Friday, January 13, 2023

معاشي بحران ۾ پيسجندڙ عوام ۽ حڪمران!


 

شفيق الرحمان شاڪر

هاڻياسان جي حڪمران طبقي توڙي اصل واڳ ڌڻين کي به اها ڳالهه چڱيء طرح سمجهه ۾ اچي ويئي آهي  ته پاڪستان هن وقت معاشي ميدان ۾ هڪ غير معمولي صورتحال جو شڪار آهي ۽ ان صورتحال کي جيڪر ڪجهه به عرصو وڌيڪ جيئن جو تيئن برقرار رهڻ ڏنو ويو ته سامهون معاشي ڏيوالپڻي جي سرحد صاف نظر اچي رهي آهي، ان غير معمولي صورتحال مان نڪرڻ جو واحد علاج غير معمولي قدمن سان ئي ممڪن ٿي سگھي ٿو.. اسان جا معاشي ماهر ڪينسر جهڙي مرض جو علاج هميشه ڊسپرين جي گولي سان ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن، جنهن جو نتيجو وڌيڪ معاشي بدحالي جي صورت ۾ نڪرندو رهيو آهي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان کي ڪوڙيون گوليون کائڻيون پونديون، پر اهي ڪوڙيون گوليون هن وقت تائين صرف عام غريب ماڻهوءَ کي ئي کائڻيون پون ٿيون ۽ طاقتور طبقن کي هر آزمائش کان آزاد رکي کين وڌيڪ رعايتون ۽ سهوليتون مهيا ڪيون وينديون آهن.، معاشي ميدان ۾ بنيادي تبديلي، بنيادي سڌارن سواء ممڪن نه آهي.جڏهن بنيادي سڌارن جي ڳالهه ٿئي ٿي ته ان مان مراد ڪجهه نمائشي قسم جا سڌارا نه هوندا آهن.اسان جنهن جمهوري نظام جو راڳ هر وقت آلاپيون ٿا ان جو بنياد ئي سڌارن تي هوندو آهي. اهڙا سڌارا جن جو تعلق عام ماڻهوء جي معاشي مفاد سان هجي ۽ هن کي سهنجائيء سان ساهه کڻن جو موقعو ملي. ان سان حڪمرانن ۽ عام ماڻهوءَ جي وچ ۾ اعتماد جو تعلق به قائم ٿيندو، ڇاڪاڻ ته تيستائين مرض جو صحيح علاج ممڪن نه ٿيندوجيستائين ان مرض جي صحيح سڃاڻپ نٿي ڪئي وڃي.

معاشي استحڪام ڪنهن به سياسي نظام ۽ حڪومت جي ڪاميابي جي ڪنجي آهي ۽ ڪا به حڪومت معاشي بحران کي حل ڪرڻ سواء دنيا توڙي عوام اندر پنهن جي ساک کي بهتر بنائي نٿي سگھي. هاڻوڪي حڪومت به ان بحران کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ ان کي منهن ڏيڻ سان ئي هو پنهنجي جي ساک کي بهتر بڻائي سگهن ٿا.ان ڳالهه کي جيڪر صحيح تسليم به ڪجي ته هن حڪومت کي معاشي بحران ورثي ۾ مليو آهي ته سوال ٿو پيدا ٿئي ته وقت جي اها ڪهڙي حڪومت رهي آهي جنهن سمورين معاشي خرابين جي ذميداري اڳين حڪومتن تي نه وڌي هجي؟ عوام جي ان ڳالهه سان ڪا دلچسپي ناهي هوندي ته توهان کي ورثي ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون مصيبتون ۽ پريشانيون مليون آهن.عوام هر حڪومت کان اها ئي اميد رکندو آهي ته اها سندس مشڪلن ۽ مصيبتن ۾ ڪجهه ڪمي آڻيندي. اٽي ان جو اگھ ڪجهه سستو ٿيندو.ٻن وقتن جي مانيء لاء ڪو روزگار جو بندوبست ٿيندو.سرڪاري اسپتالن ۾ ڪا سوئي دوا ملندي، روزمرهه جي بنيادي استعمال جي شين جي اگھن ۾ ڳاٽي توڙ اضافو نه ڪيو ويندو. دوائڻ جون قيمتون پنج سو سيڪڙو نه وڌايون وينديون.جيڪڏهن ڪا به حڪومت عوام جي انهن بنيادي اميدن مان ڪنهن به اميد تي پورو نٿي لهي ته ڀلي صبح سانجهيء ماڻهن کي ڪهڙا به قصا ۽ ڪهاڻيون ٻڌائي،ڪهڙا به جواز ۽ بهانا گھڙي،عوام ۽ سندن وچ ۾ ڪڏهن به همدردي ۽ احساس جو رشتو قائم ٿي نه سگھندو.ڇا وفاقي توڙي سمورين صوبائي حڪومتن لاء اها شرم جي ڳالهه ناهي ته اڄ ڪلهه اٽو هڪ سو پنجهٺ روپيا ڪلو جي حساب سان وڪامي رهيو آهي پر حڪمران خبر ناهي ڪهڙي گھور ننڊ ۾ پيل آهن. جڏهن دليل ڏنو وڃي ٿو ته اسان عام ماڻهوءَ جي معاشي حالت کي تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا، ته ان جو گهڻو تعلق معاشي سطح تي روزگار جي ننڍڙن موقعن ۽ ماحول  پيدا ڪرڻ سان هوندوآهي. حڪومت جي وڏي ترجيح مائيڪرو انٽرپرينيئرشپ جهڙا ماڊل هجڻ گهرجن. مڃيوسين ته روزگار فراهم ڪرڻ هاڻي حڪومت جي اڪيلي ذميواري نه رهي آهي پر هڪ اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ جنهن سان ماڻهن کي معاشي ميدان ۾ ڪجهه ڪرڻ جا موقعا فراهم ٿين ته اها حڪومت جي نه ته پوء ڪنهن جي ذميداري آهي؟. خاص ڪري نوجوانن ۾ اهو شعور پيدا ڪرڻ ته هو پنهن جو پاڻ کي اڳتي وڌائين ۽ ننڍا ننڍا ڪاروبار ڪن. حڪومت کي گهرجي ته انهن نوجوانن کي بنان وياج جي ننڍڙا قرض جاري ڪري .گھريلو صنعتن کي هٿي وٺرائي اهڙو ماحول  پيدا ڪجي جو خاص ڪري گهرن ۾ ويٺل عورتون پڻ معاشي عمل ۾ حصو وٺي سگھن ۽ ان حوالي سان اسان کي بنگلاديش، ڀارت، سريلنڪا ۽ نيپال جهڙن ماڊلز کان سکڻو پوندو.

حڪمران طبقي کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته معاشي ترقي سياسي اڪيلائي ۾ نه ٿي ٿئي. ان لاءِ هڪ جامع سياسي ۽ معاشي نظام جي ضرورت آهي، جيڪو مضبوط بنيادن تي بيٺل هجي. ان عمل  کي پڻ هڪ مضبوط ادارتي فريم ورڪ جي ضرورت هوندي آهي. ڇو ته ادارن جي مدد سان ئي اسان معاشي ترقي سان لاڳاپيل هدف حاصل ڪري سگهون ٿا. اسان جي ادارن جي صلاحيت تمام ڪمزور آهي بلڪه ادارا گھڻي ڀاڱي تباه ٿي چڪا آهن ۽ اهو ئي سبب آهي جو اسان تمام گهڻا وسيلا خرچ ڪري به گهربل نتيجا حاصل نه ڪري سگهيا آهيون. عالمي سطح تي اسان جي معاشي ترقي ۽ عام ماڻهوءَ جي گذران سان لاڳاپيل انگ اکر ٻڌائين ٿا ته اسان  ڏينهون ڏينهن بدحالي جي هڪ ڌٻڻ ڏانهن ڌڪجي رهيا آهيون. غربت جي لڪير کان هيٺ رهندڙ ماڻهن جي انگ ۾ تيزيء سان اضافو ٿي رهيو آهي، تعليم ۽ صحت جهڙين بنيادي سهولتن جي عدم فراهمي، بيروزگاري، مهانگائي، پيٽرول، بجلي، گيس ۽ دوائن جي اگهن ۾ واڌ سبب عام ماڻهوءَ جي مشڪلاتن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، هاڻي اسان کي  پنهن جي سموري سياست.کي  اهڙي فريم ورڪ ۾ نئين سر آڻڻو پوندو، جنهن جي اسان کي هن وقت ترت ۽ تڪڙي ضرورت آهي ۽ اهو عمل وڏن سياسي سڌارن ۽ ادارن جي بحاليءَ سان جڙيل آهي، جيڪڏهن اسان اهو سڀ ڪجهه نه ڪري سگهياسين ته پوءِ معاشي بحران کي منهن ڏيڻ جو خواب رڳو هڪ خواب ئي رهندو!

روزاني عوامي آواز 12 جنوري 2023ع

Friday, January 6, 2023

اخلاق باختا آڊيوز جي سيريز

 

شفيق الرحمان شاڪر

ملڪي سياست اخلاقي پستي ۽ تنزل جي جن حدن کي ڇهي رهي آهي انهيءَ تي بس ماتم ئي ڪري
سگھجي ٿو.لڳي ٿو ته هاڻي نه رڳو سياسي ڌريون پر اصل مقتدر قوتون به پنهنجن حريفن جو مقابلو سياسي ۽ قانوني طور تي ڪرڻ بدران هڪ ٻئي جي ذاتيات ۽ نجي زندگين جي گندگين ۾ پنهنجا هٿ صاف ڪندي نظر اچن ٿيون.ڪنهن به ترقي پسند ۽ مهذب معاشري ۾ اختلاف نه رڳو جائز پر ضروري هوندو آهي پر اسان جي سياسي ماحول ۾ اڄ ڪلهه جيڪي ڪجهه ميڊيا ۽ خاص طور تي سوشل ميڊيا تي نظر اچي رهيو آهي،اهو نه ته ڏسڻ جهڙو ۽ نه ئي وري ٻڌڻ جهڙو آهي.هڪ ٻئي کي وچ چوراهي تي اگھاڙو ڪيو پيو وڃي ۽ ايندڙ نسل کي پڻ اهو سيکاريو پيو وڃي ته اها ئي اسان جي تهذيب ۽ ثقافت آهي.ان سموري صورتحال ۾ اسان هڪ ڳالهه ته ثابت ڪري ڇڏي آهي ته هاڻي بحيثيت قوم اسان اخلاقيات جا سمورا ليڪا لتاڙي ڇڏيا آهن ۽ پنهنجن ڪجهه ذاتي، گروهي ۽ سياسي مقصدن جي حصول لاءِ اسان جنهن رستي جي چونڊ ڪئي آهي اهو رستو سماج اندر سواءِ نفرتن ۽ انتشار جي ٻئي ڪنهن به طرف نٿو وڃي.

پاڪستان جي پوري تاريخ هونئن ته اهڙين مسخرين سان ڀري پيئي آهي پر هن وقت اکيون جيڪي ڪجهه ڏسي رهيون آهن ۽ ڪن جيڪي ڪجهه ٻڌي رهيا آهن انهيء َتي ڪنهن به حساس ۽ باوقار شخص جو ڪنڌ شرم کان جھڪي ٿو وڃي.اخلاق باختا آڊيوز جي هڪ سيريز آهي جيڪا ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿي وٺي ۽ مٿان وري اها خوشخبري ٻڌائي پيئي وڃي ته هاڻي اهڙين ئي ” انمول وڊيوز“ جو هڪ نئون سلسلو به شروع ٿيڻ وارو آهي جن کي ڏسي ڪري قوم پنهنجن حڪمرانن جي شان ۾ وڌيڪ قصيدا پڙهڻ شروع ڪري ڏيندي.عوام جي اڪثريت جن کي کائڻ لاءِ اٽو نه ملي رهيو آهي سي انهن آڊيوز ۽ وڊيوز جي ذريعي پنهنجي پيٽ جي دوزخ جي باهه وسائي وٺندا، مهانگائيءَ کي ٻنجو لڳي ويندو، بيروزگارن کي در در جا ڌڪا نه کائڻا پوندا ۽ اسلامي جمهوريه پاڪستان ترقيءَ جي آسمان کي ڇهڻ لڳندو.خان صاحب کي شڪايت آهي ته سندس پالڻ وارن ساڻس سٺو سلوڪ نه ڪيو. سندس سهولتڪارن کي گلا آهي ته ملڪ ۽ قوم جو سڀ ڪجهه خان صاحب جي قدمن ۾ قربان ڪرڻ بعد به ساڻن احسان فراموشيءَ وارو سلوڪ ڪيو ويو.مٿان وري پنهنجون اهي سموريون آئيني توڙي غير آئيني عنايتون ورجايون پيون وڃن ته لاڏلي جا هر انگل آرپورو ڪرڻ لاءِ ملڪ ۽ قوم سان ڪهڙا نه ويڌن وهايا ويا.هر ادراي جي ڪهڙي طرح ستيا ناس ڪئي ويئي. سامهون وارن سياستدانن کي ڪيئن نه سوڙهو ڪري سياسي ميدان مان ئي ٻاهر ڦٽو ڪيو ويو.ڪيئن ڪيئن نه ماڻهن سزائون کاڌيون،فيصلا ڪٿي ٿيا ، ڪٿي لکيا ويا ۽ ڪٿي ٻڌايا ويا.چوپڻيون وات ۾ وجھڻ کان ويندي نيپيون بدلائڻ تائين،هر لحضي ۽ لمحي جي ماجرا وڏي فخر سان بيان ٿي رهي آهي.آئين سان مذاق ڪرڻ جي پوري ڪامينٽري بيان ٿي رهي آهي،شايد انهن عظيم ڪارنامن تي ڪنهن تمغه شجاعت جي طلب ۽ تمنا آهي جيڪا کين سک سان ويهڻ ئي نٿي ڏئي.
جتي ملڪ ۽ سماج عوام جا نه پر ڪجهه زورآور طبقن جي ملڪيت هجن اتي ايئن ئي ٿيندو آهي.جن جي دعويٰ هئي ته هاڻي ملڪ ۾ عظيم تبديلي آڻينداسين اهي هاڻي پنهنجين مجبورين جو تذڪرو ڪندي نظر اچن ٿا. جن چيو پئي ته ملڪ جو خانو خراب خان صاحب ڪيو آهي انهن جڏهن طاقت جون ڪرسيون سنڀاليون آهن ته وٽانئن اٽي جون قيمتون به قائم نٿيون رهن.سڀ پنهنجن پنهنجن مفادن جي دائرن ۾ گھمي رهيا آهن.ڪنهن کي عوام جو هوش ناهي رهيو.اهو عوام جنهن جي نالي تي اهي سڀ سياست جو ناٽڪ رچائين ٿا. پر وقت ۽ صورتحال ثابت ڪيو آهي ته عوام جي مسئلن ۽ مشڪلن سان ڪنهن جو به ڪو تعلق نه آهي.سڀ جو سڀ آءِ ايم ايف ۾ اميدن جون اکيون لڳايو ويٺا آهن ته شايد ان خيرات سان ملڪ معاشي طور تي ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچي وڃي.من ڪي نام نهاد دوست ملڪ ڪجهه وڌيڪ مهرباني ڪري وٺن. پنهنجا افعال سڌارڻا ناهن.مستقبل جي ڪا منصوبابندي ناهي ڪرڻي.بس هر معاملي کي ڌڪي ۽ جڳاڙ سان ئي اڳتي ڌڪڻو آهي.اقتداري راند ۾ ملڪ ۽ عوام جو جيڪو به نقصان اهي ڏسي وائسي ڪري ويٺا انهن جي چٽي هر صورت ۾ پيڙهيل عوام کي ئي ڀرڻي آهي.اڳتي هلي نه گئس ملڻي آهي، نه تيل ۽ بجليءَ جو ڪو ڀروسو ٿو ڏسجي.پنهنجا پاليل دهشتگرد هڪ دفعو وري انساني زندگين کي زهر بنائڻ لاءِ سندرا ٻڌي بيٺل نظر اچن ٿا.حڪومت نالي ڪابه شيءِ ڪٿي به نظر نٿي اچي.مافيائن جو راڄ آهي ۽ پوري رياست توڙي عوام کي انهن مافيائن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي.
اسان سال 2023ع ۾ داخل ٿي چڪا آهيون.وفاق جو پنهنجو منهن مهاڙ ۽ صوبن ۾ الڳ ڇڪتاڻ واري ڪيفيت نظر اچي ٿي.انهن حالتن ۾ ڪٿي ڪا اميد تلاش ڪجي،ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو اچي يا وري اسان ڏسي وائسي ڪجهه سمجھڻ چاهيون ئي نٿا جو حقيقتون نهايت سخت ۽ ڀيانڪ صورت کنيو بيٺيون آهن.اسان جو حڪمران لڏو توڙي اصل واڳ ڌڻي هڪ ٻئي تي الزامن ۽ جوابي الزامن کان فارغ ٿيندا ته ضرور ڪو حل تلاش ڪندا.في الحال ڪرڻ لاءِ ٻيا ناٽڪ ئي کوڙ آهن.عوام سڪون،صبر ۽ دلچسپيءَ سان في الحال انهن آڊيوز ۽ وڊيوز مان لطف اندوز ٿئي ۽ پوءِ زور زور سان هڪ جذباتي نعرو هڻي ته ” اسين هڪ زندهه قوم آهيون،هڪ تابنده قوم آهيون.

روزاني عوامي آواز 6 جنوري 2023ع