Friday, February 16, 2024

عوامي مينڊيٽ ۽ استاد منگهوء جون خواھشون!

 


شفيق الرحمان شاڪر

سمورن تڪرارن ۽ تضادن سان گڏ خير سان چونڊون ٿي گذريون.ڪنھن کٽيو، ڪنھن ھارايو، اھي اعلان شڪ شبھن جا ھار پائي اڃا تائين جاري آھن.چونڊن سان جيڪو سلوڪ ٿيو سو ٿيو پر چونڊن بعد گهڻن سان استاد منگهو واري ڪار نہ ٿي وڃي. جيڪر ڪنھن کي استاد منگهو ٽانگي وارو ياد نہ ھجي تہ سعادت حسين منٽو جو افسانو ” نئون قانون“ پڙھي ڏسي.مختصر ڪھاڻي اھا آھي تہ استاد منگهو گهوڙي گاڏي ھلائيندو ھو ۽ کيس ننڍي کنڊ جي انگريزن جي غلاميء کان آزاديء جو منتظر ھو.منگهو جي ٽانگي تي سوار ٿيندڙ ماڻھو جيڪا بہ ڳالھہ ڪندا ھئا، ھو ترت ئي انھن ڳالھين تي اعتبار ڪري وٺندو ھو.ايستائين جو استاد منگهو ٻڌي ورتو تہ پھرين اپريل تي نئون قانون ايندو جيڪو انگريزن جي غلاميء کان آزدي ڏياريندو.منگهو ويچارو پھرين اپريل جي انتظار ۾ سڄو مارچ جشن ملھائيندو رھيو تہ اجهو ٿيون غلاميء جون زنجيرون ٽٽن.ايستائين جو پھرين اپريل بہ اچي ويئي.استاد منگهو کي پھرين اپريل تي انگريزن کان آزاديء جو پروانو تہ نہ ملي سگهيو بلڪہ ھڪڙو انگريز ملي ويو جنھن کي استاد منگهو اھو چئي خوب ڪاوڙ ڪڍي تہ ” پھرين اپريل اچي ويئي پر اڃا تائين تنھن جي آڪڙ ناھي ويئي.“

اسان واري معاملي ۾ استاد منگهو في الحال جمھور جو سج ڳولھي رھيو آھي.ھو پنھن جي ووٽ جي عزت افزائي ٿيندي ڏسي رھيو آھي ۽ حيرت زدہ آھي تہ ھاڻي تہ اٺين فيبروري بہ گذري ويئي پوء بہ اھا ئي آڪڙ!

چونڊن جا تڪراري نتيجا اڃا تائين جاري آھن.بھرحال ڪونہ ڪو تہ اقتدار جو تاج ضرور پھريندو.ڪجھہ عرصو وڌيڪ انتظار ڪرڻ ۾ ڪھڙو ھرج آھي.سوال اھو آھي تہ اقتدار ۾ ايندڙ نئين ٽيم کان اسان اھا ڪھڙي نئين اميد رکي سگهون ٿا جيڪا اڄ کان اڳ نہ لڳائي ھجي؟ حڪومت جوڙيندڙ اھي ڪھڙا نوان چھرا ھوندا جن کان وري ڪي نيون اميدون لڳايون ۽ پراڻا سڀ ڏيئا وسائي ڇڏيون؟

کٽڻ وارن کي سوڀ مبارڪ جو جمھوريت جا جيڪي ڀاشڻ انھن تيار ڪري رکيا آھن، ھاڻي ايندڙ ڪجھہ ھفتن تائين انھن جي ڪجھہ اھم نڪتن مان عوام فيضياب ٿيندو رھندو.اسان کي ٻڌايو ويندو تہ نئين دور جي شروعات ٿي چڪي آھي.ھاڻي پھرين جيان ڪجھہ بہ نہ ٿيندو. پر ڇا ھاڻوڪن تڪراري چونڊ نتيجن بعد ڪنھن نئين دور جو آغاز ٿي سگهندو؟ روٽي، ڪپڙا،مڪان، تعليم، تيڪنالاجي،صحت، بنيادي انساني حق،بنيادي آزادي ۽ بھتر معيشت،اھي سڀ اھڙا معاملا آھن جن تي ھر سياسي جماعت قوم ۽ ملڪ جي بھتريء جي دعويدار آھي ۽ لڳ ڀڳ سموريون پارٽيون ساڳي پلاننگ ۽ پاليسي رکن ٿيون.حڪومت جرنيلي ھجي يا جمھوري، اڄ تائين ڪنھن بہ اقتدار سنڀالڻ بعد اھڙو اعلان ناھي ڪيو تہ اسان جا عزيز ھم وطنو! اوھان جي نوانوي اعتماد جي مھرباني،اڳتي ڏسجو تہ اسان ڪيئن نہ ملڪ ۽ قوم جو ٻيڙو ٿا غرق ڪيون.ظاھر آھي تہ ايندڙ نئين ڪابينا جي اھا ئي دعويٰ ھوندي تہ اسان ھر بگڙيل ڪم سنواري وٺنداسين.نئين حڪومتي ٽيم بہ گذريل حڪومتن جيان خوبصورت پاليسيون جوڙيندي، سرڪاري گزيٽ پيپر وري نين قانوني موشگافين سان سينگاربو،خوب نوٽيفڪيشن جاري ٿيندا، بل پاس ٿيندا ۽ ٿي سگهي ٿو تہ ڪجھہ آئيني ترميمون بہ ٿي وڃن.حڪومتي ٽيم جوڙيندڙن وٽ پھرين سو ڏينھن جو ڪو پلان اڳ ۾ ئي تيار ھوندو، آئي ايم ايف وٽ وڃڻو آھي،معاشي سڌارن جا دھل وڄايا ويندا،اسٽيٽ بينڪ جي نئين پاليسي متعارف ڪرائي ويندي،  ٽيڪس نيٽ وڌائڻ ۽ قومي خسارو گهٽائڻ جا نت نوان خيال پيش ڪيا ويندا.ممڪن آھي تہ ھڪ ڀيرو وري حڪومتي ميمبرن، وزير اعظم ھائوس وغيرہ کي بچت ڪرڻ، رات جي وقت گهٽ فانوس روشن ڪرڻ، گرميء ۾ ڇھن جي بدران چار اي سي ھلائڻ ۽ وزير اعظم ھائوس جي ڪچن جو خرچ گهٽائڻ لاء سبزي ۽ ڀاڄي وغيرھ وزير اعظم ھائوس جي لان تي اپائڻ جا پريس رليز بہ جاري ڪيا وڃن.

روزمرہ جا ننڍا وڏا حڪم جاري ڪرڻ ڪنھن چونڊيل حڪومت جو اڪيلو ڪم تہ نہ ھوندو آھي،عالمي اسٽيج تي قوم جي ڊائريڪشن طيء ڪرڻ،جمھوريت جو ڪيس وڙھڻ ۽ جمھور جي حقن جي حفاظت ڪرڻ بہ چونڊيل حڪومتن جي بنيادي آئيني ذميداري ھوندي آھي.پاڪستان ھڪ ڊگهي جمھوري، سياسي، معاشي ۽ سماجي بحران مان گذري رھيو آھي، عوام چاھي ٿو تہ سمورو ملڪ گڏجي انھن بحرانن مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪري،انھن پنھن جن نمائندن کي ووٽ نوان بحران پيدا ڪرڻ لاء نہ پر موجود بحران حل ڪرڻ لاء ڏنو آھي.ان لاء نہ تہ رقابت ۽ عداوت جي سياست وري ڪو نئون رنگ اختيار ڪري ۽ وري ملڪ ۾ سياسي جهنڊاپٽ شروع ٿي وڃي.

لکن جي تعداد ۾ گهٽي گهٽيء موجود استاد منگهو کي انتظار آھي تہ ھن دفعي فيصلا سازيء جو عمل سندن چونڊيل نمائندن جي ھٿ ۾ ھوندو ۽ غير سياسي قوتن جي مداخلت جو فتنو ھميشہ لاء سياست مان ختم ٿي ويندو. استاد منگهو جي خواھش آھي تہ پارليامينٽ اندر چونڊيل نمائندن جون منڊيون لڳڻ بند ٿين، بين الاقوامي لاڳاپا نئين نموني سان عوامي امنگن موجب ٻيھر ترتيب ڏنا وڃن، سمورا اھم ملڪي معاملا پارليامينٽ جي صلاح مشورن ذريعي حل ڪيا وڃن،انصاف جو نظام بھتر ٿئي، اھڙيون پاليسيون جڙن جو غريب عوام تان مھانگائِ جو بار ھلڪو ٿئي،صحت ۽ تعليم جي ميدان ۾ ڪي انقلابي قدم کنيا وڃن،عوام کي ئي ھن ملڪ جو اصل حڪمران تسليم ڪيو وڃي ۽ ھر ادارو آئيني حدن ۾ رھندي پنھن جو ڪم ڪري.ماضيء ۾ ويچاري عوام مختلف نعرن ۽ خوبصورت اعلانن جي آڙ ۾ جيڪي ڪجھہ ڀوڳيو آھي اھو ڪنھن کان بہ ڳجهو ناھي.ماضيء جي پاليسين ملڪ کي تباھين جي جنھن ڪناري تي آڻي بيھاريو آھي انھن تي نظرثاني ڪرڻ جي سخت ضرورت آھي.عوام جن کي بہ پنجن سالن لاء جمھوري مينڊيٽ ڏنو آھي انھن کي مليل آئيني آزاديء موجب حڪومت ڪرڻ ڏني وڃي،استاد منگهوء جي خواھش تہ اھا ئي آھي پر اصل واڳ ڌڻين جي خواھش ڪھڙي آھي،ملڪ جي ايندڙ قسمت انھيء سوال جي جواب سان سلھاڙيل آھي.

 

 

Monday, February 5, 2024

مصنوعي ذھانت ۽ مشينن جي غلامي!

 

شفيق الرحمان شاڪر

چيٽ جي پي ٽي“ جو نئون ورجن اچي چڪو آھي جنھن کي ترت ڪم ۾ آڻن جي ضرورت آھي ٻي صورت ۾ اسان جا ايندڙ نسل نوڪري حاصل ڪري نہ سگهندا. ان لاء اسان کي ھيٺين ڳالھين تي غور ڪرڻو پوندو.

جيڪر اسان جا ٻار ننڍي عمر جا آھن تہ اسان کي ايندڙ نظام تعليم ۾ان سوفٽ ويئر سان ايندڙ تبديلين کي ضرور نظر ۾ رکڻو پوندو.ھي اھڙو طاقتور سافٽ ويئر آھي جو جنھن بہ موضوع تي اوھان ان کي لکڻ جي ڪمانڊ ڏيندا اھو ڪجھہ ئي سيڪنڊن ۾ لکي وٺندو.مثال، پنھن جي ڪنھن بہ ڪاروباري دوست کي اي ميل جو جواب پنھن جھي مرضيء مطابق رڳو چند سيڪنڊن ۾ ڏيئي ڇڏيندو.ٻارن جو ھوم ورڪ ان سان نھايت سولائيء سان ڪرائي سگهجي ٿو.آئي اي ايس ۾ پڇيل سوالن جا صحيح صحيح جواب سيڪنڊن ۾ حاصل ڪري سگهجن ٿا.

ڪو زمانو ھو جڏھن خط لکيا ويندا ھئا ۽سٺي لکت ۽ مضمون تي زور ڌنو ويندو ھو پر پھرئين ڪمپيوٽر لکت جو مسئلو حل ڪري ڇڏيو ۽ ھاڻي چيٽ جي پي ٽي مضمون جو مسئلو بہ حل ڪري ڇڏيو آھي. انسان * مشين جي وچ ۾ سافٽ ويئر ڳالھہ ٻولھہ يعني رابطي کي آسان ڪري ڇڏيو آھي. اسان ڏسون ٿا تہ سوشل ميڊيا جي ڪنھن بہ ايپ تي اسان جيڪي ڪجھہ چوندا آھيون ان جو ترت ريسپانس سامھون اچي وڃي ٿو. چيٽ جي پي ٽي 3،5 ان رابطي کي وڌيڪ آسان ڪري ڇڏيو ھو. ان آسانيء جو دارومدار 175 بلين فيڪٽس يعني حقيقي معلومات تي ھو جيڪي انھيء ۾ فيڊ ڪيل ھيون.

سافٽ ويئر ۾ موجود ”الگوردم“ جي مدد سان نتيجو ڪڍيو وڃي ٿو پر ھاڻي چيٽ جي پي ٽي 4 لانچ ٿي رھي آھي جنھن جي حيران ڪندڙ ڳالھہ اھا آھي تہ اھو 100 ٽرلين پيراميٽرس تي مشتمل آھي رڳو اھو ئي نہ پر اھو ھاڻي وڊيوز، تصويرن، انگن توڙي آڊيو فائلز ؛ کي بہ پروسيس ڪندو

۔ ۔ ان جو مطلب اھو ٿيو تہ اوھان کي جيڪر ڪا فلم ٺاھڻي آھي تہ اوھان کي نہ تہ ڪنھن ڪھاڻيء جي گهرج پوندي ۽ نہ ئي اداڪارن پويان ڊوڙڻ جي ضرورت رھندي.اھو سموريون گهرجون پاڻ ئي پيدا ڪندو.اوھان جيڪر چاھيو تہ 200 صفحن جو ڪو ڪتاب ھڪ يا ٻن ڏينھن ۾ مڪمل ڪري سگهو ٿا.اھو سڀ ڪجھہ حيرتناڪ ھئڻ سان گڏوگڏ خطرناڪ پڻ ھوندو.

ان جي پي ٽي4 کي روبوٽڪس ۾ استعمال ڪيو ويندو جا  رڳو ھڪ مشين آھي. ان مشين وٽ جڏھن ايتري گهڻي معلومات ھوندي تہ سوچيو تہ اھا انساني خاصيتن جي ڪيترو ويجهي ھوندي بلڪ ڏنل معلومات جي بنياد تي اھا انسان کان وڌيڪ چست ۽ ذھين ھوندي.

ان کان ڊڄڻ جي ضرورت ڪانھي پر اسان کي ھاڻي خالي ناھي ويھڻو بلڪ انھن مشينن کان سکڻو آھي.جيڪر اسان ايئن نہ ڪيو تہ مشينون اسان کي پنھن جو غلام بنائي وٺنديون.اسان کي مصنوعي ذھانت کي سمجهڻو، سکڻو ۽ استعمال ڪرڻو آھي.ايئن سمجهو تہ ھڪ قسم جي ڊوڙ آھي جنھن ۾ اسان کي ھر حالت ۾ حصو وٺڻو آھي.جيڪي ماڻھو ان کي نہ سکندا تہ انھن لاء گهڻيون ڏکيائيون پيدا ٿينديون.نوڪريء جا وڌيڪ موقعا حاصل ڪرڻ، ڪاروبار توڙي اعليٰ تعليم لاء ان کي سکڻ ضروري آھي.ھاڻي اسان کي پنھن جي اولاد کي اھڙي پروفيشن ۾ لڳائڻو پوندو جو اھي مستقبل سان گڌ ھلي سگهن.

چيو تہ اھو بہ وڃي ٿو تہ ڪو مريض اسپتال ويندو، پنھن جي بيماريء جون نشانيون ٻڌائيندو ۽ اھو بنان ڪنھن ڊاڪٽر جي مدد جي ان سافٽ ويئر جي مدد سان پنھن جي علاج جي پرچي سان گڏ واپس ايندو.بيماريء جي علا،متن جي بنياد تي مشين جو الگوردم انساني دماغ کان وڌيڪ واقف ھوندو،اسان انھيء تي اڃا ڪم شروع نہ ڪيو آھي پر يورپ ۽ آمريڪا ۾ ان تي زور شور سان رسرچ جو ڪم جاري آھي.

ٽيڪنالاجي اڄ جنھن تيزيء سان ترقي ڪري رھي آھي ۽ ان سان دنيا ۾ جيڪي تبديليون اچي رھيون آھن انھن کان ڪنھن بہ صورت ۾ لاتعلق رھي نٿو سگهجي، اھي رڳو ٽيڪنالاجيء جا لاڙا ناھن پر اھا ھڪ اڻ ٽر حقيقت آھي ۽ ڪرونا وبا اسان کي انھن لاڙن کي اختيار ڪرڻ جو سبق سيکاريو آھي. جيڪر اسان مصنوعي ذھانت ۽ چيٽ جي پي ٽي جھڙي سافٽ ويئر جو صحيح استعمال نہ ڪيو تہ مشينون نہ رڳو اسان کي پنھن جو غلام بنائي ڇڏينديون بلڪ اسان تي ايترو غالب اچي وينديون جو اسان انھن جي نوڪري ڪرڻ جي لائق بہ نہ رھنداسين.تبديليء کي ڪو روڪي نٿو سگهي البت انھيء کي پنھن جي مٿان غالب اچڻ کان روڪي سگهجي ٿو.ايندڙ وقت جي ايندڙ تبديلين ڪا بہ قوم جيترو جلد سمجهي وٺي اوترو ئي ان لاء بھتر ھوندو آھي.

 

چونڊن ۾ ”اليڪٽيبلز“ جي سياست.ڪيستائين ھلندي؟

 

شفيق الرحمان شاڪر

 

”باباء سوشلزم“ جي نالي سان مشھور شيخ رشيد ھڪ سنھڙو پتڪڙو ۽ نھايت ئي سادو ماڻھو ھو.ٿورو سوچيو،قومي اسيمبليء جواھڙو اميدوار جنھن جي چھري کان بہ ماڻھو واقف ناھن،جڏھن نتيجا آيا تہ ھن 68721 ووٽ کنيا ۽ ھن جي مقابلي ۾ بيٺل سمورن اميدوارن جا ووٽ ملائي بہ سندس ووٽن جو ھڪ ڀاڱي ٽي حصو بہ نہ بڻيا.اھو لاھور جي نيو سمن آباد وارو شھري تڪ ھو جنھن ۾ شيخ رشيد جو ذاتي ووٽ بينڪ رڳو ھزار ٻارھن سو ھوندو.اھي سڀ ذوالفقارعلي ڀٽي يا ٻين لفظن ۾ پيپلز پارٽيء جا ووٽ ھئا.اھو اڪيلو مثال ناھي بلڪ 1970ع جي چونڊن ۾ وڏا وڏا برج اونڌا ٿي پيا ھئا.ڀٽي صاحب جي شخصيت جو ڪرشمو ئي ڪجھہ اھڙو ھو جو ماڻھن گمنام ڪردارن کي بہ ووٽ ڏيئي ڇڏيا.اتان ئي اھو اصطلاح شروع ٿيو تہ ھو کمڀي کي بہ ٽڪيٽ ڏئي ھا تہ اھو کٽي وڃي ھا.ھاڻي اچون ٿا ان سوال طرف تہ ڇا اڄ بہ ڪنھن سياسي جماعت وٽ اھو ووٽ بينڪ موجود آھي؟ان جو سادو جواب “نہ“ ۾ آھي.ھن وقت ڪنھن بہ جماعت جي ڪاميابيء جو راز پارٽي ووٽ بينڪ واڌو ”اليڪٽبلز“ آھن. ڪنھن بہ تڪ ۾ برادري،راڄن ۽ پيري مرشديء جي بنياد تي پنھن جو ذاتي ووٽ بينڪ رکندڙن کي اليڪٽيبلز چيو وڃي ٿو.پارٽي ووٽ بينڪ ۽ اليڪٽيبلز جي ذاتي ووٽ بينڪ جو ميلاپ سيٽ کٽڻ جي ضمانت سمجهيو وڃي ٿو.اھو ئي سبب آھي جو چونڊن کان پھرين سياسي جماعتون گهڻي ۾ گهڻا اليڪٽيبلز پنھن جي پارٽيء ۾ گڏ ڪرڻ گهرن ٿيون.پاڪستان تحريڪ انصاف 2018ع جون چونڊون ان نموني کٽيون ۽ مسلم ليگ نون پڻ 2024ع جي چونڊن ۾ ساڳيو فارمولا استعمال ڪرڻ گهري ٿي.بلوچستان سان واسطو رکندڙ اٽڪل 15 اليڪٽيبلز نون ليگ ۾ شامل ٿي چڪا آھن،اھڙيء طرح پنجاب ۾ بہ ان حڪمت عمليء تي عمل ٿي رھيو آھي.

ھتي ڪجھہ سوال پيدا ٿين ٿا تہ اليڪٽيبلز جي ذاتي ووٽ ٻينڪ جي نوعيت ۽ ڍانچو ڇا آھي؟اھو ڪيئن ترتيب وٺي ٿو ۽ ڇا اليڪٽيبلز جي سياست ھر دور ۾ موثر رھي آھي ۽ ڇا اھا ايندڙ دور ۾ بہ موثر رھندي؟

چونڊن واري سياست تي ڳوڙھي نظر رکندڙ تجزيي گارن جو چوڻ آھي تہ اليڪٽيبلز اھي ماڻھو آھن جيڪي سندن ذاتي ووٽ بينڪ جي بنياد تي سيٽ ڪڍي سگهن ٿا،اھي عام طور تي وڏا زميندار ھوندا آھن جن جي زمينن تي ڪم ڪندڙ ھارين نارين جو ووٽ انھن جو ڄڻ تہ ذاتي ووٽ ھوندو آھي.انھيء سان گڏوگڏ انھن جون پنھن جون ڊگهيون برادريون ٿين ٿيون جيڪي برادريء جي بنياد تي سندن حمايت ڪنديون آھن.ان کان سواء عقيدت جو ووٽ بينڪ رکندڙ شخصيتون ھونديون آھن جن جي مريدن جو ھڪ وسيع دائرو پکڙيل ھوندو آھي جيڪي ھر صورت ۾ انھن کي ئي ووٽ ڏيندا آھن.

ويجهي ماضيء ۾ بدلجندڙ سماجي حالتن ۽ لاڙن اليڪٽيبلز جي ھڪ نئين طبقي کي بہ جنم ڏنو آھي جيڪو مڊل ڪلاس سان تعلق رکي ٿو.ريئل اسٽيٽ جي ڪاروبار سان جڙڻ بعد انھن وٽ راتو رات تمام گهڻو پئسو اچي ويو.اھي ماڻھو ووٽ خريد ڪرڻ لاء پاڻيء وانگر پئسو وھائين ٿا.

سوال اھو بہ آھي تہ ڇا اھي اليڪٽيبلز سدائين کان ايئن مضبوط ھئا؟انھن جون پاڙون ماضيء ۾ ڪيستائين اونھيون پکڙيل آھن؟

1970ع ۾ پاڪستان ۾ پھريون عام چونڊون ٿيون،ان وقت ووٽ بينڪ پارٽين جو ھو.ان وقت اولھہ پاڪستان ۾ کاٻي ۽ ساڄي ڌر جي سياست عروج تي ھئي.ھڪ طرف پيپلز پارٽي ۽ ٻئي پاسي مذھبي جماعتون متحرڪ ھيون. 1970ع ۾ مسلم ليگ جا مختلف ڌڙا پنھنجو پاڻ کي پاڪستان جوڙيندڙ جماعت سڏائي پاڪستاني سياست ۾ جڳھہ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا ھئا.اھو دور پاڪستاني سياست ۾ نظرياتي ڇڪتاڻ جو دور ھو.

1970ع کان پھرين ٿيندڙ چونڊن ۾ ڪھڙا ماڻھو ايندا رھيا.پاڪستان جي پھرين اسيمبليء ۾ 31 وڪيل،27 جاگيردار ۽ ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ 12 ماڻھو پھتا.1955ع جي اسيمبليء ۾ 28 زميندار، 23 وڪيل ۽ 14 رٽائرڊ آفيسر 7 بزنيس مين پھتا.اھو ئي حال 1965ع واري اسيمبليء جو ھو.پھريون ڀيرو 1970ع جي چونڊن ۾ اشرافيا جو زور ٽٽو.قومي اسيمبليء جي 138 سيٽن مان 55 مڊل ڪلاس، 52 جاگيردارن،52 وڏن واپارين ۽ ٻين شعبن سان تعلق رکندڙن حاصل ڪيون.

1977ع جون چونڊون تڪراري بڻجي وييون جنھن بعد 1985ع جي اسيمبلي آئي جنھن جي ناڪاري اثرن کان اسان جي سياست اڃا تائين ٻاھر نہ نڪري سگهي آھي.پيپلز پارٽيء جي کٽڻ جي خوف کان جنرل ضياء غير جماعتي بنيادن تي اليڪشن ڪرائي جنھن جي نتيجي ۾ سياست جا بنياد ئي بدلجي ويا.توڙي جو اليڪٽيبلز پاڪستان جي قيام کان پھرين بہ موجود ھئا پر اسان جي ھاڻوڪي سياسي پس منظر ۾ انھن جا پيرا 1985ع جي اليڪشن تائين وڃن ٿا.اڳ ۾ نظرياتي بنيادن تي جماعتن کي ووٽ ملندا ھئا پر جڏھن اليڪشن ۾ سياسي جماعتون ئي نہ رھيون تہ اميدوار ڪھڙي بنياد تي پنھن جي چونڊ مھم ھلائين؟ اتان ئي ذات،برادري ۽ پئسي جي ڪلچر جنم ورتو.ھڪ تجزيي مطابق 1993ع جي چونڊن ۾ پي پي ۽ نون ليگ جا اسي سيڪڙو اميدوار جاگيردار ۽ صنعتڪار ھئا.

جمھوريت جي تقاضا اھا آھي تہ فرد جي بدران سياسي نظرين کي اھميت ڏني وڃي پر روحاني گادين، جاگيرداري، برادري ۽ پئسي کي ترپ جي پتي طور استعمال ڪندڙ ڪنھن بہ جماعت،ڪنھن بہ ٽڪيٽ ۽ ڪنھن بہ چونڊ نشان تي کٽڻ وارو اھو نسل رڳو ذاتي مفاد کي ئي آڏو رکڻ لڳو.بنيادي طور تي اليڪٽيبلز جو اھو سلسلو جمھوري سرشتي جي بنيادي گهرجن سان ئي ٽڪراء ۾ آھي.

پاڪستان ۾ چونڊن کان اڳ اليڪٽيبلز جون سياسي قلابازيون معمول جي سرگرمي آھن. عام طور تي جنھن جماعت تي مقتدر ڌريون مھربان ھونديون آھن، ھي موسمي پکي بہ ان طرف ئي منھن ڪندا آھن جيئن اڄ ڪلھہ سندن آکيرو مسلم ليگ نون جي ڇٽي آھي جنھن تي ھر ايندڙ ڏينھن تي ڪو نہ ڪو ڪبوتر لھي رھيو آھي.

پھريون ڀيرو اليڪٽيبلز کي اھا ڳڻتي ورائي ويئي آھي تہ اھي اسيمبليء ۾ ڪھڙيء طرح پھچن؟ ھونئن عام طور تي اھي آزاد بيھندا آھن ۽ اليڪشن کٽي ڪري حڪومت جوڙيندڙ جماعت کان پوري پوري قيمت وصول ڪري پنھنجون وفاداريون سندس جهوليء ۾ وجهندا آھن.ڪجھہ تجزيي نگارن موجب پنجاب خاص طور تي جي ٽي روڊ تي اليڪٽيبلز جو زور ٽٽي چڪو آھي، ايستائين جو ڏکڻ پنجاب جي اميدوارن کي بہ اليڪٽيبلز نٿو چئي سگهجي جو بنان ڪنھن پارٽيء جي حمايت جي اھي بہ اڪيلي چونڊون کٽي نٿا سگهن.جنھن جو سبب عمران خان فيڪٽر بہ ٻڌايو وڃي ٿو جو ھن سان تعلق رکندڙ نوجوان طبقو ڪنھن جي بہ ٻڌڻ لاء تيار ناھي.ٻيو تہ اليڪٽيبلز جن گروھن ۽ برادرين تي ڀاڙيندا ھئا اھي پڻ ٽٽي يا ڪمزور ٿي چڪا آھن.ان ڪري اليڪٽيبلز وڏي انگ ۾ رڳو تڏھن کٽي سگهن ٿا جڏھن اسٽيبلشمينٽ انھن جي غير رواجي مدد ڪري.اھڙا اليڪٽيبلز پڪ سان نون ليگ کي فائدو ڏئي سگهن ٿا پر سوال اھو آھي تہ جيڪي ماڻھو اسٽيبلشمينٽ جي مدد ۽ مرضيء سان کٽي ايندا اھي مسلم ليگ جي ڳالھہ ڪيتري حد تائين مڃڻ ۽ ڪيتري حد تائين ان سان وفاداري نڀائڻ جا پابند ھوندا؟ اھي تہ انھن جي ئي ٻڌندا جن کين کٽائڻ جي مھرباني ڪئي ھوندي!

 

 

Wednesday, January 10, 2024

ھي ڪٿان جي عقلمنديء وارو مطالبو آھي؟

 

شفيق الرحمان شاڪر

جمع جي ڏينھن سينيٽ جي اجلاس ۾ ڪجھ سينيٽرز پاران عام چونڊون ملتوي ڪرائڻ جي حق ۾ ھڪ قرارداد پيش ڪئي ويئي جيڪا بعد ۾ اڪثريتي راء سان منظور بہ ٿي ويئي.انھن سينيٽر صاحبان جي خيال مطابق ھن وقت ملڪ جون حالتون چونڊن لاء سازگار ناھن ان ڪري جيڪر چونڊن کي ڪجھ عرصي لاء ملتوي ڪري ڇڏجي تہ ڪا قيامت نہ ايندي.انھن صاحبن پنھن جي ان راء جي حق ۾ ٻہ وڏا دليل پيش ڪيا آھن. پھريون اھو تہ ھن وقت ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ سخت سردي آھي جنھن ڪري ماڻھو ووٽ ڏيڻ لاء پولنگ اسٽيشنن تي پھچي نہ سگهندا.ٻيو دليل اھو تہ ملڪ ۾ امن امان ۽ سلامتيء واري صورتحال نھايت ئي ڳڻتيء جوڳي آھي جنھن ڪري چونڊون وڙھندڙ اميدوارن جي زندگين کي خطرو آھي،اھڙي صورتحال ۾ چونڊون ڪرائڻ وارو عمل ماڻھن ۽ خاص طور تي چونڊون وڙھندڙ اميدوارن جي زندگين کي خطري ۾ وجهڻ جي برابر ٿيندو.

جيڪڏھن ڏٺو وڃي تہ سندن انھن ٻنھي دليلن ۾ ڪو بہ وزن محسوس نٿو ٿئي بلڪ اھا ڪنھن ڊرامي جي ڪڙي معلوم ٿئي ٿي.ڊرامو اھو آھي تہ ڪجھ ڌرين بلڪ اڪثر سياسي جماعتن جي بہ اھا ئي خواھش آھي تہ ڪنھن نہ ڪنھن طرح چونڊن کي ملتوي ڪرايو وڃي.انھن جي اھا خواھش ڇو آھي، انھيء تي اڳتي ھلي روشني وجهنداسين پر پھريان انھن معزز سينيٽر صاحبان جيڪي پنھن جو پاڻ کي سياسي ڪارڪن ۽ جمھوريت جا دعويدار چورائين ٿا جي دليلن تي غور ڪريون ٿا تہ انھن ۾ ڪيترو وزن آھي؟

جيستائين موسم جي خرابي ۽ سخت سرديء جو سوال آھي تہ پارليامينٽ کي گهرجي تہ اھا آئين ۾ ترميم ڪري اھو نقطو آئين ۾ شامل ڪري ڇڏي تہ ملڪ ۾ چونڊون ڪڏھن بہ سياري جي موسم ۾ نہ ٿينديون.ان کان پوء جيڪر ملڪ جي نھايت ئي گرم علائقن سان تعلق رکندڙ سياسي اڳواڻ اعتراض ڪن تہ اھا ترميم بہ ٿيڻ گهرجي تہ چوڻدون گرميء جي موسم ۾ بہ نٿيون ڪرائي سگهجن.اھڙيء طرح برساتن جي موسم ۾ تہ ھونئن ئي ڪرائي نٿيون سگهجن.مطلب تہ چونڊون صرف ان وقت ٿيڻ گهرجن جنھن وقت اصل واڳ ڌڻي چاھين يا وري جڏھن سياسي ڌرين کي چونڊون کٽڻ لاء سندن حق ۾ ”سازگار“ حالتون نظر اينديون ھجن.ھي ملڪ آھي يا مسخري! اڳي ڪيترا ڀيرا چونڊون فيبروريء جي سخت سرديء ۽ جولاء جي سخت گرميء ۾ نہ ٿي چڪيون آھن ڇا؟

ھاڻي اچون ٿا ملڪ جي سلامتي ۽ امن امان جي صورتحال سبب چونڊون ملتوي ڪرائڻ واري مطالبي تي،سوال اھو آھي تہ ملڪ ۾ امن امان جي بدتري ۽ دھشتگرديء وارين ڪاروائين يا خطرن جي جيڪا ڳالھ ڪئي پيئي وڃي، ڇا اھا صورتحال رڳو اڄ ڪلھ پيدا ٿي آھي يا گذريل ڪيترن ئي ڏھاڪن کان جاري آھي؟2008غ جي عام چونڊن دوران ملڪ جي امن امان ۽ سلامتيء واري صورتحال ڇا ھئي؟ ڇا ان وقت اھي دھشتگرد ڪاروائيون ۽ خطرا موجود نہ ھئا؟ محترمہ بينظير صاحبہ ان وقت دھشتگرد ڪاروائين جو نشانو نہ بڻي ھئي؟ عوامي نيشنل پارٽيء جا ڪيترا ڪارڪن ۽ اڳواڻ انھن دھشتگرد ڪاروائين جو شڪار نہ ٿيا ھئا ڇا؟ حالتون اڄ وڌيڪ خراب آھن يا گذريل چونڊن يعني 2008ع ۽ 2013ع جي وقت وڌيڪ خراب ھيون؟ وري ان ڳالھ جي ڪھڙي ضمانت آھي تہ ايندڙ ڪجھ عرصي دوران ملڪ جون حالتون سڌري وينديون ۽ دھشتگرد ڪاروائين کي بلڪل ئي ٻنجو اچي ويندو.

اصل ڳالھ اھا آھي تہ اھي معزز سينيٽر صاحبان انھن ئي ناٽڪي ڪردارن سان سامھون آيا آھن جيڪي ناٽڪ ماضيء ۾ بہ جمھوريت جي نالي تي ھن ملڪ ۾ ٿيندا رھيا آھن.ھي ڪھڙي جمھوريت جا علمبردار آھن جيڪي پارليامينٽ جيڪا ھن وقت اڻپوري آھي ان جي تڪميل جي عمل ۾ رنڊڪون وجهي رھيا آھن.دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ چونڊون جنگ جي حالتڻ ۾ بہ ٿينديون رھن ٿيون ڇو تہ جمھوري عمل ۾ ڪنھن بہ قسم جي دير، رڪاوٽ يا ٽال مٽول مسئلا حل ڪرڻ بدران ھميشہ مسئلا وڌيڪ منجهائي ٿي.لڳي ٿو تہ اسان جي مقتدر ڌرين توڙي سياسي رانديگرن اڄ تائين پنھن جي تاريخ مان ڪو سياسي سبق ناھي سکيو.تجربن جي فيڪٽري اڄ بہ ساڳئي ڪم ۾ رڌل نظر اچي ٿي.اھو ئي ”ون مين شو“ جاري آھي.توڙي جو سندن ماضيء جون سموريون ”دانشمنداڻيوڻ“ پاليسيون ھاڻي سندن نڙيء جي اھڙي ھڏي بڻجي چڪيون آھن جنھن کي نہ تہ ڳوري سگهجي ٿو ۽ نہ ئي ٻاھر ٿوڪي ٿو سگهجي.انھن ”دانشمنداڻين“ ڪاروائين مان ھڪڙي ” عمران خان پروجيڪٽ“ بہ آھي جنھن انھن سان اھڙو تہ حشر ڪيو آھي جو کين ڪجھ بہ سمجھ ۾ نٿو اچي تہ ان ”مسخري“ مان جان ڪيئن ڇڏائجي.بدقسمتيء سان عوام جي اڪثريت اڄ بہ اھو ٿي سمجهي تہ خان صاحب سندن حقن جي جنگ وڙھي رھيو آھي.ھنن جي خيال ۾ اسٽيبلشمينٽ ۽ ٻيون سياسي ڌريون پاڻ ۾ ملي ڪري خان صاحب تي قھر ۽ ستم جا جبل ڪيرائي رھيا آھن پر خان صاحب نھايت بھادريء سان ”اينٽي اسٽيبلشمينٽ“ نظريي تي قائم ۽ دائم بيٺل آھي.جيئن تہ اسان جي ملڪ ۾ اھو نظريو عوام ۾ گهڻو مقبول آھي ان ڪري عوام خاص طور تي نوجوانن جي اڪثريت اڄ بہ خان صاحب کي مظلوم سمجهندي ساڻس گڏ بيٺل نظر اچي ٿي.اھو ئي خوف آھي جيڪو اصل واڳ ڌڻين کي ڪا ھڪڙي منصوبابندي مڪمل نموني عمل آڻڻ ۾ رڪاوٽ بڻجي رھيو آھي.اھي خان صاحب کي ھر صورت ۾ سياسي عمل کان ٻاھر رکڻ گهرن ٿا پر ڪھڙيء طرح؟ ھڪ طرف عوامي مقبوليت وارو گراف ھيٺ لھڻ جو نالو ئي نٿو وٺي تہ ٻئي طرف خود اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليا بہ ورھايل ۽ منجهيل نظر اچي ٿي.ٻين مکيہ سياسي جماعتن جي حالت اھا آھي تہ انھن وٽ خان صاحب جي مضبوط بيانيي جي ڀيٽ ۾ نہ تہ ڪو بھتر بيانيو آھي ۽ نہ ئي سندن گذريل سورھن سالن واري حڪومت جي ڪا قابل بيان ڪارڪردگي.ان ڪري مقتدر ڌرين سان گڏوگڏ اھي بہ ڪنھن نموني ڪجھ عرصي لاء چونڊن کان فرار اختيار ڪرڻ گهرن ٿا.شايد ان وقت تائين خان صاحب جو سياسي پتو پوريء طرح صاف ٿي وڃي ۽ ھنن ويچارن جي راھ ۾ ڪا بہ رڪاوٽ باقي نہ رھي.خواھشون تہ سٺيون آھن پر ماضيء ۾ بہ اھڙين ئي حسين خواھشن ملڪ ۽ قوم جو ٻيڙو غرق ڪيو آھي!

(روزاني عوامي آواز 8 جنوري 2024ع)

Saturday, January 6, 2024

ملڪ کي درپيش بحرانن ۾ ايندڙ حڪومت لاء چيلينج.

 

شفيق الرحمان شاڪر

ملڪ ۾ ايندڙ چونڊن جي حوالي سان اڃا تائين مونجھارا ۽ مختلف انومان موجود آھن.ڪجھ تجزيي نگار تہ ملڪ ۾ نئين مارشل لا جون اڳڪٿيون بہ ڪري رھيا آھن توڙي جو سپريم ڪورٽ پنہن جي واضح رويي ذريعي اھو اشارو ڏيئي چڪي آھي تہ چونڊون ھر حالت ۾ پنہنجي مقرر وقت تي ئي ٿينديون.اصل مسئلو اھو ناھي تہ چونڊن ۾ ڪھڙي جماعت اقتدار ۾ ٿي اچي پر سڀ کان اھم سوال اھو آھي تہ ڇا ھاڻوڪي ماحول ۾ جڏھن سياسي ماحول ۾ تمام گهڻي گرمي آھي ۽ خاص طور تي ھڪڙي سياسي جماعت رياست،نگران حڪومت توڙي اليڪشن ڪميشن تي جانبداريء جا مختلف قسم جا الزام ھڻي رھي آھي ان ماحول ۾ ڇا چونڊن جي نتيجن کي دل ۽ جان سان قبول بہ ڪيو ويندو؟۽ جيڪر نتيجن کي قبول نٿو ڪيو وڃي تہ ان جا ايندڙ سياسي نظام تي ڪھڙا اثر پوندا؟ڇا ملڪ جيڪو اڳيئي ڪيترن ئي سياسي، سماجي،معاشي ۽ سلامتيء وارن بحرانن جي ور چڙھيل آھي، ايندڙ حڪومت ان کي انہن بحرانن مان ٻاھر ڪڍي سگهندي؟ ايندڙ حڪومت لاء ڪھڙا سنگين ۽ سخت قسم جا مسئلا، مشڪلاتون ۽ بحران اڳيئي انتظار ڪري رھيا آھن انہن جو ڪجھ جائزو وٺڻ ضروري آھي.

ملڪ کي ھن وقت سڀ کان وڏو مسئلو معاشي بحران جو آھي جنہن کي حل ڪرڻ ڪنہن بہ حڪومت لاء ايترو آسان ڪم نہٿيندو.پاڪستان ھڪ زرعي ملڪ ھوندي بہ پنہنجي قومي ناڻي جو ھڪ وڏو حصو کاڌي جون شيون ٻاھران گهرائڻ تي خرچ ڪري رھيو آھي.زراعت جي ميدان ۾ گذريل ڪيترن سالن کان جيڪا تباھي آئي آھي ان جو تدارڪ ڪرڻ لاء ڪنہن بہ جماعت وٽ ڪو واضح پروگرام نٿو ڏسجي.ملڪي صنعت اڳيئي برباد ٿي چڪي آھي.ڪرپشن قومي ادارن کي کوکلو ڪري ڇڏيو آھي.احتساب جو ڪو منصفاڻو نظام قائم ڪرڻ ڪنہن بہ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل نہرھيو آھي.احتساب لاء قائم ڪيل نام نہاد ادارو نيب ھر دور ۾ سياسي بليڪميلنگ جي ھٿيار طور استعمال ٿيندو رھيو آھي.انہن سمورين حقيقتن جي روشنيء ۾ ملڪ جون معاشي حالتون ڪھڙيء طرح درست ٿي سگهن ٿيون،سمجھ کان ٻاھر آھي.نتيجي طور تي اسان سڀ آئي ايم ايف جي در تي اکيون اٽڪايو ويٺا آھيون جيڪو ڏينہون ڏينہن اھڙا سخت شرط لاڳو ڪري رھيو آھي جن سان غريبن جي ستيا ناس ٿي چڪي آھي ۽ ماڻھو خودڪشيون ڪرڻ تي  مجبور آھن.

ٻيو اھم مسئلو ننڍن صوبن ۾ احساس محروميء جو آھي جتي ماڻھو سمجهن ٿا تہ کين ملڪي ڪار وھنوار توڙي صلاح مشوري ۾ شامل نٿو ڪيو وڃي. سندن وسيلن،زمينن ۽ ذريعن تي رياست ناجائز قبضو ڪري رکيو آھي ۽ حق گهرڻ جي ڏوھ ۾ ماڻھن کي کنڀي کنيو وڃي ٿو ۽ بعد ۾ انہن جا چچريل لاش وصول ٿين ٿا.محروم قوميتن ۾ اھا بيچيني ڏينہون ڏينہن وڌندي ٿي وڃي پر نہتھ رياست ۽ نہئي ڪنہن حڪومت انہن معاملن تي سنجيدگيء سان سوچ ڪئي آھي.ڇا ايندڙ حڪومت ان پوزيشن ۾ ھوندي جو ننڍين قوميتن جي ان اھم مامري کي منہن ڏيڻ لاء سنجيدگيء سان ڪي قدم کڻي سگهي؟ ظاھر آھي تہ قدم تڏھن ئي کڄي سگهي ٿو جڏھن حڪومتن توڙي رياست وٽ سچي نيت بہ موجود ھجي.

ٽيون اھم مسئلو ملڪ کي درپيش دھشتگرديء جو آھي.اھي ماڻھو ۽ گروھ جن کي رياستي سرپرستيء ۾ پالي وڏو ڪيو ويو اھي ھاڻي رياست لاء ناسور بڻجي چڪا آھن.رياست توڙي مختلف حڪومتون ان معاملي ۾ سدائين عظيم مونجھاري جو شڪار رھيون آھن ۽ اڄ تائين دھشتگرديء جي خاتمي لاء ڪا متفقہ ۽ موثر منصوبابندي نہجڙي سگهي آھي.نيشنل ايڪشن پلان ھڪ سٺو قدم ھو پر بدقسمتيء سان انہيء تي اڄ تائين عمل نہٿي سگهيو آھي.ٻاھريان خطرا پنہن جي جڳھ تي پر ھن وقت ملڪ اندروني طور تي سلامتيء جي جن بحرانن سان وڪوڙيل آھي انہيء کي منہن ڏيڻ اڪيلو ڪنہن حڪومت جي وس جو ڪم ئي ناھي.افسوس اھو جو ان اھم معاملي تي بہ سياست واري راند کيڏبي رھي آھي.دھشتگرديء واري معاملي سان ڳنڍيل ھڪ ٻيو معاملو عدم برداشت ۽ انتھا پسنديء جو آھي.گذريل ڊگهي عرصي تائين رياستي سرپرستيء ۾ نوجوانن جي جيڪا ذھن سازي ڪئي ويئي انہيء کي رڳو طاقت ذريعي ڪنٽرول ڪري نٿو سگهجي.انہيء لاء ھڪ ڊگهي ۽ موثر تعليمي ۽ تربيتي نظام جي ضرورت آھي ۽ اھو بہ تہ سماج مان ناانصافين کي ھر ممڪن حد تائين گهٽايو وڃي جو اھي ناانصافيون نوجوانن کي دھشتگرديء ۽ انتھا پسنديء جي اوڙاھ طرف ڌڪو ڏين ٿيون.ان سموري معاملي ۾ ماڻھن کي مناسب معاشي موقعا مھيا ڪرڻ، قانوني سماجي برابري قائم ڪرڻ ۽ ماڻھن کي زندگيء جون بنيادي سھوليتون مھيا ڪرڻ بنيادي حيثيت رکن ٿا.ظلم ڪنہن بہ سطح تي ھجي اھو ماڻھن ۾ بغاوت، بيزاري،نفرت ۽ انتھا پسنديء جو ٻچ ڇٽي ٿو.ايندڙ حڪومت لاء اھو بہ چيلينج ھوندو تہ اھا انہن مسئلن کي منہن ڏيڻ لاء ڪھڙي ٿي حڪمت عملي اختيار ڪري؟

اسان جي ملڪ جي آباديء جو ھڪ وڏو حصو غربت واري لڪير کان ھيٺ زندگي گذاري رھيو آھي جن کي نہتھ مناسب کاڌ خوراڪ ميسر آھي،نہصحت جون سھولتون ميسر آھن ۽ نہ ئي تعليم جو ڪو مناسب بندوبست ٿو نظر اچي. سڀ کان وڌيڪ خراب حالت ٻارڙن جي آھي جن جي اڪثريت اڄ بہ اسڪولن کان ٻاھر روڊن رستن تي پنندي، سخت پورھيو ڪندي يا وري منشيات استعمال ڪندي نظر اچي ٿي.جيڪر عالمي ادارن جون رپورٽون ٿيون پڙھجن تہ لڱ ڪاڊارجيو وڃن. ڪروڙين ٻار اھڙا آھن جن کي مناسب کاڌو مھيا نہھئڻ ڪري اھي مختلف بيمارين جو شڪار ٿين ٿا ۽ انہن مان ھر سال لکين ٻار بنان ڪنہن علاج جي مريو وڃن.اڄ ايڪويھين صديء مان ھر ايندڙ حڪومت لاء اھو سوال نہايت ئي اھم آھي تہ ڇا ڪنہن سڌريل سماج ۾ معصوم ٻارڙن جو مستقبل اھو ئي ھوندو آھي جيڪو اسان جي ملڪ ۾ آھي؟

 (روزاني عوامي آواز 5 جنوري 2023ع)