Monday, April 30, 2018

موبائيل فون،سائيبر ۽ اسان جو معاشرو.


(روزاني سنڌ ايڪسپريس)


عوام،حڪمران ۽ منحوس پاڇا!


شفيق الرحمان شاڪر
هونئن ته غريب پاڪستاني عوام سدائين منحوس پاڇن جي پاڇي ۾ رهندو پيو اچي جن سندن سريڙ جو رت ست ئي نپوڙي کين جيئرو لاش بنائي ڇڏيو آهي .انهن منحوس ساين جا نالا به سڀني کي معلوم آهن جن مان ڪجھه هي آهن؛ غربت،بيروزگاري،بدديانتي،دوکيبازي،اقربا پروري، رشوت،سفارش،گدلاڻ،جهالت،مهانگائي،دهشتگردي،طالبانيت، تعصب، جمهوريت جي ٻوٿ واري شهنشاهت ۽ مفادپرستيء جي رنگ ۾ رنگيل سياست،بدحالي، بيماري،بيوسي،مطلب ته اهڙا سوين سايا آهن جيڪي اسان جو ازلي مقدر بڻيل آهن.پر اڄ ڪلهه ماڻهو مزو اهو ڏسي رهيا آهن جو  پهريون ڀيروڪجهه منحوس ساين اسان جي حڪمران اشرافيا کي سُڪ ڪري ڇڏيو آهي. انهن ساين مان ٻه وڏا نڀاڳا سايا پناما ۽ اقاما جا آهن جيڪي انهيء اشرافيا کي ايئن چنبڙي ويا آهن جيئن ماڪوڙيون مٺاڻ کي چنبڙي وينديون آهن.انهن ساين مان جند آجي ڪرائڻ لاء نه ته ڪو تعويذ ٿو اثر ڪري ۽ نه ئي ڪنهن جناتي باباجو ڪو ڌاڳو ڦيڻو ٿو هلي.انهن منحوس ساين يا آسيبن انهن جو باقي جيڪو حشر ڪيو هجي سو ڪيو هجي پر سندن ذهنن کي مائوف ۽ سندن سوچن جي ماپي کي ابتو ضرور ڪري ڇڏيو آهي. انهيء آسيب جي وڪڙ ۾ ايندڙ ميان صاحب جي سوچ جي  ابتو ٿيڻ جو ئي مثال وٺو جو جنهنجي سموري سياسي سامان جي سلامتي  صرف“ سگھه وارن” جي صحبت ۾ ئي سمايل رهي سو سڄو ڏينهن  جمهوريت لاء جان صدقي ڪرڻ جو سرندو سوريندو رهي ٿو،جيڪو وقت جي بدترين فوجي آمر سان گڏجي  هڪ چونڊيل وزيراعظم کي ڦاسي لڳرائڻ بعد شڪراني جا ڪلما پڙهي رهيو هو ،ساين جي ستم ظريفي ته ڏسو جو ساڳيو صاحب  اڄ ذوالفقار علي ڀٽي جو وفادار وڪيل بڻيل نظر اچي ٿو.اسان جي ملڪ ۾ مختلف سياسي ڪرتبن جي حوالي سان چوڻي ته اها به صحيح آهي ته “مداري  نوان تماشو ساڳيو “ پر انهن ساين ۽ آسيبن جو ڪرشمو آهي جو هاڻي اها چوڻي به ابتي ٿي پيئي آهي جيڪا به بلڪل صحيح آهي يعني “  مداري ساڳيا تماشو نئون ”. سو سچ آهي ته اهي سياڻا پاڪستان جي پورن ٻاويهه ڪروڙ ماڻهن کي اڄ به  “ڀولا بادشاهه“ يا “مست موالا” سمجھن ٿا، خير، انهن سمجھه جي ڍير دماغن جي انهيء سوچ سان جيڪر سو سيڪڙو سهمت ٿي  پوري خلق خدا کي “پنهن جي وس“ ۾ نه سمجھهون ۽ انهن کي صرف مٽيء جا ماڻهو سمجھون ته ان ۾ حيرت جي ڪهڙي ڳالهه آهي جو ان ويچاريء خلق خدا تي ڪو هڪ ٻه نه پراڻ ڳڻيا آسيب ۽ سوين منحوس سايا صدين کان سوار آهن پر هنن شيرن،ڏهيسرن،جانثارن، جانبازن، انقلابين ۽ پاڪستاني نيلسن منڊيلائن مٿان ڪهڙو ستم جو آسمان ڪريو آهي جو  انهن جا نه ته پگھر ٿا بيهن ،  نڪي سندن سوچون ٿيون سندن ساٿ ڏين ۽ نه ئي هنن کي اهو ياد رهيو آهي ته  اهي ڪنهن بنانا ريپبليڪن ۾ نه پر ٻاويهه ڪروڙ ن جي آباديء واري ايٽمي طاقت رکندڙ هڪ اهڙي ملڪ کي  پنهن جي منفي ۽ مفاد پرستاڻي سياست جو آکاڙو بنائي رهيا آهن  جتي اڃا صفا اوندهه به ناهي ٿي جهڙي هنن کي نظر اچي ٿي. انهيء منحوس پاڇي جي منهن ۾ آيل هڪ ٻيو اهم وزير به افسوس جو نااهليء جي  نظير بڻجي ويو .ان دانشور وزير سدائين ٻين کي شرم ۽ حيا ڪرڻ جا ايترا ته ڀاشڻ ڏنا جو حيا کي به حيا اچي ويئي پر جڏهن پاڻ عدالت سڳوريء سامهون وڏي سچائيء سان پنهن جي وزارت واري ڌنڌي سان گڏ اوور ٽائيم واري اقامي يعني عربن جي نوڪري ڪرڻ جو اعتراف ڪري رهيو هو ته خبر ناهي هن ٿوري دير لاء ٿڌي دماغ سان انهيء سوال تي به  سوچيو هوندو ته ڇا شرم ۽ حيا جا مطالبا رڳو ٻين کان ڪرڻ لاء ئي هوندا آهن؟  سياست جي ميدان ۾ منڊيلا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائيندڙ محترما مريم صفدر سندن انهيء غريب وزير جي  ڊبل نوڪريء سبب ٿنيدڙ نااهليء تي تبصرو ڪندي ۽ عدالت پاران امين ۽ صادق نه هئڻ جي سند ملڻ تي فرمايو ته هاڻي ته عوام خواجا آصف جي پاڇي کي به ووٽ ڏيندو!وري اها ئي پاڇي جي پچار! هاڻي سمجھه ۾ اهو نه آيو ته عوام ڪهڙي پاڇي کي ووٽ ڏيندو؟ خواجا بزرگ جي پنهنجي پاڇي کي يا ان منحوس پاڇي کي جيڪو ميان صاحب جيان هن کي به چنبڙي پيو آهي.لڳي ٿو ته انهيء نااهليء تي به پوري ڪائنات سوڳوار آهي جو جمهوريت جو هڪڙو ٻيو مضبوط ٿنڀو ڪري پيو آهي.هاڻي پاڪستان ۾ جمهوريت جو ڇا ٿيندو؟ ماڻهو هڪ لحاظ کان خوش نظر اچن ٿا جو منحوس پاڇن جي برڪت سان گھڻن پاڇن مان  عوام ۽ جمهوريت جي جند آزاد ٿيندي ويندي پر ٻئي لحاظ کان اهي پريشان به آهن ته اهي پاڇا پنهنجي پويان جيڪي پنهنجا پاڇا جانشين ڇڏي ويندا اهي عوام لاء نحوست جي نئين سوکڙي آڻيندا يا  سندن سياسي استادن جي ماضيء ۾ ڪيل من مستين کان پرڀرو رهندا.جيڪر اسان چئون ٿا ته اسان تي پاڇن جي حڪومت آهي ته عقل جاڪجهه اڪابر ٽپو ڏيئي ميدان ۾ لهيو پون ۽ اسان کي ڪمزور اعتقاد ۽ وهمي سڏڻ لڳن ٿا.اسان عوام سڄي ڄمار چرين جيان صرف پاڇن پويان نه ڊوڙندا رهيا آهيون ته ڇا ڪندا رهيا آهيون؟بهرحال عوام کي انهن منحوس پاڇن جو ڪو خاص فرق ناهي پوڻو پر بدديانتي  جو اهو بدروح ۽ اقاما جو اهو آسيب جيڪو خدا جو شڪر آهي جو لڏو لاهي ان اشرافيا پويان پئجي ويو آهي سو سندن صحيح ۽ ثابت سياسي صفائي ڪرڻ سوا سڪون سان نه ويهندو.اڃا ته قصو  گھڻو آهي،عربن جي نوڪري ڪري ٻه ٽي روپيا ڪمائيندڙ اڪيلو آصف ته ڪونه هوندو هتي ته اقاما جي عاشقن جي قطار لڳل هوندي.ڪي عربن جا مشير ته ڪي گاڏيون هلائيندڙ ۽ ڌوئندڙ،ڪي انهن جا اٺ ،گھوڙا ۽ باز سنڀاليندڙ.هئڻ ته اهو گھرجي جو پاڪستان جي پارليامينٽ گڏجي اهو قانون پاس ڪري ته پاڪستاني پارليامينٽرن ،حڪومتي وزيرن .مشيرن ۽ سمورن سرڪاري ملازمن کي ڪنهن به ٻئي ملڪ ۾ پنهنجي مرضيء جي رڳو هڪڙي نه پر ڪئين نوڪريون ڪرڻ جي اجازت هجي يا اهو ته ڪنهن به غير ملڪي ملازم کي پاڪستاني سياست ۾ حصو وٺڻ توڙي سمورن پاڪستانين مٿان وڏي شان ۽ دٻدٻي سان حڪومت ڪرڻ ۽ هتان ڏوڪڙ ميڙي ٻاهرين ملڪن ۾ محفوظ ٿيل سندن ٽجوڙين ۾ سجائڻ جي مڪمل اجازت ۽ آزادي هجي بلڪه حڪومت لاء اها اضافي اهليت سمجھي وڃي.اهڙيء طرح عدالتن، اليڪشن ڪميشن يا ٻين احتسابي ادارن کي عظيم جمهوريت خلاف ڪا ڳجھي سازش سٽڻ جي ضرورت ئي نه پوندي.جيڪر بدنصيب پاڪستاني عوام جي خدمت لاء انهن پناما زده ۽ اقامازده اعليٰ دماغن سواء ٻيا ڪي  نمائندا ميسر ئي ناهن ته پوء ڇا ڪجي جو نه ته ملڪ انهن سواء هلي سگھي ٿو ۽ نه ئي دنيا ۾ اسان جي ڪا عزت ٿي سگھي ٿي.انهيء ڪري “جيئن آهن،جتي آهن.“ جي اصول هيٺ سياست جي سودي ۾ انهن کي ئي قبول ڪرڻو پوندو.جيڪر مريم صاحبه اها خوشخبري ڏيئي رهي آهي ته “نااهل” ٿيڻ بعد عوام انهن جي پاڇي کي به ووٽ ڏيندو ته پوء“ اهلن” کي کپي ته اهي تڪڙو سياست ڇڏي وڃي ڀاڄي کپائين جو هتي ووٽ جو وسڪارو رڳو انهن تي ٿيڻ وارو آهي جيڪي عدالتن مان نااهليء جو “پرائيڊ آف پرفارمنس” پنهنجي ڳچيء ۾ وجھي ٻن آڱرين سان وڪٽريء جو نشان بنائي مرڪندو ٻاهر ايندا.ان ڪري جو منحوس ساين جي نحوست سبب سمورا معيار ابتا ٿي پيا آهن! نئين جمهوريت ،نئون نعرو،نئون پاڪستان نئون سلوگن،سو اهو ته سياست ۽ ڪاروبار جي گورک ڌنڌي ۾ عظيم اصول ناهن هوندا پر صرف اهي عظيم هوندا آهن جيڪي اصولن جي لاشن جا بلند مينار جوڙي ڇڏين!

(روزاني هلال پاڪستان 29 اپريل 2018ع)

Saturday, April 28, 2018

ڇا ايندڙ چونڊون به 2013ع وانگر ٿينديون؟


شفيق الرحمان شاڪر
ماضيء ۾ ملڪ ۾ ٿيندڙ عام چونڊن ۾ ڌانڌلين ۽ انتخابي طريقي اندر موجود خامين جي حوالي سان گھڻو ڪجهه لکيو ۽ چيو ويو آهي جنهنجي نتيجي ۾ ان ڳالهه ۾ ته ڪنهن به شڪ ۽ شبهي جي گنجائش ئي ناهي ته پاڪستان ۾ چونڊون ڪڏهن به صاف ۽ شفاف انداز سان نه ٿيون آهن.وري وري جي ناڪاري تجربن کان پوء هاڻي صورتحال اها آهي جو چونڊون جيڪي ملڪي آئيندي جي حوالي سان هڪ اهم ترين ڪرت هوندي آهي،ووٽرن جي اڪثريت هاڻي انهن کان اڻ لاڳاپيل بڻجي چڪي آهي.ووٽرز جو سراسري ٽرن آئوٽ مشڪل سان 35 کان 40 سيڪڙو آهي يعني 100 مان 65 ووٽر پنهنجو ووٽ ئي نٿا وجھن. تنهن  ڪري اڌ ملڪ مان ٻهراڙيء جا وڏيرا ۽ سردار جڏهن ته اڌ ملڪ مان شهري وڏيرا ۽ سرمائيدار اليڪشن ۾ ڪامياب ٿين ٿا.ان جي ڀيٽ ۾ اسان جي پاڙيسري ملڪ ايران ۾ اهو ٽرن آئوٽ اٽڪل 80 سيڪڙوآهي.ان جو سبب اهو آهي جو انهن ملڪن جي ماڻهن کي يقين آهي ته صرف انهن جي ووٽ سان ئي تبديلي اچي سگھي ٿي.شفاف چونڊن جي نظام سوا جمهوريت جون دعوائون رڳو ڍونگ  ۽ فراڊ هونديون آهن.ايندڙ عام چونڊون هڪ دفعو وري سر تي سوار آهن پر هيستائين چونڊن جي عمل کي مڪمل نموني صاف ۽ شفاف بنائڻ لاء ڪوبه ڪم نه ٿي سگھيو آهي.ڳالهيون ته بايوميٽرڪ سرشتي جون گھڻيون ئي ٿيون پر عملي طور تي نه ته اليڪشن ڪميشن ان ڏس ۾ ڪي قدم کنيا ۽ نه ئي سياسي پارٽين توڙي سول سوسائٽي انهيء سلسلي ۾ حڪومتن تي ڪو دٻاء وڌو.اهڙيء طرح هڪ آزاد،اڻ ڌري ۽ خودمختيار اليڪشن ڪميشن جي قيام جون ڳالهيون ٽي وي ٽاڪ شوز جي سونهن ته بڻبيون رهيون پر هن وقت تائين ان ڏس ۾ به ڪا اڳڀرائي نه ٿي سگھي آهي.ووٽر لسٽن توڙي حد بندين جي حوالي سان ڪيترائي اعتراض ۽ شڪايتون اڻ حل ٿيل رهيل آهن.جن اميدوارن تي نيب جا ڪيس آهن، جيڪي قرضين جي فهريست ۾ آهن يا جيڪي ٽيڪس چوريء ۾ ملوث آهن انهن کي اليڪشن جي ڊوڙ مان ٻاهر ڪڍڻ لاء ڪا واضح ڪارڪردگي ڏسڻ ۾ نٿي اچي.جنهنجو تازو مثال اڳوڻي وفاقي وزير خزانا جو سينيٽ چونڊن ۾ بنان روڪ ٽوڪ جي ڪامياب ٿيڻ آهي.جڏهن ملڪ ۾ چونڊون ئي شفاف نه ٿينديون ته پوء انهن چونڊن جي نتيجي ۾ ڪهڙي جمهوريت اسرندي ۽ نسرندي؟ جيڪر عوامي راء جو قتل ڪري چونڊن جا نتيجا بي ايماني ۽ طاقت جي زور تي حاصل ڪرڻا آهن ته پوء جمهوريت جي نالي ۾ چونڊن جو اهو اجايو ڊرامو رچائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. جيڪڏهن هڪ ارب کان وڌيڪ آباديء واري اسان جي پاڙيسري ملڪ ۾ چونڊون صاف ۽ شفاف انداز ۾ ٿي سگھن ٿيون ته پوء پاڪستان ۾ ڇونه؟2013ع جي عام چونڊن کان پوء اسان جي چونڊن واري نظام جون ايتريون ته خاميون ۽ ڪمزوريون نڪري نروار ٿيون جيڪي سموري انتخابي نظام کي داغدار ڪرڻ لاء ڪافي هيون.گم ٿيل بيلٽ باڪسن جو معاملو هجي يا وري جعلي ٺپن سان ڀريل بيلٽ پيپرز. چونڊن کان پوء اسان جي ٽي وي اسڪرينن تي گھڻا ئي اهڙا ثبوت سامهون آندا ويا جنهن بنياد تي انهيء خيال کي وڏي طاقت ملي ته شايد هي سڄو انتخابي نظام ئي ڪنهن وڏي جمهوري فراڊ لاء رچايو ويو هو.اليڪشن کان تڪڙو پوء پاڪستان تحريڪ انصاف پاران قومي اسيمبليء جي مختلف تڪن جي نتيجن کي اليڪشن ڪميشن سامهون چيلينج به ڪيو ويو پر انهيء تي ٿيندڙ ڪاروائي ايڏي ته سست رفتار ۽ غير سنجيده هئي جو ان مان ڪو کڙ تيل نه نڪري سگھيو.ڪيترن ئي مهينن جي ڌرڻي بعد نيٺ سپريم ڪورٽ ۾ معاملو ويو جتي وڌيڪ ڪيترن ئي مهينن جي سماعت کان پوء اهو چئي درخواستون خارج ڪيون وييون ته توڙي جو 2013ع جي چونڊن ۾ تمام گھڻيون خاميون سامهون آيون آهن  پر ڪنهن به منط۾ ڌانڌليء جو ثبوت نه مليو آهي. گڏوگڏ سپريم ڪورٽ چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن طرفان ڪوتاهين جوبه تفصيل سان ذڪر ڪيو هو.انهيء سڄي پس منظر ۾ پارليامينٽ جي هڪ ڪميٽي جوڙي ويئي ته اها 2018ع جي چونڊن لاء اهڙا سڌارا تجويز ڪري جيڪي ايندڙ اليڪشن کي تڪراري ٿيڻ کان بچائي سگھن.ان وقت جي وفاقي وز ير خزانا اسحاق ڊار جي اڳواڻيء ۾ جڙيل ان ڪميٽي ۾ مختلف سياسي جمائتن کي نمائندگي ڏني ويئي.اٽڪل نوي گڏجاڻين کانپوء نيٺ ان ڪميٽيء اليڪشن بل 2017ع جوڙي اسيمبليء ۾ پيش ڪيو.جڏهن ته تحريڪ انصاف ڪميٽيء جي آخري گڏجاڻيء ۾ انهن اعتراضن سان واڪ آئوٽ ڪيو ته عمران خان جي چوڻ مطابق سندن ڪيترين ئي تجويزن کي بل ۾ شامل نه ڪيو ويو.جن ۾ سڀ کان اهم نڪتو سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ آهي.انهن مطابق هن وقت دنيا ۾ اٽڪل اسي لکن کان وڌيڪ پاڪستاني رهن ٿا جن کي پنهنجي ملڪ ۾ ووٽ ڏيڻ جو حق حاصل ڪونهي.هنن جي چوڻ مطابق حڪومت ان ڪري ان نڪتي کي بل ۾ شامل نه ڪيو جو اها ڄاڻي ٿي ته اهي سڀ پي ٽي آئي جا ووٽر آهن ۽ انهن کي ووٽ جو حق ڏيڻ سان ايندڙ اليڪشن ۾ صرف پي ٽي آئي کي ئي فائدو ٿيندو.پر سوال اهو به آهي ته ڇا ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ  ٻٽي  شهريت رکندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ مناسب ٿيندو يا نه؟جيڪر اهڙن لکن ماڻهن کي ووٽ جو حق ڏجي ته پاڪستاني سياست تي ان جا ڪهڙا هاڪاري يا ناڪاري اثر پوندا؟ ان کان سواء پي ٽي آئي ارڙهين ترميم جي حوالي سان چونڊن کان اڳ نگران حڪومتن جي قيام واري نڪتي تي به شديد ڳڻتي رکي ٿي جنهن موجب اهي حڪومتون آئين موجب صرف حڪومتي اڳواڻ  ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جي رضامنديء سان جوڙيون وڃن ٿيون.عمران خان جي چوڻ مطابق اقتدار ۾ ڊگهي عرصي تائين رهندڙ ٻئي سياسي پارٽيون نگران حڪومتن جي حوالي سان فڪس ميچ کيڏن ٿيون ۽ ٻيا به ڪيترائي اعتراض واريا پيا وڃن پر هاڻي جڏهن ايندڙ اليڪشن ۾ صرف ٿورڙو وقت رهجي ويو آهي انهن اعتراضن کي ختم ڪرڻ يا وڌيڪ چونڊ سڌارا آڻڻ جي به ڪا ممڪن صورت نظر نٿي اچي.
اليڪشن 2013ع کان پوء پيدا ٿيل ڌانڌلين جا الزامن جو ظاهر ۾ بنيادي سبب اليڪشن ڪميشن جي نااهلي معلوم ٿئي ٿو. اليڪشن ڪميشن طرفان مقناطيسي مس جي استعمال جو وعدو ڪيو ويو پر جڏهن ووٽن جي تصديق لاء انهيء جي ضرورت پيئي ته معلوم ٿيو ته اها مس سڀني هنڌن تي ته استعمال ئي نه ڪئي ويئي هئي.اهڙيء طرح ڊي آر اوز،اي آر اوز کانسواء اٽڪل ساڍا ڇهه لک پولنگ عملي کي اليڪشن 2013ع جي سکيا ڏني ويئي ۽ انهيء مقصد لاء اوڻيهه هزار ٽريننگ  گڏجاڻيون ڪرايون وييون ان جي باوجود عدالتي رپورٽ ۾ اهي ريمارڪس ڏنا ويا هئا ته پولنگ جي عملي جي تربيت مناسب نه هئي.جهڙيء طرح رٽرننگ آفيسر جي اها ذميداري آهي ته هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته سيل پيڪيٽ ۾ فارم 14 بند ڪري پولنگ بيگ ۾ رکي مٿي موڪلي يا انهن جي غير موجودگيء ۾ گھٽ ۾ گھٽ اهڙو نوٽ ضرور لکي.پر ان جي باوجود ڪيترن ئي ڪيسن ۾ هي فارم ئي موجود نه هو جڏهن ته فارم 14 ۽ 16 قانوني گھرجن مطابق ڀريا ئي نه ويا هئا.اهڙيء طرح بيلٽ پيپرن جي واڌي انگ معلوم ڪرڻ جو فارمولا رٽرننگ آفيسر کي سمجھايو ئي نه ويو هو.اها به اليڪشن ڪميشن جي ذميداري آهي ته اها چونڊن کان پوء اليڪشن مٽيريل کي حفاظت سان رکي پر اهڙي سامان لاء موجود اسٽوررومن جي حالت نهايت ئي خراب آهي.اهڙيء طرح اليڪشن ڪميشن جي هينڊ بڪ مطابق اها  رٽرننگ آفيسر جي  ذميداري آهي ته اهو فارم 14 جي ڪاپي پاڻ وٽ رکي پر جيئن ته انهن عملدارن جو تعلق مستقل طور تي اليڪشن ڪميشن سان نه هوندو آهي ۽ اهي وقتي طور تي اليڪشن ڊيوٽي ڪري واپس پنهنجن عهدن تي هليا وڃن ٿا جنهنڪري اهو ريڪارڊ محفوظ نٿو رهي.اليڪشن ڪميشن وٽ اهڙو ڪو مناسب مانيٽرنگ جو نظام به موجود نه هوندو آهي جنهن ذريعي خبر پوي ته اليڪشن واري ڏينهن زميني حقيقتون ڪهڙيون آهن ۽ چونڊن جو عمل قانون مطابق ٿي رهيو آهي يانه. ان ڪري چونڊن جي عمل جي حوالي سان ڪيا ويندڙ ڪي به سڌارا تيستائين بيڪار رهندا جيستائين اليڪشن ڪميشن آزاد،غير جانبدار،سرگرم ۽ فعال نه هجي.نگران وزيراعظم يا نگران وڏا وزير ڪير ٿا بنجن انهيء سان فرق نٿو پوي جيڪر اليڪشن ڪميشن چونڊن جي قانونن ۽ ضابطن تي پوري طرح عمل کي يقيني بڻائي.جيڪر ايندڙ اليڪشن ۾ به ايئن نٿو ٿئي ته پوء سمورن سڌارن جي دعوائن باوجود ڌانڌلين جو شور ختم نه ٿي سگھندو۽ پاڪستان ۾ جمهوري عمل مضبو نه ٿي سگھندو.
(روزاني عوامي آواز 27 اپريل 2018ع)

Friday, April 27, 2018

اسلام ۾ عورت جو رتبو ۽ حيثيت.


شفيق الرحمان شاڪر
۔اسلام جو مادو لفظ “سلم” مان ورتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي سلامتي! جنهن ۾ امن،شانتي، سڪون،محبت،رحمت ۽ شفقت جا سڀ تصور سمائجي وڃن ٿا.هونئن ته اسلام پوري عالم انسانيت جي سلامتي چاهي ٿو ۽ سردار ڪائنات جن پوري ڪائنات جي لاء رحمت بڻجي آيا پر خاص طور تي سماج جي ڏتڙيل،ستايل،هيسايل ۽ ڪمزور طبقن جهڙوڪ غلامن، نوڪرن، مزدورن،معذورن ،عورتن ۽ ٻارن جي حقن جي باري ۾ جيترو تاڪيد اسلام ڪيو آهي ٻئي ڪنهن به مذهب يا تهذيب ۾ اهڙو مثال نظر نٿو اچي.اسلام کان اڳ مختلف سماجن ۾ عورت گھڻي مظلوم هئي  ايستائين جو عرب ۾ ته ڌيئرن کي جيئرو دفن ڪرڻ به ڪو پاپ نه سمجھيو ويندو هو.پراڻي يوناني سماج کان ويندي اڄ جي نام نهاد سڌريل مغربي سماج تائين مذهبي طور تي به عورت کي گناهن جي پاڙ.شيطان جي رسي،نڀاڳ جي نشاني،بي عقل،مڪار ۽ ٻين ڪيترن ئي اهڙن اڻ وڻندڙ ۽ نفرت انگيز لفظن سان نوازيو ويو آهي.شروعاتي رومي قانون ۾ به عورت کي مرد کان گھٽ قرار ڏنو ويو هو.يوناني روايتن مطابق دنيا جي انسانن کي طاعون ۽ غم جو شڪار ڪندڙ “پينڊورا” نالي هڪڙي عورت هئي جنهن منع ٿيل صندوق کي کولي انسانيت کي انهن مصيبتن جو شڪار ڪيو.عيسائين وٽ به عورت جي عظمت جون ڪي روايتون نٿيون ملن.مثال هڪ عيسائي مذهبي اڳواڻ “ سينٽ جيروم” جي چوڻ مطابق “ عورت شيطان جو دروازو ، سنگدليء جو رستو ۽ زهريلي جانور جو ڏنگ آهي.هڪڙي لفظ ۾ ايئن چئجي ته اها نهايت ئي خطرناڪ مخلوق آهي.”
پر اسلام عورت سان اهڙين سمورين ناانصافين کي ختم ڪيو ۽ پاڻ ڪريمن عورت کي ان زماني ۾ مرد جي برابر حق ڏنا جڏهن دنيا جي ڪنهن به سماج ۾ اڃا اهڙو تصور ئي نه هو. حقيقت اها آهي ته عورت ۽ مرد جي برابريء جي سوچ سڀ کان پهرين دنيا ۾ صرف اسلام ئي پيش ڪئي ۽اهڙيء طرح عورت کي مرد جي غلاميء مان نجات ڏياري جنهن ۾ هوء صدين کان جڪڙيل هئي.اسلام عورت کي ذلت ۽ غلاميء مان ڪڍي عزت،مرتبي ۽ وقار سان نوازيو ۽ ظلم ۽ ڏاڍ کان ڇڏايو.اسلام انهن سڀني ڪريل رسمن کي ختم ڪيو جيڪي انساني شرف،شان ۽ عورت جي وقار جي ابتڙ هيون.انساني بنيادي حقن ۽ مان مرتبي جي حوالي سان اسلام مرد ۽ عورت وچ ۾ هر تفاوت کي سدائين لاء ختم ڪري ڇڏيو.انسان هئڻ جي ناتي عورت جو به اهوئي درجو آهي جيڪو مرد جو. رب ڪريم جو فرمان مبارڪ آهي ته “ اي انسانو! پنهنجي پاليندڙ کان ڊڄو جنهن اوهان کي پيدا ڪيو هڪڙي جان مان پوء انهيء جو جوڙو بنايو پوء انهن ٻنهي (مرد ۽ عورت) مان گھڻائيء ۾ ٻين مردن ۽ عورتن کي (پيدا ڪري) پکيڙي ڇڏيو.“ (سورت النساء)
اسلام کان پهرين ڌيئر جي پئدائش کي عار سمجھيو ويندو هو ۽ کين زندهه زمين ۾ پوريو ويندو هو،اها رسم نه هئي پر حقيقيت ۾ پوري معصوم انسانيت جو قتل عام هو.اسلام ان رسم جو خاتمو ڪيو،نينگرين کي هڪجهڙو جيئڻ جو حق ڏنو ۽ والدين کي انهن جي حقن جي باري ۾ خدا جو خوف ڏياريو۽ قيامت جي ڏينهن جي بري انجام کان خبردار ڪيو ۽ ان معاملي ۾ باقائدي هڪڙي قرآني آيت نازل ٿي ته “جڏهن ان زندهه دفن ٿيل نياڻيء کان قيامت جي ڏينهن سوال ڪيو ويندو ته هن کي آخر ڪهڙي ڏوهه ۾ قتل ڪيو ويو؟”
اسلام هر اهڙيء عورت جيڪا بي سهارا ۽ لاچار هجي ۽ جنهن جي گذر بسر جو ڪو ذريعو موجود نه هجي ته ان جي اجھي،لٽي ۽ کاڌي جي ذميداري رياست جي حوالي ڪئي آهي.عورت جي تذليل وارا جاهليت وارا نڪاح جيڪي اصل ۾ زنا جي ئي هڪڙي صورت هئي اسلام انهن کان منع ڪري عورت جي عصمت ۽ پاڪيزگيء کي بحال ڪيو.اسلام مردن جيان عورتن کي به ملڪيت جو حق عطا ڪيو،اهي نه رڳو پاڻ ڪمائي سگھن ٿيون پر ورثي ۾ مليل ملڪيت جون به مالڪ بڻجي سگھن ٿيون. تعاليٰ جو ارشاد آهي ته ؛ “ مردن لاء ان (مال) مزان حصو آهي جيڪو ماء،پيء ۽ رشتيدارن ڇڏيو هجي ۽ عورتن لاء به ماء پيء ۽ رشتيدارن جي ڇڏيل ورثي مان حصو آهي،اهو ورثو ٿورو هجي يا گھڻو( اللہ جو) مقرر ڪيل حصو آهي،” (سورت النساء)
حضور نبي ڪريم عورت کي ماء جي حيثيت سان سڀ کان وڌيڪ سهڻي سلوڪ جو حقدار قرار ڏنو آهي.حضرت ابوهريره رضي عنهه کان روايت آهي ته هڪڙو ماڻهوحضور ڪريم جن جي خدمت ۾ آيو ۽ عرض ڪرڻ لڳو ته يا رسول ! منهنجي سهڻِ سلوڪ جو سڀ کان وڌيڪ حقدار ڪير آهي؟ پاڻ سڳورن فرمايو؛ تنهنجي ماء. عرض ڪيائين ته پوء ڪير؟ پاڻ فرمايائون تنهنجي ماء.ٽيون دفعو به ساڳيو سوال ڪيائين،پاڻ فرمايائون تنهنجي ماء. وري عرض ڪيائين ته پوء ڪير؟ تڏهن پاڻ فرمايائون تنهنجو پيء،(صحيح بخاري)
اهومعاشرو جتي نياڻيء جي پيدائش کي خواري ۽ ذلت جو سبب سمجھيو ويندو هو، اسلام نه رڳو نياڻين کي احترام ۽ عزت جو مقام عطا ڪيوپر انهن کي وراثت جو حقدار به قرار ڏنو.رب ڪريم جو ارشاد آهي ته “  اوهان کي اوهان جي اولاد (جي وراثت) جو حڪم ڏئي ٿو ته پٽ جي لاء ٻن نياڻين جي برابر حصو آهي ۽ جيڪر رڳو نياڻيون ئي هجن (ٻه يا) ٻن کان وڌيڪ ته انهن لاء ان ڇڏيل ملڪيت جو ٻه ڀاڱي ٽي حصو آهي ۽ جيڪر اها اڪيلي هجي ته ان لاء اڌ آهي.” (سورت النساء)
رڳو اهو ئي نه پر نياڻين جي سٺي پرورش ۽ تربيت ڪرڻ تي جنت جي خوشخبري ٻڌائي نياڻين جي پئدائش تي پشيمانيء جي احساس کي هميشه لاء ختم ڪري انهن کي جنت حاصل ڪرڻ جو سبب ۽ ذريعو قرار ڏنو ويو.نبي ڪريم جن فرمايو؛ جنهن مسلمان کي ٽي نياڻيون هجن ۽ هو انهن جي خرچ جو بار کليل دل سان برداشت ڪري،انهن جي تربيت ڪري ۽ انهن جي شادي ڪرائي ته اهي ان لاء دوزخ جي باهه کان رڪاوٽ بڻجي وينديون.هڪ عورت عرض ڪيو؛ يا رسول ! جيڪر ڪنهن کي ٻه نياڻيون هجن ته پوء؟ پاڻ فرمايائون ته اهي به دوزخ جي باهه کان رڪاوٽ بڻجي وينديون.
قرآن ڪريم جي ئي عملي تعليم جو اثر هو جو حضور نبي ڪريم جن گھر واريء سان سهڻي سلوڪ جي هدايت فرمائي. حضرت ابن عباس رضي عنهه کان روايت آهي ته حضور نبي ڪريم جن جي خدمت ۾ هڪڙو شخص آيو ۽ چوڻ لڳو؛ يا رسول ا! منهنجو نالو فلاڻي جنگ ۾ شريڪ ٿيڻ لاء لکيو ويو آهي ۽ منهنجي زال حج ڪرڻ وڃڻ گھري ٿي. پاڻ سڳورن جن فرمايو؛ تون واپس هليو وڃ ۽ پنهنجي زال سان گڏ وڃي حج ڪر. انهيء ئي تعليم تي صحابي سڳورا رضي   عنھم عمل ڪندا رهيا. (صحيح بخاري)
پنهنجن عملن جي بنياد تي مرد ۽ عورت جي اجر ۽ ثواب ۾ ڪوبه فرق نه رکيو ويو آهي.خدا تعاليٰ جو ارشاد آهي ؛ “ پوء انهن جي رب انهن جي دعا قبول ڪري ورتي ( ۽ فرمايو) پڪ سان آئون اوهان مان ڪنهن به محنت ڪندڙ جي مزدوري ضايع نٿو ڪيان چاهي اهو مرد هجي يا عورت.اوهين سڀ هڪٻئي مان ئي آهيو.” (سورت آلعمران)
ان برابريء جو بنياد قرآن مجيد جي ان تعليم تي آهي جنهن ۾ فرمايو ويو ته؛ “ اوهين (مرد) انهن(عورتن) جي لاء پوشاڪ ۽ اهي اوهان لاء پوشاڪ آهن.“ انهن مختصر لفظن ۾ نهايت ئي سهڻي انداز ۾ عورت ۽ مرد جي رفاقت کي تهذيب ۽ تمدن جو بنياد قرار ڏنو ويو ۽ انهن کي هڪٻئي لاء اڻٽر قرار ڏيندي عورت کي به سماجي ور تي اهو رتبو ڏنو ويو جيڪو مرد کي حاصل آهي.انهيء کان پوء نبي ڪريم جن آخري حج جي خطبي ۾ ارشاد  فرمايو ؛ “ عورتن جي باري ۾ خدا کان ڊڄو،اوهان جو عورتن تي ۽ عورتن جو توهان تي حق آهي.“ اهي تعليم ان ڪائناتي سچائيء تي ٻڌل آهي ته هر انسان ٻئي انسان جو محتاج اهي ۽ هڪڙي سواء ٻئي جو پورائو ٿي نٿو سگھي.ان ڪري سڀني کي هڪجهڙي اهميت ۽ حيثيت حاصل آهي.جيڪر مرد کي عورت جو نگهبان بڻايو ويو ته ٻئي طرف عورت کي به اها عظمت عطا ڪئي جو جنت کي سندس پيرن هيٺان رکيو ويو. اسلام ورت کي سماج ۾ نه رڳو عزت وارو درجو عطا ڪيو آهي پر کيس اهي حق ڏنا آهن جن ذريعي اها پنهنجي زندگي سڪون ۽ عزت سان گذاري سگھي ٿي.اولهه ۾ عورت جي آزاديء جو جيڪو تصور آهي اهو وچٿرائي،اعتدال کان پري هئڻ سبب نهايت ئي غيرمتوازن بڻجي چڪو اهي جنهن جا ناڪاري اثر اڄ اسان کي هرطرف نظر اچي رهيا آهن.جيئن ته انهن عورت جي آزاديء جو مطلب صرف فطري ۽ اخلاقي حدن کان آزادي ورتو جنهن ڪري اها شيء انهن سماجن لاء بيحيائي ۽ اخلاقي ڏڦير جو سبب بڻجندي پوري خانداني نظام کي ئي ناس ڪري چڪي آهي.

(روزاني سنڌ ايڪسپريس 27 اپريل 2018ع)


Thursday, April 26, 2018

زندگيء جي بهارن کان محروم ٿيندڙ مکڙيون!


شفيق الرحمان شاڪر
هيء جا وحشت نيڻن جا سمنڊ پار ڪري ويئي پر شايد اڃا نيڻن کي ماتم جو اهو انداز نٿو اچي.غم جي ته انتها ٿي ويئي پر خبر ناهي سينو ڪٽڻ جو ڪهڙو ڪارگر طريقو آهي؟ شايد هاڻي ايترو ته زور سان رڙ ڪرڻي آهي جو سنگدل قاتل جون رڳون ڦاٽي پون.روئڻ وارو! شايد اڃا آهن ۽ دانهن جو آواز دٻيل آهي،ان ڪري ته وڌندي وڃي ٿي لاشن جي قطار!شايد ڪنهن کي ايتري واندڪائي ناهي جو سينن تي سجيل زخم ڳڻي سگھي.هو ڏس! معصوم ۽ ابهم ٻارڙن جي جسمن تي رت سان نقش ٿيل زخمن جا نشان ڪهڙيون نه هانء ڏاريندر رڙيون ڪري رهيا آهن،ايترين سارين بي رحم تلوارن جي جھرمٽ ۾ تنهن جي ۽ منهنجي تلوار ڇو ڪند ٿي پيئي آهي؟ بي حس دشمن تي تنهنجي ۽ منهنجي ڪنهن وار جو هر اثر بيڪار ڇو پيو وڃي؟ هٿ هلڪو آهي يا تلوار ڳري آهي؟ قدم قدم تي ٽوڙيل، مروڙيل ۽ ڪچليل ڪلين جو ناحق خون،گھٽيء گھٽيء ۾ بيوسيء جون آهون. هتي ته هاڻي بهار به ڏئي ٿي فريب.پاڻ سان گڏ کڻي گھمي ٿي خزائن جو لشڪر.ڪهڙي پاپيء اهو آواز ڏنو ته دل جي غمخاني جي موسم بدلجڻ واري آ؟ تون ئي بڌاء اي سماج جا ڏاها ! هي اوچتو سماج کي ڇا ٿي ويو آهي؟هي انسانن جو سماج آهي يا جھنگلي درندن جو؟انسان جي نالي کان ئي وحشت ٿيڻ لڳي آهي.دل  ۾ ڇوليون هڻندڙ درد ۽ غم جي موجن ۾ معصوميت جا سمورا عڪس آهستي آهستي لڙهندا ٿا وڃن ۽ لڳي ٿو ته حيوانيت هرطرف پنهنجو راڄ قائم ڪري چڪي آهي.                           ملڪ ۾ ڪجھه عرصي اندر معصوم ۽ ننڍڙن ٻارڙن سان ٿيندڙ جنسي زيادتين جي شرمناڪ واقعن ۽ انهن کي قتل ڪرڻ جي هانء ڌاريندڙ وارداتن پوري سماج کي لوڏي وڌو آهي.شايد ئي ڪو ڪٺور ۽ سنگدل انسان هجي جنهنجي دل ۽ ذهن تي انهن واقعن جو اثر نه ٿيو هجي.هاڻوڪن لڳاتار واقعن کي ڏسي ڪري لڳي ايئن ٿو ته اسان جي سماج جو هر معصوم ٻار بلڪل ئي نڌڻڪو ۽ غيرمحفوظ بڻجي ويو آهي.خبر ناهي ته ڪهڙو وحشي صفت شيطان ڪڏهن ۽ ڪٿان اچي نڪري ۽ ڪنهن ٻارڙي کي اسڪول ويندي،گھٽيء ۾ کيڏندي يا اڪيلو بازار ويندي، ڪنهن ٽافي يا رانديڪي جو آسرو ڏيئي اغوا ڪري هليو وڃي ۽ کيس پنهنجي وحشي هوس جو نشانو بڻائي سندس زندگيء جو ڏيئووسائي ڇڏي.افسوس اهو جو اسان جي سماج م اها جنسي هوس ۽ ڇڙواڳي رڳو جاهلن تائين ئي محدود ناهي پر اها پڙهيل لکيل طبقي،استادن،پوليس وارن،مدرسن جي معلمن،خطيبن جي حجرن ۽ ٻارڙن جي پورهيو ڪرڻ وارين جڳهين تائين پهچي چڪي آهي جيڪا اسان جي سماج جي نهايت ئي ڊيڄاريندڙ شڪل پيش ڪري ٿي.اسان جا جاچ ادارا چون ٿا ته پاڪستان ۾ روزانو سراسري يارهن اهڙا ڪيس پوليس وٽ رپورٽ ٿين ٿا جڏهن ته روزانو اهڙا سوين واقعا پيش اچن ٿا جن کي ماڻهو بدناميء جي خوف کان لڪائي ڇڏين ٿا.آخر انهيء اذيتناڪ صورتحال مان جان ڇڏائڻ لاء اسان جي رياست ۽ حڪومتن ڪهڙو لاحئه عمل جوڙيو آهي؟جهڙي تيزيء سان ٻارڙن سان زيادتي،گينگ ريپ ۽ قتل جون وارداتون روزمره جو معمول بڻجنديون ٿيون وڃن انهيء تي حڪومتن ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي غفلت ۽  خاموشي گھڻو تڪليف ڏيندڙ آهي.پڪ سان ان قسم جي ڏوهاري نفسيات ۽ روين کي ضابطي ۾ آڻڻ ڪو ايترو سولو ڪم ناهي پر ڇا ان جو مطلب اهو آهي ته هٿ هٿ تي رکي ويٺو رهجي ۽ ڏوهارين کي آزاد ڇڏي ڏجي ته اهي ايئن اميدن جا ڏيئا وسائيندا رهن؟ اهڙن واقعن پويان ظاهر آهي ته ڪيترائي محرڪ ۽ سبب ٿين ٿا ۽ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاء رڳو حڪومت نه پر سماج جي سڀني طبقن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي.غربت، ٻارن طرف بي ڌيانيء وارو رويو،انهن جي تربيت ۽ سار سنڀال،کين گھرن ۾ والدين طرفان اڪيلو ڇڏي وڃڻ، اسڪول ۾ ٻارن جي پڇا ڳاڇا نه ڪرڻ،ٻارن جي دوستين ۽ لاڳاپن تي نظر نه رکڻ،ٻارن کي اڪيلو ٻين مائٽن يا بازار ڏانهن موڪلڻ،انٽرنيٽ يا ٽي ويء تي ويهندڙ ٻارن طرف ڌيان نه ڏيڻ وغير اهڙا عوامل آهن جيڪي اهڙي ڪنهن به واقعي جو سبب بڻجي سگھن ٿا.انهيء ڪري هن سڄي معاملي ۾ والدين جي بنيادي ڪردار کي نظرانداز ڪري نٿو سگھجي.ان کان پوء اسان جي تعليمي ادارن، ڪم جي جڳهين،قانون نافذ ڪندڙ ادارن ۽ عوامي نمائندن ۽ حڪومتن جي ذميدارين جي ڳالهه اچي ٿي.حڪومتن کي ان معاملي ۾ ان ڪري وڌيڪ ڏوهي قرار ڏيئي سگھجي ٿو جو سماجي ماحول کي بهتر بنائڻ،تعليم ۽ تربيت جي نظام کي موثر بنائڻ ۽ ڏوهارين تي نظر رکڻ توڙي انهن کي قانون جي پڪڙ ۾ آڻي قانون مطابق جوڳي سزا ڏيڻ يقينن حڪومت جون بنيادي ذميداريون آهن.عوام جا چونڊيل نمائندا به ان ڏوهه ۾ ان لحاظ کان مددگار بڻجن ٿا جو اهي ماڻهن جي اصل سماجي مسئلن. جهالت.غربت ۽ بدحالي وغيره دور ڪرڻ لاء هڪ پل به سنجيدا نه ٿيا آهن.انهن جا مشغلا ئي ڪجھه ٻيا آهن.سواء ان جي جو اهڙي ٿيندڙ ڪنهن واقعي تي ڪجھه  مذمتي بيان ڏيئي پنهنجو فرض پورو ڪري وٺن ٿا.رهيو سوال قانون جي محافظ ادارن جو ته بدقسمتيء سان انهن جي پنهنجي جيڪا اخلاقي حيثيت ۽ ساک رهي آهي سا تازو اسلام آباد هائيڪورٽ جي معزز جسٽس شوڪت صديقيء جي ريمارڪس مان ڀلي ڀت وائکي ٿي چڪي آهي.جڏهن قانون تي عمل ڪندڙ ادارن ۾ ئي اڪثريت اهڙن ڏوهاري ذهنيت رکندڙ ماڻهن جي هجي ته اهي ٻئي کي ڪهڙو تحفظ ڏيئي سگھندا يا عوام انهن تي ڪهڙو اعتماد ڪندو؟بدقسمتيء سان اسان جو سڄو رياستي نظام ئي اڏوهي کاڌل ۽ مدي خارج بڻجي چڪو آهي جنهن ۾ ڏوهارين جو راڄ ڏينهون ڏينهن وڌندو،ويجھندو ۽ زور وٺندو ٿو وڃي.جاچ ڪندڙ ادارن جو به حال پورو آهي جو هر اداري کي حڪمرانن پنهنجو سياسي رانديڪو بنائي ڇڏيوآهي ۽ هر مقرري .بدلي،ترقي توڙي تنزليء جو معيار حڪمرانن سان ذاتي طور تي وفادار هئڻ وارو شرط آهي.جڏهن ادارن ۾ ماڻهو ميرٽ بجاء رشوت يا سفارش تي ڀرتي ڪيا ويندا ته انهن کان ڪهڙي شاندار ڪارڪردگيء جي اميد رکي سگھجي ٿي.ڪنهن کي خبر ناهي ته ڪهڙو ادارو ڪيتري ڪرپشن جي ور چڙهيل آهي؟ ڪرپشن ۽ بدديانتيء جا اهي داستان روزانو پڙهڻ ۽ ڏسڻ لاء ملن ٿا پر سزا جو تصور اسان جي سماج ۾ اڃا تائين اوپرو آهي.سمجهه ۾ نٿو اچي ته هي ڪهڙو سماج آهي جيڪو ظالم جو به ساٿ ڏئي ٿو ۽ مظلوم سان گڏ ماتم به ڪري ٿو. عدالتن کان بدديانت ماڻهن کي سزائن جا مطالبا به ڪري ٿو ته بدديانتن جي آهن ۽ دانهن ۾ به سر۾ سر ملائي ٿو.جن تي پنهن جن سمورن سورن جو الزام ڌري ٿو ووٽ وري به انهن کي ئي ڏئي ٿو.اهڙي سماج کي ڇا چئي سگھجي ٿو؟ لفظ نهايت ڳرو آهي ان ڪري استعمال ڪري نٿو سگھجي.عام طور تي ٻارن سان جنسي زيادتين جون لاڙو اهڙن سماجن ۾ وڌي ٿو جتي تعليم جي ڪمي هجي يا مثبت ۽ صحتمند لاڙن طرف مناسب رهنمائي ۽ سکيا جو نظام موجود نه هجي.جتي ملڪ جي هڪ وڏي اڪثريت انگ اگھاڙي ۽ پيٽ بکي هجي.والدين وٽ پنهنجن ٻارڙن کي پيار ۽ محبت ڏيڻ لاء وقت ئي نه هجي ۽ ٻار مائٽن جي محبت ۽ شفقت لاء واجھائيندا هجن.يا جن ٻارن کي والدين ٻين جي سهاري ڇڏي پنهنجن ڪمن ۾ رڌل رهن،اهڙن ٻارن کي سماج جا لچ لوفر سولائيء سان پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي وٺن ٿا.گھريلو جھيڙا جھٽا،مارڪٽ،گاريون گند،ٻارن کي ڳالهه ڳالهه تي دڙڪا ڏيڻ ۽ سندن ننڍڙين ننڍڙين خواهشن جو خيال نه رکڻ،کاڌي پيتي جون شيون مناسب انداز ۾ مهيا نه هئڻ،ٻارن جي تعليم،تربيت،اٿ ويهه ۽ لڳ لاڳاپن کان غافل رهڻ،والدين جو ٻارن سان اجايو سخت رويو،روزمره جي ڪمن ۾ ٻارن جي مدد ۽ رهنمائي نه ڪرڻ،انهن کي نظرانداز ڪرڻ ۽ اهميت نه ڏيڻ.هڪڙن ٻارن کي ٻين ٻارن تي ترجيح ڏيڻ،ٻارن کي صحتمند سرگرميون مهيا نه ڪري ڏيڻ ،انهن کي جنسي هيجان واري ماحول ۾ ڇڏڻ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي محرڪ گڏجي اهڙن لاڙن جو نقشو تيار ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا.اهڙن واقعن کان معصوم ٻارن کي  محفوظ بنائڻ لاء تمام وڏي هوم ورڪ جي ضرورت آهي ۽ سماج جي سڀني سلجھيل طبقن کي گڏجي ڪو ٻنو ٻڌڻو آهي.آخر ۾ هڪڙي نهايت ئي اهم ڳالهه اها ته جڏهن به اهڙن سنگدل ۽ وحشي ڏوهارين کي سرعام سخت سزا ڏيڻ جو بحث شروع ٿيندو آهي ته اسان جا ڪجھه ملڪي ۽ غيرملڪي نام نهاد لبرل ۽ پنهن جي پر ۾ انساني حقن جا دعويدار انهيء تجويز جي سختيء سان مخالفت ڪندا آهن.سمجھه ۾ نٿو اچي ته انهن جي ان مخالفت جو اصل سبب ڪهڙو آهي؟ اها مقتول سان محبت آهي يا قاتل سان همدردي؟ اهو هڪ اهڙو سوال آهي جنهن جي پويان به اسان جي سماج جون  سانڍي واريون ست رنگيون بنان ڪنهن شرمندگيء جي نچندي نظر اچن ٿيون.جيڪي وحشي هٿ معصوم مکڙين کي ٽوڙي، نپوڙي، ڀڃي ڀورا ڪري زندگيء جي بهارن کان محروم ڪندا هجن انهن هٿن کي جيڪر مروڙي  ماڳهين ڀڃي ڇڏجي سو به ان انداز سان جو سارو لوڪ ڏسي ته جيئن اهڙي ته عبرت لڳي جو آئينده ڪنهن کي اهڙي همت نه ٿئي.  اهو ئي  عين انصاف  ۽ اها ئي مظلوم دوستي آهي! جيڪر ڪجهه نام نهاد “آزادي پرستن  ۽ روشن خيالن” کي اهو انصاف نٿو وڻي  ته سندن اها اوندهه خيالي کين مبارڪ هجي پر رياست کي اهڙي ئي  ڪنهن بي رحم انصاف  جو انتظام ڪرڻ گھرجي.
(روزاني عوامي آواز 24 اپريل 2018ع)


Tuesday, April 24, 2018

جمهوريت ۽ موسمي پکين جون اڏامون!


شفيق الرحمان شاڪر
پاڪستان ۾ مضبوط ۽ مستحڪم جمهوري نظام جي قيام جي دعويدار سياستدانن جي کوٽ ناهي جيڪي هر پارٽيء ۾ موجود آهن ۽ هروقت پنهنجن تقريرن ۽ گفتگوء ۾ جمهوريت خلاف ٿيندڙ سازشن جو ماتم ڪندا رهن ٿا.جڏهن اهي جمهوريت جي دردن ۽ سورن جو ذڪر ڪرڻ لڳندا آهن ته ايئن محسوس ٿيندو آهي ته جمهوريت جي ان زبون حالي ۽ مظلوميت هنن ويچارن جي اکين جو آرام ۽ دل جو سڪون ئي برباد ڪري ڇڏيو هجي ۽ دنيا خراج تحسين ۽ عقيدت ڀرين نظرن سان انهن جمهوريت جي پرچارڪن جا ڀاشڻ ٻڌڻ لڳي ٿي پر حيرت تڏهن ٿئي ٿي جو اليڪشن جي موسم ويجھي ايندي ئي سياسي وفاداريون بدلائڻ جون روح کي راحت ڏيندڙ هوائون شروع ٿيو وڃن،پرديسي پکي نون آکيرن جي تلاش ۾ پر پکيڙڻ لڳن ٿا ۽ هڪ عجيب قسم جي سياسي اٿل پٿل جي بازار گرم ٿيو وڃي.پاڪستان ۾ جڏهن کان اها نالي ماتر مائي جمهوريت جنم ورتو آهي تڏهن کان سياسي سوديبازين ۽ ذاتي مفادن جي اها لڪ لڪوٽي هلندي پيئي اچي. سمجهه ۾ نٿو اچي ته پارٽيون بدلائيندڙ اصول پرستن جو ضمير صرف تڏهن ئي ڇو ٿو جاڳي جڏهن سندن پوئين پارٽي واري قيادت جي هٿن مان   حڪومتي اختيار جو رانديڪو کسجندو ٿو نظر اچي ۽ اها ڳالهه به سمجھه کان چڙهيل آهي ته انهن عظيم باغين کي پارٽي۾ گرمجوشيء سان آڌرڀاء ڪندڙ اڳواڻن کي اهڙن هيرن ۽ جواهرن جي ضرورت رڳو ان وقت محسوس ڇو ٿي ٿئي جڏهن اليڪشن جي ديڳ چڙهڻ واري هوندي آهي.سالن جا سال ڏينهن رات جن سياسي اڳواڻن جي باري ۾ اهي گارين جا گل ڇٽيندا ۽ جن کي اهي پوري ملڪ بلڪه سموري دنيا جي سنگين ڏوهارين واري لسٽ ۾ چوٽيء تي رکي تبرو ڪندا رهن ٿا وري اوچتو ئي اوچتو انهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي جڏهن پوئين قيادت جون ناپاڪيون ۽ نئين قيادت جي پاڪائيء جا قصيدا پڙهن ٿا ته انهن جي منهن تي ڪو گھنج ئي نٿو اچي.نڪ جي اها ڏاڍائي رڳو مهمانن کي ئي ميسر ڪانهي پر انهن عظيم اصولي ميزبانن کي ڇا چئجي جيڪي اختيار ۽ اقتدار جي هوس ۾ انهن ئي مهمانن جا هٿ چمڻ لڳن ٿا جن سندن شان ۾ استعمال ڪرڻ لاء لغت مان ڪوبه گندو ۽ ڪسو لفظ نه ڇڏيو هو.اهائي سياست آهي جو “اڌر ڊوبي اڌر نڪلي” ۽ انهن ئي عظيم اڳواڻن جي چوڻ مطابق ؛ “سياست ۾ ڪي به هميشه جا دوست يا دشمن نه ٿيندا آهن.” سو صاحبو! پاڻ وٽ اهائي سياست آهي جيڪا ويهي ڏسو ۽ دنيا جي ٻين سڌريل سماجن کي به ان جا ڏس ڏيو.جنهن مست موسم جي اسان ڳالهه ڪري رهيا آهيون خوشقسمتيء سان اها پوري آب تاب سان پاڪستان ۾ هڪ دفعو وري پهچي چڪي آهي.تازو پيپلز پارٽيء جو پراڻو اڳواڻ پنهنجون سياسي وفاداريون بدلائي پي ٽي آئي کي پيارو ٿي چڪو آهي. مزي جي ڳالهه اها جو چن ان وقت پي ٽي آئي شامل ٿيو آهي جنهن وقت ڪپتان ڏيڍ ڊزن کان وڌيڪ سندس پارٽيء جي ڪي پي ڪي اسيمبلي جي ميمبرن کي وفاداريون بدلائڻ جي الزام ۾ پارٽيء مان نيڪاليء جو اعلان ڪيو آهي پرساڳيوئي اصول پسند ڪپتان پنجاب اسيمبليء مان مبينا طور تي ووٽ خريد ڪري سندس ئي پارٽيء جي چونڊيل هڪ  سينيٽر جي معاملي تي  ته خاموش آهي ئي پر نون ليگ جو وزيراعظم جيڪوسينيٽ چئرمين تي وفاداريون خريد ڪري ڪامياب ٿيڻ تي ساڻس ملاقات ڪرڻ به عظيم ڏوهه سمجھي ٿو سو سندس پارٽيء جي انهن ميمبرن خلاف ڪا به سزا تجويز ڪرڻ لاء تيار ناهي جن پنهنجون وفاداريون تبديل ڪري ووٽ ڏنا.
ڪجهه ڏينهن پهرين ڏکڻ پنجاب سان تعلق رکندڙ ڪيترن ئي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن مسلم ليگ نون کان علحدگيء جواعلان ڪيو هو انهن پنجاب ۾ هڪ نئون صوبو ٺاهڻ جي حوالي سان هڪ محاذ بنائڻ جو اعلان ڪيو آهي.انهيء محاذ جي اڳواڻي ڙحيم يار خان سان تعلق رکندڙ خسرو بختيار ڪري رهيو آهي جيڪو پارٽيون بدلائڻ جي معاملي ۾ گھڻو مشهور آهي.اهو گروپ وڌيڪ ٻين ميمبرن سان محاذ ۾ شامل ٿيڻ لاء رابطا ڪري رهيو آهي.پر نون ليگ ڇڏيندڙن جو اهو پهريون گروپ ناهي،ان کان اڳ به ختم نبوت واري قانون جي معاملي تي به ڪيترن ئي نون ليگي ميمبرن استعفائون ڏنيون هيون جن مان ڪجهه پنهنجون استعفائون واپس وٺي چڪا هئا.2013ع جي اليڪشن کان پهرين به ساڳي موسم آئي هئي جڏهن چئني صوبن جا ڪيترائي روايتي سياستدان ميلي جي صورت ۾ پي ٽي آئي ۽ نواز ليگ جي سياسي ديڳ ۾ اچي ڪريا هئا.هڪ اندازي مطابق نون ليگ اٽڪل سو کن اهڙن موسمي پکين کي پنهنجي سيني تي ويهاريو جيڪي ماضيء ۾ هڪ اهڙي آمر سان سر ۽ ساز ملائيندا رهيا هئا جنهن کي نون ليگ جا بهادر جمهوري اڳواڻ ڦاسي جي تختي تي ڏسڻ گھرندا هئا.انهن ئي نون ليگين مشرف جي محبت ۾ فنا قاف ليگين لاء به پنهن جا ڪلها حاضر ڪيا.پي پي پي جا ڪيترائي اهم اڳواڻ جهڙوڪ شاهه محمود قريشي،فردوس عاشق اعواڻ،بابر اعواڻ،صمصام بخاري ۽ نذر محمد گوندل پي ٽي آئي ۾ شامل ٿي چڪا آهن.ان کان سواء عمران خان جي پارٽيء نون ليگ جي محمد سرور سميت ڪيترن ئي اڳواڻن کي پاڻ طرف ڇڪي ورتو.ٻئي طرف نون ليگ به پي ٽي آئي جي ڪجهه اڳواڻن کي پنهنجن صفن ۾ شامل ڪيو آهي. ڪراچيء ۾ اهو عمل پي ايس پي يعني پاڪ صاف پارٽي جي جڙڻ کان پوء شروع ٿيو.ايم ڪيو ايم جا ڪيترائي قومي ۽ صوبائي اسيمبليء جا ميمبر پي ايس پي ڳڙڪائي چڪي آهي.
ڪيترائي سياستدان ۽ دانشور وفاداريون بدلائڻ جي ان سموري تماشي کي اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار قرار ڏين ٿا پر سوال اهو ته خريد ڪندڙ ۽ وڪرو ٿيندڙ ڪير آهن؟ اهي ئي پنهنجو پاڻ کي سياستدان سڏائيندڙ يا ڪي ٻيا؟ جيڪر خريد ڪندڙ ئي نه هجن ته وڪري جي جنس خود بخود مارڪيٽ مان غائب ٿي وڃي ۽ جيڪر ڪو وڪجڻ لاء ئي تيار نه ٿئي ته ڇا ڪندي اسٽيبلشمينٽ؟   سينيٽ جو اڳوڻو چئرمين جناب رضا رباني جتي هڪ طرف ان سموري اٿل پٿل کي “پهريان کان طيء ٿيل” سڏي ٿو ته ٻئي طرف سينيٽ جي تازين چونڊن ۾ پنهنجي پارٽيء جي ڪردار جو دفاع ڪندي به نظر اچي ٿو.سياسي وفاداريون تبديل ڪرائڻ جي حوالي سان مبينا طور تي پي پي پي تي جيڪي الزام لڳندا رهيا آهن انهن جو ڪو تسلي بخش جواب ڏيڻ بدران انهن کي به رڳو جمهوريت خلاف سازشون ئي نظر اچن ٿيون.پي پي چئرمين بلاول ڀٽو زرداريء کان جڏهن نديم افضل چن جهڙي نظرياتي ڪارڪن جي پارٽي ڇڏڻ جو سبب پڇيو وڃي ٿو ته فرمائي ٿو ته هو نظر آيو ٿي پر نظرياتي نه هو.جڏهن پارٽي سربراهن جي نظر پارٽيء جي نفعي نقصان تان هٽي ذاتي نفعي نقصان تائين محدود ٿي وڃي ته پوء اتي نظرين جو بحث ئي هڪ فضول بحث بڻجي وڃي ٿو.سياسي مبصرن جي خيال ۾ موسمي پکين جي انهن اڏامن ۾ ايندڙ ڪجھه ڏينهن ۾ وڏيڪ تيزي ايندي ۽ انهيء گھڻي ۾ گھڻو نقصان نون ليگ جو ۽ ٻئي نمبر تي پي پي پي جو ٿيڻ جو امڪان آهي.پنجاب ۾ پيپز پارٽيء جو اڳ۾ ئي صفايو ٿيل آهي ۽ هاڻي شايد نون ليگ پنهن جي فطري نتيجي طرف ويندي محسوس ٿئي ٿي جنهن ۾ ڏکڻ پنجاب مان ته نون ليگ جي مڪمل صفائي ٿي سگھي ٿي.ڪجهه روايتي چڱا مڙس پي پي ۾ ته ڪي پي ٽي آئي ۾ هليا ويندا ۽ باقي جيڪي رهيا انهن مان به گھڻا نون ليگ بدران آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙهڻ پسند ڪندا ته جيئن ايندڙ ٺهندڙ ڪنهن به حڪومت کي پنهنجون قومي خدمتون پيش ڪري سگھن.نواز شريف کي سزا هئڻ جي صورت ۾ ان محبتي ميلي ۾ مڇر پئجي ويندا جو محبتين جي اڪثريت انهن ڪردارنتي مشتمل آهي جيڪي صرف ڪجهه سال پهرين مشرف واري ملاکڙي جا ملهه هئا ۽ مشرف جي مرضي ماڻڻ لاء انهن ميان صاحب مٿان ايترا ته محبت جا موتي وسايا هئا جو ميان صاحب گھريو ٿي ته انهن کي جيئرو دفن ڪري ڇڏي.پر وقت جو ورتاء چئجي،حالتن جي ستم ظريفي يا ميان نواز شريف جي ناداني جو سندس آسپاس انهن ئي بيوفائن جو هجوم نظر اچي ٿوجيڪي گڏ ضرور رهندا آهن پر صرف انهيء سان جنهن وٽ تخت، تاج ۽ طاقت هجي!

(روزاني عوامي آواز 22 اپريل 2018ع) 



Monday, April 23, 2018

چهنڊڙيون ؛ ٿري جي


اچي      شهر  پنهنجي    ٿري  جي   جا     ويئي،
جوا نن جي   منهن  تي  ٿي   ڏسجي   سرهائي،
نڪو   ڪار   جن  کي  سوا     نيٽ          جي آ،
انهن     آ    خو شيء      ۾       مٺا ئي    و  رهائي.

سوچن جي سڳنڌ ؛ “ دانائي ٻڌندي آهي ”


“Knowledge speaks, but wisdom 

listens” 
― 


Jimi Hendrix


علم ڳالهائيندو آهي  پر دانائي ٻڌندي آهي.”                   
                                    (جمي هينڊرڪس)


اوهان جي قيمت ڪير وصول ڪري رهيو آهي؟


اسان ڳالهيون ٺاهيندا آهيون ۽ هُو اسان جي ڳالهين ڳالهين مان ڪروڙين ڊالر ڪمائيندا آهن، هُو راند تي راند ڪندا آهن، اسان ننڍا وڏا غريب امير سڀ کيڏندا آهيون ۽ هُو ان مان بي حساب مال ٺاهيندا آهن، اسان سڀ مارڪيٽ ۾ وڪري لاءِ رکيل آهيون، اسان وڪامي رهيا آهيون ۽ اسان جي قيمت ڪير ٻيو وصول ڪري رهيو آهي، هيءَ جيڪا اسان جي هٿ ۾ هڪ کيسي جيتري دٻي (موبائيل فون) آهي، اها الادين جي ڏيئي کان به وڌيڪ جادوئي ۽ حيرت ۾ وجهندڙ بڻجي وئي آهي. پهرين انهن کي هزارين ميل پري پنهنجا جاسوس رکڻا پوندا هئا، جيڪي محڪوم ڪرڻ کان اڳ قومن جو مزاج سمجهندا هئا، انهن جون سٺيون عادتون، رهڻي ڪهڻي طور طريقا ڄاڻي پنهنجي حڪمرانن کي باخبر ڪندا هئا، بعد ۾ سفارتڪار به ائين ئي ڪندا هئا، پنهنجو ڊپلوميٽڪ بيگ موڪلڻ جي مقرر ڏينهن کان پهرين گهمندا ڦرندا وتندا هئا، جنهن وٽان به ڳجهي معلومات ملي سگهي، ان کي منٽ ميڙ ڪندا پنهنجي بيگ جو پيٽ ڀريندا هئا، ڪڏهن ڪڏهن انهن کي هزارين ميل پري پنهنجي لشڪر سميت وڃڻو پوندو هو، سالن تائين جنگيون وڙهندا هئا، پر هاڻي اهي ڪاميابيون برقي اوزان ذريعي ملي رهيون آهن، وڌيڪ گهرائي ۽ استحڪام سان پئسو به خرچ نه ٿي رهيو آهي، نفري به استعمال نه ٿي رهي آهي، پر معلومات پهرين کان به وڌيڪ ملي رهي آهي ۽ ڪروڙين انسان ذهني ۽ جسماني طور تي محڪوم بڻجي رهيا آهن. اسان جون عادتون تبديل ڪرايون پيون وڃن، روزانو تبديليون اچي رهيون آهن اسان جي زبان تبديل ٿي رهي آهي ۽ اسان اهو سڀ ڪجهه بنا فرق، مذهب، نسل ۽ زبان جي ٿي رهيو آهي، ڪٿي به ڪا مزاحمت ناهي. اسان جن کي رانديڪا سمجهي خوش ٿي رهيا آهيون، اهو پري تائين مار ڪندڙ هٿيار آهي، اسان کان هزارين ميل پري ڪنٽرول روم ۾ عام اهلڪار ويٺل ناهن، بلڪه نيورو سائنٽسنٽ ويٺل آهن يعني نفساتي ماهر آهن، جتي ڏينهن رات تجزيا ٿي رهيا آهن، فرد جا به ۽ قومن جا به، اسان سڀ سمارٽ فون جون رسيون آهيون، قرض وٺي به مهانگا فون خريد ڪيا ٿا وڃن، اهڙي طرح اسان پاڻ پنهنجي مرضي سان هاءِ ٽيڪ غلاميءَ جون زنجيرون پنهنجي ڳلي ۾ وجهندا آهيون. ٽيڪنالاجي ته انسان ايجاد ڪندو آهي، انسان ان کي استعمال ڪندو آهي پر اسان جهڙيون قومون جيڪي رڳو جذبن سان سوچينديون آهن، جذبات سان عمل ڪنديون آهن، جذبات سان ردعمل ظاهر ڪنديون آهن، ڪا ننڍڙي شئي به ايجاد نه ڪنديون آهن، رڳو نوان نوان نعرا ايجاد ڪنديون آهن، ڪڏهن اٽو، لٽو ۽ مڪان- گهري رهيو آهي هر انسان. ڪڏهن جاڳ پنجابي جاڳ، تيري پگ نون لک گئي داغ، جيستائين سج چنڊ رهندو، ڀٽو تنهنجو نالو رهندو، تبديلي آئي ناهي بلڪه تبديل اچي وئي آهي، اهڙي قسم جا نعرا! جڏهن به ڪي نوان برقي اوزا ايندا آهن ته انهن سان چنبڙي پوندا آهيون، هتي اها ٽيڪنالاجي استعمال ناهن ڪندا، بلڪه ٽيڪنالاجي انهن کي استعمال ڪندي آهي.
”فيس بڪ“ تي اسان سڀ چهرا چمڪندا آهيون، ان جي نوجوان باني آمريڪي ايوان جي سامهون معلومات ظاهر ٿيڻ تي معذرت به ڪئي آهي ۽ آئنده ماڻهن جي ذاتي ڄاڻ جي تحفظ جو يقين ڏياريو آهي، ان کانپوءِ آمريڪي ۽ يورپي ميڊيا ۾ جيڪي انڪشاف ٿي رهيا آهن اهي لڱ ڪانڊاري ڇڏيندڙ آهن، اهو صرف لفظ يا عددي بٽڻ دٻائڻ جي راند ناهي، اسان سڀ ته آڱريون هلائي پاڻ ۾ ڳالهائيندا آهن، پنهنجا غزل يا شاعري پوسٽ ڪندا آهن، پنهنجي وڻندڙ ۽ اڻوڻندڙ سياستدانن جا گيت ٻوليندا آهن پر اصل ۾ هو اسان جي انهن حرڪتن مان گهڻو ڪجهه اخذ ڪري رهيا هوندا آهن، انهن جون دعوائون ڪجهه هي آهن:
پهرين اها آهي ته انساني خيال ۽ قدمن تي ڪمپيوٽر ذريعي ڪنٽرول حاصل ڪيو وڃي، ڪمپيوٽر انساني روين تي ڪيئن اثرانداز ٿي رهيو آهي، فيس بڪ، انسٽاگرام، ميسنجر يا ٽوئٽر شروع ڪرڻ کان اڳ هڪ اهڙو مضبوط نيٽ ورڪ جوڙيو ويندو آهي، جنهن سان انهن کي اسان جي باري ۾ نفسياتي ڄاڻ پاڻمرادو ملندي آهي، اوهان انهن جي مقرر ڪيل گروپن ۾ شامل ٿيندا رهندا آهيو، جڏهن به انهن مان اوهان ڪو پروگرام استعمال ڪندا آهيو، ان جو مطلب ته اوهان پنهنجو نقش قدم اتي ڇڏي رهيا آهيو، جيڪو انهن لاءِ وڏو قدر وارو مواد آهي، اهو سمارٽ فون اسان جي چال چلت، اسان جي عادتن، اسان جي روين کي رڪارڊ ڪري رهيو آهي، اوهان ڪهڙي ڳالهه تي ڏک ڪندا آهيو ۽ ڪهڙي ڳالهه تي خوش ٿيندا آهيو، اوهان ته رڳو انهن جي ڏنل رنگن، ڪارٽونن، چهرن تي آڱريون رکندا آهيو ۽ خوش ٿي ويندا آهيو، پر اصل ۾ اوهان انهن جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪندا آهيو، انهن اشارن سان انهن جو حوصلو وڌندو آهي، اهي سڌوسنئون اوهان جي دماغ تي حملو ڪندا آهن، انهن جي دعويٰ اها آهي ته دماغ ڪيترو به پيچيده ڇونه هجي، ان کي يرغمال بڻائي سگهجي ٿو. پنهنجي مرضي مطابق پروگرام ۾ ان کي وجهي سگهجي ٿو، دماغ کي پنهنجي ڪنٽرول هيٺ آڻي اهو عمل اوهان جي عادت ۾ شامل ٿي ويندو آهي، اها به دعويٰ آهي ته اوهان جيڪو ڪجهه ٿيڻ چاهيو ٿا، اهو اوهان کي بڻجڻ نه ڏيندا، ٻارن کي به انهن فون جو عادي ٺاهي ڇڏيو آهي، اهي جيڪڏهن راندين تي ڌيان ڏيندا آهن، پر اهي راند راند ۾ انهن کي پنهنجو عادي بلڪه غلام بڻائي ڇڏينديون آهن، انهن کي لاشعوري طور تي مجبور ڪري ڇڏينديون آهن ته هو ڪهڙي راندا کيڏين. اوهان ته اهو سمجهندا آهيو ته ٻار برقي راند ۾ مصروف آهن، ڪرڪيٽ توڙي فوٽ بال پر اهي ان ۾ منجهي انهن جي دنيا جا عادي بڻجي ويندا آهن، ان ڪري اها کيسي جيتري دٻي (موبائيل فون) عادت سازي جو هٿيار بڻجي رهي آهي.
هڪ ڪمپني سان فرانسسڪو ۾ هر سال عات جو سربراهي اجلاس ٿيندو آهي، جتي وڏيون ڪمپنيون شريڪ ٿينديون آهن، مختلف ماڻهو ۽ مختلف قومن جون عادتون تبديل ڪرڻ، ٺاهڻ، بگاڙڻ جي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي آهي، اهي اوزار ۽ پروگرام سڏيا ته ويندا آهن ته اهي انسانن وچ ۾ آزاد نموني رابطن جو ذريعو آهن، پر انهن مان ڪروڙين ڊالر منافعو ڪمايو ويندو آهي، اوهان ته اهو سمجهو ٿا ته مختلف پروگرامن سان مفت رابطا ڪريو ٿا، مفت فون ڪري رهيا آهيو، ڊگهيون ڊگهيون ڳالهيون ڪري رهيا آهيو، ڪاروباري معاملن، رشتن جي گڏجڻ سميت عشق به آزادي سان ٿئي ٿو، پر اوهان پنهنجي باري ۾ قيمتي معلومات انهن جي حوالي ڪندا آهيو، اوهان جن کي بي دام سمجهو ٿا اهي انهن لاءِ تمام گهڻا ڪارائتا آهن، گهڻائي پروگرام اوهان کي ننڊ ڪرڻ ناهن ڏيندا، فلمون ڏسڻ وارو پروگرام اهو چوندو آهي ته اسان ننڊ جو مقابلو ڪري رهيا آهيون، اوهان جي ۽ منهنجي باري ۾ فيس بڪ، انسٽاگرام، ميسينجر، ٽوئٽر ۽ اهڙين ٻين سهولتن مان انهن کي ڄاڻ ملندي آهي، اسان جي پسند ۽ ناپسند، غم يا خوشي، ڪهڙي به موقعي تي اسان جو ردعمل ڇا هوندو آهي، ان کي اهي واپاري ڪمپنيون، اشتهاري ڪمپنيون، سياستدانن ۽ حڪومتن جي هٿان وڪرو ڪنديون آهن، ڪٿي ڪٿي اهو بحث هلي رهيو آهي ته پنهنجي منافعي ۾ اضافي جو تسلسل جاري رکيو وڃي يا صارفين جي ذاتي زندگي ۽ انهن جي خوشحالي جو خيال رکيو وڃي، اڃا تائين ڪارپوريٽ منافعي کي برتري حاصل آهي يعني سڀ کان وڏو رپيو! اهي رجحان اسان وٽ به اچي چڪا آهن، اسان وٽ به گهڻيون ڪمپنيون اسان جي ڄاڻ وڪرو ڪري رهيون آهن، اسان نيلام ٿي رهيا آهيون، بي نقاب ٿي رهيا آهيون، اهو چئون ٿا ته اسان معاشرا مرضي موجب جوڙي سگهون ٿا، اسان دماغن کي ڪنٽرول ڪري سگهون ٿا، اسان کي ۽ اوهان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ پهرين پاڻ کي توريو، پوءِ ڳالهايو، گهرن ۾ انهن معاملن تي ڳالهايو، ان کيسي نما دٻي (سمارٽ فون) کي اوهان مرضي سان استعمال ڪريو، پر ان کي اهو موقعو نه ڏيو ته اها اوهان کي استعمال ڪري. اها اوهان کي هڪ پروڊڪٽ بڻائي رهي آهي، اوهان اشرف الخلوقات آهيو، هن زمين تي الله تعاليٰ جا نائب آهيو، اقبال چيو هو ته:
عبث ہے شکوہ تقدیر یزداں،
تو خود تقدیر یزداں کیوں نہیں ہیں.
(روزاني عبرت 23 اپريل 2018ع)


Sunday, April 22, 2018

صرف هڪ سيلفيء جو سوال آهي !


  شفيق الرحمان شاڪر       
“مسٽر ڏونگھو” وڏي وثوق سان چوي ٿو ته  هميشه جيان ايندڙ عام چونڊن ۾ به عوام هارائي ويندو ۽ اهي ئي کٽيندا جيڪي سدائين بنان خطري جي کٽيندا رهيا آهن.ڪهڙي ڪارڪردگي، ڪهڙو ترقياتي ڪمن جو گذريل ريڪارڊ،ڇا جا عوامي ڀلائيء جا منصوبا ۽ ڪهڙا معاشي خوشحاليء جا منشور! هن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني قوم خاص طور تي سنڌ جا ماڻهو ڏاڍا رحمدل،سٻاجھا،مهمان نواز ۽ ويساهه وسوڙا آهن.انهن کي انيڪ اذيتون ۽ عذاب ڏيندڙ،انهن سان مڪاريء جو بار بار ناٽڪ ڪندڙ ۽ قدم قدم تي انهن سان ڪوڙ هڻندڙ،انهن کي پنهنجن پيرن ۾ لتاڙيندڙ،انهن سان دوکي جو ڌنڌو ڪندڙ،انهن کي ذلتن جون زنجيرون پارائيندڙ ۽ انهن کي مصيبت جي گھاڻي ۾ پيڙهيندڙ ،انهن کي پنهنجن آفيسن ۽ اوطاقن جي درن تان ڌڪاريندڙ،انهن جي پگھر جي ڪمائيء جو پئسو ڦري هڙپ ڪندڙ،انهن سان جانورن وارو سلوڪ ڪندڙ،انهن کي گندو پاڻي پياري سندن پيٽ سڄائيندڙ،انهن تي ناجائز محصول مڙهي کين مهانگائيء جي اونهي اوڙاهه ۾ اڇلائيندڙ،ڄوئرن جيان سندن سريڙ جو رت ست چوسيندڙ،اهي سڀ جا سڀ ستمگر عوامي عدالت مان هرڀيري آسانيء سان غير مشروط معافيء جا حقداربنجڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا. اها هتان جي “ باشعور” عوام جي “دريا دلي” ناهي ته ڇا آهي؟ سڄا سارا پورا پنج سال قومن جي سياسي زندگيء ۾ ڪو معمولي عرصو ته ناهن.پر ڇا ڳالهه ڪجي اسان جي قوم جي “ سخاوت ڀري دل” جي جو اهي هر ڀيري پنجن سالن جو بلينڪ چيڪ صحيح ڪري انهن اجنبين حوالي ڪري ڇڏين ٿا.رڳو چيڪ ئي حوالي نٿا ڪن پر انهن لاء تاڙيون وڄائي پنهنجون ٻانهون ٿڪايو،سندن شان ۾ ميگزيميم واليم سان نعرا هڻندي پنهنجون نڙيون سڪايو ۽ سندن ميلن ۾ نچندي پنهنجا پير پٿون ڪيو ويهن.اهي جن سياسي صنمن تان ساهه صدقوڪن ٿا اهي انهن کان صرف ان ڪري پري رهن ٿا ته متان ساڻن محبت ۾ مرندڙ مخلوق ۾ موجود مختلف مرضن جا جراثيم ان آسماني مخلوق جي جيء کي نه ڪو جوکو رسائي رکن. سو اهي سهڻا جي سالن تائين عوام کي پنهنجي صورت نه پسائين ته خير آهي،ڪنهن شوخ حسينا جيان جي پورا پنج سال پنهنجن ووٽرن کان پردو ڪندا رهن ته ڪهڙو ٿو فرق پوي! ڪنهن مرڻي ۾ اچي منهڙو پسايائون ته سڀ صدما لهي ويا. ڪنهن دعوت وليما ۾ ور ڪري گھوٽيتن کي مبارڪون ڏنائون ته سڀ ٿڪ لهي ويا ۽ سموري اڌار وسري ويئي.جيڪر ڪنهن بدنصيب ڳوٺ ۾ نامراد ڳوٺاڻن کي اڃا تائين پيئڻ جو پاڻي ميسر ناهي ته دل سوڙهي ڇو ڪجي.چونڊن جي چانڊاڻ ۾ اچي ان ڳوٺ جو چڪر هنيائون ته اڃايلن جي اڃ اجھائجي ويئي.روڊن رستن نه هئڻ تي روح رنج ڇو ڪجي.بس، صاحبن جي لينڊڪروزرن جو خير هجي جيڪي ڌوڙ اڏائينديون وينديون ۽ انهن جي اڳيان پويان نچندڙ روڊن رستن کان محروم  مخلوق جا منهن ڌوڙ ڪنديون رهنديون.
مسٽر ڏونگھو شايد صحيح ٿو چوي ته ماڻهو انهن کي ووٽ ڏين ٿا ۽ آئندهه به انهن کي ئي ووٽ ڏيندا رهندا.جو انهن وٽ ووٽن جي واپار جو ڏانء ۽ سياست جي راند جو راز آهي.اهي عوام جي دلين جا بي تاج بادشاه آهن عوام پئدائشي طور تي انهن جو راڄ ۽ رعيت آهي.ٻئي کي ڪهڙو ٿو حق پهچي جو انهن راجائن ۽ سندن رعيت وچ ۾ ويڇا وجھي!
مسٽر ڏونگھي کي سوشل ميڊيا تي به ڏاڍي ڪاوڙ آهي.چوي ٿو ته سوشل ميڊيا ته هيڪاري سودو سستو ڪري ڇڏيو آهي.صرف هڪڙي سيلفيء جو سوال آهي.ڪٿي ويٺي ته ڪٿي بيٺي،ابتي سبتي،سڌي، ڦڏي،پاسيري پر صرف هڪ سيلفي.ڪٿي ٽوپي ڏنگ تي، ته ڪٿي چشمو نڪ تي. ڪٿي واڇون ٽڙيل  ته ڪٿي اکيون ڦريل.ڪٿي هٿ هٿ ۾ ڏيئي ته ڪٿي ڀاڪر پائيندي ته ڪٿ اجرڪ يا ٽوپي پارائيندي،ڪڏهن هڪڙي سياسي گروپ يا پارٽيء مان ٻي پارٽيء ۾ ٽپو ڏيندي،ڪڏهن ڪنهن دعوت ۾ استقبال ڪندي ۽ هٿ ملائيندي ته ڪڏهن ڪنهن کي الوداع ڪرڻ مهل هٿ لوڏيندي،مطلب ته سراسر سيلفين جي سونهن ئي سونهن ۽ سرهاڻ آهي. مسٽر ڏونگھي جي چوڻ موجب سوشل ميڊيا ڌوڙ سماجي سجاڳي آندي آهي! ان ته سڄي سماج کي ئي سيلفي زده بڻائي ڇڏيو آهي. توڙي جو آئون ذاتي طور تي مسٽر ڏونگھي جي سماجي ميڊيا جي شان ۾ ڪيل ان عظيم گستاخيء واري خيال سان سهمت نه آهيان پر جيڪر اوهان سندس ان سوچ جو ساٿ ڏيڻ چاهيو ته اسان کي ڪهڙو اعتراض! هو چوي ٿو ته ووٽ وري به انهن کي ملندا جن وٽ ڏنڊ ۽ ڏنڊي ٻنهي جي طاقت آهي. جن وٽ پوليس ۽ پئسو ٻئي آهن. جن وٽ پيري،مريدي،درگاهون،گاديون،سرداريون،مردا،قربانين جون ڪهاڻيون،الف ليلا جون آکاڻيون ۽ ٻيوبه ان قسم جو گھڻو ئي سامان آهي.اسين ته قرب وارا ماڻهو آهيون ڪو ڪهي آيو ته ان کي طعنو مهڻو نه ڏبو.ڪنهن تڏي تي پير پاتو ته ست خون به معاف!ڪو ڀاڪر پائي مليو ته هانء ئي ٺريو پوي.نس نس ۾ نينهن وسيو وڃي.من محبتن سان ڀرجيو وڃي.ساراهن سان ئي ساهه نڪريو وڃي.سو سياست جي ڪري صدين جا لڳل ٽوپا ڪونه ٽوڙبا.ووٽ گهرڻ مهل ڪنهن کي پنهنجن ڏکن ڏولائن جا ڏوراپا ڏيئي خلق نه کلائبي.ووٽ ڪالهه به انهن جو هو ۽ اڄ به انهن جو آهي جو هوش اسان کي نه اڳ هو نه هاڻي آهي. اچو ته کلون،نچون،ٽپون،ڌمال وجھون،هنبوڇيون هڻون،راڳ ۽ سهرا ڳايون،اچو ته تاڙيون وڄايون،جھمريون پايون،نعرا لڳايون،بينر سجايون،اچو ته اسان به هڪ سيلفي ڪڍايون.سيلفي جيڪا آزاِديء جو گيت به آهي ۽ تبديليء جو اهڃاڻ به.سيلفي جنهن سان اسان ترقيء جون سڀ منزلون طيء ڪري سگھون ٿا.سيلفي جنهن سان سنسار مان سڀ سور ختم ٿيندا ۽ سکن جو سج اڀرندو.جيڪو سيلفيء کان محروم آهي اهو دنيا جي هر نعمت کان محروم آهي.هاء سيلفي،واه سيلفي! هاء سيلفي،واه سيلفي!!!

(روزاني عوامي آواز 20 اپريل 2018ع)

Saturday, April 21, 2018

Friday, April 20, 2018

ذهني صحت ۽ محبت جو مڪسچر.


بدقسمتيء سان اسان جهڙن پٺتي پيل ملڪن ۾ هونئن ته عام انساني صحت جي باري ۾به ڪو ڌيان نٿو ڏنو وڃي پر خاص طور تي ذهني صحت جي حوالي سان اسان جنهن غفلت،لاپرواهي ۽ بي ڌيانيء جو شڪار آهيون،اها نهايت ئي ڳڻتيء جوڳي صورتحال آهي.جهڙين منجھيل ۽ پريشان ڪندڙ حالتن جو دنيا هن وقت شڪار بڻيل آهي اتي انساني ذهني صحت جو معاملو وڌيڪ سنجيده ۽ قابل ڌيان بڻجي ويو آهي.جهڙيء تيزيء سان انساني قدرن سان گڏ فطري ماحول به متاثر ٿي رهيو آهي،ذهني بيمارين ۾ به اوترو ئي تيزيء سان واڌارو ٿي رهيو آهي.جيڪر ذهني صحت جي متاثر ٿيڻ جي سببن کي هڪ سٽ ۾ بيان ڪجي ته چئي سگھجي ٿو ته ان جو بنيادي سبب روين ۽ ماحول جي گدلاڻ آهي.نارمل رويا هڪڙو مناسب ۽ معياري ماحول جوڙيندا آهن جڏهن ته ايبنارمل ڪردار انهيء معيار کان نابري واري بيهندا آهن.انهيء معيار کان دوريء جي نتيجي ۾ غير رواجي رويا جنم وٺن ٿا ۽ اهڙن متاثر ماڻهن جي ذهن ۽ جسم ۾ اڻ هڪجهڙائي(Conflict) موجود ٿئي ٿو.ذهني صحت جي متاثر ٿيڻ جو هڪ سبب منفي يا ناڪاري سوچ (   (Negativity جو انساني ذهن ۾ پختو ٿيڻ آهي.اهو ئي سبب آهي جو انهن ملڪن ۾ ذهني صحت جي صورتحال نهايت ئي ڳڻتيء جوڳي آهي جيڪي ملڪ سياسي، سماجي ۽ معاشي مسئلن ۾ بريء طرح ڦاٿل آهن.ان کان سواء ٻيا به ڪيترا ئي عوامل آهن جيڪي ذهني صحت تي اثر انداز ٿي سگھن ٿا. مثال؛ موروثي اثر،پرورش ۽ تربيت،شخصيت جي نابالغي ( Immature personality)،آس پاس جون حالتون(Surrounded atmosphere) ۽ ماحولياتي گدلاڻ (Pollution)وغيره.
سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڪيئن خبر پوي ته ڪو شخص ذهني طور تي صحتمند (Mentally   normal) ناهي؟ڇو ته عام مرضن جي ڀيٽ ۾ ذهني مرض يا ڪمزوريء جي سڃاڻپ ڪرڻ نهايت ئي مشڪل ڪم آهي.ڪڏهن ڪڏهن وڏا وڏا معالج به وقت جي گھٽتائيء سبب معاملي کي صحيح نموني سمجھي نه سگھندا آهن.هڪ قابل ڊاڪٽر ذهني تڪليف جو اندازو مريض جي چرپر،اٿ ويهه،ڳالهه ٻولهه ، روين ۽ زندگيء جي معيار مان لڳائي وٺندو آهي.غيررواجي روين کي (Maladaptive Behaviour)  چئي سگھجي ٿو جنهن ۾ ماحول سان ذهني،جسماني يا عملي اڻ هڪجهڙائيء وارا رويا شامل آهن.اهي رويا ماحول ۾ ڏڦير پيدا ڪن ٿا جنهن سان انسان کي ذهني ۽ جسماني تڪليف ۽ اذيت ٿئي ٿي.حقيقت اها آهي ته ڪنھن جي شخصيت ۾ گھڻي ڳڻتي، اجائي ڪاوڙ،خوف،طبيعت ۾ چلولائي ۽ بيزاري هجي ته ترت معالج سان رابطو ڪرڻ گھرجي. جيڪر ڪنهن سبب جي ڪري ڊاڪٽر تائين پهچي نه سگھجي ته ترت ماحول بدلائڻ گھرجي.اڄ ڪلهه ڪاوڙ ۽ اڳرائيء جا جذبا سماج ۾ عام ٿي ويا آهن ۽ انسان جي رواجي زندگيء جو حصو بڻجي چڪا آهن.بلڪل اهڙي نموني  ڳالهه ڳالهه تي شڪايتن جا دفتر کولڻ ، ٻين جي گلا ڪرڻ  ۽ ٻيا انساني رويا آهن جيڪي ٻين کي برداشت نه ڪرڻ واري جذبي تي ٻڌل آهن غصو ۽ ڪاوڙ دلي خواهشون پوريون نه ٿيڻ واري عمل جو ردعمل هوندا آهن.ڪنهن انسان وٽ جيئڻ ۽ خوش رهڻ لاء سندس زندگيء ۾ ڪيتري جڳهه موجود آهي يا هو ٻين جي شخصي آزاديء جو ڪيترو احترام ڪري ٿو؟ انهن ٻنهي سوالن جا جواب ڪنهن به شخص جي ذهني صحت کي ماپڻ جي ڪسوٽي آهن.سچ ته اهو آهي جو حقيقتن جي دنيا ۾ مرضيء جو آسمان يا پسند جو اختيار تمام گھٽ ماڻهن کي نصيب هوندو آهي پر ڪي ماڻهو مضبوط اعصابن جا مالڪ هوندا آهن ،اهي زندگيء جي انهن لاڙن ۽ روين جي تضاد کي سمجھڻ  ۽ مناسب نوني جي هلت هلڻ جو ڏانء رکندا آهن ۽ اڪثر پنهن جي ذات کان مٿانهون ٿي سوچيندا آهن. هونئن انسان جي اها فطرت آهي ته هو سدائين پنهن جي ذاتي سک،خوشي ۽ وڻندڙ حالتن جي اميد رکندو آهي پر ظاهر آهي ته حالتون سدائين هڪجهڙيون نٿيون رهن ۽ نه ئي اهي سدائين ڪنهن جي حق ۾ فيصلو ڏينديون آهن. زندگيء ۾ پيش ايندڙ اڻ وڻندڙ شين ۽ واقعن کي رد ڪرڻ يا انهن سان جھيڙڻ جو سبب ئي اهو هوندو آهي جو اسان انهن کي پنهن جي سوچن ۽ اميدن جي عينڪ سان ڏسڻ جا عادي هوندا آهيون.حالتن جي تبديليء جي خواهش رکڻ ڪا خراب ڳالهه ناهي پرزندگيء جي وقتي ناڪامين کي پنهن جو پاڻ تي اهڙيء طرح حاوي ڪري ڇڏڻ جو صحيح ۽ مناسب فيصلي جي قوت ئي مفلوج ٿي وڃي ته اهو رويو بهرحال منفي ئي شمار ڪيو ويندو.تبديليء جي خواهش ۽ ڪوشش سان گڏوگڏ جيڪي ڪجهه غلط يا خراب ٿي چڪو آهي ان کي کليل دل ۽ بلند حوصلي سان قبول ڪرڻ  ئي هڪ صحتمند ذهن جي خاصيت آهي.
انسان جو پنهنجو دشمن سندس ئي ذهن جو هڪ وڏو فتنو “انا جو ڄار” آهي.اها  “انا” ئي آهي جيڪا هرڪنهن تي پنهنجو جائز توڙي ناجائز حڪم هلائڻ، ضد، تنگ نظري،هوڏ . حسد ۽ ٻئي کان بدلو وٺڻ جهڙن شخصيت دشمن ناڪاري روين کي جنم ڏئي ٿي  جن جي گھٽ ۽ ٻوسٽ ۾ انساني روح جو گلاب ڪومائجي وڃي ٿو.انهيء ۾ شڪ ناهي ته زندگيء ۾ نظم ۽ ضبط جي وڏي اهميت آهي پر نظم ۽ ضبظ جو مظلب اهو ته ناهي جو ٻئي شخص کان سندس ذهني آزادي ۽ ذاتي چرپر جو حق به کسي ڇڏجي!
جديد تحقيق مطابق ذهني مرضن جي شرح ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي جنهنجي ٻين سببن سان گڏ هڪ وڏو سبب ماحولياتي گدلاڻ کي قرار ڏنو پيو وڃي.هوا جي گدلاڻ زمين جي گولي تي موجود زندگيء لاء وڏو خطرو بڻبي ٿي وڃي.هوا ۾ موجود گدلا ذرا ذهني دٻاء ۾ اضافو ڪن ٿا جيڪي نه صرف وڏين جسماني بيمارين جو سبب بڻجن ٿا پر ذهني بيمارين لاء به رستو کولين ٿا.ڪڏهن ڪڏهن جسماني بيمارين ۾ ورتل مريضن ۾ ذهني دٻاء به حملو ڪري ٿو جنهن جي نتيجي ۾ جسماني بيماريون وڌيڪ مونجھاري ۽ شدت جو شڪارٿي وڃن ٿيون.جيڪر ڪنهن کي هاء بلڊ پريشر آهي ۽ ان کي تمام گھڻو غصو به اچي ٿو ته اهڙي مريض کي ترت ڪنهن طريقي سان غصي مان جان ڇڏائڻ گھرجي نه ته سنگين نتيجن جو انتظار ڪرڻ گھرجي ڇو ته دل جا مرض جيئن فالج وغيره ڪنهن حد تائين غصي ۽ اڳرائي وارن جذبن جو  ردعمل هوندو آهي.
ٻارن جي تربيت ۾ چند بنيادي روين جي سکيا جو بندوبست ضرور هئڻ گهرجي جهڙوڪ،خود اعتمادي ،سچائي ۽ ٻين کي معاف ڪرڻ وغيره.انهيء کان سواء ٻارڙن کي جسماني ورزش،راند روند ۽ ٻين تعميري سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لاء ضرور همٿائڻ گھرجي.ٻار جيڪر گھڻو تنگ ڪندا هجن ته سمجھو ته انهن کي سندن ماحول ۾ تبديلي گھربل آهي،وڏي عمر وارن جي ذهني دٻاء جو سبب  ٻارن،نوجوانن ۽ ٻين گھروارن جا سندن طبيعتن سان نه ملندڙ رويا هوندا آهن حالانڪ عمر ۽ جسماني تبديلين جي حساب سان اهي رويا فطري ۽ نارمل هوندا آهن پر گھڻا وڏا انهيء کي پنهن جي زندگيء جو روڳ بنائي ويهندا آهن.اها ڳالهه وسارڻ نه گھرجي ته وڏن کي ئي پنهنجن روين ۽ ڪار وهنوار ۾ وڌيڪ لچڪ ۽ نرميء جي ضرورت هوندي آهي.مائٽن کي پنهن جي اولاد جي تڪليفن ۽ خواهشن کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي.اهو تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن والدين ٻارن کي مناسب وقت ڏين ۽ انهن سان ويچار ونڊين.ٻار گھڻي حد تائين والدين جو عڪس هوندا آهن.انهن تي والدين جي ظاهري روين کان ويندي سندن اندروني ڪيفيتن جو به اثر ٿئي ٿو.تنهن ڪري حقيقت ۾ پرورش ۽ تريت جو طريقو به ٻارن جي ذهني صحت تي اثرانداز ٿئي ٿو . حد کان گھڻي سختي يا اجائي نرمي به هنن جي شخصيت جو توازن بگاڙي سگھي ٿي.ذهني مرضن سان وڙهڻ لاء انهن بنيادي ڳالهين جو شعور هر ڪنهن لاء ضروري آهي.خاص طور تي ڳوٺن ۽ ٻهراڙين ۾ جعلي پيرن،مڪار عاملن ۽ دوکيباز سنياسي ٻاون جو ڄار وڇايل آهي جيڪي نه رڳو اڻ ڄاڻ مخلوق خدا جا کيسا خالي ڪن ٿا پر ذهني مرضن کي هيڪاري وڌائي ايترو ته گنڀير ڪيو ڇڏين جو ڪڏهن ڪڏهن انهن جو علاج ئي ناممڪن بڻجيو وڃي.انهن ذهني مريضن ۾ اڪثريت اهڙن نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي هوندي آهي جيڪي خانداني جھڳڙن، غيراخلاقي معاملن، غربت يا وري احساس ڪمتريء جو شڪار بڻجي پنهنجي ذهني صحت متاثر ڪري ويهن ٿا.انهن ۾ موروثي طور منتقل ٿيل بيمارين جا مريض به هوندا آهن.اڻ پڙهيلن کي ڪهڙي ميار ڏجي هتي ته چڱا خاصا پڙهيل لکيل به ذهني طور تي متاثر ٿيندڙ پنهنجي ڪنهن پياري کان يا ته اڻ ڄاڻ رهندا آهن يا وري لاپرواهه!حل اهو آهي ته جيئن ئي ڪنهن شخص جي روين جو تضاد سامهون اچي يا ڪنهن جا انفرادي رويا سندس روزمره زندگيء جي ڪاروهنوار کي متاثر ڪرڻ لڳن يا رواجي لاڳاپن ۽ رابطن ۾ ڦوٽ پوڻ لڳي ته سمجھڻ گھرجي ته ان کي ڪنهن ڏاهي ذهني معالج جي ۽ گڏوگڏ ان کي ٻين جي وڌيڪ ڌيان، وقت،محبت ۽ شفقت جي ضرورت آهي.انهن سمورن منفي روين ۽ رجحانن کي هڪدم ٺيڪ ڪري نٿو سگھجي پر برداشت،سمجھه ۽ مثبت سوچ جي انداز سان ان ذهني انتشار ۽ ڏڦير جو نيٺ خاتمو آڻي سگھجي ٿو.ياد رکڻ گھرجي ته اهڙن مريضن جو همدردي،محبت،شفقت ۽ برداشت کان وڌيڪ اثرائتو ٻيو ڪو درمان ڪونهي.اهڙن ذهني مونجھارن ۽ مسئلن کي غصي،دڙڪن ۽ غيرعقلي روين سان ڪڏهن به حل ڪري نٿو سگھجي. انهن کي حل ڪرڻ لاء صبر ، سمجھه  ۽ محبت جو مڪسچر کپي!
(روزاني عوامي آواز 18 اپريل 2018ع)

Thursday, April 19, 2018

ملڪ ۾ ڌارين کي شهريت ڏيڻ خلاف سنڌ جو احتجاج


ادل سولنگي
وفاقي سرڪار جي حڪم تي ” نادرا“ پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊ  ٺاهي ڏيڻ لاءِ پاليسي کي نرم ڪري پرڏيهين کي سستي ۽ تڪڙي ”شهريت“ ڏيڻ لاءِ رات ڏينهن مصروف آهي. تازو نادرا چيئرمين ۽ ڪراچي جي ميئر پاران گڏجي ڪراچيءَ ۾ رهندڙ غير قانوني پرڏيهين، جن ۾ برمي، بنگالي، افغاني، روهنگي، بهاري، تامل، نيپالي شامل آهن. انهن مڙني کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ پويان کوڙ ساريون اهڙيون سازشي رٿائون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، جن کي وقت اچڻ تي ظاهر ۽ استعمال هيٺ آڻڻ لاءِ انتظار ڪيو پيو وڃي، ڇاڪاڻ جو سنڌ جي ماڻهن کي آدم شماري واري مرحلي ۾ ٿورائي ۾ ڏيکاريو ويو آهي ۽ ان ٿورائي کي اڃان به وڌيڪ ٿورائي ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ غير قانوني رهندڙ پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪري هن ملڪ جي ”شهريت“ ڏيڻ ۽ انهن جي ووٽ جو استعمال پنهنجي حق م ڪرڻ واري سازش ته چٽي ٿي سامهون آئي آهي، جنهن ۾ سموريون وفاقي پارٽيون ۽ خاص ڪري ڪراچيءَ مٿان پنهنجي حڪمرانيءَ جي دعويٰ ڪندڙ ڌر سڀني کان اڳيان اڳيان آهي. جڏهن ته سنڌ جي ووٽن عيوض اقتدار  ماڻيندڙ پپ سرڪار  هن  موقعي تي وڏي نرڄائي ڪن لاٽار ڪندي. سڃاڻپ ڪارڊ واري معاملي تي وفاقي حڪومتي اڳيان بجاءِ احتجاج ڪرڻ جي سندس خاموش حمايت ڪري رهي آهي.  سنڌ جي ماڻهن لاءِ نهايت ئي سخت قانون ٺاهي  کين سڃاڻپ ڪارڊ واري حق کان ڄاڻي واڻي محروم به رکندي کين ڀت سان لڳايو پيو وڃي پر ملڪ ۾ رهندڙ غير قانوني پرڏيهي شهرين کي پڪڙي پنهنجي ملڪ موڪلڻ بجاءِ کين عزت ۽ احترام سان ملڪ جي ” شهريت“ ڏيڻ لاءِ انتظام ڪيا پيا وڃن.
سپريم ڪورٽ ” ڪراچي بدامني ڪيس“ ۾ فيصلو ڏيندي سرڪار کي حڪم ڪيو هئو ته ڪراچي ۾ رهندر 30 لک  پرڏيهي شهرين کي ڪئمپن ۾ رهايو وڃي ۽ کين پنهنجن ملڪن ڏانهن موڪلڻ جا تڪڙا اُپاءَ  ورتا وڃن، خاص ڪري افغان شهرين کي ته شهر جي آبادين مان ڪئمپن ڏانهن منتقل ڪري کين محدود ڪيو وڃي ۽ قانون جي سخت  پهريداري هيٺ رکيو وڃي ۽ پرڏيهين  جي سرگرمين تي ڪرڙي نظر رکڻ گهرجي.
اصولي طور تي 1954 ع کان پوءِ ملڪ ۾ آيل سمورن پرڏيهي ماڻهن کي پنهنجن ملڪن ڏانهن موڪليو وڃي، خاص ڪري هندستان مان لڏي آيل مهاجر سڏائيندڙن کي لياقت خان ۽ پنڊت  نهرو وچ ۾ پاڪ ڀارت ٺاهه هيٺ لڏ پلاڻ کي روڪيو ويو هئو ۽ 1954ع کان پوءِ ٿيندڙ لڏ پلاڻ ننڍي کنڊ  جي ورهاڱي سان ڪو به لاڳاپو نٿي رکي، جنهن جي ڪري ڪنهن به لڏ پلاڻ ڪري ايندڙ ماڻهن کي هندستان يا پاڪستان ۾ مهاجر نٿو قبولي سگهجي، جنهن جي آڌار تي کين و رهاڱي  ويل ٿيل لڏ پلاڻ تصور نٿو ڪري سگهجي.
وفاقي سرڪار سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪرڻ بجاءِ ان کان ڪن لاٽار ڪندي افغان مهاجرن کي افغانستان موڪلڻ لاءِ ڪي به انتظام نه ڪيا ۽ کين ڇهن مهينن جي وڌيڪ مهلت ڏني وئي، جنهن کي به ڏيڍ سال ٿيڻ وارو آهي.
سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو چوڻ آهي ته ته نادرا چيئرمين جي حڪم تي پاڪستان جي شهريت (Citizenship ) وڪرو ٿي رهي آهي.
پاڪستان ۾اهو واحد دستاويز آهي، جنهن کي ”قومي سڃاڻپ ڪارڊ“ چئجي ٿو، اهو سڃاڻپ ڪارڊ رشوت جي عيوض غيرملڪين کي وڪرو ٿي رهيو آهي.
1: سڃاڻپ ڪارڊ- ان ماڻهو کي جاري ڪيو پيو وڃي، جيڪو قسم نامي ۾ اقرار ڪري  رهيو آهي ته مان بنگالي/برمي آهيان ۽ هن ملڪ جو شهري نه آهيان.
2:  سڃاڻپ ڪارڊ- ان ماڻهو کي جاري ڪيو پيو وڃي، جيڪو افغاني آهي ۽ افغان پناهگير طور  گڏيل قومن وٽ رجسٽرڊ آهي.
3: سڃاڻپ ڪارڊ- ان ماڻهو کي جاري ڪيو پيو وڃي، جيڪو  نارا ( NARA ) اداري ۾ غير ملڪي   ( Alien )  طور رجسٽرڊ آهي.
ڇا پاڪستان جي شهريت ( Citizenship ) جو قانون- سپريم ڪورٽ 1997ع جو فيصلو ۽ سنڌ واسين جو احتجاج، نادرا چيئرمين جي  حڪمن آڏو  ڪا به حيثيت نه ٿو رکي..؟؟
وفاقي حڪومت ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي صوبائي حڪومت هن غير قانوني ڪم ۾ سندن مددگار آهي.
هن ڪاري ڌنڌي ۽ ملڪ دشمن عمل ۾ نادرا چيئرمين عثمان مبين، گورنر سنڌ ۽ جماعت اسلامي شامل آهن.
برمين، بنگالين ۽ افغانين سميت غير ملڪين کي سڃاڻپ ڪارڊ  ڏيڻ بند ڪيو وڃي.
نادرا چيئرمين عثمان مبين کي هٽايو وڃي ۽ شهريت واري قانون جي لتاڙ تي کيس سزا ڏني وڃي.
ملڪ ۾ اصلوڪن لوڪن کي ڳڻپ ۾ گهٽ ڏيکارڻ ۽ پرڏيهين کي ملڪ جي ” شهريت“ ڏيڻ ۽ انهن جي انگ کي وڌائي خبر ناهي ته ڪنهن کي ۽ڪهڙي ڌر کي خوش ڪيو پيو وڃي ۽ اها به خبر ناهي ته ان سازشي رٿا پٺيان ڪهڙيون طاقتون ڪم ڪري رهيون آهن. سنڌ 70 سالن کان احتجاج ڪندي پئي اچي ته  ڌارين جي آبادڪاري  ڪري سنڌين کي ٿورائي ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، جنهن کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪندي سنڌ جي احتجاج کي ڄڻ ته رد ڪيو ويو آهي. اسان جي گهُر آهي ته غيرقانوني پرڏيهين کي جلد ملڪ نيڪالي ڏني وڃي ۽  هن ملڪ جي اصلوڪين قومن ۽ وحدتن جي ماڻهن کي پنهنجا آئيني، قومي، فطري ۽ شهري حق ڏنا وڃن. 1940 واري ٺهراءَ ۾ جيڪي وحدتن سان واعدا ڪيا ويا هئا، انهن تي قائم رهندي اصلوڪين قومن ۽ انهن جي حقن جي نگهباني ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ جو اها وقت جي سخت ضرورت آهي ته قومن جي حقن جو تحفظ ڪيو وڃي ۽ قومن جو احترام ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ جو اسان جو هي پيارو ملڪ جن چئن ٿنڀن تي بيٺل آ هي. اصولي طور تي انهن چئن ٿنڀن کي مضبوط ڪرڻ گهرجي. ملڪ جي عمارت ۾  پيل ڏارن کي ڪنهن به سازشي سيمينٽ جي ليپي ڏيڻ سان ان ملڪي عمارت کي سگهارو نٿو بڻائي سگهجي. ملڪ جي حصيدار قومن /وحدتن سان ويساهه گهاتي ڪرڻ واري عمل کي تاريخ ڪڏهن به معاف ناهي ڪيو.
1971ع جو حادثو ملڪي تاريخ جو اهڙو واقعو آهي، جيڪو قومن سان ٿيندڙ  ناانصافين جو هڪ اهم دستاويز آهي، جنهن کي  ڪنهن به ريت مٽائي نٿو سگهجي. ملڪ جي خيرخواهن کي صلاح آهي ته اهڙن عملن کان پرهيز ڪئي وڃي، جنهن سان ملڪ جي عمارت ۾ ئي ڏار پوڻ جو جواز پيدا ٿيندو هجي.ڄاتو وڃي ته ملڪ هٿيارن جي زور تي قائم ناهن رهي سگهندا. ملڪ جي شهرين کي انهن جا فطري ۽ آئيني حق ڏيڻ سان ئي ملڪ قائم رهي سگهندا آهن. هٿيارن جي زور تي ڪنهن به ملڪ ڊگهو عرصو قائم نٿو رکي سگهجي. تنهن ڪري غيرقانوني پرڏيهين کي ملڪ نيڪالي ڏئي اصلوڪين قومن کي انهن جي ٻولي ، قومي سڃاڻپ، اختيار،  وسيلا ۽ جمهوري حق ڏنا وڃن، ڪنهن به قوم کي ان جي سڃاڻپ، وسيلن، اختيارن ۽ آزادين کان محروم ڪرڻ فاشزم آهي. آمريت آهي. جڏهن ته اسان جو ديس هڪ جمهوري ديس آهي، جمهوريت اها آهي ته قومن کي برابر جا حق ڏنا وڃن ۽ انهن جي فطري انساني ۽ قومي حقن جو احترام ڪيو وڃي.
سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي ڪراچيءَ ۾ ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ خلاف لڳل احتجاجي ڌرڻي ۾ وڌ کان وڌ شريڪ ٿي. دنيا آڏو  پنهنجو  ڀرپور تاريخي احتجاج، ريڪارڊ ڪرائڻ واري عمل ۾ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي ٽي ڏينهن جاري رهندڙ نادرا ميگا سينٽر ڪورنگي روڊ تي ٿيندر احتجاج ۾ شريڪ ٿيڻ تي لک شاباسون هجن، پنهنجي قومي حقن جي حاصلات واري جدوجهد ۾ شريڪ ٿي اوهان پاڻ ملهايو آهي. سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جو مطالبو آهي ته غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي ملڪ نيڪالي ڏني وڃي، افغان مهاجرن کي پنهنجي ملڪ موڪليو وڃي. ڌارين  ماڻهن کي سنڌ ۾ جاري ڪيل سڃاڻپ ڪارڊ رد ڪيا وڃن.
پ پ سرڪار کي پنهنجي ليکي سنڌ جي هن اصولي موقف جي حمايت ڪرڻ گهرجي ۽ وفاقي حڪومت خاص ڪري. نادرا چيئرمين  ۽  ڪراچي جي ميئر خلاف تڪڙو نوٽيس ورتو وڃي، ڇاڪاڻ جو سنڌ جي ووٽ جو مينڊيٽ پ پ سرڪار کي مليل آهي ۽ ان جي قومي، جمهوري، اخلاقي ۽ انتظامي ذميواري آهي ته هو سنڌ جي هن مسلسل  ٿيندڙ قومي احتجاج  کي ڌيان  ۾ آڻي ۽ لاڳاپيل مسئلي کي نبيرڻ لاءِ  جلد تحرڪ ۾ اچي. اهو پ پ سرڪار کان سنڌ جو مطالبو آهي.
(روزاني عوامي آواز 18 اپريل 2018ع)