Monday, October 29, 2018

”اشرافيا جي جمهوريت“ خطري ۾ آهي!



شفيق الرحمان شاڪر
هونئن اسان جي ملڪ ۾ ”جمهوريت خطري ۾ آهي.“ جو راڳ ڪو نئون ناهي،آمريت جو دورهجي يا نام نهاد جمهوري دور اها ويچاري سدئين خطري ۾ رهندي ٿي اچي پر اڄ ڪلهه جنهن جمهوريت کي خطرو آهي سا آهي “اشرافيا جي جمهوريت“!هي گرم گرم پريس ڪانفرنسون،هي محبتن واريون ملاقاتون،هي گڏجاڻيون ۽ آل پارٽيز ڪانفرنسون،هي تيز ترين بيان،هي سياسي رهنمائن جي ڊوڙڊڪ،اهي نوان ۽ پراڻا اتحاد،اهو سڀ ڪجهه رڳو ان لاء آهي جو “جمهوريت“ کي خطرو آهي.تازو تازو ملڪ ۾ پرامن نموني چونڊون ٿي چڪيون آهن،عوام جا چونڊيل نمائندا اسيمبلين به پهچي چڪا آهن ۽ اهي پنهنجون پگھارون ۽ ٻيون سڀ مالي رعايتون به حاصل ڪري رهيا آهن پر جمهوريت خطري ۾ آهي.ملڪ ۾ سڀ معاملا آئين ۽ قانون مطابق هلي رهيا آهن،عدالتون به آئين مطابق آزاديء سان ڪم ڪري رهيون آهن پر پوء به جمهوريت خطري ۾ آهي.فوجي سربراهه کان ويندي ملڪ جو چيف جسٽس به اها پڪي خاطري ڪرائي چڪو آهي ته اهي جمهوريت جو ساٿ ڏيندا پر پوء به جمهوريت خطري ۾ آهي.نه ته ڪو فوجي آمر تخت تي ويٺل آهي ۽ نه ئي آئين جو ڪو حصو ئي معطل ٿيل آهي ۽ نه ئي ملڪ ۾ ڪا ايمرجنسي لڳل آهي پوء به جمهوريت خطري ۾ آهي. سڀ وزير ۽ مشير ۽ حڪومتون پنهنجو ڪم ڪري رهيون آهن پر پوء به جمهوريت خطري ۾ آهي. پارليمينٽ کان ٻاهر پارليامينٽ سجائي پيئي وڃي،پارليامينٽ اندر هڪ ٻئي کي گاريون گند ڪيا پيا وڃن ان ڪري جو جمهوريت خطري ۾ آهي.عوام به حيران آهي ته آخر جمهوريت ڪيئن خطري ۾ آهي؟انهيء سوال جو جواب ڳولهڻ ڪو ايڏو ڏکيو به ڪونهي.اسان جي ملڪ ۾ جمهوريت معنيٰ ڪجهه اشرافيا جي هڪ هٽي جن جي سوچ مطابق جمهوريت ۽ اهي هڪ ٻئي لاء لازم ملزوم آهن. جيڪر ڪنهن سياسي نظام ۾ اهي پوري اختيار سان موجود آهن ته چئبو ته جمهوريت به پنهنجي سموري جوڀن سان موجود آهي پر جيڪر اهي ڪنهن سبب يا قانوني رڪاوٽن يا عوام طرفان چونڊن ۾ رد ڪرڻ جي نتيجي ۾ حڪومت کان ٻاهر رهجي ويا هجن ته پوء واقعي جمهوريت کي خطرو آهي.سوچيو ته اڃا نئين حڪومت کي مس ٻه مهينا ٿيا آهن ۽ انهيء حڪومت جي لاء جيڪي  مسئلا ۽ مونجھارا پهرين کان ئي موجود آهن اها انهن مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.نه ته حڪومت طرفان ڪا انتقامي ڪاروائي ڏسڻ ۾ آئي آهي ۽ نه ئي ڪنهن کان ڪا سياسي آزادي کسي ويئي آهي ته پوء اهي سڀيئي نامور سياستدان آخر ڪنهنجي خلاف ۽ ڇو گڏ ٿي رهيا آهن؟اهي سڀ آخر ڪهڙي مصيبت ۽ تڪليف جو شڪار ٿي پيا آهن؟پهرين خلائي مخلوق ۽ جوڊيشل مارشلا جي مالا پڙهي پئي ويئي پر جڏهن مٿان کان سخت شٽ اپ ڪال آئي ته انهن جي سمورين توبن جو رخ عمران حڪومت خلاف ٿي ويو.سمجھه وارن لاء اها ڳالهه سمجھڻ بلڪل سولي آهي ته اهي هن وقت جنهن” شاندار جمهوري جدوجهد“ ۽  ”عظيم مزاحمت“ جي شروعات ڪري رهيا آهن انهيء جو سبب ڇا آهي؟اهي جن کي وقت جي ستم ظريفين آڻي هڪ هنڌ ڪٺو ڪيو آهي اهي سڀ هڪ ٻئي جا دوست به بنيل آهن پر انهن مان ڪوبه هڪٻئي تي اعتماد ڪرڻ لاء به تيار ناهي.اقتدار به وڏي ظالم شيء آهي جيستائين هٿ ۾ هوندو آهي ته هر طرف محبتين جا ميلا متل نظر ايندا آهن،هر موسم خوبصورت لڳندي آهي پر جڏهن اهو هٿن مان نڪري ٿو ته ان جي جدائيء جو غم برداشت ڪرڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي.اهي جن جي پيٽ ۾ هن وقت جمهوريت جا وٽ پئجي رهيا آهن انهن جي ماضيء جي ڪارڪردگي ڏسو ته سندن جمهوريت پسندي ۽ عوام دوستيء جي پت وائکي ٿي وڃي ٿي.ٽيهه ٽيهه سال اقتدار ۽ اختيار ۾ رهڻ باوجود ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي به مهيا نه ڪري سگھيا اهي اڄ ڪهڙي منهن سان عوام عوام جو رينگٽ وڄائي رهيا آهن؟ اهي سڀ هڪ هنڌ تي گڏ ته ٿي رهيا آهن جو انهن جو دشمن ساڳيو آهي پر انهن سڀني جا پنهنجا پنهنجا سور ۽ الم آهن.احتساب جي جن انهن سڀني کي ٻيهر گڏ ٿيڻ تي مجبور ڪيو آهي.ڪيترائي ڪرتوت سامهون اچي چڪا آهن ۽ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون اڃا اڻ شايع ٿيل آهن.اهي ملڪيتون جيڪي انهن وڏي ”محنت“ سان عوام جي محبت ۾ ملڪ توڙي غير ملڪن ۾ جوڙيون هيون اهي هڪ هڪ ٿي سندن هٿن مان نڪرندي محسوس ٿي رهيون آهن.انهن مان هڪ وڏي اڪثريت ترت ئي نااهلي ۽ ٻين سزائن جي ور چڙهڻ واري آهي.گھڻن جي سياست جو باب ئي بند ٿيڻ وڃي رهيو آهي.نه ته ماضيء جيان ڪنهن ٻاهرئين دوست جي چوڻ تي ڪو اين آر او ٿي رهيو آهي ۽ نه ئي ڪنهن بليڪ ميلنگ ذريعي مٿانئن احتساب جي مصيبت ٽرڻ واري آهي.اهي پاڻ به اهو سڀ ڪجهه ڄاڻن ٿا پر “تنگ آيد بجنگ آيد“ جي مصداق جڏهن ٻڏڻ ئي مقدر بڻجي وڃي ته پوء وڏي شان ۽ دٻدٻي سان ڇو نه ٻڏجي؟ احتساب جي ان وڪڙ ۾ رڳو مخالف ڌر سان تعلق رکندڙ ئي نه پر حڪومتي عهدن تي ويٺل ڪيترن ئي پارسائن جي پارسي به مٽيء ۾ ملڻ واري آهي.باقي رهيو عوام جي لاء همدرديء جا نعرا بلند ڪرڻ جو سوال ته اهي سڀ هاڻي عوام کي معاف ئي ڪن ته بهتر!عوام کي انهن جي انهن اجلاسن،ڪانفرنسن ،ڌرڻن ۽ تحريڪن سان ڪابه دلچسپي ڪانهي ۽ نه ئي عوام انهن جي سڏ تي هاڻي بيوقوف بڻجي ڪو روڊن رستن تي اچڻ وارو آهي.هن ڀيري انهيء اشرافيا کي پنهنجن مصيبتن ۽ مشڪلن کي اڪيلي پنهنجي سر پاڻ منهن ڏيڻو پوندو.نه ته ملڪ جي سر سان ڪا سر وڄندي ۽ نه ئي ڪو عوامي انقلاب جو سيلاب سڀ ڪجهه وهائي ويندو.جنهن جيڪي ڪجهه ڪيو انهيء جو فصل ڪپڻ جو وقت شايد اچي چڪو آهي.هڪ خوف ۾ ورتل ۽ اعليٰ انساني صفتن کان ڪوري مخلوق پنهنجي اقتدار ۽ اختيار جي آخري جنگ وڙهي رهي آهي،جنهن ۾ دانهون ۽ ڪوڪون به آهن،آهون ۽ سڏڪا به آهن ،الزام ۽ ڌمڪيون به آهن ته ماتم ۽ سينا پٽڻ به شامل آهي.اهي سڀ شيون هتان جي مجبور ۽ غريب عوام جو صدين کان مقدر بڻيل آهن،اڄ جيڪر انهن سمورن سورن مان ڪجهه حصو قدرت جي ڪرشمن سان ان اشرافيا جي حصي ۾ به اچي ويو آهي ته عوام لاء دل کي ٺارڻ جو ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو سامان ٿي سگھي ٿو.بقول شاعر؛
اي موج بلا !  ان ڪو ڀي  ذرا  دو  چار   ٿڦيڙي  هلڪي  سي
جو لوگ اڀي تڪ ساحل سي طوفان ڪا نظارا ڪرتي هين.
عوام جيڪو انهن جي ان نام نهاد جمهوريت جي طوفان هٿان جيئري دفن ٿيندو رهيو ۽ اهي سمنڊ جي ڪناري تي بيهي زندگيء جي سورن ۾ ٻڏندڙ ان عوام جو تماشو ڏسندا رهيا،اڄ جيڪر مصيبت جي ڪنهن موج انهن کي به ٻه چار ٿڦڙ وهائي ڪڍيا آهن ته ايترو شور مچائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟آخر انهن کي سدائين سڪون جون پينگھون لڏڻ لاء ئي ته پيدا ناهي ڪيو ويو.اڄ انهن کي عدالتي نظام کان وٺي احتسابي ادارن تائين موجود سڀ ڪميون ۽ ڪوتاهيون،عيب ۽ اوڻايون نظر اچي رهيون آهن.جيلن جون خراب حالتون به سمجهه ۾ اچي رهيون آهن،لاڪپ جي ڪوٺيء ۾ آفتاب جي نه ايندڙ روشنيء جون شڪايتون به زبان تي اچي رهيون آهن پر هتان جو عوام  سالن کان انهن اذيتن ۾ سڙندو رهيو آهي انهن جون آهون ۽ دانهون ته ڪڏهن ڪنهن به نه ٻڌيون آهن.سو انهن سياسي رانديگرن کي به حوصلو ڪرڻ گھرجي،صبر ۽ برداشت جو مظاهرو ڪرڻ گھرجي جو انهن جي سمورين اٽڪلبازين جو هاڻي نه ته عوام تي ڪو اثر ٿيڻو آهي ۽ نه ئي قدرت جو قانون مڪافات عمل انهنجي جان ڇڏڻ وارو آهي.انهن جي جنهن جمهوريت کي خطرو آهي ان جمهوريت جا چنبا عوام جي رت سان رڱيل ۽ سندس پيٽ عوام جي ماس سان ڀريل آهي.

(روزاني جيجل 27 آڪٽوبر 2018ع)

Saturday, October 27, 2018

جمال خشڪوجي جو قتل ۽ سعودي آمريڪا لاڳاپا.


شفيق الرحمان شاڪر
آمريڪي ڪانگريس جا ڪيترائي سينئر ميمبر صحافي جمال خشوڪجي جي قتل واري معاملي تي آمريڪي حڪومت تي دٻاء وجھي رهيا آهن ته اها سعودي عرب سان پنهنجي لاڳاپن جو ٻيهر جائزو  وٺندي ان خلاف معاشي ۽ واپاري پابنديون عائد ڪري پر ٽرمپ طرفان سعودي عرب سان ٿيندڙ هٿيار وڪڻڻ واري معاهدي کي ختم نه ڪرڻ واري فيصلي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته آمريڪا لاء پنهنجا اقتداري مفاد ئي اهم آهن.اٽڪل 22 آمريڪي سينيٽرن سعودي عرب خلاف ”گلوبل ميگنٽسڪي ايڪٽ“ تحت معاشي پابنديون هڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي.هنن جي چوڻ مطابق سعودي سفارتخاني ۾ جمال خشڪوجيء جو قتل آمريڪا لاء سعودين سان پنهنجي لاڳاپن تي نظرثانيء لاء هڪ اهم موڙ  آهي.اڳوڻي ريپبليڪن سينيٽر بوب گراهم سي اين اين سان ڳالهائيندي چيو ته سعودي عرب سان لاڳاپا آمريڪا لاء خطرناڪ ۽ نقصانڪار آهن.هن 11 سيپٽيمبر جو حوالو ڏيندي اهو پڻ چيو ته اهڙو سانحو جنهن ۾ اٽڪل ٽي هزار آمريڪي زندگيون وڃائي ويٺا هئا ان واقعي ۾ به سعودي ملوث نڪتا هئا.گراهم جو چوڻ هوته آمريڪا کي ڪنهن به معاشي بليڪ ميلنگ جو شڪار ٿيڻ بدران خشڪوجيء جي قتل تي سعودي عرب سان سڀ لاڳاپا ختم ڪري ڇڏڻ گھرجن.ميگنٽسڪي ايڪٽ 2012ع ۾ روس کي مبينا انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي سندس خلاف پابنديون عائد ڪرڻ لاء منظور ڪيو ويو هو جنهن جو دائرو 2016ع ۾ پوري دنيا جي ملڪن تائين وڌايو ويو.جمال خشڪوجيء واري معاملي ۾ اهو قانون سعودي عرب خلاف استعمال ٿي سگھي ٿو.پر ڇا آمريڪي قانونساز واقعي اهو قانون سعودي بادشاهن خلاف استعمال به ڪندا يا اها رڳو بليڪ ميلنگ واري حرفت ئي ثابت ٿيندي؟ سعودي سفارتخاني اندر 59سالا خشڪوجيء جو قتل هونئن به پڪ سان هڪ المناڪ ڏوهه آهي پر انهيء معاملي تي وڌيڪ دٻاء پيدا ٿيڻ جو سبب ان جو آمريڪي شهري ۽ واشنگٽن پوسٽ جو ڪالم نگار هئڻ آهي.خشڪوجي واشنگٽن ۾ اسٽيبلشمينت جي مختلف ڌڙن ، ٿنڪ ٽينڪس ۽ ميڊيا حلقن سان چڱيء طرح ڳنڍيل هو.سعودي حڪمرانن خاص طور تي ولي عهد محمد بن سليمان خلاف هن جون تنقيدي لکڻيون سعودي عرب لاء اولهه جي دنيا ۾ ڏکيائيون پيدا ٿيڻ جو سبب به بڻجي رهيون هيون.ترڪ جاچ ادارن جن ترڪيء ۾ سعودي قائونسلخاني تائين پهڄ حاصل ڪئي هئي انهن جي چوڻ مطابق انهن کي واضح ثبوت هٿ آيا آهن ته صحافيء کي ان عمارت اندر ئي قتل ڪيو ويو هو.جڏهن ته سعودي حڪومت پهرئين ڏينهن کان پنهنجن متضاد بيانن سبب پنهنجي لاء وڌيڪ شڪ شبها پيدا ڪندي رهي آهي. آخر ڪار عالمي دٻاء هيٺ سعودين اهو تسليم ڪري ورتو آهي ته جمال جو موت سندن ئي سفارتخاني اندر هڪ جھيڙي دوران ٿيو آهي.سچ اهو آهي ته هن وقت سعودي حڪمران دنيا ۾ ان غلط بيانيء جي ڪري پنهنجو اعتبار بريء طرح وڃائي ويٺا آهن.اهو سوال به اهم آهي ته آخر پندرهن ماڻهن جي سعودي ٽيم انهن ٻن نجي جيٽن ذريعي استنبول ڇو پهتي جيڪي جيٽ سعودي شهزادن جي ملڪيت ٻڌايا وڃن ٿا؟جيڪر اهي واقعي جمال خشڪوجيء سان ڳالهيون ڪرڻ آيا هئا ته پوء انهن وٽ مبينا طور تي  وڍ ڪٽ جا خطرناڪ اوزار ڪهڙي مقصد لاء هئا؟ترڪ جاچ ادارن جو چوڻ آهي ته اهي هن هفتي جي آخر ۾ هڪ تفصيلي جاچ رپورٽ جاري ڪندا.واشنگٽن پوسٽ مطابق آمريڪي حساس ادارن جي جاچ موجب ان قتل جا پيرا سڌو سعودي شاهي خاندان تائين پهچن ٿا پر ٽرمپ به اصل معاملي تي پردو وجھي معاملي کي ڪنهن ٻئي رخ ۾ ڌڪڻ جي ڪوشش ڪندي نظر اچي ٿو.ٽرمپ جي چوڻ مطابق سعودي حڪمرانن ان سڄي معاملي کان لاتعلقي ظاهر ڪئي آهي ۽ هو (ٽرمپ) به سمجھي ٿو ته اهو ڪم ڪن غيررياستي عنصرن جو ٿيل محسوس ٿئي ٿو. سعودي ميڊيا هاڻي اها رپورٽنگ ڪري رهي آهي ته پندرهن ماڻهن جي جيڪا ٽيم رياض کان استنبول لاء اڏاڻي هئي انهن کان جاچ ڪئي ويندي.ان جو مطلب ته اهو ٿيو ته ان پوري معاملي جي ذميداري هر صورت ۾ انهيء ٽيم تي وجھي سعودي حڪمرانن کي ڪلين چٽ ڏني وڃي.پر ان معالي کي ليء مٽي ڪرڻ ايترو آسان ڪم نه آهي جو ترڪ ۽ آمريڪي تحقيقاتي ادارن وٽ وڏي پيماني تي مبينا طور تي گواهين ۽ شهادتن جو هڪ وڏو زخيرو موجود آهي جنهن ذريعي اهو قتل سعودي حڪمرانن جي جان نه ڇڏيندو.خشڪوجيء جي آمريڪي اسٽيبلشمينٽ ۽ ميڊيا ۾ موجود اثر رسوخ سبب اها اميد ڪئي پيئي وڃي ته اصل حقيقتون ضرور دنيا جي سامهون اينديون.انهيء سان گڏوگڏ ترمپ جا سياسي مخالف ۽ ميڊيا انهيء معاملي کي ٽرمپ جي خلاف به استعمال ڪندا جيڪر ٽرمپ سعودين سان پنهنجي پاليسيء تي نظرثاني نٿو ڪري.اڃا پڪ سان اهو نٿو چئي سگھجي ته خشوڪجيء جو قتل آمريڪا ۽ سعودي لاڳاپن ۾ هڪ اهم موڙ ثابت ٿيندو  پر خشوڪجيء سعودي پاليسين خاص طور تي يمن جنگ متعلق جيڪي ڪجهه بهادريء سان لکيو ان حوالي سان خشڪوجيء دنيا ۾ پنهنجا ڪئين حامي ۽ پوئلڳ ڇڏيا آهن جيڪي خاموش نه رهندا . صدر ٽرمپ پاران اصل معاملي تي پردو وجھڻ جي ڪوشش اهو ثابت ڪري ٿي ته آمريڪا جا تيل سان ڀريل هڪ ملڪ سان لاڳاپا ايترا اونها آهن جو ان قسم جي معاملن جو انهن تي ڪو خاص فرق نه پوندو.انهن لاڳاپن جي پيڙهه 1945ع ۾ رکي ويئي هئي جڏهن آمريڪي صدر روزويلٽ  سعودي رياست جي باني شاهه عبد العزيز السعود سان تاريخي معاهدو ڪيو هو.آمريڪا لاء سعودي عرب جي اهميت رڳو تيل جي سپلاء ڪري ناهي پر انهن لاڳاپن پويان ٻيون ڪيتريون ئي اهم شيون موجود آهن جن ۾ تيل جي واپارلاء عالمي ڪرنسي ايڪسچينج طور ڊالر جي قيمت جو استحڪام،عرب ملڪن طرفان آمريڪا کان سالياني هٿيارن جي ڳري خريداري،سعودي عرب طرفان سي آئي اي جي مختلف ملڪن ۾ آپريشنن جي سلسلي ۾ مالي مدد ۽ وچ اوڀر ۾ آمريڪي مفادن جي تحفظ لاء سعودي عرب جو ساٿ اهي سڀ شيون شامل آهن.جيڪر آمريڪا واقعي انساني حقن جي حوالي سان سوچيندو هجي ها ته جمال خشڪوجيء جي المناڪ قتل واري معاملي تي هن وقت تائين سعودي عرب تي پابنديون لڳي چڪيون هجن ها پر سڄي دنيا ڄاڻي ٿي ته هتي معاملا ڪجهه ٻيا آهن.جيئن ته ٻنهي طرفن جا مفاد هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن تنهن ڪري ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن تي ڪو خاص فرق نه پوندو


(روزاني جيجل 25 آڪٽوبر 2018ع)

Friday, October 26, 2018

شاهه سائين جي ڪلام جي انفراديت.

شفيق الرحمان شاڪر
شاعري ادب جي اهڙي صنف آهي جيڪا سدائين ڪائنات جي رازن تان پردو کڻڻ جي جستجو ۾ رهندي آئي آهي.انسان ٻاهر جي دنيا جي حوالي سان جيڪو به مشاهدو ڪري ٿو جيستائين ان کي اندر جي اک سان به محسوس نٿو ڪري سندس سڀ جستجو ۽ تلاش اڌوري رهجيو وڃي. ڪنفيوشس، ڪبير،ٽيگور،وليم بليڪ،وليم وڊز ورٿ،سچل سرمست ۽ شاهه عبدالطيف ڀٽائيء جي حوالي سان ڪيل کوجنا من جي عرفان جو عڪس آهي.سوچ ۽ احساس جي ايڪتا سان تصوراتي ترتيب،ڪنهن ڪامل تخليق جو روپ اختيار ڪري ٿي.
شاهه عبدللطيف ڀٽائي رحه جي سوچن جي اڏام دنيا جي ٻئي هر شاعر کان مختلف نظر اچي ٿي. شاهه صاحب جي منفرد محقق ايڇ ٽي سورلي،شاهه کي اولهه جي ٻين شاعرن کان يڪتا قرار ڏنو آهي سورلي جي نظر ۾ شاهه جي شاعريء ۾ ڇانئيل تاثر مذهبي تصوف آهي.ان کي نه ته مڪمل عاشقاڻي تصور ۾ شمار ڪري سگھجي ٿو ۽ نه ئي رڳو مفڪراڻو تصوف قرار ڏيئي سگھجي ٿو.توڙي جو پوري رسالي ۾ صوفياڻي عشق جي فضا ئي ڇانئيل نظر اچي ٿي پر ان جي بنياد ۾مذهب جي اونها ئي موجود آهي.سورلي جو چوڻ آهي ته انگريزي شاعريء جي مثالن جو مقصد هي ٻڌائڻ آهي ته رسالي جو پيغام ڪيتري حد تائين خاص قسم جي انگريز شاعرن جي پيغام سان هڪجهڙائي رکي ٿو يا نه؟ شاهه جي شاعريء ۾ عاشقاڻي تصوف جو وهڪرو آهي جيڪو ”شيلي برائوننگ“ جي عاشقاڻي تصوف سان ملندڙ جلندڙ آهي، ” بليڪ“ جي جھنگلي مذهبي توانائيء جو ڪجهه رنگ به منجهس نظر اچي ٿو ۽ ”واٽس“ ۽ ” ڪراشا“ جو سادو انساني آدرش به ملي ٿو.
اصل ۾ اسلام ۽ عيسائيت ٻنهي مذهبن ۾ تصوف نهايت ئي منجھيل ۽ مبهم فلسفو رهيو آهي ۽ مختلف مرحلن ۾ ايترو ته هڪٻئي سان ملندڙ جلندڙ آهي جو ٻنهي ۾ انهن اثرن ۽ محرڪن کي ڳولهي سگھجي ٿو جن جي سنگم سان اهو فلسفو تيار ٿيو آهي.اها حقيقت آهي ته جرمن ۽ انگريز فيلسوفن  جن شاهه لطيف کي دنيا جي سامهون متعارف ڪرايو تن ۾ ”ارنيسٽ ٽرمپ“ جو نالو اڳيان اڳيان آهي.ٽرمپ 1866ع ۾ شاهه جو رسالو منظر عام تي آندو.ان کان سواء ” اين ميري شمل“ جون اسلام ۽ صوفي ازم جي حوالي سان ڪيل خدمتون تحسين جي لائق آهن.هن مولانا رومي ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيء جي فن ۽ فڪر تي ڪيترائي تحقيقي مقالا لکيا.”ايلسا قاضي“ به جرمن فلاسافر ۽ مفڪر آهي جنهن شاهه جي شاعريء جو انگريزيء ۾ ترجمو ڪيو.اهو ترجمو بنيادي مرڪزي خيال جي ويجھو آهي ۽ نهايت خوبصورتيء سان ڪيو ويو آهي.سچ اهو آهي ته روميء کي انگريزيء جا بهترين ترجمو ڪندڙ مليا جنهن ڪري رومي اڄ يورپ ۾ گھڻو مقبول صوفي شاعر آهي.لطيف سائين به روميء جي حسن نظر جا ايڏا قائل هئا جو قرآن مجيد سان گڏوگڏ مثنوي مولانا رومي به هروقت پاڻ سان گڏ رکندا هئا ۽ سندس شاعريء ۾ ڪيترين ئي جڳهين تي مولانا روميء جو ذڪر ڪيو اٿن.شاهه لطيف ۽ روميء جي شاعريء جو بنيادي خيال پاڻ ۾ ملندڙ جلندڙ ۽ هڪ ٻئي جي گھڻو ويجھو هئڻ باوجود به اظهار ۽ بيان جا رستا منفرد ۽ الڳ آهن.رومي طبعي زندگيء کان بلند ۽ بالا جڳهه تي بيهي ڪري زندگيء جو نظارو ڪندي نظر اچي ٿو،توڙي جو ڪيف ۽ سرور،وجد، بي خودي ۽ سرمستيء ۾ رومي طبعي زندگيء جي سمورن سوادن ۽ ذائقن کان واقف نظر اچي ٿو.اظهار جا اهي رستا روح ۾ جسم جي موجودگيء جو پتو لڳائين ٿا جڏهن ته شاهه صاحب جسم جي دروازي مان گذري روحاني منزلن تائين پهچ حاصل ڪري ٿو.روزمرهه جي زندگيء جو مشاهدو جنهن ڪمال جي حد تائين شاهه صاحب جي شاعريء ۾ ملي ٿو اها جھلڪ شايد ئي ڪنهن ٻئي شاعر جي سوچ ۾ نظر ايندي هجي.گلن،وڻن،پکين،جانورن،ٻيٽن،رڻن ۽ ريگستانن، ٻنين،ڍنڍن ڍورن،برن ۽ بحرن جو ذڪر سندس شاعريء ۾ جنهن خوبصورت انداز سان ملي ٿو ۽ انساني زندگيء سان انهن شين جي ڳانڍاپي کي جنهن خوبصورت تمثيلي انداز سان بيان ڪيو ويو آهي اها خوبي شاهه صاحب جي ڪلام کي ٻين شاعرن کان منفرد بڻائي ٿي.شاهه لطيف انهن صوفين جيان نه هئا جيڪي دنيا تياڳي دنيا کان بلڪل بي تعلق ٿي وڃن ٿا بلڪه شاهه صاحب جي شاعري اهو پتو ڌئي ٿي سندن رابطو وقت جي هر لمحي سان فعال ۽ ڳنڍيل هو.سندن روزمرهه جي زندگيء جو مشاهدو ڪمال درجي جو هو.ڪائنات جي حسن کي ڏسي ڪائنات جي خالق تائين پهچڻ جي رستي جو سفر، مشاهدي جي حيران ڪندڙ نتيجن سان سينگاريل نظر اچي ٿو.
پاڻ    ئي      جل    جلاله.   پاڻ  ئي   جان    جمال،
پاڻ ئي صورت پرينء جي،پاڻ ئي حسن ڪمال،
سڀ   سڀوئي    حال،     منجهان   ئي    معلوم ٿئي.
ڪائنات جا راز پاڻهي صوفيء جي من ۾ منڪشف ٿين ٿا جڏهن ته سائنس لاڳيتو ان راز جي کوجنا ۾ مصروف رهندي ٿي اچي. شاه لطيف جي شاعري وحدت ۽ ڪثرت جو خوبصورت سنگم آهي. سائنس ٻڌائي ته انساني خليي يا سيل جو مرڪز ئي زندگيء جو مرڪز آهي جنهن جو بنياد امائنو ايسڊ سان پيو.ڊي اين اي امائنو ايسڊ سان ئي جڙيل آهي جيڪو ڪروموسوم جوڙي ٿو.ايمونو ايسڊ پروٽين جو ايڪو آهي،زمين جيو گھرڙي جو ظهور امائنو ايسڊ ذريعي ئي ممڪن بڻيو جنهن ملي ڪري مرڪز بڻايو ۽ ان نيوڪلس يا مرڪز سان ئي جيوگھرڙي کي وجود مليو.هڪ نظريي مطابق پاڻي ۽ امائنو ايسڊ زمين تي ڪنهن پڇڙ تاري ذريعي پهتا.زمين تي ڪرندڙ اسٽار ڊسٽ ۾ امائنو ايسڊ  جا آثار مليا آهن.ڪنهن ڪيميائي ماهر جي چوڻ مطابق؛ ” هڪ مقرر ٿيل سانچو آهي جيڪو هر جڳهه تي استعمال ٿي رهيو آهي،ڪنهن ڏينهن اهو به معلوم ٿي ويندو ته اها قوت ڪهڙيء طرح هڪ هنڌ جمع ڪئي ويئي آهي جنهن مان مادي جا ڍير تيار ڪيا وڃن ٿا.“
حقيقت اها آهي ته هڪ منظم قوت هن ڪائنات ۾ سفر ڪري رهي آهي جنهن هر شيء کي پنهن جي مرڪز جو پابند ڪري رکيو آهي.شين جي وچ ۾ معيار ۽ مقدار جي گھٽ وڌائي يا توازن سان تشريح جو انداز بدلجي وڃي ٿو.اها منظم قوت انسان جي اندر ذهن جي صورت ۾ موجود آهي.ذهن جيڪو قدرت جي ڪرشماتي تخليق آهي پر ان کي انتشار کان مرڪزيت طرف آڻڻو ٿو پوي ۽ اهو مرڪز انسان جو شعور آهي جڏهن ته لاشعور وري روحانيت جو مرڪز آهي.لاشعور ۾ لامحدوديت جنون جو سبب بڻجي ٿي ان ڪري شعور سان رابطو موجود لمحي جو ادراڪ بخشي ٿو.ان نقطي کي ذهن ۾ رکي جيڪر شاهه صاحب جي ڪلام جو مطالعو ڪبو ته ڪيتريون ئي لڪيل ۽ نيون حقيقتون  نڪري نروار ٿينديونن وينديون ۽ زندگيء جي ڪيترن ئي منجھيل مامرن تران پردو کڄندو ويندو.

Monday, October 22, 2018

ڌانڌلي، خوشحالي ،سازش ۽ مهانگائي!



شفيق الرحمان شاڪر
*خيرن سان خوشخبري اها آهي ته  2018ع جي عام چونڊن ۾ ٿيل مبينا ڌانڌلين جي جاچ لاء هڪ پارلياميني ڪميشن مقرر ٿي چڪي آهي جيڪا اها جاچ ڪندي ته انهن چونڊن ۾ ڪنهن ڪهڙيون ڪهڙيون ڌانڌليون ڪيون،ڪميشن جنهن ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر جا هڪ جيترا ميمبر شامل آهن اها ترت ئي تحقيقات ڪري مکڻ مان وار ڪڍي وٺندي.يعني اهڙا ماڻهو جيڪي پاڻ به انهن ئي چونڊن ۾ کٽي آيا آهن اهي اهو فيصلو ڪندا ته اليڪشن ۾ جيڪي هارائي ويا هئا انهن کي ڪنهن هارايو هو؟هاڻي جيڪر اهو ثابت ٿئي ٿو ته هارائيندڙن ڌانڌلين جي نتيجي ۾ هارايو هو ته پوء ان سوال جو ڇا ٿيندو ته ڇا کٽيندڙن به ساڳين ئي ڌانڌلين جي نتيجي ۾ نه کٽيو هو؟
*اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف فرمايو آهي ته موجوده چونڊ نتيجا اهو واضح ڪري رهيا آهن ته ايندڙ وقت ڪنهنجو آهي؟هن صاحب اهو به انڪشاف ڪيو ته سندس حڪومت ۾ نهايت ئي سستائي هئي ۽ عوام نهايت خوشحال زندگي گذاري رهيو هو. جيستائين ايندڙ وقت ڪنهنجو آهي وارو سوال آهي ته ايندڙ وقت ڪنهنجو به هجي پر ميان صاحب جو هرگز ڪونهي جو في الحال ملڪ جي سياسي ڪتاب مان سندس نالو ئي ڪٽجي چڪو آهي، رهيو سوال سندس حڪومت ۾ عوام جي خوشحاليء جو ته اها ته هن وقت به صاف نظر اچي رهي آهي جو موجوده حڪومت کي واپس آئي ايم ايف اڳيان جھولي پکيڙڻي پئجي رهي آهي،اها سڀ خوشحالي ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟
*سموريون سياسي ڌريون ۽ ميڊيا جو هڪ وڏو حصو ڪات ڪهاڙا کڻي عمران خان پويان پيل نظر اچي ٿو ڄڻ ته ماضيء جي سمورين ملڪي مسئلن،معاشي مصيبتن  ۽ غير ملڪي قرضن جي لاء عمران خان ئي ذميدار هجي.جن ملڪ تي ٽيهه ٽيهه سال حڪومت ڪئي انهن جي خراب حڪمرانيء  خلاف چپ سبيل نظر اچن ٿا جڏهن ته رڳو ٻه مهينا پهرين آيل حڪومت سخت تنقيد جي ور چڙهيل نظر اچي ٿي.هن حڪومت جون جيڪي ناڪاميون آهن سي آهن پر اهو ڪٿان جو انصاف آهي ته گذريل حڪومتن جي غلط پاليسين ۽  نااهلين کي به هن حڪومت جي کاتي ۾ وڌو وڃي.
*موجوده حڪومت جي آئي ايم ايف وٽ وڃڻ واري خواهش تي ملڪ ۾ جيڪو ماتم متل آهي اهو سمجهه کان ٻاهر آهي.ڄڻ ته حڪومت پاڪستان تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آئي ايم ايف وٽ وڃڻ وارو گناهه ڪري رهي آهي.ماضيء جا جيڪي مهربان پنهنجن سمورين نااهلين ۽ بدديانتين سبب ملڪ جي عوام جو وار وار غير ملڪي قرضن ۾ جڪڙي  ملڳڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو اهي به ان فيصلي خلاف واويلا ڪري رهيا آهن.انهيء کي چئبو آهي “ ابتو چور چوڪيدار کي دٻائي!” منجھائن ڪوبه اهو ٻڌائڻ لاء تيار ناهي ته ته موجوده ابتر معاشي صورتحال ۾ جيڪر آئي ايم ايف نه وڃجي ته پوء ڇا ڪجي؟
*خبر اها به آهي ته حڪومت عوام مٿان بجليء جو بم ڪيرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ۽ اٽڪل پوڻا چار روپيا في يونٽ بجلي مهانگي ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.ٻئي طرف حڪومت جا وزير مشير عوام کي يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته ڪجهه ڏينهن تڪليف برداشت ڪرڻي پوندي پوء سکن جون هوائون لڳڻ شروع ٿي وينديون.ان مهانگائيء جي طوفان مان جيڪي  معجزاتي طور تي زنده سلامت بچي ويندا اهي سکن جون هوائون انهن جي حصي ۾ ئي اچي سگھنديون! باقي نه رهيگا بانس نه بجي گي بانسري.عوام کي گھرجي ته گڏجي اهو گانو ڳائڻ شروع ڪري ڏئي ته “ بهارين ڦر ڀي آئينگي مگر هم تم نهين هونگي.”
*پيپلز پارٽيء جي چيئرمين بلاول ڀٽو صاحب فرمائي ٿو ته جمهوريت خلاف سازشون ٿي رهيون آهن ۽ هن وقت جمهوريت کي سخت خطرو لاڳو آهي.بلاول صاحب اهو واضح نه ڪيو ته جھمهوريت کي آخر ڪنهن مان خطرو آهي ، خود سياستدانن مان يا غير سياسي قوتن مان؟بلاول صاحب کي گھرجي ته هو جمهوريت،عوام،سازش ۽ آئيني آرٽيڪلن جون آکاڻيون ٻڌائڻ بدران ٿر ۾ روزانو مرندڙ معصومن جي زندگيء جو فڪر ڪرڻ گھرجي.في الحال ته ٿر ۽ سنڌ جي ٻين ڏڪار ستايل علائقن جي غريب ماڻهن جي زندگين کي خطرو آهي!
*پي ٽي آئي جي فيصل واوڊا فرمايو آهي ته جيڪر سنڌ حڪومت ٽينڪر مافيا خلاف ڪاروائي نه ڪئي ته وفاقي حڪومت ڪراچيء لاء سنڌو دريا جو پاڻي بند ڪري ڇڏيندي.موصوف وفاقي حڪومت ۾ آبي وسيلن جو وزير آهي.اهڙي وزارت ته نه اڳ ۾ ڪڏهن سڻيسين نه ٻڌيسين.هن اهو به فرمايو ته دروات ڊيم جي رهيل رقم جيڪر سنڌ حڪومت وفاق کي ادا ڪري اهو ڊيم پنهنجي انتظام هيٺ نه آندو ته پوء وفاقي حڪومت اهو ڊيم ڪنهن پرائيويٽ ماڻهوء کي وڪڻي ڇڏيندي. ڪٿي هڪڙو چريو،ڪٿي ٻه چريا پر هتي ته پوري آڪهه ئي چري! هي وزير آهن يا جٺ؟ عجيب فضول ۽ حماقت ڀريون خبرون ڪندا ٿا رهن. عوام جون شيون وڪڻڻ جو مرض لڳي ٿو ته هنن کي به ساڳيو ماضيء جي حڪومتن وارو لڳل آهي.وزير موصوف جذبات ۽ جوش خطابت ۾ اهڙي ڳالهه ڪري ويو آهي جنهن تي آئين جي ڀڃڪڙيء جو ڪيس جڙي سگھي ٿو.جتي اهڙا آپي کان ٻاهر نڪتل وزير هجن اتي آبي وسيلن جوبه خدا ئي حافظ آهي!
(روزاني عوامي آواز 20 آڪٽوبر 2018ع)

Sunday, October 21, 2018

اسان جو تعليمي نظام ۽ جهالت!


اسان جو تعليمي نظام ۽ جهالت!
شفيق الرحمان شاڪر
تعليم هڪ سماجي عمل آهي جنهنجو بندوبست سماج جي هٿ ۾ هوندو آهي. ڪنهن به ملڪ جو نظام تعليم سڌيء ريت ان ملڪ جي مسئلن ۽ ضرورتن تي دارومدار رکندو آهي.نظام تعليم يا تعليمي عمل سماج جي ضرورتن کي نظرانداز ڪري نٿو سگھي.تعليمي عمل جو سماج سان گهرو لاڳاپو ٿئي ٿو جو هر ماڻهو سماج جو حصو هوندو آهي ۽ هر ماڻهوء لاء تعليم يافتا هئڻ نهايت ضروري آهي پر هتي ته هميشه ابتي گنگا وهندي آئي آهي.اسان جي ملڪ ۾ علم جو تعلق پئسي سان ڳنڍيو ويندو آهي.اسان جي ملڪ ۾ نوي سيڪڙو امير ماڻهو اهڙا آهن جيڪي پڙهيل لکيل ناهن.علم جي باري ۾ ته چيو ويندو آهي ته علم انسان جي غيبي اک آهي جنهن ذريعي هو ڪيتريون ئي شيون پسي سگھي ٿو پر اسان جي ملڪ ۾ ته تعليم جو معيار ئي ختم ٿي چڪو آهي. اسان جي قوم جيڪا اڳ ئي هڪ ٽڙيل پکڙيل قوم هئي هاڻي هڪ هجوم جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي.ان ٽڙيل پکڙيل قوم کي هڪ خوبصورت تعليمي نظام ذريعي ڳنڍي سگھجي ها پر هتي ته تيرهن قسمن جا تعليمي نظام هلي رهيا آهن جن جو حاصل نتيجو ٻڙي آهي.اردو ميڊيم،انگلش ميڊيم،مشينري اسڪول ۽ مدرسن وغيره قوم کي وڌيڪ ٽڪرن ۾ ورهائي رکيو آهي.اڻ پڙيل هئڻ ڪو ڏوهه ناهي پر جاهل رهڻ ضرور ڏوهه آهي.جهالت جو وڏي ۾ وڏو مثال اهو آهي جو اسان مان ڪنهن کي به ڪو قانون ٽوڙڻ کان منع ڪئي وڃي ته هو اهو ئي جواب ڏئي ٿو ته ٻيا به ته قانون ٽوڙي رهيا آهن.جاهل شخص کي چئجي ته پنهنجي گھر جو گند ڪچرو گھٽيء ۾ نه اڇلايو ته جواب ملندو ته ميونسپلٽيء  وارا پگھارون ڪهڙي ڪم لاء ٿا وصول ڪن؟ ڪنهن اڻ پڙهيل ماڻهوء سان ته گذارو ڪري سگھجي ٿو پر ڪنهن جاهل ماڻهوء سان گھارڻ وڏو عذاب آهي. جهالت اها به آهي جو جن ماڻهن وٽ اوچتو حرام ذريعن سان اجايو پئسو اچي وڃي ٿو ته اهي سڀ کان پهرين واسڪوٽ سبرائي معتبر بنجڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.پوء گھر بدلائين ٿا ۽ ماڻهن کي ڏيکارڻ لاء پئسي جي فضول خرچي ڪن ٿا.اسان جي سماج ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو رڳو هڪڙو ئي مقصد هوندو آهي ته ڪٿي ڪا سٺي نوڪري ملي وڃي ۽ جن کي ڪا سٺي نوڪري ملي ٿي ته اهي علمي ۽ معاشي دهشتگردي پکيڙڻ لڳن ٿا.پاڪستان ۾ اڄ تائين جيتري به معاشي دهشتگردي ۽ ڪرپشن ٿي آهي اها انهن پڙهيل لکيل ماڻهن ئي ڪئي آهي.اسان جي ملڪ جو تعليمي نظام نهايت ئي ناقص ۽ بي مقصد آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو نائيجيريا کان پوء اسان جي ملڪ ۾ ئي گھٽ ۾ گھٽ ٻار اسڪول وڃن ٿا.اڍائي ڪروڙ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن ۽ حالت اها آهي جو سرڪاري اسڪولن ۾ ٻارن جو انگ وڌڻ بدران ڏينهون ڏينهن گھٽجي رهيو آهي.نجي تعليمي ادارن ۾ مختلف ڳرين فين سان ماڻهن کي ڪٺو پيو وڃي.عام ماڻهون انهن ادارن ۾ پنهنجا ٻار پڙهائي نٿو سگھي.اسان جو ملڪ هن وقت جن بنيادي مسئلن جو شڪار آهي انهن مان تعليم هڪ اهم مسئلو بڻيل آهي. سبب اهو جو اسان پنهنجي جي ڊي پي جو رڳو ٻه سيڪڙو تعليم تي خرچ ڪيون ٿا جنهن جو به هڪ وڏو حصو ڪرپشن حوالي ٿي وڃي ٿو.سرڪاري تعليمي ادارا جتي تدريسي عملي جي شديد کوٽ جو شڪار آهن اتي انهن ادارن ۾ بنيادي ضروري سهوليتون به اڻ لڀ آهن.استادن جي تربيت جو ڪو جوڳو بندوبست ڪونهي.جديد دور جي گھرجن مطابق تعليمي نصاب ۾ اڃا تائين ڪا تبديلي نه ٿي سگھي آهي.ادارن ۾ سياسي مداخلت کي ڪو ٻنجو نه اچي سگھيو آهي .اسڪولن ۾ موجود سائنسي ۽ فني ليبارٽريون سامان جي اڻ هوند جو شڪار آهن.انتظامي ڪرسين تي اهڙا عملدار ويٺل آهن جن جي تعليمي يا تدريسي عمل سان ڪا به عملي دلچسپي نظر نٿي اچي.حالت اها آهي جو اڪثر اسڪولن ۾ ته شاگردن جي ويهڻ لاء فرنيچر به موجود ناهي.جديد دور ۾ جڏهن دنيا انٽرنيٽ ذريعي پورو پورو تعليمي ۽ تدريسي فائدو حاصل ڪري رهي آهي اسان جا تعليمي ادارا ان سهوليت کان اڃا تائين محروم آهن.تنهن هوندي به چئي سگھجي ٿو ته اسان جي ملڪ ۾ تعليمي ادارا ڪجهه نه ڪجهه تدريسي عمل ته جاري رکندا ٿا اچن پر جيستائين تربيتي عمل جو تعلق آهي ته ان جون ضرورتون بلڪل ئي پوريون نه ٿي رهيون آهن جنهن ڪري پڙهيل لکيل ماڻهن جي سوچن ۽ روين ۾ به جهالت ئي جهالت ڇوليون هڻندي نظر اچي ٿي.جيڪر هن سماج کي ڏڦير ۽ انتشار مان ڪڍڻو آهي ته تعليمي ادارن ۾ تربيتي نظام کي مضبوط ۽ فعال بنائڻو پوندو.تعليم جو مقصد ماڻهن کي پڙهائڻ نه پر سندن تربيت ڪرڻ هوندو آهي ته جيئن اهي هن سماج جا سڌريل ۽ مهذب فرد بڻجي سگھن،پنهنجون سماجي ۽ قومي ذميداريون سمجھي انهن کي پورو ڪرڻ جي قابل بڻجي سگھن.منجھن انسانيت جي فلاح ۽ بهبود جو جذبو بيدار ٿي سگھي ۽ اهي هر قسم جي ڪيني، لالچ ۽ تعصب کان مٿانهان ٿي سوچي سگھن.جيڪر اسان جو موجوده تعليمي سرشتو اهي ضرورتون پوريون نه ڪري رهيو آهي ۽ پڪ سان پوريون نه ڪري رهيو آهي ته پوء اسان پڙهيل لکيل ماڻهن جي اهڙي فوج تيار ڪري رهيا آهيون جن ۾ نه سماجي شعور آهي ۽ نه ئي انساني قدرن جي ڪا سڃاڻپ!
(روزاني عوامي اواز 19 آڪٽوبر 2018ع)

Thursday, October 18, 2018

هنجن ڏي هيڪار،جي ڳڻ ڪري نهارئين.





شفيق الرحمان شاڪر
سهڻو لطيف ٿو فرمائي ته
“ هنجن ڏي هيڪار جي ڳڻ ڪري نهارئين،
ٻگھن سان ٻيهار، هوند ٻيلهه نه ٻڌين ڪڏهن.”
لطيف سائينء جو بنيادي طور تي مخاطب هر انسان آهي.هو انسان کي هن ڪائنات جي جنهن اعليٰ،اشرف،شاندار ۽ عزت ڀرئي مقام تي فائز ڏسڻ گھري ٿو انهيء منزل جو رستو نهايت ئي سادي،آسان ۽ مثالي انداز ۾ اهڙو ته چٽو ڪري ٿو جو ان رستي جي پانڌيئڙن  جي ذهن ۾ ڪو وهم گمان، مونجھارو ۽ دل ۾ ڪو وسوسو باقي نه رهي.سندس شاعريء ۾ هي جو مثالن واريون سمجھاڻيون موجود ملن ٿيون انهن جو مقصد به اهو آهي ته ڳالهه کي اهڙو ته آسان ۽چٽو ڪري پيش ڪجي جو گھٽ کان گھٽ عقل رکندڙ انسان به آسانيء سان اهي عظيم  راز ۽ رمزون سمجھي سگھي.
هنج يا هنجهه هڪ پکي آهي جنهن کي اردو ۽ هنديء ۾ “هنس” چيو ويندو آهي سو شاهه صاحب لاء نهايت ئي مثالي ، وڻندڙ ،عمدو ۽ سهڻوپکي رهيو آهي.سهڻا پکي ته ٻيا به کوڙ آهن پر هنج جون ڪجهه عادتون،خصلتون ۽ فطرت اهڙي ته وڻندڙ  ۽ اعليٰ آهي جيڪا هن کي ٻين پکين تي فضيلت ۽ برتري بخشي ٿي.ڇا هنج پکيء جي سونهن هن کي ٻين پکين کان منفرد ۽ مختلف بڻائي ٿي؟پر انهيء کان اڳ ان سوال جو وجواب ڳولهڻو پوندو ته آخر سونهن آهي ڇا؟سراسري طور تي ان جو عام جواب ته اهو ئي ٿي سگھي ٿو ته جيڪا شيء دل کي وڻي ۽ من کي موهي ۽ نظر کي سهڻي لڳي سا سونهن آهي ته پوء شاهه سائينء جي هن شعر جو ڪهڙو مطلب ورتو وڃي ته
“ صورت گھڻا سهڻا،ٽاڻا سندن ٽوهه،
ريلو ڏيئي روح، جو کائي سو کامي مري.”
يعني ڪيترائي انسان  صورت ۾ اهڙا سهڻا آهن جهڙا ٽوهه سهڻا هوندا آهن پر سندن ٽاڻا يعني خصلتون  ٽوهه جي ڪوڙاڻ ۽ زهر جهڙيون هونديون آهن.جيڪر ٽوهن جي ان ظاهري سونهن سوڀيا تي ڪنهنجو من هرکجي ۽ هو هن مان ذرو چکي ويهي ته ان جي زهر جهڙي ذائقي کان سڙي ۽ کامي وڃي.ته چئبو ته شاهه سائين ظاهري صورت ۽ ڏيک ويک سان سونهن کي نٿو ڳنڍي جو سونهن ڪنهن شيء جي طبعي خاصيتن سان نه پر سندس ڪيميائي خاصيتن سان تعلق رکي ٿي.ايئن کڻي چئجي ته سونهن ڪا جسماني نه پر روحاني شيء آهي.هاڻي اچو پهرئين بيت طرف ته  شاهه سائين انسان کي هنجن جون خصلتون اختيار ڪرڻ ۽ ٻگھن جي خصلتن کان پاڻ کي بچائڻ جي تلقين ڪري ٿو.ٻگھه به هڪڙو پکي آهي جنهن جي فطرت ۽ طبيعت ۾ گندگي ۽ غلاظت سان محبت ۽ چاهت ڀريل آهي.اهو سدائين ڪني پاڻيء ۾ ئي ويهڻ پسند ڪندو آهي ۽ سندس کاڌو پيتو به گندگي ۽ غلاظت آهي.جڏهن ته ان جي ابتڙ هنج سدائين صاف پاڻيء ۾ ئي گھاريندو آهي ۽ گندگي يا غلاظت پسند نه ڪندو آهي.بک مرندي به اهو ڪنهن گندي خوراڪ يا ڪني پاڻيء طرف نهاري به نٿو.
“ پکي ٻيا مچن، هنجهه سدائين ڏٻرا،
ماريء سندي مامري، سدا رڃ رهن،
ستو لوڪ لطيف چئي،هو آڌيء اڏامن،
الا! ان    پکين، سر ۾ سک نه ماڻيو.”
ٻگھن سان ٻيلهه ٻڌڻ بدران هنجن جي صحبت ان ڪري ضروري آهي جو ٻيا پکي هر قسم جو گند ۽ غلاظت کائي مچي پون ٿا پر ويچارا هنجهه بکن سبب سدائين ڏٻرا ۽ ڪمزور رهن ٿا.آخر اها ڪهڙي ماجرا آهي  جو اهي کاڌي پيتي جي هنڌن تي رهڻ بدران رڃ جو سفر اختيار ڪرڻ تي مجبور ٿين ٿا؟ شاهه صاحب فرمائين ٿا ته انهن کي هروقت شڪاريء جو خوف رهي ٿو .هتي شڪاريء مان مراد انسان جو نفس يا شيطان آهي جيڪو هروقت انسان کي سڌي رستي تان ٿيڙڻ لاء سرگرم رهي ٿو.جڏهن سڄو لوڪ سمهي ننڊ جا مزا ماڻي ٿو ته اهي هنجهه آڌيء رات جو اٿي اڏامن ٿا.مطلب ته خدا جا اهي پيارا بندا جيڪي رات جو اٿي پنهنجي ڌڻيء کي ٻاڏائين ٿا،آهه ۽ زاري ڪن ٿا ۽ پنهنجن گناهن جي معافي گھرن ٿا،پنهنجي مالڪ سان دل جون ڳالهيون سلين ٿا.سو انهن پکين دنيا جي هن سر ۾ ڪڏهن به لاپرواهه ۽ غافل بڻجي نه گذاريو جنهن ڪري اهي هر وقت سکن بجاء ڏکن ۾ گذارين ٿا.
“ پاڻيء ۾ پونئرا پيا، چلڙ چڪ گھڻي،
ويا چت کڻي، تنهن سر مٿان هنجڙا.“
هنجهن جي فطرت رکندڙ انهن عظيم انسانن جڏهن اندر جي اکين سان دنيا جي دورنگيء جو نظارو ڪيو ته انهن ان جي اصل حقيقت ۽ سچائي ڳولي ورتي ته دنيا جي ان مها ساگر جي پاڻيء ۾ پونئرا پيل آهن ۽ انهيء ۾ چلڙ ۽ چڪڻ سواء ٻيو ڪجهه ناهي تڏهن کان انهن جي دنيا تان دل کڄي ويئي.جڏهن انهن دنيا جي حقيقت کي صحيح سڃاتو ته پوء
“ ڇڏي تانگهه طلب جي، لوچي لاڙهو ٿيا،
موتي جي مهراڻ جا، هنجهن هٿ ڪيا،
هلي هيڪ ٿيا، پکي ماڻڪ پاڻ ۾،. ”
جڏهن انهن جي دلين مان دنيا ۽ سندس فاني شين جو هوس ۽ حرص ختم ٿي ويو ته پوء اهي املهه ماڻڪن جي ڳولا ۽ طلب ۾ لڳي ويا ۽ محنت ڪري مهراڻ جا اهي موتي وڃي هٿ ڪيائون پوء وحدت ۽ ڪثرت جي فلسفي مطابق اهي انهن ماڻڪن سان ملي پاڻ ئي ماڻڪ بڻجي ويا.شاهه صاحب هنجن جي هڪ ٻي خصلت جو به ذڪر ڪري ٿو ته هنجهه سڀ جا سڀ اڇا اجرا ۽ صاف آهن،انهن ۾ ڪا ميرائي آهي ئي ڪانه،جنهن هنڌ تي ڪي گھڙيون گھاري وڃن ته سندن سڳنڌ سان اهو هنڌ ئي سرهو ٿيو وڃي.
“ هنجهه مڙوئي هنجهه، ميرو منجهن ناهه ڪو،
جت  رهن  سنجهه، سو  سر  ڪيائون   سرهو.”
سو اي انسان! ٻگهن جهڙن بد خصلت انسانن سان سنگت سجائي پنهنجي برباديء جو سامان نه جوڙ جو هنجن جو اهو شان ناهي جو ٻگھن سان ويهي بيلهه ٻڌن.
“ هنجن نه اهڙا پار، جيئن ٻيلي ٿين ٻگھن جا،
اٺئي  پهر  ان  کي،         ساڻيهه   جي سنڀار،
هيرو هنجهنئون ڌار، جيوري نه ٻي جات کي.”
هنجهن ۽ ٻگھن ۾  وڏو فرق اهو آهي جو هنجهن کي هر وقت پنهنجي اصل وطن يعني آخرت جي سار سنڀال ۽ يادگيري رهي ٿي  ۽ حقيقت اها آهي ته معرفت جو موتي هنجهن سواء پکين جي ٻي ڪنهن ذات جي حصي ۾ نٿو اچي.

(روزاني هلال پاڪستان 17 آڪٽوبر 2018ع)

Tuesday, October 16, 2018

رڙ نه ڪريو،چپن کي سبو!




شفيق الرحمان شاڪر
چوندا آهن ته نصيحتون ۽ ڀاشڻ ٻڌڻ لاء پيٽ ۾ ڪجهه هئڻ ضروري آهي،خالي پيٽ ڪا به نصيحت ڊول ۾ نه ويهندي آهي.جڏهن پيٽ ۾ پوليس پيٽرولنگ ڪري رهي هجي ته ملڪي معيشت جي باري ۾ ڪهڙا ويهي قصا ٻڌجن بلڪه ان وقت اهي انگ اکر غذاب بڻجي ڪڙڪندا آهن.ملڪ جو موجوده وزيراعظم جنهن کي سندس مريد عقيدت وچان “ڪپتان” جڏهن ته پنجاب جو هيوي ويٽ پهلوان راڻو ثناءا محبت وچان “الزام خان ” سڏيندو آهي تنهن جي حڪومت آخر قوم کي خوشخبري ڏني آهي ته آئي ايم ايف وٽ وڃڻ به ضروري آهي جيئن استاد راحت فتح علي خان غزل ڳايو آهي ته
“ تيري آنکون ڪي دريا ڪا اترنا ڀي ضروري ٿا،
محبت ڀي ضروري ٿي، بڇڙنا بهي ضروري ٿا.”
سو مطلب اهو ٿيو ته تبديلي به ضروري هئي پر آئي ايم ايف وٽ وڃڻ به ضروري هو.ڳالهه پئي ڪئيسين خالي پيٽ جي ته اسان جي ملڪ کي اهو خاص اعزاز حاصل آهي ته هتي ڀريل پيٽ ئي اڪثر بکيا رهندا آهن ۽ اهڙا پيٽ رڳو اشرافيا جي حصي ۾ آيا آهن.رهيا غريب غربا ته انهن جا پيٽ هميشه خالي ئي رهندا ٿا اچن.شاباس هجي دال سڳوريء کي جنهن انهن غريبن سان هر حال ۾ نڀايو آهي،رهيو سوال مسمات مرغيء جو ته اها غريبن جي نصيب ۾ ڪٿي! اها غريبن کي رڳو ٻن شرطن تي ئي دستياب ٿي سگھي ٿي يا ته غريب بيمار ٿئي يا وري مرغي پاڻ بيمار ٿي پوي.ڄڻ ته مرغي هن دنيا ۾ نازل ئي وڏن پيٽن وارن لاء ٿي هجي!انهيء اشرافيا لڏي جا اڳواڻ اسان جا ڄائي ڄمندي حڪمران آهن جن جي پيٽن جي ايراضي وقت گذرڻ سان گڏوگڏ وڌندي ئي ٿي وڃي.هر ڀيري قرض وٺڻ جو احسان اسان تي ڪندا آهن پر اهو ڏوڪڙ ميدان تي لهڻ کان اڳ وڃي ڪهڙن پيٽن ۾ ٿو سو راز سمجھڻ لاء اسان کي شايد اڃا صديون گھرجن.ڏاڍ مڙسيء جي انتها جو سڀ ڪجهه هضم ڪري به اسان کي دڙڪا ڏيندا رهن ٿا ته خبردار! اسان تي بي بنياد الزام نه هڻو نه ته هتڪ عزت جو ڪيس داخل ڪنداسين.ها سائين! عزت رڳو اوهان جي ئي آهي باقي عوام کي ته هڪڙو پوليس جو سپاهي به بنان ڪنهن ثبوت جي ماڻهن سامهون  مرغو بنايو ڇڏي.ماڻهو بنان ڪنهن فيصلي جي سالن تائين جيلن ۾ سڙي مري ويا.چوندا وري ڇا ته اسان جي خلاف هڪڙي روپئي جي به چوري ثابت ڪري ڏيکاريو! چون بلڪل صحيح ٿا جو پهرين ڳالهه اها ته اهي هڪڙي روپئي جي چوري ڇو ڪندا جو هن ملڪ ۾ روپئي جو چور ئي موچڙا سهي ٿو باقي جيڪر چوريء جو انگ خدا جي فضل سان اربن ۽ کربن ۾ هجي ته پوء اها چوڻي بلڪل ٺهڪي اچي ٿي ته “ قانون انڌو هوندو آهي.”يعني قانون کي ڪجهه به نظر نه ايندو آهي.قانون برابر انڌو هوندو آهي پر  ڇا خلق خدا به انڌي هوندي آهي؟.ٻي ڳالهه اها ته “ثابت ڪريو.” واقعي ! اهي اهڙا ڪرتب اهڙي ته هٿ جي صفائيء سان سرانجام ڏين ٿا جو انهن کي ثابت ڪرڻ لاء جاچ ادارن کي سڄي زندگي ئي ڪوئي ٻليء واري راند ئي کيڏڻي پوي ٿي ۽ نتيجو اهو جو الٽو جاچ ڪندڙ ئي توبه زاريون ڪندا رهجي وڃن ٿا.سمجهه ۾ اهو اسرار نٿو اچي ته جيڪا به نئين حڪومت اچي ٿي سا ساڳي رڙ ڪري ٿي ته خزانو ٻڙي ٻڙي!جيڪو به نئون مسيحا اچي ٿو اهو ايندي ئي عوام کي صبر جي تلقين ۽ ايندڙ وقت ۾ وڌيڪ سختيون سهڻ جا ڀاشڻ ٻڌائڻ لڳي ٿو.ڇا ڪجي پيارا! جيڏو اٺ تيڏا لوڏا،جيڪو حڪمران جيترو وڏو انقلابي اوترو ئي ان جا لوڏا به وڏا! اٺ جي لوڏن تان ياد آيو ته ڪو ٻهراڙيء جو همراهه مال پڙيء تان اٺ خريد ڪرڻ ويو.اٺ جي مالڪ اٺ جي جيڪا ڳري قيمت ٻڌائي اها ٻڌي خريدار کي بخار اچي ويو، حيرت وچان پڇيائين؛ “ ميان! آخر تنهن جي اٺ ۾ اهڙي ڪهڙي خاص خوبي آهي جو ان جي هيڏي وڏي قيمت رکي اٿئي؟” اٺ جي مالڪ فرمايو“ منهنجو هي عجيب ۽ غريب اٺ اٿڻ ساڻ ئي ٽي لوڏا گڏ ڏيندو آهي.” خريدار پريشان ٿيندي چيو ته      “ آئون ته ان جي پهرئين لوڏي ۾ ئي ڪري ويندس باقي ٻه اضافي لوڏا اهو اجايا ڏيندو!” سو سمجھڻ وارن لاء اها ڳجھارت ايتري ڏکي به ناهي پر اسان جي خيرخواهه حڪمرانن جي في الحال فرمائش اها آهي ته “دانهن نه ڪريو.صبر کان ڪم وٺو.” ڪنهن شاعر جي چوڻ مطابق
“ تڙپني  ڪي  اجازت  هي نه  هي   فرياد  ڪي  هي،
گھٽ گھٽ ڪي مرجائون يي مرضي صياد ڪي هي.”
چون ٿا ڙڙيون ۽ فرياد نه ڪريو.چهنڊڙي پوي ته رڙ به نه ڪيون،ڪپڙن تي ٻرندڙ الا اڇليو ته ڇرڪ به نه ڀريون،ڪن مهٽيو ته ڪنجھون به نه، چاليهه هزار وولٽ جو جھٽڪو لڳي ته ڏڪون به نه،سالن جي سنگتي بڻيل اڪيلي دال سونهاري کسجي ته گھوڙا گھوڙا به نه ڪريون.جيڪا اوهان جي مرضي! جو مرضي ته نيٺ اوهان جي ئي هلڻي آهي.اوهين اسان جا آقا ۽ اسين اوهان جاغلام،اوهين اسان جا رهبر ۽ اسين اوهان جا ڄائي ڃمندي تابعدار، اوهان سان اسان جو جھيڙو ڪٿي ٿو ٺهي؟جيڪي ڪيو ۽ جيئن به ڪيو جواب ۾ اها ئي قبرستان واري خاموشي ئي اوهان کي ڇانئيل ملندي جيڪا گذريل ستر سالن ۾ اسان جي گڏيل قومي سڃاڻپ ۽ فخر جي نشاني رهندي آئي آهي.
(روزاني جيجل 14 آڪٽوبر 2018ع)

Saturday, October 13, 2018

مرڪ جيڪا من موهي ٿي!


شفيق الرحمان شاڪر
شهر جي هڪ ڊنر پارٽيء ۾ هڪ مهمان عورت جنهن کي ورثي ۾ گھڻي دولت هٿ آئي هئي، ان ڳالهه جي خواهشمند هئي ته ٻين سان ملڻ وقت اها ٻين کي هر صورت ۾ متاثر ڪري سگھي.هن عمدي پوشاڪ سان گڏوگڏ نهايت ئي قيمتي زيور به پهري رکيا هئا پر سندس چهري تي اعليٰ قسم جي ميڪ اپ هئڻ باوجود به حقيقي تازگي نظر نٿي آئي.هن جو چهرو جذبن کان خالي هو بلڪه انهيء تي خود غرضيء جي جھلڪ صاف نظر اچي رهي هئي.هن کي اها ڄاڻ بلڪل ئي نه هئي ته ماڻهو سڀ کان اڳ ٻئي جو چهرو ئي ڏسندا آهن ۽ چهري تي مرڪ هئڻ ڪيتري قدر ضروري آهي؟ ان جو اندازو هن کي نه هو.ان جي ابتڙ سندس خيال هو ته هن جو سهڻو لباس ۽ قيمتي زيور خود بخود ماڻهن کي هن طرف ڇڪيندا ۽ اهڙيء طرح هوء محفل ۾ موجود سمورن مهمانن تي پنهنجي باري ۾ هڪ سٺو تاثر قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي.
چارلس شواب جي چوڻ مطابق “ سندس مرڪ جي قيمت هڪ لک ڊالر آهي.” هن بلڪل صحيح چيو آهي.شواب جي شخصيت،سندس جادوئي اثر واري گفتگو ،من کي موهيندڙ مرڪ ۽ ٻين ماڻهن ۾ دلچسپي ظاهر ڪري انهن کي سندس ذات ۾ دلچسپي وٺڻ لاء مجبور ڪرڻ چارلس شواب جي ڪامياب شخصيت جون منفرد خوبيون هيون ۽ سندس غير معمولي ڪاميابيء جو راز به اهو ئي هو.سندس پراثر شخصيت ۾ سڀ کان وڏو عنصر سندس خوبصورت مرڪ هئي.
هڪ ڳالهه ياد رکڻ گھرجي ته اسان جي چهري تي اڀرندڙ تاثر لفظن کان وڌيڪ طاقتور هوندا آهن ۽ انهن مان هڪڙو تاثر مرڪ يا مسڪراهٽ به آهي.پر اهڙي مرڪ جنهن ۾ سچائي نه هجي يا ڪنهن زبردستيء واري مرڪ سان ڪنهن کي بيوقوف بنائي نٿو سگھجي.اهڙي ٺڳي جلد ئي پڪڙجي پوي ٿي.هتي رڳو ان مرڪ جي ڳالهه ٿي رهي آهي جنهن ۾ گرمجوشي هجي ۽ جنهن ۾ دل جا حقيقي جذبا شامل هجن.مشي گن يونيورسٽيء ۾ نفسيات جو هڪ پروفيسر جيمسن مرڪ جي باري ۾  لکي ٿو ته “ اهي ماڻهو جيڪي سدائين مسڪرائيندا رهندا آهن اهي جيڪر دفترن ۾ هجن ته سٺا نگران ۽ بهترين منتظم ثابت ٿين ٿا.جيڪر اهي استاد هجن ته شاگرد انهن کان خوش رهن ٿا.جيڪر سيلز مين هجن ته پنهنجون شيون نهايت ڪاميابيء سان وڪڻي سگھن ٿا.منهن تي گھنج جي بدران مرڪ نهايت ئي اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.اهڙيء طرح پڙهائڻ وقت سزا جي بدران حوصلا افزائي وڌيڪ موثر ثابت ٿئي ٿي.”
مرڪ جا اثر نهايت ئي طاقتور ٿين ٿا ايستائين جو توڙي اوهان اهڙي جڳهه تي مسڪرائي رهيا هجو جتي اوهان کي ڪو ئي ڏسڻ وارو به موجود نه هجي تڏهن به ان جا اثر گھڻو پائيدار ٿين ٿا.هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪر توهان مسڪرائڻ چاهيو ئي نٿا ته پوء ڇا ڪجي؟ٻه حل ٿي سگھن ٿا پهريون اهو ته زبردستيء کلڻ جي ڪوشش ڪجي. يا جيڪر اڪيلائي هجي ته سيٽي وڄائجي يا وري ڪو گانو ڳائجي ۽ ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪيو ته اوهين خوش آهيو.انهيء ڳالهه کي ماهر نفسيات وليم جيمس هنن لفظن ۾ بيان ڪري ٿو “ اسان جي هر عمل پويان اسان جا جذبا لڪل هوندا آهن.اهي ٻئي زندگيء ۾ گڏ گڏ هلندا آهن.عمل انسان جي اختيار ۾ هوندا آهن پر جذبا سندس اختيار ۾ نه هوندا آهن سو اسان پنهنجي عمل کي جيڪو اسان جي وس ۾ هوندو آهي قابوء ۾ آني پنهنجن جذبن تي به اختيار حاصل ڪري سگھون ٿا.جنهن ڪري خوش رهڻ جو رستو ئي اهو آهي ته اوهان اٿندي ويهندي خوش رهو۽ ڳالهه ٻولهه دوران به مسڪرائيندا رهو جنهن مان ٻين کي محسوس ٿيندو ته انهن سان ملندي يا ڳالهائيندي اوهان کي تمام گھڻي خوشي ٿي آهي.”
هن دنيا ۾ اسان مان هر ماڻهو خوشيء جي ڳولا ۾ آهي پر انهيء کي حاصل ڪرڻ جو  هڪڙو ئي يقيني  ۽ بهترين طريقو آهي ته اسان پنهنجن خيالن تي قابو آڻيون.خوشيء جو تعلق ٻاهرين حالتن سان نٿو ٿئي پر اهي اسان جي اندر مان جنم وٺنديون آهن.خوشي اها ناهي ته توهان ڇا آهيو ۽ ڇا ناهيو يا اوهان وٽ ڇا ڇا آهي؟ مثال طور ڪنهن ساڳي هنڌ ۽ ساڳين حالتن ۾ رهندڙ ٻه شخص  جيڪي ساڳئي قسم جو ڪم ڪندا هجن ۽ ساڳي پگھار وصول ڪندا هجن ۽ ٻنهي کي زندگيء جو هڪجهڙيون آسائشون به حاصل هجن پر انهن ٻنهي مان هڪڙو ّخوش ۽ ٻيو مايوس زندگي گذاري سگھي ٿو.آخر ايئن ڇو؟ انهيء جو سبب رڳو انهن ٻنهي جو ذهني رويو آهي.لڱ ساڙيندڙ اس ۾ به ڪنهن ڪڙميء کي خوش ڏسي سگھجي ٿو ان جي ابتڙ ڪنهن وڏي عاليشان ايئر ڪنڊيشنڊ بنگلي ۾ رهندڙ ڪنهن شخص کي رنج ۽ اداس پسي سگھجي ٿو.وليم شيڪسپيئر جو چوڻ آهي ته “ دنيا ۾ ڏک يا سک نالي ڪا شيء موجود ئي ناهي،اها اسان جي سوچ آهي جيڪا انهن شين کي جنم ڏئي ٿي.” ابراهم لنڪن هڪ ڀيري چيو هو “ ماڻهو صرف ايترو ئي خوش هوندو آهي جيترو سندس ذهن خوش هوندو آهي.”
جڏهن به ٻاهر نڪرجي ته پنهنجي کاڏيء کي ٿورو اندر طرف موڙجي،مٿي کي اوچو ۽ ڦڦڙن کي کليل رکجي،سج جي روشنيء ۾ کائجي ۽ پيئجي،فطرت جي هوائن ۾ ساهه کڻجي ۽ پنهنجي دوستن جو آڌر ڀاء هميشه گرمجوشيء ۽ هڪ پرخلوص مرڪ سان ڪجي.ان ڳالهه جي پرواهه نه ڪجي ته اسان جي ان رويي جو ماڻهو ڪهڙو مطلب وٺندا ۽ پنهن جن دشمنن جي باري ۾ سوچڻ ۾ هڪ منٽ به ضايع نه ڪرڻ گھرجي.اها ڳالهه مضبوطيء سان دل ۾ ويهارڻي آهي ته اسان جيڪي ڪجهه حاصل ڪرڻ گھرون ٿا سو نهايت ئي يقين سان آخر ڪار حاصل ڪري سگھون ٿا.پنهنجي ذهن ۽ سوچن کي عظيم،شاندار ۽ هاڪاري شين تي ئي مرڪوز رکڻو آهي جيئن جيئن ڏينهن گذرندا ويندا اندر ۾ يقين جي قوت وڌيڪ مضبوط ٿيندي ويندي ۽ اسان کي پنهنجي لاشعور ۾ اهو محسوس ٿيڻ لڳندو ته اسان ۾ اهي عظيم ۽ شاندار شيون حاصل ڪرڻ جو سموريون گھربل صلاحيتون بهترين نموني موجود آهن.پنهنجي ذهن ۾ ان عظيم انسان جو تصور ۽ خاڪو هروقت ويهاري رکو جيڪو اوهان بنجڻ گھرو ٿا.اوهان جون سوچون اوهان کي هر ڪلاڪ بعد وڌيڪ ان سانچي ۾ بدلائينديون وينديون رڳو پنهنجو ذهني رويو درست طرف ۾ رکڻو آهي.اهي سوچون ئي نئين تخليق هونديون آهن .  مرڪ جنهنجو ڪو ملهه ناهي پر تاثير جي لحاظ کان اها نهايت ئي قيمتي شيء آهي.توڙي جو اها چند سيڪنڊن لاء هوندي آهي پر ان جو اثر دير تائين قائم رهي ٿو.جنهن کي مرڪڻ نٿو اچي اهو پنهنجو پاڻ کي سڃو سمجھي.مرڪ جيڪا گھر ۾ خوشيون پکيڙي ٿي،ڪاروباري دنيا ۾  نوان رستا جوڙي ٿي ۽ سماجي زندگيء ۾ نيون دوستيون پيدا ڪري ٿي.پريشانين ۾ آٿت ڏئي ٿي، مايوسين ۾ اميدن جو سوجھرو بڻجي ٿي،ڏکويلن لاء دلاسو بڻجي ٿي. اها قدرت جو اهڙو انمول تحفو آهي جنهن کي ڪنهن دوڪان تان خريد ڪري نٿو سگھجي ۽ نه ئي اها ڪنهن کان اڌاري وٺي سگھجي ٿي. ڪو انهيء کي  چورائي  نٿوسگھي جو اوهان جي دلي جذبن جو مظهر هوندي آهي!

Thursday, October 11, 2018

آخر سنڌي بنجڻ ۾ ڪهڙي رڪاوٽ آهي؟





شفيق الرحمان شاڪر

گذريل ستر سالن دوران پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌ اندر سياست قوم کان قوم پرستي ۽ لسانيت ۾ ڪيئن تبديل ٿي ان جي تجزيي جي ضرورت آهي.سنڌ جو معاملو ملڪ جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ مختلف ۽ گنڀير آهي جو 1947ع ۾ لکين ماڻهو جيڪي هندستان ڇڏي پاڪستان آيا انهن کي هڪ خاص منصوبي هيٺ رڳو سنڌ جي وڏن شهرن ۾ آباد ڪيو ويو.ٻين صوبن سان تعلق رکندڙ اشرافيا ۽ بيوروڪريسي ماڻهن کي انساني همدردي ۽ اسلامي جذبي جا وڏا وڏا ڀاشڻ ته ڏيندي رهي پر هنن عملي طور تي هندستان کان آيل انهن اسلامي ڀائرن کي پنهنجن صوبن ۾ قبول ۽ آباد ڪرڻ کان انڪار ڪيو.اهو صحيح آهي ته هندستان مان آيل انهن ماڻهن مان گھڻا ته واقعي سچي اسلامي جذبي ۽ پاڪستان سان محبت جي نتيجي ۾ هتي آيا پر انهن ماڻهن جي به کوٽ نه هئي جن جي سامهون سنڌ کي ڇڏي هندستان ويندڙ هندن جي ملڪيتن تي نظرون هيون.جيڪي سٺي ۽ سچي جذبي سان هتي آيا انهن ملڪ ۽ سنڌ جي خدمت ۾ پنهنجو پورو حصو به ملايو بلڪه انهن پنهنجو پاڻ کي سنڌي ۽ پاڪستاني سڏائڻ ۾ ئي فخر محسوس ڪيو.انهن ۾ ڪيترائي بزرگ،نيڪ ماڻهو،سماجي ڪارڪن،ڊاڪٽر،حڪيم ۽ دانشور شامل آهن جن زبان يا نسل جي تعصب کان پنهنجو پلئي آجو رکندي انسانذات جي بنان ڪنهن فرق جي خدمت ڪئي.نالا کڻبا ته مضمون ڊگھو ٿي پوندو پر جن ماڻهن جو مقصد رڳو معاشي مفاد،زمينون ۽ ملڪيتون حاصل ڪرڻ هو انهن هتي اهڙو ته خطرناڪ ناٽڪ رچايو جنهن جا منفي نتيجا اڄ تائين سنڌ ۽ ملڪ برداشت ڪري رهيو آهي.ايم ڪيو ايم ته گھڻي دير سان ٺهي پر ان کان گھڻو اڳ سنڌ جي تاريخ،حالتن ۽ واقعن تي سراسري نظر وجھبي ته معلوم ٿيندو ته ان قسم جا ماڻهو هندستان مان جيڪر پاڻ سان گڏ ڪا شيء کڻي آيا هئا ته اهو هو انهن جو ٻين قومن خاص طور تي سنڌين سان تعصب وارو رويو.لياقت علي خان کان ويندي نواب مظفر تائين جون جيڪر سموريون ڪهاڻيون پڙهي وڃو ته سڀ سمجهه ۾ اچيو وڃي ته ڪيئن نه محبتن جي نگريء ۾ نفرتن جو ٻج پوکيو ويوجنهن جونتيجونه رڳو هتان جا اصل سنڌي پر خود اردو ڳالهائيندڙ آبادي به بريء طرح ڀوڳي رهي آهي.اهو بنيادي سوچڻ جو سوال آهي ته آخر هتي آيل اردو ڳالهائيندڙ آباديء کي اڄ تائين سنڌي بڻجي سنڌين ۾ ضم ٿيڻ کان ڪهڙي شيء روڪيندي رهي.انهيء ۾ شڪ ناهي ته اها آبادي ڪيترن ئي بنيادي مسئلن جو شڪار رهندي آئي آهي پر ڏٺو وڃي ته انهن مسئلن ۽ محرومين جو شڪار انهن کان وڌيڪ ته هتان جي اصل آبادي به ته رهندي ٿي اچي ته پوء 1970ع کان پوء واري سياست ۾ انهن پنهن جي باقائدي سڃاڻپ مهاجر جي نالي سان ڇو ڪرائي جيڪا اڳتي هلي مهاجرقومي موومينٽ جي صورت ۾ سامهون آئي.ٿورو پوئتي وڃجي ته پاڪستان جي قيام کان ترت پوء اردو ۽ بنگالي زبانن وارو تڪرار،انهيء سان گڏ ئي سياسي مامرا،1950ع جي ڏهاڪي ۾ پيدا ٿيل آئيني بحران،ايوب خان جي مارشلا ،ون يونٽ جو قيام ۽ ڪجهه سياسي پارٽين تي پابندين پڻ ملڪ کي لساني سياست طرف ڌڪڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيوجنهن جي رد عمل جي طور تي سنڌ ۽ بنگال ۾ کاٻي ڌر جون تحريڪون اڀري سامهون آيون جڏهن ته ڪميونسٽ پارٽيء تي پابنديء جي نتيجي ۾ بلوچستان ۽ اڳوڻي سرحد صوبي ۾ لساني سياست ڪندڙ پارٽيون وجود ۾ آيون.هڪ طرف ته اسڪولن ۾ سنڌي زبان تي پابندي لڳائي ويئي جنهن سان هڪ طرف ايوب خان ۽ اسٽيبلشمينٽ خلاف نفرتن کي هٿي ملي پر محترمه فاطمه جناح جي خلاف صدارتي چونڊن بعد سول سروس ۾ سنڌين ۽ اردو ڳالهائيندڙن جي ڪوٽا گھٽائي ويئي ۽ گاديء وارو هنڌ ڪراچيء کان اسلام آباد منتقل ڪيو ويو.جنهن جي نتيجي ۾ “ڪراچي صرف ڪراچيء وارن لاء” ۽ پوء ڪميونسٽ رهنما محمود الحق عثمانيء جي اڳواڻيء ۾ ڪراچي صوبو تحريڪ شروع ٿي،1972ع ۾ جڏهن پيپلز پارٽي حڪومت سنڌ ۾ سنڌي زبان جو بل متعارف ڪرايو ته  غير سنڌي  متعصب قسم جي دانشور طبقي ان کي زندگي ۽ موت جو مسئلو بنائي ڇڏيو.جنهن بعد ۾ لساني فسادن جي صورت اختيار ڪئي.تعصب جو اهو ٻج جيڪو ڇٽيو ويو هو اهو اڳتي هلي ايم ڪيو ايم جي صورت ۾ مضبوط وڻ بڻجي ويو جنهن کي ملڪي توڙي غير ملڪي ڌرين هڪ وڏي منصوبي تحت نه رڳو ميدان ۾ لاٿو پر انهن جي پوري پوري مدد ۽ تحفظ به ڪيو.اردو ڳالهائيندڙن جي هڪ وڏي اڪثريت ان منصوبي جو شڪار ٿي ويئي ۽ انهن سنڌين سان ملي هڪ ٿيڻ بدران پنجين قوميت ۽ ان قوميت جي بنياد تي نئين صوبي جو نعرو لڳائڻ شروع ڪيو.انهيء ايم ڪيو ايم جي ڇانو۾ سنڌ جي اصل رهاڪن سان ڪهڙا ويڌن ڪيا ويا ۽ خود اردو ڳالهائيندڙن کي ڪهڙين مصيبتن ۾ وڌو ويو اهو سڀ تاريخ جو ناقبل ترديد حصو بڻجي چڪو آهي. 1988ع ۾ ايم ڪيو ايم لاء ووٽ مهاجر لاء ووٽ بڻجي ويو.عام ۽ بلدياتي چونڊن ۾ بي مثال ڪاميابين باوجود ايم ڪيو ايم اردو الهائيندڙن کي ڪجهه به ڏيئي نه سگھي البت پورو شهر لاشن جو قبرستان بڻجي ويو.اها ايم ڪيو ايم ئي هئي جن اردو ڳالهائيندڙ طبقي جي سڃاڻپ علم،ادب ۽ دانش جي بدران ڏوهاري ۽ دهشتگرد ماڻهن جي صورت ۾ ڪرائي،هو اهڙين سرگرمين ۾ ملوث ٿي ويا جيڪي اردو ڳالهائيندڙن جي مزاج ۾ ئي نه هيون.وقت گذرڻ سان گڏ انهن جي سڃاڻپ پوري ملڪ ۾ ڏوهاري،ڀتا خور،ٽارگيٽ ڪلر ۽ دهشتگرد جي طور تي ٿيڻ لڳي.1992ع ۾ ايم ڪيو ايم جڏهن معروف شاعر جون ايليا سان رڳو ان ڪري بدسلوڪي ڪئي جو هو ايم ڪيو ايم جي هڪ اڳواڻ جي اچڻ تي اٿي نه بيٺو هو ته حقيقت ۾ اها اردو ڳالهائيندڙن جي سياسي طرف جي تبديليء جي شروعات هئي.اهڙيء طرح مهاجرن کي شايد سڃاڻپ ته ملي ويئي پر هنن پنهنجو سمورو تهذيبي ۽ ثقافتي ورثو وڃائي ڇڏيو.هن وقت حالت اها آهي جو مهاجر سياست ٽڪرن ۾ ورهايل آهي.مصطفيٰ ڪمال ۽ انيس قائمخانيء جي پاڪ سرزمين پارٽي،فاروق ستار جو ايم ڪيو ايم پاڪستان ڌڙو،خالد مقبول صديقيء جو ايم ڪيو ايم پاڪستان ڌڙو،آفاق احمد جي مهاجر قومي موومينٽ ۽ الطاف حسين جي ايم ڪيو ايم لنڊن اهي سڀ جا سڀ مهاجرن جي حقن جي تحفظ جا دعويدار آهن ۽ سڀ پنهنجو پنهنجو ووٽ بينڪ بچائڻ جي جدوجهد ڪري رهيا آهن.انهن کي اهو ووٽ بينڪ بچائڻ لاء وڌ ۾ وڌ زهر ڀريل تعصب،لسانيت ۽ نفرتن وارن بيانن جي ضرورت آهي جيئن سنڌ ۾ پيپلز پارٽيء کي پنهنجو ووٽ بينڪ مضبوط رکڻ لاء سنڌ ڪارڊ استعمال ڪرڻ جي ضرورت رهي ٿي.سنڌ جي سياست ۾ سنڌي مهاجر جي بنياد تي سياست جي سدائين راند  هلندي ٿي اچي.سرڪاري نوڪريون هجن يا ڪاليج ۽ يونيورسٽين ۾ داخلائون، اسيمبليون هجن يا بلدياتي ادارا،اها ورهاست ۽ فرق هر هنڌ واضح نظر اچي ٿو جيڪو سنڌ لاء ڪنهن به صورت ۾ فائديمند ناهي.ٻنهي پاسن کان ان قسم جي زهريلي سياست ڪندڙ اڳواڻ ۽ ڌريون پنهنجن ذاتي،گروهي ۽ سياسي مفادن لاء هر وقت اهو ڪارڊ کيڏنديون رهيون آهن پر نه ته شهري آباديء جي نمائندگيء جون دعوائون ڪندڙ  ۽ هر حڪومت سان گڏ رهندڙ ايم ڪيو ايم ڪو ماڻهن کي رليف ڏيئي سگھي ۽ نه ئي گذريل ڏهن سالن کان اقتدار جا مزا پاڻيندڙ پيپلز پارٽيء ئي سنڌ جي عوام جي سورن ۾ ڪا گھٽتائي آني سگھي آهي.وقت اچي ويو آهي ته عوام انهن لساني ۽ تعصب واري سياست کي مڪمل رد ڪندي نفرتن جي ٻاريل باهه تي پاڻي وجھي.جيڪي اردو ڳالهائيندڙ سالن کان سنڌ ۾ آباد آهن اهي هاڻي سنڌي آهن.انهن کي ڪوبه سنڌ مان ڪڍي نٿو سگھي . ستم ظريفي اها جو انهن کي سڀ سنڌي تسليم ڪرڻ لاء تيار آهن پر اهي پنهنجو پاڻ کي خبر ناهي ڇو اڃا تائين سنڌي مڃڻ لاء تيار ناهن؟ جڏهن اهي سچ پچ سنڌي بڻجي ويندا ته پوء ان زهريلي سياست جو خود   بخود انت به اچي ويندو. پر سمجھه ۾ نٿو اچي ته انهن کي سنڌي بنجڻ ۾ آخر ڪهڙي رڪاوٽ آهي ۽ انهن کي هروڀرو اهڙي نالي سان قوميت بنجڻ تي ناز ڇو آهي جنهن نالي سان پوري دنيا ۾ ڪابه قوميت اڄ تائين تسليم نه ڪئي ويئي آهي.


(روزاني جيجل 9 سيپٽيمبر 2018ع)


Friday, October 5, 2018

ڇا دنيا واقعي ترقي ڪئي آهي؟




شفيق الرحمان شاڪر
هيء جو چيو ويندو آهي ته انسان ارتقا يا اوسر ڪئي آهي ته ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته انسان ترقي ڪئي آهي.ارتقا يا اوسر هڪ حياتياتي حقيقت آهي،انهيء مان مراد اخلاقي بهتري هرگز ڪانهي.اها ڳالهه ئي غلط آهي ته دنيا ڪا ترقي ڪئي آهي.سڪندر اعظم هجي يا ڊونلڊ ٽرمپ، تاريخ ۾ صرف طاقتور ئي پنهنجي ڳالهه مڃائي آهي.ڏسڻ ۾ هي جيڪي آئن اسٽائين جهڙن سائنس دانن ۽  ماضيء جي ٻين وڏن وڏن فلسفين جي حوالي سان دنيا جي ترقيء جون ڪهاڻيون ٻڌايون وڃن ٿيون اهي سڀ فضول قسم جون ڳالهيون آهن.زمين تي ڇهه عرب انسان وسن ٿا.هي فلسفي ۽ سائنسدان ماضيء ۾ سڪندر اعظم جي ڪڇ ۾ ويٺل هئا ۽اڄ اهي سڀيئي گڏجي ڪري دنيا جي ظالم طاقتورن جي طاقت ۾ اضافي جو سبب بڻجي انهيء کي پنهنجي جديد فلسفياڻن ڪارنامن ۽ سائنسي کوجنائن جو نالو ڏيندا رهيا آهن.آمريڪا جنهن پهريون ايٽم بم ٺاهيو نه رڳو ٺاهيو پر انسانن مٿان استعمال به ڪيو پر پوء به هو دنيا ۾ امن جو عظيم علمبردار ئي قرار ڏنو ويو.سڄي انساني تاريخ اهڙن ئي بد معاشن جي بد معاشين سان ڀري پيئي آهي.هٽلر کي جنهن زماني ۾ طاقت جو بخار چڙهيو ته ان وقت جي سموري جرمن دانش،فلسفو ۽ سائنس هٽلر جهڙي پاڳل ماڻهوء جي جنوني خواب کي تعبير ڏيڻ لاء سندس درٻاري بڻجي ويا.تاريخ جو ڪهڙو به دور هجي،ظالم هميشه پهرين کان وڌيڪ طاقتور ٿيندو رهيو آهي.علم ۽ عقل سڀ کان وڌي ڪري قاتلن جي مدد ڪئي آهي.عدل ۽ انصاف هميشه پهرين کان وڌي ڪري پائمال ٿيندو رهيو آهي.مطلب ته دنيا جيئن پوء تيئن زوال طرف ئي وڌندي رهي آهي ۽ اوسر يا ارتقا جي نالي تي هڪ لاڳيتو اخلاقيات ۽ قدرن جي بربادي وڌندي رهي آهي.سوال اهو ته دنيا ته ڇهه بلين انسانن جي دم سان دنيا سڏائي ٿي.چار پنج فلسفي يا سائنسدان جيڪي خاص ٿين ٿا،اهي پوري دنيا جي انسانيت جي آئيندي جو فيصلو ڪيئن ٿا ڪري سگھن؟هيء زمين ته عوام جي آهي؟ زمين جي هر شيء ۽ وسيلا به عوام جا آهن.هي ڍنڍون.درياء،سمنڊ، ٻيلا، ميدان ۽ جھنگل به عوام جا ئي آهن.عوام ئي هڪ ٻئي سان رشتا ناتا جوڙي ٿو،هڪ ٻئي سان وڙهي ۽ پرچي ٿو.کلي۽ روئي،مري ۽ جيئي ٿو ته پوء اصل فلسفو ته عوام جو آهي جيڪو هلڻ گھرجي، انهن جي سوچ ئي اصل سوچ هئڻ گھرجي.اهي عام ماڻهو جن کي اڻ پڙهيل ۽ جاهل چيو وڃي ٿو. جن کي ٻن ٽڪن جو عام مزدور سمجھيو وڃي ٿو.اهي ڊرائيور،ڪلينر،ڌوٻي، ڪاسائي، رازا ۽ واڍا، اهي گاڏن ۽ ريڙهن وارا،اهي گڌهه هڪلڻ وارا،اهي رڪشا وارا ۽ پان وڪڻندڙ، اهي ئي ته اصل ماڻهو آهن،اهو ئي ته عوام آهي.ماڻهو جيڪي ڪجهه سوچين ٿا فلسفو ته اهو هئڻ گھرجي.ماڻهو جيڪي ڳالهائين ٿا اهو هئڻ گھرجي نظريو.پر ماڻهن جو اهو فلسفو،سوچون ۽ سائنس ڪهڙن ڪتابن ۾ آهن؟بادشاهن جي دور ۾ به اهي ئي عام ماڻهو چند اشرافيا جي لاء جيئندا ۽ مرندا هئا ۽ اڄ به اهي ئي انهن لاء وڌيڪ انگ ۾ مري رهيا آهن.ڪٿي آهي اها ترقي جيڪا ايڪويهينء صديء ۾ لاڳيتو مختلف بيانين جو حصو رهي آهي؟ هتي ته زوال ۽ برباديء جو هڪ المناڪ داستان وکريل آهي.هڪ اهڙي تاريخ جنهن جا عقلمند ڪڏهن ارسطو بڻجي سڪندر جي پٺي ٺپرين ٿا ته وڃ! ۽ وڃي شريف هندستان کي ڦري لٽي اچ.۽ ڪڏهن آئن اسٽائين بڻجي روز ويلٽ کي صلاحون ڏين ٿا ته جرمنيء کان پهرين ايٽم بم ٺاهي وٺ،نه ته جيڪر جرمنيء اهو ٺاهي ورتو ته اهو دنيا کي تباهه ڪري وجھندو.ظلم جو رت سان رنگين اهڙو داستان جنهن جي هر هر صفحي تي ڪربلا پکڙيو پيو آهي.ڪنهن ڪهڙي ترقي ڪئي؟  بيانين ۽ دعوائن کان ٻاهر به ڪنهن جيڪر ڪا ترقي ڪئي آهي ته ضرور ٻڌايو.ڪائي ترقيء نالي شيء نه ٿي آهي.بر صغير ۾ سنڌ جي امن پسند ۽ جنگين جي نالي کان اڻ ڄاڻ وادين جي زماني کان هندستان ۾ ويدن جي عروج واري زماني تائين جو فڪري اثاثو هڪ طرف جڏهن ته يونان کان شروع ٿيندڙ نئين قسم جو عقل جنهن کي بعد ۾ فلسفي جو نالو ڏنو ويو ۽ جنهن هميشه طاقتور ظالم بادشاهن جي طاقت ۾ واڌاري لاء پنهنجو پاڻ کي بنان روڪ ٽوڪ جي استعمال ڪيو،زمين جي گولي تي باهه ۽ رت سان تاريخ لکڻ جو دور آهي.عقل قاتلن جي خدمت ڪئي ۽ ماڻهن دل جي ڳالهه مڃي ۽ انهن جي دل ڪڏهن ڪهڙي ته ڪڏهن ڪهڙي نعري ۽ اعلان تي جيڪار چئي.دل جو مسئلو اهو آهي جو هن وٽ عقل نه هوندو آهي.عقل عيار ۽ مڪار سوين ويس بدلائي وٺي ٿو.ويچارو عشق ڪيڏانهن وڃي جيڪو نه ته زاهد آهي نه ملان ۽ نه دانشور.توڙي جو ان تاريخ ۾ اهڙا موڙ به آيا جو اهڙين دلين ڌڙڪڻ سکيو۽ سيکاريوجيڪي بصيرت جون صاحب هيون.پر مجموعي طور تي زماني رڳو عقل کي ئي رهنما تسليم ڪيو آهي. انهيء حقيقت کان منهن موڙيندي ته جنون به صاحب بصيرت هوندو آهي.پر گھڻين دلين قدم قدم تي انڌن ۽ مست هاٿين جي غلامي ڪندڙ عقل جي رهنمائيء جو بندوبست ڪيو.دنيا تي جيڪي قابض هئا سي قابض ئي رهيا ۽ اڄ به قابض آهن.اهڙن دلدارن کي جيڪر سندن چاهيندڙن پاران وساري نه سگھيو ويو ته سندن بعد سندن يادن کي ئي ان واپار جي جنس بڻايو ويوجنهن جو ڪم ئي زمين ۾ فساد پکيڙڻ ۽ مسلسل فساد پکيڙڻ هو.اها ڳالهه ئي غلط آهي ته دنيا ۾ علمن ۽ فنن ڪا ترقي ڪئي آهي.سائنس ڪي نوان راز کوليا آهن؟ڪهڙا راز؟ اهو ته دنيا جي انسانن کي سيڪنڊن ۾ تباهه ۽ برباد ڪيئن ڪري سگھجي ٿو ۽ انساني آبادين کي مفلوج ۽ معذور ڪيئن بنائي سگھجي ٿو؟ڪائنات جي ڪهڙن رازن تان پردو کنيو؟سائنس ۽ دانش انسانيت کي ڪهڙي تهذيبي بلنديء تي پهچايو؟ان جي ابتڙ انسانيت جيئن پوء تيئن زوال ڏٺو آهي.اخلاقي قدرن جي زنجير ٽٽي ته ٻين ڪمزور ملڪن تي چڙهائي سهي جو شڪار بڻجي ويو.“ تو منهن جو پاڻي ڇو گندو ڪيو؟” واري آکاڻي بگھڙ  ۽ رڍ جي ٻچي کان ترقي ڪري ٽرمپ ۽ فلسطين تي وڃي دنگ ڪيو.دنيا هميشه قاتل ڏٺا ۽ مقتول پنهنجي جانين جي زڪوات ڏيندا رهيا.سڀ جو سڀ فن ۽ فلسفو قاتلن جو زر خريد غلام رهيو ۽ اڄ به آهي.ضرورت آهي ته اهڙي فلسفي جي جيڪو دنيا جي ڇهه ارب انسانن تخليق ڪيو هجي.اهو فلسفو اهي روايتون ۽ پختا عقيدا آهن جن جي بنياد تي اهي پنهنجي زندگيء جو هر پل جيئن ٿا.اهي فلسفا جن ۾ سچن جذبن جي سرهاڻ ۽ بي اختيار ڳوڙهن جي آلاڻ آهي.اهي فلسفا عظيم انساني ميڙ جي گڏيل روح جي چشمي مان بوڙيون ڏيئي ٻاهر نڪرن ٿا ۽ آسماني صحيفن جي صورت اختيار ڪري زمين تي نازل ٿين ٿا.اهي عقل ۽ دانش جا ڪرشما ناهن هوندا جو عقل ته گمانن ۽ وهمن جو گھر آهي.اهي فلسفا ته دلين مان ڦٽن ٿا جيڪي دليون صرف يقين جو گھر هونديون آهن.مطلب ته هي جو چيو وڃي ٿو ته انسان دنيا ۾ ارتقا يا اوسر جون منزلون طيء ڪيون آهن انهيء جو مطلب اهو هرگز ناهي ته انسان ترقي ڪئي آهي.ارتقا جي ڳالهه انسان جي هڪ حياتياتي حقيقت طرف اشارو آهي،هن جي اخلاقي بهتري ۽ ترقيء طرف نه. هونئن به اخلاقي بهتريء جو عمل سائنس ۽ فن سان تعلق ئي نٿو رکي.اخلاقي بهتريء ۽ ترقيء جو سڌو سنئون واسطو دلين جي بهتري ۽ ترقيء سان آهي ۽ دلين جي ترقي ۽ بهتري ئي عملن جي بهتري ۽ ترقيء جي ضمانت هوندي آهي.
 (روزاني جيجل 3 سيپٽمبر 2018ع)


Wednesday, October 3, 2018

چهنڊڙيون ؛ “ٻٽون چور”



ياسر قاضي
چور جي نه عادت ويندي، ڪجهه به ٿئي،
ڀل  کڻي  “ويهين”     جو   آفيسر    هجي.
هو  ته هٿ   هڻندو  جٿي مليس موقعو،

ڀلي   کڻي  دنيا   جو   ڪو  در    هجي.

بکيو سماج ۽ مايا ميڙڻ جو جنون!




شفيق الرحمان شاڪر

مصيبتن ۽ مسئلن جي ماريل هن عوام لاء اهو ناٽڪ نئون ۽ اهو تماشو پهريون ته ڪونهي.مافيائن جي هن ملڪ ۾ گذريل ايڪهتر سالن جي ڊگھي تاريخ ۾ اهو ئي ڪجهه ٿيندو رهيو آهي.جڏهن پئسو ڪمائڻ،پئسو گڏ ڪرڻ،پئسو اڇلائڻ ۽ پئسي جي نمائش ڪرڻ ئي واحد عظيم فن ۽ شاندار شاهڪار ڪارنامو بڻجي وڃي اتي اخلاقيات،قدر،قيمتون،ڪسوٽيون،مشغوليون ۽ مصروفيتون سڀ جو سڀ انهيء رنگ ۾ ئي رنگجي وڃي ٿو.اصولن جي لاشن جا عظيم ۽ بلند مينار تعمير ٿيڻ لڳن ٿا ۽ نطرين،سوچن،جذبن ۽ احساسن جو اجتماعي جنازو پڙهجي وڃي ٿو،هڪ ڊوڙ جنهن ۾ رڳو انسانيت ئي لتاڙجي ٿي.اهڙو جنون جنهن ۾ دلين کان درد دل  جي دولت ئي کسجيو وڃي،اهڙو سفر جنهن جي ابتدا هوس ۽ انتها حرص آهي.هڪ اهڙي بيماري جنهن ۾ عقل شڪار ٿئي ٿو،اهڙو شغل جنهن ۾ صرف روح کي رهنڊون اچن ٿيون.اهڙي وندر جنهن ۾ هوش حواس خطا ٿين ٿا. ياريون  دوستيون،مٽيون مائٽيون،الفتون عداوتون،قربتون ۽ دوريون،نفرتون ۽ محبتون ،احساس ۽ اڌما سڀ جو سڀ ان بند دائري ۾ گردش ڪرڻ لڳن ٿا جنهن دائري ۾ داخل ٿيڻ جا ته کوڙ رستا پر ان مان نڪرڻ جو رڳو هڪڙو ئي رستو “موت” آهي.هڪ اهڙي عجيب ڌٻڻ جنهن مان نڪرڻ لاء جيترو هٿ پير ٿو هڻجي اوتروئي انسان وڃي ٿو وڏيڪ اونهو گچندو.بي حسي ۽ بيوسيء جي ان سفر جي ڪا منزل به آهي؟ان چرپڻ واري ڊوڙ جو ڪو دنگ به آهي؟انساني شڪل ۾ حرص ۽ هوس جي انهيء شاهڪار جي اڻ ڳڻين خواهشن جي ڪا انتها به آهي؟“تڪاثر” يعني گھڻي کان گھڻو هئڻ جو حرص،جھجھي کان جھجھو هئڻ جي هٻڇ،دولت جا انبار لاڳيتو وڏائڻ جو مرض.هو جو ڪو ابهم غريب ٻار ڪنهن مرض ۾ مبتلا ٿي ڪنهن سرڪاري يا خيراتي اسپتال جي جنرل وارڊ ۾ ڇت ۾ اکيون هڻي بيوسيء وچان پنهنجون کڙيون رڳڙيندي موت جي هنج ۾ پناهه ڳولهي ٿو ان جي اداس اکڙين ۾ جن خوابن آپگھات ڪيو ،سندس پتڪڙي ذهن ۾ جن سخت سوالن جنم ورتو اهي بنان ڪنهن جواب ملڻ جي ساڻس گڏ دفن ٿي وڃن ٿا.هن جو هڪڙو ڏوهه ئي ڪافي هو جو هن ڪنهن اشرافيا جي آغوش ۾ جيون جي اک نه کولي،هو هڪ عام مزدور،ڪنهن ڪمي يا ڪسبيء جي گھر ڄمي پيو.هڪ اهڙي ملڪ ۾ جتي قانون مطابق ڪڏهن به ڏاڍو نٿو بدلجي پر ڏاڍي کي ڏسي قانون پنهنجو رستو بدلائي وٺي ٿو.جتي حق جو فيصلو سچ ۽ ڪوڙ جي ڪسوٽيء تي نه پر صرف لٺ جي برڪت سان ٿيندو آهي.جتي انصاف جي ديوي صرف تڏهن حرڪت ۾ ايندي آهي جڏهن انصاف جي زنجير ڇڪڻ وارو هٿ ڪنهن پهلوان جو هجي.جتي ميرٽ اهليت تي نه پر ڏوڪڙ،پئسي ،طاقت ۽ اختيار جي بنياد تي جڙندي آهي.هن ويچاري وٽ ته انهن گھربل لياقتن مان ڪجهه به ڪونهي.نه اعليٰ عظيم خاندان يا قبيلي سان ڪو تعلق،نه اشرافيا جي ڪنهن محل جو رهائش ڪارڊ،نه وات ۾ ڄائي ڄمندي ڪو سونو چمچو، نه ڏوڪڙ نه پئسو،نه اقتدار نه اختيار،نه طاقت ۽ نه ئي ڪا پيراڻي گادي.ان ڪري هتي حق اهو آهي ته هن کي ايئن ئي تڙپندي ۽ سسڪيون ڀريندي مرڻ گھرجي. مرضن کان وڌيڪ سندس ڏيل  بکن ۽ ڏکن  ڏٻرو ڪيو آهي، هن کي وقت تي مانيء ويلو نصيب ڪونهي جو قدرت طرفان يا اتفاق سان نه پر هن ملڪ جي روايت مطابق هن جي حصي جون سموريون مسرتون اشرافيا جي اولاد جي حصي ۾ ئي وڃڻيون آهن.هي هڪ عام جاندار آهي جنهن کي اشرافيا جي هن سماج ۾ جيئڻ جي اجازت ڏيئي  مٿس عظيم احسان ڪيو ويو آهي.هن کي ته پيدا ئي ان اشرفيا جي خدمت چاڪري،ملازمت ،نوڪري ۽ غلاميء لاء ڪيو ويو آهي.هو جيڪر انهن “عظيم”انسانن جي ڪتن جي بچيل باسي کاڌي مان پنهنجو رزق تلاش ڪندي  پيٽ جو دوزخ ڀرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته ان ۾ تعجب جي ڪهڙي ڳالهه آهي. اها ان جي قسمت آهي جيڪا ان اشرافيا پنهنجي هٿن سان سوچي سمجهي هن لاء لکي آهي.جيڪر هن جي پتڪڙي ۽ ڪمزور سريڙ تي سورن ۽ سختين، صدمن ۽ ستمن جو ڳرو جبل وقت کان پهرين ليٽي پيو آهي ته ان  ۾ ڪنهن جو ڪهڙو قصور . هن کي ته پيدا ئي سور سهڻ لاء ڪيو ويو آهي.هو روز اهو تماشو ڏسندو ٿو رهي ته اهي جيڪي اربن جا انبار گڏ ڪري انهن تي ”هاذا من فضل ربي” جو ڪتبو سجايو ويٺا آهن  انهن جي شاهي درٻار مان هن کي ٻن وقتن جي ماني به خيرات ۾ نٿي ملي.هو ڏسندو ٿو رهي ته ڪيئن نه پهلوان پهلوانن جي مدد ڪن ٿا،هڪ ٻئي جو درد ونڊين ٿا.ڪيئن نه هڪ ٻئي ۾ محبتون ورهائين ٿا،ڪيئن نه هڪ ٻئي لاء محفلون سجائين ٿا ۽ ڪيئن نه هڪ ٻئي جو شاندار آڌر ڀاء ڪن ٿا.انهن لاء ڪيئن نه ميلا سجن ثا ۽ سندن شان شوڪت جا شاديانا ۽ سندن ساراهن جا گھنڊ وڄا يا وڃن ٿا.پر هو اڄ به اڪيلو ئي آهي ان ڪري جو هو ان خاص مخلوق منجهان ناهي.هو ڪمزورن جي قافلي مان آهي جنهن تي بيوسي،لاچاري، بک،بدحالي ۽ غلامي مڙهي ويئي آهي.هن هر قانون کي هر وقت پنهنجي حق ۾ مضبوط ۽ اڻ ٽر پر ان خاص مخلوق لاء ڪشن جيان نرم پاتو آهي.هو ڏسي ٿو ته سندس قافلي مان ڪنهن ڪمزور پيء پنهنجن جگر جي ٽڪرڻ جون بکن کان نڪرندڙ دانهون برداشت نه ڪندي مجبوريء وچان اٽي جو ڪٽو چوري ڪيو ته سندس هٿ ڪپيا ويا پر  هو قانون جي ان ڄار مان واڳن کي آرام سان گذرندي ۽ آزاد ٿيندي ڏسندو ٿو رهي .هو سوچي ٿو ته آخر خدا جي هن زمين تي سندس به ڪجهه حق تسليم ڇو نٿو ڪيو وڃي.رياست ته ماء جي ممتا جيان هوندي آهي پوء ٻارن سان روين ۾ ايڏو فرق ڇو؟رياست جي اها ممتا هن لاء به ڪڏهن جاڳندي؟ڪير آهي جيڪو هن کي به پنهنجائپ جو ڪو احساس ڏياري سگھي؟ هن جي زخمن مان رسندڙ رت تي ڪا ملم پٽي رکي سگھي.هو هر ڀيري تبديليء ۽ ترقيء جا نت نوان نعرا ٻڌندو ٿو رهي،جمهوريت ۽ آئين جون ڪهاڻيون سڻندو ٿو رهي،انساني بنيادي حقن جي حفاظت جي گونجندڙ گونج به ٻڌندو ٿو رهي پر سندس زندگيء ۾ نه ته ڪا تبديلي اچي ٿي ۽ نه ڪو انقلاب.نه کيس جمهوريت ڪو درمان مهيا ڪيو نه وري آئين سندس ڦٽن تي ڪي پها رکيا.نه انساني بنيادي حقن جي دعويدار تنظيمن ڪڏهن ڪو سندس مقدمو وڙهيو ۽ نه عدالتن سندس ڏٻري ڏيل کي حالتن جي ڪنهن ڏاڍ کان بچايو ۽ نه ئي ترقِي ۽ خوشحاليء جي ڪنهن منصوبي سندس سورن ۾ ڪا ڪمي ڪئي نه ئي نت نون وعدن ۽ نعرن سندس بکئي پيٽ جو دوزخ ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي.هو رياست هوندي بي رياست، وطن هوندي بي وطن ۽ وسيلن هوندي محروم ئي رهيو.محروميون جن جو احساس ئي جيء جلائي ۽ ساهه ساڙي خاڪ ڪرڻ لاء کوڙ آهي.ناانصافين جي هڪ ڊگھي تاريخ آهي جيڪا هن جي وجود سان ويڙهيل آهي،بدنصيبين  جي هڪ نه کٽندڙ ڪهاڻي آهي جيڪا هن جي جيء سان جڙيل آهي.بيوسين جو هڪ داستان آهي جيڪو هن جي ساهه سان سلهاڙيل آهي.جيڪر دنيا ۾ رياست جو ڪردار هڪ مهربان ماء وارو تسليم ٿيل آهي،جيڪر جمهوريت دنيا ۾ عوام جي اهنجن ۽ آزارن جي دوا ۽ دارون شمار ڪئي وڃي ٿي،جيڪر قانون دنيا ۾ ڪمزور جو سهارو مڃيو ويو آهي ته پوء هتي رياست پنهنجو اهو مقرر ڪردار ادا ڪرڻ ۾ اڃا تائين ڇو ناڪام آهي؟جمهوريت صرف هڪ طاقتور طبقي جي جاگير ڇو بڻيل آهي؟اڃا تائين عوام انهن غير جمهوري ۽ غير اخلاقي روين هٿان ڇو يرغمال بڻيل آهي؟عوام جي نالي تي حاصل ڪيل اختيار ۽ طاقت ان عوام خلاف ئي ڇو استعمال ٿيندي رهي آهي؟صدين جي ان فرسودا،ظالماڻي ۽ غير منصفاڻي نظام جون پاڙون اکيڙي کيس ڦٽو ڇو نٿو ڪيو وڃي؟انهن دولت جي پوڄارين کان ضرورت کان وڌيڪ دولت کسي انهن انگ اگھاڙن ۽ پيٽ بکين کي عيدون ڇو نٿيون ڪرايون وڃن؟جن جي جائز حصي جون سموريون خوشيون،مسرتون ۽ مرڪون ڪجهه جنونين پنهنجي ڏاڍ ۽ طاقت جي زور تي کسي ورتيون آهن. انهن جي حصي جون خوشيون جيڪي اصل پاڪستان آهن.جيڪي پنهنجن سمورين محرومين ۽ مصيبتن باوجود اڄ به جڏهن دل جي سچي جذبي سان پاڪستان زندهه باد جو نعرو بلند ڪن ٿا ته اميدن ۽ آسن جون نيون جوتون جرڪن ٿيون پر افسوس جو انهن جا پنهنجا ابهم وجود هر جوت کان اڄ به ويڳاڻا نظر اچن ٿا.
(روزاني ڪلياڻ 3  سيپٽيمبر 2018ع)

Tuesday, October 2, 2018

تحريڪ انصاف ۽ بيانن جا بم!




شفيق الرحمان شاڪر
اردوء ۾ چوڻي آهي ته “  هوئي تم دوست جس ڪي،دشمن اس ڪا آسمان ڪيون هو.” يعني جنهن بد نصيب جا  تو جهڙا نادان دوست هجن،انهيء کي ڪنهن ٻئي  دشمن جي ڪهڙي ضرورت؟ سو پي ٽي آئي سان به اها چوڻي ٺهڪي اچي ٿي ته انهيء جا حڪومتي اڳواڻ جنهن شان ۽ انداز سان پوزيشنون سنڀالي روزانو ڪنهن نه ڪنهن سياسي بيان جو خودڪش ميزائيل پنهنجو پاڻ تي اڇلين ٿا تن جي موجودگيء ۾ کين ڪنهن ٻئي سياسي مخالف جي دشمنيء جي گھرج نه رهي آهي. سمجهه ۾ نٿو اچي ته اهڙن اڳواڻن سان ڪهڙو نفسياتي مسئلو آهي  جو سندن طريقه ڪار رهيو آهي ته “ آ بيل مجهي مار!” عمران  خان ته ان معاملي ۾ ٻين سڀني کان اڳتي آهي ئي پر سندس وزيرن ۽ مشيرن مان به گھڻا ايترو پوئتي به ناهن.اهي ڄڻ ته روز لفظن سان نت نئين راند ڪندا هجن.ماضيء ۾ ته اهي لفظن جي دريا ۽ بيانن جي سمنڊ ۾ جيڪي ٽٻيون هڻندا رهيا سي هڻندا رهيا پر هاڻي جڏهن اهي حڪومت جي ذميدار عهدن تي ويٺل آهن ته تڏهن به “ چري ڪيئن؟ چئي؛ چري ويران ور وڌ.” وارو قصو ڏسڻ ۾ اچي ٿو.لفظن ۽ بيانن جو اهو فصل ماضيء ۾ تحريڪ انصاف وڏي ڌوم ڌام سان پوکيو هو جنهن جي لاباري جو وقت هاڻي پهچي چڪو آهي.سندن ماضيء جا اهي بيان اهڙو چيوگم بڻجي چڪا آهن جنهن کي پي ٽي آئي نه اندر ڳوري سگھي ٿي ۽ نه ٻاهر ڦٽو ٿي ڪري سگھي. اپوزيشن ۾ ويهي اهڙن ابتن سبتن بيانن جو نقصان ڪنهن حد تائين قابل برداشت هوندو آهي پر حڪومتي ڪرسين تي ويهي اهڙا فضول ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ تڪراري بيان ڪنهن وڏي ڌماڪي جوبه سبب بڻجي پوندا آهن.لڳي ٿو ته پي ٽي آئي ذهني ۽ نفسياتي طور تي اڃا تائين اپوزيشن واري جهان مان ٻاهر نه نڪري سگھي آهي.انهن جي روين،سوچن ۽ بيانن ۾ اهو تحمل، صبر، بردباري ۽ ڌيرج به نٿو پسجي جيڪو حڪومتي معاملا خيرخوبيء سان هلائڻ لئي  وڏي پيماني تي گھربل هوندو آهي.حڪومت به اهڙي جيڪا رڳو چند ووٽن سهاري بيٺل هجي.قصو هي آهي ته پي ٽي آئي حڪومت جڏهن گئس ۽ بجليء جا اگھه وڌائڻ جو اصولي فيصلو ڪري چڪي هئي ته سندن وفاقي وزير اطلاعات ميڊيا تي اچي اهو اهم انڪشاف ڪرڻ فرمايو ته حڪومت گئس ۽ بجليء جا اگھه وڌائڻ جو ڪو فيصلو ناهي ڪيو بلڪه هن الٽو پنهنجن سياسي مخالفن تي اهو الزام هنيو ته اهي ڪوڙيون خبرون گھڙي سندن حڪومت خلاف ڪريل حرڪتون ڪري رهيا آهن.پر پوء ٿيو ڇا؟ گئس جون قيمتون واقعي وڌي وييون ۽ بجلي توڙي پيٽرول جون قيمتون پڻ وڌايون پييون وڃن؟اهو بحث پنهنجي جاء تي ته اهي قيمتون وڌائڻ درست عمل هو يا نه؟ حڪومت وٽ معاشي گھوٽالي کي منهن ڏيڻ جو ٻيو آپشن آهي يا نه؟ پر سوال اهو آهي ته مرڪزي حڪومت جو هڪ ذميدار وزير اطلاعات جنهن قوم کي جيڪا خبر ڏني سا ڪوڙي نڪتي.ٻن ڳالهين مان هڪڙي ڳالهه ٿي سگھي ٿي يا ته وزير موصوف کي ڪا صحيح معلومات ئي نه هئي ته قيمتون وڌائڻ جو فيصلو ٿيو آهي يانه ، يا وري هن کي خبر هئي پر هن ڏسي وائسي قوم سان دوکو ڪيو.ٻنهي صورتن ۾ پي ٽي آئي حڪومت لاء کل جوڳو معاملو آهي بلڪه آئين جي جنهن آرٽيڪل 62 ۽ 63 جو حوالو وزير موصوف هر وقت ٻين کي ڏيندو ٿو رهي هو پاڻ پنهنجي غلط بيانيء سبب ان جو شڪار ٿي سگھي ٿو.وري وزير موصوف ۾ ايتري اخلاقي جرئت به نه هئي جو ميڊيا تي اچي قوم کان پنهنجي ان صريح غلط بيانيء تي معافي گھري ها.ٻين کي اخلاقيات جا ڀاشڻ ڏيڻ ۽ اصولن جا سبق سيکارڻ سولو ڪم آهي پر جڏهن پنهنجو وارو اچي ٿو ته اهي سڀ سبق وسريو وڃن.اڳتي هلو. وزير اعظم ٿيڻ بعد جناب عمران خان جڏهن پهريون ڀيرو ڪراچيء پهتو هو ته سنڌ جي ماڻهن کي انيڪ اميدون هيون ته هو سنڌ جي زخمن تي زباني طور ئي سهي پر ڪجهه پها رکڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ ٿر،ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ڏڪار ستايل ماڻهن لاء ڪنهن امدادي پيڪيج جو اعلان ڪندو جيڪر ايئن به نه ته گھٽ ۾ گھٽ انهن سان زباني همدردي ضرور ڪندو پر ٿيو وري سڀ ڪجهه ان جي ابتڙ.هن ڪراچي ايندي ئي بيانن جو اهڙو ته آپگھاتي ميزائيل هلايو جو سنڌ جي عوام جا ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا.هن کي سنڌ ڏرتي يا پاڪستاني عوام جي دردن جي احساس بدران برمين، بهارين،بنگالين ۽ ٻين غير ملڪين سان همدرديء وارو اونو وڌيڪ ستائڻ لڳو ان ڪري هن اعلان ڪري وڌو ته انهن “مسڪينن ” کي به پاڪستاني شهريت ملڻ گھرجي.هڪ اهڙو ملڪ جنهن جو دهشتگردي،مهانگائي،  ۽ بيروزگاريء سنڌ سنڌ ساڻو ۽ هڏ هڏ هيڻو ڪري رکيو هجي،جتي ملڪ جا اصل شهري بک وچان آپگھات ڪرڻ تي مجبور هجن.جتي ننڍن صوبن کي هر وقت اهو الڪو رهندو هجي ته سندن وسيلا ڦريا ۽ کسيا پيا وڃن ۽ سندن ڊيموگرافي بدلائڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن.جنهن ملڪ ۾ سياسي افراتفري،معاشي بدحالي ۽ سماجي بي چينيء وارو ماحول عروج تي هجي،انهن حالتن ۾ ملڪ جي وزير اعظم طرفان اهڙو تڪراري ۽ حساس بيان ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟اوهان پاڪستان جي اصل شهرين کي ته آئين موجب سندن بنيادي حق ۽ زندگيء جون بنيادي سهوليتون  اڃا تائين مهيا نه ڪري سگھيا  ۽ هليا آهيو پوري دنيا جي مسلمانن جو درد ونڊڻ!عجيب ڳالهه اها جو جناب عمران خان جڏهن به پنهنجي ان راء يا فيصلي جي حق ۾ ڪو دليل ڏئي ٿو ته مثال وري يورپ ۽ آمريڪا جو ڏيڻ لڳي ٿو؟هو برادر اسلامي ملڪن خاص طور تي عرب ملڪن جو مثال ڇو نٿو ڏئي؟ ان ڪري جو کيس خبر آهي ته انهن ملڪن مان اڪثر ملڪن ۾ اڄ به ڪنهن ٻئي ملڪ جي شهريء کي شهريت ڏيڻ ته پري پر کين آزاديء سان پنهنجي منهن ڪاروبار ڪرڻ جي به اجازت ناهي.وڏي ۾ وڏي حڪومتي عهدي تي ويهي اهڙا حساس بيان ڏيڻ کان پهرين ڳوڙهي سوچ ويچار ۽ صلاح مشوري جي گھرج هوندي آهي،رڳو ڪنهن سياسي يا جماعتي فائدي جي پويان اهڙن بيانن جا ڦٽاڪا ڦاڙڻ سان بين سان گڏوگڏ خود پنهن جا هٿ به سڙي سگھن ٿا. هڪڙو ٻيو بيان جيڪو وزير اعظم ٿيڻ بعد هن ڏنو سو اهو ته هو نه رڳو پابنديء سان پارليامينٽ جي اجلاسن ۾ شريڪ ٿيندو پر ميمبرن جي سوالن جا جواب به هو پاڻ ڏيندو.پر انهيء بيان جو هن پاڻ ئي حشر نشر ڪري ڇڏيو آهي، سوالن جا جواب ته پنهن جي جاء تي پر وزير اعظم پنهن جي وزيرن جي فوج سميت قومي اسيمبليء جي اجلاس مان غائب نظر اچي ٿو.جڏهن خود حڪمران ڌر جو رويو جمهوريت ۽ جمهوري ادارن طرف اهڙو غير سنجيدگيء ۽ لا پرواهيء وارو هوندو ته پوء ٻين کان ڪهڙي  اميد رکي سگھجي ٿي ته اهي انهن ادارن کي عزت ۽ اهميت ڏيندا.ظاهر آهي ته عمران خان ۽ سندس وزيرن جي اهڙي غير حاضري لاء سندس پارٽي سوين دليل،جواز ۽ تاويلون پيش ڪري سگھي ٿي  پر ماضيء ۾ نواز ليگ به  ته ان قسم جا جواز ۽ دليل ميان صاحب جي اجلاسن مان اڪثر غير حاضر رهڻ واري معاملي تي پيش ڪندي رهندي هئي ته پوء فرق ڪهڙو ٿيو؟ عمران خان ۽ سندس وزيرن مشيرن جي به پارليامينٽ سان ايتري ئي دلچسپي آهي جيتري ميان نواز شريف ۽ سندس وزيرن ۽ مشيرن کي هئي.لڳي ٿو ته گذريل حڪومتن جي نقش قدم تي هلندي پي ٽي آئي حڪومت به ملڪ ۽ عوام جي اصل ۽ بنيادي مسئلن  جي حل  طرف وڌڻ بدران ماڻهن کي بين فضول قسم جي مسئلن ۽ بحثن ۾ منجھائڻ گھري ٿي.جو انهن مسئلن مان نڪرڻ لاء پي ٽي آئي ڪو مناسب هوم ورڪ ئي نه ڪيو هو.ادارا ماضيء ۾ به تباهه ۽ برباد بڻجي وڪرو ٿيندا رهيا ۽ اهو ڪم هاڻي به ٿيڻو آهي.مالي خساري کي منهن ڏيڻ لاء ماضيء ۾ به ڪو مناسب گس  ڳولهڻ بدران عوام تي ئي ٽيڪسن جو بار لڏيو ويندو هو ۽ هاڻي به ايئن ئي ٿي رهيو آهي.جن مسئلن ۽ مصيبتن کي بنياد بنائي پي ٽي آئي اڳواڻ گذريل حڪومتن تي پنهنجن سخت  بيانن جا ميزائيل ڪيرائي پنهنجو سياسي اسڪور وڌائيندا رهيا هئا اهي سڀ جا سڀ مسئلا ڪنهن ڊيڄاريندڙ ڏائڻ جيان ڏند ڪڍي پي ٽي آئي حڪومت سامهون جيئن جو تيئن بيٺل آهن.عوام آهي جيڪو وڃي ٿو مهانگائيء جا بار بار ايندڙ تير سهندو.بکن کان وڌيڪ بي حال ٿيندو ۽ بيان بازيء جي بار هيٺان  دٻبو جو بيانن سان نه ته بکيو پيٽ ڀرجي سگھي ٿو ۽ نه بيانن سان ڪي قسمتون بدلجي سگھن ٿيون!
(روزاني هلال پاڪستان 29 سيپٽيمبر 2018ع)