Wednesday, January 30, 2019

اوچتو عوام جو خيال اڄ ڪيئن آيو؟


شفيق الرحمان شاڪر
پي پي جي شريڪ چيئرمين جناب آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته هنن سان جنگ رڳو ارڙهين ترميم جي ڪري ڪئي پيئي وڃي.هن چيو ته مهانگائي ۽ حڪومت جي غلط پاليسين سبب ماڻهو حڪمرانن کي بد دعائون ڏيئي رهيا آهن.هوڏانهن اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف جو چوڻ آهي ته ملڪ جي بد حالي ڏسي ڏک ٿيندو آهي،عوام غربت جي چڪيء ۾ پيڙهجي رهيو آهي.ملڪ جي ٻن وڏين سياسي جماعتن جي اڳواڻن جا اهي بيان ٻڌي حيرت رڳو ان سوال تي ٿئي ٿي ته انهن اڳواڻن کي عوام جي سمورين تڪليفن جو اهو احساس اڄ اوچتو ڪيئن ٿي پيو آهي؟ مهانگائي. غربت ۽ حڪومتن جون عوام دشمن پاليسيون ته هن ملڪ ۾ شروع کان وٺي جيئن آهن تيئن رهنديون ٿيون اچن ۽ اهي ٻئي صاهب جن کي هن وقت عوام جو اونو ستائي رهيو آهي ۽ کين رت جا لڙڪ لاڙڻ تي مجبور ڪري رهيو آهي اهي پنهنجي پوري جوڀن سان هن ملڪ تي واري واري سان حڪومتون ڪندا رهيا آهن ۽ هڪ ڌر جي ته اڃا به سنڌ ۾ حڪومت موجود آهي.انهن پنهنجن حڪومتي دورن ۾ عوام جا اهي آزار گھٽائڻ ۽ عوام دوست پاليسيون جوڙڻ لاء هيستائين ڇا ڪيو؟ عوام لاء جنهن بدترين صورتحال جي منظر ڪشي هو اڄ اوچتو ڪري رهيا آهن ڇا اها هنن پنجن مهينن ۾ پيدا ٿي آهي؟انهيء کان اڳ سڀ ڪجهه ٺيڪ هو،هر طرف چين ۽ سڪون جو چنگ وڄي رهيو هو.ٿورڙو پوئتي ماضيء ۾ موٽي هلو .ٻنهي جماعتن جي حڪومتي دورن ۾ ڪراچي ء  جون حالتون ڇا هيون سڀني کي خبر آهي.اڄ انهن ٻنهي جماعتن مان هر جماعت ڪراچيء ۾ ٿيل امن جو ڪريڊٽ کڻي رهي آهي پر دنيا کي خبر آهي ته  ڪجهه مخصوص سياسي مفادن هيٺ هڪ لساني تنظيم کي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ حڪومتي مدد ۽ سهائتا مهيا ڪندا رهيا جن  هڪ ڊگھي عرصي تائين ڪراچيء ۾ رت جي هولي کيڏي،پوري حڪومتي توڙي نجي مشينريء کي يرغمال بنائي رکيو هو.روزانو ماڻهو مرندا رهيا پر هنن کي انهن مرندڙن جي پوئين جو ماتم ۽ ڪهرام ٻڌڻ ۾ نٿي آيو تان جو دهشتگرديء جون جڏهن سڀيئي حدون اورانگھجي وييون تڏهن ملڪ جي اصل واڳ ڌڻين اچي انهيء دهشتگرد سياست کي ٻنجو ڏنو.اهو ئي حال ڏکڻ پنجاب جو هو جتي مذهبي دهشتگرد سرڪاري سرپرستيء ۾نه رڳو آزاد گھمندا رهيا پر سياستدانن جون چونڊ مهمون به هلائيندا رهيا.اهو ته هو ”شاندار امن امان“ جيڪو سندن حڪومتن عوام کي ڏنو هو.هاڻي اچون ٿا غربت واري سوال طرف ته معيشت جو سڌو لاڳاپو امن امان سان ٿئي ٿو ،هڪ طرف انهيء پوري دهشتگرديء واري دور ۾ ملڪي معيشت تباهه ۽ برباد ٿيندي رهي ته ٻئي طرف ٻنهي جماعتن جي حڪومتن ڪرپشن جي معاملي ۾ خوب وارو وڄايو بلڪه سندن دور ۾ ڪرپشن باقائدي قانوني ۽ جائز بڻجي ويئي.حڪومت جو ڪهڙو  کاتو يا ادارو نه هو جنهن ۾ بدعنوان عملدارن جي فوج ڀري عوامي خزاني جو ڏيوالو نه ڪڍيو ويو هجي،ڪهڙو قومي ادرو نه هو جيڪو انهن جي نااهلين ۽ اقربا پرورين سبب برباد نه ٿيو هجي.اسٽيل مل کان پي آئي تائين،پي ٽي ويء کان ريلوي تائين،بينڪن کان مالياتي ادرن تائين هر طرف مالي بدعنوانين ۽ انتظامي نااهلين جا داستان پکڙيل نظر اچن ٿا. هنن ملڪ ۽ عوام لاء آخر ترقيء جو اهو ڪهڙو تحفو آندو هو جيڪو هنن پنجن مهينن ۾ عوام کان واپس کسجي ويو.اهي برابر صحيح ٿا چون ته عوام بکن وگھي مري رهيو آهي،لاچار مريض اسپتالن ۾ دوائون نه ملڻ سبب تڙپي دم ڏين ٿا،روزگار ته ٺهيو ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي ميسر ڪونهي. آبادگارن تي لٺيون وسن ٿيون،استادن جا مٿا ڦاٽن ٿا.ماڻهو آپگھات ڪن ٿا،پاڻي،بجلي ۽ گئس غائب آهي پر ڇا اهو سڀ ڪجهه اڄ اوچتو اک ڇنڀ ۾ ٿيو آهي؟اڳ ۾ ملڪ ۾ کير ۽ ماکيء جون نديون وهي رهيون هيون.ماڻهن کي زندگيء جون سموريون بنيادي سهوليتون سندن درن تي ميسر هيون؟هي سڀ ڪجهه اڄ اوچتو ته ناهي ٿيو.اهي سور ته سالن تي پکڙيل آهن جن سالن مان هڪ ڊگهو عرصو ته اهي ئي صاحب جيڪي اڄ عوام جي غم ۾ ڳري رهيا اهن سيئي ملڪ جي ڪاري ۽ اڇي جا مالڪ رهندا ٿا اچن.حڪومتن ۽ سياست تي به سندن قبضو رهيو آهي،سمورن ادارن تي سندن اجاراداري رهندي آئي آهي،مفاهمتن ۽ مصلحتن جا ڪردار به نڀائيندا رهيا آهن ته مزاحمت جا ڊراما به رچائيندا آيا آهن، پنهنجن حڪومتي دورن ۾ترقي ۽ خوشحاليء جا ترانا به ڳائيندا رهيا آهن ته عوامي بالادستي ۽ آئين جي حڪمرانيء جون تسبيحون به پڙهندا آيا آهن پر عوام کي سندن سمورن حڪومتي دورن ۾ ڇا مليو؟ هو اڄ جيڪر عوام جي انيڪ دردن جي شڪايت ڪري رهيا آهن ته اها ڪنهن سان ڪري رهيا آهن ۽ هن وقت ئي ڇو ڪري رهيا آهن؟ انهن کي اڄ صوبائي خودمختياري ڪيئن ذهن تي اچي ويئي ۽ جمهوريت جو دورو ڪيئن پوڻ لڳو آهي؟عوام ڇا ڪري اهڙي ارڙهين،ويهين ۽ ٻاويهين ترميم جو جيڪا هن کي ٻن وقتن جي ماني مهيا ڪري نٿي سگھي؟ عوام ڪهڙو آچار وجھي ان جمهوريت جو جيڪا سندن ئي نالي تي سندن رت ست نپوڙيندي رهي ٿي؟غير آئيني حڪمرانن برابر ملڪ ۽ عوام جو ٻيڙو غرق ڪيو پر جمهور جي نالي تي جمهور کان ووٽ کسي اقتدار جا مزا ماڻيندڙ انهن ”جمهورن “ جيڪا جمهور سان جمهوري جٺ ڪئي سا دانهن ڪنهن کي ڏجي؟انهن سان به ته ڪجهه حساب ٿيڻ گھرجي،انهن کان به ڪو سوال ٿيڻ گھرجي. بحث اهو ناهي ته هاڻوڪا حڪمران ڪيئن آهن،سوال اهو آهي ته اوهان سالن جا سال اقتدار ۽ اختيار جي راند رهندي عوام سان ايڏي راند ڇو رچائي؟سو عوام شايد ايترو جاهل ۽ بيوقوف به ناهي جيترو اسان جا سياستدان ان کي سمجھن ٿا.سنڌيء جي چوڻيء مطابق ته پٿر پرائو سور پنهنجا سو سڀ ڄاڻن ٿا ته  عوام لاء اڄ انهن جو سور سوايو رڳو ان ڪري ٿي پيو آهي جو انهن جي پنهنجن پنهنجن سورن ۾ لاڳيتو اضافو ٿيندو پيو وڃي!
(روزاني عوامي آواز)

ماضيء جو آئينو ؛ پاڪستان ۾ آئين سان هٿ چراند جي تاريخ.



شفيق الرحمان شاڪر
پاڪستان جي بدترين آمر جنرل ضياءالحق چيو هو؛ ” آئون اوهان کي يقين ڏيارڻ گھران ٿو ته مون کي اداڪاري ڪرڻ نٿي اچي.جيڪر مون کي سياسي اقتدار جي خواهش هجي ها ته مون کي ڪير روڪڻ وارو آهي؟آئين ڇا ٿيندو آهي؟ڏهن ٻارهن صفحن جو هڪ ڪتاب.آئون سڀاڻي ئي ان کي ڦاڙي اڇلي سگھان ٿو.“
انهن جملن مان اهو ته اندازو هرڪنهن کي چڱيء طرح ٿي سگھي ٿو ته عوامي اقتدار تي قبضو ڪندڙ غير آئيني حڪمران آئين کي ڪيتري عزت ۽ اهميت ڏيندا رهيا آهن.هاڻي ٿورو ماضيء ۾ موٽي هلجي.4 جولاء 1947ع تي برطانوي پارليامينٽ ۾ انڊين انڊپيڊنس بل پيش ڪيو ويو جنهن جي منظوريء بعد دهليء جي عبوري حڪومت کي ڀارت ۽ پاڪستان ۾ ورهائي ڇڏيو ويو ۽ انهيء سان گڏوگڏ ٻه آئين ساز اسيمبليون به وجود ۾ اچي وييون.انهن اسيمبلين کي ٻه فرض ڏنا ويا هئا.هڪ آئين جي تياري ۽ ٻيو جيستائين نئون آئين نافذ نٿو ٿئي تيستائين وفاقي آئين ساز اسيمبليء جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ.پاڪستان جي آئين ساز اسيمبليء جو اجلاس 10 کان 14 آگسٽ 1947ع تائين منعقد ٿيو.شروع ۾ اسيمبلي ميمبرن جو تعداد 69 هو جن جو انگ بعد ۾ بهاولپور،خيرپور،بلوچستان ۽ قبائلي علائقن کي نمائندگي ملڻ بعد 74 ٿي ويو.پهرئين تجويز ڪيل آئين جو ڊرافٽ پاڪستان ٺهڻ جي پنجن سالن بعد 22 ڊسمبر 1952ع تي آئين ساز اسيمبليء سامهون رکيو ويو جنهنجي منظوريء جي تاريخ 25 ڊسمبر 1954ع  مقرر ڪئي ويئي هئي پر اڃا ڪجهه ڏينهن ئي گذريا هئا جو گورنر جنرل غلام محمد هنگامي حالتن جو اعلان ڪندي نين چونڊن جو اعلان ڪري ڇڏيو.اهو ٿيو حشر پهرين آئين ساز اسيمبليء ۽ سندس جوڙيل آئين جو.آئين ساز اسيمبليء جي صدر مولوي تميزالدين خان گورنر جنرل جي ان اعلان کي غير آئيني ۽ غيرقانوني ڪوٺيندي سنڌ جي عدالت ۾ چيلينج ڪيو جنهن متفقا طور تي مولوي تميزالدين جي حق ۾ فيصلو ڏنو ۽ چيو ته آئين ساز اسيمبلي جيستائين پنهنجو ڪم مڪمل نٿي ڪري تيستائين اها بحال رهندي.حڪومت سنڌ ڪورٽ جي فيصلي خلاف فيڊرل ڪورٽ ۾ درخواست دائر ڪئي،ان وقت چيف جسٽس مشهور جسٽس محمد منير هو. فيڊرل ڪورٽ 21 مارچ 1955ع تي چار هڪ جي اڪثريت سان گورنر جنرل جي حق ۾ فيصلو ڏيئي پاڪستان جي سياسي تاريخ تي لاقانونيت جي مهر لڳائي ڇڏي . جنهن کان پوء ”آئين ٽوڙيو ۽ آئين جوڙيو“ واري لاڳيتي راند شروع ٿي ويئي.7 جولاء 1955ع تي ٻي آئين ساز اسيمبليء جو اجلاس مريء ۾ ٿيو. 8 جنوري 1956ع تي آئين جو ڊرافٽ پيش ڪيو ويو جيڪو ڪيترين ئي ترميمن بعد 23 مارچ 1956ع کان نافذ ٿي ويو.ان آئين پنهنجي نفاذ بعد اڃا رڳو اڍائي بهارون ئي ڏٺيون هيون ته 7 آڪٽوبر 1958ع تي هڪڙيء اڌ رات ميجر جنرل اسڪندر مرزا مارشل لا لڳائي آئين منسوخ ڪري ڇڏيو.بعد ۾جنرل ايوب خان سڪندر مرزا کي هٽائي ملڪ کان ٻاهر موڪلي ڇڏيو ۽ اقتدار سنڀالي ورتو.مرڪزي ۽ صوبائي ڪابينائون برطرف جڏهن ته اسيمبليون ٽوڙيون وييون.سمورين سياسي جماعتن تي پابندي لڳائي ويئي ۽ اها مارشل لا 8 جون 1962ع تائين جاري رهي.10 آڪٽوبر 1958ع تي ايوب خان هڪ حڪم جاري ڪيو ته هو ڪنهن به وقت ڪنهن به قانون کي تبديل ڪري سگھي ٿو.17 فيبروريء 1960ع تي جنرل ايوب پاڪستان جي اڳوڻي چيف جسٽس جي اڳواڻيء ۾ هڪ آئيني ڪميشن قائم ڪئي جنهن اها سفارش پيش ڪئي ته پاڪستان ۾ پارلياماني نظام حڪومت ناڪام ٿي چڪو آهي.سياستدانن ان ڪميشن جي نتيجن کي رد ڪري ڇڏيو.ڪميشن مئي 1961ع ۾ پنهنجي رپورٽ ايوب خان کي پيش ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ٽئين آئين جو مسودو تيار ڪري پهرين مارچ 1962ع کان ان کي نافذ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.13 مارچ 1969ع تي صدر ايوب خان پارلياماني نظام ۽ سڌين چونڊن واري عمل کي ٻيهر زندهه ڪرڻن جو اعلان ڪيو.ان مقصد لاء قومي اسيمبليء ذريعي آئين ۾ ترميم ٿيڻي هئي پر اهو سڀ ڪجهه ڇهن مهينن جي احتجاجي جلوسن.مظاهرن ۽ تحريڪن تي ختم ٿيو.چونڊون 1970ع ۾ ٿيڻيون هيون پر ڪجهه سياستدان ايوب خان جي استعيفا واري مطالبي تي ڄمي ويا.حالتون ايتريون خراب ٿيون جو ايوب خان کي اقتدار آرميء جي ڪمانڊر انچيف جنرل يحيٰ خان حوالي ڪرڻو پيوجنهن 5 مارچ 1969ع تي مارشل لڳائي آئين کي منسوخ ڪري ڇڏيو. شروعاتي ٻاويهن سالن جي تاريخ ۾ اهو منسوخ ٿيندڙ پاڪستان جو ٽيون آئين هو.30 مارچ 1970ع تي يحيٰ خان ليگل فريم ورڪ آرڊر جاري ڪيوجنهن مطابق قومي اسيمبليء کي 120 ڏينهن ۾ نئون آئين جوڙڻو هو.ڊسمبر 1970ع ۾ بالغ راء دهيء جي بنياد تي عام چونڊون ٿيون.اوڀر پاڪستان ۾ عوامي ليگ ۽ اولهه پاڪستان م پاڪستان پيپلز پارٽي اڪثريتي جماعتن طور سامهون آيون.گڏيل طور تي پاڪستان جي اڪثريتي پارٽي عوامي ليگ هئي.جنرل يحيٰ جي ليگل فريم ورڪ آرڊر هيٺ آئين جي جوڙجڪ ۽ حڪومت بنائڻ جي حقدار عوامي ليگ هئي.3 مارچ 1971ع تي قومي اسيمبليء جو اجلاس گھرائڻ جو اعلان ڪيو ويو.عوامي ليگ پيپلز پارٽيء سان گڏجي آئين جوڙي سگھي ٿي پرڪن سببن هيٺ ايئن نه ڪرڻ ڏنو ويو.پيپلز پارٽيء 13 مارچ 1971ع تي ڍاڪا ۾ ٿيندڙ قومي اسيمبليء جي اجلاس جو بائيڪاٽ ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني جنهن تي جنرل يحيٰ اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو.اوڀر پاڪستان ۾ وڳوڙ شروع ٿي ويا.فوجي زور تي بنگالين کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي.نيٺ ڊسمبر 1971ع ۾ اوڀر پاڪستان الڳ ٿي بنگلاديش بڻجي ويو.اهڙيء طرح 1971ع جو آئين سقوط ڍاڪا جي نذر ٿي ويو.نئين پاڪستان ۾ 20 آڪٽوبر 1971ع تي جنرل يحيٰ خان اقتدار جي واڳ ذوالفقار علي ڀٽي جي حوالي ڪري ڇڏي جيڪو پاڪستان جو پهريون سولين چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ۽ صدر بڻيو.14 اپريل 1972ع تي عبوري آئين جي منظوريء سان گڏ 21 اپريل تي اهو نافذ ٿيو ۽ مارشل لا هٽائي ويئي.10 اپريل 1973ع تي قومي اسيمبليء نئين آئين جي منظوري ڏني جيڪو 14 آگسٽ 1973ع کان نافذ ٿي ويو.ان آئين مطابق آئين کي جزوي يا ڪلي طور تي معطل يا منسوخ ڪندڙ جي سزا موت مقرر ڪئي ويئي.ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت آئيني مدو پورو ڪرڻ کان اڳ ئي مارچ 1977ع ۾ عام چونڊون ڪرايون.مخالف ڌر حڪومت تي چونڊن ۾ وڏي پيماني تي ڌانڌلين جا الزام هنيا ۽ صوبائي اسيمبلين جي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو.جلسا،جلوس ۽ هنگاما شروع ٿي ويا.موسم سازگار ڏسندي ئي جنرل ضياء الحق 5 جولاء 1977تي آئين معطل ڪري ملڪ ۾ مارشل لا لڳائي ڇڏي.24 مارچ 1981ع تي جنرل ضياء الحق پاران عبوري آئين يعني بدنام زمانه پي سي او جاري ڪيو ويو.اهو ڪرڻ جي گھرج ان ڪري ٿي جو اعليٰ عدالتون مارشل لا ڪورٽن جي فيصلن تي نظرثاني ڪري رهيون هيون.هاڻي ان حڪم جي شق 2 هيٺ 1973ع جي آئين جي ڪجهه شقن سواء ٻيوسمورو آئين معطل ڪيو ويو.انهيء ئي حڪم جي شق 16 هيٺ صدر ۽ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر آئين ۾ ترميم جا اختيار به حاصل ڪري ورتا.ڊسمبر 1981ع ۾ ضياء مجلس شورا قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.12 آگسٽ 1983ع تي جنرل ضياء مجلس شوريٰ کي ٻڌايو ته هو غير جماعتي بنياد تي چونڊون ڪرائي 23 مارچ 1985ع تائين اقتدار عوامي نمائندن کي منتقل ڪري ڇڏيندو.14 آگسٽ 1983ع کان تحريڪ بحالي جمهوريت شروع ٿي چڪي هئي.19 ڊسمبر 1984ع تي هن پنهنجو پاڻ کي صدرات جي عهدي تي بحال رکڻ لاء ريفرينڊم جو ڊرامو رچايو.اهڙيء طرح هن پنهنجو پاڻ کي صدر چونڊرائي ورتو. فيبروريء 1985ع تي غير جماعتي بنيادن تي جنرل ضياء صوبائي ۽ قومي اسيمبليء جون چونڊون ڪرايون ۽ محمد خان جوڻيجي کي وزير اعظم نامزد ڪيو ويو.2 مارچ 1985ع تي جنرل ضياء آئين جي بحاليء جو اعلان ته ڪيو پر ان ۾ ايتريون ته ترميمون  ۽ تبديليون ڪرايون جو آئين جي شڪل ئي بگڙي ويئي.29 مئي 1988ع تي جنرل ضياء آئين ۾ ڪيل ترميم 58 ٽو بي جو سهارو وٺندي محمد خان جوڻيجي جي حڪومت کي گھر موڪلي اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون.نيٺ 17 آگسٽ 1988ع تي ضياءالحق جي موت سان مارشل جو خاتمو آيو.16 ڊسمبر 1988ع تي ٻيهر عام چونڊون ٿيون.حڪومت ٺهي ۽ ڊهي،وري ٺهي ۽ ڊهي ۽ اهڙيء طرح آئين سان راند جو سلسلو جاري رهيو.ايستائين جو 12 آڪٽوبر 1999ع تي جنرل پرويز مشرف هڪ دفعو وري اقتدار تي قبضو ڪري ورتو.اهڙيء طرح هڪ دفعو وري آئين معطل ٿي ويو.
(روزاني عوامي آواز 29 جنوري 2019ع)

Tuesday, January 29, 2019

Saturday, January 26, 2019

مسئلن جي ور چڙهيل ڪوهستان




ساهيوال واقعو ؛ ڪجهه اهم سوال.



شفيق الرحمان شاڪر
ساهيوال واقعي بعد سوشل ميڊيا تي جنهن نموني جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن اهي هن واقعي جي زخم کي وڌيڪ گهرو ڪري رهيون آهن.معصوم ٻارن سامهون سندن ماء،پيء،ڀيڻ ۽ ڊرائيور سميت قتل ڪيو ويو.جيڪر ٿوري دير لاء سي ٽي ڊي جو  اهوموقف درست به مڃجي ته به ڪهڙي قانون انهن کي اجازت ڏني ته اوهان معصوم ٻارن سامهون انهن جي پيارن جو ايئن قتل ڪريو.هي سوشل ميڊيا جو دور آهي،وقت گذرڻ سان گڏ ڪيتريون ئي شاهديون سامهون اچي رهيون آهن.هيستائين جيڪي به وڊيوز سامهون آيون آهن انهن مان ڪٿي به دهشتگرديء واري موقف جي تصديق نه ٿي رهي آهي.ماريل والدين جو ٻار چوي ٿو ته بابو روئندو رهيو ته خدا جي واسطي اسان کي نه ماريو،اسان کان پئسا وٺو پر اسان کي ڇڏي ڏيو.ٽنهي ٻارڙن کي گاڏيء مان لاهي انهن سامهون سندن ماء پيء ۽ ڀيڻ کي قتل ڪيو ويو.پهريون موقف اهو ڏنو وڃي ٿو ته خطرناڪ دهشتگردن کي ماري اغوا ٿيل ٽن ٻارن کي هٿ ڪيو ويو آهي.افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اهو سڀ ڪجهه پڙهي ۽ ٻڌي ڪري به اها ڳالهه ڪئي پيئي وڃي ته انهيء ۾ وزير اعظم يا وزير اعليٰ پنجاب جو ڪهڙو قصور؟اها ڪهڙي قسم جي ڳالهه ڪئي پيئي وڃي.هيء حڪومت ته آئي ئي هئي اها ڳالهه ڪندي ته مديني جي نموني جي رياست قائم ڪنداسين جنهن جا اڳواڻ حضرت عمر رضه جو اهو قول نقل ڪندي نه ٿڪندا هئا ته جيڪر دجلا ڪناري ڪو ڪتو بکيو مري ويو ته ان جي ذميداري وقت جي حاڪم تي هوندي.ته پوء اڄ جڏهن ساڳي حڪومت جي زور تي حڪومتي ادارا ڪنهن بي گناهه جي وڏي بيدردرديء سان جان وٺن ٿا ته ان سڄي معاملي کان وزير اعظم يا وزير اعليٰ پنجاب کي ڪيئن بري ڪري سگھجي ٿو؟اهي بلڪل ساڳيء طرح ان ڏوهه جا ڏوهاري آهن جهڙيء طرح ماڊل ٽائون سانحي ۾ حڪمران ڏوهاري هئا.نقيب الله محسود جو پوڙهو پيء منتظر آهي ته ان سان انصاف ڪيو وڃي پر سال گذرڻ باوجود اڃا انصاف نه مليو آهي.ماڊل ٽائون واقعي جي ذميدارن،نقيب جي قاتلن،ڪراچيء ۾ قتل ٿيندڙ سرفراز ۽ ڪيئي ڪوڙا مقابلا ڏيکاري بي گناهن کي قتل ڪندڙن کي جيڪر ڪا عبرتناڪ سزا ملي ها ته ڪنهن کي جرئت نه ٿئي ها جو اهو پنهنجن اختيارن جو ناجائز استعمال ڪري ساهيوال جهڙو واقعو پيدا ڪري ها.اهڙن سمورن واقعن جا ذميدار رڳوقتل ڪرڻ وارا ئي ناهن پر اهي به آهن جيڪي پوين کي يقين ڏيارين ٿا ته اسان اوهان کي انصاف ڏيارينداسين پوء پنهنجو ڪردار ادا نٿا ڪن.ذميدار اهي به آهن جيڪي اهڙن واقعن جي سچائين کي لڪائي ڏسي وائسي ڪوڙيون ڪهاڻيون گھڙڻ ۽ بي بنياد جواز پيدا ڪرڻ ۾ اهڙن ڏوهارين جي مدد ڪن ٿا ۽ قانوني طور تي سندن ساٿ ڏين ٿا.اهي ئي اهڙن ڏوهارين کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو ذريعو بڻجن ٿا.ذميدار اهي به آهن جيڪي اهو ڄاڻندي به ته غلط ٿي رهيو آهي پر خاموش رهن ٿا۽ آخرڪار ذميدار اهي آهن جيڪي اقتدار ۽ اختيار جي ڪرسين تي ويهي عوام کي ان ظلم ۽ ستم کان بچائڻ جو ڪو جوڳو بندوبست نٿا ڪن.حڪومت ان شرمناڪ ۽ دردناڪ معاملي مان ايترو آسانيء سان پنهنجي جان آجي ڪرائي نٿي سگھي.انهيء ۽ سندس وزيرن مشيرن ۽ ادارن جي سربراهن کي هيٺين سوالن جا جواب ضرور ڏيڻا پوندا ته ذيشان جي حوالي سان مبينا طور تي دهشتگرديء ۾ ملوث هئڻ واري خفيا معلومات ڪهڙي هئي ۽ انهيء جو بنياد ڇا هو؟ڇا واقعي ڪنهن گرفتار ٿيل دهشتگرد ئي ذيشان جي باري ۾ معلومات مهيا ڪئي هئي؟ڇا سي ٽي ڊي کي ڪاروائيء لاء رپورٽ موڪلڻ کان اڳ ان مليل معلومات کي ڪائونٽر چيڪ ڪيو ويو هو؟ذيشان خلاف مليل اطلاعن کي ڪهڙن بنيادن تي تصديق ٿيل اطلاع مڃيو ويو؟خفيا معلومات جي بنياد تي تيار ڪيل رپورٽ سي ٽي ڊي کي ڪڏهن وصول ٿي ۽ اها رپورٽ ڪهڙي اداري طرفان ڪهڙي سطح تي سي ٽي ڊي کي وصول ٿي؟ذڪر ڪيل رپورٽ جي بنياد تي سي ٽي ڊي پاران ڪهڙيون ڪهڙيون ڪاروائيون عمل ۾ آنديون وييون؟ڇا ان قسم جي رپورٽ جو سي ٽي ڊي کي وصول ٿيڻ ڪو غير معمولي مامرو هو يا ڪو معمول جي ڳالهه هئي؟ڇا 19 جنوري جي ڪاروائيء ۾ حصو وٺندڙ سي ٽي ڊي ٽيم خاص طور تي ذيشان خلاف ڪاروائي لاء ئي جوڙي ويئي هئي؟ذيشان خلاف ڪاروائيء لاء منظوري يا اجازت ڪهڙي سطح تي ورتي ويئي هئي؟ڇا منظوري يا اجازت ڏيندڙ اٿارٽي رڳو ذڪر ڪيل خفيا رپورٽ جي بنياد تي ڪاروائيء جي اجازت ڏني يا سندس سامهون ڪجهه ٻيو مواد به موجود هو؟ذيشان خلاف ڪهڙي قسم جي ڪاروائي جي اجازت،منظوري يا حڪمنامو ڏنو ويو؟ڇا اهو حڪم لکت ۾ هو يا زباني؟ڇا ان حڪم يا منظوريء ۾ ذيشان کي مارڻ جي حوالي سان ڪجهه شامل هو؟ڇا ذيشان پاران مزاحمت نه ڪرڻ جي صورت ۾ به کيس مارڻ جو سي ٽي ڊي ٽيم کي حڪم يا اختيار ڏنو ويو هو؟ڇا ڪاروائيء دوران ذيشان سان گڏ ٻين مردن،عورتن يا ٻارن جي موجودگيء جي صورت ۾ به ڪو حڪم يا اجازت ڏني ويئي هئي؟ڪاروائيء ۾حصو وٺندڙ ٽيم ۾ ڪيترا ماڻهو شامل هئا ۽ ڇا انهن سڀني وٽ هٿيار موجود هئا؟ڪاروائيء ۾ ڪنهن ڪنهن هٿيار استعمال ڪيا؟ٽيم کي گاڏيء متعلق آخري اطلاع ڪڏهن،ڪٿي،ڪنهن کان ۽ ڪهڙو وصول ٿيو؟ڇا گاڏي سي ٽي ڊي ٽيم جي اشاري ڪرڻ بعد به واقعي نه بيٺي؟ڇا واقعي ڪار جي مسافرن جا ڪجهه ساٿي موٽر سائيڪل تي به موجود هئا؟ڇا واقعي پهريون فائر ذيشان ڪيو ۽ سي ٽي ڊي ٽيم جوابي فائر ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ موجود ماڻهن جو موت ٿيو؟موقعي تي سي ٽي ڊي ٽيم کي فائر جو حڪم ڪنهن ڏنو؟ڇا ڪار ۾ ٽن ٻارن کي پهريان ٻاهر ڪڍڻ بعد باقي ڪار سوارن تي فائر نه کوليو ويو؟ڇا سي ٽي ڊي ٽيم جي علم ۾ هوته ڪار ۾ ذيشان سواء ٻيا مرد،عورتون يا ٻار شامل آهن؟ڇا ٻارن جي پيء خليل پاران سي ٽي ڊي ٽيم کي چيو ويو هو ته هن کان پئسا ورتا وڃن ۽ کيس قتل نه ڪيو وڃي؟ڇا جيڪر سي ٽي ڊي ٽيم چاهي ها ته ذيشان سوڌو ٻين ڪار ۾ سوار ماڻهن کي آسانيء سان زندهه گرفتار ڪري سگھي ٿي؟ ڪار جي ڪهڙي حصي مان ڪهڙا ڪهڙا هٿيار،بارودي سامان ۽ آپگھاتي جيڪيٽس وغيره نڪتا؟ ڇا ڪار مان ذڪر ڪيل شيون هٿ ڪرڻ وقت ٽيم کان سواء ٻيو ڪوبه اتي موجود هو۽ڇا  اهي شيون هٿ ڪرڻ وقت ڪا وڊيو يا تصوير وغيره به بنائي ويئي؟انهن سمورن سوالن جا مناسب جواب حاصل نه ٿيڻ تائين ڪنهن به صاف ۽ شفاف جاچ جي اميد ڪري نٿي سگھجي.
( روزاني مهراڻ 24 جنوري 2019ع)

Thursday, January 24, 2019

پوليس گرديء هٿان يرغمال بڻيل سماج!



شفيق الرحمان شاڪر
جڏهن قوم جا محافظ ئي قاتل بڻجي وڃن ۽ غنڊاگردي شروع ڪري ڏين ته عوام انصاف ۽ تحفظ لاء ڪنهن وٽ وڃي؟ اسان جي وطن عزيز ۾ پوليس جو شهرين تي تشدد،ڦرلٽ ۽غنڊاگردي ڪا نئين ڳالهه نه رهي آهي.روزانو سوشل ميڊيا تي پوليس جي عوام سان ظلم ۽ زيادتيء جي ڪانه ڪا وڊيو ضرور وائرل ٿئي ٿي ۽ گھڻو ڪجهه اسان پنهنجن اکين سان به ڏسندا رهندا آهيون.ڪنهن ٺيلي واري وٽ پوليس جي گاڏي اچي بيٺي،ماڻهن سمجھيو اها فروٽ جا ٺيلا هٽائڻ آئي آهي.پوليس وارن ٺيلي واري کان تمام گھڻو فروٽ ورتو ۽ بنان پئسا ڏيڻ جي هليا ويا.ٺيلي واري سندن وڃڻ کان پوء پرپٺ ٻه ٽي گاريون ڏنيون ٻيو هو ڪري به ڇا ٿي سگھيو؟ان قسم جا ڏيک اوهان کي هرهنڌ ڏسڻ لاء ملندا. چڪاس جي بهاني موٽر سائيڪلن ۽ ٻين گاڏين وارن کان رشوت ،جيڪر ڪو ڪجهه ڪڇي ته ان تي بدترين تشدد ڪن ٿا.پوڙهن ۽ عورتن سان به بد سلوڪي ڪندي نٿا مڙن.پاڪستان ۾ هر ٻئي ڏينهن ڪانه ڪاخبر ٻڌڻ لاء ملي ٿي.اڃا ڪجهه عرصو پهرين ڪراچيء جي فيروزآباد واري ٿاڻي ۾ ڊي ايس پي پاران ٽن نوجوانن تي سنگين تشدد جي معاملي ۾ پوليس ڪهڙيء طرح پنهنجي پٽي ڀائين کي بچائيندي رهي جڏهن ته آئي جي سنڌ کي آفيسرن پاران موڪليل رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو هو ته ڊي ايس پي جي دوست جي پٽ ۽ انهن ٽنهي نوجوانن جي وچ ۾ جھيڙو ٿيو هو،ڊي ايس پي صاحب پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪندي ٽنهي نوجوانن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو ۽ اگھاڙو ڪري کين سخت تشدد جو نشانو بنايو.ميڊيا تي گوڙ متو ته ڊي ايس پي يعقوب جٽ نه رڳو نڪ جي ڏاڍائيء سان پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪيو پر پنهنجي ظلم جي لاء زبردست دليل به گھڙي ورتو ته انهن پوليس لائين ۾ اچي ڇوڪرين کي ڇيڙيو هو.اٽڪل هڪ سال اڳ هڪ پوليس واري جي گوليء سان ٻارهن سالن جو ريحان قتل ٿي ويو هو.ريحان صبح اسڪول ويندو هو ۽ شام جو کير جي هڪ دوڪان تي ڪم ڪندو هو ۽ پنهنجن گھر وارن جو پيٽ پاليندو هو.ان قسم جا ٻيا به کوڙ واقعا آهن.ڊسڪا نيو ڪچهريء ۾ پوليس جي نگرانيء ۾ ڏوهارين غريب عورت تي سرعام تشدد ڪيو پر پوليس جوابدارن خلاف قدم کڻن کان انڪار ڪري ڇڏيو.ملتان ۾ پوليس جو شرمناڪ عمل جو اهلڪارن پنهنجي ڏاڏي ۽ ڏاڏيء جيڏي عمر جي جوڙي تي وحشياڻو تشدد ڪيو.اسان جي وطن ۾ شريف شهري پوليس کان ڊڄي ٿو ڇوته پوليس طاقت جي نشي ۾ پنهنجا فرض وساري چڪي آهي.بدقسمتيء سان پوليس کي بگاڙڻ ۾ اسان جي حڪمران طبقي وڏو ڪردار ڪيو آهي.سياستدان پنهنجي علائقي ۾ پنهن جي مرضيء جو ٿاڻيدار لڳرائي انهيء ذريعي پنهنجن مخالفن کي سبق سيکاريندا آهن ۽ عام خلق تي آزاديء سان ظلم ڪندا آهن.پاڪستان جو ڳاڻيٽو اهڙن ملڪن ۾ ٿئي ٿو جتي خواندگيء جي شرح نهايت ئي گھٽ آهي.ان ڪري اتان جي شهرين کي پنهنجي بنيادي حقن جي به پوري ڄاڻ به ناهي هوندي.ان ڳالهه جو فائدو هميشه پوليس توڙي ٻيا قانون نافذ ڪندڙ ادارا کڻندا رهن ٿا.پاڪستاني قانون موجب ڪجهه ڏوهه اهڙا آهن جن جي بنياد تي پوليس ڪنهن به ماڻهوء کي وارنٽ ڏيکارڻ سواء گرفتار ڪري سگھي ٿي.انهن ڏوهن ۾ قتل.ڌاڙو ۽ جنسي زياستي اهڙا ڏوهه آهن جن ۾ ملزم کي بغير وارنٽ جي گرفتار ڪري سگھجي ٿو ان کان سواء ٻئي ڪنهن به ڏوهه ۾ جنهن ۾ دهشتگرديء جون شقون شامل نه هجن پوليس کي گرفتاريء کان اڳ وارنٽ ڏيکارڻ ضروري هوندو آهي.اهڙن جوابدارن جي گرفتاريء دوران جيڪر ڪا مزاحمت سامهون اچي ته پوليس کي اهو حق حاصل آهي ته اها مناسب حد تائين طاقت جو استعمال ڪري سگھي ٿي. پوليس کي اهو اختيار حاصل ناهي ته اها عدالت جي اجازت سواء ڪنهن به گھر ۾ داخل ٿئي يا ان گھر جي تلاشي وٺي.ڪنهن عورت ملزم کي گرفتار ڪرڻ لاء ضروري آهي ته پوليس آفيسر گھٽ ۾ گھٽ سب انسپيڪٽر جي عهدي جو هئڻ گھرجي.جيڪر ڪنهن سبب اهڙو آفيسر موقعي تي موجود نه هجي ته ان صورت ۾ لازم آهي ته گرفتاريء وقت علائقي جا ڪجهه ذميدار ۽ عورت جو ڪو مٽ مائٽ اتي موجود هئڻ گھرجي.قانون ۾ اها شق به موجود آهي ته ليڊي پوليس کان سواء ڪوبه مرد پوليس وارو نه ته عورت جي تلاشي وٺي سگھي ٿو ۽ نه ئي بنان قانوني نوٽيس جي گھر ۾ داخل ٿي سگھي ٿو.گرفتار ٿيندڙ شخص وٽ اهو اختيار موجود آهي ته اهو پنهنجي بچاء لاء پنهنجي مرضيء جي وڪيل جي چونڊ ڪري سگھي ۽ قانون ان ڳالهه جو پابند آهي ته ان شخص کي اها سهوليت مهيا ڪري.جيڪر جوابدار وٽ پنهنجو وڪيل ڪرڻ جا وسيلا موجود ناهن ته ان لاء پاڪستان بار ڪائونسل کان مدد وٺي سگھي ٿو.گرفتار ٿيل شخص کان ثبوت حاصل ڪرڻ لاء ڪنهن به قسم جو ذهني ۽ جسماني تشدد ڪرڻ به قانون جي خلاف آهي.پوليس قانوني طور تي ان ڳالهه جي پابند آهي ته اها عورت کان سموري جاچ جوچ ڏينهن جي روشنيء ۾ ڪري ۽ رات هئڻ کان پهرين يا ته هن کي آزاد ڪري ڇڏي يا کيس ڪنهن جيل ڪسٽڊيء ۾ ڏيئي ڇڏي.اهي سمورا حق آهن جيڪي ڪنهن به پاڪستاني شهريء کي حاصل آهن ۽ ان جي خلاف ڪنهن به قسم جي ڪاروائي تي هو نه رڳو پوليس خلاف شڪايت ڪري سگھي ٿو بلڪه قانوني ڪاروائي جو حق به محفوظ رکي ٿو.پر اهي سمورا حق.فرض ۽ قانوني شقون ڪهڙي ڪم جون جن تي ٽڪي جو به عنل نٿو ٿئي.ماڊل ٽائون جي سانحي کان نقيب الله محسود قتل تائين ۽ هاڻي تازو ساهيوال ۾ جيڪو پوليس گرديء جو واقعو پيش آيو آهي انهيءته ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اسان شايد پٿر جي دور واري زندگي گذاري رهيا آهيون.رياستي ۽ حڪومتي ادارا جن کي عوام کي تحفظ ۽ سلامتي مهيا ڪرڻي هئي اهي پاڻ عوام جا قاتل بڻجي ويهن ٿا ۽ انهن کي سندن انهن ڪارن ڪرتوتن جي لاء ڪڏهن به ڪا جوڳي سزا نٿي اچي.پوليس جي تربيت،سڌاري ۽ ڪارڪردگي بهتر بنائڻ جي حوالي سان وڏيون وڏيون دعوائون ته هر حڪومتي دور ۾ ٿينديون رهيون آهن پر نتيجو ڇا آهي؟ اڄ به پوليس سياسي چمچن ۽ ڏوهاري ذهنيت مافيا سان ڀري پيئي آهي.هر قسم جا نشائي ۽ پتائي توهان کي پوليس ۾ موجود ملندا،ڀتاخور ،داداگير ۽ قبضا خور پوليس جي ڪور هيٺ ڪم ڪندا رهيا آهن.پوليس وارن جو هڪڙو انگ اهڙو به آهي جيڪي طبي ۽ نفسياتي حوالي سان حساس اداري ۾ ڪم ڪرڻ لاء هرگز فٽ ناهن.ڪڏهن به حڪومت انهن جي طبي ۽ نفسياتي چڪاس جو حقيقي بندوبست ناهي ڪيو.پوليس ۾ موجود ڏوهاري ماڻهن خلاف ڪا شفاف ۽ موثر تحقيقات ناهي ٿي.ڪنهن به پوليس واري کي اڄ تائين ڪنهن بي گناهه کي قتل ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ڪڏهن ڪا سزا ناهي آئي.رواجي انڪواريون ٿين ٿيون،هٿ ٺوڪيون رپورٽون تيار ڪرائي ۽ مختلف جواز گھڙي اهڙين ڪارين رڍن کي هميشه تحفظ فراهم ڪيو ويندو رهيو آهي.سو جي اها ئي پوليس آهي ته اهي ئي الميا رهندا ۽ عوام انهن جي ظلم ۽ زيادتيء جو شڪار ٿيندو رهندو.

(روزاني هلال پاڪستان 22 جنوري 2019ع)

Tuesday, January 22, 2019

ماضيء جو آئينو ؛ مسلمان معاشرن جو الميو!


شفيق الرحمان شاڪر
تاريخ جي هڪ سخت ۽ ڪڙي سچائي اها به آهي ته ڌارين کان وڌيڪ خود مسلمانن هڪ ٻئي تي ظلم ۽ ستم جا جبل ڪيرايا آهن.تاريخ جي هر دور ۾ مسلمانن جي پنهنجي اندروني جھڳڙن ۽ گھريلو لڙائين جو نقصان سدائين مسلمان سماجن کي ئي ڀوڳڻو پيو آهي.اڄ به چئني پاسين ڌارين جي سازشن ۽ ٻاهرين خطرن جي واويلا متل آهي پر جيڪي ڪجهه مسلمان سماجن جي اندر ٿي رهيو آهي اهو سڀ سندن پنهنجوپيدا ڪيل آهي.اصل ۾ مسلمان سماج ڪيترين ئي صدين کان اڳواڻيء جي سخت گھوٽالي ۽ اڻ هوند سبب ذهني جمود ۽ فڪري انتشار جو شڪار رهندا ٿا اچن.جڏهن ته مختلف دورن ۾ سڌاري جون جيڪي به تحريڪون اڀريون انهن مسلمانن کي فڪري طور تي جديد دور جي گھرجن سان هم آهنگ ڪرڻ بدران وڌيڪ تهذيبي نرگسيت جي اونداهين ۽ اونهي کوهه ۾ اڇلي ڇڏيو.ان ڪري ضروري آهي ته ان نڪتي طرف به سوچڻ گھرجي ته اهي ڪهڙا سبب آهن جيڪي مسلمانن جي زوال توڙي ذلت جا سبب بڻيا؟پوء اڳواڻيء جي ان بحران تي به ڳالهه ٻولهه جي ضرورت آهي جنهن مسلمان معاشرن جي ترقيء جي راهه ۾ رنڊڪون وڌيون.اهو به ڏسڻ جي گھرج آهي ته مسلمان سماجن ۾ ڪو اهڙو مدبر ۽ ڊگھي نظر رکندڙ اڳواڻ پيدا نه ٿي رهيو آهي جيڪو مسلمانن کي تهذيبي نرگسيت جي سهي واري خواب مان سجاڳ ڪري دنيا جي سچائين کان واقف ڪري سگهي؟
هن وقت زمين جي گولي تي ڇاونجاهه ملڪ اهڙا آهن جتي مسلمان گھڻائيء ۾ آهن ۽ اتي انهن جون حڪومتون قائم آهن.ان کان سواء ڪو به اهڙو کنڊ نه آهي جتي مسلمان موجود نه هجن.مسلمانن جي عروج جو دور صرف ٽن صدين تائين محدود آهي جيڪو ستين صديء کان ڏهين صديء تائين جاري رهيو.ان دوران انهن علم ۽ دانش جي مختلف ميدانن ۾ شاندار اڳڀرائي ڪئي ۽ گھڻ طرفي ترقيء جون منزلون پار ڪيون.جنهن  جي نتيجي ۾ هڪ نئين تهذيبي ورثي جو بنياد پيو جيڪو بابل ۽ نينوا جي وادين مان نڪري اتر ۾ يورپ جي وچ،ڏکڻ ۾اولهه صحارا،اوڀر ۾ هندستان ۽ اولهه ۾ ترڪيء تائين پهچي ويو.ان تهذيبي مرڪز کي اڻ پڙهيل ۽ جھنگلي تاتارين ان ڪري لتاڙي ڇڏيو جو خود مسلمانن ۾ فڪري ارتقائي عمل رڪجي چڪو هو ۽ منجهن تهذيب ۽ تمدن جي حفاظت ڪرڻ جي صلاحيت اڻ لڀ بڻجي ويئي هئي.ان سچائيء کان انڪار ممڪن ناهي ته ٽن صدين ۾ مسلمانن دينيات،اخلاقيات،سائنس ۽ ٽيڪنالاجي،رياضي ۽ فلسفي،تاريخ ۽ادب سميت ان ڳڻين موضوعن تي تحقيق ۽ تخليق جا ڏيئا روشن ڪيا پر ان کان بعد بهرحال زوال جي نه ختم ٿيندڙ ڪهاڻي شروع ٿئي ٿي جيڪا اڃا تائين جاري آهي.تاريخ اهو به ٻڌائي ٿي ته ٻه واقعا مسلمانن کي فڪري،سياسي.سماجي ۽ نفسياتي طور تي بريء طرح گھايل ڪرڻ جو سبب بڻيا.
انهن مان پهريون واقعو 1258ع  ۾ تاتارين جو بغداد تي حملو ۽ ان جي تباهي آهي جنهن هر لحاظ کان مسلمانن جي چيلهه چٻي ڪري رکي.اهو شهر جتي ڪوويت يونيورسٽيء جي محقق پروفيسر بسم عجمي جي تحقيق مطابق هڪ هزار تحقيقي مرڪز مذهب کان سواء ٻين علمي موضوعن تي کوجنا ڪرڻ ۾ مصروف هئا.شهر ۾ پنج سو کان وڌيڪ ڪتب خانا شاندار ۽ ان لڀ ڪتابن سان ڀريل هئا.ان حملي جي نتيجي ۾ ڪتاب دريا جي وهڪرن ۾ وهي ويا جڏهن ته تحقيقي مرڪز رڳو ماضيء جو قصو بڻجي ڪري رهجي ويا.ٻيو سانحو 1492ع  ۾ اسپين ۾ مسلمانن جي حڪومت جو خاتمو ۽ انهن جو اتان نڪرڻ هو.جنهن مسلمانن کي سخت نفسياتي مونجھارن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو.
تحقيق ۽ تخليق جو اهو عمل رڳو خليج،وچ ايشيا تائين ئي محدود نه هو پر اسپين ۾ به هر شعبي تي  تحقيقي ڪم جاري هو.الڪندي،فارابي ۽ ابن رشد مئل يوناني فلسفي کي زندهه ڪرڻ ۽ ان جي فڪري موشگافين مان مستفيض ٿيڻ جي ڪوششن ۾ مصروف هئا.ابو عبدالله موسيٰ خوارزمي هندي رياضيء جي مدد سان ڏهائي سرشتو ترتيب ڏنو ۽ الگورٿم جنهن کي بعد ۾ مينلو گارٿم سڏيو ويو ان جو تصور پيش ڪيو.حڪيم ابو وفا پرڪار جي مدد سان مختلف درجن جون ڪنڊون بنائڻ جو تصور پيش ڪيو.جابر بن حيان گنڌڪ جو تيزاب ايجاد ڪيو.عمر خيام جيڪو مسلمان دنيا ۾ رڳو پنهنجي شاعريء ڪري مشهور آهي اهو اصل ۾ هڪ وڏو رياضي دان هو جنهن ”بائنوميل ٿيورم“ متعارف ڪرائي ڪلڪيوليٽر ۽ ڪمپيوٽر جي ايجاد جو بنيادرکيو.مطلب ته اهو ڪهڙو شعبو هو جنهن ۾ تحقيق ۽ تخليق جو عمل جاري نه رهيو هجي پر محلاتي سازشن ۽ مفاد پرست عالمن جي تنگ نظري ۽ ٻين سازشي هٿڪنڊن سبب ترقيء جو اهو سلسلو ترت ئي ختم ٿي ويو ڇو ته ڪجهه محققن کي ڪافر ۽ بي دين قرار ڏيئي انهن تي مختلف قسمن جون پابنديون هنيون وييون جڏهن ته گھڻن کي معتزلي يا رافضي قرار ڏيئي تضحيڪ ۽ تذليل جو نشانو بنايو ويو.اهڙيء طرح اهل علم ۽ دانش جو جيئڻ ئي حرام ڪري ڇڏيو ويو جنهن جا تاريخ ۾ ڪيترائي مثال ڏسي سگھجن ٿا.مثال؛ ابن رشد جي ڪتابن ۽ تحقيقي مواد کي اسپين جي حڪمران منصور ٻئي جي حڪم تي قرطبا جي چوڪ تي ساڙيو ويو،عمر خيام کي ايران ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو.اهڙيء طرح تحقيق ۽ تخليق جي جيڪا روايت ستين صديء ۾ نهايت ئي تيزيء سان شروع ٿي هئي وقت گذرڻ سان گڏ دم ٽوڙڻ لڳي ويئي.جڏهن علم ۽ دانش جون راهون مٽجي وڃن ته سماج فڪري طور تي سنڍ ٿيڻ لڳي ٿو ۽ انهيء ۾ اڳيان وڌڻ جي صلاحيت ختم ٿي وڃي ٿي جنهن جي نتيجي ۾ سياسي، معاشي ۽ سماجي ترقي رڪجي وڃي ٿي ۽ سماج جمود جو شڪار ٿي وڃي ٿو.مسلمان سماج تيرهين صديء کان جنهن فڪري جمود جو شڪار بڻيا آهن ان جي نتيجي ۾ پيداوار جي طرز ۾ تبديليء جو لاڙو به ختم ٿي ويو آهي.اهڙيء طرح معيشت جي پکيڙ ۽ سماجي ترقيء جون سوچون به اڻ لڀ ٿينديون وييون ۽ حڪمرانيء جي نظام ۾ بهتريء جو تصور به ڪو خواب يا خيال بڻجي ڪري رهجي ويو.علم کان دوري ۽ ماضيء جي پرخمار روايتن ۾ گم رهڻ، انهن معاشرن جي عادت بڻجي ويو.جڏهن جهالت وڌي ٿي ته منطق ۽ دليل بجاء پاڻ ڏيکارڻ ۽ پاڻ پڏائڻ جڏهن ته تحمل ۽ برداشت جي بدران جنون ۽ شدت پسندي گڏيل فخر بڻجي وڃي ٿي.اهڙا سماج پنهنجو پاڻ کي وقت جي تقاضن ۽ حالتن جي گھرجن سان ايڪتا پيدا ڪرڻ ۽ تاريخ جي اوسر جي عمل ۾ پنهنجو حصو شامل ڪرڻ بدران ماضي پرستي ۽ تهذيبي نرگسيت جو شڪار بڻجي فڪري زوال جي اونهي ڪن ۾ ڦاسي پون ٿا ۽ پنهنجي جهالت ڀريل سوچن ۽ روين تي ضد ۽ تعصب وچان ڄمي وڃن ٿا. ٻيو الميو اهو رهيو جو ست سو سالن دوران جيڪي به تحريڪون مختلف  خطن ۽ علائقن مان اڀريون،اهي ڪا اهڙي مدبر ۽ صاحب بصيرت قيادت پيدا ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون جيڪا انهن معاشرن کي فڪري جمود مان ڪڍي ترقي ۽ ڪاميابيء جي راهه تي لڳائي سگھي ها.گڏيل دانش ۽ قياس جي صحيح استعمال سان انهن کي عقيدت منديء جي جادو نگريء مان ڪڍي زمان ۽ مڪان جي حقيقتن جو شعور ڏيئي سگھن ها.
ويهين صديء ۾ البت مسلم دنيا ۾ ٻه اهڙا آواز اڀريا جيڪي واضح فڪر سان گڏ جديد دنيا جي گھرجن جو واضح شعور ۽ ادراڪ رکندا هئا .انهن مان ننڍي کنڊ ۾ ڊاڪٽر اقبال ۽ ايران ۾ ڊاڪٽر علي شريعتي سوچ جا نوان رخ متعارف ڪرايا.اقبال جي سوچ جي بنياد تي نئون عمراني معاهدو ترتيب ڏيڻ بدران سندس شاعريء کي قوالن جي حوالي ڪري ڇڏيو ويو ۽ اهو ئي ڪجهه علي شريعتيء سان به ٿيو.ايراني عوام سندس فڪر ۽ فلسفي ۽ عمراني نظرين کي سمجھڻ بدران شهنشاهيت کان ڇوٽڪاري لاء ٿيوڪريسيء ۾ پناهه ڳولهي.عرب دنيا ۾ اڻويهين ۽ ويهين صدي دوران جيڪي تحريڪون اٿيون تن ۾ اخوان المسلمين ماضي پرستي کي جڏهن ته بعث پارٽي عرب قوم پرستيء کي پنهنجو محور بنايو.اهڙيء طرح مسلمانن ۾ ڪا عالمگير سڌاري جي تحريڪ وجود ۾ نه اچي سگھي.اڄ صورتحال اها آهي جو زمين جي گولي تي موجود ڇاونجاهه مسلمان ملڪن جي ڪنهن به حڪمران،منصوبا ساز يا سياسي مدبر جي پهرين ترجيح تعليم ڪانهي جنهن سبب پوري مسلمان دنيا ۾ ڪابه اهڙي يونيورسٽي ، درسگاهه يا تحقيقي ادارو موجود ڪونهي جيڪو دنيا جي ڏهن ته ڇا پر دنيا جي پنجاهه وڏين مثالي يونيورسٽين يا تحقيقي ادارن جي فهرست ۾ شامل هجي.اهو ئي سبب آهي جو مسلمان دنيا ۾ تعليم جي شرح نهايت گھٽ آهي.ان کان سواء جيڪا تعليم ڏني پيئي وڃي ان جو معيار عالمي پيمانن مطابق نهايت ئي ڪريل آهي.سو گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان مسلمان دنيا زندگيء جي مختلف شعبن ۾ عالمي معيار جا ماهر پيدا ڪرڻ ۾ ناڪام ويئي آهي.البت جيڪي اهل علم پنهنجي ذاتي محنت،دلچسپيء ۽ اولهه جي دنيا کان حاصل ڪيل وسيلن جي بنياد تي ڪي نمايان ڪارناما سرانجام ڏين ٿا انهن کي سندن پنهنجن ملڪن ۾ همت افزائي ته ٺهيو پر مختلف قسمن جي طعنن،مهڻن،تنقيدن ۽ الزامن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. جهالت پسنديء جي ان ماحول ۾ ترقي دوست تنظيمون ۽ اهل نظر دانشور جنم نه وٺندا آهن بلڪه شدت پسند ۽ جنوني تنظيمون اڀرن ٿيون جيڪي ڪٿي عقيدي ۽ مسلڪ جي بنياد تي،ڪثي زبان ۽ نسل جي بنياد تي تشدد ڀريل روين ۽ سوچن کي پالي وڏو ڪن ٿيون.موقعي پرست حڪمران اهڙين تنظيمن جي سرپرستي ڪندي پنهنجي اقتدار کي ته وقتي طور تي بچائي وٺن ٿا پر سماج ۾ نفرت۽تعصب جو هڪ اهڙو زهر گھوٽي ڇڏين ٿا جيڪو ڏهاڪن تائين نه پر صدين تائين هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين منتقل ٿيندو رهي ٿو.



(روزاني هلال پاڪستان 20 جنوري 2019ع)

Sunday, January 20, 2019

”ٻاويهه سالا جدوجهد“ جو نتيجو ڇا؟



”ٻاويهه سالا جدوجهد“ جو نتيجو ڇا؟
شفيق الرحمان شاڪر
انهيء ۾ شڪ ناهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ملڪ جي سياست ۾ پنهنجي جاء والارڻ لاء ٻاويهن سالن جي ڊگھي جدوجهد ڪئي آهي پر هاڻي جڏهن هو ملڪ جي سڀ کان وڏي انتظامي عهدي تائين پهچي چڪو آهي،ملڪ جي وڏي ۾ وڏي صوبي توڙي ڪي پي ۾ سندس حڪومتون هئڻ سان گڏوگڏ بلوچستان ۾ به سندس ئي اتحادي حڪومت قائم آهي تڏهن اها ڳالهه گھڻو نڪري نروار ٿي چڪي آهي ته سندس ان سموري جدوجهد جو رڳو هڪڙو ئي مرڪزي ۽ بنيادي نڪتو رهيو ته ”ڪهڙيء به طرح“ اقتدار ۽ اختيار جون واڳون هٿ ڪري وٺجن.هن پنهنجي پارٽيء توڙي ڪجهه ” ٻين زورن“ ذريعي  اقتدار حاصل ڪرڻ لاء ته گذريل ٻاويهن سالن ۾ پورا حيلا هلايا ۽ هو ان ۾ ڪامياب به ٿي ويو پر هن ۽ سندس پارٽي کي نه ته اها خبر پئجي سگھي ته حڪومت ڇا ٿيندي آهي ۽ اها ڪيئن هلائبي آهي؟سياست جا ڪهڙا داء پيچ ٿيندا آهن،بيوروڪريسيء جي ڪهڙي نفسيات ۽ واردات جا طريقا ٿين ٿا؟بحران ڇا ٿيندا آهن ۽ انهن مان ڪيئن نڪربو آهي؟سياسي مخالفن جو ڪهڙي حڪمت عمليء سان مقابلو ڪبو آهي؟حڪومت ڪرڻ ۽ اپوزيشن ڪرڻ ۾ ڪهڙو فرق هوندو آهي؟وغيره وغيره .اهو ئي سبب آهي جو  ڪنهن سامهون واري موثر سياسي مخالفت ۽ غيرمعمولي دٻاء سواء ئي تحريڪ انصاف جي حڪومت پنهنجي ئي بار هيٺان دٻجندي ٿي وڃي.جيڪر ڏٺو وڃي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت گڏيل طور تي ذهني ڏيوالپڻي جو شڪار بڻجي چڪي آهي جنهن لاء هر ايندڙ ڏينهن نيون پريشانيون ، مونجھارا ۽ مايوسيون کڻي پيو اچي.عمران خان جي حڪومت عام ماڻهن جا بنيادي مسئلا سلجھائڻ يا گھٽائڻ ۾ ڪيتري سنجيده آهي ان جو اندازو ته سندس ڪجهه ”ويڙهاڪ ونگ“ جي وزيرن ۽ مشيرن جي ”بياني فائرنگ “مان چڱيء طرح لڳائي سگھجي ٿو جيڪا گذريل پنجن مهينن جي نهايت ئي شرمندو ۽ مايوس ڪندڙ سندن ڪارڪردگيء باوجود اڃا تائين ساڳي زور شور سان جاري آهي.هن وقت تائين جي حڪومتي ڪارڪردگي ته رڳو اهو ئي ثابت ڪيو آهي ته اهو ”عظيم انقلابي ليڊر“ جيڪو ڪڏهن ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ ويهي عوامي معاملن ۽ مسئلن تي           ” سياسي مدبر“ جي طور تي وڏا وڏا ليڪچر ڏيندو هو ان کي اقتدار جي حمام ۾ آخرڪار ٻين جهڙو ئي ثابت ٿيڻو هو.هو جيڪو گذريل ويهن سالن کان ٽي وي چينلن ۽ سياسي جلسن ۾ پنهنجو پاڻ کي سياسي ”مدبر ۽ مصلح “ سڏائيندو رهيو ۽ مصيبتن ۾ ڦاٿل عوام جي دردن جو مسيحا هئڻ جون اڀ   ڦاڙيندڙ دعوائون ڪندو رهيو ، اڄ هن جون سالن کان غير مشروط حمايتون ڪرڻ وارا به مايوس مايوس نظر اچن ٿا.اقتدار جي گاديء تي ويهڻ بعد به جنهن جا انگل آرا اڃا اپوزيشن وارا ئي هجن اهو اڳتي ڪيئن حڪومت هلائيندو سمجهه ۾ نٿو اچي.عوام سان ڪيل هزارين وعدن مان ته ڪوهڪڙو ننڍڙو وعدو به هيستائين پورو ناهي ٿيو.مهانگائي جي مصيبت ۽ بي روزگاريء  جي آفت  ته ڇا رڪجڻي هئي هتي ته اقتداري ڪلچر ۽ سياسي اخلاقيات جو رهيل کهيل جنازو ئي نڪري ويو.تبديلي اها آئي جو هر سوال جي جواب ۾ هڪڙو ئي جواب ته ماضيء جي حڪمرانن تباهي ۽ بربادي ڪري ڇڏي آهي.هر معاملي تي اهو دليل ته سندن پارٽيء کي ڇڏي ٻيون سموريون پارٽيون چور،ڪرپٽ ۽ ڌاڙيل آهن.گذريل حڪمرانن جيڪي ڪجهه ڪيو ۽ جيڪي ڪجهه سامهون آيو ۽ انهن خلاف جيڪو احتساب جو عمل جنهن به صورت ۾ جاري هو ان تي عوام خوش نظر اچي رهيو هو جو انهن عوام کي آزارڻ ۽ ڪنگال بنائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي هئي.ماڻهن انهن ڪرپٽ  حڪمرانن جي روڄ راڙي ۽ آهن فريادن کي سنجيدگيء سان وٺڻ ئي ڇڏي ڏنو هو،عوام جوعدالتن توڙي احتسابي ادارن تي ڪجهه نه ڪجهه ڀروسو بحال ٿيڻ لڳو هو پر تحريڪ انصاف جي هنن ”ڏاهن “ وزيرن ۽ مشيرن ماضيء جي انهن نااهل ۽ ڪرپٽ حڪمرانن جو ڪم ئي آسان ڪري ڇڏيو آهي.سمورو احتسابي ۽ عدالتي عمل ئي انهن تڪراري بڻائي ڇڏيو آهي.انهن پاڻ انهن عوام دشمن سياستدانن کي اهو موقعو مهيا ڪري ڏنو آهي ته اهي وري عوام وٽ وڃي ساڳيو سودو وڪڻن ۽ سندن همدرديون سولائيء سان خريد ڪري سگھن.هنن نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽيء جي مئل گھوڙي ۾ هڪ ڀيرو وري ساهه وجھي انهن جي اڳواڻن کي هيرو بنائي ڇڏيو آهي.سنڌ جي حوالي سان انهن جون جيڪي پاليسيون،بيان ۽ پرڪار هن وقت تائين سامهون آيا آهن انهن هڪ دفعو وري پيپلز پارٽيء کي سنڌ ڪارڊ استعمال ڪرڻ جو بهترين موقعو مهيا ڪري ڇڏيو آهي.سنڌ  جي ڪجهه بدبودار ۽ هر اڀرندڙ سج جي سلامي وڏيرن ۽ ڀوتارن سان گڏجي جيڪا اقتداري سازشن جي کچڻي پچائي پيئي وڃي انهيء سان سنڌ ۾ تحريڪ انصاف کي مستقبل ۾ ڪا سياسي اسپيس حاصل ٿي سگھي  سو ته ٺهيو پر” هم تو ڊوبي هين صنم تم ڪو ڀي لي ڊوبين گي“ جي مصداق ماضيء جي اهڙن سمورن غير فطري ۽ غير حقيقت پسنداڻن تجربن مان هڪ ناڪام تجربو ئي ثابت ٿيڻو آهي.سنڀالجي ته هنن کان پنجاب ۽ ڪي پي ئي نٿو،مرڪز ۾ هنن جي اها حالت آهي جو ”طاقتور“ وزيراعظم کي اها همت ناهي جو هڪ ڀيرو قومي اسيمبليء ۾ اچي پنهنجي سياسي مخالفن جو سياسي طور تي مقابلو ڪرڻ لاء منهن ڏيکارڻ جي جرئت ڪري سگھي ۽ هليا آهن سنڌ فتح ڪرڻ!
مني بجيٽ مٿان مني بجيٽ اچي رهي آهي،مهانگائيء عوام جون متيون منجھائي ڇڏيون آهن،روزگار جا ڪي به نوان موقعا پيدا ٿيڻ بدران ماڻهن کان رهيو سهيو روزگار کسيو پيو وڃي،حڪومتي کاتن ۽ ادارن ۾ ڪي به مثبت تبديليون ۽ سڌارا آڻن بدران اهي وڌيڪ ڇڙواڳي،انتشار،بي يقيني ۽ بدانتظاميء جو شڪار ٿيندا ٿا وڃن،حڪومت جي رٽ ڪٿي به نظر نٿي اچي.ٻئي طرف جواب اهو ٿو اچي ته اسان کي وڌيڪ وقت کپي،معيشت جو حال سڀني جي سامهون آهي،سڄو ڪم قرضن ۽ غريب عوام تي نوان ٽيڪس لڳائڻ تي ٽپايو پيو وڃي.هنن کان هلي ڪجهه به نٿو سواء روئڻ پٽڻ ۽ سياسي مخالفن مٿان الزامن جي مالا پڙهڻ جي.بجلي،گئس،دوائون توڙي کاڌي پيتي جي شين جا اگھه چوٽ چڙهي ويا پر حڪمران پنهنجو پاڻ کي انهن سڀني معاملن ۾ بي گناهه ۽ معصوم ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي نظر اچن ٿا.بجليء جي لوڊ شيڊنگ جي عرصي ۾ اضافي کان گئس جي غائب ٿيڻ تائين هنن مان ڪوبه پنهنجي نااهلي مڃڻ لاء تيار ناهي.انهن حالتن ۾ هنن کي وڌيڪ اقتدار ۽ اختيار حاصل ڪرڻ جو حرص ستائي رهيو آهي.اها ئي ريت ۽ اهائي خواهش ماضيء جي حڪمرانن کي به ٻوڙيندي رهي آهي جيڪا هنن کي به ترت ئي ٻوڙي ويندي جو هنن وٽ نه سياسي سمجھه آهي ۽ نه حڪومت هلائڻ جي فني صلاحيت.هنن جون زبانون جن معاملن تي بند رهڻ گھرجن انهن تي وهنديون ئي رهن ٿيون ۽ جن معاملن تي کين ڳالهائڻ گھرجي انهن تي سندن زبانون گونگيون بڻيل آهن.جڏهن ميڊيا ۾ ڪجهه دانشور اهو چون ٿا ته ڪپتان جو ڪهڙو قصور جو هن کي ملڪ ئي انهن حالتن ۾ مليو آهي يا وري اهو چون ٿا ته ڪپتان پاڻ ٺيڪ آهي پر سندس ٽيم صحيح ناهي.جيڪر انهن همراهن جي انهن ٻنهي دليلن کي قبول به ڪيو وڃي ته اهي ٻئي دليل خود ڪپتان جي نااهلي ۽ اڻ ڄاڻائيء جو ثبوت وڌيڪ پختو ڪن ٿا ۽ سندس نام نهاد قائداڻين صلاحتين ۽ سياسي تدبر تي مضبوط سواليا نشان اڀا ڪن ٿا.جيڪر ايڏي وڏي اعليٰ حڪومتي عهدي تي ويهڻ کان اڳ ڪنهن ماڻهوء کي اها خبر به ڪانهي ته ملڪ جون حالتون ڪهڙيون  آهن يا هن ۾ پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاء ڪا صحيح ٽيم چونڊڻ جي صلاحيت ئي موجود ناهي ۽ جيڪر حڪومت ۾ اچڻ کان پوء حڪومت هلائڻ سکي پيئي وڃي ته پوء اهڙن عوامي ليڊرن جي تدبر،فهم ۽ فراست تي رڳو ماتم ئي ڪري سگھجي ٿو ۽ اهڙي عوام جي قسمت تي رڳو روڄ راڙو ئي ڪري سگھجي ٿو!
(روزاني  هلال پاڪستان 18 جنوري 2019ع) 

Saturday, January 19, 2019

Friday, January 18, 2019

هڪ غير معمولي چيف جسٽس جي رٽائرمينٽ!



شفيق الرحمان شاڪر
سپريم ڪورٽ جي هاڻوڪو چيف جسٽس پنهنجي رٽائرمينٽ تي پهچي چڪو آهي.سپريم ڪورٽ جي هاڻوڪن جج صاحبان مان اٺن کي ايندڙ وقت ۾ چيف جسٽس جو عهدو سنڀالڻ جو موقعو ملندو.آئين موجب سپريم ڪورٽ جي جج جي رٽائرمينٽ جي عمر جي حد 65 سال مقرر ٿيل آهي ۽ چيف جسٽس جي رٽائيرمينٽ بعد سينئر ترين جج کي چيف جسٽس جي عهدي تي مقرر ڪيو ويندو آهي. سپريم ڪورٽ جي ججن جي سينارٽي لسٽ مطابق اٺن ججن صاحبان کي ترتيبوار چيف جسٽس آف پاڪستان بنجڻ جو موقعو نصيب ٿيندو جن ۾ جسٽس آصف سعيد کوسا،مسٽر جسٽس گلزار احمد،مسٽر جسٽس عمر عطا بنڌيال،مسٽر جسٽس قاضي فائز عيسيٰ،مسٽر جسٽس اعجاز الاحسن،مسٽر جسٽس منصور علي شاهه،مسٽر جسٽس منيب اختر ۽ مسٽر جسٽس يحيٰ آفريسي شامل آهن.
ماضيء ۾ ملڪ جي تيزيء سان بدلجندڙ صورتحال سان گڏوگڏ آئيني اداري سپريم ڪورٽ ۾چيف جسٽس جي تبديليء به اهم ڪردار ادا ڪيو.انهن لاهن چاڙهن سان پيدا ٿيندڙ لوڏن جو اثر سياست، فوج،عدليا،حڪومت،عوام مطلب تي زندگيء جي هر شعبي تي  محسوس ڪيو ويو.جسٽس ناصرالملڪ 6 جولائي 2014ع کان 17 آگسٽ 2015ع تائين چيف جسٽس آف پاڪستان رهيو جڏهن ته جسٽس ايس خواجا 17 آگسٽ کان 10 سيپٽيمبر 2015ع تائين اها ذميداري نڀائي جنهن کان پوء جسٽس انور ظهير جمالي 10 سيپٽيمبر 2015ع کان 31 ڊسمبر 2016ع تائين ان پروقار عهدي تي رهيو.جنهن کان پوء جسٽس ميان ثاقب نثار اهو عهدو سنڀاليو هو جيڪو 17 جنوري تي رٽائر ٿي رهيو آهي.پنهنجي انهيء چيف جسٽس واري حيثيت جي دور ۾ مختلف عوامي طبقن طرفان سندس ڪم ۽ ڪارڪردگيء کي وڏي پيماني تي ساراهڻ سان گڏوگڏ ڪيترن ئي حلقن سندس جوڊيشل اڪٽيوزم واري ڪردار جي حوالي سان کيس سخت تنقيد ۽ الزامن جو به نشانو بنايو.هڪ تقريب ۾ تقرير دوران ميان ثاقب نثار جو چوڻ هو ته هاڻي ججن جوبه احتساب ٿيندو..ڪم نه ڪندڙ ججن خلاف به آرٽيڪل 209 لاڳو ٿيندو...ڪيسن جا جيڪي ڍير لڳل آهن انهن کي وقت سر نٿو نبيريو وڃي...عام ماڻهوء کي انصاف نٿو ملي،قانون بدلائڻا پوندا..ماڻهو رڙيون ڪري مري وڃن ٿا پر کين انصاف نٿو ملي. محترم چيف جسٽس اهي سڀ ڳالهيون ان وقت ڪيون آهن جڏهن هو پاڻ رٽائر ٿي رهيو آهي.جيڪر جناب ثاقب نثار ٽي سال پهرين پنهنجي ماتحت عدالتي نظام ۾ موجود نمايان ڪمزورين طرف پوريء طرح ڌيان ڏئي ها ۽ انهن جي تدارڪ جي شروعات ڪري ڏئي ها ته هيستائين گھڻو ڪجهه درست ٿي چڪو هجي ها.جناب ثاقب نثار پنهنجي ٽن سالن جي عرصي ۾ ريڪارڊ انگ ۾ سو موٽوز نوٽيسز ورتا ۽ ان معاملي ۾ پنهنجن پوين چيف جسٽسز کي پوئتي ڇڏي ڏنو پر هاڻي ان ڳالهه جو به اعتراف ڪيو پيو وڃي ته سوموٽوز ايترو موثر ثابت نه ٿيا. ڇو؟ عدالتي ايپروچ ۾ ڪهڙي خامي هئي جنهنجو شروع ۾ جائزو نه ورتو ويو؟ جناب ثاقب نثار کي اهو پڻ جائزو وٺڻ گھرجي ته 15 ڊسمبر 2017ع کان اڄ تائين جيڪي هن مختلف اسپتالن جا دورا ڪيا انهيء سان اسپتالن جي خراب حالتن ۾ ڪهڙو سڌارو آيو؟سندس انهن دورن سان تڙپندڙ مريضن کي بروقت ۽ سستو علاج ۽ ٻيون سهولتون مهيا ٿيڻ ۾ ڪهڙي مدد ملي؟ تنهن هوندي به مجموعي طور تي ميان ثاقب نثار جي سپريم ڪورٽ جي سربراهيء وارو عرصو جرئت،بهادري،دليري ۽ حوصلي جي علامت طور ضرور ياد رکيو ويندو.هن ٻيو ڪجهه ڪيو هجي يا نه پر ملڪ جي طاقتور ترين مافياز جي ڳچين ۾ ضرور هٿ وڌا آهن.ادارن ۾ ٿيندڙ زبردست ڪرپشن جي مجرمن کي جيڪر اڃا ڪا جوڳي سزا نه به آئي آهي تڏهن به ايترو ضرور ٿيو آهي ته ڪرپشن جون حيرتناڪ ڪهاڻيون دنيا ۽ عوام سامهون ضرور آيون آهن.پاڪستان جي ٻاويهه ڪروڙ آبادي جن مان اٽڪل اڌ ماڻهو غربت جي لڪير کان به هيٺ واري زندگي گذاري رهيا آهن اهي جڏهن ماچيس جو هڪ دٻي به خريد ڪن ٿا ته ان تي به ٽيڪس ڀرڻو پوي ٿو.غريب عوام جي خون پگھر سان گڏ ڪيل اها رقم جڏهن حڪومتي خزاني ۾ پهچي ٿي ته اتي ويٺل سياسي ٺڳ ۽ سندن سرڪاري منڊليون انهيء جي ونڊ ورڇ شروع ڪيو ڏين اهڙيء طرح گذريل ستر سالن کان ملڪ ۾ اهو ئي ڌنڌو ٿيندو رهيو آهي ۽ انهيء ئي طريقي سان انهيء اشرافيا ملڪ توڙي ٻاهرين ملڪن ۾ پنهنجون اڻ ڳڻيون اربن جون جائدادون جوڙيون آهن.پنهنجن نالن سان گڏوگڏ پنهنجن ٻارن جي لاء به انهن ايتري ته ناجائز دولت ۽ بينڪ بينلنس گڏ ڪيو آهي جو جيڪر اهي پوري زندگي بنان ڪجهه ٻيو ڪرڻ جي ان تي عياشي ڪندا رهن تڏهن به اهي خزانا ختم نه ٿي سگھندا.جڏهن ته عوام ستر سالن گذرڻ بعد به اڄ به گندو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهي.انهن نام نهاد سياستڪارن توڙي غير جمهوري حڪمرانن پوري نظام کي ئي ايترو ته ڪرپٽ بنائي ڇڏيو جو ايماندار،محب وطن ۽ ملڪ ۽ عوام جي خدمت جو جذبو رکندڙ ماڻهو حڪمرانن جي اکين جا ڪنڊا بڻجي ويا.ننڍن ننڍن نااهل عهديدارن کي ڳولهي ڳولهي وڏن ۽ اهم عهدن تي لڳايو ويو ته جيئن انهن کي پنهنجن سمورن ناجائز حڪمن تي هيٺ ليٽائي سگھجي. ميرٽ کان هٽي ڪري مقرريون ڪيون وييون.جڏهن چيف جسٽس ميان ثاقب نثار نشتر ميڊيڪل ڪاليج جي مقرريء وارو ڪيس ڏٺو ته هو اهو چوڻ تي مجبور ٿيو ته ڇا انسانن جي ڪاليج کي جانورن جو ڊاڪٽر هلائيندو؟اهو ته رڳو هڪ مثال آهي،پنجاب توڙي پوري ملڪ ۾ اهڙا انيڪ معاملا سامهون آيا جن جو چيف جسٽس نوٽس ورتو ان کان سواء پنجاب ۾ اڳوڻي وزير اعليٰ طرفان جوڙيل جعلي ڪمپنين کي به سامهون آيون جتي عوامي خدمت جي آڙ ۾ پنهنجا دادلا آفيسر وڏين وڏين پگھارن تي ويهاري عوام جا اربين روپيا هضم ڪري ڇڏيا ويا. ميرٽ کان هٽي ڪري مقرر ٿيل ۽ خادم اعليٰ جي خاص دوست احد چيما جا ڪيئي ڪارناما به عوام آڏو آيا جوعقل دنگ رهجيو وڃي.هڪ اهڙو سماج جتي ڪرپشن.بدديانتي،نااهلي،اقربا پروري،رشوت ۽ سفارش ماڻهن جي نس نس ۾ رچيل هجي اتي ڪنهن هڪڙي شخص کان اها اميد رکڻ ته اهو سڀ ڪجهه ٺيڪ ڪري ڇڏيندو ڪنهن چريي جي خواب سواء ٻيو ڪجهه به ناهي تنهن هوندي به هڪ ننڍڙي عرصي ۾ ميان ثاقب نثار چيف جسٽس آف پاڪستان جي حيثيت ۾ جيڪي خدمتون ۽ محنتون سرانجام ڏنيون آهن انهن کي ضرور ياد رکيو ويندو.
9 جنوري 2018ع تي قصور سان تعلق رکندڙ ڇهن سالن جي معصوم زينب کي جنسي ڏاڍائيء جو نشانو بنائڻ بعد کيس دردناڪ انداز ۾ قتل ڪيو ويو،حڪومت ان معاملي ۾ بهانا بازين کان ڪم وٺندي رهي .چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي پاڻمرادو نوٽس وٺڻ جي نتيجي ۾ تڪڙو انصاف مهيا ٿيو ۽ نون مهينن جي عرصي ۾ سمورو قانوني عمل مڪمل ٿيندي ڏوهاريء کي ڦاهيء تي لٽڪايو ويو.هڪ عيسائي عورت آسيا بيبي کي گذريل سال جي آخر ۾ انصاف پلئي پيو جڏهن هن کي توهين رسالت جي مبينا الزام هيٺ هڪ ڊگھي عرصي تائين جيل ڪاٽڻ بعد سپريم ڪورٽ طرفان باعزت بري ڪيو ويو.توڙي جو ملڪ جي ڪيترن ئي مذهبي طبقن طرفان سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي کي سخت تنقيد جو نشانو به بنايو ويو. سائوٿ وزيرستان سان تعلق رکندڙ 27 سالا ماڊل نوجوان نجيب الله محسود جو ڪيس اڃا اڌ ۾ ٽنگيل آهي.هن کي ڪراچيء ۾ 13 جنوري 2017ع تي هڪ مبينا پوليس مقابلي ۾ قتل ڪيو ويو هو.هن جي ڪٽنب ان وقت جي ملير جي ايس ايس پي رائو انور تي ڄاڻي واڻي نجيب کي قتل ڪرڻ جو الزام لڳايو.اڳوڻي وزير اععظم،سندس ڌيء ۽ سندس ناٺي پڻ گذريل سال آمدنيء کان وڌيڪ اثاثا رکڻ جي ڏوهه ۾قانون جي لوهي وڪڙ ۾ آيا.اڳوڻي وزير خزانا ۽ سندس ڪٽنب جي ڪيتري ئي جائيداد سندس عدالتن ۽ احتساب ادارن سامهون پيش نه ٿيڻ ڪري منجمند ڪئي ويئي .هڪ اڳوڻو صدر ۽ سندس ڀيڻ به ڪرپشن،مني لانڊرنگ ۽ جعلي اڪائونٽس جي الزامن هيٺ جاچ کي منهن ڏيئي رهيا آهن. اهڙيء طرح هڪ اڳوڻو وڏو وزير ڪرپشن ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال وارن الزامن هيٺ قيد ۾ آهي جڏهن ته سندس پٽن توڙي ناٺيء کي به ڪيترن ئي ڪيسن ۾ نامزد ڪيو ويو آهي.هڪ اڳُوڻو وفاقي وزير ۽ سندس ڀاء به ڪرپشن الزامن هيٺ گرفتار ٿي چڪا آهن ۽ کين هڪ ريئل اسٽيٽ اسڪيم ۾ مبينا گھپلن متعلق پڇا ڳاڇا ڪئي پيئي وڃي.انهي سموري صورتحال ۾ ملڪ ۾ عام چونڊون به پنهنجي وقت ٿي ٿي چڪيون آهن جنهنجو ڪريڊٽ به سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار کي ڏنو وڃي ٿو. جيڪر انهن سمورن  معاملن جو غور سان جائزو وٺجي ته انهن توڙي ٻين اهم عدالتي،قانوني ۽ جاچ معاملن ۾ چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جو ڪردار ڪٿي واضح ته ڪٿي هلڪو ضرور نظر اچي ٿو.هو هر وقت ۽ هر هنڌ موجود رهيوآهي.رائو انور کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سامهون پيش ٿيڻ لاء مڪمل سيڪيورٽيء جي ضمانت ڏيڻ کان زينب قتل ڪيس جو پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ تائين،آسيا بيبيء جي بريت کان اعليٰ حڪومتي ادارن ۾ ٿيندڙ ڪرپشن ۽ بدديانتيءخلاف قدم کڻڻ تائين،اليڪشن ڪميشن کي وقت سر شفاف چونڊون منعقد ڪرائڻ جي حڪمن کان سرڪاري زمينن تان ناجائز قبضا ختم ڪرائڻ تائين توڙي جو انهن حد دخلين جي خاتمي جي رستي ۾ ڪيترن ئي مسڪينن ۽ بي پهچن جا گھر ۽ دوڪان به اجڙي ويا.هن هڪ وڏي صوبي جي وڏي وزير کي به ڪنهن پوليس عملدار جي غير قانوني بدليء جي ڏوهه ۾ عدالت ۾ حاصري ڀرائي ورتي بلڪه وڏا وڏا  صحافي،ميديا هائوسز جا مالڪ،ڪنسٽرڪٽر ۽ بلڊر،بينڪار،صنعتڪار،سياستدان ۽ چوٽيء جا عملدار به سندس ڪورٽ اڳيان ڪيئي ڀيرا ڪنڌ نوائي ٻاهر نڪتا.هن بنان وقفي جي اسپتالن ۽ عوامي خدمت جي ادارن جا ايترا ته دورا ڪيا جو شايد ڪنهن ٻئي جي وس جي ڳالهه ئي نه هجي.هن اهو به ڏٺو ته اسپتالن ۾ عام مريضن سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو ۽ اهو به ڏٺو ته جيلن مان بيماريء جو ڊرامو ڪري جيڪا اشرافيا اسپتالن ۾ پناهه وٺي ٿي انهن سان ڪهڙيون ڪرم نوازيون ٿين ٿيون.هن ٻين ادارن سان گڏ پنهنجي ماتحت ڪورٽن جا به دورا ڪيا.پيئڻ جي پاڻيء جا فلٽر پلانٽ به پاڻ چڪاس ڪري ڏٺا.هن منرل ڪمپنين توڙي پرائيويٽ اسڪولن ۽ اسپتالن جي مافيا کي به عدالت آندو ۽ گھڻن جا دماغ درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.ملڪ ۾ پاڻيء جي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاء وڏن ڊيمن جي اڏاوت به سندس مشن ۾ شامل رهي جنهن معاملي ۾ هن جي حصي ۾ تعريف سان گڏ ڍير ساري مخالفت به آئي.بهرحال پنهنجو آئيني مدو پورو ڪري رٽائر ٿيندڙ چيف جسٽس ميان ثاقب نثار پاڪستان جي تاريخ ۾ ضرور ياد رکيو ويندو،تعريفي ۽ توصيفي حوالي سان به ته تڪراري  ۽ تنقيدي نڪته نگاه کان پڻ!
(روزاني هلال پاڪستان 17 جنوري 2019ع)
۔



Thursday, January 17, 2019

ان ”حيرت“ تي به حيرت ٿئي ٿي!



شفيق الرحمان شاڪر

ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان جي ”حيران “ وزير اعظم عمران خان جو هڪ ٽويٽري بيان سامهون آيو هو ته ”مون کي انهن ماڻهن تي حيرت ٿئي ٿي جيڪي پاناما ۽ جي آئي ٽي رپورٽ پڙهڻ بعد به چورن ۽ لٽيرن جي وڪالت ڪري رهيا آهن.“ ڳالهه ته عمران خان صاحب جي صحيح آهي پر کيس ڪير ٻڌائي ته اسان جو ملڪ ته آهي ئي حيرت جي جڳهه جتي قدم قدم تي حيرت ۾ وجھندڙ هڪ تماشو منتظر ۽ موجود رهي ٿو ۽ الف ليلوي داستانن جون ڪيئي ڪهاڻيون پکڙيل ملن ٿيون.اسان کي ته خود وزير اعظم جي ان ”حيرت“ تي حيرت ٿئي ٿي ته هن کي ڪهڙين ننڍين ننڍين ڳالهين تي ”حيرت“ ٿئي ٿي! ”خدا جي حاڪميت ۽ خلق خدا جي نائبيء“ جي نالي ۾ قائم ٿيل هن مملڪت خداداد ۾ خلق خدا سان جيڪي ڪلور ٿين ٿا انهن کي ڏسي ڪري ته رڳو خدا جي پناهه ئي گھري سگھجي ٿي. حيرت ته ان تي به ٿئي ته ماضيء ۾ وزير اعظم جنهن ”سونامي“ جي اچڻ جي بار بار خوشخبري ڏني هئي اها خير سان اچي به چڪي ۽ ان جون تباهه ڪاريون هاڻي ڇئني پاسين نظر به اچي رهيون آهن. گذريل چئن مهينن ۾ مهانگائيء ملڪي تاريخ جا سڀ ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا،اسٽاڪ مارڪيٽ ئي لڏي ويئي ۽ ڊالر 142 روپين جي اگھه کي ڇهي ويو جنهن سان هڪڙي ئي ڏينهن هڪ هزار ارب روپين جو نقصان ٿيو پر وزير اعظم ۽ سندس معاشي ٽيم وٽ ان مرض جو هڪڙو ئي آزمايل نسخو بحث هيٺ رهيو سو هو ”صبر،صبر ۽ صبر“.ظاهر آهي ته نئون پاڪستان ٺاهڻ لاء ڪجهه ته صبر ڪرڻو ئي پوندو.هونئن به چوندا آهن ته ”صبر جو ڦل ڏاڍو مٺو هوندو آهي“.
 حيرت ته ان تي به ٿئي ٿي ته تحريڪ انصاف جي اڪابرن جي چوڻ مطابق اپوزيشن اجايو نيب تي بي بنياد الزام ڌري رهي آهي جڏهن ته نيب کي جيڪا به ذميداري ڏني وڃي ٿي اها سهڻي نموني پوري ڪري ٿي.مطلب اهو ته پرويز مشرف نيب جوڙي قوم تي ”عظيم احسان“ ڪيو جنهن جي پهرين ذميداري مشرف مخالف ماڻهن کي ”سڌو ڪرڻ“ هئي.ان دور ۾ سوين سياستدانن خلاف نيب ڪيس جوڙيا ويا پر جڏهن اهي سڀ ”سڌا“ ٿي ويا ته پوء” نه رهيو بانس ۽ نه وڄي بانسري“.اهو به نيب جو ڪارنامو هو جوبتيون کڻي پيپلز پارٽيء مان ” پيٽرياٽ “ ڳولهي کين ”ڪنگز پارٽي“ جي غسلخاني ۾ وهنجاري ڌوئاري ” محب وطن“ ماڻهن جي صف ۾ ويهاريو ويو.جيڪي ”محب وطن “ اڄ به وقت جي هر ڪنگز پارٽيء جيان موجوده ”پاڪ پوتر“ حڪومت ۾ به پنهنجون عظيم خدمتون سر انجام ڏيئي رهيا آهن ۽ کين نيب في الحال سندن دال ۾ ڪو ”ڪالا “ وجھڻ جي نيت نٿي رکي.سو جيڪر حڪومت ۾ ويٺل سمورا ”ايماندار ۽ ديانتدار“ اڄ نيب جا ڳڻ ڳائي رهيا آهن ته اپوزيشن کي هروڀرو پيٽ ۾ وڪڙ ڇو ٿو اچي! حيرت ته ان ڳالهه تي به ٿئي ٿي ته جنهن کي اعليٰ ترين عدالت بد عنوان قرار ڏيئي چڪي آهي ۽ جنهن تي نيب جا ڪيترا ئي ڪيس به آهن اهو پنجاب ۾ تحريڪ انصاف جو ڪرتا ڌرتا ۽ سينئر صوبائي وزير بڻيل آهي.جنهن کي ڪڏهن وزير اعظم پنهنجو ”پٽيوالو“ رکڻ لاء تيار نه هو اهو ريلوي جو وفاقي وزير،جيڪو سڀني کان وڏو “چور ۽ ڌاڙيل“ سڏيو ويو سو پنجاب اسيمبليء جو اسپيڪر،جيڪو آصف زرداريء جو ترجمان هو سو هاڻي عمران خان جو ترجمان، جيڪوزرداري صاحب جو قانون جو وزير بڻيل هو اهو هاڻي عمران خان جو قانوني مشير بڻيل آهي. جنهن جماعت کي ڪپتان جي زبان مبارڪ دهشت گرد قرار ڏيندي نه ٿڪندي هئي ان جا ميمبر سندس ئي ڪابينا ۾ وزارتن جا مزا ماڻي رهيا آهن ۽ جيڪو ڪڏهن پيپلز پزرٽيء جو وزير خارجه هوندو اهو هاڻي موجوده حڪومت جو وزير خارجه بنيل آهي.اصل تحريڪ انصاف خبر ناهي ڪٿي رهجي ويئي هتي ته هاڻي رڳو ”ڀان متي“ وارو ڪٽنب ئي نظر اچي ٿو جيڪو تحريڪ انصاف جي “با برڪت“ گنگا “ ۾ شنان ڪري ”پوتر“ بڻجي چڪو آهي.
حيرت ان ڳالهه تي به ٿئي ٿي جو اسان جي پارلياماني سياست غير پارلياماني ۽ بازاري زبان سان سينگارجي پيئي آهي.جن غير پارلياماني لفظن جي شروعات ڪڏهن ڪپتان پاڻ ڪئي هئي پورو سياسي سٿ سندس سنت ۾ اهو ئي دڳ وٺي چڪو آهي.هاڻي ڇا حڪومت ته ڇا اپوزيشن،سڀ جا سڀ ان سياسي حمام ۾ هڪجهڙا. ...آهن.شيخ رشيد خورشيد شاهه جي باري ۾ فرمايو ته سکر جهڙي خوبصورت شهر ۾ هن جهڙو بد صورت انسان به رهي ٿو.ان غزل جي جواب ۾ لائلپور واري راڻي فرمايو ته پنڊيء جهڙي خوبصورت شهر ۾ شيخ رشيد جهڙو بد صورت به رهي ٿو.لال حويليء وارو بزرگ وري ڪٿي پويان رهڻ وارو هو.فرمايائين ته جڏهن راڻي ثناء الله جو نالو اچي ته مون کي اڳواٽ ٻڌائي ڇڏيندا ڪريو ته جيئن آئون پنهنجي نڪ تي رومال ويڙهي وٺان جو مون کي ان جي ذڪر سان ئي بدبوء اچڻ لڳي ٿي.ان کان پهرين راڻو ثناء الله  ۽ مشاهد الله خان شيخ رشيد کي        ” پنڊيء جو شيطان“ جڏهن ته فواد چوڌريء کي ”جهلم جو ڊبو“ جي شاندار لقبن سان نوازي چڪا آهن.ڳڙهي خدا بخش ۾ ”جيالن“ کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو حڪمرانن کي ” يزيد جو اولاد“ چئي مخاطب ڪيو جڏهن ته آصف زرداريء چيو ته ”لاڏلي“ جي ڦاٽل دهلن کي ٽي ويء تي سواء ”بڪواس“ ڪرڻ جي ٻيو ڪجهه نٿو اچي.جماعت اسلاميء جي امير سراج الحق پنهنجو ڏک هنن لفظن ۾ ظاهر ڪيو ته” اڻ وڻندڙ ۽ بد زبانيء وارو ڪلچر رياست کي بدبودار بنائي رهيو آهي.“ تحريڪ انصاف وارا چون ٿا ته ” چورن ۽ ڌاڙيلن“ کي چور ۽ ڌاڙيل نه چئون ته ٻيو ڇا چئون؟ جڏهن ته اپوزيشن جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف ۾ ”سليڪشن“ جو معيار ئي اهو آهي جو جيڪو جيترو وڌيڪ ”ڦوڪون هڻندڙ“ ۽ وڌيڪ ”بد زبان“ هوندواوتروئي وڏي عهدي جو حقدار ٿيندو.سندن چوڻ مطابق مراد سعيد کي ”اڌ وزير“ مان ”سڄو وزير“ رڳو ان ڪارڪردگيء جي بنياد تي بنايو ويو جو هو اسيمبليء جي هر اجلاس ۾ سياسي مخالفن جي ”عزت جا بکيا“ اڍيڙيندو رهي ٿو.
حيرت ته ان تي به ٿئي جو سپريم ڪورٽ جي نهايت ئي معزز پنجن ججن جي بينچ جنهن ڪيس ۾ ميان نواز شريف کي تاحيات نااهل قرار ڏنو هو انهيء ئي ڪيس ۾ احتساب عدالت کيس باعزت بري ڪري ڇڏيو آهي.وڌيڪ حيرت جي ڳالهه اها ته هڪڙي ڪيس ۾ عدالت پٽ کان پگھار نه وصول ڪرڻ جي ڏوهه ۾ تاحيات نااهل قرار ڏئي ٿي ته ٻئي ڪيس ۾ ٻي عدالت ٻئي پٽ کان پئسا وصول ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ست سال سخت پورهيي سان سزا ٻڌائي ٿي.بهرحال پاڻ قانون جا ماهر ناهيون، قانون دان ڄاڻن ۽ عدالتون ڄاڻن.پاڻ رڳو حيرت جو اظهار ئي ڪري سگھون ٿا.ايون فيلڊ ريفرنس ۾ هڪڙي عدالت جن کي جيل جي سيخن پويان موڪلي ڇڏيو هو هڪ ٻي عدالت انهن کي واپس ٻاهر به ڪڍي ڇڏيو هو.هاڻي العزيزيه ريفرنس ۾ به جيڪر تاريخ پنهنجو پاڻ کي ورجائي ٿي ته ڪنهن کي به حيرت نه ٿيڻ گھرجي!
(روزاني مهراڻ 16 جنوري 2018ع)

Monday, January 14, 2019

ڇاهلندڙ معاشي گھوٽالو حل ٿي سگھندو؟



شفيق الرحمان شاڪر
معيشت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته سال 2019ع پاڪستاني عوام ۽ خاص طور تي غريب ۽ وچولي طبقي لاء نهايت خراب گذرندو.گذريل ٽن سالن جي ڪمزور معاشي پاليسين سبب مالي خسارو گھڻو وڌي ويو آهي.امپورٽ ۾ واڌاري ۽ روانگيء ۾ گھٽتائيء سبب ملڪي معيشت تي پوندڙ مالي بار ۾ ڳڻتيء جوڳي حد تائين اضافي جون خبرون اچي رهيون هيون پر اسان جي تخت ڌڻين معيشت جي بهتريء لاء ڪي به هنگامي انتظام نه ڪيا.جيڪر ڏٺو وڃي ته موجوده حڪومتي دور ۾ به قرض ڏيندڙ جي من پسند شرطن تي ريڪارڊ قرض حاصل ڪيا ويا پر ملڪ جو مالياتي بحران گھٽجڻ بدران وڌندو ئي رهيو آهي.اها ڳالهه ڪنهن جي پيش نظر ئي ناهي رهي ته قرض معاشي بحران جي سختي گھٽائڻ جو سبب ته بڻجي سگھي ٿو پر ان کي ملڪ کي سامهون آيل معاشي مشڪلن جو ٺوس،مستقل ۽ مڪمل حل قرار ڏيئي نٿو سگھجي.پاڪستان جو هاڻوڪو معاشي بحران ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته مسلم ليگ نون جي حڪومت دوران معيشت جي مضبوط ٿيڻ جون سموريون دعوائون ڪوڙيون هيون۽ معيشت کي رڳو هٿرادو نموني سان سهارو ڏنو پئي ويو.جيئن ئي اهو سهارو ختم ٿيو معيشت جي اصليت کلي ڪري سانهون اچي ويئي.اسان وٽ اڪثر اهو ڏٺو ويو آهي ته حاصل ڪيل قرض يا ته ڪرپشن جو شڪار ٿي وڃي ٿو يا وري ان مقصد لاء استعمال نٿو ٿئي جنهن مقصد لاء اهو حاصل ڪيو وڃي ٿو.ٻيو اهو ته ٻاهرين قرضن جو وقتي سهارو وٺڻ بعد حڪومت کي گھربو هو ته اها نئين نموني سان رٿابندي ڪري ها ۽ انهن قرضن جي واپسيء لاء ڪي مناسب طريقا ڳولهي ها.پاڪستان ۾ هر اڀرندڙ سج نت نوان مسئلا کڻي اڀري ٿو جنهن سان عوام جي تڪليفن ۽ مصيبتن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ايندو ويندو آهي.بد امني،دهشتگردي،بي روزگاري، نا انصافي،ڪرپشن ۽ ٻين انيڪ مسئلن سان گڏ غربت ۾ اضافي هن ملڪ جي عوام جون ننڊون حرام ڪري رکيون آهن۽ ملڪ جي گڏيل طور تي آباديء ۾ غريب ماڻهن جي انگ ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو ٿيندو ٿو وڃي.حڪمرانن جي نا اهلين سبب پاڪستان معاشي طور تي بنگلاديش کان به پوئتي رهجي ويو آهي.ڪمزور مالياتي ادارن،اجائي حڪومتي مداخلت ۽ خرچن،حڪمرانن ۽ نوڪرشاهيء جي قومي خزاني مان ڦرلٽ،ٽيڪس چوري ۽ ڪرپشن سبب ملڪ جي معيشت بدحال ۽ غربت توڙي مهانگائيء ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي.غربت وڌڻ جو هڪ اهم سبب حڪومتن جون عوام دشمن ناڪام معاشي پاليسيون به آهن ڇو ته انهن پاليسين ذريعي سدائين طاقتور طبقن کي فائدو رسايو وڃي ٿوجنهن جا اثر سڌو سنئون غريب عوام تي پون ٿا.غريب عوام کي ڪوبه رليف نٿو ملي.طاقتور طبقا قومي دولت مان قرض حاصل ڪن ٿا ۽ بعد ۾ اهي قرض معاف ڪرايو ڇڏين جڏهن ته اقتدار تي ويٺل طبقو قومي خزاني مان دولت گڏ ڪرڻ جو ڪوبه موقعو هٿان وڃڻ نٿو ڏئي.غريب عوام کان گڏ ڪيل اهو ٽيڪس انهن اميرن جي عياشين ۽ اجائي پروٽوڪول تي خرچ ڪيو وڃي ٿو. انهن ئي ناجائز ۽ نا انصافيء تي ٻڌل حڪمرانن جي پاليسين سبب پاڪستان جي معيشت ڏينهون ڏينهن تباهه ٿي رهي آهي.عالمي بينڪ جي چوڻ مطابق پاڪستاني حڪومت هلندڙ سال جي جي ڊي پي ۾8.5 سيڪڙو اضافي جو حدف حاصل نه ڪري سگھندي.ملڪ ۾ وڌندڙ غربت جي حالت اها آهي جو عالمي شهرت يافتا سوشل ميڊيا تنظيم” ميڊيا ڊور“ پنهنجي هڪ تازي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ ڇهه ڪروڙ ماڻهو سخت غربت جو شڪار آهن،ڇهه ڪروڙ ماڻهن جي ماهوار آمدني رڳو چار هزار روپيا آهي ۽ هر سال ان انگ ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي ۽پنهنجون بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاء ماڻهن ۾ اوڌر وٺڻ جو لاڙو وڌيو آهي ۽ قرض نه ملڻ جي نتيجي ۾ سماج ۾ ڏوهن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.ملڪ ۾ غربت ۾ اضافي جو هڪ سبب پاڪستان جي اڌ قومي دولت تي قابض هڪ سيڪڙو اهو خاص طبقو آهي جيڪو قومي دولت سان عيش عشرت جي زندگي گذاري رهيو آهي جن جي مصيبت ملڪ جو نوانوي سيڪڙو عوام ڀوڳي رهيو آهي.موجوده حڪومت پنهنجي سو ڏينهن جي ڪارڪردگي ۽ ڪارناما ڳڻائيندي هنڀوڇيون ته هڻي رهي آهي پر اهو نٿي ٻڌائي ته جڏهن گروٿ جي شرح ۾ گھٽتائي ۽ مهانگائيء ۾ گھڻو اضافو ٿي چڪو آهي ته نوڪريون ڪٿان ملنديون؟روپئي جي قيمت ۾ تاريخي لاٿ سبب ڇهه سو ارب روپيا قرض وڌي ويا آهن.حڪومت وٽ نه معيشت کي سمجھڻ جي اهليت آهي نه ئي انهن چيلينجن جو احساس.انهن کي اڃا تائين اها به خبر نه پئجي سگھي آهي ته رولز آف بزنيس ڇا ٿيندا آهن؟پنجاهه لک گھرن جي اڏاوت لاء اٽڪل پنج کرب روپيا گھرجن سي ايندا ڪٿان؟ حڪومت ڪجهه به ٻڌائڻ لاء تيار ناهي.جيڪر معيشت بهتر نٿي ٿئي ته روزگار ڪيئن پيدا ٿيندو؟هوڏانهن وزيراعظم جو چوڻ آهي ته روپئي جي قيمت گھٽجڻ سان گھٻرايو نه.ڪجهه ڏينهن ۾ سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو.اسان وٽ آئيندي ڊالر جي کوٽ نه ٿيندي.سندس چوڻ مطابق سڀ کان وڏو مسئلو ڪرنٽ اڪائونٽ جو خسارو آهي.وزير اعظم جو چوڻ آهي ته اسان چين کان قرض جي بدران ٽيڪنالاجي جي منتقليء جو مطالبو ڪيو آهي ته جيئن ماڻهو هنرمند ٿين.سمنڊ پار پاڪستاني ملڪ ۾ سيڙپ ڪاري ڪرڻ جا خواهشمند آهن،هتي ٺهندڙ گاڏيون جيڪر ايڪسپورٽ ٿيون ته وڌيڪ ڊالر ملڪ ۾ ايندا.هن جو چوڻ آهي ته هر سال ڏهه ارب ڊالرن جي مني لانڊرنگ ٿي رهي آهي جنهن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون وغيره وغيره پر سوال وري به اهو آهي ته موجوده حڪومت ماضيء جي حڪمرانن جي ڪرپشن ڪهاڻين ۽ نااهلين جي داستانن ٻڌائڻ سواء ٻيا ڪهڙا عملي قدم هن وقت تائين کنيا آهن جن جي بنياد تي چئي سگھجي ته ايندڙ ڏينهن ۾ ملڪي معيشت پنهنجن پيرن تي بيهي رهندي.ڪرنٽ اڪائونٽ جو خسارو ته عالمي مالياتي ادارن کان قرض کڻي پورو ڪري سگھجي ٿو پر ان جي نتيجي ۾ جيڪي نوان ٽيڪس عوام تي مڙهبا ۽ غريبن کي مليل سبسڊي ختم ٿيندي،روزمرهه جي استعمال جي شين جا اگھه جي وڌيڪ چوٽ چڙهندا ۽ مهانگائيء جو جيڪو نئون طوفان اٿندو ان کي منهن ڏيڻ لاء حڪومت ڪهڙي حڪمت عملي جوڙي آهي؟ يا اهو چئي پنهنجي جان ڇڏائي ويندي ته گذريل حڪومتن جي ناقص معاشي پاليسين سبب موجوده حڪومت کي اهي سخت ۽ ڪڙا فيصلا ڪرڻا پئجي رهيا آهن.منهنجي خيال ۾ عوام هاڻي اهي قصا ڪهاڻيون بڌي ٻڌي ڪڪ ٿي پيو آهي.عوام هاڻوڪن حڪمرانن واتان مسئلن جا انبار نه پر انهن جو حل ٻڌڻ چاهي ٿوجيڪي پنهنجو اصل ۽ بنيادي ڪم يعني عوام کي ترت رليف ڏيڻ بدران هتان هتان جون ڳالهيون ڪري ۽ مخالفن تي تنقيدن جا تير وسائي عوام جو ڌيان اصل مسئلن تان هٽائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي نظر اچن ٿا.جيڪر اڃا به موجوده حڪمرانن معيشت جي ميدان ۾ پنهنجو پورو ڌيان کپائڻ ۽ ڪو مناسب حل ڳولهڻ جي ڪوشش نه ڪئي ته سندن ساک ته اڳ ئي داء تي لڳي چڪي آهي پر پوء شايد پنهنجي حڪمرانيء جو جواز به وڃائي ويهن.چوڻ وارا چئي سگھن ٿا ته اڃا ته موجوده حڪومت کي تمام گھٽ وقت ٿيو آهي ۽ سالن جا منجھيل معاشي مامرا ايترو ترت ڪيئن ٿا حل ٿي سگھن؟ ڳالهه صحيح آهي پر سوال اهو آهي ته ڇا حڪومت ان طرف ڪو اهڙو سنجيده قدم به کنيو آهي جيڪو اها اميد ڏياري سگھي ته معاملا ڪجهه عرصي ۾ درست ٿيڻ شروع ٿي ويندا؟


۔
(روزاني عوامي آواز 11 جنوري 2019ع)

Sunday, January 13, 2019

کل ڀوڳ ؛ چرين کي هر طرف چريا ئي نظر ايندا آهن!



شفيق الرحمان شاڪر

ڪڏهن ڪڏهن اسان مان گھڻن کي اهو محسوس ٿيڻ لڳندو آهي ته اسان جي آسپاس سڀ جا سڀ رڳو پاڳل ۽ چريا رهن ٿا.هر انسان تي ڪڏهن نه ڪڏهن هڪ اهڙي ڪيفيت طاري ٿئي ٿي جنهن ۾ هو پنهنجو پاڻ کي ئي عقل ڪل سمجهندي آسمانن تي اڏام ڪرڻ لڳي ٿو ۽ پنهنجي چوڌاريء رهندڙ سموري مخلوق کي جاهل ۽ بيوقوف سمجھڻ لڳندو آهي پر اها ڪيفيت جيڪر ڪنهن جي ذهن ۽ روين تي سدائينء لاء ڇانئيل رهي ته اها پاڻ ئي وڏي چرپڻ ليکي ويندي آهي.پر عام طور تي اها ڪيفيت عارضي ٿئي ٿي جو اها ڪيفيت ختم ٿيندي ئي اوچتو سڀ ڪجهه عام رواجي نظر اچڻ شروع ٿي ويندو آهي.
هن وقت ملڪ ۾ هڪ دفعو وري اقتدار جي ڪرسين تي نوان حڪمران ويٺل نظر اچي رهيا آهن، جيڪي ڪلهه تائين گھٽيون ماپي رهيا هئا سي اقتداري گھوڙي جا شهسوار بڻيل آهن ۽ جيڪي ڪجهه عرصو پهرين اقتداري ايوانن جي سونهن بڻيل هئا انهن مان ڪجهه ته جيلن جي لوهي سيخن پويان جڏهن ته باقي رهيل انتظار واري قطار ۾ بيٺل نظر اچن ٿا.پاڻ سواء ٻين سڀني کي پاڳل سمجھڻ واري اها ڪيفيت ڪن مٿان سوار ٿي رهي آهي ته ڪي وري پنهنجي نارمل ذهني ڪيفيت ڏانهن موٽي رهيا آهن.انسان جيڪي ڪجهه سوچي رهيو هوندو آهي،جيڪي ڪجهه تجربا ۽ تجزيا ڪندو رهندو آهي ۽ جيڪي منصوبا جوڙي رهيو هوندو آهي ڪڏهن ڪڏهن وقت جو سنگدل وهڪرو انهن سڀني شين کي اونڌو ڪري ويندو آهي ۽ نتيجا عمل يا سوچ جي بلڪل ابتڙ ايندا آهن.اها ئي انساني سچائي آهي ته انسان جي هر خواهش پوري نٿي ٿئي ۽ خواهش جيتري وڏي هوندي آهي انهيء جو موت ايترو ئي گھڻو دردناڪ هوندو آهي.انهيء ڪري ئي شايد غالب مرحوم کي اهو مڃڻو پئجي ويو هو ته انسان جي دلين ۾ خواهشن ۽ تمنائن جا جيڪي اڻ ڳڻيا انبار آهن انهن مان هر خواهش تي ساهه وڃڻ جو خطرو آهي.
چون ٿا ته ڪنهن زماني ۾ جانور به انسانن جيان ڳالهائيندا هئا سو شايد باندرن ۾ به شعر ۽ شاعري ٻڌڻ جو شوق هو ۽ باقائدي انهن جي وچ ۾به خوب مشاعرن جون محفلون ٿينديون هيون.شايد مشهور سائنسدان ”ڊارون“ به انهن ئي ڏينهن جي پيداوار هو جو جڏهن هن پنهنجي آسپاس باندرن کي ڳالهائيندي ڏٺو ته “باندرن مان انسان جي ارتقا“ جو اهو نظريو اسان جي مٿان ٿاڦي ويوته انسان پهريائين باندر هو. جڏهن ته گھڻن جو چوڻ آهي ته انسان پهرين به پاڳل هو ۽ هاڻي به پاڳل آهي.پهريان جهالت هٿان پاڳل بنيل هو ۽ هاڻي جديد سائنس کيس پاڳل بنائي ڇڏيو آهي.اهو به چيوويندو آهي ته ”چرين کي جي چريو چون ٿا سي چريا آهن پاڻ“.
پاڳلخاني جو دورو ڪندڙ ڪنهن ٽيم هڪ ڪمري ۾ ڏٺو ته هڪ نرس جيئن ئي ڪنهن پاڳل مريض کي انجيڪشن هڻڻ لاء اڳتي وڌي ٿي ته پاڳل وات مان فائرنگ جو آواز ڪڍڻ ۽ نرس طرف هٿ سان پستول جا اشارا ڪرڻ شروع ڪري ڏئي ٿو ۽ نرس ترت ئي مرڻ جي اداڪاري ڪندي هيٺ زمين تي ڪري پوي ٿي.وري جڏهن ٻيو ڀيرو کيس انجيڪشن هڻڻ لاء اڳتي وڌي ٿي ته ساڳيو سين ٿئي ٿو ۽ نرس مرڻ جي اداڪاري ڪرڻ لڳي ٿي.لاڳيتو اهو منظر ڏسي ٽيم جي هڪ ميمبر اڳتي وڌي نرس کان پڇيو ته اهو شخص ته آهي ئي پاڳل جيڪو اهڙيون اجايون حرڪتون ڪري رهيو آهي پر تون ته پاڳل ناهين جيڪا هر هر هن سان سر ۾ سر ملائي رهي آهين؟نرس چيو؛ جيڪر آئون مرڻ جي ايڪٽنگ نه ڪريان ته اهو شخص سمجھڻ لڳندو آهي ته سندس پستول خراب ٿي ويو آهي جنهن ڪري صحيح ڪم نٿو ڪري.پوء ته هي مون تي جوڊو ڪراٽي جا وار ڪرڻ لڳي ٿو.“
اسان جي ملڪ ۾ به لطيفن جون فيڪٽريون تمام گھڻيون آهن.چون ٿا ضياءالحق جي دور ۾ جڏهن موصوف جا ڪيترائي لطيفا ٺاهيا ويا ته هن فوجي آفيسرن جي ڊيوٽي لڳائي ته اهي ان ماڻهوء کي ڳولهين جيڪو هن جا لطيفا ٺاهي ٿو.ضياءالحق جي آفيسرن نيٺ ان ،ماڻهوء کي وڃي ڳولهي هٿ ڪيو.جنرل ضياء ان ماڻهوء کي چيو ته تون منهنجا لطيفا ٿو ٺاهين.توکي خبر ڪانهي ته آئون هن ملڪ جوسڀني وڌيڪ پاپولر ليڊر آهيان؟ ان شخص جواب ڏنو؛ لطيفا ته مون واقعي کوڙ ٺاهيا آهن پر هي لطيفو جيڪو تون پيو ٻڌائين اهو منهنجو هرگز ٺاهيل ناهي.ڪجهه ماڻهو پاڳلن کان وڌيڪ پاڳل هوندا آهن پر ماڻهو انهن جي گھڻي عزت ڪندا آهن ڇو ته انهن کي پاڳلپڻي جو سرٽيفڪيٽ مليل نه هوندو آهي.
آمريڪا جي هڪ پاڳل خاني ۾ نفسيات جا ٻه ماهر هڪ پاڳل جي دماغي حالت جو جائزو وٺڻ لاء کانئس سوال پڇي رهيا هئا ته آمريڪا جوپهريون صدر ڪير هو؟پاڳل جواب ڏنو؛ جارج واشنگٽن.ماهر نفسيات حيران ٿي ويو جو هن بلڪل صحيح جواب ڏنو هو.ٻيو سوال ڪيائين؛ ٻڌاء امريڪا جو ٻيو صدر ڪير هو؟ جواب مليو؛جان ايڊم.ماهر نفسيات جو وات حيرت وچان کليل ئي رهجي ويو.سندس ٻئي ساٿيء چيو ته هن پاڳل جي ذهني حالت ته بلڪل درست لڳي ٿي.اوهان هن کان آمريڪا جي ٽئين صدر جو نالو به پڇي وٺو.پهرئين ماهر پريشانيء وچان چيو؛ پر مون کي پاڻ ئي آمريڪا جي ٽئين صدر جو نالو نٿو اچي!
اهڙيء طرح جڏهن سالن جا سال پاڳل خاني ۾ زير علاج رهڻ بعد هڪڙي پاڳل کي سندس اطمينان بخش رويي سبب گھر موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته آخري چڪاس بعد ميڊيڪل آفيسر پاڳل کي ٻڌايو ته ميڊيڪل بورڊ کيس گھر موڪلڻ جو ارادو ڪيو آهي.ڇا تون اهو ٻڌائڻ پسند ڪندين ته گھر وڃي تون ڪهڙي طرح زندگي گذاريندين؟ پاڳل ڌيان سان ڊاڪٽر جي ڳالهه بڌي پوء سنجيدگي سان چوڻ لڳو؛ ڊاڪٽر صاحب! مون کي نارمل زندگي طرف موٽڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو.آئون ڪوشش ڪندس ته پنهنجن پوين غلطين کي نه ورجايان.اصل ۾ آئون هڪ ايٽمي سائنسدان هئس ۽ نهايت ئي گھڻا ڪيميائي ۽ ايٽمي هٿيار جوڙڻ ۽ ڏينهن رات ان ڪم ۾ محنت ڪرڻ ڪري آئون پاڳل خاني پهچي ويس.پر هاڻي آئون واپس وڃي پريڪٽيڪل هٿيار ٺاهڻ بدران رڳو ٿيوريء تي ڪم ڪندس جنهن سان اميد تي منهنجي ذهن تي ڪو دٻاء نه پوندو.ڊاڪٽر چيو؛ ڏاڍو سٺو. پاڳل چوڻ لڳو جيڪر ٿيوري واري ڪم کان مون کي ڪا ڪوفت ٿيڻ لڳي ته پوء آئون ايٽمڪ سائنس ۾ پي ايڇ ڊي ڪري وٺندس ۽ پڙهائڻ شروع ڪري ڏيندس.ڊاڪٽر چيو؛ اهو ته تمام سهڻو خيال آهي.پاڳل چوڻ لڳو ته جيڪر آئون اهي ٻئي ڪم نه ڪري سگھيس ته پوء گھر ويهي پنهنجي زندگيء جي تجربن تي سائنسي ڪتاب لکندس ته جيئن ايندڙ نسل اهي ڪتاب پڙهي لاڀ حاصل ڪري سگھي.ڊاڪٽر شاباس واري لهجي ۾ چيو؛ اهو ته نهايت ئي شاندار خيال آهي!.. پر ڊاڪٽر وڌيڪ ڪجهه چوي ان کان اڳ ئي هن ڊاڪٽر جي ڳالهه اڌ ۾ ڪپيندي چيو؛ ۽ ڊاڪٽر هڪ ڳالهه اها به ٻڌي ڇڏ ته جيڪر مٿين سمورن آپشنز مان جيڪر آئون ڪوبه آپشن اختيار ڪري نه سگھيس يا حالتن مون کي اهو ڪجهه ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ته پوء آئون واپس ريلوي اسٽيشن تي پان ۽ سگريٽن جو کوکو ٻيهر شروع ڪري وٺندس!
(روزاني سنڌ ڌرتي 11 جنوري 2019)

Saturday, January 12, 2019

ماضيء جو آئينو؛ يورپ پنهن جي اونداهين دور ۾.



شفيق الرحمان شاڪر
اڄ يورپ علم ۽ فن ۾ گھڻو اڳتر نڪري چڪو آهي.اتان جا ماڻهو معاشي طور تي خوشحال آهن.هزارين تعليمي ادارا اتي علم ۽ هنر جا موتي ونڊي رهيا آهن.ٽيڪنالاجيء جي ميدان ۾ پوري دنيا سندن محتاج آهي ۽ تاريخ جو وهڪرو سندن مرضيء سان پنهنجو رخ بدلائي ٿو.پر يورپ جي اها حالت شروع ۾ ايئن نه هئي.حقيقت اها آهي جو يورپ پنهنجي تاريخ ۾ جهالت جي انهن اوناهن دورن مان گذريو آهي جن سان ڪنهن ٻئي انساني سماج جو شايد واسطو نه پيو هجي.وچ وارو زمانو يورپ جي تاريخ جو اوناهون ترين زمانو آهي جنهن جي باري ۾ ”ڊاڪٽر ڊريپر“ لکي ٿو ته ان دور ۾ يورپ جو اڪثر حصو بيابانن،گھاٽن جهنگلن ۽ غير آباد علائقن تي ٻڌل هو.ڪٿي ڪٿي راهبن جون خانقاهون ۽ ننڍيون ننڍيون وسنديون آباد هيون.قدم قدم تي اونهيون ڌٻڻيون ۽ ڪنا تلاء هئا. چمنين،روشندانن ۽ درين جو نالو نشان نه هو.جيڪي امير ۽ آسودا هوندا هئا سي زمين تي گاهه وڇائي ۽ مينهن جي سڱ ۾ شراب وجھي پيئندا هئا.صفائيء جو ڪو انتظام نه هونه ئي گندي پاڻيء جي نيڪال لاء نالين وغيره جو ڪو بندوبست هو.گھٽين ۾ گندگين جا ڍير لڳل رهندا هئا.جيئن ته رستن تي بي حد ڪنو پاڻي بيٺل هوندو هو ۽ روشنيء جو به ڪو بندوبست نه هو ان ڪري جيڪو به ماڻهورات جو گھر کان ٻاهر نڪرندو هو اهو گندگيء ۾ لٽجي ويندو هو.رهائش جي تنگيء جي حالت اها هئي جو گھر جا سمورا ڀاتي پنهنجن جانورن سميت هڪ ئي ڪمري ۾ گذاريندا هئا.ماڻهو سالن تائين هڪڙو ئي لباس پهريندا هئا جنهن کي ڪڏهن ڌوئڻ جي به تڪليف نه ڪندا هئا.اهو نهايت ئي ميرو ۽ بدبودار ٿي ويندو هو.وهنجڻ ايڏو وڏو گناهه هو جو جڏهن پاپائي روم سسلي ۽ جرمنيء جي بادشاهه ”فريڊڪ ثاني“ تي ڪفر جي فتويٰ لڳائي ته الزامن جي فهرست ۾ اهو به لڳيل هو ته هو روزانو مسلمانن جيان غسل ڪري ٿو.بک ۽ بد حاليء جو عالم اهو جو عام ماڻهو ڀاڄيون،پن ۽ وڻن جي کل اٻاري کائيندا هئا.وچولي طبقي جا ماڻهو هفتي ۾ هڪ ڀيرو گوشت کائڻ کي عياشي سمجھندا هئا.1030ع جي ڏڪار دوران لنڊن جي بازارن ۾ انسانن جو گوشت به وڪبو هو.امير هوندا ئي ڪجهه هئا جن جو ڪم بدڪاري،شراب پيئڻ ۽ جوئا ڪرڻ هو.جاگيردارن جا قلعا ڌاڙيلن جا اڏا هئا جيڪي مسافرن تي حملو ڪندا هئا ۽ ڀنگ وٺي آزاد ڪرڻ لاء کين قيد ڪري رکندا هئا.پئسا وصول ڪرڻ لاء اهي مختلف طريقا اختيار ڪندا هئا.مثال؛ ماڻهوء جي پيرن جي آڱوٺن کي رسي سان ٻڌي  کيس ابتو ٽنگي ڇڏيندا هئا ۽ سندس جسم کي گرم سيخن سان ڏنڀيندا هئا يا وٽيل رسيء کي مثي سان ويڙهي پوري طاقت سان ڀڪوڙيندا هئا.يورپ ۾ روڊ رستا نه هئا.ٽرانسپورٽ جو مکيه ذريعو ڏاند گاڏيون،خچر ۽ گڏهه هوندا هئا.جھنگن ۽ جبلن ۾ اهڙا ڌاڙيل آباد هئا جيڪي ڌاڙيل هئڻ سان گڏوگڏ آدم خور به هئا.بيماريون ۽ وبائون عام هيون.رڳو ڏهين صديء ۾ ڏهه خطرناڪ ڏڪار ۽ تيرهن وبائون پکڙيون جن ۾ ماڻهو مکين وانگر مرندا رهيا.سندن پادري ٺڳي ۽ جعلسازيء ۾ ماهر هئا.پوپ جنت جون تڪيٽون ۽ گناهن جي اجازت ناما يا پرمٽون جاري ڪندو هو.عوام لاء وياج وٺڻ حرام هو پر پوپ جي بينڪ ماڻهن کي ڳري وياج تي قرض ڏيندي هئي.عوام قبر پرست ۽ مجسما جوڙيندڙ هو۽ وقت جا عالم ڪرامتن،ڪرشمن،رهبانيت ۽ روح جي طاقت جي اجاين بحثن ۾ ڦاٿل هئا.ايتري ڊگھي تاريخي عرصي ۾بڇڙائيء جي اهڙي گھڻائي ۽ چڱائيء جي کوٽ ٻئي ڪنهن به سماج ۾ نظر نه آئي آهي. انسانيت جي مان مرتبو انهن ماڻهن جي ويجھو ان درجي جو هو جو انسانن جون اکيون ڪڍڻ،زبانون ڪپڻ،کل اڍيڙن ۽ جيئرو جلائڻ رومين جون عام سزائون هيون.هڪڙي ڀيري جڏهن رومين روسين کي شڪست ڏني ته قيدين جا هٿ ڪپي انهن جا هار جوڙيا ويا ۽ انهن هارن سان قسطنطنيه جي ڀت سينگاري.هڪ موقعي تي جڏهن مسلمان فوجن کي شڪست ٿي ته رومين جنگي قيدين کي سمنڊ جي ڪناري ليٽائي انهن جي پيٽن ۾ لوهه جا وڏا وڏا ڪلا ٺوڪي ڇڏيا ته جيئن رهيل کهيل مسلمان جڏهن واپس جهازن تي اچن ته اهو منظر ڏسي سگھن.”قيصر باسل ٻئي“ بلغاريا تي سوڀ حاصل ڪئي ته پندرهن هزار جنگي قيدين جون اکيون ڪڍي ڇڏيون ۽ هر سو قيدين بعد هڪڙي قيديء جي هڪڙي اک رهڻ ڏني ته جيئن اهي انهن انڌن کي سندن گھرن تائين پهچائي سگھن.غلامن جو واپار عام هو.فرانس جي آزادي پسند عورت ”جون آف آرڪ“ انگريزن جي هٿ چڙهي ته کيس پوري بازار وچ ۾ جيئري ساڙيو ويو.علم ۽ عالم دشمنيء ۾ انهن جو ڪو مٽ نه هو.روما جي زوال بعد پاپائيت اقتدار ۾ اچي ويئي ۽ 1546ع تائين ڪاري اڇي جي مالڪ رهي. پوپ مذهبي ادب سواء علم جي سمورين صنفن جو دشمن هو ۽ جتي به ڪو عالم يا فلسفي سر کڻندو هو ان کي ڪچليو ويندو هو.ان دور ۾ اسڪول حڪم تحتب بند هئا.لکن جي انگ ۾ علمي ڪتاب ساڙيا ويا.ڪيترائي عالم ۽ فلسفي پوپ جي علم دشمنيء سبب قتل ٿيا ۽ يورپ تي هر طرف اونداهي ۽ جهالت ڇانئجي ويئي.يونان جي هڪ نينگريء ”هائي پيشا“ اسڪندريه مان فلسفي جي تعليم حاصل ڪئي ۽ ممتاز فلسفي بڻجي ويئي.اسڪندريه جي بشپ ”سائزل“ ان نينگريء کي ڪافر قرار ڏنو ۽ هڪ ڏينهن جڏهن هوء پڙهائڻ پنهنجي اسڪول وڃي رهي هئي ته سائيزل جي موڪليل ڪجهه سنگدل راهبن کيس پڪڙي ورتو.پهريائين کيس اگھاڙو ڪري بازار ۾ گهليو ويو پوء کيس گرجا ۾ وٺي ويا جتي هڪ تيز ڪٽر سان سندس جسم جي کل اڍيڙي،پٿر سان سندس مٿو ڦاڙيو،لاش جا ڳڀا ڳڀا ڪيا ۽ انهن کي باهه لڳائي ڇڏي.”گليلو“ اٽليء جو اهو مشهور سائنسدان جنهن دوربين ايجاد ڪئي هئي ان جڏهن ”ڪاپر نيڪي“ جي نظام شمسيء واري نظريي جي حمايت ڪئي ته پوپ کيس گرفتار ڪري مذهبي عدالت سامهون پيش ڪيو جتي هن خوف وچان توبه ڪري ورتي پر ڪجهه ئي عرصي بعد واپس پنهنجو ڪتاب” دنيا جو نظام“ شايع ڪيو ته کيس جيل ۾ وڌو ويو جتر هو ڏهن سالن تائين تمام سخت صعوبتون برداشت ڪرڻ بعد فوت ٿي ويو.يورپ وارن جي ”ڪتابن سان ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ“ جي تاريخ به نهايت پراڻي آهي.”بريفالٽ“ چوي ٿو ته انهيء دور ۾ راهبن جون علمي سرگرميون اهي هيون جو اهي يونان ۽ روما جا ڪتاب ساڙي انهن جي جڳهه تي عيسائي بزرگن جا داستان لکي ڇڏيندا هئا.جيئن ته تنهن زماني ۾ ڪاغذ اڻ لڀ هو جنهن جي بدران کل جي جھلي استعمال ٿيندي هئي جنهنجي قيمت گھڻي مهانگي هوندي هئي.ان ڪري اهي راهب جھليء تي لکيل ڪتاب کرڙي انهن تي پنهنجي مطلب کي لکت لکي وٺندا هئا. پاپائي اعظم ”گيگوري“ سائنس،تاريخ،ادب ۽ ٻين علمن جو دشمن هو ۽ مذهبي تعليم ۽ دعائن سواء ٻئي ڪنهن به علم کي برداشت نه ڪندو هو.هن رومي سياستدان ۽ خطيب ” سسرو“ ءُ تاريخ نويس ”ليوي“ جا سڀ ڪتاب تباهه ڪري ڇڏيا.هڪ فعي کيس خبر پهتي ته ”وي آنا“ جي لاٽ پادريء ڪنهن ادبي موضوع تي ڪو مقالو پڙهيو آهي ته ان کي لکيائين ته ”اسان کي خبر ملي آهي جنهن سان اسان کي شرم ٿو اچي ته تو ڪو ادبي مقالو پڙهيو آهي.مون کي اميد آهي ته تون مون کي ضرور لکندين ته توکي انهن فضول شين سام ڪو لڳاء نه آهي.“
انگلستان ۾ چوٿين صدي عيسويء ۾ راهبن جا ٽولا هرهنڌ هلندي نظر ايندا هئا.اهي جتي به ڪو ڪتاب يا آرٽ جو نمونو ڏسندا هئا ته انهيء کي ساڙي ڇڏيندا هئا.طرابلس ۾ ان دور جي هڪ عظيم لائبرري هئي جنهن ۾ ڪتابن جو انگ ٽيهه لک هو.هڪ دفعي جڏهن صليبي لشڪر اتي پهتو ته ان لائبرريء کي ساڙي ڇڏيائون.سمورا ڪتاب سڙي ويا جيڪي مسلمانن جي ڇهه سو سالن جي محنت جو نتيجو هئا.
(روزاني هلال پاڪستان 10 جنوري 2018ع)

Thursday, January 10, 2019

بکن کان مرندڙ معصوم ٻارن جي لاشن جا پاڇا!

شفيق الرحمان شاڪر
اوهان هيء تصوير ته ڪيئي ڀيرا ڏٺي هوندي پر شايد اوهان ان تصوير سان جڙيل هڪ عجيب غريب داستان کان واقف نه هجو.مارچ 1993ع ۾ ”ڪيون ڪارٽر“ اها تصوير ڇڪي هئي ۽ انهيء تصوير تي انعام به کٽيو هو.اها تصوير سوڊان ۾ ورتي ويئي هئي جڏهن اتي کاڌ خوراڪ جو سخت ڏڪار پيو هو ۽ گڏيل قومن پاران اتي کاڌي خوراڪ جا مرڪز قائم ڪيا ويا هئا.
فوٽو گرافر ڪيون ڪارٽر مطابق هو انهن خوراڪ مرڪزن جي فوٽوگرافي ڪرڻ وڃي رهيو هو جڏهن رستي ۾ ان ٻار کي ڏٺائين جيڪو کاڌي جي ڳولا ۾ انهن ئي خوراڪ مرڪزن طرف وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو پر بک،فاقن ۽ ڪمزوريء سبب ان جو اهو حال هو جو وٽانئس هڪڙي وک نٿي کڄي. نيٺ اهو ٻار ٿڪي ٽٽي ۽ بيوس بڻجي ڪري پيو ۽ سندس مٿو زمين سان اٽڪي پيو.تصوير ۾ پويان هڪڙي ڳجهه نظر اچي رهي آهي  جيڪا ان اوسيئڙي ۾ آهي ته ڪڏهن ٿو ان ٻار جي ساهه جو سڳو ٽٽي ۽ ڪڏهن ٿي هوء ان کي پنهنجو شڪار بنائي.بس ان منظر هن تصوير جي تاريخ کي ڳوڙهن سان ڀري ڇڏيو.ڪيون ڪارٽر اها تصوير نيويارڪ ٽائيمز سان وڪي ۽ نيو يارڪ ٽائيمز موجب جڏهن انهن اها تصوير شايع ڪئي ته هڪڙي ڏينهن ۾ ئي هنن سان هزارين ماڻهن رابطو ڪيو ۽ ان ٻار جو انجام معلوم ڪرڻ گھريو ته ڇا اهو ٻارمري ويو يا بچي ويو؟ پر نيويارڪ ٽائيمز وارا پاڻ ان جي انجام کان بي خبر هئا.
ڳالهه اتي ئي پوري نٿي ٿئي.فوٽو گرافر ڪيون ڪارٽر جنهن هي سمورو منظر ڪيميرا ۾ قيد ڪيو هو اهو ان تصوير بعد گھڻو اداس رهڻ لڳو هو۽ آخرنيٺ ڊپريشن جو مريض بڻجي ڪري رهجي ويو.آخر ان تصوير ۾ موجود درد ۽ ڪرب جي منظر ان فوٽوگرافر کي پنهنجي ئي جان وٺڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. ڪيون ٽيٽيهن سالن جي عمر ۾ آپگھات ڪري ڇڏيو.سندس آپگھات ڪرڻ وارو انداز به نهايت ئي نرالو هو.هو پنهنجي گھر جي آسپاس ان ميدان ۾ ويو جتي هو ننڍپڻ ۾ رانديون رهندو هو. هن پنهنجي ڪار جي سائلنسر ۾ هڪڙو ٽيوب فٽ ڪيو ۽ ان ٽيوب کي ڊرائيونگ سيٽ واري دريء کان اندر کڻي آيو.سمورا در ۽ دريون بند ڪري ڇڏيون ۽ گاڏي اسٽارٽ ڪري ڇڏي.گاڏيء جي سائلنسر مان نڪرندڙ دونهين ۾ ڪاربان مونو آڪسائيڊ ٿيندي آهي جيڪا جان وٺندڙ ٿئي ٿي.انهيء ڪاربان مونو آڪسائيڊ ڪيون جي جان وٺي ورتي.هن جيڪا لکت ڇڏي انهيء جو هڪڙو حصو هي به هو ته
” منهنجي مٿان درد،بک ۽ فاقن کان مرندڙ معصوم ٻارن جي لاشن جو پاڇو آهي.“
ڪجهه ماڻهن مطابق هن جي موت جو سبب سندس ضمير جي خلش هئي جيکا کيس ڏينهن رات سمهڻ نه ڏيندي هئي.جڏهن هن کي تصوير ڇڪڻ بعد انعام ڏنو ويو ته ڪيترين ئي سماجي تنظيمن سندس مٿان ڇتي تنقيد ڪئي ته هن تصوير ته بنائي ورتي پر هن ان بيوس ٻار کي بچائڻ لاء ڪوبه ڪردار ڇونه ادا ڪيو؟جيڪر هو چاهي ها ته ٻار جي زندگي بچائي سگھيو ٿي پر هن آخر ايئن ڇونه ڪيو؟ شايد هن وٽ ان سوال جو ڪو جواب نه هو.هن کي ان ٻار کان وڌيڪ پنهنجي فوٽوگرافيء واري پيشي سان پيار هو.بس،اهي ئي سوچون کيس سڄي رات ستائينديون رهيون ۽ سڪون جي ننڊ نه سمهي سگھيو. انهيء تصوير ئي کيس پوري دنيا ۾ مشهوري ڏني ۽ اها ئي تصوير سندس خودڪشيء جو سبب بڻي.
اڄ پوري دنيا جديد سائنس ۽ ٽيڪنالاجيء جي سمورين نعمتن ۽ سهوليتن هوندي به بي سڪوني، ڏڦير،جنگي جنون ۽ بدامنيء جي چادر ۾ ويڙهيل نظر اچي ٿي.دنيا جا وڏا وڏا ليڊر شديد مشڪلن ۽ مونجھارن ۾ ورتل آهن.سندن دلي سڪون ۽ ذهني اطمينان کسجي چڪو آهي.قدرتي آفتون ۽ زمينون مصيبتون به اچن ٿيون.خدا جي پوري زمين تي هرهنڌ رت جا داغ ئي داغ آهن پر وقت جي انهن طاقتور حڪمرانن شايد هڪ ڀيرو به اهو احساس نه ڪيو هجي ته ڪيون ڪارٽن جي لفظن موجب شايد انهن تي ۽ بحيثيت سماج اسان سڀني تي پڻ انهن معصوم ٻارڙن جي لاشن جا پاڇا ڪڙڪيل آهن جيڪي هن ترقي يافتا ۽ سڌريل دنيا جي سماجن سامهون مانيء ڳڀي جي آس ۾ تڙپي تڙپي هر روز ۽ هر هنڌ مرندا رهن ٿا ۽ حالتن جو سنگدل ڳجھون سندن ماسن کان خالي لاشن کي هر وقت ٽڪينديون , ڪپينديون  پٽينديون رهن ٿيون !
(روزاني عبرت 9 جنوري 2019ع)