Thursday, November 28, 2019

نئين اعصابي جنگ ۽ عمران حڪومت لاء چيلينج!



شفيق الرحمان شاڪر
ڌرڻو ختم ٿي چڪو آهي ۽ ملڪ جو سياسي منظرنامو به بدلجي رهيو آهي.جي يو آئي جي قيادت چوڌري شجاعت حسين کان ”ضمانت“ وٺي ڌرڻو ختم ڪري چڪي آهي.جي يو آئي جي ”امانت“ جي تشريح اها ڪئي پيئي وڃي ته ٿورو صبر ڪريو،سليڪٽيڊ تبديلي ٽپڙ گول ڪرڻ واري آهي.چوڌري شجاعت جي ذهن ۾ ڪٿي اها ڳالهه ويهاري ڇڏي ويئي آهي ته حالتون ئي ڪجهه اهڙيون ٿي وينديون جو آئيندي چئن کان ڇهن مهينن تائين ڪو وزير اعظم ٿيڻ لاء ئي تيار نه هوندو.حڪومت جي تلاء ۾ مسلم ليگ قاف پٿر اڇلي لوڏو پيدا ڪري ڇڏيو آهي جنهنجون لهرون نيب جي وڪڙ ۾ آيل سياسي ڪکن کي آهستي اهستي ڪناري تي آڻي رهيون آهن.هن وقت وزيرن جو موقف ڪهڙو به هجي پر حقيقت اها آهي جو شروع ۾ وزير اعظم عمران خان پاڻ ئي وفاقي ڪابينا کي اطلاع ڏنو هو ته نواز شريف گھڻو بيمار آهي ۽ جيڪڏهن کيس جيل ۾ ڪجهه ٿي ويو ته حڪومت لاء وڏو مسئلو پيدا ٿي پوندو.جنهن بعد نيب به هٿ ڪڍي ڇڏيا ته نواز شريف کي عدالت ذريعي جيل کان اسپتال موڪلڻ جو بندوبست ڪيو ويو.ان اڳڀرائيء بعد ڪجهه وزيرن کي ياد آيو ته ان رليف ڪهاڻيء سان ته تحريڪ انصاف جي سياسي بيانيي کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي جنهن بعد حڪومت ”متان هيئن نه ٿي وڃي متان هونئن نه ٿي وڃي“ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيئي آهي.ان کي هڪ دفعو نه بلڪه ڪيترائي ڀيرا مشورو ڏنو ويو ته ملڪي معيشت ٺيڪ ڪرڻ تي ڌيان ڏنو وڃي پر حڪومت اهو بيانيو کڻي هلندي رهي ته سمورو ڪيو ڪيتو ماضيء جي حڪمرانن جو آهي.عاقبت ناانديش مشيرن سبب اهو ڏينهن ڏسڻو پيو جو نواز شريف کي رليف ملي ويو ۽ ٻاهرئين ملڪ به وڃڻ ڏنو ويو.ان کان پوء به وزير اعظم ۽ سندس وزير مشير ڪو سبق سکڻ لاء تيار ناهن.حڪومت کي چوڌري ڀائرن،ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي سميت ڪنهن به اتحاديء جي غير مشروط حمايت حاصل ناهي رهي.ان دٻاء کي هٽائڻ لاء ئي وزير اعظم عمران خان موڪل تي وڃڻ ۽ سرڪاري مصروفيتون ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.اتحادين بعد حڪومت کي سينيٽ جي چيئرمين صادق سنجراڻيء جي رولنگ به پريشان ڪيو.چيئرمين سينيٽ اهو نياپو موڪليو هو ته نواز شريف کي ڪجهه ٿي پيو ته حڪومت ڪڏهن به اهو داغ ڌوئي نه سگھندي ۽ حڪومت مهنگائي ۽ بيروزگاريء جي طوفان کي منهن ڏئي.ان بعد سمورا اتحادي جدا جدا ٻوليون ٻولي رهيا آهن.ڊپٽي اسپيڪر تي پهريون وار ٿيو ته حڪومت قومي اسيمبليء اندر هڪ ئي ڌڪ ۾ درزن آرڊيننس واپس وٺي پنهنجو بچاء ته ڪيو پر حڪومت جو بنياد لڏي چڪو آهي.ان کي مهنگائي،بيروزگاري ۽ تباهه ٿيل معيشت نيٺ ٻوڙي وجھندي.مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته عمران خان کي وزير اعظم بنائڻ جي فيصلي وقت ساڻس رابطو ڪري کيس حمايت ڪرڻ لاء چيو ويو هو پر سندس انڪار تي کيس پارليامينٽ مان ٻاهر ڪڍيو ويو.مولانا جو اهو انڪشاف هن ملڪ جي سياست لاء ڳرو ثابت ٿي سگھي ٿو.شايد ماضيء جي اڻ وڻندڙ سياسي حالتن سبب ۽ ڌرڻي بعد  جي يو آئي هاڻي هڪ پوزيشن وٺي چڪي آهي ته ان جي قيادت هر سياسي ڳالهه ٻولهه ۾ شامل ٿيندي پر تحريڪ انصاف سان نه ڳالهائبو ۽ هاڻي رڳو ضامنن سان ئي ڳالهيون ٿينديون.
اڳوڻو وزير اعظم نواز شريف ۽ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري سياسي منظر نامي جا ٻه اهم ڪردار آهن.اهو ته طيء ٿي چڪو ته مستقبل ۾ ٻئي پارليامينٽ کان ٻاهر هوندا پر سياسي لحاظ کان في الحال کين نظرانداز ڪري نٿو سگھجي.ٻنهي کي رليف ڏيئي مسلم ليگ نون ۽ پيپلز پارٽي لاء سياسي ميدان ۾ وڇايل ڪنڊا هٽايا پيا وڃن.ٻنهي سياسي اڳواڻن جي صحت کين سياسي ميدان مان ٻاهر ڪڍڻ ۾ مددگار بڻجي رهي آهي ۽ اها به فيس سيونگ جي هڪ شڪل آهي.نواز شريف سياسي لحاظ کان گھڻو ڪمزور ٿي چڪو آهي.چاليهه سال اڳ ڀٽي جو انجام ڦاسيء جي شڪل ۾ ٿيو هو ۽ هاڻي ووٽ کي عزت ڏيو جي پڪار عبرت جو نشان بڻجڻ وڃي رهي آهي.ڀٽي بعد سندس نياڻيء ڪمپرومائيز ڪيو پر نون ليگ جي ”بينظير“ شهباز شريف ۽ نواز شريف جي حياتيء ۾ ئي ٺاهه ڪرڻ وڃي رهي آهي ۽ سندس جماعت ساڳي پگھار تي ڪم ڪرڻ لاء تيار آهي.ڊاڪٽرن جي سرڪاري بورڊ جي سفارش ۽ سياسي مخالف جي صحت جي ان ڪيفيت باوجود تحريڪ انصاف رڳو پنهنجي سياسي بيانيي کي بچائڻ لاء ضمانتي بانڊ گھريو هو،عدالت هڪ نئين ”ضمانت “ملڻ تي نواز شريف کي شروعاتي طور تي چئن هفتن لاء ۽ بعد ۾ صحت جي صورتحال جي پيش نظر وڌيڪ مهلت مهيا ڪرڻ جي گنجائش سان ٻاهرئين ملڪ موڪلڻ جو فيصلو ڏنو.مسلم ليگ نون هاڻي بنان ڪنهن شرط جي ڪنهن به پگھار تي ڪم ڪرڻ لاء تيار ٿيندي.بلاول ڀٽو زرداري لاء به آفر موجود آهي.ٿي سگھي ٿو ته عمران خان جي رخصتي مهنگائي يا بيروزگاريء سبب ٿئي پر سياسي طور تي پڪ سان اهو ڪو سٺو سوڻ نه هوندو جو”تبديلي“ سياست شهيد بڻجي وڃي ۽ ايئن ملڪ ۾سياسي ڇڪتاڻ وڌي سگھي ٿي.بيشڪ هن وقت ملڪ آڏو آيل سياسي،معاشي ۽ سفارتي چيلينجز کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي.رياست ۽ عوام وچ ۾ٿيل عمراني معاهدي تي نظرثانيء جي ضرورت آهي.سياسي ڳالهه ٻولهه لاء تحريڪ انصاف جي قيادت کي ذهن صاف ڪري ويهڻو پوندو.کين ڏيڍ سال جي اقتداري تجربي گھڻو ڪجهه سيکاريو آهي.هاڻي ضد ۽ هٺ ڌرميء بدران زميني حقيقتن کي ڏسڻ گھرجي.ضد ۽ هٺ ڌرميء سبب تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان خود سندس ڪابينا ۽ پارٽيء ۾ به اڪيلو ٿيندو ٿو وڃي.تحريڪ انصاف هن وقت ٻن پڌرن ڌڙن ۾ ورهائجي چڪي آهي.ان جا پراڻا ۽ باني رڪن مزاحمت ڪري رهيا آهن ته وزير اعظم عمران خان حالتن سان ٺاهه ڇو ٿو ڪرڻ گھري! ان جي ابتڙ تحريڪ انصاف ۾ موجود اليڪٽيبلز جو گروپ گھري ٿو ته هر صورت ۾ مفاهمت هئڻ گھرجي.ميان نواز شريف کي علاج لاء ٻاهر موڪلڻ بابت فيصلو پڻ اهو ثابت ڪري چڪو آهي ته ڪابينا جي هڪ وڏي اڪثريت ان فيصلي جي حمايت ۾ راء ڏني ۽ اتي به عمران خان اڪيلو رهجي ويو هو.اهو صحيح آهي ته معاملا گھڻي حد تائين طيء ٿي چڪا آهن تنهن هوندي به اپوزيشن جي جلدبازي ۽ وقت کان اڳ پنهنجا ڪارڊ ظاهر ڪري ڇڏڻ ڪري هاڻي ان معاملي ۾ ڪجهه رنڊڪ پئجي رهي آهي.وزير اعظم سندس بقا لاء پاڻ مزاحمت ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.اهڙيء طرح حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ هڪ نئين اعصابي جنگ شروع ٿي ويئي آهي پر معيشت حڪومت لاء اصل امتحان آهي.وزير اعظم ايف بي آر کي هدايت ڪئي آهي ته ڪاروباري طبقي جو حڪومت تي اعتماد بحال ڪيو وڃي،اٺ ارب روپين جو ٽيڪس گڏ ڪرڻ ڪو ڏکيو مسئلو ناهي پر احتساب نه رڪجڻ گھرجي.
نواز شريف جي طرز سياست سان سوين اختلاف سهي پر سچ اهو آهي ته ان جي بيماري رڳو پيليٽليٽس جي گھاٽي واڌيء تائين محدود ناهي بلڪه هن کي ڪيتريون ئي بيماريون لڳل آهن.گردن جو به مسئلو آهي،دل ۽ بلڊ پريشر جو به معاملو آهي.اهو به صحيح آهي ته نواز شريف جي سخت بيمار ٿيڻ کان اڳ سندس علاج ۾ رنڊڪون وڌيون وييون ۽ جنهن وقت هن ضمانت لاء درخواست ڏني ته ان وقت سندس طبيعت واقعي گھڻو خراب ٿي چڪي هئي.ان ڪري حڪومت،عدالتن توڙي نيب کي منجھائس هٿ ڪڍڻا پيا!
(روزاني هلال پاڪستان 26 نومبر 2019ع)

Wednesday, November 27, 2019

سياسي ملاکڙي جي دز ۾ دٻجي ويل عوامي مسئلا.



شفيق الرحمان شاڪر
مدت کان ملڪ ۾ متل سياسي ملاکڙي،بيانن ۽ بهتانن جي برسات،الزامن ۽ جوابي الزامن جي طوفان،هڪ ٻئي سان زور آزمائيء جي مقابلن،معصومن ۽ مجرمن جي بحث،قانوني موشگافين،آئيني توضيحن ۽ تشريحن،ميڊيڪل ٽيسٽن ۽ رپورٽن،ڊاڪٽرن جي اعلانن ۽ انتباهن ،احتجاجن ۽ ڌرڻن جي دز ۾ ملڪ جو عوام ۽ عوامي مسئلا دٻجي ڪري رهجي ويا آهن.مخالف ڌر اڃا چونڊ مهم واري ماحول مان ٻاهراچڻ لاء تيار ناهي ۽ حڪومت اڃا حزب اختلاف جي کول مان ٻاهر نه نڪري سگھي آهي.هڪڙا چون ٿا ته سليڪٽيڊ حڪومت ۽ رجيڪٽيد وزير اعظم قبول ناهي ٻيا چون ٿا ته مري وينداسين پر ڪنهن کي به اين آر او نه ڏينداسين.انهن کان ڪو اهو ته پڇي ته پاڪستان ۾ اها ڪهڙي حڪومت آهي جيڪا سليڪٽيڊ نه هئي،ڪهڙيون چونڊون هيون جن ۾ ڌانڌلي نه ٿي هئي؟ اهي جيڪي صبح سانجھيء اهي اعلان ڪري رهيا آهن ته اهي ڪنهن کي اين آر او نه ڏيندا انهن کان پڇجي ته ”نيشنل رحمدلي آرڊر“ ته اوهين ڏيئي چڪا آهيو پوء اجايو اها پراڻي ۽ گسيل ڪيسٽ وڄائڻ مان ڪهڙو فائدو؟ هڪ طرف اعلان اهو ته وڏي دل واري وزير اعظم کي انسانيت ناتي ”رحم “ اچي ويو ته ٻئي طرف پنهنجي ئي ان ”رحمدليء “ تي پاڻ ماتم ڪيو پيو وڃي.ڪڏهن عدالتن کي الزام ڏنو پيو وڃي ته ٻئي طرف سسٽم سان شڪايتون ڪيون پييون وڃن.خبر نٿي پوي ته سڄي عوام جي عقل جو ڏيوالو نڪري ويو آهي يا اسان جي ان اشرافيا سان ڪو ذهني يا نفسياتي مسئلو ٿي پيو آهي.هڪڙا عوام جي احساس ۾ روڊ رستا بلاڪ ڪري رهيا آهن ته ٻيا قوم جي درد ۾ روزانو عام استعمال جي شين جي اگھن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪندا ٿا وڃن.مٿان ماڻهن کي خوشخبريون به ٻڌائيندا ٿا وڃن ته ملڪ جو مالي خساررو گھٽجي ويو آهي،امپورٽ وڌي ويئي آهي،معيشت لوهه جهڙي مضبوط ٿي پيئي آهي، ٽماٽا سترهن روپيا في ڪلو وڪجي رهيا آهن.سڄي دنيا مان چونڊي جيڪا ماهر ترين معاشي ٽيم اسان جو مقدر بڻي آهي انهيء جي بهترين ڪارڪردگي وزير اعظم پاور پوائنٽ جي پريزنٽيشن تي  ڏسي خوشيء وچان ٽپڻ ۽ نچڻ لڳي ٿو ۽ فرمائي ٿو ته مهنگائي هٿرادو آهي.اها مهنگائي آخر ڪنٽرول ڪنهن کي ڪرڻي آهي؟ معزز وزير اعظم وٽ ان جو ڪو جواب ناهي يا هو ان جواب ڏيڻ جو پنهنجو پاڻ کي پابند نٿو سمجھي.صاحب چوي ٿو سڄو سسٽم خراب آهي،اهو ٺيڪ ڪنهن کي ڪرڻو آهي؟ جواب ۾ قبرستان واري خاموشي آهي.جنهن ڏينهن عمران خان معاشي ماهرن يا معاشي مسخرن جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو جتي حڪومت جي شاندار معاشي ڪاميابين جون قواليون ڳايون پئي وييون عين انهيء ئي ڏينهن تي پنجاب سرڪار جو سالار وسيم اڪرم پلس پنجاب فلور ملز ايسوسيئيشن جي مطالبي اڳيان گوڏا کوڙي اٽي جو اگهه 48 مان 60 روپيا ڪري چڪو هو.انهيء ڪري جو اٽو صرف سرنديء وارا ئي کائيندا آهن سو ان جي اگهه وڌڻ سان غريبن تي ڪو فرق نه پوندو.اهڙيء طرح غريبن کي هروڀرو ٽماٽا کائڻ جي ضرورت ڪهڙي؟ پر سوال اهو ته عوام آخر ڇا کائي؟ داليون ،ڀاڄيون،گيهه،کنڊ مطلب ته ڪهڙي شيء آهي جنهنجي قيمت آسمان سان ناهي لڳي؟دوائون مهنگيون ٿيڻ سان ملڪ کي هڪڙو فائدو ضرور ٿيندو جو آباديء ۾ اضافو بنان ڪنهن فيملي پلاننگ جي ڪنٽرول ٿي ويندو.هڪ طرف عام ماڻهن جون رڙيون ۽ ڪوڪون آهن،آهون ۽ دانهون آهن،حڪمرانن لاء بد دعائون،پٽون ۽ پاراتا آهن ته ٻئي طرف سياسي پهلوان آهن جن کي ڪشتي وڙهڻ سواء ٻيو ڪو هوش ئي ناهي.هر وقت سندرا وٽيو ۽ ٻانهون کنجيو هڪ ٻئي کي ٺونشا ۽ لتون هڻڻ مان ئي واندا ناهن.اعلان ٻڌو ته؛ ”نه هٽنداسين،نه ڇڏينداسين،مٿو ڦاڙينداسين، چيلهه ڀڃنداسين،مرنداسين،مارينداسين،اندرين هڻنداسين،ٻاهرين آزمائينداسين، کاٻي کيڏنداسين،ساڄي  وڙهنداسين،اجھو هو ڪريو،اجھو هو جھريو،اجھو هن  جو نڪ سڄيو،هن جي ٽنگ ڀڳي،هن جي ٻانهن ويئي،هن جو مٿو ڦاٽو،اجھو هن جي سنگهه وهي،اجھوهن جو ....نڪتو. “
آخر هي ڪهڙو تماشو آهي،ڪهڙي مسخري آهي جنهن جو ڪو دنگ ئي ناهي.ڪهڙو ناٽڪ آهي جنهن جي ڪا اينڊ ئي نٿي ٿئي.ڪهڙو ٿيٽر آهي جنهن پوري ملڪ کي پاڳل بنائي ڇڏيو آهي. لڳي ٿو ته هن ڀيري ريفري انهن جوڌن مان هٿ ڪڍي پري کان اهو سڀ تماشو ڏسي ۽ مزو وٺي رهيا آهن. نه ڪنهن بريڪ لاء ڪا سيٽي ٿي وڄي ،نه ڪو گول ٿو ٿئي ۽ نه وري راند ٿي ختم ٿئي.مهنگائي جي بگھڙ ماڻهن جو ماس ڪور ي ڇڏيو،بيمارين ماڻهن جو رت نپوڙي ڇڏيو ،بيروزگاري ماڻهن جا چلها وسائي ڇڏيا،رشوت ماڻهن جو  ڇوڏو ڇلي ڇڏيو پر هي جمهوريت جا علمبردار،انساني حقن جا ٺيڪيدار،آئيني اصولن جي بالادستيء جا دعويدار،عوام جي خواشن جا سالار،هي قومي ۽ بين الاقوامي اڳواڻي جا تاجدار سڀ جا سڀ ڇا ڪري رهيا آهن؟انهن سڀني پنهن جا پارٽي منشور، عوامي ايجنڊائون،عوام سان ڪيل وعدا ۽ وچن،دعوائون ۽ اعلان ڪهڙي اونهي اوڙاهه ۾ ا ڇلي ڇڏيا آهن؟ڪنهن هڪڙي صوبي ۾ ته ٻڌايو جوڪا فضيلت ڀري حڪمراني هجي. ڪا عوام دوست ڪارڪردگي هجي.اهي سڀ هڪ ٻئي کي چور،ڪرپٽ ۽ ڪوڙو چئي رهيا آهن ۽ ان ڳالهه ۾ آهن سڀ سچا.آمريت تي ڀلي لعنتون وجھو پر اوهان جمهوريت جي جيڪا جنس بازار ۾ آندي آهي ان به ته غريبن جو جھڳو جھڻ ڪري وڌو آهي.جڏهن تحمل،صبر،برداشت،وسيع نظري،ڪشاده دلي، رواداري، ٻئي جي راء جو احترام،سنجيدگي،شائستگي،معاملا فهمي ۽ بصيرت جهڙيون عظيم شيون اوهان واري جمهوريت اوهان کي اڃا نه سيکاري سگھي آهي ته پوء پڪ ڪيو ته اوهان جي سياسي ڳٺڙيء ۾ جمهوريت واري جنس جينين آهي يا ٻيو نمبر؟ الميو چئجي يا بدقسمتي جو اسان جو اقتداري لڏو اڃا تائين سترهين صديء ۾ زندهه آهي ۽ انهن کي احساس ئي ناهي ته دنيا بدلجي چڪي آهي.عوام جيڪر خاموش آهي ته اوهان جي عظيم ڪارڪردگين سبب نه پر اوهان جي انهن پرڪارن سبب جيڪي هو آزمائي آزمائي ٿڪي پيو آهي.اهي ڏسن ٿا ته ڪنهن احتجاج يا تحريڪ جي نتيجي ۾ هڪڙا ويندا ته ٻيا جيڪي مٿان ڪڙڪندا سي به انهن ئي جهڙا يا انهن کان وڌيڪ سنگدل هوندا.تنهن ڪري ماٺ ڀلي آهي.پر اها ڳالهه وسارڻ نه گھرجي ته ڪڏهن ڪڏهن ڪا پراسرار ماٺ ڪنهن ايندڙ طوفان جي اڳڪٿي به هوندي آهي.اهڙو طوفان جيڪو ماٺيڻي سمنڊ کي به اٿلائڻ جو سبب بڻبو آهي ۽ پوء ڪناري تي بيٺل تماشائي به ان جي بي رحم ٿڦڙن کان بچي نه سگھندا آهن.!
(روزاني هلال پاڪستان 24 نومبر 2019ع)

Monday, November 25, 2019

Sunday, November 24, 2019

وزير اعظم ڪنهن تي ڪاوڙيل آهي؟



شفيق الرحمان شاڪر
پندرهن ويهن ڏينهن جي پراسرار خاموشيء بعد وزير اعظم عمران خان جڏهن پنهنجا چپ چوريا ته سندس لفظن ۽ لهجي ۾ آيل تيزي ۽ تکاڻ اندر جي عظيم مايوسي،بيزاري ۽ سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهي هئي.ڪجهه ڏينهن پهرين آرمي چيف سان ٿيل ملاقات بعد جڏهن هو  پنهنجون سموريون سياسي ۽ سرڪاري سرگرميون معطل ڪري ٻن ڏينهن جي موڪل تي هليو ويو هو ته وفاقي گاديء واري شهر ۾ افواهن ۽ انومانن جو اڻ کٽ سلسلو شروع ٿي ويو جيڪو اڃا تائين جاري آهي.ان قسم جا گمان به ظاهر ڪيا ويا ته وزير اعظم ۽ فوجي قيادت وچ ۾ لاڳاپا ڪجهه ڇڪتاڻ وارا محسوس ٿي رهيا آهن جنهن جي ترديد توڙي جو فوج جي ترجمان طرفان ڪئي ويئي پر افواهه ۽ انديشا آهن جيڪي رڪجڻ جو نالو ئي نٿا وٺن.انهن انديشن کي وڌيڪ هٿي هيڪاري عمران خان جي ان تقرير ڏني جيڪا هن موٽروي جي افتتاح جي موقعي تي ڪئي.ان تقرير مان ظاهر ٿئي ٿو ته عمران خان کي نه رڳو ملڪ جي اعليٰ عدالتن کان شڪايت آهي پر هو مخالف ڌر سان گڏوگڏ پنهنجن اتحادين جي رويي کان به سخت ناراض آهي.اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته وزير اعظم مقتدر ڌرين جي هاڻوڪي سموري سياسي گھوٽالي ۾ اختيار ڪيل موقف ۽ پاليسيء کان به مطئمن ناهي.مولانا جي ڌرڻي دوران جهڙيء طرح مولانا کي انتظامي رعايتون ڏنيون وييون،اسٽيج تي مولانا سان گڏوگڏ مخالف ڌر جي سمورن اڳواڻن ڪهڙيء طرح اڪيلو عمران خان کي پنهنجي تضحيڪ ۽ تنقيد جو نشانو بنايو ۽ جهڙيء طرح عمران خان تي سخت الزامن جي برسات ٿي ۽ بعد ۾ جهڙيء طرح حڪومت جي اتحادين خاص طور تي چوڌري ڀائرن ان سموري معاملي ۾ هڪ پراسرار ڪردار ادا ڪيو،انهيء تي خان صاحب اڳ ۾ ئي تپيل هو وڌيڪ ڪسر ميان نواز شريف کي مليل عدالتي رليف ۽ ان کي بنان ڪنهن شرط جي ملڪ کان ٻاهر موڪلڻ واري معاملي تي حڪومت جي اتحادين جي مطالبن،صلاحن،بيانن ۽ بعد ۾ ڏنل ٽي وي انٽرويوز  باهه تي تيل وارو ڪم ڪيو.هڪ طرف عمران خان ۽ سندس ڪجهه وزير ۽ مشير مولانا تي ملڪ دشمنيء جا الزام هڻي هڪ بيانيو جوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا انهيء بيانني کي مقتدر ڌرين پاران مولانا کي جاري ڪيل”محب وطن “ جي سند ۽ هڪ ”زيرڪ سياستدان “ واري سرٽيفڪيٽ حڪومت جي پوري بيانيي مان هوا ڪڍي ڇڏي.اهو سمورو رد عمل عمران خان جي اميدن مطابق نه هو.ان سڄي معاملي ۾ چوڌري ڀائرن پنهنجا سياسي ڪارڊ نهايت هوشياريء سان کيڏيا.انهن نه رڳو ميان صاحب جي اخلاقي حمايت ڪري نون ليگ سان ايندڙ ڏينهن ۾ وسيع مفاهمت جو رستو سڌو ڪيو بلڪه انهن هڪ نموني سان عمران حڪومت کي غلط سياسي پاليسين ۽ روين لاء چارج شيٽ به ڪري ڇڏيو.چوڌري پرويز الاهيء جو اهو چوڻ ته مولانا کي خالي هٿين واپس ناهي موڪليو ويو،انهيء صورتحال عمران خان کي وڌيڪ پريشان ڪيو بلڪه هن کي گھڻو غصو ڏياريو.اها ڳالهه ته صاف آهي ته ميان نوازشريف کي پرڏيهه موڪلڻ وارو معاملو بيماري نه پر هڪ اهڙي ڊيل جو نتيجو آهي جنهن ۾ عمران خان جي مرضي شامل ناهي.لنڊن پهچڻ بعد ”شديد بيمار” نواز شريف جون وڊيو ڪلپس ۽ تصويرون ”سيلف ايڪسپلينري” آهن.انهيء ڊيل جي ٻئي حصي ۾ مريم نواز  به ڪجهه ئي عرصي ۾ ملڪ ڇڏي ٻاهر وڃڻ واري آهي ۽ ان لاء به ڪو نه ڪو رستو نڪري ايندو. توڙي جو عمران حڪومت لاء نواز شريف ۽ مريم نواز جو ملڪ کان ٻاهر رهڻ وقتي طور تي فائديمند ٿيندو پر اصل مسئلو نواز شريف جي ٻاهر وڃڻ يا نه وڃڻ جو نه پر  اصل مسئلو ست ارب روپين جي بانڊ جو آهي.عمران خان جيڪي احتساب ۽ انصاف جون دعوائون ڪيون انهن جو عوام ۾ ڀرم رکڻ جو اهو ئي واحد طريقو هو ته ماڻهن کي ان معاملي تي بيوقوف بنايو وڃي ته حڪومت پئسا وصول ڪري پوء نواز شريف کي ٻاهر موڪليو آهي پر عدالت جي انهيء شرط ختم ڪرڻ سان عمران خان جي پوري بيانني کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي.عمران حڪومت ۾ اندروني توڙي ٻاهرئين طور تي ايتري سگھه نه هئي جو اها ان معاملي تي مزاحمت ڪري سگھي.بيوسيء جي ان احساس عمران خان کي گھڻو ڪجهه سوچڻ تي مجبور  ته ڪيو آهي پر هو هو ڇا ٿو ڪري سگھي؟.اصل واڳ ڌڻين کي هڪ مقرر حد کان وڌيڪ ناراض ڪرڻ جي صورت ۾ کيس خبر آهي ته سندس ڪجهه اتحادي ساٿ ڇڏي ويندا جنهنجي نتيجي ۾ سندس حڪومت ڊهي پوندي.اهڙي صورتحال ۾ عمران خان وٽ رڳو هڪڙو ئي آپشن رهجي ويو آهي ته هو اسيمبليون ٽوڙِي نين چونڊن جو اعلان ڪري پر ان معاملي ۾ به ٻه انديشا آهن.پهريون اهو ته جيڪر عمران خان اسيمبليون ٽوڙي ٿو ته ڇا عدالتون انهن اسيمبلين کي ٻيهر بحال ته نه ڪري ڇڏينديون؟ ٻيو اهو ته عمران حڪومت پوين پندرهن مهينن ۾ جيڪا خراب ڪارڪردگي ڏيکاري آهي ۽ جهڙيء طرح تيزيء سان سندس مقبوليت جو عوامي گراف ڪريو آهي،ڇا انهيء صورتحال ۾ ايندڙ چونڊن ۾ تحريڪ انصاف وري ڪا واضح اڪثريت حاصل ڪري سگھندي؟ جڏهن اهو به يقين ناهي ته ايندڙ چونڊون ڪهڙي طريقي سان ٿينديون ۽ ڪنهن کي کٽايو ۽ هارايو ويندو.هن وقت انهن سمورن معاملن گڏجي نه رڳو خان صاحب کي ڪاوڙائي وڌو آهي پر هو سخت منجھيل محسوس ٿئي ٿو.نواز شريف سان ٿيل ڊيل يا مفاهمت جي نتيجي ۾ توڙي جو ميان صاحب تڪڙو ملڪ موٽڻ وارو ناهي تنهن هوندي به ان جو مطلب اهو ناهي ته مسلم ليگ نون جي سياست ئي ختم ٿي ويندي بلڪه ميان شهباز شريف ان ئي عظيم قومي مفاهمت جي نتيجي ۾ پاڪستاني سياست ۾ سرگرم رهندو ۽ اقتدار ڌڻين وٽ هڪ متبادل وزير اعظم طور موجود رهندو.سو عمران حڪومت لاء ايندڙ وقت ايترو پرسڪون نه هوندو جيترو سمجھيو پيو وڃي. چوڌري پرويز الاهي مولانا جي جنهن ”امانت“ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي،تجزيي نگارن مطابق اها امانت مولانا جو بلوچستان حڪومت ۾ مناسب حصو پتي يا وري ان هائوس تبديليء ذريعي مائينس عمران به ٿي سگھي ٿو.حڪومتي اتحادين پاران ٽڙيل پکڙيل ڳالهيون ڪرڻ ۽ عمران حڪومت جا عيب ثواب ڳڻائڻ وارا بيان ان طرف اشارو ڪري رهيا آهن ته عمران خان کي مائينس ڪرڻ جي تياري ٿي رهي آهي.عمران خان جي بيوسيء جو اظهار ان اپيل مان ٿئي ٿو جيڪا هن اعليٰ عدالتن جي ججن کي طاقتورن کي سزا ڏيڻ لاء ڪئي آهي. جنهن جي جواب ۾ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو آهي ته عدليا کي انصاف جون صلاحون ڏيندڙ پنهنجو پاڻ کي ڏسن .هن چيو ته نواز شريف کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت عدالت نه پر وزير اعظم پاڻ ڏني آهي.هن اهو به چيو ته عدليا کي اهڙيون صلاحون ڏيڻ ۾ احتياط کان ڪم ورتو وڃي.چيف جسٽس اهو به چيو ته عدالتن کي طاقتور سان رعايت ڪرڻ جا طعنا ڏيندڙ اهو به ياد رکن ته عدالتن ئي هڪڙي وزير اعظم کي نااهل ڪيو ته ٻئي وزير اعظم کي جيل موڪليو.سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪر عدالتون عمران خان جي خواهش موجب پورو انصاف ڪرڻ تي اچن ته خود عمران خان جي پنهنجي اڌ ڪابينا ئي جيل ۾ هلي ويندي.جهڙيء طرح ان کان اڳ نيب چيئرمين اهو بيان ڏنو هو ته جيڪر نيب پوريء طرح احتساب ڪري ته عمران خان جي حڪومت ئي ختم ٿي ويندي.رڳو اعظم سواتيء واري معاملي کي ڏسجي ته جڏهن عدالتون کيس سزا ڏيڻ واريون هيون ته عمران خان هن کي اڳواٽ استعيفا ڏياري سزا کان بچائي ورتو ۽ جيئن ئي تڏهوڪو چيف جسٽس ميان ثاقب نثار رٽائر ٿيو ته اعظم سواتيء کي پوري اعزاز سان واپس وفاقي ڪابينا ۾ موٽايو ويو.رڳو هڪڙو سواتي ناهي،هتي ته حڪومتي صفن ۾ ڪيترائي ملزم آهن جن تي مالي بدعنوانين جا سنگين الزام آهن پر عمران خان جي نظر ۾ ڪرپٽ ۽ ڏوهاري رڳو اهي آهن جيڪي ساڻس گڏ ناهن.هو انصاف ته گھري ٿو پر پنهنجي مرضيء جو.اصل ۾ خان صاحب دلي طور تي ڪنهن جمهوري ۽ پارلياماني نظام جو حامي ئي ناهي جنهنجو اظهار هو ڪيترا ئي ڀيرا ڪري چڪو آهي.هو هن ملڪ ۾ چين جهڙو ڪو نظام آڻڻ گھري ٿو جنهن ۾ سمورا  اختيار سندس هٿ ۾ هجن پوء هو جنهن کي چاهي تنهن کي چوڪن ۽ چوراهن تي اونڌو ٽنگي ڇڏي.عدالتون سندس فيصلن تي آمين چون،فوج ۽ ٻيا رياستي ادارا سندس ها ۾ ها ملائين، ميڊيا به سندس ئي ساراهه جا ڍڪ ڀري،نه ڪو مٿانئس تنقيد ڪري سگھي ۽ نه ئي ڪو اختلاف جي جرئت ڪري سگھي. پاڪستان جي موجوده سياسي نظام اندر ان خواهش جو پورو ٿيڻ ڪيئن ممڪن آهي؟پاڪستان  ۾ ته پولٽ بيورو قائم ڪري نٿو سگھجي.بد قسمتيء سان سندس ذهن ۾ ويٺل هڪ آمر کي خان صاحب ٻاهر نه ڪڍي سگھيو آهي.هڪ اهڙو آمر جيڪو هر ان معاملي ۾ به ضد جو مظاهرو ڪرڻ لڳي ٿو جنهنجو حل رڳو ڳالهه ٻولهه،مفاهمت ۽ هڪ ٻئي جي تعاون سان ئي ممڪن هوندو آهي.اهو ضد هيستائين نه رڳو خان صاحب کي بار بار يوٽرن وٺڻ تي مجبور ڪندو رهيو آهي پر سندس حڪومتي ڪارڪردگيء کي به گھڻو متاثر ڪندو رهيو آهي.عمليت پسنديء بدران مثاليت پسنديء جي سحر ۾ ورتل عمران خان عوام کي ڪيستائين انهن خوابن سان وندرائي سگھندو اهو ته وقت ٻڌائيندو پر اها ڳالهه صاف نظر اچي پيئي ته ايندڙ ڏينهن عمران خان جي حق ۾ ڪو سٺو سوءڻ نه کڻي اچي رهيا آهن.نيب جي چيئرمين جو تازو ڏنل اهو بيان ته ”هوائن جو رخ بدلجي رهيو آهي“ ۽ پي ٽي آئي خلاف هلندڙ فارين فنڊز ڪيس به ايندڙ حالتن طرف واضح اشارو ڪري رهيا آهن!
(روزاني عوامي آواز 22 نومبر 2019ع)

Saturday, November 23, 2019

سياسي مهم جوئي جمهوريت لاء خطرو!



شفيق الرحمان شاڪر
پاڪستان جي سياست سدائين عدم استحڪام جو شڪار رهي آهي جنهنجو هڪ بنيادي سبب سول ۽ مليٽري لاڳاپن ۾ عدم توازن يا بد اعتمادي جي فضا آهي ۽ ان جو سبب سياسي عمل ۾ ”پرده نشين“ قوتن جي وري وري مداخلت آهي پر ان کان سواء هڪ ٻيو وڏو سبب سياسي جماعتن ۽ قيادتن وچ ۾محاذ آرائي ۽ هڪ ٻئي کي برداشت نه ڪرڻ به آهي.اهو ئي ڪارڻ آهي جو اسان جي سياست اڃا تائين اوسر واري مرحلي ۾ آهي ۽ ان ڳالهه جو بار بار اظهار ڪيو ويندو آهي ته اسان اڃا جمهوريت جي تجرباتي دور مان گذري رهيا آهيون.پر بدقسمتي اها آهي جو اسان صورتحال ۾ بهتري پيدا ڪرڻ ۽ ماضيء جي غلطين مان سبق سکڻ بدران وڌيڪ ڏڦير ۽ بگاڙ پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجي رهيا آهيون.ڪابه جماعت جڏهن ٻي جماعت جي سياسي مينڊيٽ کي قبولڻ کان انڪار ڪري ٿي ۽ ان جي مقابلي ۾ پنهنجي سياسي مهم جوئي سان حڪومت کي ڪيرائڻ،ڪمزور ڪرڻ يا ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته ملڪ سياسي بحران جو شڪار ٿئي ٿو.سياست ۾ مهم جوئي ڪا خراب شيء ناهي جيڪر ان جو مقصد واقعي سياسي ۽ جمهوري نظام کي جمهوري اصولن ۽ قانون جي حڪمرانيء جي تابع بنائڻ لاء هجي.جيتوڻيڪ اسان جي سمورن سياسي اڳواڻن جي دعويٰ آهي ته اهي جمهوريت ۽ آئين جي حڪمرانيء جي جنگ وڙهي رهيا آهن پر جيڪو رويو،هلت چلت ۽ سياسي روش سندن آهي ان ۾ جمهوريت کي رڳو سياسي هٿيار جي طور تي استعمال ڪيو وڃي ٿو.سياسي نظام کي مضبوط ڪرڻ بدران پنهنجي مرضي ۽ خواهشن مظابق نظام گھربل ٿئي ٿو ۽ جيڪر ان مقصد لاء غير آئيني ۽ غير جمهوري رستو به اختيار ڪرڻو پوي ته اهي ان کان نٿا مڙن.ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪجهه سياسي قوتن جي مهم جوئيء جو ترت نتيجو سندن حق ۾ به نڪري ٿو ۽ اهي ڪنهن جماعت جي حڪومت جي سياسي بساط ويڙهي ان کي پنهنجي عظيم سياسي ڪاميابي به سمجھڻ لڳن ٿا پر عملي طور تي مستقبل جي سياست جي تناظر ۾ سياسي مهم جوئي جمهوري عمل کي ڪمزور ڪرڻ ۽ غير جمهوري قوتن کي وڌيڪ مضبوط بنجڻ جو موقعو مهيا ڪري ٿي.هن وقت به پاڪستاني سياست ۾ هڪ وڏي سياسي مهم جوئي جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پيئي وڃي.ان مهم ۾ ملڪ جي ٻن وڏين سياسي جماعتن سان گڏوگڏ ملڪ جون ڪجهه ننڍيون ننڍيون سياسي جماعتون به شامل آهن پر ان مهم جوئيء جي اڳواڻي جي يو آئي جي مولانا فضل الرحمان حوالي ڪئي ويئي آهي.توڙي جو ڪيترن ئي معاملن تي ٻين جماعتن جو مولانا جي موقف سان اختلاف به آهي پر اهي سڀ جا سڀ ان نڪتي تي متفق آهن ته عمران خان حڪومت جو هر صورت ۾ خاتمو هئڻ گھرجي ۽ 2020ع کي نين عام چونڊن جو سال قرار ڏنو وڃي.يقيني ڳالهه آهي ته حڪومت جو خاتمو ايتري آسانيء سان نه ٿي سگھندو ۽ ان لاء جيڪر طاقت جو استعمال به ڪرڻو پوي ته گھڻيون جماعتون ان لاء تيار آهن. جيڪر مقصد عمران حڪومت جو خاتمو آهي ته ان لاء سياسي،جمهوري ۽ آئيني طور تي ٻه رستا آهن.پهريون اهو ته مخالف ڌر جون سموريون پارٽيون وزير اعظم خلاف عدم اعتماد ظاهر ڪري وزير اعظم کي تبديل ڪري سگھن ٿيون،جيئن ته عمران حڪومت وٽ ايڏي ڪا عددي برتري به ڪانهي ۽ مخالف ڌر حڪومتي اتحادين ۾ ڏار وجھي اها سياسي ويڙهه کٽي سگھن ٿيون.ٻيو طريقو اهو آهي ته جيڪر مخالف ڌر نين عام چونڊن جو رستو سڌو ڪرڻ گھري ٿي ته پي پي پي،نون ليگ،جي يو آئي ايف،اي اين پي ۽ ٻيون جماعتون قومي ۽ صوبائي اسيمبلين مان پنهنجن ميمبرن کي گڏيل استعيفائون ڏياري ملڪ ۾ هڪ وڏو سياسي بحران پيدا ڪري سگھن ٿيون جنهن جو نتيجو ظاهر آهي ته نين چونڊن جي صورت ۾ سامهون ايندو.انهن ٻنهي رستن سواء ٽيون رستو اهو آهي ته سڌو سنئون ڪو وڏو سياسي عدم استحڪام پيدا ڪري حڪومت کي مفلوج ڪرڻ ۽ طاقت جي زور تي حڪومت کي ڪيرائڻ هوندو آهي پر عام طور تي ان طرز جي سياست جي نتيجن جو فائدو سياسي ڌرين کي گھٽ ۽ غير جمهوري ڌرين کي وڏيڪ ٿيندو آهي.ان راند ۾ يقيني طور تي تشدد ڀريل سياست جو عمل به اڀري ٿو جيڪو ناڪاري ۽ نفرت ڀريل سياست پيدا ڪري ٿو.ماضيء ۾ ان جا نتيجا فوجي مداخلت جي صورت ۾ به ڏسڻ لاء مليا آهن.جيڪر اهو مڃي وٺجي ته 2018ع جون چونڊون ڌانڌليء جي پيداوار آهن ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته رڳو حڪومت جي سوڀ کي ئي ڌانڌلي زده قرار ڏنو وڃي جڏهن ته مخالف جماعتن جي ماڻهن جو وڏو انگ سنڌ ، پنجاب ۽ ٻين صوبن ۾ چونڊجي آيو آهي اهي چونڊون شفاف هيون؟جيڪڏهن چونڊن ۾ واقعي ڌانڌلي ٿي آهي ته پوء انهن چونڊن جي نتيجي ۾ چونڊجي آيل سمورن اميدوارن توڙي قائم ٿيندڙ سمورين حڪومتن تي سواليه نشان لڳائڻو پوندو.اهڙيء طرح مخالف ڌر عمران خان جي استعيفا جو مطالبو ڪري رهي آهي.جيڪر عمران خان واقعي استعيفا ڏئي ٿو يا ان هائوس تبديليء ذريعي عمران خان جي وزارت عظميٰ هلي ٿي وڃي ته ڇا پوء مخالف ڌر ان ڌانڌلي زده اسيمبليء کي قبول ڪري وٺندي؟ڇو ته نئين وزير اعظم جي چونڊ ته وري به انهيء ئي ”جعلي“ اسيمبليء کي ڪرڻي آهي ته پوء اهڙو فيصلو ته پاڻ ئي تضادن سان ڀريل هوندو.جيڪر عمران خان 2014ع ۾ حڪومت خلاف وڏي مهم جوئي ڪئي هئي جيڪا غلط هئي ته اڄ تجربيڪار سياسي ۽ جمهوري جماعتون ان غلطيء کي ورجائڻ تي ڇو سندرو ٻڌي بيٺل آهن؟ڇا مسئلو سچ پچ چونڊن ۾ ڌانڌليء جو آهي يا مخالف ڌر محض عمران خان سان سياسي ساڙ جو شڪار آهي؟
هن سياسي مهم جوئي دوران ملڪ ڪيترن ئي وڌن مسئلن مان گذري رهيو آهي.انهن ۾ معاشي بحران،ايف اي ٽي ايف واري گري لسٽ ۾ موجود هئڻ،پاڪ ڀارت لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ،ڪشمير ۽ افغانستان جو بحران،ايران سعودي ڇڪتاڻ ۽ پاڪ آمريڪا لاڳاپا شامل آهن جن کي منهن ڏيڻ لاء اسان کي سياسي ۽ معاشي استحڪام گھربل آهي ۽ سياسي استحڪام جي ڪنجي ته حڪومت ۽ مخالف ڌر جي سياستدانن وٽ آهي.پڪ سان تاڙي ٻنهي هٿن سان وڄندي آهي،ان ۾ حڪومت تي وڌيڪ ڳري ذميداري لاڳو ٿئي ٿي پر اهو عمل مخالف ڌر جي تعاون سواء ممڪن ناهي.ان ڪري ٻنهي طرفن جي سنجيده ماڻهن کي اڳيان اچي پنهنجي قيادت تي دٻاء وجھڻو پوندو ته جيئن ڇڪتاڻ ۽ الزامبازيء واري سياست جو خاتمو آڻي سگھجي.مخالف ڌر جي سمورين جماعتن کي اهو سمجھڻو پوندو ته سياست ۾ آخري ڪارڊ شروع ۾ ئي نه کيڏيو ويندو آهي ڇو ته جيڪر سموريون جماعتون گڏجي به هاڻوڪي مهم جوئيء ۾حڪومت ڪيرائڻ ۾ ڪامياب نٿيون ٿين ته ان بعد وٽن باقي ڪهڙو آپشن رهجي ويندو؟ ۽ ڇا ٻيهر اهڙي مهم جوئي ممڪن ٿي سگھندي؟جيڪر مسئلو نظام جو سڌارو آهي ته اهو ڪنهن وڏي مهم جوئي يا سياسي ڏڦير جي بنياد تي ممڪن ڪونهي.ان لاءحڪومت توڙي مخالف ڌر کي سياسي سڌارن طرف ڌيان ڏيڻو پوندو ڇو ته سڌارن ۽ انهن تي عمل ڪرڻ سواء ڪوبه سياسي ۽ جمهوري نظام الزامن کان آجو ٿي نه سگھندو ۽ نيٺ ڪنهن ٻي مهم جوئيء جي صورت ۾ وري اچي پٽ پوندو. هي جو روز روز چيو وڃي ٿو ته اسان جي رياستي ادارن  کي پنهنجي پنهنجي قانوني ۽ آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻ گھرجي،اهو خواب سياسي مهم جوئي، سياسي ڏڦير ۽ انتشار، حڪومت ڪيرايو مقابلن ۽ هڪ ٻئي جون ٽنگون ڇڪڻ سان ڪڏهن به تعبير ماڻي نه سگھندو البت دل کي وندرائڻ لاء اهو خيال سٺو آهي!

۔
(روزاني هلال پاڪستان)

Friday, November 22, 2019

وري ڪا اڏام کٽولي آئي ۽ اڏامي ويئي!



شفيق الرحمان شاڪر
وري ڪا اڏام کٽولي آئي ۽ اڏامي ويئي.پاڪستان نالي هڪ آزاد رياست  قائم ڪرڻ جي جدوجهد پويان اها سوچ شامل هئي ته هندستان جهڙي ملڪ ۾ جتي مالمان اقليت ۾ هئا انهن کي سماجي، قانوني ۽ معاشي انصاف برابريء جي بنيادن تي نه ملي سگھندو.انگريزن جي ملڪ ڇڏڻ جي صورت ۾ مسلمانن سان ٻئي نمبر شهريء وارو سلوڪ ٿيندو۽ کين آزاديء سان ترقي ڪرڻ جا موقعا نه ملي سگھندا ۽ اهو به ته کين انساني بنيادي حقن جي معاملي ۾ محروم رکيو ويندو.ان سوچ هيٺ پاڪستان ته ٺهي ويو پر ڇا ٿيو؟ ڇا سماجي،قانوني ۽ معاشي انصاف وارو خواب پورو ٿيو؟ڇا عوام لاء ڪو سکن جو سج اڀريو؟ ڇا قانون سمورن شهرين لاء هڪ جهڙو بڻجي ويو؟ڇا سمورين مجبورين، مصيبتن ۽ محرومين کان نجات ملي ويئي؟گذريل ٻاهتر سالن کان ملڪ ۾ جيڪو تماشو متل آهي انهيء مان ته اهو ئي ثابت ٿيو آهي ته غلاميء کان آزاديء طرف ان سفر ۾ عوام لاء ڪجهه به ناهي بدليو.اهو ئي طاقتور مافيائن جو راڄ،اها ئي اشراف طبقي جي ارهه زوري،اهو ئي قانون جو رڳو ڪمزور جي پير جي زنجير بنجڻ،اهي ئي بکون،بدحاليون،بيماريون ۽ بي روزگاريون،اهي ئي آزار،ايذاء ۽ اذيتون،اهائي جهالت جي ڪاري رات،اهو ئي ناانصافين ڀريو نظام،اها ئي معاشي اڻ برابرين جي پاليسي،اهو ئي ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا،اها ئي عوامي مال ۽ وسيلن جي چوري ۽ مٿان سينا زوري،اهي ئي غريب مار ۽ عوام آزار استحصالي پاليسيون،اهي ئي سنگدل،ظالم ۽ بي حس حڪومتون،ماڻهن جي اکين ۾ ڌوڙ وجھندڙ دوکي واري سياست،اها ئي جمهوريت جي ويس ۾ هڪ خاص طبقي جي سنگين فسطائيت،اهم حڪومتي ۽ رياستي مامرن تي عوام سان حڪمرانن جي ڪوڙ ڳالهائڻ جي عادت،عالمي استحصالي مالياتي ادارن جي وفاداريء ۾ انسانن جي معاشي نسل ڪشي،ملڪي ۽ عوامي خزاني کي هڙپ ڪندڙن جي اها ئي امامت،عزت ۽ اڳواڻي،اها ئي رهزنن جي رهبري،اها ئي سياسي مظلوميت جي پراڻي ڪهاڻي.انهن ٻاهتر سالن ۾ عوام جي قسمت بدلجڻ بدران سندن زندگيون وڌيڪ آزار ٿينديون رهيون آهن.غربت پنهنجون سڀ حدون پار ڪيون، مهنگائيء  ماڻهن کي پيڙهي ڇڏيو،عام مريض سرڪاري اسپتالن جي بدبودار بسترن تي مناسب علاج نه ملڻ سبب تڙپندي تڙپندي مرندا رهيا،ڳورهاريون عورتون رستن ۾ لڇي لڇي دم ڌڻيء حوالي ڪنديون رهيون ،معصوم ٻارڙا مناسب کاڌو نه ملڻ سبب زندهه لاش بڻجي ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويا.معمولي ڏوهن ۾ قيد غريب سالن تائين جيلن جي بي رحم فضائن ۾ سڙندا رهيا ۽ ڏاڍن کي غريب قوم جا اربين کربين ڦرڻ ۽ لٽڻ جي الزامن هيٺ آيل عدالتي سزائن باوجود شاهي پروٽوڪول ڏيئي پرڏيهه روانو ڪيو ويو.آباديء جو هڪ وڏو حصو ڪاري ڪامڻ ۾ ورتل،هڪڙي ٻئي حصي کي ايڊز جي موذي مرض ڪنهن ڪم جو نه ڇڏيو،لکن ۾ اهي جيڪي ٽي بي سان وڙهندي کٽون خالي ڪري ويا.باقي جيڪي رهيل تن تي ڊينگيء جا خطرناڪ ڦيرا،غريبن جي لاء زڪوات، ،بيت المال ۽ خيرات جا پئسا به اشرافيا جي عياشين ۾ لڳندا رهيا.ڳرن وياجن تي عوام جي نالي تي ورتل غير ملڪي قرضن جون قسطون وڏن پيٽن ۾ وڃڻ بعد ان جو پورائو مسڪينن جو گوشت پٽي ٿيندو رهيو.قومي نفعي بخش ادارا به هڪ هڪ ڪري پهرين برباد بعد ۾ ڀڳڙن مٺ تي نيلام ٿيندا رهيا. نانگن ۽ ڪتن جا ڏنگيل ماڻهو ويڪسين جي لاء رڙيون ڪندي مرندا رهيا پر حڪومتون توڙي رياست وڏي بي حسيء سان اهو سارو تماشو ڏندي رهي.سياست جو باغ آباد رهيو پر عوام مٿان آيل خزائن جو عذاب ٽري نه سگھيو.سياستدانن جا ڪاروبار جرڪندا رهيا پر عوام ٻن ويلن جي مانيء لاء نهاريندو رهيو.تقريرن،نعرن،دعوائن ۽ بيانن جو  سمنڊ موجون هڻندو رهيو پر ملڪ جي هڪ وڏي آبادي پيئڻ جي صاف پاڻيء کان محروم رهي.حڪمرانن جا محل مهڪندا رهيا پر غريبن جا چلها وسامي ويا.اصولن جا جنازا نڪتا،قدرن جو قتل ٿيو،قانون مذاق بڻجندو رهيو ڳالهه عوامي اقتدار ۽ آئين جي حڪمرانيء جي ٿيندي رهي.نعرن جا نغما ايترا وڄيا جو الحفيظ الاامان! ڪڏهن اسلامي نظام جو نعرو ته ڪڏهن عوامي بالادستيء جا اعلان،ڪڏهن ووٽ کي عزت ڏيو جو منشور ته ڪڏهن رياست مدينا قائم ڪرڻ جي دعويٰ.نام نهاه عوامي ۽ جمهوري حڪومتون هجن يا بندوق جي زور تي آيل مهربان،سڀني عوام سان ڪا گھٽ جٺ نه ڪئي.ڇا انصاف جو نظام درست ٿيو؟ ڇا پوليس سڌري ويئي؟ ڇا سرڪاري دفترن ۾ ڪو سڌارو آيو،ڇا ماڻهن جي مصيبتن ۾ ڪا ڪمي آئي؟
الميو ته اهو آهي جو عوام جو هتي ڪجهه به پنهنجو ناهي.نه حڪومت ۽ نه ئي وري حڪمران پنهنجا.نه سياست پنهنجي ۽ نه ئي معيشت پنهنجي.جڏهن ملڪ جي نصيب ۾ اهڙا حڪمران هجن جن جا سڀ لڳ لاڳاپا ملڪ کان ٻاهر،سندن جائيدادون ۽ ڪاروبار ٻاهر،سندن اولاد ۽ اقارب ٻاهر ته پوء انهن کي هن ملڪ ۽ هتان جي عوام جو درد ڇو ٿئي؟ اهي ٻاهرين اڏام کٽولين ذريعي اسان تي عذاب بڻجي ڪڙڪن ٿا ۽ مصيبتن جا موتي ورهائي انهن ئي اڏام کٽولين ذريعي واپس ٻاهر هليا وڃن ٿا.انهن کي ٻاهريون اڏام کٽوليون کڻي اچن ٿيون ۽ کڻي وڃن ٿيون.اسان پنهن جن جن دوستن کان امدادون ۽ قرض لاڳيتو پنندا ٿا اچون انهن جي اڏام کٽولين جي اسان جي سياست ۾ بنيادي اهميت آهي بلڪه اسان جي سموري سياست ئي اهڙين اڏام کٽولين جي آسپاس گھمندي ٿي اچي.جن به لاڏلن لاء اهي اڏام کٽوليون اڏامن ٿيون انهن جو تعلق ڪنهن عام مخلوق سان نه پر شاهي خاندانن سان هوندو آهي.انهن لاء اهي اڏام کٽوليون اڏامنديون ئي رهنديون توڙي اهي سزا کاڌل ڏوهاري يا وري اشتهاري ڀاڳيلا ئي ڇو نه هجن ڇو جو اسان پنهنجي ڀاڳ کي اها ڪاراڻ پاڻ ملي آهي ،سڀ ڪجهه ڄاڻندي به اڻ ڄاڻ ۽ سڀ ڪجهه سمجھي به بي سمجهه بڻيا آهيون..عوام پنهنجن انهن محبوب اڳواڻن کي اڏام کٽولين ۾ وهاريندي ۽ لاهيندي نعرن جو نذرانو پيش ڪندو رهندو.
(روزاني عوامي آواز 20 نومبر 2019ع)

Thursday, November 21, 2019

خان صاحب لاء وقتي ٽري ويل بحران ۽ ٽماٽا!



شفيق الرحمان شاڪر
گذريل هڪ هفتي کان اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف جي صحت ۽ سندس لنڊن روانگيء جي حوالي سان جيڪو معمو موجود هو اهو منجھيل سٽ نيٺ  سلجھي چڪو آهي.ميان صاحب جي خاندان وارا توڙي سندس جماعت جا ٻيا اڳواڻ لاڳيتو اهو چئي رهيا هئا  ته ميان صاحب جي طبيعت نهايت ئي خراب ۽ ڳڻتيء جوڳي آهي جيڪا واقعي آهي ته پوء سمجهه ۾ اهو نٿو اچي ته حڪومت ته ان معاملي تي جيڪا سياست ڪري رهي هئي سا ڪري رهي هئي پر ميان صاحب جي جماعت پاڻ انهيء نازڪ مسئلي تي آخر سياست ڇو ڪري رهي هئي؟چوندا آهن ته سياست وڏي بي رحم شيء آهي ۽ ان جي سيني ۾ دل ناهي هوندي.اها چوڻي عملي شڪل ۾ ڏسڻي هجي ته انهيء وقت ان معاملي تي  ڏسڻ ۾ آئي.هڪ طرف هڪ مريض نهايت ئي سنجيده صورتحال جو شڪار ۽ کيس ترت علاج جي ضرورت جيڪو علاج ڊاڪٽرن،حڪومت ۽ سندس جماعت جي چوڻ موجب پاڪستان ۾ ممڪن ناهي جنهن ڪري ميان صاحب کي جيترو جلد ٿي سگھي ٻاهر موڪلڻ ضروري آهي.ٻئي طرف هڪ اينميڊٽي بانڊ اهڙي ته تڪرار جو سبب بڻيو جو جنهن تي وڙهڻ وقت ٻئي ڌريون شايد اهو به وساري ويٺيون ته ”انساني همدردي“ جتي هڪ طرف حڪومت  کان ڪنهن به قسم جون رڪاوٽون نه وجھڻ جي تقاضا ڪري ٿي ته ٻئي طرف مريض جي گھڻگھرن کان به تقاضا ڪري ٿي ته اهي به ان نازڪ وقت تي ڪنهن اجائي ضد جو مظاهرو نه ڪن  هاپر ڳالهه ايتري سادي ناهي.هڪ اهڙي راند جنهن ۾ سڀني پتلين جي ڏوري ڪنهن ٻئي هنڌان ڇڪبي هجي  اتي ڪنهن اتفاقي شيء جو واقعي ۾ بدلجڻ ۽ ان واقعي جو بحران ۾ بدلجڻ ۽ ان بحران جي نتيجي ۾ ڪنهن رد عمل جو پيدا ٿيڻ ۽ ان ردعمل جي نتيجي ۾ ڪنهنجي اقتدار جي ڪرسي لڏڻ ۽ بعد ۾ اونڌي ٿيڻ هڪ معمول جي ڳالهه هوندي آهي.جڏهن کيڏندڙن کي هر ڀيري پنهنجي پسند جون سياسي پتليون آسانيء سان دستياب ٿينديون هجن ۽ جيڪي سندن ئي طيء ڪيل رولز  آف گيم مطابق نچڻ ۽ ٽپڻ لاء هر وقت آتيون هجن ته اهڙي ملڪ ۾ جمهوريت، آئين،عوام ۽ انساني همدردي جا لفظ سواء مذاق جي ٻيو ڪجهه به ناهن هوندا.هن وقت مخالف ڌر جي سياست پنهنجي جڳهه تي پر حڪومت توڙي سندس اتحادين مان گھڻن جي زبان تي جيڪي ” همدرداڻيون” صلاحون سامهون آيون انهيء مان هاڻي اهو اندازو لڳائڻ مشڪل ناهي رهيو ته ڌرڻي کان وٺي ميان صاحب جي بيماريء تائين،چوڌري برادران جي بيانن کان ايم ڪيو ايمي ميمبرن جي مطالبن تائين ،سڀ ڪجهه ڪو اتفاقي معاملو ناهي.وڏي چوڌري صاحب ته ايستائين به خان صاحب کي مشورو  ڏيئي ڇڏيو ته” عمران خان پنهنجو پاڻ تي اها ڪاراڻ نه ملي.“ ظاهر آهي ته اهو چوڌري صاحب جو مشورو نه پر ڪن ٻين جي ”هدايت“ هئي جيڪا چوڌري ڀائرن سان گڏوگڏ حڪومت ۾ ويٺل گھڻن سندن پنهنجن ئي وزيرن ۽ مشيرن توڙي سندن اتحادين جي دلين ۾ انساني همدرديء جو طوفان برپا ٿيڻ جو سبب بڻي .حڪومت  توڙي شريف خاندان لاء ان معاملي ۾ ڪا اصولن جي جنگ نه پر سياسي جنگ هئي جيڪا ٻنهي ڌرين مان ڪنهن به هارائڻ نٿي گھري.پاڪستان ۾ لاشن تي سياست ڪا نئين رسم ناهي پر هاڻي بدقسمتيء سان بيماريء تي به سياست ٿيڻ جو رواج پئجي ويو آهي.عمران خان نوازشريف مان هٿ به ڪڍڻ گھريا ٿي پر ساڳئي وقت ماضيء ۾ پنهنجن ”اصولي“ بيانن ته ”ڪنهن به ڏوهاريء سان ڪابه رعايت نه ڪئي ويندي“ جو به ڪجهه عوامي ڀرم رکڻ گھريو ٿي ته جيئن ميان نواز شريف کي ايڏي وڏي رعايت ڏيڻ باوجود به ملڪ ۾ سندس واهواهه ٿي وڃي ته ڏسو! خان صاحب نيٺ ميان صاحب کان پئسا وصول ڪري پوء کيس ملڪ کان ٻاهر وڃڻ ڏنو.توڙي جو پئسن وغيره جي وصولي ته ٿيڻي ئي نه هئي رڳو ڪاغذ جو هڪڙو ٽڪرو صحيح ڪرائڻو هو جنهن جي ڪابه اهميت نه هئي جنهن کي اينمڊٽي  بانڊ جو نالو ڏنو پئي ويو.خير،خدا ڀلو ڪري عدالت جو جنهن عمران خان جو اهو بار به هلڪو ڪري ڇڏيو ۽ نيٺ ميان صاحب جي درخواست تي کيس بنان ڪنهن  بانڊ ڀرڻ جي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي.۽ ”رڇ ۽ ڪمبل وارو معاملو” خير خوبيء سان حل ٿي ويو.حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته شريف فيمليء لاء مهيا ڪيل پهرين حڪومتي ”قانوني آفر“ جنهن کي گھڻا ماهر قانوندان ”غير قانوني“ قرار ڏيئي چڪا هئا سا وڌيڪ سستي ۽ سولي هئي انهيء پيڪيج کان جيڪو عدالت سڳوريء کين عطا ڪيو آهي.پر چوندا آهن ته ”پنهنجي وڍئي جو نڪو ويڄ نه ڪو طبيب“ سو خبر ناهي ميان صاحب جي ”داناء“ دوستن عدالت وڃي کيس وڌيڪ سوگھو ڪرائي ڇڏيو.ان سموري سياسي راند ۾ ڪنهن کٽيو ۽ ڪنهن هارايو سو ته ايندڙ وقت ئي ٻڌائيندو پر ٻن پاڪستانن واري ديس ۾ نظريه ضرورت جي ماء سدائين زندهه رهي ٿي.گھڻن تجزيي نگارن جي خيال ۾ مولانا واري ڌرڻي جي پوين پساهن ۽ ميان صاحب  جي پرامن نموني پرڏيهه اڏام عمران حڪومت کي آڪسيجن مهيا ڪري ڇڏي آهي ۽ هاڻي حڪومت جي لاء في الحال ڪو وڏو چيلينج نظر نٿو اچي.ڪجهه تجزيي نگار ته ان کان اڳتي وڌي اهو به چئي رهيا آهن ته ميان صاحب جي سياست جو باب سندس پرڏيهه اسهڻ سان ئي بند ٿي ويندو.شايد اها سندن خواهش هجي جنهن کي هو تجزيي جو نالو ڏيئي رهيا آهن نه ته جنهن ملڪ جي سياست ۾ وک وک تي پنهنجن ئي جوڙيل اصولن جو جنازو نڪرندو هجي اتي ڪابه سياسي اڳڪٿي ڪرڻ آسان نه هوندي آهي.شايد اسان جي ملڪ ۾ جمهور جا اهي ئي اڪيلا ۽ اصل مسئلا رهجي ويا آهن جن تي ميڊيا کان وٺي عدليا ۽ اقتداري ايوانن کان چوڪن ۽ چوراهن تي بحث جاري آهي ۽ خبر ناهي اڃا به ڪيسين جاري رهندو،قوم کي ڪيستائين ڪنهن خاص مخلوق جي پيليٽليٽس جو بار بار وڌندڙ ۽ ڪرندڙ انگ طوطي جيان ياد رکڻو پوندو،”ڊيل،ڍيل،مفاهمت يا اين آر او“ جي لفظن جي تسبيح پڙهڻي پوندي،ايئر ايمبولنس ڪٿان ايندي ۽ ڪيڏانهن ويندي،انهيء ۾ ڪير ڪير چڙهندو ۽ انهيء مان ڪير ڪير لهندو.ڪي داد ڏيئي رهيا هوندا ته شير کٽي ويو ته ڪن کي حڪومت جي حمايت ۾ هنبوڇيون هڻڻيون پونديون.عوام جا حقيقي مسئلا ۽ مامرا اهي ئي آهن.باقي ٽماٽا سترهن روپيا ڪلو ملن يا ٽي سو روپيا ڪلو ،اهو مسئلو نه ته عوام،نه سياستدانن ۽ نه ئي حڪومت جو آهي.اصل ۾ اهو مسئلو شير شاهه سوريء جو آهي،اهو ايندو ۽ اچي حل ڪندو!
سوال اهو ته ڇا عمران خان حڪومت جي لاء بحران واقعي ٽري ويو آهي؟ جنهنجو جواب حڪومت خاص طور تي عمران خان لاء ڪو اميد افزا ناهي.ايندڙ ڏينهن ۾ عمران خان تي سياسي دٻاء وڌڻ جو امڪان آهي.ملڪ ۾ گردش ڪندڙ سازشي ٿيوريز پنهنجي جڳهه تي پر حقيقت اها آهي ته خان صاحب خلاف ڪا نه ڪا کچڻي پچي ضرور رهي آهي.خان صاحب کي هيستائين مفاهمت جي نالي تي  سياسي سڪا ورهائيندي  هاڻي پنهنجي جھولي خالي محسوس ٿيندي ٿي محسوس ٿئي جڏهن ته اصل صلاحون ڏيندڙ وٽانئس وڌيڪ ”لچڪ“ جا طلبگار آهن پر لڳي ٿو ته هاڻي خان صاحب به ان روز روز جي سياسي آپگھات کان تنگ اچي چڪو آهي ان ڪري بهرحال پاڪستاني سياست ۾ تبديلين جي لحاظ کان نئون سال تمام اهم ثابت ٿي سگھي ٿو ۽ اهڙي تبديليء لاء ماحول جهڙيء طرح تيار ڪيو پيو وڃي اهو سمجھڻ وارا آسانيء سان سمجھي سگھن ٿا!


(روزاني عوامي آواز 20 نومبر 2019ع)

Saturday, November 16, 2019

ڌرڻو؛ هڪڙن جي چهنب ته ٻين جو پڇ غائب!




شفيق الرحمان شاڪر
اسلام آباد ۾ جي يو آئي جو ڌرڻو نيٺ ختم ٿي چڪو آهي.جي يو آئي جو ڌرڻو ڇو ٿيو؟گذريل ٻن هفتن کان اهو سوال پوري ملڪ جي چوڪن ۽ چوراهن جو موضوع رهيو تنهن هوندي به ڌرڻي جو انجام ان کان به وڏو سوال آهي.جي يو آئي جي ڪور ٽيم جو موقف آهي ته ڌرڻو ۽ مطالبا جي يو آئي نهايت سوچي سمجھي ڪيا آهن.اهي اسان جي سياسي تشخص لاء تمام ضروري هئا پر جڏهن معاملو اي پي سي ۾ آيو ته جي يو آئي جا مقصد هائي جيڪ ٿي ويا.فيصلن جو اختيار رهبر ڪميٽيء وٽ هليو ويو.ڌرڻو ته ان ڏينهن ئي پنهنجي مقصد کان هٽي ويو هو جڏهن سمورا معاملا رهبر ڪميٽيء سنڀالي ورتا ان ڪري جي يو آئي جي ديني مزاج رکندڙ ڪارڪنن جو ڌرڻو سياسي مطالبن تي ٻڌل چارٽر آف ڊيمانڊ سبب سياسي ڪارڊ جي کجور تي ٽنگجي ويو ۽ جي يو آئي کي جواب ڏيڻو پوندو ته اصل مقصد ڇو بدلايو ويو؟۽ آزادي مارچ جي لاء ماڻهن کي هڪ وڏي مقصد کي حاصل ڪرڻ جي نالي تي منظم ڪري اسلام آباد آڻڻ جو مقصد ڇا هو؟ڪشمير،بي روزگاري،مهنگائي جي معاملن کان انڪار ممڪن ڪونهي،اهي سڀ پنهنجي جڳهه تي آx هن پر حڪومت هن وقت ٻين ٽن اهن محاذن تي گھيريل آهي.پهريون محاذ واپارين اڀو ڪيو ،ٻيو ٻيوروڪريسي ۽ ٽيون محاذ جي يو آئي جو ڌرڻو هو. واپاري تنظيمن جا ايف بي آر ۽ نيب تي تحفظات آهن ۽ بيوروڪريسي نيب خلاف متحد ٿي چڪي آهي.ٽئين محاذ ڌرڻي جي انجام حڪومت کي  ڪجهه  سک جو ساه کڻڻ جو موقعو ڏنو آهي. حقيقت اها آهي ته حڪومت گھريو ٿي ته معاملو عدليه ۽ پنڊيء وارن جي حوالي ڪري ڇڏيو وڃي پر حڪومت پنهنجو فيصلو نه مڃائي سگھي ايئن حڪومت کي گھاٽو گھاء  ته لڳو تنهن هوندي به في الحال ڇانوسندن ساٿ نه ڇڏيو پر جيڪر حڪومت روش نه بدلائي ته ايندڙ ڏينهن ۾ پيدا ٿيندڙ مسئلا حڪومت جي گھر وڃڻ جو سبب به بڻجي سگھن ٿا..ڳالهه اتان کان به اڳتي جي آهي ته حڪومت ۽ اپوزيشن جو ملاکڙو جيڪر جاري رهيو ته نظام ئي هيڏانهن هوڏانهن ٿي سگھي ٿو.اسان وٽ ٻه منظر آهن ڌرڻي کان اڳ جو ۽ ڌرڻي کان بعد وارو.ٻنهي جا الڳ الڳ مقصد هئا.ان پس منظر ۾ ڌرڻي جو جائزو وٺڻ لاء جي يو آئي جي حدفن،انهن لاء اختيار ڪيل حڪمت عملي جو تجزيو ضروري آهي.عام چونڊن کان اڳ مولانا فضل الرحمان کي تحريڪ انصاف جي ليڊرشپ جي باري ۾ هٿ هلڪو رکڻ جي صلاح ڏني ويئي هئي،ڳالهه نه مڃي ويئي ته پارليامينٽ مولانا کان کسجي ويئي.رد عمل ۾ مولانا جارحاڻو سياسي رويو اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.مرڪز ۾ تحريڪ انصاف وٽ سادي اڪثريت نه هئي،حڪومت جوڙڻ لاء کيس اتحادي جماعتن جي ضرورت هئي.ان وقت مولانا مسلم ليگ نون ۽ پيپلز پارٽيء کي اسيمبلين ۾ نه وڃڻ جي صلاح ڏني پر مولانا جي اها تجويز رد ٿي ويئي.جنهن بعد جي يو آئي آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائي حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ جي تجويز ڏني.اصل ۾ مولانا هر قيمت تي تحريڪ انصاف جي حڪومت خلاف اپوزيشن کي سرگرم رکڻ گھريو ٿي.ان دوران متحده مجلس عمل به ختم ٿي ويئي ته جي يو آئي اپوزيشن جماعتن سان گڏجي هڪ نئين حڪمت عملي بنائڻ شروع ڪئي ۽ فيصلو اهو ٿيو ته اڪيلي اڏام بدران ٻين جماعتن سان گڏجي حڪومت تي دٻاء وجھجي پر پنهنجي انفرادي سڃاڻپ به برقرار رکي وڃي.جي يو آئي ملين مارچ جي نالي سان پنهنجي عوامي مهم جاري رکي.حڪومت کي سال پورو ٿيو ته آل پارٽيز ڪانفرنس جي پليٽ فارم تان سينيٽ چيئرمين خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ پيش ڪئي ويئي.ان تحريڪ جي ناڪاميء جو ذميدار اپوزيشن جون مختلف جماعتون هڪٻئي کي قرار ڏينديون رهيون.ان بعد به مولانا همت نه هاريندي 27 آڪٽوبر تي حڪومت خلاف آزادي مارچ جو اعلان ڪيو. مسلم ليگ نون ۽ پيپلز پارٽي ظاهر ۾ ان مارچ ۽ ڌرڻي جي حوالي سان مونجھارن جو شڪار رهيون پر جڏهن مولانا آزادي مارچ وٺي اسلام آباد پهتو ته انهن جماعتن جا اڳواڻ جلسي کي خطاب ڪرڻ پهچي ويا.ان جي نتيجي ۾ حڪومت سخت دٻاء جو شڪار ٿي ۽ ان جي نتيجي ۾ ئي مسلم ليگ نون کي سياسي رليف مليو.جلسي دوران حڪومت سامهون پنهنجا چار مطالبا پيش ڪيا جن ۾ پهريون مطالبو وزير اعظم جي استعيفا جو هو.طيء ڪيل پلان مطابق اپوزيشن جماعتن جي رهبر ڪميٽيء پڻ مولانا جي انهن مطالبن جي حمايت ڪري ڇڏي.حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ ڳالهيون به شروع ٿيون پر ڪابه اڳڀرائي نه ٿي سگھي.جنهن بعد حڪومتي اتحادين چوڌري شجاعت ۽ چوڌري پرويز الاهي مولانا سان ڳالهه ٻولهه شروع ڪئي جنهن مان ڪجهه برف پگھرجڻ جو اشارو مليو.حڪومت جيڪا اڳ ۾ ڌرڻي کي ڪا اهميت نه ڏيئي رهي هئي پهريون ڀيرو عمران خان دٻاء  هيٺ آيو.وزير اعظم عمران خان جي ذهن ۾ اها سوچ گھر ڪري چڪي آهي ته سندس سياست رڳو ان صورت ۾ زنده رهي سگھي ٿي ته ماضيء جي حڪمران جماعتن کي ڪرپٽ چوندو رهي ۽ اپوزيشن کي ڀت سان لڳائي رکجي.کيس ان ڳالهه جي پرواهه ناهي ته انهن جماعتن ۾ رهندڙ ڪرپشن سان ڀريل ماڻهو تحريڪ انصاف ۾ ڪيئن ڀرتي ٿي ويا؟وزير اعظم طور هن کي پارليامينٽ آڏو جواب ڏيڻو آهي.سفارتي محاذ ۽ حڪومتي مامرن جي باريڪ بينين کي سمجھڻ ڪيترو ضروري آهي پر هو انهن شين کي اهميت ڏيڻ بدران ٽڪراء طرف وڌي رهيو آهي.تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ عوام ته پريشان آهي ئي پر واپارين بعد هاڻي بيوروڪريسي به کلي ڪري سامهون اچي ويئي آهي.اسان جي ملڪي تاريخ ۾ وڏين وڏين سياسي جماعتن جون حڪومتون به چپٽي وڄائيندي ختم ٿيندي ڏٺيون وييون آهن.اهي سياسي سچائيون آهن پر شايد عمران خان لڪيل قوتن جي آشيرواد آسري انهن سچائين کي قبول ڪرڻ لاء اڃا تائين تيار ناهي.سندس حڪومت ته بيٺل ئي ڪجهه ووٽن تي آهي.جي يو آئي جي ڌرڻي جي اصل مقصد  ئي اهو هوته حڪومت تي سخت ضرب لڳائي بنياد ڪمزور ڪيو وڃي.جي يو آئي ۽ اپوزيشن جماعتون آزادي مارچ کان ڌرڻي تائين گھڻو ڪجهه حاصل ڪري چڪيون آهن.انهن جي هڪ وڏي ڪاميابي اها آهي جو هنن پنهنجا سمورا سياسي ڪارڊ لڪائي رکيا آهن.مولانا جلسي ۾ ادارن کي مخاطب ٿيندي غير جانبدار رهڻ جي جيڪا گھر ڪئي هئي ان جو نشانو خطا ناهي ٿيو.کيس چيو ويو ته هو اليڪشن ۾ مبينا ڌانڌلين خلاف اليڪشن ڪميشن جو در کڙڪائي پر مولانا جو جواب اهو آهي ته اليڪشن ڪميشن ته تحريڪ انصاف جي فارين فنڊنگ واري ڪيس جو به فيصلو ناهي ڪري سگھيو.ايندڙ ڏينهن تي اليڪشن ڪميشن به سرگرم ٿيو۽ حڪومتي پارٽيء کي پيش ٿيڻ جو نوٽيس جاري ڪيو ويو.ظاهر ۾ حڪومت ڳالهه ٻولهه جاري رکڻ ۾ ڪابه دلچسپي نه ورتي ۽ انهن جي وزيرن ۽ مشيرن جا بيان باهه تي تيل هارڻ جو ڪم ڪندارهيا.
اها ڳالهه ته مڃڻي پوندي ته ايڏي وڏي ڌرڻي جي باوجود سياست ۾ انگن اکرن جي نه پر زميني حقيقتن جي حيثيت هوندي آهي.زميني حقيقتون اهي آهن ته ڌرڻي مان جي يو آئي جي ڀيٽ ۾ پيپلز پارٽي ۽ نون ليگ وڌيڪ مستفيد ٿينديون.انهيء ڌرڻي جي پهرئين مرحلي جي پڄاڻيء جو اعلان مولانا فضل الرحمان پاڻ ان يقين سان ڪري چڪو آهي ته تحريڪ جي ٻئي مرحلي ۾ روڊ رستا بند ڪري عمران ّان کي استعيفا لاء مجبور ڪيو ويندو. جڏهن معاملو پرامن احتجاج کان وڌي روڊ رستا بند ڪرڻ تي اچي وڃي ته ڇا رياست چپ چاپ اهو تماشو ڏسي سگھي ٿي ؟ اهو هڪ اهم سوال آهي.حتمي انجام ڇا به ٿئي پر ان سان حڪومت توڙي مخالف ڌر جون سموريون ڪمزوريون کلي ڪري سامهون اچي چڪيون آهن.نتيجي ۾ هڪڙن جي چهنب جڏهن ته ٻين جو پڇ غائب آهي.


(روزاني هلال پاڪستان 16 نومبر 2019ع)

Friday, November 15, 2019

مزاحمت جي بوتل مان نڪتل مفاهمت جو جنّ!



شفيق الرحمان شاڪر
”سخت بيمار“ ميان نواز شريف اسپتال کان گھر ۽ گھر کان لنڊن روانو ٿيڻ وارو آهي.آڪاش جي اک ليليٰ ۽ مجنون جو ميلاپ ته نه ڏسي سگھي پر قومي سياسي بحران جي ڇٽيء هيٺ شريف خاندان ۽ ڊيل يا ڍر جي ليلا هڪ ٻئي سان ڀاڪر پائيندي وري به ڏسي رهي آهي.ڪنهن غريب هڪ دست شناس کي پنهنجو هٿ ڏيکاريو ته دست شناس چيو ته تنهنجا ٻارهن سال غربت ۾ گذرندا.غريب ماڻهوء وڏي اميد سان پڇيو ته ان کان پوء؟ دست شناس جواب ڏنو ته ان کان پوء توکي غربت جي عادت پئجي ويندي.سال 2000ع ۾ شريف خاندان جڏهن ڪنهن دست شناس کي هٿ ڏيکاريو ته هن ٻڌايو هو ته اوهان جا ست سال ڍر يا ڊيل ۾ گذرندا.شريف خاندان وڏي شوق سان پڇيو هو ته ان کان پوء؟ دست شناس جواب ڏنو ته پوء اوهان کي ڍر يا ڊيل جي عادت پئجي ويندي.ڊيل يا ڍر شريف خاندان جي ”سياسي سڃاڻپ “ آهي پر شريفن جا ”صحافتي مجاهد“ ميان صاحبن سان اهڙي ته ”عظمت “ جا داستان ڳنڍين ٿا جو انسان ميان صاحب جي صحافتي مجاهدن جي نڪ جي ڏاڍائيء تي حيران رهجيو وڃي.ان سلسلي ۾ ڪجهه مثال پيش ڪجن ٿا. هڪڙو دانشور صحافي لکي ٿو؛     ” نواز شريف ڪو اڪيلو فرد نه پر هڪ سڃاڻپ جو نالو آهي.مزاحمت جي نشاني.اهي ئي ماڻهو هوندا آهن جن کي ڪو واقعو،ڪو مستانو نعرو فرد مان سڃاڻپ بڻائي ڇڏيندو آهي.تاريخ جي ڪنهن موڙ تي اهي جرئتمنديء جو مظاهرو ڪندا آهن...پوء تاريخ انهن کي پنهن جي ڀاڪر ۾ وٺي ڇڏيندي آهي.سڃاڻپ بڻجڻ ڪو آسان ڪم ناهي ان جي هڪ قيمت آهي جيڪا ادا ڪرڻي پوي ٿي.اهو اعزاز ملي ٿو ته ڪڏهن اقتدار جي قربانيء سان ته ڪڏهن جان جي بدلي.“
هڪ ٻيو صحافي پنهنجي ڪالم ۾ ساراهه جا ڍڪ ڀريندي لکي ٿو؛ ” بڌو آهي ته پيء ۽ ڌيء کي ٻاهرئين ملڪ وڃڻ جي آڇ موجود آهي پر اڄ به سندن چپن تي اهو ئي انڪار آهي جيڪو پهرين هو جو هاڻي هنن وٽ وڃائڻ لاء ڪجهه به ناهي.اهي پنهنجي چاليهه سالا سياسي ڪيريئر ۾ ڏک ۽ سک جا سمورا سواد چکي چڪا آهن.“
هاڻي اچو ته ڏسون ته ”مزاحمت جي علامت“ سان واڳيل ميان نواز شريف بلڪه سندس پوري ڪٽنب جي اصل حقيقت ڇا آهي؟مولانا فضل الرحمان جو آزادي مارچ شروع ٿيو ته مشهو صحافي ڪامران خان لکيو؛ ”جمعيت علماء اسلام جو آزادي مارچ لاهور کان نڪري اسلام آباد طرف جاري آهي.دلچسپ ڳالهه اها جو آزادي مارچ جي ڪنٽينر تي نواز شريف،آصف زرداري،اسفند يار ولي،محمود اچڪزئي ۽ مير حاصل بزنجو جون تصويرون ته لڳل آهن پر مسلم ليگ نون ۽ پيپلز پارٽي سوڌو اپوزيشن جماعتون هن مارچ ۾ پري پري تائين نظر نٿيون اچن،اهي ان جو عملي حصو ناهن...لاهور ۾ مولانا جي خواهش هئي ته هو سوروسز اسپتال وڃي ميان نواز شريف سان ملاقات ڪري پر... لڳي ٿو ته نواز شريف ڪنهن سبب هن وقت ڪنهن به قسم جي سياسي سرگرميء جو حصو بنجڻ نٿو گھري.“
اها آهي ميان صاحب جي ”مزاحمتي سياست“ جي هڪ جھلڪ.ميان صحب پنهنجو پاڻ کي ان مزاحمتي مارچ يا ڌرڻي کان ڇو الڳ رکيو ان جو جواب شريف خاندان سان ويجھو تعلق رکندڙ صحافي مجيب الرحمان شامي جي ڳالهين مان ملي سگھي ٿو.شامي صاحب مطابق؛”ٻنهي وڏين سياسي جماعتن ان سياسي صورتحال مان فائدو کنيو جيڪا مولانا فضل الرحمان پيدا ڪئي.انهن ٻنهي جماعتن اهو پيغام ڏنو ته اهي ان مارچ ۾ شامل ناهن.طاقتور حلقن تائين انهن جماعتن جو پيغام پهچي ويو،انهن جي ان احسان کي اتي محسوس ڪيو ويو هوندو ۽ اهو نوٽ ڪيو ويو هوندو ۽ اهو انهن جماعتن جي ڪم ايندو.“
گھڻن ماڻهن جو خيال آهي ته ميان نواز شريف ۽ ميان شهباز شريف ٻه الڳ شخصيتون ۽ سندن الڳ سوچون آهن پر حقيقت ۾ اهي ٻئي ڀائر هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن.جتي شريف خاندان کي مزاحمتي،انقلابي،اصولي ۽ نظرياتي بنجڻو هوندو آهي ميان نواز شريف سامهون ايندو آهي پر جڏهن اهي سمورا رستا بند ٿي ويندا آهن ته پوء مفاهمت جو جھنڊو هٿ ۾ کڻي ميان شهباز شريف اڳيان وڌندو آهي.اهڙيء طرح شريف خاندان هڪ ئي وقت مزاحمت ۽ مفاهمت واري سياست ذريعي هر حال ۾ پنهنجي مفادن جو تحفظ ڪندو رهندو آهي.هن وقت ميان نواز شريف جي ٻن ڪيسن ۾ ضمانت ٿي چڪي آهي ۽ مريم نواز جي به هڪڙي ڪيس ۾ ضمانت ٿي چڪي آهي.ان جو مطلب ته شريفن جي ملڪ مان فرار جون سموريون تياريون مڪمل ٿي چڪيون آهن.ڊيل يا ڍر جو ثبوت اهو آهي جو مريم نواز ”ميرٽ“ تي آزاد ٿيڻ باوجود سياسي معاملن تي چپ آهي ۽ هڪ ڀيرو به ڌرڻي ۾ وڃي ٻه لفظ ڳالهائڻ لاء به تيار ناهي.
مولانا اسلام آباد ۾ مزاحمت جو تاج محل تعمير ڪرڻ آيو هو پر هڪ هفتي اندر رڳو مزاحمت جي جھڳي اڏي سگھيو آهي،بد قسمتيء سان نواز ليگ مولانا کي چيو ڪجهه ۽ ڪيو ڪجهه ٻيو.پر سوال اهو آهي ته مولانا جهڙي ڏاهي سياستدان شريفن تي ڀروسو ڪيئن ڪيو؟انهيء ۾ شڪ ناهي ته مولانا هڪ وڏو ميڙ گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي جنهن مان وري ثابت ٿي ويو آهي ته نواز ليگ، پي پي پي ۽ تحريڪ انصاف رڳو ڪاغذي شينهن جون جماعتون آهن.منظم ۽ جان نثار ڪارڪن صرف مذهبي جماعتن وٽ آهن.مولانا جي مارچ سان پيدا ٿيندڙ بحران ۾ چوڌري برادرز به سرگرم آهن ۽ مذاڪراتي ڪميٽين وچ ۾ ڳالهين جا بي نتيجا ڪيترائي دور ٿي چڪا آهن.ان صورتحال مولانا توڙي حڪومت کي هڪ هنڌ ڄمائي ڇڏيو آهي.مولانا خالي هٿين موٽيو ته سندس سياسي ساک تباهه ٿي ويندي ۽ جيڪر حڪومت مولانا جي مطالبن سامهون سر ٿي جھڪائي ته حڪومت ئي نه رهندي.اڃا تائين ته مولانا چئي رهيو آهي ته هو ٽڪراء نٿو چاهي پر اسلام آباد جون فضائون ڪنهن سخت ٽڪراء جي بوء سونگھي رهيون آهن.مولانا جي پٺ تي ڪير آهي ان سوال جو جواب اڃا نٿو ملي.ٻيو اهم سوال اهو آهي ته انهيء ڌرڻي جو اصل نشانو ڪير آهي؟ ڏٺو وڃي ته مولانا جي ڌرڻي جي حوالي سان عمران خان حڪومت هڪ دفعو وري نا اهل ثابت ٿي آهي ۽ هن ڌرڻي کي منهن ڏيڻ جي سموري اميد اسٽيبلشمينٽ سان لڳائي رکي آهي.جيڪر سڀ ڪجهه اسٽيبلشمينٽ کي ئي ڪرڻو آهي ته پوء هاڻوڪي سياسي حڪومت جي ڪهڙي حيثيت رهجي وڃي ٿي؟
مزاحمت ۽ مفاهمت جي ان سڄي تماشي ۾ ڪنهن ڪيترو ڪمايو ۽ وڃايو پر وڏو سچ اهو آهي ته عمران خان جو اخلاقي بينڪ اڪائونٽ في الحال زيرو بڻجي ويو آهي!
(روزاني عوامي آواز 12 نومبر 2019)

Monday, November 11, 2019

ڏاڍن جو ديس جتي روز نئون ناٽڪ آهي!



شفيق الرحمان شاڪر
اقتداري راند ۾ ٿيندڙ تازن تماشن تي پاڪستاني عوام جا وات پٽيل رهجي ويا آهن.تازو عدالتن پاران ميان نواز شريف ۽ مريم نواز کي مليل قانوني رليف تي چپ چوري نٿا سگھجن جو توهين عدالت جي تلوار مٿي تي لٽڪي رهي آهي.هڪ نيوز چينل تي تجزيي نگار انڪشاف ڪري رهيا هئا ته ميان صاحب بيمار ضرور آهي پر ايترو به نه جيترو ميڊيا ۾ پيش ڪيو ويو آهي.انهن جي چوڻ مطابق ميان صاحب جي صحت جي حوالي سان تيار ڪيل ان سڄي ڊرامي ۾ پنجاب حڪومت به شامل آهي.معاملو اهڙيء طرح ته عدالتن توڙي عمران خان سامهون پيش ڪيو ويو جو اهي نواز شريف مان هٿ ڪڍڻ تي مجبور ٿي ويا.انهن تجزيي نگارن جي خيال ۾ جيڪر ڪنهن مريض جا پليٽيليٽس ٻن هزارن تي پهچي وڃن ته سندس زندهه رهڻ جي ڪا گنجائش نٿي رهي.سندن مطلب اهو ٿيو ته پليٽليٽس جي حوالي سان جيڪي به رپورٽون منظر عام تي آنديون وييون اهو رڳو ناٽڪ هو ،اصل ۾ رليف حاصل ڪرڻ لاء ميان صاحب وٽ ٻيو ڪوبه قانوني رستو نه بچيو هو جنهن ڪري وڏي پلاننگ سان اهو سڀ ڪجهه ٿيو.هاڻي خير سان ميان صاحب ڪنهن وڏي اسپتال ڏانهن منهن ڪرڻ بدران پنهن جي مرضيء سان پنهنجي گھر منتقل ٿي چڪو آهي ۽ گڏوگڏ ڪيترائي سوال آهن جن جو جواب شايد ڪجهه ڏينهن ۾ سامهون اچي وڃي.سچ اهو آهي ته رياست ايتري لاچار آهي جو هن ملڪ ۾ ڏاڍن جو ڪو وار ونگو به ڪري نٿو سگھي البت خالي هٿين استادن،ڊاڪٽرن ۽ نرسن تي رياست لٺيون وسائي سگھي ٿي.ساڳئي ڏينهن جڏهن ميان صاحب ۽ مريم نواز پنهنجي گھر روانا ٿي رهيا هئا ته هڪ طرف ڪراچيء ۾ سنڌ حڪومت پروفيسرن ۽ ليڪچررن تي جڏهن ته ٻئي طرف پنجاب حڪومت نابين ۽ معذور ماڻهن تي لٺيون وسائي رهي هئي.اها آهي اسان جي نام نهاد جمهوريت جيڪا وک وک تي اگھاڙي ٿيندي رهي ٿي.اتي هڪڙو سوال بلاول ڀٽو زرداريء جي جمهوريت پسندي ،احتجاج ۽ اظهار راء جي آزاديء وارين دعوائن جي پت وائکي ڪري ٿو ته ٻئي طرف رياست جي ٻٽن روين ۽ معيارن جي به قلعي کولي ڇڏي ٿو ۽ اها سوچ وڌيڪ پختي ٿئي ٿي ته هي ملڪ رڳو چند طاقتور خاندانن جي جاگير آهي ۽ جمهور لاء سواء بک،بدحالي،بيمارين ۽ لٺين جھلڻ جي ڪجهه به ٻيو مقدر  ناهي.استاد جهڙي معزز پيشي سان لاڳاپيل عورت ليڪچرارز تي لٺيون وسائيندي نه ته سنڌ پوليس کي ڪا حيا ٿي ۽ نه ئي معذور.لاچار.انڌن ۽ گونگن تي تشدد ڪندي ڪو پنجاب پوليس کي ئي شرم آيو.هڪڙي يا چند طاقتور ماڻهن جي بيماريء تي ته پوري رياست جو سک ۽ چين ڦٽيو پوي پر سوين عام انسان جيڪي روزانو ڊينگي،ايڊز ۽ ٻين موذي مرضن جو شڪار ٿي موت جي منهن ۾ وڃي رهيا آهن انهن جو احساس نه حڪومتن کي آهي ۽ نه ئي رياست کي.هاڻوڪي سياسي اٿل پٿل مان هڪڙي ڳالهه ته وري ثابت ٿي چڪي آهي ته هن ملڪ ۾ ڪنهن به ڏاڍي جو احتساب ٿي نه ٿو سگھي.احتساب جو ڊرامو ضرور رچايو وڃي ٿو پر اهو سڀ ڪجهه به اقتداري راند جو حصو ٿئي ٿو.خان صاحب ڪجهه عرصو اڳ آمريڪا ۾ ويهي اهي ڦوڪون ڏنيون ته هو وطن واپس پهچندي ئي ميان نواز شريف کي جيل ۾ مهيا ڪيل اي سي ڪڍرائي ٻاهر ڦٽي ڪرائي ڇڏيندو.اي سي ته ڇا نڪرڻي هئي البت ميان صاحب وزير اعظم واري پروٽوڪول سان پنهنجي محل ۾ پهچي چڪو آهي.اڃا ته تماشو اڳتي آهي جو سمورا سياسي اڳواڻ جن کي ڪرپشن جي الزامن هيٺ جيلن ۾ واڙيو ويو آهي اهي هڪ هڪ ٿي بيمار ٿيندا ويندا ۽ ”انساني همدردي“ جي بنيادن تي گھر پهچندا ويندا.اهو سڀ ناٽڪ ٿيڻ بعد حڪومت جا انقلابي وزير ۽ مشير اهو  اعلان ڪندا ته ڏسو! انهن سمورن سياسي مخالفن جي جدوجهد جو مقصد رڳو ڊيل يا ڍر حاصل ڪرڻ هو.يعني جيڪي رعايت  حاصل ڪندا انهن تي هر قسم جي لعنت ملامت ٿيندي پر ڊيل ڏيڻ وارن جي شان ۾ ڪا به گستاخي ٻڌڻ لاء نه ملندي.سمجهه ۾ اهو نٿو اچي ته جيڪي ماڻهو سڌو سنئون رياست توڙي رياستي ادارن خلاف ظاهر ظهور تقريرون ۽ ڳالهه ٻولهه ڪن ٿا يا جيڪي لساني ۽ مذهبي تعصب ۽ نفرت پکيڙين ٿا انهن جي خلاف نه ته ڪا حڪومت ۽ نه ئي رياست ڪو قدم کڻي ٿي پر جيڪي غريب شهري پنهن جا جائز حق گھرڻ لاء هٿين خالي روڊن رستن تي اچن ٿا انهن جون ڄنگھون ۽ ٻانهون ڀڳيون وڃن ٿيون جڏهن ته ملڪ جي آئين انهن ڪمزور شهرين کي به راء جي اظهار جي آزاديء جا اهي ئي حق ڏنا آهن جن جو دهل صبح سانجھيء اهي نام نهاد سياستدان ۽ حڪمران وڄائيندا رهن ٿا.اعلان ته اهي ٻڌڻ ۾ اچي رهيا هئا ته انهن ڏاڍن کان ملڪ جي ڦريل دولت پائي پائي ڪري واپس ورتي ويندي پر دولت ڇا واپس ٿيڻي هئي هتي ته غريب عوام جي ٽيڪسن جا ڪروڙين روپيا انهيء سياسي اشرافيا جي قيدين جي سرڪاري علاج تي خرچ ٿي ويا.هيڏيون ساريون جاچون،تحقيقاتون ۽ کوجنائون،ڪيس ۽ مقدما،ڪميٽيون ۽ ڪميشنون سڀ جون سڀ انهيء ئي مسڪين عوام جي پئسي تي ٿيون جن جو نتيجو سواء مذاق جي ٻيو ڪجهه ناهي نڪتو.شايد اسان جنهن جھنگل ۾ رهون ٿا ان کي ڪو مهذب شهر بنجندي ۽ ڏاڍن جي جنهن دنيا ۾ رهون ٿا ان کي ڪنهن سڌريل سماج ۾ تبديل ٿيڻ لاء سال نه پر صدين جو عرصو گھربل آهي!
(روزاني هلال پاڪستان 8 نومبر 2019ع)

سيرت رسول صه ۽ نئين دور جا چيلينج.



شفيق الرحمان شاڪر
رسول رحمت صلي الله عليه وسلم جي سيرت مبارڪ هر مرض جي دوا،هر مسئلي جو حل ۽ هر للڪار جو جواب آهي پر مسلمانن سيرت طيبه سان پنهنجي تعلق کي پاڻ هڪ مسئلي ۽ چيلينج ۾ بدلائي ڇڏيو آهي.ان جو مثال اهو جو ڪمزور کان ڪمزور مسلمان به حضور صلي الله عليه وسلم تي جان ڏيڻ لاء تيار رهي ٿو پر سٺا سٺا مسلمان به سندن سيرت پاڪ تي عمل ڪرڻ لاء تيار نٿا ٿين.
اسان جي دور جو هڪ وڏو چيلينج اهو آهي جو انسانن قسمين قسمين هٿرادو فضيلتون ايجاد ڪري انهن کي سموري انسانيت لاء معيار بنائي رکيو آهي.مثال طور اولهه وارن هڪ ئي دنيا ۾ ٽي دنيائون جوڙي رکيون آهن.پهرين ترقي يافتا دنيا سڏائي ٿي،ٻي دنيا کي ترقي پذير دنيا جو نالو ڏنو ويو آهي جڏهن ته ٽين دنيا کي پوئتي پيل يا غريب دنيا جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.اهم ڳالهه اها ته انهن دنيائن جو فرق رڳو نظري نه پر عملي به آهي.پهرين دنيا جا ماڻهو احترام جي قابل سمجھيا وڃن ٿا ان ڪري اهي هوڏ ۽ آڪڙ ۾ ٻڏل آهن.ٻي دنيا جا ماڻهو پهرين دنيا جي ماڻهن جو نقل ڪرڻ وارا آهن ۽ تهذيب انهن لاء ڪنهن امڪان جي حيثيت رکي ٿي.انهن سببن هيٺ ٻي دنيا جا ماڻهو احساس ڪمتري ۾ ڦاٿل آهن.ٽين دنيا جي ماڻهن جو معاملو اهو آهي ته اهي نه ته قابل احترام آهن،نه مهذب ۽ نه ئي انهن جي قابل احترام ٿيڻ جو ڪو امڪان آهي.ان ڪري اهي ماڻهو رڳو احساس ڪمتري ۾ ئي نه پر احساس جرم ۾ به ڦاٿل آهن.دلچسپ ڳالهه اها جو انهن سمورن تفاوتن جو بنياد معيشت آهي پر اهو ماڻهن کي ماپڻ ۽ تورڻ جو اڪيلو هٿرادو معيار آهي.هڪڙو معيار جمهوريت به آهي.جيڪي قومون جمهوري آهن انهن کي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ جيڪي قومون جمهوري ناهن انهن کي دنيا گھٽ نظر سان ڏسي ٿي.اهڙيء طرح هڪ معيار سائنس ۽ ٽيڪنالاجي آهي.جيڪي قومون سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ترقي يافتا ناهن انهن کي رڳو ”پيروڪار” ئي سمجھيو وڃي ته غنيمت آهي.دنيا جون ڪيتريون ئي قومون آهن جيڪي قوميتن جي تصور کي پنهن جي مٿي جو موڙ بنايو ويٺيون آهن.دنيا ۾ نسل جي بت کي پوڄڻ وارا به ڪروڙن ۾ آهن.ان جي ڀيٽ ۾ حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جي پيغام جو تت آهي ته انسان کي ٻئي انسان تي فضيلت رڳو ”تقويٰ“ جي لحاذ کان آهي.قرآن مجيد جي سورت حجرات جي آيت 13 ۾ ارشاد رباني آهي ته
” اي انسانو! اسان اوهان کي هڪ مرد ۽ هڪ عورت مان پيدا ڪيو ۽ پوء اوهان جون قومون ۽ برادريون جوڙيون ته جيئن اوهين هڪ ٻئي کي سڃاڻي سگھو.حقيقت ۾ الله جي ويجھو سڀ کان وڌيڪ عزت وارو اهو آهي جيڪو وڌيڪ پرهيزگار آهي.“
هڪ حديث شريف ۾ آيو آهي ته ” الله قيامت جي ڏينهن اوهان جو حسب نسب نه پڇندو.الله وٽ اوهان مان وڌيڪ عزت وارو اهو آهي جيڪو اوهان مان سڀني کان گھڻو پرهيزگار آهي.“( مسلم)
جديد دور جو هڪ وڏو چيلينج اهو آهي ته ”انساني وحدت” جو تصور گھٽجي ويو آهي ۽ پوري انسان ذات مختلف بنيادن تي نه رڳو اهو ته ننڍن ننڍن گروهن ۾ ورهائجي ويئي آهي بلڪه انهن جي وچ ۾ جنگ ۽ جدل جو سلسلو جاري آهي.مثال،چوڻ لاء ته يورپي قومن جي تهذيب ۽ تاريخ هڪ آهي پر ايريڪ فرام پنهن جي ڪتاب “Anatomy of Human Destructiveness” ۾ لکيو آهي ته يورپي قومن گذريل چار سو سالن ۾ 2600 کان مٿي جنگيون وڙهيون آهن جن ۾ ويهين صديء ۾ وڙهيل ٻه عالمي جنگيون به شامل آهن جيڪي بنيادي طور تي يورپي قومن جي وچ ۾ وڙهيون وييون.ان منظرنامي ۾ ڪا به وحدت ناهي،ڪا حقيقي آفاقيت،ڪا سچي عالمگيريت ۽ بين الاقواميت ناهي.ويهين صديء جي آخر ۾ اولهه جي برپا ڪيل گلوبيلائيزاشن جو وڏو چرچو رهيو پر ان عالمگيريت جو بنياد محبت،ڀائپي ۽ تعاون تي نه پر استحصال جي سوچ تي رکيو ويو.هڪ طرف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ڀڙ،فوجي ۽ معاشي قوت سان ڀرپور قومون آهن ته ٻئي طرف اهي قومون آهن جن وٽ رڳو ڪچو مال آهي ۽ اهي سڌريل قومن جي تيار ڪيل شين جون رڳو ”گراهڪ“ آهن.ان منظر نامي ۾ طاقتور قومون ڪمزور قومن جي ويجھو اچي رهيون آهن پر انهن کي گلي لڳائڻ لاء نه پر سندن گلو دٻائڻ لاء.ان صورتحال ۾ پوري انسانيت جي سلامتي داء تي لڳي چڪي آهي. ان جي ابتڙ حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جيڪو پيغام کڻي آيا اهو هڪ طرف انساني ايڪتا جو حقيقي بنياد مهيا ڪري ٿو ته ٻئي طرف امت مسلمه جي صورت ۾ هڪ اهڙي امت ترتيب ڏئي ٿوجنهن جو خمير آفاقيت،جنهن جو ذوق عالمگيريت ۽ جنهن جو تناظر بين الاقواميت آهي.الله تعاليٰ مسلمان امت جي ميمبرن جو پاڻ ۾ لاڳاپو واضح ڪندي فرمايو ته ”مومن ته هڪٻئي جا ڀائر آهن تنهن ڪري پنهنجن ڀائرن جي وچ ۾ لاڳاپا ٺيڪ رکو.“
حضرت جرير بن عبدالله رضي الله عنهه فرمائين ٿا ته ”رسول الله صلي الله عليه وسلم جن مون کان ٽن ڳالهين تي بيعت ورتي،پهرين اها ته نماز قائم ڪريان،ٻي اها ته زڪوات ڏيندو رهان ۽ ٽين اها ته ٻئي مسلمان جو گھڻگھرو بڻجي رهان.“
حضرت عبدالله بن مسعود رضي الله عنه کان روايت آهي ته حضور صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته ” مسلمان کي گار ڏيڻ فسق ۽ ان سان جنگ ڪرڻ ڪفر آهي.“ حضرت ابوهريره رضه کان روايت آهي ته نبي ڪريم صي الله عليه وسلم جن فرمايو ” هر مسلمان تي ٻئي مسلمان جي جان،مال ۽ عزت حرام آهي.“ حضرت ابو سعيد  خضري رضه فرمائين ٿا ته حضور صلي الله عليه وسلم جن جو ارشاد آهي؛ ” مسلمان مسلمان جو ڀاء آهي،هو ان تي نه ته ظلم ڪري ٿو ۽ نه ئي ان جو ساٿ ڇڏي ٿو.نه هن جي تذليل ڪري ٿو.ڪنهن ماڻهوء لاء اها خرابي ئي ڪافي آهي جو هو پنهن جي ڀاء کي گھٽ سمجھي.“ حضرت سهيل پاڻ سڳورن جو اهو ارشاد نقل ڪن ٿا ته ” ايمان واري گروهه سان مومن جو تعلق اهڙو ئي آهي جهڙو مٿي سان جسم جو تعلق هوندو آهي.اهو اهل ايمان جي هر تڪليف کي ايئن محسوس ڪري ٿو جهڙيء طرح مٿو جسم جي هر حصي جو درد محسوس ڪري ٿو.“  حضرت ابو موسيٰ اشعري رضي الله عنه کان روايت آهي ته حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو؛ ” مومن ٻئي مومن لاء ان ڀت جيان آهي جنهن جو هر حصو ٻئي حصي کي مضبوط ڪري ٿو.“ حضرت عبدالله بن عاص رضه فرائين ٿا ته حضور صلي الله عليه وسلم جن فرمايو؛ ” مومن اهو آهي جنهن جي هٿ ۽ زبان کان ٻيا مسلمان سلامت رهن.“
ڏٺو وڃي ته اها ئي اها سکيا آهي جنهن جي بنياد تي انساني برادري وچ ۾ محبت ۽ سچي ڀائپي وجود ۾ اچي سگھي ٿي ۽ اهو اهڙو نور آهي جيڪو حقيقي آفاقيت،عالمگيريت ۽ بين الاقواميت ذريعي پوري انسان ذات کي هڪڙي برادريء ۾ بدلائي سگھي ٿو.مسلمان سماج لاء جديد دور جو هڪ وڏو چيلينج اهو آهي جو اولهه جي عورتن جي آزاديء واري نعري هيٺ عورت ڊاڪٽر،انجنيئر، اداڪاره، گلوڪاره ۽ ماڊل جي طور تي ته اهم سمجھي وڃي ٿي پر زال ۽ ماء جي حيثيت سان ان کي ڪو مان ۽ مرتبو نٿو ڏنو وڃي.مسلم امت جي جديد تعليم يافتا طبقي ۾ گھريلو خاتون A House Wife جو ذڪر اهڙيء طرح ڪيو وڃي ٿوڄڻ ته اها ڪو ڪم ئي نه ڪندي هجي ۽ سماج کي ڄڻ ته ان جي ڪا گھرج ئي نه هجي.مسلمان عورتون ٻار پيدا ڪرڻ ۽ پالڻ کان اهڙيء طرح گھٻرائڻ لڳن ٿيون جهڙيء طرح اولهه جون عورتون گھٻرائين ٿيون.اها صورتحال مرد ۽ عورت جي لاڳاپن،خاندان ۽ مسلم سماج جي روحاني،نفسياتي ۽ جذباتي صحت تي هاڃيڪار اثر پيدا ڪري رهي آهي.سيرت طيبه صلي الله عليه وسلم زال جو مقام نهايت ئي بلند ڪري نه رڳو ان چيلينج جو شافي جواب مهيا ڪري ٿي بلڪه سماج ۾ خاندان جي اداري کي سندس مرڪزيت ۽ وقار به عطا ڪري ٿي.رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم جي هڪ حديث جو مفهوم آهي ته اوهان مان وڌيڪ سٺو اهو آهي جيڪو پنهنجي گھر وارن لاء سٺو هجي.پاڻ صلي الله عليه وسلم پنهنجي وصال کان ڪجهه اڳ مسلمانن کي جن شين جو خيال رکڻ جو تاڪيد فرمايو انهن ۾ نماز سان گڏوگڏ پنهنجي گھر واريء جو خيال رکڻ جو تاڪيد به شامل آهي.
سيرت طيبه ماء جو اهو رتبو مقرر ڪري ٿي جو ان جي پيرن هيٺان جنت آهي.حديثن مبارڪ مان معلوم ٿئي ٿو ته ويم،ٻارن کي کير پيارڻ ۽ انهن جي سار سنڀال لهڻ وارن عملن تي جهاد برابر ثواب ملڻ جي بشارت ڏني ويئي آهي.انهن حقيقتن کي ڏٺو وڃي ته زال ۽ ماء جي اهميت ايتري ته وڌي وڃي ٿي جو ان جي سامهون ڊاڪٽر ۽ انجنيئرهئڻ ته ڇا،ملڪ جو وزير اعظم هئڻ به معمولي ڳالهه آهي!
(روزاني هلال پاڪستان 10 نومبر 2019ع)

Saturday, November 9, 2019

سهڻي صلاح ؛ طاقت استعمال ڪرڻ بدران...



هر وقت رڳو طاقت استعمال ڪرڻ بدران ڪڏهن ڪڏهن عقل به استعمال ڪرڻ گھرجي!

پاڪستاني سياست ۽ ڪنٽينرز تي ڪرندڙ عذاب!



شفيق الرحمان شاڪر
معاملو اهو آهي جو ”هوتي هين شب و روز تماشي ميري آگي“.ڪٿي ٻڏندڙ معيشت تي سڪرات جي حالت طاري آهي ته ڪٿي بيروزگار ٿيندڙ ماڻهن جي گھرن مان اٿندڙ آهن جو دونهن هنگامو برپا ڪري رهيو آهي.سرڪاري ادارن ۾ نااهلي ۽ ڪرپشن پنهنجي انتها تي آهي.رشوت جا اگهه پنجوڻا ٿي ويا آهن.اهو اعلان نجي چينل تي جڏهن ڪنهن تجزيي نگار ڪيو ته ميزبان شڪايت ڪئي ته اها ته سخت زيادتي آهي،جڏهن مهنگائي  رڳو ٽي ڀيرا وڌي آهي ته رشوت ۾ به ان نسبت سان ئي واڌارو ٿيڻ گھربو هو.اها به خوشخبري آئي آهي ته عالمي اداري ڪرپشن جي باب ۾ پاڪستان جو رتبو هڪ درجو وڌيڪ بلند ڪري ڇڏيو آهي.ايماندارن،صادقن ۽ امينن جي حڪومت ۾ ڪرپشن ايترو ڪيئن وڌي ويئي،سمجهه ۾ نٿو اچي.ڪرپشن هڪ طرف ته ٻئي طرف عام مهنگائيء ماڻهن جو ساهه ڪڍي ڇڏيو آهي.هاڻي ته ماڻهن ۾ نئون جوتو خريد ڪرڻ جي به سگھه نه رهي آهي.حڪومت جي معاشي ٽيم تسليون ڏيئي رهي آهي ته ايندڙ مهينن ۾ معيشت بهتر ٿي ويندي.حڪومتي ٽيم جو مهينو ڪيترن ڏينهن جو ٿئي ٿو اهو ته اهي پاڻ ئي ٻڌائي سگھن ٿا.بهرحال ٽيم جو مطلب آهي ته معيشت جي ڪڪڙ جلد بيضا ڏيڻ شروع ڪري ڏيندي ۽ ڪڪڙ جو حال اهو آهي جو ان جا کنڀ ان ٽيم پٽي ۽ ان جي ڳچي مروڙي رکي آهي.عمران خان جي حڪومت کي هي چوڏهون مهينو آهي پر ڪارڪردگيء جي گودام مان اڃا تائين روڪ هڪ عدد لنگر سواء ڪجهه به ٻاهر ناهي آيو.پي ٽي آئي جا پرجوش حامي،اينڪر ۽ دانشور هاڻي ”بي جوش“ ۽ ”بي هوش“ ٿيندا ٿا وڃن.اهي به هاڻي سڪتي جي عالم ۾ اهو جواب ٿا ڏين ته ” سائين! عمران ويچارو اڪيلو ڇا ڪري،سندس ٽيم ۾ سڀ جا سڀ نالائق گڏ ٿي ويا آهن.“ مزي جي ڳالهه اها ته اهي ئي صاحب ڪجهه عرصو اڳ چوندا هئا ته ”گرو صحيح هوندو ته چيلا پاڻهي سڌا ٿي ويندا.“
تازو نوجوانن لاء قرضن جي خيالي اسڪيم جو افتتاح ڪندي خود خان صاحب جو چوڻ هو ته ”حڪومت جي خراب ڪارڪردگيء جو سبب اهو آهي جو منهن جي ٽيم نالائق آهي.“ ڪنهن ٽي وي چينل جو ٽڪر هن طرح هو ته ” مون کي نالائقن جي ٽيم ملي آهي.“ بندوبست ڪندڙ بزرگن جتي ٻيا انتظام ڪيا اتي ويچاري خان صاحب لاء ڪنهن ”لائق ٽيم“ جو به بندوبست ڪن ها ته شايد خان صاحب کي اهي ڏينهن ڏسڻا نه پون ها!
هونئن ته هتي هر روز نوان تماشا آهن پر سڀني تماشن تي بازي اڄ ڪلهه ڌرڻي ۽ آزادي مارچ کڻي رکي آهي.ٻنهي پاسين يعني حڪومت ۽ اپوزيشن ۽ ٽئين طرف هوندو ويچارو عوام جڏهن ته چوٿين طرف ميڊيا.
اسلام آباد سڄو ڪنٽينرز سان سجايل آهي ته جيئن مولانا جي اجائي اٿل پٿل کي روڪي سگھجي. سموري ملڪ مان هنگامي طور تي سمورن ڪنٽينرز کي طلب ڪيو ويو آهي ۽ سندن موڪلون منسوخ ڪيون وييون آهن. ايندڙ ڏينهن ۾ انهن ڪنٽينرز جي چرپر ۾ وڌيڪ تيزي به ڏسي سگھجي ٿي.سياسي نجومي ۽ جوتشي پنهن جو پنهنجو حساب لڳائي اڳڪٿيون ڪري رهيا آهن ته ملڪ ۾ گھڻو ڪجهه ٿيڻ وارو آهي.جيڪي چون ٿا ته ڪجهه به نه ٿيندو اهي به اندر ئي اندر پريشان آهن.اهو جيڪو ايڏو خوف ۽ هراس پکڙيل آهي اهو رڳو مولانا جو ڪمال آهي.بهرحال هر نظر منتظر آهي ان ڌرڻي جي جيڪو عوام جي اهنجن ۽ آزارن ۾ اضافو ڪري نيٺ هڪ ڏينهن ختم ٿي ويندو.
پاڪستان ۾ گذريل ڏهاڪي کان ڌرڻي ۽ لانگ مارچ جي سياست هڪ برانڊ بڻجي چڪي آهي انهيء برانڊ کي عروج تي تحريڪ انصاف جي 2014ع واري ڊگھي ڌرڻي پهچايو،اهڙيء طرح ”ڪنٽينر“ هاڻي پاڪستاني سياست جو لازمي جزو بڻجي ويو آهي.ملڪي سياست ۾ ڪنٽينر ٻن قسمن جا آهن.هڪڙو اهو جيڪو وزير اعظم عمران خان،اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف ججز بحالي تحريڪ ۾ ۽ مولانا طاهرالقادري پنهنجي ڌرڻي ۾ ڪيمپ آفيس،رهائش ۽ اسٽيج لاء استعمال ڪيو ۽ هاڻي مولانا فضل الرحمان ان کي استعمال ڪري رهيو آهي.ڪنٽينر جو ٻيو قسم ”رڪاوٽي ڪنٽينرز“ آهن جيڪي روڊ بلاڪ ڪرڻ،جلسن،مارچن يا ڌرڻن کي روڪڻ لاء حڪومت جو هٿيار هوندا آهن.انهن بدقسمت ڪنٽينرز کان ملڪ جو عوام متاثر ٿئي ٿو نه رڳو اهو پر انهن جا مالڪ ۽ ڊرائيور سخت معاشي دٻاء مان به گذرن ٿا.اهڙن ڪنٽينرز کي پڪڙڻ پوليس لاء نهايت ئي آسان هوندو آهي،جڏهن ۽ جتي به مرضي پوين رستو بند ڪرڻ لاء انهن کي بيهاري وٺن ٿا.رستا بند ڪرڻ لاء جيڪي ڪنٽينرز پڪڙيا وڃن ٿا انهن جي پويان ڪا ڪهاڻي ضرور هوندي آهي.ڪنٽينرز مالڪن جو چوڻ آهي ته جڏهن پڪڙيو وڃي ٿو ته ان جي رڳو هڪ ڏينهن جو ڪرايو ويهن هزارن کان مٿي آهي پر ڪنهن کي به ڪا پرواه نٿي ٿئي ۽ بندوق جي زور تي ڪنٽينر کسيندي اها به سوچ نٿي ڪئي وڃي ته ان جي اندر ڪو خطرناڪ ڪيميڪل به ٿي سگھي ٿوجيڪو ڪنهن وڏي نقصان جو سبب بڻجي سگھي ٿو.مالڪ ٻڌائين ٿا ته وڏا وڏا ڌرڻا پنهنجي جڳهه تي پر هاڻي ته ننڍي ننڍي مسئلي تي به ڪنٽينر پاليسي استعمال ٿيڻ شروع ٿيو وڃي.ڪنهن سياستدان جي پيشي هجي،محرم يا ربيع الاول  جو جلوس هجي،ڪنهن مذهبي جماعت يا ڊاڪٽرن ۽ استادن جو ڪو احتجاج هجي،حڪومت وٽ هر شيء جو هڪڙو ئي حل ڪنٽينر لڳائڻ آهي. سوال ٿو اڀري ته ڇا حڪومت وٽ ان جو ڪو متبادل آهي جو ماڻهن جو ڪاروبار نقصان کان بچي وڃي؟پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته وٽن اهڙو ڪو طريقو موجود ناهي جنهن سان ايڏي وڏي پيماني تي روڊن تي رڪاوٽون بيهاري اچ وڃ کي محدود ڪري سگھجي.
پاڪستان ۾ سامان پهچائڻ لاء استعمال ٿيندڙ نوي سيڪڙو ڪنٽينرز شپنگ لائين جا آهن.ڪنهن ڪنٽينر جي سامان پهچائڻ جي معاملي ۾ ٽي پارٽيون هونديون آهن.هڪڙي اها جنهنجو ڪنٽينر آهي،ٻي اها جنهن پارٽيء جو سامان آهي ۽ ٽيون اهو ٽرانسپورٽر جنهن جي ٽرڪ استعمال ٿئي ٿي.جڏهن ڪو ڪنٽينر پڪڙيو وڃي ٿو ته اها پوري زنجير ڊسٽرب ٿئي ٿي.هاڻي ٻڌايو پيو وڃي ته حڪومت پنهنجي ڪنٽينر استعمال ڪرڻ واري پاليسيء ۾ ڪجهه تبديلي آندي آهي ۽ ڪنٽينر مالڪن کي معاوضو ادا ڪرڻ واري عمل کي يقيني بنائڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪو هڪ سٺو قدم آهي تنهن هوندي به حڪومت جي ان ڪنٽينر پاليسيء سان ملڪي معيشت تي جيڪي ناڪاري اثر پون ٿا ۽ ڪنٽينرز مالڪن،واپارين توڙي ڊرائيورن کي جنهن ذهني ۽ معاشي اذيت مان گذرڻو پوي ٿو انهيء جو ڪو مناسب حل ڳولهڻ بهر حال حڪومت جي ئي ذميداري آهي.
(روزاني هلال پاڪستان)

Friday, November 8, 2019

ڇا مارچ وارو منجھيل معمو حل ٿيندو؟



شفيق الرحمان شاڪر
مولانا جي مارچ جي حوالي سان اڳڪٿيون،ڏند ڪٿائون ۽ ٽيڪا ٽپڻيون دستور موجب اڃا تائين جاري آهن پر اهو سٽ سلجھڻ بدران معمو وڌيڪ منجھندو ٿو وڃي.مختلف تجزيي نگار مختلف تجزيا ۽ تبصرا پيش ڪري رهيا آهن جن ۾ سازشن جون مختلف ٿيوريون به بحث هيٺ آهن.مطلب ته جيترا وات اوتريون ڳالهيون.پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ هر عمل ،اقتدار توڙي احتساب جي حوالي سان اسٽيبلشمينٽ ڌانهن آڱريون اڀيون ٿيڻ هڪ فطري ڳالهه آهي جو ماضيء ۾ اهي سڀ تماشا اسٽيبلشمينٽ جي ڇٽيء هيٺ ئي ٿيندا رهيا آهن.اسٽيبلشمينٽ ۽ سياستدانن جي ان راند مان عوام کي رڳو ايذاء ۽ آزار ئي سريا آهن.هن وقت به توڙي جو مولانا پنهنجن سمورن توپن جو رخ سڌو سنئون اسٽيبلشمينٽ طرف ڪيو بيٺو آهي تڏهن به ماڻهن جي اڪثريت ان ڳالهه کي مڃڻ لاء تيار نٿي ٿئي ته مولانا جي ايڏي وڏي قدم پويان ڪو اسٽيبلشمينٽ جو سڌو يا اڻ سڌو هٿ ناهي.
ان سڄي قضيي ۾ سوال ته سوين آهن پر سمورن سوالن جو هڪڙو سوال نهايت بنيادي ۽ اهم آهي ته مولانا کي ان سموري احتجاج مان هٿ ڇا اچڻو آهي؟چئي سگھجي ٿو ته مخالف ڌر جي ٻن وڏين جماعتن جي اڳواڻن کي ان احتجاج ذريعي سياسي ۽ قانوني رليف ملي سگھي ٿو ۽ حالتون ٻڌائين ٿيون ته انهن کي ڪجهه رليف مليو به آهي ۽ رهيل رليف ترت ملڻ وارو معاملو به آخري مرحلن ۾ آهي.جيڪر اڄ عمران خان هميشه جيان اهي اعلان ڪري رهيو آهي ته ڪنهن کي به ڪو اين آر او نه ڏنو ويندو ته سندس ان بيان يا اعلان جي ڪهڙي اهميت آهي جو هو ماضيء ۾ انهن اعلانن باوجود به وک وک تي ڪيترائي ڪمپرومائيز ڪندو رهيو آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ به ڪري سگھي ٿو.مخالف ڌر جي بهترين ڪارڪردگيء تي کين داد ان ڳالهه تي ڏيئي سگھجي ٿو جو اهي حڪومت جي انهن چوڏهن مهينن اندر عمران خان کي سياسي طور تي مجبور ڪري سندس اعليٰ اصولن ۽ وعدن تان دستبردار ٿيڻ ۾ گھڻو ڪامياب ويا آهن جيڪو عمل پڪ سان عمران خان جي شخصيت،ڪردار ۽ ساک تي جيڪي زبردست ناڪاري اثر وجھي چڪو آهي ان جو اندازو شايد خان صاحب کي پاڻ ته نه هجي پر روڊن رستن تي موجود عام ماڻهن جي زبان تي مايوسي،ڪاوڙ ۽ نااميديء جا ايندڙ لفظ اهو ٻڌائين ٿا ته ماڻهو هاڻي عمران خان جي وعدن ۽ اعلانن کي گھڻو سنجيدگيء سان نٿا وٺن.عمران خان ۽ سندس ٽيم جي غير ذميدارڻين حرڪتن سبب پهريون وڏو نقصان اهو ٿيو آهي جو سمورو احتسابي عمل توڙي ادارا تڪراري بڻجي چڪا آهن.نتيجو اهو نڪتو آهي جو جن ماڻهن قوم جا اربين روپيا غير قانوني طريقي سان هڙپ ڪيا اهي به هاڻي ماڻهن جي نظرن ۾ مظلوم بڻجندا ٿا وڃن.مخلاف ڌر جي ٻن وڏين جماعتن جي هن وقت تائين ڪابه عوامي ايجنڊا نه رهي آهي بلڪه هنن جي پوري ايجنڊا ۽ حڪمت عملي رڳو هڪ نڪتي جي چوڌاريء گردش ڪندي رهي آهي ته ڪنهن به نموني ماڻهن توڙي دنيا کي اهو باور ڪرائجي ته سندن خلاف قائم ڪيل ڪرپشن جا سمورا ڪيس سياسي انتقام جو نتيجو ۽ بدديانتيء جا الزام رڳو افسانا آهن.بدقسمتيء سان مخالف ڌر جي قيادت اهو بيانيو جوڙڻ ۽ وڪڻڻ ۾ گھڻي حد تائين ڪامياب ويئي آهي.رهيل ڪسر عام استعمال جي شين ،بجلي،گئس ۽ تيل جي اگھن ۾ ٿيندڙ تيزيء سان واڌ، حڪومتي ادارن جي ناقص ڪارڪردگي ۽ ملڪ ۾ وڌندڙ بي روزگاريء وارن مسئلن پوري ڪري ڇڏي آهي.پي ٽي آئي حڪومت ڊگھي عرصي تائين ”ماضيء جي حڪمرانن جي نا اهلين“ وارو چورن ڪاميابيء سان وڪڻندي رهي پر هاڻي اهو چورن به آئوٽ آف ڊيٽ بڻجي چڪو آهي.عمران خان جي ناڪامين جو داستان لکڻ وارن ۾ پراون کان وڌيڪ سندس پنهنجن جو ڪردار آهي.هن جي چوڌاريء جن ماڻهن جو ميلو متل آهي اهي سڀ موسمي پکي آهن جيڪي هڪ وڻ کان ٻئي وڻ تي ٽپا ڏيندا رهيا آهن.چوڻ وارا جڏهن چون ٿا ته حڪومت جي خلاف پوري مخالف ڌر پاڻ ۾ ئي متحد ۽ متفق ناهي ته اهي اهو وساري ٿا ويهن ته پوري مخالف ڌر ان نڪتي تي متفق آهي ته ڪنهن به طرح عمران خان جي ذات مان جان ڇڏائي وڃي.سندن ان پروگرام سان نه رڳو ملڪ جي اڪثر نوڪر شاهي متفق آهي پر خود عمران خان حڪومت ۾ ويٺل ڪيترائي بااثر پڻ ان تبديليء جي ڪوشش ۾ پنهنجون سموريون خدمتون خوشيء سان پيش ڪرڻ لاء هر وقت تيار نظر اچن ٿا.انهن مان گھڻن کي خان صاحب سان شڪايتون آهن ته ڪن کي محرومين جو احساس ستائي رهيو آهي.مولانا ڪراچيء کان هلندي بنان ڪنهن روڪ ٽوڪ جي اسلام آباد پهچي ويو ته ساڻس ٿيل ان نوازش ۾ ڪيترن ئي پردانشينن جا نالا اچڻ وارا آهن.سياست ڏاڍي بي رحم شيء آهي. اقتدار جي هوس ڪهڙيء طرح انسان کي سنگدل ۽ احسان فراموش بڻائي ٿي ڇڏي ان جي مثالن مان پوري انساني تاريخ ڀري پيئي آهي. ڪيترن ئي حڪمرانن پنهنجن سڳن ڀائرن ايستائين جو پنهنجن پيئرن کي به اقتدار جي هوس ۾ موت جي منهن ۾ ڌڪي ڇڏيو.سو عمران خان جهڙي ڪمزور ماڻهو کي خوشامدن جون بانسريون ٻڌائي ڪنهن کڏ ۾ ڌڪو ڏيڻ تجربيڪار۽ شاطر اقتدار پرست رانديگرن لاء ڪهڙو ڏکيو ڪم آهي.جيڪي چون پيا ته مولانا سان ملهه ٿي آهي ۽ کيس سياسي دوستن دوکو ڏنو آهي اهي شايد مولانا کي انڊر اسٽيميٽ ڪري رهيا آهن.مولانا ايترو سادو ناهي جيترو هو هن کي سمجھن ٿا.جيڪر ايئن چئجي ته هن وقت ملڪ ۾ مولانا جهڙو ٻيو ڪو ڏاهو ۽ سياڻو سياستدان ناهي ته ان ۾ ڪو وڌاء نه ٿيندو.سو مولانا ٻار ته ناهي جو هو بنان ڪنهن ڪلڪيوليشن جي ايڏي وڏي رسڪ کڻڻ لاء تيار ٿيو هجي.مولانا ڀلي ڀت سمجھي ٿو ته ساڻس گڏ هلندڙ سياسي ڌرين جا ڇا مسئلا آهن ۽ انهن کي ڇا گھربل آهي؟انهن سمورين سچائين کان باخبر هوندي به جيڪر مولانا صاحب نانگن جي ٻرن ۾ هٿ وجھي رهيو آهي ته پوء چئبو ته کيس پڪ آهي ته سوير يا دير سان سندس سپنا ساڀيان ضرور ٿيندا.ڪجهه اينڪر ۽ دانشور جيڪي حڪومت جي چاپلوسيء ۾ بار بار مولانا کي مهڻا ڏيئي رهيا آهن ته سندس مارچ يا ڌرڻو بنان ڪجهه حاصل ڪرڻ جي ختم ٿي رهيو آهي اهي مارچ يا ڌرڻي جي رڳو ترت نتيجن تي نظر گھمائي رهيا آهن پر انهيء مارچ پڄاڻان جيڪي ڪجهه سائيڊ افيڪٽس يا آفٽر شاڪس اچڻ وارا آهن انهن طرف سندن نظر ڏسڻ کان قاصر آهي.جيڪر عمران خان جي پنهنجي وزير دفاع جي ان بيان تي ڳوڙهي سوچ ڪجي جنهن ۾ هن چيو هو ته ” ان هائوس تبديليء تي ڳالهه ٿي سگھي ٿي.“ انهيء جو مطلب آخر ڪهڙو ورتو وڃي سواء ان جي جو ”مائنس ون“ فارمولا نه رڳو سوچ ويچار هيٺ آهي پر ان کي عملي شڪل ڏيڻ لاء غور ويچار به ڪري سگھجي ٿو.اهوئي اهو فارمولا آهي جنهن تي مخالف ڌر جون سڀ جماعتون،بااثر بيوروڪريسي ۽ خود پي ٽي آئي حڪومت جا ڪيترائي وزير ۽  مشير پڻ متفق آهن.اصل واڳ ڌڻين وٽ ان باري ۾ ڪهڙي سوچ آهي ان باري ۾ في الحال ته ڪجهه اڳڪٿي ڪري نٿي سگھجي پر اهو طيء آهي ته ملڪ ۾ ڪنهن به لاڳيتي سياسي ڇڪتاڻ واري ماحول کي اهي به گھڻي وقت تائين نظر انداز ڪري نٿا سگھن.اهو فارمولا ڪامياب ٿئي ٿو يا نه اها الڳ ڳالهه آهي پر هن وقت تائين ان فارمولا تي سنجيدگيء سان سوچ ويچار ٿي رهيو آهي.ضروري ناهي ته مولانا جي ڌرڻي جي نتيجي ۾ فوري طور تي ان فارمولي طرف ڪا واضح اڳڀرائي نظر اچي پر ايندڙ ڏينهن ۾ لچڪ  ۽ مفاهمت ڀريا ڪجهه اهڙا فيصلا ۽ قدم ضرور سامهون اچڻ وارا آهن جيڪي ان فارمولا طرف اڳڀرائيء جي نشاندهي ڪري سگھن ٿا.
(روزاني هلال پاڪستان 6 نومبر 2019ع)

بيماري،سياست،افواهه ۽ انومان!



شفيق الرحمان شاڪر
سياست ۾ اهو به ٿيندو آهي ته جيڪا کڏ اوهان ٻين لاء کوٽيندا آهيو هڪ ڏينهن اوهين پاڻ انهيء کڏ ۾ وڃي ڪرندا آهيو،جيڪو تير اوهين پنهنجي دشمن تي هلائيندا آهيو اهو ساڳيو تير پنهنجي ئي سيني تي سهڻو پوندو آهي،جيڪا گار ڪڏهن پنهنجي مخالف کي ڏبي آهي هڪ ڏينهن اها ساڳي گار پاڻ به سهڻي پوندي آهي،جيڪو الزام ٻين کي ڏبو آهي ان الزام جو شڪار پاڻ به ٿيڻو پوندو آهي. اسان وٽ سياست انهيء ئي واري ڦيريء جو نالو بڻجي ڪري رهجي ويئي آهي.ملڪي سياست ۾ حالتون تيزيء سان تبديل ٿي رهيون آهن.هاڪاري رپورٽنگ اڻ لڀ ٿيندي ٿي وڃي.حڪومت جي نا اهليء تي انهن جون زبانون به ڊگھيون ٿي رهيون آهن جيڪي حڪومت جي قيام جو سبب هئا. معيشت برباديء جو ڏيک ڏيئي رهي آهي ۽ ان ۾ بهتريء جا ڪي امڪان به نظر نٿا اچن.اپوزيشن هاڻي سياسي انتقام برداشت ڪري ٿڪي پيئي آهي.هاڻي روز روز جون گرفتاريون کين خوفزده نه ڪري رهيون آهن بلڪه گرفتار اڳواڻ انهن گرفتارين جا تمغا پنهنجن سينن تي سجائي عوام جي نظر ۾ مظلوم ثابت ٿيندي داد وصول ڪري  رهيا آهن. هڪ اهڙي وقت جڏهن نواز شريف جي صحت جي حوالي سان متفرق ۽ متضاد اطلاع اچي رهيا آهن،عوامي حلقن ۾ نواز شريف جي ٻاهرئين ملڪ اسهڻ متعلق انومانن ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي.مسلم ليگ نون جو چوڻ آهي ته علاج لاء ٻاهر وڃڻ جو فيصلو ميان نواز شريف کي پاڻ ڪرڻو آهي ۽ جيڪر ميان صاحب ٻاهر وڃڻ جو فيصلو ڪيو ته حڪومت ان فيصلي کي مان ڏيندي.پاڪستان جا سياسي حلقا اپوزيشن جي احتجاجي مارچ کان ڪجهه ڏينهن پهرين ميان نواز شريف ۽ آصف علي زرداري جي جيلن کان اسپتال منتقلي ۽ بعد ۾ ميان نواز شريف جي عدالت پاران ضمانت واري معاملي کي اهم قرار ڏيئي رهيا آهن.اهي حڪومتي حلقا جيڪي جيل ۾ نواز شريف کي سندس ذاتي ڊاڪٽرن سان رابطن جي اجازت ڏيڻ جي به خلاف هئا هاڻي انهن جي رويي ۾ اوچتي تبديليء ڪيترائي سوال پيدا ڪري ڇڏيا آهن.وزير اعظم عمران خان پنجاب جي وڏي وزير کي فون ڪري ميان صاحب کي علاج جون هر ممڪن سهوليتون مهيا ڪرڻ جي هدايت ڪئي،پنجاب جي صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر ياسمين راشد سروسز اسپتال ۾ نواز شريف جي صحت ۽ سندس علاج جي صورتحال کي مانيٽر ڪندي رهي ۽ اهو به ته عمران خان پنهنجن حڪومتي وزيرن ۽ مشيرن کي ميان نواز شريف جي صحت جي حوالي سان منفي بيان بازيء کان روڪي ڇڏيو.ڪجهه حلقن جو خيال آهي ته حڪومتي صفن ۾ پيدا ٿيل بي چيني ۽ هنگامي ڪيفيت ظاهر ڪري ٿي ته ميان صاحب جي حالت گھڻي ڳڻتيء جوڳي آهي جڏهن ته هڪ ٻئي حلقي جي سوچ اها آهي ته اها سموري فضا نواز شريف کي ملڪ کان ٻاهر موڪلڻ لاء تيار ڪئي پيئي وڃي.هڪ اهم صحافي پنهنجي ٽويٽ ۾ لکيو آهي ته لڳي ٿو ته نواز شريف ۽ سندس خاندان جا سمورا ماڻهو لنڊن وڃڻ وارا آهن. سروسز اسپتال لاهور ۾ داخل نواز شريف جو علاج ملڪ جي سينئر ترين ڊاڪٽرن جو هڪ بورڊ ڪري رهيو آهي ۽ اهي اهو سمجھڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته ميان صاحب جي رت ۾ پليٽليٽس جي انگ ۾ خطرناڪ حد تائين گھٽتائي ڇو اچي رهي آهي؟نواز شريف جو پٽ حسن نواز، نواز شريف کي امڪاني طور تي زهر ڏيڻ جي خدشي جو اظهار پڻ ڪري چڪو آهي.ڪجهه تجزيي نگار نواز شريف جي بيماري کي طبي مسئلي کان وڌيڪ سياسي اڳڀرائيء طور ڏسي رهيا آهن ۽ انهن جي خيال ۾ معاملن کي ميڊيا ۾ وڌائي بيان ڪيو پيو وڃي.انهن جي خيال ۾ اصل ڳالهه اها آهي ته ملڪ جي اصل واڳ ڌڻين ڪنهن ٽڪراء کان بچندي اڳتي وڌڻ جو فيصلو ڪيو آهي ان ڪري لڳي ٿو ته نواز شريف بنان ڪنهن رقم ڏيڻ جي ترت ئي ملڪ کان ٻاهر هليو ويندو.انهن جي سوچ مظابق لاهور هائي ڪورٽ طرفان خميس تي منظور ٿيل ميان صاحب جي ضمانت ۽ ڇنڇر تي اسلام آباد هائي ڪورٽ پاران منظور ڪيل عبوري ضمانت پڻ ان سلسلي جون ڪڙيون آهن.جڏهن ته ڪجهه سينئر تجزيي ڪار ان موقف سان متفق نٿا ٿين.انهن جو چوڻ آهي ته ظاهر ۾ اها ڳالهه منطقي نٿي لڳي ته ايڏي جدوجهد بعد نواز شريف ملڪ ڇڏي ٻاهر هليو ويندو.ڪيئن به هجي پر پاڪستان ۾ صورتحال اها ناهي جيڪا ڏيکاري پيئي وڃي.پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ اسان ڏٺو آهي ته هتي ڪجهه به ٿي سگھي ٿو.هن وقت ملڪ جي سياسي منظر نامي تي افواهن،غلط فهمين ۽ وهمن جا پاڇا آهن،نه ته حڪومت ان صورتحال جي وضاحت ڪري رهي آهي ۽ نه ئي مسلم ليگ نون ماڻهن کي اعتماد ۾ وٺي رهي آهي.اهو سچ آهي ته نواز شريف بيمار آهي ۽ ان جي صحت ڳڻتيء جوڳي آهي پر ان سان گڏوگڏ خود نون ليگ جا ڪجهه حلقا پڻ ظاهر ۾ يقين سان چئي رهيا آهن ته اندر ئي اندر ڪا کچڻي ضرور پچي رهي آهي.جيڪر نواز شريف ملڪ کان ٻاهر هليو وڃي ٿو ته ان سان سندس سياسي پارٽيء سان گڏ مولانا جي احتجاجي تحريڪ کي به نقصان پهچندو.مولانا پنهن جي ڌرڻي ۽ ملڪ گير احتجاج تي ڄميو بيٺو آهي.سندس رويي ۾ ڪا لچڪ نظر نٿي اچي. شايد ان سختيء جو سبب مولانا جي اها تضحيڪ آهي جيڪا عمران خان ۽ سندس ساٿي ڪيتري عرصي کان ڪندا رهيا آهن.مسلم ليگ اڃا سوچي رهي آهي ۽ سندن سوچ جو مرڪز نواز شريف جو بيانيو آهي.انهن جي اڪثريت اڃا به ڪا وچين واٽ ڳولهڻ جي حق ۾ آهي. مريم نواز به سمورين مصيبتن ۽ تڪليفن باوجود پنهنجي پيء جي سوچ تي ڄميو بيٺي آهي  پر پارٽي ليول تي ڌرڻي واري معاملي تي ڪجهه مونجھارا پاتا وڃن ٿا.ڪجهه اهي آهن جيڪي هر حد تائين مولانا سان گڏ اڳتي وڃڻ گھرن ٿا ۽ گھڻا هر قدم سوچي سمجهي کڻڻ جي ڳالهه ڪن ٿا.پيپلز پارٽي توڙي جو ڌرڻي ۾ شرڪت کان معذرت ڪري چڪي آهي پر سندن قيادت جون گرفتاريون کين ڪافي ڪاوڙ ڏياري رهيون آهن.اليڪشن کان اڳ بلوچستان حڪومت کي ڪيرائڻ،سينيٽ جي چيئرمين جي چونڊ ۽ هاڻي ڌرڻي جي بائيڪاٽ جي فيصلن سان پيپلز پارٽي وقتي طور تي ڪجهه فائدا حاصل ڪرڻ ۾ ته ڪامياب ويئي هجي پر هڪ ملڪ گير پارٽيء طور پيپلز پارٽيء جي سپورٽ انهن فيصلن سان گھٽجي رهي آهي.اهي ننڍيون سياسي پارٽيون جن جو تعلق ڪي پي ۽ بلوچستان سان آهي اهي سڀ دلي طور تي ان امڪاني ڌرڻي سان سهمت آهن ۽ سندن سپورٽر ان احتجاج ۾ شريڪ ٿيڻ لاء تيار آهن.جيستائين عوام جي اڪثريت جو تعلق آهي ته مهنگائيء جو نانگ انهن کي هر روز ڏنگي رهيو آهي.هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جا وعدا ڪندڙ لکين ماڻهن کي بيروزگار ڪري رهيا آهن.ضرورت جي هر شيء جو اگھه وڌي رهيو آهي ۽ حڪومت جو قيمتن تي ٽڪي جو به ڪنٽرول ناهي رهيو.تاريخي طور تي ماڻهو معيشت جي معاملي تي ڪڏهن روڊن رستن تي ناهن آيا پر جڏهن گھڻا معاملا پاڻ ۾ گڏجي وڃن ته عوام جو عتاب ڪنهن به شڪل ۾ ظاهر ٿي سگھي ٿو.
آڪٽوبر ۽ نومبر هن ملڪ جي تاريخ ۾ اهم مهينا آهن.ڏسڻو اهي ته انهن مهينن ۾ شروع ٿيل احتجاج ڪهڙو نياپو کڻي ٿو اچي.اهو ته صاف ظاهر آهي ته اصل اقتدار ڏڻي هن وقت ملڪ ۾ ڪنهن سياسي تبديليء جي حق ۾ ناهن ۽ اهي انهن احتجاجن کي هر صورت ۾ روڪڻ جي ڪوشش ضرور ڪندا پوء انهيء لاء کين ڪجهه سياسي اڳواڻن کي رليف ئي ڇو نه ڏيڻو پوي.اڳيان ڪهڙيون تبديليون اچڻ واريون آهن انهن جي باري ۾ تي في الحال ڪجهه نٿو چئي سگھجي پر اهو ضرور چئي سگھجي ٿو ته جيڪا کڏ اوهان ٻئي لاء کوٽيو ٿا هڪ ڏينهن پاڻ به ان کڏ ۾ ڪرو ٿا،جيڪو تير دشمن طرف اڇلائبو آهي اهو ئي تير هڪ ڏينهن پنهنجي سيني تي به سهڻو پوي ٿو ۽ جيڪا گار دشمن کي ڏجي ٿي ڪڏهن نه ڪڏهن اها گار پاڻ به سهڻي پوي ٿي ۽ جيڪو الزام ٻين کي ڏبو آهي انهيء الزام جو نشانو پاڻ به بنجڻو پوي ٿو!



(روزاني هلال پاڪستان)