Tuesday, July 31, 2018

سياستدان سمجهه ۽ سهپ جو مظاهرو ڪن.


شفيق الرحمان شاڪر
خير سان ملڪ ۾ عام چونڊن جو هڪ مرحلو مڪمل ٿي چڪو آهي.هميشه جيان هارائيندڙ ڌريون چونڊن ۾ عظيم ڌانڌلين جو ماتم ڪندي نظر اچن ٿيون جڏهن ته کٽيل اميدوارن سک جو ساهه کنيو آهي.جيڪر ڌانڌلين جي ڳالهه ڪجي ته اهي ٽن مرحلن ۾ ممڪن هجن ٿيون.اليڪشن کان اڳ ،اليڪشن دوران ۽ اليڪشن واري عمل کان پوء يعني نتيجا مرتب ڪرڻ وقت. جيستائين اليڪشن واري ڏينهن چونڊ عمل جو تعلق آهي ته ان ڏينهن تي  ووٽ وجھڻ وارو عمل جهڙيء طرح پرسڪون، پر امن،شفاف ۽ غير جانبدار رهيو انهيء جي تصديق مختلف پولنگ اسٽيشنن تي موجود اڪثر اڻ ڌرين مبصرن سان گڏوگڏ بين الاقوامي تنظيمن به ڪئي آهي جيڪي ان عمل جي مانيٽرنگ ڪري رهيون هيون.ٻين لفظن ۾ مجموعي طور تي ووٽرن بنان ڪنهن خوف۽دٻاء جي پنهنجي راء جو حق استعمال ڪيو.نه ته ماضيء جيان ڪوڙا ٺپا لڳي سگھيا ۽ نه ئي جعلي ووٽ پئجي سگھيا.جنهن به اميدوار کي جيترو ووٽ ملڻو هو سو انهن کي مليو.رهيو سوال اليڪشن کان اڳ ڌانڌليء جو ته انهيء  ۾ ٿي سگھي ٿو ته ڪجهه حقيقيت جو عنصر ڪٿي نه ڪٿي شامل هجي پر اڪثر اتي به گھڻيون ڪهاڻيون ئي نظر اچن ٿيون جيڪي اليڪشن ۾ ڪرڻ جي خوف کان ڪجهه سياسي ڌرين اڳيئي ئي گھڙي رکيون هيون جو انهن ڌرين کي پنهنجي گذريل ڪارڪردگي خوب ساريل هئي ۽ اهي عوامي ردعمل کي اڳواٽ محسوس ڪري چڪا هئا.چونڊن ۾ ڪنهن منظم ڌانڌلين واري ٿيوري ان ڪري به وارو نٿي کائي جو ڪافي شيون انهيء ٿيوريء سان مناسبت نٿيون رکن. مثال؛ جيپ جو چونڊ نشان جنهن لاء ڪيتريون ئي سياسي ڌريون اهو ممڻ مچائي رهيون هيون ته ان نشان تي چونڊ وڙهندڙ اميدوار ڪن “خاص” ڌرين جا ماڻهو آهن پر اليڪشن نتيجن موجب انهيء نشان رکندڙ اميدوارن کي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.اهڙيء طرح گذريل ڊگھي عرصي کان  سنڌ ۾ پي ايس پي کي ايم ڪيو ايم جي متبادل طور آڻڻ لاء مقتدر ڌرين تي الزام هنيا پئي ويا پر موجوده اليڪشن ۾ پي ايس پي جي ايڏي عظيم شڪست ان ڦوڪڻي مان هوا ڪڍي ڇڏي آهي. جي ڊي اي جنهن لاء اها واويلا متل هئي ته انهن کي خلائي مخلوق پي پي جي مقابلي ۾ سنڌ اندر ايندڙ حڪومت قائم ڪرڻ لاء ميدان ۾ لاٿو آهي انهيء جي سنڌ اندر ايڏي وڏي شڪست انهيء حقيقت کي افساني ۾ بدلائي ڇڏيو آهي.جيڪر ڪا منظم ڌانڌلي ڪرڻي هئي ته پوء پنجاب ۽ سنڌ ۾ پراڻين پارٽين بدران پنهنجي پسند جي اميدوارن کي اليڪشن کٽرائڻ ڪو مشڪل عمل نه هو.اهڙيء طرح ايم ايم اي ۽ ٻين مذهبي جماعتن جي لاء به اهو تاثر جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي ويئي ته انهن کي به اصل واڳ ڌڻين جي آشيرواد حاصل آهي پر ايندڙ چونڊ نتيجا ان تاثر کي به غلط ثابت ڪري رهيا آهن. بهرحال ڇا به ثيو ۽ ڪيئن به ٿيو پر سٺو سوڻ اهو آهي ته هڪ پر امن ماحول ۾ جمهوري گاڏو اڳتي ڌڪجي چڪو آهي ۽ نيون حڪومتون پنهنجي سياسي سفر جي  ٻيهرشروعات ڪري رهيون آهن.عوام جيڪا به راء پنهنجي ووٽ جي صورت ۾ ڏني آهي انهيء جو احتران هر حالت ۾ لازمي آهي پر عجيب ڳالهه آهي جو ڏينهن رات عوام جي ووٽ کي عزت ڏيو جي تسبيح پڙهڻ وارا اڄ عوامي راء جو صرف ان ڪري احترام ڪرڻ لاء تيار ناهن جو عوام انهن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي اهي ان جمهوري عمل کي پروقار نموني سان اڳتي وڌائڻ بدران عوام کي روڊن ۽ رستن تي آڻڻ ۽ ايندڙ نين حڪومتن لاء مسئلا پيدا ڪرڻ جون سٽون سٽي رهيا آهن.سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته ملڪ هن وقت جن اندروني ۽ خارجي بحرانن مان گذري رهيو آهي ۽ جهڙيء طرح پاڪستان جون دشمن قوتون ملڪ کي ڪنهن وڏي انارڪيء واري ماحول طرف ڌڪڻ لاء سندو ٻڌي بيٺل نظر اچن ٿيون انهيء نازڪ صورتحال ۾ سياستدانن پاران سياست جي آڙ ۾ ملڪ کي وڌيڪ ڪنهن بحران ۽ انتشار طرف ڌڪڻ ڪٿان جي عقلمندي آهي.جمهوريت رڳو چونڊون کٽڻ جو نالو ناهي پر هارائڻ به جمهوري عمل جو حصو هوندو آهي.انهيء جو مطلب ته اهو ٿيو ته جنهن جمهوري نظام ۾ چند نام نهاد سياستدان اسيمبلين ۾ پهچي نه سگھن انهيء نظام جا ئي تڏا ويڙهائي ڇڏجن ۽ انهيء تڏا ويڙهه جو نتيجو ڇا نڪرندو؟ ڇا سياستدانن کي 1977ع واري صورتحال وسري ويئي آهي يا اهي ڏسي وائسي ملڪ کي اهڙين حالتن طرف وري ڌڪڻ گھرن ٿا؟سو جتي اسان جا سياستدان هر خرابيء لاء ملڪي اسٽيبلشمينٽ کي اڪيلو ذميدار ٺهرائي سمورو گند انهيء مٿان اڇليندا رهن ٿا اتي انهن کي پنهنجي روين ۽ طريقه ڪار تي به نظرثاني ڪندي سمجھه ۽ سهپ کان ڪم وٺڻ گھرجي.عوام جي ڏنل فيصلي کي عزت ڏيڻ جو مطلب اهو آهي ته عوام جي اڪثريتي راء جي نتيجي ۾ جيڪي حڪومتون جڙن انهن جي رستي ۾ اجايو رنڊڪون ۽ رڪاوٽون کڙيون ڪرڻ به جمهوريت خلاف سازشن جي زمري ۾ اچي ٿو.انهن ۾ ايتري رواداري ۽ سهپ هئڻ گهرجي جو ڪجهه وقت اقتدار کان ٻاهر رهندي به گذاري سگھن.ملڪي اقتدار انهن جو هميشه لاء ٺيڪي تي ته کنيل ناهي جو هروڀرو جي حڪومت  ملندي ته صحيح نه ته انهن جي چوڻ مطابق اهي عوام طرفان چونڊيل نمائندن کي اسيمبلين ۾ داخل ٿيڻ ئي نه ڏيندا.اهو جمهوري رويو آهي يا سڌي سنئين داداگيري؟افسوس جو وقت ۽ حالتن مان اسان جي سياستدانن جي اڪثريت ڪوبه سبق ناهي سکيو.عوام جنهن مصيبت ۽ پريشانيين مان گذري رهيو آهي انهن کي انهيء جو ذرو به احساس ناهي.اهي ملڪ ۾ مستقل مزاحمت، افراتفري،انتشار ۽ ڏڦير وارو ماحول پيدا ڪري پنهنجا ذاتي ۽ گروهي مفاد حاصل ڪرڻ گھرن ٿا.اسان جي سياستدانن کي هڪ ڳالهه ياد رکڻ گھرجي ته دنيا تبديل ٿي چڪي آهي ۽ هاڻي عوام جي شعور سان گھڻي وقت تائين دوکو ۽ مذاق ڪري نٿي سگھجي.اهو به ياد رکڻ گھرجي ته ملڪ ۾ احتساب جو جيڪو عمل شروع ٿي چڪو آهي اهو ڪنهن جي به خواهش تي بند ٿيڻو يا رڪجڻو ناهي.ڪنهن به قسم جي اين آر او جي في الحال ڪٿان به ڪا گنجائش نظر نٿي اچي بلڪه شايد هاڻي اين آر او ممڪن نه رهيو آهي. ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ احتساب جو عمل جيڪو چونڊن جي ڪري سست ٿي ويو هو اهو تيزي پڪڙيندي نظر ايندو.جهڙيء طرح عوام هن اليڪشن ۾ وڏا وڏا سياسي برج اونڌا ڪري  انهن خلاف پنهن جي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي ايندڙ ڏينهن ۾ اهو ئي عوام رياستي ادارن تي دٻاء وڌائيندو ته ملڪ لٽيندڙن،ڏوهاري ماڻهن ۽ ڪرپٽ نمائندن خلاف سخت احتساب شروع ڪيو وڃي.اڄ کان 22 سال اڳ جيڪي ماڻهو عمران خان جي تبديليء واري نعري جو مذاق اڏائيندا هئا انهن جون حيرت وچان اکيون پٽيل ئي رهجي ويون آهن جو اصل طاقت عوام وٽ آهي جن سمورين رڪاوٽن ۽ مخالفتن باوجود عمران خان کي وزارت عظميٰ جي ڪرسيء تائين پهچائي ڇڏيو آهي فقط ان لاء ته هو ملڪ جو لٽيل پئسو واپس ملڪ ۾ آڻي ۽ سياست جي ويس اوڍيل انهن ڏوهارين کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهاري.عمران کي اهو ڪم ڪرڻو ئي پوندو نه ته خود عمران خان عوام جي غيض ۽ غضب جو نشان بڻجي ويندو.اهو احتساب اڻ ڌريو ۽ اڪراس دي بورڊ هوندو.گھڻا جيڪي اسيمبلين ۾ پهچڻ تي جشن ملهائي رهيا آهن انهن کي نااهل ۽ ڏوهاري بڻجي يا ته گھر يا جيل وڃڻو آهي پوء انهن جو تعلق خود عمران خان جي جماعت سان ئي ڇو نه هجي.سو اسان جا سياستدان جيڪي مايوسي ۽ غصي وچان هڪ دفعو وري عوام کي روڊن رستن تي آڻي ملڪ کي ٻيهر ڪنهن بدامنيء ڏانهن ڌڪڻ گھرن ٿا انهن کي نوٽ ڪرڻ گھرجي  ته ڪراچي آپريشن جو حصو ٻيو جلد شروع ٿيڻ وارو آهي ۽ انهيء جو دائرو ملڪ جي ٻين حصن تائين به وڌي سگھي ٿو جنهن کي روڪڻ جي سگھه انهن سياستدانن وٽ في الحال ته ڪانه ٿي ڏسجي.انهيء ڪري جنهن کي چونڊن ۾ جيترو حصو مليو آهي انهيء تي مطئمن ٿي اڳتي وڌن ۽ سياسي للڪارن جو مقابلو سياسي ميدان ۾ ڪن.هن وقت به جيڪر سياستدانن سمجهه ۽ سهپ کان ڪم نه وٺندي تڪڙ ۾ڪنهن پهلوانيء جو مظاهرو ڪيو ته انهيء جو نقصان سڀ کان وڌيڪ انهن ئي سياستدانن کي ٿيندو.
(روزاني هلال پاڪستان 2018ع)

Friday, July 27, 2018

چونڊن پويان اٿندڙ امڪاني طوفان!


شفيق الرحمان شاڪر
هن وقت پوري پاڪستان جي عوام توڙي سياستدانن جو ڌيان عام چونڊن ۾ کتل آهي، ڪٿي ايندڙ حڪومتن جي جوڙجڪ جي باري ۾ اڳڪٿيون ٿي رهيون آهن ته ڪٿي چونڊن کان پوء ملڪ ۾ سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي وڃڻ جون اميدون لڳايون پييون وڃن پر بدقسمتيء سان انهن چونڊن جي پويان جيڪي سياسي ۽ معاشي بحرانن جا طوفان ڪر کڻي رهيا آهن انهن طرف في الحال ڪنهن جو به ڌيان نٿو وڃي. گذريل حڪومت جي ناڪام معاشي پاليسيء ۽ نگران حڪومت جي نااهليء سبب ڊالر جي قيمت اٽڪل 29 روپين جي ريڪارڊ سطح تي پهچي چڪي آهي جنهن جي نتيجي ۾ مهانگائيء جا اثر ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ اهو طوفان ايڏي ته شدت سان عوام کي گھيرڻ وارو آهي جو عوام جون رڙيون نڪري وينديون.منافعي خور مافيا موقعي جو فائدو وٺندي روزمرهه استعمال جي شين ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪري ڇڏيو آهي ۽ نگران حڪومت خاموش تماشائي بڻيل ۽ جيل ۾ پيل نواز شريف لاء سهوليتون مهيا ڪرڻ واري ڪم ۾ ئي رڌل نظر اچي ٿي.
گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان انٽر بينڪ ۽ اوپن ڪرنسي مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت کي اوچتو اهڙا ته پر لڳا آهن جو پاڪستاني روپيو ڊالر جي بلند اڏام کي رڳو ڏسندو ئي رهجي ويو آهي.اهو رڳو پاڪستاني روپيي جي بي قدري يا قيمت ۾ گھٽتائيء جو معاملو ڪونهي پر اهو اسان جي پوري معاشي ڍانچي جي تباهي ۽ برباديء جو داستان آهي.ڊالر جي قيمت ۾ لاڳيتو واڌارو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اسان جي ملڪي معيشت جو ساهه اکڙي چڪو آهي ۽ خدانخواسته جيڪر انهيء کي تڪڙن قدمن ذريعي ترت آڪسيجن مهيا نه ڪئي ويئي ته  حالتون هٿن مان نڪري وينديون ۽ افراط زر جو اهڙو طوفان ايندو جنهن جو مقابلو ڪرڻ ممڪن نه رهندو.اڄ جي دنيا ۾ ڪاروبار جي سڀ کان وڏي ۽ اهم ڪرنسي امريڪي ڊالر آهي،ڊالر جي ان حيثيت کيس دنيا ۾ ٻين ڪرنسين جي ڀيٽ ۾ پينڊولم وارو مقام ڏياري رکيو آهي جنهن جي چوڌاريء پوري دنيا جي ڪرنسي گھمندي نظر اچي ٿي ۽ ڊالر جي لاٿ ۽ چاڙهه مطابق ئي دنيا پنهنجي معاشي زندگيء جا ساهه ترتيب  ڏئي ٿي.عالمي واپار ۾ ڊالر تي ڀاڙيندڙ  ملڪ اها ڪوشش ڪندا آهن ته پنهنجي معيشت کي مڪمل طور تي ڪنٽرول ۾ رکي يا ته ڊالر جي قيمت جي ويجھو ڪيو وڃي يا وري جيترو فاصلو پيدا ٿي چڪو آهي پوري ڪوشش سان ان کي برقرار رکيو وڃي.پاڪستاني روپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ ايڏو اضافو ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته پاڪستاني معيشت گذريل عرصي ۾ ڪيتري قدر زبون حاليء جو شڪار رهي آهي ۽ اڳيان خطرناڪ حد تائين معاشي چيلينج سامهون آهن.نون ليگ جي معاشي بازيگرن ڪاغذن ۾ جيڪا معاشي ترقي ڏيکاري هئي  ان جي اصليت کلي سامهون اچي چڪي آهي.جيڪر گذريل پنجن سالن ۾ معيشت کي مضبوط بنائڻ لاء ڪي ٺوس اپاء کنيا وڃن ها ته ايندڙ حڪومت کي ايندي ئي ايڏي وڏي معاشي بدحاليء واري طوفان کي منهن ڏيڻو نه پوي ها.ستم اهو جو ملڪ جي معاشي طور تي کوکلو ٿيڻ جو پول ان وقت کليو آهي جڏهن ملڪ عبوري دور مان گذري رهيو آهي ۽ هڪ چونڊيل حڪومت بدران نگران حڪومت برسر اقتدار آهي جيڪا پنهنجن فيصلن توڙي ڪارڪردگيء بابت عوام آڏو جوابده نه آهي.ايندڙ حڪومت وٽ آئي ايم ايف وٽ وڃڻ ۽ ان جي شرطن تي قرض حاصل ڪرڻ سواء ٻيو ڪوبه چارو نه هوندو جنهن سان هڪ طرف مهانگائيء جو ناقابل برداشت طوفان ايندو ته ٻئي طرف ملڪ وڌيڪ قرضن جي بار هيٺ دٻبو ويندو.ايندڙ حڪومت وٽ معيشت کي ترت سهار ڏيڻ لاء بهترين آپشن اهو ٿي سگھي ٿو ته ملڪ جو ڦريل ۽ لٽيل ناڻو جيڪو ٻاهرين ملڪن جي بينڪن ۾ پيو آهي اهو هر صورت ۾ واپس آندو وڃي جيڪر اهو ناڻو ملڪ ۾واپس آڻڻ بدران سمورو معاشي بار اڳيئي چپيل ۽ نپوڙيل غريب عوام جي ڪلهن تي وڌو وڃي ٿو ته پوء اهڙو احتساب سواء ناٽڪ جي ٻيو ڪجهه به نه هوندو.جيستائن هتي سعودي احتساب وارو ماڊل نٿو نافذ ٿئي عوام کي اهڙن احتسابن مان ڪجهه به ورڻو سرڻو ناهي.
هڪڙو ٻيو طوفان جيڪو پڻ چونڊن کان پوء ڪر کنيو بيٺو آهي سو آهي سياسي انتشار ۽ افراتفري جو طوفان.هن وقت چونڊن ۾ جيڪا سياسي صورتحال نظر اچي پيئي ان مطابق نٿو لڳي ته ڪابه پارٽي واضح ته ٺهيو پر سادي اڪثريت به حاصل ڪري سگھندي.ٻه مکيه سياسي جماعتون جيڪي واري وٽيء سان ملڪ تي حڪومت ڪنديون رهيون آهن انهن مان ڪنهن هڪ جي  جيڪر حڪومت قائم نٿي ٿئي ته اهي نه رڳو چونڊن ۾ ڌانڌلين جي واويلا مچائينديون (جيڪا هنن هينئر کان ئي مچائڻ شروع ڪري ڏني آهي ) بلڪه اهي ٻي ڪنهن به سياسي پارٽي يا ڌر کي آسانيء سان حڪومت ڪرڻ نه ڏينديون.مٿان احتساب جو جيڪو عمل هن وقت چونڊن سبب سست ٿيل آهي اهو چونڊن کان پوء جيئن ئي پوري زور شور سان شروع ٿيندو ته احتساب جي نشاني تي ايندڙ سموريون سياسي ڌريون متحد ٿي اهڙو ممڻ مچائينديون جو خدا ڏي پناهه! پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شايد اهڙي ئي ڪنهن وسيع ميثاق جمهوريت جو اڳ ۾ ئي اشارو ڪري چڪو آهي.سو سمجهه ۾ نٿو اچي ته نئين ايندڙ هنگ پارليامينٽ مان جڙندڙ ڪمزور اتحادي حڪومت ملڪ کي درپيش سنگين مسئلن حل ڪرڻ طرف پنهنجو ڌيان ڏيندي يا ملڪ اندر اٿندڙ سياسي بيچيني ۽ انتشار کي منهن ڏيندي.چوڻ لاء ته ڪجهه پارٽين کي ڇڏي ڪري سموريون سياسي پارٽيون لاڳيتو چونديون ٿيون وتن ته کين اڻ ڏٺل قوتون سندن پير ڪڍي رهيون آهن پر اڃا تائين ان دعويٰ کي سچو ثابت ڪرڻ لاء ڪنهن به سياسي جماعت ان قسم جي مداخلت جو ڪو واضح ثبوت پيش نه ڪري سگھي آهي.ٻنهي مکيه پارٽين پنهنجن حڪومتن واري دورن ۾ جهڙيء طرح عوام کي مايوس ڪيو آهي ۽ جهڙيء طرح عوام هن وقت عوام منجھائن بيزاريء جو اظهار ڪري رهيو آهي انهيء مان ته اهو ئي ظاهر ٿئي ٿو ته هن اليڪشن ۾ انهن ٻنهي پارٽين کي ماضيء جيان وڏي پيماني تي ووٽ نه پوندا ۽ اهي ايتريون سيٽون ڪڍي نه سگھنديون جو اڪيلي حڪومت جوڙڻ جي پوزيشن ۾ اچي وڃن سو انهن لاء بهترين حڪمت عملي اها ئي رهندي جو اهي پهرين کان ئي چونڊن کي تڪراري بنائي انهن جا نتيجا قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏين.ڪڏهن نگران حڪومتون سندن الزامن جي نشاني تي آهن ته ڪڏهن اليڪشن ڪميشن ته ڪڏهن عدالتون ته ڪڏهن خلائي مخلوق! جيڪر ملڪ ۾ سڀ جا سڀ ادارا جانبدار ۽ ڌر آهن ته پوء انهن کان ئي پڇيو وڃي ته آخر چونڊون ڪرائڻ لاء ڪهڙي  ٻاهرئين ملڪ مان ڪا فرشتا صفت مخلوق ڪرائي تي ورتي وڃي ها؟بهرحال چونڊن کان پوء وارو منظرنامو ڪو سٺو نظر نٿو اچي  ۽ نگران حڪومتن ۾ اها سياسي ۽ انتظامي صلاحيت به نظر نٿي اچي جو اهي انتشار جي اهڙي امڪاني صورتحال مان ملڪ کي ٻاهر ڪڍي سگھن.لڳي ٿو ته هاڻوڪيون چونڊون ملڪ ۾ پهرين کان موجود ڏڦير ۾ وڌيڪ واڌارو ڪري ڇڏينديون.
(روزاني جيجل 25 جولائي 2018ع)

Wednesday, July 25, 2018

بلاول به سوچيندو ته هوندو.....!


شفيق الرحمان شاڪر
بلاول به سوچيندو ته هوندو ته اها ايڏي ساري خلق خدا مون سان صرف منهن جي شهيد ماء ۽ شهيد نانا جي ڪري محبت ڇو ٿي ڪري؟ پنهنجي والد يا ڏاڏاڻي خاندان جي ٻئي ڪنهن فرد سان مٽيء واري ناتي  طور محبت ڇو نٿي ڪري؟ جڏهن ته سندس ٻئي شهيد مائٽ پيپلز پارٽيء جا اڳواڻ ۽ سياستدان هئا ۽ سندس والد به پيپلز پارٽيء جو اڳواڻ آهي ته پوء اهو فرق ڇو؟ بلاول اهو به سوچيندو ته هوندو ته پي پي ء جي پنجن سالن جي وفاقي جنهن ۾ سندس والد پاڪستان جو صدر به رهيو ۽ ڏهن سالن جي صوبائي دور حڪومت ۾ سندس شهيد والده جا اصل قاتل ڇو گرفتار نه ٿي سگھيا؟هو سوچيندو ته هوندو ته سندس والده ۽ ناني جي يادگيري رڳو ورسين ۽ اليڪشن ۾ ئي سندس پارٽيء کي ڇو ٿي اچي؟ هو سوچيندو ته هوندو ته قربانيون ڏيڻ وارن ڪارڪنن جو قافلو ڪٿي لٽجي ويو ۽ سندس پارٽيء جو واسطو ۽ ناتو انهن جانثارن سان ڪيئن ٽٽي ويو جيڪي اگھاڙين پٺين تي ڪوڙا سهندي،پارٽيء جي جلسن ۾ اگھاڙين پيرين ڊوڙندي ۽ جھمريون هڻندي ،خالي پيٽ ۽ لڱين اگھاڙين به جيئي ڀٽو جا اڀ ڦاڙيندڙ نعرا هڻندا هئا،اهي مزدور جن جا پگھر ۾ شل وجود ۽ سخت پورهئي وچان گھايل هٿ جڏهن فضا ۾ اڀا ٿيندا هئا ته سماج ۾ ڪنهن پورهيت انقلاب اچڻ جي سڳنڌ اچڻ لڳندي هئي.اهي سڀ اڇا ۽ اجرا ۽ چنڊ جي چانڊاڻ جهڙا پرخلوص ڪردار آسمان ڳڙڪائي ويو يا زمين ڳهي ويئي؟اهي مستقل مزاج،باهمت،اصول پسند،اعتدال پسند ۽ مشڪلن ۾ مرڪندڙ ماڻهو جيڪي نظرين جي رڃ ۾ رلندي پنهنجا ڪارا وار اڇا ڪري ويٺا،اهي اڄ پارٽيء جي ڪنهن ڪنڊ ۽ ڪنهن گوشي ۾ ڏيئو کڻي ڳولهيندي به نٿا لڀن. بلاول سوچيندو ته هوندو ته  پي پي جي سياست جي ستر ڪلفٽن کان بلاول هائوس منتقلي سان ڇا ڇا بدلجي ويو؟ هو سوچيندو ته هوندو ته سندس پارٽي سياسي پارٽيء مان هڪ ڪارپوريٽ ڪمپني ڪيئن بڻجي ويئي؟هو سوچيندو ته هوندو ته پيپلز پارٽي جنهن کي چئن ئي صوبن جي زنجير سڏيو ويندو هو  تنهن جي هٿن مان رهيل سنڌ به آخر ڇو نڪرندي ٿي وڃي؟ هو سوچيندو ته هوندو ته کيس  آسپاس هر طرف رڳو صنعتڪار، سرمائيدار، جاگيردار،  زميندار، ڀوتار،ٺيڪيدار، قبضا خور ۽ ڀتاخور ئي ڇو ٿا نظر اچن؟ هر وقت ۽ هر طرف رڳو ملن،فيڪٽرين،زمينن.ملڪيتن ۽ ڌن دولت جو تذڪرو ئي ڇو آهي؟ هو ضرور سوچيندو هوندو ته اهي مسڪين ٻار توڙي ٻڍا، عورتون توڙي مرد جيڪي سندس هڪڙي جھلڪ ڏسڻ لاء آتا ۽ سندس مٿان ساهه صدقي ڪرڻ لاء تيار آهن سندس پارٽيء ۽ سندس حڪومت انهيء جي بدلي ۾ انهن کي هيستائين ڇا ڏنو آهي؟ هو جڏهن سنڌ جي ڀڳل ٽٽل روڊ رستن تان گذرندو هوندو ته سوچيندو ته ضرور هوندو ته سهڻي سنڌ جي اهڙي بدتر حالت ڪنهن ڪئي؟جڏهن هو عوام پاران سندس نمائندن ۽ حڪومتي اڳواڻن جي شڪايتن جا هرهنڌ داستان ٻڌندو ۽ ڏسندو هوندو ته هو گھڙي پل لاء ضرور سوچيندو هوندو ته اهي ڪنهن خلائي مخلوق طرفان پلانٽ ڪيل ماڻهو نه پر اهي پي پي جا پراڻا ووٽر آهن جن جي اکين ۾ اڄ به شهيدن جي محبت جا ڏيئا ٻرندي ڏسي سگھجن ٿا . پوء انهن جون سڀ جون سڀ اميدن کي مٽيء جي ڍير ۾ بدلائڻ وارا ۽ انهن جي انگ جو ڪپڙو ۽ سندن مانيء جو گراهه کسڻ وارا ڪي ٻيا نه پر سندس پارٽي ۽ حڪومت جا اهي راڪاس آهن جن غريبن جو رت ست چوسي  انهن جي لاشن تي پنهنجا خوبصورت محل تعمير ڪيا آهن.هو سوچيندو ته هوندو ته سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ ويساهه گھاتين ۾ سندس پارٽي ۽ حڪومت ڪو اصولي موقف اختيار ڇو نه ڪيو؟ سندس پارٽي مرڪز ۾ اپوزيشن جي ڪرسين تي ويهي گذريل حڪومت جي عوام ۽ سنڌ دشمن منصوبن ۽ پاليسين خلاف ڀرپور مزاحمت جو ڪردار ادا ڪرڻ جي پوزيشن ۾ هئڻ باوجود وفاقي حڪومت سان لڪ لڪوٽي راند ڇو کيڏندي رهي؟ هو ضرور سوچيندو هوندو ته اها ڪهڙي مفاهمت هئي جنهن تي سڀ اصول،نظريا ۽ اقدار قربان ڪيا ويا؟ بلاول سوچيندو ته هوندو ته هر سنڌي جيڪو پنهنجي نجي گاڏيء ۾ ڪراچيء کان حيدرآباد پهچڻ لاء سپرهائي وي تان گذري ٿو تنهن کي هاڻي 190 روپين جي بدران 230 روپيا وفاقي حڪومت کي ٽيڪس جي صورت ۾ ڀتو ڏيڻو پوندو ،آخر سنڌ سان ايڏي ستم تي سندس پارٽي ۽ حڪومت ڇو خاموش تماشائي بڻي رهي؟هو سوچيندو ته هوندو ته هيتري ساري بجيٽ مهيا ڪرڻ باوجود سنڌ جون اسپتالون ۽ اسڪول آخر ڪيئن تباهه ۽ برباد ٿي ويا؟هو سوچيندو ته هوندو ته سندس پارٽيء جي وزيرن ۽ مشيرن دفترن ۾ ويهي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ بدران پنهنجو وقت ڪٿي گذاريو؟ هنن اقتدار دوران ماڻهن سان کليل ڪچهريون ڇو نه ڪيون؟پوليس سڌارن ۽ ترت انصاف مهيا ڪرڻ جي  نظام جي قيام لاء سندس پارٽيء جي حڪومت ڪو ڌيان ڏيڻ بدران پوليس جي پوري نظام کي وڌيڪ سياسي  ۽ بدعنوان ڇو بنايو؟رشوت ۽ بدعنوانيء جي خاتمي ۽ منصفاڻي احتساب جي نظام لاء ڪي به عملي قدم ڇونه کنيا؟ سنڌ مان گم ٿيندڙ نوجوانن لاء سندس پارٽيء جي حڪومت ڪو واضح موقف ڇو نه اختيار ڪري سگھي؟هو سوچيندو ته هوندو ته پارٽي ۾ جوش ، جذبي ۽ سچائيء جي جڳهه تي هر شيء پئسي سان ڪيئن ٿيڻ لڳي؟ جلسو سجائڻ ،بينر لڳائڻ، ريلي ڪڍائڻ،نعرا هڻائڻ ۽ ڊانسون ڪرائڻ مطلب ته هر ڪم ۽ هر سرگرمي پئسو ڏيئي! اهي  مات نه کائيندڙ ڪارڪن لڏو ڪٿي گم ٿي ويو جيڪي اوجاڳيل اکين ۽ خالي پيٽن سان پارٽيء جي سرگرمين کي سچي سونهن بخشيندا هئا.سمجھون ٿا ته شايد بلاول اهو سڀ ڪجهه سوچيندو هوندو پر سمجهه ۾ نٿو اچي ته جيڪر هو اهو ڪجهه سوچيندو هوندو ته انهيء سوچ کي هو پنهنجن چپن تي آڻي به سگھندو؟.هو سنڌ جي انهن ساده دل ۽ سٻاجھڙن هارين نارين،مزدورن ۽ پورهيتن،دانشورن ۽ ساڃاهه وندن،غربت  ۽ ظلم جي چڪي ۾ پيسجندڙ  مظلومن جي لاء ڪو حق جو ڪلمو بلند ڪري به سگھندو،عوام کي اهنجن ۽ آزارن،ايزائن ۽ پيڙائن جي اوڙاهه ۾ وڌيڪ اونهو ڌڪو ڏيندڙ پنهجي ئي پارٽيء جي لٽيرن ۽ رهزنن کي احتساب ۽ انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهاري  به سگھندو؟يا هو به ويچاري ويساه وسوڙي  ۽ سورن جي ماريل مسڪين عوام سان اها ئي سياسي راند ڪري رهيو آهي جيڪا راند رچائڻ لاء يا ته کيس مجبور ڪيو ويو آهي يا هو هو پاڻ به ان راند مان لطف اندوز ٿيڻ واري رستي جو پانڌيئڙو آهي.ڪاش هو پنهنجي شهيد ناني ، شهيد والده ۽ جمهوريت جي راهه ۾ پنهنجون جانيون قربان ڪندڙ هزارين سياسي ڪارڪنن جي پارٽي پاڪستان پيپلز پارٽيء کي برباد ٿيڻ کان بچائي سگھي! جيڪر هو اهو سڀ ڪجهه سوچيندو هوندو ته ڪنهن نئين صبح جي اميد ڪري سگھجي ٿي  پر جيڪر هو به ان اڏوهي کاڌل نظام جو حصو بڻجي ٿو جيڪو بدقسمتيء سان هيستائين نظر اچي رهيو آهي ته پوء محبتن جو اهو وقتي خمار گھڻي وقت تائين قائم رهي نه سگھندو  ۽ ايئن نه ٿئي جو هو آئنده پنهنجو سياسي مستقبل ۽ ماڻهن جي محبت ٻئي وڃائي ويهي!
(روزاني عبرت 24 جولائي 2018ع)


عوامي بالادستي ؛ هڪ مقصد يا رڳو نعرو؟


عوامي بالادستي ؛ هڪ مقصد يا رڳو نعرو؟
جڏهن کان هوش سنڀاليو آهي ان لفظ جو تڪرار ٻڌندا ٿا اچون پر اڃا تائين سمجهه ۾ نه ويٺو ته عوامي بالادستي آخر ڪهڙي شيء آهي؟حڪومتي معاملن ۾ عوام جي حقيقي شرڪت يا ڪجهه اشرافيا جي جمهوريت جي نالي تي ڦرلٽ؟پر اهم سوال اهو آهي ته عوامي بالادستيء مان ڇا مراد آهي ۽ ڪهڙي قسم جو عوام ان بالادستيء جو حقدار بڻجي سگھي ٿو؟ڇا عوام ۾ اهي گھربل خاصيتون موجود آهن جيڪي هن کي بالادست بنائي سگھن يا اهو رڳو هڪڙو نعرو آهي جيڪو هڪ مخصوص مفادپرست حڪمران ٽولو پنهنجن جائز توڙي ناجائز مفادن جي تحفظ لاء وقت به وقت هڪ ڍال جي طور تي استعمال ڪندو رهي ٿو؟بالادستيء جو تعلق طاقت ۽ دانش سان ٿئي ٿي جڏهن عوامي طبقن ۾ اهي ٻئي شيون گڏ موجود هجن ته ان کي سندس حقيقي بالادستيء کان ڪوبه محروم ڪري نٿو سگھي.پاڪستان جي رياست جا اهم شعبا پارليامينٽ،عدليا،انتظاميا ۽ فوج آهن ۽ هاڻي ميڊيا کي به رياست جي اهم شعبن مان هڪڙو شعبو شمار ڪيو وڃي ٿو.انهن مان پارليامينٽ جو ڪم صرف قانونسازي ڪرڻ آهي ۽ باقي روزمره جا انتظامي معاملاحڪومتن کي هلائڻا آهن،عدليا کي عوام کي انصاف مهيا ڪرڻ ۽ انهن کي رياست يا حڪومتن جي ناجائز جبر کان بچائڻ هوندو آهي جڏهن ته ميڊيا جو ڪم وقت جي حڪومتن تي نظر رکڻ ۽ سندن غلط ڪمن ۽ پاليسين جي نشاندهي ڪرڻ هوندو آهي.انهيء مان ظاهر ٿيو ته عوام يعني عوامي نمائندن کي قانونسازيء جو حق ته حاصل آهي پر اهي رائج ٿيل ۽ لاڳو قانونن ۽ قائدن جي خلاف ورزي ڪندي انتظاميا توڙي عدليا جي ڪمن ۾ نه ته مداخلت ڪري سگھن ٿا ۽ نه ئي انهن کي ڪنهن به طريقي سان ناجائز طور تي دٻاء هيٺ آڻي سگھن ٿا.عوامي بالادستيء جو مطلب اهو هرگز ڪونهي ته انتظاميا توڙي عدليا جي فيصلن جي خلاف ورزي شروع ڪري ڇڏجي ۽ انهيء ڏوهه ۾ جيڪر ڪنهن عوامي نمائندي خلاف ڪو قانوني قدم کنيو وڃي ته هو پٽڻ شروع ڪري ڏئي ته عوامي نمائندن جي عزت جو ڪو خيال نٿو رکيو وڃي .ڇا ڪو ماڻهو ان جواز تحت ٽريفڪ سگنل ٽوڙڻ جو حق رکي ٿو جو هو عوامي نمائندو آهي؟بيشڪ انتظاميا،عدليا ۽ فوج وٽ بيحد اختيار هوندا آهن پر ان سان گڏوگڏ انهن جي تعليمي ليول،ذميداريء جو احساس ۽ سنجيدگيء جو معيار به ڪافي بلند هوندو آهي جڏهن ته پارليامينٽ وٽ اختيار ته هوندا آهن پر انهن جي اڪثريت اڻ پڙهيل يا اڌ پڙهيل،غير ذميدار  ۽ غير سنجيده ٿئي ٿي.انهن مان اڪثريت ٽيڪنيڪل صلاحيتن کان خالي نظر ايندي آهي،پوء اهڙا ماڻهو به پارليامينٽ ۾ داخل ٿي وڃن ٿا جيڪي چون ٿا ته ڊگري ڊگري هوندي آهي پوء اها اصلي هجي يا نقلي! وري ٿورو انهن جي اخلاقي تربيت ۽ تهذيبي قدرن جو جائزو وٺبو ته هڪٻئي لاء اهڙا لفظ ڳالهائين ٿا جيڪي گھر ۾ ڪنهن فيمليء جي ٻڌڻ جي لائق ئي نه هوندا آهن. اسان جو سياسي نظام بنيادي طور تي بي طرفو  ۽ بي ربط آهي.اسان پنهنجي چوڌاريء محلي جي سطح تي ڏسون ته اهڙا اڻ پڙهيل يا اڌ پڙهيل،غير مهذب قسم جا سياسي ڪارڪن نظر ايندا جيڪي علم ادب کان بيگانا،سياسي اقدار کان اڻ واقف ۽ گھڻو ڪري داداگير قسم جا ماڻهو هوندا جن کي ڪو ڪم ڪار هوندو ئي ناهي سواء خوشامد،نعري بازي ۽ سياسي مخالفن کي گاريون ڏيئي کٽيندڙ اميدوار کان مالي فائدا حاصل ڪرڻ،ڀتا وصول ڪرڻ يا زمينن تي غير قانوني قبضا ڪرڻ جي.انهن ماڻهن کي انهن سياسي ڀوتارن جي مڪمل حمايت حاصل هوندي آهي ۽ اهڙا ماڻهو ئي انهن جي اصل ضرورت هوندا آهن سو اهي پنهنجي محلي ۾ تمام گھڻو اثر رسوخ رکندا آهن جو پوليس جي ايس ايڇ او کان وٺي هر مقامي عملدار تائين سندن سياسي ڀوتارن جي معرفت  انهن جي مڪمل پهچ ۽ رسائي هوندي آهي جنهن ڪري غريب ۽ بي پهچ ماڻهو انهن جي آزار کان بچڻ لاء انهن جي اڳيان پويان ٿيندا رهندا آهن ۽ اهي آزاديء سان انهن غريبن سان ظلم ۽ زيادتيون ڪندا رهن ٿا.اهي ئي سياسي پارٽين جي اسٽريت پاور بڻجن ٿا،ووٽرن کي گھران ٻاهر ڪڍن ٿا،جلسا ۽ جلوس منعقد ڪن ٿا،نعرا ۽ جھمريون هڻن ٿا.اهو ئي سبب آهي جو پڙهيل لکيل ۽ مهذب قسم جا نوجوان انهيء مقامي سياست کان ئي الڳ رهن ٿا جو انهن کي اهڙن ٻه نمبري سياسي جانثارن جي وچ ۾ هرگز جڳهه نٿي ملي بلڪه اڪثر سنجيده قسم جا نوجوان  خاموش احتجاج طورپنهنجو ووٽ ئي استعمال نٿا ڪن.انهن وٽ اهو دليل هوندو آهي ته جڏهن ٻنهي پاسين ساڳئي قسم جا ڀوتار ۽ ٻنهي پاسين اهڙن ئي ڀتا خور ۽ قبضا گروپ ڪارڪنن جا ميلا آهن ته ڪنهن کي ووٽ ڏيڻ جو مطلب ان ناانصافيء واري نظام کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ برابر آهي.سياسي اڳواڻن جا اهڙا ئي ٻه نمبري منظور نظر ماڻهو يونين ڪائونسل جي ليول تان سياست جي شروعات ڪري قومي سياست تي به قبضو ڪري وٺن ٿا.پوء اهي جيڪي عوام جو حشر ڪن ٿا سو سڀني سامهون آهي.اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي ٻهراڙين ۾  اڻ پڙهيل ڀوتارن  جي سياسي گرفت کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو سبب بڻجن ٿا. ٻئي طرف شهرن ۾ وري وڏن سرمائيدارن جي لاڏلي اولاد کي سياست ذريعي پنهنجي شهرت ۽ دولت ڪمائڻ جو چسڪو لڳي ٿو.سياست جو ميدان اهو واحد ميدان آهي جنهن ۾ پهچڻ لاء ٻي ڪنهن به بنيادي قابليت جي بدران يا ته دولت جي قابليت  يا وري ابن ڏاڏن جي سرداري يا پيراڻي گاديء جو هئڻ ضروري آهي.ملڪ جي گنڀير مسئلن کي سمجھڻ ۽ انهن کي حل ڪرڻ سان نه ته انهن کي ڪا دلچسپي هوندي آهي ۽ نه ئي گھربل ڏانء!سواء چند شخصيتن جي پر انهن جي ڳالهه ڪو ٻڌڻ وارو ئي نه هوندو آهي.انهيء ۾ ڪهڙي شڪ جي گنجائش آهي ته چند سياستدانن کي ڇڏي ڪري باقي ٻين جو سياست ۾ اچڻ جو مقصد ئي پئسو ڪمائڻ هوندو آهي.اڪثر ڪاروباري ذهن رکندڙ گھٽ علم رکندڙ شخص اسيمبليء ۾ رڳو ڪنهن رٻڙ اسٽيمپ وارو ئي ڪم ڪندا آهن ۽ هر ڪاغذ بنان پڙهڻ جي پنهنجي سياسي اڳواڻ جي پويان اکيون بند ڪري صحيح ڪري ڇڏيندا آهن.انهن ۾ اهڙن ماڻهن جي کوٽ ڪانهي جن جي آڏو اهميت رياست ۽ عوام جي نه پر پنهنجي ذاتي مفاد جي ٿئي ٿي.جيئن ته اوليت مال حاصل ڪرڻ کي ملي ٿي ان ڪري اهي نه رڳو عوامي پئسي مان پنهنجا پيٽ ڀريندا آهن پر پنهنجن انهن عزيزن،قريبن،دوستن، وفادارن، خوشامدڙين  ۽ نام نهاد پارٽي ڪارڪنن ۾ به وڏي سخا سان اهو فيض ورهائيندا آهن ته جيئن ايندڙ اليڪشن ۾ انهن جو اهو مددگار حلقو وري نئين توانائيء سان سندن لاء سياسي ميدان ماري سگھي. باقي عوام لاء بچيو ئي ڇا جو انهن کي ڏين؟ـپاڪستان ۾ انهن سياستدانن جي اڪثريت جمهوريت ۽ عوامي بالادستيء جي نالي تي اڄ تائين جيڪا ڪرپشن  جي ڪڌي راند کيڏي آهي انهيء سان نه رڳو ملڪي پر غير ملڪي ميڊيا به ڀري پيئي آهي.اهڙن ئي ڪريل مالي مفادن حاصل ڪرڻ لاء ڪنهن به طرح اقتدار جي شيرواني اوڍڻ لاء اهي اصولن  ۽ قدرن جو جنازو ڪڍي جهڙيء طرح سياسي ڪلٽيون کائيندا رهيا آهن سي صرف ڪنهن اکين جي انڌي کي ئي نظر نه اينديون هونديون.گھٽ علم رکندڙ ۽ اڻ ڄاڻ عوام کي ابتي منطق جي معجزي سان به بيوقوف بنائي سگھجي ٿو جنهن فن ۾  اڪثرميڊيا ۽ گھڻا دانشور به انهن سان شامل ٿي وڃن ٿا.ڪرپشن،بد ديانتي،ڪوڙ ۽ غلط بياني جهڙي سنگين ڏوهن کي به جادو بياني ذريعي جمهوريت خلاف سازش جو روپ پارائي سگھجي ٿو.جمهوريت جمهوريت جي تسبيح پڙهندي جمهوريت کي اهڙي ديوي بنائي ڇڏيو ويو آهي جيڪا لاڳيتو غريب ماڻهن جو رت ست چوسڻ سواء راضي ئي نٿي ٿئي.خدا ڪري پاڪستان ۾ حقيقي عوامي بالادستي قائم ٿئي پر اسان جا سياسي اداڪار جنهن عوامي بالادستيء جو پٽڪو  مچائي رهيا آهن اهو عوامي بالادستيء لاء نه پر پنهنجن پاپن تي پردو وجھڻ جو ماتم آهي اهي پاپ جيڪي اهي عوامي بالادستيء جي پردي ۾ خود عوام خلاف ڪندا رهيا آهن!
(روزاني جيجل)

Tuesday, July 24, 2018

سمجهه وارا ئي سبق سکن ٿا !


شفيق الرحمان شاڪر
اڍيالا جيل ۾ قيد اڳوڻي وزيراعظم جي مفرور فرزند حسن نواز لنڊن مان شڪايت ڪئي آهي ته سندس والد کي جيل ۾ مناسب سهوليتون مهيا نه پيون ڪيون وڃن ۽ هن کي جيڪو واشروم ڏنو ويو آهي ان جي حالت نهايت ئي خراب آهي.اهڙي قسم جي شڪايتن جو خط ميان شهباز شريف ملڪ جي وزيراعظم ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ کي به لکيو آهي جنهن ۾ ميان نواز شريف کي جيل ۾ مناسب سهوليتون فراهم ڪرڻ جي استدعا ڪئي ويئي آهي.سمجهه ۾ نٿو اچي ته هڪ اهڙو مجرم جنهن کي ڪرپشن ۽ غلط بيانيء جي ڏوهه ۾ عدالت طرفان سزا ٻڌائي ويئي آهي اهو آخر ٻين عام ڏوها رين جي ڀيٽ ۾ ڪنهن خاص رعايت جو مستحق ڪهڙي بنياد تي بڻجي سگھي ٿو.ميان صاحب تي ته اڳيئي خصوصي مهرباني ڪندي کيس جيل ۾ اي ڪلاس مهيا ڪيو ويو آهي جتي ٿڌي هوا ۽ ٿڌي پاڻيء جي سهوليت موجود آهي ان سان گڏوگڏ کيس اها ماني کارائي نه پيئي وڃي جيڪا ٻين بدنصيب غريب قيدين جو مقدر هوندي آهي.جڏهن ميان صاحب جيل جي بدبودار واشروم جي شڪايت ڪري ٿو ته ان وقت هن کي اها ڳالهه ياد ڇو نٿي اچي ته انهن جيلن ۾ زندگيء جا ڏينهن گهاريندڙ ٻي مخلوق به ان جهڙا انسان ئي آهن جيڪي سالن کان اهي اذيتون برداشت ڪري رهيا آهن.اهي حڪمران جڏهن اقتدار جي مست گھوڙي تي سوار هوندا آهن ته انهن کي زندگيء ۾ ڪڏهن ڀلجي به اهو خيال نٿو اچي ته ڪجهه وقت ڪڍي انهن جيلن جو دورو ڪن،اتي موجود قيدين جي جانورن جهڙي زندگيء جو جائزو وٺن،انهن کان سندن سور ۽ تڪليفون معلوم ڪن ۽ جيلن جي نظام ۾ ڪي قابل قدر سڌارا آڻين ان ڪري جو اهي سمجھندا آهن ته جيل ٺهيا ئي غريبن ۽ لاچارن لاء آهن ۽ ان آسماني مخلوق کي ڪڏهن به جيل جي هوا ناهي کائڻي جو سندن اقتدار ۽ اختيار جو سج سدائين پوري آب تاب سان ايئن ئي چمڪندو رهندو.پر قدرت جي پاران مڪافات عمل ڏسو جو جيڪي ماڻهو پنهنجي هڪ اشاري سان جيلن ۾ موجود پنهنجن سياسي مخالفن سان ويڌنون ڪرائيندا هئا اهي اڄ پاڻ بيوسيء وچان ساڻن ڪنهن نرمي ۽ نظر ڪرم جي پن پني رهيا آهن.قرآن جي لفظن ۾ “ بيشڪ تنهنجي رب جي پڪڙ ڏاڍي سخت آهي.”
جيلن جي صورتحال جو ذڪر ڪجي ته دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ اهي ڏوهاري ماڻهن جي لاء تربيتگاهون ٿين ٿيون جتي اهي انهن جي سوچن ۽ روين ۾ مثبت تبديليون اچن ٿيون پر بدقسمتيء سان اسان جي ملڪ ۾ جيل عام ۽بي پهچ ماڻهن لاء عقوبت خانا ۽ اذيت گاهون جڏهن ته خاص ماڻهن لاء عشرت گاهون بڻيل نظر ايندا آهن.ميان صاحب به دلجاء رکي جو ڪجهه ئي ڏينهن ۾ جيل جي فضا هن جي لاء به ايئن ئي خوشگوار بڻجي ويندي جيئن خاص ڏوهارين لاء اڪثر بڻبي آهي.سمورا سور ۽ سختيون،ايذاء ۽ آزار ته رڳو عام مسڪين ماڻهن جو مقدر آهن جن سان جيڪر ڀلجي ڪو ملاقات ڪرڻ به اچي ته کيس ان جي چڱي خاصي قيمت چڪائي پوي ٿي.کين اهڙو کاڌو مهيا ڪيو وڃي ٿو جيڪو ڪتو به نه کائي.نه علاج جي ڪا مناسب سهوليت ميسر هجي ٿي ۽ نه ئي کين ڪا مناسب تفريح مهيا ڪئي وڃي ٿي.اهي به انسان ئي آهن جيڪي انهن عذاب خانن ۾  زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.اهي حڪمران جڏهن اتفاق سان انهن جيلن جا مهمان بڻجن ٿا ۽ جيلن جي ابتر حالتن جون شڪايتون ڪن ٿا ته ان وقت انهن کي ذرو به اها پشيماني نٿي ٿئي ته هيترا سال اقتدار جا مزا ماڻڻ دوران انهن ڪڏهن ڀلجي به جيل سڌارن طرف ڌيان ڇو ناهي ڏنو؟جيل کان ٻاهر ته انهن کي سدائين وي آئي پي پروٽوڪول گھربل آهي پر هڪ ڏوهاريء جي حيثيت ۾ جڏهن اهي جيل وڃن ٿا ته ان وقت به انهن جي اها ئي سوچ هوندي آهي ته اهي ٻين کان مختلف ۽ اعليٰ آهن ۽ ساڻن خصوصي سلوڪ ٿيڻ گھرجي.هڪ طرف سخت پورهيي سان سزا ٻڌائي وڃي ٿي ته ٻئي طرف کانئن پورهيو وٺڻ بدران کين الٽو خدمتگار مهيا ڪيا وڃن ٿا،پوء ته بهتر ايئن آهي جو کين پنهنجن محلن ۾ ئي نظر بند ڪيو وڃي جتي هو پنهنجون سموريون سياسي توڙي ڪاروباري سرگرميون آرام سان جاري رکي سگھن.سزا جي سزا ۽ آزاديء جي آزادي!جيڪر انصاف جون گھرجون ان نموني پوريون ٿين ٿيون ته پوء ٻي هيڏي ساري خلق خدا آخر ڪهڙو قصور ڪيو آهي جيڪي جيلن جي گھٽ،ٻوسٽ ۽ بدبوء واري ماحول ۾ سڙي رهيا آهن.هي دنيا جو شايد اڪيلو ملڪ آهي جتي سزا يافتا ڏوهارين جا سڀ ناز نخرا برداشت ۽ منظور ڪيا ويندا آهن.هي قصا جيڪي ماڻهن کي ڪتابن ۾ پڙهايا ۽ ٻڌايا وڃن ٿا ته قانون جي نظر ۾ سڀ شهري برابر آهن انهن ڪتابن کي هميشه لاء باهه ڏيئي ڇڏڻ گھرجي ۽ نوان قانون جوڙڻ گھرجن ته جيڪي پئدائشي طور تي خاص آهن اهي ڪو سنگين ڏوهه ڪرڻ توڙي ان ڏوهه جي سزا پائڻ باوجود به خاص ئي رهندا آهن.پرويز رشيد صاحب جي فرمائش سامهون آئي آهي ته ميان صاحب طرفان سزا خلاف داخل ڪيل اپيل تي ڪاروائي هزار ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هئڻ گھرجي.هي اهو ئي صاحب آهي جو جڏهن احتساب عدالت ۾ ميان صاحب جي ڪيس جي ڪاروائي هلي رهي هئي ته واويلا ڪري رهيو هو ته ڪيس جي ڪاروائي نهايت ئي تيزيء سان هلي رهي آهي ۽ هاڻي هن کي ڪاروائي سست نه پر تيز گھرجي.پر جن بي پهچ ۽ لاچار ماڻهن جا ڪيس ٽيهن چاليهن سالن کان عدالتن ۾ سست رفتاريء جو شڪار آهن انهن جي باري ۾ سندس وات مان ٻڙڪ به ٻاهر نٿو نڪري جو ميان صاحب ئي سڄو ملڪ آهي.جيڪر ميان صاحب کي سڪون مليو ته سڄي ملڪ کي سڪون مليو پر جي ميان صاحب کي ڪا تڪليف پهتي ته ڄڻ پورو ملڪ مصيبت جو شڪار ٿي ويو.قدرت بار بار انسان کي موقعو مهيا ڪري ٿي ته هو واقعن ۽ حالتن مان عبرت جو سبق حاصل ڪري پر خبر ناهي هن مخلوق جي ذهنن ۽ اکين تي پيل اهي پردا ڪڏهن هٽندا جڏهن اهي پنهنجي تڪبر،غرور ۽ هوس کان توبه تائب ٿين ۽ زمين تي هلڻ سکن.هاڻي ڪٿي آهن اهي ماڻهن جا ميلا جيڪي گلن جون ٽوڪريون کڻي ساڄي کاٻي ڊوڙندا رهندا هئا،ڪيڏانهن ويا اهي جانثار جيڪي هڪڙي اشاري تي جان ۽ دل قربان ڪرڻ جون دعوائون ڪندا هئا،ڪيڏانهن ويو ماڻهن جو اهو ڇوليون هڻندڙ سمنڊ جن کي ميان صاحب جي ديدار لاء ايئر پورٽ تي اچڻو هو،ٻيو ته ٺهيو پر ميان صاحب کي ان اوڙاهه ۾ ڌڪو ڏيندڙ ديوانا ئي ڳولئي نه پيا لڀن.سندس پنهنجو جگري ڀاء به تيستائين لاهور جي گلين جا اڳيان پويان چڪر هڻندو رهجي ويو جيستائين ميان صاحب کي جهاز ۾ چاڙهي اڍيالا جيل نه روانو ڪيو ويو.ان سموري ڪهاڻيء ۾ رڳو ميان صاحب لاء نه پر سمورن سياستدانن ۽ وقت جي حڪمرانن لاء عبرت جو گھڻو سامان موجود آهي جيڪر عقل تي مڪمل نموني ڪلف نه لڳي چڪا هجن! ۽ قرآن جي لفظن ۾ “عبرت ته رڳو اهي ئي حاصل ڪندا آهن جن کي عقل هوندو آهي.”
(روزاني جيجل)

Thursday, July 19, 2018

ڪم کان ٽهندڙ مخلوق ۽ بهانن جي دنيا!


شفيق الرحمان شاڪر
چوندا آهن ته ڪم نه ڪرڻ جا  سوين طريقا ۽ هزارين بهانا ٿين ٿا.جڏهن ڪنهن شخص دل ئي دل ۾ اهو پڪو پهه ڪري ڇڏيو هجي ته ڪم ڪرڻو ناهي ته ڪنهن جو ڏاڏو به هن کان ڪم وٺي نٿو سگھي.البت سمجھائو خان عرف مسٽر موچڙي جي ڪرامت ڪجهه الڳ آهي جيڪو گھڻن هائي بلڊ پريشري طبيعتن کي نارمل،اڪثر جوشيلن کي نرم ۽ اجاين اتڪن کي نهايت ئي صابر شاڪر بڻايو وجھي.اسان جي سماج ۾ به ڪم کان ڀڄندڙ اهڙن ڪاهلن جي ماڪڙ لٿي پيئي آهي. جتي اڪثر ماڻهو ڪم کان ايئن ڀڄندا آهن جيئن شيطان ڀڄي نيڪيء کان پر جيڪر اهو مثال ڪنهن کي نه وڻي ته پوء ايئن جيئن ڪانء ڀڄي ڪمان کان! ڪانء تان ياد آيو ته چوندا آهن ته ڪانء کي اچي لڙ ۾ مزو سو ڪم کان ٽهندڙ انهن ٽوٽين کي اچي اجائي بڪ بڪ ۾ مزو.جتي ويٺا اتي جيڪر بنان فل اسٽاپ ۽ ڪاما جي ۽ بنان ڪنهن وقفي يا شارٽ بريڪ جي ڪا شيء مسلسل هلندي، نچندي ۽ ٽپندي،لهرون ۽ ڇوليون هڻندي  ۽ هر ڇوليء سان عقل جا عتيق ٻاهر ڦٽا ڪندي نظر ايندي ته اها آهي انهن جي هر وقت ڪان ڪان ڪندڙ زبان.مجال آهي  انهن ٻٽيهن سفيد پوش چوڪيدارن جي جيڪي  ان زبان کي ڪا زنجير پارائي سگھن بلڪه اهي ته پاڻ ان سان گڏجي هروقت ڊانس ڪندا رهندا آهن.ڪانء تان هڪڙي ٻي ڳالهه ياد آئي ته جھمپير جا ڪانو گھڻو مشهور يا ايئن چئجي ته بدنام آهن.ڪوبه ٽوٽي ماڻهو جڏهن ڪم نه ڪندو آهي ته چوندا آهن ته ”ميان! تون ته ڄڻ جھمپير جو ڪانء هجين.“ ان چوڻي پويان قصو هي آهي ته ڪنهن زماني ۾ جھمپير ۾ کجين جا گھڻا باغ هوندا هئا.موالي ڇا ڪندا هئا جو کجي ء جي ٿڙ کي چهڪ ڏيئي ان جي هيٺان دکي ٽنگي ڇڏيندا هئا جنهن ۾ “تاڙي“ جيڪو کجيء مان ڳڙندڙ نشي وارو رس آهي سو ڦڙو ڦڙو ٿي ان دکيء ۾ گڏ ٿيندو رهندو هو جنهن کي موالي حضرات موقعي جي مناسبت سان استعمال ڪندا هئا.ڪانون کي لپو لڳي ويو ان سونهري موقعي مان فائدو کڻڻ جو سو اچي انهيء دکي مٿان وارا ڪري انهيء مئي جو مزو وٺندا هئا اهڙيء طرح خوشقسمتيء سان انهن موالي حضرات جي برڪت سان اهي ڪانو به تاڙيء جا موالي بڻجي ويا.هاڻي سٽيون،ڪٽيون يا کڻي سيخون هڻون پر اتي ئي مست ٿي مئن جيان پيا هوندا هئا ۽ پنهنجو پاڻ ۾ اڏامڻ جي سگھه به ساري نه سگھندا هئا.ويچارا ڪيڏا نه مجبور هئا.پر سياڻن کي ڪير سزا ڏئي جو انهن  ڪنهن ٽوٽي ۽ ڪاهل انسان تي جھمپير جو ڪانء نالو رکي ڇڏيو.
ڪم ڪرڻ واري وٽ ته ڪم ڪرڻ جو هڪڙو جواز ئي کوڙ آهي ته جيڪر آئون ڪو ڪار نه ڪندس ته بيڪار ٿي ويندس پر نه ڪندڙن وٽ هزارين بهانا بلڪه انهن وٽ بهانن جي فيڪٽري هوندي آهي جنهن ۾ هر وقت ڪونه ڪو بهانو گھڙجي رهيو هوندو آهي.ڪم کان ڀڄڻ ئي جڏهن نصب العين بڻيو ته پوء بهانن،دليلن،جوازن،بحثن،عذرن،معزرتن۽نڪتن جو خزانو هروقت پاڻ وٽ حاضر نه رکجي ته ٻيو ڇا رکجي؟ڪم کان ڀڄڻ ايترو سولو ڪم به ناهي.الائي ڇا ڇا گھڙڻو،ڇاڇا ڳولهڻو ۽ ڇا ڇا ٺاهڻو ٿو پوي. ان معاملي ۾ ڪنهن مرض جو طبيعت کي وقفي وقفي سان لاحق ٿيڻ يا ڏاڏي ء يا نانيء جو  با بار رضا الاهيء سان انتقال ٿي وڃڻ ڪو حيرت ۾ وجھندڙ معاملو نه هئڻ گھرجي. پيٽ ۾ وڪڙن جي فوج لهڻ، معدي شريف جو دستن وگھي معاملو منجھڻ يا معدي جو اوور فلو ٿي  الٽو وهڻ به روزمرهه جو معمول هجي ٿو.جيڪر ٻيو ڪوبه بهانو وزن نه کائيندو هجي ته حادثو ته ڪنهن به وقت ٿي سگھي ٿو.لوڊشيڊنگ ته تاحيات رهي ٿي سو ان ۾ ڪهڙي گمان جي گنجائش ته همراهه اوندهه ۾ کليل گٽر ۾ ٽٻي هڻي ورتي جنهن ڪري سندس پير شريف کي رهنڊ اچي ويئي يا کيس اهڙي جڳهه تي چهنڊ آئي جنهن کي هو سرعام بيان ڪري نٿو سگھي.بهرحال اهو به هڪڙو زبردست فن آهي جيڪو هر ان شخص کي پالڻو پوي ٿو جيڪو ڪم کان ڀڄندو هجي.اڄ ڪلهه هن نڀاڳي موبائيل فون ته اڃا به ڪم آسان ڪري ڇڏيو آهي جو پاڻ سان پيش آيل ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي يا حادثي جو ثبوت ڏيڻ لاء پنهن جو پاڻ بنفس نفيس ڪنهن جي سامهون وڃي داستان ٻڌائڻ جي ضرورت ئي ڪانهي،بس هر ڪوڙ لاء موبائيل سڳورو پنهنجي رضا خوشيء سان حاضر آهي. جنهن تي چوڻ وارو چوندو وڃي ته “ ڪهان تڪ سنوگي ڪهان تڪ سنائون“
گرمي گھڻي هجي ته گيسٽرو ته ڪنهن به وقت ٿي سگھي ٿو ۽ جيڪر سردي هجي ته زڪام ۽ نزلو به نازل ٿي سگھي ٿو.اسان جي هن سماج ۾ ڪم جي اهڙن ٽوٽين کي رسرچ اسڪالرز جو درجو ڏيئي سگھجي ٿو جو اهي نه رڳو پاڻ ڪم نه ڪرڻ جا علمي ۽ تحقيقي سبب بيان ڪري ٻئي کي مطئمن ڪري وٺندا پر خير سان گھڻن ڪم ڪندڙن کي به سائنسي انداز سان پاڻ جهڙو چنڊو بنائي ڇڏيندا آهن .فصاحت ۽ بلاغت سان آزاد ۽ پرسڪون زندگيء جا فلسفا ٻڌائيندا ۽ زندگيء جي اصل حسن جا راز افشا ڪندا.ڪم کان نٽائڻ جو رجحان رڳو پاڪستان ۾ ئي ڪونهي پر اڪثر ٽين دنيا جي ملڪن ۾ اهو مرض ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ پکڙيل آهي.ڪم چوريء جو هڪڙو دلچسپ مثال اسان جي پاڙيسري ملڪ هندستان ۾ سامهون آيو آهي.گجرات ۾ ڪنهن ڊيم جي انجنيئر رميش چندر فيفر ڪم کان ڀڄڻ جو اهڙو نرالو  طريقو چونڊيو آهي جنهن دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي.22 سيپٽيمبر 2017ع ۾ پنهنجو عهدو سنڀالڻ بعد اڄ تائين موصوف رڳو 16 ڏينهن ڊيوٽيء تي حاضر ٿيو آهي.هن بالا آفيسرن جي نڪ ۾ دم ڪري رکيو آهي.کيس بار بار سبب ڄاڻايو نوٽيس موڪليا ويا پر رميش اهڙو سڌو ٿئي جهڙو ڪتي جو پڇ.آخر هن کي نوڪري ختم ڪرڻ جي ڌمڪي ء وارو نوٽيس موڪليو ويو جنهن تي رميش ڪجهه ڌيان ڏيڻ جي تڪليف فرمائي سو ايئن جو هن ان نوٽيس جي جواب ۾ پنهنجي کاتي وارن کي هيٺيون جواب ڏياري موڪليوته
“ مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته دفتري معاملا سنڀالڻ جو ننڍڙو ڪم ڪريان يا پاڻ کي وڏن ڪمن لاء وقف ڪري ڇڏيان.منهن جي لياقت  پنهنجي ان نوڪري يعني سپرينٽينڊنٽنگ  انجنيئرجي پوسٽ کان مٿانهين آهي ۽ آئون ته هروقت قوم کي تباهيء کان بچائڻ جي طريقن تي سوچ ويچار ڪري رهيو آهيان.ڏڪار،سوڪهڙو،ٻوڏ ۽ ٻين قدرتي آفتن کان قوم کي بچائڻ جي طريقن تي غور فڪر (مراقبي)   ۾ منهنجو سمورو وقت گذرندو آهي ۽ آئون اڄ ڪلهه به انهيء ئي ڪرت ۾ مصروف آهيان . ”
هاڻي اوهين سوچيندا ته اها ايڏي وڏي ذميداري رميش فيفر جي نازڪ ڪلهن تي ڪنهن آڻي وڌي آهي ته جواب اهو ته ڪنهن به ڪانه وڌي آهي بلڪه هن پنهنجي ڪم کان ڀڄڻ تي پڇاڻي جي نوٽيس جي جواب ۾ ان هن قسم جي ڳري ذميداري پنهنجن نازڪ ڪلهن تي پاڻ ئي وجھي ڇڏي آهي.قصو اتي ئي دنگ نٿو ڪري پر اڳتي هلي هو پنهنجي جواب ۾ لکي ٿو ته “ آئون ڀڳوان وشنو جو ڏهون اوتار آهيان ان ڪري منهنجو ڪم ئي ماڻهن جو ڀلو سوچڻ ۽ انسانن کي قدرتي تباهين کان بچائڻ آهي.جيستائين اها ذميداري منهنجن ڪلهن تي آهي آئون آفيس اچي پنهنجي ڊيوٽي ڪرڻ کان لاچار آهيان.“ هاڻي ڏيو منهن ! جيڪر ڪو ماڻهو ڪم کان نٽائڻ لاء وڏي واڪي پنهنجو پاڻ کي ڀڳوان وشنوء جو اوتار هئڻ جو اعلان ڪري ويهي ۽ پوري دنيا کي تباهيء کان بچائڻ لاء سندرو  ٻڌي بيهي رهي ته توهان ۽ اسان ان جو ڇا ٿا بگاڙي سگھون.اڃا اڳتي هلو.هو وڌيڪ لکي ٿو ته “ آئون جگدمبي ماتا جو پوڄاري آهيان،منهنجي پوڄا پاٽ ۽ پرارٿنائن سان برساتون وسيون جنهن ڪري گجرات ڏڪار ۽ خشڪ ساليء کان محفوظ رهيو جڏهن ته “اينٽي گاڊ” برساتون روڪڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي هئي.“
ڪم کان بچڻ ۽ ڀڄڻ جا هزار بهانا ٿين ٿا پر رميش فيفر ته بهانو گھڙڻ ۾ حد ڪري ڇڏي.ايئن سمجهو ته هن ٻين سمورن بهانن گھڙڻ وارن جا قلم ئي ٽوڙي ڇڏيا.رميش چندر جو اهو قصو ٻڌي اسان کي اهو ڊپ لڳو آهي ته جيڪر رميش فيفر جي نقش قدم تي هلندي  اسان جي ملڪ ۾ به اسان جا حڪمران يا عملدار عوام جي ڀلائي جي سوچ ۾ ڪنهن مراقبي ۾ هليا ويا  ۽ گيان ڌيان جي سماڌي سجائي وڌي ته پوء هن ملڪ جو خدا ئي حافظ آهي!
 (روزاني جيجل)

پي پي پي لاء پيدا ٿيل مشڪل صورتحال!


شفيق الرحمان شاڪر
پوري ملڪ وانگر سنڌ ۾ به چونڊ سرگرميون عروج تي آهن.ڪراچي سان گڏوگڏ سنڌ جي ڪجهه ٻين ضلعن ۾ به دلچسپ مقابلن جي اميد ڪئي پيئي وڃي.پاڪستان پيپلز پارٽي،تحريڪ انصاف،ايم ايم اي،جي ڊي اي ۽ ٻيون مذهبي توڙي سياسي جماعتون پنهنجي چونڊ مهم نهايت ئي جوش ۽ جذبي سان هلائي رهيون آهن.متحده مجلس عمل طرفان ڪراچيء جي باغ جناح ۾ ڀرپور جلسو ڪري پنهنجي سياسي قوت جو مظاهرو ڪيو ويو ۽ ايم ايم اي سنڌ جي اندرين علائقن ۾ به سياسي سرگرميون ڪري رهي آهي.ايندڙ اليڪشن ۾ اها ڪهڙي ڪارڪردگي ٿي ڏيکاري اها خبر ته 25 جولائي تي پوندي.
ايم ڪيو ايم جا پي آئي بي ۽ بهادرآباد وارا ٻئي ڌڙا هن وقت متحد ٿي چڪا آهن ۽ اهي هڪڙي ئي چونڊ نشان يعني لغڙ تي چونڊ وڙهي رهيا آهن تنهن هوندي به ايم ڪيو ايم جي هڪ سينئر اڳواڻ شاهد پاشا پنهنجو هڪ الڳ ڌڙو بنائي ورتو آهي.ايم ڪيو ايم سان گڏوگڏ پي ايس پي ۽ مهاجر قومي موومينٽ (آفاق گروپ)به پنهنجا اميدوار ميدان ۾ لاٿا آهن.اهڙيء طرح ڪراچيء ۾ چونڊن جي صورتحال نهايت ئي دلچسپ بڻجي ويئي آهي.
هي پهريون ڀيرو آهي جو سنڌ جي ٻهراڙين ۾ مقبول پيپلز پارٽي ۽ شهري علائقن ۾ مقبول ايم ڪيو ايم ٻئي گھڻو مشڪلات ۽ ڏکائين جو شڪار ٿي چڪيون آهن.پير صاحب پاڳارو جيڪر اليڪشن جي باري ۾ آخر تائين سنجيده رهي ٿو ۽ سندس اڳواڻيء ۾ جي ڊي اي ڀرپور نموني اليڪشن مهم هلائي ٿي ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽيء لاء سياسي صورتحال اڃا به وڌيڪ مشڪل ٿي ويندي.پيپلز پارٽيء جي قيادت هينئر ڪراچيء جي ڪيترن ئي تڪن مان ڪاميابي حاصل ڪرڻ متعلق ڪافي پراميد نظر اچي ٿي جن مان ملير ضلع سرفهرست آهي جتان  پي پي قيادت قومي اسيمبليء جون ٽيئي سيٽون کٽڻ جي اميد رکي ٿي.تنهن هوندي به ضلع سينٽرل، ،ڏکڻ،اتر،اولهه ۽ ڪورنگيء ۾ پيپلز پارٽيء جي ڪاميابيء جا امڪان گھٽ آهن.تنهن هوندي به ضلع ڏکڻ ۽ ضلع اولهه مان ٿي سگھي ٿو ته پي پي پي هڪ هڪ سيٽ ڪڍي وڃي.بدقسمتيء سان پي پي حڪومت پنهنجن ڏهن سالن جي اقتڊار ۾ ڪراچيء تي ڪو خاص ڌيان ڌيئي نه سگھي البت آخري ڏينهن ۾ هن ايم ڪيو ايم جي ڳڙهه لياقت آباد ۾ هڪ ڪامياب سياسي جلسو ڪري ڏيکاريو هو.انهيء ۾ شڪ ناهي ته ايم ڪيو ايم ۾ ٿيل ڌڙي بندين ۽ پي ايس پي جي قيام جي ڪري ايم ڪيو ايم جو ووٽ بينڪ ورهائجي ويندو.اٽڪل ٽن ڏهاڪن بعد ڪراچيء جو سياسي ميدان سمورن سياسي رانديگرن لاء کلي ويو آهي.نين تڪ بندين به ٻين مذهبي ۽ سياسي جماعتن لاء ڪجهه آسانيون پيدا ڪري ڇڏيون آهن پر ان جو مطلب اهو ڪونهي ته ايم ڪيو ايم بلڪل ختم ٿي چڪي آهي يا اردو ڳالهائيندڙ آباديء جي اڪثريت ايم ڪيو ايم کي ووٽ نه ڏيندي.اها هاڻي به ڪيترن ئي تڪن ۾ مخالف اميدوارن کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جي پوزيشن ۾ آهي ۽ اليڪشن ۾ اها ٻين پارٽين جي ڀيٽ ۾ قابل ذڪر سيٽون ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي.
2013ع جي چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيء ڪراچيء مان اڪيلي رڳو لياريء واري سيٽ کٽي هئي جنهن تي پي پي اميدوار شاهجهان بلوچ ڪامياب ٿيو هو پر هن اليڪشن ۾ ٽڪيٽن جي ورهاست تي اختلاف سبب شاهجهان بلوچ،احسان بروهي،امان  محسود ۽ حاجي مظفر شجره آزاد اميدوار طور چونڊ وڙهي رهيا آهن.ٻئي طرف ملير ۾ جيالا ٽڪيٽن جي ورهاست خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن.پيپلز پارٽي لياريء واري سيٽ تي پنهنجي گرفت مضبوط ڪرڻ لاء اتان بلاول زرداريء کي ميدان ۾ لاٿو آهي ۽ ظاهر ۾ بلاول جي ڪاميابي اتان يقيني نظر اچي ٿي.ڪراچيء ۾ پيپلز پارٽي به ڪنهن به ٻي سياسي پارٽيء سان چونڊ اتحاد نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن ڪري هاڻي سندس اميدوارن جي ڪاميابيء جو سمورو دارومدار پيپلز پارٽيء جي ووٽ بينڪ تي ئي آهي جڏهن ته مضبوط تنظيمي نيٽ ورڪ نه هئڻ جي ڪري به پيپلز پارٽي مشڪلن جو شڪار آهي ۽ اڪثر اميدوار اڻ سڃاتل ۽ نوان آهن.
پيپلز پارٽي سنڌ مان قومي اسيمبليء جي سمورين ايڪهٺ سيٽن ۽ صوبائي اسيمبليء جي 130  عام سيٽن تي پنهنجا پارٽي اميدوار بيهاريا آهن ۽ مخصوص سيٽن تي به وڏي تعداد ۾ نامزدگي فارم جمع ڪرايا ويا آهن.سنڌ ۾ پي پي اميدوارن جي جيڪا لسٽ سامهون آئي آهي ان مان لڳي ٿو ته گھربل اڪثريت حاصل ٿيڻ جي صورت ۾ آصف زرداريء جي ڀيڻ فريال ٽالپر کي آئنده سنڌ جي وزير اعليٰ بنائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ هن کي هن دفعي قومي اسيمبليء بدران لاڙڪاڻي واري صوبائي سيٽ پي ايس 10 تان فارم ڀرايو ويو آهي.
ميان شهباز شريف ڪراچي اولهه جي اين اي 249 تان چونڊ وڙهي رهيو آهي انهيء علائقي ۾ اردو ڳالهائيندڙن جي اڪثريت آهي ۽ اهو علائقو ايم ڪيو ايم جو ڳڙهه رهيو آهي پوء به خبر ناهي ڇو ميان صاحب اتان چونڊ وڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي؟ٿي سگھي ٿو ته ساڻس ايم ڪيو ايم جي ڪا مفاهمت ٿيل هجي يا ٿي وڃي.
فنڪشنل ليگ سربراهه پير صاحب پاڳاري جي اڳواڻيء ۾ قائم گرينڊ ڊيموڪريڪٽڪ الائنس ۾ پي پي جي باغي اڳواڻن مان ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ سندس گھر واري فهميده مرزا به شامل آهن.پي پي جو حصو رهندڙ اڳوڻو وڏو وزير علي محمد مهر ۽ علي گوهر مهر به جي ڊي اي جو حصو آهن.جي ڊي اي ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ چونڊن ۾ سيٽ ايڊجيسٽ مينٽ ٿي چڪي آهي.هوڏانهن پي پي کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاء جي ڊي اي مخدوم شاه محمود قريشيء جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي تڪ اين اي 220 ۽ 221 تي مخدوم شاهه محمود قريشيء جي حمايت جي بدلي تحريڪ انصاف عمرڪوٽ،ميرپور خاص ۽ ٿرپارڪر ۾ جي ڊي اي جي اميدوارن جي مدد ڪندي.هوڏانهن مخدوم شاهه محمود قريشي،مخدوم جميل الزمان ۽ پير نور محمد شاه جيلانيء جو به چونڊ اتحاد ٿي ويو آهي ۽ وڌيڪ سيٽ ايڊجيسٽمينٽ جي حوالي سان ڳالهيون جاري آهن.ٻئي طرف جي ڊي اي  طرفان سنڌ ۾ متحده مجلس عمل سان به چونڊ اتحاد ڪرڻ بابت ڳالهيون اٽڪل طيء ٿي چڪيون آهن جنهنجو باقائدي اعلان جلد ئي ڪيو ويندو.ايم ايم اي سنڌ جي صدر راشد محمود سومري مطابق زرداريء کان سنڌ کي آزاد ڪرائڻ لاء جي ڊي اي ۽ ٻين جماعتن سان چونڊ اتحاد ڪري سگھجي ٿو.                                                                                                                                                                 
ڪيتريون ئي قوم پرست ۽ ترقي پسند جماعتون به جي ڊي اي سان گڏ آهن،ايئن چئجي ته سنڌ جون سموريون سياسي پارٽيون توڙي گروپ هن وقت پيپلز پارٽيء جي سامهون بيٺل نظر اچن ٿا.انهيء کان سواء پي پي اميدوارن کي سنڌ ۾ گذريل ڏهن سالن جي بري ۽ ناقص  حڪومتي ڪارڪردگي سبب عوام طرفان سخت مزاحمت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.جتي پي پي پي ايتري مشڪل صورتحال جو شڪار آهي اتي ٽي شيون چونڊن ۾ سندس فيور به ڪري رهيون آهن جن مان پهرين بلاول ڀٽو زرداريء جي اليڪشن مهم جي اڳواڻي ڪرڻ آهي جنهن سان سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڀٽو فيڪٽر ڪافي فائيديمند ثابت ٿي سگھي ٿو.ٻي ڳالهه بينير انڪم سپورٽ پروگرام جا عورتن کي ملندڙ پئسا آهن جن جي باري ۾ ووٽرن کي اهو باور ڪرايو پيو وڃي ته جيڪر پي پي جي حڪومت نه آئي ته اهي پئسا ملڻ بند ٿي ويندا.ٽيون فيڪٽر پي پي مخالف اتحاد ۾ ارباب ۽ لياقت جتوئي جهڙن تڪراري شخصيتن ج شامل هئڻ آهي جن کي عام طور تي سنڌي سنڌ دشمن پاليسين لاء مکيه ذميدار سمجھن ٿا.بهرحال پيپلز پارٽي انهن مشڪل حالتن ۾ ڪهڙيء طرح ڪاميابي حاصل ڪري سنڌ جي وزارت اعليٰ تي تخت نشين ٿئي ٿي اهو ڏسڻ لاء مهينن جي نه پر ڏينهن جي دير باقي رهجي ويئي آهي.
(روزاني عوامي آواز 18 جولائي 2018ع)

Tuesday, July 17, 2018

خوشفهمين يا غلط فهمين ۾ ڦاٿل سوچون.

شفيق الرحمان شاڪر
اسان مسلمانن کي عام طور تي ۽ پاڪستانين کي خاص طور تي اها خوشفهمي يا غلط فهمي اڪثر رهندي ٿي اچي ته دنيا ۾ اسان جهڙي بااخلاق ، باڪردار ۽ بااصول  قوم ٻي آهي ئي ڪانه! اسان کي جيڪو نصاب پڙهايو ٿو وڃي انهيء ذريعي به اسان جي ان تصور کي هٿي وٺرائي وڃي ٿي.اهو باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته دنيا ۾ هر علم،ادب،تهذيب،فن ۽ ثقافت جو بنياد وڌو ئي مسلمانن هو.پوء اسان کي اهو به پڙهايو وڃي ٿو ته مسلمانن پوري دنيا کي فتح ڪري ان تي وڏي شان شوڪت،عدل ۽ انصاف،رحم دلي ۽ سخاوت،اصولن ۽ اقدار سان حڪومت ڪئي ۽ انهن جي حڪمرانيء جي زماني ۾ دنيا ۾ هر طرف امن ۽ شانتي،سڪون ۽ سرور،عدل ۽ انصاف،علم ۽ ادب، تهذيب ۽ ثقافت جا دريا وهي رهيا هئا.پوء اسان کي مسلمان سائنسدانن جا ڪارناما به ٻڌايا ۽ پڙهايا وڃن ٿا،مسلمان بادشاهن جي عدل ۽ انصاف جون ڪهاڻيون به ٻڌايون وڃن ٿيون ۽ انهيء سموري تفصيل کي “اسلامي تاريخ” جو نالو ڏنو وڃي ٿو.اهو ته ٿيو معاملي جو هڪڙو رخ پر ٻيو رخ جيڪو ان کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي سو اهو ته دنيا جي ٻين سمورين قومن کي اسان غير مهذب، ظالم، جاهل، انسانيت  دشمن ۽ خبر ناهي ڪهڙن ڪهڙن لقبن سان نوازيندا رهيا آهيون.اهو تعصب جيڪو شروع کان اسان جي ذهنن ۾ ڀريو ويو آهي ان دنيا ۾ اسان کي ڪنهن ڪم جو رهڻ ناهي ڏنو. ان ۾ ڪو شڪ ئي ناهي ته تاريخ لکڻ جو اڪثر ڪم بادشاهن جي درٻارن ۾ ٿيندو هو ۽ انهيء مقصد لاء انهن وٽ باقائدي وظيفي خور تاريخدان مقرر ٿيل هئا جيڪي اهو ئي لکندا هئا جيڪو وقت جي بادشاهن کي وڻندو هو.وري هڪڙو اصطلاح ”مسلمان امت“ جو متعارف ڪرايو ويو جنهن جي جھنڊي جي ڇانو ۾ ماضيء جون حڪايتون،قصا ڪهاڻيون بيان ڪري پنهنجي طور تي اهو طيء ڪيو ويو ته دنيا ۾ بس اسان ئي آهيون ۽ اسان کان سواء ٻيو سڀ ڪوڙ آهي.بجاء ان جي جو اسان خوابن جي ان دنيا مان ٻاهر نڪري پنهنجي تاريخ،طرز عمل ۽ غلطين تي نظرثاني ڪيون ها ،اسان ان موضوع تي ڪجهه ڳالهائڻ  کي عظيم گناه ۽ صحيح ۽ غلط کي الڳ ڪرڻ واري عمل جي مطالبي کي ئي اسلام سان بغاوت قرار ڏيئي ڇڏيو.ان موضوع تي نه ته اسان ڪجهه وڌيڪ سوچڻ جي همت رکون ٿا ۽ نه ئي انهيء خوشفهميء جي ڄار مان ٻاهر نڪرڻ جو تصور به ڪري سگھون ٿا. نتيجو ڇا نڪتو جو اسلامي تاريخ ۽ مسلمانن جي تاريخ ٻئي پاڻ ۾ گڏ وچڙ ٿي وييون جڏهن ته ٻئي بلڪل جدا جدا شيون آهن.خلافت راشده جي مختصر دور حڪومت کان پوء جيڪي به حڪومتون ۽ بادشاهيون قائم ٿيون انهن جو اسلام سان ڪهڙو واسطو ۽ تعلق هو؟جڏهن اسان دنيا جي ٻين غير مسلم قومن طرف آڱر کڻون ٿا ان وقت اسان کي پنهنجي رت ۾ ريٽيل خانه جنگين جي پوري تاريخ ئي وسريو وڃي.جيڪر اڄ مغربي ۽ ٻيون غير مسلم قومون قوت ۽ اقتدار جي جنگ وڙهي رهيون آهن  ته اسان جا نام نهاد مسلمان بادشاه وري ڇاجي جنگ وڙهي رهيا هئا؟ڇا انهن پنهنجن خاندانن جي اندر ئي ان اقتدار جي نشي ۾ پنهنجن جا ئي ڪنڌ نه ڪپيا آهن؟اقتدار جي بک ۽ هوس ۾ ته اسان انهن قومن سان برابر آهيون.هاڻي اچو عيش عشرت طرف ته ڪيترا مسلمان بادشاه هئا جن کي واقعي خدا جو خوف هو ۽ اهي خلق جي دک درد جو خيال رکندا هئا.صرف آڱرين تي ڳڻڻ جيترا چند حڪمران تاريخ ۾ ملندا باقي ٻين جا افعال ۽ پرڪار ته هنن غير مسلم بادشاهن کان به برا هئا.هاڻي اچو سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ علم ادب طرف ته حالت اها هئي جو ترڪ خلافت جنهن جي عظمت جا داستان اسان کي ٻڌايا وڃن ٿا ان جي هڪڙي  ترڪ مولوي جيڪو پنهنجو پاڻ کي شيخ الاسلام سڏائيندو هو تنهن اها فتوا جاري ڪئي ته پرنٽنگ پريس قائم ڪرڻ حرام ۽ ڪفر آهي.نتيجو ڇا نڪتو جو مسلمان دنيا ۾ پرنٽنگ پريسون مغربي دنيا کان اٽڪل ٻه سو سال پوء پهتيون جڏهن ته انهن ٻه سو سالن ۾ مغرب علم ۽ ادب جي ميدان ۾ خبر ناهي ڪٿان کان ڪٿي پهچي چڪو هو. پري نه وڃو خود اسان جي هن برصغير پاڪ هنڌ ۾ ڇا مولوي صاحبن فتوائون ڏيئي انگريزي ٻوليء کي حرام قرار نه ڏنو هو؟پوء جڏهن سرسيد احمد خان مسلمانن لاء جديد تعليمي ادارا قائم ڪرڻ جي جاکوڙ ڪئي ته هن سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو ويو؟ مغرب وارن ۾ هزارين خرابيون آهن پر ڇا سندن سماج ۾ ايڏي وڏي ڪرپشن،بد ديانتي،ڪوڙ،دوکي ،وعدي خلافي ۽ ٽيڪس چوريء جو تصور به ڪري سگھجي ٿو؟ قدم قدم تي  قانون ٽوڙڻ يا اجايو وقت وڃائڻ يا وقت جي پابندي نه ڪرڻ جو گمان به ڪري سگھجي ٿو؟اسان ماڻهن جي حالت اها آهي جو ڪو مسلمان ملڪ سوئي ٺاهي نٿو سگھي پر دعوائون ٻڌو ته ڏندين آڱريون اچيو وڃن. هر شيء کي تعصب جي عينڪ سان ڏسڻ سان جيڪر ڪنهنجو دنيا ۾ قد بلند ٿي سگھي ٿو ته ڀلي تعصب ڪجي؟ پر ان حقيقيت جو ڇا ڪجي جو موذي مرضن کان بچاء جي لاء اسان جي ٻچڙن کي ملندڙ ٽڪا ۽ ويڪسين به انهن ئي غير مسلمن جي ايجاد آهي. اتحاد ۽ ايڪي جي حالت اها آهي جو عرب ملڪ فلسطين جو نه پر اسرائيل جو ساٿ ڏيئي رهيا آهن ۽ انهن ئي سڀني کان اڳ اسرائيل کي تسليم ڪري ساڻس سفارتي لاڳاپا قائم ڪري رکيا آهن.سو مقصد اهو ته مسلمانن کي ماضيء جي فسانن مان نڪري حال جي تلخ حقيقتن ۽ سچائين جي سامهون ٿيڻ گھرجي.ٻين قومن تي لعنت ملامت ڪرڻ سان پنهنجي حصي جون بدنصيبيون گھٽائي ۽ نا اهليون لڪائي نٿيون سگھجن.پنهنجي تاريخ جو تنقيدي جائزو ئي اسان کي ايندڙ غلطين کان بچائي سگھي ٿو.پنهنجن روين جو جائزو وٺڻ گھرجي ۽ پنهنجي پاليسين، سوچن ۽ انداز نظر کي درست ڪرڻ سواء دنيا ۾ پنهنجو مقام پيدا ڪرڻ ڪنهن ديواني جي خواب سواء ٻيو ڪجهه به ڪونهي.آخر ۾ هڪڙو ننڍڙو واقعو بيان ڪري هن قصي کي ختم ڪيون ٿا ته ڊاڪٽر “روٿ فائو” جو تعلق جرمنيء سان هو ،پنهنجي ڀاء جو جرمنيء ۾ علاج نه ٿي سگھڻ سبب هن ڊاڪٽريء جو پيشو اختيار ڪيو.هن پنهنجي زندگيء جو هڪڙو مقصد بنايو ته کيس غريبن، مسڪينن ۽ بي سهارا مريضن جو مفت علاج ڪرڻو آهي.1960ع ۾ هوء ڪوڙهه جي ڊاڪٽر طور انڊيا پئي ويئي.جهاز ڪجهه ڪلاڪن لاء ڪراچيء رڪيو ته هوء شهر گھمڻ نڪري آئي . هن روڊ جي ڪناري ڪوڙهه جو هڪ مريض ڏٺو ۽ ان جو علاج شروع ڪري ڇڏيائين.هن جو جهاز روانو ٿي ويو پر هوء ڪراچيء ۾ ڪوڙهه جي مريضن جي اڪيلي ڊاڪٽر بڻجي ويئي،پنجاه سٺ سال پهرين اهو مرض لاعلاج هو ۽ مريض جا گھر وارا مريض کي ان ڊپ کان گھر مان ڪڍي ڇڏيندا هئا ته متان اهو مرض منجھائس ٻئي ڪنهن کي لڳي.رٿ فائو اهڙن مريضن لاء جھوپڙيون ٺاهيون،انهن کي کاڌو خوراڪ مهيا ڪيو،انهن جي مرهم پٽي ڪئي ۽ مهنگيون دوائون خريد  ڪري انهن جو علاج شروع ڪري ڇڏيو.هن هزارين مريضن کي صحتياب ڪيو.ڪراچيء ۾ هڪڙو سيٽ اپ جوڙڻ بعد هوء ملڪ جي ڪنڊ ڪرڇ گھمي .کيس جتي به ڪو ڪوڙهه جو مريض هٿ آيو کيس ڪراچي شفٽ ڪري سندس علاج ڪندي هئي.وقت گذرڻ سان گڏ درد دل رکندڙ پاڪستاني ڊاڪٽرن جي ٽيم هن سان ان ڪم ۾ شامل ٿي ويئي.ڪوڙهه جو مرض تيزيء سان گھٽجڻ شروع ٿي ويو ۽ انهيء مرض تي ضابطو اچي ويو.رٿ فائو سچي ڄمار شادي نه ڪئي ۽ هوء ڪوڙهه جي مريضن کي ئي پنهنجو اولاد سڏيندي هئي.هوء انهن جي شادين ۽ غمين ۾ شريڪ ٿيندي هئي.85 سالن جي ڊگھي ڄمار پائڻ سبب اها پنهن جي مريضن جي پوٽن ۽ ڏوهٽن جي شادين ۾ به شريڪ ٿي.پاڪستان مان ڪوڙهه جي مرض کي پاڙان پٽي ڦٽو ڪرڻ جي بدلي ۾ هن کي بيشمار اعزاز ۽ ميڊل به ڏنا ويا.جڏهن هوء پاڪستان مان جرمني رواني ٿي رهي هئي ته هڪڙي صحافيء کانئس اهو سوال ڪيو ته هن پاڪستان ۾ چاليهه پنجيتاليهه سال گذاريا،ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ويئي.هن کي ڪهڙي شيء پاڪستان ۾ سٺي نه لڳي؟ڊاڪٽر رٿ اونهي دردمنديء وچان چيو “ هتي ظلم ۽ نا انصافي ڏاڍي آهي،اوهان ماڻهن وٽ نا انصافيء جي انتها آهي.اوهان وٽ ڪنهن غريب ۽ لاچار مريض جو علاج هڪ مذاق آهي،نهايت ئي ڪڌو مذاق!”
(روزاني جيجل 16 جولائي 2018ع)




Wednesday, July 11, 2018

نواز شريف کي “عوامي خدمت” جي سزا ملي رهي آهي؟




شفيق الرحمان شاڪر
ان وقت حيرت ۽ تعجب وچان وات پٽيل ئي رهجيو وڃي جڏهن خود ميان نوازشريف، سندس چاهيندڙ ۽ ڪجهه صحافتي ۽ دانشور طبقي سان تعلق رکندڙ ڏاها اها دعوايٰ ڪرڻ لڳن ٿا ته ميان نوازشريف کي جيڪا به سزا ملي رهي آهي سا اسٽيلشمينٽ سان مهاڏو اٽڪائڻ ۽ عوامي بالادستيء جو جھنڊو بلند ڪرڻ جي صلي ۾ ملي رهي آهي.اهو هڪ اهڙو کل جوڳو ۽ نامعقول موقف آهي جنهن جي ثبوت ۾ اڄ تائين ڪابه  ناقابل ترديد شيء يا دليل سامهون نه اچي سگھيو آهي.هڪ ته اسان ماڻهن جو گڏيل مزاج ئي اهو رهيو آهي جو تاريخ کي اسان ترت ئي ڀلجي وڃون ٿا جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ايزائيندڙ ڪردار اسان لاء قومي هيرو بڻجيو وڃن ۽ ڪيترائي بهترين ڪردار اسان جي اجائي تنقيد ۽ تضحيق جو نشانو بڻجيو پون.چئي سگھجي ٿو ته وقت سان گڏوگڏ ماڻهن جون سوچون،نظريا ۽ ڪردار بدلجي سگھن ٿا.انسانن ۾ تبديلين،تعمير،سڌاري ۽ اصلاح جو عمل جاري رهي ٿو.اهو به چئي سگھجي ٿو ته وقت ۽ حالتون به ماڻهوء جي سوچن ۽ روين تي اثر انداز ٿين ٿيون.صحيح آهي پر انسان جون  بدليل سوچون سندس بدليل روين ۽ ڪردار مان ضرور ظاهر ٿي رهنديون آهن.اهو ٿي نٿو سگھي ته دل ۾ ته نهٺائي،نياز ۽ نوڙت هجي ۽ روين ۾ اجايو غصو، آڪڙ، غرور ۽ تڪبر هجي.اندر ۾ ته ڏتڙيل انسانيت جو درد هجي ۽ روين ۾ عوامي اهنجن،آزارن ۽ مسئلن کان لاپرواهي هجي.من ۾ ته مصيبت ماريل ماڻهن لاء همدرديء جو جذبو هجي پر پنهنجو سمورو وقت ۽ ڌيان صرف پئسو گڏ ڪرڻ ۾ لڳائي ڇڏجي. پورن ٽيهن کان پنجٽيهن سالن جو عرصو اقتدار ۽ اختيار ۾ رهڻ باوجود به جيڪر اڄ به عام ماڻهو زندگيء جي بنيادي ضرورتن کان محروم آهي ته انهيء الميي جو ذميدار انهن حڪمرانن کي نه ٺهرائجي ته پوء ڪنهن کي پٽون پاراتا ڏجن؟ يا ته اهو چئجي ته ملڪ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪابه ڪرپشن نه آهي ۽ نه ئي ڪڏهن رهي آهي.پر جيڪر ايئن نٿو چئي سگھجي ته پوء ظاهر آهي ته غريب عوام جو پئسو وڏي بيدرديء سان ڦريو ۽ لٽيو ويو آهي  جنهن جي ذميداري انهن جي مٿان ئي عائد ٿئي ٿي جيڪي ملڪ تي واري واري سان حڪومت ڪندا رهيا آهن.انهن مان اتفاق سان جيڪر ڪو پڪڙ ۾ آيو آهي ته  انهيء تي هرطرف  اهڙي ته هاء گھوڙا متل آهي ڄڻ ته هن ويچاري ڪجهه ڪيو ئي ناهي! مٿان ستم اهو جو عوام سان ڪيل ايڏي ستم باوجود چيو اهو پيو وڃي ته کيس عوامي خدمت جي ڪيل ڏوهه جي سزا ملي آهي. اصولن ۽ نظرين جي جنگ آهي،آزادي ۽ جمهوريت جي لاء جدوجهد جي تاريخ آهي وغيره وغيره. جڏهن سوال ڪجي ٿو ته ڪهڙو نظريو؟ جواب اهوٿو اچي ته هٿ وٺي سياستدانن کي بدنام ڪيو پيو وڃي. ڦرلٽ ته ٻين به ڪئي آهي پوء احتساب رڳو سياستدانن جو ڇو؟ بيشڪ وزني سوال آهي پر ٻين مان مراد انهن وٽ عام طور تي جنرل ۽ جج هوندا آهن؟بلڪل انهن جو احتساب  ٿيڻ گھربو هو ۽ هاڻي به ٿيڻ گھرجي پر سوال اهو ته اهو احتساب ڪندو ڪير؟ اهي سياستدان جن جي پنهنجي ڪردار تي وڏا سواليا نشان موجود آهن؟جيڪي اسيمبلي فلور تي هڪڙي ڳالهه،ٽي وي شو ۾ ٻي ڳالهه، قوم کي خطاب دوران ٽين ڳالهه،عدالتن ۾ چوٿين ڳالهه جڏهن ته عوامي جلسن ۾ اڃا به پنجين ڳالهه ڪن ٿا.عوام سندن ڪهڙي ڳالهه تي اعتبار ڪري؟ هن وقت ميان صاحب سان ماتم ۾ شريڪ ٿيڻ کان پهرين ٿورو تاريخ ڏانهن به ڏسڻ ضروري آهي.جڏهن 1985ع ۾ ملڪ جي هڪ اهم ۽ وڏي سياسي جماعت پاڪستان پيپلز پارٽيء وقت جي بدترين فوجي آمر طرفان اعلانيل فراڊي چونڊن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو هو ان وقت ميان صاحب پاڻ ڪٿي بيٺل هو؟ڇا هو انهيء آمر جي ڇانو ۾ منعقد ٿيل عام چونڊن ذريعي ئي لاهور جي تخت تي نه ويٺو هو ۽ ويندي 88ع تائين انهيء ئي آمر جو ساٿ ڏيندي ان وقت جي چونڊيل جوڻيجو گورنمينٽ کي غير آئيني طور تي گھر ڀيڙو ڪرڻ ۾ سندس ساٿاري بنيل نه رهيو؟پوء جوڻيجي مرحوم سان هن جيڪي ڪجهه ڪيو اهو هڪ الڳ باب آهي.1988ع ۾ ئي جنرل ضياء الحق جي موت بعد هن سندس قبر تي بيهي سندس ئي مشن کي اڳتي وڌائڻ جو اعلان نه ڪيو هو؟1988ع جي چونڊن جي نتيجي ۾ قائم ٿيل محترمه بي نظير ڀٽو جي حڪومت خلاف ٿيندڙ سازشن ۾ موصوف جو ڪهڙو ڪردار رهيو؟محترمه شهيد ۽ بيگم نصرت ڀٽو خلاف هلايل نهايت ئي ڪريل اخلاقي مهم جو اڳواڻ ڪير هو؟ 1990ع جي چونڊن ۾  ڳجھهن ادارن جي مرضيء سان ٺهيل اسلامي جمهوري اتحاد ذريعي محترمه کي اقتدار کان پري رکڻ لاء ٿيندڙ هر سازش جو اصل مهرو ڪير هو؟ ڪنهن  پاڻ پئسا ورتا ۽ پئسا وٺي ٻين سياسي پارٽين ۾ ورهايا؟1993ع ۾ محترمه ڀٽو جي آئيني ۽ قانوني حڪومت خلاف ڪنهن بغاوت جو علم بلند ڪيو؟1997ع جون چونڊون موصوف ڪنهن جي سهاري ۽ آشيرواد سان کٽيون؟ججن کي فون ڪرائي محترمه کي سزائون ڏيارڻ جي سفارش ڪنهن ڪئي؟ محترمه خلاف سوين ڪوڙا ڪيس ڪنهن قائم ڪيا ۽ کيس ايترو ته پريشان ڪيو جو هن کي آخرڪار پاڻمرادو جلاوطني اختيار ڪرڻي پيئي؟ بدنام زمانه سيف الرحمان ڪميشن طرفان اها ڪهڙي ڪريل حرڪت هئي جيڪا پنهنجي سياسي مخالفن خلاف ان نظرياتي اڳواڻ نه ڪئي هئي؟ چوڻ وارا چئي سگھن ٿا ته مشرف جي راتاهي کان پوء ميان صاحب نظرياتي بڻجي ويو.اڳتي هلو، ميمو گيٽ ۾ ڪير ڪارو ڪوٽ پائي انهن ئي عدالتن ۾ پهچي ويو جن کي اڄ ڪلهه هو گھٽ وڌ ڳالهائي رهيو آهي.پنهنجي پسند جي ججن جي بحاليء لاء ڪنهن ريلي ڪڍي هئي ۽ اها ريلي ڪنهن آمر جي خلاف هئي يا ڪنهن چونڊيل جمهوري حڪومت خلاف؟ وري اها ريلي ڪنهن جي حڪم تيّ ختم ڪئي ويئي؟ان وقت جي چونڊيل وزير اعظم جي چوڻ تي يا ٻئي ڪنهن جي چوڻ تي؟ جڏهن انهن ئي عدالتن ۾ ان وقت جو چونڊيل وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني گهلجي رهيو هو ان وقت ان انقلابي ۽ عوامي اڳواڻ جا ڇا خيال ۽ نظريا هئا؟ ڇا هن اهي لفظ نه چيا هئا ته گيلاني پهرين استعيفا ڏيئي گھر وڃي ۽ پوء جڏهن سندس بي گناهي ثابت ٿئي ته واپس اچي وزارت عظميٰ سنڀالي؟ان کان پوء 2013ع جون چونڊون هن ڪنهن جي مليل ڀڳت سان کٽيون؟جنرل مشرف جهڙي ڊڪٽيٽر جي ويجھن ساٿين کي وزارتون ۽ صلاحڪاريون ڪنهن ڏنيون؟سوال اهو به آهي ته پنهنجي اقتدار دوران جڏهن جنرل مشرف هٿيڪو پاڪستان ۾ هو ته پوء سندس خلاف ڪا قانوني ۽ آئيني ڪاروائي ڪرڻ بدران کيس ملڪ کان ٻاهر ڇو وڃڻ ڏنو ويو؟هن ان وقت اهو اصولي ۽ نظرياتي موقف ڇونه اختيار ڪيو؟ پنهنجي حڪومت بچائڻ لاء يا ڪنهن لڪيل ڊيل سبب؟ ڇا ماضيء ۾ سندس قابل اعتماد ساٿي رات جي اونداهين ۾ انهن گھٽين ۾ نه ڏٺا ويا جن گھٽين کان هاڻي هن کي وحشت ٿيڻ لڳي آهي.ڇا اڄ به سندس ڀاء ۽ پارٽيء جو صدر اهو اعلان نه ڪري رهيو آهي ته فوج سان ڊائلاگ  ڪري پرڏيهي پاليسي،معيشت،ملڪي سلامتي ۽ ٻيا اهم ۽ بنيادي معاملا طيء ڪرڻ گھرجن؟آخري سوال اهو ته جيڪر عدالتن جا ماضيء جيان سڀ جا سڀ فيصلا نواز شريف جي حق ۾ اچن ها ته ڇا پوء به هو عدالتن ۽ اسٽيبلشمينٽ کي ايئن للڪاري ها؟جي  انهن سڀني سوالن جو جواب  ڏيڻ بدران، ڪو اهو چوڻ تي ئي سندرو ٻڌي بيٺل نطر اچي ٿو ته ميان نواز شريف کي عوامي خدمت ۽ اسٽيبلشمينٽ سان مهاڏو اٽڪائڻ جي سزا ملي آهي ته اهڙي ڏاڍ مڙسيء کي ڇا ٿو ڪري سگھجي!

Sunday, July 8, 2018

ننڍي ميان صاحب کي نئون عمراني معاهدو کپي!


شفيق الرحمان شاڪر
ظاهر ۾ ته ملڪ عام چونڊن طرف وڌندو نظر اچي ٿو،سياسي سرگرميون پنهنجي عروج تي آهن،اميدوار پنهنجي چونڊ مهم دوران مختلف طريقن سان عوام کي مطئمن ۽ متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر پردي پويان ٻيو به گھڻو ڪجهه ٿي رهيو آهي.لنڊن واري ڀائي صاحب جيان پاڪستان جي عملي سياست مان هميشه لاء مائينس ٿيل ميان صاحب في الحال لنڊن ۾ ويهي رهڻ ۾ ئي پنهنجي عافيت سمجھي آهي جو پاڪستان ۾ حالتون هن لاء بلڪل ئي سازگار ناهن. احتساب عدالت جي فيصلي کان پوء هن جي اصل جڳهه اڍيالا جيل ئي بڻجي ويئي آهي ۽ جيلن ۾ رهڻ ظاهر آهي ته ميان صاحب جي لاء نهايت ئي مشڪل ڪم آهي توڙي جو سندس صاحبزاديء ايندڙ جمع تي پاڪستان موٽڻ جو اعلان ڪيو آهي پر لڳي ايئن ٿو ته هو في الحال پنهنجي خاندان سميت لنڊن ۾ ئي رهندو ۽ ايندڙ اليڪشن کان بعد حالتون ڏسي پوء ئي وطن واپسيء لاء ڪجهه سوچي سگھي ٿو.البت هن وقت ميان صاحب جيڪا سوچ سوچي رهيو آهي سا اها ته پنهنجي پارٽيء طرفان هو ايندڙ چونڊن جي بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪري جيڪر ڪجهه ٻيون مکيه پارٽيون سندس ان سوچ سان ها ۾ ها ملائين ٿيون..توڙي جو ڪجهه عرصو پهرين مسلم ليگ نون پاران ان قسم جي ڪنهن به سوچ يا فيصلي جي ترديد ڪئي ويئي هئي پر حقيقت اها آهي ته اها سوچ ميان صاحب جي ذهن ۾ نه رڳو موجود آهي پر هن پنهنجي پارٽيء جي سينئر قيادت سان ان سلسلي ۾ ويچار ونڊڻ سان گڏوگڏ ٻين پارٽين خاص طور تي پيپلز پارٽيء سان به اڻ سڌن رابطن ذريعي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي.پيپلز پارٽي سندس ان سوچ سان ڪيترو سهمت ٿئي ٿي اهو ته ڪجهه ڏينهن ۾ واضح ٿي ويندو پر لڳي نٿو ته پيپلز پارٽي 1985ع جهڙي سياسي غلطي وري ورجائيندي. ميان صاحب جنهن لاء سياسي اميدن جا در هڪ هڪ ٿي سڀ جا سڀ بند ٿي چڪا آهن هاڻي هو چونڊن کان بائيڪاٽ وارو فيصلو هڪ سياسي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جو سوچي رهيو آهي ته جيئن ملڪ کي وڌيڪ انتشار واري ڪيفيت ۾ ڌڪجي جنهن جي نتيجي ۾ عالمي طاقتن جو پاڪستان تي سياسي دٻاء وڌائجي ته جيئن ڪنهن اين آر او جي راهه هموار ٿي سگھي.پر ماضيء جي ٻين غلطين جيان اها به ميان صاحب جي عظيم سياسي غلطي ٿيندي جيڪر هو واقعي چونڊن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ٿو. اليڪشن پنهنجي مقرر وقت تي ٿيڻ ۾ بظاهر ڪابه رڪاوٽ نظر نٿي اچي پر جيڪر ميان صاحب جي ڪنهن اهڙي اعلان جي نتيجي ۾ ڪا امن امان جي صورتحال پيدا ٿئي ٿي ته پوء چونڊون ملتوي ٿيڻ جي امڪان کي رد ڪري نٿو سگھجي.ڪنهن به غير آئيني قدم يا مارشل لا وغيره جو پري پري تائين ڪو امڪان نظر نه پيو اچي پر ملڪ ۾ وڌيڪ انتشار ۽ ڏڦير جي صورت ۾ اميرجنسي جي آئيني قدم کي به رد ڪري نٿو سگھجي جنهن جا نتيجا به بهرحال مجموعي طور تي ملڪ ۽ قوم جي حق ۾ بهتر نه هوندا.ميان صاحب هن وقت جنهن ذهني ڪيفيت مان گذري رهيو آهي ان جي نتيجي ۾ هو ڪوبه انتهائي قدم کڻڻ کان پوئتي هٽڻ جي پوزيشن ۾ نظر نٿو اچي،انهيء ڳالهه کان بي نياز ته ان جا ملڪ جي صورتحال ۽ جمهوريت تي ڪهڙا منفي اثر پئجي سگھن ٿا. سو سمورين سياسي پارٽين جي اها ذميداري بڻجي ٿي ته اهي حالتن کي سمجھندي ڪنهن به اهڙي جذباتي قسم جي فيصلي جو حصو بڻجڻ بدران چونڊن واري عمل کي اڳتي وڌائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ذميداريء سان ادا ڪن ته جيئن ملڪ وڌيڪ انتشار طرف نه وڌي.
ڪجهه ڏينهن پهرين ميان شهباز شريف هڪ عجيب منطق ۽ دليل پيش ڪندي فرمايو ته سياستدانن کي فوج سان ڊائلاگ ڪرڻ گھرجي ۽ پرڏيهي پاليسي،معيشت ۽ ملڪي سلامتي جي معاملن تي ساڻن ويهي معاملا طيء ڪرڻ گھرجن.پر انهيء کان به وڌيڪ خطرناڪ ۽ ٻاراڻي ڳالهه جيڪا هن ڪئي سا اها ته نئون عمراني معاهدو جڙڻ گھرجي.سمجهه ۾ نٿو اچي ته ننڍي ميان صاحب کي اها خبر به آهي ته عمراني معاهدي جو مطلب عمران خان سان معاهدو ڪرڻ نه پر نئون آئين جوڙڻ آهي ۽ اهو به اصل طاقتور ڌرين جي مشوري سان جڙڻ گھرجي. اها ڳالهه جيڪر پاڪستان ۾ ڪنهن به ٻي سياسي ڌر يا شخص ڪئي هجي ها ته هيستائين ميڊيا ۾ سندس حشر نشر ٿي چڪو هجي ها،پر ان بيان تي نه ته جمهوريت جي دعويدار ڪنهن سياسي جماعت پنهنجي زبان کولي آهي ۽ نه ئي انهن نام نهاد لبرل ۽ ترقي پسند اين جي اوز،دانشورن ۽ صحافين انهيء تي ڪو ٻڙڪ ٻاهر ڪڍيو آهي.هي ڪهڙي قسم جا غيرسنجيده ۽ غيرذميدار سياستدان آهن جيڪي اهڙيون ڳالهيون ڪري ويهن ٿا جن جو منهن مٿو ئي سمجھه ۾ نٿو اچي.ميان شهباز شريف ايترو سادو به نه هوندو جو کيس اها خبر ئي نه هجي ته نئون عمراني معاهدو ڇا کي چئبو آهي ۽ اهو ڪهڙيء طرح جڙندو آهي. جڏهن اليڪشن سر تي هجن ۽ ملڪ جمهوري عمل جي تسلسل طرف وڌي رهيو هجي ان وقت هڪ نئين آئين جوڙڻ جو شوشو ڇڏڻ جو آخر ڪهڙو مطلب ورتو وڃي.اهو ئي ته چونڊون ملتوي ٿين،هڪ نئين آئين ساز اسيمبليء لاء چونڊون ٿين ۽ اها اچي هڪ نئون آئين جوڙي راس ڪري.اهو سڀ ڪجهه شايد شهباز شريف کي سندس کاٻي هٿ جو کيل محسوس ٿيندو هجي پر هڪ اهڙي ملڪ ۽ رياست ۾ جتي مختلف قومون آباد هجن تنهن جو ڪو متفقه آئين جوڙڻ ڪا راند ناهي هوندي.ان جو مطلب ته اهو ٿيو ته جڏهن به عدالتون ڪنهن به حڪمران کي پنهنجي عهدي کان نااهل قرار ڏين يا ڪا ٻي سزا ڏين ته انهيء لاء ترت ئي ڪو نئون عمراني معاهدو وجود ۾ اچڻ گھرجي.اهو ڪو اوچتو خيال ناهي جيڪو ميان شهباز شريف جي ذهن ۾ اچي ويو يا ڪو خواب آهي جيڪو هن رات جو ڏسي صبح جو ان جي تعبير لاء سوچڻ لڳو پر اها هڪڙي سوچ آهي جيڪا اقتداري ايوانن ۾ ڪافي عرصي کان گردش ڪري رهي آهي ۽ انهيء سوچ کي  شهباز شريف جي زبان مان ظاهر ڪيو پيو وڃي.ڇا مفاهمت ۽ اين آر او جو خواب ان دنگ تي وڃي دنگ ڪندو ته سياست ۽ حڪومت ۾ فوج جو ڪردار قانوني ۽ آئيني طور تي تسليم ڪندي انهن کي به وزراتون ۽ مشيريون مهيا ڪيون وڃن .  بلڪ ٿي سگهي ته انهن مان ڪنهن کي صدر يا وزيراعظم جو عهدو به ڏيئي ڇڏجي.هي ملڪ ۾ وري ڪهڙو نئون انتشار ۽ ڏڦير پيدا ڪرڻ گھرن ٿا؟ڪو ته انهن کان پڇي ته 1973ع جي متفقه جمهوري ۽ عوامي آئين کان اوهان کي آخر ڪهڙي تڪليف آهي؟انهيء تي وقت جي آمرن توڙي سياسي حڪمرانن اڄ تائين صحيح نموني عمل ناهي ڪيو يا ان جي خلاف ورزي ڪندا رهيا آهن ته ان ۾ ويچاري آئين جو ڪهڙو قصور؟پنهنجون غير جمهوري سوچون ۽ غير آئيني رويا تبديل ڪرڻ بدران هليا آهن آئين کي بدلائڻ!
(روزاني امڪان 8 جولائي 2018ع)

Saturday, July 7, 2018

ڌرتيء کي وڌيڪ ٽامو ٿيڻ کان بچايو!


شفيق الرحمان شاڪر
سچ اهو آهي ته دنيا ڏينهون ڏينهن گرم کان گرم ٿيندي ٿي وڃي.توڙي اها روين جي گرمي هجي يا سج جي گرمي! بهرحال ماحول ۾ گرمي وڌي رهي آهي ۽ ايئن به ڪونهي ته رڳو پاڪستان ۾ سج پنهنجي گرمي ڏيکاري رهيو آهي پر پوري دنيا ۾ رميء جي شدت ۾ تشويشناڪ حد تائين اضافو ٿي رهيو آهي.جيڪر سائنسي نقطه نظر کان ڏٺو وڃي ته موسمن ۾ تديلي هڪ فطري عمل آهي پر ڪڏهن ڪڏهن فطرت يا قدرت سان ڇيڙ ڇاڙ انسان کي گھڻي مهانگي پئجي ويندي آهي.افسوس ته اهو جو ان شديد موسم ۾ سڪون جو احساس بخشيندڙ وڻ اسان ڪمائيء جي چڪر ۾ اهڙي ته بيدرديء سان ڪپيندا ٿا وڃون جو هاڻي ڇانو ڳولهيندي ڪا ڇانو ئي نصيب نٿي ٿئي.رهي ڳالهه “اوزون“ يعني موسمي شدت کان بچائيندڙ قدرتي پردي جي ته اسان جي صنعتن جي زهريلي گئس ۽ ڪيميائي گدلاڻ انهيء ۾ ايترا ته سوراخ ڪري وڌا آهن جو اوزون کي به سمجهه ۾ نٿو اچي ته سج جي انهن تپيل ڪرڻن کي ڪيئن روڪيان ۽ پنهنجو پاڻ کي تباهه ۽ برباد ٿيڻ کان ڪيئن بچايان؟اتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا انهن سمورين ڳالهين کي سامهون رکندي اسان پنهنجو ترقيء جو سفر اتي ئي روڪي ڇڏيون؟وڌيڪ صنعتون نه لڳايون،فرنيچر،ڪاغذ،پينسل ۽ ڪاٺ مان جڙندڙ ٻيون سموريون شيون جوڙڻ ڇڏي ڏيون؟ڪاروبار بند ڪري ڇڏيون؟ ڇا سڄي دنيا ۾ ايئن ٿي رهيو آهي؟ دنيا به ته پاڪستان جيان ماحولياتي تبديلين جو شڪار آهي ته پوء ڇا پوري دنيا ۾ به ماحول دوستي ۽ اوزون جي تهه کي بچائڻ خاطر صنعتن کي بند ڪيو ويو آهي؟اهي اهڙا سوال آهن جيڪي هر انسان جي ذهن ۾ جنم وٺن ٿا ۽ جنم وٺڻ به گهرجن.ڇو ته انسان جي هڪ خاصيت اها به آهي جو هو ڪڏهن به هار نٿو مڃي.هو هر مشڪل جو حل تلاش ڪيو وٺي.هاڻي اسان سج کي ته پاڻي وجھي ٿڌو ڪري نٿا سگھون ۽ نه ئي ملڪ مٿان ڪا ايڏي وڏي ڇٽي پکيڙي سگھون ٿا جو گرمي ۽ اس کان بچي سگھون.ان ڪري هاڻي اسان کي اهو ڏسڻ جي گھرج آهي ته دنيا جي ٻين ترقي يافتا ملڪن گرميء کان بچڻ لاء ڪهڙا ڪهڙا طريقا اختيار ڪيا آهن.
سڀ کان پهرين ته معلوم ڪرڻو پوندو ته گرميء جي شدت ۾ واڌاري جو اصل سبب آهي ڪهڙو؟ ان جو مختصر جواب آهي قدرتي ماحول کي ڪنهن به طرح نقصان پهچائڻ! مثال؛ وڻن جي ڪٽائي،معدنيات جو بي حساب استعمال،فيڪٽرين ۽ صنعتن جي گھڻائي ۽ فضائي گدلاڻ وغيره
انهن سببن ڪري نه رڳو زميني پر پاڻيء جي مخلوق به پريشانيء ۾ ورتل آهي،هتي اها ڳالهه تمام گھڻي ڳڻتيء جوڳي آهي جو منگروز جي وڻن کي گذريل ڊگھي عرصي کان باقائدي سرڪاري سرپرستيء ۾ ڪپي ۽ لاڳاپيل ادارن جي اڇين سامهون انهن کي سمگل ڪيو پيو وڃي.فاريسٽ ڊپارٽمينٽ جنهنجو بنيادي ڪم ۽ فرض ئي وڻن جي واڌ ويجهه ۽ حفاظت هوندو آهي اهو کاتو پاڻ وڻن جي تباهيء پويان پيل نظر ايندو آهي.انهن کان ٻيو ته ڪو ڪم پهچي نٿو سواء ان جي جو رهيل کهيل ٻيلا وڍي ڪپي کپائي پنهنجا ڀڀ ڀريا وڃن ۽ ايندڙ نسلن کي موسمي شدتن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏجي.ڪجي ته ڇا ڪجي جو هتي ته پوري آڪهه پئسي پويان انڌي ۽ چري لڳي پيئي آهي.
هاڻي اسان دنيا ۾ رائج ڪجهه ڪارائتن طريقن جو ذڪر ڪيون جن سان اسان ماحول کي تباهه ٿيڻ ۽ موسمن جي تبديلين جي منفي اثرن کان پنهنجو پاڻ کي بچائي سگھون ٿا.هن شديد گرميء ۾ پوري دنيا ۾ اهي ڪهڙا قدم کنيا پيا وڃن جن ذريعي هن گلوبل وارمنگ کان بڇي سگھجي ٿو؟
يونان جو پراڻو شهر بابل جنهنجي جيڪر تاريخ پڙهي وڃي ته هن شهر جي ٻين ڪيترين ئي خاصيتن مان هڪڙي وڏي ۽ اهم خاصيت هن شهر جو لٽڪيل باغ (Hanging Garden) آهي.جيڪر اسان به ان فارمولا تي عمل ڪيون ته گرميء جي لهر کان بچڻ ڪافي آسان ٿي ويندو.انهيء فارمولي هيٺ اسان کي پنهنجن سمورين عمارتن جي بالڪونين تي ٻوٽا لڳائڻا پوندا ۽ انهن جي مڪمل سار سنڀال لهڻي پوندي.اهو تمام پراڻو تصور آهي جنهنجي ڪارگر ۽ اهم هئڻ جو اندازو اسان بابل شهر جي ڀتاريخ پڙهندي ان جي خوشحالي ۽ خوبقورتيء مان لڳائي سگھون ٿا.
انهيء کان سواء پينسلوينيا جي شهر فيلي ڊيلفيا جا رهاڪو گرميء جي موسم ۾ پنهنجي ڇت جي ان حصي تي جتي اس پوندي هجي اڇو رنگ ڪري ڇڏيندا آهن جنهن سبب پوري شهر جي گرميء جو درجو اصل موجود گرميء جي درجي کان 4 کان 6 سينٽي گريڊ گھٽجي وڃي ٿو ۽ گھرن ۾ رهندڙ ماڻهن جي گھرن جي گرميء جي درجي ۾ اٽڪل 6 کان 8 سينٽي گريڊ گھٽتائي اچي وڃي ٿي.جڏهن ته نيو يارڪ ۾ به حڪومت “ٿڌي ڇت” Cool Roof جي نالي سان ان پروجيڪٽ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.
اهي ته اهڙا عمل ۽ قدم آهن جيڪي ڪنهن حڪومتي سرپرستيء سواء به انفرادي يا سماجي ليول تي ذاتي ڪوششن ۽ ڪاوشن سان سرانجام ڏيئي سگھجن ٿا.پر ان سان گڏوگڏ هڪڙو ڪم جيڪو حڪومتن کي سختيء ۽ پابنديء سان هنگامي بنيادن تي ڪرڻو پوندو سو اهو ته سڀ کان پهرين جھنگلن ۽ ٻيلن جي ڪٽائي فوري طور تي روڪڻي پوندي ۽ وڻ ڪپڻ متعلق هڪڙو قانون جوڙڻو پوندو جنهن تحت ڪنهن محدود ايراضيء تائين وڻن جي ڪٽائيء جي اجازت ڏيئي سگھجي ٿي ۽ پوء هڪ ڊگھي عرصي تائين ان ساڳي ايراضيء ۾ وڻن ڪپڻ تي پابندي لڳائڻي پوندي ۽ انهيء عرصي دوران اتي ڪپيل وڻڻ جي جاء تي نون وڻن لڳائڻ ۽ انهن جي سار سنڀال کي يقيني بنائڻو پوندو.انهيء سان گڏوگڏ ڪاٺ سان لاڳاپيل ڪارخانن ۽ واپارين لاء حڪومت ان شرط کي لازم ڪري ڪاٺ جي هر سامان سان گڏ ان ۾ استعمال ٿيل ڪاٺ جي تفصيل ۾ ان ڳالهه کي لازمي شامل ڪن ته  ان ڪاٺ کي حاصل ڪرڻ خاطر ڪپيل وڻ کي واپس ڪيئن اپايو وڃي؟ ۽ جيڪي وڻ ٻج ذريعي پيدا ٿيندڙ هجن ته ڪاٺ جو سامان وڪڻندڙ سامان سان گڏ ماڻهن کي انهن وڻن جو ٻج به مفت مهيا ڪن ۽ انهن کي پوکڻ جو طريقو به ماڻهن کي ٻڌائين.گھڻڻ کي ان سم جون تجويزون کل جوڳيون لڳنديون ۽ اهي اسان جي ذهني حالت تي پاڳلپڻي جو شڪ به ڪري سگھن ٿا پر اسان سڀني کي ان ڏينهن کان ڊڄڻ گھرجي جڏهن اسان گرمين جي شدت کان سڀ  جا سڀ پاڳل بڻجي وينداسين.هونئن اهڙن ڏاهن کي جيڪي اهڙين تجويزن کي مذاق سمجھن ٿا تن کي اهو ٻڌائيندا هلون ته اڄ ڪلهه “سيڊ پينسل“ جو تصور هڪ نئين ۽ نرالي شيء آهي.هڪ پينسل بنائيندڙ ڪمپنيء پنهنجي پينسلن ۾ هڪڙو ٻج وجھي ڇڏيو آهي.اوهان پينسل استعمال ڪريو ۽ جڏهن پينسل ختم ٿيڻ لڳي ته اوهان ان پينسل کي زمين ۾ دٻائي ڇڏيو،ڪجهه عرصي بعد اوهان کي اتي هڪڙو ٻوٽو نظر ايندو جيڪو پوري وڻ جي صورت اختيار ڪرڻ بعد وري به هزارين پينسلون بنائڻ جي لائق ٿي ويندو.اهي اهڙا طريقا آهن جيڪي دنيا ۾ موسمن جي شدت کي گھٽائڻ ۽ ماحول جو توازن برقرار رکڻ لاء رائج ٿي چڪا آهن.گڏوگڏ اسڪول،ڪاليج،يونيورسٽين،اسپتالن،ريلوي اسٽيشنن،هوائي اڏن ۽ ٻين پبلڪ جاين تي ڪم ڪندڙ سمورن ملازمن توڙي تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ سمورن شاگردن تي اهو لازمي قانون لاڳو هئڻ گھرجي ته انهن مان هرڪو سال ۾ گھٽ ۾ گھٽ هڪڙو وڻ هر حالت ۾ ضرور لڳائي، ٻي صورت ۾ سندن خلاف محڪماتي ڪاروائي ڪئي ويندي ۽ انهيء معاملي کي سندن ترقي،پگھارن ۽ تعليمي نتيجن سان ڳنڍڻ گھرجي. فاريسٽ،زراعت ۽ ماحوليات جي وزارتن کي به ان معاملي ۾ هنگامي ٽاسڪ ۽ ٽارگيٽ ڏيئي انهن جي سختيء سان مانيٽرنگ ٿيڻ گھرجي.جيڪر اسان ان معاملي ۾ پنهنجي ماضيء واري غفلت ۽ لاپرواهيء واري روش برقرار رکي ته پوء ايندر ڪجهه سالن ۾ شايد هيء زمين اسان جي رهڻ جي قابل رهي نه سگھي!
 (روزاني جيجل)


Friday, July 6, 2018

اچو ته ڳڙهي خدابخش ۾ ستل ڀٽن سان پ پ جي تعزيت ڪريون


 ڊاڪٽر شاهنواز ايم ڪي دل

1967ع ۾ جڏهن ڊاڪٽر مبشر حسن جهڙن ترقي پسند دانشورن سان گڏ ذوالفقار علي ڀٽو پ پ جو بنياد وجهندي، 3 رنگو جهنڊو منظور ڪرائيندي، پ پ جي منشور ۾ اٽو، اجهو ۽ روزگار سان گڏ طاقت جو سر چشمو عوام سوشلزم کي اقتصاديات چيو هو ته انهي مهل ايوانن مان نڪتل سياست جي ديوي عوام جي دلين ۾ ديرا ڄمايا هئا، جونا ڳڙهه جي خمير مان جڙيل روح جڏهن سنڌ پاڪستان ۾ محلول ٿي اڀريو، ته ڊرائنگ رومن جي سياست کي ڄڻ طلاق ملي وئي هئي. جيترو چاهه ۽ چس عوام کي ذوالفقار علي ڀٽي جي پ پ سان ٿيو، ان جو مثال دنيا جي تاريخ مان نٿو ملي، سنڌ ۽ پاڪستان جي تاريخ ۾ اها هڪڙي اهڙي اڀار واري لهر هئي جو سنڌ توڙي پوري پاڪستان جي مظلوم عوام ذوالفقار علي ڀٽو کي پنهنجو ڇوٽڪارو ڏياريندڙ رهبر سمجهڻ لڳي ۽ ذوالفقار علي ڀٽو اوج جون چاڙهيون چڙهندو ويو، سندس تيز تڪڙ واري طبيعت جتي سندس مقبوليت ۾ واڌارو ڪيو، اتي سندس حياتي جي لڪيرن کي به ڪٽڻ شروع ڪيو، ملڪي توڙي بين الاقوامي حالتون، 1971ع وارو آپريشن، بنگال جو رهاڱو، اسلامي بلاڪ جو ٺهڻ، ايٽم بم ڏانهن سفر، قادياني فتنو، سنڌ ۾ ٻولي جا فساد، نئين ٻه اڌ ٿيل ملڪ جي سنڀال ۾ مشڪلاتون ۽ ٻيا انيڪ معاملا ڀٽو کي فائدو ۽ نقصان ڏيندا ويا، سندس سحر انگيز شخصيت وقت جي خلائي مخلوق جي آڌار تي اسيمبلين ۾ پهچڻ ۽ حمود رحمان ڪميشن جي لڪايل رپورٽ ڀٽي کي بچي ويل پاڪستان ۾ هڪ هيرو ثابت ڪيو پر سندس ماضي ۾ ڪيل فيصلن جنهن ۾ جڏهن هن اڪثريت واري مجيب الرحمان کي علي اعلان چيو هو ته “ اڌر تم اڌر هم اڌر آئو گي تو ٽانگي توڙ دي گي” جهڙين ناڪاري اقتدار حاصل ڪرڻ وارن روين کي اٻوجهه عوام وساري عزت ۽ آبرو ڏني، ملڪي توڙي عالمي فيصلن عوام کي مان ڏيڻ واري منشور ڀوتار، جاگيردار، سرمائيدار جي مخالفت ڀٽي جي وڙهيل اليڪشن جي نتيجن تي وڏا اثر ڇڏيا ۽ وقت جا وڏا اجگر جهڙا جاگيردار، سرمائيدار هارائي ويا هئا، سندس ٻه اقتدار وقت جي اسٽيبلشمينٽ سان فرضي تڪرار عوام کي سندس ديوانو بڻائي ويا، هڪ اڻ ڏٺو قرض جيڪو واڻئي جي وياج وانگر ويو عوام تي چڙهندو، هن وقت ڀٽو جي قرض جي موڙي به ڏنيسين وياج به ڏنوسين پر قرض آهي، جو لهڻ جو نالو ئي نٿو وٺي، سندس شهادت کانپوءِ ڊگهي ضياءَ جي مارشل لا ايم آر ڊي تحريڪ جو اڀرڻ ۽ عوام جون ڀٽي طرفان ڪيل محبت بدلي قربانيون محترمه نصرت ڀٽو ۽ بينظير جون جدوجهدون ۽ مستقل مزاجي سان سياست ۾ رهڻ عوام جي ويساهه کي ڀٽن جي ساهه سان سبي ڇڏيو، ڦاهيون، جيلون، ڦٽڪا، ڪوڙا، اذيتون ۽ اڻ ڳڻيا ظلم عوام جي روح ۾ رتل ڀٽي جي سحر کي ڌوڏي ۽ لوڏي نه سگهيو. پارٽي جي آڳ ۽ واڳ جڏهن محترمه جي روپ ۾ اڀري ته تاريخ ڏٺو ته ڪيئن پيرن اگهاڙن، ڦاٽل ڪپڙن واري عوام لاهور جي روڊن تي آيل ڀُٽي جي آجيان ۾ ڪيئن هجومن جي شڪل ۾ نڪتا. ضياءِ مارشل لا جو خاتمو آمر جي موت سان ٿيو. طويل آمريت ۾ چيڀاٽيل عوام آمريت کي انتقام ڏيندي محترمه کي اقتدار 1988 ۾ حوالي ڪرايو، لاوارث ، لٽيل، ڇڙوڇڙ ٿيل ويچاري عوام کي اها اميد هئي ته ماروي ملير جي چئني صوبن جي زنجير بينظير سندن ڏکويل ڏيل تي ڪي پها رکي مرجهايل مسڪراهٽن کي ڪو نئون آسيس بخشيندي پر عشق ۾ مبتلا عوام کي ڪهڙي خبر ته پ پ جي تاريخ ۾ هڪ نئين دور جي شروعات ٿي وئي هئي ۽ پهريون دفعو مسٽر ٽين پرسنٽ جي نالي جا چوٻول ٻڌڻ ۾ آيا ۽ گهٽين، روڊن رستن، وستين واهڻن ۾ پهتل سياست وري وڏيري، جاگيردار، سليم مانڊي والا جهڙي سرمائيدار جي ڊرائنگ رومن جي زينت بڻجي وئي، سياست جي ديوي کي ڪڪ بيگ ڪميشن ۽ ٻين گهڻن ذريعن ذريعي گندو ڪيو ويو، اقتدار آيو عوام جو ٿڪ نه لٿو جو بدترين حڪمراني جي پاداش ۾ اقتدار ئي هليو ويو، انهي ڪرپشن جي اڏوهي پ پ جي مضبوط منشور واري قلعي کي کائڻ شروع ڪري ڇڏيو. بنگالي ڪميونسٽ جلال الدين عبدالرحمان جيڪو پيپلزپارٽي جو پهريون جنرل سيڪريٽري ٿيو، جيڪو نطشي جي فلسفي جو پوئلڳ هيو جنهن انهي وقت ڍاڪا يونيورسٽي مان علم سياست مان ڊگري ورتل هئي انهي منشور لکيو هيو ته ان وقت کيس اها خبر نه هئي ته جن ڀوتارن خلاف هن جو منشور وڙهندو اهي ئي ڀوتار دراني، چانڊيو، پڦي جي روپ ۾ عوام جي ووٽ جي اهڙي تذليل ڪندا، سندس روح ضرور ڪنبيو هوندو، جنهن پنهنجي مارڪسي سوچ کي بنيادي بڻائي پ پ جي منشور کي پيڙهيلن جي نجات جو ذريعو ٺاهيو هو، اڄ جڏهن 1967 کان وٺي 2018 تائين جي سفر ۾ ڀٽا بلڪل پيپلزپارٽي جي اقتداري توڙي پارٽي جي قطارن ۾ ڪٽجي چڪا آهن ۽ چئن صوبن جي اندر پيڙهيل طبقي جو ويساهه بڻيل پيپلزپارٽي سڪڙجي سوڙهي ٿي اچي سنڌ جي صرف ڳوٺاڻي پارٽي بچي آهي جيڪا اقتدار لاءِ وڏن وڏن جاگيردارن جي اوطاقن تي وڃي ڀوتارن کي هٿ ٻڌي ايلاز ڪرڻ تائين پهتي آهي، مارشل لا جي دور ۾ جڏهن چار سالن جي فراز واهلا ايم آر ڊي تحريڪ ۾ گرفتاري ڏئي جمهوريت جي بحالي جي تحريڪ جو ڪمسن اسير ٿيو اڄ جڏهن اهو وڏو ٿيو ۽ ان حال ڏٺو هوندو ته رنو ضرور هوندو. انهي ننڍي عمر واري اسير کي ڪهڙي خبر جدوجهدن جي ميراث ۾ مليل جمهوريت 10 سيڪڙو مان 100 سيڪڙو پوءِ سڀ ڪجهه اسان جو واري سفر ڪيترن ئي انقلابي نظرياتي جيالن جي جيءُ ۾ جهيرون وڌيون هونديون. هڪ ٻئي ادي جيڪا مارشل لا جي دور ۾ اسير بڻي هئي، جنهن جي لاءِ محترمه بينظير ڀٽو ننڍڙي اسير طور خطاب ڏيندي هئي، انهيءَ جڏهن هن اليڪشن ۾ پنهنجي جدوجهد، پارٽي سان وفاداري ڏيکاريندي پ پ جي ٽڪيٽ ڏيندڙ مافيا وٽ ٽڪيٽ لاءِ درخواست ڏني ته انهيءَ کي ٽڪيٽ نه مليو، تاريخي جدوجهد جي ٿڪل ٽٽل ڪارڪن جڏهن بينظير جي تصوير بلاول ڀٽو جي اڳيان دانهيو ته بلاول مجبوري مان چيو ته منهنجي هٿ ۾ ڪجهه به نه آهي، انهيءَ ادي جي اکين ۾ آيل ڳوڙهن جو گواهه آئون پاڻ آهيان، هاڻي هوءَ مايوسي وچان سنڌ مان اُسهي وڃڻ جا ارادا ڪري پئي. ايشيا جي وڏي ڍنڍ، پراڻي قلعي رني ڪوٽ، موهن جي دڙي جي وارث، وڏي ريگستان ٿر سنڌ، جابلو ڪاڇو، تيل، گئس، ڪوئلو ۽ ٻين معدني وسيلن جي وارث سنڌ کي ڀڙڀانگ ڪرڻ واري پ پ ڪارونجهر جي ڪور تي بيٺل مور جي روپ ۾ روپلي ۽ مسڪين جهان خان کوسي جي روح ڪرپشن جي راني کيت بيماري ۾ تڙپي مري ويو هوندو، هاري حقن جي علمبردار شهيد بختاور لاشاري جو رت هاري جي حق تلفي تي ٻيهر اُڀاميو هوندو، جڏهن سڄو سال لنڊيون لتاڙي پچايل فصل ڪمند ۽ مختلف زرعي جنسن جي اگهن نه ملڻ سبب هيل به ڪنواري ڌيءَ اٿاري نه سگهڻ سڀ ڪنهن هاري خودڪشي ڪئي هوندي، انصاف لاءِ ٻاڪاريندڙ استادن توڙي صحت کاتي جي ملازمن تي جڏهن واٽر ڪينن توڙي لاٺي چارج ٿيو هوندو، انهي مهل پولنگ ۾ ڪنهن نظر وڃايل پوڙهي کي جڏهن انهي استاد کان تير تي ٺپو هڻايو هوندو، انهي عمل تي کيس شرم ضرور آيو هوندو. 1500 ارب جي ترقياتي بجيٽ جي خرچ ٿيڻ جا واڪا جڏهن اسيمبلي جي فلور تي ٻڌڻ ۾ آيا انهي مهل منڇر تي بتيلي ۾ سالن جي پيڙاهه سمايل مائي وسائي کان ويندي گلستان سجاد کي پوش علائقي جي اندر رهندڙ وڏيري جنهن جي ڪروڙن جي بنگلي اڳيان روڊن ۽ گهٽين ۾ بيٺل گندي پاڻي تي انهي ووٽرن کي ضرور پنهنجي ضمير چهنڊڙي هنئي هوندي ته جن لاءِ مياس سي ڪلهي ڪانڍي نه ٿيا، 10 سيڪڙو کان سفر ڪري سڀ ڪجهه اسان واري صاحب کي ته ووٽ جو قدر ايترو آهي جو انهي جي ڪري لانچن ۾ پئسا پهچن. عوام جي پئسن مان محل ٺاهي دعوتون ڪجن. سنڌ جي سوني زمين ملڪ رياض جهڙن کي وڪڻي ڏجي، وري واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙهجن. اچو ته اليڪشن کان اڳ سليڪشن ڪريون، انهي رمون، کمون، ماءِ جنا، ڪاڪي ڪرڙ کي تير بجا تير جي ڌمال تي نچي سنڌ کي ڀڙڀانگ ڪندڙن جو اصلي چهرو ڏيکاري اليڪشن مهم مهل ڪوڙي ڀوتار کي وائکو ڪري ڀڄايون. هيءَ ڀٽو جي پ پ ناهي ۽ نه وري انهيءَ بلاول ڀٽو زرداري جي پ پ آهي، جنهن کي پ پ جا ڪرتا ڌرتا ترپ جي پتي جيان پيا استعمال ڪن، پر اهوئي بلاول ڀٽو زرداري جڏهن هڪڙي اليڪشن پيپر تي پنهنجي نالي اڳيان رَٻَڙ سان ڀٽو ڊاهيندي صرف زرداري لکرائي ٿو، اهو وقت تاريخ جي اندر رقم ٿي ويو ته جيڪو جنهن جو هوندو آهي انهيءَ جو ئي رهندو آهي. اقتدار جي لاءِ ڀٽو جو نالو لڳائيندڙن کان جيڪڏهن ڪو نظرياتي جيالو پُڇاڻو ڪري ته ڀوتار ان کي پوليس هٿان ٽنگايو ڇڏي ٿو. ڪيترن جي پُٺن تان ڪوڙن جا نشان ۽ ڦٽڪن جا جهير اڃا ڊٺا نه هوندا انهيءَ کان اڳئي پ پ جي ديوار کي زرداري ليگ ۽ سندس حواري ڪرائي چڪا آهن. خوشحالي، انقلاب ۽ پلاند وارو ٽڪنڊو جهنڊو هاڻي پنهنجون معنائون ۽ مقصد وڃائي چڪو آهي. عوام تي ويساهه ڪندڙن هاڻي اليڪشن کٽيندڙن تي سيڙپ ڪن پيا. اقتدار جي اڳيان نظريا بي مقصد بڻجي ويا آهن. ڇاڪاڻ ته ويجهي ماضيءَ ۾ ٿيل سينيٽ واري اليڪشن ۾ جڏهن هڪ آزاد اميدوار کي چيئرمين چونڊرائي ڊپٽي چيئرمين تائين اتفاق ڪندڙ پنهنجي سياسي بصيرت جي ڪاميابي تصور ڪري پيو، شايد ان کي اها خبر نه آهي ته هو منزل وڃائي رهيو آهي. سنڌ جيڪا ويڳاڻپ جو شڪار آهي، توڙي جو بصيرت واري قيادت جي فقدان مان گذري رهي آهي، انهن جا سور صدين کان ساڳيا ئي رهيا آهن. اقتدار جي حوس ۾ ڀڄندڙ ڀوتار ڪڏهن ڍنڍ جي هڪڙي پاسي ڪڏهن ٻئي پاسي اُسهڻ لاءِ آتا آهن. صبح جو ناراض ٿي پريس ڪانفرنس ڪن ٿا، شام جو پرچيا ويٺا آهن، قومپرست ڌريون ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان اڻ ڏٺي طور آمهون سامهون اميدوار بيهاري پنهنجي ئي ووٽ بينڪ ۾ ڌاڙو هڻي رهيا آهن، سندس لهجا، لفظ، سوچ شايد اڃا يونيورسٽي سطح کان ميچوئر نه ٿي آهي. قومپرست ڌرين جو اليڪشن کان ناواقفيت وارو رويو عام ووٽر تائين نه پهچڻ واري عادت ووٽر کي وڃيو سنڌ لٽيندڙن جي جهولي ۾ وجهي. ويجهي ماضي ۾ ڀوتارڪي ڪلچر خلاف آواز اڀاريندڙ تبديلي پسند پارٽي جو سربراهه علي قاضي ۽ سندس ساٿي پنهنجو پاڻ کي نعمل البدل طور آڻڻ ۾ سوڀارا ته ضرور ٿيا آهن، پر پنڌ اڃا به ڪو اڳاهون آهي. 2018 ع جي اليڪشن پڙهيل لکيل، باشعور، نوجوانن جو امتحان آهي. ڇاڪاڻ ته شعور جا سرچشما علم انهن جي روحن ۾ سينچي ڇڏيا آهن. اچو ته سنڌ جا نوجوان اڳيان اچو ۽ تبديلي جي ڀير کي ڏونڪو لڳي چڪو آهي. هي وقت عملي طور تي ثابت ڪرڻ جو آهي، اڳيان اچي بنا ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي اليڪشني مورچي کي سنڀاليو. هي مچي مڇ ٿيل ڀوتار پاڻي تي ڦوٽي مثل آهي، اکين ۾ اکيون ملائي هنن جا روڊ رستا جيڪڏهن اڄ بند نه ڪياسون ته سنڌ صدين تائين ڳچي ۾ پيل غلامي جو ڳانو لاهي نه سگهندي ۽ توهان جون ايندڙ نسلون جاگيردار، ڀوتار، سرمائيدار جي پادر هيٺ هوندي. پيري، مريدي، مرشدي عقيدي جي حد تائين رکو، پر ووٽ پنهنجي ضمير کي چهنڊڙي هڻي جاڳائي انهيءَ کي ڏيو جيڪو توهان جي ووٽ جو امين ۽ توهان جي ننگن ۽ دنگن جو محافظ ٿئي. سنڌ توڙي وفاق ۾ وسيلن کان ويندي نوڪرين توڙي ناڻي جي ورڇ بابت آواز بڻجي اڀري نه ڪي ڀوتار جيان اسيمبلي جي ايوانن ۾ ننڊون ڪري. ڀوتار جي پيجارو ، واٺن جي فوج، توهان چند گڏ ٿيل نوجوانن جي اڳيان ڀڄي ويندي. هيستائين ڀٽي جو قرض مور سميت واپس ڪيوسون پر هينئر ڌرتي جي قرض جي ڳالهه آهي. نڪرو متان ويل نه وهامي وڃي.
shahnawazbest74@gmail.com
(روزاني ڪلياڻ 6 جولاء 2018ع)