Wednesday, July 31, 2019

يوم سياه،يوم تشڪر يا يوم تفڪر؟



شفيق الرحمان شاڪر
وزير اعظم عمران خان جيئن ئي پنهنجو آمريڪي دورو مڪمل ڪري وطن پهتو ته سندس وزيرن، مشيرن ۽ حامين  شاندار آڌر ڀاء ڪيو۽کيس گلن جا هار پارايا.گلن جي هارن تي خود عمران خان کي اهي لفظ چوڻا پئجي ويا ته سندس اهڙيء طرح آڌر ڀاء ڪيو ويو آهي ڄڻ ته هو ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کٽي موٽيو هجي.عمران خان جي آمريڪي دوري مان ڇا حاصل ٿيو،اهو دورو ڪيتري قدر ڪامياب ويو اهو ته ايندڙ وقت ئي ٻڌائيندو پر سندس جانثار ان دوري کي ڪاميابي ۽ ڪامرانيء جي سند هاڻي ئي عطا ڪري چڪا آهن.البت ان دوري دوران جيڪي شيون سامهون نظر آيون انهن مان لڳو ٿي ته آمريڪا افغانستان ۾ ڦاٿل پنهنجي مطلب هيٺ ئي سهي پر پاڪستان کي هن دفعي رکو منهن ناهي ڏنو ۽ ظاهر ۾ پاڪستان هڪ پر وقار ملڪ جي طور تي سامهون آيو آهي. ٻئي طرف حڪومت پاران 25 جولائي تي اپوزيشن طرفان ملهائجندڙ ” يوم سياه“ جي جواب ۾ ”يوم تشڪر“ ملهائڻ جو فيصلو ڪيو.اهو شڪر ڪهڙي ڳالهه تي ادا ڪيو ويو اڃا تائين سمجهه ۾ نه اچي سگھيو آهي.خود حڪومت جا اڳواڻ به ان معاملي تي منجھيل رهيا.مثال پنجاب سان واسطو رکندڙ هڪ پي ٽي آئي اڳواڻ کان جڏهن سوال ڪيو ويو ته اهي يوم تشڪر ڪهڙي ڳالهه تي ملهائي رهيا آهن ته سندس چوڻ هو ته جيئن ته عمران خان آمريڪا جو ڪامياب دورو مڪمل ڪري واپس وريو آهي ان ڪري اهي يوم تشڪر ملهائي رهيا آهن.جڏهن ته پي ٽي آئي يوم تشڪر جو اعلان عمران خان جي آمريڪا جي دوري کان اڳ ئي ڪري چڪي هئي.بهرحال پي ٽي آئي قيادت جي طبيعت ۾ مجموعي طور تي جيڪا غير سنجيدگي،اٻراهپ ۽ هلڪائي پهرئين ڏينهن کان موجود رهندي ٿي اچي اها هر وقت ڪونه ڪو ڪرشمو ڏيکاريندي ٿي رهي يعني ” جو چاهي ان ڪا حسن ڪرشمه ساز ڪري“.ٻئي پاسي ملڪ جي اپوزيشن جماعتن طرفان 25 جولائي تي يوم سياه يعني ڪارو ڏينهن ملهايو ويو ۽ پنهنجي ڀرپور سياسي ۽ عوامي قوت جي اظهار جون دعوائون به ڪيون وييون پر ڏٺو وڃي ته انهن طرفان طاقت جو مظاهرو ڪو ان سطح تائين نه ٿي سگھيو جو حڪومت جي لاء ڪو مسئلو يا ڏکيائي پيدا ٿي سگھي.حڪومتي جماعت جيان اپوزيشن جو اهو يوم سياه ملهائڻ به سمجهه ۾ نه اچي سگھيو ته آخر ڪهڙي شيء خلاف يوم سياه ملهائي رهيا هئا.جيڪر سمورو احتجاج گذريل سال 25 جولائي تي ٿيندڙ چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين جي خلاف هو ته پوء سوال اهو آهي ته اپوزيشن جون سموريون مکيه جماعتون ان ڌانڌلي زده اسيمبليء اندر ڇو ويٺل آهن؟  قومي اسيمبليء ۾ جڙيل ڌانڌلين بابت ڪميٽي هن وقت تائين ڪهڙي جاچ جوچ ڪري سگھي آهي؟ بهرحال اپوزيشن ڀلي روز روز يوم سياه  ۽ حڪمران وري وري يوم تشڪر ملهائين پرهن ملڪ جي غريب ۽ ڏتڙيل عوام لاء هتي هر ڏينهن ”يوم تفڪر“ يعني سوچن جو ڏينهن آهي  جو اهي ڏسن پيا ته هن ملڪ ۾ جمهوريت جي بار بار تماشن، هر بار چونڊن جي چهچٽن،مسيحائن جو ويس پائي قوم تي عذاب الاهي بڻجي ڪڙڪندڙ آمرن جي دلربا اعلانن،احتساب جو چولو پائي ماڻهن کي مرليون ٻڌائيندڙن،تبديلين جي نغمن تي ڊانس ڪندي اختياري ايوان سجائيندڙ انقلابين،ڪرسين جي اٿل پٿل،چهرن بدلجڻ واري راند،اجهي ،اٽي ۽ لٽي جي دل فريب شرنائين جي سموري مڪار سياست ۾ انهيء عوام لاء اڄ تائين ڪجهه به ناهي بدليو،اهي ئي انڌيون،اهي ئي جنڊ،اهي ئي بيوسيون، بيماريون،بکون،بد حاليون ۽ بي روزگاريون.اهي ئي مشڪلون،مصيبتون ۽ مصائب.اهي ئي ايذاء،اذيتون ۽ آزار.اهي ئي ظلم،زيادتيون ۽ زور آوريون.اهي ئي اگھاڙا پير،ڏٻرا ڏيل ۽ بکيا پيٽ.اهي ئي نا اميديون،نراسايون ۽ نڌڻڪايون.هتي ته ڪجهه به ناهي بدليو،اهو ئي قاتل،اهو ئي خنجر،اهو ئي نشتر اهو ئي زخم،اهو ئي انڌيرو ۽ اهي ئي راهن جون رولاڪيون.هڪڙو پاڪستان آهي جتي اشرافيا جا ڪتا به عيش ڪن ٿا ته ٻيو اهو پاڪستان آهي جنهن ۾ ساهه ۽ سريڙ جو سڳو سانڍي رکڻ لاء لکين معصوم ۽ ابهم وجود اسڪول وڃڻ بدران گندگيء جي ڍيرن مان پنهنجو رزق تلاش ڪن ٿا.ڪيئن مڃجي ته ڪا تبديلي آئي آهي جو اڃا تائين ته آزاريلن جون ساڳيون آهون گونجن ٿيون،دردوندن جون دانهون فضا ۾ گردش ڪن ٿيون،بي پهچن جون پڪارون ڪنهن پڙاڏي جيان واپس موٽي سندن ئي ڪنن جي پردن کي ڦاڙين ٿيون.انهن جمهوريت جي دعويدارن ۽ سياست جي اڪابرن کان ڪو ته پڇي ته اڌ صديء تائين ڪنهن نه ڪنهن طرح عوام جي نمائندگيء جي دعوائن ڪندي ۽ اقتدار ۽ اختيار جي مسنند تي ويهندي ڇا عوام لاء عدل جو نظام آسان بڻجي ويو؟خدمت خلق جي قومي ادارن ۾ ذميداريء جو احساس پيدا ٿي ويو؟ماڻهن کي سڪون سان زندهه رهڻ جو سامان ميسر ٿي ويو؟قانون جي نظر ۾ ڏاڍي ۽ ڪمزور جي وچ ۾ موجود فرق مٽجي ويو؟ڇا ماڻهن بک هٿان خود ڪشيون ڪرڻ ڇڏي ڏنيون؟ ڇا ٻهراڙين جي ڳورهارين عورتن ويم جي سهوليت نه هئڻ سبب بيوسيء وچان کڙيون رڳڙي پساهه ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو؟جيڪر نه ته پوء يوم سياه هجن يا يوم تشڪر،اهي ان حڪمران اشرافيا کي اڪيلي ئي ملهائڻا پوندا.عوام جو انهن تماشن سان ڪهڙو   واسطو جو عوام جو ته هر ڏينهن يوم تفڪر آهي جنهن ۾ اهو فڪر فرهي کڻي ماٺ ۾ مطالعو ڪندو رهي ٿو ۽ پنهنجي وطن جي هڪ معزز مڪار ٽولي جاناٽڪ ڏسندو رهي ٿو.
(روزاني هلال پاڪستان 28 جولائي 2019)

آئي ايم ايف جي ڄار ۾ ڦاٿل عوام!



شفيق الرحمان شاڪر

شايد ماڻهن کي ياد هجي ته ڌرڻن دوران عمران خان چيو هو ته هو خودڪشي ڪري ڇڏيندو پر آئي ايم ايف وٽ نه ويندو.پوء حڪومت ۾ اچڻ بعد هن يو ٽرن ورتو ۽ سخت شرطن باوجود آئي ايم ايف کان قرض وٺڻ جو فيصلو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ عوام تي اٺ سو اربن جي نون ٽيڪسن جو بار ۽ بجلي،گئس تي سبسڊي ختم ڪرڻ ۽ اگھن ۾ اضافو ڪرڻ جا شرط پيش ڪيا ويا جيڪي هاڻوڪي حڪومت سڀ جا سڀ مڃي ورتا.اهڙيء طرح پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ جي وچ ۾ ٽن سالن جو معاهدو ٿي ويو.هاڻي پاڪستان آئي ايم ايف ساڍا ڇهه ارب ڊالر قرض حاصل ڪندو.چيو وڃي ٿو ته قرض عزت،غيرت ۽ آزاديء جو دشمن هوندو آهي انهيء سان گڏوگڏ قرضن جا ٻيا به کوڙ سائيڊ افيڪٽس ٿين ٿا.في الحال عوام جي ڊڄڻ لاء اها ڳالهه ئي ڪافي آهي ته پهرين جولائي کان اٺ سو ارب کان مٿي ٽيڪس لڳائڻ جو عمل شروع ٿي چڪو آهي.مطلب ته بجلي ۽ گئس مهانگي ٿي ويئي ۽ وڏيڪ مهانگي ڪرڻ جون تياريون جاري آهن.هڪ ٻي خاص ڳالهه اها جو ترقياتي بجيٽ گذريل سال جي سطح تي مجنمند ڪئي ويندي،نقصان ۾ هلندڙ قومي ادارن جي نجڪاري ڪئي ويندي، ايڪسچينج ريٽ کي مرحليوار فلائوٽينگ طرف نيو ويندو جنهن سان بجيٽ خسارو گھٽجڻ ۾ مدد ملندي جنهن جي نتيجي ۾ روپئي جي قيمت ۾ وڌيڪ گھٽتائي اچي سگھي ٿي ۽ وڌيڪ مهنگائيء جو طوفان اچي سگھي ٿوجنهن سان عوام اڳ ئي مهنگائيء سبب پريشان آهي.حڪومت قرض حاصل ڪرڻ لاء آئي ايم جا سموراس شرط مڃي ورتا آهن.اپوزيشن جو چوڻ آهي ته حڪومت هر شيء آئي ايم ايف جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏي آهي جڏهن ته پي ٽي آئي اڳواڻن جي دعويٰ آهي ته هاڻوڪيون معاشي حالتون اڳوڻن حڪمرانن جي ڦرلٽ جو نتيجو آهن ۽ عمران خان ته ملڪ کي ڏيوالپڻي کان بچايو آهي.” آئي ايم ايف“ جو نالو ٻڌي ٻڌي اسان جا ته ڪن ئي پچي پيا آهن.اهو آئي ايم ايف آخر ڪهڙي بلا آهي جيڪواسان جهڙن ملڪن کي ڏوڪڙ به ڏئي ٿو ۽ گاريون به سهي ٿو.آئي ايم ايف يعني انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ اصل ۾ هڪ عالمي مالياتي ادارو آهي جيڪو ملڪي معيشتن جي ضرورت آهر قرض مهيا ڪري ٿو جن جي ضرورت گھڻو ڪري ٽين دنيا جي ترقي پذير ملڪن کي پوندي رهندي آهي.انهن ملڪن جي معاشي ڀلائي ۽ مالي نقصانن مان نڪرڻ لاء قرض ۽ فني مدد مهيا ڪئي ويندي آهي.اهڙي عالمي بينڪ بنائڻ جي ضرورت ان وقت پيش آئي جڏهن ٻي جنگ عظيم سبب ڪيترائي  يورپي ملڪ معاشي طور تي عدم توازن جو شڪار ٿي ويا.اهو عدم توازن حقيقت ۾ انهن جي ملڪي بجيٽ جو خسارو هو.بعد ۾ انهيء اداري جي ڪم جو دائرو وڌايو ويو.آئي ايم ايف برٽين وڊز جي معاهدي هيٺ بين الاقوامي واپار ۽ مالي ڏي وٺ جي ثالثي لاء ڊسمبر 1945ع ۾ قائم ٿيو،ان جو مرڪزي دفتر واشنگٽن ۾ آهي.هن وقت دنيا جا 185 ملڪ ان جا رڪن آهن جن ۾ اتر ڪوريا،ڪيوبا ۽ ڪجهه ٻين ننڍن ملڪن سواء ٻيا اٽڪل سڀ ملڪ ان جا ميمبر آهن.آئي ايم ايف تي پوريء طرح وڏين طاقتن جو قبضو آهي جنهن ڪري ان جي فيصلن ۾ ووٽ ڏيڻ جو طريقو به غير منصفاڻو آهي.هي ادارو اٽڪل پوري دنيا جي انهن ملڪن کي قرض ڏئي ٿو جيڪي ملڪ ان جي ٻاهرئين قرض واري فهرست ۾ شامل هوندا آهن.انهن قرضن سان گڏ غريب ملڪن تي ڪجهه شرط به لڳايا ويندا آهن جن جي باري ۾ عام خيال اهو ئي آهي ته اهي شرط گھڻو ڪري انهن ملڪن جي معاشي حالت بهتر بنائڻ بدران انهيء کي وڌيڪ بگاڙي ڇڏيندا آهن.آئي ايم ايف کان جڏهن ڪو ملڪ ڪو قرض وٺڻ گھرندو آهي ته سڀ کان پهرين هن کي درخواست ڏيڻي پوندي آهي.ان درخواست ۾ ان قرض حاصل ڪرڻ جا سبب ۽ پنهنجي ملڪ جي ماضيء جي معاشي ڪارڪردگي ٻڌائڻي پوندي آهي.اهو به ٻڌائڻو پوندو آهي ته ماضيء ۾ حاصل ڪيل قرض جي رقم ان ملڪ صحيح خرچ ڪئي آهي يانه ۽ اڳ ۾ ان ملڪ ديفالٽ ته ناهي ڪيو؟آئي ايم ايف پنهنجي اجلاس ۾ ان درخواست جو سراسري جائزو وٺي قرض ڏيڻ جي اصولي منظوري ڏيندو آهي.آئي ايم ايف رڳو انهن ملڪن کي قرض ڏئي ٿو جيڪي معاشي گھوٽالي جو شڪار هجن.جڏهن آئي ايم ايف اهو فيصلو ڪندو آهي ته ڪنهن ملڪ کي قرض ڏيڻو آهي ته پوء ان ملڪ کي سندس معاشي بحران مان نڪرڻ لاء ڪجهه قدم کڻڻ لاء حڪومت کان لکت ۾ يقين دهاني وٺندو آهي.آئي ايم ايف جا شرط ان معاهدي جو حصو هوندا آهن جنهن معاهدي هيٺ قرض جاري ڪيو ويندو آهي.جيئن ته قرض وٺندر ملڪ اڳ ئي مجبور ۽ لاچار هوندا آهن ۽ انهن وٽ گھڻا وسيلا به ناهن هوندا جڏهن ته آئي ايم ايف هر صورت ۾ پنهنجي قرض جي واپسي چاهيندو آهي ان ڪري اهو يوٽيلٽي بلن ۽ عام استعمال جي شين تي وڌيڪ ٽيڪس لڳائڻ جي صلاح ڏيندو آهي جنهن سان مهنگائي وڌيڪ وڌي ويندي آهي.پاڪستان جهڙي ملڪ کي ان انداز سان ڦريو،لٽيو ۽ پٽيو ويو جو اسان قرضن جو وياج ادا ڪرڻ لاء وڌيڪ قرض وٺڻ تي مجبور آهيون.هن وقت پاڪستان جي مجموعي آمدني ٽيهه هزار ارب جي لڳ ڀڳ آهي،اسان جي حڪومت غير ملڪي قرضن جو وياج ادا ڪرڻ لاء ڪل امدنيء جو اڌ يعني پندرهن هزار ارب عالمي مالياتي ادارن کي ادا ڪري رهي آهي جنهن سان ملڪي معيشت جي حالت ڏينهون ڏينهن وڌيڪ خراب ٿيندي ٿي وڃي.معاشي ماهر آئي ايم ايف کي تنگ نظر معاشي پاليسين جو حامل قرار ڏين ٿا ڇو ته ان وٽ پوري دنيا جي ملڪن جي معاشي گھوٽالن کي حل ڪرڻ جو بس هڪڙو ئي فارمولو آهي سو آهي روانگي شيون ۽ وياج جو اگھه وڌائڻ.اهو سبسڊيز ختم ڪرڻ،لوڪل ڪرنسيء جو اگھه ڪيرائڻ ۽ بجيٽ خسارو گھٽائڻ جو مشورو ڏيندو آهي.اهو بنيادي ڍانچو آهي جنهن جي چوڌاريء ئي آئي ايم ايف جا شرط گھمن ٿا ۽ پاڪستان لاء به اهڙن ئي سخت شرطن جپ ڄار پکيڙيو ويو آهي.هن وقت پاڪستان جنهن حد تائين قرض وٺي سگھي ٿو اهو ٻن کان ٽن ارب ڊالرن تائين آهي پر ڪو ملڪ پنهنجي ڪوٽا کان مٿي به قرض وٺي سگھي ٿو.پاڪستان وٽ پنهنجي ڪوٽا کان چار سو سيڪڙو مٿي قرض حاصل ڪرڻ جي سهولت موجود آهي پر جيئن جيئن قرض جو مقدار وڌندو ته شرطن تي عمل لاء سختي به ان حساب سان وڌي ويندي ۽ ڪجهه نوان شرط به لاڳو ٿيندا.پاڪستان اڳ ۾ ئي بجلي ۽ گئس جا اگھه وڌائڻ ۾ ايترو ته اڳيان ويو آهي جو هاڻي اڳتي لاء انهن اگھن ۾ واڌ جي ڪا گنجائش ئي ناهي رهي.غربت،مهنگائي، بيروزگاري ۽ اشٽريٽ ڪرائيمز وڌي رهيا آهن،اصل ۾ قرضن جا به سائيڊ افيڪٽ ٿين ٿا ۽ پاڪستان ۾ آيل مهنگائيء جو طوفان ان جو واضح مثال آهي.دنيا قومن تي بحران  ۽ ڏکيا ڏينهن بيشڪ اچن ٿا پر انهن مان رڳو اهي قومون ئي ٻاهر نڪري سگھن ٿيون جتي انهن مصيبتن مان جان ڇڏائڻ جي نيت ۽ ارادو به هجي،جتي حڪمران ۽ رعايت يافته طبقو رڳو عوام کان قرباني گھرڻ بدران پاڻ به قرباني ڏيڻ لاء تيار هجي.ماضي ته اهو ئي ٿو ٻڌائي ته ڪنهن به حڪمران انهن قرضن جي لعنت مان قوم جي جان ڇڏائڻ جي ڪڏهن به ڪا سنجيده ڪوشش ناهي ڪئي.ميان نواز شريف جي حڪومتي دور ۾ قرض لاهيو،ملڪ سنواريو جي نعري هيٺ پاڪستانين ڪروڙين روپيا عطيو ڏنو پر اڄ تائين معلوم نه ٿي سگھيو ته اهي ڏوڪڙ ڪهڙي ڪن ۾ هليا ويا؟ڪيترا ڏوڪڙ مليا ۽ اهي ڪهڙي ڪم ۾ خرچ ٿيا اهو راز اڄ به راز ئي آهي.عمران خان جيڪو حڪومت ۾ آيو ئي ان دعويٰ سان هو ته هو ملڪ کي ٻاهرين قرضن مان نجات ڏياريندوپر ڪيتري نه عجيب ڳالهه آهي جو هو به قرض حاصل ڪرڻ لاء نه رڳو آئي ايم ايف وٽ هليو ويو پر آئي آيم ايف جي عوام دشمن سخت شرطن کي قبولي به ورتو.
(روزاني عوامي آواز 28 جولائي 2019ع)

Saturday, July 27, 2019

انهن دعوائن ۽ اعلانن جو ڇا ڪجي؟


شفيق الرحمان شاڪر
پنهنجي چوڌاريء چورن ۽ ٺڳن جو ميلو مچائي،گذريل ستر سالن جي ملڪي تاريخ ۾ ڦرلٽ جو بازار گرم ڪندڙن مان گھڻن کي  نهايت ئي پيار ۽ پاٻوهه وچان پنهنجي ڪابينا ۾ ويهاري، صبح سانجھيء پارسائيء جو وڏيون وڏيون دعوائون ۽ چورن ۽ ڌاڙيلن جا پيٽ ڦاڙڻ جا اعلان ڪيئن ٿا لڳن؟جيڪر ٻج جي چونڊ ئي صحيح نه ڪئي ويئي هجي ۽ نهايت ئي ناقص ۽ مدي خارج ٻج ڇٽي انهيء مان ڪنهن ڪارائتي وڻ ۽ ميوي جي اميد رکڻ ڪيئڻ ٿو لڳي؟قانون،عدالتن ۽ احتساب جي سموري ملاکڙي ۾ جيڪر طاقتور مافيا جو وار به ونگو نه ٿيندو هجي،ملڪي خزانو خالي ڪري غريب قوم جا اربين روپيا هڙن ۾ وجھي جيڪر ڪي طاقتور سياسي ڌاڙيل صبح سانجهيء وڪٽريء جا نشان ڏيکاري جلوسن جي قيادت ڪندي نظر اچن ۽ قومي ميڊيا ۾ به انهن کي پوري جڳهه ملندي هجي،جيلن ۾ انهن سان خاص سلوڪ ٿيندو هجي ته پوء ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني ۽ انصاف جي ڳالهه ڪيئن ٿي لڳي؟ جڏهن ملڪ جي چوري ٿيل پئسي جي سزا انهن اصل اعليٰ چورن کي ملڻ بدران غريب عوام کي ڳرن ٽيڪسن،غير منصفاڻي محصولن ۽ هانء ڏاريندڙ مهنگائيء جي صورت ۾ ڀوڳڻي پوي ته پوء تبديليء جي دعويٰ ڪيئن ٿي لڳي؟ جيڪر ملڪ ۾ جاري ان سموري تماشي ۾ رڳو غريبن جا چلها ئي وسامندا وڃن،معصومن کان گراهه کسجي وڃي،ماڻهن جي منهن تان مرڪون کسجي وڃن،غربت جي راڪاس کان تنگ ٿي ماڻهو خودڪشيون ڪندا هجن،غريب جي استعمال جي هر شيء تي مختلف ٽيڪسن جا بم هڪ ئي وقت ڪري رهيا هجن،مزدور ماڻهو سڄو ڏينهن پگھر وهائڻ باوجود به پنهنجي ٻچن کي ٻن وقتن جي ماني مهيا ڪرڻ جي قابل نه رهن ته پوء يقين ڪرڻ گھرجي ته رياست مان انصاف ۽ احساس ٻئي منهن مٿو پٽي ڪيڏانهن روانا ٿي چڪا آهن ۽ پويان رڳو بي حسي ۽ ظلم رهجي ويو آهي.حڪمران ۽ رياست جا ڪرتا ڌرتا ڀلي ان تلخ حقيقت کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندا رهن پر تاريخ جو ان وڻندڙ سچ اهو ئي آهي ته رياست ۽ حڪومت ظالمن جو ساٿ ڏيئي رهي آهي مظلومن جو نه! سچ ڪڙو ٿئي ٿو پر سچ سان ساڙ وجھڻ ۽ منهن موڙڻ سان سچ جي حقيقت بدلجي ته نٿي وڃي.انهيء حڪمران اشرافيا جو اهو مستقل شيوو ۽ ازلي عادت رهي آهي جو اقتدار،اختيار ۽ دولت جي نشي ۾ ڌت ٿي اهي خدا جي عام خلق کي اهڙا ته ايذاء ۽ آزار ڏيندا آهن جو اهي تڙپي وڃن،سسڪي پون، ڏڪي وڃن،آهون ڀرين،آزيون ڪن،رحم ۽ ڪرم جي خيرات پنن،حڪمرانن جي پيرن ۾ ڪرن،سندن ساراهه ۽ توصيف ۾ دفتر ڪارا ڪري ڇڏين،سندن ڪارن ڪرتوتن تي چپ سبيل ۽ زبان بند رکن.اهي هر ستم سهندا رهن،هر زخم سبندا وڃن،هر الم پيئندا وڃن،هر ظلم برداشت ڪندا وڃن پر زبان تي اف به نه آڻين،صبر جو ميوو چکن،توڪل جو ترهو ٻڌن،قناعت جون ٽڪيون کائين،ملڪ جي محبت جا ترانا ڳائين،قوم ۽ ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ قربانيء جا ٻڪرا بڻجي وڃن،انهيء ئي غريب عوام کي وري وري صبر جا سبق ۽ قربانيء جا درس پڙهايا وڃن ٿا. انهن تي ئي اهي الزام لڳايا وڃن ٿا ته اهي ٽيڪس نٿا ڏين،اهي بجلي ۽ کئس چوري ڪن ٿا.ڄڻ ته اها اقتداري اشرافيا پاڻ پارسائيء جو ويس ڍڪي فرشتن جي ڪنهن ديس مان نازل ٿي هجي.غربت ،بک ۽ بيروزگاريء کان تنگ ٿي جيڪر عوام مان ڪو اٽي جا پنج ڪلو چورائي ته اهو نام نهاد انصاف ۽ ڪوريئڙي جي ڄار جهڙو قانون سندس حشر نشر ڪيو ڇڏي.ان ڪري جو ان اشرافيا اهي سڀ جا سڀ قانون اصل ۾ جوڙيا ئي ان غريب ۽ مجبور خلق خدا جي لاء آهن سو عام ماڻهن کي هرگز ڪنهن قانون ٽوڙڻ جي اجازت ڏيئي نٿي سگھجي.انهن جي ڪنهن ڀل يا مجبوريء ۾ ڪيل معمولي خطا معاف ڪري نٿي سگھجي جو اهي اسان جي هن سڌريل سماج جا ”اڇوت“ آهن ۽ انهن تي حڪومت ڪندڙ اهي پاڪ ۽ پوتر ديوتا آهن جن جي رڳن ۾ اتم ۽ اعليٰ خون ڊوڙي ٿو.اهي پنهن جو اهو نظريو ظاهر ڪن يا لڪائين پر سندن يقين آهي ته ٻي سموري مخلوق خدا کي رڳو سندن خدمت چاڪري ڪرڻ،سندن درٻار ۾ حاضري ڀرڻ ۽ سندن شان ۾ قصيدا ڳائڻ لاء پيدا ڪيو ويو آهي.انهن کي ڪو سوال اڀو ڪرڻ،ڪو اعتراض آڻڻ يا ڪو حرف شڪايت زبان تي آڻڻ جو حق هرگز نٿو ڏيئي سگھجي.اهي بس انهن عظيم رهبرن ۽ آسماني حڪمرانن پويان اکيون بند ڪري هلندا رهن،نه رڳو انهن پر سندن پورن ڪٽنبن ۽ خاندانن جي غلاميء جا قسم کائيندا رهن ۽ هر ايندڙ ويندڙ واٽ تي انهن لاء پنهنجا نيڻ وڇائيندا ،سندن نعرا لڳائيندا،تعريفون ڪندا ۽ گيت ڳائيندا رهن.اهو ئي انهن غريبن جو ”قدرتي“ نصيب آهي.سو انهيء حڪمران طبقي جي مختلف پارٽين،گروپن،اعلانن ۽ نعرن تي هرگز دوکو نه کائو،اهي اندران سڀ هڪ آهن،انهن سڀني جي سوچ ساڳي آهي،انهن جا رويا ۽ سلوڪ مشترڪ آهن،انهن جا مفاد پاڻ ۾ مليل آهن،انهن جي مقصدن ۾ مڪمل اتفاق آهي،اهي رڙيون رڳو ان وقت ڪن ٿا جڏهن انهن مان ڪنهن هڪ ڌر جا مفاد ڪنهن ٻي ڌر جي پيرن هيٺان اچن ٿا.جيڪر عوام اڃا به اهو سمجھي ٿو ته اهي عوام لاء روئڻ ٿا،عوام جو درد انهن جي دل ڳري ٿو ڪري يا ماڻهن جا مسئلا ۽ مصيبتون انهن جي ننڊ ٿيون حرام ڪن ته پوءعوام جي اهڙي سادگيء تي رڳو ماتم ئي ڪري سگھجي ٿو.ها اهي عوام سان مڪمل تعلق ٽوڙي نٿا سگھن جو عوام ئي انهن لاء اقتدار ۽ اختيار تي رسڻ جي سيڙهي آهي،ان ڪري انهن کي نه چاهيندي به عوام عوام جي تسبيح پڙهڻي پوي ٿي،عوام سان پيش ايندڙ اڻ وڻندڙ واقعن تي پهرين کان ئي تيار تعزيتي يا تشويشي بيان جاري ڪرڻا پون ٿا،عوام جي آزارن تي مجبوريء وچان واڳون وار ڳوڙها به ڳاڙڻا پون ٿا پر اهي اصل ۾ عوام کي ڪيڙا ماڪوڙا سمجھن ٿا.اڄوڪن ۽ ماضيء جي حڪمرانن ۾ جيڪر ڪو فرق آهي به سهي سو رڳو نعرن ۽ اعلانن جو باقي جهڙو گھوگھو تهڙو ڦاهو بلڪه لڳي ٿو ته هاڻوڪا حڪمران عوام کي ايذائڻ ۽ آزارڻ ۾ پوين حڪمرانن کان به گھڻو اڳتي نڪري ويا آهن ۽ مٿان وري تبديلي،احتساب ،انصاف ۽ رياست مدينه جهڙا لفظ استعمال ڪري ۽ روزانو پريس ڪانفرنسن جو ميلو مچائي، هڪ طرف انهن لفظن جو مذاق اڏائي رهيا آهن ته ٻئي طرف عوام جي ڦٽن تي وڌيڪ لوڻ ٻرڪي رهيا آهن.ڪاش انهن حڪمرانن کي خدا جو ڪجهه خوف ٿئي ۽ اهي مجبور ۽ مظلوم ماڻهن جو وڌيڪ استحصال ڪرڻ کان باز اچن.انهن حڪمرانن کي اها ڳالهه نه وسارڻ گھرجي ته انهن کان اڳ به ڌرتيء جي هن ٽڪري تي اهڙا حڪمران آيا جيڪي اقتدار جي حرص ۽ هوس ۾ مست ٿي پنهنجو پاڻ کي خدا سمجھي ويٺا،نه غريبن جي آهن ۽ دانهن کان ڊنا ۽ نه مظلومن جو فرياد ئي سندن ڪنن تائين ٿي پهتو.اهي ڪجهه دير لاء وساري ويٺا ته مڪافات عمل جو ڏنڊو جڏهن به وسي ٿو نهايت ئي بي رحميء ۽ بي درديء سان وسي ٿو.خلق خدا جي آهن ۽ دانهن جو آواز آخر ڪارخالق جو نقارو ثابت ٿئي ٿو .جنهن هي خلق پيدا ڪئي آهي زمين به ان جي ئي آهي.ان ڪري جڏهن زمين تي هلو ته آڪڙ بدران اکيون پٽي هلو جو قدرت جي هن عجيب خاني ۾ هر وک تي عبرت،شڪست ۽ زوال جا ڪئين المناڪ داستان پکڙيا پيا آهن.اهي جيڪي اوهان کان وڌيڪ ڏاڍا،ظالم ۽ طاقتور هئا اڄ انهن جي ٽٽل ڦٽل قبرن تي ڪو فاتحا پڙهڻ وارو به ناهي!
(روزاني جيجل)

ماضيء جو آئينو ؛ اسان جا ڪجهه فڪري ۽ عملي تضاد !!!

شفيق الرحمان شاڪر
تعمير جي شروعات ڀڃ ڊاهه سان ٿيندي آهي.يورپ جي تعمير جو دور به ان وقت شروع ٿيو جڏهن صليبي جنگين۾ انهن کي مسلمانن هٿان بدترين شڪستون ٿيون.اهو ئي هندستاني مسلمانن سان به ٿيو.هندستان تي مسلمانن جو اقتدار اٽڪل هزار سال رهيو پر ان اقتدار جو سرچشمو ٻاهريون هو يعني سمورا حڪمران ٻاهران آيا هئا.اورنگ زيب کان پوء ان ٻاهرين طاقت جو زوال شروع ٿيو.اهو دراصل مسلمانن جي ان بين الاقوامي زوال جو نتيجو هو جيڪو بغداد جي تباهيء بعد شروع ٿيو هو جنهنجو اثر هندستان جي مسلمانن تي به پيو ۽ اهي به زوال جي رستي تي هلي پيا.ان زوال جو هڪ ٻيو اهم محرڪ جهانگير ۽ شاهجهان جي دور ۾ پکڙجندڙ عيش عشرت جي فضا به هئي جنهن مسلمانن جي اعصابن کي بلڪل ڪمزور ڪري ڇڏيو هو.سوچڻ جي ڳالهه آهي ته مرهٽن جي جنهن قوت کي ابداليء هڪ ئي ڌڪ سان ٽوڙي ڇڏيو،اورنگزيب جهڙو بهادر حڪمران چوٿائي صديء ۾ انهيء کي ختم ڇو نه ڪري سگھيو؟بهرحال مسلمانن جي دنياپرستيء رنگ لاتو ۽ ڪابل کان برما تائين پکڙيل سندن حڪومت ٿوري ئي عرصي ۾ دهليء جي آسپاس محدود ٿي ويئي.ٻئي طرف انگريز پنهنجي علمي ۽ جنگي ترقي ۽ حوصلي منديء سان هندستان ۾ پير ڦٻائي چڪا هئا.مسلمانن جو اهو زوال 1857ع جي جنگ آزاديء جي موقعي تي عروج تي پهتو.قدرت جو قانون حرڪت ۾ آيو ۽ مسلمانن جي هٿن مان رڳو اقتدار ئي نه ويو پر انهن جا بهترين ماڻهو ان هنگامي جو نشانو بڻجي ويا ۽ هندستان جو مسلم سماج مٽيء جو ڍير بڻجي ويو.پر قسمت اڃا هن قوم تي مهربان هئي جو ان کي سرسيد احمد خان جهڙو ليڊر مليو جنهن هن جي قومي مزاج کي گھڻو متاثر ڪيو.ان سان اختلاف ڪندڙن جو به وڏو تعداد آهي.خاص طور تي هن جي ڪجهه مذهبي خيالن جي حوالي سان مٿس گھڻي تنقيد ٿي پر سندس وڏي ۾ وڏو ڪارنامو اهو آهي جو هن ان وقت قوم کي هڪ واضح نقطه نظر ۽ لاحئه عمل ڏنوجڏهن قوم جو حوصلو ختم ٿي چڪو هو.ويهين صديء جو پهريون اڌ انساني تاريخ جو نهايت ئي ڊرامائي عرصو رهيو آهي.ٻه عظيم ۽ انساني تاريخ جون سڀ کان وڌيڪ تباهي آڻيندڙ جنگيون ان عرصي ۾ ٿيون.پهرين جنگ عظيم بعد هن خطي ۾ مسلمانن علي برادران جي قيادت ۾ تحريڪ خلافت ۾ حصو ورتو جنهن جو مقصد ترڪ خلافت جو تحفظ هو.اها تحريڪ ڪامياب ته نه ٿي سگھي پر ننڍي کنڊ تي پنهنجا گھڻا سياسي اثر ڇڏي ويئي.اهو ئي عرصو آهي جڏهن ننڍي کنڊ جا مسلمان پنهنجي لاء الڳ ملڪ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا.انهن حالتن ۾ قوم جي تعمير ۽ تشڪيل لاء ٻن شين جي موجودگي ضروري هئي.هڪ هيء ته سياسي قيادت وٽ قومي تعمير لاء ڪو واضح نقشو سامهون موجود هجي پر معاملو هي هو جو پاڪستان جي قيام جو بنياد رڳو جذبات تي ئي رکيو ويو هو جڏهن ته ڪنهن به رياست ۾ مختلف قومن يا گروهن جي حقن ۽فرضن جو معاملو نهايت اهم هوندو آهي پر پاڪستان قائم ڪندڙ قيادت وٽ ايترو وقت نه هو جو ملڪ جي نطام جو بنياد ڪنهن ٺوس بنيادن تي رکيو وڃي ها.پويان اهڙي نااهل۽ مفاد پرست قيادت آئي جن ۾ هڪ فالج زده گورنر جنرل کي سياسي معاملن ۾ مداخلت کان روڪڻ جي به صلاحيت نه هئي.بدقسمتيء سان انهن ماڻهن عوام جي بدران آئين کي سڌارڻ بدران اقتدار کي پنهنجي منزل بنائي ورتو.اهي ماڻهو جيڪر مثبت بنيادن تي پاليسيون جوڙين ها ته پاڪستان ٻه ٽڪر نه ٿئي ها.بدقسمتيء سان اسان جي سياسي،مذهبي ۽ فڪري قيادت اڄ تائين ساڳي هلت تي قائم آهي.قومي زندگيء سان وڌيڪ حادثو اهو ٿيو جو اولهه پسند اشرافيا ۽ سياسي قيادت جو ٽڪراء فڪري ۽ مذهبي قيادت سان شروع ٿي ويو جنهن سان نه رڳو قومي تعمير ۽ ترقيء جو عمل متاثر ٿيو بلڪه اسان جي قومي مزاج ۾ مذهبي جمود ۽ انتها پسنديء جا خطرناڪ لاڙا داخل ٿيندا ويا.مذهبي طبقن جي شروع کان اها پاليسي رهي ته دستور جي سطح تي اسلامي حڪمن جي نفاذ کي يقيني بنايو وڃي.اهو ئي رد عمل اڳتي وڌي ضياء الحق جي اسلامي نظام جي صورت ۾ ظاهر ٿيوجڏهن تحريڪ پاڪستان کان پوء هڪ دفعو وري اسلام جي نالي تي هڪ مهم هلائي ويئي.ان دوران اسان جي آسپاس ٻه اهڙا واقعا ٿيا جن سان ان مهم کي طاقت ملي هڪڙو واقعو ايران ۾ اسلامي انقلاب ۽ ٻيو افغانستان ۾ روسي فوج جي داخل ٿيڻ تي جهاد جو اعلان هو.ان دور ۾ محسوس ايئن ٿي ٿيو ته ڄڻ اسلام ۽ اولهه جي ان ڇڪتاڻ ۾ مذهبي حلقن کي فيصلاڪن فتح حاصل ٿي آهي پر حقيقت ۾ اهو دور ئي مذهبي حلقن لاء سڀ کان گھڻو تباهه ڪندڙ ثابت ٿيو.اسلام جي نالي تي فلاحي رياست جا وعدا هوا ۾ اڏامي ويا ۽ انهيء سان سماج ۾ رڳو منافقت ۾ واڌارو ٿيو.دستوري،معاشي ۽ سماجي سطح تي جيڪي اسلامي قدم کنيا ويا انهن مان گھڻا اسلام جي بدناميء جو سبب بنيا.روس خلاف جذبو پڪ سان اسان جو پر تلوار اولهه جي هئي.جڏهن اهو ئي اولهه اسان جي مقابلي ۾ آيو ته طالبان جي الميي جنم ورتو.جنهن کان پوء عراق جي سانحي آخري ڪلوٺوڪي ڇڏيو.بهرحال جهادي ۽ اسلامي نظام تي ٻڌل سوچ انتها پسنديء جي هڪ وڏي لهر پيدا ڪئي جنهن ڪري اسان جا بهترين دماغ،زندگيون ۽ سرمايو انتهاپسنديء جو نشانو بڻجي ويو.اها ته مذهبي انتها پسنديء جي ڪهاڻي هئي پر ٻئي طرف نوي جي ڏهاڪي م تاريخ جو هڪ عظيم انقلاب آيو يعني انفارميشن ايج جي شروعات ٿي جنهن جي نتيجي ۾ پوري دنيا هڪ ننڍڙي ڳوٺ جي صورت اختيار ڪري ورتي.اولهه جي تهذيب جيڪا سوويت يونين جي خاتمي ۽ گلف جنگ ۾ پنهنجي فتح بعد خوداعتماديء جي نشي ۾ چور هئي، دنيا ۾ پنهنجي سياسي ،معاشي،تهذيبي ۽ فڪري قبضي لاء اڳتي وڌي.جيڪا اڳڀرائي اڄ تائين وڏي زور شور سان جاري آهي.پيوگلوبل انسٽيٽيوٽ پراجيڪٽ جي هڪ سروي مطابق هڪ امريڪي اداري دنيا جي 44 ملڪن جي اٺٽيهه هزار ماڻهن کان انٽرويو ڪيا جن مان ظاهر ٿئي ٿو ته پوري دنيا خاص طور تي مسلمان ملڪن ۾ امريڪا مخالف جذبات نهايت تيزيء سان وڌي رهيا آهن.سروي مطابق پاڪستان جا نوانوي سيڪڙو ماڻهو آمريڪا کان نفرت ڪن ٿا جيڪو انگ دنيا ۾ ٻئي نمبر تي آهي.پر ان نفرت باوجود ماڻهن جو هڪ وڏو انگ آمريڪي ٽي وي،فلمون ۽ موسيقي ٻڌڻ پسند ڪري ٿو.آمريڪي فاسٽ فوڊ  ۽ مشروبات اسان وٽ گھڻو پسند ڪيا وڃن ٿا.انهن جا سوڙها ۽ مختصر لباس اسان جي مردن کان اڳتي وڌي عورتن ۾ به عام ٿي رهيا آهن!


(روزاني جيجل 24 جولائي 2019ع)

Friday, July 26, 2019

ادبي خزاني مان ڪجهه املهه موتي.


شفيق الرحمان شاڪر

مشهور دانشور ۽ ڊراما نويس اشفاق احمد لکي ٿو ته هڪ ڏينهن آئون نيڪر پائي سيپارو پڙهڻ مسجد هليو ويس،مون کي ان حالت ۾ ڏسي مولوي صاحب ڪاوڙ ۾ اچي ويو.چيائين؛ ” اڙي نالائق! تون مسجد ۾ نيڪر پائي ڇو آيو آهين؟بيوقوف،جيڪر ايئن مسجد ۾ ايندين ته جهنم ۾ ويندين.“
مون گھر اچي امڙ کي ٻڌايو ته امڙ چوڻ لڳي؛ پٽ،مولوي صاحب غصي ۾ هوندو جو هن ايئن چئي ڇڏيو نه ته جهنم ۾ وڃڻ لاء وڏي سخت محنت جي گھرج پوي ٿي.جهنم حاصل ڪرڻ لاء نهايت ئي سخت دل ٿيڻو پوي ٿو،جهنم لاء ٻين جو حق مارڻو پوي ٿو،قاتل ۽ ڌاڙيل بنجڻو پوي ٿو،فساد پکيڙڻو پوي ٿو،خدا جي مخلوق کي اذيت ڏيڻي پوي ٿي،هٿين خالي انسانن تي باهه ۽ بارود جي برسات وسائڻي پوي ٿي،محبت کان نفرت ڪرڻي پوي ٿي،انهيء لاء مائن جون هنجون ويران ڪرڻيون پون ٿيون،رب العالمين ۽ رحمت للعالمين سان لاڳاپا ٽوڙڻا پون ٿا،تڏهن وڃي ڪو جهنم نصيب ٿئي ٿو.تون ته ايترو سست آهين جو پاڻي به پاڻ نٿو پيئين.توکان اها محنت ڪٿان ٿي سگھندي؟تون ته جھرڪيء جي موت تي پورو هفتو روئندو رهندو آهين سو تون اهڙو پٿر دل ڪيئن بڻجي سگھين ٿو؟پٽ! مولوي صاحب جي ڳالهين تي ڌيان متان ڏئين نه ته تنهنجي اندر خدا جو رڳو خوف ويهندو سندس محبت نه!
هڪ دفعي هڪ ڇوڪريء مولانا سيد مودوديء کي چيو ته هڪ ڳالهه پڇان؟ مولانا چيو؛ ڌيء! پڇو ڇا ڳالهه آهي؟ ڇوڪريء چيو؛ اسان جي سماج ۾ ڇوڪرن کي هر قسم جي آزادي هوندي آهي.اهي ڪجهه به ڪن،ڪيڏانهن به وڃن پر انهن تي ڪا روڪ ٽوڪ نه هوندي آهي.ان جي ابتڙ ڇوڪرين کي ڳالهه ڳالهه تي روڪيو ويندو آهي،هيئن نه ڪريو،هيڏانهن نه وڃو،جلد گھر موٽو،وغيره وغيره. مولانا انهيء تي مرڪيو ۽ چيائين؛ ڌيء! اوهان ڪڏهن لوهه جي دوڪان ٻاهران،لوهي گودام ۾ لوهي شيون پيل ڏٺيون آهن؟اهي شيون گودام ۾ سردي،گرمي،برسات،رات،ڏينهن ايئن ئي پيل رهن ٿيون،ان جي باوجود انهن جو ڪجهه به نٿو بگڙي ۽ انهن جي قيمت تي به ڪو فرق نٿو پوي.ڇوڪرن جي سماج ۾ ڪجهه ان قسم جي حيثيت آهي.هاڻي اوهان هلو هڪ سوناري جي دوڪان ۾.هڪ وڏي ٽجوڙي،ان ۾ ننڍي ٽجوڙي،ان ۾ رکيل هڪ ننڍڙي سهڻي ڏٻيء ۾ ريشم تي نزاڪت سان رکيل چمڪندڙ هيرو! ڇو ته جوهري ڄاڻي ٿو ته جيڪر هيري کي ٿوري به خراش اچي ويئي ته ان جي ڪا قيمت نه رهندي.اسلام ۾ نياڻين جي اهميت به ڪجهه ان قسم جي آهي.سڄي گھر کي روشن ڪندڙ چمڪندڙ هيري جيان،ٿوري به خراش سان ان وٽ ۽ سندس گھر وارن وٽ ڪجهه به نٿو بچي.بس اهو ئي فرق آهي ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن ۾ جيڪو فرق لوهه ۽ هيري ۾ آهي.
تاريخ طبري ۾ لکيل آهي ته خليفي هاديء جي دور ۾ هڪ شخص نبوت جي ڪوڙي دعويٰ ڪئي،ان کي گرفتار ڪري درٻار ۾ آندو ويو.بادشاهه درٻاري ملان کان پڇيو ته ڇا ڪرڻ گھرجي.هن چيو ته ترت سندس سسي ڌڙ کان ڌار ڪئي وڃي.خليفي اڃا جلاد کي حڪم ڏيڻ جو سوچيو ئي هو ته هن شخص ڳالهائي وڌو ته بادشاهه جي لاء اهو مناسب ڪونهي ته جوابدار جي ڳالهه ٻڌڻ سواء فيصلو ڏئي. ملان گھڻي ڪوشش ڪئي پر خليفي چيو ته اهو انصاف جي گھرجن خلاف آهي ته ڪنهن کي ٻڌڻ سواء کيس مارڻ جو حڪم ڏنو وڃي.خليفي ان شخص کان پڇيو؛ تو وٽ پنهنجي صفائيء ۾ ڪهڙو دليل آهي؟هن چيو؛ پهرين دعويٰ کي پرکيو ويندو آهي پوء سچ ۽ ڪوڙ جو فيصلو ڪيو ويندو آهي.خليفي درٻاري ملان کي حڪم ڪيو ته هن جي سچ ۽ ڪوڙ جو پتو لڳايو وڃي.ملان ان شخص کي چيو؛ تون پنهنجي دعويٰ جي حق ۾ ڪو معجزو پيش ڪري سگھين ٿو.هن چيو ته معجزو سدائين طلب تي پيش ڪيو ويندو آهي،اوهين طلب ڪريو ته آئون پيش ڪريان.ملان چيو حضرت موسيٰ وارو معجزو پيش ڪر.انهيء تي ان شخص خليفي کي مخاطب ٿيندي چيو ته هي شخص اوهان سان ناانصافي ڪري رهيو آهي.حضرت موسيٰ جي معجزي جو تعلق فرعون سان هو جنهن خدائيء جي دعويٰ ڪئي هئي جڏهن ته اوهان هڪ عادل ۽ خدا ترس انسان آهيو.هن ملان اهو معجزو گھري اوهان کي نشانو بنايو آهي. ان ڳالهه تي خليفو ڪجهه ملان تي ناراض ٿيو ته تو اهڙي غلط شيء ڇو گھري؟ هاڻي ملان ان شخص کان حضرت عيسيٰ وارو معجزو گھريو.ان شخص چيو ته حضرت عيسيٰ جو معجزو مئلن کي زندهه ڪرڻ هو.هو هڪ پيغمبر هو ۽ هن کي اختيار هو ته هو ڪنهن کي به زندهه ڪري سگھيو ٿي پر منهنجو اختيار محدود آهي.آئون رڳو ان شخص کي زندهه ڪري سگھان ٿو جيڪو منهنجي ڪري قتل ڪيو ويو هجي.ان ڪري جيڪر اوهان کي منهنجي آزمائش ڪرڻي اهي ته هن ملان کي قتل ڪري ڇڏيو،پوء ڏسو ته الله جي حڪم سان آئون هن کي ڪيئن ٿو زندهه ڪيان.خليفي چيو ڳالهه ته مناسب آهي،هن کي موقعو ملڻ گھرجي.ملان جيڪو جان وڃڻ جي خوف کان پگھرجي چڪو هو تنهن چيو؛ بادشاهه سلامت! اوهان هن کي ڇڏي ڏيو،هن جي ڪابه ڳالهه نه ٻڌو.اهو هڪ پاڳل شخص آهي ۽ انهيء تي شريعت جو ڪوبه حڪم لاڳو نٿو ٿئي.
1738ع ۾ نادر شاهه هندستان تي حملو ڪرڻ کان اڳ مغل سلطنت جي شهر قنڌار جو گھيرو ڪري رکيو هو.انهيء دوران ڪنهن شاعر کي قسمت آزمائڻ جي سجھي.هن ٻڌو هو ته شهنشاهه قصيدا پڙهندڙن جا وات موتين سان ڀري ڇڏيندا آهن ۽ سون ۾ توري ڇڏيندا آهن. شاعر نادرشاهه جي شان ۾ قصيدو لکيو ۽ ڪنهن نموني وڃي سندس خدمت ۾ پهتو.نادر شاهه ان وقت کاڌو کائي رهيو هو.شاعر نه ڪئي هم نه ڪئي تم،پنهنجا شعر ٻڌائڻ لڳي ويو.اڃا ويچاري جي سخن سرائي جاري هئي ته نادر شاهه گراهه چٻاڙيندي چٻاڙيندي هڪ محافظ کي حڪم ڏنو ته هن کي وٺي وڃ ۽ کيس غلام بنائي وڪڻي اچ.جيڪا رقم ملي شاهي خزاني ۾ جمع ڪرائي رسيد مون کي آڻي ڏي.سپاهي شاعر کي ڪن کان پڪڙي آسپاس ڦرندو رهيو پر شاعر نيٺ ته شاعر هو،ڪمزور ۽ لاچار،بي پهچ ۽ خوار.جنهن به ڏٺو ٿي ان چيو ٿي ته مفت ۾ به مهانگو آهي،سراسر نقصان جو سودو آهي.سپاهي شاعر کي وٺي واپس نادرشاهه جي درٻار ۾ آيو ۽ بادشاهه کي سموري ماجرا ڪري ٻڌائي.نادر شاهه شاعر کان پڇيو؛ تون هتي آيو ڪيئن هئين؟ هن هٿ ٻڌي عرض ڪيو؛ حضور! گڏهه تي.نادر شاهه محافظ کي حڪم ڏنو ته هن کي ٻه ٽي لتون هڻي ٻاهر ڪڍي ڇڏ ۽ دسندس گڏهه ڪاهي وڪڻي اچ.
انٽرنيٽ جي حوالي سان هڪڙي پيء پنهن جي پٽ کي هن طرح نصيحت ڪئي آهي.
پيارا پٽ! گوگل،فيس بڪ،تويٽر،واٽس ايپ ۽ سماجي لاڳاپن جا ٻيا ذريعا حقيقت ۾ هڪ اونهو سمنڊ آهي جنهن ۾ ماڻهو پنهنجا لڇڻ وڃائي رهيا آهن ۽ دماغي صلاحيتون ضايع ڪري رهيا آهن.انهن ۾ پوڙها به آهن ته جوان به.ان سمنڊ جون بي رحم موجون نه رڳو هڪ وڏي خلق کي هلاڪ ڪري چڪيون آهن پر اسان جي عورتن جي حيا به ڳڙڪائي چڪيون آهن. ان ۾ ٻڏڻ کان بچ.انٽرنيٽ تي تنهنجو رويو ماکي جي مک جيان هئڻ گھرجي.رڳو سٺين ڳالهين تي ڌيان ڏي،پاڻ به فائدو کڻ ۽ ٻين کي به فائدو پهچاء.عام مکين جيان هر گندي ۽ صاف شيء تي نه ويهه.ايئن نه ٿئي جو ٻين تائين بيمارين جا جيوڙا منتقل ڪرڻ لڳين ۽ توکي ان جو احساس ئي نه ٿئي.پٽ! انٽرنيٽ هڪ وڏي مارڪيٽ آهي هتي ڪوبه پنهنجي شيء مفت ڏيڻ لاء ناهي ويٺو.هر ماڻهو پنهنجو سودو ڪنهن نه ڪنهن مفاد هيٺ وڪڻڻ جي خواهش کڻي ويٺل آهي.ڪو پنهنجو سودو اخلاق جي قيمت تي ڪرڻ گھري ٿو ته ڪنهن کي فڪري انتشار جو واپار پسند آهي. ڪن جو مقصد شهرت ۽ نالو ڪڍڻ آهي ۽ اهڙا به آهن جيڪي پنهنجي طور تي خيرخواهيء جو جذبو رکن ٿا.ان ڪري خريداري ڪرڻ کان پهرين چڱي نموني جانچ پڙتال ڪندو ڪر.لاڳاپا قائم ڪرڻ ۾ به احتياط کان ڪم وٺ،ڪجھه لاڳاپا شڪاريء جي ڄار جيان آهن،ڪجهه بڇڙائيء جو ذريعو آهن،ڪجهه بي حيائي ۽ گناهن تي ٻڌل آهن ۽ ڪجهه جو انجام تباهي ۽ بربادي آهي.ڪا ڳالهه اڳتي پکيڙڻ ۾ محتاط ره،گناهه جي شين کي ڪاپي ۽ پيسٽ ڪرڻ کان بچندو ڪر.اهڙي شخص جي دوستيء کان بچ جنهن کي تو اکين سان ڏٺو نه هجي.انهن مان ڪجهه ڪوڙ به ايئن ڳالهائين ٿا جو سچائيء جو گمان ٿيڻ لڳي ٿو.انهن مان گھڻا خوبصورت لڳن ٿا پر اهي حقيقت ۾ بد صورت آهن.عقلمند لڳن ٿا پر اهي جاهل آهن.فرضي نالا يا فيڪ آئي ڊيز رکڻ وارن کان به پري رهه،اهڙا ماڻهو اعتماد کان خالي ٿين ٿا،تون به فرضي نالو استعمال نه ڪر.جيڪو توسان نا مناسب رويو اختيار ڪري تون ان سان ساڳيو رويو اختيار نه ڪر،ٿانو مان اهو ئي ڪجهه ٻاهر ايندو اهي جيڪو ان جي اندر هوندو آهي.
(روزاني جيجل)

Wednesday, July 17, 2019

”اليڪٽيبلز“ جي جمهوريت.

شفيق الرحمان شاڪر
ايئن به صحيح ڪونهي ته عمران خان صاحب جون سڀ ڳالهيون غلط هجن.ملڪ ۾ ڪرپشن،اقربا پروري ۽ گورنس جا سخت مسئلا موجود آهن.اهو به صحيح آهي ته سياسي ۽ اداراجاتي نظام ۾ جمود ۽سنگين خرابيون به موجود آهن ۽ انهن سڀني شين جي اور هالنگ جي ضرورت آهي پر اها ڳالهه به پنهنجي جاء تي سو سيڪڙو درست آهي ته جيڪي ڳالهيون خان صاحب پنهنجن تقريرن يا پارٽي منشور ۾ ڪري رهيو آهي اهي ئي ساڳيون ڳالهيون لفظن جي ڪجهه ڦير گھير سان نواز ليگ،پيپلز پارٽي جهڙين وڏين جماعتن سان گڏ وچين ۽ ننڍي درجي جون سموريون سياسي پارٽيون ۽ سندن ليڊر به ڪندا رهيا آهن.ته پوء ڇا خان صاحب سميت اهي سڀ اڳواڻ اسان سان ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن؟اهي ماڻهو وڏا وڏا نعرا ۽ تارا ٽوڙي اچڻ جهڙا وعدا ڪري اسان کان ووٽ گھرندا آهن ۽ جڏهن اقتدار ۾ اچن ٿا ته انهن کان نه ته زرداري گھٽين ۾ گهلجي ٿو،نه ئي ماڻهن کي روٽي،ڪپڙو ۽ مڪان ٿو نصيب ٿئي ۽ نه ئي انهن کان پنجيتاليهه روپيا پيٽرول ۽ ٻه سو ارب ڊالر ملڪ ۾ واپس آڻڻ جو وعدو ئي ٿو نڀائجي.ان سڄي معاملي کي هڪ ٻئي نقطه نظر کان ڏسون ٿا.ڏٺو وڃي ته پاڪستان جو وزير اعظم ملڪ جو مجبور ترين ماڻهو هوندو آهي.خاص طور تي اهڙو وزير اعظم جنهن جي حڪومت رڳو ڪجهه سيٽن تي بيٺل هجي تنهن کي پنهنجن اتحادين کي وزارتون ۽ فنڊ ڏيئي خوش رکڻو پوي ٿو۽ پنهنجي پارٽيء جي اصل لائق ورڪرز کي خالي تسليون ڏيئي مطئمن ڪرڻ هوندو آهي.سندس سامهون ادارن جي ڇڪتاڻ وارا بکيڙا به هوندا آهن ته مخالف جماعتن جون سياسي چالون پڻ.هو ڪنهن تي ڪو الزام هڻي نٿو سگھي پر هن کي سوين الزام سهڻا پون ٿا.هن کي ڪجهه اهڙا فيصلا به ڪرڻا پون ٿا جيڪي سندس بنيادي ووٽ بينڪ جي ترجيحن ۽ خواهشن جي بلڪل ابتڙ هوندا آهن.هن کي ميڊيا جي ڦٽڪار به سهڻي پوي ٿي ۽ طاقتور ادارن جي خواهشن آڏو به سر جھڪائڻو پوي ٿو.هن کي انهن پاليسين يا اهڙين پاليسين جي نتيجن لاء عوام آڏو جوابده بنجڻو پوي ٿو جيڪي پاليسيون هن جون جوڙيل ئي ناهن هونديون بلڪه ڪنهن ٻئي هنڌ جڙنديون آهن.مطلب ته وزارت عظميٰ گلن جي سيج نه پر ڪنڊن جي سيج آهي.پر ٻين ملڪن خاص طور تي اسان جي پاڙيسري ملڪن ۾ ايئن ڇو نٿو ٿئي؟بدقسمتيء سان پاڪستان ۾ حقيقي جمهوريت جي وڻ کي وڌڻ ويجھڻ ئي نه ڏنو ويو.ڪو به ٿورو گھڻو ٻج ڪجهه به پن ۽ ٽاريون ڪڍڻ لڳي ته ان کي اکيڙي نئون بج ڇٽڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي.هر هر جي ان حرڪت جمهوريت جي فلٽريشن واري خاصيت جي ڪارڪردگي اڌ کان به گھٽائي ڇڏي.جيڪڏهن پاڪستان جي پهرين ۽ اڄوڪي اسيمبليء تي نظر ڊوڙائجي ته معلوم ٿيندو  ته پهرين اسيمبليء ۾ جاگيردارن،پيرن،نوابن ۽ رئيسن جي اڪثريت هئي پر هاڻوڪي اسيمبليء ۾ انهن پيرن،وڏيرن ۽ جاگيردارن سان گڏوگڏ مڊل ڪلاس،محنتي،صاف سٿرا ۽ پڙهيل لکيل ماڻهو به نظر ايندا،جيڪر جمهوريت جو قدرتي فلٽريشن سسٽم صحيح طور تي هلندو رهي ها ۽ ملڪي اسٽيبلشمينٽ ان ۾ بار بار اجائي مداخلت نه ڪري ها ته سمورا سياسي گادي نشينن،وڏيرا ۽ خاص طور تي ڪرپٽ ماڻهو آهستي آهستي ان نظام مان ٻاهر ٿي وڃن ها ۽ اڄ اسان هڪ اهڙي سياسي ۽ جمهوري ڪلچر جو شڪار نه ٿيون ها جنهن جمود جو اڄ بڻيل آهيون.پر ان ڳالهه کان انڪار جي گنجائش ناهي ته هتي پهرئين ڏينهن کان اسٽيبلشمينٽ ۽ سندن من پسند نام نهاد سياستدان گڏجي جيڪا سياسي ۽ اقتداري راند کيڏندا رهيا ان هڪ اهڙو ته ”مافيائي چڪر“ جوڙي ڇڏيو جنهن کي ٽوڙڻ ڪنهن به وزير اعظم لاء ممڪن نه رهيو.انهيء ڪري هر وزير اعظم نه رڳو ناڪام رهيو پر وقت گذرڻ سان گڏ هر ادارو ۽ هر سسٽم وڌيڪ تباهه ۽ برباد ٿيندو ويو.اهو چڪر ڪيئن ڪم ڪري ٿو انهيء کي سمجھڻ  لاء اسان کي پنهن جي قومي ۽ صوبائي اسيمبليء جي ميمبرن جي تاريخ ڄاڻڻي پوندي.وڌيڪ اونهائي يا وڌيڪ پري وڃڻ جي به گھرج ناهي.نواز شريف جي 1999ع واري ڳري مينڊيٽ واري حڪومت جي خاتمي کان شروع ڪجي ته مشرف پنهنجي سهولت لاء هڪ ڪنگز پارٽي جوڙي،ان پارٽيء ۾ نون ليگ مان اٽڪل 140 کان مٿي ايم اين اي ٽوڙي شامل ڪرايا ويا ۽ ساڳيو ڪم پيپلز پارٽي سان ”پيٽرياٽ“ جي صورت ۾ ڪيو ويو.مشرف جي دور جي خاتمي ۽ پيپلز پارٽيء جي چڙهندڙ سج کي سلامي ڏيڻ لاء انهيء ئي قاف ليگ جا اڪثر ميمبر ڊوڙ لڳائي ويٺا جڏهن ته ڪجهه وري نواز ليگ طرف هليا ويا.2018ع جي چونڊن کان ڪجهه مهينا اڳ جڏهن انهن ئي ماڻهن اقتدار جي هما پي ٽي آئي جي ڪلهي تي ويهندي ڏٺي ته اهي سڀ پي ٽي آئي ۾ شامل ٿي ويا.اهڙا اٽڪل اسي کان سو ماڻهو آهن ۽ اهي ئي ماڻهو هن سسٽم جي لاء ناسور بڻيل آهن پر بدقسمتيء سان اهي ئي ماڻهو اڄ به ان سسٽم جا چڱا مڙس بڻيل آهن.اوهان انهن ماڻهن جو ريڪارڊ چڪاس ڪري وٺو ته انهن مان ئي اڪثر اوهان کي ڪرپٽ ترين ماڻهو ملندا.پنهنجي ڪرپشن بچائڻ لاء انهن ماڻهن جو هر حڪومت ۽ سدائين اقتدار ۾ رهڻ سندن مجبوري آهي ۽ ان مجبوريء سبب اڪثر مقتدر حلقن جي اشارن تي نچن ٿا.ڪا هڪ سياسي جماعت ٻي سياسي جماعت جي اهڙن ئي سياسي عنصرن جي ڪرپشن ماڻهن سامهون ڳائي پنهنجو ووٽ بينڪ مظبوط ڪري ٿي پر آخر نيٺ اقتدار ۾ پهچڻ لاء انهن ئي ماڻهن کي ”اليڪٽيبلز“ قرار ڏيئي پاڻ سان گڏ ملائي وٺي ٿي.انهن ماڻهن جي ئي عنايت سبب اسان جي سياسي ڊڪشنري ۾ لوٽن ۽ ڊرائي ڪليننگ وغيره جهڙا لفظ شامل ٿيا آهن.انهن ماڻهن جون ٻه بنيادي خاصيتون ٿين ٿيون،پهرين اها ته اهي ماڻهو چونڊ کٽڻ لاء ڪنهن هڪڙي سياسي جماعت جا محتاج نه هوندا آهن ۽ ٻي شيء اها ته انهن مان گھڻن جي ڪرپشن ۽ مختلف ڏوهن جا فائل مختلف رياستي ۽ حڪومتي ادارن وٽ هر وقت کليل رهن ٿا.اهو ئي اهڙو مڪروه چڪر آهي جنهن مان اسان جو ملڪ ٻاهر نه نڪري رهيو آهي.ٿئي ڪجهه ايئن ٿو جو اهي ماڻهو اچڻ وارين حالتن جو رخ سڃاڻي وٺن ٿا ۽ امڪاني طور تي آئيندي کٽيندڙ پارٽيء کي پنهنجي سيٽ ان بدلي ۾ پيش ڪن ٿا ته سندن ڪيس سردخاني مان ٻاهر نه ايندا.انڪار جي گنجائش ان ڪري نه هوندي آهي جو اهي مخالف پارٽيء کي به ساڳي پيشڪش ڪري انهيء سان ملي ويندا ۽ کٽيندڙ پارٽي پنهنجي عددي برتري وڃائي ويهندي.اسٽيبلشمينٽ لاء اهي ماڻهو سونيون جھرڪيون هوندا آهن.اسيمبلي ميمبرن جي ڪل تعداد جو پنجويهه کان ٽيهه سيڪڙو ”ڪوٽا“ انهن جي ئي مستقل استعمال ۾ رهندي ٿي اچي ۽ هن وقت به آهي.رياستي ادارا انهن کي هر طرح سان تحفظ جي نه رڳو مڪمل ضمانت مهيا ڪندا آهن پر بلڪه مخالفن کي نٿ وجھڻ جي سهوليت به مهيا ڪندا آهن.اسٽيبلشمينٽ کي جڏهن به ضرورت پوي ٿي انهن ئي ماڻهن کي اڳيان پويان ڪري حڪومتون بنائڻ ۽ ڪيرائڻ جو ڪم ڪري ٿي.اهي ماڻهو هن سسٽم جي مجبوري بڻجي ويا آهن.پيپلز پارٽيء کي اسٽيبلشمينٽ سان ڪو مسئلو پيدا ٿئي ته اهي نون ليگ سان گڏ بيهي رهندا،نون ليگ جا جيڪر اسٽيبلشمينٽ سان تعلقات خراب ٿين ته اهي پي ٽي آئي ۾ هليا ويندا آهن جهڙيء طرح سينيٽ چيئرمين جي گذريل چونڊ ۽ پنجاب ۾ پي ٽي آئي حڪومت ٺهڻ جو مثال سڀني جي سامهون آهي.اهي ئي اهي ماڻهو آهن جيڪي پنهنجو پاڻ ”اسٽيٽس ڪو “ آهن ۽ اسٽيٽس ڪو جي خلاف سڀ کان بلند آواز پڻ.اهي ماڻهو جمهوري فلٽريشن پراسيس کي اوستائين بائي پاس ڪندا رهندا جيستائين مٿانئن سياسي ڇانو ڪندڙ ”مهربان“ مٿانئن اها خاص ڇانو نٿا هٽائين.اهي ماڻهو اهي پنجويهه سيڪڙو سياسي گند آهن جيڪي پنجهتر سيڪڙو سٺن پارليامينٽيرين کي به خراب ڪن ٿا.جيڪر اوهان اهو ڄاڻڻ گھرو ٿا ته پاڪستان ۾ ڪجهه ”خاص “ ماڻهن جو احتساب ڇو ممڪن ناهي؟ ڦري گھمي اهي ئي ساڳيا منهن اوهان کي هر حڪومت ۾ بنان وقفي جي ڇو ٿا نظر اچن؟ ۽ حڪومتون ڪيئن جوڙيون ۽ ڪيرايون وڃن ٿيون ته انهن سو سوا سو کن ماڻهن تي کوجنا ڪري وٺو اهي ئي هر آمر جو خاص دستو ۽ سول حڪومت جي مٿي جو موڙ هوندا آهن.ڪرپشن،نا اهلي ۽ پنهنجا نوازڻ جا مثال به اهي ئي قائم ڪن ٿا ۽ اين آر او به انهن کي ئي ملن ٿا.جيڪر اوهان واقعي احتساب چاهيو ٿا ته پوء شروعات انهن کان ڪريو ۽ جيڪر سياسي پارٽيون به اهو فيصلو ڪري ڇڏين ته اهڙن لوٽن کي ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي پارٽيء ۾ پناه ناهي ڏيڻي ته اهي پوء احتساب کان بچي نه سگھنداپرجن کي سدائين انهن جي ضرورت رهي ٿي اهي اهو ڪم ڇو ڪندا؟
(روزاني هلال پاڪستان 14 جولائي 2019ع)

Tuesday, July 16, 2019

اثاثن ۽ ملڪيتن جي ديس ۾ ٿيندڙ خودڪشيون!



شفيق الرحمان شاڪر
اخباري خبرن تي نظر ڊوڙائجي ٿي ته معلوم ٿئي ٿو ته ملڪ ۾ امير ۽ غريب جو فرق جنهن حد تائين وڌي رهيو آهي سو نهايت ئي ڳڻتيء جو ڳو آهي.خبر آهي ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهنگائي،امير ۽ غريب جي وڌندڙ تفاوت ۽ ٻين سماجي مسئلن جي ڪري خودڪشين جو لاڙو خطرناڪ حد تائين وڌي ويو آهي.تازو  حيدرآباد ۾ مالي پريشانين ،غربت ۽ مهنگائيء کان تنگ اچي ٽن عورتن سميت پنجن ماڻهن زهر پي ڇڏيو.جن مان ٽي ڄڻا فوت ٿي ويا.خبر موجب ماڻهو سخت مهنگائي ۽ غربت کان تنگ اچي اهڙا سخت قدم کڻڻ ۽ خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا آهن.خودڪشيء جو اهڙو ئي واقعو ٽنڊو آدم ۾ به پيش آيو جتي ويهن ورهين نوجوان شبير احمد  بيروزگاريء کان تنگ ٿي زهر پي پنهنجي زندگيء جو انت آڻي ڇڏيو.جڏهن ته ٽنڊو الهيار سان تعلق رکندڙ ويهن ورهين جو نوجوان رميش ڪمار به زهر کائي پنهنجي زندگي وڃائي ويٺو.هالا ۾ زهر کائي زندگيء جو انت آڻڻ جي ڪوشش ڪندڙ چاليهن ورهين جي نجما کي سول اسپتال حيدرآباد آندو ويو جتي سندس زندگي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پيئي وڃي.نفسياتي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته هن وقت سماج ۾ معاشي مسئلن جي ڇڪتاڻ سبب مايوسي وڌي رهي آهي جنهن ڪري ماڻهن ۾ آپگھاتن جو لاڙو نهايت تيزيء سان وڌي رهيو آهي.اهو ته ٿيو تصوير جو هڪڙو پاسو،هاڻي تصوير جو ٻيو پاسو ڏسڻ لاء هڪ ٻي خبر تي نظر ڊوڙايون ٿا سا خبر اها ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سنڌ اسيمبليء جي چونڊيل ميمبرن جي ظاهر ڪيل اثاثن جا تفصيل جاري ڪيا آهن جن موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ذاتي اثاثن جو انگ ٻاويهه ڪروڙ  88 لک روپيا آهي جنهن مان 2 ڪروڙ 48 لک روپين جون ٻه گاڏيون به شامل آهن.مراد علي شاهه جي بينڪ اڪائونٽ ۾ 16 ڪروڙ 89 لک روپين جو بيلنس آهي.سنڌ اسيمبليء ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ فردوس شميم نقوي 16 ڪروڙ 84 لک روپين کان وڌيڪ اثاثن جو مالڪ آهي.پي پي اڳواڻ فريال ٽالپر 38 ڪروڙ کان وڌيڪ ملڪيت جا اثاثا ظاهر ڪيا آهن.هوء هڪ ڪلو سون جي به مالڪياڻي آهي.فريال ٽالپر جون ٻئي ڌيئرون به ڪروڙ پتي آهن.فاطمه ٽالپر 3 ڪروڙ 31 لک جڏهن ته عائشه ٽالپر 14 ڪروڙن کان وڌيڪ اثاثن جي مالڪ آهي.سنڌ اسيمبليء جو اسپيڪر آغا سراج دراني 6 ڪروڙ 40 لکن جي اثاثن جو مالڪ آهي.ڊاڪٽر عذرا پيچوهو 10 ڪروڙن کان وڌيڪ اثاثن جي مالڪ آهي.وزير بلديات سعيد غني 2 ڪروڙ،سهيل انور سيال ست ڪروڙن کان وڌيڪ اثاثن جو مالڪ آهي.حليم عادل شيخ جي اثاثن جي ماليت هڪ ڪروڙ 93 لک روپيا آهي.علي گوهر مهر 26 ڪروڙ ۽ قائم علي شاهه 2 ڪروڙ کان وڌيڪ اثاثا رکن ٿا.شرجيل ميمڻ ٽي ڪلو سون سميت 37 ڪروڙن کان وڌيڪ اثاثن جو مالڪ آهي.ايم ڪيو ايم جو ڪنور نويد جميل 5 ڪروڙ 23 لک،تحريڪ انصاف جو خرم شير زمان 5 ڪروڙ 94 لک روپين جڏهن ته خواجا اظهار الحسن هڪ ڪروڙ 17 لکن جي اثاثن جو مالڪ آهي.جڏهن ته شهلا رضا هڪ ڪروڙ 89 لک روپين جي اثاثن جي مالڪ آهي.اهي ته اهي نالي ماتر اثاثا ۽ ملڪيتون آهن جيڪي انهن پنهنجن چونڊ گوشوارن ۾ ظاهر ڪيون آهن باقي انهن وٽ جيڪي حقيقي ملڪيتون موجود آهن انهن جو حساب ڪرڻ مشڪل آهي.هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته هڪ طرف اها اشرافيا آهي جيڪا ڪروڙن ۽ اربن ۾ رانديون ڪري رهي آهي ته ٻئي طرف غربت ۾ ڦاٿل ماڻهو حالتن هٿان مجبور ٿي خود ڪشيون ڪري رهيا آهن ته پوء رياست ڪٿي آهي ۽ سماجي انصاف ڪٿي آهي؟ اهو صحيح آهي ته ملڪ جو قانون ماڻهن کي ذاتي ملڪيت ٺاهڻ ۽ اثاثا رکڻ کان منع نٿو ڪري پر نام نهاد ملڪي قانون کان اهو سوال ته ڪري سگھجي ٿو ته اها دولت رڳو چند هٿن ۾ ڪيئن گڏ ٿي ويئي ۽ غريب ڏينهون ڏينهن وڌيڪ غريب ڇو ٿيندا ٿا وڃن؟ ڪروڙن جي ملڪيتن تي نانگ بڻجي ويٺل اها اشرافيا جڏهن غريب عوام جي دردن جون رام ڪهاڻيون بيان ڪندي واڳون وار ڳوڙها ڳاڙي ٿي ته انهن کي ذرو به احساس نٿو ٿئي ته سندن انهيء ملڪيت جو ڪيترو حصو انهيء ئي عوام جي پگھر ۽ رت جي ڪمائي آهي  جيڪا انهن ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ڦري ۽ لٽي رکي آهي. پنهنجي انهيء ڪمائيء مان اهي غريبن تي ڪيترو خرچ ڪن ٿا؟ چند هٿن ۾ جمع ٿيل اها دولت جي رڳو صحيح نموني سان معاشي گردش ۾ اچي وڃي ته به هوند غربت ۾ گھڻي گھٽتائي اچي وڃي پر دولت جي نشي ۾ ڌت اها اشرافيا احساس نالي هر جذبي کان آجي آهي.اهي ماڻهن جي غربت ۽ خودڪشين تي ماتم ته ڪري سگھن ٿا،وڏيون وڏيون تقريرون به ڪري سگھن ٿا،عوامي همدرديء ۾ رت جا ڳوڙها ته ڳاڙي سگھن ٿا پر پنهنجي انهيء ملڪيت ۾ غريبن لاء ڪوبه حصو مقرر نٿا ڪن. گھڻائيء جي حرص انهن جا احساس ئي ماري ڇڏيا آهن.حڪومتون توڙي رياست به ان سڄي سانحي ۾ تماشائي بڻيل آهي.هي سڌريل ۽ ترقي يافتا معاشرو جنهن جي دعويٰ هر طرف کان ٻڌڻ ۾ اچي ٿي اتي جيڪر ڪو غريب ماني ڳڀي لاء تڙپندي پنهن جي زندگيء جو انت آڻڻ تي مجبور ٿي وڃي ته پوء ان سڄي سماج جي لاء اهو سوال هڪ وڏي چماٽ بڻجي وڃي ٿو ته انسانيت ڪٿي آهي؟
(روزاني هلال پاڪستان)

Tuesday, July 9, 2019

مختلف ثقافتن ۾ مرڻ وارن جون آخري رسمون.

شفيق الرحمان شاڪر
چوندا آهن ته موت کان ڪنهن کي فرار آهي ۽ اها به حقيقت آهي ته جيڪو به هن دنيا ۾ آيو آهي ان جو وڃڻ طيء ٿيل آهي پر تنهن هوندي به سڀ موت کان ڊنل رهن ٿا.مرڻ کان پوء ڇا ٿيندو اهو اهڙو سوال آهي جنهنجو جواب هر مذهب پنهنجن عقيدن مطابق ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر انهن جوابن جي تصديق لاء به مرڻو ئي پوندو.بهرحال زندگيء تائين جيترا اختيار آهن انسان انهن مان فائدو کڻندي پنهنجي منهن ڪڏهن دل کي وڻندڙ ۽ ڪڏهن مقام عبرت ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.فوت ٿيندڙ مٽن مائٽن کي ياد ڪرڻ،انهن سان غم جو اظهار ڪرڻ ۽ انهن جي آخري رسمن جي حوالي سان هر ثقافت ۽ مذهب جي تعليم،ان علائقي جي ثقافت،موسم ۽ خود فوت ٿيندڙن جي مالي حالتن تي دارومدار رکن ٿيون.ڪن علائقن ۾ مئلن جون آخري رسمون اسان کي گھڻيون ڊيڄاريندڙ معلوم ٿي سگھن ٿيون پر اهي خود انهن لاء ايتريون ڊيڄاريندڙ نه هونديون آهن بلڪه انهن جي پيارن لاء اهي راحت جو سامان لڳنديون آهن،اهڙين ئي ڪجهه عجيب رسمن جو هتي ذڪر ڪجي ٿو.
ڪجهه ثقافتن ۾ پنهنجي مردي کي کائي ڇڏڻ انهن ويجھو ان کي عزت ڏيڻ جو بهترين ذريعو سمجھيو ويندو آهي.علم بشريات ۾ ان کي دروني آدمخوري سڏيو وڃي ٿو پر هاڻي اها رسم عمل هيٺ نه رهي آهي.پاپوا نيو گني جي ”مليشين “ قبيلن ۾ ۽ برازيل جي ”واري“ قبيلن ۾ ان رسم جو رواج هو.تبتي ٻڌن ۾ اها رسم آهي جو مردي جي جسم جا ننڍا ننڍا ٽڪر ڪري جانورن ۽ پکين کي کارايا ويندا آهن.ڪڏهن ڪڏهن لاش کي کلئي آسمان هيٺ رکيو ويندو آهي جنهن کي ڳجھون کائي وينديون آهن.ٻڌ جسم کي محفوظ رکڻ يا انهن جي يادگار جوڙڻ تي يقين نٿا رکن ان ڪري جو انهن مطابق مئل جسم ڪنهن خالي ٿانو جيان آهي ۽ هو روح جي دوام تي يقين رکن ٿا.ان ڪري اهي مئل جسم کي پکين کي کارائڻ به هڪ قسم جي خيرات سمجھن ٿا.تبتي هونئن ته آسماني تدفين سواء پاڻيء ۾ وهائڻ،ساڙڻ،دفن ڪرڻ ۽ اسٽوپا جوڙڻ جهڙا طريقا به اختيار ڪن ٿا پر عام طور تي مردن کي کليل آسمان هيٺان رکيو ويندو آهي ته جيئن انهن کي ڳجھون کائي وڃن. ڏکڻ اولهه چين جي هيمپ واديء جا ماڻهو پنهنجن مردن کي شنگرفي ڳاڙهي رنگ جي تابوتن ۾بند ڪري اٽڪل ٽي سو  فٽ بلند جبل جي چوٽين تي ڪاٺ جون ميخون هڻي ٽنگي ڇڏيندا هئا،اهي ايئن ڇو ڪندا هئا اهو راز اڃا تائين سمجھه ۾ نه اچي سگھيو آهي.
”ستيء “ جي رسم مطابق بيوه کي سندس مڙس جي لاش سان گڏ سڙي مرڻو پوندو هو،هاڻي ڀارت ۾ ستيء جي ان رسم تي پابندي لڳائي ويئي آهي پر ڪجهه عرصو اڳ ان رسم جو رواج هو جنهن ۾ عورتون ظاهر ۾ خوشيء سان پنهنجي مڙس جي لاش سان گڏ سڙي مرڻ کي پسند ڪنديون هيون پر اڪثر انهن عورتن کي ان رسم لاء مجبور به ڪيو ويندو هو.بيوه عورتن کي اڇوت سمجھيو ويندو هو،انهن جا مٿي جا وار ڪوڙي کين آشرم موڪليو ويندو هو جتي اهي خيرات تي ۽ سفيد لباس ۾ زندگي گذاري ڇڏينديون هيون.ٻي شادي منع هئي ۽ سندن پاڇي کان به ماڻهو ڀڄندا هئا. هندستان جي ڪجهه علائقن ۾ عورت کي سندس مڙس جي چتا ۾ ساڙڻ جي رسم عام هئي.دلچسپ ڳالهه اها آهي جو اڪيلو هندستان ئي ان رسم جو شڪار نه هو پر ٻين قديم سماجن جيئن مصري، يوناني۽ سيٿي تهذيبن ۾ به ان رسم جون شاهديون ملن ٿيون.ستيء سان ملندڙ جلندڙ رسم يورپي سامونڊي ڌاڙيلن جي ٻانهين کي به ادا ڪرڻي پوندي هئي.سامونڊي ڌاڙيلن جي موت جون رسمون نهايت ئي ظالماڻيون هونديون هيون،سردار جي موت تي سندس لاش ڏهن ڏينهن لاء هڪ عارضي قبر جوڙي رکيو ويندو هو ۽ ان جي ٻانهن ۽ غلامن کان ساڻس گڏ سڙي مرڻ جو پڇيو ويندو هو ته جيئن اهي پنهنجي مالڪ جو خيال رکڻ لاء ساڻس گڏ اڳين دنيا ۾ پهچي سگھن.انهن مان ڪا ٻانهي ان ڪم لاء راضپو ظاهر ڪندي هئي ته ان کي ڏهن ڏينهن تائين جنسي ڏاڍائيء جو نشانو بنائڻ بعد موت جي فرشتي جو لقب رکندڙ هڪ عورت سندس ڳچيء ۾ رسي وجھي ان کي ٻن ماڻهن کي ڇڪڻ جو حڪم ڏيندي هئي ۽ پاڻ ان ٻانهيء جي سيني ۾ خنجر هڻي ڇڏيندي هئي.چوندا آهن ته مرڻ واري سان گڏ ڪو مري نٿو پر اها به حقيقت آهي ته پنهنجن پيارن جي موت جو صدمو برداشت ڪرڻ به مشڪل هوندو آهي،مغربي پاپووا،نيوگني جا داني ماڻهو به اهڙائي جذبا رکن ٿا.اها نهايت ئي تشدد ڀريل ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ رسم لڳي ٿي جنهن ۾ مرڻ واري جي خاندان جي هڪ عورت ۽ هڪ ٻار جون آڱريون ڪپيون وينديون آهن.اها رسم ادا ڪرڻ لاء چونڊيل ماڻهن جون آڱريون هڪ رسيء سان ٻڌي انهن کي هڪ ڪهاڙيء سان ڪپيو ويندو آهي پوء انهن آڱرين کي يا ته ساڙيو ويندو آهي يا ڪنهن خاص جاء تي محفوظ ڪيو ويندو آهي.هاڻي نيوگنيء ۾ ان رسم تي پابندي آهي پر ان رسم جا اثر اڃا به ڪميونٽيء جي پراڻن ماڻهن جي هٿن تي ڏسي سگھجن ٿا.
مڊغاسڪر جي ملاگسي ماڻهن وٽ مرڻ بعد مئل ماڻهن جون هڏيون ٻاهر ڪڍي انهن کي ٻيهر ڪفنائڻ جو رواج آهي.هنن مطابق جيستائين هڏيون ۽ جسم سڙي مٽي نه ٿي وڃن مرڻ وارن جا روح ٻي دنيا ۾ پنهنجن پيارن وٽ نٿا پهچي سگھن.ان ڪري اهي هر ستن سالن بعد مرڻ وارن جون هڏيون سندن قبرن مان ڪڍي انهن کي ٻيهر ڪفن ۾ ويڙهي موسيقيء جي سرن تي انهن هڏين سان گڏ انهن جي قبرن جي چوڌاريء نچندا آهن.
امريڪي اتر الهندي ۽ بائيدا ماڻهن وٽ پنهنجن مردن کي دفن ڪرڻ لاء ڪاٺ جا مينار اڏڻ جو رواج هو جن تي مختلف قسم جا نقش نگار بنايا ويندا هئا.مينار جي مٿئين طرف هڪ خلا جوڙي ان تي مرڻ واري جو تابوت رکيو ويندو هو جتي اهو هڪ سال تائين پيل رهندو هو ۽ جانورن جي خوراڪ بڻيو رهندو هو. آسٽريليا جا مقامي رهاڪو مردن جا جسم ڳاري انهن کي ڪنهن غار يا وڻ جي خال ۾ رکي ڇڏيندا هئا.اوڀر ۽ اولهه ڪوئنس لينڊ،ڊارلنگ دريا جي طاس،موري دريا جي طاس ۽ آسٽريليا جي ڪجهه علائقن ۾ مردن جي لاشن کي سڪائي انهن جي باقيات کي سنڀالي رکڻ جي عجيب رسم موجود هئي.ميري نووا ماڻهو پنهنجي ڪنهن عزيز جي موت بعد ان لاش کي ڪنهن بلند چبوتري يا ڪنهن مٿانهين جڳهه تي پنن ۽ ٽارين سان ڍڪي رکندا آهن جتي اهو سال يا وڌيڪ وقت لاء پيل رهندو آهي ايستائين جو اهو پوريء طرح سڙي ۽ ڳري وڃي.پوء ان تي ڳاڙهو گيرو ملي اهي هڏيون ڪنهن غار يا وڻ جي خال ۾ رکيون وڃن ٿيون.
زرتشتي روحاني پاڪيزگيء سان گڏ جسماني پاڪيزگيء تي به گھڻو زور ڏين ٿا.هنن مطابق مرڻ بعد جسم گندو ٿئي ٿو ۽ بد روحن جي جاء به بڻجي سگھي ٿو ان ڪري ان کي پاڪ ڪرڻ ضروري آهي.انهن وٽ آخري رسمن جي شروعات لاش کي پاڪ ڪرڻ جي عمل سان ٿئي ٿي جنهن جي صورت اها آهي ته ان کي گومز يعني مقدس ڍڳي جي پيشاب سان ڌوتو وڃي ٿو.ڪنهن به ماڻهوء کي لاش کي ڇهڻ جي اجازت نه هوندي آهي سواء انهن جي جيڪي دفن ۽ ڪفن تي مقرر ٿيل هجن. انهيء دوران هڪ ڪتي کي جنهنجو نالو سگديد هوندو آهي سڏيو ويندو آهي ان کي اتي ٻه ڀيرا آندو ويندو آهي ته جيئن لاش بد روحن کان محفوظ رهي.پوء هڪ  بلند مينار تي لاش رکيو ويندو آهي،ان جا ڪپڙا لاٿا ويندا آهن ۽ اهڙيء طرح ڪجهه ئي دير ۾ ڳجھون لاش کائي وينديون آهن. هڪ ٻي رسم مطابق مئلن کي مختلف ٽوڪرين ۾ وجھي انهن جي ڳوٺ جي پراڻن وڻن سان ٻڌو ويندو آهي.پنهنجن مردن کي ساڙڻ جي رسم اڄ به دنيا جي مختلف حصن ۾ رائج آهي.ان لاء ڪاٺين جو هڪ مٿانهون چبوترو جوڙي مردي کي ان تي ليٽايو ويندو آهي ۽ باهه لڳائي ويندي آهي پوء سڙيل لاش جي رک کڻي ڪنهن ٿانو ۾ رکي مرڻ واري جي عزيزن کي ڏني ويندي آهي جنهن کي اهي پاڻ وٽ محفوظ ڪري رکندا آهن.هندو مت ۾ رک کي گنگا يا ڪنهن ٻي نديء ۾وهائڻ جي به وصيت ڪئي ويندي آهي.
انڊونيشيا جي علائقي تانا توراجا ۾ جنازي جو خاص بندوبست ڪيو ويندو آهي،انهن وٽ تدفين جي تقريب ڳائڻ وڄائن،ناچ ۽ ڪيترن ئي مهمانن جي پر تڪلف دعوت تي ٻڌل هوندي آهي.انهن وٽ ان سبب موت هڪ مهانگو سودو آهي جنهن تي گھڻي رقم خرچ ٿئي ٿي.
بکن وگھي مرڻ هڪ محاورو سهي پر جاپان جي ڪجهه ٻڌ ڀڪشن ۾ اهو به موت جو هڪ رائج طريقو آهي.هونئن ته جاپان ۾ آپگھات به هڪ رسم آهي پر اهي ڀڪشو خودڪشيء لاء هڪ خاص طريقو اختيار ڪن ٿا جنهن سان نيٺ سندن جسم ڪنهن مميء جي شڪل اختيار ڪيو وٺي.ان عمل جي شروعات ۾ ڀڪشو رڳو ميوا کائيندا هئا ۽ سخت جسماني مشقت ڪندا هئا.جسم جي وڌيل چرٻي ختم ٿيڻ بعد ٻيو مرحلو شروع ٿيندو هو جنهن ۾ ڀڪشو کي آهستي آهستي زهر ڏنو ويندو هوجنهن سان انهن کي گھڻي الٽي ايندي هئي ۽ جسم جون رطوبتون خارج ٿينديون هيون.اهو مرحلو هڪ هزار ڏينهن تائين وڻن جي کل.پاڙون ۽ زهريلي چانهه پيارڻ تي ختم ٿيندو هو.آخري مرحلي ۾ ڀڪشو هڪ پٿر ۾ داخل ٿي چوڪڙي ڄمائي موت جي انتطار ۾ ويهي رهندو هو.اهو روزانو هڪ گھنٽي وڄائيندو هو جيڪا سندس ساٿين لاء سندس زندهه هئڻ جون ثبوت هوندي هئي ۽ پوء جڏهن گھنٽيء جو آواز اچڻ بند ٿي ويندو هو ته سمجھبو هو ته ڀڪشو مري چڪو آهي پوء مقبري کي مهر بند ڪيو ويندو هو ۽ ايندڙ هڪ هزار ڏينهن جووڌيڪ انتظار ڪرڻ بعد ان مقبري کي کولي ڀڪشوجي ممي بنجڻ جي تصديق ڪئي ويندي هئي.
ڏکڻ ڪوريا ۾ 2000ع ۾ پاس ٿيل قانون مطابق هر مرڻ واري جي عزيزن تي لازم آهي ته اهي موت جي سٺ سالن بعد پنهنجي فوت ٿيلن کي قبر مان ڪڍن.ڪيترا اهڙا ادارابه آهن جيڪي مردن جي باقيات کي جواهرن جهڙن موتين ۾ بدلائي ڇڏين ٿا جن جو رنگ گلابي،ڪارو يا فيروزي ٿي سگھي ٿو.اهي موت جا موتي وڻندڙ ٿانون ۾ رکي گھرن ۾ سجايا وڃن ٿا. ڪربت جي جزيري ۾ مردي کي دفن ڪرڻ کان اڳ ڪيترن ئي ڏينهن تائين گھر ۾ ليٽائي رکبو آهي ۽ پوء دفن ڪيو ويندو آهي.دفن ڪرڻ کان ڪيئي مهينا پوء قبر کوٽي کوپري ٻاهر ڪڍي ويندي آهي۽ باقي شيون واپس دفن ڪيون وينديون آهن.ان کوپريء کي تيل ۽ روغن لڳائي پوء تماڪ ۽ کاڌو وغيره پيش ڪيو ويندو آهي.جزيري جا ماڻهو ان کوپريء کي پنهنجن گھرن جي ديوار تي جڙيل تختن تي سجائيندا آهن. مصر ۾ لاش کي حنوط ڪري ان جي ممي جوڙي ويندي آهي ته جيئن ان جو جسم موسمي حالتن کان محفوظ رهي.
عيسائيت،يهوديت ۽ اسلام سميت ڪيترائي مذهب اهڙا آهن جن ۾ مئلن جي آخري آرامگاهه قبر کي سمجھيو وڃي ٿو.پنهنجن مردن کي مذهبي تعليم ۽ خاص ثقافت هيٺ وهنجاري ڪفن پهرائي زمين ۾ کڏ کوٽي دفن ڪيو ويندو آهي.عيسائيت جي ڪجهه فرقن ۾ مردي کي ساڙڻ جي به اجازت ڏني ويئي آهي.يهوديت ۾ ساڙڻ جي سخت منع آهي.مردي کي چڱيء طرح وهنجاري هن جي پاڪيء لاء دعائون پڙهيون وينديون آهن ۽ هن کي سفيد ڪفن ۾ ويڙهي صندوق ۾ رکي مردي کي دفن ڪيو وڃي ٿو.
اسلام ۾ مردي کي خاص احترام حاصل آهي.مردي کي وهنجاري سهنجاري سفيد ڪفن ڍڪيوويندو آهي.مرد جو ڪفن ٽن ڪپڙن جڏهن ته عورت جو ڪفن پنجڻ ڪپڙن جو ٿئي ٿو.ڪفن اڇي رنگ جو ۽ اڻ سبيل ٿيندو آهي.جڏهن ته شهيد کي سندس پنهنجي لباس ۾بنان غسل جي دفن ڪيو ويندو آهي .دفن ۾ جلدي ڪئي ويندي آهي. 
(روزاني مهراڻ)

Monday, July 8, 2019

هي مدي خارج نظام آخر ڪيستائين هلندو؟



شفيق الرحمان شاڪر
دنيا جي هر ٻي شيء وانگر ڪنهن نظام جو به ڪو خاص عرصو يا مدو ٿيندو آهي جڏهن اهو مدو پورو ٿي وڃي ته ان کي ”مدي خارج نظام“ چئبو آهي.دنيا ۾ جهڙي تيزيء سان تبديليون اچي رهيون آهن ۽ عالمي برادري ۽ ملڪن جون نيون صف بنديون ٿي رهيون آهن ۽ قومن کي جيڪي نوان چيلينج ۽ بحران سامهون آهن انهن حالتن ۾ رڳو اهي قومون ۽ ملڪ ئي دنيا جي نقشي تي زندهه رهي سگھن ٿا جيڪي پنهنجن سياسي،سماجي،عدالتي ۽ معاشي نظامن کي بدلجندڙ وقت ۽ حالتن مطابق سڌارڻ ۽ سنوارڻ جي جرئت ۽ صلاحيت رکندا هجن.گڏيل طور تي نظام جمهوري هجن يا بادشاهي يا آمراڻا پر بنيادي اهميت اتان جي عوام جي خوشحالي ۽ معاشي اطمينان کي حاصل آهي.جن به ملڪن ۾ نظام ماڻهن کي سندن بنيادي حق ۽ زندگيء جون بنيادي سهوليتون مهيا ڪرڻ ۾ ناڪام وڃن ٿا اهي ملڪ يا رياستون سدائين اندروني ۽ بيروني سلامتيء جي معاملن ۽ تشويش ۾ ڦاٿل رهن ٿيون.رياست قائم ڪرڻ جي ضرورت ئي ان ڪري پيش ايندي آهي ته جيئن جھنگ جو قانون نه هلي،ڏاڍن سان گڏ ڪمزور طبقا به هر طرح محفوظ هجن ۽ ماڻهن جو پنهنجي رياست تي اعتماد ۽ ڀروسو هجي،انهيء مان ئي حب الوطني جنم وٺندي آهي.جتي پورو سماج معاشي اڻ برابري،قانوني هيٺ مٿانهين ۽ سياسي افراتفري جو شڪار هجي ۽ هر طرف ناانصافيء جو راڄ هجي اتي حب الوطنيء جا جذبا رڳو ڏنڊي جي زور تي پيدا ڪري نٿا سگھجن.پاڪستان جي ستر سالا تاريخ اهڙين ناانصافين سان ڀري پيئي آهي جتي هڪ خاص طاقتور ۽ چالاڪ طبقو ملڪ ۽ عوام جي سمورن وسيلن تي قابض رهندو ٿو اچي.هتي جمهوريت يا آمريت جو بحث ئي لا حاصل آهي جو هتي اشرافيا جو هڪ خاص طبقو آهي جيڪو ڪڏهن آمريت ته ڪڏهن جمهوريت جو ويس ڍڪي ملڪ ۽ عوام سان عظيم ڏاڍ ۽ ظلم ڪندو رهيو آهي.اهي هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن.انهن جون سوچون،نظريا ۽ رويا ساڳيا آهن.انهن ڪڏهن به عوام کي اڄ تائين اصل طاقت تسليم ئي ناهي ڪيو بلڪه اهي پنهنجو پاڻ کي بادشاهه ۽ ٻي مخلوق کي رعايا سمجھندا رهيا آهن ۽ اڄ به سمجھن ٿا.اهو ئي سبب آهي جو انهن پهرئين ڏينهن کان يا ته انگريزن واري سامراجي نظام کي جاري رکيو يا وري جيڪر نظام ۾ ڪجهه تبديليون ڪيون به سهي ته اهي رڳو عوام کي معاشي،تعليمي ۽ سياسي طور تي وڌيڪ پوئتي ڌڪڻ ۽ پنهنجي اقتدار ۽ طاقت کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم بنائڻ لاء هيون.انهن ڪڏهن به جديد دور جي گھرجن موجب عوام جي لاء ڪي بنيادي تبديليون نه آنديون ۽ نه ئي آڻڻ جو ڪو ارادو آهي.وقت بوقت حڪومتون ۽ چهرا ته ضرور بدلبا رهيا آهن پر نظام اهو ئي ساڳيو،پاليسيون ۽ ايجنڊا به ساڳي يعني عوام کي سدائين غريب،جاهل ۽ بدحال رکجي جو اهي پنهنجي پيٽ جو دوزخ ڀرڻ ۾ ئي ايترا ڦاٿل رهن جو انهيء اشرافيا جي ڪارن ڪرتوتن متعلق سوچي به نه سگھن.زندگيء جي هر شعبي ۾ انهن اهڙو نظام جوڙيو جيڪو رڳو امير ۽ حڪمران طبقي کي ئي مدد ۽ تحفظ فراهم ڪري سگھي.ٿورو اسان جي عدالتي نظام تي ئي غور ڪريو ته ڇا هڪ بي پهچ ماڻهوء لاء اهو عملي طور تي ممڪن آهي ته آسانيء سان تڪڙو انصاف حاصل ڪري سگھي.خود عدالتن جي اعليٰ ڪرسين تي ويٺل منصف به اهو تسليم ڪندا رهيا ته ملڪ جو عدالتي نظام مدي خارج آهي پر اڄ تائين ان نظام کي اپ ڊيٽيڊ ڪرڻ لاء هيستائين ڪهڙا قدم کنيا ويا؟اهو ئي حال پوليس ۽ ٻين جاچ ادارن جو آهي.اهي ادارا جن جي ذميداري آئين مطابق ماڻهن کي تحفظ ڏيڻ لکي ويئي آهي اهي ئي عوام جي لاء آزار بڻيل آهن.ٽيڪسن جي نظام طرف اچو ته طاقتور ۽ دولتمند طبقو ٽيڪس ڏئي نٿو جنهن ڪري سمورن ٽيڪسن جو بار اڻ سڌي طريقي سان عام ماڻهن تي ئي پيل آهي جنهن ڪري مهنگائي جي مصيبت ڪڏهن به نٿي گھٽجي.عام ماڻهن کان وصول ٿيندڙ اهو ٽيڪس عوامي ڀلائيء جي منصوبن تي خرچ ٿيڻ بدران انهيء ئي رعايت يافتا طبقي جي عيش عشرتن ۽ شاهي شوقن تي خرچ ٿي وڃي ٿو ۽ عوام شروع کان ٻن وقتن جي مانيء لاء پريشان رهندو ٿو اچي.سياسي نظام جي ڳالهه ڪجي ته اسان مان هرڪو مختلف حڪومتن تي ته تنقيد ڪندو رهيو آهي پر ڪڏهن رياست کان اهو سوال نٿو ڪيو وڃي ته آخر اها اڄ تائين پنهنجن شهرين کي ڪو فلاحي سماجي  ۽ سياسي نظام مهيا ڪرڻ ۾ ڇو ناڪام رهي آهي؟ اهڙو نظام مهيا ڪرڻ جي بنيادي ذميداري رياست جي ٿئي ٿي حڪومت جي نه! حڪومت ته رياست جو هڪڙو حصو آهي جيئن فوج،عدليا،پارليامينٽ،نوڪر شاهي ۽ ميڊيا وغيره رياست جو حصو آهن.جڏهن رياست جو نظام ئي درست نه هوندو ته حڪمران اوهين هزارين بدلايو نتيجو اهو ئي نڪرندو جيڪو هن وقت تائين نڪتو آهي.جڏهن رياست ڪو مضبوط ۽ فائديمند نظام عوام کي مهيا ڪري نه سگھندي آهي ته پوء ملڪ ۾ ڪيترائي متبادل نظام ۽ خطرناڪ مافيائون پيدا ٿيڻ هڪ فطري عمل آهي.ماڻهن کي جڏهن انصاف نه ملندو آهي ته پوء انصاف جي لاء ڪيئي متبادل رستا ايجاد ٿيندا آهن ۽ رياست مخالف ڌريون ۽ قوتون مانهن جي احساس محروميء کي ڀڙڪائي  انهن کي رياست مخالف رستي تي آسانيء سان لڳائي وٺڻ ٿيون.”غدار“ ۽ ”ملڪ دشمن“ جا ماڻهن تي ٺپا لڳائڻ ته دنيا جو آسان ڪم آهي پر ڪڏهن رياست انهن سببن جو سد باب ڪرڻ جي به ڪڏهن ڪا سنجيده ڪوشش ڪئي آهي جيڪي رياست مخالف جذبا پيدا ٿيڻ جو جواز بڻجن ٿا.آمريتن ته هن ملڪ کي رڳو برباد ئي ڪيو آهي پر ملڪ ۾ هن وقت تائين جيڪو نام نهاد جمهوري نظام هليو آهي ڇا انهيء ۾ عام ماڻهن جي ڪڏهن اقتدار ۽ اختيار۾ حقيقي شرڪت رهي آهي؟ ملڪي سطح تي ٿيندڙ فيصلن ۾ عوام جو ڪيترو حصو رهيو آهي؟ماڻهن کي گھر جي درن تي ڪهڙيون زندگيء جو سهوليتون ملي سگھيون آهن؟عوام جي سڀني سورن ۽ دردن،مسئلن ۽ مصيبتن ،محرومين ۽ مشڪلن جو احساس ڪرڻ صرف ۽ صرف رياست جي ذميداري آهي ۽ افسوس اهو جو اڄ تائين رياست پنهنجون اهي ذميداريون پوريون نه ڪري سگھي آهي.هن وقت بلڪه ماضيء ۾ به احتساب ۽ انصاف جا نعرا لڳندا رهيا آهن،مختلف حڪمرانن ۽ شخصيتن تي مختلف الزام لڳندا رهيا آهن،معاشي ڦرلٽ،ملڪ دشمني ۽ بغاوت جون ڳالهيون به رياستي ادارن طرفان ٿينديون رهيون آهن پر هيستائين ڇا ٿيو آهي؟ ڪيترن تي اهي ڏوهه ثابت ٿي سگھيا آهن ۽ ڪيترن کي هي مدي خارج نظام سزائون ڏيئي سگھيو آهي ۽ ڪيترن ڦورن کان عوامي پئسو واپس وصول ٿي سگھيو آهي؟اسان وٽ ته اين آر او ۽ معاهدن جي هڪ شرمناڪ تاريخ به رهي آهي ۽ ان کي وقت بوقت ورجايو به ويو آهي.عوام آخر انهن دعوائن ۽ الزامن جو ڇا ڪري جن جو نتيجو ڪنهن نه ڪنهن اين آر او جي صورت ۾ ئي نڪرڻو آهي.انهن گرفتارين مان عوام کي ڪهڙو فائدو آهي جيڪي اڄ نه ته سڀاڻي باعزت طريقي سان بري ٿيڻا آهن.انهن ڦوڪن،بيانن ۽ لٻاڙن مان عوام جو پيٽ ته ڀري نٿو سگھجي.چوڻ لاء ته گذريل پندرهن سالن کان لاڳيتو ”جمهوري“ حڪومتون ڪم ڪنديون رهيون آهن پر عوام کي اڄ تائين ان جمهوريت مان ڇا هڙ ۽ حاصل ٿيو آهي؟آخر ڪار چيو اهو پيو وڃي ته ملڪ معاشي ڏيوالپڻي جي ڪناري تي پهچي چڪو آهي جنهن ڪري مهنگائي ۽ ٽيڪسن جو سمورو بار اڄ به اڪيلو غريب ماڻهن تي لڏيو پيو وڃي.جن مبينا طور تي ملڪ کي ان انجام تي رسايو سي اڄ به معتبر ۽ معزز بڻجي وڪٽريء جا نشان ڏيکاري رهيا آهن.چوڻ لاء ته هن وقت به ”فرشتن“ جي حڪومت آهي پر گذريل يارهن مهينن ۾ ڪو هڪڙو ڪارنامو ته ڏيکارجي جيڪو حڪمرانن خالص عوامي ڀلائيء لاء سرانجام ڏنو هجي.اسيمبليون ڪم ڪري رهيون آهن پر ڪهڙو؟عوام جي نظر ۾ حڪومت توڙي پارليامينٽ بلڪل اڻ لاڳاپيل بڻجي ويا آهن،عوام جي انهن سان ڪا دلچسپي نه رهي آهي.هاڻي ته ماڻهن جو عدالتي ۽ احتسابي نظام تي ڪجهه وقت اڳ بحال ٿيل ٿورو گھڻو اعتماد به ختم ٿي رهيو آهي.اها سموري صورتحال واضح ڪري ٿي ته رياست جو هاڻوڪو پورو نظام ئي سڙي ڳري چڪو آهي ۽ اهو وڏي ڌماڪي سان ڪنهن به وقت ڪرڻ وارو آهي.اسان حڪومتي نظام جي ڳالهه نٿا ڪيون بلڪه پوري گڏيل نظام جي ڳالهه آهي.جن کي جيلن ۾ هجڻ گھرجي سي باعزت طريقي سان نه رڳو اسيمبلين ۾ ويٺا آهن پر ملڪي نظام جي سڌاري لاء صلاحون ۽ ڀاشڻ به ڏيئي رهيا آهن.جن تي ملڪي خزاني سان مڪروهه راند ڪرڻ جا الزام آهن اهي پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽين جا سربراهه بڻجي ٻين ادارن کي پنهن جي سامهون پيش ٿيڻ جا حڪم جاري ڪري رهيا آهن.معيشت جي سڌاري لاء ورتل ڪوششن جي سمورين دعوائن باوجود ملڪي معيشت ڏينهون ڏينهن وڌيڪ برباديء طرف وڌي رهي آهي ۽ ايندڙ هر ڏينهن مسئلن کي وڌيڪ منجهائي رهيو آهي.حقيقت اها آهي ته هي نظام ڪري رهيو آهي.ان نظام کي بچائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي پيئي وڃي پر ديوار تي لکجي چڪو آهي ته هي سڙيل،ڳريل ۽ مدي خارج نظام وڏي ڌڙام سان ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو آهي.جيڪر ڪنهن ان نظام جي مرمت ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي ته اها عمارت ان جي مٿان ڪرڻ جو انديشو آهي.دنيا ۾ نه ته رياستون ان طريقي سان هلنديون آهن ۽ نه ئي اهو فطري اصولن مطابق آهي.هن مملڪت خداداد پاڪستان کي اڳتي نڪرڻو آهي تنهن ڪري يقين آهي ته هن بدبودار نظام جي عمارت ترت ئي زمين بوس ٿيڻي آهي .پنن ڇڻڻ جي موسم شروع ٿي چڪي آهي ۽ هن نظام جي وڻن جا سمورا پيلا پن جڏهن ڇڻي ويندا ته ايندڙ بهار پنهنجي پوري جوڀن سان نين ۽ تندرست مکڙين جو تحفو کڻي ايندي.اهو نظام ڪيئن ايندو ۽ ڪير آڻيندو اسان کي پتو ناهي پر اهو طيء آهي ته نئين عمارت جي اڏاوت لاء پراڻي عمارت جي بربادي ضروري هوندي آهي ۽ اها عمارت هاڻي ڪرندي محسوس ٿي رهي آهي. ،انهيء ڪري اجايو نااميد ٿيڻ جي به ضرورت ناهي!
(رپزاني عوامي آواز)

Thursday, July 4, 2019

ايف ايم ريڊيو جي دنيا...!



شفيق الرحمان شاڪر
ايف ايم ريڊيو چينل اچڻ سان هڪڙو فائدو ضرور ٿيو آهي جو ڇوڪريون ويچاريون جيڪي گھرن ۾ ويٺيون رهنديون هيون ۽ ماء پيء جي ڊپ وچان ڪنهن غير مرد سان ڳالهه ٻولهه ئي نه ڪنديون هيون هاڻي رات سڪون سان ڪنهن ”ادي جنيد“ سان آن ايئر ڳالهيون به ڪن ٿيون،سندس آواز جي تعريف به ڪن ٿيون ۽ پنهنجي پسند جو گانو به ٻڌي وٺن ٿيون.”ادو جنيد“ به پنهنجي آواز کي وڌيڪ پرخمار بڻائي پندرهن سو روپين ۾ رات جو ٻن ڪلاڪن تائين آهون ڀريندو رهندو آهي ۽ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش  ۾ پوريء طرح ڪامياب ويندو آهي ته هو ڪنهن ”رومانٽڪ “ شخصيت جو مالڪ آهي ۽ ساغر صديقيء کان ناصر ڪاظميء تائين هن جا نهايت ئي ويجھا لاڳاپا رهيا آهن.رات جي ميزبانن کي وحيد مراد ۽ ڏينهن جي ميزبانن کي شوخ ۽ لاپرواهه شاه رخ بنجڻ جو جنون هوندو آهي. ڏينهن جو اهي مائيڪ وات جي اندر وجھي اهڙي ته خوش خوش ۽ تيز گفتگو ڪندا آهن جو ڪو ماء جو لال اندازو نه ڪري سگھندو ته ويهه منٽ پهرين اهو ڍالي ۾ لٽڪي اسٽوڊيو پهتو آهي.ڪيترين ئي ميزبان ڇوڪرين جي ته ڳالهه ڳالهه تي ايتري کل نڪري ويندي آهي جو ريڊيو ٻڌندڙ ڏند پيهي سندس زال کي پٽڻ لڳندو آهي.انهن مان گھڻيون اهي هونديون آهن جن جون شڪليون سندن آواز جي بلڪل ابتڙ هونديون آهن.گھر ۾ مڙس انهن سان ڊڄندي ۽ هٻڪندي ٿوري به پيار جي ڪا ڳالهه ڪري ته مٺيون ڀڪوڙي سندس پويان پئجيو وڃن پر آن ايئر اهڙي ته محبت سان فون ڪالس جو جواب ڏينديون آهن جو ”چوهڙ جي زبير“ جي هڪ دفعو به ڪال ملي وڃي ته سڄو ڏينهن پنهنجي پان جي مانڊڻيء تي ويٺو حسين خيالن ۾ گم رهندو آهي.ايف ايم ريڊيو سبب حڪيمن جي به چاندي ٿي ويئي آهي.حڪيمن پورا پورا پروگرام نشر ڪرڻ شروع ڪري ڏنا آهن ۽ انهن ”حڪيمي پروگرامن“ ۾ اڪثر حڪيم صاحب ۽ ”صائما جي“ پري پري جي ”مايوس“ مريضن کي نه رڳو دوائون پارسل ڪندا آهن پر انشاءالله انشاءالله چوندي بواسير کان هارٽ اٽيڪ تائين جو آن ايئر علاج به تجويز ڪري وٺندا آهن.صائما جي پاڻ به حڪيم صاحب کان گھڻو متاثر نظر ايندي آهي.وقت بوقت سندس بيمارين جو علاج به پڇندي رهندي آهي ۽ جذبات کان متاثر ٿي بار بار اعتراف به ڪندي آهي ته حڪيم صاحب تو منهنجو مسئلو ئي حل ڪري ڇڏيو.
ايف ايم ريڊيو سبب هاڻي گاڏين ۾ ٽيپ جي بدران ريڊيو گھڻو ٻڌو وڃي ٿو،گانا به سٺا لڳندا آهن پر حرام آهي جو ڪوبه گانو پورو ٻڌايو وڃي.اڌ کان مٿي گاني ۾ ميزبان سندس انٽري وجھي گاني جي ستيا ناس ڪري ڇڏيندا آهن.ڪيترا ئي شوقين قسم جا ميزبان ته گاني سان گڏ پنهنجي گلوڪاريء جو مظاهرو به ڪرڻ لڳندا آهن نتيجي ۾ سونون نگم به برو لڳڻ لڳي ٿو.ايف ايم ميوزڪ جو اهڙو نئون ٽرينڊ متعارف ڪرايوآهي جو هاڻي ڳالهه ٻولهه دوران به هر خالي جڳهه تي ميوزڪ وڄڻ شروع ٿي وڃي ٿي.ان جو هڪڙو فائدو ضرور ٿيو آهي جو ميزبان جيڪر ڇهه سٽون به ياد ڪيو ويٺو هجي ته ڳالهه ٻولهه ۾ اڌ ڪلاڪ ته سولائيء سان گذريو وڃي.ڪنهن ڳالهه ۾ ميوزڪ وجھي ايترو ته پکيڙيو وڃي ٿو جو پوري ڳالهه ٻڌڻ لاء ڪن سڪيو وڃن.مثال اوهان جيڪر ڏينهن جو ريڊيو آن ڪيو آهي ته  گفتگو ڪجهه هن قسم جي هوندي؛ ”جي لسنرز آئون آهيان اوهان جو ڀاء،اوهان جو ڀائيٽو،اوهان جو ڀاڻيجو،اوهان جو چاچو،اوهان جو مامو،اوهان جو دوست،اوهان جو ساٿي،اوهان جو همراز..لسنرز اڄ نهايت ئي وڻندڙ ڏينهن آهي ۽ ان ڏينهن جي مناسبت سان مون اڄ هي ميوزڪ.. ايتري دير ۾ ته ماڻهو هوند آفيس يا گھر مان ٿي موٽي اچي.ايف ايم تي هر اهو ماڻهو ڪامياب ”ڊي جي“ بنجي سگھي ٿو جنهن ڏيڍ ٻه سال لاري اڏي تي ”دادو لاڙڪاڻو“ جا آواز لڳايا هجن يا بسن ۾ چورن وڪيو هجي.ساهه کڻڻ سواء ڳالهائڻ جو فن ايف ايم جي ميزبان کان وڌيڪ ٻئي ڪنهن کي نٿو اچي.ايف ايم ۾ موجود ڊي جي گھڻي ڳالهائڻ جا ايترا ته عادي ٿي چڪا آهن جو جيڪر اهي ڪجهه منٽن لاء چپ ٿي وڃن ته مري وڃن.ڌڙا ڌڙ ايندڙ ايف ايم ريڊيو چينلن ”هي ريڊيو پاڪستان آهي“ جهڙي خوبصورت آواز کي به دٻائي ڇڏيو آهي.هاڻي عشق ڪرڻ جا طريقا،ڪاوڙيل ڇوڪريء کي پرچائڻ جا طريقا ۽ دل جو حال شعرن ۾ ٻڌائڻ جي ذميداري ايف ايم ريڊيو وارن سنڀالي ورتي آهي. گھريلو پابندين ۾ جڪڙيل ڇوڪرا ڇوڪريون دل کولي پنهنجي وڻندڙ شخصيت سان گفتگو ڪن ٿا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ايئن لڳندو آهي ته ڪال ڪندڙ کي وسري ويو آهي ته اها ڪال آن ايئر به وڃي رهي آهي.انهن سمورين ڳالهين باوجود هڪ ڳالهه جو ڪريڊٽ ايف ايم ريڊيو چينلز کي ضرور ملڻ گھرجي جو انهن ريڊيو کي وري زندهه ڪري ورتو آهي نه ته ريڊيو پاڪستان جو ڪم رڳو ايترو رهجي ويو هو ته مارڪيٽن جا اگھه،حڪومتي موقف تي ٻڌل ٽاڪ شوز ۽ بور قسم جا گانا بار بار ٻڌايا وڃن.مون پنهنجي هڪ ڊي جي دوست کان پڇيو ته تون روزانو ساڍا ڇهه ڪلوميٽر ڳالهائين ٿو ته ٿڪين نٿو؟ اطمينان سان جواب ڏنائين جڏهن گھر ۾ ڪو ڳالهه ٻڌڻ وارو ئي نه هجي ته پنهنجو ٽيلنٽ آزمائڻ لاء ايف ايم جو ڊي جي بنجڻ کان وڌيڪ ٻيو زبردست ڪم ٻيو ڪهڙو ٿي سگھي ٿو؟ منهنجي خيال م صحيح ٿو چوي،روزانو پندرهن ويهن خوبصورت آوازن سان گپ لڳائڻ جو مزو ئي پنهنجو آهي.دنيا ترقي ڪري آهي،هاڻي گھر ويٺي ئي دنيا جي ميلي ۾ شامل ٿي سگھجي ٿو ۽ ”ادي جنيد“ سان نه رڳو پاڻ ڳالهه ٻولهه ڪري سگھجي ٿي پر ”باجي“ جي ڳالهه به ڪرائي سگھجي ٿي.رات جوڪنهن به لمحي ٿورو ايف ايم چينل ٽيون ڪيو ۽ ڪالرز جي گفتگو ٻڌو،اوهان کي لڳندو ته ڄڻ ڊي جي ۽ خاتون ڪالر باغ جناح ۾ فروٽ چاٽ کائيندي دل جون ڳالهيون ڪري رهيا هجن.رات هڪ خاتون ڪنهن ميزبان کي چئي رهي هئي”پيارا ڀاء!..هاڻي ته اوهان جو آواز نه ٻڌان ته مون کي ننڊ ئي نٿي اچي!“
(روزاني هلال پاڪستا

Wednesday, July 3, 2019

عوام سان گڏ ڪير بيٺل آهي؟



شفيق الرحمان شاڪر
ايئن ٿو لڳي ته ملڪي سياست مان قداور شخصيتون ئي هي جهان ڇڏي چڪيون آهن ۽ پويان خبر ناهي باقي ڇا رهجي ويو آهي.هڪڙي ڏينهن اصولن ۽ نظرين جا بلند مينار ٺهن ٿا ته ٻئي ڏينهن مفادن،مصلحتن ۽ مفاهمتن جو زلزلو کين زمين بوس ڪري وجھي ٿو.ڪڏهن ڪڏهن وقت ۽ تاريخ اهڙو دل ڏاريندڙ منظر ڏسڻ ڪجهه دير لاء بيهي رهن ٿا بلڪل انهيء وهندڙ پاڻيء جيان جيڪو جڏهن بيهي رهي ٿو ته ان ۾ موجود سمورو گند ڪچرو تري اچي ڪناري سان لڳي ٿو ۽ هر شيء جي اصل سچائي سامهون اچي وڃي ٿي.چوڻ لاء ته اسان جي سياسي خزاني ۾ هن وقت به ڪيئي نيلسن منڊيلا،طيب اردگان ۽ مهاتير موجود آهن پر جڏهن وک وک تي اصولن جو جنازو نڪري ٿو ۽ قدم قدم تي نظرين جي قبر کڄي ٿي ته اهو احساس پختو ٿيڻ لڳي ٿو ته نه ته اسان وٽ جمهور جي ڪا سچي نمائندگي آهي،نه جمهوريت جو ڪو روح موجود آهي نه ئي جمهوري قدرن جو ڪو ڀرم.اعلان ٻڌو ته ڪيئي جمهوري جوڌا ۽ سياسي سورما سر تريء تي رکي  عوام جي عشق ۾ آزمائشن جي بٺي ۾ ٽپو ڏيئي سر ساهه صدقي ڪرڻ لاء تيار آهن پر جڏهن مفادن جي زنجير ڇڪجي ٿي ۽ مصلحتن جا ٻنڌڻ ڪسجن ٿا ته اصول،نظريا ۽ اعلان منهن مٿو پٽيندي ئي رهجي وڃن ٿا.پاڪستان جي ستر سالا تاريخ ۾ هن بدنصيب عوام کي ڪجهه ته انهن ڏوهن جي سزا ملي رهي آهي جيڪي هنن ڪيا ئي ناهن پر ڪجهه عوام جا پرڪار به اهڙا رهيا آهن جن جي نتيجي ۾ انهن سان اهو ئي سلوڪ هئڻ کپندو هو جيڪو هنن سان ٿيندو رهيو آهي.اتڪائي،عجلت،غير سنجيدگي ۽ جذبات جو اهو عالم آهي جو ڪجهه ڏينهن پهرين پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم طرفان ميچ هارائڻ تي ٽيم مٿان هر طرف کان لعنت ۽ ملامت جي برسات ٿيندي رهي،ايستائين جو رانديگرن جي فيمليء کي به بخش نه ڪيو ويو پر ڪجهه ڏينهن بعد جڏهن ساڳي ٽيم ميچ کٽي ته هر طرف کان تعريف ۽ واکاڻ جون پلون ٻڌجي وييون.اسان پنهنجي عام سياسي توڙي سماجي زندگيء ۾ به اهو ئي رويو رکندا اچون.هر ايندڙ جو پرجوش استقبال ۽ هر ويندڙ تي گارين جو وسڪارو اسان جو قومي مزاج بڻيل آهي.ان ۾ ڪهڙي شڪ شبهي جي گنجائش آهي ته عام ماڻهن جي مهنگائيء جيڪا حالت ڪئي آهي انهيء ۾ ساهه کڻڻ سوڙهو ٿي پيو آهي ۽ ستم ظريفي اها جو اها مصيبت هڪ هنڌ بيهڻ يا ٽڪڻ جو نالو ئي نه ٿي وٺي.اهو ڏينهن ناهي جنهن ڏينهن تي اها خبر ٻڌڻ لاء نه ملي ته فلاڻي شيء جون قيمتون وڌايون وييون آهن يا وري روپئي جي قيمت ڊالر جي مقابلي ۾ وڌيڪ ڪري پيئي آهي پر مجال آهي جو عوامي ڀلائيء جي دعويدار حڪمرانن تي جونء به سرندي هجي.شايد حڪمران اهو سوچي حيران ٿيندا هجن ته ايڏن عذابن ۽ اذيتن ڏيڻ باوجود اڃا تائين عوام مري ختم ڇو ناهي ٿيو.اها ته ٿي هاڻوڪن حڪمرانن جي بي حسي پر حڪومت مخالف اهي رهبر جيڪي عوام جي احساس ۾ ڳري ۽ سڙي رهيا آهن انهن ته ايڏيون دعوائون ڪيون جو ماڻهن سمجھيو ته اجھو ٿا هن حڪومت کي گھر ڀيڙو ڪن پر جڏهن تازو ٿيل اي پي سي جو اعلاميو سامهون آيو ته خبر پيئي ته
” لوگون ڪو يون  محوء سفر رکا، منزل ڀي بيچ دي اور بي خبر رکا.“
ان اعلاميي ۾ سڀ ڪجهه هو پر مهنگائيء کان ماڻهن کي نجات ڏيارڻ لاء جيڪر ڪو قابل عمل فارمولا سامهون آيو هجي ته ضرور ٻڌايو.ان سڄي اعلاميي ۾ ٻه اهم فيصلا ئي سامهون اچي سگھيا آهن ؛ پهريون ته سينيٽ چيئرمين کي تبديل ڪيو ويندو ۽ ٻيو اهو ته 25 جولاء تي مبينه ڌانڌلين خلاف ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو.هاڻي سمجهه ۾ اهو نٿو اچي ته انهن ٻنهي فيصلن سان مهنگائيء جو ڪهڙو درمان نڪرندو ۽ عوام جي آزارن ۾ ڪهڙي ڪمي ٿيندي؟ان جو مطلب اهو ٿيو ته عوام نه ته هاڻوڪن حڪمرانن جي لاء قابل ذڪر آهي ۽ نه ئي مخالف ڌر جي انهن عظيم مزاحمت ڪارن جي ايجنڊا تي آهي.انهن مان هر ڪنهن جا پنهن جا الڳ الڳ معاملا ۽ مسئلا آهن.عوام سان ۽ هڪ ٻئي سان ان کان وڌيڪ سنگين مذاق ٻي ڪهڙي ٿيندي جو جنهن وقت اهي اڳواڻ عوام جي درد ۾ ڪٺا ٿي ڪانفرنس ۾ خيالن جو اظهار ڪري رهياهئا ان وقت به انهن مان اهم اڳواڻن جي اقتدار ڌڻين سان ”مفاهمت“ واري فارمولي تي پردي پويان ڳالهيون هلي رهيون هيون ۽ جيڪي اڃا به هلي رهيون آهن.بلڪه اطلاعن مطابق هڪ اهم اڳواڻ جي کاتي ۾ ڪنهن ٽين ڌر طرفان ٽي ارب ڊالر خزاني ۾ جمع به ٿي چڪا آهن ۽ باقي ٽن ارب ڊالرن جي ڳالهه ٻولهه جاري آهي،جيڪر اهو معاملو خير خوبيء سان طيء ٿي ويو ته پوء ”جوڳي نه ڪنهن جا مٽ“ وانگر اجھو اڏام کٽولو آيو ۽ ڪنهن نئين نيلسن منڊيلا کي کڻي پرديس جي فضائن ۾ غائب ٿي ويو.اهڙيء طرح هڪ ٻي اهم جماعت جي اڳواڻ ته نهايت ئي سخاوت جو مظاهرو ڪندي گھڻو ڪجهه ڏيڻ تي راضپو ڏيکاريو آهي.سو روزانو حالتن جي ٻلي هڪڙو سياسي ڪوئو کائيندي ويندي ۽ باقي جيڪي معجزاتي طور تي يا بدقسمتيء سان بچي ويندا انهن کي ”نه خدا ملا نه وصال صنم” جي مصداق صرف روئڻ پٽڻ ئي نصيب ٿيندو.ڪهڙا اصول،ڪهڙا نظريا،ڇا جون تحريڪون،ڪهڙا لاڪ ڊائون ۽ ڌرڻا،عوام ڄاڻي ۽ عوام جو ڪم ڄاڻي،جي منجهن جيئڻ جو حوصلو هجي ته جي ڏيکارين ۽ جي نه ته خودڪشيون ڪن، بيمارين جو انتظار ڪن يا بکن وچان پاهه ٿي مرڻ جي تياري ڪن جو هي ديس فقط اشرافن جو آهي جن جي شرافت جو معيار وقت ۽ حالتن جي حساب سان روز بدلبو رهي ٿو.پر ان سموري بحث ۾ هڪ بنيادي  ۽ اهم سوال اهو ته رياست ڇا ڪري رهي آهي؟انهن جون سڀ خطائون ميثاق معيشت جي پوتر پاڻيء سان ڌوپي وينديون پر ڇا ٻارهن مئي جي مقتولن جا خون به معاف ٿي ويندا؟ ماڊل ٽائون جي سانحي جي شهيدن جا يتيم به آهون ۽ دانهون ڪندي هڪ ڏينهن زمين ۾ دفن ٿي ويندا؟ بلديا ٽائون جي فيڪٽريء ۾ جيئري ساڙيل اڍائي سو انسانن جو خون به لڙهي ويندو،ساهيوال واقعي ۾ قتل ٿيلن جا پويان به ڪنهن ميثاق معافيء جو انتظار ڪن؟جيڪر اهو ئي ڪجهه ڪرڻو هو ته پوء ايڏو تماشو لڳائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ غريب عوام جي خزاني مان ڪروڙين روپيا انهن جاچن ۽ جي آئي ٽيز تي خرچ ڪرڻ جي ڪهڙي کپت هئي؟ڇا ڊاڪٽر آصم ۽ عزير بلوچ جون جي آئي ٽي رپورٽون رڳو افسانو هيون؟ صولت مرزا جا بيان رڳو آکاڻيون هيون،رحمان ڀولا جا انڪشاف فقط سياسي راند کيڏڻ لاء هڪ هٿيار هئا؟ عابد باڪسر جا اعتراف سياسي بليڪ ميلنگ جو هڪ بهانو هئا؟هي ڪهڙو تماشو آهي جو رياست جڏهن چاهي ڪنهن کي ڏوهاري، دهشتگرد ۽ ملڪ دشمن قرار ڏيئي ڇڏي ته وري ڪجهه عرصي کان پوء انهن ئي ماڻهن سان صلح صفائي ڪري سڀ ڪجهه معاف ڪري ڇڏي.ڇا هن هيڏي سڄي ملڪ ۾ عوام نالي به ڪا مخلوق وسي ٿي يا رڳو اهي ئي طاقتور ڌريون آهن جيڪي هر معاملي ۾ عوام کي بائي پاس ڪري رڪ کي سون ۽ سون کي رڪ بنائڻ جي صلاحيت رکن ٿيون؟ رياست کي نيٺ اهو فيصلو ڪرڻو پوندو ته اها عوام جو ٿي ساٿ ڏئي يا ڪجهه بليڪ ميلر طبقن جو جيڪي هر طرح سان عوام کي آزاريندا، چپيندا ۽ چيڀاٽيندا رهيا آهن ۽ جن عوام جو جيئڻ جنجال بنائي ڇڏيو آهي.
(روزاني جيجل 2 جولائي 2019ع)

Monday, July 1, 2019

ماضيء جو آئينو؛ ڪانفرنس ۾ شريڪ ڪجهه اڳواڻن جو انجام!




شفيق الرحمان شاڪر
22 فيبروري 1974ع تي لاهور ۾ ٻي اسلامي سربراهي ڪانفرنس ٿي رهي هئي جنهن ۾ مسلمان دنيا جا سمورا اڳواڻ شريڪ هئا.ان ڏينهن شهرجو عجيب شان هو. دنيا جو هڪ عظيم سياسي ليڊر ذوالفقار علي ڀٽو ان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.اجلاس ۾ مسلمان دنيا جون سموريون قداور شخصيتون شريڪ هيون.ان وقت انهن کي اندازو نه هو  ته انهن سان اڳتي ڇا ٿيڻ وارو آهي.ڪجهه سالن بعد انهن مان ڪيترن ئي جي متعلق ڪجهه ڏکائتيون خبرون ميڊيا جون سرخيون بڻجڻيون هيون.ان جي شروعات سعودي عرب جي شاهه فيصل کان ٿي.25 مارچ 1975ع تي يعني ان اجلاس کان رڳو هڪ سال پوء شاه فيصل ڪوويت کان آيل هڪ وفد جي مهماني ڪري رهيو هو جنهن ۾ هن جو هڪ ويڳو ڀاء به موجود هو.هو شاه فيصل جي هڪ ٻئي ويڳي ڀاء  شهزادي خالد بن مسيد جو ڀاء هو.فيصل بن مسيد گذريل ڪيترن سالن .ان آمريڪا۾ رهي رهيو هو.انهيء ڏينهن هو شاه جي محل ۾ داخل ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو ۽ جيئن ئي شاه فيصل پنهن جي ويڳي ڀاء کي چمي ڏيڻ لاء اڳتي وڌيو ته فيصل بن مصيد پنهنجي کيسي مان پستول ڪڍيو ۽ ٽرگر دٻائي ڇڏيو.هڪڙي  گولي شاه فيصل جي کاڏيء ۾ لڳي جڏهن ته ٻي سندس ڪن ۾.شاه فيصل کي اسپتال نيو ويو پر سندس زندگي بچي نه سگھي.اهو سمجھيو وڃي ٿو ته فيصل بن مسيد پنهن جي ڀاء خالد بن مسيد جو بدلو وٺڻ لاء شاه فيصل کي قتل ڪيو جنهن کي 1966ع ۾ شاه فيصل خلاف احتجاج دوران هڪ پوليس آفيسر قتل ڪري ڇڏيو هو.قاتل کي 18 جون 1975ع تي سر عام موت جي سزا ڏني ويئي.
شاه فيصل جي شهادت کان رڳو پنجن مهينن کان به گھٽ عرصي ۾  بنگلاديش جي باني شيخ مجيب الرحمان کي سندس فوج طرفان قتل ڪيو ويو.مجيب 1974ع ۾ اسلامي ملڪن جي تنظيم جي رڪنيت لاء درخواست ڏني هئي ۽ هو ساڳئي سال لاهور ۾ ٿيندڙ سربراهي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ آيو هو.هن جي ان دوري پاڪستان ۽ بنگلاديش جي لاڳاپن ۾ موجود ڇڪتاڻ کي گھڻو ٿڌو ڪيو هو. 15 آگسٽ 1975ع تي ڪجهه فوجي سپاهي شيخ مجيب جي صدارتي محل ۾ داخل ٿيا ۽ کيس سندس ڪٽنب سميت قتل ڪيو ويو. شيخ مجيب جي ڪٽنب مان رڳو شيخ حسينا واجد ۽ سندس ڀيڻ شيخ ريحانا موت کان ان ڪري بچي ويون جو اهي ان وقت جرمنيء ۾ هيون.اها بغاوت ڪجهه فوجي آفيسرن ۽ شيخ مجيب جي عوامي ليگ جي ڪجهه ساٿين گڏجي سٽي هئي.عام طور تي اهو ئي سمجھيو وڃي ٿو ته اها سازش امريڪي انٽيليجنس اداري سي آئي اي ترتيب ڏني هئي.
اسلامي سربراهي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو اهم ۽ بنيادي ڪردار ادا ڪيو هو.هن جي سفارتي صلاحتين جي نتيجي ۾ ئي پوري دنيا جا مسلمان حڪمران ۽ اڳواڻ هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿيا هئا.پاڪستان ان وقت 1971ع ۾ ڀارت کان شڪست کائڻ ۽ بنگلاديش جي سانحي بعد پنهنجن پيرن تي ٻيهر بيهڻ جي جدوجهد ڪري رهيو هو.اها ڀٽي جي وڏي ڪاميابي هئي جو هن هڪ دفعو وري دنيا کي پاڪستان طرف متوجه ڪيو ۽ ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون جي فضا قائم ڪئي.ان طريقي سان هن دنيا ۾ پاڪستان جي اڪيلائي ختم ڪئي پر شيون سدائين وڻندڙ نٿيون رهن.1977ع ۾ ڀٽي جي پاڪستان پيپلز پارٽي عام چونڊون کٽيون.نون جماعتن جي حڪومت مخالف اتحاد چونڊن ۾ ڌانڌلين جا الزام هنيا ۽ حڪومت مخالف تحريڪ 5 جولائي 1977ع تي جنرل ضياء الحق جي مارشل لا تي ختم ٿي.ضيا حڪومت محمد علي قصوريء جي قتل ڪيس ۾ ڀٽي جو عدالتي ٽرائيل ڪرايو.عدالت ڀٽي خلاف فيصلو ڏيندي کيس موت جي سزا ڏني ۽ هن کي 4 اپريل 1979ع تي ڦاسي ڏني ويئي.عدالتي بينچ جي هڪ ميمبر جسٽس نسيم حسن شاه  بعد ۾ تسليم ڪيو ته ڀٽي جو قتل هڪ عدالتي قتل هو.
مصر جو انور سادات هڪ ٻيو مسلمان اڳواڻ هو جيڪو لاهور واري اجلاس ۾ شريڪ ٿيو هو ان کي هڪ فوجي پريڊ دوران اسلامي جهاد گروپ جي خالد اسلمبولي قتل ڪري ڇڏيو،اسلمبولي مصري فوج ۾ ليفيٽنٽ هو.سادات کي مارڻ جي فتويٰ هڪ نابين مذهبي عالم عمر عبد الرحمان کان حاصل ڪئي ويئي جيڪو گھڻي وقت تائين آمريڪا ۾ رهيو هو،جيڪو 18 فيبروري 2017ع تي ڪيرولينا ۾ گذاري ويو.
ياسر عرفات فلسطين لبريشن آرمي جو چيئرمين هو.هو پڻ 1974ع واري لاهور جي ان ڪانفرنس ۾ شريڪ هو.اسرائيل فلسطين تڪرار ۾ نهايت ئي اهم ۽ موثر ڪردار ياسر عرفات کي مبينا طور تي 2004ع ۾ اسرائيلي جاسوس اداري زهر ڏيئي ماري ڇڏيو.توڙي جو اهو موضوع اڃا وڏي بحث جو سبب آهي ته هن جي موت جو اصل سبب ڇا هو،پر اهو علمي طور تي تسليم ڪيو وڃي ٿو ته توڙي جو فلسطيني اڳواڻ جي رت ۾ ايڇ آئي وي جراثيم موجود هو پر سندس موت جو سبب زهر بڻيو.
ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙن مان معمر قذافي وڏن عالمي اڳواڻن مان آخري اڳواڻ هو جن کي قتل ٿيڻو هو. 20 آڪٽوبر 2011ع تي لبيا جي صدر ڪرنل معمر قذافي جنهن سيپٽيمبر 1969ع ۾ هڪ فوجي بغاوت ذريعي  ملڪ جون واڳن سنڀاليون هيون تنهن کي باغين گٽر جي هڪ پائيپ مان ڳولهي لڌو جنهن ۾ هو نيٽو جي بمباريء کان بچڻ لاء لڪيل هو.لبيا ۾ گھرو ويڙه ۽ طرابلس تي قبضي بعد قذافي هڪ هنڌان ٻئي هنڌ ڊڪندو رهيو.ان ڏينهن هو جيرف وادي ۾ پهچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو جو نيٽو بمبارن سندس قافلي کي نشانو بنايو.هن گٽر جي هڪ پائيپ ۾ پناهه ورتي ۽ سندس محافظ  باغين سان وڙهندا رهيا.هن کي اڳ ۾ ئي بمباريء دوران مٿي ۾ زخم آيا هئا.قذافيء کي قتل ڪيو ويو ۽ پوء سندس لاش گھٽين ۾ گهليو ويو.


.
..(روزاني عوامي آواز)