Thursday, August 29, 2019

طنز و مزاح؛ فيسبڪي دانشورن لاء صلاحون!






شفيق الرحمان شاڪر
اسان جي قوم قومي ريس جو شڪار آهي ان ڪري جڏهن ڪو شخص ڪرياني جو دوڪان کولي ٿو ته ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ان جي آس پاس ڪرياني جا ڪيترائي دوڪان کلي وڃن ٿا.ڪو بس ۾ معجون يا چورن وڪڻندو آهي ته پوري قوم هٿ ۾ ٿيلهو کڻي اهو ڌنڌو شروع ڪري ڏئي ٿي.هڪڙو ڪو ڊاڪٽر بڻجي ٿو ته پويان لائين لڳي وڃي ٿي.ڪو ون وهيلنگ ڪري ٿو ته باقي قوم وري اڌ وهيلنگ ڪرڻ لاء تيار ٿيو وڃي.اڄ ڪلهه قوم کي جنهن شيء جو دورو پيل آهي سو آهي فيس بڪي دانشوريء جو.فيس بڪي دانشور بنجڻ م سڀ کان وڏي آساني اها آهي جو اوهان وٽ رڳو انٽرنيٽ جو هئڻ ضروري آهي باقي عقل،سوچ،تعليم وغيره جي ڪا خاص ضرورت نٿي پوي.هڪ سٺو فيسبڪي دانشور ٿيڻ لاء ڪجهه اهم ۽ بنيادي تجويزن تي عمل ضروري آهي.سڀ کان اڳ پنهنجو اصلي نالو وساري ڪو نئون فيسبڪي نالو تجويز ڪريو.نالو جيترو عجيب هوندو ان جو اوترو ئي سٺو اثر ٿيندو.جيڪر نالو يا اڪائونٽ زنانو ٺاهجي ته شهرت ۾ ترت چار چنڊ لڳي سگھن ٿا.هاڻي پوسٽنگ جو مرحلو اچي ٿو.هتي اوهان وٽ چوائس آپشن آهن ته اوهان ڪهڙي قسم جا دانشور بنجڻ گھرو ٿا.قوم جا غمخوار،محبت جا خدائي خوار،مذهبي نمڪ خوار،سائنسي شيرخوار،اخلاقي پنشن خوار يا وري سازشي پڪوڙي خوار.قوم جا غمخوار اهي آهن جن کي رات ڏينهن،اٿندي ويهندي قوم جو درد کائيندو رهي ٿو.جيڪر ڪو برو ڪم ڪري ته انهن کي تڪليف ٿيندي آهي ۽ جيڪر ڪو سٺو ڪم ڪري تڏهن به کين تڪليف ٿيندي آهي جو اهي چڱائيء مان به برائي ڪڍڻ جا ماهر هوندا آهن.محبت جا خدائي خوار اهي آهن جن جو سڄو سال ئي ڊسمبر بڻيل هوندو آهي ۽ عشق محبت ۾ تڙپي تڙپي آسپاس وارن جو ساهه منجھائڻ ۾ مهارت رکندا آهن.انهن کي ڪيترائي ابتا سبتا شعر ياد هوندا آهن ۽ ان سوز ۾ ٻڌائيندا آهن جو عام حالتن ۾ اوهين پڙهو يا ٻڌو ته شعر تي شير کي ترجيح ڏيڻ لڳو.مذهبي نمڪ خوار اهي ماڻهو آهن جيڪي رات ڏينهن مذهبي بحث ڇيڙيندا رهندا آهن ۽ هر ڳالهه ۾ مذهب جي چتي هڻڻ ۾ دير نٿا ڪن. سائنسي شير خوار اهي آهن جيڪي ٻه ٽي ڪتاب پڙهي هر معاملي کي سائنسي نگاهه سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ نتيجي ۾ عام شيون ڏسڻ کان به محروم ٿي وڃن ٿا.ڀلي اهي ميٽرڪ م فزڪس ۽ ڪيمسٽريء ۾ بار بار فيل ٿيا هجن پر هر وقت پنهنجا سائنسي خيال ٻين جي دماغ ۾ اوتڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهن.انهن ماڻهن سان هڪڙو مسئلو اهو به هوندو آهي ته اهي هر وقت مذهب کان بيزار رهندا آهن.پاڪستان ۾ ڪهڙو به مسئلو ٿي پوي ته ان کي وڃي مذهب سان ڳنڍيندا آهن.اخلاقي پنشن خوار اهي هوندا آهن جن ماڻهن جا اخلاق سڌارڻ جو پنهنجي طور تي ٺيڪو کڻي ڇڏيو هوندو آهي.هونئن ته قوم جي غمخوار جي ويجھو ٽولو آهي پر هنن جو سڄو زور اخلاقيات تي هوندو آهي توڙي جو اهي سندن عام زندگيء ۾ ماڻهن سان کلي ڳالهائڻ جي صلاحيت کان به محروم هجن پر فيسبڪ تي اخلاقيات بابت پوسٽون ڏيندي نٿا ٿڪن.آخري قسم سازشي پڪوڙا خوارن جوآهي ۽ الله جو شڪر آهي جو پاڪستان ۾ انهن جو تعداد ايترو ناهي ۽ جيترا آهن اهي گھڻا انگريزي ميڊيم آهن پر جيترا به آهن اهي گھڻو ڪجهه آهن.ڪجهه به ٿئي ته هو ان مان ڪونه ڪو سازشي نڪتو ڳولهي وٺندا آهن.اڄ ڪلهه سياسي ماحول ۾ انهن جي گھڻي گھرج آهي جو هڪ سڌي سنئين ڳالهه کي به گھمائي ڦيرائي ماڻهن کي به گھمائي ڇڏيندا آهن.هاڻي اهو فيصلو اوهان کي ڪرڻو آهي ته اوهين ڪهڙي قسم جا دانشور بنجڻ گھرو ٿا.اڄڪلهه سڀ کان وڏو اسڪوپ قوم جي غمخوارن جو آهي جن ۾ ڪي انصافي ته ڪي وري نوني آهن.فيس بڪي دانشور بنجڻ جو آسان طريقو اهو آهي ته سڀ کان پهرين تحريڪ انصاف جي حمايت ڪريو ۽ جڏهن پنج هزار کن فالوئر ملي وڃن ته نوني بڻجي وڃو.انهيء سان اهي پنج سو يا هزار ٻيا وٺي ايندا جيڪي اوهان تي لعنت ملامت ڪندا اهڙيء طرح اوهان ڏينهن ٻيڻي ۽ رات چوڻي ترقي ڪندا.ٻيو طريقو اهو آهي ته اوهين فقط تحريڪ جا ئي حامي رهو پر ان لاء اوهان کي نون جي مخالفت ۾ ڪا نواڻ آڻڻي پوندي نه ته ته اهي انقلابي وري ڪنهن ٻئي دانشور پويان هلڻ لڳندا.محبت جا خدائي خوار بنجڻ لاء اوهان کي جليل سڙيل شعر،ڇوڪرين جون تصويرون،ڪجهه ابتن سبتن ناولن جا ااقتباس گھرجن جيڪي اوهين اهڙي رفتار سان پوسٽ ڪيو جنهن رفتار سان ساوڻ م گيسٽرو پکڙجندي آهي.مذهبي معاملن لاء ٻه رستا آهن يا ته مڪمل ماڊرن بنجي وڃو يا وري بلڪل پراڻن خيالن وارا.جيڪو به گروپ ۾ داخل ٿئي ان لاء لازم هجي ته هو هر وقت ٻئي ٽولي کي ڇيڙيندو رهي.سائنسي شيرخوار بنجڻ لاء سائنسي نظريا ۽ ٿيوريون فيس بڪ تي ڏسو ۽ جيڪا به خراب ڳالهه هجي ان جو ناتو سائنسي تعليم ۽ نظرين جي کوٽ سان جوڙي ڇڏيو.ريل حادثو ٿئي ته سائنسي اوزارن جو نه هئڻ، باهه لڳي ته سائنسي نظرين جو نه هئڻ،ڪو مري وڃي ته سائنس کي پنهنجي مٿان لاڳو نه ڪرڻ،مطلب ته سائنس جو نه هئڻ ئي اسم اعظم بڻجي وڃي.اخلاقي پنشن خوار بنجڻ ته نهايت ئي آسان آهي.پنهنجي محلي يا پاڙي جي ڪنهن پوڙهي يا پوڙهيء کي ڏسي وٺو ته اهي ڪهڙيء طرح نوجوانن جي هر ڳالهه ۾ آسانيء سان اخلاقيات جي گھٽتائيء جو الزام ڏين ٿا.سازشي پڪوڙي خوار بنجڻ لاء ٿوري محنت ڪرڻي پوي ٿي ان ڪري مشورو اهو آهي ته اهو ڪم جيڪي ڪري رهيا آهن انهن کي ئي ڪرڻ ڏيو جيڪر وڌيڪ شوق آهي ته انهن جي ڪم تي هٿ جي صفائي ڏيکاريو ۽ سندن ڪاپي ڪري پيسٽ ڪرڻ شروع ڪري ڏيو.ڪجهه ٻيا اهم مشورا اهي آهن ته ڪڏهن به مناسب ۽ متناسب ڳالهه نه ڪيو بلڪه هر معاملي ۾ انتهائي حدن تي هليا وڃو.ڪڏهن به پاڻ هار نه مڃيو ۽ جيڪر جواب نه ملي ته ترت ذاتيات تي لهي اچو.اها ڳالهه چڱيء طرح سمجھي ڇڏيو ته اوهين ئي عقل ڪل آهيو ۽ ٻيا سڀ ماڻهو پاڳل آهن ۽ اوهان خدائي فوجدار آهيو جن جو ڪم ڏنڊي سان ماڻهن کي سڌو ڪرڻو آهي.ڪڏهن به نه مڃيو ته اوهين ڪنهن خاص گروهه سان تعلق رکو ٿا بلڪه ٻئي گروهه کي گاريون ڏيندي چوندا رهو ته اوهين غير جانبدار آهيو.اهڙيء طرح اوهان جا فالوئرز چوندا ته ڏسو هي غير جانبدار ماڻهو به اسان جو پاسو کڻي رهيو آهي،اهڙيء طرح اوهان جا فالوئر وڌندا.گاريون گند،بد زباني ۽ فحش ڪلامي هن راند جو حصو آهن  ان ڪري ان جي استعمال کان هٻڪ نه ڪيو.اسٽيٽس جيترا وڌيڪ ۽ جيترا ڪٽر ٻين لفظن ۾ گٽر هوندا ڪاميابيء جا امڪان ايترائي روشن هوندا.

(روزاني هلال پاڪستان 26 آگسٽ 2019ع)

Wednesday, August 28, 2019

اختيار ڌڻي ڪڏهن سنجيده ٿيندا؟



شفيق الرحمان شاڪر
ملڪ جي اقتداري ايوانن ۾ هن وقت اهو ”اهم ترين“ موضوع بحث هيٺ  آهي ته نيب جي اختيارن ۾ ڪيئن ”توازن“ پيدا ڪيو وڃي ۽ انهيء کي ڪهڙي طريقي سان حڪمران اشرافيا،ڪاروباري مافيا ۽ نوڪرشاهيء جي جن لاء ”بي ضرر“ بنايو وڃي.بلڪل اهڙيء طرح جهڙيء طرح هلاڪو خان جي بغداد تي حملي وقت درٻارن ۾ نام نهاد ملان اهو بحث ڪري رهيا هئا ته ”ڪانء حلال آهي يا حرام؟“ ايستائين جو هلاڪو خان جي بي رحم تلوارن سندن سسيون ڌڙن کان ڌار ڪري ڇڏيون ۽ اهي بحث بنان ڪنهن فيصلي جي اڌ ۾ رهجي ويا.يا وري اهي بحث جاري آهن ته جيلن ۾ موجود سياسي اشرافيا کي ٽي وي ۽ اي سي جي سهولت هئڻ گھرجي يا نه؟انهن سان هفتي ۾ ڪيترن پيارن جي ڪيترا دفعا ملاقات ڪرائي سگھجي ٿي وغيره وغيره.يا وري عمران خان سان فون تي ٿيل صدر ٽرمپ جي ڳالهه ٻولهه تي ڊانسون ٿي رهيون آهن.هن سموري اشرافيا کي ذري جو به اندازو ،ادراڪ ۽ احساس ناهي ته هن وقت هي پورو خطو خاص طور تي پاڪستان ڪهڙن خطرناڪ بحرانن مان گذري رهيو آهي ۽ هن وقت ملڪ جي سلامتيء کي ڪيترا شديد خطرا لاڳو آهن.ڪشميرين سان ڪهڙا ڪلور ٿي رهيا آهن ۽ ڀارت طرفان والاريل ڪشمير ۾ ڏهه لک فوج گڏ ڪرڻ جو ڪهڙو مقصد آهي؟لڳي ٿو ته ملڪ ۾ سياسي اڳواڻيء جو هڪ اهڙو خال پيدا ٿي پيو آهي جنهن کي ڪوبه ڀرڻ جي ڪا سنجيده ڪوشش نه ڪري رهيو آهي.جيڪي سياسي اڳواڻ اڳ ۾ ئي جيل ۾ آهن انهن خلاف وڌيڪ ڪيس جڙي يا کلي رهيا آهن ۽ جيڪي ٻاهر آهن انهن کي اندر موڪلڻ جون تياريون به جاري آهن.انهن حالتن ۾ حڪومت پلاسٽڪ جي ٿيلين خلاف آپريشن شروع ڪيو آهي ۽ اهو آپريشن شروع ڪرڻ جو وقت به اهو ئي چونڊيو ويو آهي.انهن ٿيلين جي بندش وارو فيصلو پنهنجي جڳهه تي درست پر انهيء جو متبادل عوام کي ڇا ٻڌايو ويو آهي،ڪا خبر ناهي.هاڻي ته هر شيء انهن ٿيلين اندر ئي گھر پهچي ٿي پر نه ته اڳ ۾ عوام اندر ڪا اهڙي آگاهي مهم هلائڻ جي ضرورت محسوس ڪئي ويئي ۽ نه ئي انهن کي ان جو متبادل مهيا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي.ٻاهرئين محاذ تي جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي اندروني طور تي سياسي ڇڪتاڻ جو ان کان به وڌيڪ لاوو پچي رهيو آهي.قومي ايڪتا ۽ اتحاد جون ڳالهيون تقريرن جي سونهن ضرور بڻيل آهن پر جڏهن ڪا قوم موجود ئي ناهي ته قومي ايڪتا ڪٿي ڳولهجي؟ هتي ته هڪڙو بي ترتيب،ڇڙواڳ ۽ جذباتي هجوم آهي جنهن جي زبان تي جنگ،جنگ ۽ جنگ جون صدائون گونجي رهيون آهن.اهو احساس ڪرڻ سواء ته جنگين سان رڳو انسان مرندا آهن،ٻار يتيم ۽ عورتون بيواه ٿينديون آهن ۽ نوجوان معذور ٿيندا آهن.ڪا مربوط حڪمت عملي ڪا متحده پاليسي ۽ ڪو سياڻپ ڀريو لاحئه عمل نه ته حڪمرانن جي صفن ۾ ۽ نه ئي مخالف ڌر جي محفلن ۾ نظر اچي ٿو. وفاقي توڙي صوبائي حڪومتون پنهنجا ٽي سو پنجهٺ ڏينهن پورا ڪري چڪيون آهن پر هر طرف اهي ئي ڪاريء وار ڪک نظر اچن ٿا.مهنگائيء جو بار ماڻهن تان گھٽجڻ بدران وڌندو ٿو وڃي.خبر ناهي ڪيترا پئسا ٻاهرين ملڪن مان واپس موٽڻا هئا،ڪيترن ماڻهن کان ٽيڪس وصول ڪرڻو هو پر هاڻي ته ايف ٻي آر جو چئرمين ئي عيد جو چنڊ بڻجي ويو آهي،.قوم کي ڪابه ڳالهه سچ نه پيئي ٻڌائي وڃي.ڪراچيء ۾ صفائي ڪندي ڪندي سياسي گند جا ڍير لڳندا ٿا وڃن ۽ هڪ ٻئي جي ڏاڙهي پٽ جاري آهي.سنڌ حڪومت سڄو گند وفاقي حڪومت ۽ ميونسپل اختيارن تي اڇلي رهي آهي ته ايم ڪيو ايم وري سنڌ حڪومت تي ڪچرو ڦٽي ڪري پنهنجو پاڻ کي پوتر ثابت ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل نظر اچي ٿي،ايم ڪيو ايم جو اڳوڻو ۽ هاڻوڪو ميئر ٻئي هڪ ٻئي کي چور چور ڪوٺيندي عقيدت جا گل پارائي رهيا آهن.پي ٽي آئي جو علي زيدي شهر صاف ڪرڻ لاء ڇا نڪتو ،سينن ۾ لڪيل بغض واريون گندگيء جون ڀريون گھٽين ۾ پکڙجڻ لڳي وييون.شايد اها ئي پراڻي ريت ته نه ڪم ڪبو ۽ نه ڪنهن کي ڪرڻ ڏبو تي عمل جاري آهي.ڪراچي ڏينهون ڏينهن کنڊر بڻجندي ٿي وڃي،رڳو سوين ماڻهو بجليء جا جھٽڪا لڳڻ سبب هي جهان ئي ڇڏي چڪا آهن پر اختيار ڌڻين جون من مستيون ۽ شاهاڻا شوق جيئن جو تيئن جاري آهن.گھٽرن  مليل برسات جي پاڻيء ۾ اڃا تائين به شهر جا ڪجهه حصا ٻڏل نظر اچن ٿا پر پيئڻ جو پاڻي اڻ لڀ آهي.اربين روپين جي رقم جيڪا هن شهر جي ترقي ۽ سڌاري لاء هتي پهتي سا خبر ناهي ڪهڙي لالو کيٽ ۾ دفن ٿي ويئي.اهي ئي انڌيون اهي ئي جنڊ،اها ئي سياستبازي،اهي ئي الزام تراشيون ۽ اها ئي پنهنجن ذميدارين کان ڪنڌ ڪڍرائي ٻين کي ملعون ڪرڻ جي پراڻي روش جاري آهي.انهيء سموري تماشي ۾ جيڪو سڀ کان گھڻو ايذاء ۽ اذيت جو شڪار آهي سو آهي ”جمهور“ جنهن جي نالي تي اهي سڀ ووٽ وٺي اختيار حاصل ڪن ٿا ۽ پوء سياسي اداڪاري ڪرڻ لڳي وڃن ٿا.هن شهر مان هر ڪو هر قسم جا فائدا ته حاصل ڪري ٿو پر ڪوبه ان جي مالڪي ڪرڻ لاء تيار ناهي.بجليء جو جيڪو حشر آهي ۽ ٽرانسپورٽ جي جيڪا مصيبت آهي انهيء تي سوچڻ لاء ڪنهن وٽ به وقت ڪونهي.سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال تيزيء سان خراب ٿي رهي آهي ۽ ڌاڙيل فيڪٽر وري پاڙون پکيڙي رهيو آهي پر حڪومت انهيء بحث ۾ ڦاٿل آهي ته پوليس آفيسرن جي بدلين جو اختيار آئي جي وٽ هجڻ گھرجي يا وڏي وزير وٽ؟ ايندڙ ڏينهن ۾ ڪراچيء ۾ اهي پراڻيون سياسي ۽ دهشتگرد ڌريون وري سرگرم ٿيندي نظر اچن ٿيون جن ماضيء ۾ هن شهر جو امن امان برباد ڪري شهرين جو جيئڻ زهر ڪري ڇڏيو هو. اهي ڌريون وري منظم ۽ متحرڪ ٿي رهيون آهن ۽ دهشتگرديء جي امڪاني واقعن کي به رد ڪري نٿو سگھجي.
(روزاني عوامي آواز 25 آگسٽ 2019ع)

Sunday, August 25, 2019

ماضيء جو آئينو؛ سينيما جي تاريخ.




شفيق الرحمان شاڪر
اوڻويهين صدي کي سائنسي ايجادن جي صديء طور ڄاتو وڃي ٿو.ان صديء ۾ دنيا گھڻين ئي ايجادن جو مشاهدو ڪيو.سينيماٽو گراف Cinematograph جنهن کي مختصر طور تي عام طور تي سينيما Cinema چئجي ٿو ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي.سينيما جي ايجاد ڪنهن جادوئي ڪرشمي کان گھٽ نه هئي جنهن بيجان تصويرن کي زندهه ڪري ڇڏيو ۽ بي زبان ڪردارن کي زبان ڏني.زندگيء جي مختلف پاسن کي هلندڙ ڦرندڙ تصويرن ۾ قيد ڪرڻ جو تجربو پڪ سان نهايت دلچسپ ۽ نرالو هو.ان خوبصورت ايجاد جو سهرو فرانس جي لوميئر برادرس تي آهي جن 1895ع ۾ سينيما ماٽوگراف مشين جوڙي سينيما ۾ پنهنجي اوليت داخل ڪرائي توڙي جو انهن ٻنهي ڀائرن کان اڳ امريڪا جي ٿامس ايڊيسن 1891ع ۾ڪنٽوگراف مشين ايجاد ڪري ورتي هئي پر فني  خامين سبب ان مشين کي تاريخ ۾ اوليت جو درجو نه ملي سگھيو.بهرحال سينيما جا خالق لوميئر برادرس ئي آهن تنهن هوندي به اڄ جنهن شڪل ۾ سينيما اسان تائين پهتي آهي ان ۾ ڪيترن ئي ماڻهن ۽ ڪيترين ئي صدين جي ڪوشش ۽ تجربن جو عمل دخل رهيو آهي.سينيما گرافي اصل ۾ فوٽوگرافي جي وڌيل شڪل آهي ان ڪري سينيما جي اوسر واري سفر کي سمجھڻ لاء فوٽوگرافي جي ايجاد ۽ ان جي اوسر وارا مرحلا سمجھڻ ضروري آهن.فوٽوگرافي جي حيرت ۾ وجھندڙ خوبين کي ڏسندي روبرٽ رولج ان کي اوڻويهين صديء جي سڀ کان خوبصورت،مقبول ۽ لائق ساراهه ايجاد قرار ڏنو آهي.فوٽوگرافيء جو جائزو وٺڻ سان خبر پوي ٿي ته ان جي ايجاد ۾ به ڪيترين ئي صدين ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جي ڪوششن جو حصو رهيو آهي.ڪيترن ئي تجربن ۽ مرحلن مان گذري اها قيمتي ايجاد اسان تائين پهتي آهي.ڪجهه مورخن جو خيال آهي ته فوٽوگرافي ۾ اسلامي دور جي مشهور سائنسدان ابو علي حسن ابن الهيثم شروعات ڪئي هئي.اولهه جي دنيا ۾ الهيزن جي نالي سان مشهور ابن الهيثم بصريات Optics جو وڏي باريڪ بينيء سان مطالعو ڪيو ۽ ان بابت ڪجهه نظريا به پيش ڪيا جيڪي اڄ تائين بصريات متعلق ڪيترن ئي سائنسي نظرين جو بنياد مڃيا وڃن ٿا. ان سلسلي ۾ هن ڪتاب ”ڪتاب المناظر“ نالي لکيو جنهنجو ترجمو  Book of Opticsجي نالي سان موجود آهي جيڪو سترهين صديء تائين اولهه جي يونيورسٽين جي نصاب ۾ شامل رهيو ۽ ڪيترن ئي سائنسي تجربن ۾ ان جي مدد ورتي ويئي.ابن الهيثم بصريات متعلق پنهن جا تجربا ڪندي  پهرين سنهڙي سوراخ واري ڪيميراPinhole Camera  تيار ڪئي  ۽ بعد ۾ ان جي خامين کي دور ڪندي اونداهين ڪيميرا  Obscure Camera جوڙي جنهن کي عربيء ۾ ”بيت المظلم“چيو وڃي ٿو.اها ڪاٺ يا ڌاتوء مان پيتيء جيان ٺاهي ويندي آهي جنهن جو اندريون حصو مڪمل اونداهون ۽ ٻاهريئين حصي تي هڪ ننڍڙو سوراخ هوندو آهي جيڪو ٻاهرين منظرن کي سوراخ دار ّاني ۾ موجود ڪاري پردي تي منعڪس ڪندو آهي.ابن الهيثم جي ان ايجاد کي فوٽو گرافي يا سينيماٽو گرافي جو پهريون نمونو سمجھيو وڃي ٿو.ڪجهه ماڻهو ان ڳالهه جا به قائل آهن ته ڪنهن اونداهين خاني ۾ هڪ سنهڙي سوراخ يا شٽر ذريعي ٻاهرين منظرن کي اندرئين ڪاري پردي تي منعڪس ڪرڻ جو تصور ارسطو وٽ به موجود هو.نائين صدي عيسوي ۾ عرب جي مشهور فلسفي ابو يوسف يعقوب الڪندي پڻ ان نظريي تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي   پر انهن ماڻهن مان ڪنهن به ان نظريي کي عملي صورت نه ڏني.ابن الهيثم اهو پهريون سخص آهي جنهن ان جو عملي تجربو ڪيو.ان ڪري گھڻا ابن الهيثم کي ئي پن هول ڪيميرا جو باني سمجھن ٿا.اونداهين ڪيميرا سان رڳو عارضي تصوير ڏسي سگھبي هئي،ان سان مستقل تصوير ٺاهڻ اڃا تائين ممڪن نه بڻيو هو.ڏهين صدي کان پندرهين صديء تائين عام مشاهدي يا سج گرهڻ کي سڌو ڏسڻ جي نقصانن کان بچڻ لاء ان ڪيميرا کي استعمال ۾ آندو ويندو رهيو،سورهين صديء اٽليء جي سائنسدان جيام بيٽيسٽا ان ڪيميرا تي وڌيڪ کوجنا ڪئي ۽ صلاح ڏني ته فنڪار ان ڪيميرا جي عڪس کي ڪاغذ تي اڀاري نقاشي Painting ۾ مدد وٺي سگھن ٿا ان طرح سورهين صديء کان ارڙهين صديء تائين اونداهين ڪيميرا نقاشن لاء هڪ مددگار اوزار طور ڪم ڪندي رهي ۽ نيٺ اهو ڏينهن آيو جڏهن هنرمندن ان اوزار مان مستقل تصوير ڪڍڻ جو حل ڳولهي ورتو.ارڙهين صديء ۾ ڪيترا ئي سائنسدان ان ڪيميرا جي پردي تي منعڪس ٿيندڙ تصويرن کي دائمي شڪل ڏيڻ لاء ڪوشش ۾ رهيا،آخر ڪار هڪ ٻئي جي تجربن مام مدد حاصل ڪندي  1972ع ۾ جرمنيء جي سائنسدان ڊاڪٽر جان سولزي هڪ ڏينهن اتفاق سان سلور نائيٽريٽ ۽ کڙيل مٽيء جي مرڪب تي اهو مشاهدو ڪيو ته سج جي روشني پوڻ سان ان مرڪب جو رنگ آهستي آهستي ڪارو ٿي وڃي ٿو.جنهن بعد انهن ان مشاهدي ڪيترائي تجربا ڪيا ۽ نيٺ ان نتيجي تي پهتا ته سلور نائٽريٽ  کڙيل مٽيء جي ان مرڪب تي سج جي روشني اثر انداز ٿئي ٿي.ڊاڪٽر سولزي جي ان کوجنا کي بنياد بنائي مغربي ملڪن ۾ وڌيڪ تجربا ڪيا ويا.انهن سائنسدانن ۾ انگلنڊ جو ٿامس ريجووڊ  به شامل آهي جنهن سندس ساٿي ڪيميادان همفري ڊيوي سان گڏجي ان فارمولي تي عمل ڪندي ڪيميرا جي تصوير کي دائمي شڪل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي،انهن ڪوششن ۾ انهن کي ڪاميابي به ملي پر ان ۾ خامي اها هئي تصوير تي جيئن ئي سج جي روشني پيئي ٿي ته ان تي ڪارا داغ پئجي ٿي ويا. فرانس جو جوزف نائسوفور اهو پهريون شخص آهي جنهن تصوير کي دائمي شڪل ڏيڻ ۾ پهرين ڪاميابي حاصل ڪئي جنهن لاء هن جديد طريقو اختيار ڪيو جنهن کي هيلوگرافي Heliography  چئجي ٿو.1829ع ۾ جوزف فرانس جي هڪ آرٽسٽ لوئس ڊگير سان گڏجي ان طريقه ڪار کي وڌيڪ بهتر بنائڻ جي ڪوشش ڪئي پر جوزف جي ان دوران وفات ٿي ويئي جڏهن ته لوئس ان عمل تي ڪم جاري رکيو ۽ نيٺ 1839ع ۾ پتل ۽ چانديء جي پليٽ سان آيوڊين ويپر جو استعمال ڪري ان دريافت ۾ بهترين اضافو ڪيو.دگير جي ان طريقي ڪار کي دگير ٽائيپ چيو وڃي ٿو.انهيء دوران برطانيا ۾ هڪ ٻي کوجنا سامهون آئي جتي 1841ع ۾ هنري فوڪس هڪ نئون طريقو ڳولهي ڪڍيو۽ هن ان کي سندس نالي سان پينٽ به ڪرايو.هنري جي اها کوجنا ڪيلو ٽائيپ سڏجي ٿي.دگير ۽ تالبوت جو طريقي ڪار تصوير ڇڪڻ جي لحاظ کان بلڪل ابتڙ هو.دگير جو طريقو مثبت Positive تصوير معڪس ڪندو هو جنهن جي ڪاپي ٺاهڻ ممڪن نه هو ڇو ته ڪاپي ٺاهڻ جي صورت ۾ تصوير ابتي ٿي ويئي ٿي جڏهن ته تالبوت جو طريقو منفي تصوير ڪڍڻ هو جنهن جون ڪيتريون ئي ڪاپيون جوڙي سگھبيون هيون ڇو ته ڪاپيء ۾ اها تصوير بلڪل سڌي ٿي ويئي ٿي.اهو ئي سبب آهي جو دگير جو طريقو ديرپا ثابت نه ٿي سگھيو جڏهن ته تالبوت وارو طريقو اڄ به استعمال ڪيو وڃي ٿو.فوٽو گرافي جي باقائدي شروعات بعد ماڻهن متحرڪ تصويرن کي ڪيميرا ۾ قيد ڪرڻ جي طريقن تي سوچڻ شروع ڪيو ۽ انهن ڪوششن جي نتيجي ۾ ئي سينيماٽوگرافي ايجاد ٿي.ميجڪ لينٽرن کان ويندي هاڻوڪي سينيما تائين دريافت ۽ تجربي جون بيشمار ڪهاڻيون تاريخ جي صفحن ۾ محفوظ آهن.جون 1873ع ۾ ايڊورڊ مائي برج نالي شخص 24 ڪيميرن جي مدد سان هڪ ڊوڙندڙ گھوڙي کي فلمائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر ان کان ٺيڪ نو سال پوء فرانس جي سائنسدان ايٽين جوليس ميري 1882ع ۾ Chrono photographic Gun ٺاهي جيڪا هڪ سيڪنڊ ۾ ٻارهن فريم تصويرون ڪڍڻ جي صلاحيت رکندي هئي.ان باري ۾ ٿامس ايڊسن جو ڪارنامو سڀ کان اهم آهي.1891ع ۾ ايڊسن ڪنٽوگراف مشين ايجاد ڪئي.ان مشين ۾ 35 ملي ميٽر ويڪري سيلولائيڊ جو ٽرانسپيرنٽ ريل استعمال ڪري متحرڪ تقويرن کي رڪارڊ ڪيو ويندو هو.پڪ سان اها وڏي دريافت هئي پر ان ۾ خامي اها هئي جو انهن تصويرن کي هڪ ئي وقت صرف هڪڙو ماڻهو ئي ڏسي سگھيو ٿي. 1895ع ۾ فرانس جي لومئير ڀائرن سينيماٽو گراف مشين ايجاد ڪري سينيما باب ۾ ڪمال حاصل ڪيو.سينيماٽوگراف جي خوبي اها هئي جو ان سان نه رڳو متحرڪ تصويرون رڪارڊ ٿي سگھيون ٿي پر پردي تي ماڻهن جي سامهون انهن جي نمائش به ڪري سگھبي هئي.28 ڊسمبر 1895ع تي لوميئس ڀائرن پيرس هي گرانڊ ڪيفي هال ۾ پنهنجي پهرين نمائش پيش ڪئي.ان نمائش ۾ ڪل ڏهه مختلف فلمون شامل هيون جن ۾ اسٽيشن تي بيهندڙ ٽرين،سمنڊ ۾ اٿندڙ لهرون،کيڏندڙ ٻار ۽ ٻيااهڙا دلچسپ منظر ڏيکاريا ويا هئا.ڏسڻ وارن لاء پردي تي اصل زندگيء جو نقل ڏسڻ ڪنهن معجزي کان گھٽ نه هو.ان حيرت انگيز ڪارنامي کي ڏسڻ لاء پيرس شهر جي ماڻهن جو هجوم اٿلي پيو ۽ نيٺ تمام مختصر عرصي ۾ سينيما پيرس جي گھٽين مان نڪري دنيا جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي ويئي. خود اسان جي هندستان ۾ 7 جولائي 1899ع ۾ بمبئي جي واٽسن هوٽل ۾ فلمن جي نمائش ڪئي ويئي.
(روزاني مهراڻ 24 آگسٽ 2019ع)

Saturday, August 24, 2019

اسان جي ڪلچر کي ڇا ٿي ويو آهي؟



شفيق الرحمان شاڪر
ڪلچر ڪنهن به سماج جي عوام جي عڪاسي ڪندو آهي.ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي،سوچڻ جو انداز،انهن جي هلت چلت،روزمرهه جي زندگيء ۾ انجام ڏنيون ويندڙ ريتون رسمون،آرٽ، ٽيڪنالاجي،پهرڻ * اوڍڻ جا انداز،کائڻ پيئڻ جو سليقو،مرڻي پرڻي جون رسمون،مذهبي ڏڻ،سياسي،سماجي ۽ معاشي نظام ڪنهن به سماج ۾ رهڻ وارن جي تهذيب ۽ تمدن جي لحاظ کان تمام اهم هوندا آهن.تنهن هوندي به حقيقت اها آهي ته اسان اڄ تائين ڳورن جي جادوء مان ٻاهر نه نڪري سگھيا آهيون.جيڪو علائقو سو سالن تائين امگريزن جي غلاميء ۾ رهيو هجي ۽ جتي جاگيردار انگريزن جا پير چٽي جاگيرن جي لالچ ۾ اسان جا قومي راز فاش ڪري سوين ايڪڙ ايراضيء جا مالڪ بڻيا هجن اتان جي تهذيب ۽ ثقافت ڪهڙي هوندي؟جيڪر اسان چئون ته اسان اڃا تائين غلاميء جي ٻنڌڻن ۾ ڦاٿل آهيون ۽ اسان جو پنهنجو ڪو ڪلچر آهي ئي ڪون ته گھڻن کي اها عالهه اڻ وڻندڙ لڳي ٿي.اسان اڌ تتر ۽ اڌ ٻٽيهر آهيون.ڌارين جو ڪلچر اسان جي نس نس ۾ سمايل آهي.اسان مسلمانيء جي پردي ۾ هر اهو ڪم ڪري ويهون ٿا جنهن سان انسانيت شرمائجي وڃي.اسان جي ملڪ مان هر سال لکين ماڻهو حج ادا ڪرڻ وڃن ٿا ۽ قرباني به ڪن ٿا ۽ رڳو هڪ ڀيرو نه پر ڪئين ڀيرا وڃن ٿا ايستائين جو اسان جي ملڪ جا ڪيترائي سرنديء وارا ۽ سرمائيدار ماڻهو پنهن جي آسپاس جي بيمار.محتاج ۽ بکين ماڻهن کي تڙپندو ۽ موت جي چانئٺ بيمارين سان وڙهندو ڇڏي جمعي جي نماز هر هفتي خانه ڪعبي ۾ ادا ڪرڻ هليا وڃن ٿا جڏهن ته الله تعاليٰ انهن جي دولت ۾ انهن غريبن جو حصو به مقرر ڪيو آهي جنهن جا اهي حقدار آهن.اهي دولت جي زور تي ست ست حج ۽ ڏهه ڏهه عمرا ڪن ٿا پر پنهن جي هلت چلت،وهنوار ۽ سلوڪ ۾ ناجائز منافعا خوري ،ٽيڪس چوري،ٻين جا حق کسڻ،وياج کائڻ .زخيرا اندوزي ۽ ڪارو ڌن ڪٺو ڪرڻ کي به جائز سمجھن ٿا.اسان جي قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي ديوارن تي متبرڪ آيتون لکيل هونديون آهن پر انهن جي ڇانو ۾ سودي بازي ٿئي ٿي،رشوت جي بازار گرم رهي ٿي،عدالتن ۾ پاڪ ڪتاب جا قسم کڻي ڪوڙيون شاهديون ڏنيون وڃن ٿيون.انصاف جي نالي تي ماڻهن کان ڦرلٽ ڪئي وڃي ٿي.ملاوت،زخيرا اندوزي ،منافعاخوري،تور ماپ ۾ گھٽتائي ۽ هر قسم جي بي ايماني ۽ بدديانتي نهايت ئي نڪ جي ڏاڍائيء سان جاري آهي.صحت جي نالي تي پنهنجو پاڻ کي مسيحا سڏائيندڙ مريضن جي صحت سان کيڏندا رهن ٿا.دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنين سان ملي ڀڳت ڪري مريضن جو وڪرو جاري آهي ۽ روزانو لکين مريضن جا کيسا ڪپيا وڃن ٿا.سرڪاري اسپتالن ۾ ته ذبح خانا ٺهيل آهن جتي روزاني لاچار ۽ بي پهچ مريضن کي وڏي بي رحميء سان ڪٺو وڃي ٿو.نجي اسپتالن ۾ علاج جي نالي تي مريضن کي ڊيڄاري انهن جي پيرن هيٺان زمين ڪڍي وڃي ٿي.پنهنجي پسند جي ليبارٽرين ۾ مهانگي قيمت تي ٽيسٽون ڪرائي  انهن مان ڪميشنون کائيندڙن جي ضمير ۾ به ڪا رهنڊ نٿي اچي.دهشتگرد جن کي اسان پنهنجي ڪلچر جو حصو چوندا آهيون اهي اسلام جي چادر ۾ ڪڌي راند کيڏندا رهن ٿا.اسان جون سياسي جماعتون به اسان جي مذهبي ۽ قومي تشخص ۽ ڪلچر جون دعويدار آهن جن جا ماڻهو مقدس ايوانن ۾ به شرمناڪ حرڪتون ڪندي نظر اچن ٿا ۽ چوڻ وارا وڏي بي شرميء سان چوندا آهن ته اهو ته انهن جو ذاتي فعل آهي.اهڙيء طرح اسان جي سماج ۾ قتل ۽ غارت گري ڪرڻ وارن دهشتگردن جو ساٿ ڏيڻ وارا به اهي ئي آهن ۽ ٻئي طرف اهي ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ اچي روزانو عوام کي بيوقوف بنائڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا.هڪ طرف اسان جي حڪمران اشرافيا جي ڪرپشن جا داستان آهن ته ٻئي طرف ميڊيا جو هڪ وڏو حصو کين مظلوم ۽ بي گناه بنائي عوام سامهون پيش ڪندو رهيو آهي.اسان ڪهڙي قومي سڃاڻپ * ڪهڙي مذهبي ڪلچر جي ڳالهه ڪيون ٿا؟اسان وٽ ته روزانو اهڙا شرمناڪ انسانيت سوز واقعا ورجايا وڃن ٿا جن سان انسانيت ئي ،منهن مٿو پٽڻ لڳي ٿي.هر ايندڙ ڏينهن تي پنئچائتن ۽ جرڳن ۾ معصوم نياڻين سان زوري عزت لٽڻ جا فيصلا ٻڌايا وڃن ٿا.اسان جا قانون نافذ ڪندڙ ادارا طاقتور ڏوهارين کي پڪڙي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ بدران انهن جي مدد ۽ سرپرستي ڪري رهيا آهن.اسان جي ڪلچر ۾ انسان ڪتن ۽ ٻلين جيان زندگي گذاري رهيا آهن ۽ اسان جي ڪلچر ۾ انسانن کي گجر موريء جيان ڪپي اڇلايو وڃي ٿو.معمولي تڪرارن تان سالن تائين قبائلي جھيڙا هلن ٿا جن ۾ سوين انساني جانيون ضايع ٿي وڃن ٿيون.هاڻي ته اسان جي سماج ۾ هڪ ٻيو ناسور به پيدا ٿي پيو آهي جنهن اسان جي پوري تهذيب ۽ ثقافت جي شڪل ئي بگاڙي رکي آهي سو آهي معصوم ٻارن سان زيادتين بعد بي رحميء سان قتل ڪري ڇڏڻ جا واقعا.ڇا اسان جي تهذيب اها آهي؟روزانو اخبار پڙهجي ٿي ته ڪونه ڪو اهڙو واقعو ضرور پڙهڻ لاء ملي ٿو ۽ قانون ساڳيء ريت سڪون جي ننڊ سمهيل نظر اچي ٿو.اسان جي بهراڙين ۾ انسانيت جي تذليل جا واقعا به روز جو معمول بڻيل آهي جتي ڪڏهن ڪنهن جون ڏاڙهيون مڇيون ڪوڙي کيس گھٽين ۾ گھمايو وڃي ٿو ته ڪنهن کي سندس نازڪ عضون تي ڏنڀيو وڃي ٿو.ڪڏههن ڪڏهن ته اهو ٿو محسوس ٿئي ته ڪلچر ۽ ثقافت ته پنهن جي جڳهه تي پر شايد اسان جانورن جي سماج کان به هيٺ هليا ويا آهيون جو جانورن جي سماج ۾ به ڪجهه اصول ۽ روايتون ڪم ڪنديون آهن.اسان جي سماج جي ڏاهن ۽ دانشورن کي سوچڻ گھرجي ته اسان جو سماج ان الميي جو ڇو شڪار ٿيو آهي،ايڏي بي حسي ءٌ بي شرميء جا ڪهڙا سبب آهن ۽ ان نام نهاد سڌريل دنيا جي نقشي تي اسان جون اهي بد عمليون،بد ديانتيون،بي حسيون ۽ سنگدليون ڪهڙا ليڪا ڪڍي رهيون آهن!
(روزاني عوامي آواز)


ڪوانٽم گريوٽي يا طبيعاتي هيڪڙائي!



شفيق الرحمان شاڪر
ذراتي طبيعات سائنس جي اها شاخ آهي جنهن مطابق ڪائنات جي هر شيء اهڙن نه ورهائجڻ جهڙن ذرن سان ملي جڙي آهي.جيتوڻيڪ اهو نظريو قديم يونان جي ديموقراطيس جي ايٽم کان شروع ٿئي ٿو پر ان بابت سڀ کان گھڻو ڪم گذريل صديء ۾ ٿيو.1896ع ۾ جي جي ٿامسن ايٽم جي اندر اليڪٽران نالي ڪاٽو بار واري هڪ ذري جي دريافت ڪري ايٽم کي ورهائجڻ قابل قرار ڏنو.اهڙيء طرح گولڊ اسٽائين جي تجربن سان پروٽان نالي واڌو ذري ۽ 1932ع ۾ جيمز چيڊوڪ جي نيوٽران جي دريافتن ان نظريي کي مضبوطي ڏني ته ايٽم وڌيڪ ڪيترن ئي ذرن تي ٻڌل ٿي سگھي ٿو.پال ڊيراڪ ڪوانٽم نظريي جي بنياد تي آئن اسٽائن جي خاص اضافيت واري نظريي ۾ هڪ اهڙي مساوات جو واڌارو ڪيو جنهنجي نتيجي ۾ ڪاٽو اليڪٽران جو جاڙو ذرو واڌو پروٽان يعني پوزيٽران جي اڳڪٿي ٿي جنهن کي 1932ع ۾ اينڊرسن پنهنجن تجربن سان ثابت ڪري ڏيکاريو. ڪائنات ۾ لڌل تارن ۽ ڪهڪشائن مان ايندڙ ڪرڻن جو تجزيو ڪندي وڌيڪ ذرا جهڙوڪ پائي اون وغيره دريافت ٿيا.انهيء دوران ايٽم جي مرڪز يعني نيوڪليس مان نڪرندڙ تابڪاري شعائن تي تحقيق ڪندي هڪ اهڙو رياضياتي طريقو پيش ڪيو ويو جنهن کي فيلڊ ٿيوري چيو وڃي ٿو يعني هر ذرو بنيادي طور تي هڪ فيلڊ يا ميدان سان تعلق رکي ٿو.فيلڊ ٿيوري مطابق ڪائنات ۾ موجود سموريون قوتون جيئن ڪمزور ۽ طاقتور نيوڪلائي قوت،برقي مقناطيسيت وغيره سميت سمورا ذرا پنهنجا مختلف ميدان پيدا ڪن ٿا.جيئن برقي چارج کان برقي ميدان،مقناطيس کان مقناطيسي ميدان ۽ گريوٽي کان ڪشس ثقل جو ميدان يا فيلڊ پيدا ٿئي ٿي.فيلڊ ٿيوري ۾ ڪوانٽم نظريي جا اثر ڏٺا ويا ته معلوم ٿيو ته ڪائنات جون بنيادي قوتون ۽ ذرا دراصل انهن ميدانن جو نتيجو آهن يعني ذرو بذات خود ان وقت تائين وجود نٿو رکي جيستائين ان جو لاڳاپيل ميدان قائم نٿو ٿئي.هر ميدان دراصل انرجيء جو هڪ وسيع مرڪز آهي.آئن اسٽائن مطابق انرجيء جو اهو مرڪز ڪميتي شڪل يعني مايي جي طور تي پنهنجو اظهار ڪري سگھي ٿو ان ڪري هر ميدان پنهنجي انرجي سان خاص ذرا پيدا ڪري ٿو.برق مقناطيسي ميدان سان جيڪو ذرو پيدا ٿئي ٿو ان کي فوٽان چئبو آهي جنهنجي هڪ شڪل ڏسڻ جهڙي روشني آهي.بعد ۾ پاڪستاني سائنسدان عبدالسلام ۽ ٻن آمريڪي سائنسدانن اسٽيون وائنبرگ ۽ شيلڊن گلاشو وغيره پنهنجي تحقيق سان ثابت ڪيو ته مختلف نظر ايندڙ ذرا بنيادي طور تي هڪ ئي فيلڊ يا ميدان جا مختلف اظهار ٿي سگھن ٿا.انهن برق مقناطيسي ميدان ۽ ڪمزور نيوڪلائي قوت کي گڏي ڇڏيو ۽ هڪ نئين فيلڊ يا قوت جنهن کي اليڪٽرو ويڪ قوت چئبو آهي جو بنياد وڌو.ان نئين ميدان مان ٽن نون ذرن يعني ٻه W۽هڪ Zجي اڳڪٿي ڪئي ويئي جن کي تمام جلد دريافت ڪري ورتو ويو.پروفيسر عبدالسلام کي باقي ٻنهي سائنسدانن سميت 1979ع ۾ سائنس جو سڀ کان اعليٰ انعام يعني نوبل پرائيز ڏنو ويو.اهي نوان ذرا پروٽان جي ڀيٽ ۾ سو ڀيرا وڌيڪ مايو رکندا آهن ۽ انهيء ڪري عام انرجيء جي ڀيٽ ۾ گھڻي انرجي تي نظر ايندا آهن.اهو ئي سبب آهي جو اليڪٽران ۽ پروٽان جي ڀيٽ ۾ اهي ذرا قائم نٿا رهن ۽ عام انرجيء تي ٻين ذرن ۾ حل ٿي وڃن ٿا.پروفيسر عبدالسلام جيان ٻيا سائنسدان به هاڻي اهڙن ميدانن جي ڳولا ۾ ڦرڻ لڳا جيڪي باقي رهيل فطري قوتن ۽ ذرن کي به يڪجا ڪندي هڪ طبيعاتي وحدتن ۾ پروئي سگھن.ان سلسلي ۾ اڃا تائين سائنسدان ٽن بنيادي قوتن کي ڪٺو ڪري سگھيا آهن يعني اليڪٽرو ويڪ قوت سان گڏ طاقتور نيوڪلائي قوت جو اتحاد ڪيو ويو آهي.اهو ڪم گذريل صديء جي آخري ڏهاڪن ۾ سرانجام ڏنو ويو هو.پروٽان ۽ نيوٽران وغيره جڏهن گھڻي توانائيء واري ڪنهن علائقي مان گذاريو وڃي ته سندن رفتار نهايت ئي تيز ٿي وڃي ٿي ۽ ان قدر تيز رفتاريء تي انهن کي پاڻ ۾ ٽڪرايو وڃي ته اهي ذرا وڌيڪ تحليل ٿي ڪجهه وڌيڪ نون ننڍن ذرن کي جنم ڏين ٿا جن کي اڄ ڪوارڪ جو نالو ڏنو وڃي ٿو.ڪوارڪ جا نظرياتي بنياد گيل مين نالي سائنسدان رکيا هئا.اهي ننڍا ذرا ٽن نسلن جي شڪل ۾ رهن ٿا جن مان هر نسل جا ٻه فرد ئي ٿين ٿا.ڄڻ اهي ڇهه مختلف ڪوارڪ ٿين ٿا ۽ عام طور تي ٻٽي Doubletيا ٽيڻي Tripletجي شڪل ۾ ڳنڍيل ٿين ٿا.ٻٽي نموني جي ذرن کي ميزون جڏهن ته ٽيڻي نموني جي زرن کي بيري چيو ويندو آهي.پروٽان ۽ نيوٽران ٽن ڪوارڪ مان ٺهن ٿا.بهرحال انهن ڇهن ڪوارڪ جي مختلف شڪلين مان وڌيڪ ذرا به جوڙي سگھجن ٿا.ٽن بنيادي قوتن کي هڪ ئي ميدان جي توانائيء جون مختلف شڪليون قرار ڏيڻ گذريل صديء جي سڀ کان وڏي ڪاميابي آهي ۽ انهيء ڪاميابيء جي پيش نظر ئي سائنسدانن طبيعاتي وحدت جو خواب ڏٺو آهي جن مان هڪڙي ڪوانٽم گريوٽي به آهي.ان ماڊل مطابق اسان گريوٽي جي نيدان کي به هڪ ذري جي شڪل ۾ ڏسي سگھون ٿا ۽ گذريل قوتن جي وحدت دوران جيڪو طريقو اختيار ڪيو ويو هو ان مطابق گريوٽي جي ذري جون ڪجهه خاصيتون واضح ڪيون وييون آهن،جيئن اها ته ان ذري جو مايو ٻڙي ٿيندو ۽ ان جي رفتار روشنيء جي رفتار جي برابر هوندي.ان جي اندروني يا ڪوانٽم گردش جو مقدار فوٽان کان ٻيڻو ٿيندو.ان مفروضي واري ذري جو نالو گريويٽان رکيو ويو آهي.6 آگسٽ 2012ع تي ڊينمارڪ ۾ ٿيندڙ پوائن ڪري ليڪچر ۾ مشهور نوبل انعان يافتا سائنسدان ڊائيسن چيو هو ته جيڪر ٻين ذرن جيان گريويٽان جي لاء به ڪو تجربو ڪيو ويو ته اهو گريويٽان ايڏو ڳرو ٿي ويندو جو هڪ بليڪ هول بڻجي سگھي ٿو ڇو ته اهو ذرو ايتري ته توانائيء سان سامهون ايندو جنهن کي اسان زمين تي موجود ڪنهن به تجربيگاهه ۾ پيدا ڪري نٿا سگھون ان ڪري گھڻا سائنسدان اڄ به سمجھن ٿا ته شايد گريويٽان تجربي ۾ سامهون نه اچي سگھي.پر ان بي يقيني واري صورتحال ۾ گذريل ڏينهن ۾ نيدر لينڊ جي هڪ سائنسدان رچرڊ نورٽ هڪ سادو طريقو دريافت ڪيو آهي جنهن سان گريويٽان جي اثرن کي ڏسي سگھجي ٿو.آئن اسٽائن مطابق هر ذرو انرجيء جي ئي هڪ شڪل ٿئي ٿو ان ڪري گريويٽان به انرجي رکندڙ هڪ ذرو آهي.ڪوانٽم نظريي مطابق ان ذري جي انرجي ڪڏهن به ٻڙي ٿي نٿي سگھي.ان ڪري هر اها جڳهه جتي ڪشش ثقل موجود آهي اتي گريويٽان جي توانائي موجود هوندي ايستائين جو خلا ۾ به اها توانائي پنهنجو پاڻ کي ظاهر ڪندي.اهڙيء طرح توانائي جاڙن ذرن جي شڪل ۾ پنهنجو اظهار ڪري ٿي جن کي واهمي ذرا Virtual Particles چئبو آهي.ان طرح جو عمل اڳ ۾ به فوٽان لاء ڏسجي چڪو آهي ۽ اصطلاح ۾ ان کي ڪيزي مير جو اثر Casmir Effect چئبو آهي.ان اثر مطابق جيڪڏهن خلا ۾ ٻن پليٽن کي ويجھو رکيو وڃي ته ته برقي مقناطيسي ميدان جي توانائي جو مقدار ڪڏهن به ٻڙي نٿو ٿي سگھي.ان ڪري پليٽن ۾ لرزش سان ثابت ٿئي ٿو ته خلا به خالي ناهي!
گريوٽيء جو ميدان ڇوته خلا ۾  به موجود هوندو آهي ان ڪري جيڪر مڪمل موصل ايليومينم جي پليٽن کي خلا ۾ ويجھو رکيو وڃي ته انهن جي وچ ۾ لرزشي اثر پيدا ٿي سگھي ٿو.20 جولائي 2018ع ۾ پروفيسر نورٽ طبيعات جي مشهور ميگزين فزيڪل ويو ليٽرز ۾ پنهنجي تحقيق جا نتيجا پيش ڪيا.ان تجربي ۾ اهڙو ڪوبه اثر سامهون نه آيو يعني گريويٽان اڃا به ناقابل دريافت آهي. بهرحال انسان جي اندر موجود وحدت جي تلاش جي جبلت جو اظهار طبيعات جي جديد نظرين ۾ نظر اچي رهيو آهي ۽ شايد اها ئي جبلت ڪنهن ڏينهن ڪوانٽم گريوٽي جي شڪل م ڪائنات جي طبيعاتي وحدت جو اظهار ڪري وٺندي!
(روزاني سنڌ ايڪسپريس 23 آگسٽ 2019ع)

Thursday, August 22, 2019

ماضيء جو آئينو ؛ يروشلم،بيت المقدس ۽ هيڪل سليمان.




شفيق الرحمان شاڪر
”يروشلم” اهو شهر آهي جيڪو سندس تاريخ ۾ سورهن ڀيرا،ڪڏهن ڊگھين ته ڪڏهن مختصر جنگين ۽ لڙائين مان گذريو آهي.انهن جنگي معرڪن دوران اهو ٻه ڀيرا مڪمل تباهي،ٽيويهه ڀيرا فوجي گھيرن،ٻاونجاهه حملن،چوئيتاليهه ڀيرا قبضن ۽ قبضن مان آزاديء جي مرحلن مان گذريو آهي. مصر مان قديم آثارن جي کوٽائيء دوران مليل ڪجهه دستاويزن ۾ دشمنن جي عنوان هيٺ پاڙيسري رياست ”روساليمم“ جو ذڪر به ملي ٿو.اهو لفظ عربي،عبراني ۽ ٻين ٻولين جي هڪڙي ئي ڪٽنب سان تعلق رکي ٿو۽ ڪنعاني دور حڪومت ۾ انهن علائقن لاء استعمال ٿيندو هو جيڪي اڄ ڪلهه اسرائيل،فلسطين،لبنان،اردن ۽ شام جي علائقن تي ٻڌل آهن.توريت جي پراڻن نسخن مطابق 1850 قبل مسيح ۾ حضرت اسحاق عليه السلام جي قربانيء جو واقعو به يروشلم جي جبل تي ئي پيش آيو جڏهن ته ان واقعي جي باري ۾ مسلمانن جو عقيدو اهو آهي ته قربانيء جو اهو واقعو حضرت اسمائيل عليه السلام سان عرب ۾مڪي جي ويجھو پيش آيو.
پهرين صدي عيسوي جي رومانو جيوش اسڪالر ”ٽائيٽس فلاويس جوزفس“ لکيو آهي ته مصري حڪمران ”هيڪاسوس“ 1650 قبل مسيح ۾ يروشلم تي حملو ڪيو هو.جديد فرعونن جي دور ۾ مصر جي بادشاهت جي اتحاد ۽ توسيع سبب يروشلم مصر جي جاگير رهيو.1178 قبل مسيح ۾ مصر جي فرعون ”رعميس چوٿين“ ۽ سامونڊي ماڻهن جي وچم ۾ ٿيندڙ ”جنگ ديجاهي“جي نتيجي ۾ جديد فرعونن جي حڪومت رومي نار جي اڀرندي حصن جن ۾ يروشلم به شامل هو،ڪمزور ٿيڻ شروع ٿي.عبراني بائيبل مطابق 1000 ق م ۾ ڪنعانين جي ئي هڪ قبيلي ”جيبوسي“ شهر تي قبضو ڪري شهر جي نئين سر اڏاوت ڪئي.ڏهين صدي قبل مسيح ۾ حضرت دائود عليه السلام جبوسي قبيلي کي شڪست ڏيئي يروشلم تي فتح حاصل ڪئي ۽ يروشلم کي پنهنجي سلطنت جي گاديء جو هنڌ بڻايو.اهڙيء طرح تاريخ ۾ اهو شهر ”شهر دائود“ سڏيو ويو ۽ اتان ئي گڏيل اسرائيلي بادشاهت ۽ رياست جي شروعات ٿي.حضرت سليمان عليه السلام 962 يا 957 قبل مسيح ۾ اتي ”گنبذ سليمان“ تعمير ڪيو پر ”بخت نصر“587 قبل مسيح ۾ ان کي ڊاهي ڇڏيو.حضرت سليمان جي وفات بعد اها سلطنت وري اسرائيل جنهنجي گاديء جو هنڌ ”سامرا“ ۽ يهوديا جنهنجي گاديء جو هنڌ ”يروشلم“ هو تن ۾ ورهائجي ويئي ۽ پوء ايندڙ صديء ۾ اهي ٻئي رياستون پاڻ ۾ وڙهنديون رهيون. اهو شهر 922 قبل مسيح ۾ مصري فرعون ” شوشينيڪ“ ۽ وري نائين صدي قبل مسيح جي وچ ڌاري فلسطينين ۽ عربن ڪيترائي ڀيرا لٽيو.بادشاه ”امازيا“ جي حڪومتي دور ۾ اسرائيل جي بادشاهه ”يهوآش“ يروشلم تي چڙهائي ڪئي ۽ يهوديا رياست کي شڪست ڏني.اشورين جي بادشاهه ”هوشيا“ جي دور حڪومت ۾ اشوري بادشاهه ”شلمانسر“ جي پٽ سارغون اسرائيل جي دار الحڪومت سامرا تي قبضو ڪري ان سلطنت جو خاتمو ڪري ڇڏيو ۽ اٽڪل اٺاويهه هزار اسرائيلين کي قيدي بنائي سامرا کان گوزان،حاران،ميڊيا،حولا ۽ نينوا ۾ وڃي آباد ڪيو.ان وقت يهودا تي بادشاهه ”احاذ“ جي حڪومت هئي.احاز کان پوء سندس پٽ ”حزقياه“ به اٽڪل پنجاهه سال حڪومت ڪئي.سندس دور حڪومت اسرائيلي مذهب لاء اونداهون دور ثابت ٿيو ۽ هن وڏي پيماني تي تباهي ۽ بربادي پکيڙي.يهوديا جي تاريخ هڪ نئون ڦيرو کاڌو ۽ عمون جو پٽ ”يوسياه“ هتان جو بادشاه بڻيو جيڪو 609 قبل مسيح ۾مصر جي فرعون ”نيخو“ سان وڙهندي مري ويو.يهوديا جي اوڀر ۾ ان دوران ئي بابلين اشوري سلظنت جي گاديء واري هنڌ ”نينوا“ تي قبضو ڪري ورتو.612 قبل مسيح ۾ بابلين اشورين کان يروشلم جي حڪمراني به کسي ورتي.انهن يروشلم جو تخت برباد ڪري ان جي بادشاهه کي به بابل وٺي ويا.بابل جي بادشاهه بخت نصر 597 قبل مسيح ۾ يروشلم تي قبضو ڪري ورتو.يروشلم جو سمورو خزانو لٽيو ۽ ”صديقياه“ کي يروشلم جو بادشاهه مقرر ڪيو.نامزد ڪيل بادشاهه ڏهن سالن بعد بخت نصر خلاف بغاوت جو اعلان ڪيو.بخت نصر هڪ سال کان وڌيڪ عرصي تائين شهر جو گھيرو ڪري رکيو ايستائين جو ڏڪار ۽ کاڌي خوراڪ جي کوٽ شهر کي ويران ڪري ڇڏيو.شهر ۽ هيڪل ۾ ڦر لٽ بعد باهه لڳائي ويئي.يروشلم جي ديوار کي ڪيرايو ويو ۽ امڪان اهو آهي ته ”تابوت سڪينه“ به ان دوران ئي غائب ڪيو ويو هو.ايراني بادشاهه ”خورش“ 538 قبل مسيح ۾بابلي سلطنت تي قبضو ڪري ورتو.هن يهودين کي يروشلم وڃڻ ۽ اتي خداوند جو گھر اڏڻ جي اجازت ڏني .يهوديا جي شهزادي ”شش بصر“ جي اڳواڻيء ۾ چاليهن هزارن کان مٿي ماڻهو يروشلم پهتا ۽ ”هيڪل سليماني“ جو بنياد رکيو ويو پر سامرين ۽ ٻين قومن جي مخالفت سبب ان جي تعمير ۾ ويهه سال لڳي ويا. 516 قبل مسيح ۾ اها عمارت مڪمل ٿي ۽ 515 قبل مسيح ۾يروشلم کي خود مختياريء جو درجو ڏيئي کيس يهوديا سلطنت جي گاديء جو هنڌ بڻايو ويو.يروشلم جي رياست کي قديم ترين نقشن ۾ به ڏسي سگھجي ٿو.
اسلام جي شروع کان هجرت جي ڏهين سال تائين مسلمان مسجد اقصيٰ ( بيت المقدس. يروشلم. فلسطين) طرف منهن ڪري نماز پڙهنداهئا انهيء ڪري مسجد اقصيٰ کي پهريون قبلو چيو ويندو آهي.هجرت جي ٻئي سال قبلو بدلائڻ جي قرآني حڪم نازل ٿيڻ بعد مسلمانن بيت الله طرف منهن ڪري نماز پڙهڻ شروع ڪئي.حضرت عمر رضي الله عنه جي دور ۾ عيسائين سان هڪ ٺاهه هيٺ بيت المقدس تي مسلمانن جو قبضو ٿي ويو. مسجد اقصيٰ جو باني حضرت يعقوب عليه السلام کي مڃيو وڃي ٿو.ان جي نواڻ حضرت سليمان عليه السلام ڪئي.خليفي عبدالملڪ مسجد اقصيٰ جي ٻيهر اڏاوت ڪرائي جڏهن ته خليفي وليد بن عبدالملڪ ان جي تڪميل،سونهن ۽ سينگار جو بندوبست ڪيو.عباسي خليفي ابو جعفر منصور به ان جي مرمت ڪرائي.1099ع ۾ پهرين صليبي جنگ جي موقعي تي يورپي صليبين بيت المقدس تي قبضو ڪري ستر هزار مسلمانن کي شهيد ڪري ڇڏيو.انهن مسجد ۾ رهڻ لاء ڪيترائي ڪمرا جوڙي ڇڏيا ۽ ان جو نالو ”معبد سليمان“ رکيو. انهن مسجد جي اندر ۽ ان سان گڏوگڏ هڪ گرجا به جوڙي.سلطان صلاح الدين ايوبي 1187ع ۾ بيت المقدس فتح ڪرڻ بعد مسجد اقصيٰ کي عيسائين جي سمورن نشانن کان پاڪ ڪري محراب ۽ مسجد کي ٻيهر تعمير ڪيو.بيت المقدس تي اٽڪل 761 سال مسلمانن جو قبضو رهيو آهي ۽ ان خطي ۾ ست هزار سالن جي تاريخ ۾ حقيقتن ۽ شاهدين جي روشنيء ۾ پڪ سان سڀ کان گھڻو پرسڪون،پرامن ۽ خوشحاليء وارو دور سمجھيو وڃي ٿو.تنهن هوندي به 1917ع دوران عثمانين جي شڪست بعد برطانيا بيت المقدس ۽ فلسطين تي قبضو ڪري يهودين کي آباد ٿيڻ جي اجازت ڏني ويئي پر مقدس جايون مسلمانن جي عملداريء ۾ ئي رهيون ۽ ”فوري اعلان“ ذريعي يهودين لاء هڪ قومي رياست جي قيام جو وعدو ڪيو.ان اعلان سان گڏ فلسطين طرف يهودين نقل مڪاني شروع ڪري ڇڏي.1920، 1921، 1929 ۽ 1936ع ۾ عربن پاران يهودين جي ان نقل مڪانيء ۽ فلسطين ۾ انهن جي آباد ٿيڻ خلاف تشدد سان ڀريل مظاهرا ٿيا پر اهو سلسلو جاري رهيو. 15 مئي 1947ع تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليء فلسطينين لاء هڪ نئين ڪاميٽي جوڙي جنهن رپورٽ پيش ڪئي ته برطانيا جي نڪرڻ بعد هن هنڌ هڪڙي يهودي ۽ هڪڙي عرب رياست سان گڏوگڏ يروشلم شهر کي الڳ الڳ ڪري ڇڏيو وڃي ۽ انهيء کي بين الاقوامي نگرانيء ۾ ڏنو ويندو.29 نومبر 1947ع تي جنرل اسيمبليء اهو ٺهراء منظور ڪيو ۽ يروشلم ۽ فلسطين کي عربن ۽ يهودين ۾ ورهائي ڇڏيو.1948ع ۾ برطانيا ان علائقي مان پنهنجي فوج واپس گھرائي ورتي ۽ 14 مئي 1948ع تي اسرائيل جي آزاد حڪومت جي قيام جو اعلان ڪري ڇڏيو.هئڻ ته اهو کپندو هو ته اسرائيل سان گڏوگڏ فلسطيني رياست به قائم ڪري ڇڏي وڃي ها پر ايئن نه ٿيو.عربن ان ورهاست کي رد ڪري ڇڏيو ۽ مصر،اردن،شام،لبنان،عراق ۽ سعودي عرب نئين اسرائيلي رياست تي حملو ڪري ڏنو.ان جنگ ۾ عربن کي شڪست سبب يهودي رياست ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو ۽ اسرائيلي فوج فلسطين جي اٺهتر سيڪڙو ايراضيء تي قبضو ڪري ويئي.11 مئي 1949ع تي گڏيل قومن ۾ اڪثريتي راء سان اسرائيل کي آزاد ملڪ ۽ گڏيل قومن جي ميمبر طور تسليم ڪيو ويو.1964ع ۾ ٺهيل ”فلسطين لبريشن آرگنائيزيشن“ فلسطين جي آزاديء لاء هٿياربند جدوجهد شروع ڪئي جنهن کان پوء اسرائيل توڙي پوري دنيا ۾ يهودين ۽ اسرائيلي جڳهين ۽ ماڻهن کي نشانو بنائڻ شروع ڪيو جن ۾ 1972ع ۾ ميونخ اولمپڪس ۾ اسرائيلي رانديگرن جو قتل عام به شامل آهي.5 جون 1967ع تي ٽين عرب اسرائيل جنگ شروع ٿي جنهن ۾ اسرائيل اوڀر يروشلم جي علائقن،شام جي گولان جبل اولهه اردن جي علائقي تي به قبضو ڪري ورتو. 21 آگسٽ 1969ع تي هڪ آسٽريلوي يهودي ”ڊينس مائيڪل روحان“ پهرئين قبلي کي باهه لڳائي ڇڏي جنهن ڪري مسجد اقصيٰ ٽن ڪلاڪن تائين باهه جي شعلن ۾ رهي ۽ ان جو هڪ وڏو حصو به شهيد ٿي ويو.جولائي 1980ع ۾ اسرائيل اوڀر يروشلم سميت پوري يروشلم کي اسرائيل جي گاديء جو هنڌ قرار ڏنو.7 جون 1981ع تي اسرائلي جيٽ جهازن بغداد ويجھو عراق جو ايٽمي ري ايڪٽر تباهه ڪري ڇڏيو جڏهن ته 1982ع ۾ لبنان جي عيسائي انتها پسندن اسرائيل جي مدد سان ٻن مهاجر ڪيمپن ۾ گھڙي سوين فلسطيني شهيد ڪري ڇڏيا.فلسطينين پاران اسرائيل خلاف پهرين         ” انتفاده“ 1987ع ۾ شروع ٿي ۽ الهندي ڪناري توڙي غزه ۾ خوني وڳوڙ شروع ٿي ويا.ڪوويت جي گھوٽالي دوران اسرائيلين مسجد اقصيٰ ۾ احتجاجي جلوس تي فائرنگ ڪئي جنهن سان 20 ماڻهو مري ويا ۽ اٽڪل 120 ماڻهو زخمي ٿيا.1992ع ۾ يتراڪ رابن وزير اعظم چونڊيو ويو.ايندڙ سال اسرائيل پاران شمعون پيريز ۽ پي ايل او طرفان محمود عباس ”اوسلو ٺاهه“ تي صحيحون ڪيون جنهن مطابق فلسطين نيشنل اٿارٽيء کي الهندي ڪناري ۽ غزه جي پٽيء جا انتظامي اختيار ڏنا ويا.اهڙيء طرح پي ايل او اسرائيل جي وجود کي تسليم ڪيو۽ دهشتگرديء جي خاتمي تي اتفاق ٿيو.2001ع ۾ شيرون اسرائيل جو وزير اعظم بڻيو۽ هن غزه جي پٽيء مان هڪ طرفي نيڪالي مڪمل ڪئي.جولائي 2006ع ۾ ”حزب الله “ اتر اسرائيل تي بمباري ڪئي ۽ سرحد پار ڪري ٻه اسرائيلي فوجي اغوا ڪري ورتا.اهڙيء طرح هڪ مهيني جي ڊگھي لبنان جنگ شروع ٿي.فلسطينين پاران سو کان وڌيڪ راڪيٽ حملن بعد اسرائيل 14 نومبر 2012ع تي غزه تي فوجي ڪاروائي ڪئي جيڪا اٺن ڏينهن تائين جاري رهي.
اهڙيء طرح مسلمانن جو پهريون قبلو اڃا تائين يهودين جي قبضي ۾ آهي.هاڻي يهودي مسجد اقصيٰ کي ڊاهي هيڪل اڏڻ جو منصوبو جوڙي رهيا آهن.يهودي ان مسجد کي هيڪل سليمانيء جي جڳهه تي تعمير ٿيل سمجھن ٿا ۽ ان کي ڊاهي ٻيهر هيڪل سليمان اڏڻ گھرن ٿا جڏهن ته اهي ڪڏهن به تاريخي طور تي اهو ثابت نه ڪري سگھيا آهن ته ان هنڌ ڪڏهن ڪو هيڪل سليمان اڏيل هو!
(روزاني هلال پاڪستان)

Saturday, August 17, 2019

ڪشمير ۾ ڀارتي جبر جو انت اڻٽر آهي.



شفيق الرحمان شاڪر
ڪشمير جو نالو ايندي ئي جنگ،لاشن،گرفتارين،جبري گمشدگين،حراستي قتل،ملڪيتن جي تباهي ۽ بربادي،پيلٽ گن سان ڇليل نظر وڃائيندڙ ماڻهو،ظلم ۽ جبر جي ڇانو ۾ پلجندڙ زندگيون،گم ٿيل مڙسن جي انتظار ۾ ڳوڙها ڳاڙيندڙ ”اڌ بيوه “ونيون،انتظار ۾ ويٺل اهي مائرون جن جي جگر جا ٽڪرا قابض فوج جي اونداهن عقوبت خانن ماريا ويا،گڏيل قبرون ۽ عزتون لٽيل زنده لاش ذهن ۾ اچن ٿا.ڪشمير جنهن کي ڪڏهن ايشيا جو سئزرلينڊ چيو ويندو هو اڄ دنيا جي خطرناڪ ترين تڪرار جو مرڪز بڻجي چڪو آهي.انهيء جي سبب ئي پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ ٽي جنگيون ٿي چڪيون آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي سرن تي ايٽمي جنگ جا پاڇا لٽڪي رهيا آهن.جديد دنيا جي قديم ترين ڪشمير تڪرار ۾ ٽي ڌريون آهن،ڪشميري عوام،پاڪستان ۽ ڀارت.ڪشميري عوام پنهنجي بنيادي انساني حق يعني حق آزادي لاء جاکوڙ ڪري رهيا آهن.پاڪستان انهن جي انهيء حق جي حمايت ڪري ٿو پر گڏوگڏ ان جو موقف آهي ته ڪشمير جو مامرو اصل ۾ هندستان جي ورهاست جي اڻ پوري ايجنڊا جو حصو آهي.قانون آزادي هند مطابق مسلم اڪثريتي علائقا پاڪستان جو حصو ڳڻيا وڃن ٿا پر ننڍي کنڊ ۾ نوآبادياتي نظام جي خاتمي بعد سامراجي برطانيا جي بد نيتي ۽ هن خطي ۾ پنهنجو اثر رسوخ قائم رکڻ جي خواهش ۾ هن ”ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو.“ جي پاليسي هيٺ هندستان سان ساز باز ڪري لکين ڪشميرين ۽ انهن جي ايندڙ نسلن کي جبر ۽ ڏاڍ جي باهه ۾ اڇلي ڇڏيو.ٻئي طرف اهو قانون رياستن کي پنهنجي آبادي ۽ جغرافيائي حالتن جي پيش نظر کين ڪنهن رياست سان الحاق ڪرڻ يا خود مختيار رهڻ جو حق ڏئي ٿو.رياست ڪشمير جي ڏکڻ کان اولهه طرف پندرهن سو ڪلوميٽر سرحد پاڪستان سان ملي ٿي جڏهن ته اتر ۾ زمين جي رڳو ٿورڙي پٽي ڀارت سان ملي ٿي.ان کان سواء ڪشميري عوام جا مذهبي،سماجي،معاشي ناتا ۽ اتان جا زميني نشان پاڪستان سان ڳنڍيل ملن ٿا.ٻئي طرف ڀارت مطابق ڪشمير سندس اڻ ٽٽ انگ آهي ۽ وٽس قبضي جو اڪيلو جواز ڪشمير جو ڀارت سان الحاق جو اهو معاهدو آهي جيڪو پنڊت نهرو ۽ ڪشمير جي هندو راجا هري سنگهه جي وچ ۾26 آڪٽوبر 1947ع ۾ ٿيو هو.اهو معاهدو ڪيترن ئي سببن کان مشڪوڪ آهي.ڀارتي حڪومت مطابق اهو هڪ غير مشروط الحاق هو پر ڪشميرين جو موقف آهي ته معاهدو ڪشميري عوام جي راء سان مشروط هو. انهيء معاهدي کي بنياد بنائي هندستان پهرين جنوري 1948ع تي ڪشمير معاملي کي گڏيل قومن ۾ کڻي ويو پر 21 اپريل 1948ع تي گڏيل قومن جي ڪشمير تي پيش ڪيل قرارداد 47 جنهن ۾ ڀارت کي ڪشمير ۾ استصواب راء ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو ان معاهدي جي حيثيت کي وڌيڪ تڪراري بنائي ڇڏيو.ان قراداد تي پاڪستان اڄ تائين عمل ناهي ڪيو.اها ڳالهه به ڌيان طلب آهي ته پاڪستان ڪڏهن به ڪشمير تي قبضي جي ڳالهه ناهي ڪئي بلڪه پاڪستان جو اهو موقف رهيو ته گڏيل قومن جي قراردان مطابق ڪشميرين کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو اختيار ڏنو وڃي پر ڀارت جو موقف اهو رهيو آهي ته ڪشمير سان گڏيل قومن جو ڪو تعلق ناهي.ٻئي طرف رياست ڪشمير هن وقت ٽن حصن ۾ ورهايل آهي.ڀارت هن وقت ڪشمير جي سڀ کان وڌيڪ حصي يعني 101387 چورس ڪلوميٽرن تي قابض آهي جڏهن ته پاڪستان 85846 جڏهن ته چين وٽ 37555 چورس ڪلوميٽر حصو آهي.پر چين ۽ پاڪستان جي زير انتظام علائقن جي ڀيٽ ۾ والاريل واديء ۾ بيچيني ۽ مظاهرا ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته ڪشميرين جي گھڻائي هندستاني قبضي کي ناپسند ڪري ٿي جنهن کي دٻائڻ لاء ڀارت جون تشدد ڀريل انسان سوز ڪاروائيون جاري آهن.انساني حقن جي مختلف تنظيمن مطابق 1989ع کان هيستائين اٽڪل هڪ لک ڪشميري شهيد ٿي چڪا آهن.عامي برادري جا اڪثر حلقا هندستان طرفان ڪشميرين جي منظم نسل ڪشي کان واقف آهن پر ان معاملي کان اکيون پوري رهيا آهن.ڊسمبر 2016ع ۾ وڪي ليڪس جي حاصل ڪيل سفارتي ڪيبلز انڪشاف ڪيو ته امريڪي حڪومت وٽ ڀارتي پوليس ءُ سيڪيورٽي فورسز طرفان وڏي پيماني تي ڪيل تشدد  جا ثبوت هئا ۽ 2005ع ۾ ريڊ ڪراس جي عملي پاران امريڪي حڪمرانن کي ڪشمير ۾ 2002ع کان 2004ع تائين سيڪيورٽي ادارن طرفان خفيا طور تي حراست هيٺ ماڻهن سان ڪيل تشدد ۽ ظلم جي باري ۾ واقف ڪيو ويو هو.بين الاقوامي ريڊ ڪراس ڪميٽي جي حوالي سان اهو به چيو ويو ته ڀارتي سيڪيورٽي فورسز قيدين تي بدترين تشدد ۾ ملوث آهن جنهن ۾ مار ڪٽ،بجليء جو ڪرنٽ لڳائڻ  ۽ جنسي تشدد به شامل آهي.رپورٽ موجب اهي قيدي پاڪستاني دخل انداز نه هئا جيئن هندستان طرفان دعويٰ ڪئي وڃي ٿي بلڪه اهي عام ڪشميري شهري هئا.خود امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي شايع ڪيل رپورٽ براء انساني حق 2010 ۾ هندستاني فوج پاران عام ڪشميرين ۽ حريت پسندن جي قتل جو حوالو ملي ٿو.اهو به بيان ڪيو ويو آهي ته هندستان مختلف طريقن سان دٻاء وجھي يا جسماني تشدد جا حربا استعمال ڪري جبري حراست ۾ ورتل عام شهرين کان ڏوهن جو اعتراف ڪرائي عدالتي قتل ڪرائي ٿو.انهيء جبر ۽ تشدد کي رياستي سرپرستي حاصل آهي.هٿيار بند فورسز اسپيشل پاور ايڪٽ هيٺ هندستاني قانون ڪنهن به شخص کي ڪيس هلائڻ سواء ٻن سالن تائين حراست ۾ رکڻ جو اختيار ڏئي ٿو.ان ڪاري قانون هيٺ ڪوبه فوجي ڪنهن شڪي ماڻهوء تي گولي هلائي سگھي ٿو،ڪنهن مشڪوڪ گھر کي باهه ڏيئي سگھي ٿو،بنان وارنٽ جي ڪنهن به گھر ۾ داخل ٿي سگھي ٿو ۽ گرفتار ڪري سگھي ٿو ۽ انهن سڀني عملن لاء هن کان ڪا پڇا ڳاڇا ڪري نٿي سگھجي.اهو دنيا جو سڀ کان وڏو مليٽرائيزڊ خطو آهي جتي فوج کي حاصل لامحدود اختيارن سبب ڪنهن جي به جان ، مال ۽ عزت محفوظ ناهي ۽ ماڻهو خوف جي ڇانو ۾ زندگي گھاري رهيا آهن.رياستي دهشتگرديء جو ان کان بدترين مثال دنيا ۾ ڪٿي به نٿو ملي.مزاحمت دٻائڻ لاء وڏي پيماني تي ڪشميرين جي نسل ڪشيء سان گڏوگڏ ڀارت انڊيا ميانمار ۽ اسرائيل ۾ يهودي آبادڪاريڀ جي طرز تي هندن جي ڪشمير ۾ آبادڪاري ذريعي ڪشمير ۾ ڊيموگرافڪ تبديليون ڪري رهيو آهي.2015ع ۾ به ڀارت والاريل ڪشمير ۾ هندن جي آبادڪاري لاء ٽن ٽائون شپ اسڪيمن جو اعلان ڪيو هو جڏهن ته اهو بي جي پي سرڪار جي منشور جو حصو به آهي.انهيء ئي منشور هيٺ هندستان جي آئين مان آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي جو خاتمو ڪيو ويو آهي.
پاڪستاني ۽ ڪشميري عوام هن سال هندستان جي يوم آزادي يعني 15 آگسٽ کي ڪاري ڏينهن جي طور تي ملهائي رهيا آهن جو ڀارت رياستي ظلم،ڏاڍ ۽ جبر ۾ سڀ ليڪا لتاڙي چڪو آهي ايستائين گذريل ڏهن ڏينهن کان والاريل ڪشمير جي پوري وادي ۾ ڪرفيو نافذ آهي جنهن ڪري ڪشميرين لاء کاڌي خوراڪ جي شديد کوٽ پيدا ٿي رهي آهي جنهن ڪري هڪ نئون انساني الميو جنم وٺي رهيو آهي.هٿين خالي ڪشميرين تي پيليٽ گن گوليون وسائي کين اکين کان محروم ڪيو پيو وڃي.ڀارت جي انهيء ڪڌي عمل خلاف نه رڳو پوري دنيا جا سلجھيل حلقا اهتجاج ڪري رهيا آهن پر خود ڀارت جي اندر موجود انسانيت دوست ماڻهو به انهيء جبر ۽ ڏاڍ جي مخالفت ڪري رهيا آهن.مودي سرڪار جي گڏيل پاليسين ۽ خاص طور تي ڪشمير ۾ کنيل تازن قدمن نه رڳو پوري دنيا کي ڳڻتيء ۾ وجھي ڇڏيو آهي پر خود ڀارت جي سلامتي ۽ ايڪي به داء تي لڳائي ڇڏيو آهي.وقت ثابت ڪندو ته مودي جي انهن جنوني پاليسين ذريعي ڪشمير جي آزاديء جي جدوجهد رڪجڻ بدران وڌيڪ تيز ٿيندي ۽ حالتون مودي سرڪار جي ڪنٽرول مان نڪري وينديون.



(روزاني سرواڻ 17 آگسٽ 2019ع)

Thursday, August 15, 2019

ماضيء جو آئينو؛ فرعون جي لاش جو محفوظ رهڻ.




شفيق الرحمان شاڪر
فرعون حضرت موسيٰ عليه السلام ۽ سندس قوم بني اسرائيل تي تمام گھڻا ظلم ڪيا هئا.’اصل ۾ ”فرعون“ ان وقت جي مصري بادشاهن جو لقب هو.جيڪو به بادشاه بڻجندو هو تنهن کي فرعون چيو ويندو هو.ڊاڪٽر مورس جي تحقيق موجب بني اسرائيل تي ظلم ۽ ستم ڪندڙ بادشاه جو نالو ”رعمسس ٻيو” هو.بائيبل جي بيان مطابق هن بني اسرائيل کان بيگار ذريعي ڪيترائي شهر اڏراياهئا جن مان هڪڙي جو نالو”رعمسس“ رکيو ويو هو.جديد تحقيق موجب اهو شهر تيونس ۽ قطر جي ان علائقي ۾ هو جيڪو نيل دريا جي اڀرندي ڊيلٽا ۾ موجود آهي.رعمسس جي وفات بعد سندس جانشين مرنفتاح مقرر ٿيو.انهيء جي حڪمرانيء واري دور ۾ الله تعاليٰ حضرت موسيٰ عليه السلام کي بني اسرائيل سميت شهر ڇڏڻ جو حڪم ڏنو.جڏهن حضرت موسيٰ عليه السلام بني اسرائيلين کي پاڻ سان گڏ وٺي نيل دريا پار ڪري رهيو هو ته  مرنفتاح به سندن پيڇو ڪندي لشڪر سميت نيل دريا ۾ لهي پيو پر الله تعاليٰ بني اسرائيل کي دريا پار ڪرائڻ بعد دريا جي پاڻيء کي جاري ڪري ڇڏيو ۽ فرعون کي سندس لشڪر سميت دريا ۾ ٻوڙي ڇڏيو.ان سڄي واقعي کي الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ هن طرح بيان فرمايو آهي؛
” ۽ اسان بني اسرائيل کي سمنڊ مان لنگھائي وٺي وياسين پوء فرعون ۽ سندس لشڪر ظلم ۽ زيادتيء جي ارادي سان انهن جي پويان هليو ايستائين جو جڏهن فرعون ٻڏڻ لڳو ته پڪاري اٿيو ته مون مڃي ورتو ته حقيقي خدا کان سواء ٻيو ڪو خدا ناهي جنهن تي بني اسرائيل ايمان آندوآهي۽ آئون به آڻ مڃڻ وارن مان آهيان.(جواب ڏنو ويو) هاڻي ٿو ايمان آڻين جڏهن ته ان کان اڳ تون کليل نافرماني ڪندو رهيو آهين ۽ فساد پيدا ڪندڙن مان آهين.هاڻي ته اسان رڳو تنهنجي لاش کي ئي بچائينداسين ته جيئن توکي پويان ايندڙ نسلن لاء عبرت بڻائجي توڙي جو ڪيترائي انسان اهڙا آهن جيڪي اسان جي نشانين کان لاپرواهي اختيار ڪن ٿا،“
انهن آيتن ۾ الله تبارڪ وتعاليٰ هڪ پيشن گوئي فرمائي آهي ته اسان فرعون جي لاش کي محفوظ رکنداسين ته جيئن بعد ۾ ايندڙ ماڻهن لاء اهو عبرت جو نشان بڻجي.پنهنجو پاڻ کي خدا سڏائيندڙ جي لاش کي ڏسي ايندڙ نسل سبق حاصل ڪن.سو الله تعاليٰ جو فرمان سچ ثابت ٿيو ۽ سندس ممي وارو جسم 1898ع ۾ نيل دريا جي ويجھو تبسيا واري هنڌ شاهن جي واديء مان اوريت دريافت ڪيوهو جتان ان کي قاهرا موڪليو ويو. ايلٽ سمٿ 8 جولائي 1907ع تي سندس جسم جي غلافن کي لاٿو ته انهيء لاش تي لوڻ جو هڪ تهه ڄميل مليوجيڪو سندس کاري پاڻيء ۾ غرق ٿيڻ جو ثبوت هو.ان وقت اها ممي محفوظ رکڻ لاء تسلي بخش حالت ۾ هئي توڙي جو ان جا ڪيترائي حصا ڀڄي ۽ ٽٽي چڪا هئا.ان وقت کان اها ممي قاهره جي عجائب گھر ۾ سياحن لاء سجيل آهي.ان جو مٿو ۽ ڳچي کليل آهي ۽ باقي جسم کي هڪ ڪپڙي ۾ لڪائي رکيو ويو آهي.محمد احمد عدوي لکي ٿو ته ان نعش جي نڪ جي سامهون وارو حصو غائب آهي ڄڻ ته ڪنهن حيوان کائي ڇڏيو هجي.شايد سامونڊي مڇيء انهيء تي حملو ڪيو هجي پوء هن جو لاش خدائي فيصلي موجب ڪناري تي اڇلائي ڇڏيو ويوته جيئن دنيا لاء عبرت بڻجي.
جون 1974ع ۾ ڊاڪٽر مورس مصري حڪمرانن جي اجازت سان فرعون جي جسم جي انهن حصن جو جائزو ورتو جيڪو ان وقت تائين ڍڪيل هئا ۽ انهن جون تصويرون ٺاهيون.پوء هڪ اعليٰ قسم جي شعاعي مصوريء ذريعي ڊاڪٽر ايل ميلجي مميء جو مطالعو ڪيو۽ ڊاڪٽر مصطفيٰ منيالويسيني جي اندروني حصن جو جائزو ورتو.اهو اندروني جائزي جو پهريون مثال هو جيڪو ڪنهن مميء تي ٿيو.ان ترڪيب سان جسم جي ڪجهه اندرين حصن جا اهم تفصيل سامهون آيا ۽ اهڙيون تصويرون به ڪڍيون وييون.پروفيسر سيڪالدي،پروفيسر مگنو ۽ ڊاڪٽر دوريگون سان گڏجي انهن ننڍن ننڍن جزن جو خوردبينيء سان مطالعو ڪيوجيڪي پنهن جو پاڻهي ممي کان جدا ٿي چڪا هئا. ان تحقيقات سان حاصل ٿيندڙ نتيجن ان مفروضن کي مضبوطي بخشي  جيڪي فرعون جي لاش کي محفوظ بنائڻ جي باري ۾ قائم ڪيا ويا هئا.ان کوجنا جي نتيجن مطابق فرعون جو لاش گھڻو عرصو پاڻيء ۾ نه رهيو هو جيڪر لاش ڪجهه وڌيڪ وقت پاڻيء ۾ ٻڏل رهي ها ته ان هي حالت خراب ٿي سگھي ٿي.ايستائين جو پاڻيء کان ٻاهر به گھڻو عرصو ايئن پيل رهي ته به خراب ٿي وڃي ها.ان ڳالهه تي به تحقيقات جاري رکي ويئي ته ڇا ان لاش جو موت پاڻيء ۾ ٻڏڻ سبب ٿيو يا ڪي ٻيا سبب هئا؟ سو وڌيڪ جاچ لاء لاش کي پيرس نيو ويو جتي ”ليگل اڊنٽٽي فڪيشن ليبارٽري“ جي مينيجر سيڪالڊي  ۽ ڊاڪٽر ڊريگون مشاهدن بعد ٻڌايو ته ان لاش جي فوري موت جو سبب اهو سخت ڌڪ هو جيڪو سندس کوپريء جي اڳئين حصي کي رسيو هو ڇو ته ان جي کوپريء جي محراب واري حصي ۾ گھڻي خلا موجود آهي.اها سموري کوجنا آسماني ڪتابن ۾ موجود فرعون جي ٻڏي مرڻ واري واقي جي تصديق ڪري ٿي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته فرعون کي دريائي لهرن پنهنجي پڪڙ ۾ ورتو هو. جيئن ته انهن نتيجن مان ظاهر آهي ته الله تعاليٰ فرعون جي لاش کي محفوظ رکڻ لاء خاص بندوبست ڪيو هو جنهن سبب اهو هزارين سالن تائين زماني جي اثرن کان محفوظ رهيو ۽ نيٺ ان کي اوڻهين صديء ۾ دريافت ڪيو ويو جيڪو قيامت تائين ايندڙ نسلن لاء عبرت جو سامان بڻجي رهندو.وڌيڪ اهو ته الله تعاليٰ جو اهو فرمان ته . اسان فرعون جي لاش کي عبرت جو سامان بنائڻ لاء محفوظ ڪري ڇڏينداسين“ رڳو قرآن مجيد ۾ موجود آهي ۽  ٻئي ڪنهن به آسماني ڪتاب ۾ اهو اعلان نه ڪيو ويو هو. 
(روزاني ڪلياڻ 15 آگسٽ 2019ع)

قربانيء جي عيد ۽ غير محفوظ بڻيل ڀارتي مسلمان.



شفيق الرحمان شاڪر
ڀارتي رياست اتر پرديش جي ڳوٺ ”جموئي“ ۾ کاڄن جي تڪرار تي پنجائت جاري هئي ته مدعي ”سونو “کي گولين سان ڇلي اڇلايو ويو جڏهن ته مبينا ملزم مايا پرڪاش کي ڏنڊا هڻي قتل ڪيو ويو.اهڙيء طرح هڪ ٻي ڀارتي رياست جھاڙکنڊ جي ضلع ”کارساون“ ۾ مسلمان نوجوان تبريز انصاريء تي چوريء جو ڪوڙو الزام هڻي کنڀي سان ٻڌي مار ڪٽ ڪئي ويئي ۽ انهيء تشدد جي ڪري سندس جان هلي ويئي.اهو ئي نه پر تبريز انصاريء جي منٿن ۽ رڙين تي ٻڌل وڊيو به جاري ڪئي ويئي.اکين ڏٺن شاهدن موجب هجوم طرفان تبريز کان جئي شريرام ۽ جئي هنومان جا نعرا بلند ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو ويو.تبريز جي واقعي انساني حقن جي تنظيمن ۽ سنجيده طبقن کي جھنجھوڙي ڇڏيو آهي.
ڀارت ۾ مذهبي اقليتن سان روا رکيو ويندڙ اهو پهريون واقعو ناهي بلڪه ان کان اڳ به اهڙا ڪيئي واقعا رپورٽ ٿي چڪا آهن.اڃا ڪجهه مهينا اڳ جي ڳالهه آهي جو اتر اڀرندي رياست آسام جي ضلع ”پرپيٽا“ ۾ انتها پسند هندو وڳوڙين مسلمان نوجوانن جي هڪ ٽولي تي حملو ڪيو ۽ انهن کي پڻ جئي سري رام، ڀارتي ماتا جي جئي ۽ پاڪستان مرده باد جا نعرا لڳائڻ تي مجبور ڪيو.لبرل،اعتدال پسند ۽ ڪاروباري مرڪز سمجھي ويندڙ ممبئي شهر ۾ ٽيڪسي هلائيندڙ فيصل عثمان سان به اهڙو ئي هڪ اندوهناڪ واقعو پيش آيو جڏهن هن جي ٽيڪسي روڊ جي ڪناري خراب ٿي پيئي ته هن کي به پڪڙي اهڙا نعرا هڻڻ تي مجبور ڪيو ويو.ڪلڪتي ۾ به هڪ مدرسي جي استاد حافظ محمد شاه رخ سان به ان قسم جو شرمناڪ واقعو پيش آيو جنهن کي جئي شري رام جا نعرا لڳائڻ لاء چيو ويو ۽ کيس هڪڙي انتها پسند ٽولي سخت هراسان ڪيو.
عالمي ادارن جي رپورٽن مطابق ڀارت ۾ گذريل ڏهاڪي دوران مذهبي اقليتن خاص طور تي مسلمانن خلاف نفرت آميز واقعن ۾ گھڻو واڌارو آيو آهي.گذريل ڏهن سالن دوران ملڪ ۾ اهڙا 297 واقعا پيش آيا جن مان 98 ماڻهن جي زندگي هلي ويئي جڏهن ته 722 ماڻهو زخمي ٿيا. ڀارت ۾ عام تاثر اهو اهي ته بي جي پي جي اقتدار ۾ اچڻ سان انهن واقعن ۾ نهايت تيزيء سان اضافو ٿيو آهي پر ان کان اڳ به ڀارت ۾ اهڙا واقعا ٿيندا رهيا آهن.2012ع کان 2014ع گڏيل طور تي ڇهه واقعا ٿيا پر انهن واقعن ۾ 2015ع کان پوء تيزيء سان اضافو ٿيو آهي،ڳئون جي ذبح ۽ چوريء جي الزامن هيٺ هجوم پاران تشدد جا 121 واقعا ٿيا،اهڙيء طرح 2009ع کان 2019ع تائين 59 مسلمانن کي اهڙن واقعن ۾ قتل ڪيو ويو.انهن واقعن ۾ رڳو 28 سيڪڙو واقعا ڳئون چوري ۽ ڳئون ذبح ڪرڻ وارن الزامن متعلق هئا.سڀ کان اهم ڳالهه اها ته مسلمانن خلاف تشدد جا 66 واقعا انهن رياستن ۾ ٿيا جتي بي جي پي جي حڪومتهئي جڏهن ته ڪانگريس ۽ ٻين سياسي جماعتن جي اقتدار وارين رياستن ۾ رڳو سورهن سيڪڙو واقعا ٿيا.
ڀارت ۾ مذهبي اقليتن جي قتل عام ۽ مذهبي آزادي تي امريڪي وزارت خارجه سخت ڳڻتيء جو اظهار ڪيو آهي.وزارت خارجه هڪ رپورٽ به جاري ڪئي آهي جنهن ۾ مذهبي بنيادن تي تشدد،قتل،فسادن،اڻ برابري ۽ اقليتن جي مذهبي حقن جو حوالو به ڏنو ويو آهي.رپورٽ مطابق گذريل سال نومبر تائين ڀارت ۾ هجومن جي تشدد جي 18 واقعن ۾ اٺ ماڻهو مري ويا هئا.ڀارتي پارليامينٽ ۾ پيش ڪيل انگن اکرن موجب 2015ع کان 2018ع تائين ڀارت ۾ فرقيواراڻص تشدد جي واقعن ۾ نو سيڪڙو واڌارو آيو آهي.اهڙيء طرح هيومن رائيٽس واچ پڻ پنهنجي رپورٽ جاري ڪئي آهي جنهن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته مئيڀ 2015ع کان ڊسمبر 2018ع تائين 44 ماڻهو ”گئو رکشڪنن“ هٿان تشدد جو نشانو بڻيا جن مان 36 مسلمان هئا.انساني حقن جي ٻين تنظيمن ۽ ادارن الزام هنيو آهي ته حڪمران جماعت ڀارتي جنتا پارٽي انهن لٺ بردار انتها پسندن جي مڪمل پٺڀرائي ڪري رهي آهي.جنهن سبب اهي مسلمانن کي بد ترين تشدد جو نشانو بنائي رهيا آهن.ڀارت ۾ موجود سمرا سنجيده طبقا ۽ خاص طور تي مسلمان ڪميونٽي مودي سرڪار جي اهڙي رويي تي سخت ناراض ۽ بيزار آهي.حڪومتي پارٽيء جا پارلياماني ميمبر به پردي پويان اهڙن انتها پسند گوهن جي مدد ۽ سرپرستي ڪري رهيا آهن.قربانيء جي عيد ويجھو ايندي ؟ي مسلمان اقليتي علائقن ۾ مسلمان ڪميونٽي تي حملن ۾ اضافو اچي ويو آهي.جواهر لال نهرو يونيورسٽيء جي پروفيسر ڌنيش موهن مطابق انتها پسندن جو اهو مذهب،اقليتن،مسلمانن ايستائين جو دلتن سان به امتيازي سلوڪ ڀارت جي لبرل چهري کي بريء طرح بگاڙي رهيو آهي.هن مرڪزي حڪومت ۽ رياستي سرڪار کان اهڙن ڏوهن جي پاڙ پٽڻ جو به مطالبو ڪيو.ٻئي طرف ڀارت ۾ موجود مسلمان اسيمبليء جي چنڊيل ميمبرن تي به سخت ڪاوڙيل اهن.مقامي ماڻهن مطابق پنهنجي ئي ڪميونٽي جي ووٽن سان چونڊيل ميمبر چونڊون کٽڻ بعد ماڻهن جو منهن به نٿا ڏسن،اهي رڳو ووٽ وٺڻ وقت ايندا آهن.انهن کي قومي مفاد کان وڌيڪ پنهنجي ذاتي ترقيء ۾ رڌل آهن.مسلم ڪميونٽيء عالمي برادري کان گھر ڪئي آهي ته اها ڀارت ۾ موجود اقليتن کي انتها پسند بي جي پي سرڪار جي مذهبي جنونين جي شر کان بچائي ۽ کين مڪمل تحفظ مهيا ڪيو وڃي.



Wednesday, August 14, 2019

پنهن جن پيارن کان وڇوڙي ۾ آيل هڪ ٻي عيد!



شفيق الرحمان شاڪر

ڀارتي مقبوضه ڪشمير توڙي آزاد ڪشمير ۾ ورهايل اهڙن ڪٽنبن جي ماڻهن مان گھڻن کي ڪي ڏهاڪا گذري ويا آهن جو اهي نه ته پنهنجن پيارن کي ڏسي سگھيا آهن ۽ نه ئي انهن سان ملڻ جو امڪان ئي نظر ٿو اچي.ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه شروع ٿيڻ جي نتيجي ۾ اهڙن ڪٽنبن جي اندر اميد جي جيڪا شمع ٻري هئي اها هاڻي هڪ دفعو وري وسامي چڪي آهي.ڀارت طرفان تازو کنيل ظالماڻن قدمن جي نتيجي ۾ ڪنٽرول لائين تي پيدا ٿيل سخت ڇڪتاڻ ۽ والاريل ڪشمير جي باري ۾ ٿيل ڀارتي فيصلن هن علائقي مان امن جون سڀ اميدون پاڻيء ۾ وهائي ڇڏيون آهن.پندرهن ڪيمپن ۾ هن وقت والاريل ڪشمير مان لڏي آيل 34747 ماڻهو رجسٽرڊ آهن.
عيد نون ڪپڙن پائڻ،مٺائيون ورهائڻ ۽ ٻارن ٻڍن کي تحفا سوکڙيون ڏيڻ جو موقعو هوندو آهي پر گھڻن ڪشميري ڪٽنبن جي مالي حالت ايتري سٺي ناهي جو اهي عيد جون خوشيون ان طرح ملهائي سگھن،رڳو ڏک ۽ پريشانيون ئي نه پر انهن ڪٽنبن جي عيد سرحد پار پنهن جن پيارن ۽ رشتيدارن کي ياد ڪندي گذري ٿي ڇو ته عيد يا ڪنهن خوشيڀ جي موقعي تي وڇڙڻ جو درد ڪجهه سوايو ٿي وڃي ٿو.38 سالا عزير محمد غزالي پاڪستاني ڪشمير جي گاديء واري هنڌ مظفر آباد ۾ لڳايل هڪ مهاجر ڪيمپ ۾ رهائش پذير آهي.خابرو اداري اي ايف پي سان ڳالهائيندي غزالي پنهن جي ڏک جو اظهار ڪجهه هن طرح ڪيو ته ”پنهنجي ماء،پنهنجن ڀينرن ۽ ڀائرن کي هونئن ته هر وقت ياد ڪندو رهندو آهيان پر عيد جي ڏينهن اهو درد گھڻو وڌي وڃي ٿو،آئون هتي انهن جي ياد ۾ روئندو رهندو آهيان ته هتي اهي منهنجي جدائيء ۾ رت جا ڳوڙها ڳاڙيندا رهن ٿا.اسان کي اميد ناهي ته اسان پنهنجي زندگيء ۾ وري ٻيهر پاڻ ۾ ملي سگھنداسين“.پنهن جا غم بيان ڪندي غزاليء جو اکيون ڀرجي آيون.ڀارتي زير انتظام ڪشمير ۾ 1989ع ۾ ڀارت کان آزاديء جي لاء شروع ڪيل تحريڪ دوران ڀارتي فوج جي آپريشن يا سيڪيورٽي فورسز سان ٿيل جھڙپن ۾ هزارين ڪشميري شهيد ٿي چڪا آهن.غزالي ڀارتي والاريل ڪشمير ۾ حڪومتي فورسز طرفان علحدگي پسندن جي خلاف ٿيل ڪريڪ ڊائون دوران ان وقت اتان فرار ٿي پاڪستاني ڪشمير پهتو هو جڏهن سندس عمر رڳو پندرهن سال هئي.پاڪستان اچڻ بعد هن اتي ئي شادي ڪري ڇڏي ۽ هاڻي سندس ڇهه ٻار آهن پر پنهنجي ماء ۽ ڀائرن ڀينرن کان وڇڙڻ جو درد هن کي اندر ئي اندر کائي رهيو آهي.هو سرحد تي لڳل ڪنڊيدار تار جي هن پار پنهنجي وطن کي ڏسي ته سگھي ٿو پر ان منظر ۾ کيس پنهنجو خاندان ڪٿي به نظر نٿو اچي ۽ نه ئي کيس ڪا اميد آهي ته ڪڏهن هو انهن کي ڏسي به سگھندو يا انهن سان ملي به سگھندو.
ڀارت جي انتظام هيٺ والاريل ڪشمير ۾ 1989ع ۾ شروع ڪيل ڪشميرين جي آزاديء جي تحريڪ دوران ڀارتي فوج جي آپريشن يا جھڙپن ۾ اهڙا هزارين ڪشميري ڪٽنب پنهنجن پيارن کان وچوڙن جو شڪار ٿيا ۽ انهن سڀني جو غم ساڳيو آهي.غزاليء جيان هزارين ماڻهو ۽ هزارين خاندان جدائين جا درد کڻي جي رهيا آهن.انهن ۾ ئي پنجاه سالن جو غلام رسول به آهي جيڪو والاريل ڪشمير جي اوڙي سيڪٽر ويجھو گارڪوٽ نالي ڳوٺ ۾ رهي ٿو.ان جو ڀاء ۽ چاچو پنهنجي ڪٽنب سان گڏ پاڪستاني ڪشمير ۾ رهن ٿا جڏهن ته ڪٽنب جا ٻيا ماڻهو سرحد جي هن پار رهن ٿا.پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪشمير ۾ قائم ٿيل ڪشميري مهاجرن جي ڪيمپن ۾ جيڪي ماڻهو رهن ٿا انهن کي رڳو ماهوار پندرهن سو روپيا وظيفو ملي ٿو.پنجاه سالن جي نسيما بيبي  1992ع ۾ والاريل ڪشمير کان آزاد ڪشمير پنهنجي مڙس،ٻن ڌيئرن ۽ هڪ پٽ سميت ان وقت جي مشڪل حالتن کان بيزار ٿي پهتي هئي جڏهن ته هن جو سڀني کان وڏو پٽ اتي ئي رهجي ويو آهي.نسيما بيبي موجب سندس پٽ پنهنجي ڏاڏي ڏاڏيء وٽ هو جڏهن ڀارتي فوج سندن ڳوٺ ۾ آپريشن ڪيو.هن مطابق فوجين سندس مڙس تي سخت تشدد ڪيو ۽ سندس ٻانهن ٽوڙي ڇڏي. نسيما روئندي ٻڌايوته اهي خوف جي عالم ۾ ۽ رات جي اونده جو فائدو کڻندي پاڪستاني ڪشمير۾ داخل ٿيا هئا ۽ هوء اڄ به پنهنجي وڏي پٽ جي جدائيء ۾ ڳوڙها ڳاڙيندي ٿي رهي ۽ عيد جي موقعي تي ته ماء جي ممتا کي ڪنهن پل به قرار نٿو اچي ۽ روئندي روئندي سڄو ڏينهن گذري وڃي ٿو.عيدن تي مظلوم،مجبور ۽ لاچار انسانيت جي اکين مان وهندڙ اهي ڳوڙها عالمي امن جي دعويدارن،انساني حقن جي ٺيڪيدارن،دنيا جي سمورن منصفن ۽ حڪمرانن کان سوال ڪري رهيا آهن ته ڪشمير مان ظلم،جبر ۽ ڏاڍ جي اها ڪاري رات ڪڏهن ختم ٿيندي ۽ ڪڏهن پيارا پنهنجن پيارن سان واپس ملي سگھندا؟




Friday, August 9, 2019

ڪشمير.ٽرمپ ۽ هڪ نئين جنگ!




شفيق الرحمان شاڪر
ڳالهه ٽرمپ جي ٽياڪڙيء واري آڇ کان ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ جبر جي انتها تي پهچي چڪي آهي پر نه رڳو عالمي انساني حقن جي دعويدار ن کي ان ڏاڍ تي نانگ سنگھي ويو آهي،نه رڳو پوري عالمي برادري خاص طور تي اسان جي برادر اسلامي ملڪن جي حڪمرانن ماٺ جو روزو رکي ڇڏيو آهي پر خود ڊونلڊ ٽرمپ جنهن کي دنيا ۾ وڌندڙ دهشتگردي ۽ جنگين جي امڪانن تي ڳڻتي آهي ۽ جنهن رڳو ڪجهه ڏينهن پهرين اهو مڃيو هو ته ڪشمير جهڙي خوبصورت وادي سڄي جي سڄي بمن سان ڀري پيئي آهي اهو صاحب به اڄ ڪجهه به ڪڇڻ لاء تيار ناهي.انهيء صورتحال ان پراڻي حقيقت کي هڪ ڀيرو وري ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته جمهوريت ۽ انساني حقن جي نام نهاد اها عالمي برادري دنيا جي ڪمزور قومن جي باري ۾ ساڳي منافقت ۽ ٻٽي پاليسيء جو شڪار آهي ۽ انهن جون همدرديون هميشه جيان دنيا جي ڏاڍن ۽ بين الاقوامي قانون لتاڙيندڙ دهشتگرد ملڪن سان ئي رهن ٿيون ۽ انهن جي وات مان ڪڏهن ڪڏهن دنيا جي مظلوم قومن ۽ ملڪن لاء جيڪر ڪڏهن ڪو آواز بلند به ٿئي ٿو ته ان جي پويان به رڳو منافقت ۽ سترنگي وارو عمل هوندو آهي جنهنجو واضح ثبوت اهو آهي جو ڪشميرين کي پنهنجي مرضيء جي راء سان فيصلو ڪرڻ جي منظوري خود گڏيل قومن پنهنجن قراردادن ذريعي ڏني هئي پر اڄ انهن قراردادن کي اٽڪل ستر سال ٿي چڪا آهن پر دنيا جو اهو نام نهاد ادارو اڃا تائين پنهنجي انهن قراردادن تي عمل ڪرائي نه سگھيو آهي جڏهن ته ٻئي طرف ڪشمير ۾ ٿيندڙ انساني بنيادي حقن جي سنگين ڀڃڪڙين تي پڻ اقوام متحده به خاموش تماشائي بڻيل نظر اچي ٿو.جيڪر انهن عالمي چوڌرين جو اهو ئي رويو رهندو ته دنيا مان دهشتگرديء جي لاڙن کي ختم ڪرڻ اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي.ڪجهه ڏينهن اڳ اسان پنهنجي هڪ ڪالم ”ٽرمپ جي ٽياڪڙيء جي آڇ ڪيتري سنجيده آهي؟“ ۾ لکيو هو ته ايندڙ ڏينهن ۾ هن خطي ۾ ڪو پائيدار امن قائم ٿيندي نظر نٿو اچي ۽ سامهون نيون جنگيون اڀرندي نظر اچي رهيون آهن.ان وقت پورو ملڪ عمران ۽ ٽرمپ ملاقات ۾ ٿيل ڪشمير تي ٽياڪڙيء واري آڇ تي هنڀوڇيون هڻي رهيو هو ته بس،اجھو ٿو ڪشمير جو مسئلو حل ٿئي پر اسان جا ماڻهو اها ڳالهه وساري ٿا ويهن ته آمريڪا اسان جو نه پر هندستان جو اسٽريجڪ پارٽنر آهي ۽ هن کي اسان کان وڌيڪ ڀارت جا مفاد عزيز آهن.ان جو هڪڙو وڏو سبب اهو به آهي جو هن خطي ۾ چين جي وڌندڙ اثر رسوخ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاء ڀارت جي سخت ضرورت آهي ۽ هن کي پڪ آهي ته پاڪستان چين جي مقابلي ۾ آمريڪا جو ساٿ ڏيئي نٿو سگھي ان ڪري اهو سمجھڻ ته آمريڪا پاڪستان جي ڪري ڪو ڀارت سان ڦٽائيندو هڪ ٻاراڻي سوچ آهي.اصل ۾ ڀارت پاڪستان،ڪشمير ۽ افغانستان ۾ جيڪا گندي گيم کيڏي رهيو آهي انهيء ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل جي هن کي پوري آشيرواد ۽ مدد حاصل آهي.ٽرمپ جيڪر گھري به ته انهيء راند مان هٿ ڪڍي نٿو سگھي جو دنيا جا سپر پاور ملڪ پنهنجا رياستي فيصلا ڪنهن هڪڙي شخص جي مرضي ۽ خواهش هيٺ نه ڪندا آهن.انهيء کان سواء دنيا ڄاڻي ٿي ته خود صدر ٽرمپ آمريڪي اسٽيبلشمينٽ لاء اڃا تائين تڪراري بڻيل آهي ۽ واهيٽ هائوس ۽ پينٽاگون وچ ۾ ڪيترن ئي معاملن تي شديد اختلاف موجود آهن جن مان افغانستان ۽ پاڪستان وارو اشو به شامل آهي.پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ سرحدن تي وڌيل ڇڪتاڻ پنهنجي جڳهه تي پر جيڪي ڪجهه هاڻي ڪشمير ۾ ٿي رهيو آهي اهو تمام خظرناڪ ۽ ناقابل برداشت آهي.ايندڙ ڏينهن ڪشمير ۽ ڪشميرين لاء نهايت ئي گھڻيون مصيبتون ۽ تڪليفون کڻي اچي رهيا آهن. پوري ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اڻ ٻڌايل مدي تائين ڪرفيو نافذ ڪيو ويو آهي.هن وقت به هزارين وڌيڪ هندستاني فوج ڪشمير ۾ پهچي رهي آهي ۽ ڪشميرن تي هر ايندڙ ڏينهن تي زمين تنگ ڪئي پيئي وڃي.غير ملڪي صحافين کي چيو ويو آهي ته اهي ترت ڪشمير ڇڏي وڃن.هندستان ڪشمير جي باري ۾ پنهنجو جيڪو ناپاڪ منصوبو ترتيب ڏنو آهي ان تي عمل شروع ٿي چڪوآهي جنهن مطابق مطابق ڪشمير کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جي لاء صدارتي حڪم جاري ڪيو ويو آهي. ڪشمير جو اهو حصو جيڪو ”لداخ“ سڏجي ٿو جيڪو چيني سرحد سان مليل  ۽ ڪارگل سان گڏ آهي ۽ جتي ٻڌ ڌرم سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي گھڻائي آهي انهيء کي ڪشمير کان الڳ ڪري وفاق جي ڪنٽرول ۾ ڏنو ويو آهي. جڏهن ته ڪشمير جتي مسلمانن جي گھڻائي آهي اتي ڀارتي آئين مان اها شق ختم ڪئي ويئي آهي جنهن جي پابنديء ڪري ڪشمير ۾ ڪو ٻاهريون ماڻهو آباد ٿي نٿو سگھي.اهڙي قانونسازيء جو مقصد اهو آهي ته جيئن هندستان مان هندن کي آڻي ڪشمير ۾ آباد ڪجي ته جيئن ڪشميري مسلمانن جي اڪثريت اقليت ۾ تبديل ٿي وڃي.بلڪل ايئن جيئن اسرائيل فلسظين ۾ ڪيو هو.سو هاڻي ڪشمير جو معاملو روايتي سفارتڪاري،مذمتي بيانن ۽ ٽرمپ جي ٽياڪڙيء جي آسري کان چڙهي چڪو آهي ۽ پاڪستان کي ضرور ڪو موثر ۽ سخت فيصلو ڪرڻو پوندو. هن وقت آزادي پسند ڪشميري قيادت سان ڀارت جيڪي ويڌن ڪري رهيو آَهي انهيء ۾ ڪشميري رڳو پاڪستان ڏانهن اميد وچان نهاري رهيا آهن ۽ حقيقت به اها آهي جو ڪشميرين کي رڳو پاڪستان سان محبت جي سزا ڏني پيئي وڃي.هوڏانهن افغانستان  جي باري ۾ توڙي جو طالبان سان ڳالهيون ٿي رهيون آهن پر انهن ڳالهين جي نتيجي ۾ افغانستان ۾ ڪو پائيدار امن به قائم ٿي سگھندو،نظر نٿو اچي.افغانستان ۾ عالمي طاقتن جي جيڪا گھڻ طرفي راند رچيل آهي انهيء ۾ رڳو طالبان جي راضي ٿيڻ سان مسئلو حل ٿيندي نظر نٿو اچي.ڀارت،روس ۽ ڪجهه ٻين پاڙيسري ملڪن جو عمل دخل ته پنهنجي جڳهه تي پر اهو ئي سمجهه ۾ نٿو اچي ته اتي جهازن واري داعش ڪنهن نازل ڪئي آهي جيڪا طالبان کي به ڌمڪيون ڏيئي رهي آهي.ان عمل دخل ۽ امن امان خلاف سرگرم ڌرين جي نيتن جو اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگھجي ٿو ته جڏهن به افغانستان ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاء ڪي به سنجيده ڪوششون شروع ٿين ٿيون ته ڪونه ڪو دهشتگرديء جو واقعو ٿي پوي ٿو ۽ امن امان جي سمورين ڪوششن تي پاڻي ڦريو وڃي.هندستان ڪشمير جي باري ۾ جيڪو به منصوبو جوڙيو آهي اهو ڪيترو سولائي يا مشڪل سان عمل درآمد طرف وڌي ٿو پر هڪڙي ڳالهه طيء آهي ته بهادر ڪشميري عوام جن سالن کان پنهنجي جانين جون قربانيون ڏنيون آهن ۽ اڄ به ڏيئي رهيا آهن اهي اهڙي ڪنهن به حل کي ٿڏي ڇڏيندا ۽ ڳالهه وري به ساڳي ته هن خطي ۾ امن جو مسئلو هيڪاري ڳنڀير بڻجي ويندو.
(روزاني هلال پاڪستان 7 آگسٽ 2019ع)

Wednesday, August 7, 2019

حڪومت کي عظيم ”جيت“ مبارڪ هجي!



شفيق الرحمان شاڪر
پاڪستاني سياست جو ان کان وڏو ٻيو ڪهڙو الميو ٿي سگھي ٿو جو  سياست جي اقتداري راند ۾ موجود رانديگرن جي چهرن تي سجايل مڪاريء جا نقاب هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ هٽندا ٿا وڃن ۽ سندن اصل چهرا دنيا سامهون اگھاڙا ٿيندا ٿا وڃن.اها ڳالهه ته طي ٿي چڪي آهي ته اصولن ۽ اخلاقيات نالي ڪنهن به شيء جو اڄوڪي ان سياست سان هاڻي پري جو به واسطو نه رهيو آهي. اصل مفاد ئي آهن جيڪي هر کڄندڙ وک جو فيصلو ڪن ٿا.ڇا حڪومت، ڇا اپوزيشن،ان سياسي حمام ۾ سڀ جا سڀ هڪجهڙا اگھاڙا آهن. اڃا به ڪي مت جا موڙها هوندا جيڪي هن جمهوريت ۽ هن نظام مان ڪنهن سڌاري يا ڪنهن خير جي اميد لڳايو ويٺا آهن ۽ ويٺا ئي رهندا پر هي نظام پنهنجي ذلت جي جنهن حد کي ڇهي رهيو آهي انهيء مان ڪنهن چڱائيء جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گھرڻ مثل آهي.جتي به کوٽجي ٿو ته رڳو گندگيء جا ڍير ئي ٻاهر نڪرن ٿا،جتي ٿو ڌڪ هڻجي ته رڳو بدبوء ئي ڦهلجي ٿي.جيڪي به پنا ٿا کولجن ته بد ديانتي،ٺڳي ۽ هوس جا داستان کلن ٿا. اڳوڻن حڪمرانن تي ان قسم جا الزام سڀ جا سڀ غلط به ناهن.سرڪاري خزاني جي ڦرلٽ کان هڪ ٻئي جي ڪردار ڪشيء تائين،هارس ٽريڊنگ کان عدالتون خريد ڪرڻ جي ڪوششن تائين سندن ڪيل ڪارناما سچ آهن پر هاڻوڪا حڪمران جيڪي پنهن جو پاڻ کي هن زمين تي پارسا .پاڪ ۽ پوتر سمجھڻ جا دعويدار آهن ۽ جن حڪومت ۾ اچڻ لاء عوام سان وعدا ئي اهي ڪيا هئا ته هو هن بدبودار نظام کي بدلائي ماڻهن کي هڪ اڇو اجرو ۽ شفاف نظام مهيا ڪندا جنهن ۾ اصولن ۽ اخلاقن جو جنازو نه نڪرندو،مثبت روايتن جي قبر نه کوٽبي ۽ قدرن کي گھٽو نه ڏنو ويندو اهي ”انقلابي“ پڻ ڪارن ڪرتوتن جي اهڙي شرمناڪ تاريخ لکي رهيا آهن جنهن تي سندن ڪنڌ شرم وچان جھڪن يا نه پر سندن حامين  ۽ منجھائن تبديليء جي اميد رکندڙن جا ڪنڌ ضرور شرم کان جھڪي ويا آهن.آخرگذّريل حڪمرانن جو  اهو ڪهڙو ڪارو ڪرتوت آهي جيڪو هاڻوڪن حڪمرانن به سرانجام نه ڏنو هجي.غريبن مٿان مهانگائيء جا بم ڪيرائڻ کان ماڻهن کي بيروزگار ڪرڻ تائين، قرض وٺڻ کان اهم سرڪاري عهدن تي پنهنجا ڪرپٽ ماڻهو مقرر ڪرڻ تائين، سياسي مخالفن جي ڪردار ڪشيء کان سياسي انتقام تائين،ميڊيا جي آزاديء تي ضرب لڳائڻ کان نيب کي سياسي مخالفن خلاف استعمال ڪرڻ تائين،اهي اهو ئي سڀ ڪجهه ڪري رهيا آهن جيڪي گذريل حڪمران ڪندا رهيا.تازو سينيٽ ۾ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻيء خلاف پيش ڪيل تحريڪ عدم اعتماد تي ٿيندڙ ووٽنگ دوران جيڪي تماشو پيش آيو انهيء عمران خان جي ميرٽ،شفافيت،جمهوريت پسندي ۽ تبديلين جي سمورين دعوائن جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي ۽ ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اقتدار ۽ طاقت جي پنهنجي نفسيات ۽ پنهنجو نشو ۽ پنهنجا اصول ٿين ٿا.اتي ضمير نالي ڪنهن به شيء جو گذر نٿو ٿئي،پنهن جا مفاد ۽ مقصد حاصل ڪرڻ لاء ڪنهن به حد تائين ذلت جي اونهي کڏ ۾ڪري سگھجي ٿو ۽ سالن کان سانڍيل پنهن جن اصولن جو پنهنجي هٿن سان ئي پاڻ جنازو ڪڍي سگھجي ٿو.انهيء نام نهاد جيت جو جشن ملهائڻ مهل انهن کي ڪجهه ته خيال ڪرڻ گھربو هو پر نه.ڪجهه ته سندن ضمير کي ضرب لڳڻ گھربي هئي پر نه.رڳو پندرهن منٽ پهرين جيڪي چوهٺ هئا اهي پل ۾ پنجاهه ڪيئن بڻيا ان سوال جتي هاڻوڪن حڪمرانن جي سموري ساک تي پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي اتي اپوزيشن جي انهن جمهوريت پسند ديوانن جي نرڙ تي به پشيمانيء جو پگھر ضرور آندو آهي ته جڏهن سينيٽ جهڙي هڪ مقدس ۽ اعليٰ اداري ۾ مفاد پرست،خوشامدڙيا ۽ ذاتي وفادار ۽ نوڪر ڀرتي ڪيا ويندا ته پوء اصول ايئن ئي منهن مٿو پٽيندي رهجي ويندا.اهي چوڏهن ضمير فروش جيڪي به آهن پر پنهنجو، پنهنجي پارٽي ۽ جمهوريت جو منهن ڪارو ڪرڻ بعد اڄ به اپوزيشن جي صفن ۾ باعزت طور تي موجود آهن.سندن پارٽي قيادت کي خبر آهي ته اهي ڪير آهن پر کين ڪجهه به نه چيو ويندو جو انهن کي ئي آئنده به جمهوريت جي اها خدمت جاري رکڻي آهي.حڪمران ڀلي فتح جو جشن ملهائين پر ڪهڙي فتح؟ اصولن،قدرن ۽ اخلاق جي لاش تي حاصل ڪيل فتح؟افسوس جو حڪمرانن ڪڏهن به ماضيء کان سبق ناهي سکيو. انهن کان اڳ به ڪي حڪمران هئا جن انهيء ئي گندگيء سان پنهن جا هٿ گندا ڪيا،طاقت،ڏاڍ ،اختيار ۽ پئسي جي زور تي ماڻهن جا ضمير خريد ڪيا يا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي،اڄ اهي سڀ تاريخ جي ڪٻاڙ خاني ۾ دفن ٿي چڪا آهن.تاريخ جا پنهن جا فيصلا هوندا آهن ۽ انهن فيصلن تي ڪنهن جو به اختيار نٿو هلي.اصولن ۽ بي اصولين جي ان سموري راند ۾ سڀ کان وڏو نقصان رڳو عمران خان جو ئي ٿيو آهي،طاقت حاصل ڪرڻ ۽ ان کي قائم رکڻ جي ان عمل ۾هڪ هڪ ٿي هر اصول ۽ هر قدر سندس ساٿ ڇڏيندو ٿو وڃي،سندس سچن ساٿين جي چهرن تي ڇانيل مايوسي ء جا ڪڪر اڄ شايد عمران خان کي نظر نه ايندا هجن پر وقت ٻڌائيندو ته اقتدار جي ان بي حس راند ۾ هو سڀ ڪجهه وڃائي چڪو آهي.هن جي اکين تي چڙهيل اقتداري چشمي مان هن کي جيڪا پنهنجي جيت نظر اچي ٿي سا حقيقت ۾ هن جي اهڙي هار آهي جنهن جو بعد ۾ ڪو پورائو ڪري نه سگھبو.سينيٽ ۾ ٿيل تازي تماشي ان ڳالهه کي وڌيڪ پختو ڪري ڇڏيو آهي ته جيستائين عوام صحيح قيادت چونڊي انهن ايوانن ۾ نٿو موڪلي تيستائين انهن مڪار ماڻهن مان قوم جي جان نه ڇٽندي جيڪي معمولي ذاتي فائدي لاء پنهنجو ضمير گروي رکندي دير نٿا ڪن ،ڏوهاري اهي به آهن جيڪي ضمير وڪڻن ٿا پر وڌيڪ ڏوهاري اهي آهن جيڪي ضمير خريد ڪرڻ لاء بازار ون سجائين ٿا.پي ٽي آئي جي تبديلي پسند حڪومت کي ضمير فروشيء جي صورت ۾ حاصل ٿيندڙ اها عظيم فتح مبارڪ هجي  ۽ اپوزيشن کي پنهنجي ئي پوکيل پک جي نتيجي ۾ حاصل ٿيل پنهن جي هار تي ماتم ڪرڻ گھرجي!
(روزاني هلال پاڪستان 3 آگسٽ 2019ع)

Saturday, August 3, 2019

ماضيء جو آئينو ؛ اندلس ،مسلمان، علم ۽ سائنس.




شفيق الرحمان شاڪر
يورپ کنڊ جي ڏاکڻي اولهه ڪناري تي موجودجزيري جهڙو آئيبيريا جيڪو ڪوهستان پيرينيز سبب باقي کنڊ کان گھڻو ڪٽيل آهي ۽ اڄ ڪلهه اسپين ۽ پرتگال نالي ٻن رياستن تي ٻڌل آهي.مسلمانن ان تي اٽڪل اٺ سو سال حڪومت ڪئي.اسلامي تاريخ ۾ ان ملڪ کي اندلس جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.اندلس جيڪو ڪڏهن پنهنجي پکيڙ ۾ وڌندو هاڻوڪي اسپين ۽ پرتگال سان گڏوگڏ فرانس جي ڏاکڻن علائقن اربونا، پرپگنان،قرقشونا ۽ تولوشا وغيره تائين وڃي پهتو هو،زوال جي دور ۾ ان جون حدون ڏکڻ اوڀر ۾ سڪڙي رڳو غرناطا تائين محدود ٿي وييون.اندلس جي تاريخ جتي اسان کي عروج ۽ زوال جا داستان ٻڌائي ٿي اتي قرون وسطيٰ ۾ مسلمان سائنسدانن جي عظيم ڪارنامن تان به پردو هٽائي ٿي ۽ ان حقيقت کان واقف ڪري ٿي ته هاڻوڪي سائنسي ترقِڀ جي بنيادن ۾ دراصل مسلمان سائنسدانن جو ئي هٿ آهي ۽ اسلامي اسپين جا سائنسدان بغداد جي مسلمان سائنسدانن کان ڪنهن به طرح پوئتي نه هئا.وليد بن عبدالملڪ جي دور خلافت يعني 705ع کان 715ع ۾ موسيٰ بن نصر کي اتر آفريڪا جي گورنري ڏني ويئي.ان دور ۾ اسپين جي سياسي ۽ معاشي حالت نهايت ئي خراب هئي.عيش پسند حڪمرانن غريب عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هو.يهودين جي حالت سڀني کان بري هئي.ظلم ۽ بربريت جي ان نظام کان تنگ ٿي وڏي انگ ۾ ماڻهن هجرت ڪري موسيٰ بن نصر جي زير انتظام اتر آفريڪا  ۾ پناهه وٺڻ شروع ڪري ڏني جتي اسلامي نظام حڪومت هيٺ ماڻهو پر امن زندگي گذاري رهيا هئا.جڏهن معاملو حد کان وڌيو ته موسيٰ بن نصر اسپين جي مظلوم ماڻهن کي حڪمرانن جي ڏاڍ ۽ ظلم کان نجات ڏيارڻ لاء باقائدي اسپين تي حملي جي منصوبا بندي جوڙي.موسيٰ بن نصر 711ع مطابق 92 هه مشهور بربر جرنيل طارق بن زياد کي ست هزار فوج ڏيئي اسپين تي حملي لاء موڪليو.اسلامي لشڪر جبل الطارق تي پڙاء ڪيو جتي طارق جو مقابلو اسپين جي حڪمران راڊرڪ جي هڪ لک فوج سان ٿيو.ٽي ڏينهن ڇتي لڙائي هلندي رهي پر فتح جا آثار نظر نه آيا.چوٿين ڏينهن طارق بن زياد فوج سامهون تاريخي تقرير ڪئي،جنهن جاشروعاتي لفظ اهي هئا ته ؛ ”اي ماڻهو! ڀڄڻ جي جاء ڪٿي آهي؟اوهان جي پويان سمنڊ ۽ سامهون دشمن آهي ۽ بخدا اوهان لاء صبر ۽ ثابت قدميء سواء ٻيو ڪو چارو ناهي.“ ڪتاب نزهت المشتاق مطابق ان تقرير کان اڳ طارق سمنڊ تي بيٺل پنهنجون ٻيڙيون ساڙي ڇڏيون هيون ته جيئن فتح کان سواء زندهه بچي نڪرڻ سوا باقي سڀ رستا بند ٿي وڃن.مسلمان فوج بهادريء سان وڙهي ۽ 19 جولائي 711ع تي وادي لکا جي هنڌ هسپانوي فوج کي شڪست ڏني جنهن ۾ گاٿ بادشاهه فرار ٿيندي دريا ۾ ٻڏي مري ويو.ان بعد آڪٽوبر 711ع ۾ اسلامي اندلس جو مشهور شهر قرطبا مغيث روميء هٿان فتح ٿيو ۽ ٻيا شهر به هڪ ٻئي پويان تيزيء سان فتح ٿيندا ويا.بعد ۾ جون 712ع ۾ موسيٰ بن نصر پاڻ ارڙهن هزار فوج وٺي اندلس طرف اڳتي وڌيو ۽ اشليبيا ۽ ماردا فتح ڪيائين. طارق بن زياد جي فتحن ۾آخري فتح خيخون شهر جي هئي.انهيء دوران موسيٰ بن نصر کي خليفي وليد بن عبدالملڪ طرفان اهو پيغام وصول ٿيو ته هو ۽ طارق بن زياد ان مهم کي اتي ئي ڇڏي دمشق هليا اچن.موسيٰ بن نصير ۽ طارق بن زياد جي واپسيء بعد 714ع کان 756ع تائين ٽيتاليهه سالن ۾ ملڪ سياسي لحاظ کان عدم استحڪام جو شڪار رهيو.ان دوران ڪل ٻاويهه گورنر بدليا.بنو اميه جي 40 هه کان 132هه تائين اسلامي دنيا تي حڪمراني ڪرڻ بعد جڏهن بنو عباس جي اقتدار جو دورشروع ٿيو ته شاهي خاندان جي ماڻهن کي چونڊي چونڊي قتل ڪرڻ شروع ڪيو ويو ته اموي خاندان جا رڳو ڪجهه ماڻهو ئي جان بچائي سگھيا.انهن بچي نڪرڻ وارن ۾ بشام بن عبدالملڪ جو ويهه سالا پوٽو عبدالرحمان بن معاويه به هو جنهنجي ماء قيوط افريڪا جي بربري قبيلي سان تعلق رکندي هئي.عبدالرحمان عباسين جي ظلم کان بچڻ لاء آفريڪا جو رخ ڪيو،هو پنجن سالن بعد اندلس جي ڪناري پهتو جتي اموي دور جون فوجون موجود هيون.ڪجهه ئي عرصي ۾ عبدالرحمان انهن ۾ پنهنجو اهڙو اثر پيدا ڪيو جو انهن کيس پنهنجو ڪمانڊر بنائي ورتو.اها فوج اتر طرف هلي ۽ ڪجهه ئي سالن ۾ سڄو اندلس هن جي قبضي هيٺ اچي ويو.تاريخ کيس عبدالرحمان داخل جي نالي سان ياد ڪري ٿي.هن اندلس تي لڳ ڀڳ ٻٽيهه سال حڪومت ڪئي جنهن کان پوء سندس پٽ بشام تخت تي ويٺو.ان جي دور ۾ مسلمانن فرانس جا ڪيترائي شهر فتح ڪيا.822ع ۾ عبدالرحمان ٻيو تخت تي ويٺو.هن جي ٽيهه سالا دور حڪومت ۾ ملڪ انتظامي طور تي مضبوط ٿيو،علمن ۽ فنن ترقي ڪئي،سائنسي علمن جو نئون دور شروع ٿيو ۽ واپار به پري پري تائين پکڙيو.اهو دور تعمير ۽ دولت جي گھڻائيڀ جو دور هو.ٻئي طرف اهو ئي دور آهي جڏهن يورپ ۾ اسلام خلاف باقائدي مسيحي تحريڪ جي شروعات ٿي جنهن بعد ۾ صدين تائين مسلمانن کي جنگين ۾ الجھائي رکيو.اسلامي اسپين جي تاريخ ۾ سڀ کان عظيم حڪمران عبدالرحمان ٽيون هو جنهن ايڪويهن سالن جي عمر ۾ سندس پيء عبدالله جي وفات بعد اقتدار سنڀاليو.اهو اهڙو دور هو جو اندلس ۾ مسلمانن جو زوال شروع ٿي چڪو هو ۽ صليبي تحريڪ زور وٺي چڪي هئي ،هن هر قسم جون بغاوتون دٻائي داخلي بدامني ۽ ٻاهرين سازشن کي ڪچلي امن بحال ڪيو.هو اندلس جو پهريون حڪمران هو جنهن الناصرالدين الله جي لقب سان پنهنجي خلافت جو اعلان ڪيو.هن پنهنجي اوڻوجاهه سالا دور حڪومت ۾ نه رڳو ڪيترين ئي عيسائي رياستن کي پنهنجو مطيع ڪيو پر ملڪ کي عظيم اسلامي تهذيب جو مرڪز بنائي ڇڏيو.سندس دور ۾ علمن ۽ فنن کي عروج مليو جنهن سان اندلس پنهنجي دور جي هڪ عظيم فلاحي رياست بڻجي اڀريو.عبدالرحمان ٽئين بعد سلطنت جو انتظام ٽڙڻ پکڙڻ شروع ٿي ويو ۽ پوء پورو اندلس گھرو ويڙهه جو شڪار ٿي ويو.1031ع ۾ انتشار ايترو وڌيو جو اندلس مان اموي خلافت جو خاتمو اچي ويو.جنهن بعد پورو ملڪ ننڍين ننڍين رياستن ۾ ورهائجي ويو ۽ هر علائقي ۾ ڪنهن سردار حڪومت شروع ڪري ڏني.تاريخ انهن سردارن کي ملوڪ الطوائف جي نالي سان ياد ڪري ٿي.اتر آفريڪا جي بربري خاندان ۽ تحريڪ مرابطين جي زير انتظام قائم حڪومت جي ٽئين حڪمران يوسف بن تاشفين جو دور حڪومت يعني 1091ع کان 1196ع تائين اتر آفريڪا جي بهترين دورن مان هڪ آهي.جڏهن اندلس انارڪيء جي ور چڙهيل هو ته 1086ع ۾ يوسف بن تاشفين هڪ سو جهازن جي قافلي ٻارهن هزار فوج وٺي آفريڪا جي بندرگاهه سبتا کان اندلس روانو ٿيو ۽ عيسائين کي آڻ مڃڻي پيئي.يوسف بن تاشفين ته الفانسو کي شڪست ڏيئي واپد آفريڪا هليو ويو پر اندلس جا سردار ايترو بگڙيل هئا جوانهن جو پاڻ ۾ اتحاد نه رهي سگھيوجنهن ڪري ٻيهر امن امان جو مسئلو پيدا ٿيو.سو يوسف بن تاشفين ڪجهه سالن بعد 1091ع ۾ اندلس کي سندس آفريڪي رياست ۾ ضم ڪري ڇڏيو.اتان ئي نرابطين جي دور جي شروعات ٿي.جيڪو دور رڳو 54 سال قائم رهڻ بعد ختم ٿي ويو. 1120ع ۾ مراڪش کان هڪ موحدون تحريڪ جي شروعات ٿي جنهنجو باني ابو عبدالله محمد بن تومرت هو.مهديت جي دعويٰ تي ٻڌل سندس تحريڪ ٿوري عرصي ۾ گھڻو مقبول ٿي ويئي جنهنجي نتيجي مرابطين جي حڪومت ختم ٿي ويئي.موهدون جي دور حڪومت ۾ تعمير ۽ ترقيء جو زبردست ڪم ٿيو.1214ع ۾ موحدون جي آخري حڪمران ابو عبدالله محمد الناصر ارغون جي گڏيل جنگ ۾ شڪست کاڌي جنهنجي نتيجي ۾ اندلس هڪ ڀيرو وري گھرو ويڙهه جو شڪار ٿي ويو.
اندلس جي تمدني زندگيء ۾ ان جي جليل القدر سائنسدانن جو هٿ هو.قرون وسطيٰ جون ڪيتريون ئي نامور شخصيتون اندلس سان ئي تعلق رکنديون هيون.عظيم مفسر قرآن امام قرطبي،مشهور عالم سياح ابن بطوطه ۽ ابن جبير،سرجريء جو باني ۽ اکين جي بيماردين جو ماهر ابوالقاسم زهراوي،معروف فلسفي ۽ طبيب ابن باجه،فلسفي وحدت الوجود ابن عربي،عظيم فلسفي ۽ طبيب ابن رشد،عظيم ماهرين فلڪيات ابو اسحاقزرقاني ۽ ابو اسحاق البطرو،تاريخ ۽ عمرانيات جو امام ابن خلدون،نامور طبيب يونس الحراني،معروف جاگرافي دان شريف ادريسي،هوائي جهاز جو موجد عباس بن فرناس،نامور طبيب ابن الهيثيم،ماهر فلڪيات نصيرالگين طوسي ۽ ٻيون ڪيتريون ئي اهم علمي ۽ ادبي شخصيتن جو تعلق اسپين جي عظيم سرزمين سان ئي هو.

(روزاني جيجل 1 آگسٽ 2019ع)