Monday, February 15, 2016

جمهوري حڪمرانن پاران آئين جي لتاڙ

روزاني جيجل،عوامي آهاز 15 فيبروري 2016ع

Sunday, February 14, 2016

پاڪستان ۾ داعش واقعي موجود آهي؟

پاڪستان ۾ داعش واقعي موجود آهي؟
شفيق شاڪر.
پاڪستان جي اعلى حڪومتي سطح تي ملڪ۾ داعش جي موجودگيء جي حوالي سان اڄ تائين اهڙن امڪانن کي مڪمل نموني رد ڪيو پئي  ويوآهي پر ڪجھ حقيقتون  جنهن  قسم جي خطرن طرف اشارو ڪري رهيون آهن جن کان حڪومت ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارا چڱي ريت واقف هئڻ جي باوجود خبر ناهي ڪهڙي آڌار تي اهڙيون پڪيون دعوائون ڪندا رهيا آهن ته پاڪستان ۾ داعش جيڪا آئي ايس جي نالي سان سڏجي ٿي ان جو ڪو امڪان ۽ خطرو بلڪل نظر نٿو اچي!
انٽيليجنس بيورو جي ڊائريڪٽر جنرل آفتاب سلطان سينيٽ جي پرڏيهي مامرن واري قائمه ڪميٽي کي ٻُڌايو آهي ته مُلڪ ۾ داعش جو خطرو اُڀري رهيو آهي، ڇو ته ڪيتريون ئي دهشتگرد تنظيمون اُن جي لاءِ همدرديءَ جو جذبو رکن ٿيون. هُن پابندي پيل تنظيمن جا نالا کڻي اُنهن کي داعش جو همدرد پڻ قرار ڏنو. آفتاب سلطان جو چوڻ هو ته داعش ۽ افغان طالبان جي وچ ۾ جاري تڪرار سبب تحريڪ طالبان اُن سان تعاون ڪري رهي آهي.
رپورٽن مطابق “ حزب تحرير ” جيڪا پوري دنيا ۾ اسلامي خلافت قائم ڪرڻ جي حامي هڪ عالمي تحريڪ آهي تنهن پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪاروائين لاء پنهنجي هڪ الڳ هٿياربند ونگ قائم ڪئي آهي.اها پڪ ناهي ته ان تنظيم جا داعش سان ڪي سڌا سنوان رابطا آهن يا نه پر انهن ٻنهي جي خيالن ۽ مقصدن ۾ مڪمل هم آهنگي ۽ مطابقت آهي.اهو به واضح ناهي ته ان تنظيم کي داعش جي سرپرستي حاصل آهي يا اها پنهنجي ليکي مقامي طور تي ڪم ڪري رهي آهي؟ پر ان سان تعلق رکندڙ گرفتارڪيل شڪي ماڻهن جاچ دوران اهو ضرور مڃيو آهي ته سندن تنظيم ۾ هڪڙو گروپ اهڙو آهي جيڪو هٿيارن جي زور تي اسلامي خلافت قائم ڪرڻ تي يقين رکي ٿو جڏهن ته ٻيو ڌڙو اها ساڳي تبديلي ماڻهن جي ذهنن کي بدلائڻ ذريعي حاصل ڪرڻ جو حامي آهي. 1953ع ۾ هڪ سني عالم ۽ جج  تقي الدين النبهانيء جي اڳواڻيء ۾ يروشلم ۾ جوڙيل هيء تنظيم هاڻي اٽڪل دنيا جي پنجاه کان وڌيڪ ملڪن ۾ پکڙجي چڪي آهي.خاص طور تي برطانيا، عرب ۽ وچ ايشيائي ملڪن ۾ ان جو وسيع نيٽ ورڪ موجود آهي جنهن جا اٽڪل ڏه لک ميمبر آهن.پر حيرت جي ڳالھ اها جو پاڪستان ۾ ان تنظيم تي بندش پيل آهي پر برظانيا ۾ انهيء جي سرگرمين تي ڪابه پابندي نه آهي.ان تنظيم جو رويو عام طور تي پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ لاء نرم رهندو آيو هو پر جڏهن آگسٽ 2012ع ۾پاڪستاني فوج جي آفيسرن برگئيڊر علي خان، ميجر عنايت عزيز،ميجر افتخار،ميجر سهيل اڪبر ۽ ميجر جواد بصير کي ان تنظيم سان لاڳاپا رکڻ جي ڏوه ۾ ڪورٽ مارشل کي منهن ڏيڻو پيو ته ان تنظيم جو رويو پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ طرف سخت ٿي ويو.جنهن کان پوء ان تنظيم سان لاڳاپا رکڻ جي شڪ ۾ ڪيترائي ماڻهو گرفتار ڪيا ويا.تازو پوليس انهن جي ٻن  اهم سرگرم ڪارڪنن جي گرفتاري ظاهر ڪئي آهي.آڪٽوبر 2015ع ۾ پوليس ميڊيا کي ٻڌايو هو ته انهن ڪراچيء جي بوٽ بيسن علائقي مان هڪ انجينيئرنگ ۽ بزنس گريجوئيٽ اويس راحيل کي گرفتار ڪيو آهي جيڪو پوليس جي چوڻ مطابق  ڊفينس ۽ ڪلفٽن جي پڙهيل لکيل نوجوانن کي پاڪستان ۾ اسلامي خلافت قائم ڪرڻ لاء غير قانوني سرگرمين جي ترغيب ڏيندو هو. نومبر 2015ع ۾ پوليس جي چوڻ مطابق انهن بندش پيل تنظيم حزب تحرير جو ڪراچيء لاء چيف حسام قمر گرفتار ڪيو آهي جيڪو ڪي اليڪٽرڪ ۾ ڊپٽي  جنرل مينيجر جي عهدي تي ڪم ڪري رهيو هو.انهيء سان گڏوگڏ ڪوئيٽا ۽ لاهور ۾ ڪجھ ماڻهن کي داعش جي حمايت ۾ پمفليٽ ورهائڻ ۽ وال چاڪنگ ڪرڻ جي الزام تحت گرفتار ڪيو ويو.لاهور پوليس مطابق انهن ماڻهن جو تعلق بندش پيل تنظيم حزب تحرير سان هو.ڪراچيء جي ڪائونٽر ٽيريرزم جا آفيسر ان خيال جا آهن ته ڪراچيء ۾ خوشحال گھراڻن سان تعلق رکندڙ گھٽ ۾ گھٽ سو عورتون هڪ اهڙي دهشتگرد نيٽ ورڪ سان جڙيل آهن جيڪو ڪنهن نه ڪنهن طرح داعش يا القائده سان لاڳاپيل آهن.اها ڳالھ تڏهن سامهون آئي جڏهن گذريل مئي ۾ صفوره ڳوٺ ۾ اسمائيلي برادريء جي بس تي ٿيل حملي جا جوابدار گرفتار ٿيا ان واقعي ۾ 43 اسمائيلي مارجي ويا هئا. جولاء 2015ع ۾ پوليس يونيورسٽيء جي هڪ عورت پروفيسر جنهن جي متعلق چيو وڃي ٿو ته هوء پاڪستان جي القائده جي هڪ اڳواڻ جي ٽين زال آهي گرفتار ڪيو.پوليس جي چوڻ مطابق هوء صفوره واقعي جي ڏوهارين جي سهولتڪار هئي ۽ اهو به ته هوء پنهنجن شاگردن کي دهشتگرد سرگرمين لاء انهن جي ذهني تربيت ڪندي هئي. 18 ڊسمبر 2015ع تي سي ٽي ڊي جي ايس ايس پي عمر خطاب پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ملزمن جو هڪ وڏو انگ گرفتار ڪيو ويو آهي جيڪي ڊگھي عرصي کان دهشتگردن کي سهوليتون ڏيڻ ۽ نوجوانن جي ذهني تربيت ڪرڻ ۾ ملوث رهيا آهن.گرفتار ٿيلن ۾ پي آئي اي جو ملازم خالد يوسف باري به شامل هو جنهن جاچ دوران اهو اعتراف ڪيو ته سندس زال ناهيد باري هڪ گروپ “ الذڪرا ايڪيڊمي” جي نالي سان ٺاهيو آهي جنهن ۾ ويھ کن خوشحال عورتون شامل آهن. ان نيٽ ورڪ جي باري ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته اهو نوجوانن۽عورتن جي برين واش ڪري ٿو،پنهنجن ڪاروائين لاء چندا گڏ ڪري ٿو ۽ دهشتگردن سان تعلق جي لاء جاسوس ڳولهي ٿو.انهن عورتن ۾ گھڻيون اهي آهن جيڪي صفوره واقعي جي ڏوهارين جون رشتيدار آهن.راجا عمر خطاب جي چوڻ مطابق اهي اسلامي تعليم جي نالي ۾ شاگردن جو ذهن خراب ڪن ٿيون ۽ دهشتگردن لاء زڪوات ۽ چندو جمع ڪن ٿيون.اهڙا اٽڪل 24 ڪٽنب لڌا ويا آهن جن جا ميمبر هڪ ٻئي سان مضبوط رابطي ۾ ٻڌل آهن.ناهيد هر مهيني اٽڪل 2،15،000 روپيا مختلف ذريعن سان چندو جمع ڪري ٿي. هڪ ٻي شڪي عورت تهمينا آهي جيڪا صفوره واقعي جي هڪ مالي سهولتڪار عادل مسعود بٽ جي زال آهي.اهڙيء طرح هڪ اهم مبينه دهشتگرد سعد عزيز جي ماء ۽ زال کي به  پوليس ان نيٽ ورڪ جو حصو قرار ڏيئي رهي آهي. جيتوڻيڪ هن وقت تائين ٿيل تحقيقات مطابق ان نيٽ ورڪ جون سرگرميون صرف دهشتگردن جي مالي سهائتا ۽ ماڻهن کي ان ڪم لاء ذهني طور تي تيار ڪرڻ تائين ٻڌايون پييون وڃن پر اسلام آباد جي هڪ صحافي حسن عبدا جي چوڻ مطابق اهي عورتون انهن دهشتگرد سرگرمين ۾ عملي حصو وٺي رهيون آهن. انهن ۾ خودڪش بمبار، ٽيچرز.جاسوس، ٽيڪنيڪي ماهر، ڊاڪٽرز ۽ ٻيون به گھڻيون ڪجھ شامل آهن.
“ سان بارنارڊينو” جي واقعي ثابت ڪيو آهي ته ڪنهن نظرياتي جنون تحت عورتون به ڪوبه خونّخوار واقعو ڪرڻ کان نٿيون لنوائين. راجا عمر خطاب جي چوڻ مطابق انهن عورتن جو اهو خطرناڪ  ڪردارهڪ ڊگھي عرصي تائين دنيا کان لڪيل رهيو ۽ هن سالن جي جاچ ۽ محنت کان پوء انهيء نيٽ ورڪ جو پتو لڳايو آهي.اهي عورتون  ٻين کي متاثر ڪرڻ لاءپهرين اسلام جي تعليم جا ليڪچر ڏين ٿيون پوء پنهن جي ان اثر رسوخ کي دنيا۾ اسلامي خلافت قائم ڪرڻ جي نظريي کي اڳتي وڌائڻ لاء استعمال ڪن ٿيون.هڪ تجزيي نگار جي راء ۾ اها تمام ڇرڪائيندڙ صورتحال آهي جو ان نيٽ ورڪ ۾ اڪثريت اهڙين عورتن جي آهي جن مان اڪثر ٻاهرين ملڪن جون پڙهيل لکيل آهن ۽ سندن واسطو بااثر گھراڻن سان آهي.تهمينا  جو مڙس جنهن کي سي ٽي ڊي صفوره ڳوٺ واقعي جي سهولتڪار جي حيثيت ۾ پڪڙيوتنهن جي انڊيانا يونورسٽيء مان بي بي اي ۽ واشنگٽن مان ايم بي اي جي ڊگري ورتل آهي ۽ هو ٻين دوستن سان گڏ ڪراچيء ۾ ڪاليج آف اڪائونٽسي اينڊ مينيجمينٽ سائنس هلائي رهيو هو جنهن جي ٽن ڪيمپس ۾ اٽڪل ٻه هزار شاگرد رجسٽرڊ آهن. پوليس جي جاچ مطابق هو بندش پيل تنظيم حزب تحرير جو حصو رهيو آهي.

اها سموري تحقيقات ۽ بيان پوليس جي طرفان وقت به وقت سامهون ايندا رهيا آهن جڏهن ته وزارت داخلا نه ته انهن شين جي ڪڏهن واضح ترديد ڪئي آهي نه ئي ان باري ۾ ڪا معلومات عوام سان شيئر ڪئي آهي.سواء ان بيان جي ته“ پاڪستان ۾ داعش جي موجودگيء جو ڪو به امڪان موجود ناهي”

Monday, February 8, 2016

فيصلي تي نظرثاني نه ڪرڻ جو ضد ڇو؟

فيصلي تي نظرثاني نه ڪرڻ جو ضد ڇو؟
شفيق شاڪر

پاڪستان جي واحد قومي ايئر سروس پي آئي آي جي نجڪاريء متعلق حڪومت جي منجھائيندڙ ۽ متضاد قسم جي موقفن ان معاملي کي گھڻو منجھائي ڇڏيو آهي.ڪڏهن اهو بيان ٿو اچي ته پي آئي جي ڪا نجڪاري نه پيئي ڪئي وڃي.بلڪه پي آ.ي جي ري اسٽرچنگ ڪئي پيئي وڃي ۽ ڪڏهن چيو ٿو وڃي ته انهيء جي لاء  اسٽريجڪ پارٽنر ڳولهيوپيو وڃي.مطلب ته ايترا ته  متضاد ۽ مسلسل بدلجندڙ بيان سامهون آيا آهن جن تمام گھڻا شڪ شبها کڙا ڪري ڇڏيا آهن.انهيء سان گڏوگڏ سموري معاملي ۾ جنهن تڪڙ ۽ ضد جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي انهيء حڪومت جي نيت تي به سواليه نشان پيدا ڪري ڇڏيا آهن.دنيا ۾ هلندڙ  موجوده معاشي نظامن ۾ نجڪاري کي هڪ سٺو عمل سمجھيو  وڃي ٿو ۽ ڪيترن ئي ملڪن ۾ انهيء تي عمل ٿي رهيو آهي پر پاڪستان اندر ماضيء ۾ ٿيندڙ قومي ادارن جي نجڪاريء جي حوالي سان ڪي نتيجا سٺا نه نڪتا آهن.  ادارن جي نجڪاريء جو بنيادي مقصد انهن ادارن جي ڪارڪردگيء کي بهتر بنائڻ هوندو آهي پر ماضيء ۾ جيڪي به ادارا نجي شعبي جي حوالي ڪيا ويا آهن انهن مان صرف چند کي ڇڏي باقي اڪثر ادارن جي ڪارڪردگي اڳوڻيء کان به تباه ٿي ويئي ۽ ڪيترا ادارا ته بلڪل بند ٿي چڪا آهن ته چئبو ته نجڪاريء جا گھربل نتيجا حاصل نه ٿي سگھيا.ان کان پوء ڪيترن ئي ادارن جي نجڪاريء  جي عمل ۽ طريقه ڪار جي شفافيت جي حوالي سان به اڄ تائين عالمي سطح جا ادارا به سخت سوال اٿاري رهيا آهن ۽ انهن ادارن کي ڪهڙيء طرح پنهنجن ئي مقرر ڪيل خريدارن سان ڳٺ جوڙ ڪري ڀڳڙن مٺ تي نيلام ڪيو ويوانهن مان ڪيترا معاملا اڃا تائين عدالتن ۾ زير سماعت آهن.انهن سمورن معاملن کي سامهون رکندي جيڪر حڪومت جي نيت پي آئي اي جي معاملي ۾ صاف هئي ته پوء انهيء کي اهڙي اهم اداري جي مستقبل جي باري ۾ ڪو فيصلو ڪرڻ کان پهرين وڏي سوچ سمجھ ۽ احتياط کان ڪم وٺڻ گھربو هو پر گرائونڊ تي اسان کي حڪومت جي اهڙي ڪابه ڪوشش نظر نه آئي.نه ملازمن سان ڪا صاف حقيقت بيان ڪئي ويئي. نه اپوزيشن کي اعتماد ۾ ورتو ويو، نه اسيمبليء ۾ ان اهم معالي تي بحث ڪيو ويو ۽ نه ئي ڪن معاشي ماهرن سان صلاح مشورو ڪيو ويو پوء  به جيڪر اداري جا ملازم بيچينيء وچان رڙيون ڪن يا عوام ڪي سواليه نشان کڙا ڪري ته حڪومت جا وزير ۽ مشير پوري معاملي مٿان ملڪي مفاد ۽ ادارن جي ڀلائيء جي چادر وجھي هر اٿندڙ آواز تي ملڪ دشمني ۽ سازشن جو الزام هڻي پنهنجي حب الوطنيء جو راڳ ڳائيندا هجن ته پوء قوم ۽ ادارن جو خدا ئي حافظ آهي.ماڻهو اهو سوچڻ تي ڇونه مجبور ٿين ته ڪهڙو مفاد، ملڪي يا ڪجھ ماڻهن جو ذاتي مفاد؟ انفارميشن جي هن تيز ترين دور ۾ خبر ناهي اسان جا هي حڪمران دنيا جي اکين ۾ ڌوڙ وجھڻ جي پنهن جي پراڻي عادت اڃا تائين ترڪ ڪرڻ لاء ڇو تيار ناهن؟ هڪ ڪوڙ کي لڪائڻ لاء سو ڪوڙ ڳالهائڻا پوندا آهن. اصل حقيقت هيء آهي ته نجڪاريء جي پوري پروگرام ۾ پي آئي اي شامل ئي نه هئي. اڄ کان اٽڪل ڇھ مهينا پهرين وفاقي وزير خزانه اسحاق ڊار صاحب خود آئي ايم ايف کي خط لکي پاڻ پي آئي جي نجڪاري ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي هئي ۽ ان خط ۾ ئي هن آئي ايم سان ڪوڙ ڳالهايو هو ته حڪومت اهو معاملو صوبن جي مشوري سان ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ مان منظور ڪرائي ورتو آهي.جڏهن ته سي سي آئي جي منظوريء کان سواء اهڙو معاملو طي ڪرڻ آئين جي صريح خلاف ورزي آهي جيڪا هنن ڪئي.شروع ۾ وزيراعظم جي به پي آئي اي جي نجڪاريء جي ڪا نيت نه هئي بلڪه هن جو ارادو هو ته ان جي نئين نموني جوڙجڪ ڪري ان جي ڪارڪردگيء کي بهتر بنايو وڃي پر ڪو مرحلو اهڙو آيو جتي نوازشريف کي به ان بليڪ ميلر ٽولي اڳيان هثيار ڦٽا ڪرڻا پيا جيڪو ٽولو کيس قطر ۽ ڪولمبو جا بار بار چڪر هڻائي رهيو آهي.ان سڄي ڊرامي جو ڪجھ راز فاش ٿي چڪو آهي ۽ باقي رهيل حقيقتون ايندڙ ڏينهن ۾ عوام جي سامهون اچي وينديون جنهن مان چڱي ريت خبر پئجي ويندي ته قومي ادارن جي بهتري جو فڪر آهي يا پنهن جن ڪاروباري ڀائيوارن سان عوام جا ادارا ڀڳڙن جي مٺ تي ڊرامابازي ڪري وڪيا پيا وڃن.هڪ ٻي اهم ڳالھ جيڪا حڪومت بلڪل نظر انداز ڪري رهي آهي سا اها ته ڪجھ ادارا صرف ڪاروباري نوعيت جا ئي نه هوندا آهن پر اهي ڪنهن ملڪ جي سڃاڻپ ۽وقار جي نشاني هوندا آهن ۽ ملڪي دفاعي لحاظ کان به ڪجھ ادارن جي بنيادي اهميت هوندي آهي.پي آئي اي به هڪ اهڙو ادارو آهي جنهن سان  گھڻن پاڪستانين جي جذباتي وابستگي آهي.پنهنجن سمورين ڪمزورين ۽ بيمارين باوجود پي آئي اي جا پاڪستاني جھنڊو پهريل جهاز جڏهن هوا ۾ اڏامن ٿا ته ڏسندڙ وڏي ناز وچان چون ٿا ته اهي اسان جا جهاز آهن جڏهن اهي جهاز نه رهندا ته دنيا کي اهو پيغام ويندو ته اسين دنيا جي اها نااهل قوم آهيون جيڪا پنهن جي واحد هوائي سروس کي هلائڻ ۽ ان جي حفاظت ڪرڻ جي اهليت نٿا رکون.. حڪمران جن کي پاڪستان سڀ ڪجھ ڏنو آهي انهن جي لاء ڀلي اها ڳالھ ڪا اهميت نه رکي پر اهي غريب پاڪستاني جن کي ٻن وقتن جي ماني به وڏي مشڪل سان نصيب ٿئي ٿي ۽ انهن کي انهن جها زن ۾ چڙهڻ به ڪڏهن نصيب نه ٿيو آهي تنهن هوندي به اهي سمجھن ٿا ته اهي جهاز اسان جا آهن مهرباني ڪري انهن جا پر نه ڪپيوپر پوري سچائيء سان هڪ دفعو وري اها ڪوشش ڪريو ته اهو ادارو وري پنهن جن پيرن تي بيهڻ لائق ٿي پوي!

Sunday, February 7, 2016

Saturday, February 6, 2016

ايندڙ ڏينهن جو امڪاني ماحول!

ايندڙ ڏينهن جو امڪاني ماحول!
شفيق شاڪر
“ آهستي آهستي سڀ ڪڪر هٽي ويندا،عرصي کان ڇانيل اونده ٽري ويندي ۽ نون خوشبوئن ۽ نون رنگن جي موسم اچڻ واري آهي.” اهي ڪنهن شاعر جا لفظ آهن جنهن مايوس ماحول ۾ ڪنهن قوم کي اميد ڏياري هئي.دردن ۾ ڪو دلاسو ڏنو هو ۽ اذيتن ۾ ڪا آٿت ڏني هئي.اهو ڪو ٻيو شاعر نه پر  فيض احمد فيض هو  جيڪوپاڪستاني معاشري ۾ ڇانيل انڌيرن ۾ اجالي جو ڪو ڪرڻو تلاش ڪري رهيو هو،خزان رسيده ڪنهن چمن ۾ بهارن جو منتظر هو۽ مايوسين جي سمنڊ ۾ اميدن جو ڪوڪنارو ڳولهي رهيو هو. بهرحال هن وقت پنهن جي ملڪ جون حالتون تمام تيزيء سان تبديل ٿيندي نظر اچي رهيون آهن.ڪن کي رڳو ڀڃ ڊاه ئي نظر اچي ٿي ته ڪن کي شين کي نئين سليقي ۽ ترتيب سان سڌارڻ ۽ سنوارڻ جو سلسلو شروع ٿيندي نظر اچي رهيو آهي.ڇا به هجي پر اها حقيقت طيء ٿي چڪي آهي ته شيون اڳتي جيئن جو تيئن نه هلنديون.سموري ٽال مٽول،  هيرا ڦيري، اٽڪلبازين ۽ گوٿناٿ جي انت جو وقت شايد پهچي چڪو آهي.هاڻي  جواب گھرندڙن کي اهم سوالن جو جواب اگر مگر جي بدران “ها” يا “ نه ” ۾ گھربل آهي.ڪافي عرصي کان جيڪا ديڳ دم تي رکيل هئي اها پچي راس ٿي چڪي آهي. گھڻا بلند ۽ شوخ آواز تيزيء سان جھڪا ٿيندي محسوس ٿيندا.آئيني ۽ جمهوري پيچيدگين جا نڪتا قوم کي اڳتي گھٽ ٻڌڻ لاء ملندا.قوم ڏسندي ته هڪڙي فون تي رينجرز کي سمورا گھربل اختيار بنان ڪنهن ناز نخري جي ملي چڪا هوندا، ڌمڪين وارا لهجا شڪوه شڪايتن جي لهجن ۾ تبديل ٿي چڪا هوندا. ڪيترائي نوان نالا اي سي ايل جي زينت بڻبا ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ تفريح لاء موجود اهم ماڻهن جا ريڊ  وارنٽ صرف صحيح جا منتظر آهن.  مذهبي ٽارگيٽ ڪلنگ جي حوالي سان قانون نافذ ڪندڙ ادارن کي گھربل اهم ڪردار  منهاج قادري گرفتار ٿي چڪو آهي .هي اهو ماڻهو آهي جنهن جي گرفتاريء لاء ئي رينجرز نائين زيرو تي ڇاپو هنيو هو پر ان وقت هي هٿ نه چڙهي سگھيو هو. هڪ اهم سياسي ڌر جي لاء وڌيڪ مشڪلاتون پيدا ٿيڻ جي حوالي سان ٻن ٻين ڪردارن منصور ڪاڪا ۽ نثار مورائيء جي گرفتاريء  لاء ريڊ وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن.جڏهن ته عذير بلوچ جي بيانن جي روشنيء ۾ لياريء سان تعلق رکندڙ  ٽن اهم ڪردارن جا نالا به اي سي ايل تي اچي چڪا آهن. ٻئي طرف اصل معاملي تان ڌيان هٽايو مهم به  پنهن جي پڄاڻيء کان پهرين آخري ڀڙڪو کائي رهي آهي ۽ تازو ڪراچيء ۾ کيڏيل خون جي هولي به ان مهم جو حصو معلوم ٿئي ٿي.صاف ۽ شفاف جاچ کان پوء سڀ سمجھ ۾ اچي ويندو ته ڪنهن ڪنهن کي استعمال ڪيو آهي.تازو عسڪري قيادت طرفان بلوچستان جي ترقياتي منصوبن ۾ پنهن جي ذاتي  دلچسپيء جو اظهار ڪندي سياستدانن کي اهو خاموش پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته سياسي حڪومت بلوچستان ۾ پنهن جي حصي جو ڪم نه ڪري رهي آهي.پر هاڻي معاملا صرف عذير ۽ عاصم  جي بيانن جو کاڄ بڻجندڙن تائين ئي محدود نه رهندا پر ان جي زد ۾ اهي به اچڻا آهن جيڪي هن وقت تائين صرف ٻين کي ئي گندگيء جو ڍير سمجھندا رهيا آهن..هاڻي تسبيحون پڙهندڙن ۽ داتا دربار تي خيراتون ڪندڙن جو به وارو گھڻو پري نٿو محسوس ٿئي. ڪراچي آپريشن تي قانون نافذ ڪندڙ ادارن کي خراج تحسين جا گل پيش ڪندڙن کي  خود قانون ڪيترو ويجھو وڪوڙي چڪو آهي انهيء جو شايد اڃا انهن کي اندازو نه هجي پر ايندڙ ڏينهن ۾ ايترو ڪجھ ته ٿيندي نظر اچي رهيو آهي جو هر ايندڙ خبر پوئين خبر جي اهميت کي گھٽائي ڪنن سان ٽڪرائبي اڳتي وڌي ويندي. گھڻا اڄ به ان راء جو رٽو هڻي رهيا آهن ته  ڪجھ به نه ٿيندو پر وقت جا تيور ڏاڍا ڏنگا ٿا ڏسجن .اسڪينڊلن جي وڏي هڙ اجھا ٿي کلي، هيستائين ٿيل مفادن جي ان مزاحمتي مهم ۾ اهي پنهنجا سمورا سياسي ڪرتب، سموريون دانشوراڻيون حرفتون آزمائي ۽ جمهوريت بازيء جا ناٽڪ کيڏي چڪا پر وريو صرف اهو جو جو ڏينهون ڏينهن هر اٽڪل انهن تي ابتي ٿي ڪري ٿي.هر حرفت کين ڪنهن هچا ۾ وجهندي ويئي. هر دعا الٽو اثر ڪيو ۽ هو پنهن جي وڇايل ڪوڙڪيء ۾ پاڻ ئي ڦاسي چڪا آهن. گذريل پندرهن ڏينهن کان پنجاب ۾ شروع ٿيندڙ فيصلائتي آپريشن کان نٽائڻ جي حوالي سان به انهن هيستائين ضَرور ڪو جواب سوچي ورتو هوندو.هن راند ۾ هڪ ڌر ڪنهن به طرح اينگھائي وقت کي اڳتي ڌڪڻ ۾ ئي پنهن جي سلامتي سمجھي ٿي جڏهن ته سامهون وارن وٽ وقت نه آهي ان ڪري اهي ڏينهن کي مهينن ۾ بدلجڻ نه ڏيندا.سو اسان جي سياسي حڪمرانن جي لاء ڏکيا ڏينهن ان ڪري اچي ويا آهن جو اهي ٻڏندڙ ٻوڙن مان هٿ  ڪڍڻ کان انڪار ڪندا آيا آهن. انهن جي مرضي آهي ته جي ٻڏڻ ئي مقدر بنجي چڪو آهي پوء ڇو نه گڏجي ٻڏجي.پر سچ اهو آهي ته انهن مان ڪوبه پنهن جو پاڻ کي ٻوڙڻ جي خواهش نه ڪندو .صرف هڪ پريشر ٽيڪٽڪس آهي انهي اميد تي ته شايد طوفان ٽري وڃي يا گھٽ ۾ گھٽ ان جو رخ ئي مڙي وڃي. ڪنهن جي اصولي فيصلي جي اعلان تي خوشين جا جشن ملهائيندڙن جي نظر ايتري ته تنگ نڪتي جو اهي مٿانئن ٿيل پري ايمٽو اٽيڪ جو ڪاري وار به سمجھي نه سگھيا. ان اعلان جي اندر جيڪو اعلان سمايل هو سو اهو ته سياست ۽ ڏوه جي وچان هاڻي صريح سنڌو ڪڍي دم کڻبو.غيرسياسي ادارن کي اڳتي سياست هرگز ناهي کيڏڻي پر سياستڪارن کي به جمهوريت جي اوٽ ۾ ڏوهاري سرگرمين ۽ قومي خزاني جي ڦرلٽ جي آئنده اجازت نٿي ڏيئي سگھجي.ٻين ادران جي لاء آئيني پابندين جا ليڪا ڪڍڻ وقت انهن کي خود پنهن جا پير به قانون جي حدن ۾ ئي رکڻ گھرجن،اها ڪهڙي غيراصولي ڳالھ آهي جو گھڻن جي دل ڪچي ٿيڻ لڳي ٿي.برادر اسلامي ملڪن جي منٿ سماجت مان ڪو نتيجو نه نڪرڻ کان پوء خانبهادرن سان سور سلڻ جون آسون آهن پر شايد اهو وقت هاڻي پوئتي رهجي ويو آهي.راولپنڊيء ۾ ڪيل قطعي فيصلا پڪ سان واپسيء طرف ويندي نٿا محسوس ٿين.اهو ئي سبب آهي جو سگھارين ڌرين سان تعلق رکندڙ ڪجھ متاثرين دبئيء مان پاڪستان موٽڻ بدران برطانيا ۾ پنهنجو ڪاروبار ۽ گھر سيٽل ڪرڻ لاء مشورن ۾ مصروف آهن.ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستاني عوام کي سياسي ماحول ۾ نيون سياسي صف بنديون ٿيندي محسوس ٿينديون ۽ گھڻن کي پنهن جا پٽڪا بچائڻ لاء عجيب قسم جون ٻاراڻيون حرڪتون ڪندي ڏسڻ لاء ملنديون. جيڪر سياست جي ڪن موسمي ڏيڏرن اها آس سيني ۾ سانڍي رکي آهي ته ڪنهن ايندڙ مارشلائي حڪومت ۾ انهن کي حصو پتي ملي ويندو ته انهن کي سخت مايوسيء جو منهن ڏسڻو پوندو جو ملڪ ۾ ڪنهن به مارشل لا وغيره  جو ڪوبه امڪان نظر نٿو اچي ۽ ضرورت به محسوس نٿي ٿئي جو سڀ معاملا آئيني حدن ۾ رهي خير خوبيء سان اڪلائجي ويندا. جمهوريت جو موجوده اڏوهي کاڌل نظام وڏي شان سان انهن حڪمرانن مٿان ڪري سگھي ٿو جيڪي ان ملبي مان صحيح سلامت ٻاهر نڪتا اهي ئي صاف سٿرا ٿي جمهوري نظام کي اڳتي ڌڪيندا.بهرحال سڀني لاء توبه ۽ استغفار جو وقت آهي، پنهنجن اجتماعي گناهن جي معافي گھرڻ جو موقعو ميسر ٿيو آهي ۽ سکڻ لاء هڪ سبق آهي جو وقت جي وزيراعظم کي اڍيالا جيل جي روح پرور نظارن مان لظف اندوز ٿيڻ جو مشورو ڏنو پيو وڃي.منهن جي خيال ۾ چالاڪين جا گھوڙا هاڻي چور ٿي چڪا آهن ۽ پنهن جن ڳرن سوارن جي بار مان بيزار ڪنهن ساهيء جي تلاش ۾ آهن! د

ڪنهنجي هٿ تي لهو تلاش ڪجي!

ڪنهنجي هٿ تي لهو تلاش ڪجي!.
شفيق شاڪر
اسان جي ملڪ ۾ بي گناهن جي لاشن تي پنهن جي سياست جا دوڪان سجائڻ ڪا نئين ڳالھ ناهي. هر ڀيري سورن کان چور۽ مصيبتن ۾ مجبور غريب عوام کي تبديلين جا خوبصورت خواب ڏيکاريندڙ بي رحم جادوگرن سدائين بي گناه انسان جي ڪرندڙ لاشن کي ئي پنهن جي اقتدار جي حوس جي لاء سيڙهيء طور استعمال ڪيو آهي.صولت مرزا هجي يا عزير بلوچ يا ٻيا ڪيترائي گرفتار ٿيل ۽ پنهن جن سنگين ڏوهن جو اعتراف ڪندڙ مجرم،سڀني اهو ئي ڏس ڏنو آهي ته انهن لاش ڪيرائڻ جي اها سفاڪ راند انهن جي چوڻ تي کيڏي جيڪي عوام جي مسيحائيء جا اڪيلا دعويدار رهندا پيا اچن.طاقت جو نشو وڏي ظالم شيء آهي. تاريخ  اهڙن نشائين جي سنگدلاڻين ڪاروائين مان ڀري پيئي آهي جتي ان حوس ۾ پٽ پيء کي قتل ڪري ڇڏيو. ڀاء ڀاء کي رت ۾ رڱي ڇڏيو.رشتن ۽ ناتن  جي سڃاڻپ نالي ڪابه شيء ان رستي ۾ جائز ڪانهي ۽ احساس نالي ڪو اکر ان ڊڪشنريء ۾ شامل ڪونهي.پنهن جي ملڪ جي تاريخ تي نظر ڊوڙائبي ته  اقتدار جي ايوانن تائين پهچندڙلڳ ڀڳ هر حڪمران جا پير انهي رت ۾ رڱيل نظر ايندا. هي انهن جو رت هو جن کي ايندڙ انقلاب جي خوبصورت رنگن مان سواء ان لال رنگ جي ٻيو ڪو رنگ نصيب نه ٿيو.هرنام نهاد انقلاب ۽ احتجاج جي راه ۾ مرندڙ انهن گمنام مسافرن جي ڪٽنبن کي سواء ڪرب جي ٻيو ڪجھ به حاصل نه ٿيو.هاڻي ٿورو پاڪستان جي تاريخ تي نظر گھمايو.ايوب خان جو اقتدار تي پهچڻ جو ذريعو لاهور جي مارشل لا ۽ قاديانين جا ڪرندڙ لاش بڻيا.يحى خان  جي اقتداربه شهيدن جي لاشن مان جنم ورتو. ذوالفقارعلي ڀٽو به مشرقي پاڪستان جي لاشن تي اقتدار جي چادر وڇائي.جنرل ضياء الحق به نون جماعتن جي لاشن سهاري اقتدار جي ايوانن تائين پهتو. ڳڙهي خدابخش ۾ دفن ٿيل  شهيدن جا لاش ئي محترمه بينظير ڀٽو جي حڪمرانيء جو سبب بڻيا ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت ئي آصف زرداريء جي حڪومت لاء راه هموار ڪئي.لال مسجد ۽ جامعه حفصه جي شاگردن ۽ شاگرياڻين جي لاشن تي ئي تحريڪ طالبان جي سياست چمڪي ۽ پرويز مشرف جي اقتدار ۾ ڪجھ جان پيئي.ماڊل ٽائون جي لاشن ئي ڊاڪٽر ظاهرالقادريء کي ليڊر بنايو۽ عمران جي ڌرڻن کي آڪسيجن مهيا ڪئي.12 مئي واري ڪراچيء جي واقعي ۾ ڪريل بي گناهن جي لاشن ئي چوڌري افتخار کي واپس چيف جسٽس جي ڪرسيء تي ويهاريو. بندش پيل تنظيمون هجن يا سياسي رانديگر سڀني جو جياپو ۽ داڻو پاڻي لاشن سان ڳنڍيل رهيو آهي.پوء اهي لاش پنهن جن جا هجن يا پراون جا.انهي سڄي راند ۾ صرف اهي ئي المين جو شڪار ٿيا جن جي گھرن مان لاشا کنيا ويا.ڪنهن ستمگر انهن جي معصوم ٻچن جي مڙي وري خبر به نه ورتي ته انهن تي ڇا گذريو.انهن جا ڪٽنب اڄ به در در جون ٺوڪرون کائي رهيا آهن.تازو ڪراچيء پي آئي اي جي ملازمن طرفان ڪيل احتجاج ۾ ڪرندڙ ٽن لاشن تي به هر ڌر پنهن جي سياست جي شطرنج کيڏي رهي آهي.پر اهي جيڪي بي رحم گولين جو نشانو بڻجي ويا سڀاڻي جيڪڏهن پي آئي اي جي نجڪاري رڪجي به وڃي ٿي ۽ ملازمن جا سڀ مطالبا مڃجي به وڃن ته انهن جي  بي سهارا بڻيل ڪٽنبن کي ڇا ملڻو آهي؟سياسي ۽ مذهبي ٽارگيٽ ڪلنگ جيڪا زماني تائين اسان جي معاشري ۾ مستقل ماتم برپا ڪري رکيو آهي، اها به ته لاشن جي سياست ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ هر ڌر پاران پنهنجو اختيار ۽ اقتدار برقرار رکڻ ۽ انهيء کي وڌائڻ جي حوس جنهن خبر ناهي ڪيترا چمن ويران ڪيا ۽ ڪيترا گھر برباد ڪري ڇڏيا.ڪنهن ڪنهن جو ماتم ڪجي جو  هتي ته موڙ موڙ تي مقتل آهي. بسن جون بسون لاشن ۾ تبديل،اسڪولن جا اڱڻ لاشن سان ڀريل، امام بارگاهون ۽ مسجدون رت سان رنگين،شايد انسانيت هڪ دفعو وري پنهن جي وحشي دور ۾ واپس هلي ويئي آهي.شايد تاتاري وري زنده ٿي پيا آهن جيڪي انساني لاشن تي قالين وڇائي انهن تي ماني کائيندا هئا.انساني لاشن جي کوپرين جا مينار ٺاهيندا هئا.هي ڪهڙو سڌريل دور آهي جنهن ۾ انسان کي سڀ کان وڏو خطرو انسان کان ئي آهي.هي ڪهڙي جمهوريت آهي جتي انسانن کي پنهن جا جائز حق حاصل ڪرڻ لا پاڻ کي لاشن ۾ بدلائڻو پوي ٿو.هي ڪهڙي روشني آهي جنهن انسانيت جي احساس کان اسان جون اکيون انڌيون ڪري رکيون آهن.اهو صرف پاڪستان جو ئي الميو ناهي پر پوري دنيا اندر صرف لاش ئي لاش ٽڙيل ۽ پکڙيل نظر اچن ٿا. وڏن ملڪن جي ننڍن ملڪن کي غلام بنائڻ جي حوس،انهن جي وسيلن تي قبضي جي لالچ دنيا کي وحشت جو ويرانو بنائي ڇڏيو آهي.هر هنڌ تي انسان انسان کان ڀڄي ڪنهن پناه جي تلاش ۾ آهي.هي اهو ئي انسان آهي جنهن کي اشرف المخلوقات جي عظيم عهدي تي فائز ڪيو ويو هو!اهو انسان جنهن جي عظمت ۽ تقدس جي حقيقت متعلق پالڻهار هنن لفظن ۾ خبردار ڪيو آهي ته

“ جنهن هڪڙي انسان جي جان بچائي ان ڄڻ ته پوري انسانذات جي جان بچائي ۽ جنهن هڪڙي انسان کي قتل ڪيو ان ڄڻ ته پوري انسانذات کي قتل ڪري ڇڏيو”

Thursday, February 4, 2016

Wednesday, February 3, 2016

نئين سرد جنگ ۽ نوان راڳ!

نئين سرد جنگ ۽ نوان راڳ!
شفيق شاڪر

آمريڪي  يورپي ڪمانڊ (USEUCOM) پنهن جي ايندڙ حڪمت عملين جو هڪ خاڪو شايع ڪيو آهي جنهن ۾ پنهن جن ڇهن وڏين ترجيحن مان پهرئين نمبر تي جيڪا ترجيح مقرر ڪئي آهي سا اها ته  “هر طرح سان روس جي جارحيت کي روڪيوويندو”
هنن جي چوڻ مطابق  “روس جي جارحيت يورپ ۾ نيٽو اتحادين ۽ سندن ٻين دوست ملڪن جي لاء وڏو خطرو بڻجي چڪي آهي ۽ هنن جي نزديڪ روس اهڙن ڪيترن ئي بين الاقوامي ٺاهن جي خلاف ورزي ڪري رهيو آهي جن معاهدن تحت هن کي انهن قائدن قانونن جي پابندي ڪرڻي هئي .هن خاڪي مطابق روس اتر ۽ اوڀر ۾ پنهن جي جارحاڻي رويي سبب تمام وڏي ڳڻتيء جو باعث بڻجي چڪو آهي.” اڳتي هلي اها ڪمانڊ روسي خطري کي صرف يورپ تائين محدود نٿي سمجھي پر هنن جي نزديڪ “ روس اسان جي اتحادين لاء دنيا جي ڪيترن ئي حصن ۾ وڏا مسئلا پيدا ڪري رهيو آهي.روس جي طرفان اها هڪ عالمي للڪار آهي جنهن جو ردعمل به عالمي سطح تي اچڻ گھرجي.”  لفظن جي اها چونڊ واضح طور تي 1990ع ۾ ختم ٿيندڙ سوويت يونين ۽ آمريڪا وچ ۾ سرد جنگ جي خاتمي کان پوء روس جو گھڻي عرصي تائين عالمي سياسي منظرنامي تان غائب رهڻ کان پوء ٻِيهر دنيا ۾ پنهنجي وڃايل موثر پوزيشن واپس حاصل ڪرڻ جي ڪوششن جو ردعمل آهي جيڪو آمريڪا ۽ سندس اتحادين کلئي نموني ظاهر ڪيو آهي ۽ لڳي ٿو ته حالتون هڪ دفعو وري ان سرد جنگ طرف وڃي رهيون آهن جنهن جي نتيجي ۾ عالمي سطح تي مختلف ملڪن ۾ وڏي اٿل پٿل ٿيندي نظر اچي رهي آهي.جيڪڏهن 1990ع وارين حالتن ۾ ٿورو واپس موٽي هلجي ته سرد جنگ جي خاتمي کان پوء دنيا کي اها اميد ٿي هئي ته هاڻي سوويت يونين جي ٽٽڻ جي ڪري ٻن وڏين طاقتن جو جھيڙو ختم ٿي ويندو جنهن جي نتيجي ۾ دنيا ۾ مڪمل امن قائم ٿي ويندو.جنگ ۽ جنگي هٿيارن تي ضايع ٿيندڙ پئسو ماڻهن جي سماجي ۽ معاشي ڀلائيء لاء خرچ ڪيو ويندو ۽ دنيا کي هاڻي جنگ جي شعلن طرف نه ڌڪيو ويندو پر اها صرف خوشفهمي هئي. ٿيو بلڪل ان جي ابتڙ! جنگين ۾ تباه ٿيل ملڪن ۾ اسڪول،اسپتالون،لائبرريون ۽ روڊ رستا  ٺاهڻ ۽ اتان جو سياسي،سماجي ۽ معاشي سرشتو بحال ڪرڻ بدران نيٽو فورس جي ذريعي اهي توسيع پسند مغربي ملڪ صرف ٻين ملڪن جي سرحدن طرف ئي وڌندا رهيا ايستائين جو انهن وڌندي وڌندي وڃي روس کي سندس سرحدن تي سوڙهو ڪيو.اهي ملڪ جن نيٽو اتحاد ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪيو ٿي تن تي مختلف پابنديون لڳايون وييون جيئن بيلارس سان ڪيو ويو. ڪن ملڪن کي وري ان انڪار تي پابندين توڙي بمباريء ٻنهي کي منهن ڏيڻو پيو جيئن 1999ع ۾ يوگوسلاويه سان ٿيو.يوگوسلاويه تي ڪيل حملي ۾ ئي نيٽو گڏيل قومن، بين الاقوامي قانون توڙي پنهن جي ٺاهيل چارٽر جو پاڻ ئي جنازو ڪڍي ڇڏيو پر جيئن ته انهن جون سڀ ڏوهاري جنگي سرگرميون اقوام متحده جي ڇانو ۾ ٿينديون رهيون ان ڪري دنيا ۾ ڪوبه کانئن پڇاڻو ڪرڻ وارو نه رهيو. هتي بحث اهو ناهي ته روس ٻين ملڪن ۾ جارحيت ڪندو رهيو آهي يانه پر سوال اهو آهي ته 1990ع کان پوء جڏهن روس هڪ ڊگھي عرصي تائين عالمي منظرنامي تان ئي غائب رهيو ته ڇا ان وقت دنيا امن ۽ سڪون جو گلشن بڻيل هئي؟
اصل ڳالھ هي آهي جو هنن کي ٻين ملڪن ۾ گھڙڻ ۽ ٻين جي اندروني معاملن ۾ پنهن جي ٽنگ اڙائڻ جي جيڪا چرپڻ جي بيماري لڳل آهي سا انهن کان پنهن جي عوام کي جواب ڏيڻ لاء روز  نت نوان ڪوڙ گھڙڻ ۽ مختلف حيلا بهانا ٺاهڻ تي مجبور ڪري ٿي.اهي پنهنجي عوام کي اهو بڌائي افغانستان تي ڪاهي پيا ته هو اتي امن ڪرائڻ وڃي رهيا آهن پر اڄ جيڪا افغانستان جي صورتحال آهي انهيء تي  پنهنجن ناڪامين تي شرمندو ٿيڻ بدران ٻين ملڪن کي ان عظيم بدامنيء جو ذميدار قرار ڏيندا آيا آهن.انهن دنيا کي اهو ٻڌائي عراق کي کنڊرن ۾ بدلايو ته اتي وڏي پيماني تي انساني تباهيء وارا هٿيار آهن، تباهيء وارا هٿيار ته انهن کي اڄ تائين عراق مان نه ملي سگھيا پر انهن عراق ۽ عراقي ماڻهن کي هميشه جي لاء تباھ ۽ برباد ضرور ڪري ڇڏيو. هاڻي انهيء ئي نيٽو فورس کي سندس مستقبل جا حدف واضح ڪندي جنرل فلپ بريڊلو ٻارهن صفحن تي مشتمل ڪاغذ دنيا کي ڏيکاري ٿو جنهن ۾ پهريون خطرناڪ حدف روس جي جارحيت کي قرار ڏنو وڃي ٿو ته دنيا کي حيرت به ٿئي ٿي ۽ کل به اچي ٿي.انهيء کي سنڌي ۾ چئبو آهي      

“ مينهن کي پنهن جي ڪاراڻ نظر ئي نٿي اچي ۽ ڳئون کي چوي هل پڇ ڪاري!” اصل ۾ آمريڪا جيڪو پنهن جن ٻين اتحادين جي سهاري پوري دنيا جو اڪيلو چوڌري بنيل آهي انهيء  کي روس جو نئون جاڳندڙ ڪردار ايترو آسانيء سان ڪٿي ٿو هضم ٿئي.پوري اولھ جي ميڊيا جنهن آمريڪا ۽ سندس اتحادين طرفان ڪيل وڏن جنگي ڏوهن تي چپ سبي رکيا آهن اها روس خلاف اجائي توڙي سجائي پروپيگنڊا جو ڪو موقعو هٿان وڃڻ نٿي ڏئي. پر ايندڙ وقت جي دريء مان جيڪو منظر نظر اچي رهيو آهي ان ۾ روس هڪ دفعو وري عالمي منظرنامي ۾ هڪ موثر ۽ سگھاري ڪردار تحت داخل ٿيندي نظر اچي رهيو آهي ۽ دنيا هڪ دفعو وري سرد جنگ جي ماحول طرف وڌي رهي آهي!

روزاني سوڀ 3جنوري 2016ع

Monday, February 1, 2016

عزير جو الميو ۽ صولت جا صدما!

عزير جو الميو ۽ صولت جا صدما!
شفيق شاڪر


وقت جو وهڪرو به ڪيڏو نه بي رحم آهي جيڪو ڪالھ جي سمورين دوستين  کي دشمنين ۾ ماضيء جي دشمنين کي دوستين ۾ بدلائيندو اڳتي وڌندو رهي ٿو. اهي جيڪي ڪڏهن آشنا هئا ، جن کان سواء ساعت نه سرندي هئي اهي هوائن جو رخ بدلجندي ئي ڪهڙيء طرح اجنبي بڻجي وڃن ٿا اهو سلوڪ ايترو ته عام ٿي ويو آهي جو هاڻي ان قسم جي ڪنهن بي رخيء تي ڪنهن کي به ڪا حيرت نٿي ٿئي.ستم اهو ئي ناهي ته ڪجھ ماڻهو ٻين جي سهائتا ڪندي خود حالتن جي ستم ظريفين هيٺ سڙي ويا پر وڏو صدمو اهو آهي جو سڀ ڪجھ سنگت ۾ صدقو ڪرڻ باوجود جڏهن انهن پنهن جي آسپاس ڏٺو ته پوري سنگت انهن کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.اهو الميو صرف عزير بلوچ سان ئي پيش ناهي آيو پر صولت مرزا کي به ڪئين سنگدلن سڃاڻڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو هوجو مفادپرستن جي دنيا جو اهو ئي دستور ۽ موقعا پرستن جي محفل جي اها ئي پراڻي ريت رهي آهي. سوال اهو ناهي ته عزير بلوچ يا صولت مرزا انسانيت جي دنيا ۾ ڪهڙا ڪهڙا آزار پيدا ڪيا،ڪيترا گھر ويران ۽ ڪيترا چمن برباد ڪيا پر سوال اهوآهي ته اهي ڪهڙا قهري هٿ هئا جن انهن کي پنهن جن آڱرين تي نچايو،انهن کي طاقت ۽ توانائي مهيا ڪئي ۽ انهن جي ڪرمنل ڪردار مان پنهن جي سينڌ سنواري ۽ پنهن جا اڱڻ آباد ڪيا.اسان جي قانون جي مجبوري اها آهي جو اهو صرف ڪردارن لاء ڪوڙڪيون وڇائي ٿو پر هر حادثي جا حرفتي هدايتڪار هر بار قانون جي ڪمزور ڦنڌن مان نڪري وڃن ٿا.چوڻ لاء ته صولت مرزا، ڊاڪٽر عاصم ۽ عزير بلوچ جي آتم ڪٿا ۾ ايترو ڪجھ موجود آهي جو ڪنهن مهذب معاشري جي انهن عجوبن جيڪي سماج جي سڀني  طبقن کان وڌيڪ معزز هئڻ جا دعويدار هجن تن جي لاء شرم وچان ڪنڌ جھڪائڻ لاء ڪافي آهي پر جنهن معاشري ۾ رڳو اصول ئي نه پر ضمير به بدلبا هجن ان معاشري ۾ پنهن جي جان ڇڏائڻ لاء سالن جي ياراڻن کان منڪر بنجڻ ڪا حيرت جوڳي ڳالھ نه هئڻ گھرجي.اڄ جي هن اطلاعاتي دور ۾ جتي ميڊيا جون سي سي ٽي وي ڪيمرائون هر وقت سرن تي سوار رهن ٿيون ۽ ڪو ڪرتوت انهن جي اک کان لڪيل نٿو رهي، ٽي وي اسڪرين تي ڊوڙندڙ محبت ڪهاڻين جا اهي سڀ ڪردار جيئرا جاڳندا نظر اچڻ باوجود به جيڪڏهن پوء به ڪي انڪار جي جرئت رکن ٿا ته  انهن جي اهڙي همت ۽ حوصلي تي انهن کي داد نه ڏيڻ ڪنجوسائپ آهي.اهي سچ ڇو ڳالهائين جو ڪوڙ ڳالهائڻ سان اهي بار بار بچندا آيا آهن.ميڊيا آخر ڇا ٿي ڪري سگھي، نه ڪنهن کي پڪڙي سگھي ٿي ۽ نه ئي ڪنهن کي سزا ٿي ڏيئي سگھي .ميڊيا اهو ئي ڪري سگھي ٿي جيڪو هوء ڪري رهي آهي. انهن جي هر ڪوڙ کي ڪوڙ ثابت ڪندي رهي آهي پر انهن جو حساب ڪتاب ڪرڻ ۽ انهن جي دوکيبازيء ڀريل حرڪتن جي سزا يا ته کين رياستي قانون ڏيئي سگھي ٿو يا اليڪشن جي وقت عوام پر حقيقت آهي ته انهن کي سزا ملي نٿي،نه رياستي قانون طرفان ۽ نه ئي عوام طرفان.هي ڪي عام رواجي ڏوهاري ناهن پر اهڙن مجرمن سان لاڳاپا رکندا رهيا آهن جن جي باري ۾ اهي ڄاڻن ٿا ته اهي انساني جانين سان کيڏندا رهيا آهن نه رڳو لاڳاپا پر انهن کي پنهن جن سياسي توڙي ذاتي مفادن لاء استعمال ڪندا رهيا آهن پر انهن کي سماجي استشنا حاصل آهي جو اهي اسان جي اشرافيا آهن.اڄ انهن جي چهرن جي تاثرن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته اهي مجرمن سان لاڳاپن سان انڪار جي حوالي سان صريح ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن. اڳين قومن جي تباهي ۽ برباديء جو وڏي ۾ وڏو سبب جيڪو تاريخ ٻڌائي ٿي سو اهو ته اهي ڪمزورن کي سزا ڏيندا هئا ۽ ڏاڍن کي ڇڏي ڏيندا هئا.اسان جي معاشري ۾ به اها ئي انڌير نگري هلندي پيئي اچي. ڦاهو جنهن جي ڳچيء ۾ پورو ٿئي انهيء کي وڌو وڃي ٿو.ڪنهن به قانون پسند شهريء کي نه ته صولت مرزا سان ڪا همدردي هئي نه ئي عذير بلوچ جي لاء ڪا نرمي پر ڪنهن صولت جي ڦاسيء چڙهڻ ۽ ڪنهن عزير  جي سزا کائڻ سان ڇا سماج مان ڏوه ختم ٿي ويندا؟ اهي ظالم هٿ جيڪي انسانن جي خون جي هولي کيڏڻ جي کيل پويان هدايتن جو پورو اسڪرپٽ لکندا رهيا آهن انهن تي اڄ به دستانا چڙهيل آهن جو بيگناهن جي خون جي ڪا لڪير انهن جي هٿن تي نظر نٿي اچي. اهي خونخوار هٿ جيستائين سلامت آهن انهن کي آئنده به سوين صولت ۽ انيڪ عزير ملندا رهندا. جيڪڏهن ڪنهن اداري ۾ واقعي اڄ اهو احساس اڀريو آهي ته گھڻو ٿيو، هاڻي ماڻهن کي سک سان ۽ آزاديء سان ساھ کڻڻ ڏنو وڃي ته اهو احساس ڪنهن فيصلائتي تبديليء جي صورت اختيار ڪري نه سگھندو جيستائين انهن ڏوهاري ڪاروائين جي ماسٽر مائينڊ مجرمن ۾ هٿ نٿا وڌا وڃن انهن جي هر قسم جي رسد توڙي مدد جا گھيڙ گھاٽ بند نٿا ڪيا وڃن. عزير اڳ۾ ئي ادارن وٽ هو يا هاڻي گرفتار ڪيو ويو اهي ٻئي سوال عوام جي لاء ڪجھ به معنى نٿا رکن جيستائين ان ڪهاڻيء جو انت ڪنهن نتيجا خيز منظر تي نٿو ٿئي. پر جيڪڏهن عزير کي به صرف ڪن سياسي ڌرين جي بليڪ ميلنگ جي لاء استعمال ڪيو ويو ته دهشت ۽ بدامنيء جي ستايل هن عوام سان ان کان وڏيڪ ٻي ڪا ويساه گھاتي نه چئبي!