Sunday, September 29, 2019

ڪنهن زلزلي جي انتظار ۾........!



شفيق الرحمان شاڪر
ڪنهن غير ملڪي سياح ڪنهن ڳوٺاڻي کان پڇيو؛ وقت ڪيئن ٿو گذري؟ ڳوٺاڻي وراڻيو؛وقت ڏاڍي مزي ۽ سڪون سان گذري رهيو آهي.مون کي وڻ وڍڻا هئا،ايتري ۾ زبردست طوفان آيو ۽ سمورا وڻ ڪري پيا ۽ ايئن آئون وڻن وڍڻ جي تڪليف ۽ محنت کان بچي ويس.سياح چوڻ لڳو؛ واه ادا واه! ڪهڙي نه سٺي قسمت اٿئي.ڳوٺاڻو چوڻ لڳو؛ اهو ته ڪجهه به ناهي،هڪ ڏينهن مون کي زمين مان گاهه گند ڪڍڻو هو،اوچتو کنوڻ ڪري ۽ سمورو گاهه گند سڙي ويو ۽ مون کي ڪجهه به تڪليف ۽ محنت نه ڪرڻي پيئي.سياح وڏي حيرت سان ڏيو؛ ڏاڍو سٺو، ڀلا هاڻي ڪهڙا ارادا آهن؟ ڳوٺاڻي چيو؛ هاڻي مون کي ٻنيء مان پٽاٽا ڪڍڻا آهن،ان لاء زمين کوٽڻي پوي ٿي،انهيء ڪري هاڻي آئون شدت سان زلزلي جو انتظار ڪري رهيو آهيان ته جيئن بنان ڪنهن محنت جي سڀ پٽاٽا پاڻهي ٻاهر اچي وڃن،
پي ٽي آئي جي حڪومت به ان ڳوٺاڻي جيان زمين مان پٽاٽا ڪڍڻ لاء ڪنهن زلزلي جو انتظار ڪري رهي آهي.عمران خان جي شخصيت نوجوانن خاص طور تي ۽ قوم لاء اميد جو آخري ڪرڻو هئي.قوم جو خيال هو ته حقيقي تبديلي ايندي ۽ عمران خان جيڪي خواب ڏيکاريا آهن انهن جي تعبير سان قوم جي قسمت بدلبي پر هاڻي ته سال سوا سال ۾ هر طرف مايوسي پکڙجي رهي آهي.جڏهن ڪٿي حڪومت جي ڪارڪردگيء تي بحث ٿئي ٿو ته ڪجهه صاحب فرمائڻ لڳن ٿا ته عمران خان ڪرپٽ ناهي،هو ديانتدار ۽ ايماندار آهي وغيره وغيره.سامهون جواب ڏيندڙ چوڻ لڳن ٿا ته باهه لڳي اهڙي ايمانداريء کي! ايماندار ته اسان جي مسجد جو پيش امام فضل الدين به آهي ته پوء ان کي ئي وزير اعظم ڇونه بنايو وڃي؟اصل ڳالهه ته ليڊرشپ جي هوندي آهي.عمران خان ۾ ليڊرن واري ڪا هڪڙي خوبي به ناهي.هو ته پنهنجي ٽيم کي قابو ڪري نٿو سگھي.ڪرڪيٽ ٽيم ۾ ڪجهه رانديگرن کي کيڏائڻ ٻي ڳالهه آهي ۽ ملڪ هلائڻ هڪ بلڪل ئي الڳ ڳالهه آهي.ٻيو نه ته ليڊر جي شخصيت ۾ ايتري ته صلاحيت هجي جو هن جي پنهنجي جماعت ۽ ٽيم سندس قابوء ۾ هجي.هن صاحب کي ته حڪومتي معاملن جي خبر ئي نهايت دير سان ٿي پوي،هو اهو اعتراف پاڻ به ڪري ٿو ۽ حيران به ٿئي ٿو ته هي سڀ ڪجهه ڪيئن ٿي ويو؟پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن جي پگھارن جو معاملو هجي يا ڪجهه بااثر ماڻهن جو قرض معاف ڪرائڻ وارو مسئلو،عمران خان کي هر ڳالهه جي خبر ڪجهه ڏينهن کان پوء پوي ٿي.هو ڪهڙو وزير اعظم آهي جيڪو اڃا تائين پنهنجي اطلاعاتي ٽيم به ڪنهن ڍنگ جي ناهي ٺاهي سگھيو.شروع ۾ چوڌري فواد ۽ فياض چوهاڻ گھٽ ۾ گھٽ اپوزيشن جي ڳالهين جو جواب سٺو ڏيندا هئا * پي ٽي آئي جو بچاء ڪندا رهندا هئا.هاڻي ته وزير معاون اطلاعات کان مشير خزانه تائين ڪوبه سندس پارٽيء جو ناهي.عمران خان سالن تائين اسد عمر جي خوبين ۽ صلاحتين جا ڳڻ ڳائيندو رهيو ۽ ڪجهه مهينن بعد ئي کيس وزارت کان ئي الڳ ڪري ڇڏيو.آئي ايم ايف جا سخط شرط مڃيندي قرض به ورتو ۽ دوست ملڪن کان اربن روپين جي امداد حاصل ڪرڻ باوجود به حالتون جيئن جو تيئن آهن.وزارتن ۽ ادارن جون رڳو پگھارون نڪري رهيون آهن.تيل جون قيمتون عالمي منڊيء ۾ گھٽجڻ باوجود اسان وٽ وڌيون آهن جو عام ماڻهو رڙيون ڪري اٿيو آهي.مهنگائي ۽ بي روزگاريء ۾ سو سيڪڙو اضافو ٿي ويو آهي.ڪيترن ئي اهم سرڪاري ادارن ۾ مقرريون ئي نه ٿي سگھيون آهن.علمي،ادبي ۽ ثقافتي ادارن ۾ اهي ئي پراڻا ماڻهو ويٺل آهن.بيورو ڪريسي حڪومت جي ڪنٽرول ۾ ناهي،پنجاب ۾ پوليس جي ظلمن ۽ ستمن جا داستان سوشل ميڊيا تي ڏسي سگھجن ٿا.هاڻي حڪومت ٿاڻن ۾ موبائيل جي داخلا بند ڪري ڇڏي آهي ته جيئن ٿاڻن ۾ ٿيندڙ تشدد ۽ زيادتين جي وڊيو جوڙي نه سگھجي.تازو پنجاب جي وزير اعليٰ جي مشير شهباز گل کان استعفا ورتي ويئي آهي.ڪنهن کي ڪا خبر ناهي ته صاحب ڪير آهي ۽ ڪٿان آيو هو.ڪمزور وڏو وزير لڳائڻ سبب عوام شهباز گل کي وزير اعليٰ سمجھڻ لڳو هو.ماڻهو پڇي ته جيڪر يوٽرن وٺڻ سٺو ڪم آهي ته پوء پنجاب جي لاء به ڪيل بيوقوفاڻي فيصلي تي به يو ٽرن وٺندي اتي ڪا اهڙي شخصيت وڏي وزير طور لڳائي وڃي ها جيڪا ماڻهن کي ڪجهه ڊکيور ڪري ها پر هو وسيم اڪرم پلس وزير اعليٰ جي معاملي ۾ ڄميو بيٺو آهي.جيڪڏهن وزير اعليٰ ٻه لفظ ڍنگ سان ڳالهائي به نه سگھندو هجي ته پنجاب جي چالاڪ ۽ شاطر بيوروڪريسي ڪٿي ٿي سندس قابوء ۾ اچي سگھي؟بس هڪ تماشو لڳو پيو آهي،ان کان ته بهتر هو ته چوڌري پرويز الاهي کي ئي وزير اعليٰ بنائي ڇڏيو وڃي ها.اڳ به ته ڪيئي وزير ۽ مشير قاف ليگ ۽ مشرف جي دور جا لڳا پيا آهن.
وزير اعظم قومي نشرياتي رابطي تي مقرر وقت پنهنجي تقرير ته نشر ڪرائي نٿو سگھي،رڳو اوهان جي قناعت پسندي ۽ ديانتداري ڪهڙي ڪم جي؟جڏهن ته اوهان جا سمورا ساٿي اهي ئي روايتي ماڻهو آهن جيڪي پئسو ٺاهڻ،عيش آرام ۽ طاقت ۽ اختيارن جي لاء اقتدار ۾ آيا آهن.اوهان اڪيلي ڇا ڪري سگھندا؟قوم کي اميد هئي اوهان جي تقريرن ۽ وعدن مان جيڪي اوهان ڪندا هئا.اوهين ته چوندا هئا ته پي ٽي آئي جي حڪومت ايندي ئي پوري دنيا مان قابل ۽ ڄاڻو ماڻهو اچي اوهان جي مدد ڪندا،ڊالرن جي برسات ٿيندي ۽ هر نظام درست ٿي ويندو.اوهان اڳوڻن حڪمرانن ۽ سندن عزيزن کي جيل ۾ وجھي به ڪجهه وصول ناهي ڪيو.پنجاب ته پوليس اسٽيٽ بڻجي چڪو آهي جو مٿان ڪو ڪو والي وارث يا پڇا ڳاڇا ڪرڻ وارو ڪوئي ناهي.ساهيوال ڪيس پراڻو ٿي ويو،صلاح الدين ڪيس به ماضيء جو قصو بڻجي ويندو.اوهان هيستائين قوم کي ڪهڙو انصاف ڏياريو آهي؟اهي بهاني بازيون ڪيستائين هلنديون.مهنگائيء ماڻهن جو حشر نشر ڪري ڇڏيو آهي،ڪرپٽ ماڻهو آزاد گھمي رهيا آهن بلڪه اوهان جي ڪابينا ۾ به ويٺا آهن.هاڻي تقريرون ڪرڻ ڇڏيو ڪجهه ڊليور ڪري ڏيکاريو جيڪر اوهان ۾ ڪجهه ڊليور ڪرڻ جي صلاحيت آهي!زمين مان پٽاٽا ڪڍڻ لاء ڪنهن زلزلي جو انتظار نه ڪريو!
(روزاني هلال پاڪستان 25 سيپٽيمبر 2019ع)

Thursday, September 26, 2019

ماضيء جو آئينو ؛ قطب الدين ايبڪ جو مقبرو.




شفيق الرحمان شاڪر
انارڪلي بازار لاهور کان هڪ سڙڪ ميو اسپتال طرف وڃي ٿي ان کي ايبڪ روڊ سڏيو وڃي ٿو.ان ننڍڙي سڙڪ تي هڪ تمام وڏو ۽ هندستان جو پهريون مسلمان بادشاهه قطب الدين ايبڪ دفن آهي. قطب الدين ايبڪ هڪ ترڪ غلام هو.نيشاپور جي قاضي فخرالدين ان کي ترڪستان جي هڪ واپاريء کان خريد ڪيو ۽ غزنيء وٺي ويو.سلطان شهاب الدين غوري جي دانش ڀريل نگاهن قطب الدين ايبڪ جي صلاحيتن کي پرکي ورتو ۽ ايبڪ کي خريد ڪري سندس تعليم ۽ تربيت جو بندوبست ڪيو.قطب الدين ايبڪ ننڍي عمر ۾ ئي قرآن مجيد حفظ ڪري ورتو ۽ عربي توڙي فارسي علمن تي عبور حاصل ڪري ورتو.ان کان سواء هن جنگي ڪمالن تي به عبور حاصل ڪيو.آهستي آهستي هن جي صلاحيتن ۽ فن جي ڪمال جو ڏونڪو وڄڻ لڳو.هو هر معرڪي ۾ سلطان شهاب الدين غوريء سان گڏ هوندو هو ۽ پنهنجي بهادري،شجاعت ۽ ذهانت جا جوهر ڏيکاريندو هو.وقت سان گڏوگڏ سندس صلاحيتن تي بادشاهه جو اعتماد وڌندو ويو ۽ هو سندس ذميدارين ۽ مرتبي ۾ اضافو ڪندو ويو.قطب الدين ايبڪ هر موقعي تي بادشاهه جي اعتماد تي پورو لهندو رهيو.ان ڪري سلطان شهاب الدين غوري کيس هندستان ۾ پنهنجو نائب مقرر ڪيو ۽ پنهنجي اڪيلي نياڻيء جي شادي به هن سان ڪري ڇڏي.شهاب الدين غوريء جي وفات بعد جڏهن سندس ڀائيٽو تخت تي ويٺو ته هن قطب الدين ايبڪ کي هندستان جي حڪومت حوالي ڪري ڇڏي.قطب الدين ايبڪ جي شجاعت ۽ سخاوت جا داستان هر طرف پکڙجي چڪا هئا.ماڻهو هن سان محبت ڪندا هئا.لاهور شهر جي رهواسين هن جي اچڻ جي خبر ٻڌي ته منجھن خوشيء جي لهر ڊوڙي ويئي.25 جون 1206ع تي جڏهن هو لاهور آيو ته ايندڙ ڏينهن تي سندس تاج پوشيء جو جشن ملهايو ويو. سندس عوامي ۽ سماجي ڀلائيء جي ڪمن سبب عوام ۾ هن جي مقبوليت وڌندي ويئي.هو پنهنجي رعايا تي ايترو مهربان هو جو پيار ۽ عقيدت وچان ماڻهو هن کي ”لک بخش“ يا ” لک داتا“ چوندا هئا.هو سخاوت ڪرڻ جي معاملي ۾ مسلم ۽ غير مسلم جو فرق نه ڪندو هو.سندس سخاوت جي برسات سموري رعايا تي بنان فرق جي ٿيندي هئي.هڪ دفعي سندس درٻار ۾ تمام گھڻي مال ملڪيت آندي ويئي ته هن ترت ئي اها عوام ۾ ورهائي ڇڏي.اڄ جنهن جڳهه تي قطب الدين ايبڪ جو مقبرو آهي اتي سندس ڪشادو محل هوندو هو تڏهن کان ان علائقي جو نالو محله قطب غوري مشهور آهي.محل ايترو ته ڪشادو ۽ شاندار هو جو قطب الدين ايبڪ محل ۾ چوگان يعني پولو کيڏندو هو.هو ان راند جو گھڻو شوقين هو.اها ئي راند سندس موت جو سبب بڻي.1210ع ۾ جڏهن هو پنهنجي محل ۾ پولو کيڏي رهيو ته گھوڙي تان ڪري پيو ۽ پنهنجي مالڪ حقيقيء سان وڃي مليو.چيو وڃي ٿو ته گھوڙي تان ڪرڻ مهل لوهه جي زين سندس ڇاتيء ۾ چڀي ويئي هئي جنهن سبب سندس موت ٿيو.ايئن هندستان تي چئن سالن تائين مثالي حڪومت ڪرڻ بعد هو سندس محل ۾ ئي دفن ڪيو ويو.سلطان شمس الدين التمش جڏهن 1215ع ۾ لاهور آيو ته هو قطب الدين ايبڪ جي مزار تي حاضر ٿيو،فاتحه خواني ڪيائين ۽ اتي هڪ شاندار مقبرو اڏڻ جو حڪم ڏنائين.
ان وسيع ۽ خوبصورت مقبري جي اڏاوت تي تمام گھڻي رقم خرچ ٿي.ماڻهو بادشاهه سان ايتري قدر محبت ڪندا هئا جو هر سال 14 رجب تي بادشاهه جو عرس ملهايو ويندو هو.تاريخي شاهدين مان خبر پوي ٿي ته عظيم ۽ هر دلعزيز بادشاهه قطب الدين ايبڪ جي شايان شان سندس مقبري جي تعمير ڪئي ويئي هئي پر مغليه دور ۾ شهر وڌندو ويو ته مقبرو ۽ باغ اجڙڻ لڳا. مسلمانن جي زوال بعد ٻين تاريخي عمارتن جيان اهو مقبرو به زماني جي ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿيو.رنجيت سنگهه جي دور ۾ به ان مقبري کي گھڻو نقصان پهتو. مقبري مان قيمتي پٿر ۽ ٻيو سامان لٽيو ويو ۽ مقبري کي رحم جوڳي حالت ۾ ڇڏيو ويو.انگريزن جي دور ۾ مقبري جي آسپاس آبادي وڌڻ لڳي.محل جو نالو نشان مٽجڻ لڳو البت مقبري جو دروازو ۽ قبر موجود رهي.انگريزن قبر جي مرمت ڪرائي جڏهن ته ميونسيپل ڪميٽي بازار ۽ گھٽيء جو نالو ايبڪ روڊ رکي ان نالي کي مٽجڻ کان بچائي ورتو نه ته شايد بادشاهه جي نالو ۽ قبر جو هنڌ ئي ڀلجي وڃن ها.انگريزن جيئن ته مسلمانن ۾ سندن بادشاهن جي حوالي سان احساس ڪمتريء جي ڪيفيت قائم رکڻ گھري ٿي ان ڪري مسلمانن جي مطالبي تي مقبري کي آثار قديمه واري کاتي جي حوالي ڪري ته ڇڏيو پر ان جي تحفظ لاء ڪي اهڙا قدم نه کنيا جيڪي ضروري هئا.نومبر 1953ع ۾ حڪومت پاڪستان ان طرف ڌيان ڏنو ۽ مقبري جي نئين سر تعمير لاء آثار قديمه جي کاتي مقبري جي آسپاس جي گھرن سميت اڍائي ايڪڙ ايراضي خريد ڪئي.1968ع ۾ مقبري جي نئين سر اڏاوت جو ڪم شروع ٿيو پر ملڪي حالتن جي پيش نظر دير جو شڪار ٿيندو رهيو.آخر جولائي 1979ع ۾ ان جي تعمير مڪمل ڪئي ويئي.مقبري جي اڏاوت تي 921560 روپيا خرچ آيو.مقبري جي تعمير سنگ مرمر ۽ پيلي پٿر سان ڪئي ويئي آهي.ڪوشس ڪئي ويئي ته ان کي انهيء ئي انداز سان تعمير ڪيو وڃي جيڪو انداز تعمير ان دور ۾ مسلمانن جو هو.مقبرو چورس آهي.چئني طرفن سنگ مرمر جون جاليون لڳل آهن.فرش ۽ ديوارون به سنگ مرمر جون آهن.مقبري جو گنبذ نرالي انداز جو آهي جنهن جي وچ ۾ فانوس لڳل آهي.مقبري جي پيشانيء تي قرآني آيتون لکيل آهن.ناليواري خطاط حافظ يوسف سديدي خطاطيء جي فن جو اهڙو مظاهرو ڪيو جو ڏسڻ وارا حيرت ۾ پئجيو وڃن.خطاطيء جو نمونو به ايبڪ دور وارو اختيار ڪيو ويو آهي.6 اپريل 1981ع تي نئين تعمير ٿيل مقبري جو افتتاح ڪيو ويو. مقبري جي اڱڻ ۾ هڪ ننڍڙو باغيچو آهي.چار ديواريء تي قطب مينار ٺاهيا ويا آهن جيڪي دهليء ۾ قطب الدين ايبڪ جي تعمير ڪيل قطب مينار جي ياد ڏيارين ٿا.انار ڪليء ۾ خريداريء لاء ايندڙ ۽ غير ملڪي سياح مقبرو ڏسڻ ضرور ايندا آهن.قطب الدين ايبڪ جو نالو سندس عدل،انصاف، بهادري، شجاعت،سخاوت ۽ خدا ترسيء سبب سدائين تاريخ ۾ ياد رهندو.

(روزاني سرواڻ)

”رياست مدينه“ جون دعوائون ڪرڻ ڇڏي ڏيو!



شفيق الرحمان شاڪر
سعادت حسن منٽو کان ڪنهن پڇيو اوهان جي ملڪ جو ڇا حال آهي؟ چوڻ لڳو؛ بلڪل اهو ئي جهڙو جيل ۾ ٿيندڙ جمع جي نماز جو هوندو آهي.ڪو فراڊي اذان ڏيندو آهي،قاتل نماز جي امامت ڪرائيندو آهي ۽ نمازي سڀ جا سڀ چور هوندا آهن.منٽو ذهين ماڻهو هو جنهن اهڙِي سچي ڳالهه نهايت ئي خوبصورت انداز ۾ بيان ڪري ورتي.امام غزالي رحه فرمائين ٿا ته شزصيت پرستي بت پرستيء کان وڌيڪ خطرناڪ ٿيندي آهي ڇو ته بت جو دماغ نٿو ٿئي جيڪو خراب ٿي پوي پر جڏهن اوهان انسان جي پوڄا ڪرڻ لڳي وڃو ته اهو فرعون بڻجي وڃي ٿو.الله تعاليٰ به ڪنهن قوم جي حالت تيستائين نٿو بدلائي جيستائين انهيء قوم ۾ پنهنجي حالت بدلائڻ جو پاڻ احساس نه هجي. هن وقت هر ماڻهو مهنگائي،غربت،بيروزگاري،ظلم،ناانصافي ۽ جبر جو ماتم ڪري رهيو آهي ۽ حڪمرانن کي پٽون پاراتا ڏيئي رهيو آهي جڏهن ته جهڙا روح هوندا آهن اهڙا ئي ختما هوندا آهن.ڪڏهن اسان اهو سوچڻ جي جسارت ڪئي آهي ته رڳو آڱرين تي ڳڻڻ جهڙا چند ماڻهوسالن کان اسان تي مسلط ڇو آهن؟اسان نسل در نسل غلام ڇو آهيون جڏهن ته اسان جي مائرن ته اسان کي آزاد ڄڻيو هو.اهو احساس رڳو زنده قومن کي ئي ٿيندو آهي،مئل هجوم کي نه.تاريخ جي شاگردن کي چڱيء طرح ڄاڻ آهي ته تيونس،مصر ۽ فرانس جي هٿين خالي باهمت عام ماڻهن ڪهڙيء ريت صدين کان قائم ظالماڻي نظام کي پاڙان پٽي ڦٽو ڪيو ۽ اتي پنهنجي حڪمراني قائم ڪئي. شخصيت پرستيء جو ته حال اهو آهي جو اسان قوم جوي چورن،ڦورن ۽ رهزنن کي پنهنجو رهبر مڃون ٿا ۽ انهن جي شان ۾ قصيدا پڙهون ٿا.وزير اعظم عمران خان پاڪستان کي ”رياست مدينه“ بنائڻ جو ڍنڍورو ڏنوپر شايد رياست مدينه جو مطالعو ڪرڻ وساري ڇڏيو.دنيا جي تاريخ ۾ ڪنهن به رياست جو قيام ٿوري يا گھڻي قوت استعمال ڪرڻ سواء ممڪن ناهي رهيو.پر اها تاريخ جي ڪيڏي وڏي حقيقت آهي جو جناب رسول الله صلي الله عليه وسلم جن بلڪل اوپري ماحول ۾ هڪ ٻئي سان متضاد ۽ منتشر عنصرن جي تعاون سان نه رڳو رياست بلڪه هڪ نظرياتي فلاحي رياست جو قيام عمل ۾ آندو.۽ خاص ڳالهه اها جو پاڻ ان تعاون کي ڪنهن طاقت،تشدد يا جبر جي بنياد تي نه پر رڳو هڪ معاهدي هيٺ حاصل ڪيو هو.رياست مدينه پنهنجي وجود ۽ قيام کي پوريء طرح ثابت ڪيو ته اها دنيا جي هر مخالفت ۽ منفي سازشن جو ڀرپور مقابلو ڪري پنهنجي سالميت ۽ خود مختياري جي پوريء طرح حفاظت ڪري سگھي ٿي.رسول رحمت صلي الله عليه وسلم جن رياست جو بنياد ئي عدل ۽ انصاف تي رکيو.پاڻ ڪڏهن به انهن فرضن ۽ ذميدارين ادا ڪرڻ ۾ ذري جي به ڪوتاهي نه ڪئي جيڪي هڪ حڪمران جي حيثيت ۾ مٿن عائد ٿيون ٿي.پاڻ هڪ رياست لاء جيڪي سونهري ۽ عظيم اصول بنايائون انهن جو مثال دنيا جي تاريخ ۾ نظر نٿو اچي.اسلام جي نزديڪ رياست جي ذميداري آهي ته اها ڏسي ته قانون کي ڪٿي رسو ته نه پيو وڌو وڃي.رسول ڪريم صه جن جو فرمان آهي ته ” امام (حڪمران) نگران آهي ۽ هن کان سندس رعيت جي باري ۾ سوال ڪيو ويندو.“مطلب ته جهڙيء طرح هڪ ڌنار پنهنجي ڌڻ جو ذميدار ۽ نگران هوندو آهي اهڙيء طرح حڪمران به پنهنجي عوام جو ذميدار ۽ نگهبان هوندو آهي.ام جي حيثيت ڪنهن مطلق العنان يا جابر بادشاه واري نه پر ڪنهن ڌنار واري ٿئي ٿي جيڪو اهو ڏسندو رهي ٿو ته ڪٿي ڪنهن تي ظلم ته نه پيو ٿئي.ڪنهن سان ڪا نا انصافي ته نه پيئي ٿئي.رياست جو فرض آهي ته اها هر وقت اها نگراني ڪندي رهي ته ڪنهنجو به ڪو حق نه کسيو وڃي ۽ ڪنهن کي ڪو نقصان نه رسي.رياست مدينه جون ڪجهه بنيادي خاصيتون هي آهن.
سماج ۾ دولت ۽ ٻين وسيلن جي انصاف ڀري ورهاست جو بندوبست ڪيو ويو.زڪوات ۽ خدا جي راه ۾ خرچ ڪرڻ جي ترغيب ذريعي دولت جو رخ  اميرن کان غريبن طرف ڦيريو ويو.اهڙن ذريعن ۽ وسيلن تي پابندي لڳائي ويئي جن ذريعي دولت رڳو چند هثن ۾ ڪٺي ٿي وڃي.مثال وياج،ذخيرا اندوزي،ناجائز نفعي خوري وغيره.ان جو نتيجو اهو نڪتو جو ڪجهه ئي سالن ۾ دولت صاف رت جيان پوري سماج ۾ گردش ڪرڻ لڳي ۽ هر طرف خوشحالي اچي ويئي.عوام لاء کاڌي،لباس،صحت ۽ تعليم جو مناسب بندوبست ڪيو ويو،کير پياڪ ٻارن جي لاء به وظيفا مقرر ڪرڻ جا مثال رياست مدينه ۾ ملن ٿا.قانون جو احترام سڀني لاء هڪجهڙو لازمي قرار ڏنو ويو،حڪمران ۽ رعايا،امير ۽ غريب ۾ فرق ختم ڪيو ويو.عام ماڻهن جي پنهنجي حڪمرانن تائين پهچ آسان بنائي ويئي .ڪاروبار،واپار ،صنعت ۽ حرفت،زراعت مطلب ته هر ميدان ۾ ڪم ڪرڻ جا کليل موقعا مهيا ڪيا ويا.مواصلات جو نظام بهتر بنايو ويو،رستا محفوظ ۽ امن امان کي يقيني بنايو ويو.زڪوات،ّيرات ۽ صدقن ذريعي حاصل ٿيندڙ رقم کي عوام جي فلاح ۽ بهبود لاء خرچ ڪيو ويو ۽ ڪجهه سالن ۾ حالت اها ٿي ويئي جو خيرات ڏيڻ وارا ته موجود هئا پر خيرات وٺڻ وارا موجود نه رهيا.نه رڳو ڪنهن ماڻهوء جي زندگيء ۾ سندس ڪفالت جو بندوبست ڪيو ويو پر مرڻ بعد به ان جي رهجي ويل ذميدارين کي ادا ڪرڻ لاء رياست طرفان انتظام ڪيو ويو.انسان ته انسان جانورن ۽ وڻن جي باري ۾ به واضح حڪم جاري ڪيا ويا،وڻن لڳائڻ کي صدقه جاريه ۽ وڻن ڪپڻ کي اڻ وڻندڙ عمل قرار ڏنو ويو.حضرت عمر رضه فرمايو ته جيڪر فرات جي ڪناري ڪو ڪتو به بکيو مري ويو ته ان جو حساب به عمر کي ڏيڻو پوندو.
محترم عمران خان به پاڪستان کي مديني واري رياست بنائڻ جو وعدو ڪيو هو پر هو پنهنجي دل ٿي هٿ رکي ايمانداريء سان ٻڌائي ته ڇا هن ان دعويٰ جي ذري جي به ڪا پاسداري ڪئي آهي؟هن کي خبر آهي ته سندس حڪومت ۾ به ماڻهو بک ۽ غربت سبب مري رهيا آهن.ڪرپشن خلاف جهاد جو نعرو هڻي تخت تي ويهندڙ عمران خان آهستي آهستي مصلحتن جو شڪار ٿيندو ٿو وڃي،بيشڪ ڪجهه طاقتور گرفتار به ٿيا ۽ جيلن ۾ به آهن پر غريب قوم جي لٽيل رقم مان ته اڄ تائين آنو به واپس ناهي ٿيو.ٻئي طرف رياست مدينه جي قيام جي دعويدارن جھريب ماڻهن تيايترا ته ٽيڪس لڳايا آهن جو ماڻهن لاء هڪ وقت جي ماني به مسئلو بڻجي ويئي آهي.افسوس جو گذريل حڪمرانن جيان خان صاحب جا وعدا به رڳو وعدا ئي ثابت ٿيا آهن.ڪنهن اٽي،لٽي ۽ اجھي جي نعري هيٺ قوم جو استحصال ڪيو ته ڪنهن خادم اعليٰ جو ويس ڍڪي لاچارن جو مذاق اڏايو ۽ هاڻي خان صاهب رياست مدينه ۽ تبديليء جي نالي تي قوم جي اکين ۾ ڌوڙ وجھڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.اقتدار جو پورو هڪ سال گذرڻ باسوجود به هتي ته ڪجهه به ناهي بدليو سواء ان جي عوام مٿان روزانو نت نوان آزار ۽ مصيبتون ڪري رهيون آهن.ڪاش، عمران خان قوم سان اها سنگين مذاق نه ڪري ها!
(روزاني هلال پاڪستان)

Tuesday, September 24, 2019

جمهوريت جي پردي ۾ فسطائيت جو سفر!



شفيق الرحمان شاڪر
ميڊيلين البرائيٽ امريڪي سياستدان ۽ سفارتڪار پهرين عورت  آهي جيڪا امريڪي سيڪريٽري جي عهدي تي رهي.سندس ڪتاب “Fascism: A warning” ۾ دنيا جي مختلف حصن ۾ فسطائي نشانين جو ذڪر ڪيو ويو آهي.هوء چوي ٿي ته پاپولسٽ سياسي جمهوريتن ۽ فسطائي حڪومتن ۾ ٿورڙو سنهو فرق ٿيندو آهي ۽ انهن ٻنهي نظامن جي وچ ۾ ويجھڙائي آسان هوندي آهي.فسطائي حڪومت جو قيام مشڪل به ٿي سگھي ٿو ۽ اها ڪنهن هڪڙي خراب واقعي يا گھوٽالي جي نتيجي ۾ هڪدم به وجود ۾ اچي سگھي ٿي.هوء انهيء حوالي سان آمريڪي حڪومت جو به جائزو وٺي ٿي ته موجوده حڪومت فسطائي نفسيات رکي ٿي يا نه؟ هوء دنيا کي محتاط رهڻ جي تلقين ڪري ٿي ته ڪٿي به جيڪر جمهوريت کي چيلينج ڪيو وڃي ته اسان کي ان جو تحفظ ڪرڻ کپي.اسان جي لاء ”فسطائيت“ هڪ اصطلاح آهي جيڪو تاريخ جي ڪتابن ۾ موجود آهي.ان جو نالو ٻڌندي ئي اسان جو ڌيان هٽلر ۽ ميسوليني طرف وڃي ٿو.دنيا جو اهو دور جڏهن جمهوريتون اڃا اسرڻ جي مرحلي ۾ هيون.تڏهن به حقيقت هيء آهي ته اڄ به دنيا جون ڪيتريون ئي جمهوري حڪومتون جمهوريت دشمن روين جو مظاهرو ڪري رهيون آهن توڙي جو اهي اعلانيه طور تي فاشسٽ ناهن.ڏکڻ آمريڪا کان يورپ تائين گھڻن ملڪن اهي سبب مهيا ڪيا آهن جو اتي جمهوريت جي صورتحال بابت پريشان ٿجي.
بنيتو مسوليني، اٽليء جي فاشسٽ اڳواڻ هڪ ڀيري چيو هو ته طاقت اختيار ڪرڻ جو عمل هڪ زنده ڪڪڙ جا کنڀ پٽڻ جهڙو هئڻ گھرجي،آهستي ۽ خاموشيء سان،هڪ هڪ ڪري،ايئن جو ڪم به ٿي وڃي ۽ ڪنهن کي خبر به نه پوي.فاشسٽ هڪ ئي ڀيري ڪيل بغاوت جي نتيجي ۾ حڪومت قائم نٿا ڪن بلڪه آهستي آهستي جمهوريت جي طرز تي طاقت حاصل ڪندا آهن.اهڙو ئي هڪ مثال ايڊوليف هٽلر جو آهي جنهن جمهوريت ۽ غير آئيني ٻنهي طريقن جو استعمال ڪندي اختيار حاصل ڪيو.ڏکڻ جرمني علائقي ”باواريا“ ۾ هڪ ناڪام بغاوت بعد هن حڪومت حاصل ڪرڻ جو اهو عمل انجام ڏنو جنهن کي ”آئيني عمل “چيو وڃي ٿو.جتي هن پنهنجو پاڻ کي چونڊرايو ۽ نيٺ پنهنجو پاڻ کي جرمني جو چانسيلر بنائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.جتي هن رياستي ادارا معطل ۽ مقامي سياسي عمل بند ڪري ڇڏيو.پنهنجن سياسي مخالفن کي ڊيڄاريو ۽ ڌمڪايو.غير وفادار سرڪاري ملازمن کي گھر موڪلي ڇڏيو ۽ هڪ مطلق العنان حڪومت قائم ڪري ورتي.رجب طيب اردگان، ترڪ اڳواڻ پنهنجي طاقت آهستي آهستي مضبوط ڪئي.سال 2002ع ۾ هو هڪ جمهوري چونڊ عمل ذريعي اقتدار ۾ آيو ۽ آهستي آهستي انهن سمورن ادارن کي معطل ڪري ڇڏيو جيڪي سندس حڪومت جي نگرانيء تي مقرر هئا.سوين فوجي آفيسر۽ سپاهي بغاوت جي رٿابندي ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيا ويا.انهن مان ڪجهه ته واقعي بغاوت ۾ شامل هئا ۽ باقي رڳو الزام هيٺ سزا کائي ويا.هن جي حڪومت انهن ميڊيا گروپس کي سرڪاري تحويل ۾ وٺي ڇڏيو جيڪي حڪومت جي حمايت نه ڪري رهيا هئا.هن قانون سازي ڪري عدليا ۾ پنهنجا وفادار جج مقرر ڪرڻ جو اختيار به حاصل ڪري ورتو.2016ع ۾ هڪ حقيقي بغاوت کي ناڪام بنائيندي هن ملڪ ۾ ايمرجنسي نافذ ڪئي ۽ انهيء دوران سياسي مخالفن ۽ صحافين کي گرفتار ڪيو ويو.هن هڪ ريفرينڊم ڪرايو جنهن جي نتيجي ۾ هن کي اختيار ملي ويو ته هو پنهنجي حڪم ذريعي قانون جوڙي سگھي.هن گرفتارين جو حڪم جاري ڪيو ۽ گرفتار ٿيلن جي معاملن ۾ انصاف جون گھرجون پوريون نه ڪيون وييون.قدم بقدم ۽ آهستي آهستي،پهريون چونڊون کٽڻ بعد اردگان پنهنجي طاقت کي مضبوط ڪيو۽ رياستي ادارن کي ڪمزور ڪري ڇڏيو.
فسطائيت آهستي آهستي اهڙي ته انداز سان طاقتور ٿئي ٿي جو ڪنهن کي ان جي خبر به نٿي پوي ۽ جڏهن ماڻهن کي خبر پوي ٿي ته اها ايتري قدر مضبوط ٿي چڪي هوندي آهي جو ان جي مزاحمت ڪري نٿي سگھجي.ان معاملي کي بهتر نموني سمجھڻ لاء نازي جرمني جو مثال سامهون رکون ٿا. هٽلر طاقت حاصل ڪرڻ لاء جرمن شهرين جي ڪاوڙ کي پنهنجن مقصدن لاء استعمال ڪيو. اوڻويهين صديء جي ٽئين ڏهاڪي ۾ يورپ هڪ بحران مان گذري رهيو هو ۽ جرمني ان جي بدترين صورت هئي.ملڪ کي پهرين جنگ عظيم ۾ شڪست ٿي هئي ۽ ان جا گھڻا شهري پنهنجو پاڻ کي هڪ هارايل قوم محسوس ڪري رهيا هئا.انهن ۾ ئي هڪ اڳوڻو فوجي جوان هٽلر به هو. جنگ دوران گئس جي هڪ حملي ۾ هن جي نظر هلي ويئي هئي توڙي جو 1918ع ۾ سندس نظر واپس موٽي آئي ۽ اهو لمحو هن لاء نهايت ئي سڪون وارو هو.هن ڏٺو ته ملڪ تباهه ٿي چڪو آهي ۽ جنگ کٽڻ وارن سندس ملڪ تي ڳرو ڏنڊ وجھي ڇڏيو آهي ،ان سان گڏوگڏ ملڪ جي زمين تي غير ملڪين جو قبضو نوجوان هٽلر لاء نهايت ئي تڪليف ڏيندڙ ۽ شرمناڪ هو.گھڻن جرمنن مطابق انهن سان دوکو ڪيو ويو هو ۽ ايئن ڪرڻ وارا بولشيوڪ انقلابي،بيورو ڪريٽس ۽ بينڪرز هئا.سڀ کان وڌي ڪري ان جا ذميدار يهودي هئا.هڪ ڏهاڪي بعد هٽلر هڪ جادوئي شخصيت ۽  پر اثر مقرر بڻجي چڪو هو.تنهن هوندي به هن جي سياسي جماعت نيشنل سوشلسٽ ورڪرز پارٽي، نازي اڃا هڪ ننڍڙي سياسي جماعت هئي.پوء عالمي معاشي گھوٽالو اچي پهتو.ان وقت جرمني اڃا جنگ جو ڏنڊ ادا ڪري رهيو هو ۽ ان لاء سندس دارومدار ٻين ملڪن کان حاصل ٿيندڙ قرض تي هو.اوچتو ئي اوچتو ٻاهران ايندڙ ان رقم جو سلسلو رڪجي ويو.ايڪسپورٽ رڪجي ويئي،فيڪٽرين جي پيداوار بند ٿي ويئي،قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳيون،ڪاروبار بند ٿي ويا ۽ بيروزگاري ئي بيروزگاري پکڙجي ويئي.هٽلر ان افرا تفري کي استعمال ڪيو. هٽلر جي انقلابي پيغام انهن ضرورتن کي اپيل ڪيو.هن دعويٰ ڪئي ته هو هڪ عام ماڻهو آهي جيڪو پنهنجي وطن جي طاقتور دشمن خلاف اٿي سامهون ٿيڻ گھري ٿو.هن وعدو ڪيو ته هو وطن جو سچو سپوت ثابت ٿيندو ۽ وطن جا شهري هڪ دفعو وري عظيم بڻجندا. هو خوش هو ته سندس دشمن سندس تقريرن کان ڪيترو تنگ آهن.انهن جي بدنامين متعلق ٻڌي هٽلر جا حامي گھڻو خوش هئا.هن پنهنجن حامين کي يقين ڏياريو ته هن کي سندن گھڻي ڳڻتي آهي ايستائين جو جڏهن واقعن ثابت ڪيو ته هٽلر کي پنهنجن حامين جي جان ۽ مال جي ڪجهه به پرواهه ناهي،هن پاڻ به مڃيو،خوشيء سان ٻڌايو  ته زبردست ڪوڙ ۽ سمورن جرمنن جون سموريون تڪليفون هڪڙي ئي جملي ۾ سمائجي وييون جيڪو رڳو هڪ ڀڙڪائيندڙ فسانو هو.هن چيو ته هن وٽ رڳو ٻه رستا آهن يا ته آريا نسل جا ماڻهو کٽيندا يا اهي شڪست کائيندا ۽ يهودي کٽي ويندا. اهو اهڙو بيانيو هو جنهن سندس سياسي تحريڪ کي زور وٺايو.هٽلر ۽ نازي ازم ٻئي ظلم جي اعليٰ مرتبي تي فائز هئا.نسل پرستي ۽ جنون،تنهن هوندي به فسطائيت پاڻ ڪو استشنائي نظريو ناهي ۽ فسطائيت ڪا خوفناڪ شيء ناهي بلڪه اها انساني سماج جي هڪ عام هلت آهي جيڪا وري وري موٽي اچي ٿي.جڏهن اسان فسطائيت جي باري ۾ سوچيون ٿا ته اسان جي دماغ ۾ هٽلر،ميسوليني ۽ اسٽالن جون تصويرون گھمڻ لڳن ٿيون تنهن هوندي به حقيقت اها آهي ته فاشزم جو فصل اسان جي سوچ کان وڌيڪ تيز اسري ٿو ۽ انهيء جي اوسر انهن علائقن ۾ به ٿئي ٿي جن جي باري ۾ اسان گھڻو سوچيون نٿا.اوهان انهيء کي برطانيا ۾ ڏسي سگھو ٿا جيڪو هڪ اهڙو ملڪ آهي جنهن ويهين صدي دوران آزاديء جي جنگ فخريه طور تي وڙهي تنهن هوندي به ان جي پنهنجي به هڪ فسطائي تحريڪ رهي آهي.”سر اوس والڊ موزلي“ هڪ نج برطانوي گورو جنهن مڇون به هٽلر جيان رکيون هيون ۽ جنسي خواهشون مسوليني جهڙيون هيون ان برٽش يونين آف فاشسٽ نالي تنظيم جوڙي.ان جا نظريا فسطائيت جي نصابي ڪتابن مان ورتل هئا. ٻين فاشسٽ اڳواڻن جيان موزلي پنهنجي ذاتي فوج ڀرتي ڪئي جن جي ڀوري رنگ جي ورديء انهن کي ”بليڪ شرٽس“ جو نالو ڏنو ۽ گھٽي محلي ۾ انهن جي احتجاجن ۾ عوام جو وڏو انگ شريڪ ٿيو.اهو نهايت خطرناڪ هو جو هٽلر جهڙي ڀوري شرٽس پائڻ وارن پاڙيسري ملڪن تي قبضو ڪيو ۽ ان سبب ئي موزلي جي جماعت مقبوليت حاصل ڪرڻ کان محروم رهي.ڪيترن ئي ملڪن اهڙين تحريڪن جو مشاهدو ڪيو آهي.ڀارت ۾ هندو قوم پرستن کي مسلمانن جي موجودگيء پريشان ڪيو ۽ اهي برطانوي راڄ خلاف ڪاوڙيا.انهن هٽلر ۽ ميسوليني سان همدردي ڏيکاري جن جي ملڪن جنگ جي رستي ڏانهن وک وڌائي.اسپين.آئيسلينڊ،رومانيا،چيڪو سلواڪيا ۽ ايستائين جو آمريڪا ۾ به فاشسٽ تحريڪن مٿو مٿي کنيو.فسطائين ڪيترائي ڀيرا تارڪين وطن ۽ غير اطمينان بخش سياست جي خلاف ڪاوڙ جي بنياد تي اقتدار حاصل ڪيو.مثال طور تي ميسوليني ان ڪري اقتدار حاصل ڪيو ڇو ته هن سمجھي ورتو هو ته گھڻا اطالوي شهري پنهنجي ملڪ جي موجوده صورتحال تي خوش ناهن.هن سمورين قوتن کي اهو چئي رد ڪري ڇڏيو ته سرمائيدار اهي آهن جيڪي اطالوي شهرين جو استحصال ڪري رهيا آهن ۽ بولشيوڪ انقلابي انهن جي سماج ۾ افراتفري پکيڙڻ گھرن ٿا ۽ نظام جا حامي سياستدان جيڪي رڳو ڳالهيون ڪن ٿا پر ڪو به علاج نٿا ڪن.هن وعدو ڪيو ته هو گند صاف ڪندو. جڏهن هو حڪومت ۾ آيو ته ان 53 هزار سرڪاري ملازم ڪڍي ڇڏيا.
اڄ جڏهن اسان دنيا تي نظر ڊوڙايون ٿا ته ڏسون ٿا ته ڪيترائي اهڙا ملڪ آهن جتي حڪومتون يا فسطائي نظام سان محبت وڌائين ٿيون يا انهيء کي پوريء طرح قبول ڪري چڪيون آهن.انهن مان ٻن جي مثالن کي وضاحت سان ڏسون ٿا.ونزويلا ۽ هنگري ٻنهي ۾ فسطائي نظام سان محبت جو اظهار ڪري رهيا آهن.اڄ جي دور ۾ چند حقيقي فاشسٽ رياستون موجود آهن.ونزويلا هڪ مثال آهي.هوگو شاويز 1998ع ۾ چونڊون کٽيون هيون ۽ آئيني چونڊن ۾ ملڪ جو صدر چونڊيو هو.هن اهڙي حڪومت کي شڪست ڏني هئي جيڪا ماڻهن ۾ مقبوليت وڃائي چڪي هئي.هن وعدو ڪيو هو ته هو اقتدار ۾ اچي مزدورن ۽ مشڪلن جي شڪار ڪٽنبن جي مدد ڪندو.هن چونڊون کٽيندي ئي تيل جي وڌندڙ آمدنيء سبب ماڻهن جون زندگيون بهتر بنائڻ لاء قدم کنيا.ڪرشماتي شخصيت جي مالڪ شاويز پنهنجي ذاتي قابليت ۽ ڪرشمي کي بي رحميء سان استعمال ڪيو جڏهن هن ونزويلا جي تيل ڪمپنيء کي ڳڙڪائڻ گھريو ته هن رڳو حڪم جاري نه ڪيا بلڪه ان ڪمپنيء جي مالڪن کي گھرايو ته اهي هن سان سڌو سنئون ٽي وي پروگرام ۾ شامل ٿين ۽ پوء واري واري سان انهن کي نوڪريء تان هٽائي ڇڏيو.هن پنهنجي دشمنن خاص طور تي آمريڪا خلاف ذاتي طور تي احتجاجن۾ شرڪت ڪئي ۽ ٽيليويزن تي نو ڪلاڪن تائين به ان خلاف تقريرون ڪيون.شاويز جي حڪومت دوران ونزويلا جي گھڻن شهرين صحت جون بهتر سهوليتون،سٺيون پگھارون ۽ قومي فخر جي احساس جو مزو ورتو.هو هٽلر يا ميسوليني نه هو پر هن جي ڪرشماتي شخصيت ۽ قومي سطح تي عواميت پسندي سان اهي حقيقتون لڪي نٿيون سگھن ته هن جي حڪومت ججن کي ٻاهر ڪڍي،سرڪاري ملازمن جون نوڪريون ختم ڪري ۽ پنهن جي مخالف احتجاجين کي ڪچلڻ لاء ذاتي پوليس فورس جوڙي رياستي ادارن کي ڪمزور ڪيو.
هڪ ٻيو وڏو مثال هنگريء جو ”وڪٽر اوربان“ آهي.جمهوري طريقي سان چونڊجندڙ اوربان غير لبرل جمهوريت ڏيڻ جو وعدو ڪيو آهي.هن بي رحميء سان نسلي فخر جو اظهار ڪيو آهي  ۽ ماگيار عورتن کي چيو آهي ته اهي گھڻي ۾ گھڻا ٻار پيدا ڪن.پنهنجن اختيارن ۾ واڌاري لاء هن پنهنجي ڪرشماتي شخصيت جو استعمال ڪيو آهي.هو چونڊ ضابطن ۽ ملڪ جي آئيني نظام تي پنهنجي گرفت مضبوط ڪري رهيو آهي.اوربان گھڻي حد تائين ونزويلا جي شاويز جيان پڌري طور تي فسطائي ناهي تڏهن به ان جي حڪومت ۾ اهي ئي نشانيون موجود آهن جن کي اسان فسطائيت جون نشانيون سمجھون ٿا.جمهوريت جي محافظن کي جمهوريت کي لاڳو خطرن متعلق پريشان ٿيڻ گھرجي.اهي سڀ ماڻهو جن پنهنجن زندگين ۾ برلن جي ديوار ڪرندي ڏٺي آهي انهن کي اهو جوش ياد هوندو جيڪو ان ديوار کي ڪرندو ڏسي ماڻهن جي دلين ۾ اڀريو هو.اهو احساس هو ته جمهوريت هاڻي قائم رهندي پر اڄ وري اهو جوش ڪمزور ٿي رهيو آهي.
(روزاني هلال پاڪستان)

ڪراچي،ڪچرو ،زهريلي سياست ۽ ڪپتان!



شفيق الرحمان شاڪر
لڳي ٿو ته وزيراعظم عمران خان لاء پهرئين ڏينهن کان جيڪو ٽريپ وڇايو ويو هو هاڻي هو انهيء ۾ پوريء طرح ڦاسي چڪو آهي جنهن ڪري کيس هٽائي سندس متبادل آڻڻ جون تياريون عروج تي آهن.انهيء کي عمران خان جي بد قسمتي چئجي يا سندس معاملن کي نه سمجھڻ جي صلاحيت جو حڪومت ۾ اچڻ کان پوء تحريڪ انصاف نه رڳو بنان ڪجهه ڊليور ڪرڻ جي عوام ۾ مايوسي پکيڙي  ڇڏي آهي بلڪه سندس پنهنجن مخلص ڪارڪنن کي به سخت بد دل ڪري ڇڏيو آهي. گذريل سمورين حڪومتن جي ڪرپٽ مافيا ۽ پنهنجن ذاتي دوستن کي گڏ ڪري عمران خان جيڪا ڪابينا جوڙي هئي ۽ جهڙيء طرح تحريڪ انصاف سان سالن کان نڀائيندڙ ۽ ڏک سک ۾ ساٿ ڏيندڙ نظرياتي ماڻهن کي سائيڊ لائين ڪيوويو انهيء سان ان ”انقلاب” ۽ ” تبديليء“ جو فطري طور اهو ئي حشرٿيڻو هو جيڪو ٿيو.اقتدار جي نشي ۾ عمران خان کان اهو به وسري ويو ته معاملا سلجھائڻ لاء سچائي،محنت ،ايمانداري ۽ لياقت نه رڳو ٽيم جي ڪپتان ۾ ضروري آهي پر سندس ٽيم به ان لائق هئڻ گھرجي.جنهن ٽريپ جي ڳالهه اسان ٿا ڪيون سو ٽريپ نهايت ئي چالاڪيء ۽ مڪاريء سان اڻيو ويو ۽ هڪ سادي ۽ ناتجربيڪار اڳواڻ لاء انهيء ۾ ڦاسڻ نهايت ئي سولو ڪم هو.اصل ڪم اهو ٿيو جو عمران خان کي اصل ”اشوز“ طرف وڃڻ ئي نه ڏنو ويو بلڪه هن کي بار بار اهڙن ”نان اشوز“ ۾ ڦاسايو ويو جن جو نتيجو ۽ اثر آخر نيٺ پي ٽي آئي جي مجموعي ساک ۽ ڪارڪردگيء تي ناڪاري پيو.هڪ طرف پنجاب جهڙي اهم ۽ وڏي صوبي ۾ اهڙو سيٽ اپ قائم ڪرڻ جون صلاحون ڏنيون وييون جو اتي وزير اعليٰ نهايت ئي ڪمزور رهي ۽ هڪ ئي وقت ٻه ٽي پوروڇوٽ حڪومتون هلنديون رهن جنهنجو نتيجو حڪومت جي نهايت ئي خراب ڪارڪردگي ۽ پوليس اسڪينڊلز جي صورت ۾ نڪتو.مٿان وزير اعظم جو اهو بيان ته جيستائين هو وزير اعظم آهي تيستائين عثمان بوزدار ئي پنجاب جو وزير اعليٰ رهندو وارو جملو ان ڳالهه کي واضح ڪري ٿو ته عمران خان معاملن جي سنگينيء کي ڪيتري اهميت ڏيئي رهيو آهي.سنڌ ۾ هر وقت سنڌ حڪومت جي پويان ڪات ڪهاڙا کڻي پئجي وڃڻ ۽ مختلف طريقن سان وڌيڪ اختيار حاصل ڪرڻ جي راند ۾ به عمران خان کي فائدي جي بدران نقصان ئي پلئي پيو آهي.سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم جهڙيء طرح پنهنجن اصل ۽ ڪڌن مقصدن لاء عمران خان کي استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي انهيء سان سنڌ ۾ ايندڙ چونڊن اندر تحريڪ انصاف خلاف اها ئي ڪاوڙ جنم وٺي رهي آهي جيڪا ايم ڪيو ايم جي سنڌ دشمن پاليسين سبب سنڌي ماڻهن کي ايم ڪيو ايم سان رهي آهي.سنڌ جي حوالي سان عمران خان مڪمل نموني ايم ڪيو ايم جي ٽريپ ۾ ڦاسي چڪو آهي جنهن جو تازو مثال ڪراچيء کي وفاق هيٺ ڏيڻ لاء آئين جي آرٽيڪل 149 جو سهارو ڳولهڻ به شامل آهي.اصولي ڳالهه ته اها آهي جو نه رڳو ڪراچي پر پوري سنڌ بد نظمي ۽ خراب گورنس جو شڪار آهي ته پوء آرٽيڪل 149 جو سهارو رڳو ڪراچيء لاء ڇو؟ ٻي ڳالهه اها آهي ته گند ۽ ڪچرو ته سڄي ملڪ جو مسئلو آهي.ملڪ جي ٻين شهرن کي ڪهڙو پيرس يا نيويارڪ بڻايو ويو آهي جو رڳو ڪراچيء جو گند وفاقي حڪومت کان ڏٺو نٿو ٿئي.جيستائين امن ۽ امان وارين حالتن جو تعلق آهي ته اهي سنڌ کان وڌيڪ پنجاب ۾ خراب آهن.بيڊ گورنس ۾ به هن وقت پنجاب جو مثال ئي ناهي پوء ان آرٽيڪل کي لاڳو ڪرڻ جي شروعات پنجاب کان ڇو نٿي ڪئي وڃي؟ سڀني کي خبر آهي ته سنڌ ۾ اهو سمورو تماشو ايم ڪيو ايم جي چرچ ۽ خواهش تي ٿي رهيو آهي جيڪا پنهنجي زهريلي ۽ نسل پرست سياست تان اڃا تائين هٿ کڻڻ لاء تيار ناهي ۽ بد قسمتيء سان نسل پرستي ۽ نفرت جي ان سياست ۾ عمران خان ڄاڻندي ٻجھندي يا اڻ ڄاڻائيء ۾ ايم ڪيو ايم جو ساٿ ڏيئي رهيو آهي.پي ٽي ائي حڪومت کي ان کڏ طرف ڌڪو ڏنو پيو وڃي جتي جذبات جا الا دکي رهيا آهن ۽ سنڌ اندر نهايت ئي ڳڻتيء جوڳي  ۽ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ڪئي پيئي وڃي.پي ٽي آئي حڪومت اهڙو احمقاڻو قدم کڻي ”سنڌ ڪارڊ“ وري پيپلز پارٽيء جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي.
احتساب جي ڦوڪڻي جو جيڪو حشر ٿيو آهي انهيء معاملي تي پاڪستان جو چيف جسٽس چئي چڪو آهي ته احتساب جي باري ۾ سياسي انجنيئرنگ جو تاثر اڀرڻ نهايت ئي خطرناڪ آهي ۽ انهيء جو ترت سد باب ٿيڻ گھرجي.پي ٽي آئي حڪومت ۾ شامل سمورا وزير ۽ مشير احتساب کان بلڪل آجا گھمي رهيا آهن ۽ نيب کي وڌيڪ ٻنڌڻ وجھڻ لاء نئين قانونسازي تي غور ڪيو پيو وڃي.پرڏيهي پاليسي ۽ ڪشمير جي حوالي سان به سوشل توڙي عام ميڊيا تي جيڪي سوال اٿاريا پيا وڃن انهن سان شڪن ۽ شبهن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.مثال اهو سوال ته عمران خان جي ٽرمپ سان ملاقات۽ثالثيء جي ذڪر کان ترت پوء ڀارت ڪشمير جي آئيني حيثيت ڇو تبديل ڪئي،ڇا ان ملاقات ۾ ڪجهه اهڙيون ڳالهيون به ٿيون جن کان قوم کي بي خبر رکيو ويو يا وري اهو سوال ته ڇا حڪومت کي موديء طرفان ڪشمير جي باري ۾ کنئي ويندڙ ان اهم قدم جي اڳواٽ ڄاڻ هئي يا نه؟ اهي اهڙا سوال آهن جن جو حڪومت پاران ڪو تسلي بخش جواب نه پيو ڏنو وڃي ۽ وقت گذرڻ سان گڏو گڏ اهڙن سوالن ۾ واڌارو اچي رهيو آهي.احتساب جو عمل ايترو ته تڪراري بڻجي چڪو آهي يا بڻايو ويو آهي جو هاڻي صحيح ۽ غلط جي ڪا خبر نٿي پوي ۽ حڪومت سان گڏوگڏ رياستي ادارن جي ساک به متاثر ٿي رهي آهي.پورو هڪ سال اقتدار ۾ گذارڻ بعد لڳي ٿو ته ٻي ڪنهن به ميدان ۾ ڪا ڪارڪردگي ڏيکارڻ بدران ڪپتان به پاور گيم ۾ پنهنجو وڌيڪ حصو محفوظ ۽ مضبوط بنائڻ ۾ لڳي چڪو آهي ۽ معيشت کان وٺي هر اهم ميدان ۾ حالتون سڌرڻ بدران وڌيڪ خراب ٿي رهيون آهن.تازو وزير اعظم طرفان پنهنجن ئي ستاويهه وزيرن کي ريڊ ليٽر جاري ڪيو ويو آهي ته هو انهن وزيرن جي مجموعي ڪارڪردگيء مان خوش ناهي.انهيء جو ٻيو مطلب اهو ٿيو ته پنهنجي ناڪامين ۽ نا اهلين جي سموري ذميداري وقت اچڻ تي آسانيء سان ٻين تي منتقل ڪري سگھجي.جسٽس فائز عيسيٰ خلاف داخل حڪومتي ريفرنس جي ناڪاميء بعد حڪومت هاڻي وري هاڻوڪي چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته ان چيف اليڪشن ڪمشنر جي رٽائرمينٽ  ۾ رڳو ڪجهه مهينا رهجي ويا آهن ۽ حڪومت سڪون سان ان کي رٽائر ٿيڻ ڏيئي سگھي پيئي پر خبر ناهي اهي ڪهڙا لڪيل هٿ ۽ سازشي ذهن آهن جيڪي لاڳيتو عمران خان کي نان اشوز جي ڄار ۾ ڦاسائيندا ٿا وڃن ۽ هر ڏينهن تي ڪا نه ڪا منفي حرڪت حڪومت طرفان ٿي پوي ٿي جنهنجو فائدو هر حال ۾ مخالف ڌر کي ئي پهچي ٿو يا ٻين لفظن ۾ حڪومت جي پوزيشن وڌيڪ ڪمزور ٿئي ٿي.انهن ئي ذهنن ۽ هٿن عمران خان کي ملڪ توڙي خطي جي سمورن اهم ۽ ٻرندڙ معاملن کان بي فڪر ڪري کيس ڪراچيء ۾ آڻي ڪچري جي ڍير تي بيهاريو آهي،اهڙو ڪچري جو ڍير جنهن کي جيترو وڌيڪ کوٽيو ٿو وڃي اوتري ئي بدبوء پکيڙي رهيو آهي!
(يوزاني هلال پاڪستان)

Thursday, September 19, 2019

ڪائنات بابت ڪجهه اهم سوال!



شفيق الرحمان شاڪر

هيء ڪائنات جنهن ۾ اسان رهون ٿا ڏينهون ڏينهن پکڙجي رهي آهي،اسان اهو ڄاڻون ٿا ڇو ته اسان جو مشاهدو آهي ته ڪهڪشائون ۽ انهن جا گروهه تيزيء سان هڪ ٻئي کان پري سفر ڪندا ٿا وڃن.اها پکيڙ ان وقت کان جاري آهي  جڏهن کان هيء ڪائنات وجود ۾ آئي آهي يعني اڄ کان اٽڪل چوڏهن کرب سال پهرين هڪ نهايت ئي گرم ۽ ڪثيف عمل ذريعي جنهن کي اسان ”بگ بينگ“ جي نالي سان ڄاڻون ٿا.هاڻي اسان ڪائنات جي حوالي سان ڪجهه اهم سوالن جا جواب ڳولهڻ جي ڪوشس ڪيون ٿا جيڪي سوال عام طور تي پڇيا ويندا رهيا آهن.
پهريون سوال اهو ته هن ڪائنات جو مرڪز ڪٿي آهي؟ان سوال جو جواب اهو آهي ته هن ڪائنات جو مرڪز آهي ئي ڪونه ڇو ته هن ڪائنات جو ڪو ڪنارو ڪونهي.هڪ محدود ڪائنات ۾ خلا مڙيل آهي ته جيڪر اوهان هڪ سڌي ليڪ ۾ کربن نوري سالن جو سفر طيء ڪيو ٿا ته اوهين واپس ان جڳهه تي پهچي ويندا هتان اوهان شروعات ڪئي هئي.اهو به عين ممڪن آهي ته اسان جي ڪائنات لامحدود هجي.ٻنهي مثالن ۾ ڪهڪشائڻ جا جھرمٽ جيڪي ڪائنات کي ڀرين ٿا اهي هڪٻئي کان پري ٿيندا ٿا وڃن ۽ جنهن سان ڪائنات پکڙجندي ٿي وڃي.ان لاء ڪنهن تصوير تي غور ڪجي جنهن ۾ هڪ تمام ننڍڙي ڪائنات جو مثال ڏنل هجي جنهن ۾ رڳو 48 تارا آهن.ڪو خلائي جهاز جيڪو انهن تارن جي وچ ۾ اڏامي رهيو هجي اهو ڪائنات جو ڪنارو ڳولهي نه سگھندو جيڪر اهو خلائي جهاز ڪائنات جي هڪ طرف کان روانو ٿيندو ته ٻئي طرف کان وڃي ظاهر ٿيندو.جهاز ۾ موجود ماڻهو پنهنجن طرفن ۾ لامحدود ستارن کي ڏسي سگھندا.هن ڪائنات جي ڪا سرحد يا مرڪز نه آهي. ٻيو سوال اهو ته ”بگ بينگ“ ڪائنات ۾ ڪهڙي جڳهه تي ٿيو؟هڪ عام مفروضو اهو آهي ته بگ بينگ هڪ ڌماڪو هو جيڪو خالي خلا ۾ ٿيو جڏهن ته اها ڳالهه غلط آهي.خلا ۽ وقت ٻئي بگ بينگ کان بعد وجود ۾ آيا.ڪائنات جي شروع ۾ خالي خلا مادي سان پوريء طرح ڀريل هو.اهو مادو گرم هو ۽ نهايت ڪثيف پڻ جيڪو پکڙيو ۽ ٿڌي ٿيڻ تي جنهن ستارن ۽ ڪهڪشائن کي جنم ڏنو جن کي اسان اڄ ڏسون ٿا.جيتوڻيڪ خلا بگ بينگ وقت ممڪنه طور تي هڪڙي هنڌ مرتڪز ٿي ويو هوندو.اهو هڪجهڙي طور تي ممڪن آهي ته بگ بينگ وقت خلا لامحدود هجي.ٻنهي منظر نامن ۾ خلا پوريء طرح مادي سان ڀريل هئي جيڪو پکڙجڻ شروع ٿيو.ان پکيڙ جو ڪو مرڪز نه هو.هيء ڪائنات سادن لفظن ۾ سمورن طرفن ۾ پکڙجي رهي آهي.مشاهدو ڪندڙن اهو ڏٺو آهي ته سموريون ڪهڪشائون هڪ ٻئي کان پري ٿينديون ٿيون وڃن.اهو سوال ته بگ بينگ ڪٿي ٿيو هوجو جواب اهو آهي ته اهو ڪائنات ۾ هر جڳهه ٿي ٿيو هو.
ٽيون سوال اهوته ڇا زمين به ڪائنات سان گڏ پکڙجي رهي آهي؟جواب اهو ته زمين ڪائنات سان گڏ نه پکڙجي رهي آهي ۽ نه ئي سورج منڊل پکڙجي رهيو آهي ۽ هيء اسان جي ملڪي وي ڪهڪشان به نه پيئي پکڙجي.اهي شيون ڪشش ثقل جي اثر سبب وجود ۾ آيون ۽ پوء جن الڳ الڳ ٿيڻ ڇڏي ڏنو.ڪشش ثقل،ڪهڪشائن کي به گروهن ۽ جھنڊ جي شڪلين ۾ جوڙي رکي ٿي.اهي خاص طورتي ڪهڪشائن جا گروهه ۽ جھنڊ ئي آهن جيڪي هڪٻئي کان پري وڃي رهيا آهن.
چوٿون سوال اهو ته ڇا هن ڪائنات کان ٻاهر به ڪجهه آهي؟جيئن ته خلا بگ بينگ سان گڏ ئي وجود ۾ آئي.اسان جي ڪائنات جو ڪو ڪنارو يا حد ناهي.ممڪن آهي ته اسان جي ڪائنات ٻين ڪيترين ئي لامحدود ڪائناتن مان هڪ هجي پر ضروري ناهي ته انهن ڪائناتن کي وجود رکڻ لاء ڪنهن خلا جي ضرورت هجي.
پنجون سوال اهو ته بگ بينگ کان اڳ ڇا موجود هو؟وقت بگ بينگ سان گڏ وجود ۾ آيو.اسين نٿا ڄاڻون ته اهو ان کان اڳ موجود هو يا نه.اهو سوال ان ڪري به گھڻو ڏکيو آهي. ڪجهه نظرين مطابق اسان جي ڪائنات لامحدود ڪائناتن جو هڪ حصو آهي جنهن کي ملٽي يونيورس جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ جيڪي لاڳيتو پيدا ٿي رهيون آهن.اهو ممڪن ته آهي پر ان کي ثابت ڪرڻ مشڪل آهي. جيڪر ڪائنات چوڏنهن بلين سال پراڻي آهي ته ڪهڪشائون ڪهڙيء طرح چوڏهن بلين سالن کان مٿي سفر ڪري چڪيون آهن؟اهو ممڪن آهي ته اسان جي ڪائنات لامحدود هجي ۽ بگ بينگ کان اڳ هر طرف کان مادي سان ڀريل هجي پر پڪ سان اهڙو ڪجهه به نه هو جيڪو ڪائنات کي روشنيء جي رفتار سان تيز پکڙجڻ سان روڪي ها.جيتوڻيڪ ڪائنات جي اندر ڪنهن خاص جڳهه تي ڪابه اهڙي شيء ناهي جيڪا روشنيء کان وڌيڪ تيزيء سان سفر ڪري سگھي.اها ڳالهه سڄي ڪائنات لاء صحيح ڪانهي.ان ڳالهه جي ڪا حد ناهي ته ڪائنات ڪيتري تيزيء سان پکڙجي ٿي.اسان اهو تصور ڪري سگھون ٿا ته ڪهڪشائون ڪنهن بال جيان آهن جيڪو رٻڙ شيٽ تي موجود هجي ۽ جيڪا خلا جي ترجماني ڪندي هجي.جيڪر اسان شيٽ کي پکيڙيون ته بال هڪٻئي کان پري ٿي ويندا.اهي بال جيڪي هڪٻئي جي ويجھو هوندا اهي سستيء کان هڪٻئي کان پري هوندا،اهي بال جيڪي همه گير طريقي سان هڪٻئي کان پري ٿيا هئا  اهي نهايت تيزيء سان هڪ ٻئي کان پري ٿيندا ويندا.ڪنهن به بال تي رهندڙ ماڻهو پنهنجي بال کي ساڪن محسوس ڪندا.اهي ڏسندا ته پري جي بالن جو مفاصلو نهايت تيزيء سان وڌي رهيو آهي جڏهن ته ويجھا بال سست رفتاريء سبب فاصلو وڌائي رهيا آهن.گھڻو پري وارا بال روشنيء جي رفتار کان به تيز پري وڃي رهيا هوندا پر ماڻهو انهن کي ڏسي نه سگھندا.مقامي طور تي انهن جي پنهنجن ڪهڪشائن ۾ اهڙو ڪجهه به ناهي جيڪو روشنيء جي رفتار سان سفر ڪندو هجي.


(روزاني هلال پاڪستان 18 سيپٽيمبر 2019ع)

Monday, September 16, 2019

ماضيء جو آئينو؛ شائزي ليزي اسٽريٽ،انقلاب فرانس ۽ پاڪستان!

شفيق الرحمان شاڪر
”شائزي ليزي“ جو جڏهن نالو ورتو وڃي ٿو ته ترت پيرس طرف نگاهه وڃي ٿي جيڪو فرانس جي گاديء جو هنڌ آهي.شائزي ليزي دنيا جي خوبصورت ۽ مهانگي ۾ مهانگي شاهراه آهي.اها سڙڪ سوين سال اڳ فرانسسي بادشاهن پيرين پنڌ وڙڪڻ لاء جوڙائي هئي.اها سڙڪ فرانسسي ڪاريگرن ننڍا ننڍا پٿر ملائي مڪمل ڪئي هئي ۽ اهي پٿر اڄ تائين قائم آهن.شائزي ليزي دنيا جي پهرين فيشن اسٽريٽ به سڏائي ٿي.دنيا جا مهانگن ترين برانڊ جا شو روم،ريسٽوران،فيشن اسٽورز ۽ پوري دنيا جي  خوبصورت يادگار شين جو اتي ڍير لڳل آهي.اها سڙڪ ”پلاس ڊي لاڪنڪورڊ“ کان شروع ٿئي ٿي ۽ سڙڪ جي وچ ۾ سڀ کان وڏو چوڪ آهي جنهن جي بلڪل وچ تي هڪ مخروطي ٿنڀو آهي جيڪو هزارين سال اڳ مصري ڪاريگرن تراشيو هو.مصر ۾ فرعون جي حڪومت هوندي هئي.هي اهو ئي فرعون آهي جنهن حضرت موسيٰ عليه السلام جي دور ۾ خدائيء جي دعويٰ ڪئي هئي.حضرت موسيٰ سان سندس مقابلو ٿيو ۽ هو پنهنجي فوج سميت نيل دريا ۾ غرق ٿي ويو ۽ اڄ تائين ان فرعون جو لاش مصر جي ميوزيم ۾عبرت لاء محفوظ آهي.جڏهن اهو ٿنڀو مڪمل ٿيو ته ڪاريگرن وقت جي حاڪم جي وزير قانون جي حڪم تي اهو شهنشاه معظم جي خدمت ۾ پيش ڪيو ويو،فرعون ڪاريگرن جي ان تمغي تي گھڻو خوش ٿيو ۽ هن اهو ٿنڀو پنهنجي ايوان صدر سامهون نصب ڪرائي ڇڏيو پر وقت بدليو ۽ فرعون تي زوال جو لمحو آيو ته هو ۽ سندس سلطنت ٽڙي پکڙي ويا ۽ سندس سموري طاقت،اختيار ۽ سمورا ايل ايف او ۽ اين آر او واريء ۾ دفن ٿي ويا.اوڻهين صديء ۾ مصري صحرائن ۾ فرعون جي قديم آثارن جي دريافت ٿي ته اهو ٿنڀو به ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ پيل مليو.اهو ٿنڀو هڪ ڊگھي عرصي تائين مصري حاڪمن جي تحويل ۾ رهيو.مصري بادشاه محمد علي پاشا پنهنجي آقا کي سلام ڪرڻ جي ارادي سان پيرس جي سرڪاري دوري تي آيو هو اهو ٿنڀو به گڏ کڻي آيو.آقا ”ڪنگ لوئي“ جي خدمت ۾ اهو قيمتي ٿنڀو نذراني طور پيش ڪيو.بادشاه اهو ٿنڀو پيرس جي سڀ کان وڏي چوڪ ۾ لڳرائي ڇڏيو ۽ ان چوڪ کي ان ٿنڀي جي نسبت سان ”پلاس دي لاڪنڪورڊ“ جو نالو ڏنو ويو ۽ اهو ٿنڀو اڄ تائين اتي موجود آهي ۽ انهيء تي قديم مصري زبان ۾ اڪريل اهي سمورا قصيدا به موجود آهن جيڪي پنج هزار سال پهرين اسان جي بجيٽ بنائڻ وارن تخليق ڪيا هئا پر افسوس جو دنيا جا ماهر اڄ تائين لاڪنڪورڊ جي ٻولي ”ڊي ڪوڊ“ ناهن ڪري سگھيا پر اسان کي يقين آهي ته جيڪر دنيا کي ڪڏهن ڪنڪورڊ جي زبان سمجهه ۾ اچي ويئي ته ان تي لکيل شيون ڪجهه هن طرح هونديون؛      ” پنهنجن مفادن لاء يو ٽرن وٺڻ ذهانت جي نشاني،پنهنجن سياسي مخالفن کي ملڪ جي سمورين برائين جي پاڙ قرار ڏيئي پنهنجن ناڪامين تي پردو وجھڻ،اين آر او نه ڏيڻ جو نعرو لڳائي پنهنجي اقتدار کي ڊيگھه ڏيڻ ڪاميابيء جو راز آهي.غريب ۽ بکي رعايا جو فرض آهي ته اکيون بند ڪري انهن جي انهن حڪمن جي پيروي ڪري ۽ ڪابه عدالت انهن جي ڪنهن به ڏوهه تي کين عدالت ۾ نٿي گھرائي سگھي وغير وغيره“
شانزي ليزي جي آخري ڪنڊ تي ”آرڪ ڊي تري اونف“ آهي جيڪا ٻارهن دري قسم جي هڪ عمارت آهي پر ان جا صرف چار دروازا آهن ۽ نيپولين بونا پارٽ جي سوڀن ۽ ڪاميابين جي مڃتا ۾ جوڙي ويئي هئي.ان عمارت جي عين وچ ۾ ڪنهن نامعلوم سپاهيء جي ياد ۾ هڪ مشعل روشن آهي.اها مشعل گذريل سال کان لاڳيتو ٻري رهي آهي ۽ فرانس جا سمورا فوجي ان جڳهه تي پهچي مٿي تان ٽوپي لاهيندا آهن ۽ انهن فرانسسي سپاهين کي سلام ڪندا آهن جن پهرين عظيم جنگ ۾ پنهنجي وطن لاء جانيون قربان ڪيون هيون.انهيء چوڪ کي هڪ ٻي به انفراديت حاصل آهي جو پيرس جون ٻارهن سڙڪون ان آرڪ کان شروع ٿين ٿيون ۽ انهن سڙڪن ۾ ”شاهراه جمهوريت “ به شامل آهي.پنجاب جي انگريز گورنر سر لائيل به شايد ان سڙڪ کان متاثر ٿي پنجاب جي مشهورزرعي شهر ”ساندل بار“ جو نقشو برطانيا جي جھنڊي کي ڏسي ترتيب ڏنو هو  جتي اڄ به فيصل آباد (لائلپور) جون اٺ بازارون گهنٽه گھر اچي هڪ ٻئي سان گلي ملن ٿيون. تاريخ ٻڌائي ٿي ته ارڙهين صديء جي آخر ۾ جڏهن فرانس ۾ انقلاب آيو ته پيرس جي انقلابين انهيء هنڌ تي گلوٽين لڳائي ڇڏي هئي ۽ انهيء چوڪ تي روزانو ڏيڍ سو کان ٻن سون تائين اشرافيا،حڪمرانن ۽ سياستدانن جا سر قلم ڪيا ويندا هئا.انقلابي پيرس جي مختلف چوڪن تي بيهي رهندا هئا ۽ کين جنهن به شخص جا هٿ نرم ڏسڻ ۾ ايندا هئا ،جنهن جي به جسم مان عطر ۽ صابڻ جي خوشبوء ايندي هئي ۽ جنهن جي به تازو شيو بنايل هوندي هئي ان کي گرفتار ڪري سرسري عدالتن ۾ سندس خلاف ڪيس هلايو ويندو هو ۽ کيس گلوٽين هيٺان ليٽائي سندس سر ڪپيو ويندو هو.جڏهن به ڪو اتان اڄ به گزري ٿو ته سندس ذهن ۾ اهو خيال اڀري ٿو ته ان آرڪ هيٺان فرانس جي ڪيتري ئي اشرافيا جو خون موجود آهي جن عوام جي لاء ماني حاصل ڪرڻ به مشڪل بنائي ڇڏي هئي.جنهن ڪنهن اڻ چونڊيل وزير خزانه کي راند رهڻ جي پوري اجازت ڏيئي رکي هئي ۽ وقت جو حاڪم ماڻهن کي صبر جي تلقين ڪري رهيو هو.هي فرانس جي تاريخ جو اهو دور هو جنهن ۾ سول ادارن جي سربراه بادشاه اڳوڻين حڪومتن جي وزيرن ۽ مشيرن کي پنهن جي ڪابينا ۾ شامل ڪري سڀ معاملا انهن جي حوالي ڪري ڇڏيا هئا.بادشاه پيرس جي ڳوٺاڻي علائقي”وارسائي“ ۾ محلات جوڙائڻ جو فيصلو ڪيو ته هن پنهنجي وزير خزانه کي گھرايو ۽ حڪم ڏنو ته هي محلات توکي جوڙائڻو آهي.وزير خزانه حڪم اڳيان سر جھڪايو ۽ عوام جو رت نپوڙي ڪاريگرن جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ ڪاريگرن وارسائي ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو محل بيهاري ڇڏيو.اهو محلات اڄ تائين قائم آهي،اهو ”شتودي وارسائي“ سڏائي ٿو۽ ان جي درن ۽ ديوارن مان عوام جي رت جي بوء اچي ٿي.اوهان کي اهو ڄاڻي شايد حيرت ٿيندي ته انقلاب فرانس جو بنياد عدالت جي هڪ فيصلي رکيو هو.ارڙهين صديء جي آخر ۾ جڏهن ماڻهن وٽ اٽو ختم ٿي ويو هو ۽ اهي محل جي سامهون بيهي اٽي جي لاء رڙيون ڪري رهيا هئا ته ان وقت نئين پرڻيل راڻيء کين مانيء جي بدران ڪيڪ کائڻ جي صلاح ڏني هئي.ٺيڪ ان وقت فرانس جي عدالت ۾ اهو ڪيس هلي رهيو هو ته بادشاه جو هر فرمان قانون آهي ۽ فرانس جي ڪنهن به اٿارٽيء وٽ ان کي رد ڪرڻ جو اختيار نه آهي.جنهن وقت ماڻهو پيرس جي گھٽين ۾ اٽو اٽو پڪاري رهيا هئا ٺيڪ ان وقت فرانس جي سپريم ڪورٽ اعلان ڪري ڇڏيو هو ته بادشاه کي زمين تي خدا جا سمورا اختيار حاصل آهن ۽ دنيا جي ڪابه طاقت  ان کان اهي اختيار واپس نٿي وٺي سگھي.ان حڪم جي ٻئي ڏينهن بادشاه جي هڪڙي چمچي هڪ مالهيء کي ”آرڪ ڊي تري اونف“ واري هنڌ ڪوڙا لڳائڻ شروع ڪيا.ماڻهن روڪيو ته چمچي کيسي مان بادشاه جو حڪمنامو ڪڍي ڏيکاريو.ان حڪمنامي مطابق شاهي اهلڪار ڪنهن به شخص کي ڪنهن به هنڌ ڪا به سزا ڏيئي سگھيا ٿي جنهن جي باري ۾ شڪ هجي ته هو امن امان ۾ نقص جو سبب بڻجي رهيو آهي.اهو مالهي شاهي اهلڪار جي مار برداشت نه ڪري سگھيو ۽ هن ماڻهن سامهون دم ڏيئي ڇڏيو.ميڙ مان هڪ پٿر آيو۽ سڌو شاهي اهلڪار جي مٿي تي لڳو.هن ڪاوڙ مان هجوم کي گاريون ڏنيون ۽ پنجن منٽن بعد ان چوڪ ۾ ان اهلڪار جو لاش پيل هو.اهو اهلڪار ان انقلاب جو پهريون شڪار هو.ان جي لاش مان ماڻهن کي معلوم ٿيو ته ظالم به آخر نيٺ انسان ئي هوندو آهي ۽ انسانن جي زندگي ۽ موت جي وچ ۾ ڪو لوهي پردو موجود ناهي هوندو.بس اهو معلوم ٿيڻ جي دير هئي پوري فرانس ۾ باه لڳي ويئي ۽ ماڻهن ظالمن جا لاش وڇائي انهن تي نچڻ شروع ڪري ڏنو.اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن، فرانس ۾ ان کان پوء ڪنهن به ”ڪنگورڊ“ بڻجڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي.جيڪر ڪو ”آرڪ ڊي تري اونف “ جي ڇت تي بيٺل هجي ته ان جي پيرن ۾ شانزي ليزي وڇايل هوندي آهي.سڄو پيرس روشنين ۾ وهنجاريل نظر ايندو ۽ اوهان فرانس جي هڪ خوبصورت ۽ پراسرار شام جو مزو وٺي سگھو ٿا جتي وڻندڙ موسم ۾ آڪاش تي ڪڏهن ڪڏهن اوهان کي ڳاڙهاڻ جا آثار به نظر ايندا.انهيء پوري قصي کي ذهن ۾ رکندي جيڪر اندازو لڳائجي ته پاڪستان ۽ فرانس ۾ ڪهڙو فرق آهي ته محسوس ٿيندو ته پاڪستان 1780ع جو فرانس آهي.اهي ئي مسئلا،اهو ئي ظلم،جبر،گھڻي ۾ گھڻا اختيار حاصل ڪرڻ جو اهو ئي حرص،اهي ئي مفاد پرست ۽ خوڊشامدي سياستدان،قانون،آئين ۽ ضابطن جي اها ئي ڀڃڪڙي،اها ئي سنگدلي،هٽ ڌرمي ۽ پنهنجو پاڻ کي ضروري ۽ ناگزير سمجھڻ جو اهو ئي ضد،اها ئي انا،تڪبر ۽ وڏائي ۽ پنهنجو پاڻ کي عقل ڪل تسليم ڪرائڻ جون ڪوششون،عوام جي اها ئي بيچيني،اهو ئي غصو،ڪاوڙ ۽ شدت،ملڪ ۾ اها ئي مهنگائي ۽ بيروزگاري ۽ اٽي جي اها ئي کوٽ،ميڊيا تي اها ئي ڏنڊي بازي ۽ نظام جي اها ئي ڀڃ ڊاهه،سياسستدانن جي اها ئي بندر بانٽ،اهي ئي ڊيلون،معاهدا ۽ اين آر او،اهي ئي پنهنجي گڏيل مفادن لاء منظور ٿيندڙ متفقه ٺهراء ۽ اهي ئي سمجھوتا،مصلحتون ۽ ميثاق،حڪمرانن جا اهي ئي چمچا ۽ سندن اهي ئي چمچا گيريون ۽ چاپلوسيون.شايد انهن مان ڪنهن به انقلاب فرانس مان ٽڪي جو سبق ناهي سکيو! لڳي ٿو ته 1780ع واري فرانس ۽ اڄ جي پاڪستان ۾ ڪو به فرق ناهي رڳو ماچيس جي هڪ تيلي اڇلائڻ،هڪڙي لاش جي تڙپڻ ۽ هڪڙي پٿر کڄڻ جي دير آهي ۽ عوام سموريون حدون اورانگھي سگھي ٿو.

(روزاني هلال پاڪستان)

ماضيء جو آئينو ؛ صلاح الدين ايوبي ۽ جبر جو شڪارڪُرد !




شفيق الرحمان شاڪر
گذريل سال جنوري ۾ ترڪي جي فوج،ترڪيء جي سرحد سان ڳنڍيل اتر شام جي شهر عفرين تي بمباري ڪري ٽينڪن سان داخل ٿي ويئي.ترڪي ان ڪاروائيء جو سبب اهو ٻڌايو هو ته ان شهر ۾ ڪردن جي ڊيموڪريٽڪ يونين پارٽي جا دهشتگرد جن کي بشارالاسد جي حڪومت سان وڙهندڙ گڏيل فوج هٿيار مهيا ڪري رهي آهي ۽ مالي مدد به ڏيئي رهي آهي،اهي سرحد پار ڪري ترڪيء جي علائقي ۾ ڪاروائيون ڪري رهيا آهن.ترڪيء کي شڪ آهي ته عفرين جي انهن ڪردن کي پردي پويان امريڪين جي به امداد مليل آهي.ترڪيء جو چوڻ آهي ته هن اها ڪاروائي ڪرد دهشت گردن کي ختم ڪرڻ ۽ پنهنجي دفاع لاء ڪئي هئي.
تاريخ جي ستم ظريفي ڏسو جو صلاح الدين يوسف بن ايوب جنهن اٺ سو سال اڳ صليبي جنگين ۾ عيسائين کي شڪست ڏيئي ييروشلم ۽ پوري فلسطين کي فتح ڪيو هو ۽ مصر،شام،عراق،حجاز،يمن ۽ اتر آفريڪا جي ڪشادي علائقي تي ٻڌل پنهنجي مملڪت قائم ڪئي هئي،انهيء جا ٽي ڪروڙ ۽ پنجهتر لک هم نسل ڪرد اڄ چئن ملڪن،شام،ترڪي،عراق ۽ ايران ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا آهن. اها قوم ايران کان شام تائين پکڙيل ان علائقي ۾ آباد آهي جنهن کي ڪردستان چون ٿا.ان علائقي ۾ ڪرد ٽي سو سال قبل مسيح کان آباد آهن.ستين صدي ۾ ڪردن اسلام قبول ڪيو هو ۽ انهن مان ئي صلاح الدين ايوبي اڀريو هو جنهن صليبي جنگين ۾ پنهنجي فتحن ذريعي وڏو نالو پيدا ڪيو.انهيء ئي عظيم مسلمان فاتح جي اها قوم اڄ چئني طرفن کان جبر ۽ تشدد جو شڪار بڻيل آهي.
پهرين عالمي جنگ کان اڳ ڪرد هن علائقي ۾ سلطنت عثمانيه هيٺ خانه بدوشن واري زندگي گذاريندا هئا.اها ستم ظريفي ئي چئجي جو سلطنت عثمانيه ختم ٿيڻ بعد وچ اوڀر ۾ ڪيتريون ئي نيون آزاد رياستون وجود ۾ آيون پر هڪ آزاد خود مختيار رياست جي باري ۾ ڪردن جو خواب پورو نه ٿي سگھيو توڙي جو 1920ع جي سيوري معاهدي هيٺ عراق،شام ۽ ڪويت جون آزاد رياستون جڙيون هيون ان  ۾ڪردن جي آزاد رياست جو به وعدو ٿيل هو پر ترڪي ۾ مصطفيٰ ڪمال اتا ترڪ جي اقتدار ۾ اچڻ بعد ترڪي ۽ ان سان گڏوگڏ ايران ۽ عراق ڪردن جي آزاد مملڪت تسليم ڪرڻ کان انڪار ڇڏيو.توڙي جو اتر عراق ۾ ڪردن جي آبادي سٺ لکن جي لڳ ڀڳ آهي پر سڀ کان وڏو انگ انهن جو ترڪيء ۾ آهي جتي هڪ ڪروڙ اسي لک ڪرد ٻڌايا وڃن ٿا.شام ۾ انهن جو تعداد اٺاويهه لک جڏهن ته ايران ۾ اٺيتاليهن لکن ويجھو آهن.ايران ۾ ڪردن جي اڪثريت آزر بائيجان ۽ همدان جي علائقي ۾ آباد آهي جنهن کي ايراني ڪردستان چيو وڃي ٿو ۽ ڪرد انهيء کي اوڀر ڪردستان چون ٿا.ايران ۾ ڪردن خلاف ڪاروائين جو سلسلو سترهين صديء کان شروع ٿيو هو جڏهن شاهه عباس ڪردن کي وڏي پيماني تي زبردستيء خراسان منتقل ڪري ڇڏيو،پوء 1946ع ۾ قاضي محمد جي اڳواڻيء ۾ بغاوت ٿي ۽ ڪردن مها آباد جمهوريه جي نالي سان هڪ الڳ رياست قائم ڪئي جيڪا گھڻو عرصو هلي نه سگھي.قاضي محمد کي نيٺ سر عام ڦاسي ڌني ويئي.رضا شاهه پهلويء جي ڏينهن ۾ ڪردن جي زبان تي پابندي لڳائي ويئي ۽ 1979ع ۾ اسلامي انقلاب بعد آيت الله خمينيء ڪردن خلاف جهاد جو اعلان ڪيو ۽ وڏي پيماني تي ڪرد علائقن ۾ فوجي ڪاروائي ڪئي ويئي.نيٺ ڪردن کي گوڏا کوڙڻا پيا.
هوڏانهن اتر عراق ۾ ڪردن 1960ع کان 1975ع تائين مصطفيٰ برزاني جي قيادت ۾ بغاوت ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ کين خود مختياري حاصل ٿي پر 1991ع ۾ ڪردن جي بغاوت بعد صدام حسين جي حڪومت ان علائقي تي ٻيهر قبضو ڪري ورتو ۽ ڪردن تي سخت ظلم ڪيا. عراق ۾ توڙي جو صدام حسين جي زوال بعد ڪردن کي نئين آئين موجب خود مختياري حاصل ٿي ويئي هئي ۽ انهن جي علاقائي پارليامينٽ به تسليم ڪئي ويئي هئي.عراق جي جنگ بعد امريڪين انهن جي تيل سان مالا مال علائقي سبب انهن تي شفقت جو هٿ رکيو پر خبر ناهي بعد ۾ ڇو وري هٿ ڇڪي ورتو ويو.ڪجهه عرصو اڳ ڪردن پنهنجي آزاد خود مختيار مملڪت قائم ڪرڻ لاء ريفرينڊم به ڪرايو هو جنهن کي عراقي حڪومت رد ڪري ڇڏيو هو ۽ فوج چاڙهي ڪردن جي سمورن خوابن کي ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيو هو.اهو ئي سبب آهي جو ڪردن جي تاريخ ايران ۽ عراق ۾ بغاوتنب سان ڀرپور آهي.ترڪي ۾ ڪردن 1925ع ۾ شيخ سعيد جي اڳواڻيء ۾ بغاوت ڪئي جنهن بعد  ترڪي حڪومت ڪردن خلاف نهايت ئي سخت پاليسي اختيار ڪئي ۽ انهن جي زبان ۽ ثقافت ختم ڪري کين جابلو ترڪ قرار ڏنو.جابلو ترڪ قرار ڏيئي کين ترڪ سماج ۾ ضم ڪرڻ جي مهم شروع ڪئي ويئي.
1978ع ۾ ڪردن جڏهن آزادي ۽ خود مختياريء جي تحريڪ شروع ڪئي ته وڏي پيماني تي ترڪي جي حڪومت ۽ ڪردن وچ ۾ جھڙپون شروع ٿي وييون.ان تحريڪ ۾ علحدگي پسند تنظيم ڪردستان ورڪرز پارٽي اڳيان اڳيان هئي.اها تحريڪ ترڪي جي معيشت لاء تباهه ڪندڙ ثابت ٿي.ان دوران ترڪيء جي معيشت کي چار سو پنجاهه ارب ڊالرن جو نقصان پهتو.نيٺ ان تحريڪ جي اڳواڻ عبدالله اوجلان 2015ع ۾ تحريڪ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ اهڙيء طرح اها ڇڪتاڻ ختم ٿي.
ڪردستان جي علائقي کان ٻاهر پوري دنيا ۾ هڪ ڪروڙ کان مٿي ڪرد پکڙيل آهن انهن مان گھڻا اهي آهن جن ترڪي،عراق ۽ ايران ۾ سندن خلاف ظلم ۽ ستم کان فرار ٿي پناهه حاصل ڪئي آهي.انهن ڪردن جو چوڻ آهي ته ڪيڏي نه ڏک ۽ حيرت جي ڳالهه آهي جو سندن اڳواڻ صلاح الدين ايوبي ته ايران کان وٺي اتر آفريڪا تائين هڪ وڏي تعداد ۾ ملڪن کي آزاديء جي نعمت سان نوازيو پران جي قوم اڄ به پنهڻ جي آزاديء لاء تڙپي رهي آهي!
(روزاني هلال پاڪستان)

Friday, September 13, 2019

قرآن ۽ سائنسي راز؛ برسات،ڪڪر ۽ ڳڙا.



شفيق الرحمان شاڪر
پاڻيء جا بخار نهايت ئي بلنديء تي پهچي آلاڻ جي ذرن جي صورت اختيار ڪري وٺن ٿا جن کي ڪڪر چيو ويندو آهي.ڪڪرن جو ڪو رنگ ناهي ٿيندو،اهي صاف ۽ شفاف ٿيندا آهن.سج جي روشني انهن کي وڌيڪ سفيد ۽ چمڪندڙ بنائي ٿي ۽ جڏهن اهي آسمان تي تري رهيا هوندا آهن ته انهن مان مختلف تصويرون ۽ شڪليون جڙيل معلوم ٿينديون آهن.ڪڏهن ڪڏهن ننڍن ننڍن ڪڪرن جا ڪيترائي تهه هڪ هنڌ گڏ ٿي ويندا آهن ته سج جا ڪرڻن کي زمين تائين پهچڻ ۾ رنڊڪ پوي ٿي ۽ اهڙي ڏينهن کي ”جھڙالو ڏينهن “ چئبو آهي. اهڙو اتفاق به ٿيندو آهي جو ڪڪر آسمان تي نهايت ئي گھڻي بلنديء تي هليا ويندا آهن جتي گھڻي سردي هوندي آهي،اتي اهي آبي بخار ڄمي ويندا آهن تڏهن اهي ذرڙا هوا ۾ هيٺائين طرف لاڳيتو ڪرڻ شروع ڪري ڏين ٿا جنهن کي ”برفباري“ يا ”ڳڙا پوڻ“ چئبو آهي.پاڻيء جا اهي ئي ننڍڙا ذرڙا جڏهن آسمان جي بلندين کي ڇهڻ لڳن ته ڪڪر سڏائين ٿا پر جيڪر اهي زمين جي سطح تائين پهچي وڃن ته انهن کي ”ڌنڌ“ چئبو آهي.مطلب ته جڏهن اسان ڌنڌ ۾ هلي رهيا آهيون ته ڄڻ ته ڪڪرن جي اندر گھمي رهيا آهيون.آبهوا ئي موسم ۾ تبديليون آڻي ٿي ۽ سردي يا گرميء جي فرق کي واضح ڪري ٿي.جڏهن ڪڪر هٽي ويندا آهن ته آبهوا موسم جي گرميء جي درجي ۾ معمولي واڌارو ڪري ڇڏي ٿي،پاڻيء جا بخار جيڪي هوا ۾ تري رهيا هوندا آهن توڙي جو اهي ڏسڻ ۾ نه ايندا آهن،جيئن ئي هوا ٿڌي ٿئي ٿي آبي بخار پاڻيء جي وڏن وڏن ڦڙن ۾ بدلجي وڃن ٿا ۽ جڏهن اهي گھڻو ڳرا ٿي پون ٿا ته هوا ۾ ٽنگجي زمين طرف اچڻ شروع ڪري ڏين ٿا.پاڻيء جي لکن ڪروڙن ڦڙن جي زمين طرف اچڻ جي ان عمل کي ”برسات“ چئبو آهي.ڪجهه شيون اهڙيون به آهن جيڪي آسمان ۾ بنجڻ وقت ڪنهن ٻي شڪل ۾ هونديون آهن پر زمين تائين پهچندي پهچندي انهن جي شڪل ۽ صورت بدلجي ويندي آهي انهن ۾ ”ڳڙا“ به شامل آهن.ڪڏهن ڪڏهن اهڙا ڳڙا به ڏٺا ويا جيڪي بيس بال جيترا وڏا هئا.جيڪر انهن ڳڙن کي وچان ڪپي ڏٺو وڃي ته انهن ۾ ڪيترا ئي تهه هڪٻئي مٿان چڙهيل نظر ايندا جنهن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته هڪ ڳڙي کي زمين تائين پهچڻ کان پهرين ڪيئي ڀيرا فضا جي بلندين ۾ هيٺ مٿي ٿيڻو پوي ٿو تڏهن اهي وڃي زمين تي ڪرن ٿا ۽ اهو سڀ ڪجهه هوا جي سبب ٿئي ٿو.
موسمي ريڊار جي ايجاد بعد ئي اهو معلوم ڪرڻ ممڪن بڻيو ته اهي ڪهڙا مرحلا آهن جن مان گذري برسات اها شڪل اختيار ڪري ٿي.ان کوجنا مطابق برسات ٽن مرحلن مان گذري ان شڪل ۾ اچي ٿي.پهريون مرحلوهوا جي جوڙجڪ جو آهي،ٻيو مرحلو ڪڪرن جي ٺهڻ ۽ ٽيون مرحلو پاڻيء جي ڦڙن جي ڪرڻ جو آهي.قرآن ۾ جيڪي ڪجهه برسات جي جوڙجڪ جي باري ۾ ٻڌايو ويو آهي ان کوجنا ان جي تصديق ڪئي آهي.جڏهن هوائون ڪڪرن جي ننڍن ننڍن ٽڪرن کي ڌڪي پاڻ ۾ گڏين ٿيون ته اهي وڏن وڏن ڪڪرن جي جبلن ۾ بدلجي وڃن ٿا ۽ پوء انهن جي پاڻ ۾ ٽڪرائڻ سان آسماني بجلي پيدا ٿئي ٿي ۽ نيٺ مينهن وسڻ شروع ٿي وڃي ٿو.انهيء حقيقت طرف هيٺين آيتن ۾ اشارو ڪيو ويو آهي؛
”ڇا اوهين نٿا ڏسو ته الله ڪڪرن کي آهستي آهستي هلائي ٿو پوء ڪڪرن کي پاڻ ۾ ملائي ٿو پوء انهن کي تهن مٿان تهن ۾ بدلائي ٿو پوء تون ڏسين ٿو ته انهن جي وچان مينهن جا ڦڙا ڳڙن ٿا ۽ هو آسمانن مان انهن جبلن ذريعي جيڪي انهيء ۾ بلنديء تي آهن انهن مان ڳڙا وسائي ٿو.پوء جنهن کي گھري انهن مان نقصان پهچائي ٿو ۽ جنهن کي چاهي انهن کان بچائي ٿو.ان جي بجليء جي روشني اکين کي خيرو ڪريو ڇڏي.“ (سوره نور)
هڪ ٻئي هنڌ الله ربالعزت جو ارشاد آهي ته؛
”الله اهو آهي جيڪو هوائون موڪلي ٿوجيڪي ڪڪرن کي کڻي اچن ٿيون پوء جيئن گھري ٿو انهن ڪڪرن کي آسمان ۾ پکيڙي ڇڏي ٿو پوء انهن کي ٽڪڙيون بنائي ڇڏي ٿو پوء تون ڏسين ٿو ته برسات جا ڦڙا ان مان نڪرندا اچن ٿا.پوء الله پنهنجن بندن مان جن تي چاهي برسات وسائي ٿوته اهي خوش ٿي وڃن ٿا.“
انهن آيتن مان معلوم ٿيو ته هوائون الله جي حڪم سان ڪڪرن کي فضا ۾ پکيڙين ٿيون ۽ جتي الله جو حڪم ٿئي ٿو انهن علائقن ۾ پاڻي وسڻ شروع ٿي وڃي ٿو.گمندڙ اهي ڪڪر جڏهن ڪنهن نهايت ئي ٿڌي فضائي علائقي ۾ پهچن ٿا جيڪو آبي بخارن کي واپس پاڻيء ۾ بدلائي سگھي ته اتي به ڪڪرن جو سمورو پاڻي هڪ ئي ڌڪ سان زمين تي نٿو ڪري بلڪه ڦڙو ڦڙو ٿي وسي ٿو.ان پاڻيء کي ڪثير مقدار ۾ ان انداز سان نازل ڪرڻ جو اهو خلق خدا وڻن ۽ زمين لاء نقصانڪار ثابت ٿيڻ بدران فائديمند ثابت ٿئي،اهو نيٺ ڪهڙن بيجان طبعي قانونن جو نتيجو آهي؟پڪ سان ان ۾ الله جون وڏيون حڪمتون آهن.ان کان سواء اسان جو مشاهدو آهي ته هر سال هڪجهڙي برسات نٿي پوي.ڪنهن سال نهايت گھڻي برسات ٿئي ته ته ڪنهن سال بلڪل ئي برسات نٿي پوي پوء انهن طبعي قائدن ۾ اها واڌي گھاٽي ڇو ٿي ٿئي؟آخر انهن ڳالهين مان اهو نتيجو ڇو نه ڪڍجي ته ڪا اهڙي زبردست ۽ مٿانهين هستي به موجود آهي جيڪا انهن بيجان قائدن جي نتيجن ۾ تبديليء جو پورو اختيار رکي ٿي.
علم موسميات جي ماهرن معلوم ڪيو آهي ته ڪڪرن جا اهي ٽڪرا جيڪي ڳڙا وسائين ٿا اهي 7.6 کان 9 ڪلوميٽر مٿانهان ٿين ٿا،ڪڪرن ۾ گوڙ ۽ وڄ جو پيدا ٿيڻ اصل ۾ بجليء جو پيدا ٿيڻ آهي.ڪڪر جڏهن هڪٻئي سان ٽڪرائين ٿا ته انهن ۾ گاٺ پيدا ٿئي ٿي ۽ گاٺ سبب آواز ۽ بجلي ٺهن ٿا.ڪڪرن ۾ جيڪر آلاڻ يا پاڻيء جا ڦڙا موجود نه هجن ته ڪڏهن به بجلي پيدا نه ٿئي.ڪڪرن ۾ پاڻيء جا ڦڙا گھمندي جڏهن هڪٻئي سان ٽڪرائين ٿا ته انهن ۾ برقي ڪرنٽ پيدا ٿئي ٿو.چارج ٿيل هڪڙو ڪڪر جيڪر ٻئي چارج ٿيل ڪڪر سان ٽڪرائجي ٿو ته آواز سان گڏ بجلي پيدا ٿئي ٿي جيڪا ٽپا ڏيندي زمين تائين پهچي ويندي آهي.جڏهن اها زمين تي ڪري ٿي ته ڌماڪي سان گڏ هڪ وڏو ڀنڀٽ پيدا ڪري ٿي.چمڪ پيدا ٿيڻ سان هوا گرم ٿي پکڙجي ٿي.ان لهر سان پيدا ٿيندڙ گرجدا آواز اسان کي ڪجهه سيڪنڊن بعد ٻڌڻ ۾ ايندو آهي جيئن ته روشنيء جي رفتار آواز جي رفتار کان تيز آهي ان ڪري ڪڪرن جي پاڻ ۾ تڪرائڻ وقت پهريائين روشني ۽ بعد ۾ آواز ٻڌڻ ۾ ايندو آهي.
برسات وسائيندڙ ڪڪرن جي لاء گھٽ ۾ گھٽ بلندي 1200 ڪلوميٽر هوندي آهي.ڪجهه اهڙا ڪڪر به آهن جيڪي 10000 ميٽرن جي بلنديء تان پاڻي وسائين ٿا.انهيء کان سواء قرآن ڪريم اسان جو ڌيان برسات جي مٺي پاڻي طرف به ڇڪائي ٿو؛
 (اَفَرَئَ یْتُمُ الْمَآءَ الَّذِیْ تَشْرَبُوْنَ ۔ ئَ اَنْتُمْ اَنْزَلْتُمُوْہُ مِنَ الْمُزْنِ اَمْ نَحْنُ الْمُنْزِلُوْنَ ۔ لَوْنَشَآءُ جَعَلْنٰہُ اُجَاجًا فَلَوْ لَا تَشْکُرُوْنَ)
” ڪڏهن اوهان اکيون کولي ڏٺو آهي ته هي پاڻي جيڪو اوهان پيئو ٿا ان کي اوهان ڪڪرن مان وسايو آهي يا اسان ان جا وسائيندڙ آهيون؟اسان چاهيون ته ان کي سخت کارو بنائي ڇڏيون پوء اوهين شڪرگزار ڇو نٿا بڻجو؟“(سوره واقعه آيت 68 کان 70)
زمين کي پاڻي مهيا ڪرڻ سواء جيڪا جاندارن جي هڪ اهڙي ضرورت آهي جنهن سواء زندگي جو تصور ڪري نٿو سگھجي،برسات جو هڪ هڪ ڦڙو هڪ ٻيو اثر ”زرخيزي“ پيدا ڪري ٿو.برسات جا اهي ڦڙا جيڪي سمنڊن مان بخارن جي شڪل ۾ اٿن ٿا انهن ۾ گھڻو اهڙو مواد هوندو آهي جيڪو مئل زمين کي زنده ڪري ٿو.
ڪڪرن جا قسم؛ ڪڪرن جا هيٺ ڏنل چار قسم بيان ڪيا ويا آهن.
1.ڪمولس(Cumulus)؛ اهي اڇي رنگ جا ڪڪر آهن جيڪي آسمان تي ٿلهن تهن جي ڍيرن ۾ نظر ايندا آهن.جڏهن اهي آسمان تي ڇاننئيل هوندا آهن ته ايئن لڳندو آهي ڄڻ ته انهيء تي ڪپهه جي جبلن نهايت ئي سهڻو سلسلو موجود هجي.ان قسم جا ڪڪر عام طور تي گرميء جي مند ۾ ٻنپهرن کان پوء ڏسڻ ۾ ايندا آهن ۽ عام طور تي 4000 کان 5000 فٽن جي بلنديء تي هوندا آهن.جڏهن اهي پاڻيء سان ڀرجن ٿا ته گرجڻ ۽ وسڻ وارا بڻجي وڃن ٿا.
2.سائرس (Cirrus)؛ انهن جي شڪل اڇن گھنگرودار پرن جيان هوندي آهي.اهي ڪڪر نهايت ئي بلنديء تي هوندا آهن.اهي عام طور تي خشڪ موسم ۾ ڏسڻ ۾ ايندا آهن ۽ اسان جي زمين کان ڇهن کان اٺن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي هوندا آهن.اهي هوائن جي رخ تي اڏامندا آهن ۽ عام طور تي طوفانن جي خبر ڏيندا آهن.
3.اسٽريٽس (Stratus)؛ اهي ڪڪر آسمان تي هر طرف پکڙيل ٿين ٿا ۽ ڌنڌ جيان نظر ايندا آهن.اهي گھڻو مٿي نه هوندا آهن.عام طور تي 2000 کان 7000 فٽن جي بلنديء تي ٿين ٿا.ظاهر ۾ اهي ڪڪر خاموش نظر ايندا آهن تنهن هوندي به اهي خراب موسم جي نشاني سمجھيا ويندا آهن.
4.نمبس (Nimbus)؛ انهن مان مراد برسات جو طوفان آهي.انهن کي مينهن جا ڪڪر به چيو ويندو آهي.انهن جو رنگ گهاٽو سليٽي ٿيندو آهي.انهن جي ڪا واضح شڪل ۽ صورت نٿي ٿئي.موسميات جا ماهر انهن ئي ڪڪرن جو مشاهدو ڪري موسم جي باري ۾ ڪا اڳڪٿي ڪندا آهن.
 

Wednesday, September 11, 2019

اچو ته ”حسينيت” ۽” يزيديت” کي سڃاڻون!



شفيق الرحمان شاڪر
ٻن عنوانن ”حسينيت“ ۽ ”يزيديت“ جي سڃاڻپ ڇو ضروري آهي؟ جيڪر رڳو علم جي حد تائين انسان جي ڄاڻ ۾ اضافو ٿئي ته فرق نٿو پوي جو ڪربلا جي باري ۾ سندس معلومات انسان کي ڪٿي به نٿي پهچائي.اڄ ڪلهه جنهن شيء جي ڄاڻڻ جي ضرورت آهي سا اها ته انسان ڪربلا ۾ داخل ٿيڻ لاء ڪو رستو ڳولهي جيئن پيغمبر اسلام صلي الله عليه وسلم جن فرمايوته ” حسين هدايت جو ڏيئو ۽ نجات جي ٻيڙي آهي.“ ٻيڙيون انسانن کي اتي نجات ڏينديون آهن جتي اونها ۽ عميق سمنڊ هجن ۽ انهن سمنڊن ۾ تيز طوفان به هجن،بي رحم موجون ۽ لهرون به هجن ۽ ماڻهن جو انهن سمنڊن ۾ غرق ٿيڻ جو خطرو هجي.اهڙي وقت ۾ ٻيڙيون اچن ٿيون ۽ انسانن کي بچائين ٿيون ۽ انسانيت جي لاء اهڙيء ٻيڙيء جو نالو حسين رضه آهي.جڏهن انسانيت تباهيء جي ڪناري پهچي ٿي يعني جڏهن انسانيت ڪري پوي،غرق ٿيڻ لڳي جو يزيد جهڙو حڪمران،يزيديت جهڙو نظام اقتدار ۾ اچڻ لڳي ۽ انسان ويٺو تماشو ڏسندو رهي،اها ئي حقيقت ۾ انسانيت جي تباهي ۽ بربادي هوندي آهي ۽ اهڙي برباديء مان انسانيت کي حسينيت ئي ڇوٽڪارو ڏياريندي آهي.يزيديت ڪنهن هڪڙي فرد جو نالو ناهي بلڪه يزيديت هڪ طبقو ۽ هڪ نظام آهي.اهو طبقو ۽ اهو نظام يزيد کان پهرين به موجود هو،يزيد جي وقت ۾ به هو ۽ يزيد کان پوء به قيامت تائين موجود رهندو.اهڙيء طرح حسينيت به هڪ منشور،هڪ اعلان ۽ هڪ نظام آهي جيڪو حسين رضه کان اڳ به هو،حسين رضه جي وقت به رهيو ۽ حسين رضه کان بعد قيامت تائين موجود رهندو.اهو ته اسان ٻڌندا آيا آهيون ته ڪربلا جو واقعو ڪيئن ٿيوپر ٻيا ڪيترا واقعا آهن جن جي باري ۾ اسين نٿا ڄاڻون،ڪيئي اهڙا ڪردار جن کان اسان اڻ واقف آهيون.
ڪربلا ۾ ڪي ٻه فرد آمهون سامهون نه هئا پر ٻه طبقا يا ٻه نظام مقابلي ۾ هئا.حسين نبين جي نسل جو وارث هو.وارث اهو ٿيندو آهي جنهن کي ڪجهه ورثي ۾ مليو هجي.امام حسين رضه ڪهڙي شيء ۾ نبين جو وارث هو.نبي ۽ رسول ته ورثي ۾ نه مال ملڪيت ڇڏيندا آهن ۽ نه ئي جائدادون.پوء آخر اها ڪهڙي شيء هئي جيڪا امام سائينء کي ورثي ۾ ملي هئي جنهن کي بچائڻ لاء کين ڪربلا جي ميدان ۾ اچڻو پيو؟حسين رضه جو نالو ته سڀ وٺن ٿا،پوري مخلوق سندن نالو وٺي ٿي.چون ٿا ته هڪ انگريز جڏهن گانڌيء کان انٽرويو وٺڻ آيو ته هن سوال ڪيو ته اوهان پنهنجي قوم ۾ ڪهڙيء طرح اهو روح ڦوڪيو ته هن چيو ته مون تاريخ پڙهي آهي ۽ مون کي معلوم ٿيو ته صديون اڳ هڪ حسين هو جيڪو ڪربلا جي ميدان ۾ آيو هو جنهن مون کي اهو سبق سيکاريو ته قوم ۾ ڪهڙيء طرح قربانيء جو روح ڦوڪي سگھجي ٿو.
آدم کان ويندي اڄ تائين حسينيت يزيديت سان مقابلي ۾ آهي ۽ قيامت تائين رهندي.حسينت حق ۽ يزيديت باطل آهي.حسينيت سچ ۽ يزيديت ڪوڙ آهي،حسينيت روشني ۽ يزيديت اوندهه آهي.حسينيت انصاف ۽ يزيديت ظلم آهي.حسينيت نفس ڪشي ۽ يزيديت نفس پرستي آهي.ڪربلا جي جنگ ۾ امام عالي مقام رضه جي قرباني ايمان وارن کي ڪهڙو سبق ڏيئي رهي آهي؟اها ئي ڳالهه سمجھڻ ۽ سمجھائڻ جي آهي.هر حسيني اهو ڏسي ته هن جو آسپاس ڪهڙي ڪهڙي شڪل ۾ يزيديت سان مقابلوآهي ۽ هو انفرادي توڙي اجتماعي طور تي ان يزيديت خلاف وڙهي رهيو آهي يا نه؟پنهنجن نفسن ۽ خواهشن جي پيروي ڪندڙ ڪهڙيء ريت حسينيت کي سمجھي سگھن ٿا؟حلال رزق کائيندڙ ۽ دل ۾ بغض ۽ ڪينو نه رکندڙ مومن ئي حسينيت کي سمجھي سگھن ٿا.حرام جو گراهه کائيندڙ،ٻين جو مال ناجائز طريقي سان هضم ڪندڙن جو حسينيت سان ڪهڙو تعلق؟مذهب جي نالي تي دهشتگردي ڪندڙ ۽ نسلن جي بنياد تي نفرتون پکيڙيندڙ،عوام جو استحصال ڪندڙ ۽ ماڻهن جي رت سان راند ڪندڙ ڪهڙيء طرح حسينيت سان حب جا دعويدار بڻجي سگھن ٿا؟معصوم انسانيت جا قاتل،ماڻهن جي مال،جان ۽ عزت سان کيڏندڙ ۽ دنيا جي ڪمزور قومن تي ظلم جا جبل ڪيرائيندڙ سڀ جا سڀ يزيديت جا پيروڪار آهن.ڪشمير ۽ فلسطين ۾ اڄ جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو سڀ ڪجهه يزيديت ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟انهيء يزيديت پوري دنيا جو سک ۽ چين برباد ڪري رکيو آهي،لکين ماڻهن کي بي گھر ڪيو آهي ۽ هزارين ٻارن کي معذور بنائي ڇڏيو آهي.ڪنهن ظالم ۽ جابر حاڪم سامهون حق جي ڳالهه چوڻ ئي حسينيت آهي پر دنيا جي نام نهاد اڳواڻن ۽ حڪمرانن مظلوم قومن تي ٿيندڙ هر ظلم تي پنهن جا چپ سبي رکيا آهن ۽ دعويٰ حسينيت جي ڪري رهيا آهن.امام حسين رضه جو ڪربلا طرف مارچ سر بچائڻ لاء نه پر سر ڪٽائڻ لاء هو.ڪربلا ۾ حسين رضه بعد دنيا ٻيو ڪو اهڙو آزادي پسند اڳواڻ ناهي ڏٺو جنهن ان انداز سان ڪنهن ظالم کي للڪاريو هجي.اسي هزار کان مٿي ڪشميري ڀارتي يزيديت خلاف پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪري چڪا آهن،اهڙيء طرح هٿين خالي فلسطيني يزيديت خلاف جنگ وڙهي رهيا آهن،اهي سڀ حسينيت جا پيروڪار آهن.دنيا ۾ جيڪو به جتي به حق جي ڳالهه ڪري رهيو آهي،ڪنهن ظالم خلاف چيلهه ٻڌي بيٺل آهي.ڪنهن مظلوم جي مدد ڪري رهيو آهي،ڪنهن ناانصافيء خلاف آواز بلند ڪري رهيو آهي اهو سچو حسيني آهي.ڏٺو وڃي ته قدم قدم تي اڄ به ڪا ڪربلا آهي جتي ڪو نه ڪو يزيد حسينيت تي پنهن جي جبر،ظلم ۽ ڏاڍ جا هٿيار استعمال ڪري رهيو آهي.دنيا جي آزاد قومن کي مجبور ۽ بي پهچ ڪري انهن کي غلام بنائڻ جي روش،انهن جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضو ڪرڻ جي ريت ۽ انهن جي عوام کي معاشي بحرانن ۾ ڦاسائي کين پيڙهڻ جو انداز ڀلي ڪهڙو به هجي پر انهن سمورين حرڪتن پويان اهو ئي يزيدي ذهن ڪم ڪري رهيو آهي پر حسينيت جو شان اهو آهي جو
” جفا ڪي  تيغ  سي گردن  وفا   شعارون ڪي
ڪٽي تو هي بر سر ميدان مگر جھڪي تو نهي.“
(روزاني عوامي آواز 10 سيپٽيمبر 2019ع)



Sunday, September 1, 2019

ماڻهن کان مانيء گراه ته نه کسيو!



شفيق الرحمان شاڪر
هاڻوڪي تبديلي سرڪار ۾ به هڪ پورو عجائب گھر سمايل نظر اچي ٿو جتي روزانو وزير ۽ مشير عجيب غريب بيان ڏيئي قوم کي وندرائڻ جو سامان مهيا ڪندا رهن ٿا.ڪجهه مهينا اڳ هڪ وفاقي وزير اهو بيان ڏنو هو ته قوم رڳو ڪجهه هفتا صبر ڪري پوء ملڪ ۾ هر طرف کان روزگار ۽ نوڪرين جو مينهن وسڻ لڳندو ۽ ايتريون ته نوڪريون نازل ٿينديون جو نوڪريون ڳولهڻ وارا ماڻهو کٽي ويندا پر نوڪريون نه کٽنديون.ان موصوف وزير جي اڳڪٿي ڪيتري قدر  پوري ٿي آهي سو هر ڪنهن کي معلوم آهي.هڪ ٻئي وزير خوشخبري ٻڌائي هئي بلڪه ان وزير سان گڏوگڏ خود خان صاحب پاڻ به اعلان ڪيو هو ته سمنڊ مان تيل نڪرڻ وارو آهي جنهن بعد پاڪستان ٻين ملڪن کي قرض ڏيندڙ ملڪ بڻجي ويندو،پر نه ته تيل مليو ۽ نه ئي پاڪستان قرض ڏيندڙ ملڪن جي لسٽ ۾ شامل ٿي سگھيو.مطلب ته هاڻوڪي حڪومت جي وزيرن ۽ مشيرن وٽ عجيب غريب بيانن جو اڻ کٽ خزانو موجود آهي جنهن مان هر وقت ڪجهه نه ڪجهه وڏي سخا سان عوام ۾ ونڊيندا ۽ ورهائيندا رهن ٿا.قوم وزير اعظم جي ان بيان کي به اڃا تائين اکيون ڦاڙي حيرت وچان ڏسي ۽ سمجھڻ جي ڪوشش ڪري  رهي آهي جنهن ۾ هن فرمايو هو ته مودي کي اليڪشن ضرور کٽڻ گھرجي  جو موديء جي کٽڻ سان ڪشمير جو مسئلو حل ٿي ويندو خان صاحب جي.مودي جي اليڪشن کٽڻ واري خواهش ته پوري ٿي ويئي پر موديء ڪشمير ۽ ڪشميرن سان جيڪا ويڌن ڪئي آهي اها سڀني جي سامهون آهي.تازو ملڪ جي وزير داخلا برگئيڊر اعجاز شاه جنهن جي طبيعت اڪثر ناساز رهي ٿي تنهن هڪ نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي انڪشاف ڪيو آهي ته 2008ع ۾ هن استعيفا ان ڪري ڏني هئي جو هن ۽ تڏهوڪي آرمي چيف رٽائرڊ جنرل اشفاق پرويز ڪياني  قاف ليگ کي اليڪشن کٽرائڻ جو منصوبو جوڙيو هو،ان منصوبي کي بعد ۾ واپس ورتو ويو هو.گھرو وزير اهو به ٻڌايو ته ان کان پوء پيپلز پارٽيء کي چونڊن ۾ ڪامياب ڪرائڻ جو منصوبو جوڙيو ويو ۽ آرمي چيف ان ڪم لاء کيس نامزد ڪيو هو جڏهن ته قاف ليگ سان پيپلز پارٽيء جي ڊيل به هن ئي ڪرائي هئي جنهن ڪري پيپلز پارٽيء کي اقتدار مليو پر گڏوگڏ اهو به انڪشاف ڪيو ته محترمه بي نظير ڀٽو جي شهادت سبب پيپلز پارٽيء کي منصوبي کان وڌيڪ ڪجهه سيٽون به مليون.سمجهه ۾ نٿو اچي ته هن وقت جڏهن ملڪ ۾ اڳيئي سياسي افراتفري ۽ ڇڪتاڻ وارو ماحول آهي ۽ سرحدن تي به غير يقيني واري صورتحال موجود آهي ان وقت ان قسم جي بيانن جو مقصد ڪهڙو آهي.پنهن جي انهيء ”دانشمنداڻي“ انٽرويو ۾ هن ٻيون به کوڙ ڳالهيون ڪيون آهن پر سندس ان ڳالهه کي ڪهڙي معنيٰ پهرائجي جنهن ۾ هن اهو چيو ته ميان نواز شريف ۽ زرداري صاحب جيڪر ملڪ جي ڦريل دولت جو اڌ حصو به واپس ڪرائڻ لاء راضي ٿي وڃن ته هو سندن آزاديء جي ضمانت ڏيڻ لاء تيار آهي.ان جو مطلب اهو ٿيو ته ملڪ جو گھرو وزير ايترو طاقتور آهي جو هو ملڪ جي عدالتن ۽ احتسابي ادارن کي بائي پاس ڪندي ملزمن کي رليف مهيا ڪري سگھي ٿو.وقت گذرڻ سان گڏ جتي اپوزيشن  جو ڪردار عوام آڏو بي نقاب ٿيو آهي اتي پي ٽي آئي حڪومت جا افعال ۽ پرڪار به کلي ڪري سامهون اچي رهيا آهن.نوي ڏينهن اندر ملڪ جو نظام بدلائڻ جي دعويدارن پورو هڪ سال اقتدار ۾ گذارڻ بعد به اڃا تائين عوام کي ڪو رليف مهيا نه ڪيو آهي بلڪه عوام جون مصيبتون ۽ مشڪلون جيئن پوء تيئن وڌي رهيون آهن.ان پوري سال جي عرصي ۾ ڪو اهڙو عوامي ڀلائيء جو ڪارنامو ناهي جيڪو پي ٽي آئي حڪومت سندس کاتي ۾ ڳڻائي سگھي.ٻيو ته ٺهيو پر حڪومت مهنگائيء جي جن کي قابو ڪرڻ ۾ به بريء طرح ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ کاڌي پيتي جي شين توڙي دوائن جي اگھن ۾ روزانو اضافو ٿي رهيو آهي.ايستائين جو اٽو اٺيتاليهه کان پنجاهه روپيا ڪلو جي حساب سان وڪرو ٿي رهيو آهي،اهو ئي حال گيهه،کنڊ، چانورن ۽ کاڌي جي ٻين شين جو آهي جن جا اگھه غريبن جي پهچ کان ٻاهر هليا ويا آهن.ايئن ٿو لڳي ته ملڪ ۾ حڪومت نالي ڪا شيء ئي موجود ناهي.ڳالهيون ٻڌو ته ايڏيون وڏيون جو ڏندين آڱريون اچيو وڃن.ڪنهن به سرڪاري شعبي ۾ ڪو به سڌارو ته پنهن جي جڳهه تي پر ادارن جي حالت وڌيڪ خراب ٿيندي ٿي وڃي.جڏهن حڪومت جي نااهلين جي ڳالهه ڪجي ٿي ته سامهون اهو جواب ٻڌڻ لاء ملي ٿو ته خان صاحب پاڻ ڪابه ڪرپشن ۽ بدديانتي نه ڪئي آهي .سوال اهو آهي ته ڇا ذاتي طور تي خان صاحب جي اها ايمانداري ڪنهن بکئي جو پيٽ ڀري سگھي ٿي؟ رشوت جي ساڳي بازار هر کاتي ۽ اداري ۾ گرم آهي،ڪو جائز ڪم به رشوت سواء نٿو ٿئي.انهيء کان سواء حڪومتي صفن ۾ به جيڪا عظيم”ديانتداري“ آهي ان جا قصا به هاڻي آهستي آهستي ماڻهن سامهون اچي رهيا آهن.خان صاحب جيڪي به دعوائون ۽ وعدا ڪيا هئا اهي سڀ واريء جا محل ثابت ٿيا آهن.جن به معاملن تي هو سدائين ٻين کي تنقيد جو نشانو بنائيندو رهيو اڄ هڪ هڪ ڪري هو پاڻ به انهن معاملن ۾ الجھي چڪو آهي.عوام جو مقدر ته ڇا بدلجڻو هو هتي ته ماڻهن کان مانيء گراه به کسيو پيو وڃي.جنهن احتساب جو نعرو هڻي هو اقتدار ۾ آيو هو ان ڦوڪڻي مان به هوا نڪرندي ٿي وڃي ۽ اڻ ڌريا حلقا به هاڻي شڪايتون ڪندي نظر اچن ٿا ته احتساب رڳو سياسي مخالفن جو ٿي رهيو آهي ۽ حڪومت ۾ ويٺل مبينا طور تي ڪرپٽ شخصيتن کي اڃا تائين نه لهر آئي آهي نه لوڏو.ملڪ جي معاشي حالتن ۾ به ڪو قابل قدر سڌارو نه آيو آهي ۽ بي روزگاري سبب سماج ۾ بي چيني ۽ اڻ تڻ لاڳيتو وڌي رهي آهي.حڪومت ڪاروباري مافيا توڙي نوڪر شاهيء وٽ ايترو بليڪ ميل ٿي چڪي آهي جو سندن فرمائش تي نيب جي قانونن ۾ تبديليء لاء راضي ٿي ويئي آهي.احتسابي نظام تي وڌندڙ شڪ شبها حڪومت جي سموري ساک مٽيء ۾ ملائي رهيا آهن.سوال اهو آهي ته جيڪر ايندڙ وقت ۾ به حڪومت جي اها ئي ڪارڪردگي رهي ته ڇا عوام اهو سڀ ڪجهه صبر سان برداشت ڪري سگھندو؟ڇا ايندڙ وقت ۾ به رڳو نعرن،دعوائن ۽ ڍنڍورن سان ماڻهن کي مطئمن رکي سگھبو؟ هن وقت ملڪ جو غريب عوام جنهن ڪرب مان گزري رهيو آهي ۽ جهڙيء طرح مهنگائيء ماڻهن جي زندگي زهر ڪري ڇڏي آهي اتي عظيم ”تبديلي“ جا سمورا خواب خان صاحب کي ئي مبارڪ پر گھٽ ۾ گھٽ اٽي جو اگھه ئي سستو ڪيو وڃي جو ماڻهن کان مانيء گراه ته نه کسجي!
(روزاني عوامي آواز 29 آگسٽ 2019ع)