمڻ کي زوريء ڊگھي موڪل تي  گھر موڪلڻ وارن معاملن حڪومت جي برداشت،سهپ، انصاف پسندي ۽ ميرٽ جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي. هڪ اهڙي حڪومت جنهن جي پنهنجي چوڻ مطابق اسٽيبلشمينٽ کان ويندي فوجي قيادت ساڻن هڪ ئي پيج تي بيٺل آهي ۽ ملڪي ادارا به ساڻن هر قسم جو تعاون ڪري رهيا آهن،ان جي باوجود جيڪر ڏينهون ڏينهن معيشت جي صورتحال خراب ۽ گورنس جو مسئلو سنگين کان سنگين بڻجندو ٿو وڃي ته پوء ان کان سواء ٻيو ڇا ٿو چئي سگھجي ته حڪومت ڪندڙن ۾ حڪومت هلائڻ لاء ذري جو به ڏانء ۽ ٽڪي جي به صلاحيت موجود ئي ڪانهي.پنهنجي ان نااهليء کي لڪائڻ ۽ پشيمانيء کان بچڻ لاء هاڻي حڪومت ڪريل هٿڪنڊن تي به لهندي نظر اچي رهي آهي.ان ئي سلسلي ۾ ميڊيا تي پابنديون لڳائڻ جي ڳالهه ڪئي پيئي وڃي.اندروني طور تي پي ٽي آئي حڪومت جنهن گروپ بندي،افراتفري ۽ ڀڃ ڊاهه جو شڪار آهي ان جا شاهڪار اسان کي روزانو ڏسڻ لاء ملن ٿا.ستم ته اهو جو عمران خان اڄ تائين پنهنجو هڪڙو وعدو به پورو نه ڪري سگھيو آهي.مهنگائيء جي جن کي قابو ڪرڻ ۾ حڪومت جنهن حد تائين ناڪام ٿي آهي ان گذريل سمورين حڪومتن جي نااهلين جا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن.چيو ته اهو پيو وڃي ته حڪومت کي مولانا جي ڌرڻي مان ڪو خطرو ناهي پر سچ اهو آهي ته حڪومت ان معاملي ۾ گھڻي ڊنل نظر اچي ٿي.اهو ئي سبب آهي جو ان ڌرڻي کي منهن ڏيڻ لاء هاڻي کان ئي منصوبه بندي ڪئي پيئي وڃي.اهو به معلوم ٿيو آهي ته سندن لڳايل ماضيء جي ڌرڻن کي ميڊيا تي ڪوريج ڏيڻ تي ميڊيا جو شڪريو ادا ڪندڙ  حڪمران هاڻي مولانا جي ڌرڻي جو مڪمل بليڪ آئوٽ ڪرڻ لاء ميڊيا کي پابند بنائڻ جو فيصلو ڪري رهيا آهن.ڪارڪنن جون گرفتاريون به غور هيٺ آهن ۽ رياستي طاقت جي استعمال  جا به مشورا ڏنا پيا وڃن.جيڪر اوهان جي ڪارڪردگي بهتر آهي ۽ عوام اوهان مان خوش آهي ته پوء ڪنهن مخالف ڌرڻي کان ايترو ڊڄڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ جمهوريت ۾ هر ڪنهنجو اهو بنيادي حق آهي.جيستائين ڪو امن ۽ امان جو مسئلو پيدا نٿو ڪري اوهين ان کي ان حق کان ڪيئن ٿا محروم ڪري سگھو؟پر هن ملڪ ۾ ڪو جڏهن حڪومت کان ٻاهر هوندو آهي ته کيس اهي آئيني ۽ قانوني حق بر زبان ياد هوندا آهن پر جڏهن اها ڌر پاڻ حڪومت ۾ ايندي آهي ته کيس هر طرف سماج دشمن،غدار ۽ دهشتگرد ئي نظر ايندا آهن. مخالف ڌر هجي يا حڪومت اهي سڀ جا سڀ بريء طرح ناڪام ٿي چڪا آهن ۽ عوام انهن مان گھڻو مايوس ٿي چڪو آهي.اهي هاڻي ڇا به ڪن پر هي فرسوده ۽ مدي خارج بد معاشيا وارو نظام آخري هڏڪيون کائي رهيو آهي،سياسي سڪرات جي حالت آهي.اهي سڀ ان نظام کي بچائڻ لاء ننهن چوٽيء جو زور لڳائي رهيا آهن پر لڳي ٿو ته  اهو نظام وڏي ڌماڪي سان ڪرڻ جو وقت ويجھو ايندو ٿو وڃي.جڏهن نظام جي ڪرڻ جي ڳالهه ڪجي ٿي ته ان مان مراد رڳو حڪومت ناهي بلڪه سسٽم جو اهو پورو ڍانچو آهي جيڪو ٻاهتر سال گذرڻ باوجود به عوام کي بکن،بيماري،بد حالي ۽ جهالت جي ڌٻڻ مان ٻاهر نه ڪڍي سگھيو آهي ۽  ان نظام جو ايندڙ هر لمحو انهن دردن،ڏکن،آزارن،ايذائن ۽ اذيتن ۾ لاڳيتو واڌارو ڪندو ٿو وڃي.اهو نظام ضرور ڪرندو جنهنجو آواز پري پري تائين ٻڌڻ ۾ ايندو. ڪو بچائي سگھي ٿو ته ان نظام کي بچائي ڏيکاري!
(روزاني هلاڪ پاڪستان)

”صادقن“ ۽ ”امينن“ هٿان مصيبت ۾ ورتل عوام!



شفيق الرحمان شاڪر
اسان جي ملڪ ۾ سياسي اشرافيا مان هرهڪ ”صادق“ ۽ ”امين“ هئڻ جو دعويدار آهي انهن مان جيڪڏهن ڪنهن جي خلاف اهو آواز بلند ٿئي ته هو صادق ۽ امين نه رهيو آهي ايستائين جو ملڪ جون اعليٰ عدالتون به ڀلي انهن جي خلاف ڪو اهڙو فيصلو ڏيئي ڇڏين پر هو آخر تائين ”صادق“ ۽ ”امين“ ئي رهي ٿو.هن ملڪ ۾ اها ناانصافي رڳو عوام سان ئي آهي جيڪي نه رڳو ملڪي قانونن جو احترام ڪن ٿا بلڪه پابنديء سان ٽيڪس ۽ يوٽيلٽي بل به ڏين ٿا،پوء انهيء حق حلال جي ڪمائيء مان ڏوڪڙ بچائي حج به ڪن ٿا،ٻارن کي سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم ڏيارين ٿا ۽ سرڪاري اسپتالن مان علاج ڪرائين ٿا.شناختي ڪارڊ،پاسپورٽ،لائسنس،پگھار ۽ پينشن وغيره لاء اس،گرمي توڙي سرديء ۾ ڊگھيون ڊگھيون قطارون ٺاهي بيهن ٿا.ستم ظريفي اها جو اهو ئي عوام ٽيڪس ۽ يوٽيلٽي بل جمع ڪرائڻ لاء پڻ وڏين وڏين قطارن ۾ بيٺل نظر ايندو جتي انهن کي هر قسم جي اذيت ۽ تضحيڪ جو نشانو بنايو وڃي ٿو.ڪنهن حادثي يا قدرتي آفت اچڻ جي صورت ۾ اهو ئي عوام سڀني کان اڳ پنهنجن هم وطنن جي مدد لاء ڊوڙي ٿو ايستائين جو پنهنجي رڳن مان رت ڪڍي ٻين جي جان بچائڻ لاء انهن جي نسن ۾ منتقل ڪري ٿو.جڏهن به صادق ۽ امين لفظ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته ذهن ۾ اسان جو سياسي نظام اچي ٿو ڇوته ان لفظ جو پڙاڏو حڪومتي ايوانن ۾ ئي گھڻو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ۽ ايئن محسوس ٿيندو آهي ته صادق ۽ امين جيڪر ڪٿي موجود آهن ته اهي رڳو سياسي برادريء ۾ آهن يا وري سرڪاري برادريء ۾.رهي عوامي برادري ته عوام ڪهڙي باغ جي موري آهي ۽ ان جي حيثيت ۽ اوقات ئي ڇا آهي جو ان برادريء ۾ به ڪو ماء جو لال صادق ۽ امين هجي! هيء ته اها برادري آهي جيڪا صادق ۽ امين هئڻ جي مهر هڪ پرچيء تي لڳائي صادق ۽ امين اميدوار جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏي ٿي ۽ هر پنجن سالن بعد ان عمل کي رنيو به ڪري ٿي.هونئن صادق ۽ امين شخص کي ڪيئن پرکيو وڃي،مطلب ته اهڙي ڪهڙي ڪسوٽي آهي جنهن سان اسان کي معلوم ٿئي ته فلاڻو شخص صادق ۽ امين آهي.پوري دنيا ۾ ان کي ماپڻ جو هڪڙو ئي ماپو آهي ته اهو شخص ايماندار هجي، حق حلال جي روزي ڪمائيندو هجي،باقائدي ٽيڪس ادا ڪندو هجي،ملڪي قانونن جي پابندي ڪندو هجي،سندس ماضي بي داغ هجي،محب وطن هجي،پنهنجا يوٽيلٽي بل پابنديء سان ادا ڪندو هجي وغيره وغيره.سموري دنيا ۾ اهڙن شهرين کي ڪيتريون ئي اضافي سهوليتون مهيا ڪيون وڃن ٿيون ۽ انهن کي معزز سمجھيو وڃي ٿو،حڪومتي سطح تي اهڙا ماڻهو قابل عزت ۽ احترام هوندا آهن پر ڪڏهن به انهن ۾ ڪنهن به قسم جو تفاوت نٿو رکيو وڃي توڙي اهي عوامي برادريء مان هجن يا اشرافيا جي طبقي مان.پر اسان وٽ قصو ان جي ابتڙ آهي،هتي سڀ کان وڏي تذليل انهن جي ئي ٿئي ٿي جيڪي قانون پسند ۽ ايماندار شهري آهن.آخر اها نا انصافي رڳو عوام سان ئي ڇو جيڪي نه رڳو ملڪي قانون جو احترام ڪن ٿا پر باقائدي پنهنجا يوٽيلٽي بل ۽ ٽيڪس به ادا ڪن ٿا.انهن کي ئي آخر ڊگھين قطارن ۾ ڇو ٿو بيهڻو پوي؟وي آئي پي موومينٽ جي نالي تي سفر دوران انهيء ئي عوام کي روڊن رستن تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيهاري ڇڏيو وڃي ٿو.ڪيترائي مريض ان وي آئي پي موومينٽ دوران ايمبولنس کي رستو نه ملڻ سبب موت جو شڪار ٿي وڃن ٿا.انهن نام نهاد صادقن ۽ امينن هن پوري قوم جو آخر جيئڻ جنجال ڇو بنائي رکيو آهي؟اها ٽيڪس چور اشرافيا جڏهن گھرن مان نڪري ٿي ته عام روڊن ۽ رستن تي غير اعلانيل ڪرفيو لڳل هوندو آهي،عوام سان ٿيندڙ تضحيڪ ۽ ذلت جي اهڙي سلوڪ جو مثال دنيا جي ڪنهن به سڌريل ملڪ ۾ نٿو ملي.جيڪر انهن جي گاڏين سامهون ڪا عام گاڏي اچي وڃي ته اهڙا ته سائرن وڄڻ لڳن ٿا ڄڻ ته پوري ملڪ جا روڊ ۽ رستا انهن خريد ڪري رکيا هجن.ايئن لڳندو آهي ڄڻ هن ملڪ جي ڪنهن به شيء  تي عام ماڻهن جوڪجهه به حق ناهي.ڳالهه رڳو اتي ختم نٿي ٿئي پر هن ملڪ ۾ سوين اهڙيون شاهراهون به آهن جيڪي هونئن ته گھڻيون ويڪريون آهن پر انهن تي مختلف هنڌن تي ٽريفڪ جام نظر ايندو آهي،ان جو سبب اهو جو انهن شاهراهن جي هڪ ٻه ٽريڪس انهيء اشرافيا جي غير قانوني قبضي هيٺ آهن.جڏهن پڇيو وڃي ته هي ڪهڙو ويل آهي ته جواب اهو ملندو ته حفاظتي انتظامن سبب ايئن ڪيو ويو آهي.حڪومت اها دعويٰ ته ڪري ٿي ته ڪراچيء سميت پوري ملڪ ۾ ڪا به ”نو گو ايريا “ ناهي پر هنڌ هنڌ تي ان اشرافيا توڙي سرڪاري ڪامورا شاهيء جون پيدا ڪيل نو گو ايرياز اڄ به موجود آهن جتان عوام جو گذرڻ پنهنجي جان جوکي ۾ وجھڻ جي برابر آهي.ڪجهه عرصو اڳ اها خبر آئي هئي ته لنڊن ۾ هڪ اڳوڻي وزير اعظم جي گاڏي غلط جڳهه تي پارڪ ڪرڻ سبب سندس چالان ڪيو ويو پر هتي ان جو تصور به نٿو ڪري سگھجي ڇو ته اسان جي ملڪ ۾ ٻه قانون آهن،عام ماڻهن لاء هڪڙو ۽ طاقتور مافيائن لاء ٻيو.اهي ماڻهو نه روڊن تي لڳل سگنل جي ڳاڙهي بتيء جو خيال ڪندا آهن ۽ نه ئي نادرا،پاسپورٽ آفيس،بينڪن يا انڪم ٽيڪس آفيسن جي ٻاهران ڊگھين قطارن ۾ لڳندا آهن.قانون ته رڳو انهن جي پيرن جي زنجير بڻجي ٿو جيڪي پنهنجو ووٽ ڏيئي انهن صادقن ۽ امينن کي قانون جوڙڻ لاء مٿي موڪلين ٿا ۽ پنهنجي کيسي مان ٽيڪس ادا ڪري انهن کي ڳريون پگھارون ڏين ٿا.انهيء لاء تي اهي مٿي وڃي عوام جا مسئلا حل ڪن پر اهي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ بدران پاڻ عوام جي لاء وڏو مسئلو بڻجي وڃن ٿا!
هاڻي اهو تماشو گھڻي عرصي تائين هلي نه سگھندو،قانون جا اهي ٻه منهن ختم ڪرڻا پوندا جيڪر اسان کي دنيا جي برادريء ۾ هڪ مهذب ۽ سنجيده قوم جي حيثيت سان جيئڻو آهي.طاقت ۽ اختيار جي زور تي اهڙي داداگيري ۽ جهالت اسان جو سڀ ڪجهه وڃائي ڇڏيندي ۽ اسان کي جهالت واري دور جي ڪا مخلوق شمار ڪيو ويندو.
(روزاني هلال پاڪستان)

Sunday, October 6, 2019

چين ؛ ستر سالا ترقيء جي شاهراه تي...!



شفيق الرحمان شاڪر
پهرين آڪٽوبر 1949ع تي آزادي حاصل ڪندڙ ملڪ چين وڏي فخر  سان پنهنجو ستر ساله جشن آزادي ملهايو.اڄ کان ستر سال اڳ هڪ ڊگھي گھرو ويڙهه بعد جڏهن چين آزادي حاصل ڪئي هئي ته چين جي عظيم اڳواڻ چيئرمين مائوزي تنگ دارالحڪومت بيجنگ جي مرڪز ۾ قائم ”ٿيان من“ جي مرڪزي دروازي جي چبوتري تي بيهي عوامي جمهوريه چين جي قيام جو اعلان ڪيو هو.ان اعلان بعد پاڪستان دنيا جو پهريون ملڪ هو جنهن چين جي آزاد حيثيت کي تسليم ڪيو هو.ان اهم موقعي کان ٻه سال پوء 21 مئي 1951ع تي چين ۽ پاڪستان وچ ۾ باقائدي سفارتي لاڳاپا قائم ٿيا.چين گڏيل قومن جي باني ملڪن ۾ شامل آهي ان سبب چين کي سلامتي ڪائونسل ۾ ويٽو جو حق به حاصل آهي.ٻن ڏهاڪن تائين اولهه جي چين دشمنيء سبب ان کي گڏيل قومن ۾ پنهنجي جائز حق کان محروم رهڻو پيو.25 آڪٽوبر 1971ع چين جي تاريخ ۾ هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو.ان ڏينهن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي وڏي اڪثريت سان عالمي اداري ۾ چين جون رعايتون بحال ڪري ڇڏيون.چين جي گڏيل قومن ۾ اها ڪاميابي دنيا جي ٻين ترقي پذير ملڪن لاء به غير معمولي اهميت رکندي هئي ڇو ته چين هر فورم تي ترقي پذير ملڪن جي حقن لاء آواز اٿاريندو رهيو آهي.رعايتن جي بحاليء بعد چين ننڍين ۽ ڪمزور قومن جي تحفظ لاء موثر ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي.گڏيل قومن ۾ سيٽ جي بحاليء بعد چين عالمي برادريء سان پنهنجن لاڳاپن کي وڌائڻ ۽ مضبوط ڪرڻ تي ڌيان ڏنو.1970ع جي ڏهاڪي پوري ٿيڻ تي چين 120 ملڪن سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪري ورتا هئا جن ۾ آمريڪا سان سفارتي ناتا قائم ڪرڻ کي به هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏيئي سگھجي ٿو.شنگھائي تعاون تنظيم،ڪوريا جي ايٽمي طاقت جي حوالي سان ڇهه ملڪي مذاڪرات،چين افريڪن تعاون تنظيم،بيجنگ سربراه اجلاس ايشيا يورپ ميٽنگ کان لنڊن ۾ جي ٽونٽي سربراه اجلاس تائين چين هر فورم تي پنهنجي فعال ڪردار سبب پنهنجي حيثيت مڃرائي آهي.هڪ اڀرندڙ معاشي قوت هئڻ جي حوالي سان چين عالمي معاملن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ قومن جي برادريء ۾ چين جي اهميت ۽ حيثيت ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي.چين دنيا جو ٽيون ملڪ آهي جنهن انسان بردار خلائي جهاز خلا ۾ موڪليا.ستر سال پهرين جڏهن چين آزاد ٿيو هو ته خلا کي فتح ڪرڻ سميت اهي ڪاميابيون خواب لڳي رهيو هيون جن کي اڄ چين پنهنجي محنت سان تعبير ڏيئي چڪو آهي.مستحڪم قيمتن جي حساب سان معلوم ٿيو آهي ته 2018ع ۾ چين جي جي ڊي پي ۾ 1952ع جي ڀيٽ ۾ 174 ڀيرا واڌارو ٿيو آهي.غربت ۽ ڪمزور معيشت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري چين دنيا جي ٻي وڏي معاشي قوت بڻجي چڪو آهي.ستر سالن ۾ چين جو کليل دروازو وڌيڪ ويڪرو ٿي ويو آهي.1950ع ۾ چين جو ٻاهريون واپار رڳوهڪ ارب تيرهن ڪروڙ امريڪي ڊالر هو پر 2018ع ۾ سامان جي گڏيل امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ جو حجم چار سو ڇائيتاليهه کرب امريڪي ڊالرن تي پهچي ويو.چانور وڪڻڻ کان تيز رفتار ريلون وڪڻڻ تائين، چين جي پرڏيهي واپار جي ماليت ۽ معيار ۾ زبردست واڌارو ٿيو آهي ۽ ملڪ ۾ غير ملڪي سرمائيڪاري جي ڪل ماليت ٻه سو ايڪويهه کرب امريڪي ڊالرن کان به وڌي ويئي آهي.1978ع ۾ دنيا جي معيشت ۾ چين جو تناسب 1.8 سيڪڙو هو جڏهن ته 2018ع ۾ اها شرح 16 سيڪڙو تي پهچي ويئي.2006ع کان پوء دنيا جي معاشي اوسر ۾ چين جو حصو پهرئين نمبر تي پهچي ويو آهي.ان لحاظ کان چين عالمي اقتصادي ترقيء جو سڀ کان وڏي انجڻ بڻجي چڪو آهي. اڄ چين دنيا جو سڀ کان وڏو صنعتي ملڪ،سڀ کان وڏو ڪارگو ٽريڊنگ ملڪ،سڀ کان وڏو زر مبادلا گڏ ڪندڙ ملڪ،۽ سڀني کان وڌيڪ غير ملڪي سرمائيڪاري حاصل ڪندڙ ٻيو نمبر ملڪ آهي.
گڏيل قومن جي جنرل ادسيمبلي جي صدر تيجاني محمد بانڊي چيو ته گذريل ستر سالن ۾ چين هڪ غريب ملڪ مان هڪ اهڙو ملڪ بڻجي چڪو آهي جيڪو عالمي حڪمراني ۽ خاص طور تي ترقي پذير ملڪن جي معاشي ترقي ۾ رهنما ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.اها انساني ترقيء لاء هڪ نهايت ئي وڏي خدمت آهي.
چينين جي زبردست معاشي ترقيء جو راز اهو آهي جو انهن سڀني ملڪن سان دوستاڻا ۽ امن پسنداڻا لاڳاپا قائم ڪري رکيا آهن.اهڙيء طرح اهي ڪنهن غير ضروري مسئلن ۾ الجھڻ بدران خاموشيء سان معاشي ترقيء جو سفر طيء ڪندا رهيا پر بارڪ اوباما جي اچڻ بعد امريڪي اسٽيبلشمينٽ کلي ڪري مختلف معاملن ۾ چينين سان منهن ماري ڪرڻ لڳي.خاص طور تي قدرتي وسيلن سان مالا مال خطو”بحيره ڏکڻ چين“ ٻنهي وڏين قوتن جي وچ ۾ تڪرار جو سبب بڻجي ويو.جڏهن آمريڪا طرفان ڌمڪين جو سلسلو شروع ٿيو ته اهو ئي وقت هو جڏهن چين فيصلو ڪيو ته هاڻي هن کي عسڪري طور تي به مظبوط ٿيڻو آهي.انهيء تناظر ۾ 2010ع کان پوء چيني حڪومت نت نوان هٿيار بنائڻ خاطر اربين ڊالر خرچ ڪرڻ لڳي.امريڪا چين جو سڀ کان وڏو واپاري ساٿي آهي پر امريڪي حڪمران طبقي جي چال بازين کان متنفر ٿي چين فيصلو ڪيو ته دنيا ۾ نيون منڊيون تلاش ڪيون وڃن ته جيئن چيني معيشت اڪيلي امريڪا تي نه ڀاڙي.اهو معاملو به چين جي نئين شاهراه ريشم منصوبي کي عملي شڪل ڏيڻ جو سبب بڻجي ويو. بيشڪ ان قوم کي ڀرپور انداز ۾ پنهنجي آزادي جو جشن ملهائڻ جو حق آهي جن جي ملڪ ستر سالا ڪاميابيء جو سفر شاندار نموني طيء ڪيو آهي ۽ هاڻي به ترقيء جي شاهراه تي پوري تيز رفتاريء سان جاري آهي ۽ ان جي رفتار مان چڱيء طرح اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته ايندڙ ڪجهه سالن ۾ چين دنيا جي سڀ کان وڏي معيشت بڻجي اڀرندو!


(روزانه عوامي آواز 4 آڪٽوبر 2019ع)

عمران خان جي تقرير ۽ ان جو رد عمل!



شفيق الرحمان شاڪر
پهرين تقرير جيڪا ”ٺا “ڪري پاڪستاني عوام جي دلين کي لڳي هئي سا 6 سيپٽيمبر تي پاڪستان جي فوجي صدر ايوب خان جي هئي.ان تقرير جو هڪڙو جملو جيڪو گھڻو مشهور ٿيو سو اهو ته ”دشمن کي خبر ناهي ته هن ڪهڙي قوم کي للڪاريو آهي؟“ اها تقرير پاڪستان ۽ ڀارت جي جنگ ۾ قوم جو مورال بلند ڪرڻ جو سبب بڻي.حڪمران جيڪر پنهنجي قوم جي جذبي کي نه وڌائين ته اڪيلي فوجي طاقت ڪنهن دشمن کي شڪست ڏيئي نٿي سگھي.ايوب خان بعد 1971ع ۾ جڏهن ڀارت پاڪستان جا ٻه ٽڪر ڪرڻ جي سازش ڪئي ته ڀٽي صاحب گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليء  ۾ تاريخي تقرير ڪئي هئي ۽ تقرير دوران جذبات وچان پنهنجي هٿن ۾ موجود ڪاغذ ڦاڙي اجلاس جو بائيڪاٽ ڪري ٻاهر هليو ويو هو.ڀٽي صاحب جي ان تقرير کي به عوام ۾ گھڻي مقبوليت حاصل ٿي.پاڪستان ۽ ڀارت لاڳاپن ۾ بعد ۾ پڻ لاها چاڙها ايندا رهيا پر صورتحال ايتري ڇڪتاڻ واري نه بڻي جهڙي اڄ ڪلهه آهي.نواز شريف جي دور ۾ ته مودي ۽ نواز شريف جا دوستاڻا لاڳاپا قائم رهيا. آگسٽ 2019ع ۾ ڀارت پنهنجي دستور جي شق 370 ختم ڪري ڪشميرين تي ظلم جي بازار گرم ڪري ڇڏي ۽ ڀارتي آئين موجب مليل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪري ڇڏي.هاڻي ڪوبه غير ڪشميري ڪشمير ۾ جائيداد خريد ڪري سگھي ٿو،اتي رهائش اختيار ڪري سگھي ٿو،سرڪاري ادارن ۾ نوڪري حاصل ڪري سگھي ٿو.موديء کي اوچتو ڪشمير ۾ ڀنڀٽ ڀڙڪائڻ جي سوچ آئي ۽ باهه ٻري ويئي.والاريل ڪشمير ۾ ڪرفيو لڳائي ڪشميرين تي ظلم ۽ ستم جا جبل ڪيرايا ويا،ڪشميري اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ پوري ڪشمير واديء کي قيدخاني  ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ويو.ان صورتحال کي پنجاهه کان مٿي ڏينهن ٿي چڪا آهن.پاڪستان ان صورتحال تي سمورا سفارتي ذريعا استعمال ڪندي ڀارت جي ڪڌي منصوبابنديء کي دنيا جي سامهون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ انهن ئي ڪوشش مان هڪ عمران خان جي جنرل اسيمبليء ۾ ڪيل زبردست تقرير آهي.دنيا ڏٺو ته هن پاڪستاني اڳواڻ ڪهڙي جوش،ولولي،شائستگي ۽ دليلن سان ڪشمير جو ڪيس دنيا جي سامهون پيش ڪيو.27 سيپٽيمبر تي ڪيل ان تقرير ۾ اسلام فوبيا،ماحول، دهشتگردي، مني لانڊرنگ،امريڪا افغانستان جنگ،نائين اليون،ڪشمير ۾ ڀارت جي ظلم ۽ آر ايس ايس جي هٽلر واري سوچ جو نهايت تفصيل،شائستگي،جرئت ۽ مهذب طريقي سان ذڪر ڪيو.گڏيل قومن ۾ ماضيء جي پاڪستاني حڪمرانن جي تقريرن سان جيڪر عمران خان جي تقرير جي ڀيٽ ڪجي ته سندس تقرير نهايت ئي منفرد،مدلل ۽ شاندار هئي.موضوعن جي اعتبار کان،لفظن جي چونڊ جي لحاظ کان،دليلن ۽ منطق جي حساب سان،باڊي لينگيوئيج ۽ ادائيگيء جي لحاظ کان ان تقرير کي نهايت ئي مناسب ۽ موزون تقرير چئبو.اختلاف جي گنجائش هر هنڌ ۽ هر شيء ۾ موجود رهي ٿي.عمران خان جي تقرير سان ڪشمير ۽ ڪشميرين کي ڪيترو فائدو ٿئي ٿو اهو ته وقت ٻڌائيندو پر بهرحال ان تقرير کي جنهن پيماني تي پذيرائي ملي آهي ان جنرل اسيمبليء ۾ تقريرون ڪندڙ ٻين عالمي اڳواڻڻ جو ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي.مثال؛ ڊونلڊ ٽرمپ جي تقرير يوٽيوب تي 28 هزار ڀيرا،چين جي سفير جي تقرير 49 هزار ڀيرا،موديء جي تقرير 49 هزار ڀيرا،مهاتير محمد جي تقرير 90 هزار ڀيرا،ترڪيء جي طيب اوردگان جي تقرير 2 لک 44 هزار ڀيرا جڏهن ته عمران خان جي تقرير 2 لک 49 هزار ڀيرا ٻڌي يا ڏٺي ويئي.پاڪستان جي هر قومي چينل عمران خان جي تقرير کي پنهنجي بحث جو موضوع بڻايو،عمران خان جا مخالف به ان تقرير جي تعريف ڪرڻ سواء رهي نه سگھيا سواء بلاول ڀٽو،مولانا فضل الرحمان،احسن اقبال، نفيسه شاهه ۽ ڪجهه ٻين سياسي اڳواڻن جي جن کي عمران خان جي تقرير ۾ ڪابه مثبت شيء نظر نه آئي.حقيقت جي نظر سان ڏٺو وڃي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن ڪنهن به سربراه مملڪت يا حڪومت يا ڪنهن ٻئي مسلمان اڳواڻ عالمي فورم تي ان خوبصورتيء سان مسلم دنيا ۽ خاص طور تي غريب ملڪن جا مسئلا ناهن رکيا جهڙيء طرح عمران خان پيش ڪيا.ڀارت ۾ ان تقرير جو ظاهر آهي ته جيڪو اثر هئڻ گھربو هو سو ٿيو پر گڏيل طور تي پوري دنيا خاص طور تي مسلمان ملڪن جي عوام ان تقرير کي نهايت عزت ۽ محبت جي نظر سان ڏٺو آهي.رهي ڳالهه آمريڪا جي ته امريڪي سربراه پاڻ چئي چڪو آهي ته اڳوڻن آمريڪي حڪمرانن پاڪستان سان سٺو سلوڪ ناهي ڪيو.ٽرمپ جي لاء اهو ڪهڙو ڏکيو ڪم آهي جو موديء کي فون ڪري ڪشمير ۾ حالتون درست ڪرڻ لاء چوي پر هن کي ڪرڻو ڪجهه ناهي رڳو ثالثي ثالثيء جي رٽ لڳايو ويٺو آهي.جيڪر غير ملڪي ميڊيا جي ڳالهه ڪجي ته ان عمران خان جي تقرير پرنٽ،اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا جو اهن موشضوع بڻيل رهي.هي هفتو عمران خان جي باري ۾ ٽويٽ ڪرڻ جو هفتو رهيو.وڏين وڏين اخبارن عمران خان جي بيان کي پنهنجن مکيه سرخين ۾ جڳهه ڏني.نيو يارڪ ٽائيمز،برطانوي اخبار گارجين،ٽائيم ميگزين ٽائيٽل تي عمران خان جي تصوير لڳائي.جرمن ٽي وي ڊبليو،وائيس آف آمريڪا،سي اين اين ۽ ٻي ميڊيا تي عمران خان جي تقرير کي ساراهيو ويو ۽ ان کي مثبت سڏيو ويو.عمران خان جي تقرير ۾ چار اهم نڪتا اسلام فوبيا،مني لاندرنگ،موسمياتي چيلينج ۽ والاريل ڪشمير شامل هئا.مني لانڊرنگ جو اصل ذميدار هن امير ملڪن کي قرار ڏيندي چيو ته اهي غريب ملڪن جي ماڻهن جو سمورو پئسو غير قانوني طريقي سان پنهنجن ملڪن ۾ منتاقل ڪري رهيا آهن.اسلام فوبيا جي حوالي سان عمران خان اهو پهريون اڳواڻ آهي جنهن کلي ڪري ڳالهايو آهي نه ته اڪثر مسلمان اڳواڻن جون ان موضوع تي ڳالهائيندي ٽنگون ڏڪن ٿيون.عمران خان جي تقرير جي اهم ڳالهه اها جو هن اسلام فوبيا ۽ ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلم تي عالمي بي حسيء تي دنيا کي خبردار ڪيو ته ان جي نتيجي ۾ دنيا ۾ انتها پسندي ۽ دهشتگرديء کي خطرناڪ حد تائين هٿي ملندي جنهن جي ذميدار عالمي برادري هوندي.هن نه رڳو ڪشمير جي هاڻوڪي ڳڻتيء جوڳي صورتحال سهڻي نموني دنيا جي سامهون واضح ڪئي پر موديء جو اصل دهشتگرد چهرو به دنيا جي سامهون آڻي ڇڏيو آهي.هاڻي گڏيل قومون ۽ عالمي برادري عمران خان جي ان تنبيهه کي ڪيترو سنجيدگيء سان ٿيون وٺن اهو اڳتي  هلي ڏسڻو پوندو.
۔

(روزاني هلال پاڪستان)

Friday, October 4, 2019

پاڪستان ۾ جمهوريت جو الميو!



شفيق الرحمان شاڪر
سمورا سياستدان جمهوريت جمهوريت جو راڳ ڳائيندي نٿا ٿڪن.ڪجهه نڙي ڦاڙي پارليامينٽ جي بالادستي لاء رڙيون ڪن ٿا،گھڻا آئين ۽ قانون جون ڳالهيون ڪن ٿا ته کل اچي ٿي ته هنن ڪهڙن ڪهڙن طريقن سان عوام کي بيوقوف بنائي رکيو آهي پوء به خبر ناهي ڇا ڳالهه آهي جو عوام انهن جي ڄار مان نڪرڻ لاء تيار ناهي.ايئن ٿو محسوس ٿئي ته اسان جا هم وطن سورج مکيء جي ٻنيء ۾ اڀرڻ وارا ٻوٽا آهن،سج نڪري ٿو ته سڀني جا منهن سج طرف ٿي وڃن ٿا ۽ سندن سموري زندگي ”مرده باد ۽ زنده باد“۽ ”اچي ئي اچي ۽ وڃي ئي وڃي“ جي نعرن ۾ گذري وڃي ٿي.سمجھڻ،سوچڻ ۽ غور ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته جمهوريت جمهور لاء آهي يا اشرافيا لاء؟پاڪستان جي سياستدانن تي نظر ڊوڙايو ته نوانوي سيڪڙو خانداني سياستدان ملندا.انهن ماڻهن جمهوريت،آئين ۽ قانون کي پنهنجي گھر جو نوڪر بنائي رکيو آهي.سرڪاري نوڪريون،پلاٽ،قرض،وزارتون ۽ ملڪي وسيلا انهن لاء ئي مخصوص آهن.سچي ڳالهه ته اها آهي جو جمهوريت رڳو انهيء طبقي لاء ئي فائديمند رهي آهي ۽ اهي ماڻهو ئي جمهوريت جي نالي تي ڪاروبار ڪندا رهيا آهن.انهن ئي پنهن جن پٽن.پوٽن،ڀاڻيجن ۽ ڀائيٽين جي نالي تي ڪمپنيون جوڙي رکيون آهن جيڪي انهن جا فرنٽ مين آهن ۽ باقي سمورو نفعو انهن جي کيسن ۾ پيو وڃي.انهن اڪٽوپس جيان پوري سماج کي جڪڙي رکيو آهي،عدليا، اسٽيبلشمينٽ،فيوڊل لارڊز،سرمائيدارن ۽ سيڪيورٽي ادارن جي وڏن وڏن خاندانن سان انهن جون مٽيون مائٽيون آهن،حڪومت ڪنهن جي به اچي،اپوزيشن م ڪهڙي پارٽي هجي،انهيء سان انهن تي ڪو فرق نٿو پوي.انهن جو ڪونه ڪو عزيز يا مائٽ حڪومت ۾ ضرور هوندو آهي انهيء ڪري اشرافيا جو ڪڏهن به ڪو ڪم نٿو رڪجي.ميرٽ تي پورو لهڻ باوجود عام گھراڻن جي اعليٰ پڙهيل ڳڙهيل نوجوانن کي ڪا ڍنگ جي نوڪري نٿي ملي جڏهن ته اشرافيا جي ميٽرڪ ۽ انٽر پاس ٻارن کي سرڪاري ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنين ۾ وڏين وڏين پگھارن تي آرام سان نوڪريون ملي وڃن ٿيون. ان ڪري شايد عام ماڻهوء ۾ ايترو احساس به ناهي ته پوري پاڪستاني سماج کي يرغمال بنايو ويو آهي.جيستائين عوام ان استحصالي نظام کان نجات حاصل نٿو ڪري ڪجهه به نه بدلبو.وڌ ۾ وڌ چهرا بدلبا.اهو ئي هن قوم جو الميو آهي.عوام جون تڪليفون ۽ مسئلا جيئن جو تيئن رهندا.پاڪستان ۾ اڌ صديء کان اهو ئي ٿيندو آيو آهي.ان ماحول ۾ جڏهن ڪو نئون پاڪستان ٺاهڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ته ان جي نعرن کان عوام جو متاثر ٿيڻ هڪ قدرتي ڳالهه آهي ڇو ته اڄ تائين ڪنهن به حڪمران قوم کي جمهوريت جا ثمر ناهن پهچايا.ملڪي ادارن کي سڌارڻ لاء ڪنهن به حڪمران ڪجهه به ناهي ڪيو.خاص طور تي پوليس ۽ عدليا جي معاملن کي بهتر بنائڻ هر حڪومت جي پهرين ترجيح هئڻ گھربي هئي پر لڳي ٿو ته ان جي باري ۾ سوچڻ به اسان جا حڪمران پسند نٿا ڪن.ٽي ٽي ڀيرا اقتدار ماڻڻ باوجود جيڪر عوام جي حالت ناهي بدلي ته سمجھي سگھجي ٿو ته چونڊن جي موقعي تي ماڻهن کي ساوا باغ ڏيکارڻ،وڏيون وڏيون دعوائون ڪرڻ ۽ عوام کي بيوقوف بنائي وٽانئن ووٽ وٺڻ سياستدانن جو وڻندڙ مشغلو رهيو آهي ۽ اقتدار ۾ اچڻ بعد سڀ وعدا وعيد وساري ويهڻ انهن لاء معمول جي ڳالهه آهي.دنيا ۾ جن به سياستدانن جو جمهوريت تي ايمان آهي اهي عوام جي خدمت لاء ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏين ٿا،اهي ڪنهن پارٽيء جا محتاج نه هوندا آهن.اسان جي سامهون اهڙا ڪيئي مثال موجود آهن جو ڪجهه ماڻهو وڏن وڏن سياستدانن ۽ پارٽين جي نامزد ڪيل اميدوارن سامهون آزاد حيثيت ۾ به کٽي وڃن ٿا ۽ هارائڻ وارا حيرت وچان منهن ڏسندو رهجي وڃن ٿا.پاڪستاني سياست جو ته تماشو ئي نرالو آهي.هتي عوام کي هميشه رڍون ٻڪريون يا ڪيڙا ماڪوڙا سمجھيو ويو آهي.ماڻهن جي بنيادي حقن طرف ڪنهن جو به ڌيان نٿو وڃي.بنيادي مسئلا حل نٿا ٿين،عوام ٻن وقتن جي مانيء لاء پنهنجا گردا وڪڻڻ ۽ مائرون بازار ۾ پنهنجا ٻچا وڪڻڻ تي مجبور آهن.بيروزگاريء کان تنگ ٿي خودڪشيون ڪندڙن جو انگ به شرمناڪ آهي.1عليٰ تعليم يافتا هئڻ باوجود لکين نوجوان بيروزگار در در جون ٺوڪرون کائي رهيا آهن ۽ نوجوان نسل پنهنجي مستقبل کان مايوس ٿي چڪو آهي.ڪنهن به حڪمران کي ايتري توفيق نٿي ٿئي جو انهن جي باري ۾ به ڪجهه سوچي.پاڪستان جو آئين هر شهريء کي هڪجهڙي ترقيء جا موقعا فراهم ڪرڻ جي ضمانت ڏئي ٿو پر اشرافيا سمجھي ٿي ته ترقي،خوشحالي ۽ وسيلا رڳو انهن لاء ئي خاص آهن.عام پاڪستانيء جو انهن تي ڪو حق ناهي.آخر ٻاويهه ڪروڙ عوام جو اهو استحصال ڪيستائين ٿيندو رهندو؟هن قوم ڪڏهن اسلام جي نالي تي قربانيون ڏنيون ته ڪڏهن کيس جمهوريت جي نالي تي ڦريو ۽ لٽيو ويو آهي.ڪڏهن سياست جي نالي تي ڪوڙا کاڌا ته ڪڏهن ٻين نعرن تي کيس بيوقوف بنايو ويو.شايد ان ڪري ئي محسوس ٿئي ٿو ته اسان انهن حڪمرانن ۽ سياستدانن جا غلام ۽ ابن غلام آهيون،موروثي سياست جا اهي شاهڪار ڪنهن ٻئي کي پنهنجي سامهون برداشت ڪري نٿا سگھن.پوليس انهن جي مٺ ۾ رهي ٿي،سندن انتقامي سياست سامهون ڪنهن کي مٿو مٿي کڻڻ جي جرئت ئي نٿي ٿئي.ان سبب لڳي ٿو ته اسان جا هم وطن سورج مکيء جي ٻنيء ۾ اڀريل ٻوٽا آهن،سج نڪري ٿو ته سڀني جا منهن سج ڏانهن ٿي وڃن ٿا ۽ هنن جي پوري زندگي انهيء ئي زنده باد ۽ مرده باد جي راند ۾ گذريو وڃي.ڪنهن ڪنهن دل ۾ ڪا آه اڀري ٿي،ڪا آرزو تڙپي ٿي،دل ئي دل ۾ سانڍيل ڪا دعا چپن تي اچي وڃي ٿي،هڪ حسرت ۽ هڪ خواهش جنم وٺي ٿي ته هاڻي اها ريت ۽ اهو انداز بدلجڻ گھرجي.غريبن ۽ بي پهچن جي به قسمت تبديل ٿيڻ کپي.هي نظام ،هي سسٽم ۽ هي ماحول بدلجڻ گھرجي.اهڙي جمهوريت جنهن جا فائدا ۽ ثمر عام ماڻهوء تائين پهچي سگھن.خبر ناهي ماڻهن جي اڪثريت ان انداز سان سوچي به ٿي يانه جيڪي هر چونڊن ۾ انهن ئي آزمايل ماڻهن کي ووٽ ڏين ٿا جنهن جو فطري نتيجو اهو ئي نڪرڻ گھرجي جيڪو اسان جي سامهون آهي.جنهن ملڪ ۾ سياسي جماعتون مسلڪ بڻجي وڃن اتي ان کان به وڌيڪ خوفناڪ صورتحال پيدا ٿي سگھي ٿي .عوام جون شڪايتون،ڪاوڙ ۽ ناراضگيون ڪهڙيون؟ اها اڻٽر سچائي پنهنجي جڳهه تي قائم آهي ته انسان اهو ئي فصل لڻندو آهي جيڪو پوکيندو آهي.جيڪر جاهل،شاطر،ڪرپٽ ۽ مفاد پرست سياستدان ئي اسان جو مقدر آهن ته پوء ڪوئي ڪجهه نٿو ڪري سگھي.آخر قدرت اسان تي رحم ڇو کائي؟وڻندڙ مستقبل ۽ خوشحاليء جا خواب جاڳندڙ اکيون ڏسنديون آهن،غفلت جي ننڊ ۾ مخمور اکين جا خواب ٽڪرا ٽڪرا ٿيندا رهندا آهن.انهن حالتن،ان اجتماعي بربادي،مايوسين ۽ نا اميدين جا گھڻو ذميدار اسان پاڻ آهيون.جڏهن اسان پاڻ ئي پنهنجي باري ۾ نٿا سوچيون ته ٻين کي اسان جو فڪر ڇو ٿئي؟

(روزاني عوامي آواز)