Thursday, February 10, 2022

ماضيء جو ائينو ؛ پاڪستان ۾ نوڪرشاهي ۽ اختيارن جي جنگ.


شفيق الرحمان شاڪر

ملڪ آزاد ٿيو ته اسان کي بيوروڪريسي به انگريزن جي ڏنل ملي جيڪا بنيادي طور تي برطانيا جي وفادار هئي.پاڪستان ٺهڻ کان ترت پوء بيوروڪريسي پر ڪڍڻ شروع ڪري ڏنا جڏهن ته پاڪستان جا سياستدان اڃا ڪمزور هئا ان ڪري بيوروڪريسي سندن ڪمزوريء جو فائدو کڻندي ڪجهه ئي سالن ۾ اقتدار تي مڪمل قبضو ڪري ورتو.هڪڙو صاحب هو ملڪ غلام محمد جيڪو انڊيا جي وزارت خزانه ۾ ڪم ڪندو هو.1947ع ۾ انڊين ريلوي سروس ۾ اچي ويو ۽ بيوروڪريسي جو جيڪو حصو پاڪستان جي حصي ۾ آيو هيء سوکڙي به ان ۾ شامل هئي.لياقت علي خان جي ڪابينا ۾ هن کي وزارت خزانه جو قلمدان ڏنو ويو،بعد ۾ محلاتي سازشن ذريعي 17 آڪٽوبر 1951ع تي پاڪستان جو گورنر جنرل بڻجي ويو.قائد اعظم جي وفات بعد گورنر جنرل جو عهدو خواجا ناظم الدين سنڀاليو هو ۽ لياقت علي خان جي قتل بعد خواجا ناظم الدين گورنر جنرل جو عهدو ڇڏي وزير اعظم بڻيو.غلام محمد کي خواجا ناظم الدين بظور وزير اعظم گورنر جنرل نامزد ڪيو هو.1935ع جي ايڪٽ مطابق جيڪي اختيار هند جي وائيسراء کي حاصل هئا اهي ئي اختيار هاڻي گورنر جنرل کي حاصل هئا.17 اپريل 1953ع تي غلام محمد خواجا ناظم الدين کي معزول ڪري هڪ ٻئي بيوروڪريٽ محمد علي بوگرا کي پاڪستان جو نئون وزير اعظم بنايو ويو.اسٽيبلشمينٽ هڪ لحاظ کان حڪومت جو ڪنٽرول ان وقت ئي سنڀالي ورتو هو جڏهن غلام محمد گورنر جنرل بڻيو هو،اهڙيء طرح بيروڪريٽ هاڻي سياستدان به بڻجي ويٺا هئا.

24 آڪٽوبر1954ع  تي جڏهن دستورساز اسيمبلي فيصلو ڪيو ته گورنر جنرل جي اختيارن کي محدود ڪيو وڃي ته غلام محمد دستور سازاسيمبليء کي ئي ختم ڪري ڇڏيو.جڏهن ته محمد علي بوگرا کي نئين ڪابينا جوڙي ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي ويئي ته جيئن نيون چونڊون نه ٿي سگھن.ان نئين ڪابينا ۾ ڪمانڊر انچيف جنرل ايوب خان وزير دفاع جڏهن ته  سيڪريٽري داخلااسڪندر مرزا کي وزير داخلا جا عهدا عطا ڪيا ويا.هاڻي هڪ طرح سان اها بيوروڪريٽس جي ئي حڪومت هئي جو گورنر جنرل ۽وزير اعظم سميت سمورا اهم عهدا سولين جي بدران بيوروڪريٽس جي حوالي هئا.اڪندر مرزا وزير داخلا سان گڏ اوڀر پاڪستان جو گورنر به رهيو.

جسٽس منير جيڪو بائونڊري ڪميشن جو ميمبر هو ۽ بعد ۾ پاڪستان جو چيف جسٽس بڻيو تنهن “نظريه ضرورت” هيٺ ان بندوبست کي جائز قرار ڏنو ۽ غلام محمد جي فيصلي کي درست قرار ڏيندي اسيمبلي بحال نه ڪئي. سموري طاقت پنهنجي هٿن ۾ ڪٺي ڪندڙ غلام محمد کي اسڪندر مرزا 7 آگسٽ 1955ع تي معزول ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ گورنر جنرل بڻجي ويٺو.23 مارچ 1956ع تي ٻي قانون ساز اسيمبليء 1956 وارو آئين منظور ڪيو جنهن مطابق گورنر جنرل جي عهدي کي صدر پاڪستان جي عهدي ۾ بدلايو ويو،اهڙيء طرح اسڪندر مرزا پهرئين پاڪستاني صدر جي چارج سنڀالي. 27 آڪٽوبر 1958ع تي ايوب خان 51سالن جي عمر ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جو عهدو ڇڏي جنرل موسيٰ کي آرمي چيف مقرر ڪيو جڏهن ته صدر اسڪندر مرزا کي معزول ڪري ان جي جڳهه تي پاڻ صدر پاڪستان بڻجي ويو ۽ 25 مارچ ا969ع تائين هو ان عهدي تي رهيو.هن کي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل يحيٰ خان هٽائي پاڻ صدر پاڪستان بڻجي ويٺو جيڪو 20 ڊسمبر 1971ع تائين پاڪستان جو صدر ۽ چيف آف آرمي اسٽاف رهيو جڏهن ته 16 ڊسمبر 1971ع تي اوڀر پاڪستان پاڪستان کان الڳ ٿي بنگلاديش بڻجي چڪو هو

ملڪ جي سخت بگڙيل حالتن ۾ اقتدار بطور سويلين مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ذوالفقار علي ڀٽو جي حوالي ڪيو ويو ۽ گڏوگڏ ذوالفقار علي ڀٽي صدر پاڪستان جو عهدو سنڀالي ورتو.انهيء ئي ڏينهن جنرل گل حسن چيف آف آرمي اسٽاف جو عهدو سنڀاليو.ذوالفقار علي ڀٽي 4 آگسٽ 1973ع تي نئين آئين مطابق سولين وزير اعظم طور قسم کنيو جڏهن ته چوڌري فضل الاهي کي صدر پاڪستان مقرر ڪري ڇڏيو.1973ع جي آئين مطابق اختيار واپس وزير اعظم وٽ اچي چڪا هئا.ڀٽي کي جنرل ضياالحق 5 جولاء 1977ع تي معزول ڪري آئين معطل ڪري ڇڏيو.جڏهن ا985ع ۾ آئين بحال ڪيو ويو ته ٻيهر اٺين ترميم ذريعي اختيار واپس صدر حوالي ڪيا ويا.17 آگسٽ 1988ع تي ضياءالحق جو جهاذ هوا ۾ ڦاٽي ويو.بينظير ڀٽو کي سياسي ميدان مان ٻاهر ڪڍڻ لاء آئي جي آئي جوڙائي ويئي جنهن جو حصو نواز شريف به هو.پيپل پارٽيء خلاف يارهن سالن جي پروپيگنڊا باوجود 1988ع ۾ بينظير صاحبه وري وزير اعظم بڻجي ويئي.جڏهن بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف جون چونشيل حڪومتون وري وري ٽوڙيون وييون ته 1997ع ۾ انهن ٻنهي گڏجي تيرهين آئيني ترميم ذريعياٺين ترميم ترميم ذريعي ڦبايل وزير اعظم جا اختيار واپس وٺي ڇڏيا ته 1999ع ۾ جنرل پرويز مشرف اچي نازل ٿيو جنهن 2003ع ۾ سترهين آئيني ترميم ذريعي ٻيهر اختيار پنهن جي حوالي ڪري ورتا.2010ع ۾ سويلين حڪومت هڪ دفعو وري ارڙهين ترميم ذريعي پارليامينٽ جا اختيار واپس کسي ورتا.اختيارن جي اها جنگ اڃا به جاري آهي.هڪ طرف اپوزيشن سويلين بالادستيء جي جدوجهد ڪري رهي آهي ته ٻئي طرف اسٽيبلشمينٽ جنهن ناجائز نموني سان انهن اختيارن تي قبضو ڪري رکيو آهي اهي اختيار سويلين عوامي نمائندن کي ڏيڻ لاء تيار ناهي

(روزاني عوامي آواز 10 فيبروري 2022ع)

 

Sunday, February 6, 2022

ٻارن جي جسماني سزا تي پابندي جا ڪهڙا نتيجا نڪتا؟


 

وقار ملڪ

جسماني سزا کانسواءِ ٻارن جي سٺي تربيت ڪيئن ممڪن بڻجي سگهي ٿي؟ هي هڪ اهڙو سوال آهي، جيڪو پاڪستان جي اڪثر استادن جي لاءِ هڪ خوبصورت روح بڻجي چُڪو آهي. آهي نه اها تعجب جي ڳالهه؟ ڇا توهان به ائين ئي سمجهو ٿا؟ ڪيترن ئي سرڪاري اسڪولن ۾ استادن جي تربيت جو موقعو مليو ۽ اُن دوران هڪ سوال هر جڳهه تي پڇيو پئي ويو ته فرض ڪريو هڪ ٻار ’بدتميزي‘ ڪري رهيو آهي. جڏهن ته سزا ڏيڻ تي پابندي آهي، ٻڌايو ته توهان اسان جي جڳهه تي هجو ها ته ڇا ڪيو ها؟ سٺو سوال آهي پر ان جو جواب ڪنهن طور آسان نه آهي. اسان کي اخلاقيات جي حوالي سان ڪول برگ جي نظريي جي حوالي سان خبر آهي ته اخلاقي ترقي جي مرحلي ۾ پهريون مرحلو سزا ۽ جزا آهي. جڏهن ته خاص طور ٻارن جو سزا کان بچڻ جو پنهنجو ڊفينس ميڪينزم يعني دفاعي طريقڪار هوندو آهي. جيتوڻيڪ هڪ ٻار کي ماريو پيو وڃي ۽ ٻئي ڏسندڙ ٻار کي چڱيءَ طرح خبر هجي ته اُن ٻار کي جنهن ڳالهه تي سزا ڏني پئي وڃي. اُن ۾ اُن ٻار جو ته ڪو ڪردار ئي نه آهي بلڪه اها مارڪٽ ڪنهن غلط فهمي جو نتيجو آهي ته به هو ٻار مداخلت نه ڪندو. اخلاقي گهرج جيڪا به هجي پر سزا جو خوف اڪثر حاوي رهندو آهي. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته ٻار اخلاقي ترقيءَ جي شروعاتي مرحلي ۾ هوندو آهي. جيڪڏهن ڪلاسيڪل ڪنڊيشن جي نظريي کي صحيح طور تي قبول ڪيو وڃي ته اهو ظاهر ٿئي ٿو ته جانورن سميت انسانن ۾ به سکڻ جي پويان باقاعده جبر تي مبني هڪ نظام موجود آهي ۽ سزا ۽ جزا يا حوصلا افزائي يا شڪني اُن نظام جو اهم حصو آهي. هڪ عرصي تائين ٻارن جي اخلاقي، سماجي يا مذهبي تربيت جي لاءِ اِهو ئي نظام رائج رهيو ۽ ٻارن کي سزا يا ڪنهن انعام جي لالچ ڏئي انهن کي زندگيءَ جون قدرون ۽ عادتون سيکاريون ويون. سزا ۽ جزا جي ان تربيتي طريقيڪار ٻارن کي رٽيندڙ طوطو بڻائي ڇڏيو. هو تمام جلد تميز به سکي ويا ۽ مخصوص سماجي انداز ۾ روين جي ترتيب به سمجهي ويا. ائين جيئن ايوان پاف لوف جي ڪلاسيڪل ڪنڊيشننگ ۾، ليبارٽري ۾ ڪتن هڪ خاص طريقي سان ڪم ڪرڻ سکيو هو. سوويت ماهر نفسيات پاف لوف انهن ڪتن کي خوراڪ جي لاچ ۾ اهو سيکاريو هو. جڏهن ته ٻارن جي سکڻ جو بنيادي محرڪ خوف بڻيو. بهرحال جيڪو به هو، هي مشروط تربيتي طريقو گهٽ ۾ گهٽ گهربل نتيجا حاصل ڪري چُڪو آهي. يعني تميز دار ٻار ڏسڻ لاءِ مليا پر انهن ٻارن جي نفسياتي پهلوءَ ۽ خوف جي اوچتو غائب ٿيڻ تي انهن جو ڪهڙو ردعمل هوندو، اهو اهم پهلو ذهن ۾ نه آندو ويو. پوءِ اوچتو خبر پئي ته ٻارن جي جسماني سزا تي پابندي لڳائي وئي آهي. اسان وٽ اها پابندي آهستي آهستي ختم ڪئي وئي. اسان کي اُها ڳالهه سمجهه ايندي هئي ته اسان پنهنجن استادن کان مار کائي وڏا ٿيا آهيون ۽ والدين اسان جي استادن کي چوندا هئا ته ’ٻار جي چمڙي توهان جي ۽ هڏي اسان جي.‘ استاد جي مار جو هڪ باقاعده متبرڪ ثقافتي پس منظر هو ته اهڙي مار ڪهن قدر مبارڪ هوندي آهي. وغيره وغيره. هاڻ تصور ڪريو ته سڄي ملڪ ۾ استاد ’مولا بخش‘ جي بنا پاڻ کي بي وس تصور ڪندا آهن. آهي نه پريشاني ۽ تعجب جي ڳالهه!؟ هو تربيتي سيشنز ۾ تربيت ڏيڻ وارن کان اهو پڇندا ڦرندا آهن ته اسان کي ڪير ٻڌائي ته ٻارن ۾ سزا جي بنا سکڻ، نظم ۽ ضبط جو عمل ڪيئن برقرار رکيو وڃي؟ ويندي ويندي الميي جي ٻي ڳالهه به ٻُڌي وڃو. جيڪا پرائيويٽ اسڪولن بابت آهي. ٻار کي خبر آهي ته ڪلاس ۾ پڙهائڻ واري ماسترياڻي يا استاد ملازم آهي ۽ هن جا والدين هن اسڪول کي وڏي فيس ڏيندا آهن ۽ جيڪڏهن هو هن استاد ۽ ماسترياڻي جي شڪايت والدين يا اسڪول انتظاميا کي ڪري ڇڏي ٿو ته استاد يا ماسترياڻي جي نوڪري هلي ويندي يعني هن تجارتي تعليمي نظام ۾، سزا سان لاڳاپيل شرط ئي ابتڙ ٿي ويو يعني هتي ٻارن جي بدران استاد خوف جي هيٺ اچي ويا. تربيتي سيشنز ۾ جڏهن آئون استادن کان پڇندو آهيان ته ڇا مثبت تربيت جي حوالي سان انهن کي انهن جي پيشيوراڻي تعليم ۾ ڪجهه ناهي پڙهايو ويو ته جواب هوندو هو ته اسان اُن لفظ کان ئي واقف نه آهيون. استادن جي تربيت جا اهي سيشنز عام طور تي ٻن يا ٽن ڪلاڪن جا هوندا آهن. ايتري مختصر وقت ۾ مثبت تربيت بابت ٻڌائڻ ناممڪن آهي پر جيترو ٻڌايو ويو، استاد نه رڳو متاثر ٿيندا پر سيشن کان پوءِ چوندا ته اسان کي اهو سڀ ڪجهه ڇو نه ٻڌايو ويو؟ هڪ استاد چيو ته ڪاش اسان کي اِهي ڳالهيون 20 سال پهريان خبر هجن ها ته آئون هڪ مختلف والد ۽ استاد هجا ها. هڪ ڳالهه جيڪا منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهي ته جڏهن استادن جي پيشيوراڻي تعليم جي ڳالهه ڪئي وڃي ته ان ۾ 80 سيڪڙو نصاب ته صرف مثبت تربيت جي حوالي سان جوڙڻ گهرجي پر هتي صورتحال اها آهي ته استاد مثبت تربيت جي ترڪيبن کان ئي واقف نه آهن. مثبت تربيت جي لاءِ ٻارن جي نفسيات تي عبور، انهن جي نفسياتي ۽ ذهني حدن جي حوالي سان آشنائي ۽ ٻارن جي روين جو جاندار مطالعو ضروري آهي. هڪ ٻار جيڪو ڪنهن نامناسب رويي جو اظهار ڪندو آهي ته استاد ان قابل هجي ته اُن رويي جي مقصدن کي نه صرف سمجهي سگهي بلڪه ان کي ختم ڪرڻ جي صلاحيت به رکندو هجي. اهو سڀ انهيءَ صورت ۾ ٿي سگهي ٿو ته معاشري ۾ سڀ کان پڙهيل لکيل ماڻهن جن کي علم نفسيات ۽ تدريسي طريقيڪار تي مهارت حاصل هجي، انهن کي پرائمري استاد ۽ ماسترياڻيون بنائڻ گهرجي. جڏهن ته اسان جو معاملو ان جي ابتڙ آهي. عام طور تي اسان وٽ پرائمري جا استاد اُهي مقرر ڪيا ويندا آهن جيڪي ڪنهن ’اعليٰ پيشي‘ جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي اهل ثابت نه ڪري سگهيا هجن. مون کي ياد آهي ته اسان جي علائقي ۾ ڪنهن جي ميٽرڪ يا ايف اي ۾ گهٽ نمبر ايندا هئا ته ان جي باري ۾ وڏن جي اها ئي راءِ هوندي هئي ته هاڻ هي ڪنهن ڪم جو نه آهي، جنهن لاءِ ان کي سي ٽي يا پي ٽي سي ڪرائي وڃي پر اها ڳالهه آئون عام طور سان چئي رهيو آهيان، يقينن ڪيترائي قابل استاد به هوندا، جيڪي پرائمري جي ٻارن کي پڙهائي رهيا هوندا، انهن جي دل آزاري ڪرڻ ڪنهن به طرح مقصود نه آهي. مقصد صرف تعليمي نظام ۾ خرابين ۽ ڪوتاهين طرف ڌيان ڏيارڻ آهي. هڪ ڀيري ڪنهن چيو ته ”توهان ٻارن جي جسماني سزا جي خلاف آهيو پر ڇا توهان کي ننڍپڻ ۾ اها سزا ناهي ملي؟ ڇا اسان سڀني کي استادن ماريو نه آهي؟ ڇا اسان سڀني والدين جي مار ناهي کاڌي؟ ته اسان سڀ به ته پلجي وياسين ۽ ڇا مناسب طريقي سان پلجي ويا آهيون؟ مون جيڪو چيو، جيتوڻيڪ ان جو ڪو به سادو جواب ناهي، پر پوءِ به جيڪڏهن مان سادو انداز اختيار ڪريان ته توهان کان پڇندس ته پنهنجي سماج جو جائزو وٺو، اخبارون پڙهو، ڏوهن ۽ سزا جي باري ۾ پنهنجو پاڻ ڏسو، سياستدانن جي بيانن ۽ ادارن جي پروفيشنل نظرين، پروفيشنل شعبن جهڙوڪ ڊاڪٽر، وڪيل، ميڊيا پرسن وغيره جي روين کي عقلي نظر سان ڏسو ۽ جواب ڏيو ته ڇا اسان بهتر انداز ۾ پلجي ويا آهيون؟

( روزاني عبرت 6 فيبروري 2022ع)

Tuesday, February 1, 2022

ماضيء جو ائينو؛ اقتدار،سياست ۽ سگھاريون ڌريون.

شفيق الرحمان شاڪر

هندستان جي ورهاست سان هر شيء جي ورهاست ٿي سو فوج به ورهائجي ويئي پر چالاڪ انگريز پاڪستاني فوج جو سربراه هڪ انگريز جنرل فرانڪ کي ئي رکيو جنهن قائد اعظم جو حڪم مڃڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو هو. سندس برطرفيء تي سندس جانشين وري به هڪ گورو ڊگلس گريسي مقرر ڪيو ويو جنهن پڻ قائد اعظم جو حڪم مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.انگريزن پنهنجي حڪومت قائم رکڻ لاء جاسوسيء جو هڪ بهترين نظام جوڙيو هو ان ڪري پاڪستان ۾ فوج جي ان حصي يعني انٽيليجنس جي گھڻي اهميت ۽ طاقت رهي.

پاڪستان خلاف پهرين ڪامياب سازش پاڪستان جي باني جي زيارت کان واپسيء تي سندس ايمبولنس جو خراب ٿيڻ ۽ ٻي گاڏيء جو نه ملڻ،اها اهڙي سازش هئي جيڪا اڄ تائين بي نقاب نه ٿي سگھي آهي.ان بعد سازشن جو هڪ سلسلو شروع ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ لياقت علي خان جو قتل ٿيو.گورنر جنرل غلام محمد پنهنجن عياشين ۾ گم هو،ماڻهن ۾ سچائي هئي پر اتي ئي اهڙا ماڻهو به موجود هئا جيڪي ڪوڙن ڪليمس جو ڌنڌو ڪري رهيا هئا.فوجي سربراهن ۽ حڪمرانن جي وچ ۾ اقتدار جي رساڪشي شروع ٿي چڪي هئي.اصل ۾ اها سوچ ان وقت ئي شروع ٿي چڪي هئي جنهن وقت جنرل گريسي قائد اعظم جو حڪم مڃڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ ان سوچ ئي اسڪندر مرزا کي اقتدار تي قبضو ڪرڻ جو موقعو ڏنو.اسڪندر مرزا گورنر جنرل بڻجي مارشل لا لڳائي ڇڏيو ۽ بعد ۾ صدر بڻجي ويٺو جنهن کي فيلڊ مارشل ايوب خان هٽائي ڇڏيو.ايوب خان عوام تي پنهنجي گرفت مضبوط ڪئي.جاسوسي ادارن کي پهريون ڀيرو ملڪي اڳواڻن جي جاسوسيء تي لڳايو ويو ۽ ان دور ۾ ئي فوج پهريون ڀيرو باقائدي ملڪي سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو.فاطمه جناح کي هارائڻ لاء فوج ۽ بيوروڪريسي گڏجي چونڊن جو ڊرامو رچايو.اوڀر پاڪستان تي فوجي چڙهائي ڪئي ويئي ۽ اتان جي سياسي اڳواڻن کي ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي.عوام ۾ ايوب خان خلاف ڪاوڙ وڌي رهي هئي مگر هو ڊڪٽيٽرن جيان پنهنجن ايجنسين تي ڀروسو ڪري رهيو هو پر جڏهن هن تاحيات صدر بنجڻ جا خواب ڏسڻ شروع ڪيا ته عوام ٻيهر قابوء مان نڪري ويو.ملٽري انٽيليجنس ايوب خان کي ٽپڙ گول ڪرڻ جو چئي ڇڏيو ۽ پوء ايوب خان ڪمان هڪ شرابي ۽ عياش جنرل يحيٰ خان جي حوالي ڪري ڇڏي. يحيٰ خان پاڪستان جو رنگيلو حڪمران ثابت ٿيو جنهن اڌ ملڪ هٿان وڃائي ڇڏيو.

پاڪستاني سياست ۾ رڳو ڀٽي صاحب جو دور هڪ خالص سياسي دور سمجھيو وڃي ٿو.ڀٽي فوج ۾ به پنهنجو اثر ڇڏيو پر فوج ۾ مذهبي عنصر واضح ٿيو ۽ ايجنسين جو به قبلو بدلجڻ لڳو جنهن کي ذوالفقار علي ڀٽي جهڙو ذهين سياستدان به نه سمجھي سگھيو ۽ نيٺ جنرل ضياءالحق اقتدار تي قبضو ڪري ورتو.اسٽيبلشمينٽ پيپلز پارٽيء خلاف جيڪو پهريون سياسي اتحاد جوڙايو اهو پاڪستان قومي اتحاد جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.

پاڪستان روس افغان جنگ ۾ بين الاقوامي ايجنسين جو اڏو بڻجي ويو.جاسوس خريد ۽ وڪرو ٿيندا رهيا.روس افغانستان مان نڪري ويو پر باقي ٻيا سڀ گروپ هتي رهجي ويا.ان ڳالهه جو احساس 1984ع ۾ ٿيو جڏهن ڪراچيء ۾ وڳوڙ ۽ تشدد ڦٽي پيو.فساد ٿيا ۽ ڪرفيو لڳايو ويو. فوجي حڪمرانن اصل عوامي سياستدانن کي دٻائڻ ۽ ٻين ناڪاري گروهن جي همت افزائي ڪئي.سياسي ميدان ۾ به پئسو استعمال ٿيڻ لڳو.هي اهو ئي پئسو هو جيڪو حڪمرانن کي افغان جنگ ذريعي هٿ آيو هو.ايم ڪيو ايم کي لساني بنيادن تي ترتيب ڏنو ويو ته جيئن انهن ذريعي سياستدانن تي دٻاء وجھي سگھجي.“ معصوم” وزير اعظم جوڻيجو اوجڙي ڪيمپ جا راز فاش ڪرڻ جي الزام ۾ گھر ڀيڙو ڪيو ويو ۽ انهيء دواران ئي جنرل ضياء ۽ سندس هم خيال جنرلن جو جهاز هوا ۾ ڦاٽي چڪو هو ۽ منجھائن ڪوبه باقي نه بچيو.سگھارين ڌرين پنهجي هيڏي وڏي محنت جي باوجود محسوس ڪيو ته عوام هڪ ڀيرو وري ڀٽي جي نياڻي کي اقتدار ۾ ڏسڻ لاء آتو آهي جنهن جو ثبوت کين بينظير صاحبه جي لاهور واري تاريخي آڌر ڀاء مان ملي چڪو هو ته هنن وري نئين راند کيڏڻ سروع ڪئي ۽ پيپلز پارٽيء خلاف ميان نواز شريف کي استعمال ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو بينظير حڪومت کي گھر ڀيڙو ڪيو ويو پر ميان نواز شريف کي به 58 ٽو بي جي تلوار سان گھر ڀيڙو ٿيڻو پيو.اهڙيء طرح هاڻي هڪ طرف سگھاريون ڌريون سياستدانن کي پنهنجي مرضيء سان نچائي رهيون هيون بلڪه سياستدان به نظرياتي سياست ڇڏي اصل اقتدار ڌڻين جي اشارن تي نچڻ ۾ ئي فخر محسوس ڪرڻ لڳا.انهيء ئي ميوزيڪل چيئر جي گيم ۾ جنرل پرويز مشرف نواز شريف کي گھر موڪلي پاڻ تخت نشين ٿيو.هن پاڪستان کي گريٽ افغان جنگ جو حصو بنائي ڇڏيو ۽ نواز شريف توڙي بينظير ڀٽو ٻنهي کي سياسي ميدان مان ئي نه پر ملڪ مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.

بينظير صاحبه ۽ نواز شريف بين الاقوامي راند کي سمجھي چڪا هئا تنهن ڪري انهن لنڊن ۾ “ميثاق جمهوريت” جي ڪاغذ تي صحيحون ڪيون ۽ نيٺ ٻئي واپس ملڪ موٽي آيا.حڪمرانن کي نواز شريف کان ايترو ڊپ نه هو جيترو بينظير ڀٽو کان ڇو ته هن جو لهجو بدلجي چڪو هو ۽ هوء عوام جي ڳالهه ڪري رهي هئي ان ڪري کيس ڪنهن به طرح رستي تان هٽائڻ ضروري هو.ان بعد وري ڪو سياسي ناٽڪ رچائڻ جون تياريون شروع ٿيون پر ان دفعي سياستدانن راند کٽي ۽ هڪ آمر کي گھر ڀيڙو ٿيڻو پيو.تنهن هوندي به سگھارين ڌرين جي اها راند گذريل سياسي حڪومتن ۾ به جاري رهي ۽ انهن کي آزاديء سان ڪم ڪرڻ نه ڏنو ويو.نيٺ هڪ چونڊيل وزير اعظم کي عدالتن ذريعي هٽائي هڪ هائبرڊ سياسي نظام قائم ڪيو ويو جيڪو اڃا تائين جاري آهي.

اها رڳو هڪ جھلڪ هئي اسان جي سياسي تاريخ جي ته اسان جي ملڪي اسٽيبلشمينٽ “ملڪي سلامتي” ۽“ وسيع قومي مفاد” جي نالي تي شروع کان وٺي هيستائين ڪهڙيون رانديون رچائيندي رهي آهي.ان تاريخ کان هرڪو واقف ضرور آهي پر زبان ۽ قلم تي تالا لڳل آهن جنهن ڪري سڀ خاموش آهن.سياستدان ۽ اسٽيبلشمينٽ ٻئي هڪ ٻئي کان ڊنل آهن ان ڪري هر وقت هڪ ٻئي سان اٽڪندا رهن ٿا.اهو صحيح آهي ته اسان جي سياستدانن ۾ ڪو قائد اعظم جهڙو ليڊر ناهي پر اها به حقيقت آهي ته اسان جي سگھارن ادارن ۾ جنرل گريسيء جو روح ساڳيو موجود آهي جيڪو کين عوامي نمائندن جو حڪم مڃڻ کان روڪيندو رهي ٿو.

 (روزاني عوامي آواز 31 جنوري 2022ع)