Thursday, November 29, 2018

صوفيء صاف ڪيو. تصوف؛غلط فهميون،گمراهيون ۽ علم.




شفيق الرحمان شاڪر
حضرت شيخ مجلس ۾ فرمائي رهيا هئا ته اي حق جا طالب! توکي معلوم هئڻ گھرجي ته اسان جي دور ۾ ماڻهو حرص ۽ هوس ۾ گرفتار ٿي حقيقي طريقت جي علم کان پري ٿي چڪا آهن.خدا جي رضا کان ڪنارو ڪري حق جي عالمن واري طريقي کان ڀٽڪي ويا آهن.اڄ جيڪي ماڻهو تصوف ۽ طريقت جا دعويدار نظر اچن ٿا اهي اصل ۾ حقيقي طريقت جي ابتڙ عمل ڪري اهل طريقت کي بدنام ڪري رهيا آهن.تصوف جي انهن نقلي دعويدارن رڳو ظاهر جي ڪجهه شين تي ڪفايت ڪري رکي آهي ۽ تحقيق جو رستو ڇڏي انڌي پيرويء ۾ گرفتار ٿي پيا آهن.حضرت شيخ فرمائڻ لڳا؛ جنهنجي بيماريء جي دوا ڪنهن گھٽ درجي واري شيء ۾ هجي اهو مرواريد ۽ مرجان جي ڳولا ڇو ڪري؟ الله تعاليٰ اسان کي اهڙي دور ۾ پيدا ڪيو آهي جو ماڻهن پنهنجن خواهشن جو نالو شريعت،دولت ۽ طاقت جي محبت جو نالو عزت، تڪبر جو نالو علم، ڏيکاء جو نالو پرهيزگاري ، بي دينيء جو نالو فقيري ۽ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي واٽ کي ترڪ ڪرڻ جو نالو طريقت رکي ڇڏيو آهي. ان ڪري معرفت ۽ حقيقت جي صاحب بزرگن اهڙن  ماڻهن کان پاسو ڪري وڃي ڪنڊ وسائي آهي. سو اي حق جا طالب! جيئن ته روح هن جهان ۾ پنهنجن جسمن سان گڏجي اخلاص واري درجي کان هٽي اهڙا ته مغرور ٿي ويا آهن جو انهن جا عقل الاهي اسرار سمجھڻ کان لاچار ۽ سندن  روح حق جي قرب کان پردي ۾ ڍڪجي ويا آهن.جنهنجو نتيجو اهو نڪتو آهي جو انسان پنهنجي هستي ۽ انا سبب غفلت جي اونداهين ۾ غرق ٿي ويو آهي ۽ خاص بندن واري مقام  ۾ هستيء جي ان حجاب سبب عيبدار بڻجي ويو آهي.پوء فرمائڻ لڳا ته الله تعاليٰ جي هن ارشاد ۾ ان طرف ئي اشارو آهي جو الله تعاليٰ فرمايو ته “ زماني جو قسم ته انسان سراسر نقصان ۾ آهي .“ ۽ اهو به فرمايو ويو ته ” انسان پڌرو ظالم ۽ نادان آهي.“ پوء فرمائڻ لڳا ته انسان جسم ۽ روح جي ملاوت جي ڪري حق جي مشاهدي کان محروم آهي ۽ دنيائي حرص ۽ هوس ۾ ڦاسي حق جي حضور پهچڻ کان پري ٿي ويو.انهن کي حيواني نفس اهڙو ته قابو ڪيو جو انهن جي سموري ڊوڙ ڊڪ ۽ خواهشون ان حيواني نفس جي حڪم جو پابند بڻجي وييون.پوء حالت اها ٿي ويئي جو سواء کائڻ پيئڻ،سمهڻ ۽ حيواني خواهشن  ٻي ڪنهن به شيء جو ڌيان نه رهيو.ان ڪري الله تعاليٰ پنهنجن دوستن کي انهن ڳالهين کان بچڻ جو حڪم فرمايو آهي جيئن خالق حقيقي حڪم فرمايو ته ” دنيا وارن کي ڇڏي ڏيو ته اهي کائين ۽ فائدو کڻن ۽ آسن ۾ مست رهن،ترت ئي کين پتو پئجي ويندو.“ پوء حضرت شيخ فرمائڻ  لڳا ته جيڪو نفس اماره جي ڄار ۾ ڦاسي وڃي ٿو انهيء تي الاهي اسرار ڪڏهن به نٿا کلن. اهو نفس انسان کي هميشه لاء خوار ۽ خراب ڪري ڇڏي ٿو ڇوته اهو هميشه رڳو بڇڙائيء جو ئي حڪم ڏيندو آهي.جيئن قرآن ڪريم ۾ فرمايو ويو ته ” بيشڪ نفس ته رڳو برائيء جو حڪم ڏيندڙ آهي.“
ان کان پوء علم حاصل ڪرڻ جي فرض هئڻ ۽ ان جي اهميت جو ذڪر ڪندي حضرت شيخ فرمائڻ لڳا ته الله تعاليٰ رباني عالمن جي صفت اها بيان ڪئي آهي ته “ بيشڪ خدا جي بندن مان عالم ئي خدا جو خوف رکن ٿا.“ ان ڪري اي حق جا طالب! علم جو ڪو دنگ ئي ناهي ۽ اسان جي زندگي نهايت ئي مختصر آهي.ان ڪري هر شخص تي سمورا علم حاصل ڪرڻ فرض قرار نه ڏنو ويو آهي. پر انهن سمورن علمن مان ايترو سکڻ جيترو شريعت جي حڪمن کي سمجھڻ لاء ضروري آهي سو فرض آهي.پر اهڙا علم جن مان ڪنهن کي ڪو نفعو نه پهچي اهڙن علمن جي مذمت ڪئي ويئي آهي. جيئن قرآن ڪريم ۾ فرمايو ويو ته ” اهي اهڙيون شيون سکن ٿا جيڪي انهن کي نقصان پهچائين ٿيون  ۽ نفعو نٿيون پهچائين.“خود رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم جن پاڻ به اها دعا گھرندا هئا ته ” اي خدا! آئون پناهه گهران ٿو اهڙي علم کان جيڪو نفعو نه پهچائي.“ پوء حضرت شيخ تنبيهه ڪرڻ لڳا ته ياد رکڻ گھرجي ته علم سان گڏ عمل به ضروري آهي پر عمل وري بنان علم جي ضايع آهي.ان ڪري ئي رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته ” بي علم عبادت گذار ان گڏهه جيان آهي جيڪو اٽي جي چڪيء سان ٻڌل هجي.“ يعني چڪيء سان ٻڌل گڏهه توڙي جو سڄو ڏينهن هلندو ۽ حرڪت ڪندو رهي ٿو پر اهو ڪوبه فاصلو طيء ڪرڻ بدران رڳو پنهنجي محور تي ئي ڦرندو رهي ٿو.وري علم بي عمل جو مثال ڏيندي فرمائڻ لڳا ته حضرت ابراهيم بن ادهم رحه فرمائين ٿا ته مون رستي ۾ ڪو پٿر پيل ڏٺو جنهن تي لکيل هو ته ” مونکي اٿلائي ڏس!“ مون جڏهن ان کي اٿلايو ته ان تي لکيل هو ته ” جڏهن تون پنهنجي علم تي عمل نٿو ڪرين ته پوء اهڙي شيء جي ڳولا ڇو ٿو ڪرين جنهنجو توکي علم ناهي.“حضرت شيخ تنبيهه ڪري رهيا هئا ته جيڪو شخص دنيا جي عزت ۽ مشهوري حاصل ڪرڻ لاء علم حاصل ڪري ٿو اهو حقيقت ۾ عالم سڏائڻ جو حقدار ڪونهي ڇوته دنيا جي ڪوڙي عزت ۽ مرتبي جي خواهش ڪرڻ بذات خود هڪ وڏي جهالت آهي سو اهڙي جاهل کي عالم ڪيئن ٿو چئي سگھجي؟پوء علم جي قسمن جو ذڪر ڪندي حضرت شيخ فرمائڻ لڳا ته علم ٻن قسمن جو آهي هڪڙوخالق جو ۽ ٻيو مخلوق جو.خالق جو علم سندس ذاتي صفت آهي ساڻس گڏ قائم ۽ دائم آهي ۽ سندس ڪنهن به صفت جي ڪا حد يا انتها ناهي.سندس علم موجود توڙي غائب سمورين شين تي هروقت ڇانيل آهي ۽ اسان جو يعني مخلوق جو علم اسان جي صفت آهي جيڪا خدا تعاليٰ طرفان عطا ڪيل آهي ۽ اها اسان سان قائم ۽ فاني آهي.مخلوق جون سموريون صفتون محدود آهن ان ڪري مخلوق جو علم خالق جي علم جي مقابلي ۾ ڪابه حيثيت نٿو رکي ڇوته رب ڪريم فرمايو ته ” اوهان کي جيتري قدر به علم جو حصو ڏنو ويو آهي اهو بلڪل ئي ٿورو آهي.“  الله تعاليٰ جوعلم سندس ذاتي صفت آهي،هن لاء موجود ۽ غائب ٻئي برابر آهن.ان علم ۾ نه ڪا مخلوق شامل آهي ۽ نه ئي هن جو علم جزن يا حصن ۾ ورهائجي سگھي ٿو ۽ نه ئي اهو علم سندس ذات کان جدا ٿي سگھي ٿو.اتان اهو نڪتو ذهن نشين ڪرائيندي حضرت شيخ فرمائڻ لڳا ته حق جي طالب کي هروقت اهو پختو ايمان رکڻ گھرجي ته هو هروقت مالڪ جي علم ۽ مشاهدي هيٺ آهي ۽ هو هن جي هر فعل ۽ عمل کي ڏسي رهيو آهي.پوء حضرت شيخ هڪڙو واقعو بيان ڪرڻ لڳا ته بصري جي شهر ۾ ڪو رئيس هو.هڪ ڏينهن هو پنهن جي باغ ۾ ويو ته باغبان جي زال جي حسن تي سندس دل هرکجي پيئي.رئيس ڪنهن بهاني سان سندس مڙس کي ٻاهر موڪلي ڇڏيو ۽ عورت کي چيائين ته دروازا بند ڪر.عورت واپس اچي چيو ته مون سمورا دروازا بند ڪري ڇڏيا آهن پر هڪڙو دروازو مون کان بند ئي نٿو ٿئي.رئيس حيرت مان پڇيو ته ڪهڙو دروازو؟ عورت چيو ته الله تعاليٰ وارو دروازو جيڪو هن ۽ پنهنجي وچ ۾ آهي.رئيس پشيمان ٿي توبه استغفار ڪيو.حضرت حاتم بن اثم رحه جو قول نقل ڪندي حضرت شيخ فرمائڻ لڳا ته حاتم بن اثم رحه فرمايو ته جڏهن کان مون چئن شين جو علم حاصل ڪيو آهي دنيا جي ٻين سمورن علمن جي مون کي ڪا ضرورت نه رهي آهي.پڇيو ويو ته اهي چار شيون ڪهڙيون آهن؟ فرمايائون ته پهرين اها ته مون ڄاڻي ورتو آهي ته منهجو رزق منهنجي مقدر ۾ لکجي چڪو آهي جيڪو گھٽ وڌ ٿي نٿو سگھي.ان ڪري مون وڌيڪ رزق جي خواهش ڪرڻ ئي ڇڏي ڏني آهي. ٻي شيء اها ته آئون ڄاڻي چڪو آهيان ته الله تعاليٰ جو مون تي حق آهي جنهن کي مون کان سواء ٻيو ڪو ادا ڪري نٿو سگھي ان ڪري ان جو حق ادا ڪرڻ لاء آئون هروقت مشغول رهان ٿو.ٽين ڳالهه اها ته مون ڄاڻي ورتو آهي ته مون کي ڪو ڳولهي رهيو آهي ۽ مون ان کي سڃاڻي ورتو آهي ته اهو موت آهي جنهن کان آئون ڪنهن به طرح ڀڄڻ جي واٽ اختيار ڪري نٿو سگھان ان ڪري آئون هروقت ان جي لاء تياري ڪندو رهان ٿو.چوٿين ڳالهه اها ته مون ڄاڻي ورتو آهي ته منهنجو هڪ مالڪ آهي جيڪو هروقت مون کي ڏسي رهيو آهي ان ڪري آئون ان کان حيا ڪريان ٿو ۽ سندس نافرماني نٿو ڪيان.

Wednesday, November 28, 2018

ڪپتان سان آخر ڪهڙو مسئلو آهي؟





شفيق الرحمان شاڪر
ڪو مڃي يا نه پر اها حقيقت آهي ته عمران خان ذاتي طور تي نه ته بدديانت آهي  ۽ نه ئي دوکيباز ۽ نه ئي بدنيت.پر تبديلي ته پري رڳو حڪومت جيئن تيئن هلائڻ لاء به فقط انهن ئي خوبين جو هئڻ ڪافي ناهي هوندو. بلڪه جڏهن اوهان ڪو اهڙو نظريو سا سوچ کڻي صدين جي اسٽيٽس ڪو  کي للڪاريو ٿا ته اتي خطرا ۽ چيلينج نهايت ئي وڌي ويندا آهن جو هڪ مدي خارج ڪرپٽ نظام ۽ انهيء تي شروع کان ڪنهن نه ڪنهن طرح قابض طاقتور مافيا سان مهاڏو اٽڪائڻ ڪا ٻارن جي راند نه هوندي آهي. اصل ڳالهه اها ناهي هوندي ته اوهان ڪيترا سچا، مخلص ۽ درد دل رکندڙ آهيو پر ناڪاميء جو بنيادي سبب اهو جڙندو آهي جو اوهان کي اها خبر نه هوندي آهي ته اوهان جو حريف  ڪيڏو چالاڪ،مڪار،طاقتور ۽ اٽڪلباز آهي! اها ڳالهه ته هيستائين صاف ۽ واضح ٿي چڪي آهي ته جناب عمران خان ۽ سندس ٽيم حڪومت سنڀالڻ کان پهرين ان سلسلي ۾ ڪوبه اڳواٽ هوم ورڪ نه ڪيو هو جنهن ڪري مختلف اهم مامرن ۾ وک وک تي مونجھارا محسوس ٿي رهيا آهن جيڪي وقت گذرڻ سان گڏوگڏ  عوامي مايوسين جي شڪل اختيار ڪنداٿا وڃن.ڪن مامرن ۾ ان مايوسيء جون حقيقتون ٺوس سبب به رکن ٿيون پر مايوسين جي هڪ ڊگھي لسٽ اها به آهي جيڪا خود عمران خان جي حڪومت پنهنجن ڊگھين دعوائن  ۽ سامهون هن جي سالن جي تجربي ڪار ۽ چالاڪ سياسي ٻاون پنهنجي پوري پراڻي سنگت ذريعي سر جي انداز ۾ هر هنڌ ڳائيندي ، وڄائيندي  ۽ عوام کان انهيء تي زبردست داد وصول ڪندي پيدا ڪئي آهي. اسان جي عوام ۾ هونئن به جذباتيت ۽ جلدبازي ڪٽي ڪٽي ڀريل آهي سو اهي به ڪنهن به معاملي جو حقيقت پسندي ۽ انصاف سان جائزو وٺڻ بدران يا ته ڪنهن رهبر کي آسماني مخلوق بنائي ڇڏيندا آهن يا وري کيس انهن سمورين خرابين جو به ذميدار قرار ڏيئي کيس خوار ڪندا رهندا آهن جن خرابين ۾ ڀلي هن جو ٽڪي جو به عمل دخل نه رهيو هجي.اهو اسان جو هڪ خطرناڪ قومي رجحان آهي جيڪو اسان جي ذاتي زندگين کان وٺي ادارن تائين پسي سگھجي ٿو جن ادارن ۾ سوشل ميڊيا سان گڏ عام ميڊيا جو به هڪ ڳچ حصو شامل آهي.حالانڪ ميڊيا بنيادي طور تي ڪو سياسي گروپ نه پر حڪومتن توڙي مخالف ڌر تي واچ ڊاگ جو ڪم ڪندو آهي پر اسان وٽ حقيقتن کي لڪائڻ يا مسخ ڪرڻ،ڪنهن جي ڪردار سازي يا ڪردارڪشيء ۾ ميڊيا جي ملايل حصي جو ڏاڍ مڙسيء سان ڀلي انڪار ٿيندو رهي پر حقيقت اها آهي ته اڪثر انصاف جون گھرجون پوريون نٿيون ڪيون وڃن.انهيء جا جيڪي سبب هجن پر سچ اهو آهي ته هن وقت ميڊيا جو هڪ حصو موجوده حڪومت جي ڪاميابين ۽ ڪامرانين جي ساراهه ۽ وزير اعظم جي دورانديشي جا داستان ٻڌائيندي نٿو ٿڪي ۽ ملڪ ۾ سموري تباهي ۽ خرابيء جو ذميدار ڪجهه خاص سياسي ڌرين کي ئي قرار ڏئي رهيو آهي جڏهن ته ميڊيا جو هڪ ٻيو حصو وري ماضيء جي انهن سمورين ناڪام پاليسين ۽ منصوبن جي لاء به موجوده حڪومت جو گھيراء ڪندي نظر اچي ٿو سو جتي هڪ طرف حڪومت ۽ مخالف ڌر گڏجي عوام جون متيون منجھايون آهن اتي ان قسم جي ميڊيا به وسان نه گھٽايو آهي.بهرحال،هاڻي اچون ٿا ان معاملي طرف ته آخر ڪپتان سان ڪهڙو مسئلو آهي.ٻن ،مسئلن جو ذڪر ته اچي چڪو ته عمران خان ۽ سندس ٽيم اڳواٽ ڪوبه هوم ورڪ نه ڪيو هو شايد انهن کي اها خوشفهمي يا غلط فهمي هئي ته هنن ۾ ايتري ته ذهانت، قابليت ۽ صلاحيت موجود آهي جو هو حڪومت ملندي ئي سڀ سڌو ڪري وٺندا ، جيڪر ايئن آهي ته پوء اها به هڪ خطرناڪ بيماري” اوور ڪانفيڊنس “آهي. ٻين لفظن ۾ ڪنهن به مقابلي ۾ پنهنجي حريف کي ڪمزور سمجھڻ پنهنجي شڪست جي امڪان طرف پهريون قدم هوندو آهي.عمران خان جي لاء ٻيو اهم مسئلو سندس پنهنجي ناتجربيڪاري ۽ سامهون تجربيڪار ۽ وڙهيل چڙهيل سياسي حريف آهن جن مان سڀني سان هو هڪ ئي وقت سياسي طور تي ڦٽايو ويٺو آهي.عمران خان سان ٽيون مسئلو هن جا پنهنجا ۽ سندس وزيرن مشيرن جا غير ذميداراڻا ۽ غيرضروري بيان آهن جن تي سندس حڪومت کي يا ته بار بار يو ٽرن يا مختلف تاويلون ڪرڻيون پئجي رهيون آهن.ڪجهه اهڙا ڳجھا معاملا جيڪي مختلف رياستي ادارن ۽ حڪومت جي وچ ۾ بحث هيٺ اچن ٿا عمران خان جا ڪجهه هلڪا وزير ۽ مشير انهن معاملن کي به کڻي آڻي ميڊيا جي سونهن بنائين ٿا جنهن ڪري به ڪيترائي مونجھارا ۽ غلطفهميون جنم وٺي رهيون آهن.هڪ ٻيو اهم مسئلو جيڪو هن وقت عمران خان کي درپيش آهي سو اهو ته تحريڪ انصاف جي شروعاتي ۽ نظرياتي ماڻهن مان عمران خان وٽ هاڻي رڳو چند ماڻهو ئي رهجي ويا آهن ٻي باقي سموري فوج انهن اڳواڻن جي آهي جن جي اڪثريت پاڪستان پيپلز پارٽيء سان اختلافن سبب اها پارٽي ڇڏي عمران خان وٽ آئي آهي ۽ انهن مان گھڻا پي پي جي ڀيٽ ۾ نون ليگ جي باري ۾ وڌيڪ سخت موقف رکن ٿا ۽ انهن جوٽارگيٽ رڳو نون ليگ ئي بڻيل آهي.اهي اڳواڻ عمران خان کي ڪنهن نه ڪنهن طرح متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته پي پي قيادت خلاف سخت موقف اختيار نه ڪرڻ گھرجي.جنهن جو ثبوت اوهان کي ان صورت ۾ ملندو ته پي پي قيادت پاران عمران خان خلاف نهايت ئي سخت زبان اختيار ڪرڻ باوجود تحريڪ انصاف جي وزيرن ۽ مشيرن طرفان ان تي ڪو خاص ردعمل نٿو اچي. هاڻي عمران خان جي لاء مشڪل اها آهي جو هو جيڪر پنهنجن اهڙن مشيرن جي ان راء سان اتفاق ٿو ڪري ته پوء حڪومت جي سمورين احتسابي دعوائن جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري ويندي ۽ دنيا محسوس ڪرڻ لڳندي ته تحريڪ انصاف به ماضيء جي حڪمرانن جيان رڳو هڪ خاص سياسي ڌر کي انتقام جو نشانو بڻائي رهي آهي.عمران خان حڪومت  ڪريڊٽ کڻڻ جي چڪر هڪ ٻيو مسئلو به هروڀرو پنهنجي ڳچيء ۾ وجھڻ تي سندرو ٻڌي بيٺل نظر اچي ٿي سو آهي احتساب واري جاري عمل ۾ خوامخواهه ٽپي پوڻ.هي ٻڌجي ويندو،هن کي جيل ۾ وڌو ويندو وغير وغيره حالانڪه احتساب جي عمل لاء جڏهن ادارا موجود آهن ته پوء اهڙي بيانبازي ڪرڻ جو ڪو جواز موجود ناهي ۽ نه ئي انهيء جو ڪو فائدو آهي سواء انهيء جي جو حڪومت پنهنجي اصل ڪم ۽ ٽارگيٽ کان هٽي ڪري سخت سوالن  ۽ تڪرارن جي گھيري ۾ اچي وڃي.حڪومت کي ته پنهنجو سمورو ڌيان انهن فضول قسم جي بحثن ۾ کپائڻ بدران عوامي ڀلائيء جي منصوبن ۽ حڪومتي ادارن کي درست ڪرڻ طرف لڳائڻ گھربو هو جيڪو بدقسمتيء سان حڪومت هيل تائين نه ڪري سگھي آهي.


(روزاني هلال پاڪستان 26 نومبر 2018ع)

Monday, November 26, 2018

احتساب عدالت کان يو ٽرن تائين!




شفيق الرحمان شاڪر
خبر اها آهي ته اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف احتساب عدالت ۾ بيان ڏنو آهي ته سندس قومي اسيمبليء ۾ ڪيل تقرير ۽ قوم جي سامهون ڪيل خطاب کي سنجيدگيء سان نه ورتو وڃي جو هن اهي سموريون ڳالهيون سندس پٽن جي چوڻ تي ڪيون هيون.ساڳي عدالت جي هڪ ٻي ڪاروائيء دوران ميان صاحب نهايت ئي جذباتي انداز ۾ پنهنجي مظلوميت جو داستان ٻڌائيندي چيو ته سندس پٽن کي پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪرڻ نه ڏنو ويو جنهن ڪري انهن ٻاهرين ملڪن ۾ ڪاروبار ڪيو جيڪر اهي ڪاروبار نه ڪن ها ته ڇا ماڻهن کان خيرات وٺي گذارو ڪن ها؟
جڏهن ملڪ جو ٽي دفعا وزيراعظم رهندڙ ۽ دنيا کي پارليامينٽ ۽ عوامي ووٽ کي عزت ڏيڻ جا ڀاشڻ ڏيندڙ رهبر اهو چوي ته سندس پارليامينٽ ۾ ڪيل تقرير رڳو دل لڳي هئي ۽ ان جي ڪا قانوني ۽ اخلاقي حيثيت ئي ناهي ته پوء ان جمهوري رويي تي رڳو فخر وچان ڪنڌ لوڏي ڊانس ئي ڪري سگھجي ٿي. رهيو سوال ميان صاحب جي ان شڪايت جو ته سندس پٽ جيڪر ڪاروبار نه ڪن ها ته ڇا خيرات گھري گذارو ڪن ها ته خيرات گھرن ميان صاحب جا دشمن! هونئن به خيرات تي گذارو ته ويچاري غريب عوام جو ئي رهندو ٿو اچي،بادشاهه ته سدائين بادشاهه ئي رهندا ٿا اچن پوء اهي ريل ۾ هجن يا جيل ۾.هونئن ڏٺو وڃي ته پنهنجي ڳالهه يا بيان تان ڦري وڃڻ جهڙي تهڙي جي وس جي ڳالهه ناهي.اسان وٽ البت اسان جا سياستدان ۽ حڪمران ان ڏات ۾ ڄائي ڄمندي پاڻ ڀرا آهن. اهي جڏهن هڪٻئي کي يوٽرن وٺڻ جا مهڻا ڏين ٿا ته جمهوريت جو سمورو حسن نکريو نروار ٿيو پوي.انهيء معاملي ۾ سياستدانن کي دوش ڏيڻ آهي ئي اجايو جو اسان جي سياست جو مثال ڪوئلن جي دلاليء وارو آهي جنهن مان هٿ به ڪارا ته منهن به ڪارو!سياست جي ان ڪاراٺ عوام کان وٺي ادارن تائين ڪنهن ۾ ڪابه سٿرائپ رهڻ ئي نه ڏني آهي.
هڪ ٻي حيرت ۾ وجھندڙ خبر اها به آهي ته پاڻيء جو معيار جاچڻ لاء پوري ملڪ ۾ قائم ڪيل چوويهه ليبارٽرين مان ڪابه ڪم جي نه رهي آهي ۽ اهي سڀ سوڙ ويڙهي سمهي پييون آهن.جتي نيتون ئي صاف نه هجن اتي پاڻيء جي شفافيت جي اميد رکڻ ئي بيوقوفي آهي.اها ڳالهه هاڻي پراڻي ٿي چڪي آهي ته مختلف سرڪاري اسپتالن ۾ وڏين رقمن سان خريد ڪيل مختلف مرضن جي ٽيسٽ ڪرڻ جون مشينون اڪثر کوکن ۾ ئي بند پيل آهن ته جيئن نجي ليبارٽرين جو نفعي بخش ڌنڌو ڪٿي ٻاڙائيء جو شڪار نه ٿي وڃي.پر عوام کي مبارڪون هجن جو هاڻي پاڻي صاف ڪرڻ جون مشينون به رحلت فرمائي وييون آهن.اسان غريب هڪ اهڙي مثالي معاشري ۾ پنهن جي زندگيء جا پساهه ڳڻيون ٿا جتي ڪوبه ٻئي جي ”مهربانين “ کان محفوظ ناهي.دوائن کان وٺي کاڌي پيتي جي هر اسم تائين بازار ۾ سستو ايڊيشن هر وقت موجود ملي ٿو جيڪو خوشقسمتيء سان هول سيل جي حساب سان اسان غريبن جي ئي جھوليء ۾ ڪري ٿو.
هڪڙي خبر اها آهي ته لاهور جي جي او آر ون سان لاڳاپيل حضرت شاهه شمس قادريء جي درگاهه جي نالي تي وقف ٿيل ٽيهه ڪينالن کان مٿي ايراضيء واري زمين صرف نو سو روپيا في مرلا جي نهايت ئي ”ڪفايتي“ اگھه سان پنجاب جي اڳوڻي خادم اعليٰ جي ”خدمت“ واري جذبي هيٺ لاهور ڊولپمينٽ اٿارٽيء جي حوالي ٿي ويئي،يعني پهرين کان وقف ٿيل زمين ڪنهن وڏي پيٽ واري کي ٻيهر ”وقف“ ٿي ويئي ته جيئن سندن درٻارون قائم ۽ سلامت رهن.حيرت نه هئڻ گھرجي ته حرص ۽ هوس جا پوڄاري خدا جي درويشن جي درگاهن کي به معاف ڪرڻ لاء ڇو تيار ناهن؟ ۽ نه ئي ان تي ڪو ماتم ڪرڻ جي ڪا خاص ضرورت آهي ته قانون مطابق وقف ٿيل ڪابه جائيداد يا زمين وغيرهه هرگز وڪڻي نٿي سگھجي.هاڻي جڏهن ان معاملي جي جاچ ٿي رهي آهي ته پڪ سان پارليامينٽ جي ايندڙ اجلاس ۾ ڪنهن پوائنٽ آف آرڊر تي اهو بحث ضرور ٻڌجو ته اسان کي ”سياسي انتقام“ جو نشانو بنايو پيو وڃي.
فيصل آباد ۾ اسان جي ”قانون جي نگهبانن“ جي ڪارنامي متعلق اها خبر ته اوهان ضرور ٻڌي هوندي ته اتي انهن قانون پسند رهبرن اهڙو ته خوبصورت منظر پيش ڪيو جو ملڪ جو دنيا ۾ فخر وچان سر اڀو ٿي وڃي آسمان سان لڳو.پهرين جلوس ۽ نعرا،پوء عدالت جي اندر پيل ڪرسين جي ننڍي عام ڀڃ اپت ڪڍي ويئي،ڊپٽي ڪمشنر پاران منعقد ڪيل اجلاس ”قانوني طريقي“ سان بند ڪرائي ان کي سندس دفتر ۾ قيد ڪري ڇڏيو.ويچارن پوليس وارن تي لتون ۽ مڪون وسائڻ ته معمول جي ڪاروائي آهي.مٿان وري عدالتن جو بائيڪاٽ غريب ماڻهن کي تڪڙو انصاف مهيا ٿيڻ طرف اهم قدم هوندو آهي.باقي رهيو روڊ رستا بند ڪرڻ ته انهيء سان ٽريفڪ ۾ ڦاٿل ايمرجنسيء وارن مريضن کي اهو محسوس ڪرائڻ ضروري  هوندو آهي ته ملڪ ۾قانون جي ڪيڏي نه زبردست حڪمراني قائم آهي.
مطلب اهو ته جنهن کي به جتان وس ٿو لڳي غريبن جو ماس روڙڻ ۽ سندن کل اڍيڙڻ کي ئي پنهنجي افضل عبادت سمجھي ٿو.باقي رهيو اشرافيا جهڙي آسماني مخلوق جو بادشاهي طبقو انهن جا ٺٺ ئي ٺٺ لڳا پيا آهن.خدا ڪري ويچارو عوام تبديليء جي ايندڙ سيلاب مان صحيح سلامت بچي وڃي نه ته جيڪر عوام ئي پورو ٿي ويو ته پوء اهي حڪومت ڪنهن تي ڪنداجن مان هڪڙا چون ٿا ته اسان جي اسيمبليء ۾ ڪيل تقريرن کي سنجيدگيء سان نه وٺندا ڪريو! ٻيا چون ٿا ته جيڪر اسان ڪرپشن هيٺ گرفتار ٿياسين ته وڌيڪ مشهور ٿينداسين ۽ ڪي چون ٿا ته عظيم ليڊر ٿيڻ لاء يوٽرن وٺڻ ضروري آهي.

(روزاني هلال پاڪستان 24 نومبر 2018ع)

Sunday, November 25, 2018

پنهن جو پاڻ کي اذيت پهچائڻ وارو رويو.


سنڌيڪار ؛ شفيق الرحمان شاڪر
پنهنجو پاڻ کي اذيت پهچائڻ اهو عمل آهي جڏهن ڪو ڄاڻي واڻي پنهنجو پاڻ کي تڪليف يا نقصان پهچائيندو آهي.ان جا ڪيترائي طريقا ٿي سگھن ٿا.مثال ؛ گھڻي مقدار ۾ منشيات يا دوائن جي استعمال سان،پنهنجوپاڻ کي وڍڻ يا زخمي ڪرڻ  يا ساڙڻ سان،مٿويا جسم ڪنهن سخت شيء سان ٽڪرائڻ سان،ڪنهن سخت شيء کي جسم ۾ ٽنبڻ يا ڪا نقصانڪار شيء ڳورڻ سان.ٻين ماڻهن کي محسوس ٿي سگھي ٿو ته ماڻهو ٿڌي دماغ سان ۽ ڄاڻي ٻجهي شايد نااميديء سبب اهڙا قدم کڻن ٿا.حقيقت ۾ جيڪي ماڻهو به پنهنجوپاڻ کي اذيت پهچائين ٿا اهي سخت پريشاني، تڪليف، مايوسي،رنج ۽ ناقابل برداشت اندروني هيجان جي اثر هيٺ ايئن ڪندا آهن.ڪجهه ماڻهو ايئن ڪرڻ لاء اڳواٽ رٿابندي ڪندا آهن،ڪجهه اوچتو ايئن ڪري ويهندا آهن.ڪجهه ڪڏهن وقتي طور تي پنهنجو پاڻ کي نقصان پهچائيندا آهن ته ڪجهه وري وري اهو ڪرڻ لڳندا آهن،اهڙيء طرح اها انهن جي خطرناڪ عادت بڻجي ويندي آهي.اسان مان ڪي ماڻهو غير واضح پر خطرناڪ طريقي سان پنهنجو پاڻ کي اذيت پهچائين ٿا.ٿي سگھي ٿو ته اسان ڪو اهڙو رويو اختيار ڪيون جيڪو ظاهر ڪري ته اسان کي زندگي يا موت جي پرواهه ناهي رهي.تحقيق مطابق ڪڏهن نه ڪڏهن هر ڏهن مان هڪ نوجوان شخص پنهنجو پاڻ کي اذيت پهچائي ٿو.اهو فعل مردن جي مقابلي ۾ عورتن ۾ وڌيڪ آهي.هم جنس پرست ماڻهن ۾ پنهنجو پاڻ کي اذيت پهچائڻ جو لاڙو وڌيڪ هوندو آهي.ڪڏهن ڪڏهن نوجوان ٽولن جي صورت ۾ پنهنجو پاڻ کي اذيت پهچائين ٿا،جيڪر اوهان جو ڪو دوست پنهنجو پاڻ کي اذيت پهچائي ٿو تڏهن ان ڳالهه جا امڪان وڌي ٿا وڃن ته اوهان به پنهنجو پاڻ کي اذيت پهچائڻ شروع ڪيو.جيڪي ماڻهو پنهنجو پاڻ کي اذيت پهچائين ٿا انهن ۾ ان ڳالهه جو امڪان گھڻو هوندو آهي ته انهن سان ننڍپڻ ۾جسماني يا جنسي تشدد ٿيو هجي.تحقيق ذريعي جيڪي انگ اکر سامهون اچن ٿا،حقيقت ۾ پنهنجو پاڻ کي ايذائڻ جي شرح ان کان گھڻي آهي ۽ سروي موجب چار هزار ماڻهو جيڪي پنهنجو پاڻ کي اذيت ڏيڻ سبب اسپتالن ۾ آندا ويا هئا انهن مان اسي سيڪڙو ماڻهن دوائون زياده مقدار ۾ استعمال ڪيون هيون ۽ اٽڪل پندرهن سيڪڙو اهي هئا جن پنهنجو پاڻ کي چڪ پاتا هئا. هاڻي بنيادي سوال اهو آهي ته ماڻهو پنهنجو پاڻ کي اذيت ڇو ٿا پهچائين؟انهيء جا ڪيترائي سبب ٿي سگھن ٿا.جن ۾ جذباتي معاملا ۽ مونجھارا،جسماني يا جنسي تشدد،لاڳيتو اداس رهڻ يعني ڊپريشن،پنهنجو پاڻ کي برو سمجھڻ،پنهن جي  جيون ساٿي،ڪنهن دوست يا رشتيدار سان ڇڪتاڻ وارا لاڳاپا هئڻ،يا اهو محسوس ڪرڻ ته ماڻهو اسان جي ڳالهه نٿا ٻڌن،مايوسين جو وڌي وڃڻ،اڪيلائي محسوس ڪرڻ،اجايي غصي جي حالت ۾ بي قابو ٿي وڃڻ،بيوسي محسوس ڪرڻ ته سامهون آيل صورتحال کي بدلائڻ لاء آئون ڪجهه نٿو ڪري سگھان،منشيات ۽ الڪوحل جو ايترو استعمال جو اهي اثر ڪرڻ ئي ڇڏي ڏين،ڪنهن شخص کان بدلي وٺڻ جي ڪوشش باوجود بدلو نه وٺي سگھڻ وغيره.
اهو سمجھڻ گھرجي ته پنهنجو پاڻ کي اذيت پهچائڻ وارن مان گھڻا نفسياتي مريض نه هوندا آهن پر ڪجهه ماڻهو ڊپريشن جا مريض ٿي سگھن ٿا.ڪجهه ماڻهن ۾ بيماريء جي حد تائين شخصي ڪمزوريون ٿي سگھن ٿيون ۽ ڪن کي منشيات يا الڪوحل جي عادت ٿي سگھي ٿي.بهرحال انهن سڀني کي مدد جي ضرورت هوندي آهي.انهن ماڻهن جي ان عمل کي سنجيدگيء سان وٺڻ گھرجي ۽ سندن هرممڪن مدد جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي.پنهنجو پاڻ کي نقصان پهچائڻ وارا ڪنهن کان مدد نه گھرندا آهن توڙي جو کين معلوم هوندو آهي ته اهي ڪنهن وڏي مسئلي ۾ ڦاٿل آهن پر اهي ان مسئلي جي باري ۾ ٻئي کي نٿا ٻڌائي سگھن. انهن مان اهڙا ماڻهو نهايت ئي خطري جي نشان تائين پهچي وڃن ٿا جيڪي پنهنجو پاڻ کي ايذائڻ لئي  ڪو خطرناڪ يا سخت طريقو اختيار ڪندا هجن يا باقائدگيء سان پنهنجو پاڻ کي نقصان پهچائي رهيا هجن،اهي به جيڪي سماجي طور تي اڪيلا هجن يا جن کي ڪو ذهني مرض به لڳل هجي.اهڙن ماڻهن جو ڪنهن سائڪاٽرسٽ کان معائنو ڪرائڻ ضروري آهي. اهڙن مريضن جي علاج جا ڪيترائي طريقا موجود آهن پر شايد “پرابلم سالونگ ٿراپي“ يعني مسئلن کي سڌو سنئون حل ڪرڻ طرف ڌيان ڏيڻ وارو طريقو وڌيڪ اثرائتو شمار ڪيو وڃي ٿو.جيڪر توهان مان خدانخواسته ڪو اهڙي صورتحال جو شڪار آهي ته هو پنهنجي مدد پاڻ جي اصول تحت به ڪافي بهتري آڻي سگھي ٿو.پنهنجو پاڻ کي اذيت ڏيڻ جا خيال ٿوري دير ۾ ئي هليا ويندا آهن جيڪر اوهان پنهنجو پاڻ کي اذيت ڏيڻ سواء ٿوري دير ان پريشانيء کي برداشت ڪندا ته ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن ۾ پريشاني آسان ٿي ويندي.ان صورتحال ۾ اوهان ڪنهن سان ڳالهه ٻولهه ڪري سگھو ٿا، ڪنهن دوست کي فون ڪري سگھو ٿا.جيڪر توهان ڪنهن اهڙي جڳهه تي اهڙي شخص سان گڏ آهيو جنهن سان گڏ رهڻ اوهان کي برو ٿو محسوس ٿئي ته ترت اها جڳهه ڇڏي ڏيو.ٻاهر نڪري ڪو گانو ڳايو،موسيقي ٻڌو يا اهڙو ڪم ڪريو جيڪو اوهان کي پسند هجي.پنهنجو ڌيان پريشانيء يا مسئلي تان هٽائي ڪنهن ٻئي طرف لڳايو،پنهنجو پاڻ کي پرسڪون بنايو ۽ ڪنهن وڻندڙ لمحي جو تصور ڪيو.پنهنجي جذبات جي اظهار جو ڪو ٻيو طريقو ڳولهيو جيئن برف جي ٽڪرن کي مٺ ۾ دٻائڻ وغيره،پنهنجوم پاڻ کي اذيت پهچائڻ سواء چارو نه هجي ته پنهنجو پاڻ کي نقصان نه ڏيندڙ درد پهچايو جيئن ڳاڙها مرچ يا ٿڌي برف کائڻ يا ٿڌي پاڻيء سان وهنجڻ.پنهنجي ذهن جو ڌيان مثبت شين تي رکو.ان وقت ڪو خط يا ڊائري وغيره به لکي سگھو ٿا ته ان وقت توهان سان ڇا ٿي رهيو آهي.
انهيء صورتحال جو شڪار ماڻهن جي عزيزن ۽ دوستن تي به اهم ذميداري عائد ٿئي ٿي ته اهڙا ماڻهو جڏهن پنهنجو پاڻ کي اذيت پهچائڻ گھرن ته انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪن،انهن جي احساسن کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪن ۽ پوء آهستي آهستي گفتگوء جو موضوع بدلائي وٺن.پر انهن کان رات وچ ۾ اهو عمل ڇڏڻ جي اميد نه رکڻ گھرجي جو رويا بدلجڻ ۾ وقت لڳي ٿو.انهن سان ڪاوڙ يا ناراضگيء واري انداز ۾ پيش نه اچڻ گھرجي ۽ نه ئي انهن جو معالج بنجڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي.
(روزاني هلال پاڪستان)

Friday, November 23, 2018

غير فعال بڻجندڙ حڪومتون ۽ پارليامينٽ !





شفيق الرحمان شاڪر
چوڻ لاء ته چئي سگھجي ٿو ته ڪجهه عرصو پهرين ٿيل عام چونڊن جي نتيجي ۾ قومي توڙي صوبائي اسيمبليون وجود ۾ آيون آهن،آئيني ۽ جمهوري طريقي سان حڪومتون جڙيل آهن،انهيء کان پهرين سينيٽ جون چونڊون به ٿيون هيون ۽ آخر ۾ ملڪ جو صدر به آئيني طريقي سان چونڊجي چڪو آهي.پر ان سڀ جي باوجود حقيقت ڪجهه ان طرح ٿي محسوس ٿئي ته نه رڳو تازو آيل حڪومتون سمورن سياسي ،انتظامي ۽ حڪومتي معاملن کان لاتعلق نظر اچن ٿيون پر خود پارليامينٽ جنهن ۾ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ شامل آهي اهي به مڪمل طور تي غيرفعال ۽ اڻ لاڳاپيل بڻجندا ٿا وڃن.جيڪا قومي اسيمبلي ٻن مهينن کان وڌيڪ عرصو گذري وڃڻ باوجود اڃا تائين اهو فيصلو به نه ڪري سگھي آهي ته هڪ بنيادي آئيني ضرورت بڻيل پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيء جو چيئر پرسن ڪير ٿيندو؟ ان مان پارليامينٽ جي فعاليت ۽ چستيء جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو.خود حڪومتي ڌر جي هڪ اهم وزير موجب اسيمبليء جي هڪ ڏينهن جي اجلاس تي غريب عوام جا اسي ڪروڙ روپيا خرچ ٿين ٿا پر نه ته حڪومت ۽ نه ئي مخالف ڌر عوام کي اهو ٻڌائڻ لاء تيار آهي ته قرضن ۾ ويڙهيل ملڪ ۽ مهانگائيء ۾ وڪوڙيل عوام جي ڀلائي ۽ بهتريء لاء هيستائين ڪهڙي قانونسازي ڪئي ويئي آهي؟ البت عوام ته روزانو اهو ئي ٿو ڏسي ته اهي سڀ پارليامينٽ ۾ رڳو هڪٻئي جا پٽڪا لاهڻ،هڪ ٻئي کي غيرپارلياماني لفظ ڪسڻ ۽ هڪ ٻئي جا ڄنڍا پٽڻ ۾ مست نظر اچن ٿا. اهي هڪٻئي جي خلاف ته جيڪا گلپاشي ڪن ٿا ساڪن ٿا پر پنهجن ٻين ميمبرن جي والدين ۽ خاندان وارن کي به بخش نٿا ڪن.وري جڏهن تقريرون ڪرڻ لڳن ٿا ته ماڻهن توڙي ٻين ادارن کي پارليامينٽ جي عزت ڪرڻ جا ڀاشڻ ڏين ٿا.ڪوته انهن کان پڇي ته هي جو اوهان روزانو هڪٻئي جي عزت ۽ وقار اڻ وڻندڙ لفظن ۽ نامناسب زبان ذريعي مٽيء ۾ ملائيندا رهو ٿا ان سان پارليامينٽ جي شان ۽ شوڪت ۾ ڪيترا چنڊ لڳي رهيا آهن؟مختلف گنڀير مسئلن ۽ مونجھارن توڙي غيرملڪي سازشن جي وڪڙ ۾ آيل رياست،وينٽيلٽر تي لڳل معيشت،آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ مهانگائي،ڇوليون هڻندڙ بي روزگاريء جو سمنڊ،تعليمي ادارن ۽ اسپتالن جي تباهه حالي،ملڪ جي هڪ وڏي حصي ۾ پاڻيء جي سنگين کوٽ،کاڌي جي شين توڙي دوائڻ ۾ وڏي پيماني تي ملاوت جو مامرو،ڪرپشن،بد عنواني،اقربا پروري،رشوت،مدي خارج پوليس جو نظام،وچ تي ٽنگيل بلدياتي نظام،سڪرات ۾ ورتل ملڪي قومي ادارا،بجليء جي لوڊ شيڊنگ،چوري ۽ ناجائز ڳرن بلن جي مصيبت،هيٺين عدالتن ۾ انصاف جو اذيت ڏيندڙ ۽ مايوس ڪندڙ نظام،آس پاس خطي ۾ اٿندڙ غير يقينيء جا طوفان،امن ۽ امان جي بگڙجندڙ صورتحال،مطلب ته مسئلن جا انبار ۽ مشڪلن جا ڍير آهن.پر ٻڌايو ته سهي ته اسان جي اسيمبلين ۾ انهن مان ڪهڙي شيء تي بحث ٿي رهيو آهي؟ڪي هر هر پنهنجن مخالفن تي هر قسم جي تباهيء جي ذميداريء جا الزام مڙهي رهيا آهن ته ڪي وري انهن جي جواب ۾ پنهنجي مظلوميت جا قصا،پنهنجي خدمت جا افسانا،پنهنجي دور جي ترقيء ۽ خوشحالي جا داستان ٻڌائيندي نٿا ٿڪن.ڇا عوام انهن کي ان مقصد لاء چونڊي اسيمبلين ۾ موڪليو آهي ته اهي حالتن،مسئلن،مونجهارن،مشڪلن ۽ بحرانن کي سنجيدگيء سان سمجھي ملڪ ۽ عوام کي ان مان ٻاهر ڪڍڻ بدران پنهنجي ذات جي دائري ۾ گھمندي ملڪ جي لاء هيڪاري اڃا به مشڪل صورتحال پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجن؟هي ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي ذاتي ۽ گروهي سياست لاء رياست کي به داء تي لڳائڻ لاء تيار ٿيو وڃن؟انهن جو هڪٻئي خلاف الزامن،طعنن،طنزن ۽ مهڻن مان عوام کي آخر ڇا ملڻو آهي؟اهي دنياکي ڪهڙو نياپو ڏيڻ گھرن ٿا ته اسان جي ملڪ جا سڀ سياستدان توڙي ادارا ڪرپٽ آهن؟ اهي عناد،ڪيني، بغض، دشمني ۽ غصي ۾ اهو به ڀلجي وڃن ٿا ته هو جنهن ٻيڙيء ۾ سوراخ ڪري رهيا آهن انهيء ۾ پاڻ به چڙهيل آهن؟انهن مان هرهڪ کي خبر آهي ته ملڪ جي خزاني جي ڇا حالت آهي ۽ اها حالت ڪنهن ڪئي آهي،اهو به ڄاڻن ٿا ته جيڪر پاڪستان کي ڪو بيل آئوٽ پيڪيج يا ڪا مالي مدد نه ملي ته ملڪ ڊيفالٽ ڪري سگھي ٿو اهو سڀ ڪجهه ڄاڻندي ۽ سمجھندي به اهي معصوم ۽ اڻ ڄاڻ بڻجي اهڙا ته عجيب غريب سوال اٿارين ٿا ڄڻ ته هنن ويچارن کي ڪا خبر ئي ناهي! سوال فرمائڻ لڳن ٿا ته حڪومت اسان کي ٻڌائي ته اسان کي ٻين ملڪن قرض يا امداد ڪهڙن شرطن تي ڏني آهي؟ ڄڻ ته جيڪر انهن کي ٻڌايو وڃي ته اهي اها رقم وٺڻ کان انڪار ڪري چڏيندا! افسوس جي ڳالهه اها ته ملڪ تي جڏهن به ڪو سنگين،حساس ۽ سنجيده بحران اچي ٿو ته اهي ان بحران وسيلي به پنهنجي سياست جا دوڪان سينگارڻ لڳن ٿا.ڪٿي به دنيا ۾ ايئن ٿيندو آهي جيئن اسان وٽ ڪجهه نام نهاد سياستدان ڪن ٿا؟تازو جڏهن ٽرمپ سعودي عرب خلاف دنيا ۾ زهر اوڳاڇي رهيو هو ته ان کي خود آمريڪا ۾ ويهي جواب ڏيڻ ۽ سعودي رياست جي دفاع ۾ ڳالهائڻ وارو ڪو ٻيو نه پر شهزادو وليد بن طلال هو.هي اهو ئي شهزادو آهي جنهن کي سعودي حڪومت ڪجهه عرصو پهرين گرفتار ڪري  جيل ۾ وجھي، وٽانئس مبينا طور تي غير قانوني پئسو واپس وصول ڪيو هو.بحث اهو ناهي ته هو ڏوهاري هو يا نه ۽ نه ئي اهو بحث آهي ته سعودي عرب جو ان مقتول صحافيء جي باري ۾ موقف صحيح آهي يا غلط؟ پر نڪتو اهو آهي ته غيرتمند قومون ذاتي جھڳڙن ۽ تڪرارن،مقدمن ۽ سزائن کي رياست جي گڏيل  مفاد  تي ترجيح نٿيون ڏين ۽ اهو ئي مظاهرو وليد بن طلال ڪيو.پر ٿورو پنهنجي ملڪ جي انهن عظيم سياستدانن ،جمهوري توڙي غير جمهوري حڪمرانن تي به نظر وجھو ته اهي پنهنجون ذاتي ملڪيتون بچائڻ يا اقتدار ۽ اختيار جي سيڙهي تي پهچڻ يا اقتدار کي مضبوط ڪرڻ لاء رياست جي مفادن سان ڪهڙيء طرح هر راند رهندا آيا آهن.اسان جي رياستي ادارن ۾ ڪيئي اوڻايون ۽ خاميون ٿي سگھن ٿيون پر اهي ته دنيا جي هر رياستي ادارن ۾ هونديون آهن پوء اوهان ڪڏهن ٻڌو ته آمريڪا،اسرائيل يا ڪنهن به ٻئي ملڪ جو ڪو حڪمران، سياستدان،   وزير يا مشير دنيا کي اهو چوندو هجي ته اسان جا رياستي ادارا ههڙا آهن يا تهڙا آهن يا نااهل آهن يا ٻين ملڪن خلاف سازشون ڪن ٿا وغير وغيره.اهو رڳو اسان جو ئي وطيرو آهي جو جيري لاء ٻڪري ڪهي ويهندا آهيون.هن وقت معاملو اهو آهي جو هڪ طرف رياست نهايت ئي سنجيدگي ۽ دور انديشيء سان ڪجهه بنيادي ۽ اهم فيصلا ڪري چڪي آهي جن جو تعلق سڌو سئون ملڪي سلامتيء سان آهي.اهي فيصلا ڪنهنجي به چوڻ ،فرمائش،روڄ راڙي،ماتم،آهن،دانهن يا ڌمڪين سان ڪنهن به حالت ۾ واپس ناهن ٿيڻا.هاڻي وقت جون حڪومتون توڙي پارليامينٽ جيڪر انهن فيصلن ۾ رياست جو ساٿ ڏين ٿا ته اهو  جمهوري گاڏو اڳتي ڌڪبو رهبو پر جيڪر اهي سڀ گڏجي به انهن فيصلن جي خلاف سندرو ٻڌي بيهن ته به انهن مان پهرين کان ڪيل ڪوبه فيصلو واپس ناهي ٿيڻو .فرق رڳو اهو ايندو جو اهي حڪومتون توڙي پارليامينٽ غير متعلق ۽ غيرفعال بڻجي ڪري رهجي ويندا ۽ عمل ان تي ئي ٿيندو جيڪو رياست جو فيصلو هوندو ان ڪري جو هن وقت ملڪ عام حالتن مان نه پر نهايت ئي هنگامي حالتن مان گذري رهيو آهي.ان صورتحال ۾ رياست وڌيڪ ڪنهن مسخريء جي متحمل ٿي نٿي سگھي.جن کي اها ڳالهه اڃا به سمجھه ۾ نٿي اچي انهن کي ٿورو پوئتي نظر ورائڻ گھرجي ته ڪٿي آهي اهو ڊان جنهنجي هڪڙي اشاري سان سنڌ جا شهر کلندا ۽ بند ٿيندا هئا ،ڪٿي آهي اها شينهن جي گجگوڙ جيڪا ملڪي ادارن جا هانء ڏاريندي هئي؟  ڪٿي آهي اهو پنجاب جو بادشاهه جنهن کي گمان هو ته تخت لاهور تي سندس اقتدار جو سج ڪڏهن به نه لهندو.لوهه جا چڻا ڪٿي چٻاڙجي ويا،مزاحمت جو طوفان ڪٿي دفن ٿي ويو؟عوامي سيلاب جي سمنڊ کي ڪهڙي زمين ڳڙڪائي ويئي؟ سياسي شطرنج جي بادشاهه جي هر چال ڪٿي بلاڪ ٿي ويئي؟ سڀني کي آئين،جمهوريت،ارڙهين ترميم،صوبائي خودمختياري ۽ عوام هاڻي ڪيئن ياد اچي رهيو آهي؟وقت جي موجوده حڪمرانن کي به آڪڙجڻ ۽ هوائن ۾ ڌماڪا ڪرڻ بدران ڪجهه سبق ۽ عبرت حاصل ڪرڻ گھرجي تاريخ جي ان ستم ظريفي ۽ وقت جي ان ورتاء مان جيڪو ڪن سان ٿيو ۽ گھڻن سان ٿيڻ وارو آهي.تاريخ جيڪا ڪنهنجو  به لحاظ نٿي ڪري ۽ وقت جيڪو ڪنهن لاء به پوئتي نٿو موٽي!
(روزاني هلال پاڪستان)

Wednesday, November 21, 2018

بي مثال رهبر (صلي ﷲ عليه وسلم) جو بي مثال انقلاب.





شفيق الرحمان شاڪر
جڏهن کان انسان هن دنيا ۾ آباد ٿيو آهي تڏهن کان هر دور ۾ دنيا جي هر خطي ۾ اهڙا عظيم انسان ضرور موڪليا ويا جن انسانن کي سيرت ۽ ڪردار جي تعمير جي دعوت ۽ اخلاق توڙي اعمال جي سڌاري جو درس ڏنو.انهن پاڪ صفت رهبرن اسان کي بنيادي انساني صفتن تي قائم رهڻ،جانورن کان ممتاز زندگي گذارڻ ۽ پنهنجي اندر بلند اخلاقي صفتون پيدا ڪرڻ جي تعليم ڏني.اهو سلسلو آخر نبي الزمان فخر موجودات سردار ڪائنات حضرت محمد مصطفيٰ  صلي  عليه وسلم جن جي ذات اقدس تائين جاري رهيو.پاڻ صلي  عليه وسلم عرب جي جزيري ۾ ان وقت پيدا ٿيا جڏهن پورو عرب شديد اخلاقي بحران جو شڪار هو ۽ عالم انسانيت ۾ عجيب ڏڦير پرپا هو.اخلاقي اصولن جو جنازو نڪري چڪو هو ۽ انسانيت جي سر عام تذليل ٿي رهي هئي.انسان سيرت ۽ ڪردار جي تعمير کان غافل ۽ پنهنجي ننگ ۽ ناموس جي برباديء ۾ مشغول هئا.اهي سمورين اعليٰ انساني صفتن کان لاپرواهه ۽ بلند اخلاقي اصولن کان اڻ ڄاڻ بڻجي چڪا هئا.پڌري طور تي بدڪاري ڪرڻ،ٻين جا حق کسڻ،ٻين جي عزت،جان ۽ مال تي حملو ڪرڻ عام بڻجي ويو هو.انهيء ماحول ۾ اخلاق ۽ ڪردار جي ڳالهه ڪرڻ رڻ ۾ رڙيون ڪرڻ برابر هو.پر انهيء عظيم المرتبت انسان صلي  عليه وسلم ان ماحول کان متاثر ۽ مايوس ٿيڻ بدران اهڙي ته استقامت،خلوص ۽ بهادريء سان حق جي صدا بلند ڪئي جو ڪجهه ئي عرصي ۾ جهالت جا سمورا ڪڪر هٽي ويا.هڪ مئل ۽ مايوس قوم ۾ زندگيء جو روح پئجي ويو.صدين کان هڪ ٻئي سان وڙهندڙ قومن ۽ قبيلن کي محبت جي ڪيميا سان پاڻ ۾ کير کنڊ ڪري ڇڏيائون.سماج کي نه رڳو هڪ مثالي سماج ۾ بدلايائون پر ان سماج جي انسانن کي انسانيت ۽ اخلاقيات جو علمبردار بنائي ڇڏيائون.پاڻ صه جن ماڻهن ۾ روحاني پاڪيزگي،فرد جي آزادي ۽ فرد توڙي سماج جي وچ ۾ اهڙو ته توازن پيدا ڪيو جنهنجو مثال پوري انساني تاريخ ۾ نٿو ملي. عام طور تي دنيا جي ٻين اخلاقي معلمن سان اهو الميو رهيو آهي جو اهي جن اخلاقي اصولن ۽ ملڪوتي صفتن جي پاڻ تبليغ ڪن ٿا خود سندن عملي زندگين ۾ انهن مان ڪا جھلڪ نظر نٿي اچي پر پاڻ ڪريمن صه جن جي زندگي مبارڪ ۾ اوهان کي ڪٿي به ڪا اوڻائي، نقص يا عيب نظر نه ايندو.جيڪو جيترو به سندن مبارڪ زندگيء جو اونهائيء سان اڀياس ڪندو اوترو ئي سندن عظمت ۽ پاڪائيء جو وڌيڪ قائل ٿيندو ويندو.سندن زندگيء جو سڀ کان پهريون ۽ سونهري اصول ئي اهو رهيو جو پاڻ ٻين کي جنهن به عمل جو حڪم ڏنائون انهيء تي سڀ کان پهرين پاڻ عمل ڪري ڏيکاريائون. حضرت انس بن مالڪ رضي الله عنه رسول ڪريم صلي  عليه وسلم جا قريبي ساٿي ۽ وفادار خادم هئا تن جو بيان آهي ته مون پورا ڏهه سال پاڻ ڪريمن جي خدمت ڪئي پر مون کي پاڻ ڪڏهن اف به نه چيائون ۽ نه ئي منهنجي ڪم تي ڪڏهن اهو چيائون ته تو هي ڪم ڇو ڪيو يا تو هي ڪم ڇو نه ڪيو؟ حضرت بيبي عائشا صديقه جيڪا پاڻ ڪريمن جي گھريلو زندگيء کان پوري طرح واقف هئي،هڪ ڏينهن ڪجهه صحابي حضرت عائشه رضه جي خدمت ۾ آيا ۽ عرض ڪيائون ته اسان کي حضور محبوب ڪريم صه جن جي زندگي ۽ اخلاقن جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو.ام المومنين رضه فرمائڻ لڳي ڇا اوهان قرآن مجيد نه پڙهيو آهي؟قرآن ئي سندن اخلاق آهي! خود قرآن ڪريم ۾ پاڻ صلي الله عليه وسلم جن جي اخلاق ۽ ڪردار جي گواهي ڏني ويئي آهي ته ” بيشڪ اوهان ( رسول صه) اخلاق جي بلند درجي تي فائز آهيو.“
رشتيدارن ۾ حضرت علي رضي الله عنه جيڪي ننڍپڻ کان سندن خدمت ۾ رهيا هئا، فرمائين ٿا ته پاڻ صلي  عليه وسلم جن طبيعت جا نرم ۽ اخلاق جا نيڪ هئا.طبيعت ۾ رحم هو ۽ سخت مزاج نه هئا،ڪنهنجي به دل نه ٽوڙيندا هئا بلڪه دلين تي مرهم رکندا هئا،پاڻ صلي الله عليه وسلم رئوف ۽ رحيم هئا.
جڏهن مڪو فتح ٿيو ته حرم جي اڱڻ ۾ قريش جا سمورا سردار بيوس بڻيا سندن سامهون بيٺا هئا،انهن ۾ اهي به هئا جن مسلمانن کي اذيتون ۽ ايذاء ڏيڻ ۾ وسان نه گھٽايو هو ۽ اهي به هئا جن اسلام جي مخالفت ۾ ننهن چوٽيء جو زور لڳايو هو.اهي به هئا جن پاڻ صلي الله عليه وسلم جي توهين ۽ بي ادبي ڪئي هئي،انهن ۾ گاريون ڏيڻ وارا به هئا ته مذاق اڏائڻ ۽ مسخريون ڪرڻ وارا پڻ.مٿانئن پٿر اڇلڻ وارا به هئا ته مسلمانن کي اگھاڙين پٺين سان ٻرندڙ ٽانڊن تي ليٽائڻ وارا به.انهن ۾ اهي سفاڪ قاتل به هئا جن جا هٿ مسلمانن جي ناحق خون سان رنڱيل هئا پر اڄ اهي سڀ مايوسي،بيوسي ۽ لاچاريء جي تصوير بڻجي سرور ڪائنات صلي الله عليه وسلم جي درٻار ۾ پنهنجي متعلق فيصلي جا منتظر هئا ۽ ٻئي پاسي هزارين تيز تلوارون رڳو محمد عربي صلي الله عليه وسلم جي هڪڙي حڪم جون منتظر هيون پر صدقي وڃجي ان رحمتن ڀرئي سمنڊ جي رحمتن ۽ شفقتن تان جو سندن دل ۾ بدلي جي باهه ڀڙڪڻ بدران محبت موجون هڻي رهي هئي ۽ عفو ۽ درگذر جا چشما ڦٽي رهيا هئا. مفڪر اسلام مولانا ابوالحسن علي ندوي رحه لکن ٿا ته رسول ڪريم صلي  عليه وسلم انهن سڀني کي مخاطب ٿيندي فرمايو ؛ اي قريشيو! اوهان کي ڪهڙي اميد آهي ته اڄ آئون اوهان سان ڪهڙو سلوڪ ڪرڻ وارو آهيان؟ سڀني جواب ڏنو ته اسين اوهان مان اڄ به سٺي اميد ئي رکون ٿا  جو اوهان ڪريم النفس ۽ شريف ڀاء آهيو ۽ ڪريم النفس ۽ شريف ڀاء جا پٽ آهيو.پاڻ صلي  عليه وسلم فرمايو ته اڄ آئون اوهان کي به اها ئي ڳالهه چوان ٿو جيڪا حضرت يوسف عه پنهنجي ڀائرن کي چئي هئي ته ” اڄ اوهان تي ڪو الزام ناهي،وڃو اوهين سڀ آزاد آهيو.“  ابوسفيان جيڪو بدر،احد ۽ خندق جي لڙائين جو اڳواڻ رهيو هو ۽ خبر ناهي ڪيترن مسلمانن جا ڪنڌ سندس تلوار هيٺان آيا هئا.پاڻ ڪريمن صه نه رڳو کيس معاف ڪري ڇڏيو پر اهو به فرمايو ته جيڪو ابوسفيان جي گھر ۾ پناهه وٺندو ان لاء به معافي آهي.  بلند اخلاق جي اهڙو جيئرو جاڳندو ،دائمي ۽ عالمگير مثال ڪير پيش ڪري سگھي ٿو
پاڻ صلي  عليه وسلم جنهن قرآن جي تعليم ڏني تنهن کي پنهنجي عملي زندگيء ۾ قابل عمل بنائي پيش ڪيو.اها هڪ ناقابل ترديد حقيقت آهي ته پاڻ صلي  عليه وسلم جن جي زندگي بشريت جي دنيا لاء اسوه حسنه ۽ الاهي فيض ۽ برڪتن ،هدايتن ۽ حڪمن جو اهڙو مفيد ۽ اونهو چشمو آهي جيڪو ڪڏهن به سڪڻ وارو ناهي.سندن حيات طيبه ۾ پاڪيزه زندگي جي تمام حصن جا مثال ۽ نمونا موجود آهن،امن ۽ آشتيء جون جھلڪيون به آهن ته صلح ۽ مصلحت جا منظر به.دفاعي حڪمت عملين جون ڪيفيتون به آهن ته معتدل حالتن ۾ پرسڪون ڪيفيتون به.پنهنجن سان تعلقات ۽ غيرن سان لاڳاپا،معاشرت ۽ معاملات،رياضت ۽ عبادت،عفو ۽ ڪرم، جود سخا ،تبليغ ۽ تقرير، معيشت، سياست،حڪومت ۽ وهنوار مطلب ته زندگيء جي هر شعبي ۾ سندن شاندار رهبري ۽ رهنمائي عملي صورت ۾ نظر اچي ٿي.اڄ بدقسمتيء سان اسان مان هرڪنهن جي دعويٰ ته اها ئي آهي ته اسان سڀ پاڻ ڪريمن صلي  عليه وسلم جن جا مڃيندڙ ۽ ساڻن محبت ڪندڙ آهيون پر اسان ٿوري دير لاء به سنجيدگيء سان ڪڏهن پنهن جي اندر جي آئيني ۾ ڪڏهن ان حقيقت جو جائزو وٺڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي ته اسان جي عملي زندگين ۾ پاڻ سڳورن صه جي ان اسوه حسنه جي پيرويء جي ڪا جھلڪ نظر اچي ٿي؟اها رحمت۽محبت،سچائي۽خلوص،امانت۽ديانتداري،همدردي۽خيرخواهي،تحمل ۽ بردباري،صبر ۽ شڪر،سادگي ۽ ڪفايت شعاري،عفو ۽ درگذر،شفقت ۽ رحم دلي،عدل ۽ انصاف، توڪل ۽ قناعت،نرمي ۽ ملنساري،سخاوت ۽ درياء دلي جنهن جو درس پاڻ صه نه رڳو دنيا کي ڏنو پر عملي صورت ۾ پنهنجي زندگيء ۾ انهن شين جو مظاهرو ڪري به ڏيکاريائون،اهي شيون اسان جي زندگين ۽ ڪردار ۾ ڳولئي به نٿيون لڀن.سندن انهيء برڪت ڀري تعليم ۽ سکيا کان عملي طور تي منهن موڙڻ جو ئي نتيجو آهي جو اڄ اسان دنيا توڙي پنهنجن زندگين ۾ مختلف مشڪلاتن،پريشانين،مونجھارن،دردن ۽ مصيبتن جو شڪار آهيون.لکين درود ۽ صلواتون هجن ان رحمت ڀرئي سائينء تي جنهن انسان کي انسانيت سيکاري.

(روزاني امڪان 21 نومبر 2018ع)

Tuesday, November 20, 2018

صوفيء صاف ڪيو. علم تصوف؛ مقصد ۽ شروعات.




حضرت شيخ جي بابرڪت مجلس ۾ علم تصوف جي اصليت،ابتدا ۽ مقصد جو ذڪر ٿي رهيو هو. فرمائڻ لڳا؛ ته حضرت ابو موسيٰ اشعري رضه کان روايت آهي ته حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جو ارشاد مبارڪ آهي ته ” بيشڪ منهنجو ۽ جيڪا شيء ڏيئي مون کي موڪليو ويو آهي ان جو مثال ان شخص جهڙو آهي جيڪو ڪنهن قوم وٽ آيو ۽ چيائين ته اي منهنجي قوم! واقعي مون پنهن جي اکين سان هڪ لشڪر ڏٺو آهي .آئون اوهان کي ڊيڄارڻ وارو آهيان ته اٿو ۽ ڀڄي هلو ۽ هتي ٿوري دير به نه ترسو.پوء ان جو چوڻ قوم جي هڪڙي ٽولي مڃي ورتو ۽ اهو ٽولو شام جو ئي اتان اٿي هلڻ لڳو ۽ آهستي آهستي هلندي اتان پري وڃي ان لشڪر جي پهچ کان ٻاهر نڪري ويو.پر هڪڙي ٽولي ان شخص جي ڳالهه نه مڃي ۽ اهي ماڻهو جتي هئا اتي ئي ويٺا رهيا.اتي ئي انهن کي صبح ٿي ويئي ۽ صبح ساجھر اهو لشڪر مٿانئن اچي ڪڙڪيو جن کين ماري تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو.بس پهرئين ٽولي جو مثال انهن ماڻهن جو آهي جن منهنجي پيروي ڪئي ۽ ٻئي ٽولي جو مثال انهن ماڻهن جو آهي جن منهنجي ڳالهه نه مڃي ۽ جيڪي شيون مون آنديون انهن کي ڪوڙو ڀانئيو.“
حضرت شيخ اڳتي فرمائڻ لڳا ؛ “ حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ؛ ” ان علم ۽ هدايت جو مثال جنهن سان الله تعاليٰ مون کي موڪليو آهي ان وڏ ڦڙي مينهن جهڙو آهي  جيڪو جڏهن زمين جي ڪنهن زرخيز حصي تي وسيو  ته ان زمين سمورو پاڻي پنهنجي اندر جذب ڪري ورتو ۽ انهيء تي خوب گاهه ۽ ساوڪ اڀري.زمين جو هڪڙو حصو ڪنهن تلاء يا ڍنڍ جيان به هو جڏهن ان ۾ برسات جو اهو پاڻي گڏ ٿيو ته ان سان الله تعاليٰ مخلوق کي فائدو پهچايو.ماڻهن اهو پاڻي پاڻ به پيتو ۽ ٻين کي به پياريو.ان سان ٻني ٻارا به آباد ڪيا.پر زمين جو هڪڙو حصو بلڪل بنجر هو نه ته ان ۾ ڪا ساوڪ اڀري ۽ نه ئي انهيء ۾ پاڻي بيهي سگھيو.پهريون مثال انهن ماڻهن جو آهي جيڪي خدا جي دين ۾ فقيهه بڻيا ۽ کين ان شيء نفعو بخشيو جنهن شيء سان الله تعاليٰ مون کي موڪليو هو پوء جڏهن اهي پاڻ علم جا صاحب بڻيا ته هنن ٻين کي به علم سيکاريو پر بنجر زمين وارو مثال انهن ماڻهن جو آهي جيڪي ان شيء سان خبردار ۽ سجاڳ نه ٿيا ۽ نه ئي هنن الله تعاليٰ جي ان هدايت کي قبول ڪيو جنهن سان مون کي موڪليو ويو آهي.“
حضرت شيخ فرمائڻ لڳا ته رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جيڪي ڪجهه خدا جي طرفان آندو ان جي قبوليت ۽ پذيرائيء لاء صاف ٿيل دليون ۽ پاڪ ٿيل نفس خلقيا تڏهن صفائي ۽ پاڪائيء جو اهو فرق نفعي جي صورت ۾ ظاهر ٿيو.تشريح ڪندي فرمائڻ لڳا ته ڪجهه دليون ته ان زمين وانگر آهن جيڪا زراعت ۽ پوکيء لاء نهايت ئي موزون ۽ قابل هوندي آهي جنهن مان ساوڪ ۽ گاهه اڀري ٿو ۽ اهي اهڙيون دليون آهن جن سچ پچ علم مان فائدو حاصل ڪيو ۽ هدايت جو رستو پائي ويا ۽ سندن علم فائديمند ثابت ٿيو ۽ رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم جي پيرويء جي صدقي سندن علم سڌي رستي طرف سندن رهنمائي ڪئي.ٻيون اهي دليون جن جو مثال ڍنڍن ۽ تلائن جهڙو آهي جن ۾ پاڻي گڏ ٿيندو رهي ٿو سي اولياء ڪرام ۽ صوفي سڳورن جون دليون آهن جن جي  فيض جي صدقي عالمن ۽ زاهدن جون دليون به پاڪ ۽ صاف بڻجي وييون.حضرت شيخ ان حقيقت طرف اشارو ڪندي فرمائڻ لڳا ته حضرت مسروق رضي الله عنه جن فرمايو ؛ ” آئون حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي صحابين سڳورن جي خدمت ۾ رهيس ۽ مون انهن کي ڍنڍن ۽ تلائن جيان ڏٺو ڇو ته انهن جون دليون صاف  ۽ علم جون محافظ بڻيون ۽ انهن جي دلين جي صفائيء جي صدقي جيڪي ڪجهه  کين نصيب ٿيو انهيء ڪري علم جا پيڪر بڻجي ويا.حضرت شيخ فرمائڻ لڳا ته هڪڙي دفعي حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن حضرت علي رضي الله عنه کي مخاطب ٿيندي فرمايو؛ ” اي علي! مون الله تعاليٰ کان اها دعا ڪئي آهي ته هو تنهنجي ڪنن کي ٻڌڻ ۽ ياد رکڻ وارو بڻائي ڇڏي.“ حضرت علي رضي الله عنه فرمائين ٿا ته ان ڏينهن کان مون کي نه ڪڏهن ڪا ڳالهه وسري ۽ نه ئي ڪا ڀل ٿي. حضرت شيخ فرمائڻ لڳا ته بس،صوفين جون دليون الاهي اسرارن جون محافظ آهن.انهن دنيا طرف تمام گھٽ لاڙو رکيو پوء جڏهن پرهيزگاريء جي پاڙ  منجهن پختي ٿي ويئي  ته ان پرهيزگاريء سبب سندن نفس پاڪ ۽ دليون صاف ۽ شفاف بڻجي وييون..جڏهن انهن دنيا جي لاڳاپن کي زهد جي حقيقت سان نيست ۽ نابود ڪري ڇڏيو ته سندن اندر جون رڳون کلي وييون ۽ دل جي ڪنن سان ٻڌڻ لڳا.الله تعاليٰ اهڙن ئي ماڻهن ذريعي دين جي مدد ۽ حفاظت فرمائي. اهڙن ئي عالمن جي دلين ۾ جڏهن علم ۽ هدايت جي آب حيات سان زمين آباد ٿي ته عجيب عجيب ۽ حسين جميل چراگاهون ڦٽي پييون.رب ڪريم جي هن ارشاد پاڪ ۾ ان طرف ئي اشارو آهي جو الله تعاليٰ فرمايو ؛ ” هن آسمان مان پاڻي نازل ڪيو پوء پنهنجي پنهنجي ظرف مطابق ان مان نديون وهي نڪتيون.“ حضرت ابن عباس رضي الله عنه فرمائين ٿا ته پاڻيء مان مراد علم ۽ ندين مان مراد ماڻهن جون دليون آهن.پوء حضرت شيخ حضرت ابوبڪر واسطي رحه جو قول نقل ڪندي فرمائڻ لڳا ته الله تعاليٰ هڪ وڏو صاف ۽ شفاف موتي پيدا ڪيو پوء پنهنجي جاهه ۽ جلال جي اک سان ان تي نظر وڌي ته اهو حيا سبب پاڻي ٿي  وهڻ لڳو.اهو علم جو پاڻي هو جيڪو جڏهن دلين تائين پهتو ته دليون صاف ۽ شفاف بڻجي وييون.حضرت حسن بصري رحه کان جڏهن فقيهه جي باري ۾ سوال ڪيو ويو ته فرمايائون ؛ اي شخص! تو ڪڏهن فقيهه ڏٺو به آهي؟ فقيهه اهو آهي جنهنجو دنيا جي طرف ڪو لاڙو نه هجي.پوء حضرت شيخ علم جي باري ۾ هڪ خاص نڪتو بيان ڪندي فرمائڻ لڳا ته علم سان دل جو زندهه ٿيڻ درياء جي مثال آهي يعني جڏهن دل علم مان تازگي حاصل ڪري ٿي ته ان مان علم دريا وانگر جاري ٿي وڃي ٿو.اهڙيء طرح حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي دل مبارڪ علم ۽ هدايت ذريعي هڪ موجون هڻندڙ سمنڊ بڻجي چڪي هئي ۽ اهو سمنڊ سندن نفس اطهر تي ڇانئجي چڪو هو جنهن ڪري سندن نفس جون سموريون صفتون ۽ اخلاق مڪمل طور تي بدلجي چڪا هئا.حضرت شيخ فرمائڻ لڳا ته جڏهن اهو علم دل تائين پهچي ٿو ته دل جي اک کلي وڃي ٿي پوء اها حق ۽ باطل کي ڏسڻ ۽ هدايت توڙي گمراهيء ۾ فرق ڪرڻ لڳي ٿي.صوفي سڳورن جون دليون جيئن ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي دل اطهر سان ويجھي نسبت رکن ٿيون ان ڪري انهن علم ۽ هدايت مان گھڻو حصو حاصل ڪيو ۽ انهن جي اندر ۾ ڍنڍون ۽ تلاء بڻجي ويا.انهن نه صرف علم سکيو ۽ انهيء تي عمل ڪيو پر اهو علم ٻين تائين به پهچايو.جڏهن انهن جون دليون ان علم سان صاف ۽ شفاف بڻجي وييون ته الله تعاليٰ انهن جي دلين جي آرسين کي معرفت جي نور سان چمڪائي ڇڏيو ان ڪري انهن ۾ دنيا جي سمورين شين جي اصليت جيڪا اصل ۾ اڻ وڻندڙ ۽ ڪوجھي هئي سا سامهون اچي ويئي جنهن ڪري اهي دنيا کان پرڀرا ٿي ويا . جڏهن ته سندن دلين ۾ آخرت جي سونهن نڪري نروار ٿي پيئي جنهن ڪري انهن آخرت کي پسند ڪيو.پوء حضرت شيخ فرمائڻ لڳا ته الله جي اهڙن ئي مقرب بندن جو ٻيو نالو ”صوفيا “آهي توڙي جو قرآن ڪريم ۾ ڪٿي به صوفيء جو لفظ استعمال ناهي ٿيو پر جتي به اهڙن مقرب بندن جو ذڪر آيو آهي انهن مان مراد اهي صوفيا ڪرام ئي آهن.اهي نه جن صوفيا جون ڪجهه ظاهري نشانيون اختيار ڪيون هجن يا صوفين وارو لباس پاتل هجين يا وري بنان ڪنهن دليل ۽ ثبوت جي پنهنجو پاڻ کي صوفي سڏائيندا هجن.

Thursday, November 15, 2018

ماضيء جو آئينو؛ مغلن جو شاهڪار؛ بادشاهي مسجد.






شفيق الرحمان شاڪر
مغل سلطنت جي شهنشاهه اورنگزيب عالمگير لاهور ۾ هڪ عاليشان مسجد جوڙائي جنهن کي بادشاهي مسجد چيو وڃي ٿو.اها پاڪستان توڙي ڏکڻ ايشيا جي ٻي وڏي مسجد ۽ دنيا جي پنجين وڏي مسجد شمار ٿئي ٿي.فيصل مسجد جڙڻ کان اڳ ان مسجد کي پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي مسجد هئڻ جو درجو حاصل هو.ان ۾ ڏهه هزار نمازي اندر ۽ ڏهه هزار آڳر ۾ نماز ادا ڪري سگھن ٿا.ان جو آڳر دنيا جي مسجدن مان سڀ کان وڏو آڳر آهي.ان جا مينار تاج محل جي مينارن کان 13 کان 9 فٽ اوچا آهن.مسجد جو آڳر 278،784 چورس فٽ ويڪرو آهي جنهن ۾ تاج محل جو پورو پليٽ فارم سمائجي سگھي ٿو.ان جي اڏاوت مئي 1671ع ۾ شروع ٿي اپريل 1673ع ۾ مڪمل ٿي.ان جي نگراني لاهور جي ان وقت جي گورنر مظفر حسين جيڪو اورنگزيب جو رشتي جو ڀاء هو تنهن ڪئي.مسجد کي بادشاهه جي حڪم تي لاهور قلعي جي بلڪل سامهون جوڙيو ويو ته جيئن بادشاهه کي اچڻ وڃڻ ۾ آساني رهي.ان مقصد لاء قلعي ۾ هڪ خاص دروازو به جوڙيو ويو جيڪو عالمگيري دروازي جي نالي سان مشهور آهي.راجا رنجيت سنگهه جي دور ۾ ان مسجد جو نهايت غلط استعمال ٿيو.سڄي مسجد کي گھوڙن جو اصطبل ۽ اسلحه خانو بنايو ويو،چئني گنبذن جا مينار توپن لاء استعمال ڪيا ويا جنهن سان انهن کي سخت نقصان پهتو.انگريزن جڏهن سکن کي شڪست ڏني ته مسجد جي استعمال کي به واپس بحال ڪيو ويو.1852ع کانپوء مسجد جي مرمت جو ڪم شروع ٿيو ۽ مسجد ۾ نماز جا اجتماع ٿيڻ لڳا.1939ع کان 1960ع تائين ان مسجد جي مرمت ٿيندي رهي ايستائين جو مسجد پنهنجي اصل حالت ۾ اچي ويئي.مرمت جو ڪم زين يار جنگ جي هٿان سرانجام ڏنو ويو.22 فيبروري 1974ع ۾ ٻي اسلامي سربراهي ڪانفرنس جي موقعي تي 39 ملڪن جي سربراهن هتي جمع نماز ادا ڪئي.مسجد جي خطيب مولانا عبدالعزيز آزاد امامت ڪئي.ان مسجد جي مکيه دروازي اڳيان هڪڙو ننڍڙو عجائب گھر آهي جنهن ۾ حضور ڪريم صلي اللٰه عليه وسلم،حضرت علي رضي الله عنه ۽ حضرت فاطمه رضي الله عنها جا تبرڪات رکيل آهن.2000ع ۾ ڪجهه مرمت ۽ سينگار جو ڪم وري شروع ٿيو.سنگ مرمر جون ٽائلز لڳايون وييون ۽ 2008ع ۾ ڳاڙهي پٿر جون ٽائلز پڻ لڳايون وييون.اهي پٿر پراڻن پٿرن سان ملندڙ جلندڙ هئا جيڪي راجستان مان گھرايا ويا هئا.
بادشاهي مسجد جي ڊزائين جامع مسجد دهليء جي طرز تي آهي جنهن ۾ اسلامي،ايراني،وچ اوڀر ۽ هندستاني عمارت سازيء جا گڏيل اثر پاتا وڃن ٿا.مکيه دروازي جي ڏاڪڻ سنگ علويء جي جڙيل آهي جيڪو سنگ مرمر جو هڪ قسم آهي.اصل مسجد جي ڇت ستن مختلف حصن ۾ ورهايل آهي جيڪا محرابن تي مشتمل ستن گنبذن تي ٻڌل آهي.وچان ٻه گنبذ ٻيڻي اوچائيء جا آهن.وچان ٽيئي گنبذ اڇي سنگ مر مر جا آهن.مسجد جو مکيه هال جتي امام بيهندو آهي اتي چٽساليء جو بهترين ڪم ٿيل آهي.ديوارن ۽ ڇت جي روغني آرائش ۽ جڙائيء جو ڪم به نهايت صفائيء سان ٿيل آهي.گلن ڦلن ۾ ڪنول جا گل اڇي سنگ مر مر سان ڳاڙهي پٿر ۾ سجايا ويا آهن.گلڪاريء جي ڊزائين هندي،يوناني،وچ ايشيا جي عمارت سازيء سان هڪجهڙائي رکي ٿي.انهيء نقش نگاريء ۽ عمارت سازيء ۾ توازن جي لحاظ کان اتر ۽ ڏکڻ ۾ ڪو دروازو ناهي ڪڍيو ويو ڇو ته اتر ۾ راوي دريا وهندو هو جنهن ڪري دروازو جڙي نٿي سگھيو تنهن ڪري ڏکڻ ۾به ڪودروازو ناهي ڪڍيو ويو.ديوارون ڳاڙهين سرن مان چن جي گاري سان جوڙيون وييون آهن.اصل فرش ڳاڙهين سرن جو جڙيل هوپر بعد ۾ مرمت دوران ان ۾ ڳاڙهو پٿراستعمال ڪيو ويو آهي.مکيه هال ۾ جيڪا سنگ مرمر استعمال ڪئي ويئي آهي تنهن کي ”سنگ ابري“ به چيو وڃي ٿو.قرآني آيتون رڳو ٻن جڳهن تي لکيون وييون آهن.هڪڙو مکيه دروازي تي ۽ ٻيو محراب ۽ ممبر تي ڪلمو لکيل آهي.
علامه اقبال جو مقبرو بادشاهي مسجد جي مکيه دروازي وٽ حضوري باغ ۾ ڏاڪڻين سان گڏوگڏ آهي.اهو مقبرو مستظيل شڪل ۾ ڳاڙهي پٿر مان جڙيل آهي.اوڀر ۽ ڏکڻ ۾ هڪ هڪ دروازو آهي ۽ اتر واري ديوار ۾ سنگ مرمر جي جالي لڳل آهي.مزار جي اندر علامه اقبال جي ڪتاب ”زبور عجم“ مان ڪجهه شعر خوبصورت خطاطيء سان لکيل آهن.مزار جو سنگ مرمر افغانين طرفان تحفي ۾ ڏنو ويو هو.لوح مزار تي قراني آيتون لکيل آهن.مقبري جو ڪم تيرهن سالن ۾ مڪمل ٿيو هو.تعمير ۾ دير جو سبب اهو هو جو هندستان ۽ پاڪستان جي ورهاڳي سبب جيپور مان پٿر اچڻ بند ٿي ويو هو.اهو اهوئي پٿر آهي جيڪو بابر بادشاهه جي مزار ۾ استعمال ٿيو آهي.ان کي ”ليپز لزولي“ چيو وڃي ٿو.
بادشاهي مسجد اڄ به مغلن جي شاندار فن تعمير ۽ سندن رعب ۽ دٻدٻي جي تصوير آهي.مغلن جي فن تعمير جو اهو ڪمال آهي جو ان جي چئني گنبذن تي چڙهي ڪجهه ڪلوميٽر پري جهانگير جي مقبري جي مينارن کي ڏسبو ته رڳو ٽي مينار ئي نظر ايندا ۽ چوٿون مينار نظرن کان لڪي وڃي ٿو.اهڙيء طرح جهانگير جي مقبري کان بادشاهي مسجد جي مينارن کي ڏسبو ته اتان به صرف ٽي مينار نظر اچن ٿا ۽ چوٿون مينار نظرن کان لڪيو وڃي.
 (روزاني هلال پاڪستان)






Tuesday, November 13, 2018

ڪرپشن،احتساب ۽ ڪجهه تلخ سچائيون!




شفيق الرحمان شاڪر
غربت،بدحالي،بي روزگاري،بيمارين ۽ پاڻيء جي شديد کوٽ ۾ ورتل ملڪ ۾ عدالتن ۽ سياسي محفلن کان وٺي اقتدار جي ايوانن تائين،سوشل ميڊيا کان ويندي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تائين،تحقيقاتي ادارن کان ويندي پريس ڪانفرنسن تائين لفظ ”ڪرپشن“ جو ئي شور ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. هڪ ٻئي تي ڪرپشن جا الزام آهن يا وري انهن الزامن جا جواب آهن.لڳي ٿو ته اهو لفظ اسان جو مجموعي قومي ناشتو بڻجي چڪو آهي يا وري اهو رڇ آهي جيڪو نه اسان جي جان ڇڏڻ لاء تيار آهي ۽ نه ئي اسان سندس جان ڇڏڻ لاء راضي آهيون.تحقيقاتي ۽ احتسابي ادارا روزانو ڪا لسٽ ظاهر ڪن ٿا انهيء اڻ چيل جملي سان ته ” پڙهندا وڃو ۽ شرمائيندا وڃو.“ اهو به محسوس ٿئي ٿو ته ڪجهه مهربانن کي احتساب احتساب ۽ ڪرپشن ڪرپشن ڪندي ڪندي ڪا ماليخوليا ٿي پيئي هجي.پر ان جو مطلب اهو هرگز ڪونهي ته ملڪ ۾ ڪرپشن نالي ڪا شيء آهي ئي ڪانه!پر سوال اهو آهي ته اسان وڏي پيماني جي ان ڪرپشن مان واقعي جان ڇڏائڻ چاهيون ٿا يا رڳو ڪرپشن ڪرپشن راند کيڏڻ گھرون ٿا؟پهرين ڳالهه اها ته ڪرپشن رڳو رشوت،ڪميشنون کائڻ ۽ مالي غبن ڪرڻ جو نالو ناهي.سوچن ۽ روين جي گدلاڻ به ڪرپشن ئي آهي. ٻي ڳالهه اها ته جنهن مرض جي اسان بار بار رڙ ڪري رهيا آهيون اهو مرض دنيا ۾اڪيلو رڳو اسان کي لڳل ڪونهي.ٽين دنيا جي ملڪن ۾ اها بيماري عام آهي.ٽين ڳالهه اها ته اهو مرض ڪجهه مهينن يا سالن جي پيداوار نه پر پوري اڌ صديء تي پکڙيل آهي.انهيء ۾ شڪ ناهي ته آهي اهو نهايت ئي خطرناڪ مرض جيڪو ملڪن ۽ قومن کي نه رڳو عالمي برادريء ۾ بي وقعت ۽ غير معتبر بڻائي ٿو پر سماجن کي غربت ۽ بدحالين جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي ٿو،اهڙو مرض جيڪو ڪنهن وبا جيان پکڙجي پوري سماج کي هڙپ ڪري وڃي ٿو ۽ پوري سماجي،سياسي ۽ روحاني زندگيء کي به تباهه ۽ برباد ڪريو ڇڏي ۽ اها به حقيقت آهي ته گذريل ڪجهه ڏهاڪن ۾ ڪرپشن جنهن پيماني تي وڌي پنهنجون سموريون حدون اورانگھيون آهن انهيء جو مثال به دنيا جي سماجن ۽ ملڪن ۾ گھٽ ملي ٿو پر سوال وري به اهو ته ان مرض مان جان آجي ڪرائڻ لاء اسان ڪيترو سنجيده آهيون؟ ڪرپشن بي پاڙي  پيلي ول جيان آهي جيڪا وڏن وڏن ساون وڻن کي وڪوڙي انهن جي زندگي چوسي وٺي ٿي.اهڙي لعنت جيڪا ڪنهن سماج تي هڪ دفعو اچي ڪڙڪي  ته هڪ ٽاريء کان ٻي ۽ ٻي کان اڳين ٽاريء کي وڪوڙيندي ويندي آهيجنهن جي نتيجي ۾ پيلي ويرانيء سوا باقي ڪجهه به نظر نه ايندو آهي.ايستائين جو سماج جي اخلاقي صحت جا محافظ مذهبي ۽ تعليمي ادارا توڙي انهيء لعنت کي روڪڻ لاء قائم ٿيل ادارا به ان جي زهر کان محفوظ نٿا رهن. ڪنهن به برائيء خلاف جاکوڙ جو دارومدار سماج جي اخلاقي معيارن ۽ قدرن تي هوندو آهي ته اسان سماج جي حيثيت ۾ ڪهڙي شيء کي قبول ۽ ڪهڙي شيء کي رد ڪيون ٿا.بدعنوان روين سان بدعنوانيء جو مقابلو ڪري نٿو سگھجي.ڪي نگران يا محافظ جيڪر پاڻ ئي بد ديانت هوندا ته ڦرلٽ جي مال ۾ پنهنجو حصو گھري هو به ڪرپشن ۾ مددگار بڻبا.اسان جو معاملو ڪجهه هن طرح آهي جو ڪرپشن پاڪستان ٺهڻ سان گڏ ئي ڪنهن جاڙي ٻار جيان ڄمي پيئي هئي.اهي ماڻهو جيڪي اڄ سماج ۾ ڪنهن امتيازي حيثيت جا مالڪ آهن،پاڪستان جي شروعاتي ڏينهن واري تاريخ وڏي احتياط سان لڪائين ٿا.اهي ماڻهو ڪرپشن خلاف تقريرون ته ڪن ٿا پر ڪرپشن جي بنياد ۽ سببن تي گونگا بڻجيو وڃن.سچ  اهو آهي ته اهو پاڪستان جي شروعاتي تاريخ جو اهڙو بدنصيب باب آهي جنهن ۾ اسان جي ڪرپشن،موقعا پرستي،مذهبي بليڪ ميل ۽ بي حسيء جون پاڙون کتل آهن.اسان جي اڳواڻن کي شايد انهن مسئلن جو ادراڪ ئي نه هو جيڪي هندستان جي ورهاست وقت قوم کي پيش اچڻ وارا هئاجنهن جو هڪ مثال اهو جو مهاجرن جي آبادڪاريء لاء ڪو ٺوس منصوبو ئي موجود نه هو.عين ان وقت جڏهن هندستان مان آيل مهاجر ڪيمپن ۾ سڙي رهيا هئا ته ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هندن ۽ سکن جي ڇڏيل ملڪيتن جي ڦرلٽ اهڙي نموني ٿي رهي هئي ڄڻ ته فصلن تي ڪا ماڪڙ ڪڙڪي هجي. چالاڪ مفاد پرستن جي چاندي ٿي ويئي.گھڻا ليڊر ۽ بيورو ڪريٽ بحاليء وارن دفترن ۾ ويهي پنهنجو حصو پتيوصول ڪري رهيا هئاجڏهن ته ٻئي طرف ڪيمپن ۾ ٿيندڙ جنسي ڏوهن جون گنديون ڪهاڻيون گردش ڪنديون رهيون.جنهن کان پوء پراپرٽي ڪليم وارو تماشو شروع ٿيو پر پراپرٽي ڪليم ڇا هئي؟ نئين جڙيل پاڪستان طرف هجرت ڪندڙ بي شمار مسلمانن ۾ اهي به ضرورهئا جيڪي هندستان ۾ پنهنجا گھر گھاٽ،ڪاروبار ۽ مال ملڪيتون ڇڏي آيا هئا پر بي شمار اهي به هئا جن جو اتي ڪجهه به نه هو يا معمولي هو. ڪليمن کي حقيقتن تي پرکڻ جو ڪو قابل اعتماد طريقو نه هو ۽ هر شخص کي اها ڪليم ڪرڻ جو حق حاصل هو ته هن هندستان ۾ هي ڇڏيو ۽ هو ڇڏيو وغيره ۽ هن کي پاڪستان ۾ برابر معاوضو ملڻ گھرجي.ان جو نالو رکيو ويو ڪليم.پر ماڻهو پنهنجي ڪليم ڪيئن ثابت ڪندا هئا؟ ظاهر آهي ته ڪنهن وٽ ملڪيت جو ڪو ڪاغذ پٽ نه هو.اهڙي صورتحال ۾ ڪوڙين ڪهاڻين جي گنجائش موجود هئي جنهنجي تصديق لاء ذاتي گواهيء کان سواء ٻيو ڪجهه به موجود نه هو ۽ ان جي به ڪا خاص مشڪل نه هئي جو ڪونه ڪو همدرد آفيسر،تحريڪ پاڪستان جو ڪو ڪارڪن يا ڪو سياسي اڳواڻ ڪنهنجي ڪليم منظور ڪري سندس تقدير بدلائي سگھيو ٿي.سو هندن ۽ سکن جون ڇڏيل شهري ۽ ديهي ملڪيتون،رهائشون ۽ ڪاروباري جائدادون اهڙن اهڙن ماڻهن جي هٿ لڳيون جيڪي ڪنهن به طرح انهن جا حقدار نه هئا.سڀ کان گھڻو اهو عمل صنعتي،تجارتي ۽ ڪاروباري شعبن ۾ ٿيو جتي مسلمانن کي ڪو خاص تجربو نه هو ان ڪري جيڪو نئون ڪاروباري طبقو پيدا ٿيوتنهن کي ڪاروبار جي اصولن،ان جي اخلاقيات ۽ مزاج جي باري ۾ نه ته ڪو خاص تجربو هو ۽ نه ئي انهن کي سکيا ڏيڻ جو ڪو بندوبست ڪيو ويو.برطانوي حڪومت کان پهرين برصغير ۾ مسلمانن جو مزاج عام طور تي جاگيرداراڻو ۽ زمينداراڻو هو.بعد جي صدين ۾ گھڻي ڀاڱي مسلمان مزاحمت ۽ ورهاڱي جي تحريڪن ۾ رهيا.رڳو هڪ محدود طبقو سول سروس ۽ فوج ۾ شامل ٿيو.ان سڄي دور ۾ اسان جي ڪاروباري طبقي ۾ جاگيرداراڻو ۽ جنگي مزاج ڇانيل رهيو ۽ حقيقي ڪاروباري طبقي جي جمهوري مزاج جي کوٽ رهي.برصغير ۾ صدين کان مسلمان هندو ڪاروباري طبقي کي حقارت سان ”واڻيو“ چوندا آيا هئا ۽ کين رئيس يا سپاهي هئڻ تي فخر رهيو.ان ڪري اسان جي ڪاروباري طبقن لاء اها فطري ڳالهه هئي ته اهي جاگيردارن،جنرلن ۽ مذهبي عالمن کي پنهنجو اڳواڻ تسليم ڪن.زرعي اشرافيا جن مان گھڻا ڪرپشن جا باني هئا تن خالص پنهنجن ذاتي مفادن لاء انگريزن جي خدمت ڪئي هئي سي ان نئين پاڪستان ۾خوش ۽ محفوظ هئا جو اتي نه ته زرعي سڌارن جو خوف هو ۽ نه ئي ڪنهن احتساب جو.اها صورتحال هئي جنهن ۾ پرمٽ،لائسنس ۽ الاٽمينٽن جو هنگامو شروع ٿيو.ترت ئي امريڪي ڊالرن جو دريا به وهڻ لڳو.هاڻي مٿين طبقن يعني حڪمران اشرافيا لاء ميدان کليل هو ۽ آسان ڪمائيء جي گندي دور جي شروعات ٿي جنهن رات وچ ۾ امير بنجڻ جا خواب اسان جي نفسيات ۽ مزاج ۾ ڳوهي ڇڏيا.پوء جي سڄي تاريخ ڪرپشن ۽ پنهنجا نوازڻ جي افسانن ۽ ڪهاڻين سان ڀري پيئي آهي.اڄ حيرت ٿئي ٿي ته ڪرپشن جون شڪايتون ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي تي فرد جرم عائد ڪرڻ جو ڪهڙو جواز آهي جو اهڙو سماج جتي هر ماڻهو پنهنجو ڏوهه ٻئي جي کاتي ۾ وجھڻ جو عادي هجي اتي ڪرپشن جو عمل فطري هوندو آهي.عرصي کان پاڪستان ۾ ڪرپشن ذهانت ۽ قابليت جو معيار بڻيل ۽ سماج ۾ معزز ، معتبر ۽ مقبول هئڻ جو دليل بڻيل آهي ۽ گڏوگڏ ڪرپشن کي گاريون ڏيڻ به ايترو ئي معياري ۽ مقبول بڻيل آهي.هتي هر ڪنهن وٽ ٻئي جي ڪرپشن جي ٺوس ثبوتن سان هڪ فهرست موجود هوندي آهي جنهن سان گڏ اهڙين ئي ”ڪاميابين“ جون تمنائون سندن پنهنجن دلين ۾ به ڇوليون هڻي رهيون هونديون آهن.سوچ ۽ عمل جو اهو تضاد يعني هٿ سان ڪرڻ ۽ زبان سان نندڻ جو اهو عمل ان رياڪاريء کي جنم ڏئي ٿو جيڪا بدعمليء کي قائم ۽ دائم رکڻ لاء ضروري هوندي آهي.هڪ اهڙو سماج جيڪو هڪ شاندار دين تي ايمان رکي ٿو پر جن اصولن جي تعظيم ڪري ٿو عمل ۾ انهن جي ابتڙ هلي ٿو.ان اجتماعي ملامت ڪندڙ ضمير کي مطئمن رکڻ لاء ڪنهن وڏي آٿت جي ضرورت پوي ٿي ان ڪري اسان جي حڪمران اشرافيا هميشه سماج لاء رڳو نمازن ۽ حج جي رسمن واري سندن پنهنجي پسند جي نمائشي اسلام کي  ئي ترقي وٺرائي آهي.انهيء سان اسان پنهنجي روزاني پشيمانيء واري احساس کي ڌوئي وٺون ٿا ته جيئن هر ايندر نئين صبح تي هلڪا ڦلڪا ٿي وري اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ نڪري پئون جيڪو ڌوئي چڪا آهيون.هاڻي سوال اهو ته ڪرپشن جي ان مصيبت ۽ جنجال مان نڪرڻ جو به ڪو رستو آهي؟ضرور آهي جيڪو هڪ بي رحم ۽ اڻ ڌرئي احتساب جي سرنگهه  مان گذري ٿوجيڪو  وٺڻ بدران اسان صرف ڪرپشن ۽ احتساب جو دهل وڄائيندا رهيا آهيون. نئون نسل ايمانداري ۽ معصوم جذبا کڻي پاڪ ۽ صاف پيدا ٿئي ٿو.هي سماج جتي وڏن وڏن ملڪي عهدن تي ويٺلن کان ويندي پٽيوالي تائين ۽ مل مالڪ کان ڏهاڙي ڪمائيندڙ مزدور تائين اٽڪل هر ماڻهو ڪرپشن جي ان گندگيء ۾ گتل رهي ٿو اتي هتان جي نئين نسل جي رهبري ۽ رهنمائيء لاء ڪو نيلسن منڊيلا يا مهاتير محمد ڪٿان اچي!
(روزاني هلال پاڪستان 11 نومبر 2018ع)

Monday, November 12, 2018

تصوف تي لکيل ڪجهه اهم ڪتاب.





شفيق الرحمان شاڪر

تصوف جي دنيا ۾ اولياء ڪرام ۽ صوفياء عظام ڪيترائي املهه ڪتاب ڇڏيا آهن جن جي مطالعي سان انسان پنهنجي زندگيء جي اصل مقصد کان واقف ٿي ابدي ڪاميابيءطرف پهريون قدم وڌائي سگھي ٿو.هونئن ته ان موضوع متعلق بي شمار ڪتاب موجود آهن پر هتي رڳو چند اهم ڪتابن جو ذڪر ڪجي ٿو.

قوت القلوب؛ مشهور قديم صوفي بزرگ شيخ ابوطالب مڪي رحه جي هڪ نهايت ئي جامع تصنيف آهي .اصل ڪتاب عربي زبان ۾ آهي ۽ سن 1310هه ۾ مصر مان شايع ٿيو هو.حضرت داتا گنج بخش پنهنجي ڪتاب ” ڪشف المحجوب“ ۽ حضرت شيخ شهاب الدين سهروردي پنهنجي ڪتاب ”عوارف المعارف“ ۾ بار بار ان ڪتاب مان حوالا ڏنا آهن.هن ڪتاب ۾ شريعت جي پابنديء کي ڪنهن صوفيء جي مسلڪ جو بنيادي جز قرار ڏنو ويو آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته سنت جي پيرويء سواء سلوڪ جو رستو طيء ڪرڻ ناممڪن آهي.

رساله قشيريه ؛ هي ڪتاب شيخ طريقت ابوالقاسم عبدالڪريم بن هوازن القشيري جي تصنيف آهي جن جي وفات جو سال 465هه آهي.هي ڪتاب به مصر مان ڇپيو آهي.ٻين ملڪن سواء برصغير پاڪ هند ۾،چشتي،سهروردي ۽ قادري سلسلن ۾ هن ڪتاب کي وڏي مقبوليت حاصل آهي.هن ڪتاب جي شروع ۾ صوفين سڳورن جا عقيدا بيان ڪيا ويا آهن جنهن بعد 83 مشهور شيخن ۽ صوفين جي زندگيء جي باري ۾ مختصر طور تي بيان ڪيو ويو آهي.

ڪشف المحجوب ؛ تصوف جي موضوع تي پنجين صدي هجريء جي هڪ مايه ناز تصنيف آهي.بنيادي طور تي اهو ڪتاب فارسيء ۾ آهي پر ان جو ترجمو دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ٿي چڪو آهي.اهو ڪتاب عالي قدر بزرگ  حضرت علي بن عثمان الهجويري المعروف داتا گنج بخش رحه جو لکيل آهي.تصوف جي دنيا ۾ جيڪا مقبوليت ان ڪتاب کي حاصل ٿي شايد ئي ڪنهن ٻئي ڪتاب کي حاصل ٿي هجي.مشهور انگريز مشترق پروفيسر نڪلسن ان ڪتاب جو انگريزيء ۾ ترجمو ڪيو آهي ۽ انهيء تي هڪ تحقيقي مقدمو به لکيو آهي.ڪشف المهجھوب ۾ مصنف  صوفياء ڪرام  جي اهم عقيدن کان سواء قديم صوفين کان وٺي سندن دور جي بزرگن  جي زندگين جي باري ۾ لکيو آهي.صوفين جي ادبن ۽ طريقن کي تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي.

احياء العلوم ؛ حجت الاسلام ابوحامد محمد الغزالي رحه جي املهه تصنيف آهي.امام غزاليء جي ڪتابن جو انگ هونئن ته سون ۾ آهي پر جيڪا مقبوليت احياء العلوم جي حصي ۾ آئي سا ڪنهن ٻئي ڪتاب کي نه ملي آهي.هي ڪتاب چئن جلدن تي ٻڌل آهي .پهرئين جلد ۾ عبادتن،ٻئي ۾  عادتن،ٽئين جلد ۾ برباد ڪندڙ شين ۽ آخري جلد ۾ نجات ڏيندڙ شين جو تفصيل سان ذڪر ڪيو ويو آهي.
ڪيميائي سعادت ؛ علامه شبلي جي چوڻ مطابق ”ڪيميائي سعادت“ ڪتاب احياء العلوم جو تت يا خلاصو آهي.هن ڪتاب جي ديٻاچي ۾ پنهنجو پاڻ سڃاڻن،خدا کي سڃاڻڻ  ۽ دنيا توڙي آخرت جي معرفت متعلق آهي جڏهن ته باقي ڪتاب جا موضوع اهي ئي اهن جيڪي احياء العلوم جا آهن.

فتوح الغيب ؛ شيخ المشائخ سيدنا عبدالقادر جيلاني رحه جي مايه ناز تصنيف آهي.حضرت غوث اعظم رحه جهڙيء طرح تقرير ۽خطابت جي ميدان ۾ هڪ الڳ شان ۽ درجو رکن ٿا تهڙي طرح سندن تحريرن جو به صوفياء جي دنيا ۾ هڪ عظيم مقام ۽ مرتبو آهي.فتوح الغيب ۾ سندن مّاطب اهي دنيا پرست بادشاهه،حڪمران،امير،وزير،مولوي،پير ۽ فقير آهن جيڪي دنيا ڪارڻ دين کان منهن موڙين ٿا.هن انهن سڀني کي للڪارڻ سان گڏوگڏ طريقت ۽ سلوڪ جي ڪيترن ئي اهم رازن تان پردو کنيو آهي.هي ڪتاب ڪل 78 مقالن تي مشتمل آهي جيڪي نهايت ئي سبق آموز ۽ ايمان افروز آهن.
الفتح الرباني ؛: هي ڪتاب به سيدنا شيخ عبدالقادر جيلاني رحه جن جي تصنيف آهي جيڪو سندن وعظن،خطبن ۽ تقريرن تي مشتمل آهي.هي ڪتاب مختلف مجلسن ۾ ورهايل آهي جن جو موضوع نيڪيء جو حڪم ڪرڻ ۽ برائيء کان روڪڻ ۽ ڪجهه مجلسون اخلاق ۽ تصوف تي مبني آهن.انهن مجلسن جو انداز تقرير وارو آهي ان ڪري سيدنا شيخ جو جلال هرهنڌ موجود ملي ٿو.

تذڪرت الاولياء ؛ شيخ المشائخ حصرت فريد الدين عطار رحه جن جي وفات 620 هه ۾ ٿي انهن جو لکيل آهي .هن ڪتاب ۾ 97بصوفي سڳورن ۽ بزرگن  جي زندگي،واقعن ۽ سندن قولن جو تذڪرو آهي.هن ڪتاب جي اهميت جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو جو بعد جي صوفي بزرگن مان گھڻن ان ڪتاب جا حوالا ڏنا آهن.

آداب المريدين ؛ هي عربي زبان ۾ هڪ ننڍڙو رسالو آهي جيڪو سهروردي سلسلي جي باني حضرت شيخ ابو نجيب سهروردي رحه جو لکيل آهي جنهن ۾  شريعت ۽ طريقت جا حڪم مريدن لاء بيان ڪيا ويا آهن.

عوارف المعارف ؛ شيخ المشائخ حضرت شيخ شهاب الدين سهروردي رحه جي مايه ناز تصنيف آهي. تصوف تي لڳيل ڪتابن مان هي هڪ جامع ۽ تفصيلي ڪتاب آهي.تصوف جي دنيا ۾ ان کي نهايت ئي بلند درجو حاصل آهي.علم تصوف تي هڪ اهڙو جامع ۽ مستند ڪتاب جنهن ۾ طريقت ۽ معرفتن جي حقيقتن کي هڪ خاص علم جي حيثيت سان بحث هيٺ آندو ويو آهي ۽ گڏوگڏ صوفياء ڪرام جي عمل جو پورو دستور پيش ڪيو ويو آهي.زبردست دليلن سان ثابت ڪيو ويو آهي ته تصوف ڪا غيراسلامي شيء نه آهي ۽ شريعت ۽ طريقت ۾ ڪو تضاد نه آهي.

فتوحات مڪيه ؛ عارف ڪامل شيخ اڪبر محي الدين ابن العربي رحه جو مشهور ڪتاب آهي.هن ڪتاب جي مقبوليت ۽ اهميت جو ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ثبوت ٿي سگھي ٿو جو بعد ۾ ايندڙ سمورڻ وڏن صوفين ان کي پنهنجي مطالعي هيٺ رکيو ۽ مريدن کي هميشه ان جو درس ڏيندا هئا.هي ڪتاب عربي زبان ۾ تصوف تي پهريون جامع ڪتاب آهي جنهن ۾ وحدت الوجود جي نظرئي کي عارفاڻي انداز سان گڏوگڏ حڪيماڻي طرز استدلال سان خوبصورت انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي.

مڪتوبات مولانا رومي ؛ اهو ڪتاب مولانا جلال الدين رومي رحه جي 135 لکڻين يا خطن تي مشتمل آهي.اهي سموريون لکڻيون تصوف جي رازن ۽ رمزن،تعليم ۽ تشريح تي ٻڌل آهن.

(روزاني هلال پاڪستان)

Saturday, November 10, 2018

علامه اقبال وٽ عقل ۽ عشق جو تڪرار.




شفيق الرحمان شاڪر
اقبال توڙي جو عقل جي مقابلي ۾ عشق جي برتريء جوقائل آهي پر ان جو مطلب اهو ڪونهي ته هو عقل جو مخالف آهي.بلڪ هو هڪ مقرر حد تائين عقل جي اهميت جو قائل آهي تنهن هوندي به اهو صحيح آهي ته اقبال عشق کي عقل تي ترجيح ڏئي ٿو ڇوته هن جي ويجھو عشق سان ئي ڪامل علم بصيرت حاصل ٿئي ٿو.ان کانسواء سندس خيال ۾ زندگيء جي سموري سونهن ۽ رونق عشق سان ئي آهي.علم ۽ عقل سان انسان سندس منزل کان واقف ته ٿي سگھي ٿو پر عشق سوا منزل تي پهچي نٿو سگھي.

”عقل  گو  آستان   سي    دور  نهين،
اس ڪي تقدير مين حضور نهين.“
توڙي جو عقل منزل کان پري ناهي پر عقل جي نصيب ۾ منزل حاصل ڪرڻ جي صلاحيت ڪانهي. توڙي جو عام طور تي عقل کان ئي رهنمائيء جو ڪم ورتو ويندو آهي پر عشق عقل کان وڌيڪ ادراڪ جو صاحب آهي.
“زمانه  عقل  ڪو  سمجها  هوا  هي     مشعل    راه،
ڪسي خبر ڪي جنون ڀي هي صاحب ادراڪ.“
اقبال کي سندس رازدانن کان شڪايت آهي ته اهي ان جنون کان محروم آهن،جيڪو عقل کي ڪارسازيء جي راهه ۽ رسم سيکاري سگھي.
”تري دشت و در مين مجهه ڪو وو جنون نظر نه آيا،
ڪي سکا سڪي خود ڪو راه و رسم ڪارسازي.“
عشق جي نور سواء علم ۽ عقل جي مدد سان دين يا تهذيب جي جيڪا به تشريح ڪئي ويندي اها ڪڏهن به حقيقت تي ڳري پئجي نٿي سگھي.عقل تصورن جو بتخانو ته جوڙي سگھي ٿو پر زندگيء جي صحيح رهبري ڪري نٿو سگھي.
”عقل ودل و نگاه ڪا مرشد اولين هي عشق،
عشق نه هو شرع ودين بت ڪده تصورات.“
اقبال جي نزديڪ عقل جي ڪمزوري اها آهي جو ان ۾ مستن واري جرئت جي کوٽ آهي.جيستائين عشق عقل جو ڀرجھلو نه بڻجي اهو اڳتي وڌي نٿو سگھي.عقل سببن جي ڄار ۾ ڦاسي اصل حقيقت کان پري رهي ٿو.ان مان ثابت ٿيو ته اقبال سراسر عقل جو مخالف ناهي.سو انساني تاريخ شاهد آهي ته اهي سمورا مامرا جن سان قومن جي زندگي بدلجي ويئي اهي ڪنهن نه ڪنهن جذبي تحت عمل ۾ اچن ٿا،انهيء ئي خيال کي اقبال هنن لفظن ۾ بيان ڪري ٿو ته
“ بي خطر ڪود پڙا آتش نمرود مين عشق،
عقل هي  محو  تماشائي  لب   بام     ابهي.“
زندگيء جو اهو گھاء جنهن کي عقل ڀري نٿو سگھي تنهن کي عشق پنهنجن ڪرامتن سان بنان ڪنهن دوا ۽ ملم جي چاڪ ڪيو ڇڏي.
“ وو پراني چاڪ جنهين عقل سي سڪتي نهين،
عشق  سيتا   هي  انهين    بي سوزن    و   تار   رفو.“
عقل جي عياري ۽ چالاڪي ۽ عشق جي سادگي ۽ سچائيء کي هنن لفظن ۾ بيان ڪيو اٿس.
“عقل عيار هي سو  ڀيس  بدل  ليتي   هي،
عشق بيچاره نه ملا هي نه زاهد نه حڪيم.“
روحاني ترقي جنهن کي اقبال انساني زندگيء جو اصل مقصود سمجھي ٿو اها عشق جي رهبريء سواء ممڪن ئي ناهي ۽ انهيء رستي ۾ اقبال عقل ۽ علم کي سڃو ۽ هٿين خالي سمجھي ٿو.هن خود پاڻ به اهڙو اعتراف ڪيو آهي ته
” خرد ني مجهي عطا ڪي نظر حڪيمانه،
سکائي عشق ني مجهه ڪو حديث رندانه.“
ڪڏهن ڪڏهن عقل جي نگهباني ۽ نگراني انسان کي گھڻو تنگ ڪري ٿي خاص طور تي جڏهن عقل تنقيد کي ئي پنهنجو نصب العين بنائي ڇڏي.اهڙن موقعن تي اقبال پنهنجن عملن جو بنياد عقل جي بدران عشق تي رکڻ جي صلاح ڏئي ٿو.
”عقل ڪو تنقيد سي فرصت نهين،
عشق   پر  اعمال  ڪي   بنياد   رک!“
ڪڏهن ڪڏهن اقبال جي ضمير ۾ تڪرار ٿيڻ لڳي ٿو ۽ کيس احساس ٿئي ٿو ته عشق ئي حق آهي ۽ عقل ان جي ڀيٽ ۾ اهو ئي درجو رکي ٿو جيڪو رسول عربي صلي الله عليه وسلم جي مقابلي ۾ ابولهب جو هو.
” تازه ميري ضمير پر معرڪه ڪهن هوا،
عشق تمام مصطفيٰ، عقل تمام بولهب.“
ظاهر آهي ته اهڙي صورت ۾ عقل کان ڪنهن قسم جي رهنمائيء جي اميد رکڻ اجائي آهي.اهو ئي سبب آهي جو اقبال عشق کي عقل کان مٿانهون ۽ برتر قرار ڏئي ٿو.جيڪر اقبال جي تصور عشق جي باري ۾ هڪ جملي ۾ ڳالهه ڪئي وڃي ته علامه جي شعر جي هڪڙي مصرع ۾ ئي ڳالهه مڪمل ڪري سگھجي ٿي.
”عشق ڪي ايڪ جست ني ڪرديا قصه تمام“
اهو ئي سبب آهي جو اقبال عقل بدران عشق کان ڪم وٺڻ جو مشورو ڏئي ٿوجنهن جي هڪڙي ڇلانگ سان سمورو قصو ختم ٿي سگھي ٿو جنهن پنڌ کي انسان اڻ کٽ سمجھي ٿو اهو عشق جي ڇلانگ سان انسان طيء ڪري سگھي ٿو. ان تفصيل مان اهو اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته اقبال جو عشق جو تصور اردو ۽ فارسيء جي ٻين شاعرن کان ڪيترو مختلف آهي.اقبال مطابق عشق،رڳو مجبوري ۽ بيچينيء واري ڪيفيت،جنسي هيجان ۽ متيون وڃائڻ جو نالو ناهي پر هن جي نزديڪ عشق نالو آهي هڪ ڪائناتي قوت حيات جو ۽ عمل جي جذبي سان سرشاريء جو.

(روزاني مهراڻ 9 نومبر 2018ع)