Monday, December 31, 2018

2018ع جا ڪجهه اهم عالمي واقعا.

شفيق الرحمان شاڪر

*ــ 18 جنوريء تي قازقستان جي اقتوبه صوبي جي علائقي هرگيز جي روڊ تي بس کي باهه لڳي ويئي جنهن سان 52 مسافر مري ويا جڏهن ته ٽي مسافر ۽ ڊرائيور جان بچائڻ ۾ ڪامياب ٿيا.
*ــ 26 جنوريء تي ڏکڻ ڪوريا جي سي جونگ اسپتال ۾ باهه لڳڻ سان 37 ماڻهو سڙي مري ويا جڏهن ته 131زخمي ٿيا.اها هن ڏهاڪي جي ڏکڻ ڪوريا ۾ لڳل خطرناڪ ترين باهه هئي.گذريل سال جيچئون شهر جي هڪ جيم خاني ۾ باهه لڳي هئي جنهن ۾ 27 ماڻهو مري ويا هئا.
*ــ 19 مارچ تي ولادمير پوٽين روس جو ٻيهر صدر چونڊجي ويو.

*ــ25 مارچ تي روس جي شهر ڪيمير وو ۾ باهه لڳڻ سان هڪ مقامي شاپنگ سينٽر ۾ 48 ماڻهو مري ويا،41 ٻار باهه کان متاثر ٿيا۽ 27 ماڻهو گم ٿي ويا.
*ــ2 ۽ 3 مئي تي ڀارت ۾ آيل طوفان سبب گھٽ ۾ گھٽ 110 ماڻهو فوت ۽ سوين زخمي ٿي پيا.
*ــ امريڪي صدر ٽرمپ اتر ڪوريا جي حوالي سان مرڊرا تي ڇانئيل رهيو.سال جي شروعات ۾ هو اتر ڪوريا کي ايٽمي جنگ جون ڌمڪيون ڏيندو رهيو پوء اوچتو ڪم جونگ ان سان ملاقات جو اعلان ڪيو.اها تاريخي ملاقات 12 جون تي سنگاپور ۾ ٿي جنهن کان پوء اتر ڪوريا ايٽمي تجربن کان دستبرداريء جو اعلان ڪيو.
*ــ گذريل سال جيان 2018ع ۾ به عالمي ميڊيا تي امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چرچو رهيو.سال ۾ ٽرمپ انتظاميه جا 44 اهم عهديدار يا ته ڪڍيا ويا يا ٽرمپ جو ساٿ ڇڏي ويا.انهن ۾ وائيٽ هائوس جو چيف آف اسٽاف،ڪيترائي ڊپٽي چيف،سينئر مشير ۽ نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائيزر شامل آهن.امريڪي صدر ايران تي پابندين ۽ چين سان واپاري جنگ سبب خبرن تي ڇانئيل رهيو.
*ــ ”گريٽ مارچ ريٽرن“ جي نالي سان فلسطين جي علائقي غزه جي پٽيء ۾ محصور فلسطينين هڪ تحريڪ شروع ڪئي جنهن ڏسندي ئي ڏسندي دنيا جو ڌيان حاصل ڪري ورتو.30 مارچ کان شروع ٿيندڙ تحريڪ اڃا تائين جاري آهي جنهن ۾ اڄ تائين سو کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن.
مئي 2018ع ۾ امريڪا تل ابيب ۾ پنهنجو سفارتخانو بيت المقدس منتقل ڪيو ۽ باقائدي طور تي بيت المقدس کي اسرائيل جي گاديء جو هنڌ تسليم ڪيو جڏهن ته گڏيل قومن 2017ع ۾ ان حوالي سان آمريڪي قرارداد کي رد ڪري ڇڏيو هو.
*ــ 2018ع سعودي عرب جي شهرين خاص طور تي عورتن لاء خوشين جو سال رهيو.5 جون تي پهريون ڀيرو سعودي عورتن لاء ڊرائيونگ لائسنس جاري ڪيا ويا ۽ سالن کان عورتن جي ڊرائيونگ تي لڳايل پابندي ختم ڪئي ويئي.ان دوران پهريون دفعو سينيما هائوس به کلي ويا ۽ سعودي عرب ۾ روشن خيالي ۽ اعتدال پسنديء جي حوالي سان سڌارا نافذ ڪيا ويا.
*ــ جون ۾ ٿائيلينڊ ۾ جونيئر فٽبال ٽيم جا رانديگر ۽ سندن ڪوچ برسات سبب ڪنهن غار ۾ ڦاسي ويا.انهن کي بچائڻ لاء پوري دنيا ۾ ريسڪيو ٽيمون پهچي وييون ۽ ارڙهن ڏينهن جي لاڳيتي جاکوڙ بعد نيٺ کين زنده سلامت غار مان ٻاهر ڪڍيو ويو.اهو واقعو ريسڪيو آپريشن جو هڪ نه وسرندڙ واقعو بڻجي ويو.
*ــ 24 جون تي ترڪي ۾ ٿيل عام چونڊن ۾ حڪمران جماعت جسٽس اينڊ ڊولپ مينٽ  پارٽي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي.
*ــ افغانستان لاء جتي 2018ع رتوڇاڻ وارو سال رهيو اتي امن طرف به اهم قدم کنيا ويا.سترهن سالن جي جنگ ۾ پهريون ڀيرو عيدالفطر جي موقعي تي افغان فورسز ۽ طالبان جي وچ ۾ ٽن ڏينهن جي جنگ بندي ٿي.انهيء سال ئي آمريڪا ۽ طالبان ڳالهين جي ميز تي ويٺا * ملاقاتن جو سلسلو جاري آهي.
*ــ 19 جولائي تي اسرائيل جي پارليامينٽ 55 جي مقابلي ۾ 62 ووٽن جي اڪثريت سان ”يهودين جي قومي رياست“ جو قانون منظور ڪري ورتو جنهن جي بنياد تي هاڻي اسرا؟يل هڪ يهودي رياست آهي.
*ــ 16 آگسٽ تي ڀارت جو اڳوڻو وزير اعظم،شاعر ۽ صحافي اٽل بهاري واجپائي وفات ڪري ويو.
*ــ 18 آگسٽ تي گڏيل قومن جو نوبل انعام يافتا اڳوڻو سيڪريٽري جنرل ڪوفي عنان 80 سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو.
*ــ 22 سيپٽيمبر تي ايران ۾ فوجي پريڊ دوران حملي ۾ 29 ماڻهو فوت جڏهن ته 50 کان وڌيڪ زخمي ٿيا.
*ــ 28 سيپٽيمبر تي ايشيا ڪپ جي فائينل ۾ ڀارت بنگلاديش کي هارائي ايشيا ڪپ 2018ع کٽي ورتو.
*ــ  2 آڪٽوبر تي برهم صالح عراق جو اٺون صدر چونڊيو ويو.
*ــ 3 آڪٽوبر تي ناديه مراد ۽ ڊينس مگويگي کي گڏيل طور تي جنگ ۾ جنسي تشدد خلاف ڪم ڪرڻ تي نوبل انعام ڏنو ويو.
*ــ 17 آڪٽوبر تي روس ۾ هڪ ڪينٽين تي بم حملو ڪيو ويو جنهن ۾ 21 ماڻهو مري ويا جڏهن ته 74 زخمي ٿي پيا.
*ــ هن سال هونئن ته ڪيترائي ماڻهو قتل ٿيا پر هڪ قتل اهڙو به هو جنهن سخت مزاج سعودي ولي عهد محمد بن سليمان کي بيڪ فٽ تي وڃڻ تي مجبور ڪري وڌو.سعودي ڄائو صحافي جمال خشوگي آڪٽوبر ۾ استنبول جي آمريڪي قونصل خاني ۾ داخل ٿيو پوء واپس ٻاهر نه آيو.پهرين ته سعودي حڪمرانن لاعلميء جو اظهار ڪيو پر جڏهن ترڪ صدر ثبوتن سان دعويٰ ڪئي ته خشوگيء کي قتل ڪيو ويو آهي ته سعودي حاڪمن ان قتل جي تصديق ڪري ڇڏي ۽ واقعي کي هڪ حادثو قرار ڏنو.ان حادثي يا قتل جي مڪروهه پاڇي کان سعودي شهزادو اڃا تائين جان ڇڏائي نه سگھيو آهي.
*ــ فيفا ورلڊ ڪپ 2018ع جو فائينل ماسڪو ۾ کيڏيو ويو جتي 1998ع کان پوء فرانس پنهنجو ٻيو ورلڊ ڪپ ڪروشيا کي چئن جي ڀيٽ ۾ ٻن گولن تان هارائي کٽي ورتو.ڪروشيا جي ليوڪا موڊرچ کي گولڊن بال جڏهن ته فرانس جي ايم باپي کي ينگ بليئر ايوارڊ سان نوازيو ويو.
 *ــ مشهور سائنسدان اسٽيفن هاڪنگ گذاري ويو،ڪيوبا تي ڪاسترو خاندان جي حڪمراني ختم ٿي ۽ برطانوي شهزادي پيري جي شادي به انهن واقعن مان هڪ آهي جيڪي 2018ع ۾ پيش آيا.

مني لانڊرنگ ڪيس ۽ جي آئي ٽي رپورٽ.


شفيق الرحمان شاڪر
ميگا مني لانڊرنگ ۽ جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ جي آئي ٽي رپورٽ ۾ زرداري گروپ ۽ اومني گروپ کي ذميدار قرار ڏنو ويو آهي.سپريم ڪورٽ زرداري گروپ،اومني گروپ ۽ بحريه ٽائون گروپ جي جائيداد جي خريداري ۽ وڪري تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي جڏهن ته سپريم ڪورٽ بحريه ٽائون جي ملڪ رياض ۽ سندس ناٺي زين ملڪ کان 31 ڊسمبر تي جواب گھريو آهي جڏهن ته زرداري صاحب کان به ساڳئي ڏينهن تي جواب گھريو آهي.ميگا مني لانڊرنگ ڪيس جي جي آئي ٽي ۾ بلاول هائوس لاهور به زرداري گروپ جي ملڪيت نڪتو.رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته انهن جعلي اڪائونٽن ذريعي آصف علي زرداري،بلاول ڀٽو ۽ بلاول هائوس جي ذاتي خرچن جون به ادائگيون ڪيون وييون،زرداري گروپ 53 ارب 40 ڪروڙ روپين جا قرض حاصل ڪيا جن مان 24 ارب روپين جا قرض سنڌ بينڪ مان حاصل ڪيا ويا جڏهن ته سنڌ بينڪ کي 4 ارب روپين کان مٿي قرض ڏيڻ جو اختيار ئي نه هو.اومني گروپ سندن گروپ کي پنجن حصن ۾ ورهائي قرض حاصل ڪيو.ايف آئي اي طرفان سپريم ڪورٽ کي انهن سمورن ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي درخواست ڪئي جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته اهي ان سلسلي ۾ وزارت داخلا سان رابطو ڪن.چيف جسٽس جوابدارن جي وڪيلن سان مڪالمو ڪندي چيو ته لڳي ٿو ته اومني گروپ جي مالڪن جو اڃا غرور ختم ناهي ٿيو،قوم جا اربين روپيا کائي ويا ۽ پوء به بد معاشي ڪري رهيا آهن.هي اهو پاڪستان ناهي جيڪو پهرين هو.جتي سرڪاري زمينن جي بندر بانٽ ٿيندي هئي.زرداري ۽ بلاول جي گھرن جا خرچ به اهي ڪمپنيون هلائينديون هيون،انهن جي ڪتن جو کاڌو ۽ هيٽر جا بل به ڪير ٻيو ڏيندو هو.سومر تي ٻن رڪني بينچ جڏهن لاهور رجسٽريء ۾ ان ڪيس جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته جي آئي ٽي سربراهه احسان صادق رپورٽ پيش ڪئي ته جج صاحبان اها رپورٽ پروجيڪٽر تي هلائڻ جو حڪم ڏنو.سماعت دوران چيف جسٽس آصف زرداريء جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ کي چيو ته اربين روپين جا گھپلا آهن،معاف نٿو ڪري سگھجي.جي آئي ٽي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته جعلي بينڪ اڪائونٽس ذريعي آصف علي زرداريء جي ذاتي خرچن جون ادائيگيون به ڪيون وييون.هڪ ڪروڙ 20 لکن کان هڪ ڪروڙ 50 لکن جو خرچ جعلي بينڪ اڪائونٽ ذريعي ادا ٿيندو رهيو.بلاول هائوس جي ڪتن جو کاڌو ۽ 28 صدقي جي ٻڪرن جي رقم به انهن ئي اڪائونٽن مان ادا ڪئي ويئي. چيف جسٽس سوال ڪيو ته ڇا بلاول هائوس لاهور قانون مطابق جوڙيو ويو؟ جنهن تي جي آئي ٽي سربراهه جواب ڏنو ته زرداري گروپ 53 ارب ۽ 40 لک روپين جو قرض حاصل ڪيو جڏهن ته 24 ارب روپين جو قرض رڳو سنڌ بينڪ کان حاصل ڪيو ويو حالانڪ سنڌ بينڪ کي 4 ارب روپين کان مٿي قرض ڏيڻ جو اختيار ئي نه هو.بينچ جي ميمبر جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته 53 ارب روپين جو ته رڳو قرض آهي ۽ باقي جعلي اڪائونٽس جو ڇا ٿيندو؟ ٻڌڻي دوران ماڊل ايان عليء جو معاملو به بحث هيٺ آيو ۽ چيف جسٽس پڇيو ته ايان علي ڪٿي آهي؟ڇا اها به بيمار ٿي پاڪستان مان ٻاهر هلي ويئي؟هن پڇيو ته جيڪر ڪو بيمار بڻجي پاڪستان مان ٻاهر هليو وڃي ته ان کي واپس آڻڻ جو ڪهڙو طريقو آهي؟
جي آئي ٽي رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته سٺ منزلا آئيڪون ٽاور ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي ۾ موجود آهي،بحريه گروپ ۽ ڊاڪٽر ڊنشا جا ان ۾ شيئرز آهن.جنهن تي چيف جسٽس سوال ڪيو ته آئيڪون ٽاور ۾ سرڪاري زمين اچي ٿي؟ڇا ان جو نقشو منظور ڪرايو ويو هو؟جنهن تي جي آئي ٽي سربراهه چيو ته باغ ابن قاسم جي زمين به ان آئيڪون ٽاور ۾ اچي ٿي.چيف جسٽس سوال ڪيو ته اهو ڊنشا ڪير آهي؟جي آئي ٽي سربراهه ٻڌايو ته ڊنشا آصف علي زرداريء جو فرنٽ مين آهي.چيف جسٽس پڇيو ته ڊنشا جي آصف زرداريء جي فرنٽ مين هئڻ جو ڪهڙو ثبوت آهي؟يعني بحريه گروپ ڪڪ بيڪس ڏيئي رهيو آهي؟چيف جسٽس چيو ته اسان پهرين آئيڪون ٽاور کي ڏسي ٿا وٺون جنهن تي کيس ٻڌايو ويو ته آئيڪون ٽاور غير قانوني طور تي سرڪاري زمين تي بيهاريو ويو آهي.چيف جسٽس سوال ڪيو ته ان جا مالڪ ڪير ڪير آهن؟جنهن تي ٻڌايو ويو ته زرداري گروپ جا 50 سيڪڙو شيئر آهن جڏهن ته بحريه گروپ جي ملڪ زين ان تي 27 ارب خرچ ڪيا آهن.جنهن تي چيف جسٽس خواجا طارق رحيم کي چيو ته ملڪ رياض ته چوي ٿو ته هن وٽ پئسا آهن ئي ڪونه، جنهن تي خواجا طارق رحيم ايڊوڪيٽ جواب ڏنو ته هو ان ڪيس ۾ وڪيل ناهي. عدالت ۾ جي آئي ٽي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هڪ ارب ويهه ڪروڙ روپيا فريال ٽالپور جي اڪائونٽ ۾ به ويا.فريال ٽالپور جي اڪائونٽن مان بلاول هائوس لاهور ۽ ٽنڊي الهيار جي زمين خريد ڪئي ويئي.چيف جسٽس سوال ڪيو ته لاهور جو بلاول هائوس ڪنهنجي ملڪيت آهي؟جنهن تي ٻڌايو ويو ته پهريائين تحفي ۾ ڏنو ويو هو،بعد ۾ تحفو واپس ڪري بحريه ٽائون کي اڌ رقم ادا ڪئي ويئي.جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته پهريائين اهو تحفي طور ڏنو ويو بعد ۾ ان جي رقم ادا ڪئي ويئي،ڇا تحفو قبول نه ڪيو ويو؟چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته يعني هي بحريا گروپ ۽ زرداري گروپ جي ٽرائيڪا آهي؟سالگرهه،پاسپورٽ في،ايمرجنسي لائيٽس جا بل اومني گروپ پاران ادا ڪيا ويا؟ جنهن تي جي آئي ٽي سربراهه ٻڌايو ته هر ڀيري ڪمپنيون بدلائي ادائيگيون ڪيون وييون. بلاول ڀٽو زرداريء جي منجهند جي مانيء جو خرچ 15 هزار روپيا به ادا ڪيو ويو.چيف جسٽس چيو ته 15 هزار ڪا وڏي رقم ناهي پر اها به اومني گروپ طرفان ادا ڪئي ويئي.ممڪن آهي ته هو ان جو شيئر هولڊر هجي.عدالت کي ٻڌايو ويو ته پهريائين اهي 23 ڪمپنيون هيون جيڪي بعد ۾ وڌي 2018ع تائين 83 ڪمپنيون بڻجي وييون.چيف جسٽس پڇيو ته ملڪ رياض ڪٿي آهي؟اسان ڪنهنجي ٻڌائڻ جا محتاج ناهيون جيڪر هو پيش نه ٿيو ته کيس گرفتار ڪري پيش ڪيو ويندو.چيف جسٽس چيو ته اسان ملڪ رياض کي بحريه ٽائون جو نالو استعمال ڪرڻ کان روڪيو هو،ڇا هو اڃا به بحريه ٽائون جو نالو استعمال ڪري رهيو آهي؟چيف جسٽس چيو ته بحريه ٽائون جي ملازمن کي پگھارون ادا نه پييون ڪيون وڃن.بجليء جا بل ادا نه پيا ڪيا وڃن،ڇا اسان کي ڪجهه سمجھه ۾ نٿو اچي؟ڪير ڪيترو به بيمار هجي پيمپر سان هليو ايندو.ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته سنڌ جي وڏي وزير کي چئي ڇڏيو ته اهو پنهنجي ڪيمپ آفيس اسلام آباد ۾ قائم ڪري وٺي ۽ سمورا ڪاغذ به کڻي اچي.عدالت کي ٻڌايو ويو ته عدالتي حڪم تي اومني گروپ جي ملڪيتن جو اندازو لڳايو ويو جو هاڻي قيمت گھٽجي ويئي آهي.جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ان جو مطلب اهو ته قرض لاء جائيدادن جي قيمت وڌائي ويئي؟ ٻڌڻيء دوران چيف جسٽس انور مجيد جي وڪيل سان مڪالمو ڪيو ته انور مجيد چوي ٿو ته اڪائونٽس جو تفصيل ايس اي سي پي کان وٺون،ڇونه انور مجيد کي اسلام آباد ۾ ئي رهڻ ڏنو وڃي.انهيء تي شاهد حامد ايڊوڪيٽ چيو ته انور مجيد دل جو مريض آهي.جنهن تي چيف جسٽس چيو ته دنيا ۾ دل جو علاج نٿو ٿئي؟ شاهد حامد چيو ته انور مجيد هاڻي اومني گروپ نه پيو سنڀالي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اوهان چئو ٿا ته انور مجيد پوڙهو ٿي ويو آهي ته هن ڪو پٽ ته هوندو؟اسان کي خبر آهي ته سموريون شيون ڪهڙيء طرح گھمايون ۽ ڦيرايون وييون آهن.جنهن تي انور مجيد جي وڪيل چيو ته سپريم ڪورٽ اومني گروپ وارو ڪيس ٻڌي نٿي سگھي ۽ ڪنهنجو فوجداري ٽرائيل ڪري نٿي سگھي.ان تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسان آرٽيڪل 184 هيٺ ڪاروائي ڪري سگھون ٿا اهو قوم جو پئسو آهي ڪنهن کي به ڀڄڻ نه ڏنو ويندو.آصف زرداريء جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته جي آئي ٽي عدالت کي درست شاهديون ناهن پهچايون.جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اوهان ٽينشن نه کڻو جيڪو به فيصلو ٿيندو سو قانون مطابق ٿيندو.اسان کي خبر آهي ته قوم جو پئسو ڪهڙيء طرح لٽيو ويو.
انهيء موقعي تي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيل رپورٽ تي عدالت ريمارڪس ڏنا ته جعلي بينڪ اڪائونٽس تي جي آئي ٽي جي رپورٽ کي حتمي  ۽ مڪمل قرار ڏيئي نٿو سگھجي.بعد ۾ سپريم ڪورٽ جي آئي ٽي رپورٽ ۾ ٻڌايل زرداري گروپ،اومني گروپ ۽ بحريه ٽائون جي سمورين ملڪيتن خريد،وڪري ۽ منتقليء تي پابندي لڳائي ڇڏي.عدالت رپورٽ جون ڪاپيون سمورين ڌرين کي مهيا ڪرڻ جو حڪم ڏيندي آصف زرداريء جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ کي هدايت ڪئي ته اهو انهيء جو جواب جمع ڪرائي،جنهن کان پوء ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 31 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي ويئي.


(روزاني عوامي آواز 26 ڊسمبر 2018ع)

Sunday, December 30, 2018

ايء نه مارن ريت!



دستگير ڀٽي
(روزاني سنڌ ايڪسپريس 30 ڊسمبر 2018ع)

2018ع جا ڪجهه اهم ملڪي واقعا.


شفيق الرحمان شاڪر
*ــ پاڪستان سائوٿ ڪوريا ۾ 9 کان 25 فيبروري 2018ع  تي ٿيندڙ ونٽر اولمپڪس ۾ پنهنجو وفد موڪليو.اها اولمپڪس گيمز ۾ پاڪستان جي ٽين شرڪت هئي.پاڪستان جي ٻن ايٿيليٽس محمد ڪريم ۽ سيد حمان ان ۾ حصو ورتو.
*ــ3 مارچ تي پاڪستان ۾ سينيٽ جون چونڊون ٿيون.انهن چونڊن ۾ 52 رٽائر ٿيندڙ سينيٽرن جي جڳهه تي نوان سينيٽر چونڊڻا هئا.گڏيل طور تي انهن چونڊن ۾ مسلم ليگ نون سينيٽ ۾ اڪثريتي پارٽي بڻجي سامهون آئي.جنهن کان پوء ٻئي نمبر تي پاڪستان پيپلز پارٽي جڏهن ته ٽئين نمبر تي پاڪستان تحريڪ انصاف جڳهه حاصل ڪئي.انهن چونڊن جا نتيجا مبينا هارس ٽريڊنگ جي الزامن سبب تڪرار جو سبب بڻيا رهيا.اليڪشن کان پهرين مسلم ليگ نون جي اميدوارن کي اليڪشن ڪميشن طرفان  سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي بنياد تي آزاد اميدوار طور ڊڪليئر ڪيو ويو.12 مارچ تي سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ ٿي.ٻنهي عهدن تي گڏيل اپوزيشن جا اميدوار ترتيب وار صادق سنجراڻي۽ سليم مانڊي والا ڪامياب قرار ڏنا ويا.
*ـــ پاڪستاني پارليامينٽ ۽ خيبر پختون خواهه اسيمبليء مئي ۾ پنجويهين آئيني ترميم منظور ڪئي جيڪا پهريائين ايڪٽ 2018 ع جي اڪٽيهين ترميم جي نالي سان هئي. ان مطابق وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقا يعني فاٽا کي خيبر پختون خواهه صوبي ۾ ضم ڪيو ويو.
*6 جولائي تي اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف،هن جي ڌيء مريم نواز ۽ سندس ناٺي
ڪيپٽن  رٽائرڊ صفدر کي احتساب عدالت ڪرپشن ايون فيلڊ ريفرنس ڪيس ۾ ترتيبوار 10،7۽ هڪ سال جي سخت پورهئي سان سزا ٻڌائي ۽ کين گرفتار ڪري اڍيالا جيل پهچايو ويو.
*ــ10 جولائي تي پشاور ۾ عوامي نيشنل پارٽيء جي هڪ سياسي ريليء تي آپگھاتي حملو ٿيو  جنهن ۾ 22 ماڻهو مري ويا.
 *ــ13 جولائي تي ٻه آپگھاتي حملا ٿيا.هڪ بنون  ۽ ٻيو مستونگ ۾.جن ۾ ترتيبوار 5 ۽ 131 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا.پهرئين حملي ۾ خيبر پختون خواهه جي اڳوڻي وڏي وزير اڪرم درانيء کي نشانو بنايو ويو جنهن ۾ هو معجزاڻي طور تي بچي ويو.ٻئي حملي ۾ بلوچستان عوامي پارٽيء جي ريليء کي نشانو بنايو ويو جنهن ۾ بلوچستان عوامي پارٽيء جو هڪ مک اڳواڻ شهيد ٿي ويو.
*ــ25 جولائي  تي پاڪستان ۾ عام چونڊون ٿيون.چونڊ نتيجن مطابق پاڪستان تحريڪ انصاف وفاقي ليول تي سنگل اڪثريتي پارٽيء طور سامهون آئي.صوبائي سطح تي تحريڪ انصاف خيبر پختون خواهه ۾ جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ ۾ واضح اڪثريت حاصل ڪئي.نئين قائم ٿيل بلوچستان عوامي پارٽي بلوچستان ۾ اڪثريت حاصل ڪئي جڏهن ته پنجاب ۾ نون ليگ کي برتري رهي پر اتي اها حڪومت قائم نه ڪري سگھي. 25 جولائي تي ئي ڪوئٽا ۾ هڪ پولنگ اسٽيشن ويجھو آپگھاتي حملو ٿيو جنهن ۾ 31 ماڻهو مري ويا.
*ــ4 سيپٽيمبر تي ملڪ ۾ صدارتي چونڊون ٿيون .جنهن ۾ تحريڪ انصاف طرفان نامزد ٿيل ڊاڪٽر عارف علوي تيرهون صدر پاڪستان چونڊجي ويو جڏهن ته سندس سامهون پاڪستان پيپلز پارٽيء جو بيريسٽر اعتزاز احسن ۽ مسلم ليگ نون جو حمايت يافتا اميدوار مولانا فضل الرحمان مقابلي ۾ هئا.
*ــ11 آڪٽوبر تي سکر ۾ هڪ گھر جي ڀت ڪرڻ سبب اٺ ٻار موت جو شڪار جڏهن ته ٽي سخت زخمي ٿي پيا.
*ــ23 نومبر تي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪراچيء جي چيني قونصل خاني تي ٿيندڙ بارودي حملو ناڪام بنائي ڇڏيو.انهيء واقعي ۾  ٻه ماڻهو مري ويا.ساڳئي ڏينهن تي خيبر پختون خواهه جي اورڪزئي ضلعي ۾ هڪ آپگھاتي حملو ٿيو جنهن ۾ 33 ماڻهو مري ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا.
*ــ24 ڊسمبر تي اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي سزا يافتا وزير اعظم ميان نواز شريف کي فليگ شپ ريفرنس ۾ بري ڪندي العزيزيه ڪرپشن ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ستن سالن جي سخت پورهئي سان سزا ۽ اٽڪل اڍائي سو ارب روپين جي ڏنڊ جي سزا ٻڌائي.ميان نواز شريف کي عدالت مان گرفتار ڪري کيس اڍيالا جيل پهچايو ويو جتان سندس درخواست تي کيس ڪوٽ لکپت جيل لاهور منتقل ڪيو ويو.ساڳئي ڏينهن تي سپريم ڪورٽ جي لاهور رجسٽري ۾ ميگا مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن دوران سپريم ڪورٽ طرفان معاملي جي جاچ لاء قائم ڪيل جي آئي ٽي جي رپورٽ  سامهون آئي جنهن ۾ نهايت ئي حيرتناڪ انڪشاف ۽ مبينا طور تي ڪرپشن جا وڏا وڏا داستان سامهون آيا.جي آئي ٽي رپورٽ مطابق اڳوڻي صدر آصف زرداريء جي زرداري گروپ،انور مجيد جي اومني گروپ ۽ ملڪ رياض جي بحريا گروپ سنڌ حڪومت ۽ بينڪن سان ملي ڀڳت ڪري ملڪ کي اربين روپين جو نقصان رسايو.
*ـ گذريل سال جيان 2018ع ۾ به ڪيتريون ئي اهم شخصيتون اسان کان وڇڙي وييون جن ۾ سنڌ جو ڏاهو،مفڪر،دانشور ۽ سياستدان رسول بخش پليجو، مشهور سياستدان رٽائرڊ ايئر مارشل اصغر خان،سياستدان اياز سومرو،انساني حقن جي اڳواڻ ۽ وڪيل عاصما جهانگير،مشهوراردو شاعررسا چغتائي،مشهور ڊراما آرٽسٽ قاضي واجد،اصول پسند سياستدان ۽ دانشور ڄام ساقي، سياستدان سردار مير هزار خان بجاراڻي،سردار احمد علي پتافي ۽ حاجي سيف الله خان بنگش جڏهن ته مشهور مزاحيه اديب مشتاق يوسفي،مشهور صحافي ۽ سياستدان فريحا رزاق هارون، صحافي ۽ معاشي تجزيا نگار صديق بلوچ،ريسنگ سائيڪلسٽ محمد عاشق،اداڪاره مديحا گوهر،سفارت ڪار جمشيد مارڪر،ماڊل،رائٽر ۽ جرنلسٽ ايني علي خان،ميان نوااز شريف جي گھر واري بيگم ڪلثوم نواز ۽ کاڌن پچائڻ ۽ ديسي ٽوٽڪن جي ماهر آپا زبيده به شامل آهن.
(روزاني جيجل 29 ڊسمبر 2018ع)

Friday, December 28, 2018

قائد اعظم جو پاڪستان ڪڏهن ٺهندو؟


شفيق الرحمان شاڪر
قائد اعظم سياسي اڳواڻ،اسٽيٽس مين ۽ ڊگھي نظر رکڻ وارو ليڊر هو.هن جي سوچ رڳو چونڊن تائين محدود نه هئي بلڪه هو ايندڙ نسلن جي باري ۾ سوچيندوهو.جيڪر هن جي سوچ رڳوسندس ذات تائين محدود هجي ها ته ڪڏهن به پاڪستان نه ٺهي ها.قائد اعظم جو تصور پاڪستان نهايت ئي واضح هو جنهنجو مرڪزي نقطو هي هو ته گڏيل هندستان ۾ هڪ خاص قوم جي بالادستيء سبب مسلمان پنهنجن خداداد صلاحتين موجب ترقي ڪري نٿا سگھن ان ڪري کين هڪ الڳ رياست جي ضرورت آهي جنهن ۾ اهي پنهنجي تاريخ،تهذيب ۽ مذهب جي سونهري اصولن مطابق رياستي سرشتو جوڙي سگھن ۽ رياست جي هر شهريء کي بنان فرق جي هڪجهڙا حق حاصل هئڻ گھرجن ۽ ان کي پنهنجي صلاحيتن کي نشو نما ڏيڻ لاء هڪجهڙا موقعا ملڻ گھرجن.افسوس جو پاڪستان جي قيام بعد هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي هيٺ قائد اعظم جي تصور پاڪستان  کي عوام جي نظرن ۾ تڪراري ۽ شڪي بنايو ويو.آمريڪا ۽ برطانيا پنهنجن سامراجي مفادن هيٺ نٿي گھريو ته پاڪستان مڪمل طور تي آزاد ۽ خود مختيار رياست بڻجي وڃي ۽ سندس شهري تعليم يافتا ۽ باشعور هجن. عوام ۾ قائد جي تصور پاڪستان جي باري ۾ مونجھارا پيدا ڪرڻ لاء اسلام ۽ سيڪيولر ازم جو بحث ڇيڙيو ويوجيڪو ستر سالن جو عرصو گذرڻ باوجود اڃا تائين جاري آهي.قائد اعظم پنهنجي 11 آگسٽ 1947ع جي دستور ساز اسيمبليء کي پاليسي خطاب ۾ رياست جو بنيادي خاڪو پيش ڪيو هو جنهن کي به تڪراري بنايو ويو ۽ ڏسي وائسي انهيء کان منهن موڙيو ويو ڇوته اندروني توڙي ٻاهرين استحصالي قوتن اسٽيٽس ڪو کي بحال رکڻ گھريو ٿي جڏهن ته قائد اعظم جو پاليسي خطاب اينٽي اسٽيٽس ڪو هو.قائد اعظم پنهنجي پاليسي خطاب ۾ امن ۽ امان جي قيام کي رياست جي پهرين ذميداري قرار ڏنو،ڪرپشن ۽ رشوت کي رياست لاء زهر قاتل قرار ڏنو،پنهنجا نوازڻ ۽ زخيرا اندوزي کي قابوء ۾ آڻڻ تي زور ڏنو۽ کليل لفظن ۾ چيو ته مذهب کي سياسي مقصدن لاء استعمال نه ڪيو وڃي.پاڪستان ۾ رهڻ وارن سمورين اقليتن کي هڪجهڙا حق ڏنا وڃن ۽ سندن مذهبي عقيدن توڙي ريتن رسمن ۾ مداخلت نه ڪئي وڃي.قائد اعظم جي ان پاليسيء کان منهن موڙڻ جي نتيجي ۾ اسان اڻ ميو نقصان برداشت ڪري چڪا آهيون.پاڪستاني قوم ٽڪرن ٽڪرن ۾ ورهائجي چڪي آهي ان جي نتيجي ۾ ئي مذهبي انتها پسنديء کي منهن ڏيئي رهيا آهيون.
قائد اعظم پاڪستان ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمرانيء جو خواهشمند هو.پاڪستان جو ماضي شاهد آهي ته اسان قائد اعظم جي ان بنيادي اصول تي عمل نه ڪيو جنهنجو نقصان پوري قوم برداشت ڪري رهي آهي.جيڪر ملڪ ۾ پهرئين ڏينهن کان آئين ۽ قانون جي حڪمراني قائم ٿئي ها ته هتان جو عوام اڄ جاهل ۽ مقروض نه هجي ها.
قائد اعظم سول سروينٽس کي هدايت ڪئي هئي ته اهي عوام  جا حاڪم نه پر خادم بڻجن پر افسوس جو مني صدي گذرڻ باوجود نوڪر شاهي عوام جي خادم بنجڻ لاء هرگز تيار ناهي ۽ رياستي معاملن ۾ عوام جي بالادستيء بدران ڪجهه اشرافيا جي بالادستي اڃا تائين قائم ۽ برقرار آهي.
قائد اعظم پنهنجا نوازڻ واري پاليسيء جي مذمت ڪئي هئي ۽ ذاتي طور تي هن سمورا فيصلا ميرٽ تي ڪيا پر اڄ صورتحال اها آهي جو اقربا پروريء سبب ساڳئي خاندان جا چار چار ۽ پنج پنج ماڻهو اسيمبلين توڙي نوڪر شاهيء جي سيٽن تي ويٺل نظر اچن ٿا.ان استحصال ۽ نا انصافيء سبب پاڪستان جي 98 سيڪڙو آبادي هڪجهڙن موقعن ۽ حقن کان محروم آهي.قائد اعظم کليل لفظن ۾ اعلان ڪيو هو ته هن پاڪستان سرمائيدارن ۽ جاگيردارن لاء نه پر غريب عوام لاء حاصل ڪيو آَهي پر اڄ پورو ملڪ انهن ئي سرمائيدارن ۽ جاگيردارن جي قبضي هيٺ آهي جڏهن ته اٽڪل ڏهه ڪروڙ شهري غربت واري لڪير کان هيٺ واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن ۽ انهن کي ٻن وقتن جي ماني به نصيب ڪانهي.قائد اعظم پاڪستان جي سياسي ۽ معاشي نظام کي اسلام جي سونهري اصولن مطابق ترتيب ڏيڻ گھريو ٿي ته جيئن پاڪستان جو هر شهري عزت سان زندگي گذاري سگھي پر افسوس جو اڄ به ملڪ تي اولهه وارو سياسي ۽ استحصالي معاشي نظام نافذ آهي جنهن سبب امير وڌيڪ امير جڏهن ته غريب وڌيڪ غريب ٿيندو ٿووڃي.اسان جا عالم سڳورا اسلام جي ڳالهه ته ڪن ٿا پر اسلام جي سونهري اصولن امانت،ديانت،صداقت ،مساوات ۽ انصاف تي زور نٿا ڏين.پاڪستان ۾ ان ڳالهه تي اتفاق آهي ته اڄ جو پاڪستان قائد اعظم ۽ علامه اقبال وارو پاڪستان ناهي.هاڻي سوال اهو ته پاڪستان کي ڪهڙيء طرح قائد اعظم ۽ اقبال وارو پاڪستان بنائي سگھجي ٿو؟ هڪڙو ئي رستو آهي ته پاڪستان جي ڏتڙيل.محروم،مفلس ۽ غريب عوام جن ۾ مزدور،پورهيت۽هاري شامل آهن ۽ جن جي دم سان ملڪ جو نظام هلي رهيو آهي انهن کي قومي ايجنڊا تي منظم ۽ باشعور بڻايو وڃي.اقتدار جي طاقت حقيقي معنيٰ ۾ عوام کي منتقل ڪئي وڃي. پاڪستان جو هاڻوڪو استحصالي رياستي نظام ئي عوام جي ترقي ۽ خوشحاليء جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ بڻيل آهي. ان نظام کي بدلائڻ سوا ترقيء جو ڪوبه خواب پورو نه ٿي سگھندو.گذريل ستر سالن ۾ اسان مختلف تجربا ڪندا رهيا آهيون ۽ انهن جا نتيجا به ڏسي چڪا آهيون.
پاڪستان جو معاشي ۽ سياسي قبلو اڃا تائين درست نه ٿي سگھيو آهي ۽ نه ئي استحصالي طبقا اهو درست ٿيڻ ڏيندا.جيستائين عوام متحد ۽ منظم ٿي ڪري استحصالي طبقن کي پاڪستان جي سياسي منظر نامي کان ئي الڳ نه ڪري ڇڏين ۽ انهن کان معاشي ۽ سياسي قوت کسي نه وٺن.
(روزاني عوامي آواز 25 ڊسمبر 2018ع)

Thursday, December 27, 2018

بينظير ؛ جنهنجو سياسي خال ڀرجي نه سگھيو.


شفيق الرحمان شاڪر


وقت جي ستم ظريفي چئجي يا حالتن جو ڏاڍ جو محترمه بينظير ڀٽو جي دور حڪومت ۾ شهيد ٿيل سندس ڀاء مير مرتضيٰ ڀٽو جي قتل جو معمو اڄ تائين حل نه ٿي سگھيو آهي ۽ نه ئي 27 ڊسمبر 2007ع ۾ پنڊيء جي لياقت باغ ويجھو شهيد ٿيندڙ خود محترمه بينظير ڀٽو جي دردناڪ قتل واري راز تان اڄ تائين ڪو پردو هٽي سگھيو آهي توڙي جو سندس شهادت کان پوء سندس پارٽي حڪومت ۾به رهي،سندس ور آصف علي زرداري پنج سال ملڪ جو صدر به رهيو پر محترمه شهيد کي انصاف نه ملي سگھيو.ڪيتريون ئي جاچون جوچون ٿيون،ٽيمون آيون ۽ وييون پر نتيجو اڃا تائين رڳو ٻڙي آهي.محترمه سان ديوانگيء جي حد تائين پيار ڪندڙن جي دلين ۾ جيڪو گھاء آهي اهو وقت گذرڻ سان گڏ وچيڪ گهرو ٿيندو ويو.هنن کوڙ مطالبا ڪيا،روڄ ۽ راڙو ڪيو پر نيٺ نااميديء جي چادر ويڙهي مايوسين جي اونداهين ۾ گم ٿي ويا جو جيڪي محترمه جي سياسي ورثي جا دعويدار بڻيا انهن جي ترجيحن ۾ به بينظير کي انصاف ڏيارڻ جا ڪا ايجنڊا شامل نه هئي.ٿورو تصور ڪيو ان ڌيء جي حالت جو جنهنجو پيء ساعت بساعت موت جي طرف وڌي رهيو هجي،اها ڌيء جنهنجو ننڍپڻ شهزادين جيان گذريو هجي ۽ پوء هوش سنڀاليندي ئي کيس قدم قدم تي موت جهڙن خوفناڪ اونداهين سان واسطو پيو هجي.اهو وقت جڏهن وڏا وڏا ليڊر خاموش هئا، بينظير پنهنجي پيء سان گڏ هيڏانهن کان هوڏانهن ڊوڙي رهي هئي.حالتون هوائن ۾ ڪنهن زرد پن جيان اڏائي رهيون هيون پوء اهو دردناسڪ لمحو به آيو جڏهن هن کي پنهنجي پيء سان آخري ملاقات ڪرڻي پئجي رهي هئي.آخري ملاقات بعد ماء ۽ ڌيء کي جيل جي سلاخن پويان ڌڪيو ويو.پوري ملڪ ۾ ايمرجنسي نافذ ڪئي ويئي ،ذوالفقارعلي ڀٽو کي ڦاسي ڏني ويئي ۽ سندس ڌيء کي ميت جو آخري ديدار ڪرڻ به نه ڏنو ويو.اها اسان جي ملڪ جي تاريخ آهي،هڪ شرمناڪ ۽ دردناڪ تاريخ! پر ظلم،جبر ۽ آمريت جي اها ڊگھي رات اوڀر ڄائيء جي هماليا کان بلند حوصلي کي شڪست ڏيئي نه سگھي.هوء پوري همت ۽ جذبي سان آمريت سان ٽڪرکائي ثابت ڪيو ته سندس نسن ۾ جنهن ارڏي انسان جو خون ڊوڙيو ٿي ان ڦاهي ته قبول ڪئي پر آڻ نه مڃي. هن پنهنجي ماء سان گڏ پارٽيء جي قيادت سنڀالي.1988ع ۾ عام چونڊن ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو پر چونڊن کان اڳ ئي ان وقت جي فوجي آمر ضياء الحق جو جهاز حادثي جو شڪار ٿي ويو جنهن ۾ هوپويان هڪ ڪاري تاريخ ڇڏي دنيا مان موڪلائي ويو.
ڪيتري قدر حيرت ۽ افسوس جي ڳالهه آهي جو اڄ تائين اهو معلوم نه ٿي سگھيو ته بي بي کي ڪنهن قتل ڪيو؟ ڪنهن قتل ڪرايو؟ڇو قتل ڪرايو؟انهن سوالن جا جواب ته پري ٿيا اڃا تائين اهو به معلوم نه ٿي سگھيو ته بينظير جي شهادت گولي لڳڻ سان ٿي يا گاڏيء جو سن روف ليور لڳڻ سان؟ايڏي وڏي عالمي اڳواڻ جي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جي به زحمت گوارا نه ڪئي ويئي.اها ٻي ڳالهه آهي ته محترمه جي شهادت کي سياسي بنائي ان مان خوب سياسي فائدو کنيو ويو پر محترمه جي قاتلن تائين پهچڻ جي ڪا سنجيده ڪوشش ڪٿي به نظر نه آئي.
محترمه بينظير ڀٽو جي باري ۾ جيڪر اهو چيو وڃي ته غلط نه ٿيندو ته سندس پوري زندگي لاهن چاڙهن کي منهن ڏيندي گذري.پنهنجي جنم ڏينهن 21 جون 1953ع کان شهادت واري ڏينهن 27 ڊسمبر 2007ع تائين ذولفقارعلي ڀٽو جي وڏي نياڻي هئڻ جي حيثيت ۾ هوء هر مرحلي تي پنهنجي والد جي سياسي ورثي جي حفاظت ڪرڻ ۾ اڳيان اڳيان رهي.هن پنهنجي والد جي وزارت عظميٰ جو دور به ڏٺو۽ پوء سندس گرفتاري،قيد ۽ ڦاسيء تائين پنهنجي پيء جي جاء تي پارٽي جي قيادت جنهن ڏاهپ.همت ۽ حوصلي سان سنڀالي ان سان هن ٻين سڀني کي پوئتي ڇڏي ڏنو.هن هر قسم جي سازشن جو ڄمي ڪري مقابلو ڪيو۽ پنهنجن اصولن کي هٿيار بنائي پنهنجن مخالفن کي زير ڪيو.بينظير محب وطن،غريب پرور ۽ ڪرشماتي شخصيت جي مالڪ هئي.نالي جيان هن جي زندگي به بينظير هئي.اهو ئي سبب آهي جو کيس ٻين بيشمار اعزازن سان گڏ دنيا جي پهرين مسلمان خاتون وزير اعظم هئڻ جو اعزاز به حاصل آهي.هوء ٻه ڀريا ملڪ جي وزير اعظم رهي ۽ قومي اسيمبليء ۾ اپوزيشن ليڊر به رهي.پنهنجي سياسي ڪيريئر دوران هن بي شمار ملڪي توڙي غيملڪي ميڊيا کي انٽرويوز ڏنا ۽ سدائين پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام جي ترقي ۽ ّوشحاليء لاء ڪم ڪرڻ جو اظهار ڪيو.بينظير جتي لکين ڪروڙين ماڻهن جي دلين جي ڌڙڪن بني رهي اتي اهي ماڻهو جن جو پيپلز پارٽيء سان ڪو تعلق ئي نه هو اهي به سندس شخصيت ۽ صلاحتين کان گھڻو متاثر نظر آيا.ايستائين جو سندس سياسي مخالف به سندس ڏاهپ ۽ فهم جو اعتراف ڪندا رهيا.وزير اعظم ۽ پيپلز پارٽيء جي سربراهه جي حيثيت ۾ بينظير ڀٽو معاشي،سياسي، سماجي، قومي ۽ بين الاقوامي محاذن تي ڪيتريون ئي ڪاميابيون حاصل ڪيون.مردن جي بالادستيء واري سماج ۾ هن هر قسم جي حالتن جو جرئتمنديء سان مقابلو ڪيو.اهو ئي سبب آهي جو سندس مخالف به کيس ”آئرن ليڊي“ جي لقب سان ياد ڪن ٿا.سندس وزارت عظميٰ جو پهريون دور 1988ع کان 1990ع تائين جڏهن ته ٻيو دور 1993ع کان 1996ع تائين رهيو.1997۽ ۾ سندس پارٽيء جي عام چونڊن ۾ شڪست بعد هوء دبئي هلي ويئي جتي هن ڪيترائي سال جلا وطنيء ۾ گذاريا ،هن پنهنجي زندگيء ۾ پنهنجي والد ۽ ٻن ڀائرن جو غير طبعي موت به ڏٺو،پنهنجي ور آصف علي زرداريء جو ڊگھو قيد به برداشت ڪيو ته ٻئي طرف پنهنجي اولاگ جي تعليم ۽ تربيت کان به غافل نه رهي.ڪراچيء جي ليڊي جيننگ نرسري اسڪول کان آمريڪا جي معروف ترين هارورڊ يونيورسٽي تائين جي تعليم ۽ بعد ۾ برطانيا جي معروف درسگاهه آڪسفورڊ جي ليڊي مارگريٽ هال ۾ معاشيات،سياست ۽ فلسفي جي تعليم هن جي قائداڻين صلاحيتن کي وڌيڪ سنواري سينگاري پختو ڪيو.اهو بينظير ڀٽو جي قائداڻي ۽ سياسي صلاحتن جو اعتراف هو جو کيس 1976ع ۾ آڪسفورڊ يونين جي صدر چونڊيو ويو.انهيء عهدي تي ڪم ڪندڙ هوء ايشيا جي پهرين عورت هئي.
سابق صدر مشرف سان ٿيل هڪ ٺاهه مطابق هوء 2007ع ۾ واپس پاڪستان موٽي توڙي جو سندس زندگيء کي شديد سيڪيورٽي خطرا لاڳو هئا جن جي باري ۾ هن کي اڳواٽ خبردار به ڪيو ويو هو پر بينظير ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ منعقد ٿيندڙ عوامي ميڙن ۾ شرڪت جو فيصلو ڪيو.بينظير جي ڪراچي اچڻ وقت دهشتگردن سندس ريليء مٿان پهريون خطرناڪ حملو ڪيو جنهن ۾ پيپلز پارٽيء جا سوين ڪارڪن موت جي منهن ۾ هليا ويا پر اهي ڌماڪا به بينظير جي عزم ۽ استقلال کي ڪمزور ڪري نه سگھيا.هوء شهر شهر جلسا ڪري عوام سان مخاطب ٿيندي رهي.هر شهر ۾ ماڻهن “چئني صوبن جي زنجير،بينظير بينظير“ جي نعرن سان سندس استقبال ڪيو.نيٺ 27 ڊسمبر 2007ع جي اها رت ۾ رڱيل شام به آئي جڏهن راولپنڊيء جي لياقت باغ واري جلسي ۾ بينظير ملڪ جي دشمنن کي ڀرپور انداز ۾للڪارڻ بعد جڏهن جلسي گاهه کان ٻاهر نڪتي ته دهشتگردن کيس فائرنگ ۽ ڌماڪن جو نشانو بنايو. اهڙيظ طرح ملڪ ۽ عوام بينظير جي بينظير قيادت کاب هميشه لاء محرو م ٿي ويو.مت ته اٽل حقيقت آهي پر ڪجهه ماڻهو اهڙي ته شان ۽ انداز سان وڇڙندا آهن جو دلين تي قيامت جو سڪتو ۽ غمن جو پهاڙ ڪري پوندو آهي.پنهنجا ته پنهنجا پر ڪجهه موت بيگانن کي به روئاڙي ويندا آهن.بينظير جو موت به ڪجهه ان قسم جو ئي موت هو جنهن هر اک کي آلو ڪري ڇڏيو.ان واقعي کي يارهن سالن جو عرصو گذرڻ باوجود ڀلي ان جو درد ۽ ڪرب سندس پارٽيء جي نام نهاد وارثن جي دلين مان مٽجي ويو هجي پر پيپلز پارٽيء جي پراڻن ۽ پرخلوص ڪارڪنن توڙي غريب عوام جي دلين ۾ غم جي هڪ چوليون هڻندڙ سمند جي شڪل ۾ بينظير جو غم اڄ به زندهه آهي.اهو طيء آهي ته محترمه بينظيرڀٽو جو نالو قومي سياسي تاريخ ۾ سدائين عزت،احترام ۽ محبت وچان ورتو ويندو.هن سان هزارين سياسي اختلافن باوجود به تاريخ جو اهو منظر ڪنهن کي وسري سگھندو جو 18 آڪٽوبر 2007ع تي سالن پڄاڻان پنهنجي وطن جي سر زمين تي قدم رکڻ بعد هوء جذبات وچان ٻارن جيان سڏڪي پيئي هئي ۽ سندس نيڻن مان وهندڙ بي اختيار ڳوڙها گھنو ڪجهه چئي رهيا هئا.شايد ٿوري دير لاء هن کي اهو احساس به ستائي رهيو هو ته ماڻهن جو هي هيڏو وڏو ڇوليون هڻندڙ جيڪو صرف ساڻس محبت جو اظهار ڪرڻ اتي پهتو هو انهن جي حالت ڪجهه به نه بدلي هئي ۽ شايد هوء سچائيء سان ٻين سان گڏوگڏ پنهنجو پاڻ کي به ان جو ذميدار سمجھي رهي هئي،شايد هوء مصلحتن ۽ مجبورين جي انهن زنجيرن تي به سوچي رهي هئي جن کيس عوام لاء اهو ڪجهه ڪرڻ نه ڏنو جنهنجا اهي حقدار هئا.
             



             
  
(روزاني هلال پاڪستان 27 ڊسمبر 2018ع)

Wednesday, December 26, 2018

ايندڙ ڏينهن، مهانگائي ۽ تحريڪون!


شفيق الرحمان شاڪر
ترت ئي ملڪي سياست ۾ هڪ وڏو لوڏو اچڻ وارو آهي ۽ اسان جي سياست احتجاجي تحريڪن جي هڪ نئين مرحلي ۾ نامعلوم رستي جو رخ اختيار ڪرڻ واري آهي ڇو ته اسلام آباد جي احتساب عدالت سابق وزير اعظم ميان نواز شريف جي خلاف فليگ شپ ۽ العزيزيه رفرنس ۾ فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.اهي فيصلو سومر ڏينهن ٻڌائڻ جو گھڻو امڪان آهي.جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي سابق صدر آصف علي زرداري جي ميگا مني لانڊرنگ ڪيس جي جاچ تي ٻڌل جي آئي ٽي جي مڪمل رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ويئي آهي،چيو وڃي ٿو ته ان ڏينهن ئي ان جي سماعت شروع ٿي سگھي ٿي.ان صورتحال ۾ چئي سگھجي ٿو ته نواز ۽ زرداري جا سٺا ڏينهن شايد ختم ٿي رهيا آهن.آخر ٻڪر جي ماء ڪيستائين خير گھرندي،ان کي ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن ته ضرور ڪاسائيء جي تيز ڇريء هيٺان اچڻو ئي آهي.نواز شريف ۽ زرداري صاحب به اڄ ڪلهه اهڙي صورتحال جو شڪار آهن ۽ لڳي ٿو ته سندن چوڌاريء قانون جو گھيرو وڌيڪ سوڙهو ٿيندو ٿو وڃي.تنهن هوندي به اسان جو اهو الميو رهيو آهي ته وطن عزيز ۾ پُل ۽ پَل جو ڪو ڀروسو ناهي.پُل ڪهڙي وقت ڪري پوي يا پَل ۾ ڇا ٿي وڃي؟ ڪجهه چئي نٿو سگھجي. اهو ڪنهن کي معلوم هو ته گذريل ڏينهن ۾ پاڪستاني روپئي جي قيمت پل ۾ ايتري ڪيئن ڪري ويندي جو ڊالر بي لغام ٿي ويندو.پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ گھٽتائيء پوري زندگيء جو نظام ئي تباهه ۽ برباد ڪري رکيو آهي.انهيء جي کوڙ سارن سببن ۾ هڪڙو سبب گذريل حڪومتن جي نا اهلي ۽ ڪرپشن ٻڌايو پيو وڃي.هڪڙو سبب جيڪو واضح آهي سو اهو ته ماضيء جي حڪمرانن پنهن جن مستين ۾ مگن رهڻ ۽ پئسي جي راند ۾ مصروف هئڻ ڪري ان طرف ڪوبه ڌيان نه ڏنو.ڪيئن به هجي پر حقيقت اها آهي ته مهانگائيء جو سمورو بار غريب عوام جي ڪمزور ڪلهن کي ئي برداشت ڪرڻو پئجي رهيو آهي۽ اهو بار جڏهن ايندڙ هڪ ٻي مني بجيٽ ذريعي ڪرندو ته عوام جون رڙيون نڪري وينديون.ان سموري صورتحال جو فائدو کڻندي نيپرا به بجليء جي بلن ۾ اضافي جو اشارو ڏيئي ڇڏيو آهي.وڌيڪ اهو ته مهانگائيء جي بار هيٺان دٻيل غريب عوام جي لاء وفاقي وزير خزانه جو قائمه ڪميٽيء سامهون اها بريفنگ سخت ڳڻتيء جو سبب بڻي آهي جنهن ۾ هن بجلي وڌيڪ مهانگي ۽ وڌيڪ ٽيڪس لڳائڻ جو ذڪر ڪيو آهي.پڪ سان اها تلوار به پگھاردار طبقي ۽ نجي توڙي سرڪاري ملازمن مٿان ئي ڪرندي ڇو ته اهو طبقو سولائيء سان حڪومتن جي گرفت ۾ اچي وڃي ٿو.تنهن ڪري هر حڪومت پنهنجو بجيٽ خسارو انهيء ئي طبقي تي وڌيڪ وزن وجھي پورو ڪري ٿي پوء فخر وچان منهن مٿي ڪري ۽ ڪنڌ اڪيڙي چوندي آهي ته اسان پنهنجي ڪامياب حڪمت عمليء سان مالياتي خسارو پورو ڪري ورتو آهي.اڄ وزير اعظم عمران خان جي حڪومت به سمورا مالياتي خسارا پگھاردار طبقي تي وڌيڪ ٽيڪس لڳائي ۽ هيٺئين طبقي کان مهانگائيء جي صورت ۾ وصولي ڪري پوري ڪرڻ جي روايتي طريقي تي هلندي نظر اچي ٿي ۽ انهيء جي لاء مختلف بهانا ۽ بيان ڏيندي پنهنجو ڪريڊٽ ڳڻائڻ ۾ ڪجهه به شرمساري محسوس نٿي ڪري.بهر حال اها ڳالهه لڪيل ڪانهي ته اسان وٽ ڪيترائي معاملا ڪجهه مان ڪجهه بنائي پيش ڪندا ويندا رهيا آهن ۽ ڪيا پيا وڃن.توڙي جو اڄ تائين ڪجهه به بدليو ناهي پر گھڻو ڪجهه بدلجڻ جون دعوائون جاري آهن. انهيء ۾ شڪ ناهي ته اڄ به حڪومتي ڪليدي عهدن توڙي وزير اعظم جي ٽيم ۾ به اهڙا ماڻهو ويٺل آهن جن جو عوامي مسئلن ۽ مامرن سان ڪو تعلق ناهي ۽ اهي ان احساس کان ئي آجا آهن ته غريب ڪيئن زندگي گذاري رهيا آهن؟ سو ايندڙ ڏينهن ۾ جتي هڪ طرف ان اشرافيا جي لاء ڏکيو وقت اچي رهيو آهي اتي ٻئي طرف عوام جي مٿان به مهانگائيء جا ڳرا جبل ڪرڻ وارا آهن.پر سوال اهو آهي ته احتجاي تحريڪ ڪهڙي بنياد تي هلندي؟ عوامي معاملن ۽ مسئلن تي يا پنهنجون ملڪيتون بچائڻ خاطر؟ ان جواب واضح آهي ته تحريڪون۽احتجاج ان ڪري نه ٿيڻا آهن جو عوام مصيبتن ۾ ڦاٿل آهي پر انهن تحريڪن جو مقصد اهو ئي هوندو ته اشرفيا پنهنجي لاء ڪو رليف حاصل ڪري سگھي.نالو ان تحريڪ يا احتجاج کي ڀلي ڪهڙو به ڏنو وڃي پر اهو احتجاج يا تحريڪ عوام جي لاء هرگز نه هوندي جو انهيء اشرافيا پاڻ عوام جي اها حالت بنائي آهي.هاڻي وري اهي ڏينهن اچڻ وارا آهن جڏهن احتساب يا مصيبت جي گھيري ۾ آيل سياستدان عوام جو راڳ ڳائڻ شروع ڪندا،جمهوريت جي ڊڳڊڳي وڄائيندا،آئين جي بالادستيء جا ترانا ڳائيندا، حڪومت جي ظلمن ۽ نا انصافين جا ساز وڄائيندا،سول ۽ فوجي بالادستيء جا بحث ڇڙندا،هڪ ٻئي تي الزامن جا ميزائيل فائر ٿيندا،هڪ ٻئي جا گناهه ڳڻايا ويندا،عوامي همدرديء جا بينر ٽنگبا ۽ پنهنجن ڪارنامن جا جھنڊا ڦڙڪايا ويندا پر ان سموري عمل مان عوام کي ڇا ملڻو آهي؟ انهن جي هزرين مسئلن مان ڪهڙو مسئلو حل ٿيڻو آهي؟عوام کي به گھرجي ته اهي اهڙن احتجاجن ۾ ضرور شريڪ ٿين پر انهن ليڊرن کان اڳواٽ روڪ رقم وٺي ڪري جوانهن احتجاجن جو ڪو کڙ تيل نڪرندي نظر نٿو اچي.اهي رڳو ڌمڪين جي حد تائين احتجاج هوندو ان ڪري جو عوام کي هن وقت انهن تحريڪن يا احتجاجن سان ڪا دلچسپي ناهي.هن وقت انهن نام نهاد عوامي ليڊرن کي پنهنجو ڪيس پاڻ اڪيلي ئي وڙهڻو پوندو.هونئن به جن کي اڃا به ڪا خوش فهمي يا غلط فهمي آهي ته انهن جي محبت ۾ عوام چرين جيان اٿندو،روڊ رستا بلاڪ ٿيندا،زندگيء جو ڦيٿو بيهي رهندو،پورو ملڪ بند ٿي ويندو انهن کي پنهنجو اهو شوق ضرور پورو ڪرڻ گھرجي پر ان حقيقت تي نظر رکندي ته جن سان عوام واقعي گڏ هوندو آهي انهن کي ڌمڪيون ڏيڻ جي ڪا گھرج پيش ناهي ايندي.ان ڪري هن دفعي اهي عوام کي معاف ئي ڪن ته سندن مهرباني ٿيندي.


(روزاني هلال پاڪستان 23 ڊسمبر 2018ع)

Saturday, December 22, 2018

ماضيء جي ۽ هاڻوڪن حڪمرانن ۾ ڪهڙو فرق آهي؟


شفيق الرحمان شاڪر
ان ۾ ته هاڻي ڪو شڪ ئي نه رهيو آهي ته موجوده حڪمرانن کان ڪنهن حقيقي عوامي ڀلائيء جي منصوبن تي عمل درآمد جي اميد رکڻ ٻبرن کان ٻير گھرڻ برابر آهي.ان جو مظلب اهو به ڪونهي ته ماضيء جي حڪمرانن ڪو عوام لاء کير ۽ ماکيء جون نديون وهائي ڇڏيون هيون.مطلب اهو ته گذريل توڙي هاڻوڪي حڪمرانن ۾ ڪو به فرق نظر نٿو اچي.اهي سڀ سٺا ،پارسا،هڏ ڏوکي ۽ همدرد رڳو تڏهن هوندا آهن جڏهن اقتدار کان ٻاهر هجن.باقي اقتدار جي پنهنجي مستي ۽ پنهنجو خمار آهي جنهن کان بچڻ ڪنهنجي وس جي ڳالهه ڪانهي.اقتدار ۾ اچڻ کان پهرين خان صاحب ۽ سندس رفيق خبر ناهي ڪهڙيون ڪهڙيون هامون هڻندا رهندا هئا،پاڻ کان سواء ٻين سمورن حڪمرانن توڙي سياستدانن کي نااهل،ڪرپٽ ۽ ڪوڙو سڏيندي سڏيندي سندن نڙيون سڪي ٿي وييون.توڙي جو خيبر پختون خواهه ۾ پورا پنج سال حڪومت جا مزا ماڻڻ باوجود به اتي عوامي ڀلائيء جي شعبي ۾ ڪي بنيادي تبديليون ڏسڻ ۾ نه آيون هيون پر سندن ڪارڪردگيء کي انهن پاڻ ،سوشل ميديا خاص طور تي ۽ عام ميڊيا عام طور تي ايترو ته مٿي تي کنيو جو ايئن محسوس  ٿي رهيو هو ڄڻ خيبر پختونخواهه يورپ بڻجي ويو هجي.پوء خان صاحب جي اها ئي فرمائش رهي ته کيس وفاق ۾ پڳ ٻڌائي ويهاريو وڃي پوء ڏسو ته ڪيئن ٿو پوري ملڪ ۾ خوشحالي،انصاف ۽ عوامي ڀلائيء وارو انقلاب اچي.گذريل سو ڏينهن جي ڪارڪردگي  جو ٽارگيٽ جيڪو هنن پاڻ پنهنجي لاء مقرر ڪيو هو انهيء جو جائزو به پاڻ وٺي رهيا آهن ۽ پاڻ ئي پنهنجون تعريفون ڪندي نٿا ڍاپن.ايئن هڪ پير تي پيا نچن ڄڻ هنن عوام جا سمورا مسئلا ئي حل ڪري ڇڏيا آهن.حلانڪه ڏٺو وڃي ته مسئلا نه رڳو اتي جو اتي آهن پر انهن جي سنگينيء ۾ ويتر اضافو ٿيو آهي ۽ وقت گذرڻ سان وڌيڪ مشڪلاتون پيدا ٿينديون ٿيون وڃن. هنن صاحبن هيستائين جيڪي چند ڪارناما سرانجام ڏنا آهن سي اهي ته بيان بازيء جو ڇيهه ٿي چڪو آهي.اڃا تائين پوين حڪومتن تي لعنتون ملامتون ڪرڻ مان ئي واندا ناهن ٿيا.پوين حڪومتن جيڪي ڪجهه ڪيو سو جيڪر ٺيڪ هجي ها ته پوء ماڻهو اوهان کي پڳ ٻڌائي ڪرسيء تي ڇو ويهارين ها؟فضول قسم جا دل خراب ڪندڙ بيان جن جو نه ته ڪو فائدو آهي ۽ نه ئي انهن بيانن سان ماڻهن جي مشڪلن ۾ ڪا ڪمي اچي رهي آهي پر مجال آهي جو سندن ڪجهه مٿي ڦريا وزير ۽ مشير ماٺ ڪن.هاڻي اچو سندن ڪارڪردگيء طرف ته مهانگائيء جو جيڪو طوفان هنن صاحبن اچي اٿاريو آهي اهو بيهڻ جو نالو ئي نٿو وٺي.سندن وزير خزانه خبر ناهي ڪهڙيون ڪهڙيون خبرون پيو ڪري.تازو هڪ غير ملڪي ٽي ويء کي انٽرويو ڏيندي ان صاحب فرمايو ته اسان آئي ايم ايف جي چوڻ بنان ئي تيل. گئس ۽ بجليء جون قيمتون اڳ ۾ ئي وڌائي چڪا آهيون ۽ ٽيڪس به بنان ڪنهن جي چوڻ جي لڳائي ڇڏيا آهن.ماشاء الله ! وزير هجن به اهڙا جيڪي وڏي فخر سان اهو اعلان ڪن ته سندن حڪومت اهي سڀ ڪم انهن مالياتي ادارن جي چوڻ کان سواء ئي پورا ڪري ڇڏيا آهن جيڪي مالياتي ادارا غريب عوام جو ڪفن کائڻ لاء هر وقت آتا رهن ٿا.حالت اها آهي جو بجليء جو گذريل نظام ذرو به سڌرڻ بدران ويتر وڌيڪ تباهه ۽ برباد ٿي چڪو آهي.روزاني لوڊ شيڊنگ جو عرصو جيڪو پهرين ڳوٺن ۾ اٺ ڪلاڪ هو سو هاڻي سورهن کان ويهن ڪلاڪن تائين پهتو آهي.ٻيو ته ٺهيو پر سنڌ کي سندس گئس هوندي به گئس جي لوڊ شيڊنگ برداشت ڪرڻي پئجي رهي آهي.سي اين جي اسٽيشنون بند پييون آهن،تيل جا اگھه چوٽ چڙهيل آهن.کاڌي جون شيون ايستائين جو اٽو به مهانگو ٿي ويو آهي. خبر ناهي ڪهڙي خوشحالي پيئي اچي ۽ اها ڪهڙي پنڌ ۾ آهي.هاڻي اچو ڪرپشن  خلاف ڳايل راڳن جي طرف ته انهن سو ڏينهن ۾ ڪنهن به بااثر کان هڪ روپئي جي به وصولي ٿي هجي ته ٻڌايو.بلڪه انهن جا پنهنجا ڪجهه وزير ۽ مشير اپوزيشن سان گڏجي ڪي اهڙا بل منظور ڪرائڻ جون صلاحون ڪري رهيا آهن جن ذريعي احتسابي ادارن جي اختيارن کي سوڙهو ڪري سگھجي.گذريل حڪمرانن تي مفاهمت ۽ نوراڪشٽيء جا الزام هڻندڙ اڄ عوام کي اهو به ته ٻڌائين ته ميان شهباز شريف سان ڪهڙو اين آر او ڪيو اٿن جو پورا ٽي مهينا اهو راڳ ڳائيندا رهيا ته ٻلي کي کير جي چوڪيداري ڪيئن ٿي ڏيئي سگھجي؟ پوء اوچتو ڇا ٿي ويو .چوڪيدار رات وچ ۾ پارسا ڪيئن بڻجي ويو؟هر معاملي ۾ اڳواٽ جذباتي قسم جا بيان ڏيئي آسمان تي پهچيو وڃن ۽ پوء انهيء ئي تيزيء سان واپس اچيو اونڌي منهن زمين تي ڦهڪو ڪن.ڪروڙين گھر ٺهندا ۽ لکين نوڪريون ملنديون  سو ته جيسين ٿئي تيسين عوام مهانگائيء ۾ پيسجي قيمو ٿي ويندو. هنن کان نه ته ڪو ادارو ٿو سڌو ٿئي ۽ نه ئي حڪومتي مامرن تي سندن ڪا گرفت ٿي ڏسجي.اهي انڌيون اهي ئي جنڊ جي مصداق جيئن پوء تيئن ماڻهن ۾ مايوسيون وڌنديون ٿيون وڃن.اهي ڊگھيون ڊگھيون تقريرون نه ته عوام جو پيٽ ڀري سگھن ٿيون ۽ نه اهي ٽاسڪ فورس  ڪنهن جي گھر جو اجھاڻل چلهو ٻاري سگھن ٿا. اقتدار جي ايوانن ۾ هميشه سڀ ڪجهه ٺيڪ هوندو آهي،هر طرف سک ۽ چين جي بانسري وڄندي رهندي آهي .حڪومت ۾ رهي ڪا ننڍي چونڊ کٽي ايئن محسوس ٿيندو آهي ته ملڪ جو ٻاويهه ڪروڙ عوام مٿان صدقي ٿيڻ لاء تيار آهي پر ايئن هوندو ناهي. اها خوشفهمي يا غلط فهمي جيڪا ماضيء جي حڪمرانن کي به لڳي رهي اڄ اڄوڪن حڪمرانن کي چنبڙي پيئي آهي.اقتدار ۾ اچڻ وارن جي بدقسمتي ئي اها هوندي آهي جو حڪمران عام ماڻهن کان ڪٽجي چند خوشامدي درٻارين ۾ قيد ٿي ويندا آهن پوء عام ماڻهو جيڪي چوندا آهن سو انهن جي ڪنن تائين صرف تڏهن پهچندو آهي جڏهن راند ختم ٿي چڪي هوندي آهي.عام ماڻهو اڄ ڪلهه جيڪي ڪجهه چئي رهيا آهن اهو سندن مايوسين ،نا اميدين ۽ بي چينين جو اظهار آهي.سندن ٽٽل خوابن ۽ وکريل اميدن جو ماتم آهي. ان نظام جو نوحو آهي جنهن کين مختلف نعرن سان ڦريو،لٽيو ۽ برباد ڪيو آهي ۽ ان برباديء کي بريڪ اڃا تائين ته ناهي لڳو.اڳتي ڏسندا هلجو ته ڪيئن ٿا اصولن جا لاش ڪرن ۽ ڪيئن ٿا اخلاقي ۽ سياسي قدر لتاڙجن.اهي ساڳيون مفاهمتون به ٿينديون جن جو هي مذاق اڏائيندا رهيا آهن،اهي سڀ سياسي ڳٺ جوڙون به ٿيڻيون آهن جن  کي جمهوريت جي بقا واري سوال سان ئي ڳنڍيو ويندو.اهي ساڳيا عوام آزار فيصلا به ٿيڻا آهن جن کي وسيع تر قومي مفاد جو خوبصورت لباس پهرائي  عوام سامهون آندو ويندو.اڃا ته اقتداري زندگيء جي شروعات آهي،اڳيان کوڙ سارا ڪرتب ڏسڻ لاء ملڻا آهن ۽ وڏا سياسي تماشا ٿيڻ وارا آهن  ۽ هر تماشي ۾ قربانيء جي ٽڪساٽ تي اڪيلو عوام ئي ٽنگيل نظر ايندو.سچ ٿو چوي خان صاحب ته جتي به ڦاسي پئجي ته ”اقتدار جي عافيت انهيء ۾ آهي ته“ يو ٽرن وٺجي!


(روزاني هلال پاڪستان)

Friday, December 21, 2018

ماضيء جو آئينو؛ عظمت ۽ ذلت جي وچ ۾ ٽنگيل ويچارو گڏهه!



شفيق الرحمان شاڪر
انساني شعور جي هڪ نمايان خاصيت اها آهي جو اهو ڪنهن به خيال،تصور،ڪيفيت يا شيء کي ڪنهن علامت سان ڳنڍي ان جون مختلف معنائون مقرر ڪري سگھي ٿو.هر انساني سماج مختلف قسم جي علامتن يا نشانين جو استعمال ڪري پنهنجي تاريخ،ثقافت،علميت ۽ ماحول کي ظاهر ڪري ٿو.علامتن جي ان اظهار جي وڏي خوبي اها آهي جو بنان ڪن لفظن يا جملن جي استعمال جي صرف اشارن ڪناين ۾ پنهنجو مطلب سامهون واري تائين موثر نموني پهچائي سگھي ٿو.اهي علامتون شڪلين،جسمن،حيوانن ۽ جمادات،قدرت جي منظرن ۽ رنگن وغيره تي ٻڌل ٿي سگھن ٿيون.مثال ڪارو رنگ موت،برائي يا اوندهه کي ظاهر ڪري ٿو جڏهن ته اڇو رنگ پاڪائي ۽ صفائيء کي ظاهر ڪري ٿو ۽ اهڙيء طرح ٻين رنگن جو مثال آهي.جانورن جي ڳالهه ڪجي ته شينهن بهادريء جي نشاني جڏهن ته گدڙ بزدليء جي سڃاڻپ طور استعمال ٿئي ٿو.اهڙا ئي مثال پکين ۾ به آهن.انساني جذبن ۾ مسڪراهٽ محبت ۽ دوستيء کي جڏهن ته نرڙ ۾ گھنج وجھڻ غصي ۽ ناراضگيء کي ظاهر ڪري ٿو.اهڙيء طرح اسان جي چوڌاريء بي شمار علامتون ۽ رمزيا اشارا هروقت موجود رهن ٿا جن کي اسان ڄاڻي ٻجھي يا اڻ ڄاڻائيء ۾ پنهنجي روزمرهه جي زندگيء ۾ ڪا خاص معنيٰ ڏيئي استعمال ڪندا رهندا آهيون.انهن مان ڪجهه شيون يا علامتون اهڙيون آهن جن جي معنيٰ ۽ مطلب هر سماج ۾ ساڳيو ورتو وڃي ٿو پر ڪجهه اهي به شيون يا علامتون آهن جن جي معنيٰ ۽ مفهوم ۾ مختلف تهذيبن ۽ سماجن ۾ تضاد يا تفاوت پاتو وڃي ٿو.مثال اسان جي سماج ۾ ”الو يا چٻ“ پکي بيوقوفي ۽ نڀاڳ جي نشاني سمجھيو وڃي ٿو جڏهن ته ساڳيو پکي اولهه جي معاشرن ۾ عقل ۽ سڀاڳ جي نشاني تصور ڪيو وڃي ٿو.اهڙيء طرح گڏهه اولهه يا اهل ڪتاب يعني يهودين ۽ عيسائين جي تاريخ ۾ مثبت ۽ نمايان صفتن واري جانور طور جڏهن ته اسان جي سماج ۾ بيوقوفي ۽ جهالت جي نشانيء طور سڃاتو وڃي ٿو.گڏهه سماجي سطح تي هزارين سالن کان انسانن لاء بار ڍوئڻ ۽ سواريء جي ڪم ايندو رهيو آهي ۽ هن وقت به ٻهراڙين ۾ اهو جانور ساڳئي مقصد لاء استعمال ٿي رهيو آهي.گڏهه کي عربي زبان ۾ حمار،اردوء ۾ گڌا،فارسيء ۾خر ۽ عبراني زبان ۾ حمور چيو وڃي ٿو.اسان جي معاشري ۾ ”اڙي گڏهه!“ يا ”گڏهه جو گڏهه “ جا محاورا عام آهن.يا وري چيو ويندو آهي ته ”گڏهه ڇا ڄاڻي زعفران جو قدر“ .جڏهن ڪا شيء اوچتو غائب ٿي وڃي ته چوندا آهيون ته ”ايئن غائب ٿيو جيئن گڏهه جي مٿي تان سڱ غائب ٿيندا آهن.“ انگريز ڊرامه نگار شيڪسپيئر پنهنجن ڊرامن ۾ گڏهه جو اصطلاح بيوقوف ۽ احمق شخص لاء استعمال ڪيو آهي.سائنسي طور تي گڏهه گھوڙي جي خاندان سان ئي تعلق رکي ٿو.ايشيا ۽ آفريڪا کنڊن ۾ٻين کنڊن جي ڀيٽ ۾ گڏهه گھڻا آهن.گڏهه جي جيڪر تهذيبي ۽ مذهبي سڃاڻپ جو جائزو ورتو وڃي ته مصري تهذيب ۾ گڏهه ”سج ديوتا“ جي نشاني هو.جڏهن ته هندوازم “درگا ديوي“ جي هڪ شڪل ڪالارتريء جي سواري سمجھيو ويو آهي.يهودي ۽ عيسائي روايتن ۾ به گڏهه جو بار بار ذڪر ملي ٿو.يهودي روايتن يعني قديم عهدنامي جي اڳڪٿيء مطابق سندن مسيحا ”دجال“گڏهه تي سوار ٿي ايندوجڏهن ته عيسائي روايتن موجب اهي عيسيٰ عليه السلام هئا جيڪي گڏهه تي سوار ٿي يروشلم ۾ داخل ٿيا.عيسائي ايسٽر جي تهوار کان پهرين ”پام سنڊي“ مسيح عه جي يروشلم ۾ فاتحاڻي انداز ۾ داخل ٿيڻ جي خوشيء ۾ ئي ملهائين ٿا.يهودي روايتن موجب يهود جي پهرين رياست جي گاديء واري هنڌ سڪم نابلس(اسرائيل) جو شهزادو ”حمور“ (گڏهه) هو.يهودي روايتن مطابق” مسيحا جوگڏهه“ اهو گڏهه آهي جنهن تي يهودين کي ڇوٽڪارو ڏيندڙ”فرزند ڊيوڊ“ دنيا جي آخري وقت ۾ ظاهر ٿيندو.ياد رهي ته ”ملحمه ڪبريٰ“ يعني آرميجيڊن يا آخري زماني جي عظيم ترين جنگين جي باري ۾ملاحم وارين حديثن ۾ دجال جي خاص سواري گڏهه ٻڌائي ويئي آهي.اتي مناسب لڳي ٿو ته هڪڙي سراسري نظر دجال جي سڃاڻپ ۽ سندس باري ۾ ذڪر ڪيل نشانين تي وڌي وڃي.حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته ”آدم جي پيدائش کان قيامت تائين ڪوبه فتنو دجال واري فتني کان وڏو نه هوندو.“(صحيح مسلم)لفظ دجال ”دجل“ مان نڪتل آهي جنهن جي معنيٰ دوکو يا فريب ڏيڻ آهي.يعني دجال اهو شخص هوندو جيڪو حضرت مسيح عليه السلام جو روپ اختيار ڪري ماڻهن کي دوکو ڏيندو.
قرآن ڪريم تورات جي حڪمن جي باري ۾ يهودين جي طرز عمل کي گڏهه سان تشبيهه ڏيندي چوي ٿو ته ” جن ماڻهن کي تورات تي عمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو پوء انهن ان تي عمل نه ڪيو انهن جو مثال ان گڏهه جهڙو آهي جنهن تي ڪتابن جا ڍير لڏيل هجن.“ قرآن جھنگلي گڏهن جي صفت بيان ڪندي فرمائي ٿو ته ”ڄڻ ته اهي ٽهيل گڏهه هجن جيڪي شينهن کان ڀڳا هجن.“ جھنگلي گڏهن جي اها خاصيت آهي جو خطرو محسوس ڪندي ئي اهي اهڙو ته بد حواس ٿي ڊوڙندا آهن جو ٻيو ڪوبه جانور ان طرح نه ڊوڙندو آهي.انهيء ڪري عرب بد حواس بڻجي ڀڄندڙ شخص کي جھنگلي گڏهه سان تشبيهه ڏيندا آهن.قرآن گڏهه جي آواز کي اڻ وڻندڙ آواز قرار ڏنو آهي.گڏهه جو وڏي آواز ۾ هينگڻ اٽڪل ويهن سيڪنڊن تائين جاري رهي ٿو ۽ اهو آواز اٽڪل ٽن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تائين ٻڌي سگھجي ٿو.نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته ” جڏهن ڪڪڙ جي بانگ ٻڌو ته الله کان سندس فضل گھرو ڇو ته اهو ملائڪ کي ڏسي ٿو ۽ جڏهن گڏهه جو آواز ٻڌو ته شيطان کان الله جي پناهه گھرندا ڪريو جو اهو شيطان کي ڏسي ٿو.“(بخاري)
اولهه جي ثقافت ۾ گڏهه هڪ اعليٰ درجي جو جانور سمجھيو وڃي ٿوجيڪو بائيبل ۽ قديم يونان کان اولهه جي تهذيب جو حصو بڻجي چڪو آهي.واضح رهي ته آمريڪا ۾ ٻه وڏيون سياسي جماعتون چونڊن ۾ حصو وٺن ٿيون جن مان ريپبليڪن پارٽيء جو چونڊ نشان هاٿي جڏهن ته ڊيموڪريڪٽڪ جو نشان گڏهه آهي.ڊيموڪريٽس سندن سياسي جماعت لاء گڏهه جو چونڊ نشان 14 جنوري 1870ع کان استعمال ڪرڻ شروع ڪيو.اهڙيء طرح راند جي ميدان ۾ به گڏهه آمريڪي سوچ جي نمائندگي ڪندي نظر اچي ٿو.”ڊانڪي باسڪيٽ بال“ اها راند آهي جنهن ۾ رانديگر گڏهه تي چڙهي کيڏندا آهن.
برطانيه ۾ جانورن جي حفاظت لاء قائم ڪيل دنيا جي وڏي ۾ وڏي خيراتي تنظيم جو نالو ” مقدس گڏهه“ آهي،ڪيترن ئي اولهه جي ملڪن ۾ توڙي اسان وٽ پڻ گڏهن جي ڊوڙ جا مقابلا ڪرايا ويندا آهن.تازو ئي آڪٽوبر 2018ع ۾ جيو فلمز پاڪستان جي پهرين اينيميٽيڊ فلم ” ڊانڪي ڪنگ “ رليز ڪئي آهي.راجپوت برادريء ان فلم خلاف هتڪ عزت جي دعويٰ داخل ڪري رکي آهي.
(روزاني هلال پاڪستان)

Wednesday, December 19, 2018

حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني ،حسني الحسيني رحه.



شفيق الرحمان شاڪر
سندن نالو مبارڪ عبدالقادر،ڪنيت ”ابو محمد“ ۽ لقب محي الدين،محبوب سبحاني،غوث الثقلين ، غوث اعظم،قطب الاقطاب،امام الطائفتين،شيخ الاسلام،الحسني ،الحسيني الجيلاني وغيره آهن. حضرت مولانا جامي رحه فرمائين ٿا ته حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني رحه ثابت النسب سيد آهن.والد جي نسبت سان حسني علوي ۽ والده جي نسبت سان حسيني سيد آهن.سندن والد جو نالو سيد ابو صالح جنگي دوست ۽ سندن والده ماجده جو نالو ام الخير حضرت فاطمه رحه آهي جيڪا نهايت ئي پاڪ ۽ نيڪ خاتون ۽ هڪ مشهور بزرگ حضرت عبدالله صومعي رحه جي صاحبزادي هئي.حضرت سيدنا شيخ عبدالقادر جيلاني رحه بحيره خزر جي ڏاکڻئين ڪناري سان مليل ”گيلان“ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ پهرين رمضان المبارڪ سن 74 هجريء ۾ پيدا ٿيا.سندن پيدائش وقت سندن والد جي عمر سٺ سال هئي.پاڻ جڏهن پيدا ٿيا ته رمضان شريف ۾ سڄو ڏينهن کير نه پيئندا هئا.اها ڳالهه آسپاس مشهور ٿي ويئي ته سيدن جي گھر ۾ هڪ ٻار ڄائو آهي جيڪو رمضان ۾ ڏينهنجو کير نٿو پيئي.پاڻ ننڍپڻ ۾ ئي والد جي شفقت کان محروم ٿي ويا ۽ کين سندن ناني سندن پرورش ڪئي. پاڻ ٻارن سان گڏ نه کيڏندا هئا ۽ فرمائيندا هئا ته آئون جڏهن به ٻارن سان کيڏڻ جو ارادو ڪندو هئس ته آواز ٻڌندو هئس ته اي برڪتن ڀريا! هيڏانهن اچ،آئون اهو آواز ٻڌي ڊڄي ويندو هئس ۽ ڊوڙي ماء جي هنج ۾ لڪي ويندو هئس.سندن تعليم جي باري ۾ اهو معلوم ٿيو آهي ته پاڻ ڏهن سالن جي عمر ۾ پنهنجي شهر جي مڪتب ۾ پڙهڻ ويندا هئا.حضرت ابو عبدالله محمد بن قائد واني جو بيان آهي ته آئون هڪ ڏينهن جناب شيخ جي خدمت ۾ حاضر هئس ته ڪنهن شخص سوال ڪيو ته اوهان پنهن جي امر جو بنياد ڪهڙي شيء تي رکيو آهي؟ پاڻ فرمايائون ؛ سچ تي ۽ فرمايائون ته مون ڪڏهن به ڪوڙ ناهي ڳالهايو نه ننڍپڻ ۾ ۽ نه جوانيء ۾.حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني رحه فرمائين ٿا ته ننڍپڻ ۾ هڪ دفعي مون ڪنهن جھنگل ۾ وڃڻ جو اتفاق ٿيو ۽ آئون هڪ ڍڳي جي پٺيان عام هاريء جيان بيهي هر هلائڻ لڳس ته اهو ڍڳو مون کي چوڻ لڳو ته توکي ان ڪم لاء پيدا نه ڪيو ويو آهي.اهي لفظ ٻڌي مون تي اهڙو خوف طاري ٿيو جو آئون ڊوڙندو گھر آيس ۽ گھر جي ڇت تي چڙهي ويس  ته مون حاجين کي عرفات جي ميدان ۾ ڏٺو.
سرڪار غوث اعظم رحه مڪمل طور تي ظاهري علم حاصل ڪرڻ بعد باطني علمن کي حاصل ڪرڻ جي شروعات ڪئي ۽ مجاهدي ۽ رياضت جي نهايت ئي سخت راهن ۾ قدم رکيو.پاڻ شهر ڇڏي عراق جي ويران وادين ۾ اڪيلو سفر اختيار ڪيائون ته جيئن کين ذهني يڪسوئي حاصل ٿي سگھي.حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني رحه جن جڏهن سمورن علمن تي دسترس حاصل ڪري ڳورتي،عبادت،رياضت ۽ مجاهدن جي مشقتن ۽ گوشانشينيء ۾ جڏهن گھڻو عرصو گذري ويو ۽ نفس جي پوري پاڪائي حاصل ٿي ويئي ته پاڻ حضرت َاضي ابوسعيد مبارڪ مخزومي رحه جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ سندن بيعت ڪيائون.حضرت ابوسعيد رحه جڏهن سيدنا غوث اعظم کان بيعت وٺي چڪا ته کين پنهنجي هٿن سان کاڌو کارايائون جو سندن سينو معرفت جي نور سان ڀرجي ويو.جنهن کان پوء حضرت ابو سعيد کين خلافت جو خرقو پهرايو ۽ فرمايو ؛ اي عبدالقادر! هي خرقو حضرت سرور ڪونين صلي الله عليه وسلم جن حضرت علي رضي الله عنه کي عطا فرمايو،انهن کان حضرت حسن بصري رحه جن کي مليو۽ جن کان هٿو هٿ مون کي مليو ۽ آئون اهو توکي ڏيئي رهيو آهيان.
جڏهن حضرت سيدنا غوث اعظم رحه ظاهري ۽ باطني علمن کان فارغ ٿيا ته وعظ ۽ تدريس تي مسند نشين ٿيا.پاڻ فرمائين ٿا ته مون حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جو ديدار ڪيو،پاڻ صلي الله عليه وسلم جن مون کي فرمايو؛ اي منهن جا پٽڙا!  تون وعظ ڇو نٿو ڪرين؟ مون عرض ڪيو؛ يا رسول الله (صلي الله عليه وسلم) آئون عجمي آهيان ۽ بغداد جي هنن فصيح عرب عالمن سامهون ڇا ڳالهائيان؟ حضور صلي الله عليه وسلم جن ست ڀيرا پنهنجو لعاب مبارڪ منهن جي وات ۾ وڌو ۽ فرمايو هاڻي وڃي ماڻهن سامهون وعظ ۽ نصيحت ڪر.ٿوري عرصي ۾ ماڻهن جا ميڙ سندس وعظ جي مجلس ۾ شامل ٿيڻ لڳا.”باب الحليه“ جي مصلي ۾ گنجائش نه رهي ته پنهنجي ڪرسي شهر کان ٻاهر عيد گاهه ۾ کڻي ويا جتي ماڻهن جو تعداد ستر هزار کن هوندو هو.
حضرت احمد بن صالح بن شافع رحه فرمائين ٿا ته آئون مدرسي نظاميه ۾ حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني رحه جي مجلس ۾ ويٺو هئس.ان مجلس ۾ وقت جا اڪثر ممتاز عالم موجود هئا ۽ سندن گفتگوء جو موضوع قضا ۽ قدر هو،ايتري ۾ هڪڙو وڏو نانگ ڇت کان سندن ڪڇ ۾ اچي ڪريو ۽ پوء سندن ڪنڌ سان ويڙهجي ويو.ان واقعي باوجود پاڻ نهته پنهنجي جڳهه کان چريا ۽ نه ئي پنهن جو وعظ روڪيائون.ڪجهه لمحن بعد اهو نانگ لٿو ۽ زمين تي سندن سامهون بيهي ڪجهه چوڻ لڳو جيڪو اسان نه سمجھي سگھياسين پوء اهو هليو ويو.ماڻهو موٽي آيا ۽ انهن سندن ّيريت معلوم ڪئي ۽ پڇيو ته نانگ اوهان کي ڇا چيو؟ پاڻ فرمايائون ته نانگ چيو ته مون پنهنجي زندگيء ۾ ڪيترائي خدا جا دوست ڏٺا آهن پر اوهان جهڙون ثابت قدم نه ڏٺو آهي.روايت ۾ آيو آهي ته حضرت غوث اعظم رحه تمام گھڻو روئندا هئا ۽ دل ۾ خدا جو خوف رکندا هئا،سندن دعائون قبول ٿينديون هيون ۽ سخاوت ۾ سندن ڪو ثاني نه هو.سٺن اخلاقن جا مالڪ ۽ بهترين خوشبوء استعمال ڪندڙ هئا. جيڪر ڪو سوالي سندن جسم تي پهريل ڪپڙن جو به سوال ڪندو هو ته اهي لاهي ان کي ڏيئي ڇڏيندا هئا.
سندن صاحبزادي حضرت شيخ عبدالرزاق رحه جو بيان آهي ته هڪ دفعي پاڻ حج جي لاء روانا ٿيا جڏهن بغداد جي ويجھو هڪ ڳوٺ ”حله“ ۾ پهتا ته حڪم ڏنائون ته ڪو اهڙو گھر ڳولهيو وڃي جيڪو سڀ کان گھڻو ٽٽل ڦٽل هجي.اسان اتي رهنداسين.ڳوٺ ۾ اميرن ۽ رئيسن جا ڪيترائي سٺا سٺا گھر موجود هئا جيڪي کين رهڻ لاء پيش ڪيا ويا پر انڪار ڪيائون.آخر گھڻي ڳولا بعد هڪ اهڙو گھر هٿ ڪيو ويو جنهن ۾ هڪ پوڙهو،پوڙهي ۽ هڪ نينگري رهندي هئي.پاڻ پوڙهيء کان اجازت وٺي ان گھر ۾ رات گذارڻ جو فيصلو ڪيو۽ سمورا نذرانا ۽ تحفا جيڪي کين مليا هئا سڀ انهن جي حوالي ڪري ڇڏيا.
11 ربيع الثاني سن 195 هجري تي شام جي وقت سندن زبان مبارڪ تي ڪلمي جو ورد جاري هو،آخر ۾ پاڻ الله،الله،الله چيائون پوء سندن آواز رڪجي ويو ۽ پنهنجي جان پنهنجي مالڪ حقيقيء حوالي ڪيائون.
(روزاني هلال پاڪستان 19 ڊسمبر 2018ع)

Tuesday, December 18, 2018

سياسي مشورن کان سياسي لطيفن تائين!


شفيق الرحمان شاڪر


”يو ٽرن“ کان پوء ”ڪڪڙيون پالڻ“ ۽ ”آنن جي ڪاروبار“متعلق ڪپتان بيان ڇا ڏنو هر طرف سوشل ميڊيا تي ڪڪڙين واري اها ”ٽان ٽان “ شروع ٿي ويئي جيڪا اهي آنو لاهڻ بعد اڪثر اعلان ڪري دنيا کي پنهنجو ڪارنامو ٻڌائينديون آهن.شايد ماڻهن عوامي وزيراعظم جي ان عوامي مشوري کي به عوامي تفريح ۽ کل ڀوڳ جو ذريعو بنائي ورتو.نه ته ڏٺو وڃي ته ويچاري ڪپتان ته رڳو حضرت بل گيٽس جي ڪاروباري رازن تان پردو کنيو هو.پر ڇا ڪجي پاڪستاني قوم کي جيڪا روئڻ جهڙين ڳالهين تي کلندي جڏهن ته کلڻ جهڙين ڳالهين تي روئندي نظر ايندي آهي.بهرحال خلق خدا ڪپتان کي به انهن سياسي خوش مزاجن جي لسٽ ۾ شامل ڪري ورتو آهي جيڪي ماضيء ۾ توڙي هاڻي به ان قسم جا لطيفا فائر ڪندا رهيا آهن جن کي ٻڌي ڪري لاڳيتو کلڻ ۽ ٽهڪ ڏيڻ لاء دل چوندي آهي.
اڳوڻي صدر پرويز مشرف پنهنجي دور اقتدار ۾ هڪ دفعي فرمايو هو ته پاڪستان ۾ آيل خوشحالي ۽ ترقيء جو ثبوت اهو آهي جوهاڻي هر ماڻهوء جي هٿ ۾ موبائيل فون آهي.اڳوڻي نون ليگ حڪومت جي ”درويش صفت“ وزير خزانه اسحاق ڊار کي جڏهن داليون مهانگيون ٿيڻ جي شڪايت ڪئي ويئي هئي ته هن عوام کي انمول مشورو ڏنو هو ته اهي دال بدران مرغي استعمال ڪن.
پيپلز پارٽيء جي اڳوڻي دور جي بهبود آباديء جي وزير ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سان بجليء جي ڊگھي لوڊ شيڊنگ جي شڪايت ڪئي ويئي هئي ته هن موصوفه اهو چئي ماڻهن جي ڏندن ۾ آڱريون وجھرائي ڇڏيون هيون ته لوڊ شيڊنگ سان ملڪ جي آباديء ۾ ڪافي اضافو ٿيندو.ماڻهن کي سندس اهو جديد فلسفو سمجهه ۾ نه ويٺو ته لوڊشيڊنگ دوران گرميء سبب ماڻهو مري آبادي گھٽائيندا يا وڌائيندا؟
نواز شريف حڪومت جو صدر ممنون حسين به ماڻهن جي وندر ۽ دل لڳيء جو سٺو سامان بنيو رهيو.هن صدارت جو تخت سنڀاليندي ئي بيان جو اهو ڌماڪو ڪيو هو ته منهنجي دل گھري ٿي ته آئون ويس بدلائي ماڻهن جا مسئلا معلوم ڪيان.ماڻهن کي کل ان تي آئي ته ملڪ جي ماڻهن جا مسئلا معلوم ڪرڻ لاء ويس بدلائڻ جي آخر ڪهڙي ضرورت آهي،ڇا ماڻهو پنهنجا مسئلا ٻڌائڻ ۾ شرم محسوس ڪن ٿا؟پر سائين ممنون حسين کي ويس بدلائڻ جو اهڙو ته نشو لڳو جو ويوڏينهن ۾ ڏهه ڏهه ويس بدلائيندو ۽ آرسيء سان ڳالهيون ڪندو.تان جو سندس جاء بدلائي ويئي جنهن کان پوء وڃي سڪون جو ساهه کنيائين.اهڙيء سادگيء تان صدقي ڇو نه ٿجي جو پاڪستانين جي مسئلن جي پوري دنيا کي خبر هئي پر ممنون آخر تائين انهن مسئلن جي باري ۾ ڄاڻڻ لاء ويس بدلائڻ جي خواهش ڪندو رهيو.

سنڌ جي ”فقير صفت“ سائين قائم علي شاهه به پنهنجي وڏ وزارت واري دور ۾ اهڙا لطيفا فائر ڪيا جن جي دهشت اڄ تائين اسان جي ذهنن تي قائم آهي.برسات دوران ڪراچيء جي نالن ۽ نيڪالن جو طوفاني دورو ڪرڻ بعد سائين سڳوري ميڊيا سان ڳالهائيندي اها ڄاڻ شيئر ڪئي هئي ته هن اجھو اجھو گجر نالي جو پاڻ” طبي معائنو“ فرمايو آهي.اتي صورتحال ڪافي بهترآهي ( يعني گجر نالي جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.) وري جڏهن سخت برسات سبب شهر جي حالت وڌيڪ خراب ٿي ته سائين بادشاه صحافين سان ڳالهائيندي فرمايو هو ته شهر ۾ 156 ملي ميٽر برسات پيئي آهي.سندس اهڙا کوڙ ٻيا بيان ميديا ۾ کل جو سبب بڻجندا رهيا.
نمڪين بيان جاري ڪرڻ ۾جي يو آئي جي حافظ حسين احمد سان گڏوگڏ جماعت اسلاميء جو سراج الحق به پنهنجو مٽ پاڻ آهي.فرمائڻ لڳو ته ملڪ کي نواز شريف جي نه پر قرآن شريف جي ضرورت آهي.هڪ دفعو پراڻي ايم ڪيو ايم جي قائد کي مخاطب ٿيندي فرمايائين ته هي  ” جي ٿري “    نه پر ”ٿري جي “ جو زمانو آهي.
ماضيء ۾ مفاهمت جي نالي تي ٿيندڙ سياست ۾ به ڪيترائي نت نوان تماشا نظر ايندا هئا.ڪراچيء ۾ هر مهيني سوين ماڻهو مکين ۽ مڇرن جيان ماريا ويندا هئا،پراڻي ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽيء جا اڳواڻ روزانو هڪ ٻئي خلاف الزامن جو نئون ميزائيل ڦٽو ڪندا هئا ۽ شام جو هڪ ٻئي کان معافيون گھرندا هئا.ان وقت جي ايم ڪيو ايم جو قائد هڪ نه ٻئي ڏينهن پنهنجي پارٽيء جي قيادت تان استعفا ڏيندو هو ۽ ٻئي ڏينهن ”نهين ڀائي نهين” جي نعرن ۾ اها واپس وٺي ڇڏيندو هو.
سياست ۾ سياسي اڳواڻ اهڙا بيان اڪثر ڏيندا رهندا آهن جن سان سان سندن ذات تي ڪو فرق نه پوندو آهي.پي ايس پي سربراهه 2018ع جي عام چونڊن کان اڳ اهو بيان ڏنو هو ته پي ايس پي اليڪشن ۾ نه رڳو ڪراچي سويپ ڪندي پر سنڌ جو وڏو وزير به پي ايس پي جو ٿيندو پر اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن ميڊيا مصطفيٰ ڪمال کي ڳولهيندي ئي رهي ٿي
سنڌ جو هاڻوڪو وڏو وزير به اهڙن سياسي لطيفن ۾ ٻين کان ڪنهن به طرح پوئتي ناهي.هڪ دفعي فرمايو هئائين ته سنڌ ۾ ٿيل شاندار ترقيء جو ثبوت اهو آهي جو سندس ڳوٺ واهڻ جتي ڪنهن زماني ۾ رڳو ٽي موٽر سائيڪلون هيون اتي هاڻي سوين موٽر سائيڪلون ڊوڙندي نظر اچن ٿيون.
ماضيء جون حڪومتون پڻ يو ٽرن وٺنديون رهيون آهن.مثال ملڪ ۾ بجليء جي کوٽ ختم ٿي چڪي آهي يا ٿر ۾ بکن وگھي ٻار نه پيا مرن يا وري ملڪ جي معيشت مستحڪم ٿي چڪي آهي،انهن سمورن بيانن کي عوام هميشه ابتو ڪري پڙهندو هو.
ڪپتان تي تنقيد جا تير هلائڻ وارن کي عرض آهي ته اهي صبر جا ڍڪ پيئن،سندس حڪومت کي اڃا مس سو ڏينهن ٿيا آهن سو سندس انهن سو ڏينهن ۾ صرف سو سياسي لطيفا به عوام کي ٻڌڻ لاء نه ملن ته پوء سياست ڪهڙي؟
آخر ۾هڪڙو سياسي لطيفو اهو به آهي ته وزيراعظم عمران خان فرمايو آهي ته پاڪستان ترت ئي قرض وٺندڙ ملڪن جي فهرست مان نڪري قرض ڏيندڙ ملڪن ۾ شامل ٿي ويندو.جناب وزير اعظم کي ڪير ٻڌائي ته مهانگائيء پاران عوام جي چيلهه چٻي ٿيڻ بعد هاڻي بجليء سان گڏوگڏ گئس به اڻ لڀ بڻجي چڪي آهي!


(روزاني هلال پاڪستان 15 ڊسمبر 2018ع)