Thursday, May 30, 2019

عوامي بالادستي ۽ ادارن جي مضبوطي.



شفيق الرحمان شاڪر
جڏهن به ڪنهن  حڪمران جماعت خلاف ڪا تحريڪ هلي ٿي يا ڪنهن اڳوڻي حڪمران جماعت خلاف ڪا قانوني ڪاروائي ٿئي ٿي ته اها ان کي پنهنجي خلاف سازش قرار ڏئي ٿي ۽ پڪ سان ان جو اشارو اسٽيبلشمينٽ طرف ئي هوندو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي قيادت خلاف مني لانڊرنگ ڪيس يا وري نون ليگ قيادت خلاف پناما ليڪس وغيره معاملن کي ڏٺو وڃي ته اها ئي سازشن واري ٿيوري ورجائي پيئي وڃي.ٻئي  طرف سوشل توڙي عام ميڊيا تي به هڪ وڏو حصو اها ئي ڳالهه اڳتي وڌائي رهيو آهي پر معاملو ايترو سادو ناهي.  بدقسمتيء سان سولين ادارا نوڪرشاهيء سميت رياست سان وفاداريء بدران حڪمران پارٽيء سان وفاداريء جو حلف کڻي وٺندا آهن.بيوروڪريسيء کان ويندي پوليس تائين وزير اعظم،وزيرن مشيرن،قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن جي خدمت ۾ لڳل رهي ٿي.ان سبب ڪوبه ادارو  پنهنجي آئيني دائري ۽ حدن ۾ رهندي قوم ۽ ملڪ جي خدمت کان لاپرواهه نظر ايندو آهي.نوڪرشاهي حڪمرانن جي عزت پنهنجي ترقيء جي لالچ ۽ او ايس ڊي بنجڻ جي خوف کان ڪندي آهي جنهنجو اثر لازمي طور تي سندن ڪارڪردگيء تي پوندو آهي.اوهان ڪنهن به شعبي ۾ وڃي رياست جي ملازمن جي هلت ڏسي وٺو،عليڪ سليڪ کان وٺي ڪنهن به پيشاوراڻي ڪم ۾ اهي ذميداريء جي احساس کان ڏور ۽ دفتري ڪم نڀائڻ ۾ حڪمران پارٽي ۽ ايم اين اي ايم پي اي جي خدمت گاري ڪندي نظر ايندا. متحده مجلس عمل جي شروعاتي حڪومتي دور ۾ هڪ ٻن وزيرن نجي طور تي اهو اعتراف ڪيو هو ته پوليس کاتي ۽ بيروڪريسيء ۾ پيار ۽ جي جي سان ڳالهه ڪندي سرڪاري آفيسرن ۽ ماتحت ملازمن جو رويو بدلجي ويو هو بلڪه صوبائي سيڪريٽري سطح جا آفيسر وزيرن سان ڳالهائيندي لطف اندوز ٿيندا هئا.انهن ماڻهن ۽ آفيسرن جي اوسر وي آئي پي ڪلچر جي ڇانو ۾ ٿئي ٿي ان ڪري سندن رويو ڪجهه ٻيو ئي هوندو آهي.هتي ناروي ۾ پاڪستاني سفارخاني جي هڪ عملدار جي ڳالهه ياد اچي ٿي جنهن چيو ته او ايس ڊي هڪ اهڙي ڇري آهي جنهن کان بچڻ لاء نوڪرشاهيء کي حڪمران ٽولي جو پيارو غلام بنجڻ جي ڪوشش ڪرڻي پوي ٿي.انهن جي نازن نخرن ۽ حڪمن جي تعميل کي آئين ۽ رياست کان مٿانهون سمجھيو ويندو آهي.جڏهن پوليس کان وٺي هر دفتر جي اها صورتحال هجي ته پوء چوڻ لاء باقي ڇا ٿو رهجي وڃي؟هتي اهو بنيادي سوال به جنم وٺي ٿو ته آخر اسان جي ملڪ ۾ اسٽيبلشمينٽ سياسي طور تي ايتري مضبوط ڇو ٿي ٿئي؟ان جو بنيادي سبب سياسي حڪمرانن جي نااهليء کي قرار ڏيئي سگھجي ٿو.هڪ طرف اهي مجبورين جو شڪار بنجن ٿا ته ٻئي طرف پنهنجي اقتدار جي مضبوطي ۽ اختيارن وڌائڻ جو جنون سندن ذهن تي ايترو ته سوار ٿئي ٿو جو ان جي لاء ڪنهن به قدم کان پوئتي نٿا هٽن.حڪومت ڪرڻ اهڙي وندر آهي جو فوج به انهن سياسي مجبورين جو شڪار ٿئي ٿي.جيترا به فوجي آمر گذريا آهن انهن به جائز ۽ ناجائز کي رڳو ان ڪري دوام بخشڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن انهن کي موقعو ملي وڃي ۽ سندن حڪومت کي ڪجهه وڌيڪ وقت ملي وڃي.حڪومتي مجبورين خاطر هڪ طرف جنرل ضياء اسلام جو نالو استعمال ڪري مجلس شوريٰ جي نالي تي قوم کي بيوقوف بنايو ته ٻئي طرف جنرل مشرف سڀ کان پهرين پاڪستان ۽ روشن خياليء جي نالي تي ماڻهن کي دوکو ڏنو.ان صورتحال ۾ پاڪستاني سياستدانن هڪ طرف ميرٽ جو قتل عام ڪري نااهل ۽ منظور نظر ماڻهن ۾ نوڪريون ورهايون ته ٻئي طرف قومي ادارن کي پنهنجو ذاتي خدمتگار سمجھندي انهن کي سندن ذميدارين جو احساس تائين ٿيڻ نه ڏنو جنهنجو اثر ادارن جي ڪمزوري ۽ معذوري جي صورت ۾ نڪتو.سياسي بنيادن تي ٿيل ڀرتين جو مثال پي آئي اي ۽ اسٽيل مل کان پوليس تائين ڏسي وٺو.جڏهن ادارا ڪمزور ٿيندا ته انهيء سان آئيني بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني لازمي طور تي ڪمزور ٿيندي ويندي ۽ نيٺ هڪ ڏينهن اڻ لڀ ٿي ويندي. سياسي معاملن ۾ فوج جي مداخلت جي مخالفت ڪرڻ باوجود اهو چئي سگھجي ٿو ته ڊسيپلين ۽ پنهنجي اداري جي حد تائين مضبوط انتظام ۽ اندروني معاملن ۾ مداخلت نه هئڻ اهڙيون مضبوط ۽ نمايان شيون آهن جو عوام رڳو فوج کي ئي قابل اعتماد سمجھندو رهيو آهي.فوج جو پيشاوراڻي طور تي مضبوط هئڻ ملڪي دفاع لاء نهايت ئي اهم آهي پر جڏهن حڪومتي معاملن ۾ ۽ ڪجهه وزارتن ۾ فوجي خدمتون شايد ان ڪري به حاصل ڪيون وڃن ٿيون جو سويلين ادارا يا ته ناڪام ٿين ٿا يا اها اهليت ئي نٿا رکن.چونڊيل حڪومتن پاران فوج کي ڪجهه معاملن ۾ شامل ڪرڻ سبب قوم جون نظرون به هر وقت فوج طرف وڃن ٿيون.دفاع سان گڏوگڏ ٻين معاملن کي هلائڻ ۾ به فوج تي اعتماد وڌي وڃي ٿو.ان ڪري جڏهن به ڪو آمر آيو آهي ته قوم طرفان ڪا خاص مزاحمت ڏسڻ ۾ نه آئي آهي.ٻئي طرف سياستدان جتي هڪ طرف پاڻ فوج کي دعوت ڏين ٿا اتي سويلين ادارن کي مضبوط بنائڻ لاء ڪو ڪردار ادا نٿا ڪن.جنهنجو نتيجو ڪمزور ادارن جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو ۽ بيشڪ حڪمرانن ۽ ادارن جي انهن ڪمزورين جو فائدو ئي غير جمهوري قوتون حاصل ڪن ٿيون.هاڻي سوال اهو آهي ته جمهوريت جي بقا ۽ مضبوطي ڇا ۾ آهي؟ پڪ سان جمهوريت جي بقا ۽ مضبوطي انهن ادارن جي مضبوطيء ۾ آهي.انهيء سوچ کان ڪوبه محب وطن پاڪستاني انڪار ڪري نٿو سگھي سواء ڪجهه مفاد پرست ٽولي جي.پر اهو ئي مفاد پرست ٽولو ٻين سڀني تي ڳرو به آهي ته طاقتور پڻ.انهن ڪجهه مفاد پرستن ئي سمورن ادارن کي پنهنجن سياسي مقصدن جي حصول لاء سياسي دفترن ۾ بدلائي ڇڏيو آهي.جيڪر ادارن کي مضبوط ۽ سياسي بالادستيء کان هٽي ڪري آئيني بالادستيء جو نمونو بنائڻو آهي  ته ان لاء هڪ طرف آئيني قدم کڻڻا پوندا ته ٻئي طرف ڪجهه ادارن جي مضبوطيء لاء گراس روٽ کان ئي بنيادي فيصلا ڪرڻا پوندا.مثال؛ جيڪر عدليا ۽ پوليس کي ئي ايترو آزاد ۽ مضبوط بنايو وڃي جو سڀاڻي اهي ئي ادارا سمورن شهرين ۽ ادارن، بيوروڪريٽ کان حڪمرانن ۽ ججن کان وٺي سيڪيورٽي ادارن کي به پڪڙڻ جي صلاحيت رکندا هجن ۽ کين انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهارڻ جي جرئت رکندا هجن ته اها ڳالهه عجيب ضرور لڳي ٿي پر دنيا جي ٻين ملڪن ۾ اهڙا مثال موجود آهن ته اتي ادارا ڪيترو مضبوط آهن پر بدقسمتيء سان اسان وٽ ڪجهه شين جي باري ۾ عام تاثر اهو ئي آهي ته اهو ممڪن ئي ناهي.اهڙيء طرح هڪ دليل اهو به ڏنو وڃي ٿو ته عدالتون ڪنهن چونڊيل وزير اعظم کي ته سزا ڏيئي سگھن ٿيون پر ڪنهن فوجي جنرل کي نه.جڏهن سياستدان پاڻ پڪو پهه ڪري ڇڏين ته اهي ادارن جي مضبوطيء لاء ڪنهن به قدم کان پوئتي نه هٽندا،پنهنجو ڪردار اهڙو بنائيندا  جو اهي ڪنهن به مجبوري يا مصلحت جو شڪار نه ٿيندا ته پوء ڪوبه فرد يا ادارو سندن مجبورين ۽ ڪمزورين جو فائدو کڻڻ جي همت ئي نه ڪري سگھندو.اهو پڪ سان ممڪن آهي جيڪڏهن سياستدان اهل ۽ با صلاحيت ماڻهن کي ادارن ۾ لڳائي انهن کي قانون جي بالادستي مطابق کين پنهنجواصل ڪم ڪرڻ ڏين.کين پنهنجو ذاتي نوڪر بنجڻ بدارن رياست ۽ عوام جو نوڪر ۽ خادم بنجڻ جي تربيت ڏين.

(روزاني هلالپاڪستان)

ڇا تحريڪن ۽ احتجاجن سان مسئلا حل ٿي ويندا؟





شفيق الرحمان شاڪر
حڪومت هجي يا مخالف ڌر، هن وقت  ايئن ٿولڳي ته سڀ جا سڀ عوام جي ”درد “۽ قوم جي ”غم“ ۾ پنهنجي راتين جي ننڊ ۽ ڏينهن جو سڪون وڃائي ويٺا آهن .غريب عوام جو” احساس“ کين رت جا ڳوڙها وهائڻ تي مجبور ڪري رهيو آهي.هڪ طرف حڪومتي اڳواڻ آهن جيڪي معاشي بحران ۽ مهنگائيء جي هر سوال تي هڪڙو ئي جواب ڏين ٿا ته ”نواز ۽ زرداري چور آهن.“جڏهن کانئن پڇيو وڃي ٿو ته ڊالر جي اڏام روڪڻ لاء حڪومت ڇا ڪري رهي آهي ته جواب اچي ٿو ته ”ڊالرجي قيمت وڌائڻ جا ذميدار اڳوڻا حڪمران آهن.“سوال ڪيو وڃي ٿو ته روزمره جي شين جي اگھن تي ڪنٽرول ڇو نه ٿي رهيو آهي ته جواب اچي ٿو ته ”اڳوڻا حڪمران ملڪ جو سمورو پئسو لٽي ٻاهر کڻي ويا آهن.“هن وقت ملڪ جي معاشي ميدان ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، حڪومت ان بحران تي قابو پائڻ لاء ڪهڙو لاحئه عمل جوڙيو آهي،ٻاهران امپورٽ ٿيل معاشي ٽيم ڪهڙا پاپڙ ويلي رهي آهي؟ عوام کي ڪجهه به نه پيو ٻڌايووڃي،روزانو مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت ٻه ٽي روپيا وڌي رهي آهي پر حڪومت جي وزيرن مشيرن کي اهڙو ته نانگ سونگھي ويو آهي جو منجھائن ڪوبه ماڻهن کي ڪجهه به ٻڌائڻ لاء تيار ناهي،اهي ئي ڀڙڪون.لٻاڙون ۽وڏيون وڏيون ٻٽاڪون،اهي ئي عوام کي ايندڙ وقت ۾ سڀ ڪجهه تبديل ٿيڻ جا دلاسا،ماڻهن کي صبر جميل جون تلقينون،اڳوڻن حڪمرانن تي تنقيدن جو سيلاب،حڪومت نالي ڪاشيء نظر ئي نٿي اچي.ڪڏهن چون ٿا ته ڪجهه ڏينهن ۾ ئي نوڪرين جو مينهن وسڻ وارو آهي ته ڪڏهن بشارت ملي ٿي ته چند ڏينهن ۾ سمنڊ مان تيل ۽ گئس جا ذخيرا نڪرڻ وارا آهن ۽ عوام جا سڀ اهنج ختم ٿيڻ وارا آهن.ملڪ جولٽيل پئسوملڪ ۾ واپس اچڻ وارو آهي ۽ ڏوهاري چوڪن ۽ چوراهن تي ٽنگجڻ وارا آهن.نيب جو چيئرمين پريس ڪانفرنسون ڪري رهيو آهي ته ٻئي طرف جن تي نيب طرفان الزام آهن اهي وڌيڪ سخت لفظن سان جواب به ڏيئي رهيا آهن.هڪ طرف الزام آهن ته ٻئي طرف الزامن جا جواب آهن.انهيء سموري تماشي جو حاصل اهو جو اڄ تائين ڪوبه ڪيس پنهنجي منطقي انجام تائين نه پهچي سگھيو آهي. هڪڙا ڪيس نامڪمل لٽڪيل آهن ته نوان ڪيس کلي رهيا آهن.ٻئي طرف مخالف ڌر جا اڳواڻ جن جي اڪثريت ڪنهن نه ڪنهن نموني ماضيء ۾ اقتدار ۽ اختيار ۾ شامل ۽ حڪومتن جو حصو رهي آهي سي عوام جي درد ۾ گڏ ٿي رهيا آهن،حڪومت خلاف سياسي صف بنديون ٿي رهيون آهن،تحريڪن ۽ ڌرڻن جو ڌمڪيون ڏنيون پييون وڃن.هي اهي ئي ماڻهو آهن جن ملڪ کي معاشي طور تي ان حال ۾ رسايو آهي،غريب عوام تي معاشي ڏاڍ جا جبل ڪيرايا آهن،انهن مان گھڻن تي عوامي پئسو لٽڻ ۽ ملڪ جومعاشي ڏيوالو ڪڍڻ جا الزام آهن،سندن خلاف سوين ڪيس آهن، سندن خلاف بدعنوانين جا اسڪينڊل آهن.انهن مان هر شخصيت ۽ هر گروهه جو پنهنجو معاملو ۽ مسئلو آهي،هر ڪنهن جا پنهن جا درد ۽ غم آهن.ٽيهه ٽيهه سال عوام تي عذاب بڻجي حڪومتن جا مزا ماڻڻ ۽ پنهنجا ڀڀ ڀرڻ باوجود اهي هن وقت پنهنجو سڄو زور پنهنجو پاڻ کي مظلوم ثابت ڪرڻ لاء لڳائي رهيا آهن.اهو عوام جيڪو هنن جي ئي پرڪارن ۽ ڪرتوتن سبب اڄ ساهه کڻڻ کان ساڻو بڻيل آهي اڄ اهي ساڳيا جادوگر وري انهيء عوام جي دک درد جو راڳ آلاپيندي روڊن ۽ رستن تي اچڻ جا سانباها ڪري رهيا آهن.انهن مان ڪوبه هاڻوڪي معاشي مشڪلن مان نڪرڻ ۽ عوام کي ترت رليف مهيا ڪرڻ لاء ڪابه قابل عمل تجويز نه ڏيئي رهيو آهي بلڪه اهي پنهنجي قول ۽ عمل سان ان معاشي بحران کي وڌيڪ سنگين بنائڻ جي ڪوشش ڪندي نظر اچن ٿا ته جيئن حڪومت ۽ رياست وڌيڪ دٻاء هيٺ اچي جنهن جي نتيجي ۾ کين ڪو سياسي رليف ملي سگھي.سوال اهو آهي ته عوام تان مهنگائيء جو بار هلڪو ڪرڻ ۽ ملڪ کي موجوده معاشي بحران مان ڪڍڻ لاء مخالف ڌر جي انهن اڪابرن وٽ آخر ڪهڙو پروگرام ۽ ڪهڙو رستو آهي؟ ڇا هيستائين پنهنجي پوري احتجاجي سياست ۾ انهن ماڻهن کي پنهنجو ڪو اهڙو بصيرت ڀريو پروگرام به ٻڌايو آهي؟ڇا حڪومت خلاف روڊن رستن تي اچڻ سان ۽ تحريڪن،احتجاجن ۽ ڌرڻن سان عوام جا آزار گھٽجي ويندا،معيشت بهتر ٿي ويندي،مهانگائي ڪنٽرول ٿي ويندي؟ ڇا هاڻوڪين نازڪ معاشي حالتن ۾ ملڪ وري نين چونڊن جو بار برداشت ڪري سگھي ٿو؟عوام عمران حڪومت کان ناراض ۽ بيزار سهي پر ڇا عوام وري انهن آزمايلن کي واپس پنهنجي مٿان مسلط ٿيڻ ڏيندو؟انهن جون ماضيء جون سموريون حرڪتون وساري ڇڏيندو؟ڇا حڪومت خلاف هلندڙ ڪنهن تحريڪ ۾ عوام انهن ساڳين  مدارين پويان روڊن رستن تي نڪري پوندو؟اهو صحيح آهي ته هاڻوڪي حڪومت به عوام جي اميدن تي پور ناهي لٿي ۽ عوام کي انهن به گھڻو مايوس ڪيو آهي.گھڻا مسئلا ته واقعي انهن کي گذريل حڪمرانن کان ورثي ۾ مليا آهن پر جن معاملن ۾ حڪومت گھڻو ڪجهه ڪري سگھي ٿي اتي به ان جي ڪارڪردگي نهايت ئي مايوس ڪندڙ رهي آهي.اهو به صحيح آهي ته عوام هاڻوڪي حڪومت تي به سخت ناراض نظر اچي ٿو پر ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته عوام حڪومت مخالف ان اشرافيا جي چوڻ تي انهن جي پويان لڳي پوندو.هاڻي جيڪر ڪا تحريڪ اٿي به ته اها ليڊرليس تحريڪ هوندي ۽ نهايت ئي خطرناڪ هوندي.ان تحريڪ جي نتيجي ۾ جتي هڪ طرف هاڻوڪا حڪمران عوامي غيض ۽ غضب جو نشانو بڻبا اتي ٻئي طرف ان سموري سياسي اشرافيا کي به پنهن جو سر بچائڻ جي جڳهه نه ملندي.انهيء ڪري هاڻوڪن توڙي ماضيء جي حڪمران اشرافيا کي عوام جي جذبن سان کيڏڻ ۽ تحريڪ تحريڪ جا دهل وڄائڻ بدران ملڪ کي موجوده معاشي بحران مان ٻاهر ڪڍڻ لاء ڪي گڏيل سنجيده ڪوششون ڪرڻ گھرجن ۽ پنهن جن ذاتي ۽ گروهي مفادن کان مٿانهون ٿي پنهنجو سياسي ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي.ياد رکڻ گھرجي ته تيلي اڇلائڻ ته پنهنجي وس ۾ هوندو آهي پر باهه وسائڻ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهنجي به وس ۾ نه رهندي آهي!
(روزانيهلال پاڪستان)

Tuesday, May 28, 2019

ماضيء جو آئينو؛ ادب ۽ زندگيء ۾ مافوق الفطرت مخلوق.






شفيق الرحمان شاڪر
دنيا جي نثري داستانن ۾ مافوق الفطرت مخلوق Supernatural Creature جو ذڪر عام ملي ٿو.داستان جي عجيب غريب ۽ عقل کان مٿانهين واقعن جي رنگارنگي گھڻو ڪري اهڙن ڪردارن سبب ئي جنم وٺي ٿي.تنهن هوندي به انهن عجيب غريب ڪردارن تي اعتراض به ٿيندا رهيا آهن اهو الزام لڳائي ته اهي ڪردار انسان جي حقيقي زندگيء سان ڪو تعلق نٿا رکن، انسان جي روزمرهه جي ضرورتن جي نشاندهي نٿا ڪن انهيء ڪري ڪجهه نقاد انهن داستانن کي رڳو خيالي ۽ وهمي ۽ انهن جي مطالعي کي وقت جو زيان قرار ڏيندا آيا آهن.پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته خود حقيقت جو معيار ڇا آهي؟جيڪر اهي ڪردار ايترو ئي فضول آهن ته پوء اهي ان وقت جي ڪهاڻين ۽ داستانن ۾ ڪيئن گھڙي آيا؟ڇا اڄ جي ترقي يافتا ۽ حقيقت پسند مقامي معاشرت ۾ جن،ڀوت،پريون،ديو ۽ ڏائڻ،سڀاڳي ۽ نڀاڳي جو ڪو تصور موجود ناهي؟انهن داستانن ۾ اهي مافوق الفطرت ڪردار آڻڻ جا ڪهڙا محرڪ هئا؟انهن جي پردي پويان داستان ٻڌائيندڙ جا ڪهڙا مقصد هئا؟داستانن ۾ انهن جي اهميت ۽ فائدو ڪيتري حد تائين آهي؟ ڇا واقعي انهن ڪردارن جو اسان جي حقيقي زندگيء ۾ ڪو وجود ناهي؟انهن ڪردارن اسان جي ذهنن ۾ ڪهڙيء طرح پاڙون پکيڙيون؟ان دور ۾ جڏهن اهي داستان لکيا ويا ۽ اڄ جي دور ۾ جڏهن انهيء صنف کي رد ٿيل قرار ڏنو وڃي ٿو،اسان جي سوچ ۾ ڪهڙي تبديلي آئي آهي؟جيڪر سوال ڪيو وڃي ته اڄ جي حقيقت پسنديء واري دور ۾ انهن ڪردارن جي ڪيتري اهميت آهي ته پڪ سان جواب اهو ايندو ته اهي ڪردار اڄ به اوترو ئي اهم ۽ مقبول آهن ڇو ته جيڪر اهي ڪردار مقبول نه هجن ها ته اسان جي قصن ڪهاڻين سواء عالمي ادب ۾ به اهي ما فوق الفطرت ڪردار تخليق نه ٿين ها جهڙوڪ ٽام اينڊ جيري،سپائيڊر مين،آئرن مين ۽ بيري پوٽر وغيره.اهي ڪردار اسان جي حقيقي زندگيء سان لاڳاپو نه رکڻ باوجود به نهايت ئي ويجھو آهن. قصي يا ڪهاڻيء ۾ مافوق الفطرت ڪردارن جي موجودگيء جي حوالي سان ضروري آهي ته قصي يا ڪهاڻيء جي شروعات ۽ ان جي اوثر جو جائزو ورتو وڃي.
قصي يا ڪهاڻيء جو تصور ايترو ئي پراڻو آهي جيتري خود انساني تاريخ. علم بشريات Anthropology مطابق انساني زندگيء جي شروعات غارن ۽ جنگھلن ۾ ٿي،غارن ۽ جھنگلن کان پوء انسانن ميدانن ۾ هڪ مڪمل مهذب زندگي گذارڻ شروع ڪئي.غارن جي زندگيء کي پٿر جو دور چيو وڃي ٿو.ان دور جي انسان جو گهرو لاڳاپو فطري شين يعني جھنگن،جبلن، پکين ۽ جانورن سان هو. زلزلن،سيلابن يا ڏڪارن سبب ۽ شڪار جي لاء جانورن جي کوٽ هن لاء خوف  ۽ پريشانيءجو سبب بني رهي.فطرت جون اهي تخريبي آفتون ،بيماريون ۽ موت جي سڌ ٻڌ انسان جي سمجهه کان ٻاهر هئي.هو نهايت ئي ڊنل،دٻيل ۽ دهشت ۾ ورتل انسان هو جيڪو پنهنجو پاڻ کي نهايت ئي غير محفوظ ۽ بي سهارا سمجھندو هو.ان سڀ جي باوجود هن کي ان ماحول ۾ ئي زندگي گذارڻي هئي.سندس علم محدود پر فطرت جي ويجھو هئڻ ڪري سندس مشاهدو وسيع هو.پنهنجو پاڻ کي ان دٻاء مان ٻاهر ڪڍڻ لاء هن ڪجهه خيالي شڪليون جوڙيون ۽ وقت گذرڻ سان گڏ اهو انهن شڪلين کي پنهنجو پاڻ کان اتم سمجھي سندن پوڄا ڪرڻ لڳو.ان دور جي انسان جي سوچ ۽ ذهني سطح هڪ ننڍڙي ٻار وانگر هئي.هو پنهنجي ذهن ۾ خيالي تصويرون ۽ خاڪا بلڪل اهڙيء طرح بنائيندو هو جيئن ٻار جي ذهن ۾ اهي تصويرون اينديون آهن.پٿر جي دور جا انسان جذباتي طور تي جانورن جي بلڪل ويجھو هئا ۽ کين يقين هو ته انهن جانورن ۾ به انسانن جيان جذبا ٿين ٿا ۽ انهن جو رد عمل به انسانن وارو ٿئي ٿو.ان دور جي انسان لاء وهم ۽ شڪ هر شيء کي پراسرار بنائي ڇڏيو.چنڊ، سج.تارا سڀني کي جاندار سمجھيو ويو.انسان کي هوا،باهه،برسات هر شيء جو تلخ تجربو ٿيو.سڀ کان وڌ موت جي تجربي سان انهن کي هر شيء ۽ هر ڪم ۾ ڪنهن اڻ ڏٺل طاقت جو هٿ نظر آيو.انهيء ڪري ئي هر ڪم ڪنهن ديوي يا ديوتا سان منسوب ڪيو ويو.جيئن ته گھڻن سماجن ۾ موت کان پوء ٻيهر زندگي يا روحن جي سڌرڻ يا بگڙڻ جو تصور رائج رهيو ان ڪري جانورن کي انساني روح ۽ انساني وصفن سان ڳنڍيو ويو.ان دور جي ڪهاڻين ۾ اهڙن تصورن ۽ واقعن جو ذڪر ڪثرت سان ملي ٿو ته ڪو انسان ڪنهن جانور ۾ تبديل ٿي ويو يا هن ڪنهن نانگ يا بلا جي صورت اختيار ڪري ورتي.انهيء کي قلب ماهيت Metamorphosis چيو ويندو آهي.ڪڏهن ڪڏهن اهو سمجھيو ويندو هو ته مرحوم بزرگ رهنمائي ۽ مدد لاء جانورن ۽ پکين جي صورت ۾ اچن ٿا.ان ڪري انسانن ۾ غيب دان پکين،انسان کان وڌيڪ عقلمند طوطن ۽ لومڙين جو ذڪر هرهنڌ ملي ٿو.خوف جي جبلي احساس کي گھٽائڻ لاء مذهبن ۽ جادو ٽوڻن جنم ورتو.ماضيء جي انسانن پاڻ کان مٿانهيون هستيون تخليق ڪيون ۽ جادو ٽوڻن لاء جيڪو طريقو اختيار ڪيو اهي انهن داستانن ۾ کلي ڪري سامهون اچي ٿو.خواب،تصور، ديويون، ديوتا، خدائن ۽ پٿرن جي بتن جي پوڄا قصن ۽ روايتن کي جنم ڏنو جيڪي مائرون پنهنجن ٻارن کي ٻڌائينديون هيون ۽ انهن جي وري وري ورجائڻ سان نه رڳو اهي عام ٿي وييون پر ذهنن ۾ انهن تي حقيقت جو رنگ چڙهڻ لڳو.نسل بعد نسل انهن جي ورجاء سان اهي قابل اعتبار روايتون بڻجي وييون ۽ جن بعد ۾ قصن جي صورت اختيار ڪئي، قصي سان خوف،حيرت، پارسائي،قوت۽عبادت جا عنصر لازمي آهن.قصن ڪهاڻين جا اهي تصور ۽ عقيدا هزارين سال جاري رهڻ بعد انسانن جي سرشت ۽ طبيعت ۾ داخل ٿي ويا.اهي عقل کان مٿانهان عنصر انساني خواهشن جي شڪل جوڙين ٿا.ڪڏهن اهي عقل ۾ نه ايندڙ هستيون جيئن ديويون ۽ ديوتا بڻجن ٿا،ڪڏهن پريون،جل پريون،اپسرائون ته ڪڏهن جنن، ڀوتن،ڏائڻن،ديون،راڪاسن جي صورت ۾ اسان وانگر هلندي ڦرندي ۽ کائيندي پيئندي نظر اچن ٿا.جانورن جي حڪايتن ۾ جانور انسانن کي اخلاق،سياست ۽ ڏاهپ جو درس ڏيندي ملن ٿا.ان قسم جي ڪردارن متعلق هڪ جواز انسان کي مذهبي ڪتابن به مهيا ڪيو.جانورن جي ڳالهائڻ جي صلاحيت جي باري ۾ خود قرآن مجيد ۾ به ذڪر ملي ٿو.حضرت سليمان عليه السلام جڏهن هد هد نالي پکيء کان درٻار ۾ حاضر نه ٿيڻ جو سبب پڇيو ته ان جواب ڏنو؛ ” مون هڪڙي اهڙي ڳالهه معلوم ڪئي آهي جنهن جي اوهان کي خبر ناهي ۽ آئون اوهان لاء سڀني کان وڌيڪ هڪڙي پڪي خبر کڻي آيو آهيان.مون هڪ عورت ڏٺي آهي جيڪا انهن تي بادشاهي ڪري ٿي ۽ هن کي هر شيء جو خزانو عطا ڪيو ويو آهي ۽ هن وٽ سلطنت جو هڪڙو وڏو تخت آهي.مون ان کي ۽ سندس قوم کي ڏٺو ته اهي هڪ الله کي ڇڏي سج جي پوڄا ڪن ٿا ۽ شيطان سندن عملن کي سندن نظرن ۾ سهڻو بڻائي پيش ڪيو آهي ۽ کين اصل رستي کان روڪي ڇڏيو آهي جنهن سان اهي اهڙو ته گمراهه ٿيا آهن جو اهي ان الله کي سجدو نٿا ڪن جيڪو آسمانن ۽ زمينن جي لڪيل شين کي ڪڍي ٻاهر آڻي ٿو ۽ سڀ ڄاڻي ٿو جيڪي اوهين لڪايو ٿا يا ظاهر ڪيو ٿا.الله جنهن کان سواء ٻيو ڪو معبود ناهي جيڪو زبردست عرش جو مالڪ آهي.“
قلب ماهيت جي حوالي سان قرآن ڪريم ۾ حضرت موسيٰ عليه السلام جي لٺ جو مثال ڏيئي سگھجي ٿو.فرمايو ويو؛ ” ۽ پنهنجي لٺ کي اڇلاء ته جڏهن هن ڏٺو ته اها حرڪت ڪري رهي هئي ڄڻ ته اهو هڪڙو نانگ هجي پوء هو پٺ ڏيئي مڙيو ۽ واپس نه موٽيو.“
ديو مالا يا علم الاصنام جو مذهب سان گھاٽو لاڳاپو آهي ۽ اٽڪل سمورن قديم مذهبن جون ديو مالائون انهن ماڻهن جي مذهبي عقيدن جي باري ۾ معلومات مهيا ڪن ٿيون جن اهي ڪهاڻيون تخليق ڪيون هيون.اسان انهن کي فضوليات چئي نظرانداز ڪري نٿا سگھون.اهي داستان اصل ۾ پنهنجي دور جي سماجي سائنس کان گھٽ نه هئا.رڳو ايترو چئي سگھجي ٿو ته انسان پنهنجي ماحول ۽ معاشري متعلق ۽ پنهنجي جبلي خوف تي قابو پائڻ لاء جيڪي جواز جوڙيا هئا، جانورن ۽ ٻي مخلوق جي باري ۾ جيڪي نظريا قائم ڪيا هئا انهن کي ڪنهن حد تائين مضبوطي روايتن ۽ مذهب به ڏني.اهو ئي سبب آهي جو اسان کي شروع ۾ جانورن متعلق ڪهاڻيون فيبل پيرابيل جي صورت ۾ عام ملن ٿيون.جهڙيء طرح انسان ننڍپڻ ۾ جنن ڀوتن جون ڪهاڻيون پڙهڻ ۽ ٻڌڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو اهڙيء طرح ادب به نظم ۽ نثر جي ابتدائي دور ۾ انهن داستانن کي پنهنجي هنج ۾ ڀڪوڙي ٿو.ان ۾ پردي جي پويان انسان جو لاشعور به ڪم ڪندي نظر اچي ٿو ڇو ته زميني مفاصلا ۽ جاگرافيائي حدن جي باوجود هر ملڪ ۽ قوم جي ادب ۾ سڀ کان پهرين گھڻي ۾ گھڻيون اهڙيون ڪهاڻيون ۽ داستان نظر اچن ٿا.اوڀر جي ادب کي ڇڏيو اولهه جي ادب ۾ به ما فوق الفطرت عنصرن جي ڪارفرمائي گھڻو ڪري پاتي وڃي ٿي. جڏهن ڏٺو ويو ته ماڻهو قصن ۾ دلچسپي وٺن ٿا ۽ افسانن مان مزو حاصل ڪن ٿا ته ان طريقي سان اخلاقيات جو سبق سيکارڻ به شروع ڪيو ويو ۽ ان لاء جانورن جون حڪايتون بيان ڪيون وييون ۽ انهن جي زبانن مان سبق آموز قصا بيان ڪيا ويا.اهڙيء طرح انهن عنصرن کي قائم ۽ دائم رکڻ ۾ ادبي روايتن جو وڏو هٿ آهي.اهي عنصر ادبي روايت جو هڪ اهم حصو بڻجي چڪا آهن.اڄ به اسان هڪ اهڙي دنيا ۾ رهون ٿا جيڪا عقل ۽ سائنس جي سهاري ئي ئي اڳتي قدم وڌائي رهي آهي پر اسان جي ادب ۾ اهي ما فوق الفطرت عنصر اڄ تائين ڇو لڪيا ويٺا آهن انهيء جو اسان وٽ ڪو جواب موجود ناهي.پٿر جي دور جون عقل کان مٿانهيون هستيون ديو،ديوتا،ديويون،جن ڀوت،پريون،راڪاس ۽ ڏائڻون وغيره اها سڀ مخلوق اڄ به اسان جي مقامي معاشرت ۾ موجود آهي،ماڻهو اڄ به انهن جي وجود تي يقين رکن ٿا.اڄ به مضبوط بدن واري ماڻهوء کي ديو۽ پهلوان عورت کي ديوني چيو وڃي ٿو.مٽيء ۾ لٿڙيل ماڻهوء کي ڀوت ۽ عجيب حليي واري عورت کي ڀوتڻي ۽ ڪنهن بد صورت عورت کي ڏائڻ سڏيو وڃي ٿو.ڪنهن خوبصورت عورت کي پري جڏهن ته ڪنهن ڪني ۽ شرير انسان کي شيطان  ۽ ڪنهن نيڪ خصلت انسان کي فرشتوڪوٺيو وڃي ٿو.مطلب ته اها مخلوق اڄ به انساني ذهن ۾ آباد آهي.انهن کي آسانيء سان ياد رکي سگھجي ٿو،ورجائي سگھجي ٿو ۽ ايندڙ نسلن تائين منتقل ڪري سگھجي ٿو.انهن داستانن ۾ ڪيترن ئي علمن ۽ فنن کي ڪهاڻين جي پردي ۾ سولائيء سان پيش ڪيو وڃي ٿو جو عام پڙهندڙ اهو محسوس ئي نٿو ڪري ته اها اهم مسئلن ۽ بحثن جي افسانوي تعبير ۽ سمجھاڻي آهي.اديبن انهن ما فوق الفطرت عنصرن سان ڪنهن نه ڪنهن طرح معنيت،اشاريت،وسعت ۽ زور پيدا ڪيو آهي.خيال جيڪو ڪنهن به ادب پاري جو بنياد هوندو آهي ان خيال کي سوڙهو ڪرڻ،ان جي اثر کي اڀارڻ،بيان جي انداز کي بليغ ۽ دلچسپ بنائڻ ۾ اهي عنصر گھڻي مدد ڏين ٿا.منجھيل،فلسفياڻن،مابعدالطبيعاتي بحثن سان گڏوگڏ سخت ۽ ڪڙين سماجي حقيقتن کي ادبي حسن ۽ فڪرانگيز طور تي پيش ڪرڻ ۾ اهي عنصر اديب جي مشڪلن کي حل ڪن ٿا.ڪهاڻين ۾ مافوق الفطرت عنصرن جي موجودگيء جو هڪ سبب اهو به آهي جو ڪنهن خاص وقت تائين ڪهاڻين ۾ اهي عنصر موجود رهيا جن کي سماج ۾ پسنديدگيء جي سند مليل رهندي هئي.اهي داستان ٻڌائڻ وارا ماڻهو اهي هئا جيڪي پنهنجي آسپاس جي دنيا سان گھڻي دلچسپي رکندا هئا.پنهنجي مشاهدي سان جيڪي سوال سندن ذهنن ۾ پيدا ٿيندا هئا انهن جا عقلي جواب ڳولهڻ جي ڪوشش ڪندا هئا.پراڻي زماني جون اهڙيون ڪيئي ڪهاڻيون اسان تائين پهتيون آهن جن ۾ دنيا جي هر خطي جا داستان شامل آهن.جن ۾ يوناني،مصري،بابلي،چيني،ايراني ۽ هندي داستان پيش ڪري سگھجن ٿا.انهن داستانن ۾ هڪجهڙائي اسان جي گڏيل شعور ۽ سوچ جي سڃاڻپ آهي.بس ضروري آهي ته علم الانسان،نفسيات ۽ فلسفي جي روشنيء ۾ داستانن جي انهن ما فوق الفطرت ڪردارن کي تحقيق ۽ کوجنا جي نئين منزل تي آندو وڃي.داستانن ۾ پيش ڪيل جنن،پرين،پکين،جانورن ۽ ٻين ما فوق الفطرت مخلوق جي ڪردارن کي نفس بشر سمجھي انهن جو اڀياس ڪيو وڃي ڇو ته ان قسم جا ڪردار دلچسپ به معلوم ٿيندا ۽ معنيٰ سان ڀريل پڻ!
(روزاني هلال پاڪستان 26 مئي 2019ع)

Wednesday, May 22, 2019

محبت جو ڪيميائي تجزيو.



شفيق الرحمان شاڪر
محبت ازلي ۽ ابدي حقيقت آهي.سمورا انسان ان بنيادي انساني جذبي کي زندگيء جي ڪنهن نه ڪنهن حصي ۾پنهنجي ذات جي لڪيل خانن ۾ ضرور محسوس ڪن ٿا.دنيا جي هر تهذيب ۽ ثقافت ۾ انساني محبت جا داستان اسان کي ان حقيقت جي خبر ڏين ٿا ته قدرت اهو انساني جذبو سڀني انسانن ۾ برابر انداز ۾ ورهايو آهي.صدين کان شاعر محبت جا گيت ڳائيندا رهيا آهن،داستان ٻڌائيندڙ محبت جا داستان ٻڌائيندا آيا آهن.فلسفي محبت جي جذبي جي عقلي وضاحت ڪندا رهيا آهن ۽ هاڻي سائنسدان محبت جي جي جذبي جي اثر هيٺ  انساني دماغ ۾ پيدا ٿيندڙ عصبي ۽ ڪيميائي تبديلين کي پنهن جي کوجنا جو موضوع بنائي رهيا آهن ته جيئن ان ڳالهه جي وضاحت ٿي سگھي ته سچ پچ ۾محبت ڇا آهي؟
”هيلن فيشر“ اسان جي دور جي هڪ ناليواري انساني ثقافت جي سماجي ماهر آهي.هن پنهنجي عمر جو هڪ وڏو حصو ان ڳالهه ۾ گذاريو آهي ته محبت جي جذبي جي اثر هيٺ انسان اندر ڪهڙيون ڪهڙيون حياتياتي ۽ ڪيميائي تبديليون جنم وٺن ٿيون.”محبت“ کي مختلف حوالن ۽ سطحن تي بيان ڪيو ويندو آهي.مثال،محبت خاص جنسي جذبي جي اظهارطور جنهن کي ڪڏهن هوس سان به تعبير ڪيو وڃي ٿو.محبت رومان طور،محبت وابستگي طور ۽ مرد ۽ عورت جي وچ ۾ وقتي ڪشش ۽ ميلاپ.فيشر اٽڪل ڏهه سال ان ۾ گذاريا ته اها ايم آر آئي مشين ذريعي محبت جي جذبي جي اثر هيٺ انساني دماغ ۾ ٿيندڙ تبديلين جو مشاهدو ڪري.فيشر معلوم ڪيو ته جڏهن محبت ڪندڙ هڪ ٻئي ڏانهن ڏسن ٿا ته انهن جي دماغ جا اهي حصا متحرڪ ٿي وڃن ٿا جن جو تعلق لذت ۽ جزا سان آهي.انهن جا نالا ”وينٽرل سيگمينٽل ايريا“ ۽ ” ڪاڊيٽ نيوڪلس“ آهن.ان ۾ جيڪا ڳالهه وڌيڪ ڇرڪائي ٿي سا اها ته ڪاڊيٽ نيوڪلس ۾ هڪ ڪيميائي مادو ٿئي ٿو جنهنجو ڪم دماغ ۾ عصبي ترسيلات کي بحال رکڻ ۾ مدد ڪري ٿو.ان عصبي ترسيلي مادي جو نالو ” ڊوپامين“ آهي. ڊوپامين اهو عصبي ترسيلي مادو آهي جيڪو دماغ ۾ تمام گھڻي توانائي پيدا ڪري ٿو.اهو اسان کي ڌيان هڪ هنڌ ڄمائڻ  ۾ مدد ڏئي ٿو ۽ زندگيء ۾ اڳيان وڌڻ لاء اڀاري ٿو.اهو ئي سبب آهي جوجڏهن ڪو نئون نئون محبت ۾ ڦاسي ٿو ته سندس جوش جذبو ڏسڻ وٽان هوندو آهي. هو ان جذبي جي اثر هيٺ آسمان جي بلندين کي ڇهڻ گھرندو آهي.سندس هلڻ ڦرڻ جي رفتار تيز ٿي ويندي آهي.هڪ مستي،هڪ سرخوشي هن جي هر ڪم ۾ ڊوڙندي نظر ايندي آهي.محبت جو جذبو اوهان کي طاقتور بنائي ٿو.اوهان کي تازگي ۽ توانائي ڏيندو آهي،اوهان کي خطرناڪ ڪم ڪرڻ تي اڀاريندو آهي.اسان جي سماج ۾ ڪيئن هڪ سڌي سادي ڇوڪري پنهنجي محبوب جي محبت پائڻ لاء پنهن جي خاندان سامهون بيهي رهي ٿي.سماجي رسمون ٽوڙڻ جي جرئت منجھس پيدا ٿئي ٿي.ان ڳالهه جو جواب اسان کي محبت جي مٿي بيان ڪيل سائنسي وضاحت ۾ ملي ٿو.
محبت جي جذبي کي هڪ ٻئي نڪته نظر کان به سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته اهو جذبوجنون جي شڪل ڪيئن اختيار ڪري ٿو.ان حوالي سان هڪ دماغي مرضن جي پروفيسر ”ڊونيٽيلا مارا ذيٽي“جي تحقيقتي ڪم گھڻا دلچسپ نتيجا ڏنا آهن.پروفيسر زيٽي ۽ سندس ساٿين تحقيق ڪئي ته محبت جي جذبي ۽ دماغ ۾ هڪ عصبي ترسيلي مادي ”سيروٽين“ جو ڪهڙو تعلق آهي.ان تحقيق ۾ انهن 24 اهڙن ماڻهن کي شامل ڪيو جيڪي گذريل ڇهن مهينن کان محبت جي جذبي ۾ ٻڏل هئا ۽ اهي روزانو چئن کان ڇهه ڪلاڪ محبت جي جذبي سان ڳنڍيل ڪنهن نه ڪنهن سرگرمي۾ شريڪ ٿيندا هئا.عصبي ترسيلي مادو سيروٽين اسان جي دماغ جي سرگرميء لاء تمام گھٽ آهي.پنهنجيء کوجنا ۾ پروفيسر زيٽي ماڻهن جا ٽي گروپ ورتا.پهريون گروپ انهن ماڻهن تي ٻڌل هو جيڪي محبت جي تجربي مان گذري رهيا هئا.ٻيو گروپ انهن ماڻهن جو هو جن ۾ هڪ خاص ذهني مرض خبط اجباري يعني او سي ڊي موجود هو.جڏهن ته ٽئين گروپ ۾ نارمل ماڻهو شامل هئا.جڏهن انهن ٽنهي گروپن جي ماڻهن جي دماغ ۾ سيروٽين جي سطح جو جائزو ورتو ويو ته معلوم ٿيو ته نارمل ماڻهن جي ڀيٽ ۾ باقي ٻنهي گروپن جي ماڻهن ۾ چاليهه سيڪڙي تائين گھٽ سيروٽين مادو پاتو ويو.ان جو مطلب اهو ٿيو ته محبت ۽ خبط اجباري مرض ٻنهي ۾ هڪ جهڙيون ڪيميائي تبديليون پيدا ٿين ٿيون.ان مان اهو نتيجو ڪڍي سگھجي ٿو ته محبت هڪ قسم جو ذهني مرض آهي، محبت ڪرڻ وارا ان کان هوشيار رهن.
”تحصيل نفسي “ جي ماهرن محبت جي باري م ڪيترائي نظريا جوڙيا آهن.اهي نظريا ان ڳالهه جي وضاحت ڪن ٿا ته ڪي به ٻه ماڻهو هڪ ٻئي جي محبت ۾ ڇو مبتلا ٿين ٿا؟ ”سگمنڊ فرائيڊ“ جو موقف آهي ته ڇوڪري پنهنجي والد جي ۾محبت ۾ گرفتار ٿئي ٿي ۽ ڇوڪرو پنهنجي والده جي محبت ۾. فرائيڊ محبت جي جذبي کي انساني لاشعور ۾ موجود اڃايل خواهش سان ڳنڍي ٿو. اها محبت جنهن کان ٻار پنهنجي زندگيء جي شروعاتي سالن ۾ محروم رهي ٿو اهو نوجوانيء ۾ پنهنجي آسپاس موجود عورتن ۾ تلاش ڪري ٿو.سگمنڊ فرائيڊ جي ابتڙ ”ڪارل يونگ“ محبت جي حوالي سان انسان جي اجتماعي لاشعور  ۾ انهن فيڪٽرن کي اهميت ڏئي ٿو جن جو تعلق انساني نسل جي گڏيل نفسيات سان آهي.انهن ٻنهي جي ابتڙ اسان جي دور جو هڪ ماهر دماغي امراض ”ٿامس لوئيس“ جو نظريو هي آهي ته روحاني محبت جون پاڙون ماڻهوء جي ننڍپڻ جي تجربن ۾ هونديون آهن.اسان جڏهن پنهنجي ماء جو کير پيئندا هئاسين ته ڇا محسوس ڪندا هئاسين.جڏهن اسان پنهنجي ماء جي چهري ڏانهن ڏسندا هئاسين ته اسان کي ڪيئن لڳندو هو.اهي نقش ۽ نشان اسان جي دماغ ۾ محفوظ ٿي وڃن ٿا ۽ پوء اسان وڏا ٿي انهن ساعتن کي واپس آڻن گھرندا آهيون. ان نظريي مطابق محبت جو تعلق ان ڳالهه سان نٿو ٿئي ته اسان محبت ۾ ڇا حاصل ڪنداسين بلڪه ان ڳالهه سان هوندو آهي ته جيڪي ڪجهه ماضيء  ۾ اسان کي حاصل هو اسان ان کي واپس حاصل ڪرڻ گھرندا آهيون. يعني محبت هڪ ردعملي جذبو ٿئي ٿو نه وري ڪنهن عمل جي شروعات ڪرڻ وارو جذبو.اهو اسان کي ماضي طرف وٺي ويندو آهي.اسان کي مخالف صنف اندر ماضيء جي پنهنجي ڪنهن ويجھي هستيء جي جھلڪ ڏسڻ ۾ ايندي آهي يا آواز ٻڌڻ۾ ايندو آهي يا خوشبوء ايندي آهي يا ڪنهن ڇهاءجو احساس ٿيندو آهي ۽ ماضيء جون يادون اسان جي ذهن م تازيون ٿي وينديون آهن.
محبت جي موضوع ارتقائي نفسيات جي ماهرن کي به پنهنجي طرف مائل ڪيو آهي.انهن ماهرن مطابق محبت جو جذبو انساني بقا سان جڙيل آهي.ان نڪته نظر مطابق اسان انهن ماڻهن سان ويجھڙائي پسند ڪندا آهيون جيڪي اسان کي صحتمند ڏسڻ ۾ ايندا آهن.ارتقائي نفسيات جي ماهرن مطابق صحت جو ستر سيڪڙو تعلق عورت جي چيلهه ۽ ڪلهن جي تناسب ۾ آهي ۽ مردن ۾ مضبوط هاٺيء سان.جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته مرد ۾ مرداڻا هارمون گھڻي مقدار ۾ خارج ٿين ٿا.عورت ۾ چيلهه ۽ ڪلهن وچ ۾ تناسب صحتمند ٻار جي پيدائش لاء ضروري آهي ۽ اڀياسن ان طرف اشارو ڪيو آهي ته عورت جو اهو حصو سندس زرخيزيء جي حوالي کان به اهم آهي.ڪجهه ماهر ان ڳالهه تي به يقين رکن ٿا ته ساٿيء جي چونڊ ۾ انسان جو نڪ سڀ کان اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.سوئزرلينڊ جي هڪ يونيورسٽي ۾ هڪ نهايت ئي دلچسپ تجربو ڪيو ويو.ان ۾ 29 سيڪڙو عورتن کي مردن جون لاٿل گنجيون سنگھڻ لاء چيو ويو.اهي گنجيون مختلف مردن استعمال ڪيون هيون.انهن مردن جو جينو ٽائيپ جدا جدا هو.جينو ٽائيپ مرد جي بوء ۽ مدافعتي نظام ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.جڏهن عورتن گنجين کي سنگھي ورتو ته تحقيق ڪندڙن انهن کان پڇيو ته اهي ٻڌائين سڀ کان سٺي گنجي ڪهڙي آهي ۽ سڀ کان خراب ڪهڙي.ان اهو معلوم ڪيو ته گھڻين عورتن انهن مردن جي پاتل گنجين جي باري ۾ پسند جو اظهار ڪيو جن مردن جو جينو ٽائيپ سندن پنهنجي جينو ٽائيپ کان بلڪل مختلف هو.ان جو سبب اهو ٿي سگھي ٿو جو عورتن جي پسند ڪيل مردن جو مدافعتي نظام،انهن جي پنهنجي مدافعتي نظام کان بلڪل مختلف هو.اهڙيء طرح اهي ان امڪان کي وڌائي رهيون هيون ته سندن ٻار وڌيڪ صحتمند ۽ طاقتور هجن.
محبت جي جذبي جي لحاظ کان اها ڳالهه به ڌيان لائق آهي ته انهيء جي شدت سدائين ساڳي نٿي رهي.هڪ وقت هڪ شخص اوهان کي گھڻو پيارو هوندو آهي پر وقت گذرڻ سان گڏ اوهان جا جذبا بدلجڻ لڳندا آهن.محبت جي شادي ڪندڙ ڪيئي جوڙا ڪجهه مهينن يا سالن بعد هڪ ٻئي کان جدا ٿي وري پنهنجي ڪا نئين زندگي شروع ڪندا آهن.سائنسي کوجنا به ان ڳالهه کي پسند ڪري ٿي ته جذبا مري وڃن ٿا. ڪجهه ماهرن ان عرصي جو تعين به ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن ۾ سراسري طور تي ۾محبت جو تعلق شروع ٿي ختم ٿي ويندو آهي.ان حوالي سان ٿيندڙ کوجنا ان طرف اشارو ڪري ٿي ته سراسري طور تي ڪو روحاني تعلق چئن سالن تائين هلي ٿو.حياتياتي سطح تي ان جي وضاحت اسان جي دماغ جي ڪارڪردگي جي لحاظ کان به ڪري سگھجي ٿي ته ڊوپامين ۾ تبديلي اسان جي جذبن کي ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.محبت ۾ پهرين سطح ڪشش جي آهي.لاشعوري طور تي جسم جي زبان اسان جي راضپي جو اظهار ڪري ٿي.هڪ جوش ڀريل مرڪ،اکين ۾ ڏسڻ، محبت جي سچي جذبي جي ڳولا به ٿي سگھي ٿي ۽ وقتي جنسي تعلق جي خواهش پڻ.
محبت جي موضوع تي تحقيق ڪندڙ محبت کي مختلف سطحن ۾ ورهائين ٿا.محبت ۾ پهرين سطح ڪشش آهي.ڪشش بعد روحاني محبت جي منزل اچي ٿي.ماڻهو محبوب جي ڪنن ۾ چوندو آهي ته آئون تنهن جي لاء آسمان مان تارا به ٽوڙي آڻي سگھان ٿو. مٺيون مٺيون ڳالهيون،تحفا عام طور تي روماني محبت جي جذبي ۾ اضافو ڪن ٿا پر حياتياتي ڪيميادان اهو ٻڌائين ٿا ته روحاني محبت جو اهو جذبو به ڪجهه سالن بعد پنهنجو موت پاڻ مري وڃي ٿو.محبت جي ايندڙ سطح  اها هوندي آهي جنهن ۾ محبت ڪندڙ هڪ مضبوط ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويندا آهن.شادي محبت ڪرڻ وارن کي هڪ ٻئي جي نهايت ئي ويجھڙائي مهيا ڪري ٿي.انهيء سان اسان کي پنهنجن جبلتن جي تسڪين جو موقعو ملي ٿو جن جو تعلق اسان جي قديم دماغ سان آهي.جبلت جي تسڪين سان گڏوگڏ  شادي اسان کي پنهنجو نسل وڌائڻ ۾ مدد ڪري ٿي.اسان جي ذات جي تسلسل جو ذريعو بڻجي ٿي.محبت ۾ آخري سطح شايد اها اچي ٿي جنهن کي اسان وابستگي يا اٽيچمينٽ چئون ٿا. جسماني تعلق کان اڳتي نسلي بقا جي تصور کان پري رڳو هڪ ٻئي جي وجود سان وابستگي، هيء محبت جي اها سطح آهي جيڪا پڪ سان ڪجهه سالن ۾ ختم نٿي ٿئي.
محبت هڪ اهڙو موضوع آهي جنهنجي باري م آخري حرف چوڻ ته ممڪن ڪونهي البت ايترو ضرور چئي سگھجي ٿو ته محبت هڪ ازلي ۽ ابدي جذبو آهي جيڪو پوري زمين جي گولي تي وسندڙ انسانن ۾ موجود آهي.محبت جي جذبي نه رڳو انساني زندگيء کي رنگن سان سينگاريو آهي پر ان انساني نسل کي برقرار رکڻ ۽ اڳيان وڌائڻ ۾ به مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي.محبت اهڙو انساني جذبو اهي جيڪو زندگيء جي هر حصي ۾ اسان سان گڏ هلي ٿو ۽ جنهن کان سواء انساني زندگيء جو وجود ناممڪن آهي!


(روزاني هلالپاڪستان)

Sunday, May 19, 2019

“کاڌو پيتو ڪجهه به نه،گلاس ٽوڙيو ٻارهن آنا.“



شفيق الرحمان شاڪر
عمران خان ۽ سندس حڪومت کي هڪ جملي ۾ بيان ڪيو وڃي ته “کاڌو پيتو ڪجهه به نه،گلاس ٽوڙيو ٻارهن آنا.“ حقيقت اها آهي ته حڪومت ۾ اچڻ سان عمران خان جي شخصيت بي وزن ٿي ويئي آهي پر عمران خان ۽ سندس حڪومت کي وسيع پس منظر ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي.بدقسمتيء سان پاڪستان جي سياست جي سمورن اهم ڪردارن ڀٽي کان نواز شريف تائين تي اسٽيبلشمينٽ جي ڇانو رهي آهي.لنڊن واري ڀائيء جي شخصيت کي ”سياسي“ ۽ ”انقلابي“بنائڻ ۾ به اسٽيبلشمينٽ پنهنجو پورو ڪردار ادا ڪيو.عمران خان جي باري ۾ اهو امڪان هو ته هو پنهنجي ٻانهن جي قوت سان اقتدار ۾ اچي ڏيکاري سگھيو ٿي پر سندس اقتدار جي هوس ايتري وڌي جو هن وڌيڪ ڪجهه سال انتظار ڪرڻ بدران اسٽيبلشمينٽ جي چادر اوڍي ورتي.ان پس منظر ۾ ڏٺو وڃي ته انهن سمورن سياستدانن جي ناڪامي رڳو انهن ماڻهن جي ناڪامي نه پر حقيقت ۾ اسٽيبلشمينٽ جي ناڪامي به آهي.سوال اهو آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي سياسي نرسريء  جو ڪوبه ٻوٽو وڻ بڻجي ميوو ڇو نٿو ڏئي؟آخر اسٽيبلشمينٽ جي نرسريء جو هر ٻوٽو ٻٻر جو وڻ ئي ڇو بڻجي ڪري رهجيو وڃي؟پاڪستان جي سياست ۾ سياسي اڳواڻن کي هڪ خاص نڪته نظر کان ڏٺو ويو آهي.مثال ڀٽي صاحب جي باري ۾ خيال هو ته اصل ۾ هو ”وڏيرو“ هو ۽ سندس اعليٰ مغربي تعليم به سندس ڪجهه بگاڙي نه سگھي.ميان نواز شريف کي ان تناظر ۾ ڏٺو ويو ته هو ”مذهبي“ به آهي،“صنعتڪار“ به آهي ته ”ميڊ ان پاڪستان“ به آهي پر انهن مان هو ڪجهه به نه هو.الطاف قومي سياست جي آسمان تي اڀريو ته چيو ويو ته پاڪستان جي سياست ۾ وچولي طبقي جو سج اڀريو آهي ۽ اهو سج پوري پاڪستاني سياست کي جاگيردارن،وڏيرن ۽ سرمائيدارن کان پاڪ ڪرڻ جو سبب بڻبو پر الطاف هڪ ”شهري وڏيري“ بلڪه مفيا چيف جي طور تي سامهون آيو ۽ سندس جماعت هڪ سياسي ۽ ڪرمنل مافيا جي صورت اختيار ڪري ورتي.عمران خان جي باري ۾ ويهه سالا پراڻي راء اها آهي ته هو نه ته سياسي اڳواڻ هو ۽ نه آهي ۽ نه ٿي سگھي ٿو.پر کيس ”تبديلي“ جي نشاني ٺاهي اڀاريو ويو.چيو ويو ته سڀ بدعنوان آهن رڳو عمران خان ”پاڪ“ آهي.سندس ”اهليت“ ۽ “صلاحيت “ بي مثال آهي،هو ملڪ جو مقدر بدلائي ڇڏيندو،سندس اقتدار ۾ ايندي ئي ”انقلاب“ اچي ويندو پر عمران خان جي حڪومت رڳو اٺن مهينن ۾ لفظ ”تبديلي“ جي اهڙي تذليل ڪئي آهي جو ان لفظ لاء جيڪر ممڪن هجي ته خود ڪشي ڪري ڇڏي.سندس حڪومت جي ”اهليت“ جو اهو عالم آهي جو هن اٺن مهينن ۾ پنهنجي اڌ ڪابينا بدلائي ورتي آهي.عمران خان کان اڳ هر سياسي حڪومت اسٽيبلشمينٽ سبب بي توقير ٿيندي هئي پر عمران حڪومت اسٽيبلشمينٽ جي ڪنهن ڪوشش سواء بدنام ٿي ويئي آهي.بيشڪ عمران خان پاڻ انهن اٺن مهينن ۾ ڪا بدعنواني ناهي ڪئي پر سندس ساٿين ۽ وزيرن تي آڱريون کڄي رهيون آهن.عمران خان چوندو هو ته هو ملڪ کي معاشي ٽائيگر بنائيندوپر سندس حڪومت اٺن مهينن ۾ ملڪ کي معاشي طور تي ايترو ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي جو هاڻي معاشي خوشحالي هڪ لطيفو بڻجي ڪري رهجي ويئي آهي.سياسي مفلسيء جو اهو حال آهي جو هن پنهنجي وزير خزانه کي هٽائي سندس جڳهه تي پيپلز پارٽيء جي وزير خزانه کي لڳائي ڇڏيو آهي.پنجاب ۾ جن بيورو ڪريٽس کي اهو چئي هٽايو ويو هو ته اهي شريفن جا چمچا آهن اهي سڀ جا سڀ بيوروڪريٽس وري پنهنجن عهدن تي مقرر ڪري ڇڏيا ويا آهن.آخر عمران خان مرڪز توڙي پنجاب ۾ نون ليگ سان گڏجي حڪومت قائم ڇو نٿو ڪري؟ ڪرپٽ ماڻهن سان جزوي مفاهمت ۽ ڪلي مفاهمت ۾اخلاقي اعتبار کان ڪهڙو فرق آهي؟انهيء ڪري چيو پيو وڃي ته خبر ناهي ته عمران خان جي حڪومت آهي به يا نه؟وسيع پس منظر ۾ ڏٺو وڃي ته هتي وڏيرا شاهي ۽ شهري جاگيرداري ئي نه پر وچولي طبقي جي سياست ۽تبديليء جو کوکلو نعرو ئي ناڪام ناهي ٿيو پر انهن سمورين شين کي ملڪ ۽ قوم جو مقدر بنائيندڙ اسٽيبلشمينٽ ناڪام ٿي آهي.ان ناڪاميء جي اونهائيء جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگھجي ٿو ته هن وقت عمران خان جي ناڪاميء جي تاثر کي ميڊيا ۾ ويٺل اهي ماڻهو به هوا ڏيئي رهيا آهن جيڪي اسٽيبلشمينٽ جي اشاري تي عمل ڪندڙ سمجھيا وڃن ٿا.ان صورتحال جو هڪ سبب اهو آهي جو اسٽيبلشمينٽ ملڪ کي صدارتي نظام واري تجربي طرف ڌڪيندي محسوس ٿئي ٿي.ان جو مطلب اهو ناهي ته عمران خان اسٽيبلشمينٽ لاء بي معني ٿي ويو آهي بلڪه عمران خان جي ناڪاميء کي پارلياماني نظام جي ناڪامي جي کاتي ۾ وڌو پيو وڃي ۽ صدارتي نظام جي ”شخصيت“ کي اڀاريو پيو وڃي.پر سوال پيدا ٿئي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ جي برپا ڪيل ”سياسي ڪلچر“،اسٽيبلشمينٽ جي پيدا ڪيل ”سياسي قيادت“ ۽ اسٽيبلشمينٽ جي تخليق ڪيل “سياسي جماعتن“ ۽ خود اسٽيبلشمينٽ جي ناڪاميء جو سبب ڇا آهي؟
سموري انساني تاريخ ۾ اعليٰ انساني شخصيت ٻن شين سان پيدا ٿي آهي.هڪ اخلاقي فضيلت ۽ ٻي علمي برتري.انساني تاريخ ۾ قيادت جون ٽي سطحون يا ٽي درجا ٿين ٿا.پهريون درجو قيادت جي مشهوري،ٻيو درجو مقبوليت ۽ ٽيون درجو قيادت جو محبوب بڻجڻ آهي.قائد اعظم جي عظمت ۽ ڪاميابيء جو راز اهو آهي جو هو ”محبوب“ بڻجي چڪو هو پر قائد اعظم بعد ملڪي تاريخ ۾ ڪوبه اڳواڻ شهرت۽ مقبوليت کان اڳتي وڌي محبوبيت واري درجي تي نه پهچي سگھيو.قائد اعظم وٽ علمي فضيلت به هئي ته اخلاقي برتري پڻ پر قائد اعظم بعد گذريل ستر سالن ۾ پاڪستان کي جيڪا سياسي قيادت ملي انهن جي اخلاقيات به معمولي هئي ته علمي فضيلت به گھٽ درجي جي. جرنيلن کان وٺي سياسي حڪمرانن جي ناڪاميء جو اهو ئي بنيادي سبب آهي. روس ۾ سوشلسٽ انقلاب برپا ڪندڙ لينن جون خاميون پنهنجي جڳهه پر لينن جي شخصيت سوشلزم جي نظريي ۾ ٻڏي پيئي هئي.هن جون تقريرون ۽ تحريرون ٽيهن کان مٿي جلدن ۾ شايع ٿيون.جنهن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته لينن جو علم غير معمولي هو.هو فلسفي،معيشت،سماجيات ۽ ادب جو غير معمولي فهم رکندو هو.چين ۾ سوشلسٽ انقلاب آڻيندڙ مائو جي شخصيت اخلاقي اعتبار کان مضبوط هئي ۽ مائو تاريخ ۽ انساني نفسيات جو غير معمولي فهم رکندو هو.جديد چين جي سموري قيادت به اخلاقي۽علمي اهليت جي لحاظ کان ميرٽ جي نشاني آهي.چين جي ترقيء جو راز ڪو اتفاق يا حادثو ناهي ان جي پويان اخلاقي ۽ علمي فضيلت موجود آهي.مثال؛ چين ۾ ڪرپشن ۽ ملڪ دشمنيء کي سخت اخلاقي بيمارين طور ورتو وڃي ٿو ۽ انهن کي ڪنهن به قيمت تي برداشت نٿو ڪيو وڃي.اهو ئي سبب آهي جو چين ۾ ڪرپشن جي سزا موت آهي.اسان جي اسٽيبلشمينٽ سياسي اڳواڻن جي مذمت ته گھڻي ٿي ڪري پر هن ملڪ جي سياسي ڪلچر ۾ ڪڏهن به اخلاقي اصولن کي داخل ٿيڻ ئي ناهي ڏنو.هن ڪڏهن به سياسي جماعتن کي پابند ناهي ڪيو ته اهي پنهن جن جماعتن ۾ به جمهوري روين کي داخل ٿيڻ ڏين ته جيئن منفي خانداني،گروهي ۽ شخصي اثرن کان نجات حاصل ڪري سگھجي.اسٽيبلشمينٽ ڪڏهن به سياسي نظام کي علمي فضيلت مهيا ڪرڻ جي به ڪوشش ناهي ڪئي ايستائين جو اقتدار تي قبضو ڪندڙ فوجي آمرن وٽ به اها اخلاقي ۽ علمي فضيلت موجود نه هئي.تنهن ڪري اهي ماڻهو قوم جي روحاني،اخلاقي،علمي،ذهني،سياسي،جمهوري ۽ معاشي اوسر ۾ ڪو ڪردار ادا ڪري نه سگھيا.پاڪستان کي مشهور ۽ مقبول نه پر محبوب قيادت جي ضرورت آهي پر محبوب قيادت نه اسٽيبلشمينٽ کي سوٽ ڪري ٿي ۽ نه ئي محبوب بڻجڻ جي خواهش ملڪ جي اڪثر وڏين سياسي جماعتن جي قيادت ۾ ئي موجود آهي.اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان جي سياست ۾ چهرا بدلائڻ جي راند ٿيندي رهي آهي.جيئن ته چهرا بدلائڻ واري راند گھڻي ٿي چڪي ان ڪري هاڻي نظام بدلائڻ جي راند شروع ڪرڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن.بيشڪ نظام اهم هوندا آهن پر نظام کان وڌيڪ نظام هلائيندڙ اهم هوندا آهن.نظام هلائيندڙ سٺا هجن ته اهي خراب نظام مان به سٺا نتيجا ڏيئي سگھن ٿا پر نظام هلائيندڙ نااهل هجن ته اهي بهترين نظام مان به ڪجهه به نتيجا ڏيئي نٿا سگھن.چين ۾ اڪيلي پارٽيء جي حڪومت آهي يعني اولهه جي اصطلاح ۾ چين جو نظام ”آمراڻو“ آهي پر اولهه جا جمهوري اڳواڻ چين جي ترقيء کي حيرت ۽ هيبت وچان ڏسي رهيا آهن.جديد چين جو باني ڊينگ زيائوپنگ چوندو هو ته ٻلي جيڪر ڪوئا پڪڙي رهي آهي ته پوء ان جي ڪاري يا اڇي رنگ سان ڪو فرق نٿوپوي.افلاطون ٻه هزار سال اڳ چيو هو ته سياست جي مسئلي جو حل اهو آهي جو فلسفيء کي حڪمران بنائي ڇڏيو يا حڪمران کي فلسفيء جي سانچي ۾ وجھي ڇڏيو. پاڪستان جهڙي ملڪ جي سياست کي اخلاق ۽ علم سواء هڪ وک به نه هلڻ گھربو هو پر پاڪستان جو حڪمران طبقو پاڪستاني سياست کي ستر سالن کان ڪڏهن مذهب ته ڪڏهن سيڪيولرازم جي نالي تي بداخلاقي ۽ بي علميء جي ڪنڊن ڀريل رڻ ۾ گھليندو ٿو وڃي.انهيء صورتحال ۾ صدارتي نظام جي تجربي سان به ڪجهه هڙ حاصل نه ٿيندو ۽صدارتي نظام جي ناڪاميء کان پوء به ڪو چوندو ته ”کاڌو پيتو ڪجهه نه،گلاس ٽوڙيو ٻارهن آنا.“
(روزاني عوامي آواز 17 مئي 2019ع)

Friday, May 17, 2019

سياستدان،ٽشو پيپر ۽ بيماري!



شفيق الرحمان شاڪر
ٽشو پيپر ٻن قسمن جا ٿين ٿا.هڪڙا ته هوندا آهن نج ٽشو پيپر جيڪي هڪ ئي قسم جا ٿين ٿا ۽ ٻيا اهي ٽشو پيپر جيڪي هر طرح جا ٿين ٿا رڳو ٽشو پيپر وانگر نٿا ٿين. ايئن سمجھو ته هوندا ته اهي ڪجهه ٻيو آهن پر انهن کي ٽشو پيپر سمجھيو ۽ بنايو ويندو آهي.اڃا به ڳالهه آسان ڪجي ته اسان ”ٽشو پيپر جگ“ ۾ جي رهيا آهيون.ان دور ۾ ماڻهن کان قومون ۽ سياسي جماعتن کان ٽيڪنالاجيء جي نواڻ تائين سڀ ٽشو پيپر آهن،استعمال ڪيو ۽ اڇلي ڇڏيو.ڪم ڪار سياست ۽ وهنوار رياست ته اڪثر هلن ئي ٽشو پيپر تي ٿا.سياسي ٽشو پيپرن جو مقدر بيلٽ پيپرن تي دارومدار رکي ٿو،جيڪر انهن جا ٺپن وارا بيلٽ پيپر تمام ٿورا هجن ته سندن بدبختي اچي وڃي ٿي.پوء انهن سان اليڪشن ۾ ايندڙ پگھر اگھي اگھي اڇلائي ڇڏيو ويندو آهي ۽ اهي ويچارا پڇندا ئي رهجي ويندا آهن ته “جيڪر پالي نٿا سگھو ته پوء پيدا ڇو ٿا ڪريو؟“
ٽشو پيپر جي باري ۾ خيالن جو اهو سلسلو هڪ خبر پڙهڻ بعد جڙيو.ان خبر مطابق هڪ امريڪي ڪمپنيء ماڻهن کي بيمار ڪرڻ وارا ٽشو پيپر تيار ڪيا آهن جن ۾ نڇن ۽ زوڪام وارا جراثيم شامل آهن.انهن جي هڪ پيڪيٽ جي قيمت اسي ڊالر يعني اٽڪل ٻارهن هزار پاڪستاني روپيا آهي.
لاس اينجلس ۾ موجود ڪمپني مطابق ٽشو پيپرن جو نالو ”وائيو“ رکيو ويو آهي.ڪمپنيء مطابق هن وقت تائين اها ٽشو پيپرن جا هڪ هزار پيڪيٽ وڪڻي چڪي آهي.انهن کي سنگھڻ وارا جلد يا دير سان ڇڪون ڏيڻ،کنگھڻ ۽ بخار ۾ مبتلا ٿيندي نظر ايندا.ڪمپنيء سندس ان ايجاد جو جواز اهو ڄاڻايو آهي ته ڪجهه ماڻهو نفسياتي طور تي بيمار ٿيڻ گھرن ٿا ۽ پنهنجو پاڻ کي ماڻهن کان الڳ رکڻ گھرن ٿا.ان ڪري اهو ٽشو پيپر ٺاهيو ويو آهي ته جيئن جڏهن ڪو بيمار ٿيڻ گھري ته اهي ٽشو پيپر خريد ڪري ۽ انهن سان نڪ صاف ڪندي وڏا وڏا ساهه کڻي ۽ پوء بيماريء جو آڌر ڀاء ڪرڻ لاء تيار ٿي وڃي.ڳالهه ته صحيح آهي،زندگي ايتري ته مصروف ٿي ويئي آهي جو ان مصروفيت کان رڳو بيماري ئي نجات ڏيئي سگھي ٿي.سوچجي ٿو ته بيمار بڻجي ليٽيو رهجي ”تصور جانان “ ڪري.پر مسئلو آهي جو جيڪر بيگم کي خبر پيئي ته حضرت ڪنهن تصور جانان لاء ليٽيل آهي ته ممڪن آهي ته بيماريء وارو ليٽڻ ڪٿي زخمن سبب ليٽڻ ۾ نه بدلجي وڃي.بيمار هئڻ جي خواهش پويان رڳو واندڪائيء جي سوچ ئي لڪيل نه هوندي آهي پر “ٻيا به غم آهن زماني ۾ واندڪائيء سواء“. ڪجهه شاگرد اسڪول مان ڇٽيء لاء بيماريء جا بهانا ڳولهيندا آهن.شادي شده ماڻهو سهاراڻن  ۾ ٿيندڙ ڪنهن شاديءجو ڪارڊ ملندي ئي دعا گھرڻ ويهي رهندا آهن ته ”الاهي!عين شاديء جي تاريخ تي کنگھه کي سيني ۾ بيدار ڪري ڇڏ ۽ پنهنجي بندي کي بيمار ڪري ڇڏ.“
بيماريء جي ضرورت سڀ کان گھڻي انهن سياستدانن کي پوي ٿي جن کي جيل وڃڻو پوي ٿو.گرفتاريء جو ڏينهن ايندي ئي سندن دل،جيري،چيلهه ۾ ڪو نه ڪو مرض جاڳي پوندو آهي.ڳالهه ايئن آهي جو سياستدانن جون بيماريون به انهن وانگر ملڪ ۽ قوم جون خيرخواهه ٿين ٿيون.جيستائين اهي اڳواڻ ملڪ ۽ قوم جي خدمت ۾ مصروف رهن ٿا تيستائين هر قسم جا مرض انهن کي پنهنجي پهچ کان پري رکن ٿا پر جيئن ئي بيماريء کي پتو پوي ٿو ته صاحب هاڻي واندو آهي ته اها کين چوندي آهي ته ”مهربان آهيان،گھرايو جنهن به وقت مون کي حاضر آهيان.“پوء ترت سڏ اچي وڃي ٿو ۽ بيماري پاڻ اچي سياستدان کي جيل مان اسپتال وٺي وڃي ٿي.
مسئلو اهو آهي جو انهن بيماريء وارن ٽشو پيپرن جو دائرو نزلي،زوڪام،کنگھه ۽ بخار تائين محدود آهي.دل،جگر ۽ چيلهه انهن جي جراثيم جي پهچ کان ٻاهر آهن ان ڪري اهي سياستدانن لاء سندن استعمال ٿيل ٽشو پيپرن جيان بيڪار آهن.جيستائين رڳو واندڪائي ۽ فرصت لاء بيمار ٿيڻ جو تعلق آهي ته اسان وٽ اها مشق فضول ڪم سواء ٻيو ڪجهه به ناهي.هتان اوهان ٽشو پيپر سنگھي بيمار ٿيندا ۽ فارغ ٿي بستري تي ڊگھا ٿيندا هتان فيسبڪ تي اسٽيٽس ڏيڻ جي بيماري اوهان ۾ ٺينگ ٽپا ڏيندي پهچي ويندي.بيماريء جي پوسٽ ڏيندي ئي خير جي دعائن جا ڪمينٽس اچڻ شروع ٿي ويندا ۽ اوهان جي واندڪائي انهن جو شڪريو ادا ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويندي.ڪجهه لمحن بعد اوهان کي واٽس ايپ تي ڪالون وصول ٿيڻ شروع ٿي وينديون.ڳالهه جي شروعات ”ڇا ٿيو؟“ سان ٿيندي پوء مفيد مشورا اچڻ لڳندا،دوائون تجويز ٿيڻ لڳنديون،ڊاڪٽرن،حڪيمن ۽ هوميو پيٿڪ جا ڏس پتا به ٻڌايا ويندا.انهيء سڀ مان جيڪر جان ڇٽي ته بيگم ”ڊاڪٽر ڏانهن هل.“ جي حڪم سان پهچي ويندي.اهڙيء طرح اوهان جو رهيل ڏينهن ڊاڪٽر جي ڪلينڪ تي ايندي ويندي، اتي انتظار گاهه ۾ بور ٿيندي ۽ ڊاڪٽر جي فيء کان دوائڻ ۾ پئسا ٻوڙڻ ۾ خرچ ٿي ويندو.اسان حيران آهيون ته امريڪي ٻارهن هزار پاڪستاني ماليت جي ٽشو پيپرن جو ڏٻو رڳو بيمار ٿيڻ لاء خريد ڪري رهيا آهن،بيماريء جي خريداريء تي ايترو خرچ! ايتري رقم ته اسان پنهنجي علاج تي به خرچ نه ڪندا آهيون.انهيء مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته امريڪين لاء بيمار ٿيڻ ڪهڙو نه مشڪل مسئلو آهي! انهيء حالت ۾ ڊونلڊ ٽرمپ صاحب جي ذهني بيمارهئڻ تي اهو ئي چئي سگھجي ٿو ته ”اها هن جي عطا آ جنهن کي پروردگار ڏي.“
امريڪين جي ڀيٽ ۾ اسان پاڪستاني ڪيترا خوش نصيب آهيون جو جڏهن بيمار ٿيڻ لاء دل گھريو ڪنهن گندي گھٽيء جي ڪنهن ڪنڊ ۾ وياسين ۽ اتي پيل ڪنهن ڪچري جي ڍير وٽ بيهي ڪجهه دير ڊگھو ساهه کنيوسين، منرل واٽر بدران سڌو نل جو پاڻي پيتوسين،شهر جي ڪنهن مصروف روڊ تي وڃي دونهون ڦڦڙن ۾ ڀري ورتوسين ۽ هڪڙو ٽڪو خرچ ڪرڻ سواء بيمار ٿي پياسين.مطلب ته اسان جي ملڪ م علاج لاء کڻي ڪيترو به پري وڃڻو پوي پر بيماري هر وقت اسان جي گھر جي چانئٺ تي حاضر رهي ٿي!
(روزاني امڪان 17 مئي 2019ع)



Wednesday, May 15, 2019

مهانگائيء جي مصيبت کي ڪيئن گھٽايو وڃي؟



شفيق الرحمان شاڪر
هن وقت هر طرف ملڪ ۾ ٿيل مهنگائيء بابت ڳڻتي ۽ ڪاوڙ جو اظهار ٿي رهيو آهي.آئي ايم ايف سان ٿيندڙ معاهدي ۽ حڪومت جي معاشي ٽيم ۾ ٿيل تبديلين جي حوالي سان به حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بنايو پيو وڃي،مخالف ڌر به ان گوڙ ۽ شور ۾ وسان نه گھٽائي رهي آهي.انهيء ۾ ڪو شڪ ناهي ته ملڪ ۾ آيل مهنگائيء جي طوفان غريبن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ اهو طوفان گھٽجڻ بدران وڌڻ جو امڪان آهي.افسوس جي ڳالهه اها جو ملڪ ۽ قوم کي درپيش هيڏي وڏي معاشي گھوٽالي باوجود حڪومت ۽ مخالف ڌر ان مسئلي جو ڪو سنجيده حل ڳولهڻ بدران هڪ ٻئي جي ڏاڙهي پٽ ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي تي الزامن جي سياست ڪندي نظر اچن ٿيون.هرڪو مسئلي جي ته ڳالهه ڪري رهيو آهي پر ان جي حل طرف ڪي به سنجيده تجويزون سامهون نه اچي رهيون آهن.بي حسي ۽ بي دردي جي انتها آهي جو هڪ طرف عوام مهنگائي سبب رڙيون ڪري رهيو آهي ته ٻئي طرف ملڪ جا نام نهاد سياستدان هڪ ٻئي کي بليڪ ميل ڪندي نظر اچن ٿا.جيستائين آئي ايم ايف وٽ وڃڻ جو سوال آهي ته ان ۾ ٻه راياٿي نٿا سگھن ته حڪومت وٽ آئي ايم ايف وٽ وڃڻ کان سواء ڪو آپشن ئي نه هو جو ماضيء جي حڪومتن جهڙي طرح معيشت جي ستيا ناس ڪئي ۽ ملڪي خزاني جو جيڪو حشر ڪيو جنهنجي نتيجي ۾ هن وقت پاڪستان تي ڇهانوي ارب ڊالرن جو غير ملڪي قرض آهي،رڳو ان قرض جو وياج ادا ڪرڻ لاء حڪومت کي ساليانا ويهه ارب ڊالر گھرجن.بلاول ڀٽي زرداريء مطالبو ڪيو آهي ته آئي ايم ايف سان ٿيندڙ ڊيل کي پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اهي ان ڊيل کي تسليم نه ڪندا.اصولي ڳالهه اها آهي ته موجوده حڪومت پهريون دفعو آئي ايم ايف نه ويئي آهي ان کان اڳ خود پيپلز پارٽيء  ۽ نون ليگ جي حڪومت به آئي ايم ايف سان ڊيل ڪري چڪي آهي ۽ ان قسم جا معاهدا اڳ ۾ ڪڏهن به پارليامينٽ ۾ بحث هيٺ نه آيا آهن ۽ نه ئي آئيني طور تي ڪا حڪومت پابند آهي ته ڪنهن بين الاقوامي معاهدي کي پارليامينٽ ۾ بحث هيٺ آڻي پر جيئن ته ان معاملي تي به رڳو سياست ٿي رهي آهي ان ڪري عجيب ۽ غريب مطالبا سامهون اچي رهياآهن.جڏهن اهو طيء آهي ته پاڪستان وٽ آئي ايم ايف وٽ وڃڻ سواء ٻيو ڪو چارو ئي ناهي ته پوء انهيء معاملي تي بحث ڪجي يا نه ڪجي ته ڪهڙو فرق پوندو ڇو ته جڏهن اوهان قرض وٺڻ لاء ڪنهن شاهوڪار وٽ ويندا ته شاهوڪار اوهان جي شرطن تي نه پر سندس شرطن تي قرض ڏيندو،اوهان قرض نٿا وٺڻ گھرو ته ڀلي نه وٺو ۽ ڪوبه اوهان کي زوريء قرض نه ڏيندو پر پوء قرض نه وٺڻ جي صورت ۾ اوهان وٽ ملڪ کي اڳتي هلائڻ لاء ڪهڙو متبادل آهي؟هن وقت جيڪي سياسي اڳواڻ آئي ايم ايف وٽ وڃڻ تي  حڪومت خلاف طنزن جا تير وسائي رهيا آهن انهن جون ماضيء ۾ پنهنجون حڪومتون پڻ ساڳيو فيض حاصل ڪنديون رهيون آهن.سوال اهو آهي ته آخرهر دفعي آئي ايم ايف وٽ وڃڻو ڇو ٿو پوي؟ جواب اهو ئي آهي ته اڄ تائين ماضيء جي ڪنهن به حڪومت اهڙيون مثبت معاشي پاليسيون آنديون ئي ناهن جوملڪ قرض جي ان عذاب کان آجو ٿي سگھي.صورتحال اها آهي جو 1988ع تائين جيستائين جنرل ضياء جي حڪومت هئي ته ملڪ تي قرض ٽيهه ارب ڊالر هو جنهن بعد پيپلز پارٽي ۽ نون ليگ جي مختلف حڪومتي دورن ۾  ملائي ڪري اٽڪل ڏه ارب ڊالرن جو قرض حاصل ڪيو ويو جڏهن ته مشرف جي پوري حڪومتي دور ۾ رڳو هڪ ارب ڊالرن جو قرض حاصل ڪيو ويو اهڙيء طرح 2007ع ۾ جڏهن مشرف دور جي پڄاڻي ٿي ته ملڪ تي ڪل قرضن جي رقم چاليهه ارب ڊالر هئي.جڏهن 2008ع ۾ زرداري حڪومت آئي ته ان 2013ع تائين قرضن ۾ ٽيهه ارب ڊالرن جو اضافو ڪندي اهو انگ ستر ارب ڊالرن تائين پهچائي ڇڏيو ۽ جڏهن نواز حڪومت 2018ع ۾ رخصت ٿي ته ملڪ تي غير ملڪي قرضن جي رقم ڇهانوي ارب ڊالر ٿي چڪي هئي.ان ڪري ملڪ جي موجوده خراب معاشي صورتحال جي اڪيلي ذميداري هاڻوڪي حڪومت تي وجھڻ سراسر زيادتي آهي.ها اهو صحيح آهي ته گذريل اٺن مهينن ۾ هاڻوڪي حڪومت کي جيڪي ڪجهه بنيادي قدم ملڪي معيشت کي بهتر بنائڻ طرف کڻڻ گھربا هئا اهي هيء حڪومت به کڻي نه سگھي جنهن ڪري پهرين کان موجود خراب معاشي صورتحال وڌيڪ ابتريء ۽ تباهيء جي طرف وڌي ويئي.هن وقت سوال اهو ناهي ته آئي ايم ايف وٽ وڃڻ گھربو هو يا نه؟ نڪو ئي اهو سوال اهم آهي ته آئي ايم ايف سان ٿيل معاهدي تي اسيمبليء ۾ بحث ٿيڻ گھرجي يانه؟ اصل سوال اهو آهي ته هن وقت اسان جنهن سخت مالي ۽ معاشي صورتحال کي منهن ڏيئي رهيا آهيون ۽ مهانگائيء جو جيڪو طوفان آيو آهي ۽ اڃا اچڻ وارو آهي ان کي ڪيئن منهن ڏجي ۽ ڪهڙيون تدبيرون ڪيون وڃن جو ان مصيبت کي غريب عوام تان ڪنهن نموني گھٽائي سگھجي.ان سلسلي ۾ حڪومت کي ڪجهه اهم قدم ضرور کڻڻا پوندا نه ته ملڪ ۾ اهڙي ته بي چيني پيدا ٿيندي جنهن کي ڪنٽرول ڪري نه سگھبو.سڀ کان پهرين ته حڪومتي اجايا خرچ ڪنٽرول ڪري حقيقي ڪفايت شعاريء جو مظاهرو ڪرڻ گھرجي.وفاق ۽ صوبن جي سطح تي کوڙ ساريون اهڙيون وزارتون ۽ ادارا موجود آهن جن جي حقيقت ۾ ڪا ضرورت ئي ناهي انهن وزارتن ۽ ادارن ۾ ڊائون سائيزنگ ڪرڻي پوندي ۽ سرڪاري پروٽوڪول تي ضايع ٿيندڙ رقم بچائڻي پوندي. بجلي ۽ گئس جي وڌندڙ اگھن جي پيش نظر گهٽ استعمال ڪندڙ صارفين کي يا ته سبسڊي ڏيڻي پوندي يا وري انهن اگھن تي ٻيهر نظرثاني ڪرڻي پوندي.روزمرهه کاڌي جي شين جهڙوڪ اٽو،گيهه،کنڊ،چانور ۽ دالين وغيره جي اگهن کي نه رڳو ڪنٽرول ڪرڻو پوندو پر حڪومت يوٽيلٽي اسٽورن ذريعي انهن جنسن تي عوام کي مناسب سبسڊي مهيا ڪري ته جيئن غريبن جو چلهو ٻري سگھي.ٽيڪس گڏ ڪرڻ واري نظام کي وڌيڪ موثر ۽ بهتر بنائڻو پوندو ۽ غريبن تي اڻ سڌا ٽيڪس لڳائڻ بدران امير طبقي تي سڌا ٽيڪس لڳائڻا پوندا.سرڪاري ادارن مان ڪرپشن ختم ڪرڻ لاء جوڳو آپريشن ڪرڻو پوندو ۽ عوام جو لٽيل پئسو واپس آڻڻ لاء رياستي ادارن جهڙوڪ نيب،ايف آئي اي ۽ عدالتن وغيره کي ترت معاملن کي اڳتي وڌائڻو پوندو.امپورٽ گھٽائڻ ۽ ايڪسپورٽ وڌائڻ طرف ڌيان ڏيڻو پوندو.امپورٽ ٿيندڙ  غير ضروري ۽ عياشين جي سامان تي ٽيڪس وڌائڻوپوندو ۽ ملڪ ۾ سيڙپڪاريء لاء بهتر ماحول پيدا ڪرڻو پوندو.بجليء ۽ گئس جي چوري هر حالت ۾ روڪڻي پوندي ۽ جيڪي آئي پي پيز پوري بجلي مهيا نه ڪرڻ باوجود اربين ڊالر وصول ڪري رهيون آهن انهن معاهدن کي به عدالتن ۾ موڪلڻو پوندو ته جيئن انهن تي نظرثانيء جي نتيجي ۾ غريب عوام جو وڌيڪ پئسو انهن جي کيسي ۾ نه وڃي سگھي.صحت ڪارڊ هڪ سٺي اسڪيم آهي ان جو دائرو ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين وڌائڻ گھرجي ته جيئن غريب خاندان علاج جي سهوليت حاصل ڪري سگھن.سرڪاري توڙي خانگي شعبي جي ملازمن جي پگھارن ۾ جوڳو اضافو ڪرڻو پوندوته جيئن مهنگائيء جي مصيبت پگھاردار طبقي تان به ڪجهه گھٽائي سگھجي.
(روزاني هلال پاڪستان 13 مئي 2019ع)

Monday, May 13, 2019

ليڪا،لڪيرون ۽ دائرا..!



(روزاني سنڌ ايڪسپريس 13 مئي 2019ع)

سياست ۾ بنيادي تبديلين جي ضرورت.



شفيق الرحمان شاڪر
پاڪستان ٺهڻ بعد اسان جي سياسي ۽ مذهبي قيادت پنهنجون ذميداريون پوريون نه ڪيون.ماڻهن کي انصاف مهيا ڪرڻ بدران اهي پنهنجن گادين کي مضبوط ڪرڻ ۽ ملڪ جا پيداواري ذريعا پنهن جي دولت جي ڍيرن ۾ اضافو ڪرڻ لاء استعمال ڪندا رهيا.انهن پنهنجو پورو زور ان تي لڳايو ته عوام کي جهالت ۾ ڦاسائي ۽ کين سياسي اختيار کان بي دخل ڪري اسيمبلين ۾ هڪ سيڪڙو جاگيردارن،سرمائيدارن ۽ سندن حامين کي پهچايو وڃي ۽ ماڻهن کي اهو عظيم دوکو ڏنو ويو ته اهي ماڻهو ئي سندن اصل خيرخواهه ۽ نمائندا آهن.پر هاڻي جڏهن ستر سال گذرڻ بعد اهو دوکوکلي ڪري سامهون اچي چڪو آهي ته قوم کي ٻن صاف رستن مان ڪنهن هڪڙي رستي جي چونڊ ضرور ڪرڻي پوندي ته ڇا انهيء ئي مدي خارج ۽ فرسودي نظام کي جيئن جو تيئن اڳتي هلڻ ڏجي يا سچي جمهوريت ۽ حقيقي انساني فلاح ۽ بهبود وارو رستو اختيار ڪجي.جيڪر اسان کي نئون رستو اختيار ڪرڻو آهي ته پوء پنهن جي پراڻي سياست واري انداز کي بلڪل بدلائڻو پوندو ۽ ايندڙ وقت ۾ قوم جي رهنمائيء جو منصب رڳو اهڙن ماڻهن حوالي ڪرڻو پوندو جن جو مقصد اقتدار ۽ اختيار ذريعي ناانصافيء سان پنهنجا ذاتي يا گروهي مقصد حاصل ڪرڻ نه هجي.اهو ڪم جيڪر ڪرڻو اهي ته پوء اسان سڀني کي پنهن جي اندر جھاتي پائي اندر ۾ لڪيل خود غرضي ۽ مفاد پرستي کي بي نقاب ڪرڻو پوندو ۽ هر قسم جي منافقت ۽ زباني ڳالهيون ڇڏي پنهنجي ذات کي قومي مفاد ۽ وسيع انساني ڀلائيء خاطر ڀرپور گڏيل جدوجهد ڪرڻي پوندي.هاڻي ملڪ اهو برداشت ڪري نٿو سگھي ته اتي مختلف نالن سان مختلف ڪڌيون رانديون کيڏيون وڃن.هاڻي عوام ۾ پيدا ٿيندڙ شعور به اها اميد ڏياري رهيو آهي ته پاڪستان مان ان مدي خارج سياسي نظام جي ڪرپٽ محافظن ۽ سندن مددگار قوتن جي شڪست ٿي سگھي ٿي.پاڪستان جو ڇا ٿيندو؟ اهو سوال هر ڪنهن جي زبان تي آهي پر ڪو ان تي نٿو سوچي ته آخر اهو سوال پيدا ڇو ٿيو آهي؟ڇا دنيا ۾ ٻيو ڪو ملڪ به آهي جنهن جا رهواسي پنهنجي وطن جي باري ۾ ايتري بي يقينيء جو شڪار هجن؟اهو سوال رڳو انهن سماجن ۾ پيدا ٿئي ٿو جتي اجتماعي احساس مري وڃن ٿا ۽ ماڻهو ذاتي خود غرضين ۽ گروهي مفادن جو شڪار ٿي وڃن ٿا.پاڪستان جي حقيقي جوڙجڪ لاء هڪ نئين ڀرپور ۽ لاڳيتي جدوجهد جي شروعات اڻ ٽر آهي.ان جدوجهد جو بنيادي نڪتو اهو ئي هوندو ته جمهوري قدرن کي زندهه ڪرڻ ۽ انهن جي اوسر ۽ حفاظت ئي اسان جي سياست جو بنيادي پٿر آهي جنهن سان اسان ترقيء جي رستي تي اڳيان وڌي سگھون ٿا.ان لاء اسان کي ظلم،جهالت ۽ اوندهه جي طاقتن سان بطور قوم مهاڏو اٽڪائڻو پوندو ۽ اهي قوتون جيڪي غربت،بدحالي،جهالت ۽ ناانصافيء جون ذميدار آهن پنهنجي پوري توانائيء سان انهن خلاف بغاوت جو جھنڊو بلند ڪرڻو پوندو.ڪوڙ،دوکي،تعصب ۽ نفرت جي بنياد ٿي ٿيندڙ سياست کي ٻنجو ڏيڻو پوندو ۽ سياسي ميدان مان قبضا خورن،مفاد پرستن ۽ دولت جي پوڄارين کي نيڪالي ڏيڻي پوندي.هتان جي سياست کي ملڪ جي مزدور ۽ پيڙهيل طبقن جي خواهشن جي تابع ڪرڻو پوندو جيڪو بدقسمتيء سان حڪمرانن جي سمورين دعوائن باوجود اڃا تائين نه ٿي سگھيو آهي.ملڪ جون معاشي،سياسي ۽ سماجي حالتون ڏينهون ڏينهن وڌيڪ خراب ٿينديون ٿيون وڃن.عوام جي زندگي عذاب بڻجي ويئي آهي.انهن حالتن ۾ ضروري آهي ته ملڪ جا مزدور،هاري،وچولي طبقي جا باشعور ماڻهو،عوامي دانشور ۽ سول سوسائٽيء جا نمائندا پنهنجي ملڪ ۾ برپا ٿيندڙ سياسي عمل کي ڪجهه خاص ماڻهن حوالي ڪري رکڻ ۽ پنهنجو پاڻ کي ان کان اڻ لاڳاپيل رکڻ بدران اڳيان اچن ۽ عوامي قوت کي مضبوط ۽ متحرڪ بنائڻ جي ڀرپور ۽ سنجيدي ڪوشش ڪن.بگڙيل معاشي حالتون دراصل ان ڳالهه جو نتيجو آهن جو ملڪ جي حڪمرانن معيشت کي سياسي مفادن سان جوڙي رکيو آهي.قومي دولت مان پنهنجو ناجائز حصو وصول ڪرڻ ۽ عالمي مالياتي ادارن جا مطالبا پورا ڪرڻ لاء اهي عوام دشمن قدم کڻندا رهيا آهن.ٻي ڳالهه ته سمورا اختيار ڪجهه خاندانن جي هٿن ۾ گڏ ٿيڻ سبب اسان لاڳيتو تباهي ۽ برباديء جو سفرطيء ڪري رهيا آهيون.ٽين ڳالهه اها ته حڪمرانن طرفان مختلف رياستي ۽ حڪومتي ادارن ۾ اجائي سياسي مداخلت سبب اهي قومي ادارا جيئن پوء تيئن تباهه ۽ ڪمزور ٿيندا ٿا وڃن ۽ پارليامينٽ ۾ به عوامي خرچ تي اهڙا بحث جاري آهن جن جو تعلق رڳو ان رعايت يافتا طبقي جي ذاتي مفادن سان آهي.انهن حالتن ۾ جمهوريت جي مضبوطي ۽ فائدن جا سڀ بحث اجايا آهن.انهن حقيقتن جي روشنيء ۾ هاڻي وڌيڪ عرصي لاء ملڪ ۽ عوام کي اهڙن ماڻهن جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي نٿو سگھجي جيڪي قوم کي روز نت نون مصيبتن ۾ ڌڪيندا آيا آهن.هاڻي ڪو ٻيو رستو ئي ناهي سواء ان جي جو ملڪ کي ان آمراڻي جمهوريت مان نجات ڏيارڻ جي لاء موثر جدوڪهد ڪئي وڃي.جيستائين ڪو سماج سندس هر فرد کي ان ڳالهه جي ضمانت نٿو ڏئي ته زندگيء جون بنيادي ضرورتون حاصل ڪرڻ ۾ سندس راهه ۾ ڪابه رنڊڪ برداشت نه ڪئي ويندي،سندس راهه ۾ ڪابه هڪ هٽي اچڻ نه ڏني ويندي ۽ کيس ترقيء جا سمورا موقعا هڪجهڙا ۽ انصاف مطابق مهيا ڪيا ويندا ان وقت تائين اهو سماج انهن ئي مسئلن ۽ بي چينين جو شڪار رهندو.پاڪستان ۾ هڪ مثالي نظام حڪومت قائم ڪرڻ ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ هاڻوڪو مدي خارج ۽ ناانصافيء تي ٻڌل نظام آهي جنهن وڏين وڏين ڏوهاري مافيائن کي جنم ڏيئي سماج جي هر فرد کي معاشي طور تي پاڻ ڀرو بنائڻ بدران اڪثريت کي زندگيء جي بنيادي ضرورتن کان به محروم ڪري رکيو آهي.هاڻي اسان جي ماڻهن جو مقام سندن علمي ۽ عملي صلاحيتن،اخلاقي برتري ۽ ذاتي ڪردار بدران انهن وٽ موجود دولت ۽ سرمائي جي پيمانن مان طيء ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪير به اهو نٿو پڇي ته اهو پئسو ڪٿان آيو؟اسان جي راهه جي هڪ وڏي رڪاوٽ فرقا پرستي ۽ تعصب به آهي.عوام کي ڪا وحدت بنائڻ بدران سدائين ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو جي پاليسيء هيٺ ماڻهن کي منتشر رکيو ويو آهي. ڪنهن به سماج ۾ ان وقت تائين تعاون ۽ اعتماد جي فضا قائم ٿي نٿي سگھي ۽ ڪا قوم حقيقي ترقي نٿي ڪري سگھي جيستائين ان سماج ۾ معاشي انصاف ۽ سماجي عدل نه قائم ڪيو وڃي. جيستائين ڪا قوم معاشي اڻ برابري ۽ سماجي هيٺ مٿانهين جو شڪار رهي ٿي ۽ ماڻهن جي آمدين ۾ فرق کي مناسب حد تائين گھٽايو نٿو وڃي ان وقت تائين گھڻي کان گھڻو گڏ ڪرڻ جو حرص ۽ معاشي ڊوڙ ۾ ٻين کان پٺتي رهجي وڃڻ جي لاڙي کي گھٽائي نٿو سگھجي ۽ نه ئي ماڻهن ۾ هڪٻئي سان تعاون ۽ هڪ ٻئي جي معاشي مضبوطي ۽ اخلاقي ترقي لاء هٿ ونڊائڻ جي جذبي کي اڀاري سگھجي ٿو.معاشي ۽ سماجي اڻ برابري جو خاتمو رڳو تڏهن ممڪن آهي جڏهن قوم جو گڏيل ضمير انهن کي رد ڪرڻ لاء تيار ٿي وڃي ۽ قوم گڏيل ارادي سان ان ناانصافيء خلاف اٿي بيهي.پر اها سچائي به پهنجي جڳهه تي اڻ ٽر آهي ته ڪابه قوم پنهنجو پاڻ بنان قيادت جي ميدان عمل ۾ لهي نٿي سگھي جيستائين هوء پنهنجي لاء اهڙي قيادت به ڳولهي جيڪا پنهنجن ذاتي مفادن کي قومي مفادن تي ترجيح ڏيندڙ نه هجي ۽ جيڪا حقيقي طور تي انسان دوست هجي.جنهن جي قول ۽ فعل ۾ تضاد نه هجي.جنهن ۾ قربانيء جو جذبو هجي ته منجھس صبر،تحمل،ڌيرج ۽ سنجيدگي به هجي. جيڪي اختلاف،نفرت،حقارت ۽ تعصب جو ٻڄ پوکڻ بدران همدردي،ٻڌي،ايڪي ۽ گڏيل عمل جي جذبن جي اوسر ڪن.ڪجهه واضح اصول ترتيب ڏيڻا پوندا جن جي پابندي هر ان شخص کي لازمي ڪرڻي پوندي جيڪو پنهنجو پاڻ کي عوامي قيادت لاء پيش ڪري.مثال، ان اصول کي قومي سطح تي نافذ ڪرڻو پوندو ته هر شخص جي حوالي اهو ئي ڪم ڪيو ويندو جيڪو ان جو اهل هوندو ۽ زندگيء جي مختلف شعبن ۾ بهترين صلاحيتن جي مالڪ اهل ۽ ايماندار ماڻهن کي اڳيان آندو ويندو.قوم کي خاموش تماشائيء جيان اقتدار جي جنگ جو تماشو ڏسڻ واري پنهنجي پراڻي هلت ڇڏڻي پوندي ۽ پنهنجي قيادت جي صحيح سڃاڻپ ڪرڻي پوندي.اهو ڏسڻو پوندو ته سندن سياسي اڳواڻن مان ڪير ڪير عوامي خدمت جو ڪم ڪري ٿو ۽ ڪير ڪير پنهنجي دولت بچائڻ ۽ وڌائڻ لاء جمهوريت جو تماشو لڳائي ٿو.اها ڪريل سوچ مٽائڻ جو به وقت اچي ويو آهي ته هتي هڪڙا حاڪم آهن ته ٻيا محڪوم!
(روزاني هلال پاڪستان 11 مئي 2019ع)

Saturday, May 11, 2019

ماء جهڙي ممتا رکندڙ رياست ڪٿي آهي؟



شفيق الرحمان شاڪر
دنيا جي سياسي تاريخ ۾ اهو شايد پهريون عجيب واقعو آهي جو هڪ اهڙو ڏوهاري جنهن کي ملڪ جي عدالتن ڪرپشن ۽ بدعنوانيء جو ڏوهي قرار ڏيندي کيس ستن سالن جي سزا ٻڌائي انهيء کي سندس جماعت جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن جلوس جي شڪل ۾ نچندي ۽ ڪڏندي ٻيهر جيل ڀيڙو ڪري واپس موٽي آيا.سياسي اشرافيا عوام جي نالي تي جيڪي به ڪلور عوام سان ڪندي رهي آهي انهيء جو ذميدار انهن اڳواڻن سان گڏ خود هن ملڪ جو عوام پاڻ به آهي.هڪ طرف عدالتون ڪنهن به اڳواڻ کي ان ڏوهه ۾ سزا ڏين ٿيون ته هن عوام سان ويساهه گھاتي ڪري.پنهنجي حلف جي خلاف ورزي ڪندي،دوکي ۽ بدعنوانيء ذريعي عوام جو پئسو ڦريو ۽ لٽيو جنهن ڪري هن وقت عوام هنن ڪسمپرسيء وارين حالتن مان گذري رهيو آهي ته ٻئي طرف اهو ساڳيو عوام اهڙن ئي ڦرلٽ ڪندڙ ليڊرن جي اڳيان نچي ڪڏي کين هر ڏوهه کان آجو ڪري ڇڏي ٿو يعني جن عوام جو سک ۽ چين برباد ڪيو،جن کين بدحال ۽ مقروض بڻايو،جن کين ٽڪي ٽڪي جو محتاج ڪيو،جن کين زندگيء جون ٻيون سهوليتون ته پنهنجي جڳهه تي پر کين اڄ تائين پيئڻ جو صاف پاڻي به مهيا ناهي ڪيو اهو ئي عوام انهن جا گيت ڳائيندي،سندن جلسن ۽ ريلين ۾ نچندي،سندن حق ۾ نعرا هڻندي ۽ کين دنيا جا عظيم رهبر قرار ڏيندي نٿو ٿڪي.مهانگائيء خلاف ته دانهون ٿين ٿيون پر جيڪي ان مهانگائيء جا بنيادي ذميدار  آهن انهن سان عوام جون محبتون برقرار آهن،ملڪ ۾ ناانصافي ۽ لاقانونيت جو ته ماتم ڪيو وڃي ٿو پر جيڪا سياسي اشرافيا ملڪ جي هر قانون کي پنهنجي جتيء جي نوڪ تي رکي ٿي انهن سان ساڳيون عقيدتون قائم آهن.بيروزگاري ۽ بدحاليء جو ته سوڳ ملهايو وڃي ٿو پر جن اڳواڻن عوام کي خودڪشين تي مجبور ڪيو انهن جي ساڳي عزت بحال ۽ برقرار آهي.نه رڳو عوام پر حڪومت ۽ رياست به اهڙن ظالمن جي سڌي يا اڻ سڌي حوصلا افزائي ڪندي نظر اچي ٿي،عدالتون به اهڙن ڏوهارين کي رعايت ڏينديون ٿيون رهن.انهن لاء هر معاملي ۾ خاص قسم جي هلت ،رويو ۽ سلوڪ سامهون اچي ٿو.لڳي ٿو ته هي ملڪ ٺهيو ئي ان اشرافيا جي لاء آهي.انهن سواء نه جمهوريت جي ڪا وصف ٿي مڪمل ٿئي ۽ نه سياست جي ڪا سونهن ٿي باقي رهي.اهي شاهاڻي انداز ۾ حڪومت ڪن ٿا،شاهاڻي انداز ۾ ڏوهه ڪن ٿا،شاهاڻي انداز ۾ عدالتن ۾ پيش ٿين ٿا،شاهاڻي انداز ۾ جيل داخل ٿين ٿا ۽ شاهاڻي انداز ۾ جيل کان ٻاهر اچن ٿا.ان ڪري جو اهي هن ملڪ جا شهنشاهه آهن.ٻيو سمورو غريب عوام سندن رعيت آهي.آئين ۽ قانون ۾ جيڪي حق مليل آهن اهي به رڳو انهن جا آهن،رياست طرفان ملندڙ سمورين رعايتن ۽ سهوليتن تي به رڳو انهن جو ئي اڪيلو حق آهي.احتساب احتساب جي گردان پڙهندڙن کان ڪو اهو ته پڇي ته هن ملڪ ۾ اڄ تائين ڪهڙي طاقتور جو احتساب ٿيو آهي؟ سياست جي دنيا جي انهن مهذب ڌاڙيلن کان اڄ تائين ڪنهن روپيو به واپس وصول ڪيو آهي؟غريبن کي ملندڙ زڪوات جي پئسن کان اسپتالن ۾ ملندڙ دوائن جي بجيٽ اهي هضم ڪيو وڃن،ترقياتي اسڪيمن جو سمورو فنڊ هڙپ ڪيو وڃن،ناجائز ۽ ڳاٽي ٽوڙ ٽيڪسن جي مد ۾ ماڻهن جي وات جو لقمو کسي ويا،شهرن ۽ ڳوٺن کي انهن برباد ڪري ڇڏيو،زراعت جي ستيا ناس ڪيائون،قدم قدم تي انصاف ۽ قانون جو جنازو ڪڍندا رهيا،غريبن.لاچارن،هارين ۽ مزدورن کي معاشي گھاڻي ۾ نپوڙي سندن رت ۽ ست ڪڍي چڪا پر شاباس هجي رياست ۽ رياستي ادارن کي جن انهن جو اڄ تائين وار به ونگو ناهي ڪيو. سلام هجي هن ملڪ جي عوام کي جيڪي اڄ به انهن تان پنهن جو سر ۽ ساهه صدقي ڪرڻ لاء آتا آهن،خراج تحسين پيش ڪجي انهن دانشورن کي جن کي هن ملڪ ۾ رڳو ان اشرافيا جي بنيادي حقن تي ئي ڳڻتي آهي.ٻه ٽي ڏينهن اڳ جو واقعو آهي جو هڪ ڳورهاري عورت ويم لاء اسلام آباد جي پمس اسپتال پهتي ته ڊاڪٽرن اهو چئي کيس اسپتال مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ته جيئن ته هن وٽ شناختي ڪارڊ يا نڪاح نامو موجود ڪونهي ان ڪري اهي کيس اسپتال ۾ داخل ڪري نٿا سگھن. ساڳي عورت شديد تڪليف جي حالت ۾ گھر موٽي ويئي ۽ پنهنجي مڙس سان گڏ شناختي ڪارڊ کڻي واپس اسپتال پهتي ته ڊاڪٽرن کيس اهو چئي ٻيهر واپس ڪري ڇڏيو ته في الحال کيس ويم واري صورتحال سامهون ناهي ان ڪري هن کي اسپتال داخل ڪري نٿو سگھجي،ويچاري بيوس عورت آخر ڪري به ڇا ٿي سگھي،لاچار ٿي واپس گھر موٽي ويئي.گھر پهچڻ تي کيس تڪليف ۽ درد حد کان وڌي ويو ته صبح چئين وڳين وري مڙس کي ساڻ ڪري اسپتال پهتي پر افسوس جو ويم وقت سندس ٻار مري چڪو هو.اهي آهن اسان جون حڪومتون جيڪي غريبن جي درد ۾ سڙنديون ۽ سڪنديون ٿيون وڃن ۽ اها آهي اها تبديلي جنهن جا نعرا هڻندي نه ته حڪمرانن کي ڪو شرم ٿو اچي ۽ نه ئي سندن چاپلوس چمچن کي ڪو حيا ٿو ٿئي.رياست ڪٿي آهي جنهن پنهنجي هر شهريء سان سندس جان،مال ۽ عزت جي حفاظت جو وچن ڪيو آهي؟ هڪ اهڙو معصوم ابهم وجود جنهن کي دنيا ۾ اک کولڻ کان اڳ قتل ڪيو ويو،اهو ڏٺو وائٺو قتل ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟هڪ اهڙو ملڪ جتي ڪنهن جو شناختي ڪارڊ يا نڪاح نامو چڪاس ڪرڻ سواء سندس طبي چڪاس ڪري نٿي سگھجي،جتي ڪنهن جيو کي کڙيون رڳڙي قتل ٿيندي ته رياست ڏسي سگھي ٿي پر پنهنجن ڪارندن جي اهڙن ڪارن ڪلورن تي ڪا ڪاروائي ڪري نٿي سگھي.جتي ڪا اميد هاري ناري پنهنجن نيڻن ۾ ڪنهن نئين جيو جي آمد جي آس سجائي وڏن امتحانن بعد ڪنهن سرڪاري اسپتال جي در تي ته پهچي پر واپسيء تي پنهن جي ڪڇ ۾ ڪنهن معصوم ابهم جو لاش کڻي گھر پهچي ٿي انهيء سوال سان ته ” ماء جهڙي ممتا رکندڙ رياست ڪٿي آهي؟“
(روزاني هلال پاڪستان 9 مئي 2019ع)

Thursday, May 9, 2019

ماضيء جو آئينو ؛ ڀٽو ۽ شيخ مجيب جا ڇهه نڪتا.




شفيق الرحمان شاڪر
عام طور تي ڏٺو ويو آهي ته اوهان ڀٽي صاحب جي حامين سان ڳالهايو يا سندس مخالفن سان،انهن ٻنهي ۾ هڪڙي شيء ساڳي آهي سا آهي ڀٽي صاحب جي باري ۾معلومات جي گھٽتائي.اسان جي ٻاهتر سالا قومي سفر ۾ چند سالن لاء رهندڙ ڀٽي جي باري ۾ گھڻا ماڻهو گھٽ ڄاڻن ٿا پر هن جي شخصيت اهڙي آهي جنهن تي اڄ تائين گھڻي کان گھڻو بحث ٿيندو رهيو آهي.ڪتاب ” ديده ور ڪي داستان حيات“ ذوالفقار علي ڀٽي جي پراڻي ساٿي ۽ ڀٽودور ۾ وزير مذهبي معاملا رهندڙ مولانا ڪوثر نيازيء جي لکڻي آهي. ڪتاب جي شروعات ذوالفقار علي ڀٽي کان ڪرڻ بدران سندس خانداني حالتن،سر شاهنواز ڀٽي جي سياسي اهميت ۽ ڀٽو خاندان جي انگريز دور ۾ اثر رسوخ سان ٿئي ٿي ۽ اتان ان جو رخ ڀٽي جي تعليم، وڪالت جي پريڪٽس ۽ پوء سياسي پرورش طرف مڙي وڃي ٿو.ڀٽي جي مخالفن پاران هڪڙو الزام هن تي اهو لڳايو وڃي ٿو ته ان کي سياست ۽ حڪومت ۾ آڻڻ وارو هڪ فوجي آمر جنرل ايوب خان هو جنهن جي ڪلهن تي پير رکي ڀٽي سياست ۾ پنهنجي جڳهه جوڙي.مولانا ڪوثر نيازي واضح ڪري ٿو ته ڀٽو ڪنهن سفارش جي نتيجي ۾ ڪابينا ۾ نه آيو هو بلڪه سر شاهنواز ڀٽو سنڌ جي سياست ۽ جوناڳڙهه جي وزارت ۾ پهريان ئي ايترو سرگرم هو جو ڀٽي کي سياست ۾ اچڻ لاء ڪنهنجي ڪلهن جي ضرورت نه هئي.ان جي ابتڙ وزير اعظم چوڌري محمد علي جي دور ۾ گڏيل قومن ۾ ويندڙ هڪ وفد سان گڏ موڪلڻ جي تجويز پيش ڪئي ويئي ۽ بعد ۾ هو وزير اعظم حسين شهيد سهروردي جي دور ۾ 1957ع ۾ پهريون ڀيرو گڏيل قومن ۾ ويو جتي هن پاڪستان جي نمائندگي ڪئي ۽ ان کان پوء 1958ع ۾ گڏيل قومن جي سامونڊي قانونن بابت ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ به ويو ۽ اهڙيء طرح هن ملڪي ۽ بين الاقوامي طور تي بلند حيثيت حاصل ڪري ورتي هئي.1958ع کان 1969ع تائين جا واقعا نهايت ئي دلچسپ رهيا آهن.انهيء دوران پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ پهرين جنگ لڳي،روس سان اسان جي لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي،چين ۽ ايفرو ايشيائي ملڪن سان اسان جا لاڳاپا مضبوط ٿيا 1967ع ۾ ڀٽي جي عوامي مهم جي شروعات سان 1970ع جي چونڊن تائين ڀٽي پوري ملڪ جا دورا ڪيا ۽ ان دوران کيس ڀرپور عوامي حمايت حاصل ٿي.ڪجهه جاين تي هن تي حملا به ٿيا جنهنجو الزام ظاهر آهي ته ان وقت جي فوجي حڪومت ۽ انهن ٽولن تي لڳائي سگھجي ٿو جن جي مفادن کي ڀٽي جي سياست کان خطرو هو.مولانا ڪوثر نيازي ان دلچسپ دور کي وڏي خوبصورتيء سان قلم بند ڪندي هڪڙو واقعو بيان ڪري ٿو؛
ملتان جي شيزان هوٽل جي استقباليي ۾ وڃڻ لاء ڀٽي جنهن رستي جي چونڊ ڪئي انهيء تي غنڊا مقرر ڪيا ويا هئا ته جيئن اهي جڳهه جڳهه ڀٽي جي ڪار تي پٿراء ڪن ۽ جيڪر هو پوء به باز نه اچي ته مٿانئس حملو ڪيو وڃي پر جڏهن ڀٽو پروگرام مطابق ٻئي رستي کان شيزان اندر پهچي ويو ته حڪام کي ان جو اطلاع مليو.ان وقت سپاسنامو شروع ٿي چڪو هو.تڙ تڪڙ ۾ شيزان کان ٻاهر غنڊن کي گڏ ڪيو ويو.انهن ڏينهن ۾ هوٽل جي عمارت زير تعمير هئي.اڃا سپاسنامو شروع ٿيو هو ته درين ۽ شيشن تي پٿرن ۽ سرن جي برسات شروع ٿي ويئي.غنڊا دراوازو کولي اندر داخل ٿي ويا.ٻاهر پوليس سندن حوصلا افزائي ڪري رهي هئي.استقباليي ۾ شريڪ مهمانن اڳتي وڌي غنڊن سان هٿين لڙائي شروع ڪري ڏني.شيزان جي بيرن ڀٽي جي اڳيان ميزون اڀيون ڪري ڇڏيون هيون.هن جي نظرن کان هٽڻ سبب ڪنهن چيو؛ ”ڀٽو صاحب ڀڄي ويو آهي.“ ۽ ڀٽي صاحب ميز کي هڪ طرف هٽائيندي چيو؛ ” شٽ اپ.“
ڀٽي تي سڀ کان وڏو جيڪو الزام لڳايو وڃي ٿو سو اهو ته هو اوڀر پاڪستان جي علحدگيء جو ذميدار آهي. هن ڪتاب ۾ کيس ان ڏوهه ۾ قصوروار نه قرار ڏنو ويو آهي.اوڀر پاڪستان سان پاڪستان جي شروعاتي سالن واري سلوڪ جي نشاندهي به ڪئي وييئي آهي۽ شيخ مجيب جي ڇهن نڪتن جي ڪهاڻي به تفصيل سان درج ڪئي ويئي آهي پر شيخ مجيب جي مطالبن کي دوکو قرار ڏنو ويو آهي.شيخ مجيب جا ڇهه نڪتا مختصر طور تي هي هئا. 1. وفاق پاڪستان کي قرارداد لاهور جي اصل روح مطابق قائم ڪيو وڃي.2. وفاق وٽ رڳو دفاع۽ پرڏيهي معاملا هجن ۽ باقي سڀ معاملا صوبن وٽ هئڻ گھرجن.3. ملڪ جي ٻنهي حصن لاء الڳ ڪرنسيون ۽ الڳ مرڪزي بينڪون هئڻ گھرجن.4. ٽيڪس جي وصوليء جو مڪمل اختيار صوبن وٽ هجي جنهن ۾ اهي وفاق کي خرچ لاء حصو ڏين.5. ٻنهي حصن لاء زر مبادلا جي لاء الڳ الڳ کاتا قائم ڪيا وڃن ۽ صوبن کي ٻين ملڪن سان واپاري لاڳاپا قائم ڪرڻ جو اختيار هئڻ گھرجي.6. اوڀر پاڪستان جي پنهنجي فوج يا پيرا مليٽري فورس هئڻ گھرجي. مولانا ڪوثر نيازيء هن ڪتاب ذريعي ان پوري ڪهاڻيء کي ڀٽي جي نڪته نظر کان بيان ڪيو آهي،اهو نڪته نظر صحيح آهي يا غلط پر ڪتاب ۾ اهي تفصيل ضرور ڏنا ويا آهن جن کان واقفيت تاريخ سان دلچسپي رکندڙ هر ماڻهوء لاء ضروري آهي.اهو ته گھڻا ڄاڻن ٿا ته ڀٽي پنهنجي پارٽي ميمبرن کي اسيمبليء جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ لاء ڍاڪا وڃڻ کان روڪيو هو پر مولانا ڪوثر نيازي ان معاملي تي روشني وجھندي لکي ٿو؛ عوامي ليگ جي اڳواڻ تاج الدين 21 ڊسمبر تي پنهنجي بيان ۾ هي پرزور اعلان ڪيوته اسان جي جماعت اڪيلي اڪثريتي جماعت آهي ۽ اسين مرڪز ۾ حڪومت بنائڻ جو حق رکون ٿا. معاملو جيڪر رڳو اقتدار تائين محدود هجي ها ته صورتحال ٻي هجي ها پر اصل مسئلو حڪومت کان اڳ دستور جوڙڻ جو هو ۽ سمورن صوبن جو راضپو حاصل ڪرڻ سواء رڳو هڪ صوبي جي چونڊيل حڪومت توڙي جو اهو اڪثريتي صوبو ئي ڇونه هجي پنهنجو دستور نافذ ڪرڻ جو حق نه رکندي هئي ۽ وري عوامي ليگ جا ڇهه نڪتا به ملڪي سلامتيء تي اثر انداز ٿين ها ان ڪري انهن جي باري ۾ ڪنهن مفاهمت تي پهچڻ لازمي هو.” هاڻي اها ڳالهه کلي ڪري سامهون اچي ويئي هئي ته 3 مارچ جي ڍاڪا سيشن م عوامي ليگ جي ترتيب ڏنل ڇهن نڪتن تي ٻڌل آئين سادي اڪثريت جي بل تي فوري طور تي منظور ٿي ويندو.ان جو طريقه ڪار اهو طيء ڪيو ويو هو جو اولهه پاڪستان جي نمائندن جو گھيراء ڪيو وڃي ۽ کين ان وقت تائين نه ڇڏيو وڃي جيستائين اهي عوامي ليگ جي هڪ طرفي آئين تي آڱوٺا نه هڻي وٺن ۽ ايئن اوڀر پاڪستان ۾ ئي نه پر پنجن ئي صوبن جي علحدگيء کي آئيني حيثيت ڏيئي ڇڏي وڃي.آخر 28 فيبروري تي مينار پاڪستان تي ڏهه لک شهرين جي عظيم الشان ميڙ ۾خطاب ڪندي ڀٽي ٽي متبادل تجويزون پيش ڪيون. پهرين اها ته عوامي ليگ طرفان ڇهن نڪتن تي مفاهمت تي ڪا يقين دهاني،ٻيو آئين ساز اسيمبلي لاء 120 ڏينهن جي پابندي ختم ڪئي وڃي يا آئين ساز اسيمبليء جو اجلاس ڪجهه ڏينهن لاء ملتوي ڪيو وڃي.انهن ٽنهي تجويزن ۾ ڪنهن هڪ به تسليم نه ٿيڻ جي صورت ۾ پيپلز پارٽيء پاران اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيڻ جو اعلان  ڪري ڇڏيو.“
مولانا ڪوثر نيازيء مطابق؛ ڀٽي جو خيال هو ته ڇهن نڪتن سان رڳو اوڀر پاڪستان کي خود مختياري نه ملڻي هئي پر ان جي بنياد تي جڙندڙ آئين ۾ سمورن صوبن کي اها ئي حيثيت ملي ها جيڪا اوڀر پاڪستان کي ملي ها.نتيجو اهو نڪري ها جو هڪڙو پاڪستان نه پر پنج خود مختيار رياستون سامهون اچن ها جيڪي ڀٽي کي قابل قبول نه هو.شيخ مجيب جي ڇهن نڪتن تي بحث ڪندي اسان کي ان نڪتي کي ضرور سامهون رکڻ گھرجي.جيڪا شيء هن ڪتاب کي وڌيڪ دلچسپ بنائي ٿا سا ان ۾ شامل ڀٽي،عالمي رهنمائن ۽ مشهور فلسفي برٽنڊ رسل جا خط آهن جن ۾ علاقائي ۽ بين الاقوامي حالتن تي تفصيل سان بحث ڪيو ويو آهي.مولانا ڪوثر نيازي پنهنجي ڪتاب جو عنوان ”ديده ور“ رکيو آهي ۽ هو پنهنجي قائد کي به “ديده ور“ يعني ڊگهي نظر رکڻ وارو سمجھي ٿو. ظاهر آهي ته هن ڪتاب م ڀٽي جي تعريف ٿيل آهي،سندس خيالن کي وڌيڪ وضاحت سان ۽ ان وقت جي حالتن ۽ واقعن جي پس منظر ۾ بيان ڪيو ويو آهي پر پنهنجي ايندڙ ڪتاب ” ۽ لائين ڪٽجي ويئي.“ ۾ مصنف انهن شين جو تجزيو به ڪيو آهي جيڪي مارشل لا جو سبب بڻيون ۽ جن ۾ مصنف مطابق ڀٽي جون پنهنجون غلطيون به شامل آهن.اسان کي ليکڪ جي ان ڳالهه تي سندس انصاف پسنديء کي به داد ڏيڻ گھرجي جنهنجو ذڪر هو ڪتاب جي ديٻاچي م ڪري ٿو؛ ”ڪنهن کي قائد ۽ ديده ور مڃڻ جو مطلب اهو ناهي هوندو ته ان کي هر خطا ۽ غلطيء کان پاڪ سمجھيو وڃي.وڏن شخصيتن جون غلطيون به وڏيون هونديون آهن ۽ بعد جي ڪن مرحلن ۾ مون ڪن ڳالهين ۾ اهڙي ڪا نشاندهي ڪئي آهي ته ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته مون پنهنجي ديده ور قائد جي شان ۽ مرتبي ۾ ڪا گھٽٽائي ڪئي آهي.هڪ سياسي رفيق ۽ هڪ جاگير تي ڪم ڪندڙ هاريء جي حقن ۽ فرضن ۾ جيڪو فرق روا رکڻ گھرجي،اهو نظر ۾ هجي ته پڙهندڙن کي ڪو شڪ نه ٿيندو.“
جيڪر اسان سڀ پنهنجن زندگين ۾ مولانا ڪوثر نيازي جي ان اصول تي عمل ڪريون ته سياسي،مذهبي ۽ سماجي هر قسم جي اختلافن کي آسانيء سان ختم ڪري معقوليت تي ٻڌل بيانيو جوڙي سگھون ٿا.پاڪستان جي سياسي تاريخ سان دلچسپي رکندڙ ماڻهن  کي مولانا ڪوثر نيازيء جو هي ڪتاب ان موضوع تي آخري حرف سمجھڻ سواء ضرور پڙهڻ گھرجي.
(روزاني هلال پاڪستان 7 مئي 2019ع)


Tuesday, May 7, 2019

ايڊز ڇا آهي؟



شفيق الرحمان شاڪر

بدقسمتيء سان سنڌ ۾ ايڊز جو پکڙجندڙ مرض شدت اختيار ڪندو ٿو وڃي.خدا اسان جي حڪمرانن کي ساڃاهه ڏئي جو اهي سستي سياست مان منهن ڪڍي ڪجهه اهڙن اهم مسئلن طرف به ڌيان ڏين.ضروري معلوم ٿئي ٿو ته ان مرض متعلق ڪجهه ڄاڻ شيئر ڪجي ۽ هن مرض جي باري ۾ ڦهليل ڪجهه غلط خيالن جوبه تدارڪ ڪيو وڃي.
قدرت انساني جسم کي مختلف بيمارين کان بچائڻ لاء هڪ نهايت ئي موثر دفاعي نظام سان نوازيو آهي جنهن هيٺ انساني جسم ۾ رت جا سفيد ذرا موجود ٿين ٿا جيڪي ان کي جراثيم کان محفوظ رکن ٿا.ايڊز جو سبب بڻجندڙ وائرس (Human Immune Deficiency Virus) آهي جيڪو جسم ۾ داخل ٿي انهن سفيد ذرن کي ڪمزور ايستائين جو تباهه ڪري ڇڏي ٿو.ان طرح متاثر ٿيندڙ ماڻهن ۾ عام بيمارين خلاف وڙهڻ جي صلاحيت گھٽجي وڃي ٿي.اسان جي ماحول ۾ ڪيترين ئي بيمارين جا جراثيم موجود هوندا آهن پر تندرست ماڻهو پنهنجي مضبوط مدافعت (بچاء) واري قوت سبب انهن بيمارين کان بچي وڃن ٿا جڏهن ته جن ماڻهن جو دفاعي نظام ايڇ آئي وي سبب ڪمزور ٿي ويندو آهي انهن لاء اهي جراثيم سخت نقصان جو سبب بڻجن ٿا.جن ماڻهن ۾ مرض جا جراثيم ته موجود هجن پر اڃا انهن ۾ مرض جون نشانيون ظاهر نه ٿيون هجن انهن کي ”ايڇ آئي وي پازيٽو“ چيو ويندو آهي.عام طور تي ايڇ آئي وي کان متاثر ماڻهن ۾ مرض جون نشانيون هڪ سال يا وڌ ۾ وڌ ڇهن کان ڏهن سالن جي عرصي ۾ ظاهر ٿين ٿيون ان ڪري اڪثر صورتن ۾ مريض کي خبر ئي ناهي هوندي ته هو ان مرض ۾ ڦاسي چڪو آهي.علامتون ظاهر ٿيڻ جي صورت ۾ چيو ويندو آهي ته مريض کي ايڊز يعني(Acquired Immune Deficiency Syndrome) ٿي ويو آهي.اهو ايڇ آئي وي کان انفيڪشن بعد جو آخري مرحلو آهي جنهن ۾ مريض جي CD4 ذرن جو تعداد 200 کان به گھٽجي وڃي ٿو.ڪنهن صحتمند ماڻهوء ۾ عام طور تي CD4 ذرن جو تعداد 1000 يا ان کان مٿي هوندو آهي.جنهن شخص کي ايڊز ٿي وڃي ان ۾ هي نشانيون ظاهر ٿينديون آهن؛ هڪ مهيني تائين لاڳيتو بخار،سخت ٿڪاوٽ جو احساس،بغلن۽ ڄنگھن جي جوڙن يا نڙيء ۾ غدودن جي سوڄ،وات،زبان يا نڙيء ۾ اڇا يا غير معمولي داغ،چمڙي هيٺان،وات جي اندر،نڪ يا پلڪن تي ڳاڙها يا ڀوري رنگ جا داڻا نڪرڻ،هڪ مهيني کان لاڳيتي کنگهه ۽ ساهه منجھڻ،هفتي کان مٿي جاري رهندڙ لاڳيتا دست،ياداشت ڪمزور ٿيڻ،ڊپريشن ۽ ٻيون اعصابي بيماريون،ٿوري عرصي ۾ جسم جو وزن ڏهه سيڪڙو کان وڌيڪ گھٽجي وڃڻ.
هاڻي اچو ته اهو ڏسجي ته ايڊز ڪهڙن طريقن سان پکڙجي ٿو يعني هڪ ماڻهوء مان ٻئي ماڻهوء تائين پهچي ٿو.1.ايڊز کان متاثر سرنج،نشو ڪندڙ ماڻهن جي استعمال ڪيل سرنج يا سوئي استعمال ڪرڻ سان.2. ايڊز کان متاثر وڍ ڪٽ وارا اوزار ٻيهر استعمال ڪرڻ سان.3. ايڊز کان متاثر ماء مان پيدا ٿيندڙ ٻار کي.3.حمل دوران،زچگي دوران يا ماء جو کير پيئڻ سان نئين ڄاول ٻار کي.4. ايڇ آئي وي ۽ ايڊز کان متاثر ڪنهن مرد يا عورت سان جنسي لاڳاپن ذريعي.5.مريض کي رت چاڙهڻ ذريعي.6. استعمال ٿيل سرنج کي وري وري استعمال ڪرڻ سان.7. وڍ ڪٽ جي اوزارن ۽ ڏندن ڪڍرائڻ وارن اوزارن ذريعي.8. وائرس کان متاثر اوزار چمڙيء ۾ ٽنبجڻ سان9.حجامت جي ٻيهر استعمال ٿيندڙ بليڊن ذريعي.
اهو ضروري ناهي ته ايڊز جي هر مريض ۾ بيماريء جون علامتون به ظاهر ٿين.ڪيترائي ماڻهو جيڪي ان کان متاثر هوندا آهن پر سالن تائين انهن ۾ ان بيماريء جون علامتون ظاهر نٿيون ٿين.اهڙي صورت ۾ ايڇ آئي وي جي موجودگي معلوم ڪرڻ لاء واحد طريقو رت جي ٽيسٽ آهي.مريض کي گھرجي ته هو ڪنهن قابل اعتماد ڊاڪٽر سان رابطو ڪري کيس پنهنجي شڪ جو سمورو پس منظر ٻڌائي ۽ رت جي ٽيسٽ ڪرائي.ان لاء حڪومت جي قائم ڪيل مرڪزن سان سڌو رابطو به ڪري سگھجي ٿو جتي اهڙي ٽيسٽ مفت ۾ ڪئي وڃي ٿي.جيڪر ڪنهن شخص کي ايڇ آئي وي کان متاثر ٿيندي ٽن هفتن کان ڇهه مهينا ٿيا هجن ته ان جو ايڇ آئي وي اسڪريننگ نيگيٽو به اچي سگھي ٿو اهڙي صورت ۾ ٻيهر ٽيسٽ ڪرائڻ گھرجي.ڪهڙن ماڻهن کي لازمي پنهنجي رت جي اها ٽيسٽ ڪرائڻ گھرجي؟ 1. غير ازدواجي جنسي لاڳاپا رکڻ وارا ماڻهو.2. هم جنس پرستي يا جنسي بي راه روي ۾ ڦاٿل ماڻهو.3. اهڙو شخص جنهن کي ڪنهن بيماريء سبب رت چڙهيو هجي. 4. نشي جا عادي يا اهڙا ماڻهو جن ڪنهن نشي باز جي سرنج يا سوئي استعمال ڪئي هجي.5. اهڙا ماڻهو جيڪي جنسي مرضن جو شڪار رهيا هجن.
توڙي جو اهڙيون دوائون موجود آهن جن جو باقائدگيء سان استعمال ايڊز جي مريضن کي نه رڳو ڊگھي عرصي تائين زندهه رکي سگھي ٿو بلڪه اهي سرگرم زندگي به گذاري سگھن ٿا پر اڃا تائين هن مرض جو مڪمل علاج دريافت نه ٿي سگھيو آهي.انهيء کان بچاء جو هڪڙو ئي رستو آهي سو آهي پرهيز. انهيء ڪري ضروري آهي ته هيٺين احتياطي اپائن تي عمل ڪيو وڃي.1. رت رڳو ان صورت ۾ چڙهائڻ گھرجي جڏهن ان جي سخت ضرورت هجي. 2. جيڪر زندگي بچائڻ لاء رت چڙهائڻ ضروري هجي ته اها پڪ ڪجي ته ان رت ۾ ايڊز جو وائرس ته موجود ناهي.3. جنسي لاڳاپن کي رڳو پنهنجي جيون ساٿيء تائين محدود رکجي.4. سدائين نئين ڊسپوزايبل سرنج استعمال ڪجي ۽ استعمال بعد سرنج ضايع ڪري ڇڏجي.5. جيڪر جنسي لاڳاپن وقت ڪوبه هڪ ماڻهو ان وائرس کان متاثر هجي ته ڪنڊوم جو صحيح استعمال ڪرڻ گھرجي.
گڏيل قومن جي صحت واري اداري جو چوڻ آهي ته ايڊز جو مرض پوري دنيا م نهايت تيزيء سان وڌي رهيو آهي جنهن سان اڄ تائين اٽڪل چار ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن.رڳو هڪ سال اندر هڪ ڪروڙ ماڻهو ايڊز سبب موت جي منهن ۾ هليا ويا.اڃا اٽڪل ٽي ڪروڙ ۽ ستر لک اهڙا آهن جيڪي ان وائرس جو شڪار آهن انهن مان ستر سيڪڙو افريڪا ۾ موجود آهن.ارڙهن لک ماڻهو اهڙا آهن جيڪي 2017ع ۾ متاثر ٿيا.هن مرض جي پکڙجڻ جي شروعات 1980ع ۾ ٿي هئي.هن مرض جي باري ۾ حڪومتن توڙي سول سوسائٽي کي جيڪا آگاهي ڦهلائڻ گھربي هئي سا آگاهي پيدا نه ٿي سگھي آهي.جنهن ڪري هن مرض جي باري ۾ ڪافي غلط خيال ۽ مفروضا به عام آهن. مثال اهو خيال ته ايڊز کان متاثر مريضن سان گڏ رهڻ سان اوهان کي به ايڊز ٿي پوندي.هڪ ڊگهي عرصي تائين اهو غلط تصور رهيو جنهن ڪري اهڙن مريضن سان امتيازي سلوڪ ڪيو ويندو هو.ان جي باوجود جو ان سلسلي ۾ آگاهي مهمون به هلايون وڃن ٿيون پر اهو خيال اڃا به ڪافي هنڌن تي موجود آهي.2016ع ۾ برطانيا ۾ ويهه سيڪڙو ماڻهو ان ڳالهه تي يقين رکندا هئا ته ايچ آئي وي ايڊز ٿڪ يا متاثر مريض کي ڇهڻ سان به پکڙجي سگھي ٿو.پر حقيقت اها آهي ته ڪنهن کي ڇهڻ سان،ڳوڙهن سان،پگھر،ٿڪ يا پيشاب سان هي وائرس منتقل نٿو ٿئي.اهڙيء طرح ساڳي هوا ۾ ساهه کڻڻ،هٿ ملائڻ،ڀاڪر پائڻ يا چمڻ سان به هي مرض منتقل نٿو ٿئي.هڪ ٻئي جي کاڌي جا ٿانو استعمال ڪرڻ،هڪ ٻئي جو بچايل کاڌو کائڻ،ساڳيو غسل خانو يا ٽوائلٽ استعمال ڪرڻ،هڪ ٻئي جو ذاتي شيون استعمال ڪرڻ،دروازي جي هينڊل کي ڇهڻ،ايڪسرسائيز لاء ساڳي مشين استعمال ڪرڻ سان به هي مرض هڪ کان ٻئي کي هرگز نٿو لڳي.1991ع ۾ ليڊي ڊيانا ايڇ آئي وي ايڊز جي شڪار هڪ مريض سان ملي ته جيئن ان وائرس جي پکڙجڻ متعلق قائم ٿيل غلط سوچن کي ختم ڪري سگھجي.ياد رکڻ گھرجي ته ايڇ آئي وي ايڊز جسم ۾ موجود پاڻياٺن مادن ڪنهن ٻئي شخص جي جسم اندر داخل ٿيڻ سان ٿي سگھي ٿو جيئن رت،اندام نهاني جي پاڻياٺ يا عورت جي کير سان.اهڙيء طرح غير روايتي جنسي لاڳاپن مان فارغ ٿيڻ بعد ڪجهه قسم جون حفاظتي دوائون استعمال ڪرڻ سان به ايڊز کان بچي نٿو سگھجي.افريڪا،انڊيا ۽ ٿائيلينڊ ۾ جيڪو اهو وهم موجود آهي ته جيڪر عورت جنسي لاڳاپن بعد پنهنجو پاڻ کي صاف ڪري وٺي ته ته ڪجهه به نٿو ٿئي اها نهايت ئي بي بنياد ۽ خطرناڪ سوچ آهي.توڙي جو اهو وائرس رت ذريعي منتقل ٿئي ٿو پر تحقيق سان ثابت ٿيو آهي ته جيڪر رت چوسيندڙ مخلوق جيئن مڇر وغيره ان وائرس کي پکيڙڻ جو سبب نٿا بڻجن.سو اوهان جيڪر هڪ اهڙي علائقي ۾ رهو ٿا جتي ان مرض کان متاثر گھڻا ماڻهو رهن ٿا ۽ اتي مڇر به گھڻا آهن ته پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي.
صحت جي عالمي اداري جو چوڻ آهي ته دنيا ۾ هر چئڻ ماڻهن مان هڪ ماڻهو جيڪو ايڊز ۾ ورتل آهي ان کي خبر ناهي ته هو مرض ۾ ورتل آهي.مطلب اهو ته نوي لک چاليهه هزار ماڻهو پنهنجو پاڻ ۾ موجود ان وائرس کان لاعلم آهن ۽ اهو وائرس ٻين ۾ منتقل ڪرڻ جو خطرو بنيل آهن.ان وائرس جو شڪار ٿيندڙ ڪو انسان ڏهن کان پندرهن سال تائين به زندهه رهي سگھي ٿو ۽ ٿي سگھي ٿو ته ان مرض جي ڪا به علامت سندس جسم ۾ ظاهر نه ٿئي.شروعاتي طور تي انفيڪشن جي منتقليء بعد شروعاتي ڪجهه هفتن ۾ مريض کي بخار محسوس ٿي سگھي ٿو،مٿي ۾ سور ٿي سگھي ٿو،جسم تي داڻا به نڪري سگھن ٿا ۽ نڙيء جو انفيڪشن به ٿي سگھي ٿو.ٻين نشانين ۾ اهو ٿئي ٿو جو جسم جو مدافعتي نظام نهايت ئي ڪمزور ٿي وڃي ٿو،جسم ۾ ڳنڍيون اڀري اچن ٿيون،وزن گھٽجڻ لڳي ٿو،کنگهه ٿئي ٿي ۽ پيٽ خراب رهي ٿو.جيڪر صحيح علاج نه ٿئي ته سلهه(ٽي بي) به ٿي پوي ٿي،دماغ ۽ ريڙهه جي هڌيء ۾ به مسئلو پيدا ٿئي ٿو،بيڪٽيريا انفيڪشن پيدا ڪن ٿا ۽ مريض مختلف قسم جي ڪينسر ۾ مبتلا ٿي سگھي ٿو.

(روزاني هلال پاڪستان 5 مئي 2019ع)