Thursday, March 31, 2016

ڪيستائين ڪّليون ڪومائبيون رهنديون!

ڪيستائين ڪّليون ڪومائبيون رهنديون!
شفيق شاڪر

اهو موڪل جو ڏينهن هو.پر اڄوڪو سج لاهور جي زنده دل شهرين جي لاء هڪ لڪيل طوفان کڻي آيو هو.خدا جي مخلوق انهيء اڻ ڏٺل طوفان کان بي خبر موڪل جي ڏينهن کي پنهن جن معصوم ٻارن سان گڏ ملهائڻ ،تفريح بهاني پنهن جن گهرن مان ٻاهر نڪري، مختلف تفريحي ماڳن جو رخ ڪيو هو.ڪنهن کي خبر هئي ته صبح جي سناٽي ۾ پنهن جن گھرن مان نڪتل اهي مائٽ  واپسيء ۾پنهن جن پيارن جگر جي ٽڪرن جا رتورت لاشا کڻي گھر موٽندا .يا وري ڪيئي معصوم پنهن جي مائرن جي ممتا ۽ پيئرن جي شفقت ڀري ڇانو کان هميشه جي لاء محروم ٿي ويندا.جڏهن ڪنهن ڪٺور وجود ۽ سنگدل هٿن اقبال جي گلشن ۾ انسانيت دشمنيء جي انڌ ۾ بم جو اهو ڌماڪو ڪيو ته هن کي انهن معصوم وجودن تي به ذرو برابر ڪهل نه آئي، جن جا دامن هر گناھ کان خالي ۽ جن جا هٿ هر پاپ کان پوتر هئا.انهن کي ته اها به خبر نه هئي ته کين ڪهڙي ڏوھ ۾ قتل ڪيو پيو وڃي! بي گناھ معصوم ٻارن جي قتل جهڙو ڪيس! جنهن ڏوھ تي ڏاڍا ڏونگر به ڏڪي وڃن،.جنهن تي آسمان جون اکيون آليون ٿي وڃن ۽ جنهن تي ڌرتي ڌٻڻ لڳي وڃي.پر اهي ڪهڙا انسان آهن جن جا ان پاپ تي نه ته هٿ ٿا هٻڪن ۽ نه ئي دليون ٿيون ڌڙڪن.اقبال جي گلشن ۾ اهڙي خزان آئي جيڪا ڪئين اڻ ٽڙيل ڪليون ڪومائي ويئي.هيء ڪهڙي هوا هئي جيڪا اميدن جا سڀ ڏيئا وسائي ويئي. هي ڪهڙو طوفان هو جيڪو چوطرف غمن،صدمن.سورن،آهن ۽ دانهن جي دز اڏائي ويو.هر طرف انساني جسمن جا ٽڙيل پکڙيل عضوا،معصوم هٿن مان ڇنل،ٽٽل ۽ ڀڳل رانديڪا.هوڏانهن ته ڏسو! هي ڪنهن جون گڏيون ماتم ڪري رهيون آهن.هي ڪنهن جو گھوڙو پنهن جي سوار کان وڇڙي ويو.هيء ڪنهن جي بوتل چپن کي چمي نه سگھي.هي ڪنهن جا پتڪڙا سينڊل وکريا پيا آهن. اهي جيڪي هر اڱڻ جي سونهن هئا.اهي جيڪي اسان جي اميدن جي باغ جا گلاب هئا،جيڪي اسان جو حال به هئا ته مستقبل به !.اڄ جڏهن اداسين جي ٽياس تي ٽنگيل انهن جا اسڪول بيگ سندن جيجلون ڏسنديون هونديون ته انهن جي من۾ دردن جو جيڪو درياء ڇوليون هڻندو هوندو انهيء کي سواء انهن مائرن جي ٻيوڇا محسوس ڪري سگھندو.اڄ جڏهن انهن گھرن ۾ انهن شريرن جون شرارتون نه گونجنديون هونديون ته انهن گھرن ۾ ڪيڏي نه قبرستان واري خاموشي ڇانيل هوندي. دهشت ۽ وحشت جي هر کيل ۾ جيڪا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندي آئي آهي سا  ويچاري“ماء” ئي آهي.شايد انهن پاپي هٿن جن خدا جي انساني گلشن کي اجاڙڻ جو ڪڌو ڪم پنهن جي ڪنڌ تي کنيو آهي انهن جي دلين ماء جي احساسن ، جذبن ۽ ممتا کي مورڳو محسوس ئي نه ڪيو آهي. محبت،خلوص،سچائي ۽ اميد جي نشاني اهي ٻارڙا! جيڪي هر ڪنهن کي موٽ ۾ اهڙي دلربا مسڪراهٽ ڏيندا آهن جو سفر جو سڄو ٿڪ لهي وڃي، غمن جو سمورو بار هلڪو ٿي وڃي،ماضيء جا سڀ عذاب وسري وڃن. ڪائنات ۾ قدرت جا حسين رنگ،دوکيباز دنيا ۾ سچائيء ۽ سادگيء جا خوبصورت منظر،گردش دوران ۾ مائٽن لاء دل وندرائڻ جا رانديڪا! افسوس انهن کي اسلام جي نالي تي قتل ڪيو پيو وڃي.انهن کان نظريي جي نالي تي زنده رهڻ جو حق کسيو پيو وڃي.هي ڪهڙو اسلام هنن ايجاد ڪيو آهي ۽ هي ڪهڙو نظريو هنن برآمد ڪيو آهي.ٻنهي جهانن جا سردار ﷺ محفل ۾ ويٺا هئا ته ڪنهن جو جنازو اتان گذريو،پاڻ ﷺاحترام وچان اٿي بيٺا،صحابن عرض ڪيو ته حضور! هي ته ڪنهن مشرڪ جو جنازو آهي.پاڻ فرمايائون ته مشرڪ آهي ته ڇا ٿي پيو، انسان ته آهي!هنن جو اسلام پنهن جو آهي.جهاد جو اعلان ته آمريڪا ۽ يورپ جي خلاف پر مارين صرف معصوم ٿا.جڏهن ته آمريڪا ۽ يورپ جي بي گناھ ماڻهن کي مارڻ جي به اسلام هرگز اجازت نٿو ڏئي.
دهشتگردن کي ڪهڙا ڏوراپا ۽ ميارون ڏجن جو هنن وٽ ته انسانن واري دل ئي اندر ۾ ڪانهي،جذبا ۽ احساس ئي مري چڪا آهن پر پنهن جن سنگدل حڪمرانن کي ڇا چئجي  جن جا احساس ۽ جذبا به گهري ننڊ ستل آهن. انسانن جي ڪنهن قتل عام کان پهرين سندن اکيون نٿيون پٽجن،ڪنهن واقعي کان پوء اهو ئي عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ وارا بيان ته  “دهشتگردن جي چيلھ چٻي ڪئي ويندي، دهشتگردن جي ڳچيء ۾ هٿ وڌا ويندا،مجرمن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو،مقتولن کي معاوضو ڏنو ويندو، زخّمين جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪيو ويندو.مجرم اسان جي صبر کي ڪمزوري نه سمجھن،ڪنهن کي انسان دشمن ڪاروائين جي اجازت نٿي ڏيئي سگھجي،حڪومت عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بنائيندي،” انهن فضول قسم جي بيانن سان ڇا ٿيندو. معصوم انسانن جو قتل بند ٿي ويندو.ماڻهن جا پنهن جن جي وڇوڙي جا گھاء ڀرجي ويندا،جيڪي قيمتي زندگيون ضايع ٿي وييون تن جو ازالو ٿي ويندو.رياست جو بنيادي ڪم ڇا هوندوآهي؟ اهو ته صرف ڪجھ اشرافيا جي زندگين کي تحفظ ڏيڻ،انهن لاء بليٽ پروف سيڪيورٽيء جو بندوبست ڪرڻ،انهن جي ٻارن ٻچن جو خيال رکڻ ۽ باقي ٻي خلق خدا کي دهشتگردن جي حوالي ڪري ڇڏڻ! جڏهن آرمي پبلڪ اسڪول توڙي باچا خان يونورسٽيء ۾ معصومن ٻارن ۽ نوجوانن مٿان اڳ به اهڙيون قيامتون اچي چڪيون آهن تڏهن به حڪومت جون اکيون نه پٽيون.اهي اڄ ڪهڙي منهن سان مقتولن جي پونئين سان همدرديون جتائين ٿا جو دنيا کي خبر آهي ته  خودانهن جي وزيرن ۽ مشيرن جا ڪهڙين ڪهڙين دهشتگرد تنظيمن سان لاڳاپا ڳايا وڃن ٿا ۽ ڪهڙين ڪهڙين دهشتگرد تنظيمن طرفان سندن اليڪشن مهمون هلائڻ جا داستان عام آهن.انهن آخر پنجاب ۾ پهرين دهشتگردن  ۽سندن سهولت ڪارن  خلاف رينجرز کي آپريشن ڪرڻ ڇو نه ڏنو؟ ان ڏينهن تي اقليتن جو مذهبي تهوار به هو ته پوء حڪومت سيڪيورٽيء جا ڪهڙا غيرمعمولي انتظام ڪيا هئا؟ عام انسان جي خون جي قيمت انهن وٽ ڪجھ به ناهي،اهي ته چاهين ٿا ته ماڻهو گھرن جي اندر ئي گھٽجي ٻوساٽجي مري وڃن. جيستائين انهيء اشرافيا کان مڪمل  سرڪاري سيڪيورٽي واپس نٿي ورتي وڃي تيستائين انهن کي اهو پتو ئي نه پئجي سگھندو ته ملڪ ۾ ڪيترو امن آهي!
عوام تي به ڏاڍي حيرت ٿئي ٿي جو اهو سڀ ڪجھ سمجھندي به انهن حڪمرانن جا گيت ڳائي ٿو. بار بار پنهن جن پيارن جا لاش وصول ڪرڻ باوجود به انهن مڪارن تي اعتبار ڪري ٿو.حڪمران جڏهن دهشتگرديء جي جنگ ۾ پنهن جن عظيم قربانين جي ڳالھ ڪن ٿا ته ان وقت انهن کي ٽڪي جو به خيال نٿو ٿئي ته آخر هيستائين هن جنگ ۾ انهن پاڻ ڪهڙيون قربانيون ڏنيون آهن..هنن سواء مذمت جي ٻيو هيستائين ڪيو ڇاهي؟ قربانيون يا ته فوج،رينجرز ۽ پوليس جا جوان ڏيئي رهيا آهن يا عام ماڻهو !.حڪمران ته مال ميڙڻ کان ئي واندا ناهن.اهي ته هيترو ڪجھ ٿيڻ باوجود اڃا تائين ناٽڪ کيڏي رهيا آهن.اهي عوام کي بي وقوف بنائڻ لاء ٽي ويء تي اچي تقريرون ڪن ٿا ته سندن دل ان سانحي تي خون جا ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي،اهي عوام کي اهو ڇونٿا ٻڌائين ته هنن هن وقت تائين نيشنل ايڪشن پلان جي ڪيترن نڪتن تي عمل ڪيو آهي.ڪهڙي بلا آهي جيڪا انهن کي اڳتي وڌڻ نٿي ڏئي.ڪهڙيون زنجيرون آهن جيڪي هنن کي سڪ ڪيو ڇڏين.آخر اهي ڪهڙو انتظار ڪري رهيا آهن ته خدا نخواسته  وري ڪو اهڙو واقعو ٿئي،وري ڪي گھر برباد ۽ چمن ويران ٿين،وري ڪي فضائن ۾ سسڪيون،سڏڪا ۽ آهون بلند ٿين!
“را” جي دهشتگرد ڪاروائين ۾ ملوث هئڻ وارو فيڪٽر بلوچستان مان “را ”جي ايجنٽ جي گرفتاريء کان پوء کلي ڪري سامهون آيو آهي پر مجال آهي جو حڪومت جا وزير ۽ مشير ان معاملي تي زبان به کولين وزيراعظم جي سڄي تقرير مان ايم ڪيو ايم جي حوالي سان يا وري تازو گرفتار ڪيل را ايجنٽ جي گرفتاريء جي باري ۾ پراسرار خاموشي  ڇانيل رهي جڏهن ته ٻئي طرف آئي ايس پي آر ڪلڀوشن جي اعترافي بيان جي وڊيو جاري ڪري چڪي آهي جنهن ۾ هن پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪاروائين ۾ ملوث هئڻ جو اعتراف ڪيو آهي شايد مصطفى ڪمال گروپ جي ڳالهين وانگر حڪومت ان کي به صرف لفاظي سمجھندي هجي.
.گھڻو تماشو ٿيو،هاڻي  حڪمرانن کي خدا جو خوف کائڻ گھرجي،پاڪستان  تي رحم ۽ قوم تي ڪا ڪهل ڪرڻ گھرجي.امن جي طرف جيڪو به قدم کڄي ٿو اهي خود ان ۾ رڪاوٽ بڻجي بيهن ٿا، آخر ڇو؟ ڇا پاڪستاني قوم جي اها اڻ بدلجندڙ تقدير آهي ته اها بدامنيء جي هن نه وسامندڙ باھ ۾ هميشه سڙندي رهندي!ميڊيا ۾ ويٺل حڪمرانن جا ڪجھ درباري اهڙو نقشو چٽي رهيا آهن ڄڻ ته انهن حالتن جا ذميدار حڪمران نه پر عوام پاڻ هجي.اهي خوشامدڙيا به ڪجھ خدا جو خوف ڪن ۽ حڪمرانن جي غيرذميداري، لاپرواهي،غفلت،سستي ۽ غلط پاليسين تي سڀ ٺيڪ واري بانسري وڄائڻ هاڻي بند ڪن. ميڊيا جي به بنيادي ذميداري آهي ته اها حڪومت تي نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل عمل ڪرڻ لاء دٻاء وجھي ۽ ٽاڪ شوز ۾ انهن جون فضول تقريرون عوام کي ٻڌائن بدران انهن کان نيشنل ايڪشن پلان جي مختلف نڪتن تي عمل درآمد بابت سوال ڪري جيڪي سوال اهي بار بار گول ڪري وڃن ٿا. هن وقت ملڪ جي جن حصن ۾ دهشتگردن خلاف قانون نافذ ڪندڙ ادارا جيڪو آپريشن ڪري رهيا آهن اهو به ضروري آهي پر اهو ته نيشنل ايڪشن پلان جو صرف هڪڙو جز آهي ،انهيء سان وقتي طور تي ته دهشتگردي کي گھڻي حد تائين ٻنجو به اچي ويندو پر مستقل بنيادن تي دهشتگرديء مان جان تيستائين نه ڇٽندي جيستائين نيشنل ايڪشن پلان جي سمورن نڪتن تي پوريء طرح عمل نه ٿو ٿئي.فوج ته  ان حوالي سان پنهن جي حصي جو ڪم ڪري رهي آهي پر حڪومتون ان نيشنل ايڪشن پلان تان عملي طور تي هٿ کڻي چڪيون آهن. اهي مذهبي اڳواڻ ۽ ٻيا حلقا جيڪي اگر، مگر ،چونڪه ۽ چنانچه جي چادر۾ماضيء۾ دهشتگردن جو حوصلو وڌائيندا آيا آهن انهن کي به مري خدا کي جواب ڏيڻو آهي .انهن معصوم ٻارڙن جي قتل جي لاء اهي قيامت جي ڏينهن ڪهڙو جواز ڳولهيندا ۽ ڪهڙو عذر تلاش ڪندا! انهن کي به توبه ڪري پنهن جو مثبت ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي. ڪاش آئينده ڪو اهڙو سانحو وري نه ٿئي!.فيض احمد فيض جي لفظن ۾
“ ڪب نظرمين آئيگي بي داغ سبزي ڪي بهار

خون ڪي ڌڀي ڌلين گي ڪتني برساتون ڪي بعد!”

Tuesday, March 29, 2016

لاهور واقعو ۽ نيشنل ايڪشن پلان.

لاهور واقعو ۽ نيشنل ايڪشن پلان.
شفيق شاڪر


27 مارچ تي لاهور جي گلشن اقبال پارڪ ۾ دهشتگرديء جي پيش آيل هانء ڏاريندڙ واقعي جتي هڪ طرف پوري ملڪ کي سوڳ واري ڪيفيت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي اتي ٻئي طرف نيشنل ايڪشن پلان ،پنجاب حڪومت جي غفلت،قانون نافذ ڪندڙ ۽ انٽيليجنس ادارن جي ڪارڪردگيء جي حوالي سان ماڻهن جي ذهنن ۾ ڪئين سوال ۽ مونجھارا پيدا ڪري ڇڏيا آهن. جيڪڏهن حڪومت ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي دعوائن مطابق انهن دهشتگردن جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آهي ته پوء اهي ايڏي ديده دليريء سان جڏهن به چاهين پاڪستان جي اهم شهرن کي پنهن جو نشانو ايترو آسانيء سان ڪيئن بنائي وٺن ٿا! ميڊيا ۾ شايع ٿيل پراڻن بيانن ۽ ڪالمن جو جائزو ورتو وڃي ته ڪيتري عرصي کان ان تاثر جو اظهار ڪيو پئي ويو ته ملڪ جي ڪجھ مخصوص حصن ۾ دهشتگردن خلاف ٿيل آپريشن جي نتيجي ۾ مبينه طور تي دهشتگردن پنجاب کي پنهن جو مرڪز بنائي ڇڏيو آهي ۽ تجزيانگارن مطابق پنجاب دهشتگردن لاء محفوظ پناه گاه بڻيل آهي.اڄ کان اٽڪل ٽي مهينا اڳ پنجاب ۾ ٿيل اپيڪس ڪميٽيء جي اجلاس ۾ جنهن ۾ عسڪري قيادت به موجود هئي،پنجاب حڪومت کي اها صلاح ڏني ويئي هئي ته رينجرز جي ذريعي ڪراچيء جي طرز جو هڪ موثر آپريشن پنجاب ۾ به شروع ڪرڻ گھرجي. پر رپورٽن مطابق پنجاب حڪومت مختلف جواز ڄاڻائي اهڙي آپريشن جي مخالفت ڪئي هئي.پنجاب حڪومت جو موقف هو ته اهي صوبائي قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي ذريعي دهشتگردن خلاف آپريشن ڪري رهيا آهن پر موجوده بم ڌماڪي پنجاب حڪومت جي ان آپريشن جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي.مختلف دهشتگرد گروپن ۽ بندش پيل انتها پسند تنظيمن سان حڪومت جي لاڳاپن جون خبرون به وقت بوقت ميڊيا ۾ ڇپبيون رهيون آهن.  تازين خبرن موجب پنجاب حڪومت صوبائي وزير قانون رانا ثناءﷲ  جي نگرانيء ۾ پنجاب جي دهشتگرد ٽوڙ اداري ذريعي ڏکڻ پنجاب ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن جو فيصلو ڪيو آهي جنهن مان ان آپريشن جي نوعيت ۽ حڪومت جي سنجيدگيء جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو. سموري آپريشن جو عمل هڪ اهڙي وزير جي حوالي ڪرڻ جيڪو انهن بندش پيل تنظيمن  سان لاڳاپن جي حوالي سان پاڻ ئي ڊگھي عرصي کان تڪراري رهندو پيو اچي، سو صوبي مان ڪهڙي طريقي سان دهشتگرديء جو خاتمو آڻيندو،سمجھ کان ٻاهر آهي. اصل ۾ پنجاب حڪومت صوبي  ۾ڪنهن فوجي آپريشن کان بچڻ لاء وري اهو ناٽڪ رچائي رهي آهي، باقي صوبائي حڪومت جي  ان طي ڪيل آپريشن جو ڪوبه نتيجو نه اڳم نڪتو آهي ۽ نه هاڻي ڪونڪرڻو آهي.عوام ۾ پنجاب حڪومت خلاف جيڪو غصو آهي ۽ قوم عسڪري قيادت کان پنجاب ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن خلاف  ڀرپور فوجي آپريشن شروع ڪرڻ جو جيڪو مطالبو ڪري رهي آهي  پنجاب جا حڪمران وري به ان آپريشن جي رستي ۾ ڪنهن نه ڪنهن نموني رڪاوٽون وجھڻ گھرن ٿا. پنجاب جي انسداد دهشتگردي واري اداري وٽ نه ته جديد هٿيار ۽ مشينري آهي ۽ نه ئي انهن وٽ ايتري افرادي قوت آهي.اهو ادارو صوبائي گاديء واري شهرجي ڪنهن پبلڪ پارڪ ۾ ڪنهن دهشتگرد ڪاروائيء کي ئي روڪي نٿو سگھي سودهشتگردن جي مضبوط ڳڙهن ۾ وڃي انهن سان وڙهندو،سوال ئي پيدا نٿو ٿئي!  هڪ ڳالھ ته بلڪل واضح ٿي ويئي آهي ته پاڪستان جا عام شهري اڃا تائين دهشتگردن جي رحم ۽ ڪرم تي آهن.  دهشتگردن  خلاف  ملڪ  جي  هڪ  حصي  ۾ ڪاروائيون  ٿين ٿيون ته اهي ملڪ جي ٻين حصن ۾ وڃي پناه وٺن ٿا.انهيء حقيقت کان ڪيئن ٿو انڪار ڪري سگھجي ته جنهن به جڳھ تي ڪا دهشت گرد ڪاروائي ٿئي ٿي ته دهشتگرد ڀلي ڪٿان به اچن پر اهي اهڙيون ڪاروائيون مقامي سهوليت ۽ مدد کان سواء ڪري نٿا سگھن.انهن سهوليت ڪارن جو جيستائين خاتمو نٿو ٿئي، اهڙيون ڪاروائيون ٿينديون رهنديون.دهشتگرديء جي مڪمل خاتمي ۾ جيڪي رڪاوٽون آهن انهن ۾ سرفهرست نيشنل ايڪشن پلان جي نوي سيڪڙو نڪتن تي عمل نه ڪرڻ آهي جن تي عملدرآمد جي لاء حڪومتون پنهن جي حصي جو ڪم ڪرڻ لاء تيار ناهن جنهن جا ڪيترائي سبب آهن.مثال؛ نيشنل ايڪشن پلان جي نڪتن مان هڪ اهم نڪتو اهو به هو ته غير قانوني طور رهندڙ غير  ملڪين کي سندن ملڪ واپس موڪلڻ جا انتظام ڪيا ويندا پر ان سلسلي ۾ حڪومت جي سنجيدگيء جو اهو حال آهي جو هن وقت تائين اٽڪل 25 لک غير ملڪي غير قانوني طور تي پاڪستان جي شهريت حاصل ڪري چڪا آهن ۽ اٽڪل هڪ لک ٽيھ هزار غير ملڪين کي رشوتون وٺي قومي شناختي ڪارڊ به اشو ڪيا ويا آهن.هڪ طرف هزارين  فوجي جوان پنهن جون زندگيون دهشتگرديء جي ان جنگ ۾ قربان ڪري رهيا آهن ته ٻئي طرف سياسي حڪومتون پنهنجن مصلحتن ۽ سياسي مفادن جي لاء انهن دهشتگردن جي مٿي تي شفقت جو هٿ رکيو ويٺيون آهن. اهي انهن جي خلاف ڪاروائي ڪيئن ڪندا جو ڪجھ سياسي جماعتون انهن کان ووٽ وٺن ٿيون. هن وقت قوم جيڪا دهشتگرديء جي خاتمي جي لاء مڪمل طور تي سياسي حڪومتن کان مايوس ٿي صرف عسڪري قيادت کان اميدون لڳائي ويٺي آهي اها خود عسڪري قيادت کان اهو سوال پڇڻ ۾ حق بجانب آهي ته پنجاب يا پاڪستان جي ٻئي ڪنهن به علائقي ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ڪرڻ لاء انهن سياسي حڪومتن جي رضامندي ڇو ٿي ڳولهي وڃي؟ انهن جي نااهلين جي ڪهاڻي ڪا لڪيل ته ناهي.هر سياسي پارٽيء ۾ دهشتگرد ونگ،ٽارگيٽ ڪلر،قبضا مافيا ۽ ڪرمنل گروپن جي موجودگيء جو اعلان ته سپريم ڪورٽ به ڪري چڪي آهي ته پوء انهن کان آئينده ان معاملي ۾ ڪنهن چڱائيء جي اميد رکڻ دهشتگرديء جي جنگ ۾ قربان ٿيندڙ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي شهيدن ۽ معصوم شهرين،ٻارن ۽ عورتن جي شهادتن سان وڏي ناانصافي ٿيندي.عوام اهو ٿو چاهي ته دهشتگرديء خلاف فيصلاڪن ۽ موثر جنگ هر حالت ۾ پنهن جي منطقي انجام تائين پهچڻ گھرجي.جيڪر حڪومت پنهن جي حصي جو ڪم نٿي ڪري ۽ نه ئي ڪندي ته پوء ڇا ان جنگ کي اتي ئي اڌ ۾ ڇڏي ڏنو ويندو.پاڪستان جي سياسي تناظر ۾ عسڪري قيادت وٽ ايترو اختيار آهي جو اها سياسي حڪومتن کي پنهن جي من ماني ڪرڻ کان روڪي سگھي ٿي ۽ انهن کي قومي ايجنڊا تي عمل ڪرڻ لاء مجبور به ڪري سگھي ٿي.وقت اچي ويو آهي ته عسڪري قيادت عوام جي خواهشن ۽ اميدن مطابق پوري عزم، طاقت ۽ رٿابنديء سان نيشنل ايڪشن پلان تي عمل درآمد جي لاء اڳتي وڌي ۽ جيڪو به ان عوامي ايجنڊا ۽ قومي سلامتيء جي رستي ۾ رڪاوٽ بڻجي انهيء کي به دهشتگردن جو سهولت ڪار سمجھندي سندس خلاف به ڪاروائي ٿيڻ گھرجي پوء اهو ماڻهو يا ادارو سياسي هجي يا غير سياسي، مذهبي هجي يا لبرل!

Monday, March 28, 2016

منشياتي دهشتگردن هٿان يرغمال بڻيل سماج.

منشياتي دهشتگردن هٿان يرغمال بڻيل سماج.
شفيق شاڪر

اسان جي نام نهاد قومي ميڊيا جا به پنهن جا ئي شان ۽ انداز آهن.ڪنهن نان اشوء کي وڏي ڏانء سان اشو بنائڻ ۽ ڪنهن اشوء کي نان اشو جي ٽوڪريء ۾ ڦٽو ڪرڻ ته ڪو وٽانئن سکي.خاص طور تي پاڪستان جي پيڙهيل طبقن ۽ محروم قومن جي حوالي سان سچ لکڻ تي ته ڄڻ کين نانگ سونگھيو وڃي.البته جتي کين چٿر جو موقعو ملي ٿو اتي اخبارن ۾ وڏيون وڏيون شه سرخيون ۽ اٺ جي آندي جيڏا ڪالم به پڙهڻ لاء ملندا. 22 مارچ تي دنيا ۾ ٻه وڏا بدنصيب واقعا ٿيا.هڪڙو بيلجيم جي شهر برسلز ۾ ۽ ٻيو پاڪستان جي شهر ٽنڊو محمد خان ۾ جن مان هر واقعي ۾ اٽڪل پنجاه جي قريب ماڻهو موت جو شڪار ٿي ويا.برسلز واري واقعي کي ته قومي ميڊيا ۾ سرموڙ خبر جو درجو مليو ۽ سڄي دنيا ۾ ممڻ مچي ويو پر ٽنڊي محمد خان وارو واقعو ان انداز ۾ پيش ڪيو ويو ڄڻ ته انسان نه پر ڪي جانور مري ويا هجن.جڏهن موتن جو تعداد وڌڻ لڳو ته ننڊ پيل قانون به اکيون مهٽي سجاڳ ٿيو،اقليتي معاملن جي صوبائي وزير جنهن کي ايڪسائيز سان گڏ ٻيا به ڪيئي کاتا عنايت ٿيل آهن ،تنهن به پريس ڪانفرنس جي ذريعي پنهن جي موجودگيء جو احساس ڏياريو.واقعي تي رسمي افسوس جو اظهار ڪيو ويو۽ عوام جي تحفظ جا سمورا حق ادا ڪري هرڪو وڃي گھر سمهي پيو.هاڻي ٿيڻو ڇا آهي؟ ڪجھ ڏينهن لاء گٽڪي،مين پڙي ۽ ڪچي شراب جي وڪري خلاف وٺ پڪڙ ٿيندي،پوليس جا وارا نيارا ٿي ويندا،ڪجھ گنهگار ۽ بي گناه گڏي پڪڙي انهن جا خيسا خالي ڪيا ويندا،منٿلين ۾ اضافو ڪيو ويندو۽ وري ساڳي ڪاتي ساڳي وڍڻ جي وار جاري رهندي جو منٿلين جو اهو سلسلو هيٺان کان مٿي تائين وڃي ٿو،ڪيترن ئي شرفا جي محلن جا خرچ انهيء ئي ڪمائيء جي برڪت سان هلن ٿا. سنڌ جو اهو ڪهڙو ڳوٺ يا شهر آهي جتي ڪچو توڙي ولايتي شراب، چرس، ڀنگ ۽ ٻيون منشيات سر عام نه هلنديون هجن ۽ اتان جي پوليس کي انهيء جي پوري ڄاڻ نه هجي.شايد اسين اهڙي سماج ۾ پهچي چڪا آهيون جتي انسان،انسانيت،جذبا۽احساس سڀ پئسي جي هيٺان دٻجي دفن ٿي چڪا آهن.جنهن کي ڏسو،ان پئسي جي ڊوڙ ۾ ايترو ته انڌو ٿي چڪو آهي جو اهو هرقيمت تي ان کي حاصل ڪرڻ چاهي ٿو.آهي اسلامي جمهوريه پاڪستان پر شراب تي ڪا قانوني پابندي ڪانهي،جواز اهو ٿو ڄاڻايو وڃي ته غيرمسلمن جو اهو حق آهي ته کين سندن مذهب مطابق  رياست کين شراب مهيا ڪري ڏئي. غير مسلمن کي ٻيا سڀ سندن حق رياست ڏيئي چڪي باقي شراب جو حق ئي رهجي ويو هوجيڪو انهن کي مهيا ڪري ڏنو ويو آهي.پهرين ڳالھ اها ته اهو مذهب جي نالي تي سراسر بهتان آهي،دنيا جي ڪنهن به مذهب ۾ شراب جهڙي پليد شيء استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويئي آهي. ٻي ڳالھ  اها ته غيرمسلمن کان وڌيڪ مسلمان اهو شراب استعمال ڪن ٿا.اصل پئسي ڪمائڻ جو مسئلو آهي جو ان گندي ڪاروبار ذريعي ڪيترائي ڪک پتي  رات وچ ۾ لک پتي بڻجي ويا.سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪر سڀاڻي ڪنهن به مذهب سان تعلق رکندڙ اهو چوي ته سندس مذهب ۾ ماڻهن کي ڪهڻ جائز آهي ته ڇا رياست ان جو اهڙو مطالبو مڃي وٺندي؟ اڄ جيڪي انتها پسند ماڻهن کي بمن سان اڏائي رهيا آهن انهن جي نزديڪ به سندن هٿ ٺوڪي مذهبي تشريح موجب اهو ڪم مذهب مطابق آهي.حڪومت کي واقعي عوام جي زندگين جو ڪو فڪر آهي ته سڀ کان پهرين ولايتي شراب جي انهن سمورن گھتن کي بند ڪري ڏيکاري.انهن گھتن مان ڪيترا گھتا خود وزيرن ۽ سياسي اڳواڻن جا آهن.وري جڏهن اهڙو ڪو ڪٺور واقعو ٿئي ٿو ته اهي وزير،مشير ۽ پوليس عملدار اهڙي ته سادگيء سان اچي بيان ڏين ٿا ڄڻ ته انهن کي انهن گندن ڪاروبارن جي باري ۾ اڳ ۾ ڪا خبر ئي نه هئي.روزانو اخبارن ۾ عوام طرفان اهڙن سماج دشمن ڪاروبارن جي باري ۾ رڙيون ڪيون وڃن ٿيون،اخبارون اداريا لکي لاڳاپيل عملدارن جو ڌيان انهن معاملن ڏانهن ڇڪائينديون رهن ٿيون،ڪيترن ئي هنڌن تي ماڻهن طرفان مظاهرا به ڪيا وڃن ٿا پر ڪنهن جي ڪن تي جون نٿي سري جو يا ته اهي عملدار خود انهي ڪڌي ڪاروبار جا سرپرست آهن يا وري اها مافيا ايترو ته مضبوط آهي جو انهن جي خلاف قانون جا پير ڏڪڻ لڳن ٿا.سالن کان اهي منشياتي دهشتگرد نوجوان نسل جون زندگيون برباد ڪندا ۽ ڪيترائي گھر اجاڙيندا رهيا آهن پر نه ته انهن جي خلاف ڪڏهن ڪو آپريشن ٿئي ٿو ۽ نه ئي ڪنهن کي پڪڙيو وڃي ٿو ۽ نه ئي ڪنهن کي ڪا سزا اچي ٿي.جيڪو به انساني جانين سان کيڏي ٿواهو دهشتگرد ئي آهي پوء انهن منشياتي دهشتگردن سان ايڏو مهربانيء وارو سلوڪ آخر ڇو؟ جيڪر ڪنهن علائقي جي ايس ايڇ او کي اهو پتو ئي ناهي ته سندس علائقي ۾ ڪهڙا ڪهڙا ڏوهاري ماڻهو ۽ ڪهڙا ڪهڙا سماج دشمن ڏوھ ٿي رهيا آهن ته پوء اهڙي ايس ايڇ او کي نوڪري ڇڏي وڃي پڪوڙا کپائڻ گھرجن.پر ايئن هوندو ناهي،هر ايس ايڇ او کي پوري پوري خبر هوندي آهي،جڏهن ڪو نئون ايس ايڇ او ايندو آهي ته سڀ کان پهريائين ٿاڻي تي انهي جي سامهون ڏوهن ۽ ڏوهارين جي لسٽ ئي سامهون رکبي آهي ته جيئن سائين جن پنهن جي ذاتي بجيٽ انهي حساب سان ٺاهي سگھن.نئين آئي جي پوليس جي اچڻ سان سنڌ جي ساڃاه وند ڌرين ۽ خاص طور تي ڪمزور شهرين ۾ خوشيء ۽ اميد جي هڪ لهر پيدا ٿي هئي،پر گھوٽڪي ۽ ٽنڊي محمد خان واري واقعي نئين آئي جي جي ساک تي به ڪيترائي سواليه نشان پيدا ڪري ڇڏيا آهن.خاص طور تي اهڙو المناڪ واقعو جيڪو سمجھو ته هن جي پنهن جي اباڻي ضلعي ۾ پيش آيو هجي. جڏهن ڪو واقعي ايماندار ۽ ديانتدار پوليس آفيسر چارج سنڀاليندو آهي ته سندس نالو ٻڌندي ئي ڏوهارين ۾ ڦڙڦوٽ پئجي ويندي آهي ۽ اهي ايڏي ديده دليريء سان پنهن جون سرگرميون جاري نه رکي سگھندا آهن پر هتي ته اهڙو ڪجھ به ڏسڻ ۾ نه آيو آهي. يا ته سنڌ پوليس جي اڳواڻ کي اهو مڃڻ گھرجي ته سندس پوليس نااهل،نڪمي ۽ ڪرپٽ آهي جيڪا ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرڻ کان لاچار آهي يا وري اهو تسليم ڪرڻو پوندو ته آئي جي صاحب به ان اسٽيٽس ڪو جو حصو آهي جنهن ۾ قدم قدم تي مصلحت ۽ منافقت کان ڪم وٺڻو ٿو پوي ۽ جنهن ۾ چهرا بدلڻ سان ڪوبه فرق نٿو پوي ان ڪري عوام منجھائس اجايون اميدون نه رکي!

غير ملڪين کي پاڪستاني شهريت ڪيئن ملي؟

غير ملڪين کي پاڪستاني شهريت ڪيئن ملي؟
شفيق شاڪر
تازو اسان پاڪستان جو ڏهاڙو وڏي ڌوم ڌام سان ملهايو آهي،اهو قومي نغمو جنهن سان اسان جو سڄو ماحول گونجي رهيو هو ته “ هم زنده قوم هين،هم تابنده قوم هين” پر مون کي الائي ڇو هڪ خبر ياد اچي ويئي.خبر اها هئي ته
 “ نادرا هڪ لک ٽيھ هزار غيرملڪي افغان شهرين کي بليڪ لسٽ ڪري ڇڏيو آهي،هلندڙ سال وڌيڪ هڪ لک افغانين جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ويندي.” نادرا جي ذريعن موجب افغانين ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وسيع ڪاروبار ۽ ملڪيتون ٺاهي رکيون آهن جن ۾ اسلام آباد به شامل آهي.جنهن ڪري سندن سڃاڻپ ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن تنهن هوندي به جانچ مان خبر پيئي آهي ته هڪ لک ٽيھ هزار افغانين جا ڪوڙا شناختي ڪارڊ ثابت ٿي چڪا آهن. نادرا طرفان اهو به ٻڌايو وڃي ٿو ته جنهن وقت شناختي ڪارڊن کي ڪمپيوٽرائيز ڪيو پئي ويو ان کان اڳ ئي پنجويھ لک افغانين ناجائز طريقي سان پاڪستاني شهريت حاصل ڪري ورتي هئي. اها ڳالھ وزارت داخلا ۽ سرحدي معاملن واري وزارت حڪومت کي ٻڌائي ۽ اهو امڪان ظاهر ڪيو ته اهڙن گھٽ ۾ گھٽ وڌيڪ ڏھ لک افغانين جي نشاندهي ٿي سگھي ٿي جن وٽ پاڪستان جا قومي شناختي ڪارڊ هجن.
اها عام خبر انهن سوين خبرن مان هڪ آهي جيڪي خبرون روزانو اخبارن ۾ اينديون رهن ٿيون پر نادرا ۽ افعانين جا لفظ پڙهي ماڻهو انهن کي پورو پڙهڻ جي تڪليف ڪرڻ بدران نظرانداز ڪندي ٻين سنسني خيز خبرن طرف وڌي وڃن ٿا.هن خبر جو دلچسپ حصو اهو ته “ وزارت داخلا ۽ سرحدي معاملن جي وزارت اها معلومات “ حڪومت” کي ڏني آهي.ان جو مطلب ٿيو ته اهي ٻئي وزارتون حڪومت جو حصو ناهن، پر جيڪر اهي وزارتون حڪومت جو ئي حصو آهن ته پوء اها معلومات ڪهڙيء “ حڪومت” کي ڏني ويئي آهي؟ شايد نادرا ڪنهن خلا ۾ ڪم ڪري رهي آهي جنهن جو وزارت داخلا سان ڪو واسطو ناهي. نه ڪنهن ڳالھ جو ڪو مٿو آهي نه پڇ!اهو ئي واردات جو طريقو رهندو پيو اچي جو هر ادرارو ۽ هر وزارت پنهن جي ذميداري ۽ نااهلي آسانيء سان پنهن جي ڳچيء مان ڪڍي ٻئي جي ڳچيء ۾ وجھندي آئي آهي.سڄي دنيا کي خبر آهي ته افغانستان سان ملندڙ اسان جو اڍائي هزار ڪلوميٽر ڊگھو بارڊر نه پر عام شاهراه بنيل آهي جتان روزانو سوين هٿيار بند دهشتگرد بنان ڪنهن سفري دستاويز جي ايندا ويندا رهن ٿا.مٿان معاملي جو شرمناڪ پهلو اهو جو اهي لکين شناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ انهن غيرملڪين کي وڏيون وڏيون رشوتون وٺي حوالي ڪيا ويا.هزارين پاڪستانين جي شهادتن ۽ هزراين خاندانن جي برباديء کان پوء اڄ قوم کي اهو ٻڌايو پيو وڃي ته هڪ لک ٽيھ هزار افغانين کي بليڪ لسٽ ڪيو ويو آهي جو انهن وٽ ڪوڙا شناختي ڪارڊ آهن ۽ بنان ڪنهن شرم جي اهو اعتراف به ڪيو پيو وڃي ته پنجويھ لک افغانين غير قانوني طريقي سان پاڪستاني شهريت به حاصل ڪري ورتي آهي.ناجائز ذريعن جو مطلب آخر ڇا ٿيو سواء ان جي ته لاڳاپيل ادارن ۾ حد درجي جي ڪرپشن ٿي آهي.انهن کي اهي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ ملائڪن آسمان مان اڇلائي ته نه ڏنا هوندا.اهي دستاويز ڪنهن تيار ڪيا،ڪنهن جاري ڪيا،اهو سڀ ريڪارڊ اوهان جي ادارن ۾ موجود هوندو.انهن مجرمن جي خلاف هيستائين ڪهڙي ڪاروائي ٿي آهي؟غدار ۽ ملڪ دشمن ته اهي اهلڪار آهن جن بي  ضميرن رشوت وٺي پاڪستان جي قومي سلامتيء سان راند ڪئي آهي.اها ملڪ سان غداري ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ٿوري دير جي لاء ان پوري منظر مان افغانين کي هٽائي انڊين کي انهن جي جڳھ تي رکي ڏسو ته جيڪر ايترن انڊين کي ناجائز نموني اهي دستاويز جاري ٿين ها ته توهان جو ردعمل ڇا هجي ها؟غيرملڪي ته غيرملڪي ئي آهي پوء اهو انڊين هجي يا ٻئي ڪنهن ملڪ جو. هاڻي جڏهن ڪنهن به نااهليء جو جواب اسان جي حڪمرانن وٽ نه هوندو آهي ته يڪدم اسلام کي وچ ۾ کڻي ايندا آهن.اهو ئي ته مسلمان ڀائر آهن،افغانستان ۾ حالتون ٺيڪ ناهن وغيره وغيره اهي ناٽڪ ڪري ته اوهان ملڪ کي دهشتگرديء جي اوڙاه ۾ اڇليو آهي.هاڻي جڏهن صفائي ٿي رهي آهي تڏهن به پنهن جن حرڪتن کان باز نٿا اچو.اسان جا پنهن جا مسئلا ٿورا آهن جو ٻين ملڪن جو ٺيڪو کڻندا وتون. گھڻو ٿيو جيتري قدر اسان هنن کي برداشت ڪري سگھيا سين ٿي برداشت ڪيوسين،هاڻي انهن کي پنهن جي ملڪ وڃڻ گھرجي. ڳالھ صرف اتي دنگ ٿئي ها ته به چڱو هو پر اڄ به افغانين جي اچڻ جو سلسلو جاري آهي جنهن جا سڀ کان وڌيڪ اثر صرف سنڌ کي برداشت ڪرڻا پئجي رهيا آهن.ٻئي نمبر تي ڪي پي ڪي ۽ ٽئين نمبر تي بلوچستان انهن کان متاثر ٿيو آهي .پنجاب کي ته پرواه ئي ڪانهي جو سموري دنيا جي مسلمانن جو ٺيڪو صرف ٻين صوبن کنيو آهي.خبر ناهي ته هنن کي پاڪستان کي ٻيو افغانستان ٺاهڻ جو شوق ڇو کنيو بيٺو آهي . نيشل ايڪشن پلان ۾ اهو نڪتو شامل هو ته سڀني غيرملڪين کي سندن ملڪن ڏانهن موڪلڻ جو بندوبست ڪيو ويندوته پوء ان نڪتي تي عمل ڇو نٿو ٿئي ؟اڃا تائين اها ئي ٻٽي پاليسي جاري آهي.اهي لکين غير ملڪي جن جا غير قانوني نموني حاصل ڪيل دستاويز اوهان پڪڙيا آهن انهن مان ڪيترن کي ملڪ بدر ڪيو آهي؟اهو ملڪي سلامتيء جو معاملو آهي.جن انهن غيرملڪين سان ملي غداريء جو ڏوه ڪيو آهي انهن تي مليٽري ڪورٽن ۾ڪيس هلائي کين ڦاسي يا عمر قيد جي سزا ڏيو ته جيئن آئنده ڪو اهڙي ڪريل حرڪت ڪري نه سگھي پر اوهين ڪڏهن به ايئن نه ڪندا جو اوهين ته انهن غيرملڪين کي پنهنجن ذاتي،گروهي ۽ سياسي مقصدن لاء استعمال ڪريو ٿا ۽ اوهان کي هروقت انهن جي مدد جي ضرورت رهي ٿي. ۽ اهم ڳالھ اها ته اوهين انهن غيرملڪين کي ٻين صوبن ۾ مستقل آباد ڪري اتان جي ڊيموگرافي بدلائڻ گھرو ٿا.ڊالر وصول ڪري پنهن جي ملڪ جي سلامتيء سان کيڏڻ هتان جو دستور رهيو آهي.جڏهن آمريڪا اجمل ڪانسيء کي پڪڙڻ لاء 35 لک ڊالر آڇيا هئا ته ڪانسيء جا اهي دوست جن وٽ هو لڪيل هو تن ئي کيس پئسا وٺي آمريڪا جي حوالي ڪري ڇڏيو.اها رقم ادا ڪرڻ کان پوء جڏهن هڪ آمريڪي وڪيل ٽي وي ء تي انٽرويو ڏيندي چيو ته پاڪستاني ته ويهن هزار روپين ۾ وڪجي وڃن ٿا،انهن کي ايتري رقم ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي ته اسان جي قومي غيرت جاڳي پيئي ۽ آمريڪي سفير کي وزارت خارجه ۾ طلب ڪري ساڻس اهڙن ريمارڪس تي سخت احتجاج ڪيو ويو هو.پر ڪجھ ئي سال پوء اسان جي ملڪ جي هڪ اڳوڻي صدر پنهن جي ڪتاب ۾ سڄي دنيا جي سامهون پاڻ وڏي فخر سان اعتراف ڪيو ته اسان القائده جا 369 ميمبر پڪڙي آمريڪا جي حوالي ڪيا جن جي بدلي ڪروڙين ڊالر وصول ڪيا.جيڪر اوهين انهن کي پڪڙي پنهن جي ملڪ جي خدمت ڪري رهيا هئا ته پوء اوهان معاوضو ڇا جو وصول ڪيوپر جيڪر اهو ڪم اوهان پنهن جي ملڪ لاء نه پر ٻين لاء ڪيو هو ته پوء اوهين انهن ملڪن جا ڪمدار ٿيا ۽ هو اوهان جا آقا،جيئن هنن اوهان کي چيو،اوهان پئسا وٺي اهو ڪندا ويا.دنيا ۾ عزتدار ۽ خوددار قومون ايئن جيئنديون آهن! زنده ۽ تابنده قومن جا اهي پرڪار هوندا آهن!اهي حاصل ڪيل پئسا ڪيڏانهن ويا ڪنهن کي ڪا خبر ناهي.هن ملڪ ۾ ڇا ڇا نٿو وڪجي؟ ڇا هتي نوڪريون ۽ ڪوڙيون ڊگريون نٿيون وڪجن.ڇا ٿاڻا ۽ ادارا نٿا وڪجن.اليڪشن جون ٽڪيٽون نٿيون وڪجن،سياسي وفاداريون نٿيون وڪجن؟ٻار ۽ عورتون نٿيون وڪجن؟ انسانن جا عضوا نٿا وڪجن؟ قبرستان نٿا وڪجن؟ پنجويھ لک غير ملڪين کي شهريت جو وڪرو ته هتي معمول جي ڳالھ آهي.!