Saturday, February 29, 2020

سهڻي صلاح ؛ قدرتي آفتون ۽ وبائون...



قدرتي آفتون ۽ وبائون اسان جي عملن ۽خدا جي حڪم سان اينديون آهن.انهن جو مذاق اڏائڻ يا اجايا افواهه پکيڙي ماڻهن ۾ خوف ۽ هراس پيدا ڪرڻ الله جي عذاب کي دعوت ڏيڻ آهي!

Friday, February 28, 2020

”نظريه ضرورت “ هيٺ جاري ٿيندڙ آرڊيننس.



شفيق الرحمان شاڪر
” نظريه ضرورت“ کي سڀ کان اڳ ٻن انگريز دانشورن بليڪ اسٽون ۽ هينري ڊي بريڪٽين متعارف ڪرايو هو.انهيء نظريي مطابق ڪنهن به ناجائز، غير قانوني ۽ غير آئيني عمل کي  عوامي ضرورت مطابق قانوني ۽ جائز قرار ڏيئي سگھجي ٿو.جيتو ڻيڪ اهو نظريو ڪڏهن به انگلنڊ ۾ عمل هيٺ ناهي آيو پر پاڪستان ۾ وقت جي حڪمرانن ۽ عدليا انهيء نظريي کي ڪيترائي ڀيرا ضرور عمل هيٺ آندو آهي.ماڻهن کي اهو ٻڌايو ويو ته نظريه ضرورت جنهن کي پاڪستاني تاريخ ۾ پهريون ڀيرو چيف جسٽس منير لاڳو ڪيو هو سو هاڻي هميشه لاء دفن ٿي چڪو آهي تنهن هوندي به ايئن ٿو لڳي ته اسان جون سياسي جماعتون اڃا تائين پنهنجن مقصدن لاء ان نظريي کي اڳتي وڌائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن.ان جو هڪ واضح مثال آئين جي آرٽيڪل 89 جي استعمال جو آهي جنهن کي نهايت ئي غلط طريقي سان استعمال ڪيو وڃي ٿو.اسان جي آئين جي آرٽيڪل 89 مطابق پاڪستان جي صدر کي آرڊيننس جاري ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي پر انهيء ۾ شرط به لاڳو ڪيا ويا آهن ته ”جيڪڏهن پارليامينٽ جو اجلاس جاري نه هجي“ ۽ اهو به ته ” جيڪڏهن صدر پاڪستان مطئمن ٿئي ته اهڙيون حالتون موجود آهن جو ڪنهن به معاملي تي نهايت ئي ترت ۽ تڪڙي ڪاروائيء ضروري آهي.“ اهو به ذهن م رکڻ گھرجي ته بليڪ لا ڊڪشنري ۾ لفظ ”ضروري“ جي وصف هن ريت آهي ته؛ ”اهڙي شيء جيڪا هر حال ۾ ٿيڻ جهڙي هجي ۽ جنهن کي ٽاري نه سگھجي.“ هاڻي سوچڻ جو سوال اهو آهي ته ڪابه حڪومت آرڊيننس جاري ڪرڻ وقت انهيء نڪتي کي ذهن ۾ رکي آرڊيننس ٿي جاري ڪري يا هائوس ۾ قانونسازيء کان بچڻ لاء عوامي نمائندن جي راء کي نظر انداز ڪري آرڊيننسز جو سهارو ٿي وٺي؟تنهن هوندي به ان ڳالهه کان انڪار ڪري نٿو سگھجي ته اقتدار ۾ موجود حڪومت انهن لازمي معيارن طرف ڌيان ڏيڻ بدران پنهنجي مرضيء جي قانونسازي ڪرڻ گھرندي آهي جنهن سان آئيني قانونسازن جو مينڊيٽ کسيو ويندو آهي.بدقسمتيء سان اڳوڻيون حڪومتون جن جا ميمبر هاڻي اپوزيشن ۾ ويهي هاڻوڪي حڪومت جي اهڙي ڪرت تي ڇتي تنقيد ڪندي نظر اچن ٿا اهي پاڻ به ان الزام کان بري ناهن جو اهي به حڪومت ۾ هئڻ وقت ساڳيون حرڪتون ڪندا رهيا آهن.انهيء مان رڳو هڪڙي ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته يا ته اسان جي انهن سياسي جماعتن کي جمهوريت جي باري ۾ گھڻي خبر ناهي يا وري مختلف آمرن تي تنقيد ڪرڻ باوجود انهن جو پنهن ذهن ۽ رويو به آمراڻو آهي.آرٽيڪل 70 ۾ قانونسازيء جو هڪ جامع طريقو ٻڌايو ويو آهي جيڪو بلڪل ان نظريي مطابق آهي جنهنجو مقصد جھمهوريت جي حقيقي روح جو تحفظ  ڪرڻ آهي.انهيء ۾ هيٺئين توڙي مٿئين ،ٻنهي قانون ساز ادارن جي اهميت واضح ٿيل آهي.ڇو ته جيڪو به قانون جڙندو اهو ملڪ جي شهرين تي لاڳو ٿيڻو آهي سو عوام جي راء سواء انهن متعلق قانونسازي ڪيئن ٿي ڪري سگھجي ۽  عوام جي حقيقي راء جو اظهار رڳو سندن چونڊيل نمائندن ذريعي ئي ٿي سگھي ٿو.جڏهن اوهان هائوس اندر قانونسازيء بدران آرڊيننس جو شارٽ ڪٽ اختيار ڪيو ٿا ته ملڪ جي سڄي عوام کي سندن راء جي اظهار جي بنيادي حق کان محروم ڪيو ٿا.اهو آرٽيڪل مخالف ڌر جي ڪردار کي واضح ڪري ٿو ۽ قانونسازيء جي عمل ۾ مختلف اسٽيڪ هولڊرن جي شرڪت کي يقيني بنائي  سندن مفادن جي تحفظ جي ڳالهه ڪري ٿو.قانونسازيء جي رڳو ان طريقي موجب ئي انهن خامين کي گڏيل دانش جي روشنيء ۾ درست ڪري سگھجي ٿو جيڪي ڪجهه فردن جي ذهن ۾ نه اچي سگھنديون هجن.پر بدقسمتيء سان اسان جي سياسي اشرافيا انهيء ڊگھي جاچ پڙتال واري عمل مان گذرڻ لاء تيار نٿي ٿئي تنهن ڪري آرٽيڪل 70 جو بي ڌڙڪ استعمال ٿيڻ لڳي ٿو جيڪو نظريه ضرورت کي بحال ڪرڻ جو ئي هڪ طريقو آهي.
اسان جو وزير اعظم جيڪو وڏي فخر سان پنهنجي ٻاويهه سالا سياسي جاکوڙ جا حوالا ڏيندو آهي اهو به هاڻي پنهنجو پاڻ کي هڪ ”سپريم ليڊر“ سمجھي رهيو آهي جيڪو پنهنجي پارليامينٽ جي خالي پيل ڪرسيء تي اچي ويهڻ لاء تيار ناهي ۽ پنهنجي حڪومت کي  اسيمبليء ۾ بل پيش ڪرڻ بدران ڌڙاڌڙ آرڊيننس جاري ڪرائڻ تي سندرو ٻڌي بيٺل آهي.وڌيڪ اهو ته صدر پاڪستان جيڪو وفاقي ايڪي جي علامت ۽ سياسي مامرن کان اڻ ڌريو رهڻ وارو عظيم عهدو آهي اهو پڻ پنهنجو پاڻ کي تحريڪ انصاف جي آرڊيننس فيڪٽريء جو سربراهه سڏائڻ ۾ شايد فخر سمجھي ٿو.اهو ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته آئين جو آرٽيڪل 75 صدر کي پنهنجو ذهن استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪري ٿو ۽ کيس اهو حق به ڏئي ٿو ته جيڪر هو مناسب سمجھي ته ڪنهن به بل کي ٻيهر نظرثانيء لاء واپس پارليامينٽ ڏانهن اماڻي سگھي ٿو،اهو ئي اختيار آرڊيننس تي به لاڳو ٿئي ٿو.پر افسوس جڏهن کان هيء حڪومت اقتدار ۾ آئي آهي اسان صدر کي ڪڏهن به اهم معاملن تي پنهنجو ذهن استعمال ڪندي ناهي ڏٺو بلڪه اڃا تائين صدر صاحب به تحريڪ انصاف جي ڪنهن ڪارڪن وارو ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي.آرمي چيف جي مقرري وارو معاملو هجي،اعليٰ عدالتن جي ججن خلاف ريفرنس هجن ۽ درزن کن آرڊيننس هجن انهن تي هو رڳو صحيحون ئي ڪندو رهيو آهي.
سر ونسٽن چرچل هڪ ڀيري چيو هو ته ” جمهوريت ڪو بهترين نظام ناهي پر مون کي خبر ناهي ته ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو نظام بهتر آهي؟“ سو ها، پڪ سان جمهوريت ۾ ڪيئي خاميون آهن،ڪڏهن ڪڏهن اها اسان کي اهڙن ليڊرن جي حوالي به ڪري ڇڏي ٿي جيڪي بنان ڦيٿن جي جهازن جيان ٿين ٿا پر ان جي باوجود هن وقت تائين لڌل نظامن مان جمهوريت ئي آهي جيڪا انصاف ۽ شفافيت کي گھڻو يقيني بنائي سگھي ٿي ۽ اهو چوڻ جي ڪا ضرورت ناهي ته جمهوريت رڳو تڏهن صحيح ڪم ڪري سگھي ٿي جڏهن هڪ ٻئي جي راء جو نه رڳو اختلاف برداشت ڪيو وڃي پر ان کي مان به ڏنو وڃي.مخالف ڌر ئي حڪومت ۽ انتظاميا کي عوام سامهون جواب ڏيندڙ ۽ ذميدار بنائي سگھي ٿي ۽ جڏهن حڪومت کي ملڪي ۽ عوامي مفادن ۾ ڪجهه سخت فيصلا ڪرڻ جي گھرج پيش اچي ته اها اپوزيشن ئي هوندي آهي جيڪا اهڙي قانونسازيء ۾ حڪومت جي مدد به ڪندي آهي.
پر بدقسمتيء سان هر حڪومت نه رڳو اپوزيشن کي ڌمڪائڻ ۽ هيسائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر انهن پارليامينٽ جي ڪردار کي به غير فعال بنائڻ جو ڏوهه ڪيو آهي.آئين جي آرٽيڪل 90 ۾ جيئن قانون تي عمل درآمد ڪرائڻ جي ذميداري حڪومتن کي ڏني ويئي آهي پر آرڊيننسز ذريعي نظريه ضرورت هيٺ زوريء قانون جوڙي ماڻهن تي ٿاڦڻ جي ذميداري به شايد انهن پنهنجي مٿي تي کڻي رکي آهي. انهيء حقيقت کان ته انڪار ڪري نٿو سگھجي ته هاڻوڪي حڪومت عددي لحاظ کان جنهن پوزيشن ۾ آهي ان مطابق اها پارليامينٽ ۾ آساني سان ڪا قانونسازي ڪرائي نٿي سگھي ۽ ظاهر آهي ته کيس ان صورت ۾ سخت مخالفت کي منهن ڏيڻو پوندو پر ڇا به هجي رڳو ان دليل کي آرڊيننس جي ڀرمار جو جواز بڻائي پنهنجو بچاء ڪري نٿو سگھجي.ليڊر آف دي هائوس جي طور تي اها بنيادي ذميداري وزير اعظم تي ئي اچي ٿي ته هو پارليامينٽ جو ماحول سازگار بنائڻ ۽ پنهنجن سياسي مخالفن سان بهتر لاڳاپا قائم ڪرڻ جي لاء نيڪ نيتيء سان قدم کڻي جنهن کان سواء نه ته پارليامينٽ پنهنجو صحيح ڪم ڪري سگھي ٿي ۽ نه ئي ڪا مناسب قانونسازي ٿي سگھي ٿي.پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته جتي پارليامينٽ ۾ مخالف ڌر جو ڪردار ڪو ساراهه جوڳو ناهي اتي حڪومت جو رويو به نهايت غير ذميداراڻو بلڪه تضحيڪ آميز ۽ وڌيڪ ڇڪتاڻ پيدا ڪندڙ رهيو آهي.تحريڪ انصاف پارليامينٽ جي اندر توڙي ٻاهر هيستائين ته اهو ثابت ڪيو آهي ته اهي پنهنجي سموري ايجنڊا پارليامينٽ کي نظرانداز ڪري پوري ڪرڻ گھرن ٿا جنهن مان سندن آمراڻي ذهنيت ۽ غير جمهوري سوچ جو چڱيء طرح اندازو ٿي وڃي ٿو.جڏهن اوير ۽ سوير نيٺ حڪومت کي اهي آرڊيننس قانون جو مستقل حصو بنائڻ لاء انهيء پارليامينٽ ۾ واپس آڻڻا پوندا ته پوء سمجهه ۾ نٿو اچي ته پهرئين ڏينهن کان ئي انهن معاملن کي پارليامينٽ کان ئي شروع ڇو نٿو ڪيو وڃي؟

(روزاني عوامي آواز)

ماضيء جو آئينو؛ تاريخ ۽ عوامي ياداشت.



هر قوم جي تاريخ ۾ ڪجهه واقعا گھڻو اهم ۽ معنيٰ خيز هوندا آهن.ڪجهه واقعا اهڙا هوندا آهن جن کي وقت جي للڪارن کي منهن ڏيڻ لاء ياد رکيو ويندو اهي ۽ انهن مان اتساهه حاصل ڪيو ويندو آهي.ڪڏهن ڪڏهن اهي واقعا ماضيء جون وسريل يادون بڻجي رهجي وڃن ٿا.
پال ڪوهن پنهنجي ڪتاب ” تاريخ ۽ عوامي ياداشت“ ۾ ڪجهه اهڙن تاريخي واقعن ۽ شخصيتن جو ذڪر ڪيو آهي جن قومي جدوجهد ۽ دشمن خلاف مزاحمت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.ه سڀ کان پهرين جنگ ڪوسوو جو ذڪر ڪري ٿو جيڪا 1948ع ۾ ترڪن ۽ سربن جي وچ ۾ وڙهي ويئي.اها جنگ سربيا جي تاريخ جي يادگار واقعي جي حيثيت رکي ٿي ڇو ته ان جنگ ۾ حصو وٺڻ وارن پنهنجي قومي وقار لاء جانيون قربان ڪيون هيون.ڇيو وڃي ٿو ته جنگ شروع ٿيڻ کان اڳ سربيا جي اڳواڻ پنهنجي فوج کي خطاب ڪندي چيو هو ته انهن وٽ ٻه ئي رستا آهن ته جانيون قربان ڪري جنت ۾ وڃن يا اتي ئي رهي ترڪن جي ذلت ۽ غلامي برداشت ڪن.انهيء خونريز جنگ ۾ سلطان مراد جي ترڪ فوج سرب فوج جو بريء طرح قتل عام ڪيو ۽ انهن کي سڪست ڏني.توڙي جو سرب اها جنگ هارائي ويا تنهن هوندي به انهن پنهنجي هار کي وسارڻ بدران ياد رکيو ۽ جنگ ۾ مري ويلن کي قومي هيرو قرار ڏنو.پنج سو سالن کان مٿي عرصو گذرڻ با وجود سرب اڃا تائين ڪوسوو جي جنگ کي وساري ناهن سگھيا ۽ فخريه واقعي جي طور تي ان جي ياد ملهائين ٿا. 1989ع ۾ جڏهن روس ۾ ڪيميونسٽ حڪومت درهم برهم ٿي ته يوگو سلاويا حصا پتيون ٿي ويو ۽ نتيجي ۾ سربيا هڪ آزاد ملڪ بڻجي ويو ۽ اتي قوم پرستيء تي ٻڌل جذبن کي هوا ملڻ لڳي.هنن هڪ دفعو وري جنگ ڪوسوو جي ياد ملهائڻ شروع ڪري ڏني ۽ انهيء حوالي سان تقريب جو هنڌ به اهو چونڊيو جتي اها جنگ وڙهي ويئي هئي.انهيء دوران اڳوڻي يوگو سلاويا جي علائقن البانيا، ڪروشيا ۽ بوسينيا سميت مختلف قومن جي رهاڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ شروع ٿي ويئي.سربيا جي احتجاج باوجود ڪوسوو هڪ آزاد ملڪ بڻجي ويو تنهن هوندي به جنگ ڪوسوو اڄ به سربن جي تاريخ جو هڪ يادگار واقعو سمجھي وڃي ٿي.
مساڊا جو گھيرو به اهڙو ئي اهم تاريخي واقعو آهي.70 عيسوي ۾ اتي اسرائيلي قوم آباد هئي. رومين ان شهر کي برباد ڪري ڇڏيو ۽ يهودين جي عبادت گاهه به تباهه ڪري ڇڏي.اهڙي حالت ۾ يهودين جي هڪڙي جوشيلي ۽ انتها پسند مذهبي ٽولي مساڊا جي قلعي ۾ پناهه حاصل ڪري ورتي.جڏهن رومين قلعي تي حملو ڪيو ته انهن يهودين قلعي کي باهه لڳائي اجتماعي خودڪشي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.رومين هٿان قتل ٿيڻ يا غلامي جي ذلت کان بچڻ جو اهو ئي اڪيلو رستو هو.جڏهن رومي فوج قلعي ۾ داخل ٿي ته کين محصور يهودين جي لاشن سواء ڪجهه به نه مليو.اجتماعي خودڪشيء جي ان واقعي جا تفصيل ٻن عورتن ۽ پنجن ٻارن رومين کي ٻڌايا جيڪي قلعي جي ڪنهن هنڌ لڪي پنهنجي جان بچائڻ ۾ ڪامياب ٿيا هئا.فلسطين تي قبضي بعد اسرائيلين مساڊا جي قلعي کي عبادت گاهه ۾ بدلائي ڇڏيو.هاڻي اسرائيلي فوج ۾ ڀرتي ٿيندڙ نوجوان اتي اچي اهو حلف کڻندا آهن ته اهي آئيندي ايئن ٿيڻ نه ڏيندا.اسڪولي ٻارن کي مساڊا جو دورو ڪرايو ويندو آهي جتي کين ماضيء جي انهن ماڻهن جي بهادري ۽ حوصلي جا داستان ٻڌايا ويندا آهن جن جان ڏيئي ڇڏي پر پنهنجو پاڻ کي دشمن جي حوالي نه ڪيو هو.تنهن هوندي به جڏهن اسرائيل ۾ يهودين جي حڪومت سياسي لحاظ کان مستحلم ٿي ويئي ته انهن مساڊا جي علامتي اهميت تبديل ڪري ڇڏي ڇو ته سندن خيال ۾ ان سان يهودين جي بهادري بدران شڪست ۽ ناڪاميء جو اظهار ٿيو ٿي.نئون نياپو اهو هو ته يهودين کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ بدران پنهنجي بقا لاء مزاحمت ڪرڻ گھرجي. مساڊا کي اڄ به قومي يادگار جي حيثيت حاصل آهي پر فوج ۽ اسڪولن جا ٻار هاڻي هتي ماضيء ۾ خودڪشي ڪندڙ يهودين جي روايت تي عمل واري عهد جا پابند ناهن.ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته قومي ضرورتن مطابق تاريخ جون تاويلون به بدلجي وڃن ٿيون.انهيء ئي حوالي سان ”جون آف آرڪ“ جو واقعو به قابل ذڪر آهي.جون سترهن سالا هاري نينگري هئي.سندس دعويٰ هئي ته کيد آرڪ اينجل مشيل،سينٽ مارگريٽ ۽ سينٽ ڪيٿرائين پاران ”ڪشف“ مليو آهي.اهو انگلنڊ ۽ فرانس وچ ۾ 1337 کان 1453ع تائين جنگ جو آخري زمانو هو.جون جو چوڻ هو ته انهن مقدس روحن کيس فرانس جي بادشاهه چارلس ڇهين جي مدد ڪرڻ ۽ پنهنجي ملڪ کي انگلنڊ جي بالادستيء کان نجات ڏيارڻ جي هدايت ڪئي آهي.جڏهن اها فرانس جي بادشاهه جي درٻار ۾ پهتي ۽ کيس ٻڌايو ته هوء پنهنجي وطن کي غير ملڪي فوجن کان ڇوٽڪارو ڏياريندي ته ڪنهن به سندس ڳالهه تي يقين نه ڪيو تنهن هوندي به گھڻي ضد بعد چارلس کيس امدادي مشن سان گڏ اورلينز جي گھيراء طرف موڪليو.فرانسيسين اهو گھيراء رڳو نون ڏينهن ۾ ٽوڙي ورتو.فرانس کي ترت ئي هڪ ٻئي پويان اهڙيون ڪيئي فتحوم حاصل ٿينديون وييون.1430ع ۾هڪ مهم دوران برطانوي ۽ برگنڊي فوج جي گڏيل دستن هن کي گرفتار ڪري ورتو.گرفتاريء بعد کيس برطانوي فوج حوالي ڪيو ويو جتي برطانيا جي حامي پادري پيري ڪائوچين کيس جادوگر،ڪافر ۽ ڪوڙي قرار ڏيئي مٿس ڪيس هلايو.جون تي ڪوڙين دعوائن ذريعي ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ جا الزام لاڳو ڪيا ويا هئا.پادري ڪائوچين هن کي ڏوهاري قرار ڏنو اهڙيء طرح 1431ع ۾ کيس جيئرو ساڙيو ويو.
18 صديء ۾ اها ڪهاڻي وري زنده ٿي ۽ جون آف آرڪ کي قومي هيروئن قرار ڏنو ويو.ٻي جنگ عظيم ۾ جڏهن مارشل پيٽن قابض جرمن فوجن سان گڏجي فرانس ۾ حڪومت جوڙي ته ان وقت به جڳن آف آرڪ کي قومي وقار ۽ مزاحمت جي علامت طورپيش ڪيو ويو.مارشل پيٽن جون کي قومي هيروئن قرار ڏنو جنهن فرانس کي غير ملڪين کان بچايو هو.هن پنهنجي اقتدار کي جواز مهيا ڪرڻ لاء جون جي مورتيڀ کان ڪم ورتو.سندس ياد ۾ گڏجاڻيون ڪوٺايون،پمفليٽ ورهايا ۽ قومي تاريخ جي اعليٰ ترين شخصيت طور سندس تشهير ڪرائي.ٻئي پاسي 1970ع ۾ مزاحمتي تحريڪ جي اڳواڻ چارلس ڊيگال به جون آف ارڪ کي قومي علامت جي طور ڄاڻايو.سندس دفتر ۾ جون ۽ نيپولين جو تصويرون لڳل هونديون هيون.ڊيگال جرمنن خلاف پنهنجي مزاحمتي ڪردار جي بنياد تي پنهنجو پاڻ کي جون سان ڀيٽيندو رهيو.ضرورت وقت قومون ماضيء مان اتساه حاصل ڪرڻ لاء تاريخ کي سياسي انداز ۾ به استعمال ڪن ٿيون.
ننڍي کنڊ جي تاريخ ۾ ماضيء جا واقعن ۽ شخصيتن کي سياسي طور تي زنده ڪيو ويندو رهيو آهي يا وساريو ويندو آهي.1025ع ۾ محمود غزنوي سومنات جو مندر ڊاهيو.اهو واقعو گھڻي حد تائين وساري ڇڏيو ويو هو پر ننڍي کنڊ جي ورهاڱي بعد ڪجهه هندن مندر جي تباهي جو واقعو نئين نموني سان تازو ۽ زنده ڪيو ۽ سومناٿ کي مقدس يادگار طور ٻيهر تعمير ڪيو.مشهورڀ تاريخدان روميلا ٿاپر پنهنجي ڪتاب ”سومنات“ ۾ لکي ٿي ته تاريخ جا گھڻا آواز ان ڳالهه جو اظهار آهن ته ڪيئن نه هندو قوم پرستيء کي حرڪت ڏيڻ لاء هڪ وساريل واقعي کي ٻيهر زندهه ڪري ڇڏيو ويو!
(روزاني عوامي آواز)

Sunday, February 23, 2020

اروند ڪجريوال.بي جي پي ۽ دهليء جون چونڊون!



شفيق الرحمان شاڪر
11 فيبروريء تي دهلي ۾ ٿيندڙ عام چونڊن م ڪجروال جي عام آدمي پارٽي کي عوام جي حمايت سان زبردست ڪاميابي حاصل ٿي آهي.ان پارٽي 70 مان 62 سيٽون حاصل ڪيون آهن جڏهن ته ان جي مخالف پارٽي بي جي پي کي رڳو اٺ سيٽون ملي سگھيون آهن.عام آدمي پارٽي جي سوڀ مان اهو نتيجو ڪڍي سگھجي ٿو ته دهليء جي باشعور عوام نريندر موديء جي تعصب ڀريل پاليسين کي رد ڪري ڇڏيو آهي. مودي هندوتا ذريعي ڀارتي عوام جو جذباتي استحصال ڪري سندن ووٽ حاصل ڪرڻ گھريا ٿي پر کيس عبرتناڪ شڪست کي منهن ڏيڻو پيو آهي توڙي جو مودي پاڻ دهليء وڃي چونڊ مهم جو جائزو ورتو هو ۽ ساڻس گڏ سندس انتها پسندر گھرو وزير اميتشا به هو پر جيئن ته پوري چونڊ مهم دوران سندن گھڻو زور مذهبي نفرت ۽ تعصب تي هو ان ڪري عوام سندن هڪ به نه ٻڌي ۽ بي جي پي کي هڪ زبردست شڪست کي منهن ڏيڻو پئجي ويو آهي.دهلي جي انهن چونڊ نتيجن جو اثر پڪ سان پوري ملڪ جي سياست تي به پوندو ان ڪري جو عام آدمي پارٽي دين ڌرم بدران ماني ۽ روزگار واري ايجنڊا سان اڳتي آئي آهي.ان پارٽيء کي ايڏي ڪاميابي ان ڪري به ملي آهي جو ان جي حڪومت بجلي،پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ کاڌي پيتي جي شين جي اگھن ۾ مناسب گھٽتائي آڻي ماڻهن جون دليون کٽي ورتيون هيون.نريندر مودي اڃا تائين ڀارت جي معيشت کي بهتر بنائڻ ۾ ناڪام رهيو آهي ۽ عوام جي معاشي مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاء لاڳيتو پاڪستان خلاف زهر اوڳاڇي رهيو آهي.بي جي پي جي شڪست جو هڪ ٻيو سبب ڀارت جو تڪراري شهريت بل آهي جنهن سبب نه رڳو 22 ڪروڙ ڀارتي مسلمان پر ٻيا ڀارتي پڻ گھڻو ڳڻتيء ۾ ورتل آهن.دهليء ۾ عام آدمي پارٽي کي کٽرائڻ ۾ ان فيڪٽر به اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
”بدلبي دهلي،بدلبي ڀارت“ اهو ڪانگريس جو نعرو هو پر هاڻي ان کي اروند ڪجريوال سچ ڪري ڏيکاريو آهي.پر سوال اهو آهي ته ڇا دهلي واقعي بدلبي؟ڇا دهليء جي اها تبديلي پوري ڀارت لاء تبديليء جو ڪو سنيهو ثابت ٿيندي؟ڇا ان بعد پورو ديس ان رستي تي نڪري پوندو؟ڇا اتان جي سياسي اشرافيا ۽ بيوروڪريسي ان تبديليء کي قبول ڪندي؟ڇا سچ پچ دهلي ۽ پوري ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي جي شروعات ٿي چڪي آهي؟ڇا اهو وقت پهچي چڪو آهي جو هاڻي وزير مشير،بيروڪريٽ قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندا ويندا ۽ ڪئين سفيد پوش ڏوهاري جيلن جي سيخن پويان هوندا؟ڇا هڪ نئين ڄاول پارٽي دهلي تي چانئجڻ بعد پوري ملڪ ۾ تبديليء جو سج اڀارڻ واري آهي؟يا اهي سڀ خواب اڌورا رهجي ويندا؟وزير اعليٰ ڪجريوال جو چوڻ آهي ته هن کي نه پر جنتا کي وزارت اعليٰ ملي آهي ۽ سرڪار به هو اڪيلي نه پر عوام سان گڏجي هلائيندو. هن جو چوڻ هو ته هو اڪيلو دهليء کي بدلائي نٿو سگھي بلڪه ڏيڍ ڪروڙ دهليء وارن کي گڏجي دهليء کي بدلائڻو پوندو.اروند ڪجريوال جي گذريل حڪومت جي ڪارڪردگيء جو ذڪر ڪجي ته هن ۽ سندس وزيرن حلف کڻڻ بعد گڏجاڻيون ڪيون هيون جن ۾ وزارتن جي ورهاست ڪئي ويئي ۽ ڪيترائي تاريخي فيصلا ٿيا هئا.انهن فيصلن مطابق هاڻي دهليء ۾ ڪوبه وي آئي پي نه هوندو ۽ انهيء ڪلچر کي ختم ڪرڻ لاء خود وزير اعليٰ ۽ سندس وزير شروعات ڪندا.ان فيصلي هيٺ وزير اعليٰ ۽ وزيرن جي گاڏين تان ڳاڙهيون بتيون هٽايون وييون،سرڪاري دفترن ۾ عوام جي داخلا لاء هر رنڊڪ هٽائي ويئي ۽ وزيرن کي ملندڙ اضافي سرڪاري رعايتون به ختم ڪيون وييون.انهن کان سرڪاري بنگلا به خالي ڪرايا ويا.حڪومت پنهنجو سمورو ڌيان عوام جي بنيادي مسئلن جي حل ڪرڻ طرف لڳايو جنهن جا نهايت ئي هاڪاري نتيجا سامهون آيا.اڳوڻين حڪومتن جي وزيرن ۽ عملدارن ۾ خوف پکڙيل آهي ته انهن خلاف ڪا جاچ نه شروع ٿي وڃي.هوڏانهن بي جي پي اروند ڪجريوال جي جادو کان گھڻو ڊنل نظر اچي ٿي.هن کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته ڪهڙي لائين اختيار ڪري.دهليء ۾ جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي ان جا ڏورانهان اثر پوري ملڪي سياست تي پئجي سگھن ٿا
جھارکنڊ اسيمبلي اليڪشن ۾ بي جي پي جي شڪست اڃا ڪلهه جي ڳالهه آهي.هريانا ۾ انهيء ڏيئي وٺي پنهنجي ڪجهه ساک بچائي هئي پر ڪجهه ڏينهن جي تماشي بلڪه هائي وولٽيج ڊرامي بعد مهارا شٽر ۾ به شردپوار شيوسينا ۽ ڪانگريس سان گڏجي بي جي پي کي اقتدار کان پري ڪري ڇڏيو.هاڻي ماڻهن جو اندازو پڪ ۾ بدلجي رهيو آهي ته دهلي اڃا پري آهي.8 فيبروري تي وفاقي گاديء واري شهر دهليء اسيمبلي جون چونڊون ٿيون.چونڊن ۾ پوري ڪوشش باوجود هندو مسلم فضا نه بڻجي سگھي بلڪه ڪجريوال جو ڪارڊ گھمي ڦري سامهون اچي ٿي ويو.هاڻي جڏهن ته چونڊن جي هنگاما آرائي ختم ٿي چڪي آهي ته خبر پيئي آهي ته دهليء وارن چونڊن ۾ ٻهاري ڏيئي ڇڏي آهي.ميڊيا دهليء کي گاديء وارو شهر هئڻ سبب هنن چونڊن جي تمام گھڻي جاچ پڙتال ڪئي ۽ هاڻي انهن نتيجن جي تشريح ڪئي پيئي وڃي.ان جي نتيجي ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته مقامي اڳواڻن ۾ قومي رهنمائن واري بيان بازي نسبت کان گھٽجي ڪري رهجي وڃي ٿي.انهيء کان سواء سوشل ميڊيا به انهن چونڊن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي جنهن ذريعي بيان بازين کي گهر گهر پهچائڻ ۾ آساني پيدا ٿي پيئي آهي.عام آدمي پارٽيء پڻ اهو ئي ڪم ڪيو.انهن بي جي پي اڳواڻن کي برو ڀلو چوڻ کان پرهيز ڪئي پر بي جي پي جي اعليٰ قيادت جي زهريلين تقريرن کي سوشل ميڊيا تي چڱيء طرح پکيڙيو.گھرو وزير اميتشا پنهنجي ڄاتل سڃاتل پاليسيء هيٺ چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ خاص اهميت ان ڳالهه کي ڏني ته قومي معاملن کي هڪ اهڙي لڙائيء لاء مجبور ڪيو وڃي جيڪا مثالي طور تي مقامي مقامي معاملن تائين ئي محدود رهي.اميتشا شهريت بل خلاف شاهين باغ ۾ جاري احتجاج کي خاص حڪمت عمليء جي طور تي ڌيان جو مرڪز بنائڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن هندستاني سڃاڻپ تي ٻڌل سوالن کي جنم ڏيئي سگھجي.اميتشا شاهين باغ کي رڳو ان ڪري نشانو بنايو جو ان ذريعي پاڻي،بجلي وغيره تي ملندڙ سبسڊي جو ذڪر نه اچي ۽ تعليم توڙي صحت جي شعبن ۾ ڪجريوال حڪومت جي ڪاميابين تان ماڻهن جو ڌيان هٽائي سگھجي.بي جي پي لاء اهو سڀ ڪجهه ان ڪري به ضروري هو جو انهن وٽ چوڻ لاء ٻيو ڪجهه به نه هو.سندن سامهون هڪ اهڙي جماعت هئي جيڪا رڳو ڪارڪردگيء جي بنياد تي ووٽ گھري رهي هئي.هڪ اهڙي ڪارڪردگي جنهن جو دهليء وارن کي اعتراف هو.ان ڪري بي جي پي هندو مسلم ڪارڊ کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان مهم جو به هن کي ڪو خاص فائدو نه ٿي سگھيو.بي جي پي پوري طاقت سان دهليء جي چونڊن م لٿي،ان پنهنجو پاڻ کي هندن جو سڀ کان وڏو محافظ ظاهر ڪيو.بي جي پي حڪومت جي سمورين رياستن جي وڏن وزيرن توڙي وفاقي حڪومت دهليء ۾ پنهنجو پورو زور لڳايو.يوگي ادتيا ناٿ ”برياني“ کي گندگيء جي طور تي استعمال ڪندي اهو به چئي ڇڏيو ته ” ڪجريوال شاهين باغ ۾ مظاهرين کي برياني کارائي سگھي ٿو.“بي جي پي پاران سوشل ميڊيا تي هڪ تصوير وائرل ڪئي ويئي جنهن ۾ راهول گانڌيء کي عمران خان سان گڏ چڪن برياني کائيندي ڏيکاريو ويو هو.يوگي ادتيا ناٿ کان سواء پرويش ورما ۽ انوراگ جي زهريلي بيانن ۽ نعرن جو به شايد دهليء جي ووٽرن تي اثر نه ٿي سگھيو ۽ ڪجريوال کي دهشتگرد چوڻ هڪ وڏو الزام هو پر ان جي جواب ۾ ڪجريوال جو نهايت ئي شائستو رد عمل اهو هو ته ” اي دهليء جي جنتا! جيڪڏهن آئون واقعي دهشتگرد آهيان ته مون کي ووٽ نه ڏيو پر جيڪر مون اوهان جي ڀلائي لاء ڪي ڪم ڪيا آهن ته پوء مون کي ضرور ووٽ ڏيو.“اهو سڀ ڪجهه بي جي پي جي زهريلن نعرن ۽ جارحاڻي مهم تي ڳرو پئجي ويو.ڪجريوال سڀني جي پهرين پسند ٿي نٿو سگھي پر سندس ڪم ۽ انهن چونڊن ۾ سندس زبان دلين ۾ نفرت جي باهه ڀڙڪڻ نه ڏني،شايد سندس سوڀ جو هڪ وڏو راز اهو هجي!
(روزاني عوامي آواز 21 فيبروري 2029ع)

ماضيء جو آئينو ؛ اڃا تائين راز بڻيل نيويارڪ ڌماڪو!



شفيق الرحمان شاڪر
ڇا اوهان ان ڳالهه تي اعتبار ڪري سگھو ٿا ته امريڪا جي شهر نيويارڪ جي هڪ علائقي ۾ دهشتگردن بمباري ڪئي هئي جنهن جي نتيجي ۾ 38 ماڻهو مري ويا ۽ 143 بريء طرح زخمي ٿيا هئا پر اها خبر نه پئجي سگھي ته ان جو ذميدار ڪير آهي ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ آئي.پڪ سان اها ڀروسو نه ڪرڻ جهڙي ڳالهه آهي پر ايئن 1920ع ۾ ٿيو هو ۽ عجب جهڙي ڳالهه اها جو اڄ تائين آمريڪي ايجنسيون ڪنهن حتمي نتيجي تي نه پهچي سگھيون آهن،رڳو هڪڙي گروپ تي شڪ ڪيو ويو ۽ بس.
16 سيپٽيمبر 1920ع تي نيويارڪ جي وال اسٽريٽ ۾ معمول موجب گھڻي اچ وڃ هئي جڏهن هڪ عجيب واقعو ٿيو.جيئن ئي چرچ جي گھڙيال 12 جي گھنٽي وڄائي،100 پائونڊن جو ڊائناميٽ ان آفيس جي سامهون ڦاٽي پيو،ڏسڻ ۾ ايئن لڳو ته ان ڊائناميٽ کي هڪ گھوڙا گاڏيء ۾ لڪايو ويو هو.اها گھوڙا گاڏي ان آفيس سامهون بيٺل هئي.هڪ امريڪي عهديدار بعد ۾ ٻڌايو ته هن سندس زندگيء ۾ ايترو وڏو شور نه ٻڌو هو.اهو شور اوهان کي بيهوش ڪري منهن ڀر ڪيرائڻ لاء کوڙ هو.ان ڏينهن وال اسٽريٽ جنهن کي بينڪرز ۽ مالي ماهرن جو ڳڙهه سمجھيو ويندو هو ميدان جنگ ۾ بدلجي ويو.گھٽين ۾ ملبي جا ڍير لڳي ويا.جڳهه جڳهه تي رت ۽ ڪيترائي ٽڪرا ٿيل لاش وکريا پيا هئا.ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٽيهه ماڻهو موقعي تي ئي مري ويا جن ۾ عورتون به شامل هيون.بعد ۾ وڌيڪ اٺ ماڻهو زخمن جا سور نه سهندي زندگيء جي بازي هارائي ويٺا.ان کان سواء سوين ماڻهو سخت زخمي ٿيا.ان کان اڳ 1910ع ۾ لاس اينجلز ٽائيمز جي عمارت تي بمباري ڪئي ويئي هئي پر وال اسٽريٽ دهشتگرديء جير نتيجي ۾ وڌيڪ ماڻهو مئا.جاچ ادارن جي عملدارن ۽ ٻين حلقن ان يقين جو اظهار ڪيو ته اها اٽليء جي انتها پسندن جي ڪاروائي آهي.ان گروپ گذريل سال به ڪيتريون وارداتون ڪيون هيون.انهن جي سوچ مطابق حملي جو تعلق پهرين عظيم جنگ بعد پيدا ٿيندِڙ بي چيني،مزدورن جي جدوجهد ۽ آمريڪا ۾ سرمائيداريء خلاف شروع ٿيندڙ تحريڪ سان آهي.ڌماڪي کان هڪ منٽ پوء نيويارڪ اسٽاڪ ايڪسچينج جي صدر وليم ايڇ ريمڪ واپاري ڏيتي ليتي معطل ڪري ڇڏي جنهن جو مقصد افراتفريء کي روڪڻ هو.زخمين کي اسپتال پهچائڻ جو ڪم نهايت تيزيء سان ڪيو ويو.هڪ سترهن سالا نوجوان جيمز سوئل پنهنجي ڪار ذريعي ٽيهن زخمين کي اسپتال پهچايو.پوليس اهلڪار موقعي تي پهتا ۽ زخمين کي طبي امداد پهچائي.جاچ ڪندڙ اداري ”بي او آئي“ فوري طور تي اهو نتيجو نه ڪڍيو ته اهو بم ڌماڪو ڪنهن دهشتگرديء جو نتيجو آهي.جاچ آفيسرن کي ان معاملي منجھائي رکيو هو ته ڪيترائي بيگناهه ماڻهو مري ويا هئا ۽ ڪنهن به مخصوص نشاني جو پتو نه پئجي رهيو هو.گھوڙو ۽ گاڏي ٽڪرن جي صورت ۾ پيل هئا.ڊرائيور جو ڪو به پتو نه پئجي رهيو هو.سڀني کي شڪ هو ته اهو فرار ٿي ويو آهي.مرندڙن م گھڻو ڪري نوجوان هئا جن ۾ اسٽينو گرافرز،ڪلارڪ ۽ بروڪرز شامل هئا.ڌماڪي سان ويهه لک ڊالرن جي ملڪيت تباهه ٿي ويئي ان کان سواء مورگن بلڊنگ جو اندريون حصو به تباهه ٿيو.نيويارڪ اسٽاڪ ايڪسچينج جي بورڊ آف گورنرز فيصلو ڪيو ته ايندڙ ڏينهن تي ڪاروبار ٿيندو.حڪومتي عملي سڄي رات ڪم ڪيو ته جيئن ٻئي ڏينهن تي ڪاروباري سرگرميون شروع ٿي سگھن پر ايئن ڪندي انهن اهي گواهيون ضايع ڪري ڇڏيون جن سان پوليس کي ان معاملي جي تهه تائين پهچڻ ۾ مدد ملي ها.نيويارڪ جي اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ اٽارني اها ڳالهه محسوس ڪئي ته وقت،جڳهه ۽ ڌماڪو ڪرڻ جو طريقو اهو ظاهر ڪري ٿو ته اهو ڪم سرمائيداري نظام جي مخالفن جو آهي جن ۾ بالشيوڪ،انتها پسند،ڪيميونسٽ يا وري ويڙهاڪ سوشلسٽ شامل آهن.جاچ ادارن جلد ئي انهن انقلابي گروهن کي پنهنجي ڌيان جو مرڪز بنائي ورتو جيڪي امريڪي مالياتي ۽ حڪومتي ادارن جي مخالفت ۾ اڳيان اڳيان هئا.انهن جي باري ۾ اهو به چيو ويندو هو ته اهي تشدد ڀريل ڪاروائين لاء بمن جو استعمال ڪن ٿا.”واشنگٽن پوسٽ“ ان واقعي کي جنگي قدم قرار ڏنو.ان ڌماڪي بعد پوليس ۽ جاچ ادارن غير ملڪي انقلابي گروپن جي سرگرمين کي روڪڻ لاء زبردست ڪوششون شروع ڪيون،ڏوهارين کي پڪڙڻ لاء عوام جو دٻاء وڌي رهيو هو جنهن سبب امريڪي انصاف اداري جي جاچ بيورو پنهنجي ڪم جو دائرو وڌائي ڇڏيو.نيويارڪ پوليس اداري به خاص خفيا پوليس لاء اهلڪار ڀرتي ڪري ورتا جنهن جو مقصد نيويارڪ شهر ۾ انقلابي عنصرن کي ڪچلڻ هو پر جاچ بيورو ان وقت ڪم روڪي ڇڏيو جڏهن ڌماڪي نو نشانو بڻجندڙ گھوڙا گاڏي جو ڊرائيور ثابت نه ٿي سگھيو.جاچ آفيسرن ٽينس چيمپين ايڊون فشر کان به ان باري ۾ جاچ ڪئي.ايڊون فشر پنهنجن دوستن کي خط لکيا هئا جن ۾ هن انهن کي خبردار ڪيو هو ته اهي 16 سيپٽيمبر کان اڳ اها جڳهه ڇڏي وڃن.فشر پوليس کي ٻڌايو ته هن کي ”هوا جي ذريعي“ اهو اطلاع مليو هو.پوليس کي اهو معلوم ٿيو ته ايڊون فشر کي اهڙا خط لکڻ جي پراڻي عادت آهي.اهو به معلوم ٿيو ته فشر پاڳل خاني ۾ به رهي چڪو آهي.جاچ ادارن ٽن سالن تائين اها جاچ ڪئي پر کين ڪا ڪاميابي ملي نه سگھي.اڄ تائين اهو معلوم نه ٿي سگھيو ته انهن ڌماڪن پويان ڪير هو؟ دنيا جو طاقتور ترين ملڪ به ڏوهارين کي پڪڙڻ لاء ڪجهه به نه ڪري سگھيو!
۔(روزاني ڪلياڻ 21 فيبروري 2020ع) 

Saturday, February 22, 2020

غريب عوام کي اين آر او ڪڏهن ملندو؟


شفيق الرحمان شاڪر
ملڪ جي ڪجهه شهرن ۾ سرڪاري لنگرخانا کلي چڪا آهن ته پڪ سان ٻاويهه ڪروڙ ماڻهن جا پيٽ ڀريل رهن ٿا،ڪجهه سرڪاري پناهه گھر به قائم ڪيا ويا آهن جنهن سان ماڻهن سان اجھي وارو وعدو به پورو ٿي چڪو آهي.ڪجهه خاص شهرن ۾ صحت ڪارڊ به ورهايا ويا آهن جنهن سان صحت جون سهولتون گھر گھر پهچي وييون آهن.ڪجهه ڪٽنبن کي ڪڪڙيون ۽ ٻڪريون به مهيا ڪيون وييون آهن جنهن ڪري ملڪ مان غربت جو خاتمو اچي چڪو آهي.يوٽيلٽي اسٽورن تي اعليٰ معيار جون شيون سستي اگھن تي دستياب آهن جنهن ڪري مهنگائيء جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.اڃا هڪ انقلابي حڪومت عوام کي آخر ٻيو ڇا ڏئي؟
هن ملڪ ۾ هونئن ته هر چونڊون کٽڻ وارن لاء تاريخ جون شفاف ترين چونڊون جڏهن ته هارائڻ وارن لاء بدترين ڌانڌلي زده چونڊون رهيون آهن پر 2018ع واريون اڪيليون چونڊون آهن جن ۾ هارائڻ وارن سان گڏوگڏ کٽڻ وارن به ڌانڌليء جا الزام هنيا.انهن چونڊن جي نتيجي ۾ پراڻي پاڪستان جي جاء تي نئون پاڪستان قائم ٿيو بلڪه عمران خان جي چوڻ مطابق ملڪ رياست مدينا جي طرز جي رياست بڻبو. هاڻي جيڪر خان صاحب پنهنجي ان ڳالهه کان ڦري ويو آهي ته سندس چوڻ مطابق يوٽرن عظيم ليڊر ئي وٺندا آهن.تبديلي سرڪار کي اسان مٿان نازل ٿيندي يا ٿاڦجندي اٽڪل ڏيڍ سال ٿي چڪو آهي.ان کان اڳ جڳاڙي اينڪر پرسن جيڪي پنهنجو پاڻ کي زوريء صحافي سڏائڻ جو شوق رکن ٿا انهن قوم کي اهو ٻڌايو ته ڪهڙيء طرح اوهان جو پئسو لٽيو ويو،ڪهڙيء طرح ٻاهران ايندڙ امداد جا ڏوڪڙ اڳوڻن حڪمرانن هضم ڪيا ۽ ڪهڙيء طرح انهن پوري قوم کي غير ملڪي قرضن جي بار هيٺان دفن ڪيو انهيء ڪري هن وقت قوم کي ڪنهن مسيحا جي ضرورت آهي.جهڙيء طرح امريڪين کي جارج واشنگٽن مليو،روسين کي لينن مليو ۽ چينين جي حصي ۾ مائوزي تنگ آيو اهڙيء طرح پاڪستان ۾ جيڪر ڪو پاڪ،صاف،ايماندار،ديانتدار،ڏاهو ۽ مدبر ليڊر آهي ته اهو اڪيلو عمران خان ئي آهي.ان اڳواڻ جو ميڊيا ۾ نقشو اهو پيش ڪيو ويو ته هو ٻن مانين تي قناعت ڪرڻ وارو،سادو ڪرتو پهرڻ وارو،عام هوٽلن تي ماني کائڻ وارو ، فرش تي سمهڻ وارو ۽ عوام جو حقيقي درد رکڻ وارو اڳواڻ آهي.اهو به ٻڌايو ويو ته قوم جي مستقبل لاء پنهنجن ٻارن ٻچن کان پري رهڻ وارو ليڊر جيڪو ڪرڪيٽ ڪامينٽري ذريعي ڪروڙين روپيا ڪمائي سگھيو ٿي پر اهو سڀ ڪجهه ڇڏي هو عوام جي حقن لاء جاکوڙ ڪري رهيو آهي.ان ڪهاڻيء کي وڌيڪ خوبصورت بنائڻ لاء اهو به واضح ڪيو ويو ته 1992ع  ۾ پاڪستان طرفان کٽيو ويندڙ ورلڊ ڪپ سندس ئي ڪوششن ۽ ڪارڪردگيء جو نتيجو هو،مسڪين ماڻهن لاء قائم ڪيل ڪينسر اسپتال توڙي غريب شاگردن لاء نمل يونيورسٽيء جو قيام به سندس ئي ڪارنامو آهي.نوجوان طبقو گھڻو متاثر ٿيو ته ڪپتان ڏاڍو نيڪ ماڻهو آهي ۽ هاڻي ته عدالت سڳوريء به کيس صادق ۽ امين جي لقب سان نوازيو آهي.خود ڪپتان جو پنهنجو چوڻ اهو هو ته مون کي ٻيو ڪجهه نه ته ٽيم ٺاهڻ اچي ٿي،مون ٻاويهه سال لڳائي ٽيم جوڙي آهي ۽ جڏهن مٿي ڪپتان ٺيڪ هجي ته سندس پوري ٽيم به درست ٿي ويندي آهي.هن جي دعويٰ اها به هئي ته هو ۽ سندس ٽيم ملڪ جي سمورن بنيادي مسئلن کي سمجھن ٿا ۽ انهن جي حل لاء هنن وٽ عظيم نسخو به موجود آهي،سمورن مرضن جي دوا آهي،سمورين پريشانين جو حل آهي پر اڌ کان مٿي ڪابينا اڳوڻي آمر پرويز مشرف يا وري زرداري صاحب جي ڪابينائن مان کڻي آيو.سندس پنهنجي ٽيم مان جنهن کي معاشيات جو ارسطو سمجھيو پئي ويو اهو معاشي مسئلا حل ڪرڻ بدران ڪجهه مهينن اندر هليو ويو يا ڪڍيو ويو.جڏهن ملڪي معيشت جو منجھيل سٽ عمران خان جو ارسطو به سلجھائي نه سگھيو ته هاڻوڪن عالمي ادارن جي ملازمن تي ڪهڙي ميار! ان کان پوء عوام جو جيئن پوء تيئن حال هيڻو ٿيندو ويو پر ڪپتان جا پرجوش وزير ۽ مشير عوامي درد وچان پنهنجن جذباتي تقريرن ذريعي شعلا بيانيء جا جوهر ڏيکاريندا رهيا.پنهنجن سياسي مخالفن تي تنقيد ۽طنزن جا تير وسائيندا رهيا.ڪپتان جي محبوب مراد چونڊن کان اڳ چيو هو ته عمران خان جي حڪومت ايندي ئي اڳوڻن حڪمرانن طرفان چورايل 200 ارب ڊالر ٻاهرين ملڪن مان واپس آندا ويندا جن مان سو ارب ڊالر عوام جي ڀلائيء تي خرچ ڪيا ويندا ۽ باقي سو ڊالر دنيا جي منهن ۾ هنيا ويندا پر حڪومت ۾ اچڻ بعد اڳوڻي وزير خزانه فرمايو ته ڪهڙا 200 ارب ڊالر؟بس ان بعد ڏيئن ۾ روشني نه رهي.ڪپتان جي ٽيم جو هڪ ٻيو حسين شاهڪار جنهن کان جڏهن به ڪو سوال پڇيو وڃي ته جواب اهو ئي ته ”مون کي جان الله کي ڏيڻي آهي.“ هاڻي هن صاحب کان ڪو اهو پڇي ته ٻين سمورن انسانن کي جان ڪنهن کي ڏيڻي آهي؟منشيات ڪيس ۾گذريل ڇهن مهينن کان هو هڪڙو ثبوت به پيش ناهي ڪري سگھيو پر جان الله کي ڏيڻ وارو جملو ورجائيندي نظر اچي ٿو.ڪپتان جي ٽيم جي هڪ ٻي وزير آهي جيڪا فرمائي ٿي ته گھڻيون برساتون نيڪ حڪمران يعني وزير اعظم سبب ٿين ٿيون ۽ گدلاڻ ۾ اضافو نيڪ حڪومت خلاف احتجاج ڪندڙ اپوزيشن جي گاڏين مان نڪرندڙ ناپاڪ دونهن سبب ٿئي ٿو.هڪ ٻيو صاحب آهي جنهن جي قابليت اها آهي جو درود شريف پڙهي ڪري غلط بيانيون ڪندو آهي.خير،ڇڏيو ان ڳالهه کي.ڪپتان ته قسمين قسمين خوبصورت هيرا چونڊي پنهنجي ڪابينا ۾ جمع ڪيا آهن.هي اهو نئون پاڪستان آهي جنهن ۾ اڳوڻي آمر خلاف فيصلو روڪرائڻ لاء حڪومتي مشينري استعمال ڪئي وڃي ٿي.وزير قانون کان استعيفا وٺي کيس هڪ آمر جي وڪيل طور عدالت ۾ موڪليو وڃي ٿو ۽ بعد ۾ کيس واپس ڪابينا ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو.رياست مدينه جا دعويدار ساهيوال سانحي ۾ ٿيندڙ قتل عام ۾ ملوث پوليس عملدارن کي بچائڻ ۾ زور لڳائين ٿا جڏهن ته ان دوران نه ته ڪنهن وزير جي استعيفا ٿي اچي ۽ نه ئي ڪو وزير انهن يتيم ٻارن جو وڪيل بنجڻ لاء تيار ٿئي ٿو.جيڪو صاحب چوندو هو ته جنهن مقتول جا قاتل معلوم نه ٿي سگھن انهن جا قاتل وقت جا حڪمران هوندا آهن اهو به انهن مظلومن جو فرياد ٻڌڻ لاء تيار نٿو ٿئي.پنجاب جي دار الامان مان يتيم گھٽ عمر واريون نياڻيون عياشيء لاء وزيرن،مشيرن ۽ اميرن لاء منتقل ڪرڻ کان انڪار ڪندڙ کي جيل جي سيخن پويان پهچايو وڃي ٿو.افسوس جو ڪپتان جي اڳواڻيء  ۾ قائم ٿيل انقلابي حڪومت معاشي،سياسي، سماجي ۽ اخلاقي بحران سواء ماڻهن کي ڪجهه ناهي ڏئي سگھي ۽ خود ڪپتان کان سوال ڪجي معيشت، مهنگائي،قانون، انصاف يا سياست جي باري ۾ يا وري دفاع ۽ پرڏيهي پاليسي جي باري ۾ ته جواب اهو ٿو اچي ته ”ڪنهن کي به اين آر او نه ڏيندس.“ يا ”اها سڀ ٻاهرين سازش آهي.“ اين آر او ته سياسي اشرافيا مان ڪن کي ملي چڪو آهي ۽ ڪن کي ملي ويندو پر ڇا هن ملڪ جي غريب عوام کي به ڪو ”اين آر او“ ملي سگھندو؟

( روزاني هلال پاڪستان)

Friday, February 21, 2020

عوام آخر ڪيستائين صبر ڪري؟



شفيق الرحمان شاڪر
حڪمران طبقو پنهنجن ڌنڌن ۾ مصروف آهي پر هر زبان تي اهو سوال آهي ته عوام کي ڇا پيو ملي؟حڪومت کان پڇجي ٿو ته غريب ماڻهن جا مسئلا ڪڏهن حل ٿيندا ته جواب ٿو ملي ته ”ٿورو وقت ڏيو.“سوال اهو آهي ته آخر ڪيستائين انتظار ئي انتظار ڪرڻو پوندو ۽ ڪيستائين ”گھٻرائڻو ناهي“ واري وظيفي جو سهارو وٺڻوپوندو؟ستر سالن جي مسئلن جو ماتم ڇڏي رڳو گذريل سترهن مهينن جي ڳالهه ڪجي ته تڏهن به مسئلن جا ڍير لڳي ويا آهن.ايئن ٿو لڳي ڄڻ وسيلا گھٽجي ويا آهن يا انهن تي ڪنهن غريب جي پلاٽ جيان قبضو ڪيو ويو هجي.جڏهن وزير اعظم جو پگھار مان گذارو مشڪل ٿيندو هجي پندرهن هزار کان ويهه هزار روپيا ڪمائيندڙ شهري تي ڇا گذرندو هوندو. جيڪر ڪا شيء پنهنجي عروج تي آهي سا آهي سياست،الزام ۽ ڪرپشن.خدمت،جمهوريت،سوچ سمجهه،عزم،اتحاديقين،تنظيم ۽ عمل هاڻي رڳو ڪتابن تائين محدود ٿي ويو آهي.عوام کي جيڪي ڪجهه ملي رهيو آهي سو آهي مهنگائي،مونجھارو،بد دلي ۽ انتشار.هاڻي اهو سوال به اٿي رهيو آهي ته ڇا ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل به هاڻي ”ٽرانسپيرنٽ“ نه رهي آهي؟پاڪستان جي باري ۾ اها رپورٽ صحيح آهي يا انگن اکرن جو گورک ڌنڌو.ملڪ ۾ ماڻهن کي اٽو نٿو ملي انهيء جو ذميدار ڪير؟ ڪا خبر ناهي.ستر سالن کان بس حڪمرانن جي اها ئي صدا ته ”ٿورو وقت ڏيو.“ بهار هجي يا خزان، جمهوريت هجي يا آمريت غريب ماڻهوء جي گھر ۾ دز ئي اڏامندي رهي آهي.رڳو هڪ هفتي جي مهنگائيء جي باري ۾ شماريات ڊويزن جي رپورٽ ٿي ڏسجي ته مٿي تي هٿ اچيو وڃن.ملڪي معيشت جي لڏندڙ ڄنگھن جو هڪ سبب واپاري خساري کي به قرار ڏنو وڃي ٿو.هڪ تحقيقي رپورٽ مطابق گذريل پندرهن سالن دوران پاڪستان جو واپاري خسارو 1.06 مان وڌي 37.58 ارب ڊالر ٿي ويو.عام ماڻهو کي شڪايت آهي ته اسان ماچيس جي ڏٻيء کان يوٽيلٽي بلز تائين کاڌي پيتي جي هر شيء تي ٽيڪس ادا ڪريون ٿا،پيٽرول،پاڻي،بجلي،گئس،گھر،دفتر. پگھار هر شيء تي ٽيڪس ڀريون ٿا ته پوء حڪومتون وڌيڪ نون ٽيڪسن جون ڳالهيون ڇو ٿيون ڪن؟هوڏانهن ايف بي آر جي چيئرمين جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ ڪوبه ماڻهو ٽيڪس ڏيڻ لاء تيار ناهي ۽ ملڪي ٽيڪس جو سمورو نظام درهم برهم آهي.سسٽم ۾ بنيادي تبديلين جي ضرورت آهي.ملڪ ۾ ڪاري ڌن کي اڇو ڪرڻ جي جڳهه ريئل اسٽيٽ جو ڪاروبار آهي جيستائين ڪاروبار ڊاڪومينٽيڊ نٿو ٿئي غلط رستا بند ٿي نٿا سگھن.پوري ملڪ ۾ وڏن ٽيڪس چورن خلاف مهم جون دعوائون ته ٿي رهيون آهن پر ڇا واقعي حڪومت انهن مافيائن خلاف ڪو موثر آپريشن ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهي؟ستم ظريفي ڏسو جو ٻاويهه ڪروڙن جي آباديء واري ملڪ ۾ رڳو 20 لک ماڻهو ٽيڪس ڏين ٿا.ان جو هڪ وڏو سبب ايف بي آر ۾ موجود ڪرپٽ مافيا به آهي.
سستي گئس جي رستي ۾ رنڊڪ ۽ قومي خزاني کي مبينا نقصان پهچائڻ جي الزام هيٺ نيب وزارت پيٽروليم جي بدين فور فيلڊ متعلق جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.نيب مطابق 4 ڊالرز ۾ ملندڙ گئس ۾ رنڊڪ وجھي 10 ڊالرز واري گئس لاء رستو صاف ڪيو ويو.وزير اعظم کي اٽي ۽ ڪڻڪ اسڪينڊل جي باري ۾ جيڪا رپورٽ پيش ڪئي ويئي ان ۾ چيو ويو آهي ته اهو بحران با قائدي منصوبا بنديء سان پيدا ڪيو ويو ۽ انهيء ۾ ڪجهه سرڪاري عملدارن سان کڏوگڏ ڪجهه حڪومتي سياسي شخصيتون به ملوث آهن.اٽي بعد پوري ملڪ ۾ کنڊ جي قيمتن ۾ به واڌ آئي آهي.اپوزيشن جي چوڻ مطابق حڪومت ۾ ويٺل شگر ۽ اٽو مافيا ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ماڻهن جي کيسن مان اربين روپيا هڙپ ڪري ورتا آهن.ڪپهه جي ڳالهه ڪجي ته گذريل سال ملڪ ۾ ڪپهه جي پوک ۾ريڪارڊ گھٽتائي آئي آهي جنهن سبب ايڪسپورٽ کي پڻ ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي ٻئي پاسي پاڪستان کي پوري ڏيڍ ارب ڊالرن جي ڪپهه ٻاهران خريد ڪرڻ جا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن.هڪ زرعي ملڪ هئڻ باوجود پاڪستان کي اٽڪل پنج ملين ڪپهه جون ڳٺڙيون ٻاهران گھرائڻيون پونديون جنهن تي چڱو خاصو ناڻو خرچ ٿيندو.
هوڏانهن ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل گذريل ڏينهن م 180 ملڪن ۾ ڪرپشن جي حوالي سان 2019ع جي رپورٽ جاري ڪئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هڪ نمبر گھٽ حاصل ڪري سگھيو ۽ 2018ع جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ ڪرپشن وڌي آهي.بعد ۾ ساڳئي اداري طرفان هڪڙو وضاحتي بيان به آيو جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته رپورٽ ۾ ايئن ناهي چيو ويو ته ملڪ م ڪرپشن وڌي آهي.پوء ميڊيا ۾ اهي خبرون به آيون ته ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پنهنجي رپورٽ ۾ پراڻا انگ اکر استعمال ڪيا آهن.مسلم ليگ نون ان رپورٽ کي حڪومت جي منهن تي چماٽ قرار ڏيندي ملڪ ۾ نين چونڊن جو مطالبو ڪري رهي آهي جڏهن ته پيپلز پارٽيء جو رپورٽ جي رد عمل ۾ چوڻ آهي ته اها رپورٽ ثبوت آهي ته هن حڪومت ۾ ڪرپشن گھٽجڻ بدران وڌي آهي.جڏهن ته پاڪ سرزمين پارٽيء جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال جو چوڻ آهي ته عمران خان خدا جي واسطي هاڻي ڪرپشن جو نالو وٺڻ ڇڏي ڏئي.هتي رياست مدينا جو نالو وٺي ماڻهن جي تذليل ڪئي پيئي وڃي.تحريڪ انصاف جي حڪومت کي هڪ کان پوء ٻي ناڪاري خبر کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.پهرين رڳو اتحادي ۽ حڪومتي ميمبرن جي حڪومتي ڪارڪردگيء ۽ ڪرپشن  تي سوال اڀا ٿي رهيا هئا پر هاڻي عوام ۾ به مايوسي وڌي رهي آهي. ماڻهن ۾ اهو تاثر اڀري رهيو آهي ته حڪومت پنهنجن وعدن ۽ دعوائن ۾ سچي ناهي.ڪي پي ڪي ۾ ٽن وزيرن کي فارغ ڪرڻ سان تحريڪ انصاف اندر موجود اختلاف کلي ڪري سامهون اچي چڪا آهن.پنجاب ۾ به ميمبرن جي رسڻ ۽ پرچائڻ جو سلسلو جاري آهي.ڳالهه وزير اعظم سان ملاقاتن ۽ شڪوه شڪايتن کان اڳتي نڪرندي ٿي وڃي.ملڪ ۾ سياسي هلچل سبب حڪومت ۽ اپوزيشن ٻئي گھڻو سرگرم آهن.ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد پريس ڪانفرنس دوران چيو ته عمران خان چوي ٿو ته 2020ع هو سڀ مسئلا حل ڪندو جڏهن ته هن جو چوڻ هو ته مسئلا 2020ع ۾ نه پر 2021ع ۾ حل ٿيندا.هن جو چوڻ هو ته حڪومت کي ڪو خطرو ناهي رڳو افواهه پکيڙيا پيا وڃن.
ڀارتي ميڊيا ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان پاڪستان جو نالو خارج ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.ڀارتي ميڊيا مطابق چين جي لابنگ ۽ نجي ڪنسلٽنٽ جي مدد سان پاڪستان جو نالو گري لسٽ مان نڪري سگھي ٿو.بيجنگ ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ چين 39 ملڪن جي گروپ کي ٻڌايو ته پاڪستان دهشتگرديء جي خاتمي لاء موثر ڪوششون ڪري رهيو آهي.پاڪستان کي گري لسٽ مان نڪري وائيٽ لسٽ ۾ اچڻ لاء 39 مان 12 ووٽن جي ضرورت آهي جڏهن ته ٻئي پاسي خليجي اخبار مطابق پاڪستان کي وڌيڪ ڇهن مهينن تائين گري لسٽ ۾ رکي سگھجي ٿوته جيئن ان عرصي دوران پاڪستان اها سموري گھربل قانون سازي ڪري وٺي جنهن جي مدد سان بينڪاري نظام جي عالمي معيارن مطابق نئين سر ڍانچو جوڙيو وڃي ته جيئن مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردي لاء مالي سهڪار جي روڪٿام کي يقيني بنائي سگھجي.


(روزاني هلال پاڪستان)

Thursday, February 20, 2020

ماڻهن کي جمهوريت کان بد دل نه ڪريو!



شفيق الرحمان شاڪر
سياست ۾ ”ڊڪٽيٽرن وارو ڊسيپلين“ نٿو هلي،سياست ته ”ڳالهه ٻولهه “ جي ذريعي اڳيان وڌندي آهي. پاڪستان کي هن وقت جيڪي ٻاهريان خطرا لاڳو آهن ۽ بدلجندڙ عالمي منظرنامي ۽ تيزيء سان تبديل ٿيندڙ خطي جي صورتحال جي بنياد تي جيڪي ٻيا مسئلا ۽ معاشي بحران سامهون آهن انهن چيلينجن کي پار ڪرڻ لاء سڀني کي پنهنجي پنهنجي طرز فڪر ۽ طرز عمل جو جائزو وٺڻو پوندو ۽ خودفريبيء مان نڪري خود احتسابيء طرف اچڻو پوندو.ٻي صورت ۾ حالتن جي جبر جو بي رحم ڦٽڪو اسان مان هر ڪنهن تي وسندو.وزير اعظم عمران خان کي قومي مفاد هيٺ پنهن جي ذاتي مفاد لاء فيصل واوڊا پاران بوٽ جي نمائش واري عمل جو سخت نوٽيس وٺڻ کپندو هو پر جڏهن هن اهڙو نوٽيس نه ورتو ته پڪ سان عمران خان کي ان جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي. سياست کي خوار ڪرڻ ۽ ادارن کي بي عزت ڪرڻ واري رسم جو خاتمو اچڻ گھرجي.سياست کي الزام تراشين،طعنن،مهڻن ۽ بدزبانين کان پاڪ ڪرڻ گھرجي اهو سمورن سياستدانن توڙي ملڪ جي مفاد ۾ آهي.آئين هيٺ قائم قومي رياستي ادارن کي غير تڪراري رکڻ سڀني جي آئيني ذميداري آهي ۽ ادارن تي پاڻ به لازم آهي ته اهي پاڻ به ڪا اهڙي حرڪت نه ڪن جو ماڻهن کي مٿانئن آڱريون اڀيون ڪرڻ جو موقعو ملي.اسان مان هرهڪ کي ان حقيقت جي ڄاڻ هوندي ته ملڪ جي جاگرافيائي سرحدن کي غير ملڪي دشمنن کان محفوظ رکڻ لاء جتي وقتي گھرجن مطابق جديد دفاعي نظام سميت هڪ اهڙي مضبوط فوج ضروري آهي جنهن جي پٺ تي پوري قوم هڪ نه ٽٽندڙ ديوار جيان بيٺل هجي اتي ان اداري جي به ذميداري آهي ته اهو ڪنهن وقتي يا گروهي مقصد لاء ڪنهن به عمل ذريعي پاڻ کي تڪراري نه بڻائي.پاڪستان ڪنهن جنگ يا لشڪر ڪشيء هيٺ نه جڙيو هو بلڪه هڪ سياسي ۽ جمهوري جدوجهد ذريعي ئي وجود ۾ آيو هو.ان جي سلامتي ، بقا ۽ ترقيء  لاء به آئين جي بالادستي تسليم ڪندڙ سياسي جماعتن جو وجود ضروري  ۽ سياسي عمل جو لاڳيتو جاري رهڻ اڻ ٽر آهي.البت اسان جي سياسي جماعتن تي به لازم آهي ته اهي پنهنجي اندر جمهوري روايتن کي اڀرڻ ۽ مضبوط ٿيڻ جو ماحول پيدا ڪن.جماعتن ۾ اندروني طور تي جمهوريت جي اڻاٺ اسان جي سياسي جماعتن اندر غير جمهوري سوچ جو انداز رکندڙ قوتن جو عمل دخل خطرناڪ حد تائين وڌي ويو آهي جنهن سبب سياست بدنام ۽ سياسي اڳواڻن تي آڱريون اڀيون ٿي رهيون آهن.سياسي جماعتون هجن يا  آئين هيٺ قائم ٻيا رياستي ادارا ،سڀني جو دائرو ۽ ڪمن جي حد آئين ۾ طي ٿيل آهي.اسان جي سياسي جماعتن جي اڳواڻن کي حڪمران جي طور تي به  ۽ پارٽي اڳواڻ جي حيثيت ۾ پڻ قائد اعظم محمد علي جناح جي ڪردار کي پنهنجو رول ماڊل بنائڻ گھرجي ۽ انهيء سياسي ڪلچر کي پنهنجو ڪرڻ به ضروري آهي جنهن ۾ پارٽيء اندر پيدا ٿيندڙ اختلافن کي به کليل دل سان قبول ڪرڻ جو حوصلو هئڻ گھرجي ۽ مخالف ڌر جي جماعتن جو نقطه نظر به تحمل،سهپ ۽ رواداريء سان برداشت ڪرڻ جو ڏانء هئڻ گھرجي.قائد اعظم هڪ سياسي جماعت جي اڳواڻ طور انهيء رويي جو ئي مظاهرو ڪيو هو.قائد اعظم جي زندگيء جو گورنر جنرل طور توڙي آل انڊيا مسلم ليگ جي صدر طور جائزو وٺو ته معلوم ٿيندو ته هر هنڌ قانون ۽ ضابطن جي پابندي ۽ هر جڳهه تي جمهوري انداز فڪر نظر ايندو.پاڪستان جي هڪ اڳوڻي وزير اعظم چوڌري محمد علي پنهنجي ڪتاب ” پاڪستان جو قيام “ ۾ لکيو آهي ته ” جڏهن قائد اعظم کي پاڪستان جي پهرئين وزير اعظم لياقت علي خان جي خواهش تي ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪرڻ لاء چيو ويو ته قائد اعظم جي هدايت تي ان جي باقائدي ڪابينا کان منظوري حاصل ڪئي ويئي.ڪابينا ان جي منظوري ڏيندي اها وضاحت به ضروري سمجھي هئي ته اها اجازت فقط قائد اعظم جي لاء آهي جيڪو باباء قوم آهي ته جيئن ان اجازت کي ڪنهن ٻئي سربراهه مملڪت لاء مثال طوراستعمال نه ڪري سگھجي.قائد اعظم جي صدارت هيٺ ٿيندڙ آل انڊيا مسلم ليگ جي اجلاسن جي روداد پڙهو ته اوهان کي اندازو ٿيندو ته اتي اشوز تي ڪهڙي نه کليل نموني بحث ٿيندو هو.قائد اعظم ۽ تحريڪ پاڪستان تي مستنند ڪم ڪندڙ اڳوڻي ڊائريڪٽر قائد اعظم ايڪيڊمي  خواجا رضي حيدر تصديق ڪئي آهي ته قائد اعظم جي صدارت  هيٺ ٿيندڙ اجلاسن ۾ ايجنڊا ۽ پارٽي پاليسين تي کليل بحث ٿيندو هو ۽ قائد اعظم پارٽيء جي صدر ۽ لياقت علي خان بطور پارٽيء جي جنرل سيڪريٽري جڏهن به برطانوي حڪومت جي ڪنهن نمائندي يا ٻين سياسي پارٽين جي اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه ڪندا هئا ته انهن سان ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه تي پارٽيء جي ورڪنگ ڪميٽيء کي ضرور اعتماد ۾ وٺندا هئا.قائد اعظم ڊسمبر 1947ع ۾ پنهنجي سرڪاري رهائش گاهه گورنر جنرل هائوس ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي آخري اجلاس جي لاء اجازت ڏيڻ کان اهو چئي انڪار ڪري ڇڏيو ته سربراهه مملڪت  جي سرڪاري رهائش گاهه يا دفتر ۾ ڪنهن به سياسي جماعت جو اجلاس نٿو ٿي سگھي.مسلم ليگ ان مقصد لاء ڪو هال ڪرايي تي حاصل ڪري ته آئون اتي هليو ايندس.جنهن بعد اهو اجلاس خالقڏنه هال ۾ منعقد ٿيو هو جنهن ۾ قائد اعظم آل انڊيا مسلم ليگ جي صدارت تان استعفا ڏيئي جماعتي سياست کي خيرباد چئي ڇڏيو هو.
پارٽي اجلاس دوران ميمبر پنهنجي راء جو کلي ڪري اظهار ڪندي سخت تنقيد به ڪندا هئا پر قائد اعظم ڪنهن جي به تنقيد تي ڪڏهن به ڪاوڙ ڪرڻ بدران انهن جي حوصلا افزائي ڪندو هو.تنقيد ڪرڻ وارن ۾ سڀني کان اڳيان مولانا حسرت موهاني مرحوم هوندو هو.ان کان سواء قائد اعظم جا ٻيا به ڪيترائي ويجھا دوست به سخت تنقيد ڪندا هئا.خواجا رضي حيدر ٻڌائي ٿو ته ڪنهن عام جلسي ۾ مولانا حسرت موهاني قائد اعظم جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ ٿيل ڪنهن فيصلي کي تنقيد جو نشانو بنايو ته اسٽيج تي موجود ڪجهه مسلم ليگي اڳواڻن مولانا کي چيو ته اهو تنقيد جو صحيح هنڌ ۽ موقعو ناهي ته قائد اعظم پنهنجي ڪرسيء تان اٿيو ۽ مائيڪ تي اچي چيو ته مولانا موهانيء کي ڪوبه منع نه ڪري،اهو سندس حق آهي ته هو پنهنجي قيادت جو کلئي عام احتساب ڪري.
سياست ۾ ڊڪٽيٽرن وارو ڊسيپلين“ ناهي هلندو،سياست ته ڳالهه ٻولهه ذريعي افهام تفهيم ذريعي اڳيام وڌندي آهي.جيڪڏهن مسلم ليگ نون ۽ پيپلز پارٽي سروس ترميمي بل تي پنهنجن پارٽين اندر بحث بعد اتفاق راء پيدا ڪن ها ته ميڊيا ايڏا سوال نه اڀا ڪري ها.ميڊيا جو ته پيشوراڻي بنياد تي ڪم ئي سوال اڀا ڪرڻ آهي پر سوال اهو آهي ته پارٽيء جا اهي ميمبر هاڻي ڇو پشيمان آهن جن لنڊن ۾ ته نواز شريف جي موجودگيء ۾ قرآن پاڪ تي حلف کڻندي سوال نه ڪيو هو۽ نه ئي ان فيصلي سان اختلاف ڪيو هو ۽ نه ئي ان وقت فيصلي تي ڪنهن پشيمانيء جو اظهار ڪيوهو.هاڻي محترمه مريم نواز صاحبه جي باري ۾ اهو چوڻ به بي معنيٰ آهي ته کيس ان فيصلي جي باري ۾ اعتماد ۾ نه ورتو ويو،اها ذميداري سندس والد ميان نواز شريف جي هئي.جيڪڏهن هن ان جي ضرورت محسوس نه ڪئي ته ٻيا ڇو ان جون وضاحتون پيش ڪري رهيا آهن.سياست ڪا وندر ناهي بلڪه اهو ته ڪل وقتي سنجيده ڪم آهي جنهن ۾ هالڊيز جو ڪو تصور نه هوندو آهي جو جڏهن ضرورت هجي ته سرگرم ٿجي ۽ جڏهن مرضي پوي ته خاموش ٿي وڃجي.لنڊن ۾ ٿيل ان اجلاس بعد اهو تاثر ته ختم ٿي ويو آهي ته وڏي ميان ۽ ننڍي ميان جي موقف ۾ ڪو فرق آهي.رڳو حڪمت عمليء جي ڳالهه آهي جيڪا جدا جدا نظر آئي آهي ۽ شايد آئيندي به نظر ايندي!
(روزاني عوامي آواز)


راء جي اظهار جي آزادي ۽ آئين جو آرٽيڪل ڇهه !



شفيق الرحمان شاڪر
عمران حڪومت لاء سندس اتحادين طرفان  پيدا ٿيل يا پيدا ڪيل بحران في الحال ٽري ويو آهي يا ٽارڻ وارن ان کي ڪجهه وقت لاء ٽاري ڇڏيو آهي تنهن هوندي به عمران خان کي ڪجهه وڌيڪ نون بحرانن طرف ڌڪڻ جون تياريون به ٿي رهيون آهن.هڪ ته خان صاحب کي روزاني جي بنياد تي ڳالهائڻ يا ٽويٽ ڪرڻ جو شوق نٿو ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ هو پنهنجن ئي لفظن جي ڄار ۾ ڦاسندو رهي ٿو.لڳي ٿو ته خان صاحب ٽن مهينن تائين جنهن ڪنٽينر تي بيهي لفظن جا موتي وسائيندو رهيو هو ان ڪنٽينر کي شايد هو پاڻ سان گڏ وزير اعظم هائوس کڻي ويو آهي ۽ هو انهيء ڪنٽينر تان لهڻ جو نالو ئي نٿو وٺي.تازو هن فرمايو آهي ته فوج سندس حڪومت سان گڏ آهي ۽فوج کان رڳو اهي ڊڄندا آهن جيڪي ڪرپشن ڪندا آهن،جيئن  ته هو ڪرپٽ ناهي ان ڪري فوج کان نٿو ڊڄي.سمجهه ۾ نٿو اچي ته ملڪ جي وڏي ۾ وڏي انتظامي عهدي تي ويهي ڪري خان صاحب کي اهڙيون ٻاراڻيون ڳالهيون ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت پيش اچي رهي آهي ۽ هر هر فوج جهڙي حساس اداري کي سياسي ميدان ۾ گهلڻ جي ڪهڙي تڪ آهي؟ٻئي طرف خان صاحب جو خيال آهي ته حڪومت ڪيرائڻ جي” سازش “ ڪرڻ جي ڏوهه ۾ مولانا فضل الرحمان تي آئين جي آرٽيڪل 6 هيٺ ڪاروائي ٿيڻ گھرجي.جيڪر خان صاحب اهو بيان رڳو سياسي خانا پوري لاء ڏنو آهي ته خير آهي پر هن حڪومت جي معاشي توڙي قانوني ٽيم هيستائين جيڪي ”ڪارناما“ ڪندي رهي آهي انهن کي ڏسي ڪري ان ڳالهه جو امڪان رد نٿو ڪري سگھجي ته حڪومت جا ”عظيم مدبر“ ۽ قانوني ماهرواقعي اهڙي ڪا نئين مسخري ڪري نه ويهن ۽ دنيا کي پاڪستان ۾ هڪ نئون تماشو ڏسڻ لاء ملي وڃي.اهو ته طيء آهي ته هن وقت تائين حڪومت جا اعليٰ سياسي  ۽ قانوني مشير خان صاحب کي جيڪي به قيمتي صلاحون ڏيندا رهيا آهن انهن سان رڳو ڪو نئون تماشو ئي پيدا ٿيو آهي ۽ شايد عوام کي هڪ دفعو وري ترڪ جي نئين بتيء پويان لڳائڻ جي تياري ٿي رهي آهي.ڪجهه ڏينهن اڳ خان صاحب غريب عوام کي مهنگائيء ۾ پيڙهجندي ڏسي بي چين ٿي پيو هو . هن نه رڳو عوام کي ترت رليف ڏيڻ جو وعدو ڪيو هو پر ان عوام دشمن مافيا خلاف به ڪاروائي ڪرڻ جي پڪ ڏياري هئي.عوام جي لاء جنهن ”عظيم“ رليف جو اعلان ڪيو ويو سو سڀني جي سامهون آهي.هن حڪومت جي پاليسي اها رهي آهي ته پهريائين شين جون قيمتون چوٽ چاڙهجن ۽ بعد ۾ انهن ۾ معمولي لاٿ آڻي ماڻهن کي خوشخبري ڏجي ته حڪومت اها قيمت گھٽائي ڪو وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي.يعني جيڪر ڪنهن شيء جي قيمت ۾ ويهه روپيا واڌ آئي آهي ته انهن ويهن روپين مان ٻه روپيا عوام کي واپس ڪري مٿن ٿورو جتايو وڃي.هاڻي خان صاحب کي ڪير سمجھائي ته عوام کي اهو رليف جن يوٽيلٽي اسٽورن ذريعي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي اول ته انهن اسٽورن جو انگ پوري ملڪ ۾ آهي ڪيترو؟ ٻيو اهو ته انهن اسٽورن تان ملندڙ اٽو يا گيهه حڪومت ۾ ويٺل وزير ۽ مشير پنهنجن گھرن ۾ استعمال ڪرڻ پسند ڪندا؟جيستائين سياسي مخالفن خلاف آرٽيڪل 6 هيٺ ڪيس قائم ڪرڻ جو سوال آهي ته شايد خان صاحب  ۽ سندس قانوني ٽيم کي اها به ڄاڻ ناهي ته رياست ۽ حڪومت ۾ ڪهڙو فرق هوندو آهي؟آئين جو آرٽيڪل 6 رڳو رياست يا آئين خلاف ٿيندڙ ڪنهن سازش جي صورت ۾ استعمال ٿي سگھي ٿو.حڪومت ڪيرائڻ يا حڪومت خلاف ڪا مهم هلائڻ ڪنهن به طرح ملڪ سان غداريء جي وصف ۾ نٿو اچي.جيڪر حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ جي ڏوهه ۾ اهو قانون مولانا جي خلاف استعمال ٿي سگھي ٿو ته شايد عمران خان کي ياد ناهي رهيو ته هن پاڻ اسلام اباد ۾ جيڪو ٽن مهينن جو ڌرڻو هنيو هو سو حڪومت ڪيرائڻ لاء نه هو ته ٻيو ڇا لاء هو؟نه رڳو اهو پر هن ان ڌرڻي ۾ سول نافرمانيء جي تحريڪ جو اعلان ڪندي يوٽيلٽي بل ادا نه ڪرڻ لاء به ماڻهن کي ڀڙڪايو هو ته پوء پهرين اهو آرٽيڪل ته خود عمران خان جي خلاف لڳڻ گھرجي.اهڙيء طرح ماضيء ۾ چونڊيل حڪومتن کي جن به گھر ڀيڙو ڪرڻ ۾ ڪوبه ڪردار ادا ڪيو هو انهن سڀني خلاف به اهو آرٽيڪل استعمال ٿيڻ گھرجي.مڃيوسين ته مولانا صاحب هن حڪومت ڪيرائڻ لاء ڪا سازش سٽي هئي پر سوال اهو آهي ته جن مولانا جي ان ”سازش“ ۾ سندس ساٿ ڏيندي ساڻس ڪي وعدا وچن به ڪيا هئا ۽ ڪنهن .امانت“ جو ذڪر به ٿيندو رهيو جنهن کي مولانا سان گڏ حڪومتي اتحاد جي مکيه اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي به پنهنجن ڪيترن ئي انٽرويوز ۾ مڃي چڪو آهي ته پوء ڇا خان صاحب چوڌري صاحب خلاف به آئين جي ارٽيڪل 6 جو استعمال ڪندو؟عجيب تماشو لڳل آهي.پرويز مشرف جنهن هڪ چونڊيل حڪومت جو غير آئيني طور تي تختو اونڌو ڪري آئين کي معطل ڪيو ۽ ملڪ ۾ غير قانوني ايمرجنسي لاڳو ڪئي،انهيء خلاف آئين جي آرٽيڪل 6 جي استعمال کي روڪڻ لاء پوري حڪومتي ٽيم مشرف کي بچائڻ لاء ميدان ۾ لهي پيئي  پر ٻئي طرف جيڪر ڪا سياسي جماعت آئيني ۽ قانوني حدن ۾ رهندي حڪومت خلاف ڪو احتجاج ڪري يا حڪومت کان استعيفا جي گھر ٿي ڪري ته اهو عمل ”غداري“ ڪيئن بڻجي ويو؟لڳي ٿو ته هاڻوڪي حڪومت پنهنجن سمورين سياسي ڪمزورين ۽ انتظامي نااهلين کي لڪائڻ لاء راء جي اظهار جي آزاديء تي مختلف طريقن سان پابنديون هڻڻ ۽ پنهنجن سياسي مخالفن ۾ خوف ۽ هراس پيدا ڪرڻ واري پاليسيء طرف وڌي رهي آهي.خبر ناهي خان صاحب جا ڪهڙا دوست نما دشمن آَهن جيڪي هن کي وري هڪ نئين بحران طرف ڌڪي رهيا آهن.انهيء پاليسيء جي جھلڪ اوهان کي ان قانوني  مسودي ۾ نظر ايندي جيڪو سوشل ميڊيا کي پابند ڪرڻ ۽ حڪومت مٿان هر قسم جي تنقيد کان روڪڻ لاء تازو ڪابينا کان منظور ڪرايو ويو آهي.جيڪڏهن حڪومت انهن خطرناڪ قدم کڻڻ کان نٿي رڪجي ته اهو پڪ سان هن حڪومت جو فسطائيت طرف سفر هوندو ۽ هن دور ۾ ماڻهن کي اظهار راء جي آزاديء جي حق کان محروم ڪرڻ ڪو آسان ڪم ناهي.خان صاحب سان مسئلو اهو آهي ته هن سان جيڪا ”سياسي انا“ لڳل آهي اها کيس سٺي حڪمراني قائم ڪرڻ ۾ رنڊڪ بڻيل آهي.بوزدار جو ئي مثال وٺو جنهنجي ڪارڪردگيء جي حوالي سان خان صاحب جي پنهنجي جماعت جي اندر به ڳڻتي موجود آهي پر خان صاحب جو ضد آهي ته جيستائين هو پاڻ وزير اعظم آهي تيستائين بوزدار ئي پنجاب جو وزير اعليٰ رهندو.اهڙيء طرح ٻين سياسي جماعتن سان مناسب مفاهمت واري سوال تي به خان صاحب تپي باهه ٿيو وڃي ته پوء اهو نظام اڳيان ڪيئن هلندو،ملڪ کي درپيش سياسي،معاشي ۽ دفاعي للڪارن کي منهن ڪيئن ڏيئي سگھبو،مهنگائيء جي جن کي ڪيئن قابو ڪري سگھبو،قومي ادارن ۾ ڪيئن سڌارا آڻي سگھبا،عوام جي ڀلائيء لاء ڪا قانونسازي ڪيئن ڪري سگھبي؟ملڪ ۾ جمهوري ڪلچر کي ڪيئن وڌائي سگھبو؟ اهي اهڙا سوال آهن جي سڀني جي جواب ۾ خان صاحب وٽ هڪڙو ئي جواب آهي ته ”مافيا کي نه ڇڏبو“!
( روزاني عوامي آواز)

Thursday, February 13, 2020

ماضيء جو آئينو ؛ ”انارڪي“ هڪ فلسفو،هڪ نظريو!




شفيق الرحمان شاڪر
بيشڪ اوهان لفظ ”انارڪي“ ضرور ٻڌو هوندو.افسوسناڪ ڳالهه اها جو ان لفظ کي عام طور تي ناڪاري معنيٰ ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو جيئن افراتفري،ڀڃ ڊاهه،جھيڙو فساد ۽ سماجي ڦيٽاڙو پر حقيقت اها آهي ته انارڪيء جو ان ناڪاري معنيٰ سان پري جو لاڳاپو به ناهي.اصل ۾ ان اصطلاح جو استعمال اوڻويهين صديء جي مفڪرن ڪيو.انارڪيء جو بنيادي مقصد  انساني سماج مان طبقاتي استحصالي نظام جو خاتمو آهي چاهي اها استحصالي درجابندي رياست طرفان ان جي پوليس فورس جي شڪل ۾ هجي چاهي پدرشاهي پاران يا ڪنهن مذهبي نظام پاران.جڏهن ان جبر جو خاتمو ٿي ويندو ته انارڪي پسندن جي خيال ۾ سماج ٻه طرفي احترام،سڌي سئنين جمهوريت ۽ اهڙي وفاق طرف وڌندو جتي انسانن جو گڏيل فائدوسمورن انسانن جو مقصد هوندو.توڙي جو اها سوچ ارڙهين صديء جي پڇاڙي ۽ اوڻويهين صديء جي شروع ۾انقلاب فرانس جي ناڪامين سبب رائج ٿي تنهن هوندي اها اڄ به ايتري ئي موزون ۽ مناسب آهي جيتري ان دور ۾ هئي.نئين دور جي بحرانن ۾ واڌاري سان گڏوگڏ جيئن ته وڌندڙ اڻ برابري  ۽ ماحولياتي تبديليون انساني سماج لاء خطري جو سبب آهن،ان دور ۾ انارڪي پسند نظريا انساني بقا لاء شهرڳ جي حيثيت رکن ٿا.انارڪي پسند نظريو هڪ سياسي فلسفو آهي جيڪو هر قسم جي درجابنديء کي رد ڪري ٿو.انارڪزم يوناني لفظ ”انارڪيه“ مان نڪتو آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”بنان اڳواڻ جي“.جديد دور ۾ انارڪزم جو فلسفو اوڻويهين صديء ۾ اسريو جڏهن فرانسسي مفڪر” پيري جوزف پروڊن“ لفظ انارڪيء کي پنهنجي فلسفي سان ڳنڍيو.ان نظريي ۽ فلسفي جو نڪته نظر اهو آهي ته سماج کي بنان ڪنهن مرڪزي حڪومت يا طاقت جي منظم ڪري سگھجي ٿو.جوزف ۽ ٻين مفڪرن جو خيال آهي ته سماجي نظم لاء انسانن جي وچ ۾ انفرادي ۽ اجتماعي سطح تي رضاڪاراڻا معاهدا هئڻ گھرجن ۽ ان قسم جي سماج ۾ قابليت ۽ انصاف اوسر ڪندو ۽ اهو سماج پنهنجن سمورن نمائندن لاء پيداوار ۽ ضرورت جي وچ ۾ انصاف ڀري نسبت قائم ڪري سگھندو.پر جوزف پروڊن ان قسم جو سماج ڇو ٿي گھريو؟ ان جو جواب انقلاب فرانس جي ناڪامين ۾ لڪيل آهي.انقلاب بعد هارين ۽ مزدورن لاء ان انومان جو خاتمو ٿي ويو ته نئين قائم ٿيندڙ ان سياسي بورڙوائي طبقي مان ڪو فائدو ٿيندو.انهن کي اندازو ٿيو ته اهي ماڻهو جيڪي هاڻي حڪمران بڻيا آهن انهن ۾ ۽ اڳوڻن حڪمرانن ۾ ڪو گھڻو فرق ناهي جن کي انهن انقلاب دوران ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪيو هو.پوليس ۽ فوج جهڙن ادارن جا ظالم رويا ۽ ستم هيٺ آيل عوام کي ڏسندي شروعاتي دور جي مفڪرن بيان ڪيو ته ايئن ناهي ته انهن سمورن مسئلن جو سبب رڳو حڪمران هئا بلڪه ان جو سبب حڪمرانيء جي اها سوچ آهي جنهن مطابق انسانن جي هڪ ٽولي کي اهو اختيار ملي ٿو جو اهي ٻين تي حڪمراني ڪري سگھن ۽ اها سوچ انساني سماج ۾ سمورين خرابين جي پاڙ آهي.ان ڪري اهو معاملو ئي رياست جو آهي ۽ اهڙو ڪهڙو طريقو هجي جو ان جو خاتمو ڪري سگھجي ۽ هڪ منصفاڻو سماج قائم ٿي سگھي.انارڪي پسندن جو سڀ کان مشهور گروه اشتماليت پسند انارڪسٽ آهن.انهن جو خيال آهي ته ڪنهن به خطي ۾ زمين،وسيلا ۽ پيداوار جا ذريعا ان لاء موجود آهن ته انهن جو اختيار ان سماج وٽ هجي.ٻيا انارڪي پسند فڪر فيمينيسٽ ۽ گرين پوليٽڪس آهن پر اهي سمورا گروه هر قسم جي ٻاهرين درجابندي جو خاتمو چاهين ٿا.چاهي اهي درجا بنديون ڪنهن رياست طرفان هجن، نوڪريء دوران مالڪن طرفان يا ڪنهن مذهبي اداري يا تنظيم پاران لاڳو ڪيون وييون هجن. پر ڪو انارڪسٽ سماج ڪيئن قائم ٿيندو؟ ان لاء چار اصول آهن.پهريون اهو ته انارڪي پسند تنظيمن جي رڪنيت رضاڪاراڻي هجي،ٻيو اهو ته انارڪي پسندن کي هڪ عملي شڪل ۾ بدلجڻو پوندو.ٽيون اهو ته انهن تنظيمن جو قيام عارضي هوندو ۽ چوٿون اهو ته انارڪي پسند تنظيمون سائيز ۾ ننڍيون ننڍيون هئڻ کپن.انارڪي پسند سوچن کي پيٽرڪروپوٽڪن ۽ جوزف پروڊن جهڙن مفڪرن مٿي آندو ۽ ان جي بهترين عملي صورت اسپين ۾ نظر آئي.جوزف پروڊن پهريون ڀيرو انارڪيء جي اصطلاح سواء ٻه مشهور زمانه تصور ”ملڪيت اصل ۾ چوري آهي.“ ۽ ”ملڪيت آزادي آهي.“به پيش ڪيا.هن جي ويجھو اهي ٻئي اصطلاح هڪ ٻئي جي ابتڙ ناهن.ملڪيت چوري ئي ته آهي ڇو ته جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي ملڪيت عام طور تي مزدور طبقي جي استحصال جو نتيجو هوندي آهي ۽ اهو به ته ملڪيت آزادي به هوندي آهي ڇوته هارين ۽ مزدورن کي رهڻ لاء زمين جي ملڪيت گھرجي،انهن لاء ملڪيت آزاديء مثال آهي ڇو ته اها استحصال يا سينازوريء جي نتيجي ۾ حاصل ناهي ڪئي ويئي.پروڊن جو ضد هو ته ماڻهن جي گروهن وچ ۾ هڪ مرڪزي رابطو هئڻ گھرجي،ان سبب ئي مئي 1871ع ۾ پيرس شهر ۾ پهريون عوامي مارچ ٿيو.دعويٰ ڪري سگھجي ٿي ته اهو ميڙ پنهنجي نوعيت جو پهريون مظاهرو هو جتي انقلابي اشتراڪيت جي عملي صورت نظر آئي.ان ٿورڙي عرصي دوران انقلابي اڳواڻن کي اهو اندازو ٿيو ته پروڊن جي راء مطابق کين پنهنجي بقا لاء ٻين طبقن کي به پاڻ سان شامل ڪرڻو پوندو.پروڊن کان سواء هڪ ٻيو انارڪي پسند فيلسوف پيٽر ڪروپوٽڪن هوجيڪو سائنسي دماغ رکندو هو.هن پنهنجي ڪتاب”مانيء جي سوڀ“ ۾ لکيو آهي ته ڪهڙيء طرح عوامي پنچائتون انقلاب بعد جي شروعاتي ڏينهن ۾ سماجي سطح تي پنهنجو پاڻ کي ٻه طرفي مدد ۽ رضاڪاراڻي تعاون هيٺ منظم ڪري سگھن ٿيون.سالن بعد هسپانوي گھرو ويڙهه دوران ڪروپوٽڪن جا اهي نظريا جن ۾ هن بيان ڪيو هو ته ڪهڙيء طرح مزدور ۽ هاري ملي جلي  صنعت ۽ زراعت جو نظام سنڀالي سگھيا ٿي.انهن 1936ع جي انقلاب کان اڳ نهايت اهم ڪردار ادا ڪيو.1930ع جي ڏهاڪي ۾ اسپين بنيادي طور تي هڪ زرعي سماج هو جتي آباديء جو ٻه سيڪڙو طبقو 67 سيڪڙو وسيلن تي قابض هو.انقلاب بعد اها صورتحال بدلجي ويئي.ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن مان نجي ملڪيت جو خاتمو ڪري ڇڏيو ويو.زرعي زمينن جي سار سنڀال ۽ پوک جو عمل گڏيل طورتي انجام ڏنو وڃڻ لڳو.انقلابي ڪاتولانيا جي علائقي ۾ گڏيل ڪوشش جي عمل کي وڌيڪ شعبن جهڙوڪ پبلڪ ٽرانسپورٽ،بجلي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن تائين وڌائي ان کي ملڪ جي ٻين حصن تائين به پکيڙيو ويو. جيتوڻيڪ نيٺ هسپانوي گھرو ويڙهه ۾ سوڀ فسطائي قوتن جي ٿي ۽ فرانسيڪو فرانڪو حڪمران بڻجي ويو.
انارڪسٽ نظريا سماج جي گھڻن ئي مسئلن جو حل پيش ڪن ٿا.توڙي جو انارڪسٽ نظرين جو مقصد سماج ۾ موجود درجن کي ختم ڪرڻ آهي تنهن هوندي انارڪي پسند فلسفين جي نظرين جي مدد سان سماج جي ڪيترن ئي اهڙن مسئلن جو حل به ڏسي سگھجي ٿو جيڪي هن وقت سماج کي سامهون آهن.هڪ معاملو جنهن ۾ انارڪي پسند نظريا گھڻو مددگار ثابت ٿي سگھن ٿا اهو جيلن جو سڌارو آهي.ڪيترن ئي انارڪسٽ مفڪرن پنهنجو وقت جيلن ۾ گذاريو آهي جتي انهن اتي موجود خامين ۽ خرابين جو غور سان مشاهدو ڪيو آهي.اهو ڪروپوٽڪن ئي هو جنهن سڀني کان اڳ جيلن کي ”ڏوهن جون يونيورسٽيون” قرار ڏنو.ڪروپوٽڪن جي مشاهدن بعد م امريڪي نظام انصاف ۾ تبديليون آڻڻ لاء بنياد مهيا ڪيو.انهن مان ڪيترائي مفڪر ٻنهي عالمي جنگين دوران ضمير جا قيدي رهيا.انهن ڏٺو ته جيلن ۾ قيد گھڻا ماڻهو پوئتي پيل پس منظر سان تعلق رکن ٿا.غربت هڪ بنيادي عامل آهي جنهن سبب گھڻا ماڻهو معمولي ڏوهن ۾ ملوث ٿين ٿا ۽ جيلن مان آزاد ٿيڻ بعد اهي وڏا وڏا ڏوهه ڪن ٿا.انهن مشاهدن سبب سڌارا آڻيندڙن انصاف جي نظام ۾ انساني گھرجن مطابق تبديلين جو عمل تيز ڪيو ويو.افسوسناڪ ڳالهه اها جو ان طرح جا قدم هاڻي گھڻو گھٽجي ويا آهن.مثال؛ سال 2000ع ۾ آمريڪا ۾ ٻه ملين ماڻهو جيلن ۾ قيد هئا.جديد قومي تصور تي قائم رياستن ۾ آمريڪا هن وقت چوٽيء تي آهي جتي آباديء جي نسبت سان سڀ کان وڌيڪ ماڻهو جيلن ۾ آهن.هڪ دفعو وري اسان کي ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاء انارڪي پسند نظرين طرف موٽڻو پوندو ته اسان منشيات جي استعمال ۾ لاڳيتي اضافي سبب جيلن ۾ قيدين جي وڌندڙ انگ تي ڪهڙيء طرح ضابطو آڻي سگھون ٿا.1922ع ۾ هڪ اطالوي انارڪسٽ فلسفي ايريڪو مالاٽسٽا چيو هو ته منشيات جي استعمال سبب جيلن ۾ قيد ماڻهن تي ان سزا جو اثر ابتڙ ٿئي ٿو ڇو ته جيلن ۾ قيد ماڻهن ۾ نشي جي استعمال جو امڪان وڌي وڃي ٿو ۽ اهڙيء طرح سماج ۾ منشيات متعلق ڏوهه جهڙوڪ اسمگلنگ ۽ ڊرگ ٽريفڪنگ ۾ وڌيڪ اضافو ٿئي ٿو.مالاٽسٽا صلاح ڏني ته منشيات جي استعمال ۽ وڪري کي ڏوهن جي لسٽ مان ڪڍي ڇڏجي ته اسان ان مسئلي تي ضابطو آڻي سگھون ٿا.اهڙيء طرح اوهان جيلن ۾ گنجائش کان وڌيڪ قيدين جي موجودگيء واري مسئلي کي به منهن ڏيئي سگھو ٿا.هن مطابق منشيات ڏانهن ڇڪ جو هڪ وڏو سبب ان جي استعمال جو ڏوهه هئڻ آهي جيڪر ايئن نه هجي ته انهيء کي گھڻو گھٽائي سگھجي ٿو.سوئزرلينڊ جي شهر زيورخ ۽ نيڌرلينڊ جي شهر ايميسٽر ڊم منشيات جي استعمال ۽ وڪري کي ڏوهن جي لسٽ مان ڪڍي ڇڏيو ۽ ٻنهي شهرن  جي انهيء فيصلي جي نتيجن مان اهو ثابت ٿيو ته مالاٽسٽا جو خيال صحيح هو.
انارڪي پسند فلسفي سان خاموش ۽ شور وارو ٻنهي قسمن جا انقلاب آڻي سگھجن ٿا.اهو سچ آهي ته انارڪي پسندن انقلاب ذريعي ڪنهن سنجيده تبديليء جو مظاهرو اڄ تائين ناهي ڪيو پر اهو نٿو چئي سگھجي ته انارڪي پسندن جون سياسي ڪوششون ضايع وييون آهن.هاڻوڪي صورتحال اها آهي جو اسان جي زندگين جا ڪيترائي پاسا جيڏانهن اسان ڌيان نٿا ڏيون اهڙا آهن جيڪي انارڪي پسند نظرين جي ڪري آهن.مثال،پنهنجي پوشاڪ کي ئي ڏسجي،گذريل پنجاهه سالن ۾ اسان جيڪو لباس پهري رهيا آهيون اهو صنف ۽ طبقاتي فرق کي سامهون رکي بنايو ويو آهي پر ويهين صدي دوران انتها ئي حد تائين رواج کان مختلف رويو اختيار ڪندي انارڪي پسندن اهڙن ماڻهن لاء ڪيترين ئي سهولتن جو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب ماڻهو جيڪي چاهين پائي سگھن ٿا.
جيئن ته اسان جي زمين جي گولي کي بقا جا مسئلا سامهون آهن ان ڪري رڳو انارڪي پسند نظريا ئي دنيا کي ماحولياتي تباهيء کان بچائي سگھن ٿا.جيئن جيئن ايڪويهين صدي اڳيان وڌي پيئي انسانيت کي ماحولياتي تبديلين ۽ وسيلن ۾ گھٽتائي جهڙا مسئلا گھيريندا ٿا وڃن.سرمائيداري نظام پنهنجي اصليت سبب انهن ڏکيائين کي حل ڪري نٿو سگھي ڇو ته اهو سندس فطرت مطابق نفعو ڪمائڻ،استعمال وڌائڻ ۽ نيون منڊيون قائم ڪرڻ تي يقين رکي ٿو.
(برطانوي ليکڪ ڪولن وارڊ جي ڪتاب تان ورتل)
( عوامي آواز 11 فيبروري 2020ع )

Monday, February 10, 2020

”صديء جو ٺاهه ” ۽ مسلمان حڪمرانن جي خاموشي!



شفيق الرحمان شاڪر
28 جنوري تي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيلي وزير اعظم نيتن ياهو سان گڏ اهو اعلان ڪيو جيڪو سندس چوڻ مطابق ” صديء جو ٺاهه “ آهي.اهو نئون امريڪي منصوبو آهي جنهنجو مقصد اهو آهي ته اسرائيل کي اهو تحفظ ملي وڃي جنهنجي ان کي گھرج آهي ۽ فلسطينن کي اها رياست ملي وڃي جنهنجي انهن کي تمنا آهي.پر بدقسمتيء سان اها رڳو هڪ فريب ڀري عمدي بيان بازي آهي.صدر ٽرمپ جو اعلان ڪيل منصوبو ان ڳالهه کي بلڪل واضح ڪري ڇڏي ٿو ته حقيقت ۾ اها هن صديء جي وڏي ۾ وڏي ٺڳي آهي هڪ اهڙي ٺڳي جيڪا فلسطينن لاء آزاديء واري وعدي جي نفي ڪندي ۽ ڏهاڪن کان هلندڙ آمريڪي سفارت ڪاريء جو ڦيٿو واپس ابتو گھمائيندي.ٿورو ان ٺڳيء کي ماضيء جي حوالي سان سمجھڻ جي ڪوشش ڪجي ته پاڪ ڪتابن ۾ تاريخ جي شروع کان ئي يروشلم ابراهيمي مذهبن جو مرڪز ۽ محور رهيو آهي.سمورن آسماني ڪتابن تورات،انجيل ۽ قرآن مجيد ۾ اهڙا حوالا موجود آهن جيڪي يروشلم۽ اسرائيل جي اولاد بابت آهن.يروشلم کي حاصل ڪرڻ لاء اڻ ڳڻيون ويڙهون وڙهيون وييون ۽ يروشلم جي آس ۾ بي شمار ماڻهن پنهنجون جانيون به قربان ڪيون آهن جڏهن ته سمورن توحيد پرست مذهبن جي الهامي اڳڪٿين ۾ يروشلم موجود آهي. حضرت موسيٰ عليه السلام جي قوم سان يروشلم جو وعدو ڪيو ويو هو،عيسائين جي عقيدي مطابق حضرت عيسيٰ عليه السلام کي يروشلم ۾ ڦاهيء تي لٽڪايو ويو ۽ اسان جي رسول حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم کي معراج واري رات مسجد حرام کان مسجد اقصيٰ (يروشلم) نيو ويو جنهنجي وضاحت سورت بني اسرائيل ۾ موجود آهي.اڄ ڪلهه چار ارب ماڻهو جيڪي ڪنهن نه ڪنهن نموني ابراهيمي مذهبن سان ڳنڍيل آهن انهن لاء يروشلم عقيدي توڙي تاريخ جي لحاظ کان مرڪزي حيثيت رکي ٿو.مديني منوره ۾ اسلامي رياست جڙڻ سان گڏ ئي مسلمانن جي يروشلم سان ڏي وٺ شروع ٿي ويئي هئي.اسلامي رياست جي عهديدارن لاء اهو شهر نهايت ئي اهميت جو سبب هو ۽ بعد ۾ 636ع ۾ حضرت عمر فاروق رضه جي سور ۾ يروشلم جو گھيرو ڪيو ويو.ان وقت هي شهر بازنطيني سلطنت جي پادري آرڇ س فرونيس جي انتظام هيٺ هو.637ع ۾ بازنطينين مسلمانن سامهون هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ مسلمانن يروشلم شهر ۽ فلسطين جي سرزمين جو اختيار سنڀالي ورتو.ايندڙ ساڍن چار سو سالن تائين يروشلم شهر ۽ ان جي آسپاس فلسطيني سرزمين تي مسلمانن جي قبضي کي ڪنهن به چيلينج نه ڪيو.1099ع ۾ پهرين صليبي جنگ تائين جڏهن يورپ سان تعلق رکندڙ رومن ڪيٿوليڪ صليبين يروشلم تي قبضو ڪري ورتو ۽ اٽڪل موعود جي سرزمين جي سمورن مسلمانن توڙي يهودين کي قتل ڪري ڇڏيو.ان شهر تي عيسائين جو اقتدار سو سالن کان به گھٽ عرصو هليو ۽ 1187ع ۾ صلاح الدين ايوبي يروشلم جو گھيرو ڪري بيلين کي مجبور ڪري ڇڏيو ته اهو مسلمان فاتحن سامهون هٿيار ڦٽا ڪري.اهم ڳالهه اها هئي ته ان فتح دوران ڪجهه به رت نه وهيو.مسلمان حڪمرانن شهر جي سمورن يهودين ۽ عيسائين کي اختيار ڏنو ته اهي گھرن ته اتي ئي رهن ۽ گھرن ته شهر ڇڏي وڃن.اهو ان شهر تي مختلف اسلامي سلطنتن هيٺ اسلام جي اٺ سو سالا اقتدار جو شروعاتي نڪتو هو ۽ ان سان گڏ ئي صلاح الدين ايوبي جي نالي جي مهر يهودي،عيسائي ياداشت تي هميشه لاء لڳي ويئي.هاڻي نئين دور طرف اچجي ته خاص طور تي ٻي عظيم جنگ ۾ مسلمان خلافت جي شڪست ۽ ٻي جنگ عظيم بعد 1948ع ۾ اسرائيلي رياست جي قيام تائين.اڄ جيڪا وچ اوڀر ۾ شڪل نظر اچي ٿي ان جون سرحدون ٻنهي عظيم جنگين جي فاتحن اولهه جي اتحادي قوتن جي مرضيء سان جوڙيون وييون آهن.ڪمزور مسلمان رياستن جا عياش حڪمران جيڪي نئين ورلڊ آرڊر سان گڏ هلڻ تي راضي هئا.يروشلم کي حاصل ڪرڻ لاء ڪجهه ڪمزور ڪوششون ضرور ڪيون وييون پر سڀ بيڪار وييون.ان سرزمين جي رهاڪن کي بي گھر ٿيڻ تي مجبور ٿي ٻين جي ڌرتي يا وري مهاجر ڪيمپن ۾ رهڻو پيو.جتي رهندي اهي زيتون جي وڻن جي ڌرتي يروشلم ڏانهن واپسيء جا خواب ڏسن ٿا.ان نسلي تعصب عرب اسرائيل جنگين ۽ فلسطيني نوجوانن جي انتفاده تحريڪن کي جنم ڏنو،ان رتوڇاڻ واري تڪرار جو مرڪز اهو ئي ننڍڙو شهر يروشلم آهي.ايذائن ۽ اذيتن جي ان سڄي دور ۾ امريڪا طرفان لاڳيتي دٻاء باوجود عالمي سطح تي ڪڏهن به يروشلم شهر تي اسرائيل جي مڪمل دعويٰ کي قبول نه ڪيو ويو.اولهه يروشلم تي اسرائيل پنهنجي قيام کان ترت ئي پوء 1948ع ۾ قبضو ڪري ورتو هو.بعد ۾ 1967ع جي ڇهن ڏينهن واري جنگ بعد اوڀر يروشلم تي پڻ اسرائيل قبضو ڪري ورتو ۽ 1980ع ۾ ان جو الحاق ڪيو ويو.ان عمل کي عالمي برادري ڪڏهن به قبول نه ڪيو پر ان وقت کان هاڻي تائين اسرائيل اوڀر يروشلم ۾ ۽ ان جي آس پاس اهم هنڌن تي ڪيتريون ئي يهودي وسنديون قائم ڪري چڪو آهي جن جو مقصد سڄي شهر تي پنهنجي قبضي کي مضبوط بنائڻ آهي.اهي وسنديون عالمي قانونن موجب غير قانوني آهن.فلسطينن جو اهو لاڳيتو مطالبو آهي ته اوڀر يروشلم کي سندن مستقبل جي رياست جي گاديء جو هنڌ قرار ڏنو وڃي.اٽڪل ٽي لک ٽيهه هزار فلسطيني اوڀر يروشلم ۾ رهن ٿا جڏهن ته يهودي آبادڪارن جو انگ ٻن لکن جي ويجھو آهي.ان معاملي جي حساس نوعيت عالمي قانونن جي تحفظ ۽ گڏيل قومن جي ڪيترين ئي قراردادن جي احترام۾ جن ۾ فلسطينين جي حق جي توثيق ٿيل هئي،ڪنهن به قابل ذڪر ملڪ يروشلم کي اسرائيلي گاديء واري هنڌ طور تسليم ناهي ڪيو.اها صورتحال ٽرمپ جي اقتدار ۾ اچڻ تائين برقرار هئي پر 2017ع ۾ ٽرمپ انتظاميا پنهنجي ان منصوبي جو اعلان ڪيو جنهنجو مقصد اسرائيل ۾ امريڪي سفارتخاني کي يروشلم منتقل ڪرڻو هو يعني يروشلم کي حقيقي اسرائيلي گاديء واري هنڌ طور تسليم ڪرڻ.ان قسم جي ڪنهن بيوقوفاڻي قدم جي اميد رڳو ٽرمپ جهڙي ڪنهن اڌ چريي شخص کان ئي ڪري سگھجي ٿي جيڪو ان تاريخ،سياست ۽ مذهبي حساسيت کان ئي اڻ ڄاڻ آهي جيڪا صدين کان يروشلم سان واڳيل آهي.جيڪر آمريڪي صدر تاريخ جي گھڙيال کي تيزيء سان هلائڻ ۽ ٻيو ڀيرو صدر چونڊجڻ لاء ترغيب مهيا ڪرڻ گھري ٿو ته کيس خبر هئڻ گھرجي ته هو تاريخ جي غلط پاسي بيٺل آهي.جيڪڏهن اها آمريڪا اندر ووٽ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش آهي ته اها اڃا به وڌيڪ بيوقوفيء جي ڳالهه آهي جو ڪجهه ووٽن لاء تهذيبن جي وچ ۾ جھيڙو شروع ڪرائي ڇڏجي.2017ع ۾ ٽرمپ جي اعلان جي عالمي سطح تي مذمت ڏسڻ ۾ آئي تنهن هوندي به مسلمان ملڪ جن ۾ ايڪيتاليهن ملڪن جو اتحاد به شامل آهي ان معاملي تي ڪنهن به سطح تي ڪا هلچل پيدا ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا.مسلمان ملڪن جي غير فعاليت جي ڪري ئي ٽرمپ کي اها هشي ملي جو هن گذريل هفتي ”صديء جي ٺاهه“ جو اعلان ڪري ڇڏيو.بي بي سي جي رپورٽ مطابق ان ڊيل ذريعي هن اسرائيل کي اهو سڀ ڪجهه ڏيئي ڇڏيو جنهن جي هن کي خواهش هئي ۽ فلسطينين کي تمام ٿورو حصو مليو آهي.مختصر اهو ته ان منصوبي جي نتيجي ۾ فلسطيني ”گريٽر اسرائيل“ ۾ مهاجر بڻجي رهجي ويندا ۽ سندن هڪ ٻيو يتيم نسل اسرائيلي بندوقن جي ڇانو ۾ وڏو ٿيندو.پر ڪجهه سببن هيٺ وچ اوڀر پنهنجي سموري دولت،تيل ۽ فوجي قوت باوجود آمريڪا جي ان صيهوني منصوبي کي قبول ڪرڻ تي راضي نظر اچي ٿو.پڪ سان اهو منصوبو امريڪا اسرائيل منصوبي جو حصو آهي پر ڇا مسلمان دنيا جي غير فعاليت جو نتيجو به آهي؟
( روزاني عوامي آواز 7 فيبروري 2020ع)

Saturday, February 8, 2020

وزير اعظم ۽ سينيٽرن جي ” غربت“ !



شفيق الرحمان شاڪر
ٿورو اندازو لڳايو ته جيڪر ميان نواز شريف يا آصف زرداريء مان ڪنهن جي حڪومت هجي ها ۽ انهن مان ڪو ڪراچيء ۾ ڪاروباري ماڻهن جي ميڙ ۾ اهي لفظ چوي ها ته ” جيئن ته اسان جي ڪجهه دوستن کي نيب تنگ ڪري رهي هئي جنهن ڪري اسان نيب قانونن ۾ ترميم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن اسان جا اهي ڪاروباري دوست خوش ٿين.“ ته ٻڌايو ته ان قسم جي بيان تي ڪهڙي قسم جو سخت رد عمل اچي ها!پر ملڪ جي وزير اعظم جناب عمران خان بنان ڪنهن هٻڪ جي اهي لفظ چئي ڏنا،اهو ئي خان صاحب جيڪو ٻاويهه سالن تائين گذريل حڪومتن کي ڪرپٽ ۽ نيب خلاف سازشون ڪندڙ چوندو رهيو آهي.خير، خان صاحب جون انيڪ ڳالهيون ۽ دعوائون جيڪي حڪومت کان ٻاهر هوندي ڪجهه ٻيون هيون هاڻي سندس سوچ ۽ رويو انهن جي بلڪل ابتڙ بڻيل آهي،شايد ان ڪري به جو اقتداري سياست ۾ اصولن ۽ اخلاقيات جو بحث ئي فضول ٿئي ٿو. تازو خان صاحب ڊيووس  ۾ عالمي واپارين جي متل ميلي ۾ ڪجهه نوان ڀاشڻ  ڏنا آهن جنهن ۾ بنيادي طور تي سندس تنقيد جو نشانو پاڪستاني ميڊيا بڻي آهي.خان صاحب جي چوڻ مطابق ميڊيا هاڻوڪي حڪومت خلاف جيڪي سازشون ڪري رهي آهي انهيء کان بچڻ جو اڪيلو رستو اهو آهي ته ميڊيا جي ڳالهين ۽ رپورٽن تي بلڪل ئي ڌيان نه ڏيڻ گھرجي.هن پنهنجن وزيرن ۽ مشيرن کي صلاح ڏني ته اهي نه ته ٽي وي ڏسن ۽ نه ئي اخبارون پڙهن.مطلب ته خان صاحب پنهنجن وزيرن ۽ مشيرن کي ”خطري جي صورت ۾ اٺ پکيء جيان واريء ۾ منهن هڻڻ “ واري صلاح ڏيئي ڇڏي آهي.سندس چوڻ مطابق ملڪي ميڊيا سندس تمام گھڻي ”انسلٽ “ ڪئي آهي. مطلب اهو ٿيو ته هاڻوڪي حڪومت گذريل سورهن مهينن دوران جيڪا ”محنت “ ڪئي آهي ميڊيا ان سموري محنت تي پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي.انهيء ڪري ان معاملي جو حل اهو ڪڍيو ويو آهي ته ماڻهو نه ته ٽي وي ڏسن ۽ نه وري اخبارون پڙهن.ان صلاح ڏيڻ کان اڳ خان صاحب عوام اڳيان پنهنجا سور روئندي اهو به ٻڌايو آهي ته کيس جيڪا سرڪاري پگھار ملي ٿي ان مان سندس گذر سفر نٿو ٿئي. شايد اهو ئي سبب آهي جو ملڪ جي ”غريب“ سينيٽرن چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين  سينيٽ سميت کي به احساس ٿيو آهي ته سندن پگھارون ته وزير اعظم کان به گھٽ آهن ان ڪري  پنهنجن پگھارن ۾ هڪ ئي ڌڪ سان چار سو سيڪڙو واڌ ۽ سندن ڪٽنبن کي سرڪاري خزاني مان شاهي رعايتن وارو بل سينيٽ جي اجلاس ۾ پيش ٿي رهيو آهي.باقي ٻين سرڪاري توڙي نجي ملازمن جون پگھارون شايد وزير اعظم کان به مٿي آهن ان ڪري سندن پگھارن جي باري ۾ سوچڻ اجايو آهي. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪر ايڏي وڏي پگھار مان به وزير اعظم جو گذر سفر نٿو ٿئي ته پوء اهو مزدور ڪيڏانهن وڃي جيڪو فقط پنج ڇهه سو روپيا ڏهاڙي ڪمائي ٿو.اها ڳالهه ڪري خان صاحب پاڻ ئي تصديق ڪري ڇڏي آهي ته ملڪ ۾ هن وقت ايتري ته مهانگائي آهي جو ايڏي وڏي پگھار مان به گذر ٿي نٿو سگھي.بد قسمتيء سان خان صاحب جي حصي ۾ جيڪي مشير ۽ صلاحڪار آيا آهن اهي کيس اهو ئي سبق پڙهائي رهيا آهن ته ملڪ ۾ سڀ ڪجهه صحيح لڳو پيو آهي.کير ۽ ماکيء جون نديون وهي رهيون آهن.ماڻهو خوشيء وچان نچي ۽ ٽپي رهيا آهن ۽ حڪومت جي حق ۾ دعائون ڪري رهيا آهن.بس ميڊيا آهي جيڪا حڪومت کي بدنام ڪري رهي آهي.ان ڪري بهتر اهو ئي ٿيندو ته ميڊيا جي نڙيء تي لت ڏيئي ڇڏجي پر جيڪر خان صاحب ايئن ڪري نٿو سگھي ۽ پڪ سان ڪري نٿو سگھي ته پوء گھٽ ۾ گھٽ پنهنجن وزيرن ۽ مشيرن کي منع ڪري ته هو اجايو ميڊيا طرف پنهنجو ڌيان نه ڏين.سمجهه ۾ نٿو اچي ته انفارميشن جي هن دور ۾ جتي پوري دنيا ۾ ان ٽيڪنالاجيء کي حڪومتي نظام بهتر بنائڻ لاء استعمال ڪيو پيو وڃي اتي پاڪستاني عوام کي واپس اونداهين دور طرف ڌڪڻ جون ڳالهيون ڇو ٿي رهيون آهن؟هڪ طرف ماڻهو بکن کان بدحال آهن ته ٻئي طرف خان صاحب کين  خالي پيٽين عجيب قسم جا ڀاشڻ ڏيندي نٿو ٿڪي.هو پنهنجي هر تقرير ۾ تاريخي حوالا ۽ تاريخي واقعا ته بيان ڪري ٿو پر ڇا تاريخ مان سکڻ لاء به هن کي ڪا شيء نظر اچي ٿي؟جڏهن حڪمران تنقيد ٻڌڻ جي همت ئي نه رکندا هجن ته پوء آسپاس رڳو خوشامدڙين جو ٽولو ئي باقي رهجي ويندو آهي جيڪو شڪست طرف ويندڙ هر حڪمران کي آخر وقت تائين اهو ئي اطمينان ڏياريندو آهي ته توهان جي شان،مان ۽ اقبال کي ڪو خطرو ناهي،اهي رڳو اوهان جا ڪجهه حاسد آهن جيڪي بي يقيني وارو ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.تاريخ ته اهو ئي ٻڌائي ٿي ته جڏهن ڪنهن به حڪمران عوام طرف کلندڙ سڀ دريون جڏهن به بند ڪيون ته سندس انجام ڏاڍو قابل رحم ٿيندو رهيو آهي.ان ڪري جو حڪمران لاء نه رڳو اهو ضروري آهي بلڪه اها سندس بنيادي ذميداري هوندي آهي ته هو عوام جي مسئلن،مامرن،ڏکن ۽ سکن جي باري ۾ پوري پوري ڄاڻ رکي.هو عوام سان گڏ رهي ۽ ٻين خوشامدي ۽ چاپلوس عملدارن کان رپورٽون وٺڻ بدران پاڻ عوام جي حقيقي خبر وٺي ته اهو ڪيئن زندگي گذاري رهيو آهي ۽ ڪهڙين مشڪلن کي منهن ڏيئي رهيو آهي.جيڪر ڪو حڪمران واقعي عوام جي ڏکيائين کي سمجھڻ ۽ انهن کي گھٽائڻ جي نيت رکندو هجي ته ان کي ته ميڊيا جو به ٿورائتو هئڻ گھرجي جيڪا بنان ڪنهن خرچ جي کيس عوامي مسئلن متعلق آگاهه ڪندي رهي ٿي ۽ حڪومتي مشينريء اندر موجود ڪمين  ۽ڪوتاهين  جي نشاندهي ڪندي رهي ٿي.هڪ ٻي دلچسپ ڳالهه جيڪا خان  صاحب نهايت ئي فخر سان بيان  ڪئي آهي سا اها ته هن جي غير ملڪي دوري جو خرچ ڪن ٻن ”سخي نيڪ مردن“ اسپانسر ڪيو آهي.هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن ڪنهن حڪومت جي سربراه يا ڪنهن اهم حڪومتي عملدار جو ڪوبه خرچ  ڪي نجي ماڻهو اسپانسر ڪن ٿا ته ڇا اهو ڪنفليڪٽ آف انٽريسٽ جي وصف ۾ نٿو اچي؟جڏهن ڪو به دوست ڪنهن سرڪاري اهم عهدي تي ويٺل شخصيت جي مالي مدد ڪري ٿو ته ڇا هو ان کي اڻ سڌيء طرح مجبور نٿو ڪري ته جواب ۾ هو به سندس ان احسان جو بدلو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ چڪائي؟شايد خان صاحب وٽ ڪرپشن ۽ شفافيت جا تصور ئي يا ته واضح ناهن يا وري اهڙا قصا ۽ ڪهاڻيون ٻڌائي پنهنجي پارسائي جا ثبوت دنيا سامهون آڻڻ چاهي ٿو.نه ته خان صاحب جي ڪجهه دوستن جي باري ۾ ڪرپشن جي حوالي سان جيڪي ڪهاڻيون گردش ڪري رهيون آهن انهن جي باري ۾ ته خان صاحب کي ٽڪي جي به ڳڻتي ناهي. تازو اٽي واري بحران نه پر اٽي اسڪينڊل جي باري ۾ جيڪي رپورٽون خود خان صاحب تائين پهتيون آهن انهن ۾ ته خان صاحب جا ڪجهه پيارا ۽ ڪجهه اهم سرڪاري عملدار ملوث قرار ڏنا پيا وڃن جن غريب عوام کان ان اسڪينڊل ذريعي اربين روپيا هضم ڪري ورتا آهن پر خان صاحب انهيء تي خوش آهي ته هن انهيء دوري دوران ملڪ جا ڪجهه لک روپيا بچائي ورتا آهن.هڪ ٻي خبر جيڪا ڪرپشن خلاف جنگ  ۾ خان صاحب جي”سنجيدگي“ کي ظاهر ڪري ٿي سا اها ته تحريڪ انصاف  جي انهن ٽنهي صوبائي وزيرن کي ڪي پي حڪومت مان ان ڪري نيڪالي ڏني ويئي آهي جيڪي مبينا طور تي ڪي پي جي وڏي وزير جي ڪرپشن جا ثبوت گڏ ڪري وزير اعظم کي پيش ڪري رهيا هئا.
(روزاني هلال پاڪستان 4 فيبروري 2020ع)

ڪورونا وائرس ؛ زيا چنگ کان دنيا کي ورايل خوف تائين!



شفيق الرحمان شاڪر
2019ع جي آخري ڏينهن ۾ زياچنگ ڪنگ پنهنجن والدين سان گڏ چين جي مرڪزي شهر ”ووهان“ ۾ بدنام زمانه  ”سائوٿ چائينا سي فوڊ مارڪيٽ “ ۾ رات جو دير سان ڊنر ڪئي هئي.جنهن بعد منجهس هڪ نئين وائرس ”ڪورونا “ جي سڃاڻپ ڪئي ويئي هئي.هڪ اهڙو وائرس جنهن دنيا ۾ اٽڪل چوڏنهن سو ماڻهن کي متاثر ڪيو جن مان هڪ سو کان مٿي ماڻهو مري چڪا آهن.ان وائرس چين کي جھنجھوڙي ۽ پوري دنيا کي خوف ۾ ڦاسائي وڌو آهي.نئون سال جڏهن لکن ماڻهن کي پنهنجون موڪلون پنهنجن ڪٽنبن سان گڏ ملهاڻيون هيون اتي ملڪ جا ڪيترائي حصا هن وقت لاڪ ڊائون جو شڪار آهن ۽ سڀ جشن وسري ويا آهن.جيئن ته 27 ڊسمبر تي زيا ۽ سندس والدين جڏهن سرديء جي موسم واري چانورن ۽ بيضن جي کچڻي کائي رهيا هئا ته ان وقت ڪنهن کي خبر ئي نه هئي ته اهو وائرس پوري شهر جي آسپاس پکڙجڻ شروع ٿي ويندو.انهيء واقعي کان رڳو ٽي ڏينهن پوء ڊاڪٽر هڪ اهڙي اڻ ڄاتل نمونيا جي باري ۾ خبردار ڪري رهيا هئا جنهنجو هنن وٽ ڪو علاج موجود نه هو ۽ چئن ڏينهن بعد صحت جي عملدارن ان وبا جي باري ۾ پنهنجي رپورٽ عالمي صحت اداري وٽ جمع ڪرائي ڇڏي.جنوريء جي شروع ۾ جڏهن ڇٽيهه سالا زيا کي هلڪو هلڪو بخار چڙهڻ شروع ٿيو ان وقت چيني حڪام سي فوڊ مارڪيٽ بند ڪري چڪا هئا ۽ ان سان گڏوگڏ اٽڪل 44 مانهن ۾ ان پراسرار نمونيا جي سڃاڻپ ٿي چڪي هئي.پر جڏهن 4 جنوري تي زيا علاج جي سلسلي ۾ هڪ اسپتال پهتي ته وٽانئس نه ته سندس ان مارڪيٽ سان لهه وچڙ جي باري ۾ ڪو سوال ڪيو ويو ۽ نه ئي سندس ان پراسرار بيماريء جي باري ۾ ڪجهه پڇيو ويو.هن کي رڳو گھر وڃي آرام ڪرڻ ۽ ڪجهه دوائون کائڻ جي صلاح ڏني ويئي.هن ڊاڪٽرن جي سڀني مشورن تي عمل ڪيو پر هن جي طبيعت وڌيڪ خراب ٿيندي ويئي.هاڻي هن جو بخار به گھڻو تيز ٿي ويو هو،هن کي ساهه کڻن ۾ گھڻي تڪليف ٿي رهي هئي ۽ کائڻ پيئڻ به مشڪل بڻجي چڪو هو.ان سان گڏوگڏ سندس پراسرار بيماري جي وڌيڪ پکڙجڻ جون خبرون عام ٿي رهيون هيون.9 جنوري تي چين اعلان ڪيو ته ڊاڪٽرن ساڳئي ڪٽنب جي هڪ ٻئي ماڻهوء ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ڪئي آهي جيڪو 2002ع ۾ ووهان ۾ ”سارس“ پکڙجڻ جو سبب بڻيو هو.ڪورونا وائرس فيملي جي سمورن وائرسز جيان اهو وائرس به ڪنهن جانور ذريعي ڦهلجھن جي نشاندهي ڪئي ويئي جنهن جي باري ۾ سائنسدان اڳ ۾ ئي جاچ ڪندا رهيا هئا.ايندڙ ڏينهن تي ڊاڪٽرن ان بيماريء سبب ٿيندڙ پهرئين موت جو اعلان ڪيو۽ ان وائرس جي جينياتي اڀياس کي پڙهڻ لاء انٽرنيٽ تي جاري ڪيو.پر جيڪي ڪجهه بعد ۾ سوشل مِديا تي آيو انهيء مان حڪومتي نڪته نظر جي نفي ٿئي ٿي.اميد ڪئي پئي ويئي ته بيجنگ انتظاميا ان وبا کي وڌيڪ پکڙجڻ کان ترت روڪي وٺندي  ۽ چيني حڪومت اهو اعلان به ڪيو ته انهن پوري هفتي ۾ ڪنهن به نئين ڪيس جي سڃاڻپ نه ڪئي آهي سواء هڪ ڪيس جي جيڪو ملڪ کان ٻاهر هڪ چيني مسافر جي باري ۾ رپورٽ ٿيو هو.جيڪڏهن اها بيماري رڳو ڪنهن متاثر جانور کائڻ سبب پيدا ٿي آهي ۽ اها مارڪيٽ جتان ان بيماريء جو بنياد پيو آهي اها به بند ڪئي ويئي آهي ته پوء امڪان ته اهو ئي هو ته ان قسم جا وڌيڪ ڪيس ظاهر نه ٿيندا پر چين ۾ آزاد ذريعن سان جاري ٿيندڙ انگن اکرن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته جنوريء جي شروعاتي ڏينهن ۾ جڏهن بيماري پکڙي ته نه ته ڊاڪٽر وسيع پيماني تي ڪي اهڙيون ٽيسٽون ڪري رهيا هئا ۽ نه ئي حڪومت معاملي کي ايترو سنجيده وٺي رهي هئي.هاڻي ملڪ ۾ وڌندڙ ڳڻتي اها آهي ته وبا پکڙجڻ جي شروعاتي ڏينهن ۾ حڪومت جي گھڻي بي ڌياني رهي آهي نه ته ان وائرس کي وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪي سگھبو هو.زيا سمجھي ٿي ته هوء ٻين ڪيترن ئي متاثرن مان هڪ آهي جن کي سرڪاري انگن اکرن ۾ نٿو ڏيکاريو وڃي.”جينيٽڪ ڪوڊ“ جاري ٿيڻ بعد هن کي آخر نيٺ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو.هن جي ان مارڪيٽ سان تعلق جنهن کي ان بيماري ڦهلجڻ جو مرڪز سمجھيو وڃي ٿو ۽ منجھس موجود ٻين متاثر ماڻهن وارين علامتن باوجود کيس ڪڏهن به ٽيسٽ نه ڪيو ويو.توڙي جو اسپتال وارا اڳ ۾ ئي ان وبا جي نشانين وارن مريضن جي تيزيء سان وڌندڙ انگ جي باري ۾ جاکوڙ ۾ رڌل هئا.زيا جو چوڻ آهي ته ان قسم جي سوين مريضن کي تپاسڻ لاء اسپتال ۾ رڳو ٻه ڊاڪٽر موجود هئا. جيئن ته ڊاڪٽر گھڻو ڌيان رڳو شديد حالت وارن مريضن تي ڏيئي رهيا هئا تنهن ڪري 20 جنوري تي زيا کي اسپتال مان بي دخل ڪري ڇڏيو ويو.اهو ئي ڏينهن هو جنهن تي چيني حڪومت ان پڪي نتيجي تي پهتي ته اهو وائرس سڌو سنئون ڪنهن جانور مان انسان ۾ ممتقل ٿيڻ سان گڏوگڏ ماڻهن مان به هڪٻئي ۾ منتقل ٿي سگھي ٿو.هاڻي مريضن جو تعداد ٽيڻو ٿي چڪو آهي ۽ ڪيترن ئي ٻين وڏن شهرن جن ۾ بيجنگ به شامل آهي اتي به اهڙا ڪيس ظاهر ٿيا آهن ۽ حڪومت سخت ڳڻتيء جو شڪار آهي.زيا هاڻي گھر ۾ آهي پر اڃا تائين بنان ڪنهن ٽيسٽ جي پنهنجن مائٽن جي سنڀال هيٺ آهي.هن کي اها ڳڻتي ستائي رهي آهي ته هوء پنهنجي ڪٽنب جي ٻين ماڻهن کي وائرس منتقل ڪرڻ جو سبب بڻجي سگھي ٿي.ان ڪري هو انهن کي ان وائرس کان بچائڻ لاء کين هر وقت کانئس پنج ميٽر پري رهڻ لاء زور ڀري ٿي.ٽي ڏينهن بعد چين سندس شهر ووهان جو مڪمل لاڪ ڊائون ڪندي اتان جي شهرين توڙي پوري دنيا کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو.23 جنوريء جي صبح کان ڪو به جهاز،ريل يا ٻي ڪا عوامي ٽرانسپورٽ کي شهر ڇڏڻ جي اجازت ناهي ايستائين جو بعد ۾ نجي گاڏين کي پڻ شهر ڇڏڻ کان روڪيو ويو آهي.هڪ وڏي صنعتي ۽ واپاري مرڪز جي بندش جتي اٽڪل يارهن ملين ماڻهو رهن ٿا پر اهو سڀ ان لاء آهي جو بيجنگ کي خطرو آهي ته شهر ڇڏڻ جي صورت ۾ پورو ملڪ ان جي وڪڙ ۾ اچي سگھي ٿو.وڌيڪ قدمن ۾ هزار بسترن تي ٻڌل هڪ نئين اسپتال جو قيام به آهي.نئين قمري سال جي شروع ۾ اٽڪل پنجاهه ملين ماڻهو چين جي مختلف شهرن ۾ لاڪ ڊائون جو شڪار آهن ۽ هر صوبي ۾ پهرئين درجي جي ”هيلٿ ايمرجنسي “ ڊڪليئر ڪئي ويئي آهي.مختلف صحت جي ماهرن جي راء ۾ چين ان وبا کي ڪنٽرول ڪرن ۾ گھڻي دير ڪري ڇڏي آهي.ڪورونا هڪ اهڙي وقت تي ظاهر ٿيو آهي جڏهن چين جون نهايت ئي اهم موڪلون نئين سال تي شروع ٿيون آهن.عام طور تي اهو موقعو هوندو آهي جڏهن ماڻهن جي هڪ تمام وڏي لڏ پلاڻ شروع ٿئي ٿي ۽ ڪروڙين ماڻهو بسن،ريلن ۽ جهازن ذريعي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ سفر ڪن ٿا.سال ۾ اهو ئي وقت ٿئي ٿو جو ڳوٺن مان معاشي طور تي عارضي لڏ پلاڻ ڪندڙ مزدور پنهنجي گھر ٻارن ڏانهن واپس ايندا آهن.خدشو اهو آهي ته ڪيترائي مسافر اهو وائرس کڻي گھمي رهيا هوندا ۽ ممڪن آهي ته انهن ۾ ان مرض جي ڪا خاص علامت به ظاهر نه ٿئي.انهيء عظيم انديشي چينين جون سڀ خوشيون ڦڪيون ڪري ڇڏيون آهن ۽ سندن سمورن تفريحي منصوبن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي ۽ کين گھرن ۾ قيد ٿي رهڻو پئجي ويو آهي.گھٽيون،روڊ،رستا ۽ هوٽلون خالي نظر اچن ٿيون.ان وبا جي پکڙجڻ کان هن وقت تائين چيني ميڊيا تي ان بيماري جي باري ۾ چتاء ڏنا پيا وڃن جڏهن ته سوشل ميڊيا تي افواهن جو هڪ نه کٽندڙ سلسلو به جاري آهي.ڪيترن ئي سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن کي افواهه پکيڙڻ جي الزام ۾ گرفتار به ڪيو ويو آهي.گذريل ڇنڇر تائين چيني حڪومت جيڪي انگ اکر ظاهر ڪيا آهن انهن مطابق ان بيماريء ۾ ڦاٿل ماڻهن جا ڪل 1372 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن ۽ انهيء ۾ مرندڙن جو تعداد 41 ٻڌايو ويو آهي.توڙي جو ان بيماريء خلاف ڪا ويڪسين موجود ناهي تنهن هوندي به ڪجهه اهڙيون دوائون آهن جن ذريعي مريض جي ان بيماريء خلاف وڙهڻ واري قوت مزاحمت کي بهتر بنائي سگھجي ٿو.زيا کي توڙي جو هاڻي بخار ڪونهي پر هن کي سخت کنگهه آهي جنهن ۾ ڪجهه رت به اچي ٿو پر هن جي حالت ڪجهه بهتر آهي.

(روزاني هلال پاڪستان )

Saturday, February 1, 2020

افغانستان امن ڳالهيون ؛اميدون ۽ انديشا.



شفيق الرحمان شاڪر
افغان ويڙهاڪن جي قطر ۾ قائم دفتر ۽ آمريڪي نمائندن وچ ۾ ڳالهين دوران  عارضي طور تي ستن کان ڏهن ڏينهن جي جنگ بنديء کي گذريل ارڙهن مهينن جي ڳالهه ٻولهه ۾ هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي ۽ اهو طالبان طرفان پنهنجون ويڙهاڪ سرگرميون گھٽائڻ جو واضح اشارو تصور ڪيو پيو وڃي.ڪنهن اڻ ڄاتل طالبان عهديدار جي حوالي سان ڪيترن ئي عالمي ميڊيا ادارن گذريل هفتي اهو اطلاع ڏنو هو ته طالبان عارضي طور تي جنگ بنديء جو اعلان ڪري سگھن ٿا.بعد ۾ طالبان جي ترجمان سهيل شاهين پاڪستاني اخبار ڊان کي ٻڌايو ته عسڪريت پسند  آمريڪا سان امن ٺاهه تي صحيحون ڪرڻ وارن ڏينهن ۾ فوجي آپريشن گھٽائڻ  تي راضي ٿي ويا آهن.توڙي جو اڃا تائين افغانستان اندر مفاهمت  لاء آمريڪي نمائندي خاص زلمي خليلزاد پاران ان سلسلي ۾ ڪو تبصرو نه آيو آهي تنهن هوندي به ڪجهه هفتن دوران آمريڪا،ڪابل،اسلام آباد ۽ دوحا سان لاڳاپيل سفارتي دورن جي ڀرمار ان ڳالهه جو اشارو ڪري ٿي ته گذريل ارڙهن سالن جي جنگ ختم ڪرڻ لاء ڪجهه اڳڀرائي ضرور ٿي آهي.جيڪر عارضي جنگبنديء تي اتفاق ٿئي ٿو ته هڪ دفعو وري امن ڳالهين کي نئين زندگي ملي سگھي ٿي.توڙي جو افغانستان ۾ مستقل امن پيدا ڪرڻ ۾ ڪيئي رڪاوٽون موجود آهن جن کي دور ڪرڻ سواء شايد اهو خواب حقيقت بڻجي نه سگھي.پهريون معاملو افغانستان ۾ 28 سيپٽيمبر 2019ع ۾ ٿيل صدارتي چونڊن جا نتيجا آهن جيڪي اڃا تائين ظاهر نه ڪيا ويا آهن.انهن چونڊن جي حوالي سان اتحادي حڪومت ۾ صدر اشرف غنيء جي پارٽنر عبدالله عبدالله جيڪو گذريل چونڊن م سندس اهم حريف رهيو تنهن شروعاتي نتيجن تي ڪيترائي اعتراض اٿاريا آهن .تڏهن کان عبدالله جي حامين ڪيترائي مظاهرا ڪري انهن چونڊن جي حوالي سان جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.چونڊن جي نتيجن کي ظاهر ڪرڻ ۾ ايڏي دير کي آمريڪا ۽ طالبان وچ ۾ ڳالهين سان ڳنڍيو پيو وڃي. ڳالهين جي ان نتيجا خيز موڙ تي غزنيء ويجھو هڪ آمريڪي جهاز تباهه ٿيو آهي جنهن ۾ آمريڪي سي آئي اي جا اٽڪل اسي کان سو عملدار مري ويا آهن اهو واقعو اڃا ڳجھارت بڻيل آهي. توڙي جو طالبان ان واقعي کان پنهنجي لاتعلقي ظاهر ڪئي آهي پر  و واقعو هڪ اهڙي علائقي ۾ پيش آيو آهي جنهن تي طالبان جو قبضو آهي. ڏسڻو پوندو ته ان جي رد عمل ۾ آمريڪا ڪهڙي رويي جو مظاهرو ٿو ڪري. فرض ڪريون ته آمريڪا ۽ طالبان ڪنهن ٺاهه تي صحيحون ڪن ٿا جنهن ۾ افغانستان مان امريڪي فوجن جي مرحليوار واپسي ۽ مستقل امن بابت ڪجهه طيء به ٿئي ٿو ته سوال اهو پنهنجي جاء تي قائم آهي ته  افغانسان ۾ امن معاهدي جي مالڪي ڪير ڪندو ۽ ڪير ان عمل کي اڳيان کڻي ويندو؟نهايت ئي امڪاني بلڪه شايد عملي منظرنامي ۾ ڇا اشرف غني ۽ عبدالله واري جوڙي حتمي نتيجن کان بي نياز پنهنجي اتحادي حڪومت ڪيئن جاري رکي سگھندا؟ ڪابل ۽ ان کان ٻاهر ذهنن کي سڀ کان وڌيڪ پريشان ڪندڙ سوال اهو آهي ته ڪهڙن شرطن ۽ اصولن هيٺ اها پارٽرنرشپ جاري رهي سگھي ٿي ۽ ڇا ڪنهن بين الاقوامي موجودگي ۽ سهاري سواء اهي پاڻ ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهي سگھندا؟جڏهن ته هن وقت آمريڪا ۽ سندس ٻين اتحادين جي موجودگيء ۾ به اهي هڪ ٻئي جون ڄنگھون ڇڪي رهيا آهن.اشرف غني ۽ عبدالله جي ان تڪرار بعد افغان تڪرار جو هڪ نهايت ئي منجھيل پاسو اهو آهي ته افغانستان مان ٻاهرين فوجن جي واپسيء جي صورت ۾ طالبان اقتدار ۾ پنهنجي مرضيء جو حصو وصول ڪرڻ سواء مطئمن ٿي ويندا؟اڃا تائين ته اها رڳو هڪ اندازن جي راند آهي پر شايد طالبان ان سوال جي جواب ۾ سڀني کان وڌيڪ اثر انداز ٿيڻ واري قوت هوندي.ڪجهه علاقائي ۽ عالمي رانديگرن ويجھو مليشيا جو افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاء اهم ڪردار هوندو پر سوال اهو ته ڇا اهي ڪنهن ٻئي جي مرضي تي ان مقصد لاء ڪم ڪرڻ تي تيار ٿيندا؟امن عمل جي حوالي سان پريشانين ۾ ورتل آمريڪا ڪابل اندر اقتدار ۾ طالبان جي موثر شرڪت واري معاملي تي ٻن سببن ڪري پريشانيء جو شڪارآهي.هڪ ته طالبان جي اقتدار جي ڊرائيونگ سيٽ تي ويهڻ جي خواهش ۽ ٻيو سندن عالمي نظريو ۽ تاثر.ڇا طالبان پوئين سيٽ تي ويهڻ لاء راضي ٿيندا ۽ اشرف غني ۽ عبدالله کي ڊرائيونگ سيٽ تي قبول ڪندا؟ 1990ع جي ڏهاڪي ۾ طالبان جي سخت پاليسين جي مشاهدي بعد هاڻوڪي افغان قيادت مان ڪوبه آسانيء سان طالبان هڪ اهم سياسي قوت طور تسليم ڪرڻ تي راضي نه ٿيندو.اهو نئين طاقت جي جدوجهد جو سبب بڻجي سگھي ٿو جنهن سبب گھڻن ويڙهاڪن طاقت جي ساڄي پاسي رهڻ لاء پنهنجو طرف بدلايو آهي.
طالبان جو عالمي نظريو افغانن ۾ خوف ۽ ڳڻتي جو سبب آهي،مبصرن جي خيال ۾ قلعن جهڙن گھرن ۾ رهڻ ۽ فائيو اسٽار لگزري هوٽلن ۾ مناسب سفارتڪارن جي ويهڻ باوجود عورتن،انساني حقن ۽ راء جي اظهار جي آزادي وغيره جي باري ۾ طالبان جي سوچن ۾ گھڻي تبديلي ناهي آئي.پي بي ايس فرنٽ لائين کي تازو ڏنل هڪ انٽرويو ۾ جڏهن عورتن جي حقن جي باري ۾ پڇيو ويو ته طالبان جي مکيه مذاڪرات ڪار ملا عبدالغني برادر چيو ته ” ان معاملي تي طالبان جي پاليسي ۾ ڪا تبديلي نه آئي آهي.اسان انهن سمورن حقن کي قبول ڪيون ٿا جيڪي خدا اسلامي قانون مطابق عورتن کي عطا ڪيا آهن.اهي گھر ۾ رهڻ گھرن يا ڪم ڪرڻ چاهين،اسان کين اها آزادي ڏينداسين.“
طالبان جو اندروني مونجھارو پنهنجي اصل مثالي مقصدن تي عمل درآمد سواء ڇا کين ڪو امن معاهدو ڪرڻ ڏيندو اهو هڪ سنجيده سوال آهي.هڪ اهڙو ٽولو جنهنجي پيروڪارن جي تربيت ئي ڪجهه ان انداز سان ٿيل هجي ته انهن کي هر حالت ۾ دنيا اندر ”اسلامي حڪومت“ قائم ڪرڻي آهي انهن کي ڪجهه محدود اختيارن تي راضي ڪرڻ ايترو آسان معاملو ناهي.انهيء سان گڏوگڏ طالبان جي هٿياربند گروهن کان هٿيار واپس وٺڻ ته نهايت ئي ناممڪن عمل لڳي ٿو.خاص طور تي جڏهن افغانستان مان غير ملڪي فوجن جي نيڪاليء بعد هاڻوڪي افغان حڪومت سان طالبان جو ڪو مناسب معاهدو نٿو ٿئي.
ٻئي طرف افغان حڪومت لاء طالبان مليشيا جهڙي هڪ متوازي فوج تي مڪمل ڀروسو ڪرڻ هڪ مشڪل عمل آهي.اها حقيقت به نه وسارڻ گھرجي ته ارڙهن سالن بعد اڄ جيڪر طالبان کي حڪومت ۾ شريڪ ڪرڻ جي ڪنهن فارمولي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي پيئي ُوڃي ته ان جو سبب اهو ناهي جو طالبان جون پاليسيون بدلجي وييون آهن پر رڳو سندن عسڪري طاقت جي ڪري.مقامي تڪرارن بدران علاقائي ۽ عالمي عمل دخل افغان تڪرار کي وڌيڪ سنگين بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي سو جيڪر اها مداخلت آئيندي به ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ جاري رهي ٿي ته افغانستان ۾ پڪو ۽ دائمي امن قائم نه ٿي سگھندو.سيڪيورٽي جي باري ۾ پکڙيل انديشن کي ڇڏي ڪري طالبان کان بعد افغانستان پڪ سان گھڻي ترقي ڪئي آهي ۽ زندگيء جي ڪيترن ئي شعبن ۾ هاڪاري اثر به نظر اچن ٿا،غير ملڪي فوجن جي مڪمل واپسيء بعد جيڪر افغانستان ۾ وري ڪا گھرو ويڙهه شروع ٿئي ٿي ته ملڪ وري گھڻو پوئتي هليو ويندو.انهيء ڪري آمريڪا ۽ عالمي برادريء کي طالبان سان ڳالهه ٻولهه دوران ان شيء کي يقيني بنائڻو پوندو ته ايندڙ وقت ۾ ڪا به ڌر تشدد جو رستو اختيار ڪرڻ بدران معاملن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي پڪ ڏياري.
(روزاني عوامي آواز 29 جنوري 2020ع)