Tuesday, December 31, 2019

سال 2019ع ؛ عالمي خبرن جي آئيني ۾.



شفيق الرحمان شاڪر
جنوري ؛ــ  فرانس جي اختيارين طرفان ماڻهن کي امن امان بحال ڪرڻ جي اپيل ڪئي ويئي جڏهن ”پيلي قميص“ احتجاج شروع ٿيو.اٽڪل پنجاهه هزار ماڻهو انهن مظاهرن ۾ شريڪ ٿي رهيا هئا. جرمن سياستدان فرينڪ ميگنٽز کي اڻ ڄاتل منهن ڍڪيل ٽن ماڻهن مار ڏيئي بيهوش ڪري ڇڏيو. نڪولس ميڊورو ٻيو ڀيرو وينزويلا جي صدر طور قسم کڻي ورتو توڙي جو ڪيترائي ملڪ نڪولس جي چونڊ کي جائز نه سمجھي رهيا هئا. پولينڊ جو ميئر پاول ايڊامووڪز هڪ اهڙي پروگرام اندر اسٽيج تي دل جو دورو پوڻ سبب مري ويو جنهن ۾ هو ٻارن لاء هڪ خيراتي اسپتال قائم ڪرڻ بابت ڳالهائي رهيو هو. ڪجهه باغين نيروبيء جي هڪ هوٽل تي حملو ڪيو جنهن ۾ گھٽ ۾ گھٽ 21 ماڻهو مري ويا. گھٽ ۾ گھٽ ويهه ماڻهو مارجي ويا جڏهن ڪولمبيا جي بگوٽا پوليس اڪيڊميء ۾ ڪار بم ڌماڪو ٿيو.شڪي حملي آور به مري چڪو هو. فلپائين جي هڪ چرچ ۾ بم حملو ٿيو جنهن ۾ اٽڪل 20 ماڻهو مري ويا ۽ سو کن زخمي ٿيا.
فيبروري ؛ــ پيرس جي هڪ عمارت اندر فائرنگ جي نتيجي ۾ 10 ماڻهو مري ويا.پوليس هڪ چاليهه سالا عورت کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪري ورتو. ڪيمرون ۾ اغوا ڪارن سان ڳالهين بعد 176 ماڻهن کي آزاد ڪرايو ويو جيڪي هٿياربندن طرفان اسڪول ۾ داخل ٿي باندي بڻايا ويا هئا. سوڊان جي صدر عمر بشير ملڪ ۾ ايمرجنسيء جو اعلان ڪري ڇڏيو.انهيء کان اڳ سوڊان ۾ حڪومت مخالف مظاهرا ٿي رهيا هئا. ايراني وزير خارجه جاويد ظريف پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏيئي ڇڏي.  اعلان ڪيو ويو ته اسرائيلي وزير اعظم نيتن ياهو کي رشوت جي الزام هيٺ چارج شيٽ ڪيو پيو وڃي. پاڪستان گرفتار ڪيل ڀارتي پائليٽ اڀي نندن کي ڀارت حوالي ڪري ڇڏيو.
مارچ ؛ ـــ الجيريا ۾ عوام اتان جي صدر عبد العزيز بوليفڪا جي ان اعلان خلاف روڊن تي نڪري آيو جنهن ۾ هن چيو هو ته هو پنجون ڀيرو به صدر رهندو. وينزويلا حڪومت جرمن سفير کي ملڪ نيڪالي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ان الزام هيٺ ته هو حڪومت مخالف احتجاج توڙي وينزويلا جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي. ايٿوپيا جو هڪ هوائي جهاز اڏام کان ڪجهه دير بعد ئي ڪري تباهه ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ 157 مسافر اجل جو شڪار بڻيا. ٻه هٿياربند هڪ اسڪول ۾ داخل ٿيا ۽ انڌا ڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ گھٽ ۾ گھٽ 8 ماڻهو مري ويا. هڪ 28 سالا شخص برينٽن ٽيرنٽ ڪرسٽ چرچ جي مسجد ۾ داخل ٿي فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن سبب 49 ماڻهو مري ويا. شڪارين جي ويس ۾ ڪجهه هٿيار بند مالي ڳوٺ ۾ داخل ٿيا ۽ 134 ماڻهن کي بيدرديء سان ماري ڇڏيو.
اپريل ؛ ـــ آمريڪا ترڪيء کي خبردار ڪيو ته اهو روس کان اينٽي ايئر ڪرافٽ ميزائيل وٺڻ کان پهرين سوچي. سوڊان ۾ عوامي احتجاج دوران يارهن ماڻهو مري ويا. مظاهرين هاڻوڪي صدر جي ٽيهه سالا دور حڪومت جي پڄاڻيء لاء جدوجهد ڪري رهيا هئا. وڪي ليڪس جو باني جولين اسينج لنڊن ۾ گرفتار ڪيو ويو. ايٿوپيا ۾ 59 سرڪاري عملدار ڪرپشن ۽ ملڪ ۾معاشي بدحالي پيدا ڪرڻ جي الزامن هيٺ گرفتار ڪيا ويا. پيرو جو اڳوڻو صدر ايلن گارشيا سندس ئي بندوق جي فائر سان قتل ٿيل لڌو ويو.پوليس گارشياکي مني لانڊرنگ ۽ رشوت جي الزامن هيٺ گرفتار ڪرڻ جي تياري ڪري رهي هئي. ايسٽر سنڊي دوران سري لنڪا جي مختلف چرچز ۾ ڌماڪن سبب 290 ماڻهو مارجي ويا ۽ سوين زخمي ٿيا. ٻه سو سالا تاريخ ۾ پهريون ڀيرو جپاني بادشاهه اخيٽو اعلان ڪيو ته هو معزول ٿي رهيو آهي.
مئي ؛ ـــ ٿائيلينڊ ۾ نئين بادشاهه وجيرا لانگڪوم جي تخت ويهڻ جي تقريب ٿي. غزا ۾ اسرائيلي دهشتگردن هٿان 23 فلسطيني شهيد ٿي ويا. ايشيا جي سڀ کان پهرئين ملڪ تائوان ۾ ووٽ ذريعي هم جنس سان شاديء کي قانوني قرار ڏنو ويو. انڊونيشيا جو صدر جوڪو ويڊيدو ٻيو ڀيرو صدر چونڊجي ويو. مائونٽ ايوريسٽ تي چڙهندي اٺ ماڻهو مري ويا.
جون ؛ ــ هڪ رپورٽ موجب اهو اندازو لڳايو ويو ته ”ڪينيڊين نسل ڪشي” دوران هزارين قتل ۽ گم ٿيل ماڻهن ۾ وڏو انگ عورتن ۽ ننڍي عمر جي نياڻين جو به شامل هو. اها ڳالهه سامهون آئي ته هن وقت تائين چاليهن لکن کان وڌيڪ شهري وينيزويلا ڇڏي چڪا آهن جنهن جو سبب 1915 کان وينيزويلا ۾ پيدا ٿيل سياسي ۽ انساني معاملا آهن. اٽڪل ڏه لک ماڻهن هانگ ڪانگ جي روڊن رستن تي مظاهرو ڪيو. گھٽ ۾ گھٽ 26 ماڻهو زخمي ٿي پيا جڏهن يمن جي هڪ باغي گروپ سعودي هوائي اڏي تي ميزائيل فائر ڪيا. ٽن آپگھاتي حملي آورن ناجيريا ۾ بمن سان حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 30 ماڻهو مري ويا. ايران اعلان ڪيو ته جيڪڏهن آمريڪا ايران خلاف پابنديون ختم نه ڪيون ته هو ايٽمي معاهدو ٽوڙي ڇڏيندو. امريڪي صدر ٽرمپ ايران کي خبردار ڪيو ته هو ايران تي حملو ڪري سگھي ٿو  جيڪر ايران پنهنجا ايٽمي هٿيار ٺاهڻ کان باز نه آيو.
جولائي ؛ ــــ باغين سعودي عرب جي هوائي اڏي تي ڊرون حملو ڪيو جنهن ۾ 9 ماڻهو زخمي ٿيا. لبيا جي هڪ پناهگير ڪيمپ تي ٿيل هوائي حملي ۾ 40 ماڻهو مارجي ويا. سوين مظاهرين گھريلو تشدد خلاف احتجاج لاء پيرس ۾ گڏ ٿيا. روس پنهنجو جوڙيل ايئر ڊفينس ميزائيل سسٽم ترڪي حوالي ڪيو. هڪ ننڍي عمر واري آپگھاتي بمبار افغانستان ۾ هڪ شاديء دوران 5 ماڻهو ماري وڌا ۽ 40 کان مٿي زخمي ٿيا. 20 سالن اندرجپان ۾ بدترين قتل گري ۾هڪ شخص باهه ڏيئي 33 ماڻهو ساڙي ماري ڇڏيا. ايران تي الزام لڳو ته هن  برطانيا جو آئل ٽينڪر اغوا ڪري ورتو آهي. سوين ماڻهو ماسڪو ۾ اپوزيشن جي احتجاج ۾ شريڪ ٿيڻ تي گرفتار ڪيا ويا.ان کان اڳ 22000 ماڻهن ان قسم جي احتجاج ۾ شرڪت ڪئي هئي. نائيجيريا ۾ ۾ هڪ جنازي جي رسم دوران ٿيل حملي ۾ 65 ماڻهو مارجي ويا.
آگسٽ ؛ ــ فلپائيني حڪومت ڊينگيء سبب 622 ماڻهو مرڻ بعد ملڪ ۾ ڊينگيء کي قومي وبا قرار ڏيئي ڇڏيو.اٽڪل 146000ڊينگي ڪيس ان وقت تائين رپورٽ ٿي چڪا هئا. آمريڪا ۽ طالبان وچ ۾ امن ڳالهين باوجود ڪابل ۾ هڪ پوليس اسٽيشن ويجھو بم ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ 14 ماڻهو مارجي ويا. هانگ ڪانگ ۾ مظاهرين شهرين وچ ۾ ايڪتا ظاهر ڪرڻ لاء ماڻهن جي ڊگھي زنجير جوڙي..
سيپٽيمبر ؛ــ  افغانستان  ۾ ٻه مختلف آپگھاتي  بم حملا ٿيا  جن ۾ اٽڪل پنجاهه ماڻهو مارجي ويا. افغان سيڪيورٽي فورسز طالبان جي لڪيل ٺڪاڻن تي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ اتفاقي طور تي اهي چاليهه ماڻهو مارجي ويا جيڪي ڪنهن شاديء جي سڏ ۾ شريڪ هئا.  انڊونيشيا ۾ ٿيندڙ مظاهرا تشدد ۾ بدلجي ويا جنهن جي نتيجي ۾ 27 ماڻهو مري ويا.
آڪٽوبر ؛ ــ بغداد ۾ ٻن ڏينهن جي حڪومت مخالف مظاهرن بعد عراقي حڪومت ڪرفيو نافذ ڪري ڇڏيو. ترڪي پنهنجون زميني فوجون شام ۾ داخل ڪري ڇڏيون.يورپي يونين ترڪيء تي زور ڀريو ته اها ڪاروائي ترت روڪي وڃي، ايٿوپيا جي وزير اعظم ابي احمد کي امن جي نوبل ايوارڊ سان نوازيو ويو. بنگلاديش ۾ پوليس جي مظاهرين تي ڪيل فائرنگ جي نتيجي ۾ چار ماڻهو مارجي ويا. انگلنڊ ۾ هڪ ڪنٽينر ٽرڪ مان 39 مئل ماڻهن جا لاش هٿ ڪيا ويا.هڪ شڪيء کي گرفتار ڪري جاچ جو اعلان ڪيو ويو. آئي ايس آئي آيس ( داعش) جي اهم اڳواڻ ابوبڪر بغدادي جي امريڪي فوجين جي هڪ حملي ۾ مارجي وڃڻ جي دعويٰ ڪئي ويئي.
 نومبر  ؛ ــ شام جي هڪ شهر ۾ ڪار بم ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ 13 ماڻهو فوت ٿي ويا. ماليء ۾ هڪ دهشتگرد حملو ڪيو ويو جنهن ۾ ماليء جا 53 فوجي مري ويا. عراق ۾ ٿيندڙ حڪومت مخالف مظاهرن ۾ مرندڙن جو انگ 319 ٿي ويو. بولويا جي صدر ايوو مورالس پنهنجي چوڏهن سالا دور اقتدار بعد استعيفا ڏيئي ڇڏي. ايران  ۾ انٽرنيٽ جي بليڪ آئوٽ ٿي ويئي.

Image result for year 2019 world happenings
ڊسمبر ؛ ـــ نارٿ ميڪسيڪو ۾ سرڪاري عملدارن ۽ ڊرگ مافيا وچ ۾ ٿيل فائرنگ سبب 22 ماڻهو مارجي ويا. سوڊان جي هڪ فيڪٽريء ۾ ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ گھٽ ۾ گھٽ 23 ماڻهو مري ويا جڏهن ته ڏيڍ سو کن زخمي ٿيا. دهليء جي هڪ فيڪٽريء ۾ باهه لڳي ويئي جنهن سبب اٽڪل 43 مزدور موت جي منهن ۾ هليا ويا. فنلينڊ ۾ سانا ميرن دنيا جي ننڍي ۾ ننڍي وزير اعظم چونڊجي ويئي.  سوماليا جي شهر موگا ديشو جي هڪ هوٽل ۾ هڪ هٿياربند داخل ٿيو،سيڪيورٽي فورسز ۽ سندس وچ ۾ فائرنگ جي ڊگھي ڏي وٺ دوران ٻه عملدار ۽ ٽي شهري مري ويا، ڀارت جي مودي سرڪار هڪ بل ذريعي ٽن پاڙيسري ملڪن مان ايندڙ ماڻهن کي شهريت ڏيڻ جو اعلان ڪيو پر جيڪر اهي مسلمان هوندا ته انهن کي اها شهريت نه ملي سگھندي. انهيء تڪراري بل خلاف ڀارت ۾ وڏي پيماني تي مظاهرا ۽ احتجاج شروع ٿي ويا. هندستان ۾ ٿيندڙ عوامي مظاهرن ۾ مرندڙن جو انگ 19 ٿي ويو.تڪراري شهريت بل خلاف مظاهرن ۾ وڌيڪ تيزي اچي ويئي. نيوزي لينڊ حڪومت جي ايمنيسٽي اسڪيم هيٺ اٽڪل 56000 هٿيار حڪومت جي حوالي ڪيا ويا.سيمي خودڪار هٿيارن تي ان وقت بندش وڌي ويئي هئي جڏهن سال جي شروع ۾ ڪرسٽ چرچ مسجد ۾ فائرنگ جو واقعو ٿيو جنهن ۾ 51 مسلمان شهيد ٿي ويا هئا.
(روزاني هلال پاڪستان 29 ڊسمبر 2019ع)


مشرف،ماضي ۽ ” گھٻرائڻو ناهي“ ...!



شفيق الرحمان شاڪر
هيء بدنصيب قوم هن وقت تائين اوڻيهه وزير اعظم ۽ ڪئين آمر حڪمران ڀوڳي چڪي آهي پر اقتدار جي ان مست محفل مان جيڪو به نڪتو سو بي آبرو ٿي نڪتو پر ان ۾ چسڪو ڪجهه اهڙو آهي جو اڄ به ان واٽ ۾ آسوندن جي قطار لڳي پيئي آهي،اميدن جون ٽنگيل شيروانيون پراڻيون ٿي چڪيون آهن.اقتدار جي ڪرسين تي ويهندڙن جي بدقسمتي اها ئي رهي جو اهي پنهنجو اقتدار دائمي سمجھڻ لڳا جڏهن ته دائمي اقتدار ته رڳو رب ڪريم جي ذات کي حاصل آهي.ايوب خان جڏهن ڏهه سالا ترقيء جو جشن ملهائي رهيو هو ته خلق خدا ” ايوب ـــــــــ هائي هائي“ جا نعرا لڳائي رهي هئي.هن اقتدار سندس ”پٽي ڀائي“ يحيٰ خان حوالي ڪيو ۽ گمناميء جي اونداهين کيس هميشه لاء ڳهي ورتو.نشي ۾ ڌت يحيٰ خان ڪيئي چيل ۽ اڻ چيل ڪهاڻيون تخليق ڪري،پاڪستان کي ٻه ٽڪر ڪرڻ جو داغ پنهنجي پيشانيء تي سجائي هن جهان مان لڏي ويو.سندس موت تي نه ته آسمان رنو ۽ نه ئي زمين ماتم ڪيو.جناب ڀٽو جنهن ڪرسيء تي مڪ هڻندي چيو هو ته ” آئون مضبوط ناهيان پر منهنجي ڪرسي مضبوط آهي.“ وقت جي اک ڏٺو ته اها ڪرسي کيس ڪنهن ”تارا مسيح” کان نه بچائي سگھي.ضياء الحق جو دور آيو ته هر طرف ”اسلامي نظام“ جو شور برپا ٿيڻ لڳو،ڪرتي، شلوار ۽ شيروانيء جو رواج پيو،مٿي تي رئو نه ڍڪيندڙ خواتين کي ” پوپٽيون“ چوندڙ اسلام جي آڙ ۾ پنهنجي اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو،مظلومن جي اگھاڙن پٺن تي ڦٽڪا وسائيندو رهيو پر سندس انجام اهو جو موت بعد سندس مڙهه کي مٽيء به قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ سندس جسم هوائن ۾ ئي دز بڻجي اڏامي ويو.افغان جنگ ۾ سندس انڌي شرڪت بعد پاڪستان ۾ جيڪو ڪلاشنڪوف ڪلچر آيو قوم اڃا تائين اهو ڀوڳي رهي آهي.وري ٽٽل ڦٽل جمهوريت آئي.1988ع کان 1999ع تائين قوم چار وزير اعظم ڏٺا.پهرين بينظير ڀٽو جي حڪومت آئي جنهن کي غلام اسحاق خان روانو ڪيو وري ميان نواز شريف وزير اعظم بڻيو ته ميان نواز شريف پاڻ سان گڏ صدر اسحاق کي به وٺي ويو.محترمه بينظير ڀٽو کي ٻيهر اقتدار مليو ته کيس پنهنجي ئي جماعت جي صدر فاروق لغاري سندس حڪومت ختم ڪري ڇڏي.ٽيئي ڀيرا چونديل وزارت عظميٰ جي سسي آئين جي 58 ٽو بي جي تلوار سان ڪپي ويئي.نانگ ۽ سيڙهيء جي ان سياسي راند جو انجام نيٺ اڪٽوبر 99 ۾ ان وقت ٿيو جڏهن آمر پرويز مشرف ميان نواز شريف جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري اقتدار تي قبضو ڪري ورتو. ميان نواز شريف جلاوطن ٿيو ۽ مڪا لهرائيندڙ مشرف اسان جو مقدر بڻيو.جلا وطني ڪاٽڻ بعد ميان صاحب جڏهن وطن وريو ته هڪ ڏينهن هن مزاح جي موڊ ۾ چيو ته ” ماڻهو چوندا هئا ته قدم وڌاء نواز شريف! اسان توسان گڏ آهيون پر جڏهن مون قدم وڌايو ته پويان نهاريم ته ڪو به نه هو.“
اسان جو هاڻوڪو وزير اعظم لاڳيتو چئي رهيو آهي ته ” اڙي چورو ۽ ڌاڙيلو! اڙي مودي جا يارو! اڙي رهزنو! هاڻي آئون اوهان کي نه ڇڏيندس.“ جيڪڏهن هن حڪومت ڏيڍ سال ۾ ڪجهه ڪري ڏيکاريو هجي ها ته شايد قوم به سندس فرمان تي جيڪار چوي ها پر هاڻي ها ۾ ها ملائڻ وارا رڳو ڪجهه چمچا ۽ مفادپرست ماڪوڙا رهجي ويا آهن جيڪي پنهنجن مفادن جي مٺائيء کي چنبڙيل آهن.حڪومت ۾ ويٺل هڪ مائي مشير ” ماسي مصيبتي“ جيڪا خبر ناهي ڪيترن سياسي درٻارن جي سلامي ڀري خان صاحب جي خدمت ۾ پهتي آهي اها ٽي وي تي اچي پنهنجي حڪومت جي ڪارڪردگي ٻڌائڻ بدران سياسي مخالفن جا پٽڪا لاهڻ ۾ مصروف رهي ٿي ۽ هر وقت خان صاحب جي خوشامد جا قصيدا پڙهندي نظر اچي ٿي.جيڪر خان صاحب کي اهڙن ئي اقتدار جي پوڄاري سورج مکين کان مشورا وٺڻا آهن ته پوء ملڪ هليو! عثمان بوزدار کي شير شاهه سوري سڏيندڙ فياض چوهاڻ جو ماضي به گھڻو ڪجهه ٻڌائي ٿو ته هن جو به تڙ تڙ جو پاڻي پيتل آهي .سندن پنجاب حڪومت جي نااهلي جو جواب ڳولهڻ بدران سندس چوڻ آهي ته ”شهباز شريف پنهنجا جيڪي چمچا ڪڙڇا ڇڏي ويو آهي اهي بوزدار کي ڪم ڪرڻ نٿا ڏين.“ سچ اهو آهي ته فياض چوهاڻ جي نوڪري پڪي ئي اهڙن بيهودن بيانن ۽  مخالفن جا پٽڪا لاهڻ سبب آهي ڇو ته بدقسمتيء سان خان صاحب کي ان قسم جا ”وفادار“ گھڻو پسند آهن.خان صاحب جي چوڌاريء اڄ ڪلهه اهڙن ماڻهن جو ميڙو متل آهي.انهن مان گھڻا هن وقت ٻيا ڪم ڪار ڇڏي رٽائرڊ جنرل پرويز مشرف جي مدحت ۾ ترانا ڳائي رهيا آهن،ريلوي وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته ” مشرف نه غدار آهي نه ئي ڪرپٽ،هو اسان جو هيرو آهي.” وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته ” اسان پرويز مشرف جا احسانمند آهيون جنهن نواز شريف مان اسان جي جان ڇڏائي.“ پرويز مشرف جي تعريف ۾ زمين ۽ آسمان هڪ ڪندڙ وفاقي وزير داخلا اعجاز شاهه جوچوڻ آهي ته ” پرويز مشرف تي غداريء جو الزام غلط آهي. هن ملڪ لاء تمام گھڻيون خدمتون سر انجام ڏنيون آهن“ اهو سمورو شوراڳُوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان جناب آصف سعيد کوسا جي ان بيان کان پوء اٿيو جنهن ۾ هن چيو هو ته آئين ٽوڙيندڙ ڊڪٽيٽر خلاف فيصلو اچڻ وارو آهي جنهن بعد حڪومت پاڻ اهو فيصلو روڪرائڻ لاء اسلام آباد هائي ڪورٽ پهتي هئي جنهن مان اهو ته ثابت ٿي ويو ته هيء حڪومت هڪ ڊڪٽيٽر جي مڪمل حمايت ڪري رهي آهي.حيرت آهي ته نومبر 2007ع ۾ ايمرجنسي لڳائڻ تي جنهن کي سپريم ڪورٽ آئين ٽوڙيندڙ قرار ڏنو هن وقت سڄو حڪمران ٽولو ان جي حمايت ۾ بيٺل آهي،چيو پيو وڃي ته پرويز مشرف ملڪ لاء تمام وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون پر ڪيترين ئي سخت حقيقتن بابت نه پيو ٻڌايو وڃي ته ”سڀ کان پهرين پاڪستان“ جو نعرو لڳائيندڙ مشرف هڪ ئي امريڪي ڪال تي ليٽي پيو هو ۽ هو آمريڪا کي اهو ڪجهه به ڏيئي ويٺو جنهن جو کانئس مطالبو ئي نه ڪيو ويو هو.امريڪي محبت ۾ گرفتار پرويز مشرف ڪو ر ڪمانڊرس کي اعتماد ۾ وٺڻ سواء امريڪا کي فوجي اڏا مهيا ڪيا ۽ راهداريء جي سهوليت به ڏني.محب وطن اڪبر بگٽيء کي بمن سان اڏايو ۽ لال مسجد جي بي گناهه نياڻين جي رت سان پنهنجا هٿ رڱيا.بينظير ڀٽو جي قتل ڪيس جو مکيه جوابدار پرويز مشرف 12 مئي 2007ع تي ڪراچيء ۾ پنجاهه کان مٿي معصومن جي رت سان ٿيل راند بعد پنهنجي مڪ لهرائيندڙ پرويز مشرف تي بيڪ ڊور ڊپلوميسي جي نالي تي ڀارتي وزير اعظم من موهن سنگهه سان ڪشمير جو سودو ڪرڻ جا به الزام آهن.
ليفيٽنٽ رٽائرڊ جنرل شاهد عزيز لکيو آهي ته ” مشرف هندستان سان ڳالهين جي اوٽ ۾ ڪشمير کي خيرباد چوڻ گھريو ٿي.“ مشرف جي ”خدمتن“ جو داستان ته وڏو آهي پر اڳتي هلون ٿا وزير اعظم صاحب بار بار قوم کي چوندو رهي ٿو ته ” گھبرائڻو ناهي.“ هن هي به فرمايو ته ”پنجن سالن تائين اوهين مون کان اهو ئي ٻڌندا رهندا ته اسان کي ڪيڏو نه وڏو خسارو مليو آهي.“ عرض اهو ته جيڪا به حڪومت اقتدار ۾ اچي ٿي ته اهو ئي ماتم ڪندي آهي پر خان صاحب وارو قصو ڪجهه گھڻو ئي ڊگهو ٿي ويو آهي.قوم ماني گراهه جي گھر ٿي ڪري ته اوهان نون ليگ ۽ پي پي دور جا سور ٻڌائڻ شروع ڪريوڏيو پر اهو سچ به ته ماڻهن کي ٻڌايو ته جيترو قرض نواز ليگ حڪومت پنجن سالن ۾ ورتو اوهان جي حڪومت چوويهن ملڪن ۽ ادارن کان رڳو پندرهن مهينن ۾ ايترو قرض وٺي چڪي آهي ۽ گڏيل قرض ۾ 9.3 ٽرلين روپين جو واڌارو ٿيو آهي جيڪو هڪ ريڪارڊ آهي.اوهان فرمايو ته معيشت ۾ ”بهتري“ جا آثار شروع ٿي ويا آهن پر زميني حقيقتون ڪجهه ٻيو ٻڌائي رهيون آهن.غريب جي معيشت  ته پيٽ کان شروع ٿي پيٽ تي ئي پوري ٿئي ٿي.جتي پيٽ خالي هجن،اتي قوم گھٻرائي نه ته ٻيوڇا ڪري؟ شماريات جي رپورٽ مطابق نومبر مهيني ۾ ٽماٽا 436 روپيا ۽ بصر 159 روپيا ڪلو وڪاميو جڏهن ته اوهان جي هڪ وزير با تدبير فرمايو ته ماڻهن کي ٽماٽن بدران ٻوڙ ۾ دهي وجھڻ کپي پر روزمرهه جي سمورين شين جي اگھن ۾ واڌاري جو علاج به ان وزير وٽ آهي؟ گذريل هڪ سال دوران ڪڻڪ ۽ اٽو 18 سيڪڙو،مسور جي دال 57 سيڪڙو،ماش جي دال 35 سيڪڙو ۽ چڻن جي دال 15 سيڪڙو مهانگي ٿي.خان صاحب کي ڪا خبر آهي ته اهي شيون غريب ٿا استعمال ڪن يا امير؟نئين پاڪستان جي بانيء کان قوم وڏيون اميدون لڳائي رکيون هيون جيڪي مايوسين جي اونهين کڏن ۾ دفن ٿي چڪيون آهن.جيڪر حڪومت ڪنهن هڪڙي شعبي ۾ ئي ڪا ڪارڪردگي ڏيکاري هجي ها ته قوم آئنيدي جي بهتريء جي ڪا اميد رکي ها هتي ته لڏو ئي لٺ تي آهي.سواء بيوروڪريسي جي  روز روز جي اٿل پٿل جي ٻيو ڪجهه نظر ئي نٿو اچي.سياسي ٽيم موجود ڪانهي،ڪارڪردگي زيرو،تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ وعدو ڪيل سڌارن جو پري پري تائين ڪو ڏس پتو ناهي.گڊ گورنس نالي ڪا صورت اڃاتائين ته ڏسڻ لاء ناهي ملي.پوليس ۾ هن وقت تائين جيڪي سڌارا آيا آهن اهي به سڀني جي سامهون آهن،وي آئي پي ڪلچر جو ڪيترو خاتمو آيو آهي اهو به سڀني پنهنجي اکين سان ڏسي ورتو آهي.سادگي ۽ بچت جا اصول منهن مٿوپٽيندي رهجي ويا آهن.ڇا وزير اعظم هائوس ۽ گورنر هائوس يونيورسٽين ۾ بدلجي چڪا آهن؟جيڪا حڪومت اهو چوي ته سرديون اينديون ته ڊينگي مڇر پاڻهي ختم ٿي ويندو،انهيء حڪومت مان اها اميد لڳائڻ ته اها ملڪ ۽ قوم کي سمورن بحرانن مان ڪڍي پار پوندي ڪنهن ديواني جو خواب ئي ٿي سگھي ٿو!
(روزاني عوامي آواز)

Sunday, December 29, 2019

آمراڻي ذهنيت وارا اڳواڻ مقبول ڇو ٿا ٿين؟



شفيق الرحمان شاڪر
ڪهڙو سبب آهي جو ڪجهه قومون آمر ۽ ڏاڍ وارا رويا رکندڙ اڳواڻن کي پسند ڪن ٿيون؟اٽڪل هڪ هزار سالن جي عرصي کان فلسفي ۽ سياسي مامرن جا ماهر اهو سٽ سلجھائڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن ته آخر ڪهڙن سببن هيٺ اسان پنهنجي مرضيء سان پنهنجو استحصال ڪرائڻ تي راضي ٿيندا آيا آهيون؟ افلاطون پهريون فلسفي هو جنهن آمريت يا مطلق العنانيت جي مسئلي تي ڳالهايو.هن پنهن جي ڪتاب”جمهوريه“ ۾ لکيو آهي ته” جمهوري رياستن جو مقدر آهي ته انهن جو انجام نيٺ آمريت تي ٿئي ٿو.“افلاطون جمهوريت جو حامي نه هو.شايد ان ڪري جو ايٿنز جي جمهوريت سندس پياري استاد سقراط کي زهر پياري موت جي حوالي ڪيو هو.هن جو خيال هو ته جمهوري نظام جون شڪليون هڪ اهڙو سماج جوڙين ٿيون جيڪو اوپرو ۽ منتشر ٿئي ٿو.ان ۾ ماڻهو چرب زبان ۽ ڳالهائڻ جي فن ۾ چالاڪ سياستدانن جو سولائيء سان شڪار ٿي وڃن ٿا، افلاطون هڪ ٻئي ڪتاب ”گارگياس“ ۾ انهن اڳواڻن جي وصف بيان ڪندي لکيو آهي ته ”اهي (سياستدان) سماج جي ڀلائيء کي يقيني بنائڻ بدران ماڻهن کي غير واقعاتي وعدن تي وندرائين ٿا.“ هو طنز سان لکي ٿو؛ ” بورچي ڊاڪٽر جو ماسڪ پهري وٺي ٿو۽ اهو ڏيکاء ڏيندو آهي ته کيس ڄاڻ آهي ته انساني جسم لاء ڪهڙو کاڌو بهترين غذا آهي.جيڪر ٻارن يا ٻارن وارو ذهن رکندڙن سامهون سٺي ۽ خراب کاڌي وچ ۾ تفاوت ڄاڻڻ لاء کاڌو پچائڻ جي اهليت جي بنياد تي مقابلو ٿئي ته پڪ سان ڊاڪٽر کي بکين مرڻو پوندو.“
ان موضوع تي ويهين صدي جي شروع ۾ سوشالاجي جو بنياد رکندڙ شخصيت ميڪس ويبر به ڳالهايو آهي.هن ”ڪرشماتي طاقت“ جهڙو اصطلاح جوڙيو جنهن جو مطلب فرد جو اهڙي صفت جو مالڪ هئڻ آهي جنهن جي بنياد تي هو عام ماڻهن کان نرالو محسوس ٿئي ٿو،ان سان ڪنهن ما فوق الفطرت ذات جيان سلوڪ ڪيو وڃي ٿو.اهو پنهنجن پيروڪارن ۾ مقدس الهامي استعاري کان گھٽ حيثيت نٿو رکي.سندس پيروڪار ۽ حامي منجھائس معجزن جي اميد رکندا آهن جو هو گھري ته سندن زندگيون بدلائي ڇڏي.عقلمند ماڻهو اهڙن غير واقعاتي نظرين جو شڪار ڪيئن ٿا ٿي وڃن؟ ميڪس ويبر چوي ٿو ته اهو ڄاڻڻ لاء ڳوڙهي ويچار جي ضرورت آهي.جڏهن ويبر ڪرشماتي طاقت جي نظريي تي بحث ڪري رهيو هو ان وقت ويانا ۾ سگمڊ فرائيڊ اهڙين شين جي باري ۾ سوچي رهيو هو .سندس ڪتاب” Group Psychology and the Analysis of Ego“جو موضوع به اهو ئي آهي.هو ان ۾ پيروڪارن جي نفسياتي حرڪتن جو تجزيو ڪري ٿو.انهيء ۾ ٻه معاملا مرڪزي آهن.هڪ ته اهو جو مطلق العنان حڪمرانن طرف لاڙو رکندڙ ماڻهو سندن شخصيت جي جاچ جي ضرورت محسوس نٿا ڪن.اهي انهن کي هيرو جيان ۽ ڪنهن به وڏي برائيء کان پاڪ سمجھندا آهن.ٻيو اهو ته پيروڪار اڳواڻن کي ڪامليت جي درجي تي تصور ڪندا آهن.اهڙيء طرح اهو اڳواڻ پيروڪارن جي اندر جو آواز ٿئي ٿو.چڱائي يا برائي پنهنجي ذات ۾ ڪا تعريف يا سڃاڻپ نٿي رکي.اڳواڻ جي شخصيت سان طيء ٿيندو آهي ته ڪهڙي چڱائي ۽ ڪهڙي برائي آهي.مطلق العنان اڳواڻ ۽ پيروڪارن وچ ۾ “گڏيل سڃاڻپ” جو وجود به هڪ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.پيروڪار پاڻ کي هڪ تحريڪ جو حصو سمجھندا آهن.اڳواڻ ان کي هائي لائيٽ ڪري رکندو آهي.اجتماعيت ۽ تحريڪ جو نشو هڪ وڏي مقصد خاطر ذاتي مفادن ۽ سوچ ويچار جي صلاحيت کي پٺيء پويان اڇلائي ڇڏي ٿو.آمراڻو نظام پنهنجي مٿان مذهبي تقدس جهڙو پردو چاڙهي ڇڏي ٿو.”The Dark charisma of Adolf Hitler”  ۾ تاريخ دان لارنس ريس لکي ٿو ته هٽلر جي گھر جي زيارت لاء چرين جيان ڊوڙندڙ قافلن، سندس دفتر کي موڪليل هزارين خط ۽ ٻارن کي اهو سيکارڻ ته هٽلر هڪ مسيحا آهي،اهو سڀ ظاهر ڪري ٿو ته ان کي ڪا عام سياسي شخصيت نه پر کيس ڪو آسماني نمائندو سمجھيو ويندو هو.
فلسفي موني ڪائرل 1932ع ۾ پنهنجي دوست آرٿر ينڪن جيڪو سفارتڪار هو ۽ کيس نازين بعد ۾ قتل ڪري ڇڏيو هو جي دعوت تي جرمنيء ۾ نازي پارٽيء جي جلسي ۾ ويو.اتي گوئبلز ۽ هٽلر ٻنهي جون تقريرون ٻڌيون ته سڪتي ۾ پئجي ويو.هن اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته آخر اهڙو منظر نامو ڪيئن ٿو جڙي جنهن ۾ هڪ طرف جعلسازي هجي ۽ ٻئي پاسي انسانن جي سمنڊ تي سحر طاري هجي.ان جو جواب سندس مضمون “ The Psychology of propaganda”۾ سامهون آيو.موني ڪائرل،برطانوي ماهر نفسيات ملاني ڪلائن کان متاثر هو.ڪلائن مطابق انسانن کي سدائين هڪ قسم جو خوف لڳل رهي ٿو جنهن کي هوء نفسياتي بيچيني Psychotic Anxieties جو نالو ڏئي ٿي.انسان جو هر سٺو يا خراب عمل انهيء ئي خوف جي بنياد تي انجام پائي ٿو.ان ۾ وسوسي ۽ اداسيء جا اندروني احساس پڌرا هوندا آهن.برائيء جي ممڪنه طور تي حاوي ٿي وڃڻ جو انديشو ۽ ڪنهن چڱائي يا ڪنهن پياري شيء جي کسجي وڃڻ جي اداسي. ڪائرل چوي ٿو ته سياست ۾ پروپيگنڊا جي ڪاميابيء لاء ضروري آهي ته عوام اندر بيوسيء واري احساس جي نڪتي تي آڱوٺو رکو پوء انهن جي سامهون ڪو معجزاتي حل پيش ڪريو.يعني پهرين انهن کي اداسي جي کڏ ۾ ڌڪو ڏيو ته انهن کان ڪا وڏي ڀل ٿي ويئي آهي يا ڪا قيمتي شيء کسجي ويئي آهي.ان کان پوء ڪنهن شخص يا طبقي کي ان سموري شر جو ذميدار ٻڌايو ته سمورن مسئلن جي پاڙ اهو طبقو آهي.ٽئين مرحلي ۾ هڪ جادوئي حل جو منصوبو سندن سامهون آڻي ڇڏيو جيڪو بيوسيء جي زخم تي مرهم محسوس ٿئي.
ڪائرل جو چوڻ آهي ته پنهنجو پاڻ تي رحم کائڻ ۽ نفرت جو احساس جاڳائڻ ڪافي ناهي،پيروڪارن کي ساراه ڪرڻ ۽ قصيدا خوانيء جي گاديء تي به وهاريو ،انهيء سان اهي عظمت ۽ طاقت جي جنون واري خبط ۾ ڦاسي ويندا.اها هڪ نئين نفسياتي اڻ تڻ آهي.عقل جو هليو وڃڻ،هڪ نئين بيوسي.ڪرشماتي اڳواڻ جي هٿ ۾ هاڻي سڀ ڪجهه اچي چڪو آهي.صحافي گوين گلفرڊ ذڪر ڪيو ته جڏهن آئون ڊونلڊ ٽرمپ جي چونڊ مهم جي ڪوريج ڪري رهي هيس ته ان وقت ڪائرل جو لکيل هر جملو منهن جي ذهن ۾ گونجي رهيو هو.
مطلق العنان اڳواڻن جي حوالي سان اها نفسياتي سڃاڻپ مڪمل صحيح ناهي تنهن هوندي به ضروري آهي ته اهڙا تجزيا جاري رهن ۽ نفسياتي ڳنڍين جي کوج لڳائي ويندي رهي ته جيئن اسان استبدادي ذهنيت جي اهڙن آمر حڪمرانن ۽ اڳواڻن جو شڪار ٿيڻ کان بچي سگھون.
(روزاني هلال پاڪستان)

Friday, December 27, 2019

بينظير؛ هڪ بينظير ڪردار جي سياستدان.



شفيق الرحمان شاڪر
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڀٽو خاندان جي سياسي تاريخ رت سان ڀريل آهي.پاڪستان جي سالميت ۽ استحڪام جي دشمن ماڻهن 27 ڊسمبر 2007ع تي بينظير ڀٽو کي شهيد ڪري سندس جسماني وجود کان ته نجات حاصل ڪري ورتي پر هن جي مقبوليت،ماڻهن جي دلين تي حڪمراني، سندس طلسماتي ۽ ڪرشماتي شخصيت کي اڄ به مٽائي نه سگھيا آهن.بينظير جيڪا 21 جون 1953ع تي ڪراچيء ۾ ڄائي،ريڊ ڪلف ۽ هارورڊ يونيورسٽي مان اعليٰ تعليم بعد آڪسفورڊ يونيورسٽي مان سياست، اقتصاديات ۽ فلسفي ۾ اعليٰ ڊگري حاصل ڪيائين ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽيء مان ئي بين الاقوامي قانون ۽ سفارتڪاريء جو ڪورس مڪمل ڪيائين.بينظير آڪسفورڊ يونيورسٽي يونين جي چونڊجندڙ پهرين مسلمان عورت هئي.بينظير ڀٽو کي اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزير اعظم هئڻ جو اعزاز به حاصل رهيو.بينظير ڀٽو ڪيترائي ڪتاب پڻ لکيا جن ۾ ”دختر مشرق“ سندس مشهور تصنيف آهي.بينظير ڀٽو 1988 ۽ 1993 ۾ ٻه ڀيرا پاڪستان جي وزير اعظم بڻي.بينظير ڀٽو جي زندگيء تي نظر ڊوڙائبي ته سندس زندگي مصيبتن،پريشانين،غمن ۽ المن مان ڀري پيئي آهي.هن پنهن جي والد کي آمرن ۽ جابرن هٿان شهيد ٿيندي ڏٺو ۽ هي اهو وقت هو جڏهن بينظير ان قسم جو شديد صدمو برداشت ڪرڻ جي عمر ۾ نه هئي.اهو ڪو معمولي واقعو نه هو جو اسلامي دنيا جي هڪ عظيم ليڊر کي هڪ عدالتي قتل ذريعي ڦاهيء تي لٽڪايو ويو.3 اپريل 1979ع تي پنهنجي والد جي شهادت کان هڪ ڏينهن اڳ هن پنهنجي پيء سان ٿيل آخري ملاقات ۾ سندس جدوجهد کي جاري رکڻ جو وچن ڪيو هو ۽ بعد ۾ هن ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي لاء وقت جي ظالم حاڪمن سان مهاڏو پڻ اٽڪايو ۽ هڪ ڊگھي جدوجهد جي شروعات ڪئي.وقت جي آمر پنهنجو هر ستم آزمايو،ماڻهن جي اگھاڙين پٺين تي ڪوڙا ۽ ڦٽڪا وسايا ويا،سندس والده محترمه نصرت ڀٽو جو مٿو ڦاڙيو ويو پر وقت جي ڪا به ستم ظريفي ۽ حالتن جي ڪابه سختي بينظير جي جمهوري جدوجهد جو رستو روڪي نه سگھي.پيء جي شهادت بعد سندس ڀائرن کي به هڪ هڪ ڪري قتل ڪيو ويو پر اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ باوجود به آمر ۽ سندن ساٿاري ٽولا هن اڪيلي هٿين خالي نينگريء کان سدائين ڊڄندا رهيا.هوء رڳو مهراڻ جي واديء جو فخر نه پر سمورن صوبن جي زنجير هئي.8 آڪٽوبر 2007ع تي جڏهن هوء اٺن سالن جي جلاوطنيء بعد واپس وطن وري ته ڪراچيء جي گھٽين ۾ ماڻهن جو سمنڊ اٿلي پيو.جمهوريت جي دشمنن سندس قافلي تي آپگھاتي حملو ڪيو جنهن ۾ هوء پاڻ ته معجزاڻي طور تي بچي ويئي پر سندس 170 جانثار مٿانئس قربان ٿيندي شهيد ٿي ويا.
ان خوفناڪ ڌماڪي بعد محترمه بينظير کي ڪيتريون ڌمڪيون ڏنيون وييون ۽ کيس عوامي مشن کان هٽائڻ جون ڪوششون ڪيون وييون پر هن جي رڳن ۾ جيڪو خون هو سو پوئتي هٽڻ وارو نه هو.27 ڊسمبر 2007ع تي لياقت باغ راولپنڊي ۾ پنهنجي چونڊ جلسي کي خطاب ڪرڻ بعد جڏهن هوء واپس موٽي رهي هئي ته سندس جانثارن رستي ۾ نعري بازي شروع ڪئي ته بينظير انهن کي جواب ڏيڻ لاء گاڏيء مان ٻاهر نڪتي ان وقت گھات ۾ ويٺل ڪٺور قاتلن کيس پنهنجن گولين جو نشانو بنائي ڇڏيو.اهو تاريخ جو نهايت ئي المناڪ لمحو هو جڏهن سندس پرستارن سان گڏ سندس سياسي دشمن به ڳوڙها ڳاڙي ويٺا.ظالم قاتلن ظاهري طور تي ته محترمه کي سندس چاهيندڙن کان ڌار ڪري ڇڏيو پر ماڻهن جي دلين مان ڀٽو خاندان جي محبت ختم ڪري نه سگھيا.
27 ڊسمبر 2007ع تي بينظير ڀٽو جي ڪيل آخري تقرير نهايت ئي اهم آهي.سندس تقرير جو هڪ هڪ لفظ اڄ به ماڻهن جي ذهن ۾ گونجي رهيو آهي.بينظير پنهنجي آخري تقرير ۾ به پنهن جي ملڪ کي سامهون آيل خطرن طرف اشارو ڪندي چيو هو ته  ”اوهان جو ۽ منهن جو ملڪ خطري ۾ آهي، سهڻي ڌرتي مون کي سڏي رهي آهي  ۽ اسان دهشتگردن آڏو هٿيار ڦٽا نه ڪنداسين.قبائلي علائقن ۾ پاڪستاني جھنڊو سدائين ڦڙڪندو رهندو.پاڪستان لاء منهن جي والد کي شهيد ڪيو ويو،منهن جا ٻه جوان ڀائر قتل ڪيا ويا.منهن جي پارٽيء جي قيادت ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي، منهن جي ماء کي روڊن تي لٺيون هنيون وييون.مون کي جيل ۾ رکيو ويو پر اسان موت کان ڊڄڻ وارا ناهيون،اسان عوام جي طاقت سان انتها پسندن کي شڪست ڏينداسين.  محترمه ڀٽو جي سڄي زندگي عوامي حقن ۽ جمهوريت جي بحاليء واري جدوجهد ۾ گذري.شهيد ذوالفقار علي ڀٽو بعد جيئن ئي هن پارٽي قيادت سنڀالي ته هن ٽڙيل پکڙيل ڪارڪنن کي هڪ ڪيو ۽ آخري دم تائين عوامي ويڙهه وڙهندي رهي.ضياءالحق جي آمريت خلاف مهاڏو اٽڪائيندڙ بينظير ڊگھي جلاوطني بعد 1986ع ۾ جڏهن وطن وري هئي ته سندس عظيم الشان استقبال ڪيو ويو.محترمه جيڏانهن ويندي هئي عوام جو سمنڊ ان طرف اٿلي پوندو هو.1988ع ۾ جڏهن هن کي پهريون ڀيرو ملڪ جي وزير اعظم بڻجڻ جو اعزاز حاصل ٿيو ته هن عوامي خوشحالي توڙي عورتن جي ترقيء جا ڪيترائي وڏا منصوبا شروع ڪيا پر رڳو ويهن مهينن بعد سندس حڪومت کي ختم ڪري مٿانئس سياسي ڪيس داخل ڪيا ويا.1993ع جي عام چونڊن ۾ ڪاميابيء بعد هوء هڪ دفعو وري وزير اعظم بڻجي ويئي.2002ع جي عام چونڊن ۾ ان وقت جي آمر پرويز مشرف هڪ منصوبي هيٺ پيپلز پارٽيء کي حڪومت کان ٻاهر رکيو.2007ع ۾ مشرف جي منع ۽ انٽيليجنس ادارن طرفان کيس ڪليئرنس نه ملڻ باوجود هوء پنهن جي جان جوکي ۾ وجھي واپس پاڪستان پهتي ۽ پنهنجي پارٽيء جي چونڊ مهم شروع ڪئي.مشرف جڏهن ٽين نومبر تي ايمرجنسي لاڳو ڪئي ته محترمه اڳيان وڌي ڪري مشرف جي ان قدم جي سخت مخالفت ڪئي.اها 27 ڊسمبر جي هڪ بد نصيب شام هئي جڏهن بينظير ڀٽو جي قافلي کي حملي جو نشانو بڻايو ويو ۽ هوء اسپتال پهچڻ کان پهرين پنهنجو دم ڌڻيء حوالي ڪري چڪي هئي.
محترمه جي نظرين،پاليسين ۽ سندس حڪومتي قدمن تي سوين اختلاف ٿي سگھن ٿا ۽ ڪيترن معاملن تي تنقيد به ڪري سگھجي ٿي پر هڪ ڳالهه جيڪا هر قسم جي اختلاف کان مٿانهين آهي سا اها ته هوء نهايت ئي دلير،مضبوط اعصابن ۽ مستحڪم ارادن واري خاتون هئي.هن جنهن صبر، همت ۽ مستقل مزاجيء سان مصيبتن،مشڪلات،ڏاڍ،ڏمر،صدمن ۽ المن جو مقابلو ڪيوپاڪستان جي پوري سياسي تاريخ ۾ اهڙو ڪو ٻيو سياسي ليڊر سندس برابري ڪندي نظر نٿو اچي.دشمن ته دشمن پر دوستن به دوستيء جي پردي ۾ هن سان جيڪي سياسي دوکيبازيون ۽ مڪاريون ڪيون اهي بيان کان ٻاهر آهن پر سلام آهي ان اڪيلي عورت جي همت کي جنهن آخر تائين عوامي جدوجهد تان هٿ نه کنيو.جڏهن پنهنجي سياسي حريف نواز شريف طرفان قائم ڪيل ڪيسن ۾ هوء پنهنجي معصوم ٻارن سان هڪ عدالت کان ٻي عدالت جا چڪر هڻندي هئي تڏهن به سندس منهن تي دلفريب مرڪ ٽڙندي هئي.محترمه جي وڃڻ بعد پاڪستاني سياست ۾ قيادت جو جيڪو بحران پيدا ٿيو آهي انهيء حقيقت کي ڪو تسليم ڪري يا نه پر سچ اهو آهي ته بينظير هڪ بينظير تدبر،فهم، فراست، بالغ نظري ۽ وسيع القلبيء واري صلاحيت جي مالڪ هئي.هن سياست ۾ نفاست،نزاڪت،شرافت۽ وقار کي ڪڏهن به هٿان وڃڻ نه ڏنو.
(روزاني هلال پاڪستان 27 ڊسمبر 2019ع)

قومن جون غلطيون ۽تاريخ جو خوف!



شفيق الرحمان شاڪر
ڪجهه سال اڳ هندستان جي هڪ اخبار حمود الرحمان ڪميشن جي رپورٽ جا ڪجهه حصا شايع ڪري ڇڏيا جيڪا رپورٽ اوڀر پاڪستان جي سانحي بعد جسٽس حمود الرحمان جي نگرانيء هيٺ هڪ جاچ ڪميشن تيار ڪئي هئي ته جيئن 1971ع ۾ ٿيندڙ واقعن جا سبب معلوم ڪيا وڃن ۽ انهن جو تجزيو ڪري انهن ماڻهن ۽ عوامل جي نشاندهي ڪئي وڃي جيڪي 1971ع جي ڪرتوتن جا ذميدار هئا.پاڪستان جي نه ته فوجي ۽ نه ئي چونڊيل حڪمرانن ان رپورٽ جا نتيجا عوام تائين پهچايا.وقت گذرڻ سان گڏ اها رپورٽ ۽ انهيء ۾ بيان ڪيل  سخت سچائيون تاريخ جي اونداهين ۾ گم ٿي وييون ۽ اسان جي قومي ياداشت جو حصو نه بڻجي سگھيون.پوري قوم هڪ وڏي اجتماعي ويسر جو شڪار ٿي ويئي.جڏهن هندستان جي هڪ اخبار ڪجهه تڪليف ڏيندڙ حقيقتون بيان ڪيون ته اسان جي قوم ڇرڪي ويئي.ڪجهه ماڻهن کي ماضيء جي درد ڀرين يادن وڪوڙي ورتو ۽ اهي ان رپورٽ کي عام ڪرڻ جي گھر ڪرڻ لڳا.ان وقت ورديء جي طاقت ۾ ويڙهيل پرويز مشرف فيصلو ڪيو ته ماضيء جي انهن تلخ حقيقتن کان پوريء طرح انڪار ڪرڻ هاڻي ناممڪن هوندوتنهن ڪري هڪ ننڍي وڏي معافي گھري ان معاملي کي خاموشيء جي اوناهين ۾ هميشه لاء دفن ڪري سگھجي ٿو ان ڪري پرويز مشرف دل نه گھرندي به ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته اولهه پاڪستان جي حڪمرانن کان ڪجهه زيادتيون ٿيون ۽ سراسري انداز ۾ معافي به گھري ورتي ۽ گڏوگڏ هن قوم کي اهو مشورو به ڏنو ته اسان کي تاريخ ۾ نه رهڻ گھرجي،ماضيء کي وساري هاڻي اڳتي وڌڻ کپي.سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اسان جي حڪمرانن کي سندن ماضيء مان خوف ڇو هو؟اهو ڇا هو جنهن تي پردو وڌو پئي ويو؟ان سوال جو جواب اسان کي بي شمار ڪتابن ۽ دستاويزي فلمن ۾ ملي ٿوجيڪي 1971ع جي واقعن تي بنايون وييون. پاڪستاني حڪمرانن ۽ مقتدر ڌرين اوڀر پاڪستان جي ماڻهن سان سخت زيادتيون ڪيون هيون.1970ع جي چونڊن ۾ اوڀر پاڪستان جي عوامي ليگ پڌري ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ ان جماعت کي حڪومت بنائڻ جو قانوني حق هو پر اولهه پاڪستان جي حڪمرانن ۽ اسٽيبلشمينٽ کي اهو قبول نه هو ته اهي اقتدار عوامي ليگ جي حوالي ڪن.ان ڪري عوامي ليگ جي اڳواڻ شيخ مجيب الرحمان تي غداري ۽ سازش جا ڪيس جوڙي ان کي نظربند ڪيو ويو۽ اوڀر پاڪستان جي سياسي قوتن کي تباهه ڪرڻ جي مهم هلائي ويئي.نتيجي طور تي اتي بغاوت ٿي ويئي،فوجي چڙهائي ڪئي ويئي ۽ نيٺ 17 ڊسمبر 1971ع تي پاڪستان جي هٿياربند فوج هندستان جي فوج آڏو هٿيار ڦٽا ڪري ورتا.هندستان بنگالين جي آزاديء واري مهم ۾ هنن جو ساٿ ڏنو هو ۽ اولهه پاڪستان سان اڀرندي حصي جا سمورا رابطا ٽوڙي ڇڏيا هئا.اهي هيون اهي دردناڪ حقيقتون جن کي اولهه پاڪستان جي عام ماڻهن کان لڪيل رکيو ويو ۽ جن جي سامهون ٿيڻ جي همت پاڪستان جي حڪمرانن ۾ نه هئي.
حڪمران طبقن کي دنيا ۾ هر هنڌ هر علائقي ۾ تاريخ جو خوف ٿيندو آهي پر تاريخ ڏاڍي ظالم شيء آهي اها سمنڊن جي گهراين ۾ لڪيل سچ کي ڪڏهن نه ڪڏهن ٻاهر ڪڍي سج جي روشنيء ۾ کڻي ايندي آهي،اها اسان کي خود فريبي جي اونداهن خوابن ۾ غرق ٿيڻ نٿي ڏئي،تاريخ جيڪا زخمن کي وساري ڇڏڻ واري صلاحيت کي لاچار ڪري ڇڏي ٿي،جهڙيء طرح ڪو شخص پنهنجن اذيتناڪ تجربن کي وسارڻ گھرندو آهي ۽ پنهنجن غلط پرڪارن کي ياد نه رکڻ گھرندو آهي جو ڪٿي پشيمانيء جو شڪار نه ٿي وڃي.اهڙيء طرح قومون به پنهنجن قبول نه ٿيندڙ عملن کي ياد نٿيون رکڻ گھرن ۽ ڪوشش ڪنديون آهن ته رڳو اهي ڳالهيون ئي قومي ياداشت جو حصو بڻجن جيڪي وڻندڙ هجن يا جن عملن تي قوم پاڻ فخر ڪري سگھي.تاريخ جيڪر ايمانداري ۽ سچائي سان لکي وڃي ته اها قومن جو ضمير جھنجھوڙي ڇڏي ٿي.
ياد رکڻ يا وساري ڇڏڻ هڪ قدرتي عمل آهي،سياسي عمل جي طور تي اهو طاقت جي رشتن سان ڳنڍيل هوندو آهي.حڪمران ۽ طاقتور طبقا ئي اهو فيصلو ڪندا آهن ته قوم کي ڪهڙي ڳالهه ياد رکڻي آهي ۽ ڪهڙي وساري ڇڏڻي آهي.چونڊ جي ان عمل ۾ يادن کي ورهائي ڇڏيو ويندو آهي.هڪ پاسي اهي يادون هونديون آهن جن کي جائز قرار ڏنو ويندو آهي ۽ ٻئي طرف اهي يادون هونديون آهن جن کي ياد رکڻ به ڏوهه قرار ڏنو ويندو آهي ڇاڪاڻ ته انهن سبب ضمير ملامت ڪندو آهي،ياد رکڻ ۽ وساري ڇڏڻ جي اها سموري صنعت،ادارن ۽ ٽيڪنالاجيء تي حڪمران طبقن ۽ طاقتور فردن جو قبضو هوندو آهي.ان صنعت ۾ سرڪار جا ادارا به شامل هوندا آهن،خاص طور تي ميڊيا، علمي، تحقيقي ۽ تعليمي ادارا ۽ خانگي سيڪٽر به شامل هوندو آهي،مثال خانگي ميڊيا چينل، اخبارون، رسالا،ريڊيو ۽ سکيا جا ادارا،ياداشت ۽ ويسر جي ٽيڪنالاجيء ۾ درسي ڪتاب،پڙهائيء جو طريقو،ڪالم نگاري،خبر لڳائڻ جا طريقا،مذاڪرات،ڊراما،فلمون ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شيون شامل آهن.ان ڪري اسان کي ڇا ياد رکڻو آهي ۽ ڇا وساري ڇڏڻو آهي اهو اسان نه پر اسان جو حڪمران طبقو طيء ڪري ٿو.عوام وٽ رڳو يادون هونديون آهن جيڪي انفرادي ذهن ۾ قيد ٿين ٿيون، جيڪر اهي يادون سرڪاري ياداشت جي ابتڙ هونديون ته گھڻن ماڻهن کي سندن يادن تي شڪ ٿيڻ لڳي ٿو ڇو ته انسان انهن يادن ۾ پنهنجو پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪندو آهي،انهن جو اجتماعي ريڪارڊ نه هوندو آهي.ڇا سبب آهي جو تاريخي ياداشت ۾ عام ماڻهن جون ذاتي يادون شامل نٿيون ٿين؟ اهڙن واقعن تي خاموشيء جو پردو ڇو ٿو وڌو وڃي؟ڇا اهي يادون غير اهم هونديون آهن ۽ فرد جو تاريخ ۾ ڪو ڪردار نٿو ٿئي؟ان خاموشيء جو شايد وڏو سبب اهو آهي جو حڪمران جڏهن قومي ياداشت جي تعمير ڪن ٿا ته هڪ مخصوص نڪته نظر فروغ ڏيڻ گھرندا آهن.جيڪا ڳالهه ان مخصوص دائري ۾ نٿي سمائجي ان کي ويسر جي اونهي سمنڊ ۾ ڌڪي ڇڏين ٿا.اهي رڳو انهن حقيقتن جي چونڊ ڪن ٿا جيڪي انهن جي مفاد ۾ هجن.مثال؛ سرڪاري تاريخ جيڪر مذهب جي نڪته نظر سان لکي رهجي هجي ته سمورن اهڙن واقعن کي وساري ڇڏيو ويندو آهي جيڪي ماڻهن ۾ مذهبي تفاوت جي خلاف هجن.جيڪر تاريخ قوم پرستي يا نسل پرستيء جي لحاظ کان لکي ويندي هجي ته اهڙيون سموريون ڳالهيون جيڪي ڪنهن قوم يا نسل کي ڪمزور ظاهر ڪن اهي وساريون وڃن ٿيون.مثال؛ پهرين ۽ ٻي جنگ عظيم جي وچ واري حصي ۾ جرمنيء ۾ پڙهائي ويندڙ تاريخ ان ڳالهه کي مڃڻ لاء تيار نٿي ٿي ته جرمن قوم پهرين عالمي جنگ هارائي چڪي هئي بلڪه اهو پڙهايو ويندو هو ته جرمن قوم نسلي طور تي ٻين قومن کان مٿانهين آهي ۽ ان جي هار جا سبب اندروني غداري ۽ يهودين جي سازش آهي.قوم پرستيء هيٺ پڙهائي ويندڙ ان تاريخ ۾جرمنيء جي شڪست جا سبب ٻاهريان ڳڻايا ويا ۽ جرمنيء ۾ عسڪريت پسندي ۽ مذهبي انتها پسندي کي هٿي ڏني ويئي.شڪست ۽ جرمنيء جو خواريء جو ذميدار قطعي طور تي يهودين کي قرار ڏنو ويو ۽ نتيجو اهو نڪتو جو سٺ لک يهودي مرد،عورتون ۽ ٻار بي رحميء سان قتل ٿي ويا ۽ پاڙيسري ملڪن تي ڪاهون ڪيون وييون.اهڙيء طرح ٻي عالمي جنگ کان اڳ جاپان جي نصابي ڪتابن ۾ به قوم پرستيء جو مادو ڪٽي ڀريو ويو جنهن سبب اتي به عسڪريت پسندي ۽ جنگجو قدر وڌيا ويجھيا.ٻي عالمي جنگ ۾ شڪست بعد ٻنهي ملڪن جپان ۽ جرمني،پنهنجن نصابن ۾ بنيادي تبديليون ڪيون.جرمني ۽ جپان جي انهن مثالن سان اها ڳالهه سامهون اچي ٿي ته تاريخ کي هلندڙ دور جي ضرورتن هيٺ لکيو ويندو آهي.جنهن دور ۾ حڪمرانن جا جيڪي مقصد سر فهرست هوندا آهن،ياداشت انهن مقصدن جي روشنيء ۾ ئي تعمير ٿئي ٿي.جڏهن جرمن قوم جي غيرت جاڳائڻ ۽ يهودين کي الزام هيٺ آڻڻ مقصود هو ته قوم پرستي جي آئيني مينارن جي تعمير ڪئي ويئي پر اڄ جرمني تاريخ جو اهو ڪارو باب وسارڻ گھري ٿو.جرمنن سامهون هٽلر يا نازي دور جو ذڪر ڪيو وڃي ته اهي پشيمان نظر اچن ٿا ۽ نظرون چورائڻ لڳن ٿا.انهن کي انهيء ياداشت تي فخر نه پر پشيماني آهي ۽ چند مورخ خاص طور تي ان دور جي يادن کي تازو توانو رکن ٿا ته جيئن آئيندي ڪڏهن جرمني يا ڪا ٻي رياست ان قسم جا ظلم نه ڪري.پر ستم ظريفي اها جو عالمي نشرياتي ادارا،اخبارون ۽ تجزيي نگار پوري طاقت سان ان ياد کي مٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.اسرائيل ۽ فلسطين جي ڇڪتاڻ هر وقت عالمي نشرياتي ادارن جو من پسند موضوع آهي پر هو ان ڳالهه جو ذڪر ڪرڻ کان ڪيٻائين ٿا ته يهودين تي بي انتها ظلم فلسطيني معصوم ماڻهن نه پر جرمنيء جي پٿر دل حڪمرانن ڪيو هو.جيڪر ماضيء جو درست تجزيو ڪيو وڃي ها ته هٽلر جي عملن جي سزا فلسظيني عوام کي نه ڏني وڃي ها بلڪه ان جو ازالو جرمنيء کي ڪرڻ گھربو هو پر جرمني طاقتور ۽ معاشي طور تي ترقي يافتا ملڪ آهي.اهو آمريڪا ۽ برطانيا جو اتحادي آهي ان ڪري ان کي ڏوهاري قرار ڏيئي عالمي طاقتون اهو مڃڻ نٿيون گھرن ته دهشتگردي جو مرتڪب ڪنهن به مذهب جو عوام ٿي سگھي ٿو.جرمن مسلمان ته نه هئا بلڪه پروٽيسٽنٽ هئا پر اڄ ڪلهه مذهبي تعصب ۽ مذهبي نسل پرستي چوٽ تي آهي تنهن ڪري ماضيء کي وساري اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته دهشتگرد رڳو مسلمان هوندا آهن ان ڪري انهن خلاف هر قسم جي ڪاروائي جائز آهي.
جپان ۽ جرمنيء وانگر آمريڪا ۽ فرانس به پنهنجي تاريخ کان نظرون چورائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.جيڪر نو آبادياتي ۽ سامراجي نظام جي تاريخ جو اڀياس ڪيو وڃي ته برطانيا ۽ فرانس جي باري ۾ ڪيترائي تصور تبديل ٿي وڃن ٿا.اولهه وارن ملڪن جا رهاڪو پنهنجو پاڻ کي مهذب، سڌريل، جديد،عقلمند ۽ انسانيت دوست قدرن جو حامل سمجھن ٿا ان ڪري انهن ”رڊيارڊڪپلنگ“ جو اهو تصور واپرايو ته وحشي،پوئتي پيل ۽ جاهل ماڻهن کي مهذب ۽ جديد بنائڻ ڳوري چمڙيء وارن جي ذميداري آهي.انهن پنهنجي فنون لطيفه،علمي،سائنسي نظام،شاعري،مصوري ۽ ٻين طريقن سان پوري دنيا ۾ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اڇي رنگ واري نسل جا ماڻهو مادي،روحاني ۽ اخلاقي طور تي غلام قومن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ معزز آهن ۽ اهي عقل ۽ فهم کان ڪم وٺن ٿا ۽ پنهنجو پاڻ کي جذبات،تعصب ۽ وهم پرستيء کان بچائين ٿا پر جيڪر تاريخ جا پنا پڙهجن ٿا ته اسان کي 1857ع نظر اچي ٿو جڏهن هندستان جي ماڻهن کي توپن سان ٻڌي اڏايو ويو.دهليء ۾ ڦرلٽ  ۽ قتل ۽ غارت گريء جي بازار گرم ڪئي ويئي ۽ ڪيترن ئي مقامي ماڻهن کي رڳو شڪ جي بنياد تي گولين سان اڌايو ويو.اهڙيء طرح جيڪر اسان ويهين صديء ۾ ڏسون ته جليانوالا باغ ۾ جنرل ڊائر جي حڪم تي هزارين ماڻهن جي ميڙ تي گولي هلائي ويئي.ان قسم جي واقعن سان فرانس جي تاريخ به ڀري پيئي آهي.ان قسم جي واقعن سان ان تاثر جي نفي ٿئي ٿي ته يورپي قومون اعليٰ انساني قدرن جون حامل آهن ۽ اعليٰ ڪردار جون مالڪ آهن.ضرورت وقت اهي ڪنهن ٻي قوم کان گھٽ قتل ۽ غارت گري نٿيون ڪن.ان ڪري انهن قومن کي به تاريخ جو خوف آهي ڇو ته ماضي انهن جي دعوائن کي اگھاڙو ڪري سگھي ٿو.
آمريڪا ۾ ته تاريخ کي بلڪل ڪا اهميت نٿي ڏني وڃي.ڪيترين ئي يونيورسٽين ۽ اعليٰ تعليمي ادارن ۾ تاريخ جا شعبا ئي ختم ڪيا ويا آهن.امريڪي ماهرن 1959ع ۾ پاڪستان جي نصاب مان به تاريخ جو حصو گھٽائي ان کي جاگرافي ۽ شهريت سان ملائي ”سماجي اڀياس“ ڪرائي ڇڏيو.امريڪي ماهرن تاريخ کي هڪ غير ضروري ۽ شوقيه مضمون قرار ڏنو،آمريڪا وٽ تاريخ کان خوف کائڻ جا ڪيترائي سبب آهن.آمريڪا ۾ ڪرسٽوفر ڪولمبس نهايت وڏو هيرو مڃيو ويندو هو جو هن آمريڪا دريافت ڪيوهو پر جڏهن آمريڪا جي مقامي رهاڪن پنهنجي تاريخ لکي ته انهن ڪولمبس کي ”ڦورو“ قرار ڏنو ۽ سندس ناڪاري پاسن کي ظاهر ڪيو.تاريخ جي ان واقعي تان پردو هٽائي مقامي رهاڪن هڪ وڏو ڪوڙ کولي رکي ڇڏيو.اهڙيء طرح امريڪا ۾ ماڻهو ”ٿينڪس گونگ“ جو ڏڻ وڏي خوشيء سان ملهائيندا آهن پر اتان جي مقامي ماڻهن اهو راز کولي وڌو ته جنهن واقعي کي ان ڏڻ ۾ ملهايو وڃي ٿو اهو اصل ۾ سامراجي قوتن جي فتح جو واقعو ۽ مقامي ماڻهن جي شڪست جو ڏينهن آهي.عام ماڻهو اهو ڏڻ اهڙيء طرح ملهائين ٿا ڄڻ ته انهن کي ماضيء جي باري ۾ ڪجهه به معلوم نه هجي.هي اهو ڏينهن هو جڏهن مقامي ماڻهن کان سندن زمينون کسي انهن تي قبضو ڪيو ويو هو.ڪنهن شخص جي ماني ٻئي لاء زهر هوندي آهي.شايد ان ڪري حڪمران طبقن کي تاريخ کان خوف لڳي ٿو ڇو ته اها اهڙا راز فاش ڪري سگھي ٿي جيڪي پشيمانيء جو سبب هوندا آهن ۽ هڪ جديد جمهوري ۽ اصولن تي ٻڌل رياست جو پول کولي ڇڏي ٿي.آمريڪا لاء تاريخ کان فرار حاصل ڪرڻ ان ڪري به ضروري آهي جو ان جي تاريخ تشدد،دهشتگردي ۽ سامراجي ظلمن سان ڀرپور آهي.آمريڪا دنيا جو واحد ملڪ آهي جنهن هٿين خالي آبادين جي خلاف ايٽم بم استعمال ڪيو،ڪنهن ٻئي ملڪ جوهري هٿيار استعمال ڪرڻ جو ظلم ناهي ڪيو.اهڙيء طرح ويتنام ۾ آمريڪا ”ايجنٽ اورينج“ جو استعمال ڪيو جيڪو هڪ مهلڪ هٿيار آهي.ايٽم بم ۽ ايجنٽ اورينج جو استعمال رڳو ايشيائي ملڪن مٿان ڪيو ويو جنهن مان نسل پرستيء جي بوء اچي ٿي.اهڙن هٿيارن کي ڳوري چمڙيء وارن خلاف استعمال ناهي ڪيو ويو.ويجھي ماضيء ۾آمريڪا ۽ برطانيه افغانستان ۽ عراق تي حملو ڪري ڏهه لک ماڻهن کي موت جي منهن ۾ ڌڪي ڇڏيو ۽ رت ۽ موت جي راند اڃا به جاري آهي.هر ايندڙ ڏينهن تي هٿين خالي بيگناهه شهري مري رهيا آهن پر آمريڪا پنهنجي روش بدلائڻ لاء تيار ناهي.اهڙو ملڪ تاريخ سامهون منهن مٿي ڪيئن ٿو ڪري سگھي جنهن کي رڳو پنهنجي فوجي طاقت ۽ بربريت تي ڀروسو هجي ۽ پر امن طريقن سان مسئلن جو حل ڳولهڻ جي صلاحيت ئي نه هجي.ان ڪري آمريڪا هر وقت تاريخ کان ڊنل نظر اچي ٿو.
تاريخ جو خوف ۽ ماضيء کي نئين سانچي ۾ وجھڻ جي ڪوشش پاڪستان ۽ هندستان به وڌي چڙهي ڪئي. پاڪستان ۾ ان عمل وڌيڪ تيزي جنرل ضياء جي دور ۾ اختيار ڪئي.جنرل ضياء خاص طور تي ڪوشش ڪئي ته نصابي ڪتابن ۾ اهڙيون تبديليون ڪيون وڃن جن سان حڪمرانن جا ڏوهه لڪي وڃن ۽ رڳو ڪارناما نظر اچن.قومي ويسر جي ان باضابطه عمل سبب پاڪستاني قوم 1971ع جي واقعن مان پار پئجي نه سگھي ۽ ان دور کي وسارڻ جي ڪوشش ڪندي رهي.هندستان ۾ اهڙي ڪوشش ڀارتي جنتا پارٽي جي دور ۾ عروج تي پهتي توڙي جو هندستان ۾ تاريخ کي قلم بند ڪرڻ جي روش اڃا قائم آهي ۽ اتي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ تاريخ جي تلخين کي وسارڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ۽ قوم پرستي هيٺ سمورن ظلمن جو الزام ٻين قومن خاص طور تي مسلمانن تي وجھڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي.اهڙيء طرح بنگلاديش ۾ شروعاتي سالن ۾ عوامي ليگ جي سوچ هيٺ تاريخ لکي ويئي جنهن ۾ اولهه پاڪستان جو نالو هٽائي رڳو ”دشمن“ جو لفظ وجھي ڇڏيو ويو جنهن سبب نئين نسل جي گھڻن شاگردن سمجھيو ته شايد بنگلاديش جي جنگ پاڪستان سان نه پر هندستان سان ٿي هئي.جڏهن هڪ ڀيرو وري عوامي ليگ جو دور آيو ته تاريخ سازي جو عمل هڪ دفعو وري بدلجي ويو.اهڙيء طرح هر دور ۾ تاريخ سازيء جو عمل بدلبو رهي ٿو ۽ تاريخ ڪيئن لکي وڃي ان جو دارومدار ان ڳالهه تي هوندو آهي ته ان وقت جو حڪمران طبقو ڪير آهي ۽ ان جون سوچون ۽ ترجيحون ڪهڙيون آهن؟ماضيء جا واقعا ۽ حالتون ته ظاهر آهي نٿيون بدلجن پر انهن کي ڏسڻ ۽ پرکڻ جو انداز بدلجي وڃي ٿو.تاريخ لکڻ تي ڇڪتاڻ ڏکڻ ڪوريا،جاپان،چين ايستائين جو هر ملڪ ۾ ٿي آهي.چين ۽ جپان کي به هڪ ٻئي جي تاريخ نويسيء تي اعتراض آهن.هر ملڪ پنهنجن ڏوهن تي پردو وجھندو رهيو آهي ۽ پنهن جن خوبين جو چرچو ڪندو رهيو آهي.ڇا تڪليف ڏيندڙ، اذيتناڪ ۽ شرمناڪ ماضيء مان جان ڇڏائڻ گھرجي؟ ڇا ويسر هڪ اهڙو مرهم آهي جنهن سان تاريخ جا زخم ڀرجي وڃن ٿا؟ ڇا خود فريبي اعصابن لاء بهتر آهي ته جيئن انسان ذهني انتشار جو شڪار نه ٿي وڃي؟ڇا ياداشت ڪا بيماري آهي جيڪا انسان کي اڻ تڻ ۾ ڦاسائي ڇڏي ٿي؟ ڇا وساري ڇڏڻ سان گھاء هلڪا ٿي وڃن ٿا؟قومن جو رويو ته اٺ پکيء وارو ئي رهيو آهي.ماڻهو چوندا آهن ته سڙيل مردا اکيڙڻ مان ڪهڙو فائدو؟ رڳو آئيندي جو سوچڻ گھرجي.پر سوال اهو آهي ته ڇا ماضيء کي منهن ڏيڻ سواء اسان حال کي سمجھي سگھون ٿا؟اڄ جيڪي ڪجهه فلسطين ۾ ٿي رهيو آهي يا عراق،افغانستان يا ڪشمير ۾ ٿي رهيو آهي ڇا اسان ان کي سمجھي سگھون ٿا جيستائين ان معاملن جي تاريخ ۾ جھاتي پائي نه ڏسون.بلوچستان وفاق کان ڇو ناراض آهي؟ سنڌ پاڪستان سان ڇو ٿي گلا ڪري؟آپگھاتي حملا ڇو ٿا ٿين؟فرقيواراڻن ۽ لساني فسادن جا سبب ڪهڙا آهن؟ڇا انهن مان اسان ڪابه ڳالهه صحيح نموني سمجھي سگھنداسين جيستائين انهن مامرن جي تاريخ ۾ نه وينداسين؟جيڪر اسان پنهن جي حال کي سمجھي ئي نه سگھياسين ته ان ڳالهه جو ڀروسو ڪيئن ڪنداسين ته  اسان کي ڇا ڪرڻو آهي؟جيڪر ڪو شخص پنهنجي ياداشت وڃائي ويهي ته هو پنهنجي سڃاڻپ به وڃائي ويهندو آهي،هو پاڳل به ٿي سگھي ٿو ۽ کيس سمجهه ۾ نه ايندو آهي ته ڇا ڪري بلڪه هو پنهنجو ذهني توازن وڃائي ويهندو آهي.اهڙيء طرح قومون به جڏهن پنهنجو ماضي وڃائي ويهن ته اهي پنهنجي سڃاڻپ به وڃائي ويهن ٿيون.
آخر ۾ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪر اسان اجتماعي ياداشت وڃائي ويهون ته ڇا اسان مستقبل کي سنواري سگھون ٿا؟ جهڙيء طرح حال جو دارومدار ماضيء تي هوندو آهي اهڙيء طرح مستقبل جو دارومدار به حال ۽ ماضيء تي ئي هوندو آهي.ڪالهه،اڄ ۽ سڀاڻي ٽيئي هڪ ٻئي سان هڪ زنجير جيان جڙيل ٿين ٿا،اها زنجير ٽٽي ته اسان ٽٽي وينداسين.ماضيء کي ياد رکڻ جو سڀ کان وڏو فائدو اهو آهي جو اسان ان مان سبق سکي سگھون ٿا.چوندا آهن ته تجربو بهترين استاد هوندو آهي پر جيڪر تجربن کي ئي وساري ڇڏيو وڃي ته اسان سکنداسين ڇا؟ اهو به چيو ويندو آهي ته جيڪي قومون پنهنجو ماضي وساري ويهن ٿيون اهي پنهنجون غلطيون ورجائڻ تي مجبور هونديون آهن.اڄ جيڪر اسان پنهنجو سمورو سرڪاري ريڪارڊ ساڙي مٽي ڪري ڇڏيون ته جيئن اسان جا سمورا ڏوهه گناهه مٽيء جي دز جيان هوا ۾ اڏامي وڃن ته سڀاڻي وڌيڪ ڏوهه ٿيندا.ڇا اسان گھرنداسين ته 1971ع جهڙو سانحو وري ورجايو وڃي؟جيڪر نه ته پوءاسان کي نه رڳو ماضيء کان فرار ترڪ ڪرڻو پوندو بلڪه انهن سمورين غلطين مان سکڻو پوندو جيڪي اسان گڏيل طور تي ڪيون ۽ ان ڳالهه جو عهد ڪرڻو پوندو ته اهڙيون  غلطيون  وري ٻيهر نه ڪنداسين!
(روزاني عوامي آواز)

تڪراري بڻيل عدالتي فيصلو ۽ ڪجهه سوال!



شفيق الرحمان شاڪر
سپريم ڪورٽ جي حڪم تي جڙيل خاص عدالت پاران فوجي آمر رٽائرڊ جنرل  پرويز مشرف خلاف آيل فيصلي تي قومي ۽ سوشل ميڊيا توڙي سماجي ۽ سياسي سطح تي ٿيندڙ بحث مباحثن ماڻهن کي منجھائي وڌو آهي.هڪڙا انهيء فيصلي کي تاريخي فيصلو قرار ڏيندي پاڪستان ۾ قانون ۽ جمهوريت جي فتح قرار ڏيئي رهيا آهن جڏهن ته ٻيا جن جو انگ به ڪو گھٽ ناهي اهي جنرل پرويز مشرف کي قوم جو هيرو قرار ڏيندي انهيء کي پاڪستان جي عسڪري ادارن خلاف هڪ وڏي سازش قرار ڏيئي رهيا آهن.انهن ٻنهي طبقن جي وچ ۾ هڪڙو قانوني ماهرن جو گروپ اهڙو به آهي جيڪي مشرف کي آئين ٽوڙڻ جو ڏوهاري ته سمجھن ٿا پر کين ان ڳالهه تي تحفظات آهن ته اڳوڻي صدر کي سزا ڏيڻ وقت قانوني گھرجن جو پورائو نه ڪيو ويو آهي ۽ کيس پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جو مناسب موقعو نه ڏنو ويو ۽ اهي ڪنهن کي سندس غير حاضريء ۾ ڪيس هلائي سزا ٻڌائڻ واري عمل کي غير منصفاڻو  قدم سمجھن ٿا.انهن دانشورن ۽ تجزيي نگارن جي به کوٽ ناهي جيڪي ان فيصلي کي عدليا ۽ فوج جي وچ ۾ تڪرار قرار ڏيندي ملڪي سلامتيء لاء سنگين خطرو قرار ڏيئي رهيا آهن. مطلب ته جيترا وات اوتريون ڳالهيون.ان سموري بحث کان هٽي ڪري اسان هتي ڪجهه اهم ۽ بنيادي سوال بيان ڪنداسين جن جو جواب  ملڪ جي عوام،قانوندانن ۽ رياست جي سمورن اهم ادارن جي اڳواڻن کي سنجيدگيء ۽ سچائيء سان ڳولهڻو پوندو جيڪر اسان انهن انومانن،انديشن، الزامن ۽ جوابي الزامن مان جان ڇڏائي ملڪ کي اڳتي لاء حقيقي ترقي ۽ خوشحاليء جي رستي تي لڳائڻ گھرون ٿا.اهي سوال هي آهن؛
* ڇا هن ملڪ ۾ شروع کان وٺي 1999ع تائين مختلف وقتن تي  مختلف فوجي آمر طاقت جي زور تي ڪنهن نه ڪنهن منطق ۽ جواز هيٺ سياسي حڪومتن کي گھر ڀيڙو ڪري  اقتدار تي قبضو نه ڪندا رهيا آهن؟    * ڇا فيلڊ مارشل ايوب خان کان جنرل پرويز مشرف تائين  ڪيل فوجي ڪو جائز هو؟   *ڇا 1979ع ۾ ملڪ جي چونڊيل وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي کي ڏنل ڦاسيء ۾ ان وقت جي فوجي آمر جنرل ضياء ۽ عدالتن  جو ڳٺجوڙ نه هو ۽ ڇا اهو هڪ سڌو سنئون عدالتي قتل نه هو؟ *. ڇا 1999ع ۾ هڪ چونڊيل وزير اعظم پاران ان وقت جي آرمي چيف کي تبديل ڪرڻ ڪو غير آئيني يا غير قانوني قدم هو ۽ ان جي رد عمل ۾ فوجي سربراهه طرفان ان فيصلي کي نه مڃيندي هڪ چونڊيل حڪومت کي گھر ڀيڙو ڪري چونڊيل وزير اعظم کي هائيجيڪنگ ڪيس ۾ گرفتار ڪري سزا ٻڌائڻ بلڪل قانوني ۽ جائز هو ۽ ڇا هڪ فوجي سربراهه پاران کنيل اهو قدم آئين ٽوڙڻ جي زمري ۾ نٿو اچي؟   *. فوجي حڪومت طرفان برطرف ڪيل ان وقت جي وزير اعظم ميان نواز شريف هڪ آمر سان معاهدو ڇو ڪيو؟    * .  اعليٰ عدالتن ڪنهن فوجي آمر جي ان غير آئيني قدم  کي جائز قرار ڏيندي کيس آئين ۾ پنهنجي مرضيء سان  ترميمون ڪرڻ جو اختيار ڇو ڏنو؟  *. اعليٰ عدالت جي ججن مشرف جي پي سي او هيٺ قسم ڇو کنيو؟  *. ملڪ جي پارليامينٽ جنهن کي ملڪ ۾ جمهوري قدرن ۽ اصولن جي حفاظت ڪرڻي هئي تنهن آئيني ترميمن ذريعي مشرف جي پي سي او کي جائز قرار ڇو ڏنو؟  * . ڇا ٽين نومبر تي مشرف طرفان آرمي چيف جي طور تي ايمرجنسي پلس لاڳو ڪري اعليٰ عدالت جي سمورن جج صاحبن کي قيد ڪرڻ  هڪ سنگين ڏوهه ۽ آئين ٽوڙڻ جو عمل نه هو؟  *. نواز حڪومت مشرف خلاف غداري ڪيس داخل ڪرڻ وقت ان وقت جي وزير اعظم،وزير قانون ۽ مشرف جي جوڙيل غير قانوني ڪينگرو ڪورٽ  ۾ چيف جسٽس  ڊوگر خلاف ڪيس ڇو داخل نه ڪيو ۽ بعد ۾ ان ايمرجنسيء جي نفاذ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪندڙ وزير قانون کي پنهنجي ڪابينا ۾ ڇو شامل ڪيو ويو؟     *  ان قسم جي سنگين نوعيت جي ڪيس ۾  ڦاٿل پرويز مشرف  کي خود نواز حڪومت اي سي ايل تان نالو هٽائي ملڪ کان ٻاهر ڇو ۽ ڪنهن جي چوڻ تي وڃڻ ڏنو ؟  * .ايڏي حساس نوعيت جي عدالتي معاملي کي جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف پاڻ آخر سنجيده ڇو نه ورتو؟  *.ڇا ان وقت جي چيف جسٽس سپريم ڪورٽ افتخار چوڌريء جي پرويز مشرف آڏو مزاحمت اصولن ۽ قانون جي بالادستيء لاء هئي يا ڪي ٻيا مسئلا ۽ معاملا  ان جو سبب بڻيا؟ *. رياست پاڪستان پاران جنرل مشرف خلاف سنگين غداريء ڪيس داخل ڪرڻ باوجود  بعد ۾ رياست جي ان معاملي تي پاليسي ۽ پوزيشن ڇو تبديل ٿي؟  * .جڏهن ڪجهه عرصي کان صاف نظر اچي رهيو هو ته ان ڪيس جو فيصلو جنرل مشرف خلاف نهايت ئي سخت اچي سگھي ٿو ته پوء حڪومت جيڪا هن وقت مشرف جي حق ۾ ۽ فيصلي جي خلاف هيتري ساري  واويلا ڪري رهي آهي ان اهو ڪيس واپس ڇو نه ورتو جڏهن ته قانوني طور تي حڪومت وٽ ڪيس واپس وٺڻ جو اختيار موجود هو؟  *. مشرف تي داخل سنگين غداري ڪيس 12 آڪٽوبر 1999ع واري  واقعي جي بدران 3 نومبر واري ايمرجنسيء جي بنياد تي ڇو داخل ڪيو ويو؟    *  چيف جسٽس پاڪستان کي فيصلي اچڻ کان اڳ ئي ان جو اعلان ڪرڻ جي ڪهڙي گھرج هئي؟ *. هڪ آرمي چيف جيڪو ڪيترو عرصو اڳ رٽائرڊ ٿي سويلن بڻجي چڪو آهي انهيء خلاف آيل فيصلي تي فوج کي ايڏي ڪاوڙ ۽ تشويش ڇو آهي؟  * . رٽائرڊ جنرل مشرف عدالت جي بار بار جي حڪمن ۽ مهيا ڪيل موقعن باوجود پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جي تڪليف ڇو نه ڪئي؟ *. ڇا ڪنهن به ماڻهوء جي ماضيء جي قربانين ۽ خدمتن جي بنياد تي کيس ڪنهن سنگين ڏوهه ۾ سزا ڏيئي نٿي سگھجي؟  * .ڇا اعتراض  غدار جي لفظ تي آهي،سزا ڏيڻ تي آهي يا ملزم کي صفائيء جو مناسب موقعو نه ڏيڻ تي آهي؟  *. جڏهن فوج جي اندر جڏهن ڪنهن جو ڪورٽ مارشل ڪري غداريء جي ڏوهه ۾ کيس موت جي سزا ڏني وڃي ٿي ته ان وقت انهيء فوجيء جي ماضيء جي خدمتن جو سوال ڇو نٿو اٿاريو وڃي ۽ ڇا هن وقت تائين فوج ۾ ڪورٽ مارشل ذريعي ڪا به سزا ناهي آئي؟  *. سيد يوسف رضا گيلانيء کي نااهل ڪري گھر موڪليندڙ ۽ ٻئي وزير اعظم کي سسلين مافيا ۽ گاڊ فادر جا لقب ڏيئي سزا ڏيڻ واري ساڳين جج صاحبان جي تعريف جا ترانا ڳائيندڙ ۽ کين اصولن ۽ قانون جا محافظ سڏيندڙ هاڻي ساڳين ئي ججن تي تنقيد ڇو ڪري رهيا آهن؟ *.ميان نواز شريف خلاف آيل فيصلن کي ”ججن جا بغض سان ڀريل فيصلا “ ڪوٺيندڙ  اڄ انهن ئي ججن پاران ايندڙ فيصلن کي ”تاريخي“ فيصلا ڇو سڏي رهيا آهن؟ * جيڪڏهن ڪنهن به قتل جي ملزم خلاف فيصلو اچي ته ڇا اهو دليل ڏيئي کيس معصوم ثابت ڪري سگھجي ٿو ته ان جهڙو نيڪ نمازي قاتل ٿي نٿو سگھي؟
اهي اهڙا سوال آهن جيڪي بنان ڪنهن تبصري ۽ جنرل مشرف جي ڪردار،ڪارڪردگي ۽ پاليسين  جي حمايت يا مخالفت کان هٽي ڪري خالص ميرٽ تي جواب گھرن ٿا!

Saturday, December 21, 2019

ماضيء جو آئينو؛ دولت پرستيء پويان اصول وساريندڙ قوم.




شفيق الرحمان شاڪر
قائد اعظم جو ساٿي سردار شوڪت حيات پنهن جي ڪتاب ”گم گشته قوم“ ۾ لکي ٿو ته هن لائل پور (هاڻوڪي فيصل آباد) ريسٽ هائوس پهچي روينيو جي تپيدارن کي گھرايو.انهن کي خطاب ڪندي چيو ته هي ماڻهو(مهاجر) پنهنجن گھرن کان ڦرجي ۽ لٽجي،پنهنجا مال ملڪيت ڇڏي، مظلوميت جي حالت ۾ اسان وٽ پهتا آهن.انهن مصيبت ۾ ورتل مهاجرن جي مدد ڪرڻ اسان جو اخلاقي ۽ قانوني فرض آهي.مون پڇيوته مون کي ٻڌايو وڃي ته ڪهڙي شخص غير قانوني طريقي سان ڇڏيل زمينن تي قبضو ڪري رکيو آهي؟منهن جي پڇڻ تي ايترن سارن ماڻهن مان ڪنهن به ڪجهه ٻڌائڻ کان لنوايو. پوء مون هڪ ٻي ترڪيب آزمائيندي چيو ته جيڪو به مون کي صحيح حقيقت ٻڌائيندو تنهن کي انعام اڪرام ڏنو ويندو.انهيء تي هڪ نوجوان تپيدار اٿي بيٺو ۽ چوڻ لڳو ته جناب اعليٰ! جيڪر مون کي تحفظ مهيا ڪيو وڃي ته آئون اوهان کي ٻڌائيندس ته هڪ نواب جيڪو مسلم ليگ جو وڏو اڳواڻ آهي تنهن چاليهه ايڪڙ زمين تي ناجائز قبضو ڪري ورتو آهي.مون ان زمين کي واپس وٺڻ جو حڪم جاري ڪيو ۽ قانون جوڙي ڇڏيو ته ڪيمپ ۾ موجود هر ڪٽنب کي وقتي طور تي اٺ ايڪڙ زمين مهيا ڪري ڇڏي وڃي ۽ جڏهن ريڪارڊ هندستان مان ايندو ته ان مطابق هير ڦير ۽ پڪي الاٽمينٽ ڪري ڏني ويندي.مون فنانشل ڪمشنر کي گھرائي پڇيو ته ڇا هو ڪنهن تپيدار کي ترقي ڏيڻ جا پورا قانوني اختيار رکي ٿو؟ جڏهن جواب ۾ هن ها ڪئي ته مون کيس چيو ته هو ان تپيدار کي ٻه درجا ترقي ڏيئي نائب مختيارڪار مقرر ڪري ڇڏي.هڪ پوڙهو تپيدار جيڪو پنهنجي موقف تي ڄميو بيٺو هو ته لائل پور ۾ ڪابه زمين ڪنهن جي ناجائز قبضي ۾ نه آهي تنهن کي ترت ڊي جي خان بدلي ڪيو ويو.اهو ضلعو ان زماني ۾ نوڪري ڪرڻ لاء نهايت ئي ڏکيو سمجھيو ويندو هو.ٻين تپيدارن جڏهن سزا ۽ جزا جو اهو منظر پنهنجن اکين سان ڏٺو ته هڪ جي پويان ٻيو اڀو ٿيندو ويو ۽ ڪيئي لڪيل راز کلڻ لڳا ۽ ڪيترن ئي وڌيڪ ناجائز قبضن جي ڄاڻ ملي.سردار شوڪت حيات اڳتي هلي لکي ٿو ته جيڪر ڪو مون کان ان عظيم نقصان بابت  پڇي ته آئون انهن سببن جي ڄاڻ ڏيان جن جي بنياد تي حب الوطنيء جو اهو جذبو ۽ ايثار جيڪو مسلم ليگ 1947ع کان اڳ ماڻهن ۾ پيدا ڪيو هو اهو ڇو ختم ٿي ويو؟۽ اها ڪهڙي شيء هئي جنهن جي بنياد تي اسان جي قوم اوڀر پنجاب جي انهن پنج لک مسلمانن جي قتل،هڪ لک مسلمان عورتن جي اغوا ۽ پنجاهه لک مسلمانن جي هجرت کي وساري ڇڏيو؟ته منهن جو جواب هن ريت هوندوته
1. حرص،لالچ ۽ ڪرپشن.2. غلام محمد ۽ نوڪر شاهي.3.ايوب خان جي اقتدار پرستي جي بنياد تي وفاداري واري حلف جي خلاف ورزي جنهن جي پيروي  ٻين فوجي آمرن پڻ ڪئي.4. ناتجربيڪار۽ غير مناسب سياسي اڳواڻ.
ڪرپشن جي شروعات جائيداد ۽ ڪاروبار جي ناجائز حصول جي بنياد تي ٿي جيڪي غير مسلم پنهن جي پويان ڇڏي ويا هئا.ان شيء ماڻهن کي هوس ۽ دولت حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ لڳائي ڇڏيو.اسان جي ماڻهن اسلام کي وساري ڇڏيو ۽ هندن جي دولت جي ديوي لڪشميء جا پوڄاري بڻجي ويا.اسلام جي بدران هنن دولت کي پنهن جي نجات جو ذريعو سمجھي ورتو.مون کي ياد آهي ته لاهور جو رهندڙ هڪ دوست مون وٽ آيو،ڳالهه ٻولهه دوران هن چيو ته شوڪت جي! اوهان وارو پاڪستان جي نه سگھندو.ان ڪري اسان اوهان لاء نه ڪومعاشي ادارو ڇڏيو آهي،نڪو صنعتڪار ۽ بينڪار ئي.مون هن کي چيو ته هو بيوقوفن جي جنت ۾ رهي ٿو.اها قوم جيڪا پنجاه لک مهاجرن جو بار برداشت ڪري سگھي ٿي جيڪي اوهان اوچتو اسان جي مٿي ۾ هڻي ڇڏيا هئا ته اهڙي قوم ڪهڙي به صورتحال کي منهن ڏيئي سگھي ٿي.هن چيو ته شوڪت! تو منهن جي ڳالهه سمجھڻ ۾ غلطي ڪئي آهي.منهنجو نڪتو سمجھڻ گھرين ٿو ته منهنجي صلاح آهي ته پنهنجي واپسيء تي ڪتن جي هڪ جوڙي خريد ڪر،ٻنهي کي الڳ الڳ زنجيرن ۾ مخالف طرفن ۾ ٻڌي ڇڏ.ٽن چئن ڏينهن تائين انهن کي کاڌي لاء ڪجهه به نه ڏي پوء هڪ ٻڪري ڪهي ان جو گوشت ٻنهي جي وچ ۾ رکي ٻنهي جون زنجيرون ساڳئي وقت کولي ڇڏ.تون ڏسندين ته گوشت ڏسندي ئي ٻئي ڪتا پهرين پاڻ ۾ وڙهندا.انهن مان کٽڻ وارو ڪتو گھرج کان وڌيڪ گوشت کائي ڪري پوندو ان کان بعد ٻيو ڪتو پهرئين واري جي ڇڏيل گوشت مان ضرورت کان وڌيڪ کائيندو.اهڙيء طرح ٻئي بد هضميء جو شڪار بڻجي بيمار ٿي پوندا.اسان اوهان جي بکين ۽ غريب ماڻهن لاء تمام گھڻي دولت ڇڏي آهي.اهي ان جي چمڪ ڏسي هڪ ٻئي جون ڳچيون ڪپيندا۽ بعد ۾ اهي انهن ڪتن وانگر ٿي ويندا.اهي لوڀ پويان اوهان جا سمورا طيء ڪيل اصول وساري ويهندا.اسان اوهان جي حصي واري پنجاب ۾ ايڏي گھڻي دولت ڇڏي آهي جو اوهان جي قوم بد ديانت ٿي ويندي.سون جي چمڪ ڏسي اهي دولت جي ديوي لڪشميء جي پوڃا شروع ڪري ڇڏيندا.
اڄ ستيتاليهن سالن بعد هن جي اها اڳڪٿي ڪيتري قدرته سچ ثابت ٿي آهي ۽ قوم پنهنجو روح وڃائي ويٺي آهي!

(روزاني هلال پاڪستان)

Monday, December 16, 2019

لاقانونيت،بي حسي ۽ بيوس رياست!



شفيق الرحمان شاڪر
ماڻهن کي رياست جوڙڻ جي گھرج ئي ان ڪري پوندي آهي ته جيئن ڪو ڏاڍو ڪنهن هيڻي کي لاقانونيت جي لٺ جي زور تي لتاڙي نه سگھي،ڪو ڪروڌي ڪنهن ڪمزور تي قهر بڻجي ڪڙڪي نه سگھي،ڪو ظالم پنهنجي زور تي ڪنهن ضعيف سان ڪا زيادتي نه ڪري سگھي،خدا جي هن زمين تي هر جيو کي جيئڻ جو هڪجهڙو حق هجي.ڪو ڪانء واري چالاڪي، لومڙ واري مڪاري يا شينهن واري دهشت سان ڪنهن جي پگھر جي پورهيي سان ڪمايل مانيء گراهه سندس وات مان کسي نه سگھي.اهو ئي ڪنهن رياست جو بنيادي مقصد،ڪم.نصب العين ۽ ذمو هوندو آهي باقي ٻيون سڀ شيون جهڙوڪ نظام حڪومت،ادارا،پارليامينٽ وغيره اهي سڀ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جا مددگار ذريعا ۽ وسيلا ٿين ٿا.ان سموري رياستي نظام جو روح انصاف جو نظام ٿئي ٿو جنهن کي اسان عرف عام ۾ عدالتون چوندا آهيون.عدالتن جو بنيادي ڪم ئي اهو هوندو آهي ته اهي ان شيء تي ڳوڙهي نظر رکنديون آهن ته رياست پنهنجون ذميداريون پوريون ڪري رهي آهي يا نه؟ رياست ۽ سندس شهرين وچ ۾ جيڪو معاهدو ٿيل آهي انهيء تي انصاف سان عمل ٿي رهيو آهي يا نه؟پر اهو سڀ رڳو اتي ٿي سگھندو آهي جتي قانون سڀني لاء برابر هجي ڇو ته انصاف جي پهرين ۽ بنيادي گھرج ئي اها آهي.جتي قانون رڳو ڪنهن ڪمزور جي پير جو ٻنڌڻ بڻجي وڃي ۽ طاقتورن جي هٿن ۾ لاقانونيت جو ڀالو ڏيئي کين آزاد ڇڏيو وڃي ته پوء چئبو ته وقت جي منصفن کان ڪا وڏي ڀل ٿي آهي.لاقانونيت به اهڙي جنهنجي انتها ٿي وڃي،ظلم به اهڙو جيڪو پنهنجي هر حد اورانگھي وڃي،ڏاڍ به اهڙو جيڪو ڏيل ڏهڪائي ڇڏي،جتي ساجھر ٿيندي ئي ڪو نئون سانحو سر چڪرائڻ ۽ نئون الميو نئين اذيت جو سبب بڻجندو هجي.جڏهن ڪنهن سماج مان انصاف جو ڏيئو آخري پساهه کڻڻ لڳي ٿو ته ان سماج جي سنڌ سنڌ ۽ هڏ هڏ ۾ لاقانونيت پنهنجا ديرا ڄمائي ٿي.اميدن بدران مايوسيون جنم وٺن ٿيون،محبتن بدران نفرتون ۽ ڪدورتون آنا ۽ ٻچا ڏيڻ لڳن ٿيون، همدرديء بدران انتقامي سوچون ڄمن ٿيون ۽ احساس بدران بي حسي ان قوم ۽ سماج جو گڏيل مزاج ۽ قومي سڃاڻپ بڻجي ٿي.ڪيڏي نه عظيم ڏاهپ ۽ دانائي لڪيل آهي انهيء مختصر جملي ۾ ته ” ڪفر جي نظام سان ته ڪو سماج هلي سگھي ٿو پر ظلم جي نظام سان سماج هلي نٿو سگھي.“ ظلم ”عدل” جو ابتڙ لفظ آهي ۽ عدل جي لفظي معنيٰ ڪنهن به شيء کي سندس مناسب جڳهه تي رکڻ آهي.مطلب اهو ٿيو ته جيڪر ڪو ڏوهي آهي ته ان کي ڏوهارين جي حد ۾ ئي رکڻو آهي پوء ڀلي هن جو تعلق ڪهڙي به قوم،قبيلي،نسل،مذهب يا طبقي سان هجي ۽ جيڪر ڪو بي ڏوهي آهي ته ان کي ڪنهن به طرح ڏوهارين جي حد ۾ نٿو رکي سگھجي توڙي جو هو ڪيترو ئي ڪمزور ڇو نه هجي.جيڪي انهن حدن کي لتاڙين ٿا انهن کي ئي ظالم چيو ويو آهي.اسان جي سماج جو الميو ئي اهو آهي جو اسان مان جنهن وٽ جيتري طاقت ۽ اختيار آهي اهو اهي حدون لتاڙيندو رهي ٿو.ان معاملي ۾ سماج جي ڪنهن هڪڙي خاص طبقي يا رڳو چند ماڻهن کي الزام ڏيئي پاڻ کي آزاد ڪري نٿو سگھجي.البت جنهن وٽ جيترو اختيار ۽ جيتري طاقت وڌيڪ آهي اهو ان معاملي ۾ وڌيڪ ڏوهاري بڻجي ٿو.سوال اهو ناهي ته ڪنهن کي ڪارو ڪوٽ پهريل آهي ۽ ڪنهن کي اڇو ڪوٽ پاتل آهي پر سوال اهو آهي ته اسان جو سماج گڏيل قومي بي حسيء جي جنهن انتها تي اڄ پهتو آهي ان جا سبب ڪهڙا آهن؟تازو پي آئي سي ۾ جيڪو روح رهنڊيندڙ واقعو پيش آيو اهواسان جي اجتماعي بيحسيء جو ڪو پهريون واقعو ته ناهي.اهڙن واقعن جي ته هڪ ڊگھي سيريز آهي جنهن جو هر منظر اسان کي وڌيڪ بي حس بڻائي ماضيء جي دز ۾ دفن ٿي وڃي ٿو۽ اسان وري وڏي بي صبري ۽ بي حسيء سان ڪنهن نئين الميي جو انتظار ڪرڻ لڳون ٿا.شايد اسان لاء اها هاڻي ڪا راند يا تماشو بڻجي ڪري رهجي ويو آهي.اهڙن المناڪ منظرن سان موبائيل سيلفيون ۽ ٽي وي اسڪرين سينگارجن ٿا،بريڪنگ نيوز جا هانء ڏاريندڙ لفظ مٿي تي مترڪا هڻن ٿا،تعزيتن جا ترانا وڄن ٿا،ڏوهارين کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ جا بدبودار بيان ۽ پوء انهن المين ۽ سانحن تي به سياست جو مڪروهه ڌنڌو شروع ٿي وڃي ٿو.اهي جيڪي دل جي هٿان مجبور ٿي دل جي انهيء اسپتال ۾ پنهنجي دل ڪنهن دل واري ڊاڪٽر سامهون پٽائي پيا هئا انهيء آس سان ته اها دل جڏهن وري جڙي پوندي ته سندن پيارن سان جڙيل ڪيئي حسرتون ۽ تمنائون،ڪيئي خواب ۽ سپنا ساڀيان ٿي پوندا پر زندگيء جو آخري پساهه کڻندي اهي بي خبر ئي رهيا ته سندن قاتل اڇي ڪوٽ وارو هو يا ڪاري ڪوٽ وارو؟
15 آگسٽ 2010ع جو سيالڪوٽ وارو واقعو شايد اسان کي وسري ويو هجي پر انهن کي ته نه وسريو هوندو جن جي گھر مان هڪ ئي وقت ٻن نوجوانن جا جنازا نڪتا هئا.سوين ماڻهن جي ميڙ ۾ ڪجهه ماڻهو ٻن ڀائرن مغيث ۽ منيب کي ڏنڊن ۽ لوهي سيخن سان ماريندا رهيا،مٿن مڪون ۽ لتون وسائيندا رهيا،کين روڊ تي گھليندا رهيا پر پوليس ۽ پورو بي حس ميڙ تماشائي بڻجي ان منظر مان مزو وٺندو رهيو ايستائين جو ٻنهي ڀائرن روئندي.رڙيون ڪندي ۽ مدد لاء پڪاريندي تڙپي تڙپي دم ڏنو البت انهيء ميڙ ۾ اهي ”عظيم“ انسان به موجود هئا جيڪي پنهنجن ڪيميرائن ۽ موبائيل فون ذريعي پوري منظر جي عڪس بندي ڪندا رهيا.الميو رڳو اهو ناهي ته ڪو حادثو ٿئي ٿو پر ”حادثي سي بڙا سانحه يي هوا ــــ ڪي لوگ ٺهري نهين سانحه ديک ڪر.“ لڳي ٿو ته هن ملڪ ۾ ٿيندڙ روز روز جي حادثن ۽ سانحن پوري قوم کي بي حس ڪري ڇڏيو آهي ۽ اها بي حسي هاڻي انفرادي سطح کان وڌي اجتماعي بي حسيء ۾ بدلجي چڪي آهي.جامعه حفصه ۽ لال مسجد سانحي کان 12 مئِي جي واقعي تائين،لاهور جي ماڊل ٽائون جي الميي کان بلديا ٽائون فيڪٽري ۾ زنده ساڙيل سوين مزدورن تائين،قصور جي قهري واقعي کان ساهيوال سانحي تائين،هر ڏينهن تي اغوا ٿيندڙ ۽ بعد ۾ بي حس بگھڙن جي جنسي هوس جي بک بڻجندڙ معصوم ٻارڙن ۽ سندن ملندڙ چچريل لاشن تائين، هر اڀرندڙ سج پاڻ سان ڪو سانحو کڻي نروار ٿئي ٿو پر سماج ۽ رياست جي اها ئي حالت آهي جو
” تماشا تڪتي رهي دنيا هماري موت ڪا محسن!
جاني ڪس جرم  ڪي  پائي هي سزا   ياد نهين.“
اهي جيڪي اختيار ۽ اقتدار جي ڪرسين تي ويهي اهو پورو تماشو ڏسي رهيا آهن ۽ اهو سڄو سماج جيڪو انهن سمورن معاملن کان بي حس ۽ بيپرواهه بڻجي پنهنجن مستين ۾ مست آهي،بيوسيء جي عالم ۾ تڙپائي تڙپائي ماريل انهن مجبورن ۽ مظلومن جا روح هاڻي شايد اهي ڀٽڪيل بدروح بڻجي سندن پيڇو ڪري رهيا آهن.روزانو هڪ ايف آئي آر آسماني دفتر ۾ ڪٽجي رهي آهي جو زمين تي رهندڙ محافظ ۽ منصف بي حس بڻجي چڪا آهن،ڇا اهي سڀ ان انتظار ۾ آهن ته اها آسماني عدالت پنهنجو ڪو فيصلو ٻڌائي ۽ تاريخ ٻڌائي ٿي ته جڏهن قدرت پنهنجو انصاف ڀريو فيصلو ٻڌائيندي آهي ته پوء پاپي توڙي پارسا سڀ جا سڀ ان عظيم عذاب جي وڪڙ ۾ اچي ويندا آهن.پيغمبر جي ڏاچيء کي ڪهڻ جي ڏوهه ۾ رڳو چند پاپي شامل هئا پر جڏهن عذاب آيو ته پوري بستي برباد ٿي چڪي هئي،نه پاپي بچيا،نه قانون جا محافظ ۽ منصف ئي محفوظ رهيا،نه عابد ۽ زاهد بچي سگھيا نه اهو پورو سماج سلامت رهيو جيڪو قانون ٽوڙڻ جو اهو تماشو ڏسي رهيو هو.اهو نه وسارڻ گھرجي ته اجتماعي گناهن جي سزا به اجتماعي هوندي آهي!

(روزاني مهراڻ 15 ڊسمبر 2019ع)