Tuesday, May 31, 2016

ادبي پڪوڙا؛مون کي اجايو مٿو هڻڻ ۽ ٻڌائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي!!!

هڪڙي ڏينهن ملا نصيرالدين منبر تي وعظ ڪرڻ پهچي ويو ۽ هن حاضرين کان پڇيو؛  توهان کي خبر آهي ته  آئون اوھان کي  ڇا ٻڌائڻ   وارو آهيان ؟  ماڻهن چيو ته: اسان کي ڪابه خبر نه آھي. ملا نصيرالدين اهو ٻڌي بنان تقرير جي  منبر تان هيٺ لٿو ۽ چوڻ  لڳو ؛ مون کي ٻڌايو ته  جڏهن توهان کي ڪا خبر ئي نه آهي ته اهڙن بيخبر ماڻهن  کي ٻڌائي آئون پنهن جو وقت ڇو ضايع ڪريان!
ٻئي ڏينهن تي ملا نصيرالدين وري ممبر تي پهتو  ۽ چوڻ لڳو ؛ ڇا توهان کي خبر آهي ته آئون اوھان کي ڇا ٻڌائڻ وارو آهيان؟  پهرئين ڏينهن جي تجربي کي سامهون رکندي ماڻهو چوڻ لڳا ته ؛  ها، اسان کي خبر آهي جيڪي تون اسان کي ٻڌائڻ چاهين ٿو.اهو جواب ٻڌي ملا وري ممبر تان لهي پيو ۽ چوڻ لڳو؛ جڏهن جيڪي آئون اوهان کي ٻڌائڻ گھران ٿو ان سڀ جي اوهان کي اڳيئي خبر آهي ته پوء  باقي منهن جي ٻڌائڻ جي ڪهڙي ضرورت !
ٽئين ڏينهن هو وري  منبر تي پهچي ويو ۽ اهو ساڳيوسوال ورجايائين ، ماڻهن کي ڇوته پهرين ٻن ڏينهن جي جوابن منجھائي ۽ بتال ڪري رکيو هو سو اهي اڄ ڪو هڪڙو جواب ڏيڻ ۾ منجھي پيا.هڪڙن چيو ته ؛ اسان کي خبر آهي جڏهن ته ٻين چيو؛ اسان کي خبر ناهي.
ملا نصيرالدين اهو ٻڌي ممبر تان لٿو ۽ چوڻ لڳو؛ جڏهن هڪڙن کي خبر آهي ته پوء اهي باقي ٻين کي  به ٻڌائي ڇڏين. مون کي اجايو مٿو هڻڻ ۽ ٻڌائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي!!!


شاعريء جي زبان " تون ياد وري آئين، تون ياد وري آئين شمشير الحيدري


 دل درد سان ڀرجي وئي، اکين ۾ اٿل آئي
تون   ياد  وري آئين،   تون ياد   وري آئين
چپڙن   جي  ڪنارن  تي، ڄڻ باهه ٻري آئي
تون   ياد  وري آئين،    تون   ياد وري آئين
انگ انگ ۾ اٿيا اڌما، لونءَ لونءَ ۾ وره وائي
تون  ياد وري  آئين،   تون  ياد  وري   آئين
الفت جي اسيرن کي، ماري  وئي تنھائي
تون ياد وري  آئين،    تون   ياد وري آئين
رڳ رڳ ۾ هلي هوريان، احساس جي ڪتڪائي
تون  ياد  وري  آئين   تون   ياد   وري    آئين

                                                                                                                     sindhsujag.blogspot,com

وال پيپر؛ قاسم اباد جي سڪل گلن جو نوحو (يوسف سنڌي)

ڪجھه واقعا،ڪجھه مونجھارا. (وسعت اللھ خان)


هدايت جورستو؛ ۽ اعمالنامو رکيو ويندو


Monday, May 30, 2016

يادن جو البم ؛ مشهور ڪرڪيٽر شاهد آفريدي جي ننڍپڻ جي هڪ يادگار تصوير

انــڌا اونــڌا ويڄ ؛ ” خود ڪشي“


اسان جي ملڪ۾؛.....
   ڀاڳڀري ”سياست“ جنهن ڏينهن ڄائي هئي
                                       ته....
ويچاريء ” اخلاقيات “ ان ڏينهن ئي خودڪشي ڪري ڇڏي هئي. .....!!!!


شاعری کی زباں : کبھی اس نگر تجھے دیکھنا، کبھی اس نگر تجھے ڈھونڈنا۔ (تابش کمال)


کبھی اس نگر تجھے دیکھنا، کبھی  اس نگر تجھے ڈھونڈنا۔
کبھی رات بھر تجھے سوچنا،کبھی  رات  بھر تجھے ڈھونڈنا۔
مرا  خواب  تھا کہ خیال تھا، وہ  عروج تھا کہ زوال تھا،
کبھی عرش پر تجھے دیکھنا،کبھی فرش پر تجھے ڈھونڈنا۔
                                         تری   یاد  آئی تو رو دیا، جو تو ملگیا تجھے   کھودیا،
                                    میرے سلسلے بھی عجیب ہیں،تجھے چھوڑ کر تجھے  ڈھونڈنا۔
تابش کمال


وال پيپر ؛ سچو احتساب،ڪوڙو احتساب

قيادت موڪل تي آهي.


سنڌ ايسپريس جي ٿورن سان


نظرين جي بنياد تي فيصلا ڪڏهن ٿيندا ؟

شفيق شاڪر

هينري ٿامسن بڪل جنهن ” انگلستان۾ تهذيب جي تاريخ” نالي زبردست تحقيقي ڪتاب لکيو تنهن جو قول آهي ته ” پوري دنيا جي مردن توڙي عورتن کي ٽن درجن ۾ ورهائي سگھجي ٿو.پهريان اهي جيڪي سڀني کان هيٺاهين درجي جا جيڪي هميشه شخصيات ۽ ذاتيات تي ئي سوچيندا ۽ گفتگو ڪندا آهن.ٻيو درجو جيڪو انهيء کان ڪجھه مٿاهون آهي اهي  شين ۽ عملن جي باري ۾ ڳالهائيندا آهن جڏهن ته سڀ کان اعليٰ ۽ مٿاهون طبقو انهن ماڻهن جو آهي جيڪي نظرين ۽ سوچن جي باري ۾ گفتگو ڪندا آهن.“ هاڻي جيڪر مٿئين قول جي روشنيء ۾ اسان جي ملڪ جي موجوده سياسي توڙي سماجي حالتن جو تجزيو ڪجي ته اسان مان اٽڪل هر ماڻهو ان پهرئين درجي جو ئي رڪن بڻيل نظر اچي ٿو.نظريا،سوچون،قدر،اصولن۽آدرشن جو ذڪر ته خير سان هميشه لاء ختم ٿي چڪو آهي پر هاڻي ته شين،معاملن ،عملن ۽ حقيقتن تي به گفتگو نٿي ٿئي،صرف شخصيتن ۽ ذاتيات جي باري ۾ ئي نغما ٻڌڻ لاء ملن ٿا،ايئن ٿو محسوس ٿئي ته ڄڻ پورو معاشرو سرسنگيت تي ڳائڻ ، نچڻ ،ڪنڌ ڌوڻڻ ۽ داد ڏيڻ وارن يا هوٽنگ ڪندڙ تماشبينن سان سٿجي ويو  آهي.سياست جي ميدان کان ويندي ميڊيا جي مرڪزن تائين،اهم قومي ادارن ۾ ويٺل وڏن وڏن عهديدارن کان عام سياسي ڪارڪنن تائين هڪ واضح اڪثريت شخصيتن جي سج جي سلامي نظر ا چي ٿي.اهو ئي سبب آهي جو معاملن،حقيقتن،سوچن،نظرين ۽ اصولن تي گفتگو ٿيڻ بدران صرف شخصيتن جي تعريف يا تنقيد ۾ زبانون سڪايون وڃن ٿيون،اسان جي ملڪ ۾ سالن کان ڏسندا ٿا اچون ته جڏهن به ڪو اوچتو حادثو،معاملو يا بحران اڀرندو آهي ته پوري قوم وڏي جڃ وٺي ٻيا سڀ ڪم ڪار ڇڏي ان معاملي جي پويان لڳي پوندي آهي،  ”وٺوس،پڪڙيوس.لٽڪايوس،ٽنگيوس،جيل ۾ وجھوس،” جون صدائون هر طرف کان ٻڌڻ لاء ملنديون  پر اڃا گھڻو عرصو نه گذرندو آهي ته انهيء ساڳيء قوم کي اهي سڀ ڳالهيون حيرتناڪ حد تائين وسري وينديون آهن ۽ ايندڙ اليڪشن کان پوء وري به جڏهن حڪمرانن واري عجائب گھر تي نظر ڊوڙائبي آهي ته اهي ئي مهربان مسڪرائيندي ۽ هٿ لوڏيندي نظر ايندا آهن جن ۾ ڪجھه عرصو پهرين عوام سڄي دنيا  جاعيب پسي رهيو هو. 
هن وقت اهو ئي حال پوري ملڪ جو پناما پيپرز واري معاملي بنائي رکيو آهي ،حڪمران هجن يا عوام،ميڊيا هجي يا سياستدان ،هن وقت سڀ پنهن جي وس آهر ان قدرتي آفت کي منهن ڏيڻ جون تمام وڏيون ”پرخلوص“ ڪوششون ڪندي نظر اچن ٿا . اصل ۾ اسان جي پاڪستاني معاشري جي هڪ  عجيب ۽ غير فطري اجتماعي نفسياتي خوبي اها به آهي جو اسان سڀني کي سٺائي، بهتري، اصلاح،سڌارو يا تبديلي هڪ ئي جمپ ۾ سو سيڪڙو گھربل هوندو آهي، يعني يا ته ٻڙي يا وري پوري سوسيڪڙو هجي ،انهيء جي وچ ۾  موجودهڪ کان نوانوي جو اسڪيل اسان لاء بي معني آهي.سو اهڙو سماج جيڪو صدين تائين غيرملڪي طاقتن جي ڪالوني رهيو هجي ۽ جتي ڪالونيين کي هلائڻ ۽ ڪنٽرول ڪرڻ لاء هڪ زبردست عياراڻو سيٽ اپ نافذ ۽ موثر نموني ڪم ڪندو رهيو هجي ۽ جتي انهن غيرملڪي آقائن جا وفادار غلام اڄ به اسان تي حڪومت ڪندا هجن،اتي اوچتو ڪنهن صبح جو ننڊ مان جاڳي  آزادين،انقلاب،تبديلي، اصلاح، سڌاري ۽ احتساب جا هڪ ئي وقت ڍير سارا نعرا هڻي وري سالن تائين غفلت جي ننڊ سمهي پوڻ واري کل جوڳن روين سان ٿي سگھي ٿو  ڪا معجزاتي تبديلي ء جي باک ڦٽي پوي پر فطرت جي اڻ ٽر اصولن مطابق ايئن ٿيندو ناهي.ملڪ ٺهڻ کان هيستائين اسان اهڙا ئي انوکا خواب ڏسندا ۽ نه نظر ايندڙ سهي جي پويان صرف ٻوڙا ڪٽيندا رهيا آهيون.اهي جن جي محلن جون بتيون عوام جي نپوڙيل خون واري تيل سان جرڪنديون رهيون هجن ۽ جن اڄ تائين عوام کي انسان وارو درجو ڏيڻ جي تڪليف به گوارا نه ڪئي هجي انهن جي پيٽ ۾ عوامي درد جو وڪڙ آخر ڇو اچي؟اهي ڪنهن جي مطالبن ۽ مشورن تي پنهن جي ڏاڍ جو جوڙيل نظام پاڻ پنهن جي هٿن سان زمين بوس ڪرڻ جي بيوقوفي ڇو ڪندا؟اهي تمام ڏکي،عيار،لالچي،چالاڪ ۽ چاپلوس قسم جي مخلوق آهن.هيستائين هنن جو ڪوئي ڪجهه به بگاڙي نه سگھيو آهي.ڳالهه جو تت اهو ته اسان بار بار پنهن جن سمورين بدقسمتين جو دارون شخصيتن ۽ چهرن جي تبديليء ۾ ڳولهيندا رهيا آهيون  ۽ اڄ به ساڳي حماقت ۾ ڦاٿل آهيون.

”هي هجي ۽ هو نه هجي،هي وڃي ۽ هو اچي،هڪڙي جو پٽڪو لاهي ٻئي کي پٽڪو ٻڌايو“  انهيء سان جيڪر ڪا تبديلي اچي ها ته ستر سالن جو عرصو قومن جي تعمير يا تخريب لاء ڪو گھٽ عرصو نه هوندو آهي.هڪ عجيب مسخري جيڪا بحيثيت هڪ قوم اسان سدائين ڪندا اچون سا اها ته اسان پاڻ جن کي ڳائي وڄائي حڪومت جي سيج تي ويهاريون ٿا، ڪجهه ئي عرصي کان پوء ٻين يعني فوج.،عدليا۽ميڊيا وغيره کان فرمائش ڪرڻ لڳون ٿا ته  اهي انهن کي ڪو زورائتو ڌڪو ڏيئي هيٺ ڇو نٿا لاهين پوء جڏهن انهن کي ٻيا ڌڪو نٿا ڏين  يا نٿا ڏيئي سگھن ته اسان کي پنهن جون سڀ حماقتون به وسري وڃن ٿيون ۽ پنهن جي پاران پنهن جي مٿان نافذ ڪيل انهن حڪمرانن جا ڪرتوت  به نظرانداز ٿي وڃن ٿا ۽ تنقيد ۽ تبصرن جو رخ آسانيء سان ٻين ادارن طرف ٿيو وڃي. جن کي توهان انهن ڪرسين تي ويهاريو آهي انهن کي ٻيا جن جو اهو ڪم ئي ناهي سي ڇو ڇڪي هيٺ لاهين؟انهن کي جيڪي ڪرسين تي ويهارين ٿا ۽  پوءجيڪر اهي انهن جا دشمن ٿين ٿا جيڪي واقعي ٿين ٿا ته پوء انهن کي گھر جو رستو ڏيکارڻ به عوام جي ئي ذميداري آهي پر اهو عمل تڏهن  گھربل نتيجا ڏيئي سگھندو جڏهن شخصيتن جي پوڄا واري پاليسيء مان نڪري نظرين ،سوچن، اصولن ۽ قدرن جي محبت ۾ ووٽ وڌو ويندو پر جيڪر اها منزل اڃا ڏکي آهي ته به شخصيتن جي بدران گھٽ ۾ گھٽ شين،معاملن،عملن ۽ حقيقتن جي آڌار تي ته فيصلا ڪري سگھجن ٿا!
روزاني سنڌ  30 مئي 2016ع


Sunday, May 29, 2016

لـطـيـــــف ؒ جـــــــي لات ؛جو تُون پَسِي هارُ هِرکِـئين



مَڻِيو  ناهِ    مَڻِـيُون، جو تُون پَسِي هارُ هِرکِـئين؛
اَصلِ آهي  اَڳَهين،   سَندِيُون  ڪُوڙَ    ڪَڻِيـُون؛
                                                      اِنَ گھوڙَنِ هَنئي گَھڻِـيُون، دوسَنِئان دُورِ ڪَيون
اي ليلا! هي توکي ڇاٿيو جو هار ڏسي موتين جي محبت ۾ دوکو کائي ويٺينء.جيڪر اندر جي اکين سان ڏسين ها ته اهو مڻيو ڪوڙو هو.افسوس اي ليلا! نه ڄاتئي ته ان دوکي ڪيتريون ئي اڳ به محبوب کان پري ڪري ڇڏيون!

وال پيپر ؛ نئين بجيٽ ۽ سرڪاري ملازمن جون اميدون.

انــڌا اونــڌا ويڄ ؛ ”جمهور“



اسان جي ملڪ ۾؛...........
    ”جمهوريت “ اها سنسني خيز فلم آهي

جنهن ۾ جمهوريت جو هيرو ”جمهور“ پهرئين سين ۾ ئي مري وڃي ٿو!..............

 .

ڀٽڪندڙ نسل جي درد ڪٿا!



 شوڪت لوهار


اوهان جي ڳالهه ٻُڌڻ لاءِ ڪير به تيار ڪونه آهي، اوهان جي مدد ڪرڻ لاءِ ڪير به تيار ڪونه آهي، ڪوبه اهڙو ماڻهو نه آهي جيڪو سينو تاڻي چئي سگهي ته هُو اوهان جو آهي، اوهين هُن جا آهيو، گڏ کائڻ، پيئڻ، رهڻ، سهڻ، سڀ ڪجهه ۾ اوهان اوپرا ۽ پراوا آهيو، بلڪل ڪنهن خلائي مخلوق جيان، ڪنهن ستاري کان آيل يا ڪنهن سياري مان ڪِريل، هي ڌرتي جو گولو ۽ هِن تي رهندڙ هي مخلوق اوهان کي قطعي قبولڻ لاءِ تيار نه آهي. توڙي جو اوهان جي وجود جي بناوٽ ذري گهٽ سڀني جهڙي آهي، پر نه اوهان ظاهري طور بدن جي بناوٽ ۾ ڌڪ کاڌل آهيو ۽ ٻيا ڪنهن نه ڪنهن خاني ۾ ضرور اچن ٿا، ان ڪري انهن جو سماج ۾ ڪردار ۽ ڪردار ۾ سڀ ست رنگ شامل هجن ٿا، اوهان ته ماڳهين هِن اسان جي موجوده سماج ۾ هِڪ عجيب و غريب هِڪ جسم جو لوٿڙو ۽ بَس ڪجهه ماڻهن کي ريجهائڻ لاءِ کيڏوڻا آهيو ۽ اوهان جي ڪابه اهميت ڪونه آهي.
هونئن ته ڏمر ۽ ڏاڍ جا الميا ايترا آهن ۽ جيڪي روزانو حسابي ضرب سان گڏوگڏ روح کي به ضربي رهيا آهن، جن جو ذڪر ڪندي، لفظن جا سڪل ٿوهر ڪٿي ٿا هن ٻاٽ ۾ ڪو سوجهرو ڪري سگهن جو هر وجود جي نڙيءَ ۾ ڪنهن نه ڪنهن مجبوري ۽ مسئلي جي ميخ لڳي پيئي آهي.
منٽو صحيح لکيو هُو يا غلط پر ڳالهه هٿوڙي جهڙي ڪئي هئائين ته ”هي معاشرو ڪنهن مائي کي عزت سان ٽانگو به هلائڻ ڪونه سهندو، پر ان جي بجاءِ بازار ۾ اُن کي هلائڻ لاءِ راهه هموار ڪري ڇڏيندو.“ مسئلن جي دلدل ۾ گهيريل اسان ماڻهو، پنهنجي ئي لاش جي پاڻ مزار بڻجي رهيا آهيون ۽ پنهنجي مرتئي جي پاڻ ئي فاتحه پڙهي رهيا آهيون، اسان جي اکين مان نڪتل لڙڪ شايد ڪنهن حاڪم جي اکين مٿان چڙهيل چرٻي کي نظر اچي وڃي ها ته هوند اڄ اسين ٻيو ڪجهه نه تڏهن به بک ڏک ئي سهي پر پنهنجي حصي جي تشخص ۽ عزت کي پاڻ سان گڏ محسوس ڪيون ها، پر شايد اسان جهڙي معاشري ۾ ائين ٿيڻ ڏکيو آهي.
عليشا هَا هُن جو نالو عليشا هو، هُو ڪير هئي، يا هُيو؟ ڪا خبر نه آهي. ڇاڪاڻ ته هُن جي جنس طئي ٿيل ڪونه هئي. هُو پنهنجي جنم کان وٺي مرڻ تائين پنهنجي شناخت جي ڳولا ۾ رهي، هُو هِڪ اڻ اظهارجندڙ جنس سان تعلق رکندڙ هئي. هُن کي اسان جي معاشري ۾ ڪوبه عزت جي نگاهه سان ڪونه ڏسندو آهي، هونئن اوهان معاشري کي ته ڇڏيو پر جنم ڏيندڙ ماءُ ۽ اولاد تي اڪن ڇڪن ٿيندڙ پيءُ به سندس جنم کانپوءِ گهر جي ڪنڊ ۾ مُنهن لڪائڻ لاءِ جاءِ پيا تلاش ڪندا آهن ۽ جلد ئي کيس ”سندس قبيلي“ حوالي ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ ان جو پنهنجي ماءُ پيءُ ۽ مٽن مائٽن سان ڪوبه تعلق ڪونه بچندو آهي. ڪيڏي نه ڪربناڪ ۽ دردناڪ هوندي آهي اِها حالت، جنهن مان هِڪ ماڻهو کي گذرڻو پوندو آهي. جنهن ۾ سندس ڪو قصور ڪونه هوندو آهي. ڪجهه اهڙو ئي ٿيو آهي پشاور جي هن عليشا سان به. هُو به ان قبيلي سان تعلق رکندڙ آهي، جن کي اسان جهڙي اشرف ۽ ملوڪان لاءِ وندر جو سامان هوندا آهن!
هُن جي پٺيان ڪهڙا ويري لڳل هئا. ڀلا ڪنهن کي مٿي ۾ سور پيو آهي جو ان جي ويهي پڇا ڳاڇا ڪري؟ ڇاڪاڻ ته هِي ڪنهن مرد يا مائي جو قتل ٿورو ئي آهي. هي ته بس، ها ها ها، ڪنهن ٽئين جنس، ڪنهن گوشت جي لوٿڙي جو قتل آهي، جنهن سان ڪنهن جو ڪوبه تعلق نه آهي. هتان ريپبلڪ جي آبادي ڪجهه ڇڻي وئي آهي، ائين ڪي نه؟
اسان جيڪي ڪجهه به آهيون، جنس جي تابع آهيون، اسان جو سڀ ڪجهه جنس ئي آهي. اسان جي جنس ۽ اسان جو کاڌو اسان جي وجود جو حقيقي سڃاڻپ ڪارڊ آهن، ٻي صورت ۾ اسين ڪجهه به نه آهيون، اسان جو هجڻ نه هجڻ ساڳي ڳالهه آهي.
جيئن ته هِي مرداڻو سماج آهي ۽ هتي مردن جو داٻو هلي ٿو، بلڪه هاڻ ته اِهو به اعلان ڪيو آهي ته جيڪڏهن اوهان جو ڪڏهن موڊ ٿئي ته عورت کي هلڪي ڦلڪي مار ڏئي سگهجي ٿي، ان ۾ ڪنهن به قسم جي ڪابه منهه ناهي. مطلب هي روزانو جيڪي ڪهاڙين ۽ بندوقن سان چچريل عورتن جا لاش اچن ٿا، اخبارن جي مکيه خبرن ۾ اِهي ڪافي نه آهن؟ اسين اڃا ڪجهه وڌيڪ چاهيون ٿا. پنجاب اسيمبلي ۾ عورتن جي حقن بابت پيش ڪيل بل جي جهڙي نموني هِڪ جيد علماءَ مذاق پئي اڏايو، ان مان سندس عورتن لاءِ نفرت کي پرکي سگهجي ٿو.
پليجي صاحب ڪٿي لکيو آهي ته ڪنهن به سماج جي هڪ سٽ ۾ ترقي پرکڻي آهي ته ان معاشري ۾ موجود عورت جي حالت ڏسو، اوهان کي معاشرتي ترقيءَ جي خودبخود خبر پئجي ويندي.
پر هِي ڀٽڪندڙ نسل ڪيڏانهن وڃي؟ جيڪو نه مائي آهي نه مرد آهي ۽ ان جي وجود جي اِها شڪل هُن پاڻ ڪونه ٺاهي آهي، انهيءَ ۾ هُن جو ڪوبه قصور نه آهي. هونئن سچي ٻڌايان ته اسان جو معاشرو تقريبن عليشا ئي بڻيل آهي. عليشا ۽ ان جي قبيلي لاءِ هي معاشرو صرف ذلت ۽ تذليل جي جاءِ آهي، اِهو متڀيد آخر ڇو آهي؟ انهي سوال تي سڀني جا چپ سبيل آهن، سڀ بول فلم جا ڪردار آهن.
عليشا کي جڏهن اسپتال آندو ويو ته بجاءِ جو ان جو علاج ڪيو وڃي ها، ويتر ان جي روح تي جهير ڏنا ويا، ان جي احساس کي مڏي ڪاتيءَ سان ڪٺو ويو.
جڏهن کيس عورتن جي آءِ سي يو ۾ رکيو ويو ته عورتن اعتراض ڪيو ته هِڪ کدڙي کي اسان جي وارڊ ۾ ڇو آندو ويو آهي؟ جڏهن مردن جي وارڊ ۾ عليشا کي نيو ويو ته مردن اعتراض ڪيو ته اسين ته مرد آهيون، پوءِ هِڪ کدڙي کي ڇو آندو ويو آهي؟ نيٺ ان جو آپريشن ٻاهر ڪيو ويو، جتي هُو مري وئي.
مرد ۽ عورت مريض ڀلا ڇونه ائين ري ايڪشن ڪن ها، جو اسان جي تعليم اسان جي نصاب ۽ اسان جي تربيت ۾ ڪڏهن ٽئين جنس صرف کدڙي جي عزت ڪرڻ يا گهٽ ۾ گهٽ ان کي ماڻهو سمجهڻ جيترو مواد ئي شامل ڪونه ڪيو ويو آهي. اسان جي نجي ڪچهرين يا اسان جي والدين وٽ هونئن ته زماني جي گلا ڪرڻ لاءِ وقت آهي پر ٽئين جنس وارن کي صرف انسان سمجهڻ ۽ پنهنجي اولاد کي انهن بابت سمجهائڻ لاءِ وقت ڪونه آهي. اِهي ٻيا ملڪ آهن، جتي ٽئين جنس يا جنس سان تعلق رکندڙ اسڪول، ڪاليجن جا پرنسيپال، ڊاڪٽر ۽ منسٽر ٿيا ويٺا آهن، پر اسان وٽ کين عزت ايتري آهي جو انهن کي چند موالين، چرسين، ڊرائيورن ۽ آواره ماڻهن جي عياشي جي سامان ٿيڻ کان وڌ کين ڪابه جاءِ نه ڏني وئي آهي.
شادي مرادي يا پڻ ڌي جي ڄم تي هُو ٽوليون ڪري ڳوٺن ۾ ايندا هئا ۽ خيرات وٺي هليا ويندا هئا. حيرت ته انهن ڊاڪٽرن تي آهي، جن هيڏيون بلڊوزر ڊگريون ته ڪري ورتيون پر اندر ۾ احساس جي رتي به شامل ڪونه ڪئي، جيڪا عليشا جي علاج دوران سندن کل ۽ مذاق کي روڪي، انهن کي اهو سمجهائي سگهي ها ته هي هِڪ انسان آهن، پر نه اِهو ساڳيو خيبرپختونخواهه، جنهن ۾ چند ڏينهن پهرين هِڪ ڇوڪري کي نشو ڏئي هِڪ وين ۾ ٻڌي، ان کي باهه ڏني وئي، فقط انهيءَ لاءِ ته هُن ڇوڪريءَ پنهنجي هِڪ دوست جي ڀڄڻ ۾ مدد ڪئي هئي ۽ اِهو به شڪ جي بنياد تي!
تبديلي ۽ نواڻ جا راڳ آلاپيندڙن کي هي زميني حقيقتون الائي ڇو نظر نه ٿيون اچن، جو اسان جي سماجن ۾ جتي شهزاديون شادي رات صرف ان ڪري ڪُسجن ٿيون جو شايد انهن وَٽ پاڪدامني جو سرٽيفڪيٽ ڪجهه ڌنڌلو هجي ٿو. اسان جي رهڻي ڪهڻي جنهن ۾ تعليم اڃا تائين مانيءَ جيتري جاءِ ڪونه والاري آهي ۽ اسين صرف هِڪ ئي ڪم ڪري رهيا آهيون جو هِن ملڪ جي آبادي وڌائي وڏي خدمت ڪري رهيا آهيون، باقي ڪل خير آهي.
تخت جي مسند تي ويٺلن کي هونئن به عليشا جي موت سان ڪهڙو فرق پوندو. ڇاڪاڻ ته عليشا جا مي فيئر ۾ ڪي فليٽس ته ڪونه هئا ۽ نه ئي ڪي آف شور ڪمپنيون هيون.
ننڍي لاڪون هِڪ قِصو ٻڌايو ويندو هو ته هِي ڌرتي ستن ڌرتين جي مٿان آهي ۽ مٿي به ست آسمان آهن، هن ڌرتي جو وزن هِڪ ڍڳي جي سِڱن تي آهي ۽ اِهو ڍڳو هِڪ مڇي جي ڪلي تي پير ڏيو بيٺو آهي. گيليلو ۽ نيوٽن يورپ کي ته جاڳائي ويا، پر اسان جي ننڊ خبر ناهي ڪڏهن پوري ٿيندي. تيستائين عليشائن جي ڪربناڪ موت ۽ انهن جي وجود جي سڃاڻپ هِڪ پرولي ئي بڻيل رهندي ۽ پرولي ڀڃڻ لاءِ تنقيدي سوچ کپي، جيڪا اسان وٽ اڃا تائين پيدا ڪونه ٿي سگهي آهي.
اذيت ۽ ذلت جي ڪيفيت جو عمل هي آهي جو جيڪڏهن ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ ڊاڪٽر عليشا کي هِڪ کدڙي يا ٽئين جنس سان تعلق رکندڙ ڪنهن عجيب شيءِ سمجهڻ بجاءِ هڪ مريض سمجهن ها ته شايد هو بچي وڃي ها. ڊاڪٽر ان کي مريض ڪونه سمجهيو، بلڪه ان جي جسماني زخمن کان اڳتي وڌندي ان جي روح کي پنهنجي زبان جي ڪاتيءَ سان ڪهندا رهيا ۽ کيس چوندا رهيا ته، تون نچڻ جا ڪيترا پئسا وٺندي/ وٺندو آهين؟
ڊاڪٽر کي بائيو اخلاق نالي هِڪ شيءِ خبر ناهي دماغ بجاءِ اِها ڪهڙي جاءِ تي پڙهائي اثر ڪندي آهي جو انهن جو ايڏو دماغ ڦري ويندو آهي. هن ملڪ ۾ ٽئين جنس وارن لاءِ الڳ اسڪول کولي انهن کي تعليم ڏني وڃي، هر اسپتال ۽ سرڪاري نوڪرين ۾ سندن حصو شامل ڪيو وڃي، بجاءِ جو هُو فقط اسان جي حوس جو شڪار ٿين، هُو هن ملڪ جي ترقيءَ لاءِ ڪردار ادا ڪري سگهن، پر ان لاءِ اسان کي پنهنجي ڪوڙي مردانگي جي مسند تان هيٺ لهڻو پوندو.


ماضيء جو آئينو ؛ ”عظيم طوفان.“

شفيق شاڪر

جديد محقق ۽ سائنسدان خاص طور تي مغربي مفڪر گھڻو عرصو ان ڳالهه جا منڪر رهيا ته دنيا ۾ ڪو نوح عليه السلام جو طوفان به آيو هو پر 19 ۽ 20 صديء ۾ ٿيل تحقيقات جي نتيجي ۾ اهي ان نتيجي تي پهتا آهن ته هزارين سال پهرين دنيا ۾ اهڙو خطرناڪ طوفان آيو هو جنهن روء زمين جي هر شيء غرق ڪري ڇڏي هئي.19 صديء ۾ ”ڪوه جودي“ دريافت ٿيو ۽ بعد ۾ حضرت نوح جي ٻيڙيء جا نشان مليا.12 سيپٽيمبر 2001ع تي قديم آثارن جي ماهرن بحيره اسود ۾ سمنڊ جي سطح کان 300 فٽ هيٺ انساني هٿن جي ٺهيل هڪ ڍانچي جا ڪجھ حصا هٿ ڪيا جنهن مان هنن جي ان يقين کي مضبوطي ملي ته گھٽ ۾ گھٽ 7،500 سال قبل مسيح، هڪ خطرناڪ طوفان آيو هو جنهن جي تباه ڪارين جو اندازو لڳائي نٿو سگھجي.ان مهم جي اڳواڻ ”رابرٽ ڊي بليئر“ مطابق اسان تصور به نٿا ڪري سگھون ته ايتري پراڻي ڍانچي جا تختا اڃا تائين ايئن چمڪي رهيا هوندا!
ماهرين بحيره اسود ۾ گھڻي عرصي کان دلچسپي رکندا هئا ان ڪري جو ان جي پاڻيء ۾ 500 فوٽن جي اونهائيء کان پوء آڪسيجن موجود ناهي.2000ع ۾ ڪولمبيا يونيورسٽي آمريڪا جي زميني ماهرن لاء ان سمنڊ جي کوجنا جو سبب ،وليم ريان ۽ والٽر پٽ جو ڪتاب ” نوح جو طوفان“ هو.
قرآن ڪريم ۽ تاريخ اسلام ان واقعي کي ”طوفان نوح “ جي نالي سان ياد ڪري ٿي.جيڪو اللھ جي برگزيده پيغمبر حضرت نوح عليه السلام جي قوم تي نافرمانيء جي ڪري عذاب جي صورت ۾ مسلط ڪيو ويو.دلچسپ ڳالهه اها ته بائيبل ۽ تورات به ان طوفان جي گواهي ڏين ٿا.
حضرت نوح عليه السلام جو ملڪ قديم عراق هو،حضرت آدم عليه السلام کان پوء سندس اولاد ۾ بت پرستي شروع ٿي چڪي هئي۽ روايت آهي ته پهريون بت حضرت شيش عليه السلام جو جوڙيو ويو هو.پهرين ان قوم ۾ ادريس عليه السلام ۽ بعد ۾ حضرت نوح عليه السلام کي موڪليو ويو. جنهن قوم ۾ پاڻ پيدا ٿيا ان جا ماڻهو تمام وڏيون عمرون رکندڙ،طاقتور ۽ پهلوان هئا پر اهي خدا جا باغي،سرڪش ۽ نافرمان هئا.حضرت نوح عليه السلام ان قوم کي سمجھائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر اهي بدنصيب هدايت قبول ڪرڻ بدران الٽو نوح عليه السلام تي چٿرون ڪرڻ لڳا.روايتن مطابق نوح عليه  السلام ساڍا نو سو سال انهن سان مٿي ماري ڪئي پر اهي نه سمجھيا بلڪه چوڻ لڳا ته جيڪر تون خدا جو سچو رسول آهين ته پوء اسان تي عذاب ڇو نٿو آڻين؟جڏهن اهي هر حد پار ڪري چڪا ۽ نصيحتن جو اثر نه نڪتو ته هڪ ڏينهن حضرت نوح عليه السلام بارگاه ايزديء ۾دعا ڪئي ته اي منهن جارب! انهن ظالمن مان ڪوبه تنهن جي زمين تي زنده نه ڇڏ.
پيغمبر جي دعا رد نه ٿيندي آهي سو مالڪ پاران اطلاع ڪيو ويو ته جلد ئي انهن تي هڪ زبردست طوفان اچڻ وارو آهي.۽ حڪم ڏنو ويو ته تون پنهن جي پوئلڳن جي لاء ٻيڙي تيار ڪرڻ شروع ڪر ۽ جڏهن پاڻي چڙهڻ لڳي ته پنهن جي اهل عيال ۽ پوئلڳن کي ان ٻيڙيء ۾ ويهاري ڇڏجان.زمين جي جانورن ۽ پکين جي هڪ هڪ جوڙي به پاڻ سان کڻ ۽ اللھ جي حمد ۽ ثنا ڪندي ان ٻيڙيء ۾ سوار ٿيو ۽ جڏهن طوفان بيهي رهي ته هن جي تسبيح ۽ تحميد پڙهندي ٻيڙيء مان لهجو.
خدا جي حڪم مطابق جڏهن نوح عليه السلام ٻيڙي ٺاهڻ شروع ڪئي ته سندس قوم سندس مذاق اڏائڻ شروع ڪري ڏنو.چوڻ لڳا ته ان کان وڌيڪ بيوقوفي ٻي ڪهڙي هوندي جو خشڪيء تي ٻيڙي ٺاهي پيئي وڃي! پوء هڪ ڏينهن اهو به آيو جنهن جو وعدو ڪيو ويو هو.طوفان جي شروعات ٿي ويئي. سڀ کان پهرين هڪ تندور مان جنهن جي اڳواٽ نشاني ٻڌائي ويئي هئي تنهن مان پاڻي نڪرڻ شروع ٿيو.پوء زمين جا نارا کلڻ شروع ٿي ويا ۽ مٿان آسمان مان برسات شروع ٿي ويئي. توريت مطابق پورا 40 ڏينهن ۽ راتيون مسلسل برسات وسندي رهي،زمين مان به پاڻي ڦوهارا ڏيئي نڪرندو رهيو۽ اهو سلسلو پورا پنج مهينا جاري رهيو ايستائين جو پاڻي چڙهندي چڙهندي بلند ترين جبلن کان به پندرهن هٿ بلند ٿي ويو.
مغربي محققن جي خيال ۾ ان طوفان کان رڳو زمين ئي متاثر نه ٿي پر ڪن موجب مريخ ۽ مشتريء جي وچ ۾ موجود هڪ سياري جي تباهي به ان طوفان جو نتيجو هئي.ان جڳهه تي هاڻي ننڍن ننڍن سيارچن جي هڪ پٽي موجود آهي.پنهن جي تحقيقي مقالن ۾ اهي تصديق ڪن ٿا ته طوفان يا سيلاب دوران دنيا جي بلند ترين جبلن جون چوٽيون به ٻڏي وييون هيون ۽ ٻيڙي انهن جي مٿان ترندي رهي.

هتي هندستان جي هڪ پراڻي شهر ” ايوڌيا“ جو ذڪر به دلچسپيء جو سبب آهي جنهن جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته اهو 9،000 قبل مسيح جي لڳ ڀڳ آباد ٿيو پر ايوڌيا جي پوري تاريخ ۾ اهڙي ڪنهن طوفان جو ذڪر نٿو ملي.اهڙيء طرح ٻين به ڪيترن ئي پراڻين تهذيبن ۾ ان طوفان جو حوالو موجود ناهي جنهن مان ظاهر آهي ته اهو طوفان انهن شهرن جي آباد ٿيڻ کان ايترو ته آڳاٽو هو جو ان جي تباهين جو ڪنهن کي ڪو اندازو ئي نه ٿي سگھيو آهي.بهرحال طوفان نوح جو قصو قراڻ مجيد ۽ تاريخ اسلام ۾ تفصيل سان ذڪر ٿيل آهي ،هتي اسان صرف ان طرف اشارو ڪيو آهي.
                                                                                   روزاني مهراڻ 29 مئي 2016ع


نظر جي دوکي جهڙي خود مختياري.

هدايت جو رستو ؛ جن پنھنجي پالڻھار جي رضامندي حاصل ڪرڻ لاءِ صبر ڪيو


۽ جن پنھنجي پالڻھار جي رضامندي حاصل ڪرڻ لاءِ صبر ڪيو ۽ نماز پڙھي ۽         جيڪي   کين    روزي ڏني سون تنھن مان ڳجھو         ۽            پڌرو      خرچيائون     ۽     چڱاين        سان          مدايون  ٽاريندا آھن تن لاءِ آخرت جو گھر آھي .
اور جن لوگوں نے اپنے پروردگار کی خوشنودی حاصل کرنے کے لئے صبر کیا اور نماز قائم کی اور جو رزق ہم نے انہیں دیا اس میں سے ظاہر اور چھپے ہوئے طریقے سے خرچ کیا اور برائیوں کو نیکیوں سے تبدیل کیا ،ان کے لئے آخرت کا گھر ہے۔
                                                    (سورہ رعد آیت 23 ) 
                                                              

Saturday, May 28, 2016

شاعريء جي زبان ؛ نٿو جو سنڌ لئه لڙي، نٿو جو سنڌ لئه ڪڙهي،


 نٿو جو سنڌ لئه لڙي، نٿو جو سنڌ لئه ڪڙهي، سو سنڌ مان لڏي وڃي، سو سنڌ کي ڇڏي وڃي
برابري، سراسري، اسان گھُرون ٿا ايتري، پُڇي کڻي ڪو ڪيتري، اسان ٻڌايون هيتري،
آزاد قوم جيتري، آزاد قوم جيتري، جو سچ انهيءَ تان سَڙي، سو سنڌ مان لڏي وڃي.
نِکاريو سِنڌڙيءَ حُسن، ڏسي ڪئين ڪُونڌ پيا ڪُسن، ڪروڙ ڪاهيندا اچن، ڪُسڻ جو ڪوپ پيا پُڇن،
مَچن مَچن اندر مَچن، مَچن مَچن اندر مَچن، جنهن وِک هٽائي بي وڙي، سو سنڌ مان لڏي وڃي.
هي مڪليون، موهن دڙا، ٿرن بَرن ٿڌا گھڙا، ٽهڪائي جنهن ٽانڊا ڪيا، کڻي ويو ٽپڙ ٽڙا،
انهيءَ ڪري هڙا وڙا، انهيءَ ڪري هڙا وڙا، نٿو جو تڙ مٿان تڙي، سو سنڌ مان لڏي وڃي.
ٿي انتها آ ڪِيس جي، ۽ ڪيسين ويهندا هيسجي، ڇڏي ڏي ريت رِيس جي، پُريون به وينديون پيسجي،
آ جنگ جِيس جِيس جي، آ جنگ جِيس جِيس جي، اُٿي نه جو تڙي کڙي، سو سنڌ مان لڏي وڃي.
ٻُڌين نٿو کٻي سڄي، نقارو جنگ پيو وڄي، گھڻين هٿين ڇپر کڄي، هلي نه جنهن هيئون هِڄي،
ڀڄي ڀڄي هينئر ڀڄي، ڀڄي ڀڄي هينئر ڀڄي، ڌڙي تي داڦ بيڌڙي، سو سنڌ مان لڏي وڃي.
هي ملڪ ”منشي“ ٿيو مَکِي، چوي پيو پکڻ پکي، جڏهن به قوم آ ڪَکي، لکين لهي آيا لکِي،
سنڌوءَ جي سُرڪ جنهن چکي، سنڌوءَ جي سُرڪ جنهن چکي،
پِي جان سان نٿو جَڙي، سو سنڌ مان لڏي وڃي. سو سنڌ مان لڏي وڃي، سو سنڌ کي ڇڏي وڃي

                                                                              ابراهيم منشي



يادن جو البم ؛ شعيب اختر مئچ شروع ٿيڻ کان اڳ سندس سيلفي وٺندي

هدايت جو رستو؛ اهي ٿورڙي قيمت ۾ اللّٰھ جون آيتون وڪڻن ٿا


اهي ٿورڙي قيمت ۾ اللّٰھ جون آيتون وڪڻن ٿا پوء (ماڻهن کي ) سندس راه کان روڪين ٿا، اهي جيڪي ڪجھه ڪري رهيا آهن ،ڏاڍو گندو ڪري رهيا آهن.

وہ تھوڑی سی قیمت لے کر ﷲ کی آیات بیچتے ہیں پھر لوگوں کو اس کی راہ سے روکتے ہیں۔ وہ جو کچھ کررہے ہیں بہت ہی خراب کر رہے ہیں۔     
                                                                      (سورت توبہ آيت ؛9)

                                           (سورت توبہ آيت ؛9)

وفاقيت،هڪ ڏندڪٿا.

ايوارڊ-اصل يا نقل (تصوير سنديلو)

تصوير سنديلو
اسين عقل بدران نقل جي اهڙي دور مان گذري رهيا آهيون جتي شيون نقلي، ماڻهو نقلي، تن جا ڪردار نقلي، رويا نقلي، عمل ۽ اعزاز نقلي، ”اندر ڪارو ڪانءُ، ٻاهر ٻولي هنج جي“ وانگر ڳالهيون به نقلي. ڀٽائي چيو ته:
اگهيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي،
پلئه پايو سچ، آڇيندي لڄ مران
سڄي خرابي امتحانن ۾ نقل کان شروع ٿئي ٿي، نقل ڪري سٺا نمبر کڻي ڪوڙي ڊگري وٺڻ کانپوءِ پئسن يا سفارش تي سرڪاري نوڪري وٺڻ تائين فرد جو ڪردار ۽ ڪيريئر نقلي ٿي پوي ٿو. اصل ڇا آهي؟ ۽ نقل ڇا آهي؟ اسان کي اهو ڪير سمجهائيندو، جن کي سمجهائڻ گهرجي، سي پاڻ ئي نقلي هجن ته پوءِ نقل به ڄڻ اصل جهڙو ڏيک ڏيڻ لڳي ٿو. نقل معنيٰ اصل جهڙو ٺاهڻ يا نظر اچڻ پر اصل ۾ اهو اصل نه هوندو آهي. يعني اصل سچ ۽ نقل ڪوڙ هوندو آهي.
ڪوڙا ماڻهو ڪوڙ نسورو
ايندڙ ويندڙ کي آڇن
سچا ماڻهو سورنهن آنا
سچ لڪايون بيٺا آهن. (استاد بخاري)
ڪوڙ کي ايترو ورجايو جو اهو سچ لڳڻ لڳي. اصل ۽ نقل تي هڪ واقعو ياد ٿو اچي ته باقراڻي واري ڪچي ۾ هڪ همراهه کي سٺي، سهڻي ۽ سيبتي عورت ڏيکاري ساڻس رستو ڪيو ويو ۽ رقم به چڱي خاصي ورتي وئي پر شادي رات کيس اهڙي عورت ڏنائون جو اها گونگي، ڏند ڀڳل ۽ ذهني طور به غير صحتمند، همراهه سڄي رات ڪنوار سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر سمجهيائين ته شرمائي ٿي سو کيس اصل خبر صبح جو پئي ته جا عورت ڏيکاريائونس سا ڪونه ڏنائونس، ان جي جاءِ تي ٻي عورت ڏئي ڇڏيائونس.
هاٿي جي ڏيکارڻ جا ڏند هڪڙا ۽ کائڻ جا ڏند ٻيا هوندا آهن. اسان وٽ به ڪجهه ايئن ٿي رهيو آهي ۽ اهڙو لاڙو ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي. هڪڙي صحافي جي گهر ويس ته ڪمرو ايوارڊن سان ڀريو پيو هئس. ڳڻپ کان گهڻا ايوارڊ، شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ ڏسي سوچيم ته ان صحافي جو هڪ به اهڙو ڪم ناهي جيڪو ڳڻپ ۾ اچڻ جهڙو هجي. بينظير ڀٽو صاحبه شهيد ٿي وئي، 2008ع ۾ هڪ اهڙي ئي ماڻهو آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ شهيد راڻي ايوارڊ تقريب ڪوٺائي جنهن ۾ پ پ جا ڪيترائي ايم پي اي ۽ وزير به اچي اسٽيج تي ويٺا ۽ ايوارڊ اڪثر اهڙن ماڻهن کي ڏنا پئي ويا جن جو نه ته جمهوريت جي بحالي ۾ ڪو ڪردار هو ۽ نه ئي وري بينظير ڀٽو صاحبه جي شهادت کانپوءِ شهيد راڻي جي سياست ۽ شخصيت کي اجاگر ڪرڻ ۾ ڪو ڪردار هو.
2010ع جي ٻوڏ آئي، ڪراچي ۾ ٻوڏ ايوارڊ تقريب ٿي، اتي به اهڙن صحافين کي ايوارڊن جي اعزاز سان نوازيو ويو جن ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ پير به نه پسايو هو. چوڌري اسلم تي ته پورهيت رسول بخش بروهي جي قتل جو الزام هو، هن پورهيت کي ڌاڙيل معشوق بروهي ڄاڻائي مقابلو ڏيکاري ماري ڇڏيو،سکر ۾ صحافين هڪ تقريب ڪوٺائي جنهن ۾ چوڌري اسلم نالي ايوارڊ ڏنا ويا، حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر ديپڪ راج کي ڌاڙيل شريف پنهور ڄاڻائي گوليون هڻي هاف فراءِ ڪيو ويو، حيدرآباد جي صحافين هاف ۽ فل فراءِ ڪندڙ پوليس آفيسر سان رهاڻيون پئي رچايون.
لاڙڪاڻي جي الهه آباد ۾ هڪ نوجوان مونکي روڊ تي مليو چيائين ته ايوارڊ تقريب پيا ڪرايون، توهان به اچجو توهان کي ايوارڊ ڏبو ۽ توهان جي والد قربان سنديلو کي ٽريزيري ۾ ايماندر ماڻهو جي حيثيت ۾ لائف اچيومينٽ ايوارڊ ڏينداسين، اهو نوجوان ڪراچي ۾ به ڪيترائي ايوارڊ شو ڪري چڪو آهي سدائين فون ڪندو هو پر مان ڪڏهن به نه ويس جو مونکي ايوارڊ تقريبون ۽ ايوارڊ وڻندا ئي ناهن. ان نوجوان جو مشغلو ئي ايوارڊ تقريبون ڪرائڻ آهي، ڊي آءِ جي، ڪمشنر توڙي ٻين آفيسرن کان خرچ وٺي پروگرام ڪرائيندو آهي ۽ ايوارڊ به سيڙپڪارن جي سفارش ڪيل ماڻهن کي ڏيندو آهي. باقراڻي جي اسسٽنٽ ڪمشنر هدايت الله ميمڻ صاحب مونکي چيو ته توهان جي والد قربان سنديلي جهڙو ايماندار ماڻهو سنڌ ۾ مون ڪٿي به نه ڏٺو آهي. ان ڪري مون ان جو نالو صدارتي ايوارڊ لاءِ مٿي موڪليو آهي، اها ڳالهه مون بابا کي ٻڌائي، چيائين ته ڪجهه سال اڳ به منهنجو نالو موڪليو ويو هو پر ڪمشنر آفيس مان يا مٿي ڪٽجي ٿو وڃي. بهرحال، بابا کي نه ته ڪڏهن ايوارڊ جو اونو رهيو نه ئي سندس اهڙي ڪا خواهش اٿس، سو لاڙڪاڻي واري ايوارڊ تقريب لاءِ لائف اچيومينٽ ايوارڊ وٺڻ لاءِ به جواب ڏنو هئائين. بابا چوندو آهي ته رٽائر ٿيڻ کانپوءِ ماڻهن پڇيو قربان ڇو رٽائر ٿئين؟ بس اهو جملو ئي مون لاءِ وڏو اعزاز آهي. بابا رٽائر ٿيڻ جي مدت کان 9 سال اڳ ئي رٽائر ٿي ويو هو. ڪراچيءَ تي شاندار تحقيقي ڪم ڪندڙ گل حسن ڪلمتيءَ مونکي چيو ته ميڊم سسئي پليجو (جيڪا ان وقت ثقافت کاتي جي وزير هئي) منهنجو نالو صدارتي ايوارڊ لاءِ موڪليو آهي، ڪجهه ڏينهن کانپوءِ گل حسن مليو چيائين ته اسلام آباد موڪليل لسٽ مان اتي منهنجو نالو ڪٽي ڪنهن ٻئي جو نالو ڏنو ويو. ان ڪري مونکي ايوارڊ ڪونه ٿو ملي. سنڌ ۾ پ پ سرڪار جڏهن ٻٽو نظام لاڳو ڪيو ته ردعمل ۾ ڪيترن ئي اديبن صدارتي ايوارڊ واپس ڪرڻ جا اعلان ڪيا.
انور پيرزادي صاحب جي وفات کانپوءِ کيس صدارتي ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو. انور صاحب جي اولاد کي اهڙو اطلاع ڪيو ويو پر جڏهن ايوارڊ تقريب ٿي ته انور صاحب جي ڪٽنب ۽ ڪهول مان ڪوبه ماڻهو ايوارڊ وصول ڪرڻ نه ويو ڇو جو اهو ايوارڊ گورنر سنڌ عشرت العباد جي هٿان ڏنو پئي ويو. زرار پيرزادي کين چورائي موڪليو ته انور صاحب کي جي ايوارڊ ڏيڻو ئي اٿو ته گهر واري پتي تي ڏياري موڪليو پر گورنر جي هٿن کان اهو ايوارڊ نه وٺنداسين. پوءِ ٿيو به ايئن ئي. پي ٽي وي ڪراچي تي ٿيل تقريب ۾ گورنر کان سحر امداد ۽ استاد بخاريءَ جي پٽ ايوارڊ ورتو پر انور پيرزادي جو ايوارڊ گورنر هٿان نه ورتو ويو البت ان تقريب ۾ سندس نالي جو اعلان خدمتن جو ذڪر ضرور ٿيو هو.
انور پيرزادي جيڪو سنڌ ۽ ڀٽائي تي ڪم ڪيو آهي اهو ئي ان جي مان مرتبي خدمت ۽ عظمت جي تشريح لاءِ ڪافي آهي.
ايوارڊ ڏيندڙ ڪير آهن، وٺندڙ ڪير آهن، توهان رڳو پنهنجي شهر ۾ ٿيل يا ٿيندڙ اهڙين ايوارڊ تقريبن تي غور ڪيو ته توهان کي سولائي سان سمجهه ۾ اچي ويندو ته ايوارڊ ورهائيندڙ ۽ وٺندڙ اصل آهن يا نقل آهن ۽ جنهن ڪم، ڪارڪردگي، خدمت ۽ مڃتا طور کين جيڪو ايوارڊ ملي ٿو ان جي هو لائق به آهن يا نه….؟