Saturday, December 30, 2023

دھل وڄي ۽ دوسو رھي!


شفيق الرحمان شاڪر

خير سان چونڊن جي موسم وري موٽي آئي آھي.ھر طرف سياسي بھاريون لڳيون پييون آھن.گهڻن لاء ھيء موسم ڪمائيء جي موسم ھوندي آھي.بينر، پينافليڪس،پوسٽر، پمفليٽن۽ بيج وغيرھ تيار ڪرڻ وارن جون موجون لڳي وڃن ٿيون.بورچين جون بھ عيدون ٿيو وڃن.ڪرائي تي ھلندڙ ڪارن موٽرن جي مالڪن جو بہ ڀاڳ کلي ٿو.لوڪل بي روزگار ننڍن ننڍن وڏيرن ۽ پٽيلن جي بہ چاندي ٿيو پوي جيڪي ٽوپيون ڏنگ تي رکي،واڇون ٽيڙي اميدوارن سامھون پنھن جي سياسي ۽ راڄوڻي حيثيت جا ڪوڙا ڦٽاڪا ٻاري ۽ سندن ٻٽونء ۾ ھزارين ووٽ حاضر ھئڻ جون دعوائون ڪري سياسي واپار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن.صبح جو ھڪڙي اميدوار جي اوطاق تي تہ رات جو وري ان جي مخالف اميدوار جي ديري تي مکين جيان پيا ڦيرا ڏيندا.ھاڻي تہ ڪارڪن بہ ڪرائي تي حاصل ڪرڻا پون ٿا.جھڙي ڪوالٽي تھڙي قيمت، جھڙو مال تھڙو اگھ،جھڙو منھن تھڙو........، جھڙا روح تھڙا ختما. پوسٽر ۽ بينر لڳائڻ وارن جا الڳ ٺيڪيدار، نعرا ھڻندڙ ۽ نچندڙن جي پنھن جي قيمت، مخالف اميدوارن جا پوسٽر ڦاڙڻ ۽ بينر لاھڻ لاء الڳ ٽاسڪ فورس، مخالف اميدوار جي ڪردار ڪشي ڪرڻ لاء جدا ٽيم.

ھاڻي تہ ھر ڪم جديد ۽ سائنسي بنيادن تي ٿئي ٿو.اصل مقابلي جي جڳھ بلڪ کٽڻ ۽ ھارائڻ جو ھنڌ سوشل ميڊيا آھي.نجي طور تي توھان پڇا ڪندا تہ ھر ماڻھوء تي اليڪشني اميدوارن خلاف شڪايتن جا دفتر زبان تي ٻڌڻ لاء ملندا پر جي نظر ڊوڙائبي تہ اھي ئي ماڻھو انھن اميدوارن جي سياسي ميلن ۾ نچندي، ٽپندي، ھنڀوچيون ھڻندي، ھو جمالو ڳائيندي،گڦون ھاريندي ۽ نعرا ھڻندي نظر ايندا.انھيء رويي کي خبر ناھي سياسي ڊڪشنري ۾ ڇا سڏبو آھي پر اسان ان کي ”سياست “ سڏيندا آھيون. ”آوي ھي آوي“کان “جيوي ھي جيوي“ تائين، ”اسان جو اميدوار ھيرو، ٻيا سڀ زيرو“ جي قواليء کان ” اڄ تہ ٿي ويئي فلاڻو فلاڻو” جي راڳ تائين پوري ملڪ کي تپائي کڻندا.

آئين، منشور، نصب العين ۽ ڪارڪردگيون، ڪير ٿو ان فضول جهنجهٽ ۾ پوي.بس موقعو آھي تہ ڪجھ جھان ٺاھي وٺجي.اسان وٽ اليڪشن جي معنيٰ آھي ناچ، ٽپا،تاڙيون،تقريرون، ڀت ۽ بريانيون.اليڪشن لٿي کان پوء ”ڪم لٿو ڪاغذ ڦاٽو“ بس پوء ”جوڳي نہ ڪنھن جا مٽ.“ رھي ڪارڪردگي تہ اھا نہ اليڪشن کان اڳ ٿي ڪنھن کي ياد اچي ۽ نہ ئي اليڪشن کان پوء ڪو ڪنھن کان سوال ڪري پنھن جي قيامت ٿو ڪاري ڪرڻ گهري.

بس ھلندا ھلو.ڪنھن اڻ ڄاتل منزل جي تلاش ۾ بلڪ بنان ڪنھن منزل ۽ مقصود جي روہ تتيء جو ڪنھن رڃ ۾ رلندا رھو.اسان مان اڪثريت اڄ بہ ان کي پنھن جو مقدر سمجهي صبر جميل جو مظاھرو ڪندي ٿي اچي.ڪير ايندو، ڪير ويندو، ڪير کٽيندو، ڪير ھارائيندو، ماڻھن کي ان سان نہ ڪا دلچسپي آھي ۽ نہ ئي اھو سندن زندگيء جي سڌاري يا برباديء جو سوال آھي.اسان تہ اڄ تائين اھو ئي سمجهندا ٿا اچون تہ اليڪشن ڪمائيء جي موسم آھي،مال ميڙڻ سان گڏوگڏ نوان نينھن لائڻ ۽ نوان ناتا جوڙڻ جو سونھري موقعو آھي.جيڪر اوھان جي زبان شريف ۾ اھا صلاحيت موجود آھي جو اھا دھل جي ھر ڏوڪي تي واہ واہ جو سنگيت پنھنجن ڪجھ ھمنوائن سان گڏجي سر ۾ ڳائي سگهي ٿي تہ اليڪشن جي موسم ۾ اوھين دنيا جا ڪامياب ترين انسان آھيو. ملڪ جا مسئلا ڪھڙا آھن، سنڌ کي کي ڪھڙا چيلينج درپيش آھن،اسان جون قومي ۽ اجتماعي ڏکيائيون ڇا آھن؟ قومي ڳڻتيء جا ڪھڙا سوال آھن.انساني بنيادي حق ۽ زندگيء جون بنيادي سھوليتون ڇو ميسر ناھن؟ اھو مٿي جو سور نہ تہ ووٽ وٺندڙن جو آھي ۽ نہ ئي ووٽ ڏيندڙن جو،اھي سڀ معاملا دانشورن،سماجي ڪارڪنن،صحافين، اديبن، دانشورن ۽ شاعرن کي حل ڪرڻا آھن جيڪي انھن ”ميلاين“ جي نظر ۾ سڀ چريا آھن.اسان ٻي عام خلق کي تہ ڄڻ بس ”جيئي جيئي“ ، ”زندہ باد“ ۽ ”مردہ باد“ جي ڀنگ گهوٽڻ لاء پيدا ڪيو ويو آھي.بک،بدحالي، بيماري ۽ بي روزگاري اسان جا بنيادي حق آھن ۽ شڪر آھي جوحڪومتن ۾ ايندڙ ۽ ويندڙن مان اڄ تائين ڪنھن بہ اسان کي پنھنجن انھن بنيادي حقن کان محروم ناھي ڪيو.انصاف جو عاليشان نظام اسان وٽ خدا جي فضل سان اڳ ۾ ئي موجود آھي ۽ انشاء اللھ آئيندہ صدين تائين ڪو بہ ان نظام جو وار ونگو ڪري نٿو سگهي.”ڏاڍي جي لٺ کي ٻہ مٿا واري سرشتي“ کي نہ اڳ ۾ خطرو ھو ۽ نہ ئي ھاڻي ڪو کيس ڪوسو واء لڳڻ وارو آھي.

سو سياڻن کي صلاح آھي تہ وارو ڪريو جو وري پنج سال انتظار جي اذيت سھڻي پوندي.بس، في الحال ھن اليڪشن لاء ئي جيئو.آئيندي جي سمورن وسوسن، خوف خطرن،وھمن ۽ گمانن کان آزاد ٿي.اھا ”آزادي“ وڏي نعمت آھي جيڪا جھان ۾ قومن جو جيون سنوارڻ لاء ڪافي ۽ شافي آھي.ھروڀرو مستقبل جي مشڪلاتن جو اونو ڪرڻ ڪٿان جي عقلمندي آھي.جهومو، ڳايو، جهمريون پايو،ھنڀوڇيون ھڻو.جي ٿي سگهي تہ مخالف اميدوار جي ڪن غريب حامين جي ڳچي بہ ضرور پڪڙيو ۽ ٿوري گهڻي ٿڦا ٿڦي بہ ٿئي تہ ھرج ناھي.انھيء طريقي سان توھان اليڪشن جي ڪمائيء ۾سٺو بونس حاصل ڪري سگهو ٿا.جيڪي نچي نٿا ڄاڻن اھي جاھل آھن ۽ انھن کي جاھل ئي رھڻ ڏيو،۽ کين سندن حال تي ڇڏي ڏيو.اھي انگ ۾ تمام ٿورا ھوندا لکين تہ ”دوسو“ آھن جيڪي اليڪشن جو اھو ميلو مناسب نموني مچائڻ لاء ھر وقت سر تريء تي رکي حاضر ملندا.بس ڏونڪي لڳڻ جي دير آھي پوء

”دھل وڄي ۽ دوسو رھي!“

( روزاني ھلال پاڪستان 29 ڊسمبر 2023ع)

Wednesday, December 27, 2023

”غداري“ جا سرٽيفڪيٽ ورھائڻ واري روش.

 

شفيق الرحمان شاڪر

دنيا جي تاريخ تي نظر وجهبي تہ ڪيترائي اھڙا نالا ملن ٿا جن پنھنجي ذات خاطر ملڪي ۽ قومي مفادن کي وڪڻيو.عالمي رپورٽ موجب دنيا جو سڀ کان وڏو ۽ پھريون نمبر غدار آندري ويلاسوف آھي.ھي اھڙو ويڙھاڪ ھو جيڪو ماسڪو کي ھٽلر جي قبضي کان بچائڻ گهرندو ھو پر لينن مارٽ لاء جنگ ڪندي آندري جرمن فوجين جي ور چڙھي ويو،گرفتار ٿيڻ بعد ھن جرمن کي پنھنجي ملڪ جي باري ۾ حساس معلومات ڏيڻ شروع ڪري ڏني ۽ روسي فوجن کي اڻ ميو نقصان فوجن پھچايو.

تاريخ جو ٻيو وڏو غدار وٽڪن ڪسلنگ سڏرائي ٿو.1942ع ۾ ناروي جو صدر بڻيو ۽ صدارت جي تخت تان ئي ھن کي ڦاسيء جي تختي تي ٽنگيو ويو.ڪسلنگ جو تعلق بہ نارويجين فوج سان ھو.1940ع ۾ ڪسلنگ ھٽلر سان ملاقات ڪئي ۽ ناروي جي صدارت بدلي ھن پنھنجي ئي فوج ۽ ملڪ خلاف ڪاروائي ڪندي ناروي جي فوج کي شڪست ڏيئي صدارت سنڀالي.

ٽيون وڏو غدار مير جعفر آھي جيڪو اسان جي تاريخ جو اھم ڪردار آھي.ھن برطانوي فوج جي سربراھ رابرٽ سان ملي پلاسيء جي جنگ ۾ مسلمانن جي شڪست جو سبب بنيو.اھو مير جعفر ئي ھو جنھن انگريزن کي ننڍي کنڊ تي ٻن سو سالن تائين قابض رھڻ لاء رستو مھيا ڪيو.

اھڙيء طرح غدارن جي ڊگهي فھرست ۾ چين جو چن ھوئي، يونان جو ايفليٽس ٽريچنر،آمريڪي بينٽ آرنلڊ ۽ فلپائين جو ايميليو اوگونالڊ عالمي رينڪنگ ۾ پھرئين نمبر جا غدار آھن.اھي ڪجھھ نالا اھڙا آھن جن پنھنجي ملڪ ۽ قوم جي خلاف قدم کنيا ۽ تاريخ انھن کي غدار قرار ڏنو.

اھڙيء طرح پاڪستان جي تاريخ تي نظر ڊوڙايون تہ پاڪستان جي قيام بعد 1951ع ۾ غداريء جو پھريون مقدمو مشھور شاعر فيض احمد فيض خلاف ٺھيو جنھن تي الزام ھو تہ ھن پاڪستان جي پھرئين وزير اعظم لياقت علي خان جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي سازش ۾ حصو ورتو جنھن کي ”راولپنڊي سازش ڪيس“ بہ چيو وڃي ٿو.ان ڪيس ۾ فيض احمد فيض کي چار سال قيد ۾ رکيو ويو.ان کان پوء خان عبدالولي خان تي 1975ع ۾ غداريء جو ڪيس داخل ٿيو. ولي خان پشتون اڳواڻ ۽ عوامي نيشنل پارٽيء جو سربراھ ھو.ھن تي پيپلز پارٽيء جي حيات شيرپائو جي قتل جي الزام سان گڏ آزاد پختونستان ۽ گريٽر پختونستان لاء ڪم ڪرڻ جو الزام ھو.ولي خان ۽ سندس 51 ساٿين تي غداريء جو مقدمو داخل ڪيو ويو ۽ کين قيد ڪيو ويو.1978ع ۾ جڏھن ان وقت جي ڊڪٽيٽر جنرل ضياء کي قومپرستن جي حمايت جي ضرورت پيئي تہ ھن ولي خان سميت سندس 51 ساٿين کي ”محب وطن“ جو سرٽيفڪيٽ ڏيئي کين آزاد ڪري ڇڏيو.

2003ع ۾ مسلم ليگ نون جي جاويد ھاشميء خلاف غداريء جو ڪيس جڙيو ۽ کيس 3 سالن لاء جيل ڀوڳڻو پيو.جاويد ھاشميء تي الزام ھو تہ ھن ڪنھن حاضر سروس آرمي آفيسر جو خط ليڪ ڪيو جو ان وقت جي آرمي چيف جي آمريڪا نواز پاليسين جي خلاف ھو.جاويد ھاشميء کي ٽن سالن کان پوء ضمانت تي آزاد ڪيو ويو.قانون قدرت ڏسو تہ ساڳئي پرويز مشرف تي 2014ع ۾ سنگين غداريء جو ڪيس داخل ٿيو.اھو پاڪستاني تاريخ ۾ ڪنھن بہ آرمي چيف خلاف غداريء جو پھريون ڪيس ھو.پرويز مشرف خلاف 3 نومبر 2007ع ۾ ايمرجنسي نافذ ڪري آئين معطل ڪرڻ جو الزام ھو.ان ڪيس ۾ ڊسمبر 2019ع ۾ پرويز مشرف کي ڦاسيء جي سزا ٻڌائي ويئي توڙي جو بعد ۾ لاھور ھائي ڪورٽ طرفان اھا سزا معطل ڪئي ويئي.

پاڪستان ۾پنھن جي مرضيء سان غداريء جا سرٽيفڪيٽ ورھائڻ ۽ پنھن جي مرضيء سان ساڳين ئي ماڻھن کي محب وطن قرار ڏيڻ واري راند تمام پراڻي آھي ۽ ھن وقت تائين جاري آھي.غداريء جي الزامن واري فھرست ۾ پھرئين نمبر تي سياستدان پوء صحافي،شاعر،اديب ۽ پنھن جا حق گهرندڙ ماڻھو يا گروھ شامل رھيا آھن.جنگ جي ايڊيٽر انچيف کي سياسي اختلافن جي بنياد قيد ڪيو ويو.ميان نواز شريف ۽ سندس خاندان جي فيڪٽرين ۾ ڀارتي ايجنٽن جي ڪم ڪرڻ جون خبرون ھلايون وييون.محترمہ بينظير ڀٽو کي ملڪ لاء سيڪيورٽي رسڪ قرار ڏنو ويو.ڪيترن ئي ميڊيا چينلز کي ٻاھرين ملڪن کان فنڊ وٺڻ جي الزام ھيٺ ملڪ دشمن ۽ غدار قرار ڏنو ويو.تحريڪ انصاف جي ڪجھ اڳواڻن تي بھ ھن وقت ڪجھ اھڙي قسم جا الزام آھن.

ھن وقت ملڪ ۾ مسنگ پرسنس جي حوالي سان جيڪا صورتحال آھي پوري دنيا ۾ تنھن پاڪستان جي ساک خراب ڪري رکي آھي.جيڪي بہ ماڻھو گم ڪيا وڃن ٿا انھن تي ”غداري“ ۽ ”ملڪ دشمني“ جا الزام ھنيا وڃن ٿا.اھي الزام سچا آھن يا ڪوڙا انھن جو فيصلو ڪير ڪندو؟ عدالتن کي ڪرڻ گهرجي يا چند ماڻھن جي گروھ کي؟ غداريء جا سرٽيفڪيٽ ورھائيدڙن اوڀر پاڪستان جي ماڻھن سان جيڪو سلوڪ ڪيو اھو ھاڻي ڪو راز نھ رھيو آھي.ساڳيو ئي سلوڪ ننڍن صوبن جي مختلف قوميتن سان اڄ بہ جاري آھي.بلوچستان ۽ ڪي پي توڙي سنڌ جي ماڻھن سان ماٽيلي ماء وارو سلوڪ اڄ بہ جاري آھي.اھائي الزامن جي نوعيت، اھا ئي غداريء جا سرٽيفڪيٽ ورھائڻ واري پراڻي ريت،اھو ئي ماڻھن کي سندن بنيادي حق گهرڻ تي طاقت جو غير ضروري استعمال، مطلب تہ اھا ئي ڪھاڙي اھائي وڍڻ جي وار اڄ بہ جاري آھي.دنيا جي ڪابہ رياست پنھن جن شھرين سان اھو سلوڪ نھ ڪندي آھي جيڪو اسان جي پياري ملڪ ۾ ھڪ گروھھ پھرئين ڏينھن کان جاري رکندو پيو اچي.شايد اسان جي ان مقتدر گروھ اڃا تائين دل سان اھو تسليم ئي ناھي ڪيو تہ پاڪستان مختلف قوميتن جو ھڪ وفاق آھي،اھا ڪنھن فرد يا گروھ جي ذاتي جاگير ناھي.ھتي فيصلا اھي ئي پائيدار ٿي سگهن ٿا جن ۾ سمورين وفاقي اڪاين جي راين کي ھڪ جھڙي اھميت ڏني ويئي ھجي.تعصب جي عينڪ پائي ۽ پنھن جن ئي ماڻھن کي غدار قرار ڏيڻ واري ذھنيت سان ڪيل سمورا فيصلا طاقت جي زور تي ڀلي عمل ۾ بہ آندا وڃن پر اھڙا فيصلا قومي فيصلن واري حيثيت حاصل ڪري نٿا سگهن.ھي جو ماڻھن کي ” ملڪ جي سلامتي“ وارا ڀاشڻ روز ورجايا وڃن ٿا ان خود فريبيء مان ٻاھر نڪري حقيقتن کي قبول ڪرڻ گهرجي ۽ وڏي ۾ وڏي حقيقت اھا آھي تہ پاڪستان ۾ رھندڙ مختلف قوميتن کي ھن وقت نھايت مايوسيء ۽ بيوسيء جو احساس آھي. اھا مايوسي ۽ بيوسي ھاڻي غصي ۽ بيزاريء جو روپ اختيار ڪندي ٿي وڃي.وقت اچي ويو آھي تہ مقتدر ڌريون پنھن جي سوچ ۽ روين تي ڪجھ نظرثاني ڪن ۽ مسئلن ۽ مونجهارن جي پائيدار حل لاء ڪنھن گرينڊ ڊائيلاگ جي شروعات ڪرڻ گهرجي.

(روزاني عوامي آواز 25 ڊسمبر 2023ع)

Friday, December 22, 2023

ايندڙ چونڊون ۽ فرار جي ڪيفيت.


 

شفيق الرحمان شاڪر

سوال اھو ٿو پيدا ٿئي تہ پاڪستان تحريڪ انصاف جنھن کي سندن حڪومت جي خاتمي بعد سمورن سياسي پارٽين کان وڌي ڪري نين عام چونڊن جي تڪڙ ھئي سا ھاڻ مختلف حيلن بھانن سان چونڊون ملتوي ڪرائڻ جي منصوبي جو حصو ڪيئن بڻجي ويئي آھي؟ حالانڪ جڏھن عمران خان حڪومت تحريڪ عدم اعتماد جي نتيجي ۾ ختم ٿي ھئي تہ خان صاحب جي زبان تي صبح سانجهيء ھڪڙو ئي راڳ ھو تہ جلد کان جلد ٻيھر عام چونڊون ڪرايون وڃن جنھن مقصد لاء ھو نہ رڳو عدالتن ۾ بہ ويو پر پنجاب توڙي ڪي پي ۾ پنھنجون حڪومتون بہ پنھن جو پاڻ ختم ڪرائي ڇڏيائين،ھاڻي جڏھن عام چونڊن جو شيڊول بہ جاري ٿي چڪو آھي تہ خان صاحب چونڊون ملتوي ڪرائڻ لاء مختلف عدالتن جا در کڙڪائيندي نظر اچي ٿو.تحريڪ انصاف جي ھڪ اھم وڪيل ۽ عھديدار گذريل ھفتي لاھور ھائيڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي تہ اليڪشن ڪميشن عام چونڊن ۾ عدليا مان رٽرننگ آفيسر مقرر ڪرڻ بدران انتظاميہ مان مقرر ڪيا آھن جنھن ڪري چونڊون صاف ۽ شفاف نہ ٿي سگهنديون.ھميشہ جيان لاھور ھائي ڪورٽ تحريڪ انصاف جي ھا ۾ ھا ملائيندي اليڪشن ڪميشن کي چونڊن جو شيڊول جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ ھڪ لارجر بينڇ جي جوڙجڪ ڪئي ويئي تہ جيئن چونڊن واري عمل کي پوئتي ڌڪيو وڃي،حالانڪ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس اٽارني جنرل کي وچ ۾ آڻي چونڊن جي تاريخ 8 فيبروري مقرر ڪرائي ھئي ۽ اھو بہ واضح ڪيو ھو تہ چونڊن جي اھا تاريخ پٿر تي لڪير سمجهڻ گهرجي ۽ ان سلسلي ۾ وڌيڪ وھم گمان پکيڙڻ جي ڪنھن کي بہ اجازت نہ ڏني ويندي. جيڪر ڏٺو وڃي تہ انھن حالتن ۾ ھڪ بھتر فيصلو ھو جو ڪيتريون ئي ڌريون ھر قيمت تي چونڊن جي عمل کي ھڪ ڊگهي عرصي تائين پوئتي ڌڪڻ واري منصوبي تي پنھن جو پورو زور لڳائي رھيون ھيون.بجاء ان جي جو تحريڪ انصاف سپريم ڪورٽ جي ان ٽياڪڙيء واري عمل جي مڪمل حمايت ڪري،انھن ان عمل کي روڪڻ لاء پنھن جو زور لڳائڻ شروع ڪري ڏنو.جڏھن لاھور ھائي ڪورٽ جو چونڊن ۾ رڪاوٽ جي حوالي سان اھو فيصلو سامھون آيو تہ انھيء ئي ڏينھن سپريم ڪورٽ جي ھڪ ٽي رڪني بينچ اھو فيصلو رد ڪندي اليڪشن ڪميشن کي ترت اليڪشن جو شيڊول جاري ڪرڻ جون ھدايتون ڏيئي ڇڏيون جنھن ڪري تحريڪ انصاف توڙي ڪجھ ٻين ڌرين کي مايوسيء جو منھن ڏسڻو پيو.لاھور ھائي ڪورٽ سان رجوع ڪندڙ انصافي اڳواڻن کي نادان دوست چئجي يا داناء دشمن پر انھن عام ماڻھن ۾ اھو تاثر پکيڙڻ ۽ مضبوط ڪرڻ ۾ ڪا بہ ڪثر نہ ڇڏي تہ تحريڪ انصاف کي چونڊن ۾پنھن جي ڪاميابيء جو ڪو ڀروسو ناھي.ٻئي طرف دعوائون اھي پئي ڪيون وييون تہ تحريڪ انصاف جي جيڪا عوامي مقبوليت آھي ان مطابق اھا چونڊن ۾ ٻہ ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل ڪري وٺندي.ان ۾ ڪو شڪ نہ ھئڻ گهرجي تہ تحريڪ انصاف جو ھڪ مضبوط ووٽ بينڪ اڄ بہ موجود آھي پر تحريڪ انصاف ھن وقت جن ڏکين حالتن مان گذري رھي آھي تڏھن رڳو ھمدرديء جي بنياد تي چونڊن ۾ ڪا فيصلائتي ڪاميابي ماڻڻ ڪو آسان ڪم نُہ ٿيندو.عمران خان سان گڏوگڏ ڪيترائي اھم انصافي اڳواڻ عملي طور تي سياسي ميدان کان آئوٽ ٿي چڪا آھن ۽ صاف نظر اچي پيو تہ تحريڪ انصاف کي سياسي عمل توڙي ايندڙ چونڊن ۾ کيڏڻ لاء مناسب ميدان نہ پيو ڏنو وڃي،انھن حالتن ۾ خان صاحب لاء واحد سھارو ملڪي عدليہ توڙي اسٽيبلشمينٽ ۾ ويٺل سندس ڪجھ ” ھمدرد“ آھن جيڪي بہ بد قسمتيء سان بدليل حالتن ۾ ھن لاء ڪو موثر ڪردار ادا ڪرڻ کان قاصر نظر اچن ٿا.انھن حالتن ۾ ايندڙ چونڊون تحريڪ انصاف جي لاء ڪھڙو سوڻ ثابت ٿينديون في الحال ڪجھ اڳڪٿي ڪري نٿي سگهجي پر حالتون ٻڌائين ٿيون تہ مقتدر ڌرين موجودھ چونڊن ۾ تحريڪ انصاف خاص طور تي خان صاحب کي ھر صورت ۽ ھر قيمت تي ٻاھر رکڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي ۽ في الحال ان فيصلي تي نظرثانيء جي ڪا گنجائش نظر نٿي اچي،ٻئي طرف ايندڙ چونڊن ۾ جن کي اڳيان آڻڻ جون تياريون ٿي رھيون آھن انھن جي باري ۾ بہ سوين شڪ شبھا ۽ انومان اتي جا اتي موجود آھن ۽ ڪوشش ڪئي پئي وڃي تہ ڪنھن بہ طرح ”مائينس ون“ وارو فارمولا لاڳو ڪري ڪا سڪون جي بانسري وڄائي وڃي پر اھو معاملو بہ ايڏو سادو ۽ سولو ثابت نہ ٿيندو. ميان صاحب ڪيتري سھپ ۽ صبر جو مظاھرو ڪندو؟ شھباز جو شوق پورو ٿيندو يا نہ، پيپلز پارٽي،استحڪام پاڪستان پارٽي،پرويز خٽڪ گروپ، ايم ڪيو ايم،جي يو آئي جو ايندڙ سياسي عمل ۾ ڪھڙو ۽ ڪيترو حصو پتي ھوندو.اھي سڀ سوال اڃا حل طلب آھن.سڀني شڪن شبھن ۽ مونجهارن باوجود اھو تھ واضح ٿي چڪو آھي تہ ايندڙ چونڊون پنھن جي مقرر تاريخ تي ئي ٿيڻيون آھن ۽ سپريم ڪورٽ جي ھاڻوڪي چيف جسٽس جي موجودگيء ۾ چونڊن جي عمل کي ڪنھن بہ طرح متاثر ڪرڻ واري ڪابہ حرڪت ڪامياب ٿيندي نظر نٿي اچي.انھِ پس منظر ۾ ھڪ دلچسپ سياسي صورتحال پيدا ٿي چڪي آھي.اھڙيون چونڊون جن کان ڀڄي بھ نٿو سگهجي پر بنان ڪنھن خوف ۽ خطري جي اطمينان سان انھن ۾ شامل ٿيڻ لاء بہ ڪيتريون ئي ڌريون تيار نظر نٿيون اچن!

(روزاني عوامي آواز 20 ڊسمبر 2023ع)

Wednesday, December 13, 2023

سر سامونڊي؛ ” سکاڻيا مَ سمهو.“


 

شفيق الرحمان شاڪر

هن سر ۾ سمنڊ،سامونڊي وڻجارن ۽ سندن نارين جي اڌمن ۽ اوسيئڙن جو ذڪر ٿيل آهي جنهن ڪري هن سر تي اهو نالو پيو آهي.مشهور هندستاني راڳڻين مان اهڙو ڪو به راڳ موجود ناهي جنهن جو نالو سر سامونڊي هجي. هن سر ۾ شاه سائينء جي شاعراڻي شعور جون ٻه خاص خوبيون نڪري نروار ٿين ٿيون.هڪڙو ته منجهس دلسوزي ۽ رقت نهايت نازڪ اندازيء سان بيان ڪئي ويئي آهي.ٻيو ته زال ذات جي دلي جذبن،اندروني اڌمن ۽ امنگن جي اهڙي ته چٽي مورت اڪريل آهي جو ڄڻ ته شاعر پاڻ زال بڻجي پيو هجي.وڻجاريء جي اندر جا احوال،جيڪي پور کيس پل پل پون ٿا تن جو اظهار،انيڪ وسوسن ۽ وهمن جي برسات،ڪانڌ جي موٽي اچڻ جو اوسيئڙو ۽ انتظار،بندر تي ناکئن کان پرينء جو پڇڻ،باسون باسڻ،چوواٽن تي ڏيئا ٻارڻ، مطلب ته جيستائين وڻجارو صحيح سلامت واپس نٿو موٽي هن ويچاريء جي زندگي وهه بڻجيو وڃي.

سندن پرديس اسهڻ جو منظر ڪيڏو نه ڪربناڪ آهي جو؛

” ننگر، ناتاريون، پڳهه کڻي پنڌ ٿيا،

بندر، بازاريون، سڃا سامونڊين ريء.“

جڏهن وڻجارا ننڍا وڏا لنگر کڻي ۽ رسا کولي سفر تي روانا ٿيا ته انهن سواء سنسار سنسان ۽ بازارون ويران ٿيون محسوس ٿين.جڏهن ڏياري جو وقت آيو ته وڻجارن سڙهه کولي ٻيڙين کي سمنڊ حوالي ڪيو ۽ وڻجاري ٻيڙيء جي ونجهه کي ڀاڪر پائي روئي رهي آهي.

”ڏٺي ڏياري، سامونڊين سڙهه سنڀائيا،

وجھيو ور ونجهه کي، روئي وڻجاري،

ماريندم ماري، پرهه سور پرينء جا.“

لڳي ٿو ته وڇوڙي جا اهي سور هن ويچاريء کي ماري وجھندا.چوي ٿي ته جيڪر کيس خبر هجي ها ته سندس ور اهڙو ڌنڌو ٿو ڪري جو سالن جا سال گھر کان پري ٿو گذاري ته هوند هوء ڪڏهن به هن سان شادي نه ڪري ها.

”جان وڻجارو ڪانڌ، تان مون هڏ لائون لڌيون،

پرڏيهه  مٿي سانگ،    اٺئي     پهر ان جو.“

جڏهن سر ۽ لوهيڙا ڳڀجن ٿا ۽ انهن ۾ قدرتي گلڪاري رنگ ڀري ٿي ته وڻجاريء کي ور جي ياد گهڻو ستائي ٿي ۽ کيس اهو وسوسو ٿو ستائي ته شايد سندس سڄڻ کي واپس ورڻ واري ڳالهه وسري ويئي آهي.

”سر   لوهيڙا    ڳڀيا،    ڪسر   نسريا،

تو ڪيئن وسريا، ڍوليا! ڏينهن اچڻ جا.“

هن سر ۾ روحاني راز اهو سمايل آهي ته دنيا جو مثال هڪ گهري ۽ گھاٽي سمنڊ جيان آهي. سمنڊ جو هڪ خوفناڪ منظر جو سمنڊ جي مٿاڇري تي ڪوهيڙي مثل لڙاٽ ڇانيل آهي جنهن ڪري پري پري تائين نظر نٿي پوي،پاڻيء جون تکيون ۽ بي رحم لهرون آهن جيڪي انسانن توڙي غورابن کي غرق ڪرڻ لاء آتيون آهن.

” لڙ، لهريون، لس، ليٽ، جت اَتُ نه آب جو،

الله ات ۾  اولئين،   ٻيڙا     مٿي    ٻيٽ،

جوکو ٿئي ۾ جڙاو کي، ڦرهي اچي نه ڦيٽ،

لڳي ڪا م لپيٽ،  غاريبي غوراب کي.“

جتي لهرون به آهن ته ليس به آهي،چڪڻ به آهي ۽ پاڻيء جو ڪو اندازو ئي ناهي،ڪُنن جو ڪو پتو ناهي يعني جهاز يا ٻيڙيء کي هر پاسي کان رڳو خطرا ئي خطرا آهن.اها ٻيڙي ڇا آهي؟ انسان جي دل آهي جنهن کي رڳو مالڪ حقيقيء جي محبت لاء پيدا ڪيو ويو آهي.انسان جي دل اها ٻيڙي آهي جنهن کي دنيا جي سمنڊ ۾ ترڻ لاء ڇڏيو ويو آهي پر ان کي پنهن جو پاڻ کي خواهشن جي خطرن کان بچائي پار پوڻو آهي.انهيء جو مثال ايئن به ڏنو وڃي ٿو ته جيڪر ٻيڙي پاڻيء ۾ هجي ته ٺيڪ پر جيڪر پاڻي ٻيڙيء ۾ داخل ٿي وڃي ته ٻيڙيء جي بربادي آهي.سو دل جو به هروقت دنيا سان ئي واسطو رهي ٿو پر خرابي اتان ٿي شروع ٿئي جڏهن دنيا دل ۾ داخل ٿي وڃي.دنيا جي سمنڊ مان ئي معرفت جا موتي هٿ ڪرڻا پون ٿا جيڪي مالڪ حقيقيء جي بارگاه ۾ قبول ٿين ٿا. پر اهي موتي هٿ ڪرڻ ڪو سولو ڪم ته ناهي.ان لاء به ڪنهن وڏي هنر جي ضرورت آهي ۽ شاه سائين فرمائين ٿا ته اها گت غواصن وٽ آهي جيڪي سمنڊ سوجھين ٿا.

”اي گت غواصن، جئن سمنڊر سوجھيائون،

پيهي منجهه   پاتار جي،  ماڻڪ ميڙيائون،

آڻي ڏنائون  هيرا   لعل   هٿن      سين.“

اها اٽڪل ۽ اهو فن انهن ٽوٻن وٽ آهي جيڪي پڪو پهه ڪري سمنڊ جي اونهاين ۾ وڃي تلاش ڪن ٿا ۽ تمام اونهن ڪنن ۾ ٽٻيون هڻي وڃي ماڻڪ ماڻين ٿا.هيرا لعل انهن جي ئي قسمت ۾ هوندا آهن.مولانا رومي رحه به اهڙن غواصن جو ذڪر پنهنجي مثنويء ۾ ڪيو آهي؛

” يا چو غواصان،  بزير    قعر آب،

هر ڪسي چيزي همي گيرد شتاب،

هر  اميد   گوهر  و   در    ثمين،

تو پره پر مين ڪنند از آن و اين.“

”جهڙيء طرح ٽوٻا سمنڊ جي گهرائيء ۾ وڃي، جنهن کي جيڪا شيء ملي ٿي هٿ ڪري اچي ٿو پر اها ئي اميد رکندو آهي ته هن کي قيمتي ماڻڪ ملن تنهن ڪري هو پنهنجي ٿيلي ڀري کڻندو آهي.“

جتي سمنڊ جون بي رحم ڇوليون يعني دنياوي خواهشون ٻيڙي يعني انساني دل کي تيزيء سان گھيريو بيٺيون آهن اتي ناکئو يعني ٻيڙي هلائيندڙ ٿورو به غافل ٿيو يا ننڊ جي پنڪي کاڌائين ته سمجهه ته ٻيڙي ويئي هٿن مان.

انهيء ڪري شاه سائين ناکئن کي نصيحت ٿو ڪري ته

” بندر جان   ڀئي،    سکاڻيا   م     سمهو،

ڪپر ٿو ڪُن ڪري، جئن ماٽي منجهه مهي،

ايڏو سور  سهي،  ننڊر نه     ڪجي ناکئا.“

اي ناکئا! جيستائين بندر ڀوائتو ۽ خطرناڪ آهي ۽ اڃا طوفان جو خطرو نه ٽريو آهي يعني سمنڊ پوري سلامتيء وارو نه ٿيو آهي تيستائين سک ۽ آرام سان نه ويهو.توهان ڏسو نٿا ته ڪناري واري پاسي تي پاڻي ابتا ڦيرا پيو ڪري ڄڻ ته ڪنارا ئي ڪُن بڻجي ويا آهن. ڄڻ ته ماٽيء ۾مانڌاڻيء سان مهي پيئي ولوڙجي.اهڙين ڏکين حالتن ۾ ننڊون ڪرڻ ڪٿان جي عقلمندي آهي؟